ڪھاڻيون

محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن

خالد بروھي لکي ٿو: ”رسول ميمڻ جي لکڻ جو الڳ اسٽائيل آهي ۽ مجموعي طور تي حقيقت پسنديءَ جو قائل نظر اچي ٿو. هن جي هر تخليق سگهاري ۽ زندگيءَ جي انيڪ وارتائن سان ٽُٻٽار هوندي آهي. هن جي ڪھاڻين جا موضوع گهڻي ڀاڱي سائنسي ۽ نفسياتي آهن. جن کي دُنيا جي بهترين ڪھاڻين سان ڀيٽي سگهجي ٿو. مان تہ ائين بہ چوندس تہ هُو انتھائي اُونھو مفڪر آهي، جنھن ڪائنات جي اسرارن ۽ زندگيءَ جي ڳنڀير مسئلن تي روانيءَ سان لکيو آهي ۽ لکندو رهي ٿو.“

  • 4.5/5.0
  • 12
  • 2
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر رسول ميمڻ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”محمد خان جي زندگيءَ ۾ ھڪ ڏينھن“ اوهان اڳيان پيش آهي. خالد بروھي لکي ٿو:
”رسول ميمڻ جي لکڻ جو الڳ اسٽائيل آهي ۽ مجموعي طور تي حقيقت پسنديءَ جو قائل نظر اچي ٿو. هن جي هر تخليق سگهاري ۽ زندگيءَ جي انيڪ وارتائن سان ٽُٻٽار هوندي آهي. هن جي ڪھاڻين جا موضوع گهڻي ڀاڱي سائنسي ۽ نفسياتي آهن. جن کي دُنيا جي بهترين ڪھاڻين سان ڀيٽي سگهجي ٿو. مان تہ ائين بہ چوندس تہ هُو انتھائي اُونھو مفڪر آهي، جنھن ڪائنات جي اسرارن ۽ زندگيءَ جي ڳنڀير مسئلن تي روانيءَ سان لکيو آهي ۽ لکندو رهي ٿو.“
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل ناھي پر رسول ميمڻ صاحب قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ خادم حسين جروار ڪئي آھي. 



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو :           محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن
موضوع : ڪهاڻيون
ليکڪ : رسول ميمڻ
ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
0307-3157667
سال : 2021ع 
ڇپائيندڙ : ڊجيٽل پبلشنگ هائوس
  ٽنڊوالهيار  

  ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Muhammad Khan Ji Zindgi
Me Hik Denhen 

Writen by : Rasool Memon
Composed by : Khadim Hussain jarwar
Year : 2021
Published by : Digital Publishing House 
Tando Allahyar


ارپنا

اُن ”ڪتاب“ جي نالي
جيڪو مان ڪڏهن 
لکي نہ سگهندس.


ڪهاڻيون

---

ڪوهيڙو گهاٽو ٿيندو ويو!

جيڪڏهن توهان پائڻ جي حيثيت رکو ٿا ته سيارو گرم ڪپڙن پائڻ جو نانءُ آهي. پائڻ جي حيثيت ان ڪري ته هر ڪو پائي نه سگهندو آهي. گهڻو ڪجهه پاتو ويندو آهي، ڪي منزل پائيندا آهن، ڪي گلن جا هار پائيندا آهن ۽ ڪي ڪپڙا پائيندا آهن.
جڏهن گهر کان ٿيلهو کڻي نڪتس ته گرم ڪپڙا پاتل هيا. سيارو هيو ۽ ڪوهيڙو هيو.
ڪوهيڙو ململ جيان هوندو آهي. سياري کي گرمي ٿيندي آهي، جنهن ڪري اهو ململ ۾ لڪيل هوندو آهي. سيارو ڪوهيڙي جي سنهي ململ ۾ اڌ اگهاڙو ۽ وڻندڙ ان ڪري هوندو آهي جو مڪمل اگهاڙو وڻندڙ جي وصف کان اڳتي ڪا ٻي معنا ڳولهي ٿو. ڪائنات جي هر شيءِ وسري سگهي ٿي، اگهاڙو ڪڏهن نه وسرندو آهي.
ان سرد صبح جو هڪ ٻئي شهر وڃڻو هيو. صبح سرد هيو پر مان گرم جوش هيس. گرم جوشيءَ جو سبب روزگار هيو. روزگار گرم جوشيءَ سان ملندو آهي ۽ اجوري جي صورت ۾ جسم گرم رکندو آهي. پٿر ۽ ساهه واري ۾ اهو ئي فرق آهي. پٿر سرد ۽ ساهه وارو گرم هوندو آهي. مون سياري ۾ سنگمرمر جو پٿر اهڙو سرد محسوس ڪيو آهي جيئن مئل جو جسم. ماڻهو مري سنگمرمر جي ڪتبي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
بس اسٽاپ تي پهتس، کيسي مان پرس ڪڍي نوٽن تي نظر وڌم، پورا پنج هزار هيا. ساڍا ست ٿيا ته پريان ڪوهيڙي مان بس ائين ظاهر ٿي، جيئن ڪا آفت اوچتو ساهه ڪڍڻ پهتي هجي. بس ۾ چڙهيس، نظر ڦيرائي ڏٺم. اڌ ڀريل، اڌ خالي هئي. مان مايوس ماڻهو نه آهيان. ان ڪري بس اڌ ڀريل نظر آئي. جيڪي مايوس هوندا آهن، انهن کي بس اڌ خالي نظر ايندي آهي.
بس ۾ ويٺل سڀ مسافر خماريل هيا. ننڊ ۽ جاڳ جي وچ تي خوابن جا هڏا پيل هوندا آهن پر خمار اهڙو سرور آهي، جنهن جي لهرن ۾ ننڊ ۽ جاڳ هڪ ٻئي کي ٻڏڻ کان بچائيندا لڙهندا وڃن ٿا.
بس هلي ۽ ڪوهيڙو گهاٽو ٿيندو ويو. ڪوهيڙي ڪري ڄڻ رستي ۾ نه ڪو وڻ هيو، نه رڻ، نه جبل، نه ڪوهستان. سج اڀريو الائي نه. باقي سيءُ اهڙو هيو جيئن برف، منهنجي کنگهه جو آواز ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويو. گهڻي دير گذري وئي ڪنڊيڪٽر ڪرايو وٺڻ نه آيو. مون سوچيو، جڏهن به بس ۾ چڙهيو آهيان ته سيٽ تي ويهڻ کان پنج منٽ پوءِ ڪنڊيڪٽر مٿان اچي بيهندو آهي ۽ ڪرايو ائين گهرندو آهي، جيئن زندگي گهرندو هجي.
“ساڍا چار سئو روپيا” ڄڻ چوندو هجي، نه ڏيندي ته بس جي نبض بند ٿي ويندي.
مان پنجن سون جو نوٽ ڏيندو آهيان ۽ هو پنجاهه جو نوٽ واپس ڪندو آهي. نه هو وڌيڪ ڳالهائيندو آهي، نه مان. بسن جا ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر مون کي چڱي نموني سڃاڻين. گذريل چئن سالن کان هر هفتي انهن بسن ۾ ايندو ويندو آهيان. هڪ شهر کان ٻي شهر نوڪري آهي. هڪ شهر جو روزگار، ٻئي شهر جو پيٽ پاليندو آهي.
ڪنڊيڪٽر جو ڪرايي لاءِ نه اچڻ جو ڪهڙو سبب هيو؟ شايد هو به خماريل هيو. مون ڏٺو، هو ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان اکيون بند ڪري ويٺل هيو ۽ هر بريڪ تي جهڪي ٽوپي ڪرڻ کان بچائي رهيو هيو.
مون اڳتي وڌي ان جي ڪلهي کي لوڏيو ۽ چيو “ڇو اڄ ڪرايو نه وٺندين ڇا؟” هن مون ڏانهن ائين ڏٺو جيئن مڪمل نه هجان پوءِ هن ذهن تي زور ڏنو ۽ مون محسوس ڪيو ڄڻ ٺهندو ويس.
“مهرباني صاحب” هن چيو “سيٽ تي ويهو اچان ٿو.”
مان واپس سيٽ تي ويٺس ۽ هو آيو. مون کيس پنجن سون جو نوٽ ڏنو ۽ هن پنجاهه جو نوٽ واپس ڪيو.
بس هلندي رهي. ڪا خبر نه ٿي پئي ته ڪٿي پهتي آهي. فاصلي جو اندازو مون ٽائيم ڏسي ٿي لڳايو. هڪ ڪلاڪ، هاڻي سيمنٽ فيڪٽري ٽپي هوندي. ڏيڍ ڪلاڪ، هاڻي بولا خان وارو موڙ آيو هوندو. ٻه ڪلاڪ، هاڻي ان هڪ وڏي شهر کي پوئتي ڇڏيو هوندو. اڍائي ڪلاڪ هاڻي انبن جا باغ شروع ٿيا هوندا. پوءِ مون کي ننڊ جو جهوٽو اچي ويو. ننڊ جو جهوٽو، ڦاهيءَ جو جهوٽو هوندو آهي. ننڊ موت جي ننڍي ڀيڻ آهي. ٻنهي جو ڪم مارڻ آهي، پر فرق خوابن جو آهي. موت سڀ کان پهريون خواب ماريندو آهي.
منهنجي ننڊ جو جهوٽو مختصر هيو. هڪ ڪلهي کان ٻئي ڪلهي تائين ننڊ هڪ ڪلهو ڇڏي. ٻئي ڪلهي تي پهتي ته ڪنڊيڪٽر ڪلهي کي لوڏايو. مان جاڳي پيس.
“صاحب ڪرايو.” هن چيو.
مان حيرت مان ان ڏانهن ڏٺو ۽ چيو “ڪرايو ته توکي ڏنو.”
ڪنڊيڪٽر مرڪيو.
“شايد ننڊ ۾ آهيو.” هن چيو.
مان سوچ ۾ پئجي ويس.
“نه مون کي ياد آهي، مون ڪرايو توکي ڏنو.”
“نه صاحب ڀليا آهيو.” هن چيو “مون ڪرايو ته ورتو ئي ناهي.”
مان وائڙن جيان هن جي ڳالهه تي ڀرسان ويٺل مسافرن کي ڏسڻ لڳس. شايد ڪنهن مون کي ڪرايو ڏيندي ڏٺو هجي ۽ گواهي ڏي، پر سڀ خمارن ۾ هيا ۽ بس ڪوهيڙي جو سينو چيريندي اڳتي وڌي رهي هئي. مان سوچ ۾ پئجي ويس. شايد ڪرايو نه ڏنو هجي. اهو سوچي مون پنجن سون جو نوٽ ڪڍيو ۽ ڪنڊيڪٽر کي شڪي نظرن سان ڏسندي ان حوالي ڪيو. ڪنڊيڪٽر ڪرايو وٺي پنجاهه جو نوٽ واپس ڪيو. هو مڙي ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان ويٺو ۽ خمارن ۾ کوئجي ويو.
ڪجهه وقت کان پوءِ بس منزل تي پهتي. مون کان سواءِ ڪو به مسافر نه لٿو. لهڻ کان اڳ ڪنڌ ورائي ڏٺو ڄڻ سڀ مسافر ڪپڙن جا ٺهيل هجن. ڪوٽ، لويون، ٽوپيون، وساميل اکيون ۽ ڪپهه جون ڏاڙهيون. لهڻ وقت ڪنڊيڪٽر پراسرار مرڪ سان الوداع ڪيو.
جڏهن لٿس ته اهو بس اسٽاپ هيو. کيسي مان پرس ڪڍي نوٽن تي نظر وڌم، پورا پنج هزار هيا. ساڍا ست ٿيا ته پريان بس ڪوهيڙي مان ائين ظاهر ٿي ڄڻ ڪا آفت اوچتو ساهه ڪڍڻ آئي هجي.
بس ۾ چڙهيس. بس هلي ۽ ڪوهيڙو گهاٽو ٿيندو ويو.

ندا

اهو ڪمرو هڪ پراسرار حقيقت هيو. ڪمرو ڇا هيو؟ روحن جو پڃرو هيو. مٿي ڄارا لڳل هيا جن ۾ ڪوريئڙا مئل هيا ۽ کين پتنگ کائي رهيا هيا. کٻي پاسي ڀت کي ٽيڪ ڏئي الماڙي ائين بيٺل هئي جيئن ڪو خاموشي ۽ افسوس مان کاڏيءَ تي هٿ رکي ان پلنگ کي ڏسندو هجي جنهن تي ڪڏهن اسڪول ماستر نور لامين نوروز پنهنجيءَ زال سان ستل هوندو هيو. ڀت ۾ بلب ڀرسان گهڙيال به ساڳيو هيو جنهن جو پينڊولم ڍلي سلوار جي اڳٺ جيان پئي لڙڪيو ۽ گهڙيال هيٺان ماستر نور لامين نوروز جو فوٽو، جيڪو پتل جي مضبوط فريم ۾ ڪوڪن سان ائين لڳل هيو جيئن ڀت جي پلستر سان ملي هڪ ٿي ويو هجي. ماستر نور لامين نوروز جو رنگن کان عاري اڇو ڪارو فوٽو ائين ڏسبو هيو جيئن واقعي ئي اهو ڪنهن مئل ماڻهوءَ جو هجي. اڇي پڳ ۽ ڪاري ڪوٽ وچ ۾ ڦاٿل منهن ڪبوتر جي آکيري جيان هيو، جنهن ۾ ٻه اڇا آنا ۽ ڏاڙهيءَ جهڙا ڇڳل کنڀ لڙڪي رهيا هيا.
پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ نواب الدين نوروز ماءُ جي فوٽوءَ کي ڳولهڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي جيڪو سائيز ۾ لڳ ڀڳ هن جي پيءُ جي فوٽوءَ جيترو هيو. پيءُ اهو فوٽو ڪٿي لڪائي رکيو هيو، ڇو جو ان جي نظر جڏهن فوٽوءَ تي پوندي هئي ته صدمي کان سندس آهه نڪري ويندي هئي. ان ۾ ڪو شڪ نه هيو ته هن جي ماءُ ان وقت دنيا ۾ موجود سڀني عورتن کان حسين هئي، ڇو جو اهڙي گواهي نواب الدين نوروز جون اکيون ڏئي رهيون هيون، جيڪو تڏهن ڇهن سالن جو هيو ۽ اها اهڙي عمر هوندي آهي جنهن ۾ ماءُ جهڙي هستي دنيا ۾ ٻي ڪا موجود نظر نه ايندي آهي.
نواب الدين نوروز جي بدقسمتي هئي جو هن ننڍپڻ ۾ ماءُ کي دهشت گردن هٿان مرندي ڏٺو. مارڻ کان اڳ انهن جڏهن ماءُ سان زبردستي ڪئي ته پيءُ کين التجا ڪئي. “اهڙي عمل کان اڳ مون تي رحم کائي گولي هڻي ڇڏيو.”
پر دهشت گردن هن تي رحم نه کاڌو ۽ گولي نه هنئي، پيءُ جيئري مري ويو.
اهي ڪراچيءَ جا بدترين نسلي فساد هيا جن کان کارادر جو اهو آغا خاني گهراڻو متاثر ٿيو. انهن فسادن ۾ نور لامين نوروز جي ڇهن سالن جي ڌيءُ “ندا” وڃائجي وئي. زال جي دکدائڪ موت ۽ معصوم ڌيءُ جي وڇوڙي کان پوءِ نور لامين نوروز به گهڻو وقت رهي نه سگهيو. هڪ ڏينهن گهر کان نڪتو، رات تائين واپس نه آيو، ٻيو ڏينهن ٿيو ۽ وري ٽيون ڏينهن، نيٺ چوٿين ڏينهن هن جو لاش آيو، سندس منهن مڇيون کائي ويون هيون ۽ چمڙيءَ هيٺان مڇين جهڙا نفرت جا ڪنڊا ظاهر ٿي رهيا هيا. چچريل چهري ڪري کيس پاتل واچ مان سڃاتو ويو، جنهن جا ڪانٽا هلي رهيا هيا.
اها واچ هاڻي نواب الدين نوروز جو سڀ کان وڏو سرمايو هئي جيڪا الماڙي جي خاني ۾ هڪ ننڍڙي پيٽيءَ اندر سرد لاش جيان رکيل هئي ۽ جڏهن نواب الدين نوروز پيٽي کولي هٿ ۾ کڻندو هيو ته آٽوميٽڪ واچ جون سيون هن جي دل ۾ موجود نفرت ۽ بدلي جي باهه جيان ڀڙڪي ائين ڊوڙڻ لڳنديون هيون جيئن جسم جو رت، جنهن ۾ سڀ نفرتون، اذيتون ۽ المناڪيون ڪنهن ٻوڏ ۾ لڙهنديون، رڙيون ڪنديون، ٻاڏائينديون هجن.
نواب الدين نوروز جڏهن ڌڪا کائي جوان ٿيو ته هن ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا. سڀ کان پهريون ڌڪو پاڻ کي ڏنو، جنهن ۾ هن جو ضمير هيٺ ڪري روڊ تي هلندڙ ٽرالي جي ڦيٿي هيٺان چيڀاٽجي مري ويو. هن ٻيو ڌڪو اهڙي عورت کي ڏنو جيڪا ان جي ساڳي پلنگ تي ڪري جنهن تي ڪڏهن هن جي ماءُ سان ڏاڍائي ڪئي وئي هئي.
گهر جي ان واحد ڪمري ۾ هاڻي ڪو به نه هيو سواءِ خاموشي ۽ اوندهه جي، جنهن ۾ نواب الدين نوروز جون سسڪيون اڀرنديون هيون. هن جون آهون ائين اڀرنديون هيون جيئن سانوڻ جو سج، جنهن ۾ صرف سوجهري جو احساس هوندو آهي ۽ سج پاڻ بادلن پويان لڪيل هوندو آهي. هن جي سڏڪن ۾ مينهن ڪڻين جو آواز سمايل هيو ۽ هن جو انتقام اهڙي وڄ، جنهن پويان ڏک گجگوڙ ڪندو آهي.
نور الدين نوروز ان پلنگ تي ڪيترين ئي عورتن سان همبستري ڪئي. پلنگ سامهون لڳل سندس پيءُ جي فوٽوءَ ۾ ڪڏهن ڪا جنبش پيدا نه ٿي.
ان ڪمري جي ڇت کي لڳل ڄارو نواب الدين نوروز جي ذهن مان نڪتل تاندارو هيا جن ۾ يادن جا ڪوريئڙا وچڙي وقت جو کاڄ ٿي ويا. هو فلٽر وارو سگريٽ پي سوچي نه سگهندو هيو. جڏهن فلٽر ڀڄندو هيو ته کيس لڳندو هيو ته هن سگريٽ جو طهر ڪيو آهي. هن کي پنهنجو طهر ياد ايندو هيو. ننڍي هوندي حساس ۽ شرميلو هيو. بغير فلٽر جي سگريٽ پي سوچيندو هيو هن جو فلٽر ڀڳل آهي. ڪنهن به عورت سان همبستري ڪرڻ وقت کيس جسماني نه، پر روحاني سڪون ملندو هيو.
هڪ ڏينهن هن آندل اوڻويهن سالن جي عورت سان همبستري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس حيرت جي ڪا حد نه رهي. هن جا جذبا سرد ٿي ويا. ان جو سبب سندس پلنگ سامهون لڳل پيءُ جو فوٽو هيو. هن سان اها عورت اگهاڙي پلنگ تي ستل هئي. ان جو هر انگ جوانيءَ جي رت ۾ ٻڏل هيو. سندس ڳل تازي صوف جيان دهڪيا پئي ۽ چپ ائين هيا جيئن شهوت رس پيئڻ جي دعوت ڏيندي هجي. ان جون اکيون اهڙيون هيون جو ڏسڻ سان نشو طاري ٿي وڃي، سندس ڪلهن تي ڪريل ناسي وار ۽ ارهه جن جي چوسڻين چوڌاري گلابي رنگ ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيو هيو ته انهن کي ڪنهن ٻار نرم چپن سان ڇهي پهرين چوس نه ڏني آهي. ان جو مرمرين جسم جنهن تي ٻاهر ڦهليل شفق مان روشني اولهه واري بند دريءَ جي شيشن مان زينيا جي گلن جيان ٿي پئي. سندس ٻوٽيل سٿرن کان مٿي پيٽ جو دُن مرڪي رهيو هيو. پويان الماڙيءَ جي آئيني ۾ پوندڙ عڪس ۾ ان جا ٻنڍڻ ائين هيا جيئن دل چيريل هجي. پر افسوس نور الدين نوروز ٿڌو ٿي چڪو هيو. ان جو سبب سندس سامهون لڳل پيءُ جو فوٽو هيو.
هن جڏهن عورت جي ارهن کي ڇهيو ته کيس لڳو پويان ڪنهن آواز ڏنو هجي. هن ڏٺو سامهون لڳل پيءُ جي فوٽوءَ ۾ جنبش ٿي. هن محسوس ڪيو سندس پيءُ ڄڻ فوٽوءَ ۾ جيئرو ٿي پيو هجي. اهو پهريون دفعو هيو جو هن سامهون اهڙو لقاءُ رونما ٿي رهيو هيو. هن کي فوٽوءَ مان پيءُ جون اکيون گهوريندي نظر آيون، انهن ۾ ناراضگيءَ جو اظهار هيو. هن جڏهن عورت جي مخروطي چپن تي پنهنجا چپ رکيا ته کيس محسوس ٿيو فوٽوءَ جو فريم لڏي ويو هجي. جڏهن ته اهو فريم ڀت ۾ تمام مضبوطيءَ سان لڳل هيو. هن جڏهن عورت جي ٻنڍڻن کي ڇهيو ته لڳو ڪمري ۾ ڪو روئندو هجي. پوءِ هن جو انگ جواب ڏئي ويو. هو اٿيو ۽ غور سان ڏٺائين کيس محسوس ٿيو ڄڻ فوٽوءَ جي اکين مان ڳوڙها وهندا هجن. فوٽوءَ ۾ پيءُ جي اکين کي ڇهي ڏٺائين، هن جون آڱريون آليون ٿي ويون. کيس حيرت ورائي وئي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پراڻي فوٽوءَ مان تازا ڳوڙها وهندا هجن.
هو واپس پلنگ تي موٽيو ۽ هن ڏٺو عورت جا ڳل وڌيڪ روشن هيا. اهي ڳوڙهن جي پاڻياٺ ۾ چمڪي رهيا هيا. هن سوچيو نما شام آهي. شفق جي روشنيءَ ۾ ماڪ پنهنجو اثر ڏيکاري رهي آهي. سمنڊ ويجهو آهي. هر شيءِ اندر گهم سمائجي ان کي آلو ڪري ڇڏيو آهي. نواب الدين نوروز پنهنجن جنسي جذبن کي گڏ ڪري عورت مٿان چڙهيو ته کيس احساس ٿيو پويان هن جي پيءُ جون اکيون اوگهڙ ڏسي رهيون آهن.
ننڍي هوندي کيس ماءُ اگهاڙو ڪري وهنجاريندي هئي ته هن کي ان سامهون اگهاڙو ٿيڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿيندو هيو، پر ڪڏهن وهنجندي سامهون سندس پيءُ اچي ويندو هيو ته هو اوگهڙ لڪائڻ لاءِ ماءُ پويان لڪي پوندو هيو.
اوگهڙ جي احساس کان هو وري اٿيو، سندس هيٺان سمهيل عورت به خوف کان هٿن سان ڇاتيون لڪائيندي اٿي ويٺي. هو ڀت ۾ لڳل فريم ويجهو آيو ۽ پنهنجن هٿن سان ان فريم کي پٽڻ شروع ڪيائين. فريم مضبوطيءَ سان لڳل هيو ۽ ڀت جي پلاسٽر ۾ ڄميل هيو. هو وحشي ٿي پيو ۽ سوچيائين فريم پٽي. ان کي اونڌو ڪري ڇڏي جيئن پيءُ جي نظر هن تي نه پوي. نيٺ هن فريم کي ڌوڏي ڪوڪن سوڌو ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ان کي اونڌو ڪري ڏٺائين ته هن کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. پويان هن جي ماءُ جو فوٽو هيو، جيڪو پيءُ اتي لڪائي ڇڏيو هيو. ماءُ جو فوٽو ڏسي سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
مڙي پلنگ تي ويٺل عورت جي معصوم چهري کي ڏٺائين. ان جي شڪل هوبهو هن جي ماءُ جهڙي هئي. فوٽوءَ ۾ هن جي ماءُ جو چهرو اهڙو ئي خوبصورت ۽ جوان هيو جهڙو ان پلنگ تي ويٺل عورت جو. هو وڌيڪ ڏسي نه سگهيو. ڀت ۾ فريم جو پيءُ وارو پاسو ٽنگي واپس مڙيو ته کيس پيءُ جي نظرن کان خوف ٿيو. ڏڪندو پلنگ تي آيو ۽ اتي ويٺل عورت پويان لڪي ائين ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو جيئن ڪڏهن شرم کان ماءُ پويان لڪندو هيو.

زخم

هر زخم کي ڳاڙها چپ هوندا آهن. درد کان مرڪندا آهن ته اندر جي اونهاين ۾ سور جي سِٽ اڀري ڇوليءَ جيان اکين سان ٽڪرائجي پوندي آهي ۽ ڳلن تي ڳوڙها محسوس ٿيندا آهن.
گلابن ۽ زخمن ۾ ٿورو فرق آهي. پنکڙيون ۽ رت ڦڙا موسمن ۽ دوستن جي رحم تي هوندا آهن. منهنجو غيب ۾ ان ڪري ايمان آهي جو ڪڏهن زخم هوندا آهن پر نظر نه ايندا آهن.
مان ان زخم جي ڳالهه پئي ڪئي جيڪو منهنجي سڄي هٿ جي پٺين پاسي هيو، ايڏو گهرو نه هيو جو ان مان رت ٽمي سگهي. هڪ رهڙ جنهن مان ڳاڙهي رنگ جون سنهيون بوندون بي وسيءَ مان ٻاهر نهاري رهيون هيون. ماڻهوءَ جي هٿ جون لڪيرون قسمت جا رهڙ آهن.
گهرا زخم اڻمٽ نشان ڇڏي ويندا آهن. پهاڙ ٽُڪي رستو ٺاهيندي ماڻهوءَ جا هٿ ٿڪجي وڃن ٿا. زندگي اهڙو جبل آهي جنهن جي چوٽيءَ تي ڪو پهچي نه سگهيو آهي، سڀ ڪوهه پيما ڪري فوت ٿين ٿا.
منهنجو زخم هٿ تريءَ تي نه هيو، هٿ پويان هيو. هڪ رهڙو جيڪو مٿي آڱرين ڏانهن پئي ويو. سنهو، وروڪڙ، ڏنگو، ڏنگو. شرارتيءَ کي به چوندا آهن. شرارتي ان ڪري ته زخم ڏنگو هيو.
سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اهو زخم ڪيئن لڳو؟ اوچتو هٿ جي پوئين پاسي نظر پئي ته زخم هيو. جڏهن زخمي ٿيس، ان وقت خبر ڇو نه پئي؟ سور محسوس ڇو نه ٿيو؟ شايد وقت سان منهنجي سور برداشت ڪرڻ جي قوت وڌي وئي آهي. منهنجو وجود سور سهڻ جي ان حد تي پهتل آهي، جِتي سور پنهنجي شدت محسوس ڪرائڻ جي سگهه کان محروم ٿي وڃي ٿو، يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته سور اثرانداز نه رهيو آهي؟
گذريل ڏهه سال پهرين جڏهن ڦڪي چانهه پيئڻ شروع ڪئي هئي ته وات جو ذائقو فوت ٿي چڪو هيو، صدمن جي دنيا ۾ وقت سان درد اهميت وڃائي ويهي ٿو.
اسين درد جي اڇلائيل ڪچري ۾ خوشين جو ڪٻاڙ ڳولهيون ٿا. ڳوڙهن ۽ ٽهڪن ۾ فرق احساس جي ويڙهه جو آهي. هڪ احساس جي شڪست ٻئي احساس جو موت آهي ۽ هڪ احساس جو موت ٻئي احساس جي شڪست. ماڻهو جيئرو آهي ته ان جا احساس مئل آهن. احساس جيئرا ٿين ٿا ته ماڻهو مري وڃي ٿو.
شايد منهنجا احساس مري چڪا آهن؟ درد موڪلائي ويو آهي؟ سور وجود وڃائي ويٺو آهي؟
منهنجي هٿ جي پوئين پاسي رهڙ جو نشان، مون لاءِ حيرت جو سبب هيو. اها رهڙ ڪڏهن آئي؟ ڪيئن آئي؟ مون کي ڪا خبر نه آهي. اوچتو نظر پئي ته اهو زخم هيو، جنهن اندر سور اهو سوچي مري چڪو هيو ته اهو زخم آهي.
منهنجي جسم تي زخمن جا پنج نشان اهڙا آهن جن کي وقت مٽائي نه سگهيو آهي. وقت لوڻاٺي مرهم آهي. ڳوڙها لوڻ خارج ڪن ٿا. مرڪ چير آهي. مرڪڻ سان زخم کلي پون ٿا ۽ زخمن جا نشان لنگهي ويل وقت جي ڌوڙ ۾ دفن ٿيل اهڙا کنڊر آهن جن کي اسين ورثي ۾ شُمار ڪيون ٿا.
منهنجي جسم جي زخمن جا اڻ مٽ پنج نشان، پهريون نشان ان وقت جو آهي جڏهن ڌرتيءَ تي منهنجي پيرن جو نشان ٺهيو. جڏهن پهريون پنڌ ڪيو. حسن سڀن کان پهريون پيرن کي متاثر ڪندو آهي.
پهرين وک منهنجا پير زخمي ڪيا. پير وڍجي پيا ۽ آڱريون ٺهي پيون. آڱريون وجود جا چيريل حصا آهن. ٻيو زخم ان وقت لڳو جڏهن ڪائنات جو حسن پيرن کان مٿي گوڏن وٽ پهتو. مون ڊوڙي حسن ڳولهيو. حسن جي جستجوءِ منهنجا گوڏا زخمي ڪري وڌا. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ٻالڪپڻ ۾ پاتل ڊوڙن جو سور انسان پيريءَ ۾ محسوس ڪري ٿو.
نظر ايندڙ شيون مٽجي وينديون آهن، نه نظر ايندڙ شيون اڻ مٽ هونديون آهن. منهنجا زخم اڻ مٽ ان ڪري آهن ته ضروري نه آهي ته زخم نظر اچن. سور نظر نه ايندو آهي پر ڪڏهن زخم به نظر نه ايندا آهن. ڪي زخم سور جيان محسوس ڪري سگهبا آهن ۽ ڪي سور زخم جيان ظاهر هوندا آهن.
هر شيءِ جو هڪ بهانو هوندو آهي ۽ رت وهڻ زخم جو بهانو آهي.
ٽيون زخم ان وقت لڳو جڏهن وقت سان حسن جي جاکوڙ سٿرن وٽ پهتي ۽ جنس جي جستجوءَ ۾ جاڳيل پيار مون کي دوکو ڏنو. اهي درد ۽ فراق جا ڏينهن هيا. مان سانجهيءَ جو سمنڊ ڪناري لهندڙ سج کي ڏسي سڃاڻي ويندو هيس ته اهو تنهنجو چهرو آهي. ان جي شفق ۾ حسن جو تاب شعلن جيان ڀڙڪندو هيو.
زخمي سٿر وهاڻي جيان هوندو آهي. زخمي سٿر تي سمهندڙ محبوب جي خوابن ۾ رت ۽ ڪپهه کانسواءِ ڪجهه نه هوندو آهي. هڪ سٿر اڌ وهاڻو هوندو آهي ۽ اهو اڌ وهاڻو محبوب لاءِ هوندو آهي. اڌ وهاڻا انهن جا خالي هوندا آهن، جن جا انتظار سج اڀرڻ کان اڳ اَسُر جي نيراڻ ۾ ٻُڌي ويندا آهن.
چوٿون زخم منهنجي دل تي آهي. جڏهن حسن جي جستجو وقت سان منهنجو وجود اورانگهيندي دل وٽ پهتي. دل حسن جو آئينو آهي. حسن پنهنجو جوڀن دل جي آئيني ۾ ڏيکاري ٿو. فطرت انسان کي ٻانهون ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڏنيون آهن. سينو، سيني سان ملندو آهي ته دليون گفتگوءِ ڪنديون آهن. ڌڙڪن کي ترجمو ڪيو وڃي ته عشق جي زبان سمجهي سگهبي. شايد ڪنهن کي اها خبر نه هجي ته دل اندر هڪ ننڍڙي دل هوندي آهي ۽ اها ننڍڙي دل ڪنهن ٻئي جي هوندي آهي. دل اندر دل ڌڙڪندي آهي. دل چوري ڪرڻ خيانت نه آهي.
عشق ۾ اهڙي خيانت امانت جي زڪوات آهي. دل اندر لڪايل دل جي چوريءَ جي ملامت کان اسان جي دل ڪنهن گناهه جي احساس کان ڌڙڪي جيئرو رکندي آهي.
دل ۾ ڪو نقطو نه آهي پر دل وجود جو واحد نقطو آهي. مومن ۽ من ۾ هڪ نقطو آهي. دل نقطي بنا ڪافر آهي ۽ ڪافر ۾ هڪ نقطو آهي.
دل زخمي هجي ته اها تندرست هوندي آهي دل جا زخم بند ٿي وڃن ته اها ڦاٽي پوندي آهي.
پنجون زخم منهنجي دماغ تي آهي. عمر جي ان حصي ۾ جڏهن وقت جي تجربي جي پٺيءَ ۾ جسم ميڻ جيان رجندو آهي ۽ وار چاندي ٿي ڇڻندا آهن. حسن جي جستجو دل اورانگهي دماغ وٽ پهچندي آهي ته دماغ زخمي ٿي پوندو آهي.
ياداشت اهڙي بيٺل پاڻيءَ جيان آهي جنهن کي وقت جو اڃايل جانور ڏوگهي وڃي ٿو. حسن جي جستجوءَ ۾ پرينءَ جو پاڇو تڏهن پسجي ٿو جڏهن دماغ مفلوج ٿئي ٿو.
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ حسن دماغ تي اثرانداز ٿئي ٿو. ماڻهوءَ جو موت حسن جي زيادتي آهي.
مون کي پنهنجا پنج زخم ياد آهن. جيڪي روح جا اڻ مٽ نشان آهن. سور روح جي رڙ آهي ۽ زخم روح جو احساس. منهنجي پيرن جا زخم، وجود جون وڍيل آڱريون، جدوجهد جي نتيجي ۾ حاصل ڪيل هٿ ترين جي رهڙن مان وجود ورتل مقدر جي لڪيرن وچ مان وهندڙ حياتيءَ جي گذريل هر گهڙيءَ ۾ جسم تي ڪنهن وڻ ويڙهيءَ جيان چڙهندڙ جستجوءَ جي ڪنڊيدار وقت جي ول، گوڏا، سٿر ۽ وجود ۾ رڳن جي پاڙن سان جڙيل دل، ذرو ذرو زخم ۽ سور جو مٺاس، منهنجو دماغ، اکيون ۽ نور جي روشني، ذائقو، چاشني، جستجو، بند زبان، اکين جي گفتگو.
مان حسن جي تاب کان ايڏو ڊنل آهيان جو پنهنجي اندر ۾ لڪيل آهيان. تير انداز کي نشاني جي ضرورت نه آهي، ڪٿي به اڇلائي، دل تي لڳندو. منهنجي زندگيءَ جو تجربو، روح تي رهجي ويل نشان، اهي زخم ڏسڻ لاءِ روح کي ڏسڻ جي ضرورت پوندي. انسان روح ڏسي سگهي ها ته کيس اکيون نه هجن ها. اکين جي سگهه محدود آهي. پنهنجو چهرو ڏسڻ لاءِ آئيني جي ضرورت پوي ٿي. اک جو ڪک اک کي نظر نه ايندو آهي.
منهنجي روح جا پنج نشان اڻ مٽ آهن. اهي زخمن جون لڪيرون نه آهن، جن کي صاف ڪري سگهجي. روح ان ڪري امر هوندا آهن جو روحن ۾ رت نه هوندو آهي. روحن کي دل نه هوندي آهي. دل ماڻهوءَ کي ماري وجهي ٿي. ساهه کي ڪهڙو ساهه؟ سهڪندو اهو آهي جنهن اندر ساهه هجي.
منهنجو مفلوج دماغ هر احساس کان عاري ٿي چڪو آهي. سور جي سمنڊ ۾ ڪرندڙ پيڙا جو قطرو ڪهڙي اهميت رکي ٿو؟
منهنجي سڄي هٿ پويان رهڙ، ڪا خبر نه آهي اها ڪيئن آئي؟ جسم جو نظر ايندڙ زخم. چمڙيءَ جو چٽو گهاءُ. ڪڏهن لڳو؟ ڪيئن لڳو؟ ڇو لڳو؟ مون وٽ انهن سوالن جا جواب نه آهن.

روڊ ماسٽر

اوڻويهه سئو ستهٺ، سکر شهر ۾ ٻه عيدون ٿيون. رمضان کانپوءِ هڪڙن هڪ ڏينهن عيد ڪئي ته ٻين ٻئي ڏينهن.
ان جو سبب سانوڻ جو جهڙ نه هيو. اهو سچ آهي ته پندرهن ڏينهن مسلسل مينهن وسيو هيو ۽ آسمان صاف ئي نه پئي ٿيو. ائين پئي لڳو ڄڻ قدرت آسمان کي جهڙيالو رنگ ڪيو هجي، ان رنگ هيٺان سڀ عڪس دٻجي ويا هجن، نه سج هجي، نه چنڊ هجي، نه ستارا هجن ۽ نه آسمان هجي جنهن ڏي ڪنڌ کڻي التجا ڪجي ته:
“سخي مينهن گهڻو ٿيو هاڻي معاف ڪر.”
هونئن جملو “معاف ڪر” فقيرن کي چيو ويندو آهي پر سخاوت گهڻي ٿي وڃي ته پوءِ فقير سخيءَ کان معافي وٺندا آهن.
ان سال سکر ۾ ڪيل ٻن عيدن پويان چنڊ مسئلو نه هيو. ٻن عيدن جو سبب “روڊ ماسٽر” هيو. روڊ ماسٽر فقير هيو جيڪو ڪپڙا نه پائيندو هيو پر جسم کي رستي تان لڌل اڳڙين سان ڍڪيندو هيو. ان جي جسم تي چيلهه کان هيٺ مختلف رنگن جون اڳڙيون لڙڪيل هونديون هيون، جڏهن ڌمال تي گول ڦري نچندو هيو ته اڳڙيون هوا ۾ اڏامنديون هيون پر سندس اوگهڙ ظاهر نه ٿيندي هئي. چوندا هيا “مٿان ماڻهو آهي ۽ هيٺ فرشتو.”
اهو ئي سبب هيو جو کيس گهر ٻار نه هيو، ڇو جو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪو فرشتو حور جو عاشق نه ٿيو آهي.
هاڻي جتي مدرسو آهي اتي ڪڏهن ڍورن جي اسپتال هئي. جيلاني هوٽل کان گهٽيءَ اندر رستو ويندو هيو ۽ اسپتال ٻاهران گهٽيءَ جي پاسي گاري جهڙين ميرين چادرن سان ڍڪيل هڪ جهوپڙي هئي. اها جهوپڙي ان فقير جو مسڪن هئي. جهوپڙيءَ اڳيان ناد رکيل هوندو هيو ۽ ان جا ٻه ڏونڪا مٿان ٽنگيل تار ۾ ائين لڙڪندا هيا جيئن اکين مان وهيل ڳوڙها هيٺ ڪرڻ لئي بي تاب هجن. ماڻهو کيس روڊ ماسٽر انڪري چوندا هيا جو هو جڏهن روڊ تي هلندو هيو ته هڪ وک اڳتي کڻندو هيو ۽ ٻه وکون پوئتي. ائين اهو اڳتي هلڻ بجاءِ پوئتي ٿيندو ويندو هيو، جنهن ڪري هو منزل کي پٺي ڏئي هلندو هيو ۽ منزل تي پهچي ويندو هيو.
ماڻهن جو ان فقير ۾ ويساهه هيو، اعتماد هيو، ڀروسو هيو، ڇو جو اهو فقير چنڊ جو عاشق هيو. ماڻهو مايوس ٿي چنڊ سان عشق ڪندا آهن. مايوسيءَ جو سبب بيوفائي هوندي آهي. انسان بيوفا آهي. چنڊ بيوفا نه آهي. چنڊ صدين کان پنهنجي وقت تي پهچي ويندو آهي. انسان وقت ڏئي، وقت مٽائي ويندو آهي. چنڊ سان فقير جو عشق ڏسي، ماڻهو کيس “بابا چنڊ” به چوندا هيا. اهو فقير چنڊ ڏسي نچندو هيو ۽ شيدي بادشاهه جي درگاهه جو مجاور “علائو” قسم کڻي چوندو هيو ته “چنڊ نڪري ئي انڪري ٿو جو فقير جو ناچ ڏسي. فقير نه نچي ته چنڊ نه نڪري.”
تن ڏينهن سکر شهر سناٽي ۾ ٻڌل هوندو هيو. سانوڻ جي مند ۾ ڀرسان وهندڙ سنڌوءَ جي گاج شينهن جا ڇرڪ ڪڍندي هئي. ماڻهو سوير سمهندا ۽ سوير اٿندا هيا. صبح ائين هوندو هيو جيئن خماريل نيرا نيڻ ۽ سانجهي جيئن محبوب جي مٺ ۾ ساهه. اداس، سانورو رنگ، روئندڙ ماٺ، سڏڪندڙ سانت.
گهٽا گهر جا گهنڊ مئا ڪونه هيا. ان جي ڪانٽن تي ڏينهن پنهنجي چال درست ڪندو هيو. اهي وقت جا پڪا هيا، ڏينهن هجي رات، هر ڪلاڪ کان پوءِ ائين وڄندا هيا جيئن سمهڻ سکيا ئي نه هجن. هڪ کان ٻارنهن ۽ وري ٻارنهن کان هڪ. پنهنجي چال سان پيا دنيا کي اڳتي پوئتي ڪندا هيا.
سج لٿي مهل ڍورن جي اسپتال اڳيان جهوپڙيءَ ۾ ناد وڄندو هيو ۽ فقير رقص ڪندو هيو. چنڊ اڀرندو هيو ۽ آسمان مان هيٺ ڏسندو، مرڪندو، ڍرڪندو منزل طرف راهي ٿيندو هيو.
اهو ناد مجاور علائو وڄائيندو هيو. ڏونڪن کي هٿن ۾ جهلي ناد تي ائين وسائيندو هيو جو ناد جي مئل دل جيئري ٿي پوندي هئي ۽ ائين تيز ڌڙڪندي هئي جيئن مومن جي من ۾ گناهه جاڳي پيو هجي. سکر شهر جا ماڻهو ناد جو آواز گهرن ۾ ٻڌندا هيا ۽ اندازو لڳائيندا هيا ته ڪهڙي تاريخ جو چنڊ نڪتو آهي. چوڏهينءَ رات ناد ۽ رقص جو عروج هوندو هيو. ڌمال ائين گوجندي هئي جو چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ لهرون پيدا ٿينديون هيون. فقير گول ڦري رقص ڪندو هيو ۽ ان جي ٻڌل اڳڙين مان رنگ برنگي روشنيون اڏامي پري وڃي ڪرنديون هيون. چوڏهين کانپوءِ ڌمال جو آواز هلڪو ٿيندو اوڻٽهينءَ تي ائين پهچندو هيو جيئن رات جو ساهه نڪرڻ وارو هجي ۽ پوءِ چنڊ جي پهرينءَ سان آواز اڀرندو چوڏهينءَ ڏي ائين وڌندو هيو جيئن ڪو بيماريءَ جي بستري تان اٿي کڙو ٿيو هجي.
شهر جي ماڻهن چنڊ ڏسڻ ڇڏي ڏنو هيو. عيد هجي، برات هجي، محرم هجي، چهلم هجي، اهي گهر ويٺي ڌمال جي آواز مان اندازو لڳائي ويندا هيا ته اڄ چنڊ جي ڪهڙي تاريخ آهي.
چنڊ ڪميٽيون ڪونه هيون. ريڊيا ڪوڙ ڳالهائيندا هيا. مهانگا هيا. پئسي وارن جي گهرن ۾ هيا. سچ افواهن ۾ هوندو هيو.
ماڻهن جو عقيدو هيو ته ان جي ڌمال سچي آهي. ڌمال جي آواز ۾ لفظ آهن ۽ اها گفتگو ڪري ٿي. ٻڌائي ٿي ته چنڊ جا ڪهڙا حال آهن؟ رات جي رفتار ڇا آهي؟
اهو اوڻويهه سئو ستهٺ جو سانوڻ هيو. جڏهن رمضان جا روزا پڄاڻيءَ تي پهچڻ وارا هيا. اوچتو آسمان صاف ٿي ويو. ماڻهن انڪري شڪر نه ڪيو ته کين چنڊ آسانيءَ سان نظر ايندو پر اهو سوچي ٿڌو ساهه کنيو ته عيد ڏينهن کين گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ اهي ملي جلي سگهندا. عيد جي چنڊ جو فڪر انڪري نه هيو جو کين پڪ هئي ته فقير جي ڌمال جو آواز اهڙو اطلاع ڏيندو جيڪو اهي سالن کان ٻڌندا آيا آهن.
ان سال روزا گذري ويا پر ڌمال نه وڳي. ماڻهن ڪوٺن تي چڙهي، ميدانن ۾ بيهي مٿي کليل آسمان ۾ نهاريو، کين چنڊ نظر نه آيو. سڀ حيرت ۾ پئجي ويا. سوچڻ لڳا ته روزا پورا ٿي چڪا آهن. آخر چنڊ آسمان ۾ ڇونه نڪتو آهي؟ ان سال اڌ شهر عيد ڪئي ۽ اڌ شهر انڪري عيد نه ڪئي جو چنڊ نظر نه آيو.
جيلاني هوٽل واري گهٽيءَ اندر ڍورن جي اسپتال ٻاهران جهوپڙيءَ ۾ فقير مري چڪو هيو. مجاور علائو ان مٿان روئي رهيو هيو.
ماڻهو پڇڻ آيا “رات چنڊ نه نڪتو؟ ڌمال نه وڳي؟”
علائوءَ آليون اکيون کڻي ڏکويل آواز ۾ چيو.
“چنڊ ڪيئن نڪرندو، رات فقير گذاري ويو.”

پنهنجو وجود پرايا هٿ

ڪڏهن بئريج روڊ تي عجيب منظر ڏسبا هيا. اهو سٺ وارو ڏهاڪو هيو. شهر ۾ اٿل پٿل هئي. هندوستان کان هجرت ڪري آيل ڪي ماڻهو خوش هيا ته ڪي غمگين، ڪن کي ڪليم ۾ ڪاروبار مليا ته ڪي اهڙي غنيمت کان محروم رهيا.
بئريج روڊ ڪرتب ڏيکاريندڙ ماڻهن سان ڀريل هوندو هيو. آمدرفت گهڻي نه هئي. رستو صاف ۽ ويڪرو هيو.
مداري، صلاجيت وڪڻندڙ پٺاڻ، ٻهروپيا، سانڊي جو تيل وڪڻندڙ ڀيل عورتون ۽ ٻيا ڏندن، اکين ۽ جنس جون ڦڪيون سُتيون وڪڻندڙ جن چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هوندا هيا.
جتي مهراڻ مرڪز آهي اتي وڏو ميدان هوندو هيو، جنهن ۾ بي گهر، فقير ۽ موالي سمهيا پيا هوندا هيا. اتي هڪ مهاجر چادر وڇائي ويٺل هوندو هيو، ان سامهون ڀڳل شيشا رکيل هوندا هيا. شيشو کڻي وات ۾ وجهي چٻاڙيندو هيو ۽ اڳري پيٽ کي ڌڪ هڻندو هيو ته اندر شيشا کڙڪندا هيا.
ٿورو پري تماڪو بازار وٽ هڪ اهڙو مهاجر ويٺل هوندو هيو جنهن کي گوڏي کان هيٺ ماس ۾ ڪوڪو پيل هوندو هيو. ان جو کٻو هٿ ڄڻ پنهنجو پاڻ حرڪت ۾ ايندو هيو ۽ ڪوڪي وٽ پهچي ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هيو. ساڳي وقت سڄو هٿ ڄڻ پنهنجو پاڻ مٿي ٿي کٻي هٿ کي اهڙي حرڪت کان روڪيندو هيو. اهڙي عمل سان ان جو ڳاڙهو ماس ڇڪجي مٿي ٿيندو هيو ته هجوم ۾ بيٺل ماڻهن جي دل وات ۾ اچي ويندي هئي. ماڻهو رحم کائي پئسو ٽڪو ان آڏو اڇلائيندا هيا.
مان تن ڏينهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هيس. اسڪول کان موٽي شاهي بازار ڏاڏي ڏي ماني کڻي ايندو هيس، جتي سندس ڪپڙي جو دوڪان هيو. بئريج روڊ تي ايندي ويندي ان مهاجر کي ضرور ڏسندو هيس جنهن جي ڄنگهه ۾ ڪوڪو لڳل هوندو هيو.
اهو سانوري رنگ جو مهاجر هيو جنهن کي هلڪي ڪاري اڇي ڏاڙهي هئي. ميٽائي ڪڙتي پاجامي ۾ ملبوس چادر وڇائي ويٺل ان مهاجر جي پاجامي جو هڪ پاسو مٿي هوندو هيو ۽ ماس ۾ لڳل ڪوڪو نظر ايندو هيو. هر ٿوري دير کان پوءِ ان جو کٻو هٿ ڪوڪي کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو هيو ۽ ان وقت جڏهن کٻو هٿ ڪوڪي کي ٻاهر ڇڪيندو هيو ته سڄو هٿ مٿي اڀري کٻي هٿ کي روڪيندو هيو، بظاهر ائين ڪرڻ سان ان مهاجر کي ڪا تڪليف محسوس نه ٿيندي هئي پر هجوم جا سوسٽ نڪري ويندا هيا. اهي ان کي ائين ڪرڻ کان روڪيندا هيا.
”اڙي ڀائي پاڻ سان اهڙو ظلم ڇو ٿو ڪرين؟“ ڪو ان کي چوندو هيو.
اهو مهاجر ڳالهائيندو نه هيو. ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏيندو هيو. ڄڻ هڪ صدمي ۾ هجڻ ڪري سندس اکيون بي جان ۽ ڪنهن به تاثر کان خالي هونديون هيون.
ان ڀرسان هڪ پان چٻاڙيندڙ سنهڙو نوجوان چادر تي اوڪڻو ويٺل هوندو هيو، ماڻهن جي سوالن تي ڪڏهن اهو جواب ڏيندو هيو.
”ڇڏيو اهو نه پڇو“ ۽ ٿوري دير کان پوءِ وري ساڳيو جواب ورجهائيندو هيو. ”ڇڏيو اهو نه پڇو“
ماڻهو وڌيڪ ضد نه ڪندا هيا. ڪي ان منظر کي تماشي طور ڏسندا هيا ته ڪي اندر ۾ عذاب جيان محسوس ڪندا هيا.
بئريج روڊ جا ٻه منظر ڪڏهن وساري نه ٿو سگهان. هڪ ڪالو مڪراڻيءَ جو ڪيٽرو پي ڄڃ اڳيان بينڊ ۽ باجن تي مٺ ۾ جهليل ڀڳڙن کي هڪ هڪ ڪري هوا ۾ اڇلائي وات سان جهپي چيلهه لوڏي مدهوشيءَ ۾ نچڻ ۽ ٻيو ان مهاجر جو ڄنگهه ۾ لڳل ڪوڪو.
مان اهو ڪوڪو پاڻ کي لڳل محسوس ڪندو هيس. لڳندو هيو ڪوڪو نڙيءَ ۾ ڦاٿل آهي ۽ اڳري نه ٿو سگهان. اهڙو منظر ياد ڪيان ٿو ته گوشت کائڻ تي دل نه ٿي چوي. ان مهاجر جي ڄنگهه جو ڳاڙهو گوشت ڪوڪي وٽ ظاهر ٿيندو هيو پر رت يا روڳ نه وهندو هيو. اها حيرت جي ڳالهه هئي. شايد ان جو زخم ڪوڪي کي برداشت ڪري ويو هيو ۽ ڪوڪو ان جي جسم جو حصو بنجي چڪو هيو.
جمعي جو ڏينهن شهر کي جاڳائي وجهندو هيو. هر هنڌ ماڻهن جا ميڙ هوندا هيا. مان ان مهاجر وٽ وڃي بيهندو هيس جنهن چوڌاري ماڻهو کيس اچرج مان ڏسندا هيا. لڳندو هيو، هن جا هن جا هٿ ڪنهن ٻئي شخص جا آهن ۽ هن جي اجازت کانسواءِ سندس ڄنگهه ۾ پيل ڪوڪي کي اندر ٻاهر ڪن ٿا.
آخر اهڙو وقت به آيو جو اهو مهاجر بئريج روڊ تي نظر نه آيو. مان ايندي ويندي تماڪو بازار جي ڪنڊ وٽ ڏسندو هيس. اها جاءِ خالي هوندي هئي. ڪجهه مهينا گذريا. هڪ ڏينهن شاهي بازار ۾ ڏاڏي جي دوڪان تي ويٺل هيس ته اهو نوجوان نظر آيو، جيڪو ان مهاجر جي ڀرسان ويٺل هوندو هيو. سندس حالت خراب هئي. ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل هيا. مون کي پاڻ ڏانهن تڪيندو ڏسي وڌي مون وٽ آيو ۽ ڪجهه به ڳالهائڻ کانسواءِ هٿ کڻي وات ڏانهن اشارو ڏنائين. مان سمجهي ويس ته بکايل آهي ۽ مانيءَ لاءِ پئسا ٿو گهري. مون کيس دوڪان اڳيان صندل تي ويهاريو، ڪجهه پئسا ڏنا ۽ ان مهاجر لاءِ پڇيو جنهن کي ڄنگهه ۾ ڪوڪو لڳل هيو. منهنجي پڇڻ تي سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ان ٻڌايو.
”اهو منهنجو وڏو ڀاءُ هيو. ورهاڱي وقت فسادن ۾ هن کي مٿي جو ڌڪ لڳو ۽ ذهني توازن وڃائي ويٺو، سندس زال ۽ ڌيءَ فسادن جي ور چڙهي ويا. ٻارن جي ڳولها سبب پاڪستان اچڻ ۾ دير ٿي وئي. سڀ ملڪيتون ڪليمن ۾ ورهائجي ويون. هتي اچڻ کان پوءِ ريلوي ڪالونيءَ جي ڪيمپ ۾ رهڻو پيو.
صدمي سبب منهنجو ڀاءُ هڪ عجيب بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي ويو. هن جا هٿ جسم جو حصو هوندي به ان جو حصو نه رهيا. اهي هن جي ارادي کانسواءِ ڪم ڪندا هيا. هڪ هٿ جيڪو ڪم ڪندو هيو، ٻيو هٿ ان کي ائين ڪرڻ کان روڪيندو هيو.
هڪ دفعي کٻي هٿ سندس ڳچيءَ کي رسو ٻڌو ۽ سڄي هٿ ڇوڙي ڇڏيو. ڪڏهن کٻو هٿ هن جا ڪپڙا ڦاڙي منهن ۾ ڌڪ هڻندو هيو ته سڄو هٿ کٻي هٿ کي پڪڙي پري ڪندو هيو. منهنجو ڀاءُ رڙيون ڪري روئندو هيو. هو صفا مرڻ ويجهو ٿي ويو. اکيون ٻوٽيون ۽ آخري ساهه کڻڻ لڳو ته اوچتو سندس سڄو هٿ حرڪت ۾ آيو ۽ ان پٽ تي پيل ڪوڪو کڻي هن جي ڄنگهه ۾ وهائي ڪڍيو. ڪوڪو جيئن اندر ويو ته هو هڪ آهه ڀري جاڳي پيو. سندس اکيون کلي ويون ۽ زندگي موٽي آئي. منهنجي ڀاءُ مون کي ٻڌايو ته، اهو ڪوڪو منهنجي حياتي آهي. جيستائين ڄنگهه ۾ لڳل هوندو جيئرو هوندس. جڏهن ٻاهر نڪتو مري ويندس.
مون سمجهيو هن جي دماغي حالت ٺيڪ نه آهي، ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جيڪڏهن ڪوڪو هن جي جسم ۾ لڳل هوندو ته هو جيئرو هوندو ۽ نڪري ويندو ته موت ويجهو ٿي ويندو. مون سندس حال تي ڇڏي ڏنو.
اسان وٽ ايترا پئسا نه هيا جو گذر بسر ٿي سگهي، مون سوچيو جيڪڏهن ڀاءُ کي بئريج روڊ تي ويهاريان ته ان جي حالت ڏسي ماڻهن کي رحم ايندو ۽ ڪجهه پئسا ملي پوندا. اهو سوچي مون ڀاءُ کي تماڪو بازار ٻاهران ويهاريو ۽ ماڻهو اهڙو دلسوز تماشو ڏسي ڪجهه پئسا ڏئي ويندا هيا.“
هن ٻڌايو ۽ چپ ٿي ويو. مان تجسس سان ٻڌي رهيو هيس. هن جي چپ ٿيڻ تي تجسس وڌي ويو ۽ پڇيو.
”پوءِ ڇا ٿو، تنهنجو ڀاءُ ڪٿي آهي؟“
هن ڳوڙهن ڀريل اکيون مٿي کنيون ۽ ٻڌايو.
”اهو ڪوڪو واقعي ئي هن جي زندگي هيو. جيستائين ڄنگهه ۾ لڳل هيو. هو جيئرو هيو. هڪ ڏينهن مان ڪمري ۾ ويس ته هو مئل هيو ۽ ڪوڪو هن جي ڄنگهه کان ٻاهر پٽ تي پيل هيو.“

ريڍار جيڪو سمهي نه سگهيو

پوڙهو ريڍار ڪيئن ٿي سمهي سگهيو. ٿڪيل به هيو. رڍون ٻيلي ۾ چَري رهيون هيون. اڃان بکايل هيون. ڌڻ کان نڪري هيڏي هوڏي ٿي ويون ته ريڍار کي واپس ورائڻيون ٿي پيون.
ٻيلي ۾ بگهڙ ته ڪونه هيا پر ڪوهيڙو هيو. هو وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي سمهيو ئي مس ٿي ته ڪا رڍ ڌڻ کان نڪري، ڪوهيڙي ۾ گم پئي ٿي وئي ۽ ريڍار کي ائين ٿي ڳولهڻي پئي جيئن انڌو اهڙي راهه ڳولهيندڙ آهي جنهن راهه جي انت جي کيس ڪا خبر ڪونه هجي.
ريڍار اوٻاسي ڏني ۽ ڏٺو، اڃان مهل هئي. ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل سج ڪري وڻن جا پاڇا فقير جي پوشاڪ جيئن ميرا هيا، لڳي رهيو هيو سج صفا سِرَ تي آهي ۽ ان کي ڪلهن تي لهڻ ۾ وقت هيو.
ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي ويٺل ريڍار جي اک لڳي ته محسوس ڪيائين ڪا رڍ ڌڻ مان نڪري ڪوهيڙي ۾ گم ٿي وئي آهي. ڪوهيڙو ڪڏهن گهاٽو پئي ٿيو ته ڪڏهن ڇڊو.
”آهه“ ريڍار سيني ۾ اٿندڙ ڪنهن طوفان کان وجود جا هڏا تباهه ٿيل غوراب جي ٽڪرن جيان محسوس ڪيا.
”منهنجي وڃائجي ويل...“ هن چيو ۽ پوءِ تصور ۾ هڪ اهڙي چهري کي ڇهڻ لڳو جيڪو پاڻيءَ جو هيو. هن جون آڱريون ٿڌيون ٿي ويون. هن چهري کي چمڻ چاهيو ته چپ برف ٿي ويا. چهرو لهرن ۾ تبديل ٿي ٺهڻ ۽ ڊهڻ لڳو. مٿي تي وزن محسوس ڪيائين. درد کان ڳورو جسم کڻي اٿيو ۽ ان رڍ کي گهٽ وڌ ڳالهايائين جيڪا ڪوهيڙي ۾ گم ٿي وئي هئي.
”او ڪاري رڍ منهنجي ننڊ جيان شل تنهنجو رنگ ڦٽي“
هو اٿيو ۽ ڪوهيڙي مان رڍ ورائي موٽيو. ريڍار سوچيو. رڍون چريو ڪري ڇڏينديون. هو ٿڪيل آهي. هن جي ڪلهن تي عمر جو وزن آهي. ماڻهو هر وزن ڪلهن تان لاهي سگهي ٿو. عمر جو وزن وجود جو حصو هوندو آهي. ان کي لاهڻ لاءِ قبر ۾ لهڻو پوندو آهي.
ريڍار لاءِ رڍون زندگيءَ جو حصو هيون ڇو جو هو ريڍار هيو. رڍن بنا ريڍار ڪهڙي ڪم جو؟ رڍون هونديون ته ريڍار هوندو. ٻيلي جا وڻ رڍن ڪري ريڍار کي سڃاڻيندا آهن نه ته ريڍار کي ريڍن بنا ڪير سڃاڻي؟
هو ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي ليٽيو ئي مس ته محسوس ڪيائين ڪا رڍ ڌڻ مان نڪري ٻيلي اندر ڪوهيڙي ۾ پري نڪري وئي آهي. هن ڪنهن جا هٿ پنهنجي گريبان ۾ محسوس ڪيا. ڪو هن جي تذليل ڪري رهيو هيو. هن جو ڪهڙو ڏوهه؟ هو بس ريڍار هيو هن مان اها اميد ڪيئن پئي رکي وئي ته ڪنهن جا هٿ چمندو ۽ ڪتي جيان پڇ لوڏيندو. هن جي گريبان ۾ پيل هٿ اهڙي شخص جا هيا جنهن کي ٻُچي ڏاڙهي هئي. مڇون وات مٿان ائين وريل هيون جيئن پاڻي پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ پاسن کان وهي ويو هجي. اهو شخص هن کان پڇي رهيو هيو.
”جڏهن ريڍار هئين ته تون پيغمبر ٿيڻ جي دعوا ڪيئن ڪئي؟“
”سڀ ريڍار پيغمبر نه هوندا آهن.“ هن جواب ڏنو ”مان ريڍار ٿيڻ جي دعوا ڪيان ٿو.“
ان شخص هن جو گريبان ڦاڙي وڌو. تذليل جي احساس سبب کيس ائين لڳو رڍ ڌڻ کان الڳ ٿي ڪوهيڙي ۾ پري نڪري وئي آهي ۽ ڪٿي به نظر نه پئي آئي.
”اي رب رڍن کان ڇوٽڪارو ڏي.“ هن ٻاڏايو ۽ پوءِ چيو ”ماڻهو ڪتا پالي، رڍون نه پالي.“
هو اٿيو ۽ ڪوهيڙي ۾ وڃائجي ويل رڍ کي ڳولهي ورائي آيو. ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي ويٺو ته وري ڪا رڍ ڌڻ مان نڪري وئي.
”اڙي اهو ڇا؟“ هو اهڙي هنڌ بيٺل هيو جتي ابرشم جا وڻ ريشمي ڪپهه ڇاڻي رهيا هيا. هن کي حيرت ٿي، هن جنهن سان پيار ڪيو اها کيس سڃاڻي نه رهي هئي. ان جو چهرو ماڪ ۾ ساهه کڻندڙ گلاب جهڙو هيو. حورون حسن جو ناليماتر پيمانو آهن پر هوءَ سونهن جي حقيقت هئي. سوچيائين، عشق پيار جي موسم ۾ برف جيان رجي ٿو. عشق ٿڌو پاڻي آهي جنهن ۾ هڪ چاهيندڙ جو جسم گرم رهي ٿو.
هن جنهن کي چاهيو اها هن کان بي خبر هئي.
”تون ڪير آهين؟“ ان پڇيو.
کيس احساس ٿيو، هو نه هيو پوءِ چيائين.
”ها تون آهين.“
”پر مان توکي نه ٿي سڃاڻان.“
محسوس ڪيائين هن جون سڀ عبادتون ضايع ٿي ويون.
”او ناسي رڍ تنهنجا وار سڙن؟“
هو اٿيو ۽ ٻيلي ۾ رڍ ڳولهيندي هن اڳيان ناسي نيڻ لنگهي ويا. نيڻن کي پنهنجو چهرو هوندو آهي. پنهنجا چپ هوندا آهن. نيڻ هن اڳيان مرڪندي لنگهيا ته سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڪوهيڙو گهاٽو ٿي ويو. جڏهن رڍ ورائي موٽيو ته ڏٺائين اها رڍ انڌي هئي.
هن سوچيو انسان ۽ رڍ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هڪ انڌي رڍ ان ريڍار کان بهتر آهي جيڪو ريڍار رڍن پويان هلي ٿو ۽ اڳيان رڍن جو ڌڻ ان جي رهنمائي ڪري ٿو.
ريڍار هڪ وڏي اوٻاسي ڏني ۽ پوءِ ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي اکيون ٻوٽي آهليو ئي مس ته ڪا رڍ ڌڻ مان نڪري وري ڪوهيڙي ۾ گم ٿي وئي. ريڍار اهڙو پکي ٿي ويو جنهن جهڙو پکي ٻيو نه هيو. هو ان ڏار تي ويٺو جنهن هيٺان هوءَ ويٺل هئي. ان جو چهرو وساميل باهه مان دونهي جهڙو هيو.
دونهون وساميل باهه جو روح هوندو آهي. ان کان اڳ جو چهري تائين پهچي هن جي اک کلي وئي. اٿيو ۽ ان رڍ پويان ويو جيڪا ٻيلي اندر ڪوهيڙي ۾ نڪري وئي هئي.
لهندڙ سج کي ڏسڻ لاءِ سانجهيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي. اڀرندڙ سج کي ريڍار کانسواءِ ڪير به ڏسي نه سگهندو آهي. سج اڀرندو ئي تڏهن آهي جڏهن ريڍار واڙ جو در کوليندو آهي. ريڍار اوٻاسي ڏئي سوچيو ان کان اڳ جو ڪا رڍ ڌڻ مان نڪري وڃي، هڪ سٺي ننڊ لاءِ ضروري آهي ته رڍن کي واڙ ۾ بند ڪيو وڃي. هن لئيءَ جو لڪڻ پٽيو ۽ رڍن تي ائين وسائڻ لڳو جيئن پنهنجي پٺيءَ تي هڻندو هجي. رڍون ٻيڪٽ ڪنديون اڳتي وڌيون ۽ هن چيو.
”خبردار جو ڪا ڌڻ کان ٻاهر نڪتي آهي، کنڀ ڪٽي ڇڏيندو مانس.“
رڍون ڌوڙ اڏارينديون هليون ته ريڍار محسوس ڪيو اهو ڪوهيڙو نه هيو ڌڻ جي ڌوڙ هئي. اهو ٻيلو نه هيو علامتن جو جهنگ هيو.
هو رڍون هڪليندو واڙ کي ويجهو ٿيو. رڍون واڙي کين پيار سان چيو.
”هاڻي ننڊ ڪيو، ننڊ رات جي عزت آهي.“
پوءِ پاڻ به سمجهيو ۽ ننڊ ۾ ڏٺائين. هو ٻيلي اندر ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويو آهي. ۽ کيس ڳولهڻ وارو ڪير به نه آهي.

محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن

سروير محمد خان تازو رٽائرڊ ٿيو هيو. ٽيهه سال سنڌ گورنمينٽ ۾ نوڪري ڪيائين، سندس آخري سال لاڙڪاڻي جي ان ميڊيڪل ڪاليج جي اڏاوت ۾ گذريو جنهن جو ڀٽي صاحب جي ڏينهن ۾ ڪم شروع ٿيو هيو. سروير محمد خان سادو ۽ صاف دل ماڻهو هيو. ڪپڙا ڪهڙا به پاتل هجنس پر اُس کان بچاءَ لاءِ ساڳيو فرينچ ٽوپ مٿي تي رکيل هوندو هيو جنهن جا ڪنارا ڦاٽل ۽ پراڻا محسوس ٿيندا هيا. هڪ مرڪ هن جي منهن تي ائين ڦهليل هوندي هئي جيئن اها مرڪ نه پر چپن جي قدرتي بيهڪ هجي.
جيستائين اڏوت مڪمل ٿئي عارضي طور هڪ ٽيڪنيڪل اداري کي ميڊيڪل ڪاليج جو درجو ڏئي شروعات ڪئي وئي هئي. هر طرف تيزيءَ سان عمارتون بلند ٿي رهيون هيون. هر هنڌ سِرن، سيمنٽ، لوهه ۽ واري بجري جا ڍير هيا. اڃان عمارتون اڌ ۾ ئي هيون ته محمد خان جي ريٽائرمينٽ ٿي وئي. جڏهن هو پهريون دفعو پوڙهائپ جو احساس کڻي ڳوٺ پهتو ته سندس زال گذاري وئي.
هن کي سرڪاري ڊيوٽيءَ کانپوءِ ڪنهن سان محبت هئي ته اها سندس زال هئي. سوٽ هجڻ ڪري ننڍپڻ جا ڏينهن ان سان گذريا هيا. سوٽ يا ماسات سان شادي ائين هوندي آهي جيئن شادي نه هجي پر ننڍي واري راند هجي. زال جي گذاري وڃڻ سان هن کي ٻه ڏک ٿيا. هڪ سوٽ جو ڏک ۽ ٻيو زال جو ڏک. زال جي موت تي ائين رُنو ڄڻ سندس سوٽ ننڍي هوندي ڪو رانديڪو کسي وئي هجي.
ماڻهو تڏي تي آيا پئي ۽ ويا پئي. تعزيتون، دلداريون، آٿتون گهڻو وقت نه هليون. ٽيجهو ٿيو ته تڏي کي ويڙهي ائين ڪنڊ ۾ اڇلايو ويو جيئن ان ۾ سندس زال ويڙهجي وئي هجي.
محمد خان ڪجهه ڏينهن گهر ۾ اڪيلو ۽ بي چين گذاريا. هو هڪ ڏينهن گهر کان نڪتو ۽ شهر طرف نئين ميڊيڪل ڪاليج جي ٺهندڙ عمارتن ڏانهن رخ ڪيو. رستي تي هلندڙ ماڻهن ڏانهن ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ ماڻهن جون نظرون ڪمزور ٿي ويون هجن. پوڙهائپ ۾ هر شيءِ ان ڪري ڌنڌلڪي نظر ايندي آهي جو دنيا کي ماڻهوءَ جون اکيون آهن. ماڻهو دنيا کي ته عينڪ پارائي نه سگهندو آهي انڪري پاڻ پائيندو آهي.
هو ماڻهن کي نهاريندو اڳتي وڌندو رهيو، کيس محسوس ٿي رهيو هيو هر شخص هن جي زال جي موت تي غمگين آهي پر ويجهو اچي اظهار ان ڪري نه ٿو ڪرڻ چاهي ته متان دل جي زخم اٿلي پون.
هن کي رستي تي هڪ شخص مليو. جنهن کيس سلام ڪيو ۽ وڌي ويجهو آيو. ان شخص جو چهرو محمد خان لاءِ ائين هيو جيئن منهن جون لڪيرون پاڻ ۾ ملنديون ذهن تان لهي ويل ڪنهن نقش کي واضح ڪنديون وينديون هجن. محمد خان سڃاتو، اهو هن جو پراڻو واقفڪار هيو هن سمجهيو ضرور اهو هن جي مري ويل زال جو ذڪر ڪري ٻه ٻول همدرديءَ جا چوندو پر ان کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته ڪو محمد خان جي زال گذاري وئي آهي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن کيس ٻڌايو ته ”ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. دل ماندي آهي.“
ڳالهه ٻڌي ان شخص جي منهن تي ڏک جا آثار ۽ چپن ۾ دٻيل مرڪ ظاهر ٿي. محمد خان چاهيو ته هو ڳالهائي من جو بار هلڪو ڪري پر اهو شخص موڪلائي روانو ٿي ويو.
هو هلندو بس اسٽاپ تي پهتو. هن کي اتي اڪثر ماڻهو سڃاڻيندا هيا ڇو جو هر هفتي شهر کان ڳوٺ ايندو ويندو هيو. هڪ ڪنڊيڪٽر هن ويجهو آيو ۽ چيائين
”گهڻن ڏينهن کانپوءِ نظر پيا اچو، خير ته هيو نه؟“
محمد خان ايتري ڳالهه ٻڌڻ سان غم ۾ وٺجي ويو. هن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته درد کان سندس آواز ڏڪي رهيو هيو.
”ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين؟“ هن جواب ڏنو. ”ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. دل ماندي آهي...“
محمد خان ڳالهائي رهيو هيو ته ڪنڊيڪٽر مٿو کنهڻ شروع ڪيو. هن کي ڊرائيور سڏيو ۽ ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو. هو اتي بيٺل ماڻهن جي منهن ۾ بي وسي ۽ لاچاري سان نهارڻ لڳو. جڏهن بس رواني ٿي ته سندس ڀر ۾ ويٺل شخص پنهنجي منهن ڀڻڪيو.
”مهانگائي ايڏي وڌي وئي آهي جو حڪومت کي احساس ئي نه ٿو ٿئي“
محمد خان ان جي منهن ۾ ڏٺو. اهو سنهي منهن ۽ وڌيل ڏاڙهيءَ وارو شخص هيو جنهن کي وات جي ڪنڊ ۾ ٻيڙي ائين ڦاٿل هئي جيئن زخمي ٿيل پکيءَ جي چهنب هجي.
”ها ادا سچ ٿو چوين.“ محمد خان چيو. ”مهانگائيءَ ماڻهن جي چيلهه چٻي ڪري وڌي آهي. منهنجي چيلهه به صفا چٻي ٿي وئي آهي. بس توکي ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايان. ڪجهه وقت اڳ منهنجي زال گذاري وئي. منهنجو سهارو هئي. زندگي ويران ٿي چڪي آهي.“
اڃان محمد خان ڳالهائي ئي رهيو هيو ته ان شخص جي منزل اچي وئي ۽ اهو اٿي هليو ويو. هو بس ۾ سڄي واٽ ڄڻ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو شهر پهتو ته ڏينهن جا ٻارنهن ٿي رهيا هيا. هلندو ان نئين ميڊيڪل ڪاليج جي ٺهندڙ عمارتن وٽ پهتو ته سهڪي پيو. ان کان اڳ ڪيترا دفعا ائين هلندو اتي پهتو هيو ته پاڻ کي سدائين چست ۽ ڦڙتيلو محسوس ڪيو هيو. هن کي پهريون دفعو جسم ڳورو ۽ پير ٿڪيل محسوس ٿيا. هلندو ان هاسٽل وٽ پهتو جيڪا وڏن هالن تي مشتمل هئي، جيستائين هاسٽلن جي تعمير تي شاگردن کي عارضي طور اتي رهايو ويو هيو. هن کي پريان شاگردن جو هڪ ٽولو نظر آيو جيڪي پاڻ ۾ ڀوڳ چرچا ڪندا ٽهڪ ڏيندا پئي آيا. اهي جڏهن محمد خان جي ويجهو آيا ته هڪ شاگرد ان کي سڃاتو ۽ وڏو ٽهڪ ڏئي پڇيو ”سروير صاحب خوش ته آهيو نه؟ ڏاڍا اداس ۽ غمگين پيا نظر اچو؟“
محمد خان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته سڀ شاگرد سندس چوڌاري ڪٺا ٿي ويا.
”بس بابا ڪهڙيون ٿا ڳالهيون پڇو؟ ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. منهنجو وڏو سهارو هئي. گهڻو خيال ڪندي هئي. ان کانسواءِ ڏاڍو اٻاڻڪو ۽ لاچار ٿي پيو آهيان.“
محمد خان ڳالهائي رهيو هيو ته سڀ شاگرد ٽهڪن ۾ مچي ويا. هڪ شاگرد کيس ٽوڪيندي چيو ”ڇٽي جان پوڙهيءَ جي.“
پوءِ سڀ شاگرد ٽهڪ ڏيندا هليا ويا ۽ محمد خان محسوس ڪيو سندس وجود جي ڪا ڀت سٺو مٽيريل نه هجڻ ڪري ڏري پئي آهي. هن آلين اکين سان هر طرف ڏٺو. ٺهندڙ عمارتون هن جيان نامڪمل هيون. جايون اڏجي رهيون هيون ۽ هو ڊهي رهيو هيو.
هو هلندو آفيس جي ان ڪلارڪ وٽ آيو جنهن کان بل پاس ڪرائيندو هيو. جڏهن آفيس ۾ گهريو ته ساڳيو ڳوڙ ۽ گهمسان جاري هيو. هر طرف شاگردن ۽ اسٽاف جي ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. سڀ مصروف هيا. جڏهن ان ڪلارڪ وٽ پهتو ته اهو ڪو ليٽر ٽائيپ ڪري رهيو هيو. ڪلارڪ ڪنڌ کڻي کيس ڏٺو ۽ هٿ ملائي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهڻ جي صلاح ڪئي. محمد خان گهٻرايل دل سان ويٺو. هن کي پهريون دفعو اوپرائپ محسوس ٿي.ڪلارڪ ليٽر ٽائيپ ڪندي هن سان ڳالهايو.
”ڏي خبر رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪيئن ٿي گذري؟“
محمد خان نه چاهيندي به مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڄڻ دل کي ٻنهي هٿن سان جهلي ڳالهايو. ”بس ادا الله جو شڪر آهي. وقت سٺو پيو گذري پر ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. هلڻو ته سڀني کي آهي پر موت ماڻهوءَ کي ماري وجهي ٿو.“
هو اڃان ڳالهائي ئي رهيو هيو ته پٽيوالو آيو ۽ ڪلارڪ کي نياپو ڏنائين.
”سائين صاحب اوهان کي سڏي ٿو.“
ڪلارڪ ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ محمد خان جي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين.
”مان اچان ٿو. وڃجو نه.“
هو هليو ويو ۽ محمد خان ڪيتري دير آفيس ۾ ايندڙ ويندڙن جي منهن ۾ ڏسي ڪلارڪ جو انتظار ڪندو رهيو. گهڻي دير ٿي وئي ڪلارڪ نه آيو. هو نااميد اٿيو ۽ آفيس کان ٻاهر نڪري ويو.
هو هلندو ان جاءِ تي آيو جتي عمارتون اڏجي رهيون هيون. هن ڪنڌ کڻي هر عمارت کي ڏٺو کيس محسوس ٿيو هو هاڻي عمارتن جو حصو نه آهي. ريٽائرمينٽ کان پوءِ هن جي وجود جي عمارت به ائين هئي جنهن کي اڃان ڇت نه هجي. هن جي اوگهڙ ظاهر ٿيندي هجي. کيس سلوار جو اڳٺ ڍلو محسوس ٿيو. سوچيائين جيڪر ڏک به پيشاب جيان مثاني ۾ ڪٺو ٿئي ها ۽ وهائي ڪجهه راحت محسوس ڪري سگهجي ها. هو ٿورو اڳتي وڌيو ته هڪ مزدور سلام ڪيو.
”سائين سڃاڻيو ٿيا؟“ ان سوال ڪيو.
هن مزدور جي منهن ۾ ڏٺو. ڪوشش باوجود به سڃائي نه سگهيو پر پوءِ به چيو ”ها ها ڇو نه... توسان ضرور واسطو پيو هوندو.“
مزدور عزت ۽ احترام سان ڳالهايو.
”سائين توهان سروير هوندا هيا ته مزدورن جو خيال ڪندا هيا. اڄ مون کي اچڻ ۾ دير ٿي وئي. اهو چئي واپس ڪيائون ته سڀاڻي اچجانءِ. هاڻي توهان ٻڌايو هڪ مزدور جيڪو روز ڪمائي، روز کائي، اهو گذر سفر ڪيئن ڪندو. سچ پڇو ته مون وٽ مانجهاندي جا پئسا به نه آهن. صبح نيرن به نه ڪئي اٿم.“
مزدور اندر جا سڀ حال احوال کولي هن آڏو بيان ڪيا. محمد خان ان مزدور کي غور سان ٻڌو ۽ ويڻيءَ ۾ پاتل واچ ۾ وقت ڏٺو. منجهند جو ڏيڍ ٿي رهيو هيو. هو مزدور کي ساڻ ڪري منهيءَ ۾ ٺهيل ڪينيٽن تي وٺي آيو ۽ بيري کي مانيءَ جو آرڊر ڏنو. مزدور هن جي منهن کي ائين ڏٺو جيئن اکين ئي اکين ۾ شڪر گذار ٿيڻ چاهيندو هجي.
”سائين مهرباني... لک قرب“
محمد خان جي اندر ۾ اُڌ مان اچڻ لڳا. هو کنگهيو ۽ کنگهي ڳلو صاف ڪيائين. بيرو ماني کڻي آيو ۽ ماني ڏسڻ سان مزدور جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن گرهه ڀڃي ٻوڙي وات ۾ وڌو. محمد خان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”ماڻهن مان رحم نڪري ويو آهي. انسانن جو احساس نه آهي. ڏک جي ڳالهه آهي.“ هن ڳالهه کي وڌائيندي چيو ”وڏي ڏک جي ڳالهه اها به آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي زال گذاري وئي. مون کي ان سان بي حد پيار هيو. هوءَ منهنجي ننڍپڻ جي ساٿي هئي.“
محمد خان ڳالهايو ۽ مزدور ڪنڌ لوڏي تيزيءَ سان گرهه چٻاڙڻ لڳو.
”جڏهن منهنجي زال جيئري هئي ته وقت ڏاڍو سٺو پئي گذريو. منهنجو گهڻو خيال ڪندي هئي. هاڻي ان کانسواءِ زندگي تڪليف ۾ گذري رهي آهي. اهڙي ڪا بيمار به نه هئي. بس رات جو کٻي ٻانهن ۾ سور پيس. ڊاڪٽر وٽ به وٺي ويو مانس.
ان سئي به هنيس. صبح سان اٿي ۽ اٿڻ سان هيٺ ڪري پئي. ائين اوچتو گذاري وئي جو خبر ئي نه پئي.“
مزدور ڪنڌ لوڏي مانيءَ جا گرهه چٻاڙيندو رهيو. محمد خان دل کولي اندر جا احوال اوتيندو رهيو.
”مان ڪيڏو نه بدنصيب آهيان جو کيس زندگيءَ ۾ اهي سک نه ڏئي سگهيس، جن جي هوءَ حقدار هئي. هاڻي مون وٽ افسوس ۽ ڏک کانسواءِ ڪجهه نه آهي.“
مزدور ماني کائيندي ڪنڌ لوڏي کيس ها ۾ ها ملائيندو رهيو.
محمد خان ڳالهائيندي صفا جذباتي ٿي ويو.
”مونکي جيئري قدر نه ٿيو پر ان جي مرڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو اها مون لاءِ ڪيڏي نه اهم هئي. منهنجي زال مري وئي.“
۽ پوءِ ڀرجي آيل ڳوڙها اگهندي جذباتي آواز ۾ چيو ”افسوس منهنجي زال مري وئي.“
مزدور مانيءَ جو آخري گرهه کائي پاڻي پي اوڳرائي ڏيندي چيو.
”شڪر الحمدالله“

چهرا

هن محسوس ڪيو گهر ۾ گهمندڙ ماڻهو هن جهڙا هيا. چهرا، جسم ۽ ڪپڙا صفا ساڳيا هيا. حوض وٽ بيٺل شخص، ٻاهرين در کان اڱڻ ۾ ايندڙ ۽ دالي ۾ ويٺل شخص. هن سان ڳالهائيندڙ هر اهو شخص جيڪو طبيعت جي باري ۾ پڇي رهيو هيو.
حوض مان وهنجي نڪتل هن جو پٽ جيڪو ٽوال سان وار اگهي رهيو هيو ان کي ڏسي هن فرحت محسوس ڪئي جيئن وهنجڻ کان پوءِ محسوس ڪندو آهي.
هن زال جي باري ۾ سوچيو، خبر نه آهي. ڪيڏاهن هلي وئي؟ هڪ وکريل وارن واري عورت هن جي تيمارداري ڪري رهي هئي، کيس محسوس ٿيو ان عورت جو منهن هن جهڙو آهي. عورت ڳالهايو.
”ماني تيار آهي.“
پوءِ اها مرڪي ۽ هن مرڪ پنهنجي محسوس ڪئي. عورت جو چهرو هن جهڙو هيو ته پوءِ زال ڪاڏي وئي؟
بيوفائي زال جو نه پر محبوبا جو زيور آهي. عشق هجي ته محبوبا بيوفائي ڪندي آهي. شادي هجي ته مڙس بي وفائي ڪري سگهي ٿو. همبستريءَ کان پوءِ زال جو ملهه ڏتڙيل ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسچينج جيان ڪري پوندو آهي ۽ زال جو پيار همبستريءَ کانپوءِ ائين ظاهر ٿيندو آهي جيئن چنڊ اڳيان جهڙ.
هن سوچيو، انسان جي بناوٽ ٽياس جهڙي آهي، ٽياس ڄنگهن تي بيٺل آهي. ٽياس گهٽيون ۽ بازارون گهمي ٿو. ٽياس ڪوڪن سان جڙيل آهي ۽ وجود جي هر ميک جو درد ٽياس هر جوڙ ۾ محسوس ڪري ٿو. ٽياس کي حياتيءَ جي اڏوهي کائي وڃي ٿي. ٻاهران ان جو خول بچي ٿو ۽ اندر کوکلو.
هو اڱڻ ۾ ويهي هر شيءِ کي ائين ڏسڻ لڳو جيئن شيون ٺهنديون ۽ ڊهنديون هجن. دالي جون ڪچ سريون ٿلهيون ڀتيون ۽ ويڪرا پاوا جن تي جاءِ جو وزن هيو، اهي هن جا ڪلها هجن. هو ڪلهن ۾ سور جي دانهن ڪندو هجي ۽ ٻيو ڪير به ڪلهو ڏيڻ لاءِ تيار نه هجي.
پوڙها جنازن کي ڪلهو ڏئي نه سگهندا آهن. زندگيءَ جو بار عمر سان گڏ چيلهه وٽ گڏ ٿيندو آهي. انسان پنهنجن ڪلهن تي پاڻ سوار هوندو آهي، جيڏو هلڪو هوندو آهي تيڏو برداشت جي لائق هوندو.
هن اڱڻ ۾ نم جا پن ڇڻندي ڏٺا، کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته گهمندڙ هن جهڙا ماڻهو هيڊا ڇو آهن. رت جي گهٽتائيءَ جو سبب هيڊي رنگ واري موسم آهي. دنيا ۾ ٻه موسمون آهن، هڪ جنهن ۾ خزان آهي، بهار نه آهي ۽ ٻئي جنهن ۾ بهار نه آهي خزان آهي. هو سوچي ئي رهيو هيو ته کيس آواز آيو.
”ادا خوش آهيو. طبيعت ڪيئن آهي؟“
هن ڏٺو. طبيعت پڇندڙ شخص هو پاڻ هيو. اهو مرڪي رهيو هيو. ان جي مرڪ ۾ درد سمايل هيو.
”توهان ڪڏهن درد کي ٽهڪ ڏيندي ٻڌو آهي.“ هن ڄڻ پاڻ کان پڇيو.
”ها“ هن چيو ”درد جهڙو جوڪر نه آهي.“
هن سوچيو، مزاج پرستي ڪندڙ ڪير هيو؟ پوءِ سوچيائين، هو پاڻ هيو، ڀلا ڪو پنهنجو پاڻ کان مزاج پرسي ڪري سگهي ٿو. ها ڇو نه. ”هو“ آهي ۽ ”هن“ سان گڏ ”هو“ آهي. ”هو“ ئي ته آهي جيڪو ”هن“ سان گڏ ”هو“ آهي.
هو سوچي ئي رهيو هيو ته ڏٺو هن جي چهري وارو هڪ ٻيو شخص هن مٿان آيو.
”ڪجهه ڏينهن ملڪ کان ٻاهر هيس. ڪلهه آيو آهيان. تنهنجي لاءِ سوکڙي آندي اٿم“ ان پرس ڏنو. هن پرس وٺي اٿلائي پٿلائي ڏٺو.
کلڻ جي ڪئي ته سامهون بيٺل شخص پڻ کليو.
”ها، ان ۾ ڏينهن گڏ ڪندس.“ هن چيو ”مان ڏينهن گڏ ڪندس. ڏينهن آنا ڏيندا، مهينا ٿيندا، مهينا آنا ڏيندا، سال ٿيندا، سال آنا ڏيندا، صديون ٿينديون، صديون آنا ڏينديون، لامحدود وقت ڄمندو ۽ وقت جا آنا موت جي هڪ ٺوڪر سان ڀڄي پوندا. جيڪر انسان وقت کي لڳ ڪري وقت پيدا ڪري سگهي ها. جيڪر زندگيءَ جي پرس مان وقت ڪڏهن خرچ ٿي نه سگهي ها.“
ماڻهن جا منهن ڏسي کيس خيال آيو ته منهن تي رانڀوٽا پائي چمڙي اڊيڙي ڇڏي. سوچيائين ائين ڪرڻ سان سڀ چهرا زخمي ٿي پوندا. اهڙي سوچ هن لاءِ ذهني تسڪين جو سبب هئي.
”ماڻهن جا چهرا زخمي ڇو نه هجن؟“ سوچيائين ”زخم لڪيرون آهن ۽ لڪيرون نقش ٺاهين ٿيون. هر زخم کي پنهنجي سڃاڻ آهي. زخمن جا نشان ماڻهوءَ جا سڃاڻپ ڪارڊ آهن.“
هن ڪنڌ کڻي نم جي وڻ کي ڏٺو. نم جا ڪجهه پن طوطي جهڙا ساوا هيا ۽ انهن تي چهنب جهڙا زخمن جا ڳاڙها نشان هيا. ساون پنن مان نيرو آسمان ائين نظر اچي رهيو هيو جيئن ڍنڍ تي سينور.
اوچتي آواز تي هن جو ڇرڪ نڪري ويو.
”ڀائو صوف کاءُ“ ڪنهن چيو. هن ڪنڌ کڻي ڏٺو. هن سامهون هو موجود هيو. ان کي هٿ ۾ صوف هيو.
صوف ٽرنگو هيو. هڪ پاسي ڳاڙهو، ٻئي پاسي هيڊو ۽ ٽئين پاسي سائو. هن صوف ورتو. هيڊي پاسي چڪ هڻي کاڌو، کيس امڙ ياد آئي. مرڻ وقت ان جو چهرو صوف جهڙو هيو. ڳاڙهي پاسي چڪ هڻي کاڌو، کيس محبوبا ياد آئي. جنهن زخم ڏنو. سائي پاسي چڪ هڻي کاڌو، کيس زال ياد آئي. جيڪا ڄڻ حيات هئي. پوءِ سوچيائين حياتيءَ جو رنگ ڪهڙو به هجي پر سڀ صوف آهي.
هن مٿان هڪ شخص ڳالهايو.
”تولاءِ تعويذ آندو اٿم“ ان چيو ”وٺ پاءِ“
هن تعويذ وٺي پاتو ۽ شخص کي ڏٺو. هن جهڙي شخص کي تعويذ پاتل هيو.
سوچيائين آدم جو بوتو عرش ۾ دفن آهي. ان ۾ سنهيون سئيون ٽنبيل آهن. انسان ازلي بيمار آهي. هن ڌرتيءَ تي ڀوڳي ٿو. هن تعويذ کي ڏٺو، کيس خبر هئي ته تعويذ کولڻ سان ايمان اڏامي ويندو. ايمان اهڙو پکي آهي جنهن جا پر وهم جا آهن. هر شيءِ ساڳي آهي تجربو ان کي نئون روپ ڏئي ٿو.
جڏهن ڪمري ۾ هيو ته نوڪرياڻي صفائي ڪري رهي هئي. ان جي نڪ جو تِرُ هن جي چهري جو هيو. تِرُ چهري جو فل اسٽاپ هوندو آهي. نظرون چهري تان ڦرنديون تِرَ وٽ دنگ ڪنديون آهن.
”صاحب ٿورو اٿو. چادر تبديل ڪيان.“ نوڪرياڻيءَ ائين چيو جيئن هن پاڻ کي عرض ڪيو هجي.
هو اٿيو، محسوس ڪيائين ڪمري جو هر ڪم پاڻ ڪندو هجي، سهڪيو، جڳ اوتي گلاس ڀري پيتائين. نوڪرياڻيءَ ٿڌو ساهه کنيو.
اهو گهر نه هيو، عجائب گهر هيو. آئينا نه هيا، عڪس هيا. هر عڪس هن جي وجود جي چرپر هيو. هن سوچيو سڀ ڀتيون ڀتين جهڙيون نه هونديون آهن. ڪي ڪچيون، ڪي پڪيون، ڪي نيون، ڪي پراڻيون پر اهي ڀتيون هونديون آهن ۽ سڀ چهرا، چهرن جهڙا نه هوندي به هن جي چهري جهڙا هوندا آهن. زال، نوجوان پٽ، ڌيئر، ڀائر، ڀينر، سوٽ، ماسات، مٽ مائٽ، نوڪر، دوست، دشمن، ويجها، پري، عام رواجي ۽ خاص ماڻهو نقاب پائي سڃاڻپ وڃائي ويهندا آهن. اسين متاثر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جا چهرا چوري ڪندا آهيون.
هن جو چهرو چوري ٿي چڪو هيو. هن هٿ هڻي ڏٺو. هن جون اکيون، نرڙ، ڳل، چپ ۽ کاڏي پنهنجيءَ جاءِ تي نه هيا. هو ڪنن وٽان ڪٽيل هيو. اهو سوچي بستر تان اٿيو ته پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي سگهي. هو وڌي آئيني سامهون آيو. اتي هن جو چهرو نه هيو. هن جو چهرو ڪيترن ئي چهرن ۾ تبديل ٿي چڪو هيو.

آلن پرن وارا پکي

مان ننڍو هيس، پکين سان عشق هوندو هيو. گهر ۾ نم جو وڻ هيو، وڻ ايڏو ته وڏو هيو جو ان جي چوٽي ڄڻ آسمان کي ڇهندي هئي. وڏو پڌر هوندو هيو ۽ هر طرف نم جا ڇڻيل پن وکريل هوندا هيا. اهو ڪهڙو پکي هيو جيڪو ان وڻ تي نه ويٺو؟ جهرڪيون ۽ ڪانوَن کان وٺي ويندي باز هليون، بلبليون، ڪاٺ ڪٽا ۽ طوطا ائين ويٺل هوندا هيا جيئن ان وڻ جي گهر جا ڀاتي هجن.
مينهن جام وسندا هيا. جڏهن مينهن بند ٿي ويندو هيو ته نم مان سڄي رات پاڻي ٽمندو هيو. ڪڏهن ٽڙڪاٽ ڪري ان جو ڏار هيٺ ڪرندو هيو ته پکي دربدر ٿي ويندا هيا. کنڀ آلا ٿي وڃڻ ڪري ڏار سان گڏ پڌر ۾ ڪريل پکي اڏامي نه سگهندا هيا.
مون کي اهو سانوَڻ ياد آهي جڏهن رات دير تائين مينهن وسيو ۽ پوءِ هڪ ڏار ڪريو. مون اوندهه ۾ پکين جا آواز ائين ٻڌا جيئن انهن هڪ ٻئي کي دلجاءِ ڏني هجي ته جيئرا آهيون مئا نه آهيون. تاڙ ۾ ويٺل ٻلين ڪيترائي پکي شڪار ڪيا ۽ هر پکيءَ چڪ پوڻ تي ائين رڙ ڪئي جيئن کيس اعتبار نه ايندو هجي ته اڏام جو انت ائين به ٿي سگهي ٿو.
مون کي صبح جو سوير اٿڻ جي عادت آهي. بابو نماز تان نه موٽيو هيو ٻيا سڀ ڪمري ۾ سمهيل هيا. مون اتي پڌر ۾ ڏٺو. هڪ طوطو ڪريل ڏار جي پنن ۾ لڪيل هيو. مان ويجهو ويس ته ان اڏرڻ جي ڪوشش ڪئي. چڱو ٽڪر اڏريو، پَرَ آلا هجڻ سبب هيٺ ڪري پيو. اهڙو خوبصورت طوطو مون زندگيءَ ۾ نه ڏٺو هيو. ڇا ته طوطو هيو؟ وڏو، صاف ساوا کنڀ، ڳچيءَ چوڌاري ڳاڙهي مفلر جهڙي ڳاني، گلاب جي پتين جهڙي چهنب ۽ ڪاريون ڪجلاريون اکيون.
اهو ننڍپڻ جو طوطو مون کي ياد آهي. اهڙو طوطو ڪٿي نظر نه آيو. ننڍپڻ ۾ دنيا حسين نظر ايندي آهي، شايد انڪري اهو طوطو سهڻو لڳو؟ نه، ائين نه آهي. اهو مختلف قسم جو طوطو هيو جنهن کي وساري نه ٿو سگهان. هاڻي به قسم کڻي چوان ٿو ته اهڙو دلفريب طوطو مون ڪٿي نه ڏٺو.
ان طوطي ڏي وڌيس ته طوطو وٺي اڏاميو. مون سمجهيو شايد اهو اڏامي ويندو پر کنڀ آلا هجڻ ڪري ڦڙ ڦڙ ڪري اڏاميو ۽ وري هيٺ ڪري پيو. مان تيزيءَ سان اڳتي وڌي جهپڙ ڏئي ان کي پڪڙيو. طوطي وٺي دانهون ڪيون. منهنجون هٿ ان جي کنڀن ۾ پيو ۽ ان جا پير سوگها ڪيا.
”آهه“ منهنجي دل خوش ٿي وئي ”ڇا ته طوطو پڪڙيو آهي!“
من ۾ اٿندڙ خوشيءَ کان ٽهڪ نڪري ويو ”نه ڇڏيندو مانس“ مون سوچيو ۽ جيئن هٿن ۾ قابو ڪيو ته ان ڪنڌ ورائي منهنجن هٿن ۾ چڪ پاتا. سور کان رڙ نڪري وئي پر وري اهو سوچي ٽهڪ نڪتو ته هڪ سهڻو طوطو سوگهو ڪيو آهي.
مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، ڪو هجي ته کيس سڏيان جيئن طوطي کي ڇڏائجي وڃڻ کان اڳ ڪنهن پڃري ۾ بند ڪيون. سڀ اندر سمهيل هيا. مون سڏ ڪيا، ڪنهن نه ٻڌا.
”او منهنجي ماءُ“ مون چيو ”اچ...“ طوطي کي پڃري ۾ وجهه هٿن مان ڇڏائجي ويو ته وري نه ملندو.“
مان اڪيلو هيس ۽ منهنجن هٿن ۾ هڪ خوبصورت طوطو ڦتڪي رهيو هيو.
”اڙي بيهه طوطا، توکي ڪا تڪليف نه ڏيندس. چُوري کارائيندس، ميوو ۽ مرچ کارائيندس.“
طوطو نه مڙيو. هٿن مان ڇڏائڻ لاءِ ڦتڪڻ لڳو. منڍي ڦيرائي هٿن ۾ چڪ پائڻ لڳو. منهنجا هٿ وڌيڪ سوگها ٿي ويا. سور کان رڙيون ٿي نڪتيون ۽ وري خوشيءَ مان ٽهڪ پئي ڏنا. منهنجا هٿ زخمي ٿي ويا، رت رسڻ لڳو.
”اڙي طوطا ائين نه ڪر.“ مون چيو ”ٻيلي ڏاهو ٿيءُ. مون کي ڇڏي نه وڃ. مان توسان هڪ طوطو ٿي گذاريندس.“
طوطي کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. هيڏانهن زور هوڏانهن زور، چڪ، چيڪاٽ، لتون، ڦٿڪڻ، مون کي لڳو هٿن مان ڇڏائجي ويندو. مون امڙ کي سڏ ڪيا.
”او امڙ طوطو هٿن مان ڇڏائجي ويندو. اچ منهنجن هٿن مان طوطو وٺ. ان کي قابو ڪر. منهنجا هٿ زخمي آهن.“
اتي ڪير به نه هيو. مون سوچيو همت ڪندس، طوطي کي صفا نه ڇڏيندس، ڀل چڪ پائي، زخمي ڪري، رت وهي، سور ٿئي. مان مايوس نه هيس. هڪ اميد هئي ته طوطو قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندس ۽ ان کي پنهنجو ڪري ڳالهيون ڪندس.
طوطي ۾ مدهوش ڪندڙ خوشبوءِ هئي. ان جي چپن جهڙي چهنب دلربا هئي. طوطو منهنجي من ۾ سمائجي چڪو هيو. ان جي ڳاڙهي ڳاني خوبصورت ٻانهن جيان مون ڪنڌ چوڌاري محسوس ڪئي. سائو رنگ خوبصورت لباس جيان روح کي تازو ڪري رهيو هيو.
ان جا چڪ تڪليف ڏئي رهيا هيا، نوڪدار ڳاڙهي چهنب تلوار جيان هئي ۽ منهنجا نرم هٿ ميڻ جهڙا، هو ائين ڦتڪي رهيو هيو جيئن منهنجن هٿن ۾ مرڻ چاهيندو هجي.
وقت سان مون پنهنجا هٿ ڪمزور محسوس ڪيا، لڳو گهڻو وقت طوطي کي جهلي نه سگهندس. مان بي وسيءَ مان روئڻ لڳس.
”او منهنجي ماءُ... ڇا ڪيان؟ ڪاڏي وڃان؟ طوطو هٿن مان ڇڏائجي ويندو.“
نراس ٿي ويس. من مان خوشيءَ جو احساس ختم ٿي ويو. هٿ ڍرا ٿي ويا. چڪ برداشت ڪرڻ جي قوت ختم ٿي وئي. زخمن مان رت وهڻ لڳو. اکين مان ڳوڙها زارو قطار ڪرڻ لڳا.
”مري ويس... او امان... مري ويس.“ مون روئندي امڙ کي سڏيو ”اچ او امڙ مان ٿڪجي پيو آهيان.“
گهر جو پڌر خالي هيو. ڪريل نم جي ڏار جا پن ڪومائجي چڪا هيا. مان هيس ۽ زخمي هٿن ۾ ڦتڪندڙ طوطو. منهنجا هٿ ڍرا ٿي ويا. طوطو هٿن مان نڪري اڏاڻو ۽ مان به هڪ طوطو بنجي ان سان گڏ اڏامي ويس.