ھي ڪتاب ڪل 16 بابن تي ٻڌل آھي. ھي ڪتاب ان زماني سان واسطو رکي ٿو جڏھن سنڌوءَ جي پيٽ مان ”انڊس فلوٽيلا“ نالي سان آگبوٽ ھلندا ھئا. انڊريو جو مقصد ھيو تہ سنڌو درياھہ کي وچ ايشيا ۽ اوسي پاسي جي ٻين ملڪن لاءِ تجارتي سامان جي آبي شاھراھہ بڻائجي. ڪتاب ۾ سنڌو ۽ ان جي وھڪرن، بندرن، سنڌو تي ھلندڙ آگبوٽ ۽ اسٽيشنن، ريلوي جي نظام، ٻين آبي ۽ زميني رستن، فصلن، اقتصادي پيداواري ذريعن بابت تفصيل موجود آھن. ھي پھريون ڪتاب آھي جنھن ۾ ريل جي ابتدائي دور جو ذڪر ملي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ انگريزن جي دور کي سمجهڻ لاءِ ھي ڪتاب تمام اھم سمجهيو وڃي ٿو.
سنڌ شناسي
سنڌو ۽ ان جي ڪٺار وارن علائقن جي سياسي ۽ اقتصادي اھميت
- 0/5.0
- 3
- 0
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران انگريز ليکڪ پي ڊبلو ائنڊريو جي لکيل تاريخي دستاويزي حيثيت رکندڙ ڪتاب The Political & Economical Importance of Indus & its Provinces جو سنڌي ترجمو ”سنڌو ۽ ان جي ڪٺار وارن علائقن جي سياسي ۽ اقتصادي اھميت“ جي نالي سان اوھان اڳيان پيش آھي جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي.
ھي ڪتاب ڪل 16 بابن تي ٻڌل آھي. ھي ڪتاب ان زماني سان واسطو رکي ٿو جڏھن سنڌوءَ جي پيٽ مان ”انڊس فلوٽيلا“ نالي سان آگبوٽ ھلندا ھئا. انڊريو جو مقصد ھيو تہ سنڌو درياھہ کي وچ ايشيا ۽ اوسي پاسي جي ٻين ملڪن لاءِ تجارتي سامان جي آبي شاھراھہ بڻائجي. ڪتاب ۾ سنڌو ۽ ان جي وھڪرن، بندرن، سنڌو تي ھلندڙ آگبوٽ ۽ اسٽيشنن، ريلوي جي نظام، ٻين آبي ۽ زميني رستن، فصلن، اقتصادي پيداواري ذريعن بابت تفصيل موجود آھن. ھي پھريون ڪتاب آھي جنھن ۾ ريل جي ابتدائي دور جو ذڪر ملي ٿو. سنڌ جي تاريخ ۾ انگريزن جي دور کي سمجهڻ لاءِ ھي ڪتاب تمام اھم سمجهيو وڃي ٿو.
ھي ڪتاب 2007ع ۾ سجاڳي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف پي ڊبلو ائنڊريو
- سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو
- ڇپيو ويو 2007
- ڇپائيندڙ سجاڳي پبليڪيشن، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 24/May/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 0 ڀيرا