شخصيتون ۽ خاڪا

ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 8
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ميگهه ونس مالها (ڀاڱو پهريون)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سومجي ڌاراڻي جو ٿر جي شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو ”ميگهہ وَنس مالھا“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
ھي ڪتاب ٿر سان وابستہ خاص ڪري ميگهواڙ جاتي جي شخصيتن تي لکيل خاڪن تي ٻڌل آهي، جنھن بابت ليکڪ جو چوڻ آهي تہ سنڌي ۾ خاڪن جا ڪتاب تہ کوڙ آيا پر انھن ۾ ٿر خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جون شخصيتون رهجي ويون آھن تنھنڪري پاڻ اهو ضروري سمجهندي هي ڪتاب لکيو آهي.
ھي ڪتاب ڌاراڻي پبليڪيشن ڏيپلو پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون  سومجي ڌاراڻي جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران

جيئن ته مطالعو ڪرڻ منهنجو ننڍپڻ کان ئي شوق رهيو آهي. ان سلسلي ۾ مون ڪيترائي ڪتاب پڙهيا آهن، ۽ منهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ به، هر موضوع تي لکيل کوڙ سارا ڪتاب موجود آهن. مختلف ۽ مهان نالي وارين شخصيتن تي لکيل سمورا ڪتاب پڙهيم، جن ۾ مهراڻ رسالا، سوانح حيات، اُهي ڏينهن ــ اُهي شينهن، جھڙا گُل گلاب جا ۽ ٻيا؛ جنهن ۾ ڪيترن ئي اديبن، سماج سڌارڪ ۽ سياستدانن جي تاريخ کي ويجهي کان پڙهيم. پر، مون کي ڏُک تڏهن ٿيو، جڏهن ڏٺم ته ميگهواڙ جاتيءَ جي مهان اديب ۽ استاد، ميگهواڙ رائچند راٺوڙ، جنهن ”تاريخ ريگستان“ جا ٻه شاهڪار جلد لکي، دنيا ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو ته، صحراءِ ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا جھڙي مڪمل ڄاڻ رکندڙ تاريخ اڄ تائين ڪير به لکي نه سگهيو آهي. مون کي ان مهل ڏاڍو ڏک ٿيو، ته اهڙي عظيم اديب ۽ استاد جو ڪنهن به ڪتاب ۾ ذڪر نه ڪيو ويو آهي. شايد اڄ به ميگهواڙ جاتيءَ سان ٽي هزار سال پراڻي ”مَنو سمرتي“ واري سوچ ۽ تعصب، اسان جي برک اديبن ۽ ليکڪن ۾ موجود آهي، جو انهن ڪڏهن ٻه چار اکر رائچند راٺوڙ جي جنم ڏينهن، يا ورسيءَ جي موقعي تي لکي ڀيٽا ڏني هجي. رائچند راٺوڙ جي سوانح حيات حاصل ڪرڻ لاءِ مون ڪافي ڪتاب ڦلهوريا، اديب دوستن سان به رابطا ڪيم، پر ان جو مڪمل احوال ڪٿان به ملي نه سگهيو. سڀ کان اول ٿر بابت تاريخ، ضلع ٿرپارڪر جي عملدار، ڪيپٽن اسٽينلي نيپئر ريڪس 1859ع ۾ (بطور مئجسٽريٽ) لکي هئي. ان کان پوءِ ڪاڪي ڀيرو مل ”سوڍن جي صاحبي ۽ راڻن جو راڄ“ ڪتاب لکي، ٿر ۾ ٺڪرن جي حڪومت جي طريقيڪار، ۽ ٿر جو مجموعي ذڪر ڪيو آهي. پر، ميگهواڙ ڪردارن جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو آهي. عمرڪوٽ جي تپيدار تيجسنگهه سولنڪي به ”عمرڪوٽ: سنڌ جو اتهاس“ نالي ڪتاب لکي تاريخي احوال سان گڏوگڏ ثقافتي صورتحال جي پڻ تصوير ڪشي ڪئي آهي. ان کان پوءِ محترم منگهارام اوجها، ”پراڻو پارڪر“ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هُن نه رڳو تاريخ، ماڳ ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ ان مالها ۾ لوڪ ڏاهپ جا موتي پڻ پرويا آهن. مسڪين جھان خان کوسي بابت مجنون بلوچ جو لکيل ڪتاب به خوبصورت تاريخي قلمي ڪاوش آهي. ان کان علاوه به کوڙ سارن اديبن ٿر بابت لکيو آهي، پر سچ ته سڀ کان وڏو تحقيقي ڪم، ٿر جي مرڪزي شهر چيلهار سان تعلق رکندڙ استاد رائچند راٺوڙ جو آهي. جنهن تاريخ ريگستان ٻن ڀاڱن ۾ لکي آهي، اهڙو مڪمل تفصيلي احوال اڄ تائين ڪير به لکي نه سگهيو آهي. ائين کڻي چئجي ته ٿر جي سڄي تاريخ نويسيءَ جي عمارت جو بنياد به انهي هڪڙي تاريخ دان جي لکيل تاريخ تي بيٺل آهي، تنهن ڪري کيس ٿر جو Herodotus چئجي ته وڌاءُ ڪونهي. انهيءَ کانسواءِ تاريخ نويسن ڪڏهن به ڪنهن ميگهواڙ جاتيءَ جي ڪردارن جو ذڪر ڪرڻ به مناسب نه سمجهيو آهي! جيڪا ميگهواڙ جاتيءَ سان سراسر ناانصافي آهي. اهڙي تعصب ۽ ناانصافيءَ کي محسوس ڪندي مون قلم هٿ ۾ کنيو، ۽ پڪو عهد ڪيم ته اسان جي املهه هيرن ۽ بي بها موتين جي تاريخ لکي، دنيا کي ٻڌائيندس ته ميگهواڙ لوڪن جا مهان پرش ڪنهن کان به گهٽ نه آهن. منهنجو پهريائين اهو ارادو هو ته هڪ سئو شخصيتن جي تاريخ ڪتاب ۾ محفوظ ڪريان، پر پوءِ سوچيم ته مالها ۾ 108 موتي پرويل هوندا آهن، سو ڇو نه 108 ماڻهن جي تاريخ لکان؟ تنهن ڪري هڪ سئو اٺ ميگهواڙ جاتيءَ جي شخصيتن تي ريسرچ ڪرڻ شروع ڪيم، ۽ اهي ماڻهو جيڪي حيات آهن، انهن سان رابطا ڪري، سندن مڪمل هسٽري هٿ ڪيم، ۽ جيڪي حيات نه رهيا آهن، انهن جي مٽن مائٽن سان روبرو مليس ۽ پوءِ اُنهن جيڪا به معلومات ڏني، انهيءَ موجب هڪ حقيقت تي مبني هيءُ ڪتاب لکيو اٿم. جڏهن 108 ڪردارن جو ذڪر آهي، ته خيال ڪيم ته ڇو نه ڪتاب جو نالو ”ميگهه ونس مالها“ رکان، جيڪو 108 موتين جي مالها جيان آهي ــ ايئن ڪجهه دوستن جي صلاح مشوري کان پوءِ اهو ئي نالو موزون لڳو. اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ڪيترائي انمول هيرا، موتيءَ داڻا پيدا ٿيا آهن، جن جو ڪردار صدين تائين هن ڪتاب جي ذريعي تاريخ ۾ امر ۽ ياد رهندو. درٻاري تاريخ نويسن رڳو درٻارين کي سُورما ڪري پيش ڪيو آهي. پارڪر جي سورهيه امر شهيد روپلي ڪولهي جي سورهيائپ، پنهون مل هميراڻي، سڳاڙ چند سيجو، امر وير ڪلارام جئپال جھڙن انقلابي، سماج سڌارڪ، اهڙيون هستيون هيون، جن تي دنيا جا مظلوم لوڪ ناز ڪن ٿا، پر مقامي تاريخ نويسن پنهنجي روايتي اڇوت پڻي جو مظاهرو ڪندي، کين اها مڃتا نه ڏني، جنهن جا هو حقدار هئا. انهيءَ کان سواءِ تنگ نظرئي جي ڌرمي پنڊتن ورڻ سرشتو ٺاهي ميگهواڙ جاتيءَ جي ماڻهن کي غلام ۽ داس بڻائي رکيو، ڇو ته انهن کي اها خبر هئي ته هيءَ جاتي ايڏي ته ذهين آهي، جو کيس آزاد ڇڏيو ويو ته سڀنيءَ کان مٿي اچي ويندي، جنهن جو مثال اڄ اوهان جي اڳيان آهي. انهن ڌرمي پنڊتن اسان سان وڏا ظلم ڪيا، اسان جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ مذهبي، سياسي مت ڀيد ۽ دل ڏاريندڙ جبر ڪيو ويو. ڌرتيءَ جي تاريخ گواهه آهي ته انهن فاشسٽ ۽ انسانن جي ويري عناصرن، نه رڳو هندو ڌرم جو پوسٽ مارٽم ڪيو، پر ٺڳيءَ جو ٺاهه ٺاهي، وڏي بدمعاشي ۽ چالاڪيءَ سان هن نسل جي نسل ڪشي پڻ ڪئي. انهن ميگهواڙ لوڪن کي سٺن ڪپڙن پائڻ، شاديءَ جي موقعي تي دهل وڄائڻ، معصوم ٻارن کي اسڪول ۾ پڙهڻ، عورتن کي سون ۽ چانديءَ جا زيور پائڻ، سواريءَ لاءِ ڀلا اُٺ ۽ گهوڙا ڌارڻ، اوطاقن ۾ کٽن تي ويهڻ، خوشين جي موقعي تي سٺا ڪاڄ ڪرڻ، پاڻي لاءِ کوهه کوٽائڻ ۽ نوان پڊ ٺاهي رهڻ کان وٺي مندرن ۾ وڃڻ تائينءَ جي سخت منع ٿيل هئي، ۽ برخلافيءَ جي صورت ۾ سخت ترين سزا ڏيڻ سان گڏوگڏ گيتا يا ويد ٻڌڻ ۽ پڙهڻ تي به ڪنن ۾ شيهو پلٽائڻ جھڙا غير انساني ۽ ڪريل سلوڪ ڪرڻ، ۽ روزگار جا سمورا وسيلا ڦري کين غلام بڻائي رکيو، پر اڄ اسين آزاد آهيون. ڇو ته اسان جي سماج ۾ اهڙا بهادر هيرا ۽ سماج سڌارڪ پيدا ٿيا، جن پنهنجي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو. انهن پهريون ڀيرو هريجن اسڪول کولرايا. سابق ميمبر سنڌ اسيمبلي، سوامي ڪرشنانند ۽ سوامي ليلا شاهه ٿر جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پيادل سفر ڪري، ميگهواڙ جاتيءَ ۾ طاقت ۽ اتساهه پيدا ڪري، جيئڻ جو ڏانءُ ڏنو. نتيجي طور پراڻيون مدي خارج دوکي جون ديوارون ڊهي پٽ پيون، ۽ آگ جا شعلا جڏهن آڪاش تي پهتا، تڏهن ظالم انسانن جا ٺهيل فرسوده ڪاڪ محل انهي مهل ڪري پيا ــ ۽ جڏهن شيڊول ڪاسٽ اڳواڻ، محترم جوڳندرناٿ منڊل کي پاڪستان جي تاريخ جو پهريون وفاقي وزير قانون مقرر ڪيو ويو. جنهن کي اهو به اعزاز مليل آهي، ته هن پهرين دستور ساز اسيمبليءَ جي صدارت ڪئي هئي، جنهن ۾ قائداعظم محمد علي جناح بطور گورنر جنرل جي حلف کنيو هو. تعليم جي سڌاري ۽ ترقيءَ ۾ اسان جي جاتيءَ ۽ جي مهان استادن سچ ۽ سچائيءَ جي راهن تي هلي انسانيت جي اعليٰ آدرشن جو پرچار ڪري، سموري سنڌ ۽ ٿر جي ڀٽن ۾ بيداري آڻي، اونداهيءَ ۾ علم جي روشنيءَ جو ڏيئو جلائي، جڳ کي منوّر ڪيو. ميگهه ونس جاتي، سموري ٿر ۾ تخليقي سگهه جي صلاحيت رکندڙ، وڏا شاهه ڪاريگر، سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ جيڪي به خوبصورت عمارتون ۽ بنگلا، جيڪي اڄ به ڪَرُ کڻيو بيٺا آهن، تن جا تخليقڪار يا ڪاريگر، ميگهواڙ لوڪ آهن. هن قوم جا ماڻهو دستڪاريءَ واري فن جا مڃيل ماهر آهن. جھڙوڪ؛ قالين سازي، لويون، کٿا، کيس، شالون، ڪپڙو، نوارون، کرڙ، ٻورا، اوني شالون، سون چانديءَ جا زيور، گهوڙن جا تل، اٺن جا ٿڙها، کٽون، هندورا، ميزون، پلنگ، ڪرسيون، الماڙيون، پاڃاريون، در دريون، سيمنٽ مان جاين لاءِ جاليون، گلم، جاجم، مود، اٺن جون سجايون تمام مشهور آهن. مطلب ته هر ڏات جا ڌڻي آهن. هن جاتيءَ جون عورتون به پوئتي نه آهن. سندس هٿن جون ٺهيل گنجيون، ٽوپلا، ميز پوش، پرس، کٽن جون چادرون، اڳٺ ۽ ٻيو ڪيترو ئي هٿ جي ڀرت جو سامان، جنهن کي پاڪستان توڻي بين الاقوامي صنعتي مارڪيٽ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته ميگهواڙ جاتيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن به قبيلي وٽ ايترو هنر نه آهي. هن وقت ميگهواڙ جاتيءَ ۾ وڏا وڏا ڊاڪٽر، پروفيسر، سرجن، تعليمي ماهر، Ph.D هولڊر، وائيس چانسلر، جج، انجنيئر، پاڪ فوج جا ميجر، ڪيپٽن، سنت، مهاتما، مورتي ساز، شاعر، اديب، وڏا آفيسر، صحافي، سياستدان، MPA, MNA، سينيٽر، صلاحڪار، صدارتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ فنڪار ۽ سوشل اڳواڻ وغيره آهن، جيڪي سموري دنيا جي هر خطي ۾ مختلف سيڪٽرن تي ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن به قبيلي کي هن جاتيءَ سان ڪمپيئر ڪبو، ته پڪ سان انهن ۾ مٿي ڄاڻايل سڀني ڪيٽيگرين جا ماڻهو مشڪل سان ملندا. اسان جا ماڻهو ڪنهن دؤر ۾ ايترا ته احساسِ ڪمتريءَ ۾ مبتلا هئا، جو اهي پاڻ کي راٺوڙ، پرمار، چوهاڻ ۽ ديوان سڏائيندا هئا. پر اڄ منجهن علم جي آگاهي اچڻ ڪري، اهي سرعام پاڻ کي ميگهواڙ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اهو تاريخ جو وڏو وهڪرو آهي. اسين ميگهواڙ آهيون، ميگهواڙ ٿي جيئنداسين ۽ ميگهواڙ ٿي مرنداسين. اسان نه هريجن آهيون نه دلت ۽ نه وري شيڊيول ڪاسٽ، صرف ۽ صرف ميگهواڙ آهيون ۽ وقت جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳڀرا آهيون. تاريخ جو ڪيڏو نه قهر آهي، جو اسان، جن رازا بڻجي ڀڳوان جا مندر تعمير ڪيا، تن کي وري مندرن کان به پري رکيو ويو! جن ڪاسبين پوکي کيڙي ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪيو، تن جي پيداوار جا مالڪ وري ٻيا بڻجي ويا. جن عمارتن ۽ محل تعمير ڪيا، تن ۾ رهائش مٿين ڪلاس کي نصيب ٿي، ۽ هن طبقي جا پورهيت ۽ جانٺا جوان، طبقاتي نظام جا شڪار ٿيندا رهيا. اهڙيءَ طرح صدين تائين هي پورهيت طبقو سماج جا ڏاڍ سهندو رهيو آهي. پر هنن همت ڪڏهن به نه هاري، پنهنجي محنت، عزم ۽ حوصلي سان جيئندا اڳتي وڌندا رهيا. علم جي شعور سان مالا مال ٿيا ۽ سجاڳيءَ جي وڏي لهر آئي، ته سڀئي سجاڳ ٿي ويا. اهي هاڻي سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ڇو ته هيءَ هڪ سچي، وفادار ۽ ايماندار ۽ محب وطن جاتي آهي، جنهن سڀني ظلمن ۽ زيادتين کي تاريخ جي تاريڪين ۾ دفن ڪري ڇڏيو. مون کي دل ۾ هڪ جذبو جاڳيو ته اسان جي عظيم ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ دفن ٿيل مهان ۽ عظيم هيرن کي ڪڍي ظاهر ڪجي، ۽ دنيا کي ٻڌائجي ته اسان جا انمول هيرا ۽ خوبصورت موتي، جيڪي تاريخ ۾ زندهه آهن، تن کي سهيڙي، هميشه جي لاءِ انهن کي ڪتابن جي ورقن ۾ محفوظ ڪجي. ان لاءِ مون جيڪا به جاکوڙ ڪئي آهي، سا اڄ اوهان جي هٿن ۾ آهي. عام ماڻهن کي ته اها خبر ئي نه آهي ته سوين ماڻهن جي تاريخ لکڻ، سموري ڏيهه ۾ ڦهليل ماڻهن کان بايو ڊيٽا هٿ ڪرڻ لاءِ ڪيڏي نه جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي! ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍڻا ٿا پون!! هر زندهه ڪردار سان روبرو ملڻ، فوٽو هٿ ڪرڻ، اسٽوريءَ تي ريسرچ ڪرڻ ڪو آسان ڪم آهي ڇا؟ جيڪي ڪردار هن وقت حيات نه رهيا آهن، تن بابت مواد گڏ ڪرڻ ڪيڏو نه مشڪل ترين ڪم آهي! آئون هن ڪتاب ڇپائڻ لاءِ مالي سهڪار ڪندڙ مسٽر راجا راول گھلڙو، انجنيئر ڪانجي مل (عمرڪوٽ)، انجنيئر سارنگرام ۽ ڪانجي مل رٽائرڊ مئنيجر جو تهدل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. محترم آسي زميني ۽ راڻو خان ميگهواڙ جا به وڏا وڙ جنهن هن ڪتاب جي پروفنگ ۽ فني شين کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. آئون ڪو وڏو اديب يا ليکڪ ڪونه آهيان، منهنجو تعلق اڪائونٽنگ سان رهيو آهي، جنهن ۾ رڳو انگن جي راند ٿيندي آهي، لفظن جي نه. تنهن هوندي به جاکوڙ ڪري، جيڪو ڪجهه هن ڪتاب ۾ لکيو آهي، سو اوهان جي هٿن ۾ آهي. ان ۾ پروف جون غلطيون ضرور ٿي سگهن ٿيون، پر ان لاءِ معافيءَ جو طلبگار آهيان. هيءُ ڪتاب اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پڙهي پنهنجي راءِ ضرور ڏجو. اوهان جي تنقيد به مون کي حوصلو ڏيندي، مون کي اوسيئڙو رهندو اوهان جي خوبصورت راءِ ۽ تنقيد جو. ڌاراڻي محله، ڏيپلو پوسٽ آفيس ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر رابطي لاءِ # 3943672-0333 Email: somjidharani@yahoo.com نيڪ آشائن سان سومجي ڌاراڻي ”ميگهواڙ“

ميگھواڙ جاتي ـــ جاکوڙي جاتي

انسان جي قومن ۽ قبيلن ۾ ورڇ رڳو ان لاءِ آهي، ته جيئن اهي نه رڳو هڪ ٻئي کي سُڃاڻي سگهن، پر پاڻ ۾ ڳانڍاپو به رکي سگهن.جڏهن قومن، قبيلن ۽ ذاتين جي ورهاست دنڌي داڙي، فن ۽ مذهب جي آڌار تي ڪئي وڃي ٿي، ته اهو سمورو سماجي توازن بگڙي ڪو کريل روپ اختيار ڪري ٿو. اهڙو کريل روپ وري ڪيئي سوال ڇڏي ٿو يا اُٿاري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا سوال انسانن جو جيئڻ جنجال ڪري ٿا ڇڏين، ۽ انسان اهڙين کڄندڙ آڱرين کان تاريخ ۾ جند نه ڇڏائي سگهندو آهي، پر سندس حال به عذاب بنجي پوندو آهي. تاريخ اهڙين ترڪٽين سان ڀري پيئي آهي، ۽ تاريخ جا اهي ڦٽ، انسان اڄ تائين چٽي ۽ چيٺي رهيو آهي. پر بادفرنگ جون اهي ڦرڙيون ڇٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن.جڏهن قومون، قبيلا ۽ ذاتيون مالي ۽ سياسي طور پاڻ ڀريون هونديون آهن، ته انهن کي سماجي مانُ به ملي ٿو، نه ته ڪير به نٿو پُڇي. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪي ذاتيون پاڻ کي تاريخ ۾ سلامت رکڻ، ۽ سرسي قائم رکڻ لاءِ شخصيتن ۽ مذهبن جو سهارو به وٺن ٿيون. ايئن ذات پات جو اهڙو ٺهيل کاٽيو، انسانن کي صدين تائين زهر جي ڍُڪ وانگرريڙهڻو ٿو پوي، جيڪو سموري انسان ذات جي سماجي صحت کي هاڃو رسائي ٿو. زراعتي مالداري سماج ۾ ذات پات جو تمام وڏو عمل دخل ۽ ڪردار آهي. سماج ۾ جھڙا پئداواري ذريعا هوندا آهن، اهڙو ئي سماج سِرجندو آهي. ٿر جو سماج به مالداريءَ وارو سماج رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان جون ڪُشاديون سيمون ۽ ٻهڳڻ ڌرتي مالداريءَ لاءِ سازگار رهيون آهن. جيتوڻيڪ سمورو سامونڊي ڪنارو خوبصورت ۽ ڀريل تُريل شهرن وارو سماج رهيو آهي، پر باقي ٿر، مال ڌارڻ واري ڪِرت وارو رهيو آهي. بعد ۾ زراعت ان جي معيشيت ۾ اضافي قدر وانگر شامل ٿي، پر اها اڳتي هلي ايترو وڌي، جو هاڻي ٿر جي ڌرتي سوڙهي ٿيندي وڃي، ۽ ماڻهن جي هٻڇ ۽ ضرورت شيطان جي آنڊي وانگر ڏينهون ڏينهن وڌندي پيئي وڃي. ٿر جي آباديءَ ۾ به ڪيتريون ئي ذاتيون، ڪُٽنب قبيلا آهن، جيڪي جدا جدا نالن سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا ۽ سندن ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، اوڍ پهر ۾ ڦير فرق آهي، پر منجهن سماجي هم آهنگي آهي. جنهن ڪري ٿر جا ماڻهو صدين کان حقيقي انساني ڀائيچاري واري زندگي گهاري رهيا آهن. ٿر ۾ رهندڙ آباديءَ ۾ ميگهواڙ جاتي ججهي تعداد ۾ آباد آهي، جن کي هڪ مڪمل سماجي پس منظر آهي. انهي پس منظر ۾ سندن ڪيتريون ئي لاهيون چاڙهيون نظر اچن ٿيون. زماني ۾ هن جاتيءَ کي ڪيترا ڏک ڏاکڙا ڏسڻا پيا، تنهن سان تاريخ جا ورق ڀري پيا آهن. اچو ته ڏسون ته مختلف ليکڪ انهي بابت ڪهڙي راءِ رکن ٿا. محترم رائچند ميگهواڙن کي اڇوت جي زمري ۾ ڳڻندي لکي ٿو ته: ”هي اصل مارواڙ (راجپوتانا) کان آيل آهن. منجهن ڪل 270 ساکون آهن. جن مان 4 ساکون نج اصلوڪن رهاڪن جون آهن. انهن مان ٿر ۾ ڪابه ڪانهي. باقي 266 ساکون پوءِ راجپوتن مان ٺهيون آهن. جن مان ڪيتريون ئي ٿر ۾ آهن. اهي سڄي ٿر جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ پکڙيل آهن. جتين جوڙڻ ۽ چمڙي جو ڌنڌو ڪنداآهن. کيتي ۽ مال چارڻ به روزگار جا وسيلا آهن. هي سانتيڪي قوم آهي. انهن جون ڪيتريون ئي نُکون راجپوتن واريون آهن. جيئن ته راٺوڙ، چوهاڻ، ڀٽي، سولنڪي ۽ پرمار وغيره. بي علم ۽ ڀرمن ۾ ورتل آهن ۽ جنن ڀُوتن کي گهڻو مڃينداآهن. ڪجهه وقت کانپوءِ تعليم ۾ ڪجهه ترقي ڪئي اٿن. سندن رهائش جو نمونو سماجڪ ۽ پنگتي حالتون ٻين اڇوتن کان بهتر آهن. سندن مُرشد پير پٿورو آهي جو غوث الحق، مخدوم بهاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جو وڏو خليفو هو. مڙدا پوريندا آهن.ٿر ۾ سندن تعداد گهڻو آهي.“ هن راءِ مان جيڪي نقطا نروار ٿين ٿا، سي هن ريت آهن: 1. ميگهواڙ هندن کان الڳ آهن پر سندن سماجي حالت به ٻين کان بهتر آهي. 2. مارواڙ کان آيل آهن. 3. ميگهواڙن جون 270 نُکون آهن جن مان 4 اصل آهن، جن مان ڪا به ٿر ۾ ناهي. باقي 260 ساکون راجپوتن مان ٺهيون آهن. 4. سندن گذران جا وسيلا آهن؛ جُتيون جوڙڻ، چمڙي جو ڪم، زراعت، مال چارڻ، ٿوري تعليم. 5. هيءَ سانتيڪي قوم آهي، ڀرمن ۾ ورتل آهي، جنن ڀُوتن کي مڃيند ڙ آهي. 6. سندن مرشد پير پٿورو، غوث بهاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جو وڏو خليفو آهي. 7. اهي مڙدا پوريندا آهن. انهي سلسلي ۾ محترم خير محمد ٻُرڙو سيوهاڻي، ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا ۾ لکي ٿو ته: ”مينگهه معنى مينهن، واڙ معنى وارو. يعني مينهن وسائڻ وارو، قياس ڪرڻ وارو، رحم ڪرڻ وارو، دَيا ڪرڻ وارو وغيره. ڪهاوتن ۾ آهي ته ميگهه سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى مينهن ۽ واڙ هندي لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ”ٻار يا ٻارن جو ميڙ“. ڪشمير جي ٻيلن ۾ ننڍا وڏا گڏجي ”رُشي ميگهه“ کي مينهن وسائڻ جو سوال ڪندا هئا. ان ميگهه پٺيان سندن ذات جو نالو ”ميگهه، ميگهواڙ، ميگهوال“ پيو. هي آرين کان اڳ جي سنڌو تهذيب جا رکوالا آهن. ميگهواڙ سوريه ونشي ڪُل مان، راما پير جي پوڄاري رُشي ميگهه جو اولاد آهن. ميگهه راجپوتانا جو رهواسي هو. هي گهٽ ذات وارا موچي هندو آهن، جن کي اڇوت چيو ويندو آهي. اصطلاحي معنى ۾ ”ميگهواڙ“ هندو موچي آهن، جيڪي اصل ۾ راجپوتانا جا آهن. جتان لڏپلاڻ ڪري گجرات، واگهڙ ۽ ڪڇ کان ٿيندا اچي ٿر ۾ آباد ٿيا، جتي هنن جُوتن ڳنڍڻ جو ڪم شروع ڪيو. روزگار خاطرلاڙ جي شهرن ۾ پکڙجي ويا. هن وقت ڪڇ ڀُڄ، ٿر، لاڙ، ڪراچي، حيدرآباد، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهن ٿا. هو مهاديوَ ۽ ديويءَ جا پوڄاري آهن. رام ديوَ سندن پير آهي. هنن ۾ ٻيون به سوين گهٽ ذاتيون شامل آهن، جن مان ڪي ذاتيون راجپوتن واريون پڻ آهن، ليڪن اهي سڀ ”ميگهواڙ“ سڏجن ٿا. محترم خير محمد جي ليک مان ڪجهه وڌيڪ پاسا نروار ٿين ٿا، ته ڪي وري نوان مونجهارا پئدا ٿين ٿا. سندس راءِ مطابق: 1. ميگهه واڙ معنى مينهن وسائڻ وارو، رحم ڪرڻ وارو، قياس ڪرڻ وارو. 2. سنسڪرت لفظ ميگهه جي معنيٰ آهي مينهن، ۽ واڙ هندي لفظ جي معنى آهي ٻار يا ٻارن جو ميڙ. ڪشمير جي ٻيلن ۾ ننڍاوڏا گڏجي رشي ميگهه کي سوال ڪندا هئا، ان پٺيان سندن نالو ميگهواڙ پيو. 3. ميگهواڙ آرين کان اڳ جا آهن. سوريا ونشي ڪُل مان راما پير جا پوڄاري ، راجپوتانا جي رهواسي رشي ميگهه جو اولاد آهن. 4. هو جُتين ٺاهڻ جو ڪم ڪن ٿا. 5. اهي مهاديو ۽ ديويءَ جا پوڄاري آهن، رام ديو سندن پير آهي. 6. هن ميگهواڙن جون 95 ذاتيون ۽ پاڙا درج ڪيا آهن. ڪوبه هڪ قبيلو يا ذات، ڪنهن هڪ پنٿ جي پوڄاري هوندي آهي. اها هڪ ئي وقت ٻه ٽي واٽن تي هلندي هجي، اهو به سمجهه کان پري آهي. هڪ طرف ڪشمير ۾ هن جاتيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو، ته ٻئي طرف وري راجپوتانا مان ان جو وجود ڏيکاريو وڃي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين ڪاسٽس اينڊ ٽرائيبس ۾ ميگهواڙن بابت مختلف رايا درج ٿيل آهن. جن مطابق ميگهواڙن کي هڪ هنڌ ڪشمير جي قوم ڪري ڄاڻايو ويو آهي، ته ٻئي هنڌ انهن کي ميگهه رشيءَ جو اولاد ڪري لکيو ويو آهي. ميگهه رشي ڪنهن بادشاهه کان ان لاءِ ڪاوڙجي جبل تي چڙهي وڃي ويٺو هو، ته هو ايستائين هيٺ نه لهندو، جيستائين برسات جو پاڻي سندس ڏاڙهيءَ کي نه ڇهندو. ڇاڪاڻ جو اتان جي ماڻهن کيس پاڻي پيارڻ کان انڪار ڪيو هو. پوءِ ايترو مينهن اچي پيو، جو شهر ٻڏڻ لڳو. تڏهن بادشاهه ميڙ منٿ قافلو وٺي رشيءَ کي پرچائڻ ويو. رشي جي ڏاڙهيءَ کي علامتي طور پلر پاڻي ڇهائيو ويو، ۽ ايئن مينهن موٽي ويو ۽ ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو. ايئن ميگهواڙ يعني مينهن کي واريندڙ يا موٽائيندڙ نالو پيو. خير، انهن سڀني تاريخي يا ڏندڪٿائي ڳالهين کان هٽي ڪري ڏسجي، ته ميگهواڙن سان تاريخ ۾ ڪيترائي ڏاڍ ٿيا آهن، پوءِ به هن جاتيءَ پنهنجو وجود نه رڳو بچايو پر مڃايو پڻ آهي. انهي مڃتا ۾ اسان جي دوست سومجي ڌاراڻي هيءُ املهه ڪتاب لکي، ميگهه ونش جي مهانتا کي مانُ ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ميگهواڙ فردن جا خاڪا ڏنا ويا آهن. خاڪا نويسيءَ جي مالها ۾ جڙيل هيءُ نئون موتي، ميگهواڙ جاتيءَ جي فردن پاران ڪيل جدوجھد جو سربستو احوال آهي، جيڪو ڪيترائي راز کولي ٿو. سومجي مل جي لکت مان ميگهواڙ ن جي محنت، اورچائي ۽ حالتن مطابق پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ جھڙا گڻ نروار ٿين ٿا. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته شايد هيستائين ميگهواڙ صفحهء هستيءَ تان ميسارجي چڪا هجن ها. سندن وجود جو باقي رهڻ سندن اعلى صلاحيتن ۽ ڪاريگرين کي ظاهر ڪري ٿو. سندن ائپروچ واٽر لاجڪ جيان آهي ۽ اهي پنهنجي لچڪداريءَ ذريعي حالتن سان ٺهڪي هلي ٿا وڃن، ۽ اهڙيءَ طرح انهن ۾ ريزيليئنس ايتري آهي، جو اهي وڏو ڌڪ کائي وري اٿي زندگيءَ جو سفر جاري ٿا رکن. سندن اهي صلاحيتون اهڙيون صلاحيتون آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي قبيلي ۾ ان حد تائين ناهن. هن جاتيءَ جا ماڻهو پنهنجي ڌنڌي داڙيءَ ۽ ڪِرت کي وقت جي بدلجندڙ حالتن مطابق بدلائيندا رهيا آهن. ڪنهن وقت ۾ چمڙي رڱڻ ۽ جُتين ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. زراعت ۽ مالداريءَ جي ڪِرت سان گڏوگڏ مختلف هنر به سندن ڪِرت جو مکيه حصو رهيا آهن. جن ۾ ڪاٺ جو ڪم، لوهه جو ڪم، قلعي گري جو ڪم، ٺانٺارپ جو ڪم، اُڻڪري ، رازپو، کوهه کوٽڻ وغيره اهم آهن. وڏي ڳالهه ته هن قبيلي جون عورتون پُڻ چترڪار عورتون آهن، جيڪي پنهنجي واندڪائيءَ ۾ هٿ جي هنر وسيلي اهڙا وزنائتا وڙ تيار ڪن ٿيون، جن کي ڏسي هر ماڻهوءَ جي من ۾ ڪيئي رنگ نکري نروار ٿين ٿا. ڇاڪاڻ جو ڀرت جي انهن نمونن تي ڀرت جي ڪيمياگري ۽ رڱن جي اعلى اُڻت هوندي آهي. هي ماڻهو جن کي سماجي ستم وسيلي مختلف ڊيروگيٽري نالا به ڏنا ويا آهن، جيڪي ساڻن ٿيل حسد جي تصويرڪشي ڪن ٿا، ته ٻيون جاتيون يا طبقا جيڪي سندن پد کي نٿا پهچي سگهن، سي ساڙ وچان ميگهواڙن جي اهميت کي گهٽائڻ چاهين ٿا. ويندي ان حد تائين جو سندن مذهبي اڳواڻن کي ”گُرو“ نه پر ”گُرڙو“ سڏيو وڃي ٿو! انهيءَ جي باوجود اهي اڳتي وڌندا رهيا آهن، ترقي ڪندارهيا آهن. زمانو کين لک ڪوششن جي باوجود پوئتي هٽائي نه سگهيو آهي، اها آهي سندن سگهه ۽ صلاحيت. ڪِرت جي ميدان ۾ اهي تبديلين مان گذرندا ان حد تي اچي پهتا آهن، جو ٿر جي ڪجهه شهرن ۾ هن وقت ميگهواڙ سونارڪو ڪم به ڪن ٿا. سومجي ڌاراڻي هيءُ احوال لکي هن جاتيءَ جي اهم فردن کي نئين نسل سان متعارف ڪرايو آهي، جيڪو هن قسم جو پهريون جامع ڪم آهي. سومجي ڌاراڻيءَ کي نام ڪٺا اديب کڻي پنهنجي مراعاتي قطار ۾ نه ڳڻن، پر هن محبت جو هيءُ پورهيو ڪري، اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ڪم ڪم آهي ۽ ڪم ڪرم آهي، جنهن جي اهميت کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي. ڪم جو انڪار ڪرڻ سج آڏو تري ڏيئي ان خوش فهميءَ ۾ بيهڻ آهي، ته سج نظر نه ايندو. سومجي ڌاراڻيءَ جو هيءُ ڪم يقيناً نه رڳو ميگهواڙ جاتيءَ ۾ مقبول ويندو، پر ٻين پيڙهيل طبقن لاءِ پڻ روشنيءَ ۽ رهنمائيءَ جي راهه ڏيکائو ثابت ٿيندو. هونئن ته هيءُ ڪم انتهائي اهميت وارو آهي، ۽ تمام گهڻين شخصيتن جي خاڪن تي مشتمل آهي، پر هن ۾ انهن عورتن جا به خاڪا شامل هئڻ گهرجن، جيڪي انهن ڪامياب فردن جي ڪاميابيءَ جو مکيه اتساهه رهيون آهن. هونئن ته ٻيا به پيڙهيل طبقا آهن، پر انهن هن نموني پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ناهي. تعليم ۾ هيءُ طبقو به سڀنيءَ کان اڳتي رهيو آهي. ميگهواڙ استاد بهترين استاد رهيا آهن. ٻين شعبن جھڙوڪ: بيوروڪريسي، غير سرڪاري ادارن وغيره ۾ به هن طبقي جي فردن پاڻ ملهايو آهي، جن جو احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي. هتي دهرائڻ جي ضرورت ناهي. هن طبقي جي وچن نباهه، وابستگي، اورچائيءَ جي گڻن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ٿر ۾ ڪو ٻيو طبقو ساڻن برميچي نٿو سگهي. ها! باقي اهو ضرور آهي ته گوليون هلائي، گلن جي توقع رکڻ فضول آهي. جتي به هن طبقي کي عزت ملي آهي، اتي هيءُ طبقو ان سماج تان گهوريو ويو آهي. 1971ع جي جنگ کانپوءِ جيئن ئي ٺڪرن جي آبادي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪري، سرحد جي هُن پار هندستان هلي ويئي، تنهن کان پوءِ سماجي تبديلي آئي ۽ هن طبقي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو، ۽ هن وقت ترقيءَ جي سفر ۾ سڀنيءَ کان اڳڀرو آهي. ترقيءَ جي انهي سفر ۾ ميگهواڙ جاتيءَ کي ڪجهه للڪارون به درپيش آهن، جن ۾ جتي غربت جي تلوار لٽڪيل آهي، ته اتي ڪجهه اخلاقي يا سماجي مشڪلاتو ن به آهن، جن مان کين مٿي نڪرڻو آهي، نه ته اهي شيون سندن ترقيءَ ڏانهن سفر کي جهڪو ڪنديون. سومجي ڌاراڻيءَ جي هيءَ ڪاوش انتهائي ساراهه جوڳي آهي. هن ۾ جيڪو مواد ۽ بنيادي انگ اکر آهن، اهي شايد ئي اڳ ڪٿي ڇپيا هجن. اُميد ته هن ڪتاب کي مانائتي موٽ ملندي ۽ ٻيا ليکڪ به ان موضوع تي قلم کڻندا، رهيل گوشن کي نروار ڪندا ۽ ايئن هيڻن طبقن جي تاريخ ۾ سنهري باب جو واڌارو ٿيندو رهندو. هيءَ جاتي به پنهنجي سُورن، سختين ۽ تڪليفن کي پنهنجي واٽ جو ثمر ڪندي، اڳتي وڌندي رهي آهي، ۽ انهي گوندر کين ڪيئي گس ڏيکاريا آهن، جيڪي سڀنيءَ کي ڏاهپ جو ڏس ڏين. ڀٽائي سائينءَ جي لفظن ۾: ڪنين ڪنين ماڻهوئين، گوندر وڏي وٿُ، ٻڌي گوڏ گرٿُ، ساٽو ڪجي سُورَ جو. )شاهه( جنجهي هائوس، ڌَرماڻي ڪالوني، مٺي، ٿرپارڪر، سنڌ. نُور احمد جنجهي

ڏيپو ميگھواڙ

(ڏيپلو شهر کي اڏيندڙ) مَن مري، مايا مري، مَر مَر جائي سَرِير، آسا ترشنا ڪڀوئي نه مَري، ڪهه گيا داس ڪبير. (ڪبير) ڏيپئو ميگهواڙ نُک جو واڻيون هو، جيڪو ميرن جي بادشاهيءَ کان اڳ ڪلهوڙن واري دؤر ۾، جتي هن وقت ڏيپلو شهر آهي، اُتي ڏيپو ميگهواڙ جو ننڍڙو ڳوٺ آباد هو. جتي سندس 14 قبولي ٻنيون هيون، جنهن ۾ خاص ونگڙيو، جتي هينئر رينجرس ڪئمپ آهي. ڊاڀي ڏيپلي کان اوڀر پارڪر رستي تي سومراسر لڳ ڇڇي جا، شهر جي ڏکڻ آهي، راڻيويرو شهر جي اتر طرف آهي. شهر ڏيپلو، جتي هن وقت اسپتال، انسپيڪشن بنگلو آهي، اُتي واڙي واري ٻني هئي ۽ وڌيڪ ٽي ٻنيون هُيون، جتي هينئر ڏيپلو شهر ٻڌل آهي. ڏيپلي شهر ٻڌجڻ کانپوءِ، ڏيپي جي پريوار جا واڻيا ميگهواڙ لڏي ڳوٺ ڏاڀڙي اچي رهيا. پوءِ ڏيڙو ۽ لسيو ڳوٺ ۾ آباد ٿيا، جتي اڄ به آباد آهن. محمد عثمان ”اديب“ جي لکيل ڏيپلي جي تاريخ موجب ڏيپي ميگهواڙ جو ننڍڙو ڳوٺڙو 1800ع کان اڳ ڪلهوڙن جي دؤر جو آهي. سال 1800ع ماڻڪاڻي مير ٺارو خان، ڪڇ جي راءِ جي ميري اک کان بچڻ لاءِ گڍ ٺهرائڻ لاءِ، سائيٽ ڏيپي ميگهواڙ جي ڳوٺ واري هنڌ کي موزون سمجهيو. گڍ هينئر جتي مختيارڪار جي آفيس آهي، انهيءَ هنڌ تي ڪچو گڍ تعمير ڪرايو. جڏهن تيار ٿيو ته اُن کي ڏسڻ لاءِ ۽ اُتي سپاهه رهائڻ لاءِ، مير ٺارو خان خود ڳوٺ ويڙهار وٽ منزل انداز ٿيو. انهيءَ وقت ڪڇ کان لڏي آيل ميمڻ، جيڪي جگهاري ڳوٺ ۾ رهندا هئا، انهن وفد ڪري مير صاحب کي عرض ڪيو، ته اسان واپاري قبيلي جا ماڻهو آهيون. هن وقت ٻهراڙي ۾ ٺڪرن جي رحم ۽ ڪرم تي رهون ٿا، ۽ اُهي وقت به وقت اسان کي ستائيندا رهندا آهن، ۽ ناجائز چندا ۽ ٻيا لوازمات مڙهين ٿا. انهيءَ تي مير صاحب صلاح ڏني ته توهان لڏي سندس ٺهرايل گڍ جي ڀرسان بازار ٺاهي، ۽ پنهنجا گهر اڏي رهو. پوءِ سڀ ميمڻ، ڪلر ۽ لنگها، جيڪي ڪڇ مان گڏ آيا هئا، جگهاري مان لڏي اچي ڏيپلي ۾ رهيا. مير صاحب پوءِ ڏيپي ميگهواڙ جون ٻنيون رد ڪري، اُهي شهر لاءِ ڏنيون ويون. پوءِ آهستي آهستي ويڙيجهپ ۽ کاروڙو ۾ رهندڙ ميمڻ ۽ ٻيا ڪامي ڪاسبي قبيلا، ميمڻن سان گڏ لڏي اچي شهر ۾ آباد ٿيا، جتي هينئر هڪ وڏو شهر آهي. پراڻن ۽ وڏن ماڻهن جي ٻڌل ڳالهين موجب، چون ٿا ته ٽالپرن مٿين گڊ تي شير ڪوٽ يا ٻيو ڪو نالو رکڻ چاهيو پي، پر ڏيپي ميگهواڙ، جنهن جو اڳي ئي اهو ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن جون ست ٻنيون خارج ٿي شهر جي حوالي ٿيون، سو ڏيپو ميگهواڙ ڪجهه سلجهيل ماڻهن سان گڏجي مير صاحب جي درٻار ۾ آيو ۽ عرض ڪيائين، ته سائين مون غريب جون ست ٻنيون خارج ٿي وييون آهن. تنهن تي مير صاحب ڀر پاسي ٻيون ست ٻنيون ڏيڻ جي آڇ ڪئي. پر ڏيپي ميگهواڙ عرض ڪيو ته سائين منهنجو اولاد ڪونهي، مون کي ڪنهن به ٻنيءَ جي ضرورت نه آهي، صرف شهر جو نالو سندس نالي پويان رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو بي اولاد آهي انهيءَ ڪري پنهنجو نالو قائم رکڻ چاهي ٿو. مير صاحب سندس اهو عرض قبول ڪيو، ۽ پوءِ شهر جو نالو ڏيپلو سڏجڻ لڳو. ديپ هندي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڏيئو. ديپ بگڙجي ڏيپ ٿي ويو. اڳين زماني ۾ ننڍو نالو سڏيندا هئا. پويان ”يو“ لڳائيندا هئا. تنهن ڪري ڏيپ مان ڏيپيو ٿي پيو. ڪڇ ۾ ننڍو نالو ڪرڻ لاءِ پويان لو لڳايو ويندو آهي، جيئن حبيب مان حبلو، ممون مان مملو، آمون مان آملو چوندا هئا. اهڙيءَ طرح ڏيپيو مان ڏيپلو سڏيندا هئا. انهيءَ پويان هن شهر کي ڏيپلو سڏيو ويو. ٻئي ڳالهه هيءَ به آهي ته شاهه ڀٽائي صاحب جن جو بيت آهي: ”پهرين ويندس لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.“ لوءِ معنيٰ ڳوٺ، اهڙيءَ طرح ڏيپ+لو ۽ معنيٰ ڏيپي جو ڳوٺ به ٿي سگهي ٿو. اهڙي نموني ٻيا به ڳوٺ آهن ٻٻرلو، ڀوريلو، ڄاريلو، ڍاڪلو، گابرلو وغيره. ڏيپي ميگهواڙ جي قبر موجوده ٿاڻي مختيارڪار آفيس جي ديوار اندر، دڙي تي بيٺل ڄار ۾ آهي، جيڪو نشان اڄ به موجود آهي ۽ هاڻي اُڊڙي ويل آهي. ڏيپي ميگهواڙ جو کوهه به اتر وٿاڻ ۾ هو، جيڪو هن وقت ڦٽي ويل آهي. ڏيپي جي قبر جي باري ۾، رائيچند راٺوڙ جي لکيل تاريخ ريگستان ڀاڳون پهريون جي چوٿين ڇاپي جي صفحي نمبر 194 ۾ ذڪر ڪيل آهي ته، ”ڏيپي جي قبر موجوده تعلقه آفيس جي ايوان ۾ آهي. جتي اڳي ڪچو قلعو هو، جو هاڻي ڊهي ويو آهي. پر اهڙو ڪوبه رڪارڊ آفيس ۾ موجود نه آهي. سڀ رڪارڊ وغيره ڪڇ ڀڄ ۾ آهي، جو ڍل وغيره اُتي جمع ڪرائي ويندي هئي. بهرحال هيءُ شهر ڏيپي جي نالي پٺيان ڏيپلي سان سڏجي پيو. ديپ+لو روشنائيءَ وارو ڳوٺ. اهو نالو معنوي لحاظ کان تمام سٺو آهي، لفظي معنيٰ سوجهري وارو، علم وارو، سدائين روشنائيءَ وانگر چمڪندڙ، عقل، فهم ۽ فراست ۾ چمڪندڙ، ٻهڪندڙ ۽ ڏيئي وانگر روشن، ۽ انشاءَالله سدائين چمڪندو رهندو.“ ڏيپي ميگهواڙ جي ڀومي ڪيترائي هيرا موتي جنم ڏنا آهن، جيڪي اڄ دنيا جي هر خطي ۾ چمڪندا نظر اچن ٿا. ڏيپلي شهر جا 300 ڊاڪٽر ۽ 200 انجنيئر هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جو ٻيو نمبر پڙهيل لکيل ماڻهن جو شهر آهي. پهريون پاٽ شريف ۽ ٻيو نمبر ڏيپلو. مشهور اديب محمد عثمان ڏيپلائي هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو، جنهن جا 150 ڪتاب لکيل آهن. انهي کان سواءِ شهر جا معزز ماڻهو حاجي ابوطالب، ڊاڪٽر حاميد، قاضي احمد، غلام حسين طاهراڻي، قاضي علي محمد، حاجي غلام محمد لاٽ، حاجي محمد رمضان، غلام محمد مخدوم، محمد عثمان مجاهد، ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر محمد صالح، ڊاڪٽر محمد سڄڻ صاحب، ڊاڪٽر حاجي شفيع محمد، ڊاڪٽر نظير ميمڻ دل جو اسپيشلسٽ، ڊاڪٽر انور صديقاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ڊاڪٽر آهن. استادن ۾ سائين صاحبڏنو، سائين حاجي ڀليڏنو، محمد عثمان صديقاڻي، محمد عثمان کٽي صاحب، مولوي حاجي محمد عمر جوڻيجو صاحب مشهور رهيا آهن، ۽ شهر کي تعمير ڪندڙ مهان رازا شري ٺارو مل ڌاراڻي، لڌارام ڌاراڻي، سومجي ولاسائي، نانڪ ٻڙهيو، انهن سڄي شهر جون جايون تعمير ڪيون، جي 100 سالن جو جايون اڄ ڏينهن تائين آباد آهن. 1856ع ۾ ايس. رئڪس مئجسٽريٽ مقرر ٿيو، جنهن پنهنجي ڪتاب ٿر ۽ پارڪر جي احوال ۾، ان وقت تعلقو هو، هتي اهو به ضروري لکڻ آهي، ته 1855ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر، ٿر ۽ پارڪر ۾ ٽي اسڪول منظور ڪيا. هڪ ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۾، ۽ مٺيءَ ۾ ٿيو. جن لاءِ استاد احمد آباد مان آندا ويا. ٻئي سال هر هڪ جاءِ تي اسڪول جي مناسبت سان ڪمرن جوڙڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ان وقت اسڪولن جي داخلا هن ريت هئي: ننگرپارڪر 101 شاگرد، اسلام ڪوٽ 34 شاگرد ۽ مٺي 35 شاگرد. انهيءَ وقت گهر گهڻو ڪري ڪچا هوندا هئا. ڏيپلي ۾ 122 پڪا گهر، مٺيءَ ۾ 266 پڪا گهر ۽ اسلام ڪوٽ ۾ 50 پڪا گهر هُئا، باقي سڀ ڪچا گهر هئا. سنه 1860ع کان 1873ع تائين ليفٽيننٽ ڪرنل تروٽ، ٿر ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ ٿي رهيو، ۽ 1873ع تائين رهيو. ان بعد ليفٽيننٽ ڪرنل آر. آءِ. ڪرافورڊ آيو، جو 12 سال ضلع جو سربراهه رهيو. ان جي بعد واٽسن آيو جو هڪ سال رهيو، ان کانپوءِ ڊاڪٽر پالن آيو جنهن مٺي، ڇاڇرو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر ۾ پالن بازارون ٺهرايون، جي هاڻي ڊهي ويون آهن. اهڙي پالن بازار ڏيپلي ۾ به هئي. اسان جا وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته اها پالن بازار، هن وقت ڊاڪٽر ڪمال جي گهر کان اولهه طرف ويندڙ صديقاڻي روڊ تي واقع هئي.

هرجي مل درڙو

(1883-05-03 کان 1986-4-15) ويــو سِـج وڻــن تــان، راســـيــون ڏيــئــي رنـــگ، مون جنهين سان سنگ، سو ڪوهيارو ڪيچ ويو. ننگرپارڪر جي پٿريلي پويتر ڌرتي، جتي ڪيترن ئي سماجي ورڪرن، بهادر انسانن، استادن ۽ سَنتن جنم ورتو. دنيا ۾ ڪجهه هستيون اهڙيون آهن، جيڪي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زندهه رهنديون آهن. هونئن به سماج ۾ استادن جو مانُ ۽ مرتبو اعليٰ ترين ۽ بلند ترين آهي. اهڙي ئي هڪ آدرشي استاد کي پارڪر جي پويتر مٽيءَ پنهنجي گود ۾ پاليو، جنهن هتان جي نئين ٽهيءَ ۽ نسل کي علم، فلسفو، شعور ۽ نئين سوچ ڏني. اهو هو سائين هرجي مل درڙا جنهن کي پاڪستان جي ميگهواڙ جاتيءَ جي پهرئين استاد جو اعزاز حاصل آهي. سائين هرجي مل، جنهن ننگرپارڪر جھڙي پوئتي پيل علائقي ۾ جتي علم جي انتهائي اڻاٺ هُئي، اُتي هڪ اهڙي عظيم ۽ خير خواه استاد جي ضرورت هئي، جيڪو هتي جي نئين نسل کي علم جي دولت سان مالا مال ڪري ۽ انهن جي ڪچڙي ذهن جي نئين فخر ۽ سائنسي سوچ سان آبياري ڪري، اهو فرض سائين هرجي مل جن اهڙي ته عاليشان نموني سان سرانجام ڏنو، جو اڄ جڏهن. ڪنهن به سماجي ميڙاڪي يا ڪنهن گفتگوءَ ۾ سائينءَ جي شاگردن جھڙوڪ سائين ڪرشن لال، شري دلپتراءِ مختيارڪار، گُل محمد شيخ کي ڏسجي ته جيڪي استاد، ڪلارڪ، آفيسر، ڊاڪٽر جھڙن عهدن تي فائز آهن، ته اهي اکين مان آب نه ٿا جهلي سگهن ۽ چون ٿا ته سائين هرجي مل جو ڏنل درس اڄ به اسان جي ذهنن ۾ آهي، جيڪو اسان جي زندگيءَ ۾ مشعلِ راهه جو ڪردار ادا ڪري ٿو. سرڳواسي سائين هرجي مل تاريخ 1883-5-3 تي، شري اوڪو مل درڙو جي گهر ننگرپارڪر جي پويتر ڌرتيءَ تي پنهنجا قدم رکيا. پرائمري تعليم پاڻ ننگرپارڪر مان حاصل ڪئي. ميگهواڙ جاتيءَ ۾ اهو سڄو سهرو شري اوڪو مل درڙو جي سرتي وڃي ٿو. جنهن بهادري دليري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪري هڪ غلاميءَ واري دؤر ۾ جتي سخت نفرت، ڇيپ ڇاپ واري دؤر ۾ جتي ميگهواڙ جاتيءَ وارن کي پڙهڻ نه ڏنو ويندو ۽ سخت ڪٽرپڻو هو، جتي ميگهواڙ شاگردن کي اسڪول ۾ جدا پٽ تي ويهاريو ويندو هو. اهڙي ڪٽرپڻي دؤر ۾ به سائين ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ۽ سختيون سهي پٽ تي ويهي، ٻُڪ ۾ پاڻي پي پڙهيو. سندس پڪو ۽ پختو ارادو هو ته هو پڙهي پنهنجي پوري ميگهواڙ جاتيءَ ۾ علم جي روشني ڦهلائيندس. نيٺ هڪ روشن ديپ بڻيو ۽ ڪيترائي روشن ديپ ۽ ستارا پيدا ڪيائين، جيڪي پوري دنيا ۾ چمڪندا نظر اچن ٿا. سائين هرجي مل اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جي علم جو هڪ اهڙو خوشبو دار وڻ هو، جنهن جي خوشبو اڄ به ڀٽن، ڏهرن ۽ ڳوٺن جي هر جهوپي جهوپي مان اچي ٿي. اهڙا ڪردار ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن ۽ قوم لاءِ ديوتا بنجي ويندا آهن. سرڳواسي هرجي مل پرائمري تعليم ننگرپارڪر مان حاصل ڪئي، ۽ فائينل جو امتحان سال 1910ع ۾ عمرڪوٽ سينٽر مان پاس ڪيائين. انهي وقت پڙهيل ماڻهن جي اَڻاٺ هئي تنهنڪري جلدئي سائين هرجي مل کي 1911-6-11 تي پرائمري ماستر ڪري، ننگرپارڪر پرائمري اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. انهي کانپوءِ پرائمري اسڪول ڏونگري، سامي ويري، پيلو، ڦولپرو ۽ آخر ۾ پرائمري اسڪول آڌي گام ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏنا، ۽ اُتان ئي 1953-5-3 ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتي. سال 1971ع واري انڊو پاڪ جنگ دوران ننگر پارڪر وارو علائقو انڊيا فوج جي قبضي ۾ هو، تنهن ڪري پاڻ پريوار سميت لڏي انڊيا جي ڳوٺ شِوَ نگر، ضلع پالڻپور وڃي رهيو ۽ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن اُتي گذاريا. چون ٿا ته پاڻ ٽي شاديون ڪيون هيون. سندس هڪ پُٽ ڀورو مل، جيڪو هن وقت انڊيا ۾ ماستر آهي. آخر هيءُ فاني سنسار، هر منش کي ڇڏڻو آهي، ته سائين هرجي مل به تاريخ 1986-4-15 تي هن دنيا کي الوداع چئي، پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. سائين هرجي مل جي باري ۾ ڪيترن ئي استادن ۽ ننگرواسين کان معلوم ڪيم، پر افسوس! ڪنهن کي ڪابه ڄاڻ نه هئي. آخر مسٽر پرڪاش سائين ڪرشن لال جي فرزند جي مهربانيءَ سان، انڊيا مان سندس مائٽن کان معلومات وٺي ڏني، جنهن لاءِ سائين پرڪاش جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، ۽ سائين هرجي مل جو احوال اوهان جي هٿن ۾ آهي. تو سواءِ ڏينهن ڏکيو رات زهر جھڙي آ، هي جدائي به قاتل جي قهر جھڙي آ.

وسنداس اميداڻي

(1905-05-06 کان 1997-02-15) هي شرير ته آهي ناسونت، هڪ ڏينهن ناس ٿيڻو آهي، پر آتما آهي اجر، امر، اُن کي ڪڏهن به نه مرڻو آهي. اسان جي ميگهواڙ جاتي ڪيترائي مهان ساڌو، سنت جوڳيسر تپشوي، ڪوي، ڪلاڪار، استاد ۽ مڻيادار، ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن. جن ڌارمڪ، سماجي ۽ اخلاقي سکيا، پريم ڀاوي ۽ ايڪتا بابت قوم جي رهنمائي ڪئي. ست سنگ ۽ شيوا وسيلي سناتن ڌرم جي پرچار ڪئي. اهڙي ئي هڪ مهان پُرش سرڳيه وسنداس اُميداڻي جئپال تاريخ 6 مئي 1905ع ۾ ڳوٺ ڄارڪي تعلقه ٽنڊو الهيار ۾ جنم ورتو ۽ سندس پتا جو نالو اُميدو ساڌ آهي. سندس ماتا جو نالو ڀامي ٻائي ذات درڙا ڳوٺ ڄارڪي تعلقه ٽنڊو الهيار آهي. پاڻ شادي شريمتي ريکي ٻائي پنئار سان ڪئي، جيڪا ڳوٺ باغ واهه لڳ حيدرآباد ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سندس مائٽ لڏي اچي مسڻ وڏي، تعلقي ٽنڊوالهيار ۾ رهائش پزير ٿيا. جنهن مان کيس اولاد هڪ نياڻي ۽ 4 پٽ آهن. 1. تيرٿ داس اميداڻي، جو پرنسپال هاير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ جو رٽايرڊ پرنسيپال آهي. 2. گوپالداس اميداڻي، جيڪو رٽايرڊ ڊزائين انجنيئر BS-18 اريگيشن ڊپارٽمينٽ جو 2013-11-27 تي ديهانت ڪري ويو. 3. پرسومل اميداڻي، HST (BPS-17) گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ جو رٽايرڊ اُستاد آهي. 4. پروفيسر ڊاڪٽر لؤُنگ اميداڻي، ميڊيڪل آفيسر آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، هاڻي سعودي عرب رياض ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سائين وسنداس اميداڻيءَ جا مائٽ ڏهن پيڙهين کان بالاچ خان لغاري، تعلقي ٽنڊو الهيار ۾ رهندڙ هُئا، جتان ورهاڱي وقت لڏي ڳوٺ نصير خان لغاريءَ ۾ اچي رهيا. اُن بعد سال 1956ع ۾ اچي چمبڙ شهر وسايائون ۽ اڄ تائين رهائش پذير آهن. پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بالچ خان لغاريءَ مان حاصل ڪئي. 1926ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪيائين ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو ٻيو پرائمري استاد، تاريخ 4 مئي 1926ع ۾ پرائمري اسڪول بالچ خان لغاري تعلقي ٽنڊو الهيار ۾ مقرر ٿيو. ان وقت سڀ تر جا ماڻهو حيران ٿيا ۽ چيائون، ته هلو ته هلي ڏسي اچون ته هڪ ميگهواڙ ماستر ٿيو آهي. سائين وسنداس اميداڻي صاحب، سال 1934ع ۽ 1948ع ۾ سنڌي ٽيچرس ٽريننگ ڪورس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ڪيو ۽ ڊاڪٽر محمد عمر دائودپوٽي طرفان کيس اعليٰ اخلاق جو ايوارڊ مليو. سائين وسنداس اميداڻي صاحب، ۽ اُستاد محب علي ٽالپر شهدادپور نواسي، صوفياڻي طريقي ۽ عارفاڻي ڪلام ڏي مائل ٿيا. جنهن کانپوءِ جواني اوستا ۾ ئي روحاني رهبري ۽ ذڪر، فڪر لاءِ سوامي رگهناٿ صاحب جي سنگ ۾ آيا، جنهن جي ڪرپا سان سندس من جو انڌارو دور ٿيو ۽ جوت جو مشاهدو ڪيائون. سوامي صاحب کاڻ شهر (ويجهو ميرپورخاص) جا رهواسي هئا ۽ سندس گرو هُئا ۽ ناٿن جي درٻار (مڙهي) کاڻ شريف جا گادي نشين هُئا. سائين وسنداس سنڌي، انگريزي، ڍاٽڪي، اردو، سنسڪرت ۽ هندي ٻوليون ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهندو هو. سائين وسنداس هڪ مهاتما ۽ شاعر به هُئا، سندس ڪلامن جو مجموعو ”ورلاپ وسند“ شايع ٿيل آهي ۽ ڀجنن جو ڪتاب، ”ڀڄنا امرت“ جلدي شايع ٿيڻ وارو آهي. پاڻ کي پنهنجي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ تعليم عام ڪرڻ جو بيحد گهڻو فڪر رهندو هو ۽ هو هميشه شادين مرادين، ست سنگن جي موقعي تي سڀني آيل مهمانن ۽ عزيزن کي پرزور وينتي ڪندو هو، ته اُهي پنهنجن ٻارڙن کي تعليم ضرور ڏيارين، ۽ سندس ٻول هميشه هي هوندا هُئا ته علم کانسواءِ سڀ اونداهه آهي. علم قومي سُڌاري جو ذريعو آهي. پاڻ ستسنگ جو بيحد ڪوڏيو هو ۽ گڏوگڏ مهان راڳي پڻ هو، ۽ ساري رات جاڳي ڪري ستسنگ ڪندو هو ۽ ٻڌندو هو. سنتن ۽ ڀڳتن جو خاص شيوا ڌاري هو، ۽ هميشه چوندو هو ته سنتن جي شيوا ڪرڻ ۾ مون کي دلي سڪون ملي ٿو، ۽ منهنجي زندگي ٻين جي شيوا ڪرڻ ۾ سمايل آهي. پاڻ نوڪريءَ جا 43 سال پورا ڪري، تاريخ 25 سيپٽمبر 1969ع تي نوڪريءَ مان رٽائرمينٽ ڪئي. پاڻ هڪ مهان سماج سڌارڪ هو، سدائين قومي ۽ سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺندو هو ته جيئن ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ايڪتا ۽ سٺائي اچي. ان سلسلي ۾ سندس ڪاوشن جو ذڪر هن ريت آهي: جنرل سيڪريٽري پير پٿورو ٽرسٽ (1971ع کان 1996ع)، ميمبر مينارٽي ڪاميٽي حيدرآباد (1976ع کان 1980ع)، صدر سنڌ ميگهه رک ايسوسيئيشن (1972ع کان 1976ع)، ميمبر امن ڪاميٽي چمبڙ (1978ع کان 1979ع) تائين رهيا. سندس ذاتي ڪوشش سان 20 جولاءِ 1963ع ۾ چمبڙ شهر ۾ ميگهواڙ جاتيءَ جي سُڌاري، شادين ۽ ٻارس وغيره ۾ خرچ ۽ ويلا گهٽائڻ، جاتيءَ ۾ ايڪتا ۽ اتحاد لاءِ ميگهه رِک ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندائون اُن ۾ پڻ کين پنهنجي جاتيءَ ۾ سٺي موٽ ملي ۽ سماج ۾ سڌارا عمل ۾ آيا ۽ ميگهواڙ جاتيءَ کي مانُ ۽ مريادا پراپت ٿي. تنهن کانسواءِ سٽيزن ڪاميٽي چمبڙ ۾ به پاڻ ميمبر ٿي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا. سماج شيوا دوران سائين حاجي محمد يوسف ميمڻ، ۽ حاجي احمد ميمڻ (چمبڙ وارو) جن جو تمام گهڻو سهڪار رهيو. دنيا آخر فاني آهي، پاڻ 15 فيبروري 1997ع ۾ چمبڙ شهر ۾ پرلوڪ پڌاريو، ۽ سندس امر آتما وڃي پنهنجي پرماتما سان ملي. شال نَه وسرين مون، لوڪ سڀوئي وسري، مطلب اهوئي مون، جو پاڻئون پري نه ڪري. (شاهه)

رائچند راٺوڙ

(1912-12-08 کان 1968-05-31) لــڏي ويـــا ڇــڏي، ڪــري هــيـڪلائي هـــاڻ، سڄو ڀانــيان سپريــنءَ، مــلـڪ هــيءُ مـسـاڻ، جانب جُوءَ ڇڏي ويا، آئون ڪنهن جي ڪڍان ڪاڻ؟ گهوري وڃان گلـو چئي، انهن پــڊن مٿان پاڻ، جن جي سدا سُرهاڻ، اڄ ڪونهي ڪڙوا تن جو. ٿر جي خوشبودار مٽي، ڪيترائي هيرا موتي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنا آهن. علم ۽ ادب جي حوالي سان هيءُ زرخيز ۽ وسيع خطو رهيو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن 150 ڪتاب لکيا، عبدالقادر جوڻيجو، ماٺيڻو اوٺو، غلام محمد جنجهي، ولي رام ولڀ، سائينداد ساند، امر ساهڙ سميت ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيتن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. اهڙو ئي هڪ انمول هيرو شري رائچند راٺوڙ صاحب هو، جنهن تاريخ کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻائي، ان تي ڪم ڪيو. جنهن جي علم ۽ ادب جي ڪري سنڌ کي هميشه مٿس فخر رهندو. شري رائچند راٺوڙ صاحب جن تاريخ 1912-12-08 تي، شري چتون مل ميگهواڙ، ذات ٻڙهيو، ڳوٺ چيلهار، تعلقي ڇاڇرو جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو شريمتي هانسو ٻائي هو. پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول چيلهار مان حاصل ڪئي، ۽ فائينل جو امتحان پاس ڪرڻ سان کيس پرائمري ماستريءَ جي نوڪري ملي ۽ سال 1928ع ۾ ملي ۽ مين پرائمري اسڪول چيلهار ۾ ماستر مقرر ٿيو. هن 1947ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ هُن ٻه سال ٽريننگ حاصل ڪئي. پاڻ ڪجهه وقت اڳ ۾ خيال ڪيائون ته ٿر بابت جون حقيقتون هٿ ڪريان، ۽ انهيءَ ڏِس ۾، ڪوشش ڪرڻ شروع ڪيائين. ٿر ۾ اُن وقت اخبار يا لائبريري نه هئڻ ڪري، علم دوستيءَ جي ڳالهه ڪرڻ، معنيٰ رڳو ٽوڪون پلئه پونديون هيون. چوندا هئا ته تنهنجو مغز خراب ٿيو آهي، ٻيا عالم اديب مُلڪ مان مري ويا آهن، جو تون هليو آهين تاريخ لکڻ! ڪڏهن ڪڏهن دل مايوس ٿي ويندي هئس، پر دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته ضرور تاريخ لکبي، ۽ 10-12 سالن ۾ هتان هُتان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هٿ ڪري مطالعو ڪيائين ۽ مليل مواد گڏ ڪندو رهيو. ڪٿي ڪِن سگهڙن ته ڪٿي سرجُهور پير مردن کان احوال پڇي لکندو رهيو. پر نيٺ مايوس ٿي پيو. سال 1947ع ۾ جناب محمد اسماعيل عرساڻي صاحب مٺيءَ ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر ٿي آيو. سائينءَ سان ڳالهه ڪيائين ۽ ڪچو ڦڪو لکيل مواد ڏيکاريائين، صاحب مواد ڏسي خوش ٿيو ۽ ڪتاب لکي پوري ڪرڻ لاءِ همٿايو، ۽ پڻ مدد ڪرڻ جو انجام به ڪيو. 1950ع ۾ جناب مير محمد بخش خان ٽالپر صاحب سان ميرپورخاص ۾ ملاقات ٿي، لکيل مواد کيس ڏيکاريو، ڏسي خوش ٿيو ۽ پسند ڪيائين، ۽ ٻيا ڪجهه ناياب ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنائين، ۽ پڻ همٿايائون، جنهن ڪري مليل ڪتابن جي مطالعي بعد سڄو مواد نئين سر سڌاريائين. استاد رائچند راٺوڙ صاحب سنڌ جو اهو محنتي محقق ۽ تاريخ دان هو، جنهن ٿر جي تاريخ کي سهيڙي، ”تاريخ ريگستان“ جھڙو انمول ڪتاب اسان کي ڏنو. جيڪو سنڌ ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان هڪ وڏو شاهڪار ڪتاب آهي. شري رائچند راٺوڙ جي جنم وقت چيلهار، جيڪو چيلي چارڻ جي نالي سان نالو پيو، هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو. سندس پتا چتون مل هڪ مشهور پيري هو، هو پير کڻي ماڻهن جي سڃاڻپ ڪندو هو. هن پنهنجي پيري پيءُ جي ڪم مان اتساهه وٺي، ٿر سڄي جا پيرا کڻي، سڄي ٿر جي سڃاڻپ پوري دنيا ۾ ڪرائي. تتل واريءَ جھڙي علائقي ۾ ڪشالا ڪڍي، پيرن پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري، ٿر جي تاريخ جي حوالي سان صحيح معلومات گڏ ڪئي، ۽ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم ڪيو. ٿر جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ هن ٿر جي مقامي استادن جي پڻ مدد ورتي. ٿر ۾ سفري سهوليتن جي اڻهوند جي باوجود، هن ٿر جي مختلف ۽ مفيد معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي، ۽ ٿر جي ڏوراهن ڳوٺن تائين ويندو هو ــ ۽ اُتي هو ڳوٺ جي چڱن مڙسن ۽ مقامي استادن جي مدد سان، ٿر جي علم، ادب فن، تاريخ، لوڪ موسيقي، رهڻي ڪرڻي، ثقافت، ريتن رسمن، رهندڙ قبيلن، وڻن، ڀٽن، گاهه، پراڻن قصن ۽ جاگرافي ۽ سماجي حالتن مطابق مواد گڏ ڪندو رهيو. استاد رائچند پنهنجي نوڪريءَ واري عرصي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهيو. خاص ڪري مٺي، ٽنڊوجان محمد، آهوري، ڀوريلو، رائلو، جوڳي مڙهي ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺن ۾ هُن استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. سال 1946ع ۾ استاد رائچند راٺوڙ، مٺيءَ ۾ پڻ بدلي ٿي آيو ۽ مٺيءَ کانپوءِ جڏهن چيلهار بدلي ٿي آيو، تنهن وقت هن هڪ ننڍي لئبرري پڻ قائم ڪئي. مهراج ٻالچند ۽ گڻيس داس جي ننڍڙي دڪان ۾ قائم اُنهي لائبريريءَ ۾، ان وقت جا دوست محمد سومار بجير، سائين ڀانومل، ٻالچند مهراج، گڻيس داس ۽ ٻيا علم دوست تاريخ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هُئا. علائقائي تاريخ جي حوالي سان ”تاريخ ريگستان“ هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ رائچند آسان ٻولي ۽ ٿر جي موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ٿر جھڙي علائقي ۾ جتي سهوليتن جي اڻهوند هجي، اُتي هڪ ماستر (استاد) ماڻهو ٿر متعلق معلومات قلمبند ڪري، ته منهنجي خيال ۾ اهو هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. استاد رائچند راٺوڙ جي تحقيقي ڪم مان، اسان پنهنجي شاهوڪار لوڪ ادب ۽ تاريخي قصن جون پاڙون کوٽي هٿ ڪري سگهون ٿا. رائچند راٺوڙ پنهنجي ڪتاب ۾ ٿر جي ثقافت، ٻولي، ادب، فن رهڻي ڪرڻي، جاگرافي ۽ سماجيات تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اهڙو ٿر جي تاريخ تي ٻئي ڪنهن اديب يا محقق ناهي لکيو. رائچند راٺوڙ پنهنجي ڏات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو، جنهن جو تحقيقي ڪم تاريخ ۾ پنهنجي اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙي شاهه ڪار ڪتاب لکڻ تي رائچند راٺوڙ کي انهي وقت پي. ايڇ. ڊي. ڊگري ملڻ گهرجي ها. سندس ذاتي زندگيءَ جو ذڪر ڪندس ته سائين رائچند راٺوڙ صاحب ٻه شاديون ڪيون هيون، پهرين شادي شريمتي لڇمي ٻائي، ڌي امرو مل، ذات ڪتيرو، ويٺل ڳوٺ نهٽو سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٻه نياڻيون هڪ ساوتري ٻائي ۽ ٻي چندران ٻائي ۽ 4 پٽ 1. جوهر لال، جو مختيارڪار هو (فوتي) 2. پرتابراءِ آڊٽ آفيسر (فوتي) 3 پرڀو لال ”ناشاد“، بعد ۾ شيخ نفيس ”ناشاد“ سڏجي ٿو (زنده)، جو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ 4 ساجن داس (فوتي) ــ سندس پهرين گهر واريءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، وري ٻئي شادي شريمتي چاندي ٻائي، ڳوٺ حيات هاليپوٽو، تعلقه ڇاڇرو سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، پر ننڍي عمر ۾ ٻه سالن جو ٿي فوت ٿي ويو. ٿر جي تاريخن بابت ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو، ته سال 1804ع ۾ ڪپتان اسٽينلي نيپئر ريڪس ڪڇ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو، جنهن سڀ کان پهرين انهي وقت جي حالتن مطابق تاريخ Memoir on Thurr and Parkar Districts at Sindh لکي، جا 1859ع ۾ بمبئي سرڪار طرفان شايع ٿي. پوءِ سال 1924ع ۾ مسٽر ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ٿر بابت هڪ ننڍو ڪتاب، ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ لکي ڇپائي پڌرو ڪيو. سال 1934ع ۾ مسٽر تيج سنگهه سولنڪي تپيدار هڪ ڪتاب ”امرڪوٽ جو اتهاس“ لکيو ۽ پوءِ منگهارام اوجها به ”پراڻو پارڪر“ لکيو. انهن سڀني ليکڪن ٿر جي مختلف هنڌن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ڪتابن کي پڙهي هن سنڌ ملوڪ ڌرتيءَ بابت ڪانه ڪا پروڙ حاصل ڪري سگهجي ٿي. پر سڀ کان وڏو ڪم استاد رائچند راٺوڙ صاحب جو آهي. جنهن تاريخ ريگستان ٻن حصن ۾ لکي، نالي جي مصران چئي ڇڏي آهي. اهڙو تفصيلي احوال اڄ تائين وري نه لکيو ويو آهي. ٿر جي سمورن تاريخ نويسن جي عمارت جو بنياد به انهي هڪڙي تاريخ دان جي لکيل تاريخ تي بيٺل آهي. هيءُ ڪتاب ٿر جو مڪمل انسائيـڪـلوپـيڊيا آهـي. ميـگـهواڙ جاتيءَ جي هـن مـهـان آدرشـي انسان، تاريخ لکي ميگهواڙ جاتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. سائين رائچند راٺوڙ صاحب ڪيترائي ڊراما ۽ مضمون به لکيا هئا، جيڪي ٽماهي مهراڻ رسالي ۾ ڇپيا هئا. ان کانسواءِ ڪتاب پير پٿورو به شايع ٿيل آهي. آخر ۾ کيس ٽي. بي. جھڙو موذي مرض ٿي پيو، ۽ ڪافي علاج باوجود حالت سڌري نه سگهي، ۽ نيٺ تاريخ 31 مئي 1968ع جو وڃي پنهنجي سچي مالڪ سان مليو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ چيلهار ۾ آهي. سنڌ جي هن عظيم تاريخ دان جي قلمي پورهئي جو قدر ڪندي، سنڌ حڪومت، چيلهار جو مين پرائمري اسڪول، رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو آهي. رائچند راٺوڙ جو قلمي پورهيو اسان وٽ امانت آهي. انهيءَ جي قلمي پورهئي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ صحيح طريقو هيءُ آهي، ته انهيءَ جي اڻ ڇپيل مواد کي ڇپائي، ڪتابي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪيو وڃي.

استاد ڀانو مل

(1916-03-05 کان 2008-11-16) مدت ہوئی بچھڑے ہوئے اک شخص کو لیکن، اب تک در و دیوار پر خوشبو کا اثر ہے! ابتدا کان وٺي اڄ تائين سنڌي ادب کي جن ماڻهن سينگاريو ۽ سنواريو، وڌايو ۽ ويجهايو آهي، انهن ۾ سنڌي استادن جو تعداد سوايو آهي. اهڙي ئي هڪ امر انسان ۽ قابلِ احترام نانءَ، ڀانو مل ٻڙهيه، چيلي چارڻ جي ٻَڌايل چيلهار شهر ۾، تاريخ 1916-03-05 تي پٽيل ميگهو مل سُرتاڻيءَ جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڀاڳان ٻائي، ڌيءَ ٽمون مل پڙهيار، ڳوٺ مالڻهور ويڻه تعلقي مٺيءَ جي هئي، هُن شادي مٺي شهر مان، کيمون مل کوکر جي گهران ڪئي. سندس ڌرم پتنيءَ جو نالو چتري ٻائي هو. جنهن مان کيس اولاد ۾ ٽي نياڻيون (ٻه حيات) ۽ هڪ پُٽ آهن. پاڻ 1922ع ۾ پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي شهر جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ 1929ع ۾ فائينل پاس ڪيو انهيءَ تعصبي ۽ نفرت واري دؤر ۾ شڊيول ڪاسٽ ۽ اُتم ذاتين جا اسڪول الڳ الڳ هئا. 1929ع ۾ فائينل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1932ع ۾ سرڪاري استاد طور، پرائمري اسڪول کپرو، ضلع سانگهڙ ۾ ماهوار 15 روپيه پگهار تي مقرر ٿيا. هُن ڪجهه مهينا سرڪاري نوڪري ڪئي، پر پگهار گهٽ هئڻ ڪري سرڪاري نوڪري مجبوراً ڇڏي، ڪانگريس ۾ 1933ع ڌاري پرائمري اسڪول چارنور ۾ نوڪري ڪئي. ڪانگريس ۾ نوڪري دوران مختلف ”ميگهواڙ سجاڳ اتحاد“ قائم ڪيا. جنهن ۾ رائچند راٺوڙ، چيلهار، ماسترمورو مل داديو هاليپوٽا، ماستر کيتارام ڀوريلو، پٽيل پنهون مل گوڙيهار، ماستر هرجي مل ننگرپارڪر، مهرو مل ٻالاڻي مٺي ۽ پٽيل اميدو مل گنڍير ڪانڪيو، گڏجي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ، گندن ڪمن کان پاسو ڪرڻ، صفائي ۽ سٿرائيءَ جي رستي تي هلڻ ۽ سماجي ريتن رسمن جي ٻنڌڻ ۾ رهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو سندس نياڻين جي تعليم جي ڪاوشن جي حوالي سان، هن پنهنجي ڀيڻ لالي ٻائي کي تعليم ڏياري، جنهن فائينل جو امتحان سال 1941ع ۾ پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪري، پاڪستان جي پهرين ميگهواڙ عورت استاد جو اعزاز ماڻيو، جو هڪ تاريخ آهي. جيئن ته سال 41-1940ع دوران ڪانگريس اڳواڻ ڪرشن چند ۽ دولت رام، ڇاڇري ۾ ڪانگريسي تحريڪ هلائڻ دوران، وارڌا جيل انڊيا ۾ قيد ٿي ويا، ۽ قيد ٿيڻ کانپوءِ استاد ڀانو مل کي اپر سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو، ۽ هُن تنگ ٿي نوڪري ڇڏڻ جو سوچي، واپس سرڪار ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. اها خبر جڏهن ڪانگريسي اڳواڻن سوامي ڪرشن چند ۽ دولت رام جي ڪنن تائين پهتي، ته انهن وارڌا جيل انڊيا مان خط لکيو ته، ”هڪ سٺي ۽ محنتي ڪانگريسي استاد هئڻ جي ناتي، ڪانگريس کي نه ڇڏيو، توهان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق مقرر ڪنداسين.“ سندس مرضيءَ موجب 1941ع تي کيس پرائمري اسڪول چارنور ۾ مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ 14 آگسٽ 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو، تنهن ڪري پاڻ واپس سرڪار ۾ اچي، نبي سر ٿر ۾ استاد ۽ ٽپال ماستر طور علمي خدمتون سرانجام ڏنائون. 1949ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ ويا، جتي 1950ع ۾ S.V پاس ڪيائون. S.V پاس ڪرڻ کانپوءِ 1950ع کان 1972ع تائين مختلف اسڪولن، جھڙوڪ آهوري ڊگهڙي، جوڙوئو، مير اول شاهه (دادو) ڦانگهاريو، سورام، روهيلا ڪالوني ۽ چيلهار ۾ نوڪري ڪيائون. 1975-12-11 تي رٽائرمينٽ ڪئي ۽ کيس 10312 رپيا گريجوئٽي ملي، ۽ ماهوار پينشن 480 روپيه مقرر ٿي. هُن رٽائرمينٽ، پرائمري اسڪول چيلهار مان ورتي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ مهمان نوان ۽ سماجي ڪمن ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو، ۽ سماجي طور سوين جوڙن کي وچويي (شاديون ڪرائيندڙ) طور شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌي، هڪ وڏو رڪارڊ قائم ڪيو. تعليم جي لحاظ کان هيءُ وڏو خوشبودار گُل هو ــ هُن پنهنجي خوشبوءَ سان ٿر جي ڀٽ ڀٽ کي مهڪايو. هن ديپ، ٿر جي اوندهه دلين ۾ علم جي روشني پَرگَهٽ ڪئي. اڄ به اها روشني جُهوپي جُهوپي اندر آهي. اها جوتي امر آهي ۽ رات سهائي آهي. پاڻ 2008-11-16 تي 92 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس آخري آرام گاهه، عظيم استاد ۽ تاريخ نويس رائچند راٺوڙ ۽ سندس پيءُ پٽيل ميگهو مل جي پيرانديءَ طرف، چيلهار ۾ آهي. جوڳي پنهنجي جوءَ ويا، جُهڙ جيان نيڻ جهمن، سُخن ساميئڙن جا، هينئڙي منجهه هُرن. هتي سندس پُٽ ريجهو مل جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو هڪ بهترين استاد طور 1988ع ۾ ۽ LCO سپروائيزر طور تعليم کاتي ۾ رهيو آهي. ميگهواڙ جاتيءَ جو، يونين ڪائونسل چيلهار ۾ ناظم ٿي رهيو. انهيءَ کانسواءِ نائب پريزيڊنٽ ريگستان سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن چيلهار، ميمبر VDO واٽر سپلاءِ اسڪيم چيلهار به آهن. ريجهو مل صاحب هڪ سوشل ورڪر، سماجي ورڪر ۽ چيلهار ۾ ميگهواڙ جاتيءَ جو هڪ نيڪ مرد ۽ بهترين انسان آهي. هر فيصلي ۾ گُهرايو ويندو آهي. نوڪريءَ مان رٽائر ٿي چُڪو آهي. هيءُ به هڪ مهان اُستاد جو مهان پُٽ ۽ استاد آهي. اميد ته پنهنجي پتا جي نقشِ قدم تي هلي، قوم ۽ جاتيءَ ۾ پاڻ کي مهانُ انسان طور ثابت ڪندو.

سترام داس ڪاڳيه

(1920–11–01 کان 1999–12–11) اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا، ڳلن تا ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن، سندي سِڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي. دنيا ۾ ڪجهه هستيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زنده رهنديون آهن. هون به سماج ۾ استاد جو مان ۽ مرتبو اعليٰ ترين ۽ بلند آهي. اهڙيون ڪجهه ساروڻيون لکان ٿو، هڪ مهانُ استاد، شري سترام داس بابت، جنهن جو جنم تاريخ 1920–11–01 تي شري ڀيمراج ڪاڳيه جي گهر، ڳوٺ ڪرنور تعلقه ڇاڇرو ۾ ٿيو. ان کانپوءِ جلد سندس مائٽن لڏي اچي داديون هاليپوٽا ۾ رهائش اختيار ڪئي. پاڻ مائٽن جا اڪيلا پُٽ هئا، کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. انهي وقت اسڪول تمام ٿورا هوندا هئا. شروعاتي تعليم 1925ع ۾ هيرار ڏيٿا، تعلقه ننگرپارڪر ۾ ڪانگريسي اسڪول ۾ پڙهيو، ۽ پوءِ پرائمري اسڪول ڪانڪيو، تعلقه ڇاڇرو ۾ تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ هوشيار شاگرد هئا ته کيس سرڪار طرفان اسڪالرشپ منظور ٿي ملندي رهي، ۽ 7 درجا پاس ڪري فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. سندس پتا جو نالو ڀيمراج ڪاڳيه ۽ ماتا جو نالو نامان ٻائي هو. پاڻ شادي سال 1945-03-07 تي، شريمتي لڪشمي، ڌي بالم ڪڏيچه، ڳوٺ کينسر تعلقه ڇاڇرو مان ڪئي جنهن مان اولاد هڪ نياڻي ٿي، جا ننڍي هوندي فوت ٿي ويئي، ۽ 4 پٽ 1. تاراچند، جيڪو پرائمري ماستر هو، هن وقت حيات نه آهي، 2. ڇگن لال 6 درجا پڙهيل هو، جو 2010ع ۾ فوت ٿي ويو. 3. پرتابراءِ جو وٽرنري اسٽاڪ اسسٽنٽ جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو ۽ حال حيات آهي 4. نهچلداس، جيڪو HST جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو ۽ حال حيات آهي. هُن SV-JV ڪورس 1941ع کان 1942ع ۾، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيو، جتي سنڌ جو مهان ڏاهو انسان، سائين ابراهيم جويو سندس استادن ۾ شامل هئا. S.V/J.V جي امتحان ۾، تعليمِ نفسيات جي مضمون ۾ سترام داس سموري سنڌ جي شاگردن مان پهريون نمبر حاصل ڪيو، جنهن تي ان وقت جي انسپيڪٽر آف اسڪولس، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي تعريفي سَندَ ۽ روڪ رقم پنهنجي هٿن سان انعام طور ڏني. سال 1938ع ۾ ڳوٺ راوت سر تعلقه ڇاڇرو ۾ هڪ انگريز آفيسر آيل هو، جنهن پڇيو ته ڪو پڙهيل شاگرد آهي؟ انهيءَ تي مولوي عبدالحق، جيڪو راوت سر جو رهواسي هو، تڏهن ٻڌايو ته هڪ شاگرد سترام داس آهي، داديو هاليپوٽا جو رهواسي، جيڪو فائنل پاس آهي. اتي کيس گهرايو ويو، جو سائين سترام داس پنهنجي پتا سان گڏ راوتسر ويو، جتي کيس پرائمري ماستريءَ جو آرڊر ڏنو ويو، ۽ پهريائين اسڪول راوت سر ۾ دخل ڪار ٿيو. سائين سترام داس هڪ تمام هوشيار استاد ٿي گذريو آهي. خاص ڪري حساب ۽ گرامر جا ماهر هُئا. پاڻ 1934 کان 1980ع تائين مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪيائون. جھڙوڪ چارنور، تاج محمد شاهه سڏاڙو تعلقي ڇاڇرو، جنجهي، جتي ڪافي وقت رهيو. سائين سترام داس ڪيترن ئي سالن تائين گورنمينٽ قاضي سلطان پرائمري اسڪول، ڪنريءَ ۾ به طور نائيب هيڊ ماستر خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ سال 1980ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. اُتي جا ماڻهو تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. 1952ع ۾ گوڙيهار اسڪول ۾ رهيو، جتي شري پنهون مل سان ڪافي گڏ رهيو، ۽ ڪانگريس ۾ شامل ٿي، پنهون مل سان گڏ سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺندو رهيو. انهي وقت ڳوٺن مان ڦوڙي وغيره ڪري شاگردن جي معاشي مدد ڪندا هُئا، خاص ڪري انهي وقت ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ کي پڙهائيءَ جو خرچ، مني آرڊر ذريعي موڪليندا هئا، جو اڄ هو هڪ وڏو ڊاڪٽر آهي. سال 1952ع ۾ ٿر ۾ مڪڙن ڀينگ ڪئي. جنهن مان تمام گهڻي ڪهه پيدا ٿي جو فصل ۽ وڻن جا پن به سڀ کائي ويئي، جنهن لاءِ سرڪار شروعات کان ئي اُپاءَ ورتا. پرائمري اسڪول بند ڪري، ماسترن کي مقرر ڪيو ويو، ته مزدورن جي مدد سان چريون کوٽائي، ڪَهِه (ڦڪا) مارائڻ شروع ڪئي وئي. اٽڪل چئن هفتن ۾ سڀ ڪَهِه (مڪڙن جي ٻاچ) ناس ڪرائي ويئي. انهي ڊيوٽيءَ دوران سائين سترام داس جي ڏنل ڊيوٽيءَ کي سارهائيندي، کيس مڃتا طور وزارتِ داخلا حڪومتِ پاڪستان طرفان آفرين نامون ڏنو ويو. سال 1971ع ۾ جنگ دوران، سڀني هندوئن کي ضلع بدر ڪيو ويو. سائين سترام داس کي سن ضلع دادوءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي سندن سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي، ۽ سدائين ڪچهريون ٿينديون رهيون، ۽ انهن مان هُن ڪافي ڪجهه پرايو. هُن پنهنجي وقت ۾ هوشيار شاگرد پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏيون منزلون ۽ شهرتون ماڻيون، انهن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي، امير علي جنجهي سابق دسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، سهيل سانگي، الله داد ٻوهيو ۽ ڊاڪٽر پرڌان مشهور آهن. ڊاڪٽر پرڌان چوندو آهي ته سائين سترام داس پهرين چماٽ مون کي هئين هئي. انهيءَ مان ايڏو فيض مليو، جو آئون اڄ هن وڏي عهدي تي آهيان. سائين هڪ مهان استاد سان گڏ هڪ مهان شخصيت پڻ هو. جنهن جي آشيرواد اڄ به رنگ لائيندي ٿي اچي. دنيا فاني آهي، آخر هڪ ڏينهن هر انسان جي موڪلاڻي ٿيئي ٿي، ۽ سائين به تاريخ 1999-12-11 تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پر سندس ياد اسان جي دلين تي پڪاسو جي مصوّري وانگر پڪي، ۽ چٽي رنگ سان چٽيل آهي، جا ڪڏهن به مٽجي نه سگهندي. ڀِٽن جو روح سڏي پيو توکي، وري هيل جانم وري آءُ ٿر ڏي!

سترام داس ڪاڳيه

(1920–11–01 کان 1999–12–11) اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا، ڳلن تا ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن، سندي سِڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي. دنيا ۾ ڪجهه هستيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زنده رهنديون آهن. هون به سماج ۾ استاد جو مان ۽ مرتبو اعليٰ ترين ۽ بلند آهي. اهڙيون ڪجهه ساروڻيون لکان ٿو، هڪ مهانُ استاد، شري سترام داس بابت، جنهن جو جنم تاريخ 1920–11–01 تي شري ڀيمراج ڪاڳيه جي گهر، ڳوٺ ڪرنور تعلقه ڇاڇرو ۾ ٿيو. ان کانپوءِ جلد سندس مائٽن لڏي اچي داديون هاليپوٽا ۾ رهائش اختيار ڪئي. پاڻ مائٽن جا اڪيلا پُٽ هئا، کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. انهي وقت اسڪول تمام ٿورا هوندا هئا. شروعاتي تعليم 1925ع ۾ هيرار ڏيٿا، تعلقه ننگرپارڪر ۾ ڪانگريسي اسڪول ۾ پڙهيو، ۽ پوءِ پرائمري اسڪول ڪانڪيو، تعلقه ڇاڇرو ۾ تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ هوشيار شاگرد هئا ته کيس سرڪار طرفان اسڪالرشپ منظور ٿي ملندي رهي، ۽ 7 درجا پاس ڪري فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. سندس پتا جو نالو ڀيمراج ڪاڳيه ۽ ماتا جو نالو نامان ٻائي هو. پاڻ شادي سال 1945-03-07 تي، شريمتي لڪشمي، ڌي بالم ڪڏيچه، ڳوٺ کينسر تعلقه ڇاڇرو مان ڪئي جنهن مان اولاد هڪ نياڻي ٿي، جا ننڍي هوندي فوت ٿي ويئي، ۽ 4 پٽ 1. تاراچند، جيڪو پرائمري ماستر هو، هن وقت حيات نه آهي، 2. ڇگن لال 6 درجا پڙهيل هو، جو 2010ع ۾ فوت ٿي ويو. 3. پرتابراءِ جو وٽرنري اسٽاڪ اسسٽنٽ جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو ۽ حال حيات آهي 4. نهچلداس، جيڪو HST جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو ۽ حال حيات آهي. هُن SV-JV ڪورس 1941ع کان 1942ع ۾، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان پاس ڪيو، جتي سنڌ جو مهان ڏاهو انسان، سائين ابراهيم جويو سندس استادن ۾ شامل هئا. S.V/J.V جي امتحان ۾، تعليمِ نفسيات جي مضمون ۾ سترام داس سموري سنڌ جي شاگردن مان پهريون نمبر حاصل ڪيو، جنهن تي ان وقت جي انسپيڪٽر آف اسڪولس، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي تعريفي سَندَ ۽ روڪ رقم پنهنجي هٿن سان انعام طور ڏني. سال 1938ع ۾ ڳوٺ راوت سر تعلقه ڇاڇرو ۾ هڪ انگريز آفيسر آيل هو، جنهن پڇيو ته ڪو پڙهيل شاگرد آهي؟ انهيءَ تي مولوي عبدالحق، جيڪو راوت سر جو رهواسي هو، تڏهن ٻڌايو ته هڪ شاگرد سترام داس آهي، داديو هاليپوٽا جو رهواسي، جيڪو فائنل پاس آهي. اتي کيس گهرايو ويو، جو سائين سترام داس پنهنجي پتا سان گڏ راوتسر ويو، جتي کيس پرائمري ماستريءَ جو آرڊر ڏنو ويو، ۽ پهريائين اسڪول راوت سر ۾ دخل ڪار ٿيو. سائين سترام داس هڪ تمام هوشيار استاد ٿي گذريو آهي. خاص ڪري حساب ۽ گرامر جا ماهر هُئا. پاڻ 1934 کان 1980ع تائين مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪيائون. جھڙوڪ چارنور، تاج محمد شاهه سڏاڙو تعلقي ڇاڇرو، جنجهي، جتي ڪافي وقت رهيو. سائين سترام داس ڪيترن ئي سالن تائين گورنمينٽ قاضي سلطان پرائمري اسڪول، ڪنريءَ ۾ به طور نائيب هيڊ ماستر خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ سال 1980ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. اُتي جا ماڻهو تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. 1952ع ۾ گوڙيهار اسڪول ۾ رهيو، جتي شري پنهون مل سان ڪافي گڏ رهيو، ۽ ڪانگريس ۾ شامل ٿي، پنهون مل سان گڏ سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺندو رهيو. انهي وقت ڳوٺن مان ڦوڙي وغيره ڪري شاگردن جي معاشي مدد ڪندا هُئا، خاص ڪري انهي وقت ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ کي پڙهائيءَ جو خرچ، مني آرڊر ذريعي موڪليندا هئا، جو اڄ هو هڪ وڏو ڊاڪٽر آهي. سال 1952ع ۾ ٿر ۾ مڪڙن ڀينگ ڪئي. جنهن مان تمام گهڻي ڪهه پيدا ٿي جو فصل ۽ وڻن جا پن به سڀ کائي ويئي، جنهن لاءِ سرڪار شروعات کان ئي اُپاءَ ورتا. پرائمري اسڪول بند ڪري، ماسترن کي مقرر ڪيو ويو، ته مزدورن جي مدد سان چريون کوٽائي، ڪَهِه (ڦڪا) مارائڻ شروع ڪئي وئي. اٽڪل چئن هفتن ۾ سڀ ڪَهِه (مڪڙن جي ٻاچ) ناس ڪرائي ويئي. انهي ڊيوٽيءَ دوران سائين سترام داس جي ڏنل ڊيوٽيءَ کي سارهائيندي، کيس مڃتا طور وزارتِ داخلا حڪومتِ پاڪستان طرفان آفرين نامون ڏنو ويو. سال 1971ع ۾ جنگ دوران، سڀني هندوئن کي ضلع بدر ڪيو ويو. سائين سترام داس کي سن ضلع دادوءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي سندن سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي، ۽ سدائين ڪچهريون ٿينديون رهيون، ۽ انهن مان هُن ڪافي ڪجهه پرايو. هُن پنهنجي وقت ۾ هوشيار شاگرد پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏيون منزلون ۽ شهرتون ماڻيون، انهن ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي، امير علي جنجهي سابق دسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، سهيل سانگي، الله داد ٻوهيو ۽ ڊاڪٽر پرڌان مشهور آهن. ڊاڪٽر پرڌان چوندو آهي ته سائين سترام داس پهرين چماٽ مون کي هئين هئي. انهيءَ مان ايڏو فيض مليو، جو آئون اڄ هن وڏي عهدي تي آهيان. سائين هڪ مهان استاد سان گڏ هڪ مهان شخصيت پڻ هو. جنهن جي آشيرواد اڄ به رنگ لائيندي ٿي اچي. دنيا فاني آهي، آخر هڪ ڏينهن هر انسان جي موڪلاڻي ٿيئي ٿي، ۽ سائين به تاريخ 1999-12-11 تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. پر سندس ياد اسان جي دلين تي پڪاسو جي مصوّري وانگر پڪي، ۽ چٽي رنگ سان چٽيل آهي، جا ڪڏهن به مٽجي نه سگهندي. ڀِٽن جو روح سڏي پيو توکي، وري هيل جانم وري آءُ ٿر ڏي!

کيتارام ماستر

(1918ع کان 2010-10-30) سرڳواسي کيتارام ولد کنگهار راماڻي، سنجا ميگهواڙ جاتيءَ مان جنم جي ارتقا پائي، ڳوٺ ڀوريلي يُو. سِي. چيلهار، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ سال 1918ع ڌاري جنم ورتو. سندس والد ٽي شاديون ڪيون، 1. بنون ڌي گجو ٻڙهيه چيلهار 2. گينان ڌي کاٽائو ٻڙهيه چيلهار ۽ 3. ساهو ڌي کاٽائو ٻڙهيو. جن مان کيس جملي 10 ٻارن جو اولاد، يعني 6 پُٽ ۽ 4 نياڻيون ڄايون. وقت جي نازڪ ۽ سٺن دؤرن ۾ غريبي ۽ مسڪينيءَ سبب حالتن پٽاندر ۽ ماحول جي مد نظر، تعليم جھڙي زيور سان آراسته ٿيڻ سان هڪ پوئتي پيل ڪميونٽيءَ جي فرد واحد لاءِ ناشدني ۽ ناروا لڳو پئي، پوءِ به غُربت ۽ مسڪيني پوئتي پيل ذات جي فرد هُئڻ ناتي، هُن جي آنياءَ ۽ اَڻ برابِريءَ تي ٻڌل قوتن سامهُون، سندس سهڻ شڪتي بالاتر هُئي. اهڙين حالتن ۾ تعليم پرائڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هيو، کيتارام جي ٻالڪپڻ کان ئي ماءُ جي مرڻ بعد، سندس چاچي ڀوڄي راماڻي پرورش ڪئي، جيڪو سهندل به هيو، اُنهيءَ جي محنتن ۽ جاکوڙ سان کيتارام ڀوريلي مان سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪيو، بعد ۾ 7 سيپٽمبر 1940ع ۾ پرائمري اُستاد طور نوڪريءَ جي شروعات ڳوٺ ڦُولپري، تعلقي ننگرپارڪر مان ڪيائون. جتي 8 سال خِدمتُون سَرانجام ڏيڻ بعد، ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان ٻه سال جو ڪورس، جي. وي مڪمل ڪري، تعليم کاتي ۾ پڪِي نوڪريءَ جي ابتدا پرائمري اسڪول سيّد وڏل شاهه، تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ ڪئي. نوڪريءَ دؤران، جيڪي اسڪول ڀيٽيا، اُنهن جا نالا هيٺ دَرج ڪجن ٿا: جنجهي، تعلقو ڇاڇرو، سُجيءَ جو تڙ، ساڪريو، سيوهڻ ــ دادو، ڊينگاڻ ڀرڳڙي، اَڪليُون، رتن جو تڙ، ڪُنري ۽ ڀوريلو. سال 1971ع کان وٺي اپريل 1980ع ۾ رٽائر ٿيڻ تائين، ڀوريلي ۾ ئي نوڪري ڪيائين. سال 1962ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان پاڙي ۾ علحده پرائمري اسڪول جو سنگِ بُنياد رکيو ويو. اُنهيءَ وقت جي پڙهائي حقيقي پڙهائي هُئي. کيتارام محنتي، هوشيار، ڏاهو، اوَرچ ۽ هميشه جاکوڙي رهيو. رات ڏينهن تعليم سان لڳاءُ رهندو آيو، ايتري قدر جو اُستاد سائين ”سچل“ جنجهي وارو، فائينل جي تياري کيتارام کان ڪرائي، بعد ۾ پاس ٿيو. کيتارام رڳو اُستاد نه هيو، هن جو خاص ساٿي ۽ هم منصب مرحوم استاد محمد رحيم هو، جنهن جي ساٿ ۽ تعاون سان ڳوٺ ۾ مشاورتي ڪائونسل جو بُنياد ڌري، راڄنيتي فيصلا ۽ حل طلب مسئلن جو نبيرو ٿيندو هيو. رازن ۽ رمزن جون لُٽون هونديون هيون. وقت جا وڏا معتبر ۽ مهان ليکيا ويندا هيا. اهڙيءَ طرح کيتارام برادريءَ کان علاوه راڄ پاڙو، ڳوٺ، يو. سي. تائين راڄنيتي ۽ راڄوڻو فيصلن ۽ مسئلن کي سلجهائڻ ۾ اهم پارٽ سرانجام ڏيندا آيا. ڪڏهن به ريا، پاس خاطريءَ جي نوبت نه آئي. اِنتهائي صابرين هيا. سَهَڻ شڪتيءَ جو مادو هموار رهيو، ڪاوڙ ۽ غُصي تي عبور حاصل هيو، مهل سر پيءَ ويندا هيا. نيڪ نيتي، مخلصانه انداز ۽ پر اُپڪاري، جھڙوڪ هن جي فرضن ۾ شامل رهيا پئي. پاڻ ٻيائي، ٺڳي، دوکيبازي، بدنيتي، دغا، دوکي، حسد، ساڙ، ريس کان قطعن بالاتر رهيا. سدا، کلمُک، هنس مُک، خدمتِ خلق سان سرشار پسڻ ۾ ايندا هيا. هميشه نهٺائي نماڻائي، سادگيءَ صاف گوئي سندن شيوو رهيو. نندا ۽ چغل خورن جي سڀاءَ کان وؤن ويندا ۽ پري ڀڄنندا رهيا. اهڙن ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائي، باز رهڻ جي تلقين فرمائيندا هئا. کيتارام کي تعليم ڏيارڻ، پکيڙڻ ۽ معاشري ۽ ماحول کي تعليم سان آراسته ڪرڻ جو هَردم اونو هئڻ سببان هُن سال 1955 ۾، ڳوٺ ۾ انگلش ڪلاس کولرايو، جيڪو 5 سال هليو. ڪافي شاگردن فيض حاصل ڪيو. بعد ۾ 1971-4-28ع تي بوائز مڊل اسڪول ڀوريلو پنهنجي محنت، ڪوشش، جاکوڙ ۽ جدوجھد سان کولرايو، جيڪو اڄڪلهه هاءِ اسڪول آهي اهو به محترم کيتارام جي محنتن جو ڦل يا نتيجو سمجهو. جتان سوين بلڪ هزارين شاگرد پڙهي اڳتي ڊاڪٽر، انجنيئر، HST ۽ ڪلرڪ طور مختلف فيلڊن ۾ گهڙي، زندگيءَ جو سفر هلائي رهيا آهن. گڏوگڏ هن پنهنجي پاڙي ۾ 1 گرلس پرائمري اسڪول ۽ 2 گرلس مڊل اسڪول به کولرائي، نياڻين جي تعليم کي فروغ ڏياريو آهي. سندن عظمت کي صَدِ بار سلام آهي. کيتارام سال 1943ع ۾ شهر مٺيءَ مان شري گلو مل کوکر جي سپتري هريان (جا سابقه ڊي. اِي. او. سيڪنڊري، ميرپورخاص سائين ساجن داس چنداڻيءَ جي ڀيڻ هئي)سان شاديءَ جو ناتو نباهيو، جنهن مان کيس جملي اولاد 5 ڇوڪرا ۽ 3 نياڻيون آهن. ڇوڪرن مان 1. ليکراج رٽائرڊ هاءِ اسڪول هيڊ ماستر آهي. 2. ڊاڪٽر ميوارام ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ اسلام ڪوٽ آهي. 3 سنڀو مل HST سپروائيزر آهي. ڇوڪريون: وڏي ڇوڪريءَ جي شادي شري ڀانو مل رٽائرڊ واپڊا ملازم حيدرآباد سان ٿي، ٻئِي ڇوڪري نالي مُومل، ڊاڪٽر راڻا سِي راٺوڙ کي پرڻائي ويئي، جڏهن ته ٽئين ڇوڪريءَ سنڌ جي نامياري ترقي پسند اڳواڻ ۽ ٿرديپ نالي ڳوٺاڻي ترقيءَ جي سهڪاري رٿائن جي سرواڻ ۽ ”صدارتي تمغئه امتياز“ ماڻيندڙ، ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻيءَ سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻَڌرائي. کيتارام زندگيءَ دوران پنهنجا لاڳاپيل فرض مڪمل طرح نڀائي ڏيکاريا آهن. کين پڙهيل لکيل خاندان سان سڱاوتيون عمل ۾ آڻي، ڏاهپ ۽ چترائيءَ جو ڪردار ادا ڪري ڏيکاريو. اڄ ايشور جي ڪرپا سان پُٽ، پوٽا، پڙپوٽا، پوٽيون پڙ پوٽيون، ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون سڀ تعليم جهڙي قيمتي زيور سان آراسته آهن، جمله 60 اولاد، خاندان سان وابستگيءَ وارا اعليٰ معياري اقتدار توڙي تعليمي فرض نڀائڻ سان وابسته آهي، ۽ ڪافي سالن کان نوڪرين د‍ؤران مختلف کاتن ۾ ڪيڊروائيز مختلف عهدن تي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. انهيءَ محنت ۽ جاکوڙ جو سلو تَتِ ۽ نچوڙ، سائين کيتارام جي ڪاوش ڏانهن منسُوبِ عمل آهي. بُزرگ کيتارام سياسيءَ جوڙ توڙ جو به ماهر لکيو ويندو هيو. وقت جا وڏيرا، مير پير، فقير کانئس صلاحن ۽ مشورن بابت باز پُرسيءَ ڪندا رهندا هُيا. پاڻ هميشه هندو مسلم ايڪتا جي جذبي کي هِمٿائيندا آيا. وقت جي چند همعصر دوستن، ساٿين ۽ رفيقن سان هميشه ڪچهريون قائم رهنديون هيون. ڪن جا نالا هيٺ ڄاڻائجن ٿا: 1. ماستر سونو مل مرحوم ڀيماسر، 2. ماستر ڀانو مل چيلهار 3. ماستر ساهُو مل 4. تماچي مل 5. سترامداس 6. منگلرام سابق ڊي. اِي. او سيڪنڊري ٿرپارڪر 7. استاد محمد رحيم، 8. عبدالڪريم 9. محمد اِسحاق، 10. رائچند راٺوڙ چيلهار وغيره سميت ٻين ڪافي دوستن سان ٽهل ڦهل ۽ نزاڪت ڀريون ڪچهريون مخلصانه ماحول ۾ سرانجام پائينديون هيون. وڏا بُزرگ، کڙپيل ۽ کاهوڙي ڄاڻ رکندڙ اُستاد هيا. سرڳواسي رائچند راٺوڙ مصنف تاريخ ريگستان جي مواد سهيڙڻ، ساٿ ۽ سهپ، نڀاهڻ ۾ بزرگ کيتارام جو وڏو هٿ ۽ عمل دخل رهيو. ايتري قدر جو مرحوم رائچند راٺوڙ جي ٻي شاديءَ پڻ بزرگ کيتارام جي هٿان عمل ۾ آئي. پاڻ ۾ ”مامو ڀاڻيجو“ ناتي کي زندگيءَ جي آخري لمحن تائين نڀاهي ڏيکاريو، آخري سمي وقت جسماني ڪمزوريءَ جي عارضي ۾ مُبتلا هئڻ ڪري، صوفيانه طرز عمل طرف، درويشي انداز ۾ روحاني رمزن جا قائل رهندا پي آيا. ڪافي سال اِهو پريوجن عمل پيرا رهيو. خدا جي وحدت ڏانهن موٽڻ جا سانڀا ها پَسڻ ۾ آيا. جنين بابت آگاهي ڏيندا پئي رهيا. اهڙي نموني سان قليل عرصي اندر مختصر علالت جي لپيٽ ۾ شڪست کائي، انتقال ٽائيم دُنيا جي مايائي جنجال کي خدا حافظ چئي، مالڪ حقيقيءَ ڏانهن موٽ، مرڪڻ سان ملهائي ۽ بتاريخ 30 آڪٽوبر 2010ع تي ڇنڇر شام 5 بجي ابديءَ ديس جا وڃي دائمي واسيءَ بڻيا. ڌنيه آهي مهاشيه کيتارام، جيڪو زندگيءَ دؤران، اصول پَرست ۽ محُڪم مزاج رهيو، ذاتي جدوجهد ۽ جاکوڙ تحت هر محاذ تي پاڻ موکي، عظيم ڪارناما سرانجام ڏيئي پوين لاءِ مشعل راهه روشن ڪئي اٿس. ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾، ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيان ڌاروُن ڌار، ڪوهه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندو ڪِن کي. (شاهه)

گهمون مل گنڍير

(1925-08-04 کان 2002-03-13) اڄ پـڻ اکـڙيـن، سـڄــڻ پـنـهـنجـا ســاريـا، ڳلن تان ڳوڙهن جون، بـوندون بـس نه ڪـن، سَـنـدي سِـڪ پـريـن، لــوڪ ڏٺـــي نــه لـهـي. (شاهه) ماڻهن جو ماپو، مُلهه هر سماج ۽ شعبي ۾ مختلف هوندو آهي. اهڙي ريت ڪٿ لڳائڻ کان پهرين ماڻهوءَ جي محنت مزدوري مريادا کي ڳڻيو وڃي ٿو. زنده ۽ ساڃاهه وند قومون، پنهنجي غير معمولي ڪردارن کي اندر جي انتهائي پويتر احساسن سان ڀيٽا پيش ڪنديون آهن. هر دؤر جي سامراج لاءِ رُڪ جي ديوار بڻيل، منظرن ۽ رنگن سان سرشار ٿر علائقو، عظيم ڪردارن سان مالا مال رهيو آهي. اهڙن عظيم ۽ تعليم جي ساگر ۾ موتيءَ جھڙو ماڻهو، سائين گهمون مل گنڍير آهي، جنهن تاريخ 1925-08-04 تي هڪ غريب گهراڻي جي شخص، شري عالم چند گنڍير، ڳوٺ ڪانڪيو تعلقه ڇاڇرو ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو کيتو هو، ذات ڪڏيچه، ڳوٺ رُڙگڙ تعلقه ڇاڇرو جي هُئي. پاڻ شادي شريمتي سرنگاري، ڌي گنگو مل، ذات کيهاڙو ڳوٺ چارنور تعلقه ڇاڇرو مان ڪيائين، جنهن مان کيس اولاد ٻه نياڻيون 1. راڌا ٻائي (سرڳواسي) ۽ ٻي چندرا ٻائي جا حيات آهي. ۽ ٻه پُٽ هڪ گنيش، جو پراونشل هاءِ وي کاتي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي، ۽ ٻيو رامچند، جو 18 گريڊ جو ARD ايگريڪلچر ريسرچ آفيسر آهي. گهمون مل گنڍير پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي، ۽ فائينل جو امتحان به پاس ڪيائون. فائينل پاس ڪرڻ کانپوءِ تُرت ئي پاڻ، تاريخ 1943-12-10 تي پرائمري ماستر طور، گورنمينٽ پرائمري اسڪول قادر بخش، برانچ ويسرو ۾ مقرر ڪيو ويو. انهي وقت سندس پگهار ماهوار 20 روپيه هئي. پاڻ پنهنجي مهان پيغمبريءَ پيشي جو سفر 1945-12-10 کان 1980-12-17 تائين 37 سال، ڪيترن ئي اسڪولن ۾ جاري رکيو، ۽ تعليم جي روشني سان غريب ٻارن کي منّور ڪيائين. جنهن ۾ مکڻ سمون ڊگهڙي، ڪيتار تعلقه ڇاڇرو، اوطاق مير الله داد تعلقه ڏيپلو، پارنو تعلقه ڇاڇرو، جيڪب پور تعلقه جيمس آباد. ننگرپارڪر شهر، بنگل رند تعلقه ڇاڇرو، محمد بچل رند ڇاڇرو، کُڏي ڇاڇرو، ڪانڪيه تعلقه ڇاڇرو ۾ هيڊ ماستر، ۽ پڻ نبي سر تعلقه عمرڪوٽ ۾ نوڪري ڪيائون. پاڻ تاريخ 1980-12-17 ۾ نوڪريءَ مان رٽائر ٿيا. انهيءَ وقت کيس ماهوار پينشن 480 رپيا مقرر ٿي. سائين گهمون مل علم جا ساگر هُئا. ڏسڻ ۾ سادا سودا پر علم ۾ ڪارونجهر جبل هُئا. هو هڪ مخلص ۽ کلمک، ملڻا جُلڻا انسان هُئا. سندس دل ۾ انسان ذات لاءِ درد ساگر سمان سمايل هو، ۽ هميشه ٻين استادن کي چوندو هو ته بهترين ۽ سٺو اُستاد اُهو آهي، جيڪو اڳواٽ سهڻي نموني سبق جي تياري ڪري اچي. ڪلاس ۾ ڪرسيءَ تي ويهي پڙهائڻ بدران، بيهي پڙهائي. بورڊ تمام گهڻو استعمال ڪري ۽ ٻارن تي به نظر رکي. غافل ۽ ڌيان نه ڏيندڙ شاگردن کان سوال پڇي ۽ تاڪيد ڪري وري سمجهائي، ليڪن آسان زبان ۾ واضح ۽ چٽو هجي، جيئن ٻار آسانيءَ سان سمجهي سگهن. هو صاحب هڪ رهبر هو. پنهنجي رهبريءَ سان شاگردن ۽ استادن کي نوازيندو رهندو هو، ۽ کين مٿئين پد تائين پهچايو. سندس پڙهايل شاگرد اڄ ڪيترن ئي وڏن عهدن تي نوڪري ڪري رهيا آهن. سندس علم جو وڄايل گهنڊ اڄ به ٿر جي ڀٽن ۽ پيچرن ۾ پڙاڏو بنجي گونجي رهيو آهي، ۽ ڏنل علم جي روشني هر ڪکائين جهوپڙيءَ کي منّور ڪري رهي آهي. موت ته هڪ ڏينهن ضرور اچڻو آهي. کيس تاريخ 2002-02-13 ۾ دل جو دورو پيو، ۽ وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو. سائين گهمون مل جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو آهي پر سندس علم جي پوکيل پوک هميشه تعليم جا نوان نوان گُل پيدا ڪندي رهي ٿي، ۽ انهن گلن جي مهڪار پوري ٿر جي ڀوميءَ کي علم جي سُرهاڻ سان مهڪائيندي رهي ٿي.

استاد اجيم داس

(1929-4-17 کان 2009-11-18) ساڳئي خوشبو ڏِين، ڇڄي گُل گُلاب جا، وڃي امر ٿِين، ڪوي مرن ڪين ڪي. اُپنيشدن ۾ منش کي يڳيه به چيو ويوآهي. ”پُرشو وار يڳيه“ جين يڳيه جا ٽي وقت پرتهه، هڌيانن ۽ سنڌيا تيئن منش جِيوَن به ٽن اوسٿائن مان گذري ٿو. معنيٰ جيون يڳيه روپ ٿي ٻين جي ڀلي خاطر جاري رهندي، اُهي ٽيئي اوسٿائون جِيوَن ۾ هر هر اينديون رهنديون آهن. اُهي ٽي اوسٿائون: 1. دِڪشا جي معنيٰ ڪشٽ ڪليش سهي وڃڻ، هي ڀاونا هر ٽائيم هئڻ گهرجي. ڪوبه ڏک هجي يا سُک هجي، بُک هجي يا بيماري هجي يا تندرستي هجي خوشي هُجي، غم هجي، سمپتي هجي، وپستي هُجي شاهوڪاري هوند هجي يا اڻهوند، غريب هجي، ڪاميابي هجي يا ناڪامي هجي هر حال ۾ برابر رهڻ، مست رهڻ، اهڙي پوزيشن ۾ تپ ڪرڻو آهي. کاڌي جو بندوبست ڪونهي، پاڻيءَ جو ڪونهي، رهڻ جو هنڌ ڪونهي پر پوءِ به تپ جي ڀاونا سان گيان شڪتي پراپت ڪندو، برهم چرڻيه ڌارڻ ڪري، پنهنجي مقصد ڏانهن وڌندو رهي. ڪشٽُ، ڪليش سنڪٽن کي سهي وڃڻ اهو آهي ”دِڪشا“. 2. اُپسدا: صرف سک چين، خوشي، آنند سان کلندو، ڳائيندو پنهنجو ۽ ٻين جو ڀلو ڪندي ڪمائيندي، خرچ ڪندي، اڳتي ئي وڌي وڃڻ، پنهنجي ويچارن کي مٿي وڌائيندو، پنهنجي مقصد تي پهچڻ کي ”اُپسدا“ چئبو آهي. 3. دڪشڻا: ٻين جو ڀلو يا ڪلياڻ واسطي زندگي وقف ڪرڻ، پنهنجو وقت، مال متاع، تندرستي، آرام ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه لوڪ ڪلياڻ خاطر لڳائي ڇڏڻ، سڄي سنسار کي پنهنجو پريوار سمجهڻ. هُن جي واڌاري لاءِ محنت ڪرڻ، يتن يا اُپاءُ ڪرڻ، اهي گڻ اُن زندگيءَ ۾ آهن، جيڪا قربان زندگي آهي. اهوئي يڳيه مئه جِيوَن آهي، اُن کي دڪشڻا اوسٿا چئبو آهي. انهن ٽنهي اوسٿائن ۾ گذاريندڙ هڪ ڌرماتما منش، شري استاد اجيم داس، جنهن ڳوٺ تگوسر تعلقه ننگر پارڪر ۾ تاريخ 17 اپريل 1929ع تي، سرڳواسي جانجهڻ مل پنئار جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڌنو ٻائي ذات اوڍاڻو ڳوٺ تالسر راجستان جي هئي، پاڻ شريمتي ڪملا ڌي اگرو مل ذات کوکر ڳوٺ مهڪي جو تڙ، تعلقه ڇاڇرو مان شادي ڪيائين. جنهن مان کيس اولاد ٽي پُٽ، موڀي پُٽ موهن داس، جيڪو پوليس کاتي ۾ پهريون ميگهواڙ وائرليس آپريٽر آهي 2. انب ڪارونجهري جيڪو اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي. 3. ڊاڪٽر اڀيمن جيڪو آمريڪا ۾ سرجن آهي. هڪ پرائمري استاد ٿي ڪري هُن پنهنجي اولاد کي نوڪري سان لڳائڻ ۽ آمريڪا تائين پهچايو. هُن پنهجيون سڀ خوشيون قربان ڪري اولاد کي تعليم ڏياري مهان پد تي پهچايو جو هر ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ڪانهي. سرڳيه اجيم داس پنهنجي پتا شري جي آشيرواد سان، 11 ڪلوميٽر جي پنڌ تي ڳوٺ ڏانڀاريو جي هڪ مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ اسماعيل سنگراسي ڳوٺ مان سنڌي فائينل پاس ڪري، 17 اپريل 1948ع تي پرائمري ماستر مقرر ٿيو. اُستاد اجيم داس هڪ مثالي استاد هو. پڙهائڻ جي شوق سان گڏ اسڪول جي ڪچي عمارت تيار ڪري، ان ۾ ٻارن کي تعليم ڏيندا هئا. اهڙا اُستاد ڳولڻ سان به وِرلي ڪي ملندا. جنهن جا سڀ شاگرد پنهنجي محنت ۽ هوشيار سان پاس ٿيا هجن، ۽ انهن مان ڪيترائي شاگرد وڃي وڏن وڏن عهدن تي رسيا آهن. سرڳيه سائين اجيم داس گڍڙو چارڻ جي هڪ مهان صوفي سنت مهراج اميدرام ميگهواڙ جي سنگت ۾ اچڻ بعد روحانيت جي طرفان لڙيا. گيان، ڌيان ۽ يوڳ جي رمزن کي سمجهڻ جي کوج ۾ رهڻ لڳا. هو سدائين ساڌو سنت، درويشن ۽ عالمن جي محبت ۽ سنتن جي تلاش ۾ هوندا هُئا. شريمد ڀڳوت گيتا، ۽ ڪبير ڀڳت جي فلسفي کي گيان ويچار سان سمجهائيندا هئا، لطيف جي رسالي جو پارکو هو ۽ ڀٽائيءَ جو رسالو هميشه ساڻس گڏ هوندو هو. ڀڳوت گيتا جا نيته نيمي رهيا ۽ پاڻ مها گياني ٿي پيا. پوءِ جتي به هو ڪنهن مجلس، رهاڻ يا ست سنگ ۾ ويندا هُئا، ته ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز هوندا هُئا. ماڻهو سندس گيان ۽ پرچار کي ڏاڍي چاهه سان ٻڌندا هُئا، ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪندا هئا. سرڳيه اجيم داس حڪمت جي وڏي ڄاڻ رکندا هئا. سٺا سٺا نسخا ٺاهي مختلف بيمارين جو علاج ڪندا هئا، ۽ مختلف ڌاتو ماري، ڪُشتي ٺاهڻ جو سٺو ڏانءُ هئس. سندس شاگرد نالي گنگو مل ميگهواڙ ۽ مِها جل ميگهواڙ ڳوٺ تگوسر ۾ ثبوت طور موجود آهن، ۽ ڪڏهن به هن ڪنهن کان دوا درمل جو پئسو نه ورتو، جي ڪٿي ڪو سکيو ستابو ماڻهو زور ڀري ڪجهه ڏيندو هو، ته اُهي پئسه بروقت غريب ماڻهن ۽ معصوم ٻارڙن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. دان ڪرڻ جو انس به منجهس موجود هو. سندس ڌرم پتني ڪملا سال 1962ع ۾ ديهانت ڪري ويئي، ان بعد پاڻ ٻئي شادي ڪانه ڪئي ۽ لاڳيتو 46 سال پنهنجي اولاد کي ماءُ جي پيار ۽ پتا واري شفقت ۾ ڪابه ڪمي محسوس ٿيڻ ڪونه ڏنائين. پنهنجن ٽنهي پٽن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرايائين. سائين اجيم داس علمي ماهر هو، ڇو ته پاڻ اُستاد ٿي رهيو هو. انگريزي، هندي، سنڌي، عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ گُجراتي وغيره ٻوليون ڄاڻندو ۽ پڙهائيندو هو. ٿر جي زندگيءَ ۾ ٿر جي واريءَ وانگر ڪئين لاها چاڙها اچن ٿا، پر سائين اجيم داس پنهنجي اصولن تي ڪارونجهر جيان قائم رهيو. سائين مسڪينن کي پنهنجي هڙان وڙان ورسائيندا هُئا. هو ظالم جا ڪڏنهن به يار ڪونه بڻيا. انهي ڪري سندس زندگي سُورن سان ڀريل هئي، پر پوءِ به ڪڏهن ڪٿي به ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍيائين. برداشت ڪرڻ جي شڪتي منجهن موجود هُئي. انهي کانسواءِ پاڻ سناتن ڌرم جو پالن ڪندي، هميشه نرجلا اگيادس ورت پابنديءَ سان رکندا هُئا. پاڻي به نه پيئندا هئا يا ڪڏهن پاڻي پي روزو رکي ڇڏيندو هو. مسافري هجي ته به ورت يا روزو ڀنگ نه ڪيائين. هڪ يڪ سُڪنو منش هو. ڳوٺ تگوسر جو پهريون استاد سائين اجيم داس هو. اسڪول ڳوٺ بچل خاصخيليءَ مان سنه 1981ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ اچي ٿر وسايو. تگوسر ۾ رهندي برادريءَ کي همٿائڻ، غيرت جاڳائڻ، ٿوريون گهڻيون نوڪريون وٺي ڏيڻ، ڪن ڪن غريبن کي ڪپڙو لٽو، کاڌو خوراڪ، پکين کي روزانه داڻا ڏيڻ سندس اهم ڪرتو هو. اَسر ويلي اُٿي اشنان ڪري، پرڻايام ڪرڻ، يوڳ آسڻ ڪرڻ، من جي سچي مالها ڦيرڻ سندس اٽوٽ اصول هوندا هُئا. آخر زندگيءَ جو سفر 80 سالن جي عمر ۾، تاريخ 2009-11-08 جي وچ واري رات 11:15 (سوا يارنهن وڳي) تي پراڻ تياگي، پنهنجو سفر پورو ڪري وڃي جوتي جوت سمايو. جان جان هُئي جيئري، تان تان ورچي نه ويٺي، وڃـــي ڀــونءِ پــيــٺــي، سـاريــنــدي کـي سڄڻين. (شاهه)

ڏيوجي مل

(01.03.1931 کان 10.04.1998) سواس سواس هرنام جپ، برٿا سواس نه کوءِ، ڪيا جانون انت ڪا، يه سواسا مت هوءِ. استاد ڏيوجي مل جهڙا عظيم انسان، يقيناً پنهنجي جنس ۾ ناياب ۽ اڪيلا هوندا آهن. انهن جو خال ڪڏهن به ڀرجڻ جو نه آهي. پنهنجي فن ۾ يڪتا، اصولن ۽ اخلاقيات جي ميدان ۾ معراج جي بلندين تائين پردان رکندڙ شخصيتن، جن جي فن ۽ عزم کي ڪڏهن به زوال نه هوندو آهي. جن جا مقصد ۽ آدرشي دائمي هوندا آهن. جن کي ڌرتيءَ جي هر ماڻهوءَ سان اڻ ميو پيار ورثي ۾ مليل هوندو آهي. اهڙوئي هڪ عظيم استاد سرڳواسي ڏيوجي مل ماستر پٽ شري مولچند ذات ڪڏيچو، ڳوٺ لوڻيهار ۾ پهرين مارچ 1931ع تي جنم ورتو، سندس ماءُ جو نالو سروپان ٻائي هو. سندس وڏا موچيڪو ڌنڌو ڪندا هئا، چمڙي مان سانداريون، ساندارا، جهاڙولا، ۽ ڪوس ٺاهڻ جا ماهر هوندا هئا. اڪثر 20، 25 ڪاريگر هڪ دڪان ۾ ويهي ڪم ڪندا هئا، جن ۾ هرجي مل، رڻمل، ميهو، مورو، نرڄو، هيرو، هنسو ۽ ٻيا شامل هئا. 1937ع ۾ جيئن ئي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول منظور ٿيو، ته پاڻ پڙهڻ شروع ڪيائون. جتي پهرين استاد الهبچايو ميمڻ ڏيپلو واسي، ۽ بعد ۾ استاد امرچند اميدو چيلهار واسي تعليم ڏني. سرڳواسي ڏيوجي مل سان گڏ گنگارام هرجي مل، لڇمڻ داس رڻمل، جڳو مل، ميهو مل ۽ سارنگرام هرو مل پڙهيا. تاريخ، اپريل 1947ع ۾ فائنل پاس ڪيو. فائنل پاس ڪري غريبيءَ سبب گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا، ۽ ڪنجهيجهي جي ڀرسان لڏي ويل هندن جي زمين تي، ڪمند جي چيچڙي تي 30 رپيا ماهوار پگهار تي ڪم ڪيو، جتي مڪئي جي ماني ۽ ڳُڙ جي ڪڪري تي ڪافي عرصو گذران ڪيو، چيٽ ۾ وري ڪڻڪ جا لابارا شروع ٿيا، ته ڏيوجي پاڻ به ڀيماسر اسٽيٽ ۾ حاجي امام بخش ولد رئيس حاجي ٻڍوخان، ۽ حاجي شادي گشڪوري جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، ۽ بعد ۾ فضل ڀنڀرو لڳ ڳوٺ نبي بخش گشڪوريءَ ۾ رهڻ لڳو، جتي هن کي رئيسن جا ٻار ٽيوشن تي پڙهائڻ جي لاءِ مليا، جن ۾ گاهي خان، محمد حسن، غلام محمد، فقير محمد، صحبت خان ۽ ٻيا شامل هئا، جيڪي کيس قاضيءَ جي نالي سان سڏيندا هئا. 5 مهينا گذرڻ بعد رئيسن جي ٻارڙن سان گڏ راضي شاهه جي درگاهه تي اچڻ ٿيو، جتي نوڪريءَ لاءِ دعا گهري، ۽ اها دعا اگهامجي وئي ۽ ٿوري عرصي اندر استاد گورڌن داس آچاريه جي معرفت، 1948ع ۾ آرڊر مليو، ۽ پهريون اسڪول ميرپورخاص لڳ ميرو خان مريءَ مليو، پاڻ 1943ع جي ڪانگريسي چونڊن بابت به پنهنجي ڊائريءَ ۾ ڪافي ذڪر ڪيو اٿن. سرڳواسي استاد ڏيوجي مل 1960ع واي ڏهاڪي ۾، نارٿ ڪالوني پرائمري اسڪول مٺيءَ جو بنياد رکيو، جنهن لاءِ پلاٽ شام داس جوشيءَ کان مفت ۾ ورتو، جتي اسڪول ٺاهڻ بعد هُن تعليمي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. ايتري قدر جو شهر جي وڏي ڳاڻيٽي ۾ ٻار سندس شاگرد رهيا، ۽ اڄ جيڪي سڌريل ماڻهن ۾ شمار ٿين ٿا. پاڻ شادي ڳوٺ آمريو مان، لالو ترڪيو جي گهران، اندازن 1957ع ۾ ڪئي، جنهن مان 3 پٽ سنتوش ڪمار، ايڇ. ايس. ٽي، کيت ڪمار وٽرنري ڊاڪٽر، اوم پرڪاش ايڇ ايس ٽي ۽ ٻه نياڻيون هنجو ٻائي ۽ ساونتري ٻائي اولاد آهي. ڏيوجي مل تعليمي سرگرمين کي جاري رکندي، 10 اپريل 1998ع ۾ ڳوٺ لوڻيهار ۾ هن فاني جھان کي الوداع چئي، آخري مالڪ جي ڌام تي پهچي ويا.

ماستر سُکرام داس ڌاراڻي

ماڻهن جو مُلهه ماپو هر سماج ۽ شعبي ۾ مختلف هوندو آهي. اهڙي ريت ڪٿ لڳائڻ کان پهرين ماڻهوءَ جي محنت مزدوري ۽ مريادا کي ڳڻيو وڃي ٿو. زنده ۽ ساڃاهه وند قومون پنهنجي غير معمولي ڪردارن کي اندر جي انتهائي پوتر احساسن سان ڀيٽا پيش ڪنديون آهن. اهڙي هڪ اَمُلهه انسان، سکرام داس ڌاراڻي پنئار، سال 1930ع ڌاري ڏيپي ميگهواڙ جي ڏيپلي شهر ۾، شري سومار مل پنئار جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو گنگا ڌي ڪيسو مل، ذات ڀڊو ويٺل ڳوٺ روهل تعلقه ڏيپلو جي هُئي. سندس پتا سومار مل هميشه پاڻ وٽ ڀلا اُٺ ڌاريندو هو، ۽ گهمائڻ جو شوقين هوندو هو. پاڻ پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏيپلو مان حاصل ڪئي، ۽ فائينل سال 1949ع ۾ پاس ڪئي ۽ کيس پرائمري ماستر طور پهريائين ڳوٺ شير واهه لانڍي لڳ ميرپورخاص ۾ مقرر ٿيو، ۽ پوءِ مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪيائين. جھڙوڪ ڊگهڙي، کاريو غلام شاهه، مٺي تعلقه کانکڻهيار رحيم علي، ڪنورل ڏيپلو تعلقو، ننائي ۽ ڏيپلو شهر ۾ نوڪري ڪيائين. پاڻ شادي سال 1956ع ۾ شريمتي گنگا ڌي گهمون مل پڙهيار، ڳوٺ مالڻهور ويڻه تعلقه مٺيءَ مان ڪيائين، جنهن مان کيس اولاد هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ آهن. 1. ڀاڳچند، جيڪو هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن ۾، ڊسٽرڪٽ مئنيجر جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. 2. چهنو مل، اهو به هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، حيدرآباد ۾ سروس ڪري رهيو آهي. 3. نهالچند، جيڪو تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال ڏيپلو ۾ ڊينٽل ٽيڪنيشن آهي. پاڻ سال 1980ع ۾ پرائمري اسڪول ڏيپلو مان رٽائر ڪيائين. پاڻ سنڌي، اردو، ڍاٽڪي ڳالهائي سگهي ٿو. راڳ ٻڌڻ جو شوقين آهي. خاص ڪري ڪبير، ميران ٻائي، گورکناٿ جا ڀڄن ٻڌندو آهي. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجو ذاتي ريزڪيءَ جو دڪان بدين بس اسٽاپ ڏيپلو تي کوليو جو ڪافي سال هلايائين ۽ عمر وڏي ٿيڻ ڪري هاڻي گهر ويٺو آهي. هن وقت سندس عمر به لڳ ڀڳ 85 سال جو آهي پر هلڻ ڦرڻ ۾ جوان لڳو پيو آهي. وچ ۾ هڪ دفعو هارٽ اٽيڪ جو جهٽڪو آيو هو، جنهن لاءِ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ويو، جنهن چيو ته وال بند آهن. هن جي باءِ پاس ڪرايو، پر هن بلڪل جواب ڏنو. ڊاڪٽر کان دوائون وٺي واپس ڏيپلو آيو ۽ رام ديو جي ڏسيل يوگا ۽ پرڻيام شروع ڪيائين، ٽن مهينن کانپوءِ جڏهن وري طبيعت ڊاڪٽر کي ڏيکاري جنهن اي. سي جي. ۽ ٻيون ٽيسٽون ڪرائي ڏٺيون ته حيران ٿي ويو، ته هن جا وال بلڪل صاف آهن، هاڻي باءِ پاس جي ضرورت ڪانهي. ڊاڪٽر پڇيو ته ٻيو ڪهڙو علاج ڪيو جو هڪدم ٺيڪ ٿي ويو آهي!؟ چيائين ته سائين ٻيو ته ڪجهه ڪونه ڪيو آهي يوگا روزانه صبح ۽ شام جو ڪندو آهيان، جنهن مان فائدو ٿيو آهي. هاڻي روزانه صبح جو سوير اُٿي يوگا ۽ پرڻيام ڪندو آهي ۽ پوءِ واڪ ڪندو آهي، بلڪل صحتمند آهي. يوگا ڪرڻ سان اڳ ۾ عينڪ سان نظر پوندي هئي هاڻي بنا عينڪ جي پڙهي لکي سگهي ٿو، ۽ ڪيترائي ماڻهو يوگا سکڻ لاءِ وٽس اچن ٿا ۽ انهن کي سيکاري ٿو ۽ لاڀ حاصل ڪن ٿا. هيءُ عمر جو وڏو ۽ شريف هجڻ ڪري، پنئار برادريءَ وارا هن جي عزت ڪندا آهن، ۽ هن جي ڳالهه کي رکندا آهن.

استاد سارنگرام

(1931ع کان 06.01.2013) سارنگ لي سارنگ نان، چاليا سامهون سارنگ ٿائي، سڏ ڌيان سارنگ نان، مُک رو سارنگ جائي. اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ به اهڙا ڀلا ڪردار موجود رهيا آهن. جن پنهنجي زندگي پنهنجي قوم جي ٻچن کي تعليم سان روشناس ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙوئي هڪ آدرشي استاد سرڳواسي سارنگرام ڳوٺ لوڻهيار تعلقو مٺيءَ ۾ پهرين اپريل 1931ع ۾ شري هرو مل ۽ شريمتي سهجان ڳنڍير جي گهر ۾ جنم ورتو. منهن تي مُرڪ سانڍي جيئندڙ هي انسان پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، ۽ انگريزي تعليم مٺيءَ مان حاصل ڪئي. ترت ئي 24 اپريل 1952ع تي پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. هن استادي پيشي جو آغاز جيمس آباد جي محمد خان شر اسڪول کان ڪيو، جتان پهرين ڊسمبر 1962ع ۾ نارٿ ڪالوني اسڪول مٺي 1968ع ۾ گوگاويري، ۽ 1969ع ۾ جعفر آباد عمرڪوٽ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، ۽ نوڪري جي آخري ڏينهن،1980- 06- 25 تي پرائمري اسڪول جوڙووَ ۾ پڙهائيندي رٽائرمينٽ جو ليٽر وصول ڪيو، رٽائرمينٽ جي دؤر ۾، ماروي گرامر اسڪول مٺيءَ ۾ تعليمي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. پنهنجي خرچ تي غريب ٻارڙن کي پڙهائيندڙ، مال چاريندڙ ٻارن کي زبردستي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندڙ، هن عظيم استاد هزارين پڙهيا لکيا نوجوان پيدا ڪيا، جن ۾ ڪيئي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ استاد پيشي سان لاڳاپيل آهن. سرڳواسي پاڻ اسڪول ۾ ٻارڙن کي شيءِ به وٺي ڏيندا هئا، جيئن وڌ ۾ وڌ ٻار اسڪول اچن، ۽ پڙهن. سارنگرام ڪافي ڪتاب پڙهيا ۽ شاعري پڻ ڪئي. 1967ع ۾ پاڻ مارئيءَ جي ميلي تي سنبريا ته اوچتو سندس چاچي ٻيجل جي وفات ٿي وئي، جنهن ڪري وڃي نه سگهيا، پر مارئيءَ جي محبت دل ۾ ايتري ته وسيع هئي، جو ان وقت هيٺ ڏنل لفظن ۾ ڀيٽا ڏنائين: اول ساراهيان سچو ڌڻي، جوڙيو جنهن جهان، قادر پنهنجي قدرت سان ڪيو اشرف المخلوق انسان، هڪڙا مرد، ٻيون ناريون، جن وڌايو ملڪي مان، ”سارنگ“ شاهي شان، جي قلبون قربان ٿيا. سـڻـو ســڻــو سـڀ سـڄـڻـو سـاري سـڻـايـان سـچ، جنهن ۾ ذري جيترو ڪوڙ نه سمجهو ڪچ، ڄائي مارئي ملـيـر ۾، جنهن کي ڏينهن ٿيا ڳچ، ٻـريـو مـلـوڪـت مـچ، ڀـونءِ سـنـدي ڀـالــوا ۾. هُن شاهه ڀٽائي صاحب جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ تي ٻڌل ڊڪشنري پڻ لکي، جنهن کي سندس اولاد ڪتابي شڪل ڏيئي ڇپرائڻ چاهي ٿو، جنهن جو ڪم به سندس پٽ جواهر لال پنهنجي سر تي کنيو آهي. سائين سارنگ رام 6 جنوري 2013ع تي مٺي شهر جي ڌرماڻي ڪالونيءَ ۾ واقع سندس گهر ۾، دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جي يادگار بُڪ ۾ ڳوٺ جي نيڪ مرد محمد صديق نهڙيو لکيو آهي ته، هڪ اهڙو آدرشي استاد، جيڪو رٽائر ٿيڻ باوجود اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڙهائيندي نظر آيو، ان بابت استاد ميوارام جوڙوو واسيءَ جا خيال آهن: ڪڻو منجهه ڪڻين، پوکيندي پوڻو نه ٿئي، ڏنــو ڪـنـو نـه ٿــئــي، ويــتــر ٿــئــي گهــڻــو، سمـائجـي سـنـگ ٿـيـو، پـوکـيـل هـڪ ڪــڻـو، سنت، سخي، سار ۽ چڻو، جئين ڀيلائين تئين ڀلو ٿئي.

استاد سارنگرام

(1931ع کان 06.01.2013) سارنگ لي سارنگ نان، چاليا سامهون سارنگ ٿائي، سڏ ڌيان سارنگ نان، مُک رو سارنگ جائي. اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ به اهڙا ڀلا ڪردار موجود رهيا آهن. جن پنهنجي زندگي پنهنجي قوم جي ٻچن کي تعليم سان روشناس ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙوئي هڪ آدرشي استاد سرڳواسي سارنگرام ڳوٺ لوڻهيار تعلقو مٺيءَ ۾ پهرين اپريل 1931ع ۾ شري هرو مل ۽ شريمتي سهجان ڳنڍير جي گهر ۾ جنم ورتو. منهن تي مُرڪ سانڍي جيئندڙ هي انسان پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، ۽ انگريزي تعليم مٺيءَ مان حاصل ڪئي. ترت ئي 24 اپريل 1952ع تي پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. هن استادي پيشي جو آغاز جيمس آباد جي محمد خان شر اسڪول کان ڪيو، جتان پهرين ڊسمبر 1962ع ۾ نارٿ ڪالوني اسڪول مٺي 1968ع ۾ گوگاويري، ۽ 1969ع ۾ جعفر آباد عمرڪوٽ ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، ۽ نوڪري جي آخري ڏينهن،1980- 06- 25 تي پرائمري اسڪول جوڙووَ ۾ پڙهائيندي رٽائرمينٽ جو ليٽر وصول ڪيو، رٽائرمينٽ جي دؤر ۾، ماروي گرامر اسڪول مٺيءَ ۾ تعليمي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. پنهنجي خرچ تي غريب ٻارڙن کي پڙهائيندڙ، مال چاريندڙ ٻارن کي زبردستي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندڙ، هن عظيم استاد هزارين پڙهيا لکيا نوجوان پيدا ڪيا، جن ۾ ڪيئي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ استاد پيشي سان لاڳاپيل آهن. سرڳواسي پاڻ اسڪول ۾ ٻارڙن کي شيءِ به وٺي ڏيندا هئا، جيئن وڌ ۾ وڌ ٻار اسڪول اچن، ۽ پڙهن. سارنگرام ڪافي ڪتاب پڙهيا ۽ شاعري پڻ ڪئي. 1967ع ۾ پاڻ مارئيءَ جي ميلي تي سنبريا ته اوچتو سندس چاچي ٻيجل جي وفات ٿي وئي، جنهن ڪري وڃي نه سگهيا، پر مارئيءَ جي محبت دل ۾ ايتري ته وسيع هئي، جو ان وقت هيٺ ڏنل لفظن ۾ ڀيٽا ڏنائين: اول ساراهيان سچو ڌڻي، جوڙيو جنهن جهان، قادر پنهنجي قدرت سان ڪيو اشرف المخلوق انسان، هڪڙا مرد، ٻيون ناريون، جن وڌايو ملڪي مان، ”سارنگ“ شاهي شان، جي قلبون قربان ٿيا. سـڻـو ســڻــو سـڀ سـڄـڻـو سـاري سـڻـايـان سـچ، جنهن ۾ ذري جيترو ڪوڙ نه سمجهو ڪچ، ڄائي مارئي ملـيـر ۾، جنهن کي ڏينهن ٿيا ڳچ، ٻـريـو مـلـوڪـت مـچ، ڀـونءِ سـنـدي ڀـالــوا ۾. هُن شاهه ڀٽائي صاحب جي رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ تي ٻڌل ڊڪشنري پڻ لکي، جنهن کي سندس اولاد ڪتابي شڪل ڏيئي ڇپرائڻ چاهي ٿو، جنهن جو ڪم به سندس پٽ جواهر لال پنهنجي سر تي کنيو آهي. سائين سارنگ رام 6 جنوري 2013ع تي مٺي شهر جي ڌرماڻي ڪالونيءَ ۾ واقع سندس گهر ۾، دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جي يادگار بُڪ ۾ ڳوٺ جي نيڪ مرد محمد صديق نهڙيو لکيو آهي ته، هڪ اهڙو آدرشي استاد، جيڪو رٽائر ٿيڻ باوجود اسڪول ۾ ٻارڙن کي پڙهائيندي نظر آيو، ان بابت استاد ميوارام جوڙوو واسيءَ جا خيال آهن: ڪڻو منجهه ڪڻين، پوکيندي پوڻو نه ٿئي، ڏنــو ڪـنـو نـه ٿــئــي، ويــتــر ٿــئــي گهــڻــو، سمـائجـي سـنـگ ٿـيـو، پـوکـيـل هـڪ ڪــڻـو، سنت، سخي، سار ۽ چڻو، جئين ڀيلائين تئين ڀلو ٿئي.

استاد ڪرشن لعل

(1936ع کان 2001-9-6ع تائين) ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو، وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئرن جو. پارڪر جي سرزمين جي پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ، ۽ نرالي تاريخي حيثيت رهي آهي. جنهن اهڙن ته انمول موتين کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنو، جن نه صرف ٿر ۽ سنڌ لاءِ پنهنجو ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو، پر پوري دنيا ۾ پارڪر جي پويتر ڀوميءَ جو ڳاٽ اونچو ڪيو. جن ۾ مارئيءَ کان روپلي ڪولهي تائين ۽ مسڪين جھان خان کوسي کان وٺي ننگر جي مکي نهالچند ۽ وجئه ڪور ٻائي تائين هڪ ڊگهي لسٽ شامل آهي. اهڙي ئي هڪ ڪامل انسان جو جنم ڪارونجهر جي گود ۾، سال 1936ع ۾ شري ڏجارام ذات لڳھڙا جي گهر ٿيو. پاڻ ٻه ڀاءُ هڪ ڪرشن لعل ۽ ٻيو روپسي ۽ هڪ ڀيڻ ڀانو ٻائي آهي. سندس ماتا جو نالو ٻاجهو ذات گجر، ڳوٺ ٻورلو تعلقه ننگرپارڪر جي هئي. سندس والد گجراتي، هندي ۽ سنڌي پڙهيل هو، ۽ وڻڪر ۽ رازڪو ڪم ڪندو هو. سندس پتا ننڍپڻ ۾ فوت ٿي ويو، تنهن ڪري گهر جو سڄو بار سندس ماتا جي سِر تي آيو. جنهن محنت ۽ مزدوري ڪري پنهنجي پُٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، ۽ هن پرائمري تعليم ننگر پارڪر مان حاصل ڪئي. پوءِ انگريزيءَ لاءِ مٺي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جو ننگرپارڪر مان 150 ڪلوميٽر پنڌ ڪري، تڪليف سان تعليم ورتي ۽ پوءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي مان ميٽرڪ سال 1956ع مان پاس ڪئي، ۽ سندس ڊرائينگ جي سند تي لوڪل بورڊ گورنمينٽ طرفان جونيئر اسڪول ٽيچر جو آرڊر مليو، ۽ ڀٽ ڀائٽي تعلقه کپرو ۾ رهيو. سال 1962ع ۾ لوڪل بورڊ وارن سندس نوڪري ختم ڪئي، ته هڪدم جي. ايس. ٽي. جو آرڊر مليو ۽ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ، جتان پوءِ ٽنڊو جان محمد ۽ هٿونگو بدلي ٿيو. کيس سندس ڀاءُ روپي جو سهارو هو، اهو به سال 1965ع ۾ موڪلائي ويو، جنهن جو کيس تمام گهڻو صدمو رسيو، جو برداشت ڪرڻ کان ٻاهر هو. ڪرشن لعل پهرين شادي ڳوٺ کارسر تعلقه ننگر پارڪر مان، هرجي مل جي نياڻي تاجو ٻائيءَ سان ڪئي جا ذات جي ڪڏيچي هئي، ۽ ڊليوريءَ دوران فوت ٿي ويئي. وري ٻي شادي ڳوٺ سوراچند مان، پريما رام واڍا نجار جي سُپتري ڌنو ٻائيءَ سان ٿي، جا هڪ پتي ورتا استري ثابت ٿي ۽ وڏي ڀاڳوان هئي جنهن کيس هڪ ڌي ۽ 8 پُٽن جو اولاد ڏنو. 1. رميش HST 2. پرڪاش HST 3. اشوڪ ASI 4. واشديو انٽرپاس ذاتي ڪاروبار 5. منسک BA ذاتي ڪاروبار 6. سريش پوليس SRP حيدرآباد 7. ڪيلاش آرمي EME ڪور ڪراچي، ۽ 8 جئه رام پوليس SPA ڪراچي حال سندس نياڻي لڇمي ٻائي جيڪا سُکپور ۾ پرڻايل آهي جو خوش گهراڻي ۾ آهي. سندس ڌرم پتنيءَ جي شيوا ۾ مهمان نواز پتي ورتا ناري زندگيءَ جي سفر ۾ شامل ٿي. سائينءَ کي سنڌي، انگريزي، فارسي، گجراتي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين تي عبور حاصل هو. اسڪول ۾ سبجيڪٽ ۾ حساب، الجبرا ۽ تاريخ ۾ قابل استاد ليکيا ويندا هئا. 1986ع کان 1993ع تائين هُن سنڌ جي اٽڪل 22 مڊل ۽ هاءِ اسڪولن ۾ نوڪري ڪئي. جنهن ۾ ڀٽ ڀائيٽي، ننگرپارڪر، ٺٽو، ڪنري، ڏانو ڌانڌل، ٽنڊو جان محمد، رسول آباد، جهڏو، ڪانٽيو، ديهه 170، نئوڪوٽ، کپرو وغيره شامل آهن. هُن جتي به نوڪري ڪئي، اتي سچائي ۽ ايمانداري ۽ نوڙت جا اهڙا نقش ڇڏي آيو، جو صدين تائين اتي جي ماڻهن جي دلين تي اُهي نقش، پڪي رنگ سان چٽيل رهندا. اَمُلهه انسانن جي ڪردار جي مهڪ صدين تائين محسوس ٿيندي آهي. ڪرشن لال پنهنجي جيوَن کي علم جي جوت جلائڻ ۽ جھالت جي ٻاٽ کي شڪست ڏيڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اهڙي اعليٰ معيار وارا استاد جن قومن جي ڪرمن ۾ نصيب ٿيا، اُنهن قوم جي هيرن کي پنهنجي صلاحيتن ذريعي جهومر سان جهومرائي ڇڏيو. تاريخ جي دڳن تي اُهي ديپ دُکائي ڇڏيا، جنهن کي جهالت جو جهونڪو ڪڏهن به اجهائي نه ٿو سگهي. سائين هڪ بهادر انسان هو. ڪڏهن به ڪنهن اڳيان جُهڪيو نه، ۽ ڪڏهن به اصولن تي سودو نه ڪيو. سدائين مصيبتن کي مُرڪي سويڪار ڪندو هو. سائين هڪ داني پرش هو، جو غريب شاگردن کي ڪپڙا، ڪتاب، پينون ۽ فيون پنهنجي گهران ڏيندو هو، جو ڪنهن کي خبر نه هئي ۽ هُن غريب شاگردن کي يونيورسٽين تائين مالي ساهتا ڪئي. تمام مهمان نواز هوندو هو. سائين ڪرشن لال هڪ درويش صفت انسان هو. جنهن سڄي حياتي ايڪتا، اهنسا، سچ ۽ حق جو وکر وهايو. ظاهر آهي ته اهڙا انسان ٻين ڪاڻ جئيندا آهن. پارڪر جي خطي اهڙا مڻيادار ماڻهو پئدا ڪيا، جن عمل، علم، قلم، سورهيائپ ۽ سچائيءَ جي ميدان ۾ ڀير تي ڏونڪو هنيو. پر درٻاري تاريخ نويسن، درٻارن کي سُورما ڪري پيش ڪيو آهي. پارڪر جي صدين جي تاريخ کي لڪايو آهي. روپلي ڪولهي جي سورهيائپ تي دنيا جا مظلوم ناز ڪن ٿا. پر مقامي تاريخ نويسن پنهنجي اڇوتپڻي جو مظاهرو ڪندي روپلي کي اها مڃتا نه ڏني جيڪا هو لهي. سائين ڪرشن لعل پنهنجي جيون چرتيه ڪتاب ۾ پارڪر جي پٿريلي مٽيءَ مان، انهن عظيم ڪردارن کي کوٽي ڪڍي تاريخ کي جيڪي هي ورق ڏنا آهن، ان کي پارڪر جي اصل تاريخ چيو وڃي ٿو. سرڳيه ڪرشن لال هڪ ملنسار، ماٺيڻو ۽ مريادا وارو ماڻهو هو. جنهن هميشه اهڙو وکر وهايو جو پئي پراڻو نه ٿيو. هن جنهن ڪڙم ۾ اک پٽي، اهو ڪڙم انساني اڻ برابريءَ جي اڏيءَ تي لڇندو رهيو. اهڙي ماجرا کان نفرت جي سُتي هن جي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ملي چُڪي هئي. پر هن جنم وٺي جڏهن هوش سنڀاليو ته آس پاس جي ماحول کيس گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو. ان ڪري هن جبل جهاڳڻ کي بهتر سمجهيو پر سندس ماتا جي اندر جي آس هن کي علم واري راهه جو راهي بنايو. هن جيڪو ڪجهه پڙهيو سکيو، ان کي ٻين تائين پهچايو. پيغمبري پيشي ۾ هن پنهنجي نانءُ نمايان رکيو. هر شخص کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهڻ، سٺي تعليم ڏيڻ جون هدايتون ڪندڙ هيءُ شخص سچ ته تعليم ۽ اخلاق جو ادارو لڳندو هو. اهوئي سبب هو جو ننگرپارڪر شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي رهواسين جي دلين ۾ سائين ڪرشن لال جي سون سريکي ساروڻين جا اڄ به سُر ڇڙن ٿا، ۽ سندس شخصيت لاءِ عزت ۽ احترام موجود آهي، ۽ جنهن جو سلو سندس اولاد کي نصيب ٿي رهيو آهي. هن صاحب تعليم جي پرچار ڪري سوين ذهن سنواريا، غريب شاگردن کي ودياوان ڏنو، اگهور ننڊ مان سڄاڳ ڪيو. سائين هميشه چوندو هو توهان ۾ جيتري گهڻي روشني هوندي، اوترا پروانا گهڻا مڙندا. ڪرشن لال پريم سان پڙهائڻ لکائڻ، غريبن کي ڀنڊارو کارائڻ، اعليٰ سوچ رکندڙ، پنهنجن پراون کي هڪ ڪري سمجهڻ، ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ رکڻ وارو هيءُ ڪارونجهر جو مهان پُرش ٿي گذريو آهي. اهڙي خدمت ڪندڙ هن وقت ڪو ورلي ملندو، جنهن پنهنجو اوتار سڦل ڪيو. جيئن مُشڪ ۽ کٿوري ويڙهي رکي ٿي سگهجي، ائين ڪنهن اهلِ علم ماڻهوءَ جي مهانتا به ڪنهن کان ڳجهي نه ٿي رهي. ننگر پارڪر ۾ اڳ ۾ امتحان جو سينٽر نه هو، جو هُن سال 1995ع ۾ سينٽر مقرر ڪرايو، جو اڳ ۾ اسلام ڪوٽ هو. پاڻ ڪچهريءَ ۾ هميشه ڪامريڊ لينن کان وٺي سوڀي گيانچنداڻي تائين، روپلي ڪولهي جي دليري ۽ ڄام ساقيءَ جي سختين سهڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. سائين جي تعليم جي روشني ۾ ڪيترا آفيسر ٿيا. خاص ڪري ڊاڪٽر شنڪر لال ڪاسبو، ڊاڪٽر چيتن ڪولهي ڪوئاڙا، ڊاڪٽر اورنگزيب ساند، ڊاڪٽر علي مردان کوسو سائين جا شاگرد هُئا. سائينءَ جي ڀٽ ڀائٽي اسڪول ۾ رهڻ وقت، ڪيترائي ٿر جا شاگرد اُتي وڃي پڙهندا هئا. اهو اسڪول حاجي محمد عثمان مري، هڪ فرشته نما انسان، اسڪول ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن جو خرچ، کاڌو پيتو، فيس وغيره پاڻ ڪندو هو. انهي سڄي ڪم لاءِ سائين ڪرشن لعل مقرر ڪيل هو، جنهن پنهنجي ايمانداري ۽ فراخدليءَ سان ٿري شاگردن جي مدد ڪئي، ۽ اُهي اڄ وڏين وڏين نوڪرين تي آهن. سائين به حاجي محمد عثمان مريءَ جي صحبت ۾ گهڻو ڪجهه پرايو، جنهن جو مثال سندس ڪردار آهي. پارڪر ۾ ميگهواڙ جي تنظيم جو اڳواڻ ۽ پايو وجهندڙ سائين ڪرشن لعل هو. سندس دوست، مرحوم سڳاڙچند سيجو، مرحوم استاد ڀيم سين، مئنيجر خوشحال داس، ٽيڪم داس ڪولهي، حاجي محمد عثمان مري کاهي وارو، مسڪين جھان خان کوسو، سيٺ خوشيرام، خوشحالداس، دلپراءِ، امرسنگهه قابل ذڪر آهن. سندس نالي، ”ڪارونجهر جو ڪرشن“ نالي ڪتاب به ڇپيل آهي. سائين تعليمي ماهر سان گڏوگڏ هندو ڌرم جي ڄاڻ رکندو هو. هندو ڌرم ۾ پورو پورو وشواس هو. گيتا جي، رامائڻ، ويد ۽ شاسترن جو ڄاڻو هو مذهبي ڄاڻ وسيع هئي. روزانه پرهه جو سنان ڪري گيتا پاٺ ڪندا هئا ۽ پابنديءَ سان پوڄا پاٽ ڪندا هئا. ڌرماتما ۽ غريبن جا هڏ ڏوکي هئا. سچ ۽ نيڪ نيتيءَ سان هلڻ لاءِ ڇوڪرن کي تلقين ڪندا هئا، گڏوگڏ سندن سماجي حيثيت به هئي. هندو توڙي مسلمانن ۾ عزت هئي. پاڻ ملنسار، خوش طبع، مددگار ۽ سماج سڌارڪ هئا. ميگهواڙن ۽ ريتن رسمن جي ڪافي ڄاڻ هئي. مطلب ته هڪ چندن جي وڻ مثل هئا جنهن جي خوشبوءِ پوري پارڪر ۾ ڇانئيل رهندي هئي. دنيا هڪ مسافر خانو آهي. جيڪي آيا آهن سي ضرور واپس ويندا، سائين ڪرشن لال به پنهنجي زندگيءَ جو سفر پورو ڪري، تاريخ 2001-09-06 تي پنهنجو سٿول سرير ڇڏي، سندس طائر (چيتن شڪتي) پروازڪري سرڳ پوري ۾ هليا ويا. سندس نالو امر رهجي ويو، جو صدين تائين قائم رهندو. پارڪر جي ميگهواڙ برادري ۾ وري صدين کان پوءِ ڪرشن لعل جھڙا محب پُرش پئدا ٿيندا. مڃتا طور اڳوڻي صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق پاران، ننگرپارڪر جي دوري دوران، ننگرپارڪر شهر جي مين بوائز پرائمري اسڪول جو نالو، نامياري استاد ۽ ماهر تعليم ڪرشن لعل ڊي. جيسواڻيءَ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جنهن جو نوٽيفڪيشن 1969ع ۾ گورنمينٽ آف سنڌ ايجيوڪيشن ائنڊ لٽريسي ڪراچيءَ پاران جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ سان، ننگر پارڪر جي سڄاڻ ڌرين پاران خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

تيرٿداس اُميداڻي

جب تم آئے سنسار میں، جگ ہنسا تم روئے، اب ایسی کرنی کر چلو، تم ہنسو جگ روئے۔ جيئن چنڊ، تارن، هوائن، درياهن، ۽ لهرن جو ڪوبه مذهب يا فرقو ناهي هوندو تيئن انساني سوچ بابت دل ۾ سچائيءَ رکي سوچيندڙ شخص جو به ڪو خاص گهر يا حلقو نه هوندو آهي. منهنجي آڏو به اهڙي هستي آهي جيڪا روح جي راڙي کي ٻڌندڙ ڪن رکڻ سان گڏوگڏ، انهي دلٻوڙ ڪيفيت جي علاج ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي. لطيف سائينءَ جي هِن ڌرتي پنهنجي ڪُکَ مان انيڪ املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن. جن پنهنجي فهم، علم، اخلاق، ڏات، سوچ لوچ، محبت دانائي دليري ديانت ۽ دانشمنديءَ سان هن خطي جي مفلس ۽ اٻوجهه ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ علم جي روشنيءَ سان سرشار ڪيو. اهڙوئي هڪ تعليم دان ۽ تاريخ نويس شخص، شري تيرٿداس اُميداڻي صاحب، تاريخ 22 نومبر 1946ع ۾ ڳوٺ نصير خان لغاري تعلقه چمبڙ ۾، سرڳيه شري وسنداس اُميداڻي جئپال، هڪ مهان ڪوي ۽ سنت جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ريکي ٻائي ذات پُنوار، اصل ڳوٺ باغ واهه لڳ حيدرآباد، ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد لڏي اچي مِسڻ وڏي، تعلقه ٽنڊو الهيار ۾ رهائش اختيار ڪئي. پاڻ شادي سال 1965ع ۾ شريمتي جيان ٻائي، ڌي هرچند مل، ذات ڏيار ڳوٺ ڏتو ڪالرو، تعلقه ٽنڊوالهيار سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٻه نياڻيون ۽ ٽي پُٽ آهن. 1. ڪشور ڪمار، جيڪو پرائمري ماستر آهي. 2. نندلال، جيڪو پرائيويٽ ٽيچر انگلش ميڊيم ۾ آهي. 3. گووند لال مائيننگ ڊپارٽمينٽ ۾ انجنيئرنگ پاس ڪري نوڪريءَ جي انتظار ۾ آهي. پاڻ پرائمري تعليم پرائمري گورنميٽ اسڪول نصير خان لغاريءَ مان حاصل ڪئي. انگريزي چوٿين ۽ پنجين درجي ۾ اسلاميه مڊل اسڪول مِسڻ وڏيءَ ۾ عربي سبجيڪٽ به پڙهيو، ۽ مڪمل مهارت حاصل ڪيائين. مئٽرڪ سال 1963ع ۾ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار مان پاس ڪيائين. BA سال 1968ع ۾ اولڊ ڪئمپس يونيورسٽي سنڌ مان، MA سنڌيءَ ۾ سال 1971ع ۾ يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو مان، BEd سال 1970ع ۾ اولڊ ڪئمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان، ۽ M.Ed سال 1987ع ۾ اولڊ ڪئمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان پاس ڪيائون. سندس پهرين مقرري تاريخ 1964-05-12 تي انگلش ٽيچر گورنمينٽ مڊل اسڪول مبارڪ جروار تعلقه ٽنڊو الهيار ۾ مقرر ٿي. سندس سروس جو سفر گورنمينٽ مڊل اسڪول پاڪ سنگهار، گورنميٽ مڊل اسڪول چمبڙ، گورنمينٽ مڊل اسڪول کوکر، گورنميٽ مڊل اسڪول پيارو لنڊ، گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ، سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار، گورنمينٽ هاءِ اسڪول مِسڻ وڏي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سنجر چانگ، گورنميٽ هاءِ اسڪول تاج پور، گورنمينٽ هاءِ اسڪول خير محمد جروار ۾ هيڊ ماستر ٿي رهيا، ۽ 87-6-01 کان 93-01-07 تائين سپروائيزر پرائمري اِيجوڪيشن ٽنڊوالهيار، ۽ آخر ۾ پرنسپال گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ مان 2001-11-21 تي خير خوبيءَ سان پرنسيپال جي عهدي تان رضاڪارانه طور رٽائرمينٽ ورتي. انهيءَ کانسواءِ سائين تيرٿداس اُميداڻي صاحب، ماسٽر ٽرينر ۽ ٽيوٽر طور ڪافي وقت ڪم ڪيو آهي. ٽيوٽر ٽيچنگ انگلش لينگويئج 1989ع سينٽر ٽنڊو الهيار رهيو. سال 1995ع کان 1996ع تائين ماسٽر ٽرينر آف ٽيچنگ انگلش لينگويئج ٽو پرائمري اسڪول ٽيچرس ڪرئيش پروگرام، ڪريڪيولم ايڪسٽينشن ونگ سينٽر سب ڊويزن ٽنڊو الهيار ائٽ چمبڙ، سال 1998ع کان 1999ع پي. ٽي. سي ٽريننگ ڪورس پروگرام، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪسٽينشن ونگ حيدرآباد طرفان سينٽر ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊو الهيار، 1997ع کان 1998ع تائين B.Ed ٽرنينگ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ائٽ ٽنڊو الهيار، 1995ع کان 1997ع تائين B.Ed ٽريننگ يونيورسٽي آف سنڌ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ائٽ ٽنڊو الهيار، سال 1991ع، 1992ع، 1993 1995ع ۽ 1996ع B.Ed ٽريننگ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ائٽ ٽنڊوالهيار ٿي رهيا. نصابي خدمتن طور مرڪزي نصابي ڪاميٽي محڪم تعليم، فيڊرل گورنمينٽ آف پاڪستان اسلام آباد، سبجيڪٽ اخلاقيات کي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ۽ مرتب ڪرڻ لاءِ تجويزون ۽ مشورا ڏيڻ، ته جيئن انهن جي روشني ۾ اخلاقيات جو ڪتاب غير مسلم شاگردن لاءِ ڪلاس 1 کان 9 لاءِ تصنيف ڪيو وڃي. پاڻ گورنمينٽ مڊل ۽ هاءِ اسڪولن ۾ عربي سبجيڪٽ 15-16 سالن تائين پڙهايائين. سائين تيرٿداس اُميداڻي صاحب سال 1971ع کان اڄ تائين ادبي کيتر سان واڳيل رهيو آهي. پاڻ هڪ ڪهاڻيڪار آهي ۽ علمي ادبي مضمون، تاريخ، تحقيق ۽ ترجمو ڪرڻ جي صفت به منجهن آهي. سندس پهريون پُستڪ ”رنگ مالا“ جيڪو هُن اپريل 1972ع ۾ لکيو هو، جيڪو سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙيءَ طرفان جولاءِ 1973ع ۾ شايع ڪيو ويو. انهي کانسوءِ سندس شايع ٿيل ڪتاب شُڀ تهوار، گيان پرڪاش، ايشور اُپاسنا، آتم درشن، ديوالي پوجن ۽، شري ڀڳوان جا 108 نالا، ويد اپديش، سورنهن سنسڪار ۽ آنند ساگر شايع ڪرايا، جيڪي سناتن ڌرم لاءِ بي بها ڀيٽائون آهن. انهيءَ کانسواءِ هندي ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ۽ شايع ٿيل ڪتاب شري راماپير، گرڙ پراڻ، سانوڻ مهاتم، گرو گورک اپديش، ڌارمڪ چلڊرينس نالا، اگيارس مهاتم ۽ تن درپن وغيره وغيره. انهي کانسواءِ سندس مشهور ڪهاڻيون ڪوئل جي پُڪار، ديوانو دوست، جي ڪُٺيون تڪبير، صندوق ۾ سمونڊ، چري، دل جي دريءَ مان پکيءَ جو پرواز، اڪبر بادشاهه ۽ بيربل جا گفتا، سڏونت سارنگا ۽ ڏمڻ سونارو جيڪي روزنامه عبرت ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. انهي کانسواءِ ڪيترن ئي ناولن جا ترجما ڪيا اٿس، آفريڪن ناول ٿنگس فال اپارٽ (Things Fall Apart) جو سلوڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل، جيڪو ”سرواڻ“ اخبار حيدرآباد ۾ ”وکريل شيون“ جي عنوان سان قسط وار شايع ٿيل. ”طوطو مينا“ اصل هنديءَ ۾ لکيل جو سليس سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل، ”تن درپن پرڪاش“ مهان جوڳي تپشوي ۽ ڪوي شري شيواناٿ سواميءَ جي ڀڄن رچنا جو هندي ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل. روزانه ”سنڌو“ اخبار حيدرآباد ۾ ”سوچ ۽ لوچ“ ڪالم شايع ٿيل آهي. سائين تيرٿداس اُميداڻي صاحب مسلسل تهوارن ۽ ڌرم جي باري ۾ ڄاڻ ۽ اوتارن جي جِيوَن چرتر، جنم ڏڻن جي موقعي تي اخبارن ۽ رسالن ۾ خصوصي مضمون ڇپائي شايع ڪرائيندو رهيو آهي. جھڙوڪ تهوار هولي، ديوالي، جنم اسٽمي، شِو راتڙي، رامائڻ فلاسافي ۽ ڀگوت گيتا اُپديش ۽ جنم ڏينهن تي شري ڪرشن ڀڳوان، شري شو مهاديو، شري پير پٿورو صاحب، شري راماپير صاحب، شري اڏيرو لال سائين ۽ شري گرونانڪ صاحب، ۽ انهيءَ کانسواءِ ڀٽائي صاحب جي رسالي مان صوفي اِزم تي مختلف سُرن جا آرٽيڪل به لکيا، سُر سامونڊي، سُر رپ، سر ڪاموڏ، سُر مارئي، سُر ڪلياڻ، سُر کاهوڙي، سُر آسا، سُر پرڀاتي، سُر ڏهر، سُر پورب، سُر سورٺ، سُر گهاتو، سُر سارنگ ۽ ٻيا جيڪي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. هن وقت سائين تيرٿداس اميداڻي رگ ويد هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي ۽ تارا ترا مَٺَ، شڪتي ساگر، سنسار ساگر ۽ ويد واڻيءَ جهڙا انمول ڌرمي پستڪ جلد شايع ٿيڻ وارا آهن. اهڙي ڄاڻ اسان عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۽ پرچار جي انمول سلسلي کي قائم رکيو اچڻ قابلِ داد آهي. سناتن ڌرم جي گيان پرڪاش ڪرڻ ۽ ”ميگهه ونس اتهاس“ تحقيقي ڪتاب، جيڪو سال 2005ع ۾ ڇپيو هو، اُهو ايڪويهين صدي، سائنس ۽ ڪمپيوٽر جي دؤر ۾ هڪ پُستڪ نه پر هڪ قومي تاريخ آهي. جنهن کي شري تيرٿداس اُميداڻي صاحب پنهنجي اعليٰ صلاحيتن ۽ محبت جي جذبي سان سرشار ٿي عملي جامون پهرايو. سماج جي اُڻاين کي انسانيت جي اهميت ۽ اُڏام لاءِ پنهنجي قلمي سوچ سان جاڳرتا ڏني. سندس ڪاوشن ۾ حقيقي رشي، منيءَ جي واسنا اچي ٿي. ”ميگهه ونس اتهاس“ ۾ ليکڪ ڌارمڪ رهڻي ڪرڻي ۽ وشواس، آريه سماج کان شاسترن ۽ ويدن جا متا کولي بيان ڪيا آهن، ۽ گيان ڏنو آهي، ته جيئن جاگرتا جي ساڌنا جلد اوچائي کي ڇُهي سگهي. سائين تيرٿداس اُميداڻي صاحب، شري رائچند راٺوڙ صاحب کانپوءِ ٻي اهم شخصيت آهي، جنهن تاريخ جي موضوع تي قلم کنيو آهي. شري رائچند راٺوڙ صاحب تاريخ ريگستان (ٻه جلد) لکي ٿر ۽ پارڪر جو تاريخي پس منظر ويدن کان وٺي جديد دؤر تائين اُجاگر ڪيو. پر شري تيرٿداس اُميداڻي صاحب ”ميگهه ونس اتهاس“ هڪ تحقيقي تاريخي ڪتاب لکي نه رڳو ميگهواڙ جاتيءَ مان ادنائپ ۽ احساس ڪمترِيءَ ختم ڪيو آهي، پر کين اُن مقام تي پهچايو آهي، جو هن جاتي جا نوجوان، استاد، ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر ۽ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اڳتي آيا آهن. هيءُ طبقو لطيف جي تعليمات جو پوئلڳ بڻجي چُڪو آهي. جنهن ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته: ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لهي.“ سائين تيرٿداس اميداڻي شروعات کان وٺي اڄ تائين هڪ سماج سڌارڪ انسان ٿي رهيو آهي، ۽ اڃا تائين سماجي ڪمن سان لاڳاپيل آهي. پاڻ آل پاڪستان غوثيه جماعت (ملتان) شريف سرڪل چمبڙ جو جنرل سيڪريٽري ۽ آڊيٽر ٿي رهيو آهي. صدر ميگهه رِک ايجيوڪيشن ايسوسيئيشن چمبڙ، چيئرمين آئيني ڪاميٽي سنڌ ميگهه رِک ايسوسيئيشن چمبڙ، خزانچي گسٽا گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسيئيشن يونٽ گورنمينٽ مڊل اسڪول پاڪ سنگهار، جنرل سيڪريٽري بزم لطيف يونٽ گورنمينٽ مڊل اسڪول پاڪ سنگهار تعلقه ٽنڊو الهيار، ميمبر سنڌي ادبي سنگت چمبڙ، چيئرمن ڪو ڪريڪيولر ڪاميٽي، سنگيت ڪاميٽي، ڊراما ڪاميٽي، مذهبي ڪاميٽي، آف هاير سيڪنڊري اسڪول چمبڙ ضلع ٽنڊوالهيار، ۽ چيئرمين پئرينٽ ٽيچرس ايسوسيئيشن (PTA) هاءِ اسڪول تاجپور، چيئرمين پئرينٽ ٽيچر ايسوسيئيشن (PTA) هاءِ اسڪول خير محمد جروار، چيئرمين پئرينٽ ٽيچر ايسوسيئيشن (PTA) هاءِ اسڪول پاڪ سنگهار، چيئرمن اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چمبڙ، چيئرمن، آرگنائيزنگ ائينڊ مئنيجمينٽ ڪاميٽي هائر سيڪنڊري اسڪول چمبڙ ضلع ٽنڊو الهيار جا ٿي رهيا آهن. شري تيرٿداس اميداڻي صاحب جي ڪيل مهان ڪارڪردگيءَ تي کيس سال 2006ع ۾ ”ميگهه ونس اتهاس“ ڪتاب لکڻ تي مڃتا طور روحل ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي امر وير لڌارام ايوارڊ 2006ع سان نوازيو ويو. انهي کانسواءِ Best Performance Award فيلڊ آف ايجيوڪيشن ڊويزنل ايجيوڪيشن آفيسر ٽنڊو الهيار طرفان مليو. ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ ضلع ٽنڊو الهيار World Teachers Day جي موقعي تي 5 آڪٽوبر 2012ع ۾، Best Teacher Award سان نوازيو ويو. انهي کانسواءِ ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن آفيسر حيدرآباد ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي چمبڙ طرفان به Best Teacher Award سان نوازيو ويو. پاڻ پنهنجي پوري نوڪري عزت ۽ مان سان، ۽ آخر ۾ پرنسپال جي پوسٽ (BS-18) تان خير خوبيءَ سان تاريخ 2001-11-21 تي رضاڪارانه طور رٽائرمينٽ ورتائين.

سنڀو مل هميراڻي

(1948-01-05 کان 2003-08-02) هنجهن سين هيڪارَ، جي ڳُڻ ڪري نهاريين، ٻگهن سين ٻِيهارَ، ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهين. (شاهه) سنڌ جي پسمانده خطي ٿرپارڪر تي نظر وجهبي، ته انيڪ هيرا ۽ موتي داڻا ۽ مهان پُرش ذهن جي ٽچ اسڪرين تي تري ايندا. جن ۾ ”تاريخ ريگستان“ جي ليکڪ رائچند راٺوڙ کان ويندي سنڀو مل هميراڻيءَ تائين، سڳاڙچند سيجو کان ويندي مسڪين جھان خان کوسي تائين، شخصيتن جي سحر جو سلسلو اڃا گهڻو طويل آهي. سنڀو هميراڻي 5 جنوري 1948ع تي، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ همير جي ڍاڻي ۾، استاد گورڌن داس جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو هيمان گنڍير، جيڪا ڳوٺ ڪانڪيو، تعلقه ڇاڇرو جي هئي. سنڀو مل پاڻ شادي شهر مٺيءَ مان، مهرو مل کوکر جي نياڻي چندران سان ڪئي، جيڪا ڀيرو مل ٻالاڻي، سابق MPA جي ڀيڻ آهي. جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ 4 پٽ آهن. 1. ڪيلاش، پوليس ڪنسٽيبل، 2. سڀاش پوليس ڪنسٽيبل، 3. آڪاش ۽ وشال پڙهن پيا. هن وقت همير جي ڍاڻي مان لڏي مٺيءَ شهر ۾ رهن پيا. سنڀو مل 5 درجا پرائمريءَ جا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي، پوءِ ڀٽ ڀائـٽي وڃي هاير سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي، ۽ پوءِ ڪاليج جي تعليم حيدرآباد ڪاليج مان ورتي بعد ۾ ايم. اي. سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ڪيائين. لکڻ جي شروعات به شاگردي واري زماني کان ڪيائين. سنڀو مل هميراڻيءَ کي 1970ع ڌاري پرائمري ماستريءَ جي نوڪري ملي. علم ۽ ادب سان ننڍپڻ کان لڳاءُ هئس انهي ڪري انگريزي تعليم دوران، هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي جي لائيبرريءَ ۾ مطالعو ڪندو رهيو. سال 1967ع ۾ مارئيءَ جي ميلي ڀالوا ادبي ڪانفرنس ۾ هن پهريون ڀيرو مقالو پڙهيو. بعد ۾ سندس لکڻين جي معيار کي ڏسي غلام محمد لغاري هفتيوار ”سچائي“ ۽ ”بيداري“ لاءِ ضلع ٿرپارڪر جو نمائندو مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ، ايڊيٽوريل بورڊ جو صلاح ڪار مقرر ڪيس. هن ٿر جي زندگي، تهذيب ۽ ثقافت تي ليک لکيا، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا. سچائي ۽ بيداريءَ کانسواءِ ماهوار بادل، روح رهاڻ ۽ سهڻي رسالن ۾ شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپيون. ان کانسواءِ سنڀو مل هميراڻي هڪ اسٽيج ڊرامي ”عمر مارئي“ ۾ هيري جو ڪردار پڻ ادا ڪيو. هن جون لکڻيون سنڌي ٻوليءَ جي اڪثر معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون، ۽ سندس شاعري به ڇپي، شاعري به پورهيت ۽ مسڪين ماڻهن جي دردن جو داستان آهي. سنڀو مل جو هڪ ٻيو پهلو سماجي ورڪر جو آهي. 1967ع کان ئي مسڪين جهان خان کوسي جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو مليس. مسڪين جهان خان سندس پيارو دوست هو. هو ٿر جي ڪيترن ئي تنظيمن جو ميمبر ٿي رهيو هو. سنڀو مل هميراڻيءَ جيان سندن خاندان به ادبي، سياسي ۽ سماجي ۽ اعليٰ انساني شعور رکندڙ رهيو آهي. سنڀو مل جو والد گورڌنداس به هڪ سٺو استاد ۽ اڳوڻي ضلع ٿرپارڪر جي ضلع اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿي رهيو آهي. سندس چاچو پنهون هميراڻي، مهاتما گانڌيءَ جي لوڻ تحريڪ، ضلع ٿرپارڪر جو اڳواڻ هو. تحريڪ آزاديءَ ۾ حصو ورتو. ان کانسواءِ هن خاندان، مختلف شخصيتن مثلاً مسڪين جهان خان کوسي، عالم چند ڪولهي ۽ گهمن سنگهه ڀيل سان گڏجي سوامي ڪرشنانند ۽ فاطمه جناح کان مدد وٺي، هريجن اسڪول کولرايا، سنڀو مل هميراڻيءَ جي خاندان جو ڳچ حصو تعليمي پيشي سان سلهاڙيل رهيو آهي، جن ۾ استاد جالو مل، نيٻراج مل، جوڌو مل ۽ سترام داس به شامل آهن. جيڪي پنهنجي دؤر جا معتبر استاد ليکيا وڃن ٿا. سنڀو مل هميراڻي ساڃاهه وند شخصيتن جي تربيت، ۽ هم خياليءَ کي پاڻ ۾ سمائيندي ديش ڀڳتي، سماجي خدمت ۽ ادبي ساڃاهه جي سورج جو عاشق ٿي پيو. هو امن جو ديپ هو، هن پنهنجي سُهائيءَ سان روشن ٿيندڙ سماج پنهنجي اکين سان ڏٺو. سنڀو مل ڪڏهن حيدر بخش جتوئي، ته ڪڏهن غلام محمد لغاري، ته ڪڏهن سائين جي. ايم. سيد جي آشياني ۾ سدائين اڳڀرو رهيو. سنڀو مل سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان قومي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هليل تحريڪ ۾ حصو ورتو. شيخ اياز ۽ استاد بخاري جڏهن شاعريءَ وسيلي قوم کي جاڳائي رهيا هئا، تڏهن سنڀو مل به ان رُڃ ۾ ڳائيندو رهيو: ٿـر بــر ڪينجهـر ڪـارونجهر، بيت ڀٽائيءَ گونجن گهر گهر، مارو جئيندا زنده رهندا. سنڌ جي ٻن ناميارن اديب ڀائرن خاڪي ۽ تاج جويو کان وٺي، سنڌ جي ڪيترن ئي اديب، شاعرن ۽ ڪارڪنن آزمائش ۽ روپوشين جا ڏينهن سنڀو هميراڻيءَ جي گهر گوڙيهار ۾ گذاريا، جتي نه صرف انهن کي پنهنجي پناهه گاهه ملي، بلڪ فطري حُسناڪيءَ کي لفظن جي مالها ۾ پروئڻ جو موقعو به مليو. سنڌ جي مشهور شاعر راشد مورائي پنهنجو مشهور گيت (دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا! ٿورڙوئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيو) گوڙيهار جي ڀٽن تي ويهي لکيو. سنڀو مل ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ جي پروجيڪٽ لاءِ ٿرپارڪر جو سرپرست اعليٰ پڻ رهيو آهي، ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي پروجيڪٽ لاءِ باقاعده ڪم ڪيو، ۽ ڪيترو ئي مواد سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ حوالي ڪيو. سنڀو مل هميراڻي ڪيترائي تحقيقاتي مقالا لکيا، جن ۾ ”ڀٽائي، ٿر جي جاگرافيءَ جو ماهر“، ٿر جا استاد، تعليمي نظام، ميگهواڙن جا لوڪ گيت، ”سنڌ جي اڏاوت ۾ ميگهواڙ قبيلي جو ڪردار“ ۽ ”مارئيءَ جو ملڪ ۽ ذات“ قابلِ ذڪر آهن. سنڀو هميراڻي پ. ٽ. الف. جو سرگرم ڪارڪن ۽ عهديدار رهيو، ۽ استادن جي مسئلن جي حل لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. سنڀو هڪ آدرشي انسان هو. اياز وانگر هن اديب به ڪويتا وسيلي اسان کي الوداع ڪئي: وري مينهن وٺا، ساوا گاهه ڦُٽا، منهنجا پنڌ کُٽا، او منهنجا ساٿيئـڙا! ڇپر ۽ ڇانوري جھڙو شخص، قافلي جو روح روان، اسان کان موت جدا ڪري ويو. هن جي جدائيءَ سان اسان جي حياتي جي حوصلي جا پَل وِکري ويا ۽ روشنيءَ جو باب اڌ ۾ رُڪجي ويو. نوجوان شاعر حاجي ساند جي لفظن ۾ ”هر شخص ڀي ته ڇاهيو!؟“ صوفي هيو سامي هيو، تنبوري جي تنوار هيو، مُرليءَ جي لهر هيو، ڪبير جي ڪوتا جي خوشبو هيو، موهن جي دڙي جي دانهن هيو، ديبل جي دڙي جو عڪس هيو، آروڙ جي آهه هيو، پاري ننگر جو پرين هيو، گڍامراڻي (عمرڪوٽ) جي خودمختياريءَ جو ساکي هيو، هو شخص ڀي ته ڇا هيو. اهو شخص سنڀو هميراڻي هيو، آخر دنيا فاني آهي. تاريخ 2 جولاءِ 2003ع تي پساهه پورا ڪيائين، ۽ اسان کان هميشه وڇڙي ويو. سندس آخري سفر دوران وڏڦڙو وسي پيو، لڙڪن ۽ پلر جي پلوٽ سان کيس وهنجاريندي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٿر جي لوڪن ۾ روايت آهي ته ڪنهن جي آخري سفر دوران مينهن وسي، ته معنيٰ آسمان روئي پيو آهي. تاج جويي جي چواڻي: سنڀو هڪ هيو، سنڀو ٿيندو ڪين ٻيو، آءُ ڍاڻي همير جي، گڏجي مون سان رو، منهجو ساجن تو، لڪايو ڪيئن لوڪ کان!؟

ننگارام بي. آسناڻي

(1923ع کان 2000ع) گهـوڙن ۽ گهـوٽـن، جيـئــڻ ٿـورا ڏيـنـهـڙا، ڪڏهين منجهه ڪوٽن، ڪڏهين راهي رِڻ جا. ٿر جي ميگهه ونس، مشهور استاد ننگارام جن جو جنم سال، 1923ع ڌاري ڳوٺ جوگي مڙهي، تعلقه مٺي ضلع ٿرپارڪر ۾ ڀارو مل ڪاگيه جي گهر ٿيو. سندس ماتا جو نالو شريمتي راجُو ٻائي، ڌي ڏيبو پنهون، جيڪا ڳوٺ ڪڙڪاسر، تعلقي ڏيپلي جي هئي. هُن ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين شادي سال 1942ع ۾ ڳوٺ غالب جو تـڙ، تعلقه مٺيءَ مان سُرجڻ پنئار جي ڌي، شريمتي ڪيسر ٻائيءَ سان ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پُٽ ٿيا پهريون پُٽ پنجن مهينن جي عمر ۾ گذاري ويو، ۽ ٻيو پُٽ 1945ع ۾ ڄائو جنهن جو نالو هريش چندر هو، جو پنجون درجو پڙهندو هو ته اوچتو بيمار ٿي پيو، علاج لاءِ L.M.C حيدرآباد داخل ڪرايو ويو، جتي آپريشن ٿيو، پر بچي نه سگهيو ۽ سال 54-1953ع ڌاري فوت ٿي ويو. اولاد نه هئڻ ڪري ننگارام سال 1977ع ۾ ڳوٺ ويڙهار، تعلقه ڏيپلو مان امرو مل ذات ڳورڙيو جي ڌي شريمتي سُکان سان ٻي شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڌي مُئل ڄائي، تنهن کانپوءِ اولاد ڪونه ٿيو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ۽ فائينل سال 1940ع ۾ چٽاڀيٽيءَ ۾ استاد جي چوڻ موجب ڏنائين، جنهن ۾ هُن پهريون نمبر کنيو ۽ مقابلي ۾ ارباب نُور محمد راهمون، جنهن ٽيون نمبر کنيو. اهو امتحان تعلقه مٺيءَ جو نمبر کڻڻ لاءِ زوري تياري ڪرائي ويئي. مئٽرڪ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان، سال 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان پهرين نمبر سان پاس ڪئي. سندس نالو اڄ به هاءِ اسڪول مٺيءَ جي بورڊ تي درج ٿيل آهي. اهو پهريون ميگهواڙ هو، جنهن جو نالو هاءِ اسڪول جي بورڊ تي لکيو ويو. جيئن ته ننگارام کي ڪافي سارن گهرو مسئلن منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪجهه وقت بيمار رهڻ ڪري به پروموشن دير سان ٿيس. سال 1967ع ڌاري H.S.T ٿيو ۽ سال 1979ع ۾ رٽائرمينٽ ڪيائين. ڳوٺ ۾ اسڪول سندس پتا ڀارو مل آسناڻي، سال 1927ع ۾ کولرايو، پر وري بند ٿيو ۽ ٻيهر 1931ع ۾ وري کولايو. ان وقت چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڳوٺ ۾ ٻار ٿورا هئا، ۽ اسڪول جي پهرين بينچ جو ننگارام شاگرد هو. شاگرد ٿورا هئڻ ڪري سندس پتا ڀارو مل ٻين ڳوٺن مان، جيئن ڳوٺ ڪانڪيو مان ساهو مل، موٽو مل، ڳوٺ ٻساويو مان گهمون مل ۽ ڪي مسلمان شاگرد، علو ڪوٽڙيو جا وٺي اچي داخل ڪرائي، اسڪول جو ڪورم پورو ڪيو. ننگارام ڪافي وقت ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙو ڪندي، آخر پنهنجي اباڻي ڳوٺ جوڳي مڙهيءَ ۾، تاريخ 6 نومبر 2000ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس پويان سڳو ڀائيٽو ماستر پنجو مل پٽ موٽو مل، جيڪو رٽائر ماستر آهي حيات آهي. ننگارام سماجي سرگرمين جي لحاظ کان هريجن سماجي جماعت جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. هو 1987ع ۾ لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيو. جوڳي مڙهي ڳوٺ پنهنجو پڊ 1960ع ۾ منظور ڪرايو ۽ جدا پاڙو ٺاهي، اُتي کوهه تعمير ڪرايو. ڳوٺ جوڳي مڙهيءَ جو پهريون ميگهواڙ مئٽرڪ پاس ماڻهو هو. انهيءَ کانپوءِ مئٽرڪ پاس روپچند، جيڪو ننگارام جو سئوٽاڙي ڀائيٽو آهي، سو تپيدار جي نوڪريءَ تان رٽائر ٿي ناظم يونين ڪائونسل سونل ٻهه جو رهي چُڪو آهي. ڳوٺ جو نالو مڙهيءَ تان رکيل آهي، ۽ اٽڪل 200 سال آباديءَ کي ٿيا آهن. ننگارام هڪ هوشيار ماستر هو، جنهن جي سرپرستيءَ ۾ ڪيترن ئي ميگهواڙ شاگردن تعليم حاصل ڪئي، ۽ اڄ وڏن وڏن عهدن فائز آهن.

ڊاڪٽر جئمل ڌناڻي

چترڪي ايڪ گهڙي، مورک ڪا ڄمارا، چندن ڪا ايڪ ٽڪڙا، ڪاٺ ڪا پارا. ٿرپارڪر جهڙي ڏورانهين علائقي ۽ انتهائي هيڻي طبقي سان واسطو رکندڙ، ميگهواڙ ڊاڪٽر جئمل ڌناڻي پهريون فرد آهي، جيڪو ڪنهن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي عهدي تي پهتو آهي. سندس جنم تعلقي ڇاڇري جي ڏورانهين ڳوٺ، مٺڙيو چارڻ ۾ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کان اڳين سال، محترم موٽو مل ڪاڳيه جي گهر ٿيو. سندس والد پرائمري استاد طور مختلف هنڌن تي خدمتون سرانجام ڏنيون سندس ماتا جو نالو اومان، ذات ڪڏيچه ڳوٺ ڪوڀناري تعلقه ننگرپارڪر جي هئي. پاڻ شادي مشهور تعليم جي ماهر محترم ساجنداس چنداڻي کوکر، مٺي شهر جي نياڻي اندرا سان ڪئي. جنهن مان کيس اولاد ٻه پٽ آهن. نيلمبر عرف لالو، جيڪو انجنيئر آهي، ۽ ٻيو پٽ ڊاڪٽر پريت، جيڪو محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپور خاص ۾ چيسٽ اسپيشلسٽ طورڪم ڪري رهيو آهي. ننڍڙي جئمل ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ کان هڪ ڪلو ميٽر پنڌ تي موجود اسڪول مٺڙيو سوٽهڙ مان حاصل ڪئي. ثانوي تعليم هاءِ اسڪول ڊگهڙيءَ ۾ داخل ٿيو جتان 1962ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، وڌيڪ پڙهڻ لاءِ پاڪستان جي ثقافتي مرڪز واري شهر لاهور ۾، ڪاليج آف اينيمل اينڊ هسبنڊري ۾ 1963ع کان 1968ع تائين زير تعليم رهيو ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ مان بئچلر آف وٽرنري سائنس، ۽ بئچلر آف اينيمل هسبنڊريءَ جون ڊگريون حاصل ڪيائين، ۽ 1968ع ۾ هو سنڌ حڪومت ۾ وٽرنري آفيسر طورر داخل ٿيو. انهي عهدي تي رهندي هن پريالوءِ ۽ لس ٻيلي بلوچستان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر جئمل کي وٽرنريءَ جي شعبي ۽ چوپائي مال جي اوسر ۽ ترقيءَ جو تمام گهڻو اونو ۽ شوق هوندو هو، تنهنڪري هو 1971ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي باني ميمبر طور داخل ٿيو، ۽ 1989ع تائين انهيءَ شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي پروفيسر طور رضاڪاراڻا رٽائرمينٽ ورتائين. وٽرنري فيڪلٽيءَ ۾ مقري کانپوءِ هو اتي ئي بيهي نه رهيو. سندس علم جو شوق کيس زرعي يونيورسٽي فيصل آباد وٺي ويو، جتي هن 1971ع کان 1974ع تائين تعليم حاصل ڪري، فرسٽ ڪلاس ۾ ماسٽرس جي ڊگري، وٽرنري سائنس ۾ حاصل ڪئي. علم جي اها تلاش کيس اڃا به اڳتي وٺي ويئي، ۽ هو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آسٽريا ويو، جتي هن پنهنجي محنت سان پاڻ مڃايو، ۽ 1990ع ۾ ويانا جي وٽرنري يونيورسٽي کيس ڊاڪٽر آف وٽرنري ميڊيسن جي سند عطا ڪئي. سندس علم جي اوک ڊوک اڃا به اڳتي وارن آسمانن ڏانهن ڏسي رهي هئي ۽ هو وڌيڪ اعليٰ تعليم لاءِ آسٽريليا ويو، جتان کيس ڪئينسليند برسبين يونيورسٽي پاران 1990ع ۾ ڊاڪٽر آف فلاسافيءَ جي ڊگريءَ سان نوازيو ويو. تحفيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهائيندي هن ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکيا. وٽرنريءَ جي شعبي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏيندي، هن علم جي حاصلات جو سفر جاري رکيو، ۽ آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽا مان 1996ع ۾ پوسٽ ڊاڪٽورل سکيا جو ڪورس ڪري، واپس ڏيهه موٽيو ۽ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو. سندس محنت ۽ اورچائي ڪيترن ئي ٿري نوجوانن لاءِ مثال ثابت ٿي، ۽ اهي وٽرنريءَ جي شعبي ۾ داخل ٿيا جن مان سندس ڪيترائي شاگرد اڳتي هلي پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ ناليوارا نان بڻيا. 1998ع ۾ يونيورسٽيءَ مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ، ڊاڪٽر جئمل ڪنهن سمنڊ پار ملڪ وڃڻ جي بجاءِ، واپس پنهنجي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ آيو، جتي پنهنجي زمين م هن 50 ايڪڙن تي زرعي فارم قائم ڪيو. هن وقت انهي فارم ۾ 400 کان وڌيڪ وڻ موجود آهن. سندس خدمتن کي نظر ۾ رکندي، 2005ع ۾ ٿرديپ پاران هلندڙ وزيراعظم پاڪستان جي چوپائي مال بابت پروجيڪٽ جو پروجيڪٽ ڪو آرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو جتي هن 2008ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر جئمل ڌناڻي، کوجنا جي ميدان ۾ هٿرادو ٻج رکائڻ واري شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. کيس انهن خدمتن جي عيوض، عالمي بئنڪ جي مختلف پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪرڻ جي ذميواري پڻ سونپي ويئي. هن وٽرنريءَ جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ به تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. انهي ڏِس ۾ هن پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ڪائونسل جي اڪريڊيشن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ اڄ تائين انهيءَ جو ميمبر آهي. چوپائي مال جي شعبي ۾ سندس خدمتون پڻ ڪنهن تعارف جون محتاج نه آهن حڪومت پاڪستان پاران قائم ڪيل ”لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري ڊيولپمينٽ بورڊ“ ۾ چيف ايگزيڪيٽوَ آفيسر طور 2011ع کان 2012ع تائين خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ، کيس 22 آڪٽوبر 2012ع تي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز ائٽ سڪرنڊ جو پهريون اقليتي، ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو، جتي هو خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ڊاڪٽر جئمل ڌناڻي اهم ماهه پد ماڻي ميگهواڙ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيوآهي. منزل کی جستجو میں، کیوں بھٹک رہا ہے راہی! خود اتنا عظیم ہو جا، کہ منزلیں تجھے پُکاریں۔

پروفيسر هوتچند گهلڙو

(1952–04–01 کان 2008–10–27) وِيا سي وينجهار، هيرو لال ونڌين جي، تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار، ڪُٽين ڪٽ لوهار، هاڻي اُن ڀيڻيين! (شاهه) ڪڪرن جي رحم ڪرم تي ساهه کڻندڙ، صحراءِ ٿر جي مٽيءَ، تاريخ ۽ تهذيب جي مٽي آهي. هتي وقت جي نبض تي هٿ رکندڙ اهڙا انيڪ ڪردار پيدا ٿيا آهن، جن جي شخصيت، حالتن جي آرهڙ ۾ گهاٽي ڇانوري جيئن محسوس ٿي آهي. جن زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي ڏاهپ جو نور نچوئي، ٻاٽ کي جوت بخشي آهي. ٿر ڌرتي علم، ادب، آرٽ، موسيقي، انساني خدمت ۽ وطن دوستيءَ جي راهه ۾ اونداهين سان مقابلو ڪيو، انهن ئي ماڻهن مان پروفيسر هوتچند گهلڙو به ڳڻي سگهجي ٿو. 01 اپريل 1952ع تي کيتلاري تعلقه ڏيپلو ۾، سرڳواسي ٽِمون مل گهلڙو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هوتچند، پنهنجي پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ هريجن ڪالوني اسڪول مان حاصل ڪئي، مڊل گرڙاٻهه مڊل اسڪول مان، ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول مٺيءَ ۾ ۽ انٽرميڊيئٽ شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص مان پاس ڪيائين، ميڊيڪل ۾ سليڪشن نه ٿيڻ باوجود همت نه هاريائين، ۽ 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان MSc فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ۽ ڏيپلو هاءِ اسڪول ۾ HST مقرر ٿيو. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيئي، 1980ع ۾ نوابشاهه ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، ۽ پوءِ اُتان سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچي، ان کانپوءِ زندگيءَ جو وڏو عرصو پروفيسر رهي اُتي گذاريائين. ٿر ۾ پوءِ کيس ڊي. او. اليمنٽري جي ذميواري سونپي وئي، انهيءَ ذميواري سان گڏ ڊي. او سيڪنڊري ۽ اِي. ڊي. او. ۽ وري ڊي. او. سيڪنڊري مقرر ڪيو ويو. سندس اي. ڊي. او. ٿرپارڪر جي مقرريءَ دوران، تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتيءَ لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ ان ٽيسٽ ۾ جيڪي اميدوار سٺن نمبرن سان پاس ٿيا، انهن جي ميرٽ لسٽ ٺاهڻ لاءِ پروفيسر هوتچند کي سربراهه مقرر ڪيو ويو. ان ميرٽ لسٽ ٺاهڻ دوران کيس اقتداري ڌُر جي انيڪ ماڻهن طرفان، گهٽ نمبرن وارن کي ميرٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ شفارشون ڪيون ويون، پر هن مجاهد اصولن تي قائم رهندي ڪنهن جي به ٻُڌي، ۽ سفارش وارن خطن، ڇٺين جا ڪٽا ڀري کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيائين، ۽ نج ميرٽ تي حقدار اميدوارن جي ميرٽ لسٽ ٺاهي تيار ڪيائين. اُن وقت جي وزيراعليٰ پنهنجي آفيس ۾ سنڌ جي سمورن ڊي. اوز کي گڏجاڻيءَ گهرائي تفصيل معلوم ڪيا. پروفيسر هوتچند جڏهن ٿرپارڪر جي ميرٽ لسٽ پيش ڪئي، ته پاڻ اُن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري ڇڏيو اها لسٽ ئي رد ڪري ڇڏي، کيس ٻيهر لسٽ ٺاهڻ لاءِ چيو ويو، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو ان کانپوءِ کيس انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو ويو، ۽ معطل ڪيو ويو. پروفيسر هوتچند علم ۽ ادب جو وسيع مطالعو رکندو هو، ۽ سندس ڳالهائڻ جي لهجي مان اعليٰ دماغ جي پرک پئجي ويندي هئي. زندگي ۽ حالتن جي تجربن هئڻ ڪري سندس ڳالهين ۾ گهرائي هوندي هئي، ۽ وقت جي وارتائن ۾ ويڙهيل خيال هر ماڻهوءَ کي ڇڪي وٺندا هُئا، ۽ دلين کي ڇُهندڙ هوندا هئا. کيس ٿر جي ڏکن، ڏوجهڙن ۽ پيڙائن جو بخوبي اندازو هو ۽ اهي درد کيس تڙپائي وجهندا هئا. مزاج نيڪ نيت ۽ سادگيءَ وارو رکندڙ هيءُ شخص سياسي حرامپاين جي هِن دوکيباز دؤر ۾، ڪيئي ڀيرا ڀوڳنائنن مان گذرندو رهيو. سرڳواسي پروفيسر هوتچند ميگهواڙ برادريءَ ۾ تعليمي ۽ سماجي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪافي ڪم ڪيو. سماجي بُراين کان بچڻ، پاڙي ۽ پاڙيسريءَ سان سٺي سلوڪ سان هلڻ، محنتون ڪري مقام ماڻڻ، وڏن جي عزت ڪرڻ، اخلاق جو دامن نه ڇڏڻ هڪٻئي سان پيار محبت سان پيش اچڻ، سماجي باهمي تعلقات جو سنگم برقرار رکڻ، بُرن کان پاسو ڪرڻ، شراب وغيره نه واپرائڻ ۽ سماجي اخلاقي ڏوهه ڪندڙن سان سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ هُن تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو، ۽ نصيحتون ڪيون. ڪافي ليڪچر به ڏنا ذهني سجاڳي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 27 آڪٽوبر 2008ع تي هيءُ مهان ماڻهو ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ ڪيميسٽريءَ جو پيرڊ وٺي رهيو هو، ته اوچتو دل جي تڪليف ٿي پيس، کيس فوري علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو پر تڪليف وڌي وئي، ۽ ٻن ڪلاڪن اندر دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين پهرين شادي سرڳواسي لڌارام پنئار ڏيپلو جي نياڻي لڇمي سان ڪيائين، جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ 3 پٽ پرويز، سنيل ڪمار ۽ انيل ڪمار آهن. پهرين گهر واريءَ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ڀاءُ سونو مل جي اصرارتي ٻي شادي وينجهڻياري جي راڻو مل کنڀوءَ جي گهر مان ڪيائين. ٻي گهر واري بختاور مان کيس هڪ پُٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. 27 آڪٽوبر 2008ع تي ٿيل سندس مَرتئي نه رڳو ويجهن رشتيدارن جي اکين جا اڱڻ ڳوڙهن مينهن سان ڀڄايا، پر سمورن ٿر واسين جي دلين جا ٿاڪ هيڪلا ۽ اداس ڪري ڇڏيا. هن فاني دنيا کي ڇڏڻ ۽ موت سان ملاقات ڪرڻ هر وُجود لاءِ لازمي امر آهي، پر ڪي ڪي موت اهڙا هوندا آهن جيڪي سماج جو اجتماعي نقصان سمجهايا ويندا آهن، ۽ نه پورو ٿيندڙ خال سمجهيا ويندا آهن. سرڳواسي پروفيسر هوتچند جو وڇوڙو هڪ درد جي قيامت برپا ڪندڙ سانحو آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي!!! ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي گهري چيخ ٿين ٿا، جا سڀني کي جاڳائي ٿي، جا تقديرون بدلائي ٿي!! (اياز)

منگل رام جي پرمار

ڦرن ٿا چرخ جا ڦيرا، ڪڏهين ڪهڙا ڪڏهين ڪهڙا، ڏيکاري دؤر ٿي دنيا، ڪڏهين ڪهڙا ڪڏهين ڪهڙا. (هري دلگير درياني) ٿر جي سونهاري ڌرتي ڪيترائي صوفي، سنت، ڪلاڪار ۽ تعليمي ماهر پيدا ڪيا آهن. اهڙي ئي هڪ مهان تعليمي ماهر، شري منگل رام، 1936ع ۾ شري گانگو مل ذات ٻوچيا، ڳوٺ صوڀارو تعلقه مٺيءَ ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڏيبو، جيڪا ڏاهو مل گنڍير جي ڌي ۽ ڳوٺ ڌرم ويري، تعلقه مٺيءَ جي هُئي. سندس پتا گانگو مل هڪ مالوند ماڻهو هو وٽس ڍڳيون ۽ ٻڪريون هونديون هيون، جنهن جي سنڀال ڪندو هو. برسات ۾ ٻني ٻارو ڪندو هو ۽ گذارو سٺي نموني هلندو هو. کيس ٻه ڀائر هئا. هڪ جو نالو پمون مل ۽ ٻئي جو نالو سونو مل، جيڪو پرائمري ماستر هو، جنهن جا سنڌي اکر موتي داڻن وانگر هئا ۽ کيس ٽي ڀينرون هيون، جي سرڳواس ٿي ويون آهن. شري منگلرام پرائمري تعليم پهرين درجي کان ستين درجي تائين مسلم اسڪول علو ڪوٽڙيو ۾ حاصل ڪئي. مسلم اسڪول علو ڪوٽڙيو ۾ ان وقت سندس ڀاءُ سونو مل ماستر هو. مسلم اسڪول علو ڪوٽڙيو ان وقت تمام سٺو تعليمي مرڪز هو. جتي پري پري جا ڇوڪرا فائينل امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. ستين درجي جي امتحان کي فائينل امتحان چئبو هو، جنهن جو سينٽر مٺي هو. ان وقت فائينل پاس ڪرڻ سان سنڌي ماستري آسانيءَ سان ملي ويندي هئي. شري منگلرام به مٺي سينٽر مان فائينل پاس ڪئي ۽ پرائمري ماستري ملي. ان وقت سندس پگهار 45 روپيه ماهوار هو. سستائي جو دؤر هو، انهي پگهار مان گهر جو ڪار ونهوار صحيح هلندو هو. اُن وقت پرائمري ماستر کي ٻن سالن جي سکيا حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ۾ ڏني ويندي هئي. کيس 1952ع ۾ ٽرينينگ لاءِ چونڊيو ويو. حيدرآباد ۾ انهي وقت ماسترن جي رهڻ لاءِ ٽي هاسٽل هوندا هئا، جن مان ٻه شهر ۾ هيون ۽ فقط هڪ هاسٽل کي پهريون نمبر هاسٽل چوندا هئا، اُها ڪاليج جي اندر هُئي. جنهن ۾ روم نمبر 25 ۾ شري منگلرام، ڏونگرو مل ماستر ڇوڙ جو، ۽ ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جو اُن وقت نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، ۽ مئٽرڪ جي تياري ڪندو هو، سڀ گڏ رهندا هئا. کيس انگريزي پڙهڻ لاءِ ڊاڪٽر راڻا صاحب همٿايو، ۽ منگلرام مئٽرڪ جي تياري شروع ڪئي. کيس راڻا صاحب پاران ڪافي مدد ملندي هئي. 1953ع ۾ هُن نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پرائيويٽ طور مئٽرڪ جو فارم ڀرايو ۽ امتحان ۾ ويٺو، پر ٻن سبجيڪٽن ۾ ناپاس ٿيو. پر همت نه هاريائين ۽ وري 1954ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺو ۽ پاس ٿي ويو. اُن وقت سنڌ يونيورسٽي تازو حيدرآباد ۾ قائم ٿي هئي. جتي آرٽ يا سائنس گروپ جو سوال ڪونه هو، سڀ سبجيڪٽ ڏيڻا پوندا هئا. شري منگلرام ٽرينينگ ڪورس 2 سالن وارو سال 1954ع ۾ پورو ڪيو، ۽ کيس واپس پنهنجي ضلع ۾ موڪليو ويو. کيس ميرپورخاص شهر ۾ رکيو ويو. ان وقت تازو شاهه لطيف ڪاليج قائم ٿيو هو. جتي هُن ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انٽر تائين ريگيولر رهيو ۽ BA سال 1958ع ۾ پرائيويٽ طور پاس ڪيائين BA پاس ڪرڻ کانپوءِ سيڪنڊريءَ ۾ وڃڻ لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ نيٺ 1960ع ۾ ڪامياب ٿيو. اُن وقت پرائمريءَ مان سيڪنڊريءَ ۾ اچڻ لاءِ ڪابه ٽيسٽ وغيره نه هوندي هئي، فقط اورل ٿيندي هئي، جنهن ۾ هو پاس ٿيو. ساڳئي سال 1960ع ۾ کيس بيٽ آفيسر ڪري ضلع ٺٽو جي تعلقه جاتيءَ ۾ رکيو ويو. اُن وقت ٺٽي ضلع جي ايجيو ڪيشن جي آفيس ڪراچيءَ جي اولڊ سنڌ اسيمبليءَ بلڊنگ بندر روڊ تي هئي. اُن وقت جاتي کان ڪراچيءَ وڃڻ لاءِ سنڌو ندي سامونڊي جهاز وسيلي پار ڪرڻي پوندي هُئي. ڪجهه وقت کانپوءِ اها آفيس شفٽ ٿي مڪلي ٽڪريءَ تي آئي. ٺٽو ضلع ۾ شري منگلرام سال رهيو بعد ۾ کيس بدلي ڪري مٺي ۽ ڏيپلو بيٽ تي مقرر ڪيو ويو. اُن وقت مٺي ۽ ڏيپلو ۾ ڪُل 45 اسڪول هئا، جن ۾ 13 اسڪول ڏيپلو ۾ ۽ 32 اسڪول مٺي تعلقي جا هُئا. ٿر ۾ اچڻ سان کيس هڪڙي نئين ماحول کي منهن ڏيڻو پيو، اهو 1961ع جو زمانو هو. ٿر ۾ اچڻ سان کيس ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جيئن ته سواريءَ لاءِ پنهنجو اُٺ رکڻو پيو. ڇوت ڇات هئڻ ڪري ماني ٽِڪي ڪرڻ لاءِ ماڻهو رکيائين. رڌپچاءَ جا برتن به گڏ کڻڻا پيا. پنهنجي عزت ۽ وقار قائم رکڻ لاءِ جيڪو ڪرڻو پيو، اهو سڀ ڪجهه ڪيائين. هڪ ميگهواڙ بورچي طور رکيائين، جيڪي ماني ٽِڪي ڪندو هو ۽ اُٺ جي سنڀال به ڪندو هو. پاڻ مسافري وقت پاڻيءَ جو بادلو ۽ چانهه جو ٿرماس گڏ کڻندو هو. پاڻ ايترو اصول پرست هو، جو ڪٿي به ڪنهن جي ماني يا چانهه پاڻي استعمال نه ڪيائين. ايمانداري سچائيءَ سان هن ڏيپلو مٺي بيٽ جي نوڪريءَ جو عرصو پورو ڪيو. 1962ع ۾ کيس BT جي ڪورس لاءِ چونڊيو ويو. اهو ڪورس 10 مهينن جو هو، جو حيدرآباد سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻو هو، جو 1963ع ۾ پورو ڪري کيس ڇاڇرو تعلقي ۾ بيٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو. جتي هو 1966ع تائين رهيو ۽ پوءِ کيس بدلي ڪري هاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو ۾ رکيو ويو، جتي ٿورو وقت رهيو پر زندگي سڪون سان گذري، ڇاڪاڻ ته اُتي ڇوت ڇات جو مرض ڪونه هو. ميرپور ساڪري کان بدلي ڪري کيس هاءِ اسڪول نئوڪوٽ ۾ رکيو ويو. اُتي ٿورو وقت رهڻو پيس ڇاڪاڻ ته 1971ع ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي جنگ شروع ٿي ويئي هئي، ۽ هندو ملازمن کي بدلي ڪري مختلف ضلعن ۾ موڪليو پي ويو. ان وقت نئوڪوٽ ۾ 4 هندو استاد هئا، جن کي بدلي ڪري ٺٽي موڪليو ويو، جتي سٺو وقت گذريو. ڇاڪاڻ ته اُتي ڪيترائي هندو ملازم هئا، جن سان ملڻ جلڻ ٿيندو هو. ٺٽي مان بدلي ڪري ٻيلو مڊل اسڪول ۾ موڪليو ويو. ٻيلو ننڍو شهر هو، جو سجاول کان اُتر طرف ۽ سنڌو نديءَ ۾ تمام ويجهو آهي. جتي هُن سٺو وقت گذاريو. جيئن جنگ ختم ٿي ته هندو واپس ٿرپارڪر ضلع ۾ موڪليا ويا، ۽ منگلرام کي مڊل اسڪول ڀوريلي ۾ رکيو ويو. ڀوريلو سندس ڳوٺ کان 9 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. جتي ڪافي وقت رهيو. سال 1981ع ۾ کيس 16 گريڊ ۾ پروموشن ڏنو ويو، ۽ کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمر الدين پنجابي ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. عمرالدين پنجابيءَ هاءِ اسڪول بدين ضلع ۾ آهي. جتي هو ٿورو وقت رهيو ۽ سال 1982ع ۾ بدلي ڪري چيلهار هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي هن 10 سال گذاريا. سهوليت وارو اسڪول هو، شهرين به کيس چاهيو ٿي. اُن وقت ساڻس سندس پُٽ ڪشور ڪمار ۽ نيل به گڏ رهندا هئا. سال 1993ع ۾ چيلهار هاءِ اسڪول مان بدلي ڪري، کيس بطور اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. جتي ٻيا به اسسٽنٽ ڪم ڪندا هئا. جتي شري منگلرام 5 مهينا ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪشن آفيسر طور ڪم ڪيو ۽ ميگهواڙ ڪميونٽيءَ جو پهريون ڊسٽرڪٽ تعليمي آفيسر جو اعزاز ماڻيو، ان وقت سياسي دٻاءَ کان تنگ ٿي سال 1995ع تي رٽائر ڪيو ويو. جڏهن ته ڏيڍ سال اڃا رٽائر ٿيڻ ۾ پيو هو. شري منگلرام پرائمري ماستري کان نوڪريءَ جو آغار ڪيو، ۽ ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن آفيسر تائين سفر طئه ڪري، خوشي خوشيءَ سان رٽائرمينٽ وٺي، پنهنجو وقار قائم رکيو. شري منگلرام شادي ڊسمبر 1958ع ۾، ڳوٺ گوڙيهار جي راهو مل جوڳو جي ڌي، سگهڙ سان ڪئي، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون آهن جيڪي پرڻايل آهن، ۽ 4 پُٽ آهن 1. ڀوپت ۽ مهتاب HST آهن. نيل پرڪاش وڪيل آهي ۽ ڪشور ڪمار NCHD ۾ ملازم آهي. چارئي پٽ شادي شده آهن ۽ خوش آهن. آخر ۾ سندس ڳوٺ جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سندس اصل ڳوٺ صوڀارو هو، جتي ڪجهه گهر ميگهواڙن جا پر گهڻي آبادي سيدن جي هئي. هون ته خاص تڪليف صوڀاري ۾ ڪانه هُئي پر انهي وقت البت ڪپڙن پائڻ، زيور وغيره پائڻ جي ميگهواڙ تي سخت پابندي هوندي هئي. انهي وقت جتي ڪٿي ميگهواڙ قبيلي کي اهو رويو ۽ مصيبت برداشت ڪرڻي پوندي هُئي. انهي آزار کان نجات پائڻ لاءِ سائين منگلرام پنهنجي ذاتي ڳوٺ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪافي وقت کانپوءِ ڪاميابي ملي. ڇاڪاڻ ته سيد هلندي وارا هُئا، انهن کي ميگهواڙن جو پنهنجو ڳوٺ ٻڌي رهڻ ڪونه ٿي وڻيو، ۽ ڳوٺ ٻڌڻ نه ٿي ڏنو. آخر ڪار جنرل ايوب خان جي دؤر ۾ کيس ڳوٺ ٻڌڻ جي اجازت ملي ۽ سال 1960ع ۾ هن پنهنجو ڳوٺ ٻڌيو ۽ ڀيماسر نالو رکيو ويو، جتي هينئر رهن پيا. هن وقت 50 گهر آباد آهن ۽ هڪ ئي ذات جا آهن. شري منگلرام هڪ سچو ۽ ايماندار ۽ ارادي جو مضبوط انسان آهي. پنهنجي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ کيس عزت ۽ مانُ آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر خانجي پڙهيار

لکڻ زندگي، زندگي ڪيئن ڇڏجي، پڙهڻ بندگي، بندگي ڪيئن ڇڏجي، ڏکيو ڪم عشق اکرن جو آهي، رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي. (بخاري) ڪي ڪي ماڻهو املهه ۽ بهار باغ هوندا آهن. جيڪي پنهنجي مختصر عمر ۾ ايترو ته ڪم ڪري ڏيکاريندا آهن، ۽ ايڏو نانءُ ڪمائيندا آهن، جنهن جي حاصلات لاءِ وڏي عمر ۽ محنت جي ضرورت گهربل هوندي آهي. پالڻهار جي خلقيل ڪائنات ۾ انيڪ انسان پيدا ٿين ٿا، ۽ رب جي درٻار ۾ موٽي وڃن ٿا پر ڪي ڪي ماڻهو هن دنيا ۾ اچي پنهنجو نالو روشن ۽ زنده رکن ٿا، ۽ پنهنجي مائٽن توڙي پنهنجي جاتيءَ جو ڳاٽ هميشه لاءِ اوچو ڪن ٿا. جنهن کي پنهنجي جاتيءَ وارا صدين تائين ياد ڪندا رهندا. اهڙن مور جهڙن ماڻهن ۾ خانجي هريجن کي شامل ڪرڻ وڌاءِ ڪونه ليکبو. شري خانجي پڙهيار، جنهن جو جنم تاريخ 13 آگسٽ 1970ع تي مٺيءَ لڳ، ڳوٺ مالڻهور ويڻه جنهن کي مالڻهور ڀوتاڙيو به چون، ۽ هڪ ڪکائين چونئري اندر ڄڻ اونڌاهيءَ ۾ ڏيئي مثل ٿيو. پاڻ جڏهن پنهنجي ماتا جي گرڀ ۾ ڇهن مهينن جو هو، ته سندس پتا شي نگارام پڙهيار، هن فاني سنسار مان موڪلائي چُڪو هو. سندس ماتا شري سُکان، ڌي جگتو مل ذات ڪتيرو، ڳوٺ ٽالهي تعلقه عمرڪوٽ جي هئي. سندس ماتا پنهنجي ور جي فوت ٿيڻ تي سدائين ڏکي زندگي گذاري ۽ پنهنجي پُٽ جي ڪاميابيءَ لاءِ هميشه دعائن جا ٻُڪ کڻي، ڀڳوان کان پرارٿنا ڪندي رهندي هئي، ته منهنجو پُٽ پڙهي وڏو انسان ٿيئي. مائٽن جون دعائون رنگ لائينديون آهن، ۽ خانجي پڙهيار اڄ هڪ وڏي عهدي تي فائز آهي، ۽ پنهنجي پريوار جو نانءُ روشن ڪيو آهي. سندس پتا جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سندس سنڀال ۽ پڙهائڻ جو ذمون، سندس ناني جگتو مل ڪيترو، ۽ سندس مامن ڪرتو مل ۽ ماڌو مل ۽ سندس چاچن سنڀال ۽ پڙهائيءَ جو خرچ ڪيو. شري خانجي پڙهيار جن پرائمريءَ ۾ مڊل تعليم، 1981ع کان 1984ع تائين گورنمينٽ پرائمري اسڪول هريجن ڪالوني مالڻهور ويڻه ۾ ورتي. مئٽرڪ سال 1986ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي مان پاس ڪيائين ۽ انٽر سال 1987ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان ڪيائين. پاڻ هڪ غريب خاندان جو فرد هو. انٽر پاس ڪرڻ بعد ڪجهه دوستن مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ همٿايو. اهڙيءَ طرح هُن مهراڻ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ داخلا ورتي، وڌيڪ پڙهڻ لاءِ سندس ناناڻن گڏوگڏ ڪجهه ڳوٺ وارن ۽ ٻين همدردن سندس مالي ساهتا ڪئي، ۽ هن پنهنجي همت نه هاري ۽ کيس پڙهڻ جو شوق تمام گهڻو هو تنهن ڪري سال 95–1994ع ۾ M.E (Mechanical) مهراڻ يونيورسٽي ۽ انجنيئرنگ ٽيڪنالوجيءَ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. جلد ئي 1996–05–16 تي ليڪچرار BPS–17 ۾ مقرر ٿيو. ساڳئي يونيورسٽيءَ ۾ جتي 2009ع تائين 17 سال عرصي تائين ٽيچنگ جي پيشي سان وابسطه رهيو. سال 2008ع ۾ Ph.D انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ آف مڪينڪل انجنيئرنگ، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالوجي ڄامشورو مان پاس ڪري، ميگهواڙ جاتيءَ لاءِ فخر جو ثبوت بڻيو. انهي بعد سال 2010–2009ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر BPS–20 ۾ ساڳئي يونيورسٽيءَ ۾ مقرر ٿيو. سال 2010ع ۾ پروموشن ذريعي BPS–21 ۾ ڊپارٽمينٽ آف مڪينڪل انجنئرنگ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، ۽ پروفيسر خانجي هريجن سال 2011ع کان ڊائريڪٽر آف پوسٽ گريجويٽ اسٽڊيز جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ شادي سال 1996ع ۾ ڪيائين، کيس اولاد ٻه نياڻيون 1. نهيا ڪلاس VI 2. ڪريا ڪلاس V۽ ٽي پُٽ آهن. 1. هالار، جيڪو شاگرد آهي، ڪلاس نائين، سنڌي گرامر اسڪول قاسم آباد حيدرآباد ۾ پڙهي پيو 2. يووراج، شاگرد ڪلاس نرسري 3. تشار، شاگرد ڪلاس پري نرسري. پاڻ سال 1996ع کان پنهنجي سروس ڪري قاسم آباد حيدرآباد ۾ رهي پيو. سندس ڌرم پتني گنگا جو پنهنجي پتيءَ سان پورو پورو ساٿ ۽ همدردي رهي آهي. پروفيسر خانجي هريجن صاحب ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪيا. آسٽريليا، اٽلي، مليشيا، نارٿ سائيپرس، يونائٽيڊ عرب امارات ۽ برطانيه وغيره. پنهنجي سبجيڪٽ سان لاڳاپيل ڪانفرنسون اٽينڊ ڪيون. پروفيسر خانجي کي ڪيترائي مڃتا طور ايوارڊ مليا، خاص ڪري بيسٽ ريسرچ پيپر ايوارڊ HEC طرفان مليو، سال 95–1994ع ۾ سلور ميڊل۽ Academic Exeallen and Award مليو ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽ فائنل سال M.E (Mechanical) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪرڻ تي مليو. 13-2012ع جو Best University Teacher جو ايوارڊ 2013-12-23 تي HEC طرفان اسلام آباد ۾ ڏنو ويو. پروفيسر خانجي صاحب مختلف ڪانفرنسون، سيمينار ۽ ورڪشاپ اٽينڊ ڪيا، جن ۾ دبئي ۾ 2013ع ٻه ڏينهن شرڪت ڪئي. 2010ع ۾ ٻه ڏينهن سائيپرس ۾ شرڪت ڪئي. 2008ع ۾ هڪ هفتو گلاسڪو اسڪاٽلينڊ U.K ۾ شرڪت ڪئي. 2007ع ۾ چار ڏينهن پرٿ ويسٽرن، آسٽريليا ۾ شرڪت ڪيائين. 2006ع ۾ هڪ هفتو فلورنس اٽليءَ ۾ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. انهيءَ کانسواءِ پاڪستان ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ڪانفرنسون اٽينڊ ڪيون. پروفيسر خانجي پڙهيار صاحب جا ريسرچ بابت پيپر/ پبليڪشن ۽ هڪ ڪتاب (Enviroment and Sustainable Development) به شايع ٿيو. پروفيسر خانجي صاحب ميگهواڙ جاتيءَ جو هڪ بي بها موتي آهي. هڪ نيڪ، بااخلاق، باڪردار انسان آهي. سندس سٻاجهڙي صورت وارو ڪردار اسان کي هميشه ياد رهندو. سو لڳن طوفان ڀل، سو دفعا وڄڙيون ڪرن، جن گُلن کي آهي کڙڻو، سي مگر کڙندا ضرور.

ڊاڪٽر موهن ڏيوراج ٿونٽيا

جو چاهين سي چونڊ، مڻيو توڙي ماڳ، ڀورا تنهنجو ڀاڳ، آهي تنهنجي وس ۾. (شاهه) اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جا هون ته ڪيترائي Ph.D هولڊر آهن، پر پاڪستان جو پهريون ميگهواڙ جاتيءَ سان تعلق رکندڙ اسڪالر جنهن ميگهواڙ جاتيءَ جي تاريخ ۽ ڪلچر، ابتدائي دؤر کان جديد دؤر تائين موضوع تي Ph.D ڪري پنهنجو نالو تاريخ جي ورقن ۾ داخل ڪرايو، اهو هو ڊاڪٽر موهن ڏيوراج ٿونٽيا تاريخ 16 مئي 1964ع جو سنڌ جي ميگا سٽي ڪراچيءَ ۾، شري کينراج مهيشوري ميگهواڙ جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو پورٻائي ذات ڏنيچا، جا ڪراچيءَ جي رهواسڻ آهي ۽ اڄ تائين حيات آهي. سندس مادري زبان ڪڇي آهي. ڇاڪاڻ ته سندس مائٽ اصل تعلقه ڪڇ (انڊيا) جا هئا، جتان سندس ڏاڏو وڻجارهه ويلجي ڏوسا ٿونٽيا ڪڇ کان لڏي اچي ڪراچيءَ جي علائقي موسيٰ لين لياريءَ ۾، سال 1904ع ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ رهڻ لڳو. ڊاڪٽر موهن ڏيوراج جو پتا کينراج مرحوم به ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو. اول ڪپڙي ۽ جوتن جو ڪاروبار ڪندا هئا، پوءِ بدلائي پلاسٽڪ جو ڌنڌو شروع ڪيائون. جيڪو هيستائين هلي رهيو آهي. سندس گهراڻو هميشه مذهبي ۽ علمي رهيو آهي کيس پنج ڀيڻون ۽ ٽي ڀاءُ آهن. پاڻ ابتدائي تعليم ۽ ميٽرڪ 1979ع ۾ ڪراچي بورڊ مان پاس ڪيائين. انٽر ميڊئيٽ سال 1984ع ۾ ڪراچي بورڊ مان ڪيو MA هسٽري، سال 1999ع ۾ يونيورسٽي آف ڪراچيءَ مان ڪيائين. ايم. فل جنرل هسٽري ۽ Ph.D هسٽري ائنڊ ڪلچر آف ميگهواڙ ابتدائي دؤر کان جديد دؤر تائين (انگريزيءَ ۾ ريسرچ ٿيسيز) جنرل هسٽري ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي آف ڪراچيءَ طرفان سال 2012ع ۾ ڊگري ڏني ويئي. ڊاڪٽر موهن ڏيوراج کي شروع کان ميگهواڙ سماج جي تاريخ، ڪلچر ۽ لٽريسيءَ سان شوق رهيو آهي، ۽ سندس شروع کان ئي خواهش رهي هئي ته ان موضوع تي ريسرچ ڪريان، ۽ ميگهواڙن جي اهڙي تاريخ مرتب ڪريان، جيڪا تاريخ جي جديد نظريات ۽ اصولن تي مڪمل طور ثابت ٿيئي. انهي سوچ سان سال 2012ع ۾ هن پنهنجي ڊائريڪٽوريٽ، ميگهواڙ جاتيءَ جي تاريخ، ڪلچر جي عنوان سان ڪئي. هُن ميگهواڙ جاتي جي ابتدائي دؤر کان جديد دؤر تائين تاريخ، تحقيق ۽ ابتدائي ڪلچر، ڌرمي وابستگي، سماجي رسومات، ريتون ۽ ڌنڌا، ٻولي ۽ ادبي سرگرمين تي تحقيق ڪئي آهي. انڊ و پاڪ ننڍي کنڊ جي ابتدائي تاريخ جي حوالي سان ميگهواڙ جاتيءَ جون سنڌو ماٿريءَ ۾ پاڙون هجڻ تي بحث ڪيو ويو آهي. انهيءَ سان گڏ موجوده حالات ۾ شيڊيول ڪاسٽ جي ماڻهن جي حالتن تي به بحث ڪيو ويو آهي. ميگهواڙ پاڪستان ۾ ٻن صوبن سنڌ ۽ پنجاب ۾ لکن جي تعداد ۾ رهن ٿا. سرحد پار هندوستان جي رياستن جھڙوڪ راجستان، گجرات ۽ ڪڇ ۾ به وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. اهو چئي سگهجي ٿو ته ميگهواڙ جاتي ڏکڻ ايشيا جي وڏي سماجي گروپ ۾ شامل آهي. سندس پهريون ڪتاب مهيشوري ميگهواڙ سنتن جون درگاهون، جيڪو سنڌ آرڪائيز گورنمينٽ آف سنڌ ڪراچيءَ طرفان سال 2012ع ۾ ڇپيو آهي. هُن تحقيق بابت ڪيترائي ٽوئر ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي آهي، جنهن تي کيس سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ مليل آهن، جو سندس هڪ رڪارڊ آهي. تازو انٽرنيشنل سيمينار “سنڌ صدين کان” سنڌ مدرسه الاسلام يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ مورخه 26،25،24 مارچ 2014ع تي منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن شرڪت ڪئي، جتي ماموئي فقيرن جي حقيقت ۽ ڪڇ ۽ سنڌ جي عظيم روحاني شخصيت شري مامئي ڏيو بابت مقالو پڙهيو، جنهن تي کيس شيلڊ سان نوازيو ويو. سال 2010ع ۾ صوفي دريا خان ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ حيدرآباد طرفان کيس شيلڊ ملي. انهيءَ کان علاوه سال 2010ع ۾ صوفي دريا خان ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل جي چئرمين، وڪيل ارجن داس طرفان پنو عاقل امر وير لڌارام ايوارڊ 2010ع سان ميگهواڙ ڪلچر کي Ph.D ڪرڻ تي نوازيو ويو. لنڊن، پيرس، نيو دهلي ۽ ڪراچيءَ ۾ ڇپيل ڪتابن ۽ رسالن ۾ سندس ميگهواڙ جاتيءَ بابت ڪيل تحقيق جو ذڪر آيل آهي. ڊاڪٽر موهن ڏيوراج ٿونٽيا جا مضمون، انٽرنيشنل ۽ ملڪي سطح تي ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر موهن ڏيوراج ٿونٽيا ميگهواڙ جاتي، ۽ پاڪستان جو پهريون شخص آهي، جنهن ميگهواڙ جاتيءَ ۽ ڪلچر تي Ph.D ڪري پنهنجو نانءُ ڪمايو آهي، ۽ زندگيءَ ڀر ياد رکڻ جھڙو ڪم ڪري، پنهنجي مهانتا ماڻي آهي. هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر (هيومانيٽيز) جي حيثيت سان، گرينوچ يونيورسٽي ڊفينس ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر گورڌنداس

تـو درس ڏنـو دوستيءَ جو، پـيار جو ڏنـو پـيـغام، سنڌي سدا تنهنجو مقام، مالڪ مٿاهو ڪيو. (عرض گوپانگ) ڊاڪٽر گورڌنداس جا مائٽ اصل ڳوٺ جاريلو، تعلقه ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر جا هئا. جتان سال 1965ع ۾ سندس ڏاڏو مهرچند، پڙهائيءَ جي معاملي ۾ هميشه سخت رهيو، جنهن جي ڪري انجي خاندان جا ٻار هميشه پڙهائيءَ ۾ تمام گهڻا ذهين رهيا. لڏي اچي ڪوٽ ميرس لانڍي ۾ آباد ٿيا. ڊاڪٽر گورڌنداس جو جنم تاريخ 1978-03-08 تي شري ڪيشو لال، ذات جوڳو، ويٺل ڪوٽ ميرس لانڍي جي گهر ٿيو. سندس ماتا جو نالو لالي ٻائي، ڌي چاڳلو، ذات کوکر، ڳوٺ گونگيو تعلقه ڇاڇرو جي هئي، پاڻ پرائمري تعليم پرائمري اسڪول ڪوٽ ميرس لانڍيءَ مان حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ به گورنميٽ هاءِ اسڪول ڪوٽ ميرس لانڍيءَ مان پاس ڪرڻ کانپوءِ، شاهه عبداللطيف ڪاليج ميرپورخاص مان انٽر سائنس پاس ڪيائين. جتان پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ (Telecommunication Department) ۾ آنرس ۾ داخلا ورتائين، جتان پهرين BSc ۽ پوءِ M.Sc (Telecom) ڪيائين. ايم. ايس. سي پهرين پوزيشن ۾ پاس ٿيڻ تي، سندس ڊپارٽمينٽ کيس ريسرچ ايسوسيئيٽ (Research Associate) جي نوڪري جي آفر ڪئي، جيڪا هن قبول ڪئي، ۽ ڪجهه سالن تائين سنڌي يونيورسٽيءَ جي (Information and Tele Communication Technology) ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيائين. سال 2004ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ليڪچرار طور ڀرتي ٿيو. جتان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي تعاون سان، اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرشپ سان نوازيو ويو. 2006ع ۾ ڊاڪٽر گورڌنداس پي. ايڇ. ڊي. ڪرڻ لاءِ، يورپين مُلڪ آسٽريا روانو ٿيو. آسٽريا جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي آف ريسرچ ويانا ۾ داخلا دوران ڪيترن ئي عالمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪيائين، جن ۾ آمريڪا، ڪوريا، هنگري ۽ چائنا شامل آهن. جتان کيس تمام گهڻي عزت ۽ شهرت ملي. پاڻ سال 2000ع ۾ شريمتي نينو ٻائي، ڌي ڪيسرو مل، ذات ڪاڳيو ڳوٺ مٺڙيو تعلقه ڇاڇرو، ضلع ٿرپارڪر مان شادي ڪيائين، جنهن مان اولاد هڪ پٽ ايشان آهي، جو ننڍڙو آهي جنهن آسٽريا ۾ جنم ورتو. سال 2010ع ۾ ڊاڪٽر گورڌنداس پي. ايڇ. ڊي. مڪمل ڪري واپس پنهنجي مادر علمي ٽنڊو ڄام يونيورسٽيءَ ۾ Join ڪئي جتي کيس BPS-19 ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڪري رکيو ويو، جلد ئي پوءِ سندس قابليت کي نظر ۾ رکندي، يونيورسٽي انتظاميه کيس سندن ئي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. ڊاڪٽر گورڌنداس هن وقت چائنا جي (Jandu) يونيورسٽيءَ ۾ پوسٽ ڊائريڪٽوريٽ (Post Directorate) جي ٽريننگ ڪري رهيو آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر ڀڄن لال

جن کي دَور درد جو، سبق سُور پڙهن، فِڪر ڦرَهي هٿ ۾، ماٺ مطالعو ڪَن، پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ. (شاهه) سکر، سنڌ جو قديم ترين شهر آهي. جتي ڪيترن ئي درويشن، اوليائن، سياستدانن جنم ورتو. گهڻو اڳ ۾ هتي کجين جي وڻن جون قطارون هونديون هيون، ۽ باغات کان مشهور شهر آهي. ڪن ماڻهن جو رايو آهي ته سکر ۾ مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي موجوده کجين جا وڻ، محمد بن قاسم جي لشڪر اچڻ بعد پيدا ٿيا، جيڪو بلڪل غلط آهي. چچ نامي ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ جي راجا چچ ايران ۽ سنڌ جي حد بندي ڪرڻ لاءِ، مڪران جي ندي دشت جي ڪناري تي کجين جا وڻ پوکرايا هئا. هن بيان مان سمجهي سگهندا ته عربن جي اچڻ کان اڳ به سنڌ ۾ کجين جا وڻ موجود هئا. سکر شهر ۾ معصوم شاهه جو خوبصورت مُنارو ٺهيل آهي، جنهن تي چڙهي سڄي سکر شهر جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. سکر هڪ خوبصورت شهر آهي ۽ واپار جو مرڪز رهيو آهي، ۽ سندس ڀر سان هندوئن جو مشهور ياترا آستان ساڌ ٻيلو موجود آهي. جتي سال به سال ڪيترائي پاڪستان توڙي انڊيا ۽ دنيا مان ياتري اچن ٿا. پنهنجيون رسومات پوريون ڪري من کي شانتي ڏين ٿا. انهي سکر شهر ۾ صدين کان دراوڙي نسل جا ميگهه ونس آباد آهن. جنهن قبيلي مان هڪ نوجوان ڊاڪٽر ڀڄن لال، جنهن تاريخ 6 فيبروري 1985ع تي پرائمري ماستر، شري جيسو مل ڀاٽيا راڄو مارواڙي، لڳ ڊگري ڪاليج سکر جي گهر جنم ورتو. هن کي اٺ ڀاءُ ۽ ڀيڻيون آهن. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول لائق ماڪا سکر ۾ ورتي، اهو اسڪول پنهنجي گهر کان ڪلو ميٽر پري هو، ۽ انهي وقت فقط هڪ سرڪاري اسڪول هو. مئٽرڪ سال 2000ع ۾ سکر بورڊ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. انٽر (پري ميڊيڪل) سال 2002ع ۾ سکر بورڊ مان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سال 2002ع کان 2004ع تائين B.Sc University شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان فرسٽ ڪلاس ڪيائين. پاڻ هڪ غريب خاندان سان تعلق رکندو آهي تنهنڪري پڙهائي تي پورو پورو ڌيان ڏنو ۽ 2005ع کان 2007ع تائين M.Sc Chemistry قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. پنهنجي تعليم جاري رکندي، سال 2007ع کان 2009ع ۾ M.Phil ڪيمسٽري، قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ۽ Ph.D ڪيمسٽري ساڳئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. پاڻ فيبروري 2011ع ۾ شادي ڪيائين، کيس اولاد هڪ پٽ نالي ارجڻ پرڪاش آهي، جنهن جي عمر هن وقت 8 مهينا آهي. جولاءِ 2013ع تي اسسٽنٽ پروفيسر شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ مقرر ٿيو، ۽ ڊاڪٽر ڀڄن لال پنهنجي سڄي برادريءَ توڙي ڳوٺ ۾ پهريون Ph.D ڊاڪٽر آهي. پاڻ ڪيترين ئي آرگنائيزيشن پارٽيز، ڪانفرنسن ۽ اسپورٽس ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي. پاڻ ڪرڪيٽ جو سٺو رانديگر هو، ۽ پنهنجي ٽيم جو ڪيپٽن هو ۽ ڪيتريون ئي ٽورنامينٽ کٽيون. پاڪستان ۾ ڪانفرنسون سمپوزيم ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪئي، ۽ سندس ريسرچ پيپر به شايع ٿيا آهن. قائداعظم يونيورسٽي پاڪستان جي مشهور يونيورسٽي آهي. پاڻ ريسرچ جي سلسلي ۾ ڇهه مهينا يونيورسٽي آف سڊني، آسٽريليا انٽرنيشنل ريسرچ سپورٽ انيشيئٽو پروگرام (IR SIP) HEC طرفان Ph.D جو حصو هو. ڊاڪٽر ڀڄن لال کي پنهنجو پاڻ تي فخر آهي. هن کي ۽ پنهنجي فيمليءَ کي هڪ ڇوڪرو ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ اسڪالرشپ ملي، جتي هُن ريسرچ مڪمل ڪئي. سڊني ۽ آسٽريليا دنيا ۾ وڏا شهر آهن، جتي هن کي ڪافي سکيا ملي ۽ پرايو ۽ هن ۾ Self Confidance Knowledge پيدا ٿيو. هن وقت سندس ريسرچ، خاص ڪري ڪينسر کي ختم ڪرڻ آهي. جيڪا دنيا جي ٻيو نمبر وڏي بيماري آهي. جنهن جو هن وقت علاج جن دوائن يا ڪيموٿراپيءَ سان ڪيو پيو وڃي، جنهن مان ڪيترائي سائيڊافيڪٽ ٿين ٿا. سندس خيال آهي اهڙي دوا تيار ڪجي، جو بنا ڪنهن سائيڊ افيڪٽ جي مريض کي فائدو ٿئي سندس هن وقت فوڪس ڪينسر تي آهي. اسان جي دعا آهي ته ڀڳوان سندس ڪاريه ۾ کيس ڪاميابي ڏي. پاڻ هڪ اخلاقي، سٺو ڳالهائيندڙ، شخصيت آهي ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جي ننڍي ۾ ننڍي عمر جي پروفيسر جي حيثيت جو اعزاز ماڻيو آهي. جنهن تي اسان جي پوري ميگهواڙ جاتيءَ کي فخر آهي. سندس اُڏام جاري آهي، ڀڳوان کيس مهان پد تي پهچائيندو، ۽ قوم جو هيرو ٿي نروار ٿيندو. خواہش سے نہیں گرتی پھل جھولی میں، وقت کی شاخ کو میرے دوست ہلانا ہوگا۔ کچھ نہیں ہوگا اندھیری دل کو بُرا کہنے سے، اپنے حصے کا دیا، خود کو جلانا ہوگا۔

ڪامريڊ سڳاڙچند (سيجو)

(1914-04-11 کان 1987-07-19) ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو، انهن سندي آنهيري ويٺا چِٻ چڙهي، وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئرن جو. (شاهه) ڪارونجهر جي پهاڙي سلسلي ۾ گهيريل پارڪر جي پٽ تي جتي سُور وِير روپلي ڪولهي جنم ورتو، اُتي مسڪين جهان خان کوسي جھڙو سماج سڌارڪ پڻ پيدا ٿيو. انهن کي سارو جڳُ سڃاڻي ٿو، جن کي شهرتن جي بلندين کي آڀو آڪاش به روڪي نه سگهيا، ۽ انهن جو پورهيو ڪڏهن به رائيگان نه ويو آهي ۽ نه ئي وڃڻو آهي. اڄ يا سڀاڻي ضرور تاريخ کين مڃتا ڏيندي. پارڪر جي سون ورڻي ڌرتي ڪيترن ئي سورهيه، سماجي خدمت گارن ۽ ماتر ڀوميءَ سان محبت ڪندڙ ماڻهن کي جنم ڏنو آهي. اهڙو هڪ سورهيه ميگهه ونس سڳاڙچند سيجو تاريخ 11 اپريل 1914ع تي ڪارونجهر جي هنج ۾، ننگرپارڪر شهر کان ڏکڻ ۽ اولهه طرف مشهور ڳوٺ آڌيگام ۾ سترام داس مڪواڻي (سيجو) جي گهر اکيون کوليون. سندس ماتا جو نالو نوو ونجار جو جيڪا ڳوٺ سوراچند تعلقه ننگر پارڪر جي هئي. پاڻ شادي ڳوٺ ڪونڀاري مان تماچي جوڳوءَ جي نياڻي ٻاجُهوءَ سان ڪئي هئائين، جنهن مان کيس ٻه پُٽ آهن. هر هڪ نالي وِٺل ۽ ٻيو منسنک، جيڪي حيات آهن. هن پرائمري تعليم ڪانگريس طرفان جوڙايل پرائمري اسڪول آڌيگام ۾ ورتي، سيڪنڊري تعليم NJV اسڪول مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ميٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ کيس تُرت روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان نوڪري ملي ويئي. جتان پوءِ ترت ترقي ماڻي اسسٽنٽ مختيارڪار ٿيو. ٿر جو ميگهواڙ جاتيءَ جي پهرين اسسٽنٽ مختيارڪار جو اعزاز ماڻيائين. پاڻ ننگر پارڪر، سامارو ۽ ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪيائين. پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙن جا نالا اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ اُڪريل آهن ڪي ماضيءَ جو قصو بڻجي ماضيءَ ۾ ئي گُم ٿي ويا آهن. سڳاڙچند تائين هڪ ڊگهي لسٽ آهي. جنهن ۾ مسڪين جھان خان کوسو، عالمچند ڪولهي، گهمن سنگهه ڀيل، مڏو ڪولهي، واڌو سنگهه، سنت اميدرام، ڪوي لڪشانند، نيتي رام کان سنت کيتارام تائين کوڙ سارا ڪردار ملندا، جن پنهنجو سڀ ڪجهه تياڳي، سماجي جاڳرتا لاءِ جاکوڙيو ۽ ڪارونجهر جو ڳاٽ اوچو ڪيو. سڳاڙچند جي دل ۾ سدائين مظلوم ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهيل مسڪين ماڻهن جو احساس هوندو هو. نوڪريءَ دوران رات جو ڳوٺن ۾ وڃي تعليم، صفائي ۽ سماجي ريتن رسمن تي ليڪچر ڏيئي معاشري جي ترقي، سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهندو هو. سڳاڙچند ۽ گهمن سنگهه گڏجي پارڪر جي پٺتي پيل ڳوٺن ۾ ڪانگريس جي سهڪار سان ڪيترائي اسڪول کولرايا، جنهن ۾ شيڊيول ڪاسٽ جا شاگرد آسانيءَ سان تعليم پرائي سگهندا هُئا. ياد رهي ته ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي دؤر ۾ پارڪر تي ٺڪرن جو اثر رسوخ وڌيڪ هوندو هو. اسڪولن ۾ ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل شاگردن کي گڏ ويهي پڙهڻ ڪونه ڏيندا هئا. ان وقت ننگرپارڪر شهر ۾ شيڊيول ڪاسٽ ڪميونٽيءَ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي وڏي تڪليف هوندي هئي. ڪجهه کوهه هئا جن تي اپر ڪاسٽ جي ماڻهن جو قبضو هو. سڳاڙ چند ۽ سندس ساٿين ڪانگريس جي پليٽ فارم تان شريمتي وجڪوورٻا جي سهڪار سان سال 1935ع ۾ هريجنن لاءِ الڳ کوهه کوٽرايو، جنهن کي هن وقت آشرم کوهه سڏيو وڃي ٿو. ڪامريڊ سڳاڙ چند جي مسلسل جفاڪشي ۽ جاڳرتا جي نتيجي ۾ پارڪر جي ميگهواڙ ڪميونٽيءَ ۾ ايڪو ۽ اتحاد پيدا ٿيو. سندس سڏ تي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. هڪ ڀيري ڪاسبي ڳوٺ ۾ ڪجهه شرپسندن پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهه ڏانهن ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو. جڏهن سڳاڙچند کي ان جي خبر پئي ته هو هزارين ماڻهو ساڻ ڪري اُتي پهتو، ۽ نه رڳو رستو کليو پر هميشه لاءِ 24 فوٽ ويڪرو رستو منظور ڪرايائين، سماجي مسئلن جي حل لاءِ سڳاڙچند ”پارڪر ميگهواڙ پنچائت“ قائم ڪئي، جڏهن ڪو به سماجي مسئلو پيدا ٿيندو هو، ته هڪدم پنچائت ڪوٺائي ان کي گڏيل حڪومت عمليءَ سان حل ڪيو ويندو هو. سال 1940ع ۾ پارڪر ميگهواڙ پنچائتي پلاٽ خريد ڪري، سڳاڙچند جي رهنمائيءَ ۾ هڪ پنچائتي ”دئارو“ ٺهرايو هو، اُها جاءِ اڄ به هر ماڻهو لاءِ آڌار بڻيل آهي. سال 53-1952ع واري اليڪشن ۾ هُن ننگرپارڪر جي اقليتي مخصوص سيٽ تي ايم. پي. اي. لاءِ فارم ڀرائي، سياست جي بيٺل پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ڪري ڇڏيون. پاڻ اسسٽنٽ مختيارڪار جي پوسٽ تان استعيفيٰ ڏيئي، اليڪشن لڙيو. اُن اليڪشن ۾ راڻا چندر سنگهه جي عمر گهٽ هئڻ ڪري فارم ڀرجي نه سگهيو. سندس چاچو اليڪشن لڙيو هو. کيس چونڊ تان دستبردار ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي لالچون، طرح طرح جون اٽڪلون ڪيون. آخر ۾ ڌمڪيون به ڏنيون وييون پر هو پنهنجي موقف تان نه هٽيو، ۽ ڪارونجهر وانگر مضبوط ٿي بيٺو رهيو. کيس خبر هُئي ته هو هارائي ويندو تنهن هوندي به هن همت نه هاري ۽ ڀرپور نموني سان اليڪشن وڙهيو. ٽمورتي سڳاڙچند، گهمن سنگهه ڀيل ۽ عالم چند ڪولهي، گڏجي اتحاد قائم ڪيو. پڙهيل لکيل شاگردن کي گهرائي مختلف ڳوٺن ۾ اليڪشن ايجنٽ مقرر ڪري موڪليو. سوائي گونديءَ ۾ خوشحال، ڪاسبو ۾ ڪرشن لال ۽ رتن ڀيل، شولي ۾ ايجنٽ ٿي ويا هئا. سڳاڙچند اليڪشن هارائي هئي پر مسڪين ماڻهن جي ووٽ جو قدر ڪرايو. سڳاڙچند ”اڇوتن جو آواز“ جي نالي هڪ ڪتاب به لکيو هو. سال 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ دوران سرحد جي هُن پار هليو ويو، ڀڄ جي ويجهو ڳوٺ پراگپور لڳ پنهنجو ذاتي ڳوٺ سُڳاڙپور جي نالي سان جوڙائي، اُتي رهيو. جتي هن جي من کي ڪڏهن به چين نه آيو. آڌيگام، ڪارونجهر، گهوٽياري، ڪاسبو کي ياد ڪري، هُن اکيون اوهيرا ڪري وهي پونديون هيون. وطن لاءِ سڪندي سڪندي 19 جولاءِ 1987ع تي، 73 ورهين جي ڄمار ۾ پارڪر جي مٽيءَ جو هيءُ سپوت پرلوڪ پڌاري ويو. پارڪر جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ هن وقت جو سڌارو آيو آهي انهيءَ جو بنياد سڳاڙچند رکيو هو. پارڪر جا ميگهواڙ اڄ به کيس دل سان ياد ڪندا رهن ٿا. هر ماڻهوءَ کي مرڻو آهي پر ڪردار جا نقش دلين تي چٽجي ويندا آهن. نسل در نسل اها ڇاپ منتقل ٿيندي رهندي آهي. پارڪر جي ميگهواڙ گيتارين، ”سڳاڙو“ گيت پڻ جوڙيو آهي، جيڪو اڄ به ٻار کي لاڏ ڪوڏ ڪندي ڳائينديون آهن: ”منهنجو پُٽ سڳاڙو ٿيندو، آئون لاڏ ڪوڏ ڪريان ٿي“ وٺــي هـر هـر جـنم وربـو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو.

پنهون مل هميراڻي

(1907 کان 1992) اڄ نه اوطــاقــن ۾، سـنـدي جـوڳـيـن ذات، سـاري سـنـيـاسـيـن کـي، رُنـم ســاري رات، مــون جنيـن جـي تـات، سـي لاهوتي لڏي ويا. پنهون مل هميراڻي اڏول ڀٽن جي ڀر ۾ همير جي ڍاڻي، لڳ گوڙيهار تعلقي مٺي، ضلع ٿرپارڪر ۾ سال 1907ع ڌاري هڪ سخي مرد، همير چند جوڳو جي گهر جنم ورتو، سندس ماتا جو نالو تاران هو، هوءَ پتڙيا ذات جي ۽ ڳوٺ رانجهي نون، تعلقه مٺيءَ جي هئي. پنهون مل شادي ڳوٺ ڪانڪيو شري حاجو ڳنڍير جي ڌي حليمان سان ڪئي. جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ ٻه پُٽ آهن. هڪ راڻجي مل پوليس کاتي مان رٽائر ٿيو، ۽ ٻيو شري سترام داس پرائمري ماستري تان رٽائر ٿيو آهي ٻئي حال حيات آهن. پنهون مل 5 درجا پرائمري تعليم ڪانگريس اسڪول گوڙيهار مان پاس ڪيا. سندس اکر تمام سٺا هئا. انهيءَ کانسواءِ هو هندي گجراتي پڙهيل هو، جنهن تي گهڻي مهارت حاصل هئس. پنهون مل ننڍپڻ کان پنهنجي پيءُ سان گڏ ٿر مان ڍڳا وٺي، گجرات ۽ ڪڇ طرف وڪرو ڪرڻ ويندو هو. جيئن ته ڀارت جا اتم ذات سڏائيندڙ هندو، هريجنن جي ٻارن کي اسڪولن ۽ مندرن ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندا هئا ۽ کين سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور غلام بڻائي ڇڏيو هئائون، ان ڪري پنهون مل 1930ع ۾ اڇوتن جي اڳواڻ، ڊاڪٽر امبيڊڪر سان بمبئيءَ ۾ ملاقات ڪئي، ۽ ان جي سياسي ۽ سماجي تربيت هيٺ رهيو. سال 1935ع ۾ پنهون مل جي ملاقات سوامي ڪرشنانند سان ٿي، جيڪو ورهاڱي کان اڳ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو هو. سوامي کيس انڊين نيشنل ڪانگريس پارٽيءَ ۾ وٺي آيو، ۽ سندس ملاقات سابرمتي آشرم ۾ مهاتما گانڌيءَ سان ڪرايائين. هن مهاتما گانڌيءَ کي هريجنن جي فلاح ۽ بهبود جي سلسلي ۾ چيو ته، ٿر ۾ هريجن اسڪول کولي، استاد مقرر ڪري ڏين. مهاتما گانڌي اها ڳالهه تسليم ڪندي، سنڌ جي مشهور ڪانگريسي اڳواڻن، پروفيسر گهنشام، ڊاڪٽر چوئـٿرام، جيٺمل پرسرام، لالچند امرڏني مل جگتاڻي، پروفيسر هاسانند جادوگر ۽ شاعر هوند راج ڏکايل کي لکيو ته ٿر ۾ هريجن اسڪول کولي، انهن ۾ سُٺا استاد مقرر ڪري ڏيو، ۽ انهن جا پگهار پارٽيءَ جي فند مان ڏنا وڃن. پنهون مل مهاتما گانڌيءَ جو پيغام کڻي حيدرآباد پهتو. انهن صاحبن ٿر ۾ 30 هريجن اسڪول کولي استاد مقرر ڪري ڏنا. جن جي نگراني ۽ انتظام پنهون مل جي حوالي ڪيو ويو. انهن اسڪولن مان تعليم حاصل ڪيل نوجوانن ٿر جي ڀٽن واري علائقي ۾ وڏي سجاڳي آندي، جا اڄ اوهان سڀني جي سامهون آهي. اهو ڪريڊٽ مهان انسان پنهون مل هميراڻيءَ جي حصي ۾ اچي ٿو. پنهون مل هميراڻي ”لوڻ تحريڪ“ ۾، ننگرپارڪر شهر ۾ ان تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي هئي. سال 1939ع ۾ ٿر ۾ تمام سخت ڏڪار پيو هو، جنهن لاءِ ڪانگريس طرفان گڍڙو ۾ اناج مهيا ڪيو ويو هو. جنهن جو نگران پنهون مل کي مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏڪاريل ماڻهن ۾ اناج جي صحيح ورهاست ڪرائي. پنهون مل 1942ع ۾ ”ڪئٽ انڊيا“ هلچل ۾ حصو ورتو ۽ جيل به ويو. ملڪ جي ورهاڱي وقت هن سنڌ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو، ۽ ٿر جي ڳوٺ ”همير جي ڍاڻي“ ۾ ئي رهيو سال 1948ع ۾ هن سرڳواسي گهمن سنگهه ڀيل، ۽ مالچند ڪولهيءَ سان گڏجي ”هريجن سماج سڌار سنگت“ جو بنياد وڌو. انهيءَ پليٽ فارم تان ڪافي ماڻهن کي روزگار جا ذريعا ميسر ٿيا. پنهون مل هميراڻيءَ جو هڪ وڏو ڪارنامو، جيڪو ٿر جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي، سو اهو هو ته 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ هن ٿر جي هزارين مسلمانن جو دفاع ڪيو. جڏهن ته سندس ڳوٺ به هندوستاني فوج جي قبضي ۾ اچي چُڪو هو. پنهون مل پنهنجي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ تمام گهڻو مشهور هو. سندس ذاتي لئبرريءَ ۾ سوين ڪتاب هئا. پنهون مل ڪجهه وقت يونين ڪائونسل سينگارو جو آنرري سيڪريٽري به ٿي رهيو، ۽ سال 1962ع ۾ بي. ڊي. جو ميمبر به ٿي رهيو هو. هن جا سائين جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي، مسڪين جھان خان کوسو، مير محمد بخش خان ٽالپر، محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند هريجن، غلام محمد جنجهي راشد مورائي، تاج جويو، انب گوپانگ، مجرم لغاري ۽ ڄام ساقيءَ سان دوستاڻا تعلقات هُئا. پنهون مل هميراڻي پنهنجي ميگهواڙ جاتيءَ لاءِ جاکوڙ ڪندي ڪندي، سال 1992ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو ۽ پنهنجي اصل مالڪ سان وڃي مليو. مـون سـي ڏٺـا مـاءِ، جـنـيـن ڏٺـو پـريـنءَ کـي، تنـيـن سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. اڄ به اسان کي پنهون مل جھڙن ڪردارن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي وقت جي ظالمن سان مقابلو ڪن ۽ مسڪين قوم جو ڀرجهلو ٿين. سندس فرزند سترام داس هميراڻي پرائمري استاد هو، جنهن رٽائرمينٽ ڪئي آهي. سندس ڀائيٽو سنڀو هميراڻي ناميارو اديب، استاد ۽ سماج سڌارڪ ٿي گذريو آهي جنهن ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ مسڪين جھان خان کوسي سان گڏجي هارين ۽ غريب ٿرين جي سجاڳيءَ ۽ خدمت جا ڪم ڪيا.

مهرچند ٻالاڻي

(1907-06-17 کان 1990-01-07) سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا، رُئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن، مونکي چاڙهي چيئِن، ويو وڻجهارو اوهري. (شاهه) هن ٿر تي ڪيترائي پڪا ۽ سچا ڪانگريسي انقلابي پُرش ٿي گذريا آهن، جن ۾ پنهون مل هميراڻي گوڙهيار، سگاڙچند سيجو ڳوٺ آڌيگام، سرڳواسي ڪلا رام جئپال لوڻيو، سرڳواسي همير سکاڻي مٺي، سرڳواسي رائڌڻ مٺڙيو هاليپوٽا ۽ ڪارو مل اسلام ڪوٽ قابل ذڪر نانءَ آهن. اهڙي هڪ انقلابي ۽ سماج سڌار پُرش سرڳواسي مهر چند ٻالاڻي تاريخ 1907-06-17ع ۾ مٺي شهر ۾ ٻالو کوکر جي گهر جنم ورتو. سندس خانداني پس منظر پيش ڪندي اهو لکڻ ضروري آهي، ته سندس پتا ٻالو، مٺيءَ ۾ پنهنجي نيات جو چڱو مڙس ۽ پٽيل هو. ٻالو ٻه شاديون ڪيون هيون، پهرين شادي ڳوٺ پوسرِڪو مان ڪئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ ٿيا. رامچند، لالو، گنگو ۽ ٻئي شادي ڳوٺ ماڃٺي مان، نالي جامان سيجو سان ڪئي، جنهن مان کيس 3 پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي 1. تلوڪ 2. گوبند 3. مهرچند ۽ هڪ نياڻي هستو. مهرچند شادي نالي ست ٻائي، ڌي چتون، ذات پرگڙو، ڳوٺ حجامڙو تعلقه مٺي مان ڪئي. جنهن مان کيس 7 نياڻيون ۽ ٻه پٽ ٿيا. 1. ڀيرو مل ٻالاڻي (جيڪو MPA به ٿي رهيو هو هن وقت ذاتي ڪاروبار ڪراچيءَ ۾ ڪري ٿو.) ٻيو دريوڌن، جو سرڪاري نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس سڀ نياڻيون شادي شده ۽ پنهنجي اولاد سان خوش آهن. مهرچند جو جنم وقت، آزاديءَ جي هلچل جو دؤر هو. تنهن ڪري ڪانگريس جو مٿس وڏو اثر هيو. انهي وقت جا هندو ميگهواڙن، ڀيلن، ڪولهين ۽ ٻين اڇوت ذاتين کي هندو اڇوت، يا هريجن ڪري سڏيندا هئا. گانڌي هريجن ڪري سڏيو هو. انهن کان مهاجن هندو ڏاڍي نفرت ڪندا هئا. انهن کي اڇوت سمجهي وهڻ، رهڻ، کائڻ ۽ پيئڻ ته در ڪنار، ڇُهڻ سان به انهن هندون جو ڌرم ڀرشٽ ٿي ويندو هو. سرڳواسي مهرچند ٻالاڻيءَ کي پنهنجي حالت ۽ ذات ۽ ڀائورن سان اها نفرت ڏسي، ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. کين سڌارڻ لاءِ هميشه سمجهائيندو هو. تنهن کانسواءِ اڇوتن جي پڙهڻ لاءِ اسڪول پڻ ڪونه هو. ڪانگريس جي مدد سان سال 1916ع ڌاري اڇوت ٻارن کي پڙهائڻ جو بندوبست ڪيائين، پر هندن مهاجنن جي زور تي گڏ ويهڻ جي اجازت نه هُئي. تنهن ڪري اسڪول جي ڀرسان هڪ لانڍي ٺاهي، اڇوت ٻارن کي انهيءَ ۾ پڙهائڻ لاءِ پونجو نالي هڪ گرڙو ماستر رکي ڏنائين، جنهن ۾ مهرچند ۽ سندس ڀاءُ گوبندرام به فائنل امتحان جي تياري ڪئي. انهي اسڪول ۾ ٻيا به اڇوت ۽ مڱڻهار ڇوڪرا هئا. جن عمرڪوٽ وڃي امتحان ڏنو پر ٻئي ڀائر فيل ٿيا هئا. انهي زماني ۾ جيڪي به ڪانگريسي ايندا هئا، انهن جون تقريرون ٻڌڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سندس مقصد هو. انهيءَ کانسواءِ ڌرم جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ مٿن عمل ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. جتي اڳ مٺيءَ ۾ سڪندر سوشل ڪلب هو، اُتي هندو ڌرم تي تقريرون ڪندا هئا. پنڊت لوڪ ناٿ هندو ڌرم تي وياکياڻ ڏيندو هو. آريه سماج وارا صرف هندن کي گهرائيندا هئا. انهي وقت ڪانگريس جو زور هو. تنهن جي مدد سان اهو اسڪول کولايو ويو هو. انهي وقت اسڪول جو هيڊ ماستر پراڳچند پُشڪرڻو برهمڻ هو. ماستر پونجو مل گرڙو سان مليو، تنهن کي سڀ ڳالهيون سمجهائي ۽ حاضريءَ بوڪ ۾ هريجن ڇوڪرن جا نالا لکائي، پڙهائي شروع ڪئي هئائون. سرڳواسي مهرچند ۽ سندس ڀاءُ گوبند رام سال 1916ع کان انهي اسڪول ۾ پڙهائي شروع ڪئي هئي، ۽ 1929ع ۾ فائينل جو امتحان عمرڪوٽ ۾ ڏنو هئائون، پرپاس ڪونه ٿيا. ڪلاس ۾ ڪل 30 شاگرد هئا جن ۾ هڪ ڀيل، هڪ گرڙو، ٽي مڱڻهار ۽ ٻيا سڀ ميگهواڙ شاگرد هئا. انهي اسڪول جي وزٽ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انگريز آفيسر ايندا هئا، ۽ حاضري بوڪ تي ريمارڪس هڻي ويندا هئا. هيڊ ماستر، جيڪو پڙهائڻ لاءِ مين اسڪول ۾ ويندو هو، ايتري وقت لاءِ پونجومل کي ڪُرسيءَ تي ويهڻ جي اجازت هوندي هُئي. هو جڏهن واپس ايندو هو ته ڪرسيءَ کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي ڇيپ لاهي، پوءِ وهڻ لائق سمجهيو ويندو هو. آريه سماج جو زور هو پر ڪانگريس جو مٿن دٻاءُ هو. انهي وقت انهي مت ڀيد ڪري ڪيتريون ئي درخواستون ڪيون ويون هيون. تنهن ڪري انهي اسڪول ۾ هيڊ ماستر روي شنڪر ٻڌايو ۽ انڪوائري ٿي، تڏهن سڀني کان لکائي ورتو ويو هو ته هتي ڪابه ڇوت ڇات يا متڀيد ڪونه ٿو ٿيئي. اهو لکرائي انڪوائري وارن کي جواب ڏنائون، سڀنيءَ جي اها مجبوري هئي. انهي وقت ڪانگريس طرفان جئرام داس، ڊاڪٽر وطن مل، هوند راج دکايل، پروفيسر ملڪاڻي، هاسانند ۽ پروفيسر گهنشامداس سوامي ڪرشنانند ۽ سنت ليلا شاهه وغيره ايندا هُئا. جئرام داس ۽ دولت رام خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ لاءِ ڪانگريس طرفان مقرر ٿيل هئا، اهي سڌاري ۽ تعليم لاءِ مدد ڪندا هئا. جيئن ته مهرچند ۽ سندس ڀاءُ گوبند رام فائينل امتحان ڪونه پاس ڪري سگهيا، سو واپس اچي درزڪو ڪم سکيا. مهرچند وڃي اسلام ڪوٽ ۾ اهو درزڪو ڪم شروع ڪيو، انهي وقت اسلام ڪوٽ ٿر جو واپاري شهر هو. شهر جو مُکي سيٺ رامچند هو. تنهن جو پٽ نهالچند لهاڻه، جو تمام لائق ماڻهو هو، جو بعد ۾ اسلام ڪوٽ يونين ڪائونسل جو چيئرمن رهيو هو، ۽ هو انهي وقت غريب ۽ هيٺين ذات وارن سان ايترو مت ڀيد نه رکندو هو. 2 سال اسلام ڪوٽ ۾ ڪم ڪري، پوءِ اچي مٺي شهر ۾ درزڪو ڪم ڪيو. مٺيءَ جي بازار ۾ سيٺ ڌرمداس ۽ ڀاءُ چترو مل وڪيل جي دڪان تي مشين رکي ڪم ڪندو رهيو. وڪيل چترو مل لوهاڻه ۽ بجير آچار خان سندس خاص دوست هُئا. آچار خان بجير مئٽرڪ پاس هو. پهريائين چترومل وڪيل وٽ ڪلارڪ هو ۽ آفيس ۾ ڪم ڪندو هو. پوليس ۾ نوڪري ڪيائين. پاڙي جو چڱو مڙس هو ۽ پوءِ يونين ڪائونسل مٺيءَ جو چيئرمن به ٿي رهيو هو. مهرچند کي پوءِ سنڌ سمال انڊسٽريءَ ۾ اسٽور ڪيپر جي نوڪري ملي. آخرتائين نوڪري ڪيائين ۽ اتان رٽائر ٿيو. آخر هيءُ آدرش انسان تاريخ 1990-01-17 تي، هن سنسار کي الوداع چئي، پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. هو جو پيار کامي ويا ۽ ڪيڏو دور اڏامي ويا. (اياز)

امر وير لڌارام

(1910-1-1 کان 1959-2-22ع) گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، ڪڏهين منجهه ڪوٽن، ڪڏهين راهي رڻ جا. (شاهه) ڪي ڪي ڪردار زبان، تحرير ۽ تقرير کان اعليٰ هوندا آهن. پوءِ اسان جھڙن عام انسانن جي دل، انهن جي عظمت ۽ احترام اڳيان سر جُهڪائي، کين ڪومل لفظن ۾ ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي. سادا سودا لفظ انهن ڪردارن کي واضح نه ڪري سگهندا آهن. هيءَ اهڙي ئي هڪ امر انسان جي ڪٿا آهي، جنهن جو نالو امر وير لڌارام پنئار هو، جنهن 1910-1-1ع شهر پنوعاقل ضلع سکر ۾ مُکي ٻٽارام پنئار جي گهر جنم ورتو. سرڳيه لڌارام جي ڌرم پتنيءَ جو نالو جسودا پڙهيار، ڌي ايسر، ڳوٺ بشير آباد، تعلقو اوٻاڙو، ضلع گهوٽڪي هو، جنهن مان کيس 2 نياڻيون ۽ هڪ پٽ ارجڻ داس وڪيل آهي. سرڳيه لڌارام پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول پنوعاقل مان حاصل ڪئي. هو انگريزيءَ ۾ به لکڻ پڙهڻ ڄاڻندو هو. لڌارام پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪاروبار جي لحاظ کان واپاري هو. هو ننڍي هوندي کان ئي ملنسار، مهمان نواز ۽ هٿ جو کليل سخي مرد هو. هو راڳ ڳائيندو هيو ۽ هو انيڪ قسمن جي راندين ۽ ملهه جو به شوقين هيو. هو پنچائتي ميڙن ۾ به وڏي چاهه سان شريڪ ٿيندو هيو، ۽ پاڻ هڪ ناليوار نياڪاري ۽ سر پنچ پڻ هيو. جڏهن اپر سنڌ ۽ پنجاب جي ميگهواڙن جي پنچائت جا عظيم ميڙاڪا ٿيندا هئا، ته ٻين مشهور زمانه سرپنچن وانگر لڌارام به پنچائت جو روح روان سمجهيو ويندو هيو. هن کي سياست ۾ به دلچسپي هُئي. هو 1955ع کان 1958ع واري مارشل لا اچڻ تائين، ضلع ڪائونسل سکر جو ميمبر به ٿي رهيو هو. هو الله لوڪ ماڻهو هو. درويشن، سنتن ۽ عالمن جي دل سان عزت ڪندو هيو. لڌارام کي غريبن، مسڪينن ۽ زماني جي ستايل ماڻهن سان شروع کان ئي همدردي هئي. ان ڪري ڪير به سوالي بڻجي سندس مدد ڪرڻ لاءِ اوش ايندو هيو، ته هُو انهي جي تڪليف جي ازالي ڪرڻ لاءِ سندس ٻانهه ٻيلي ٿي انهيءَ جي مشڪل کي دور ڪندا هُئا. لڌارام کي ڪنهن جي ننگن ۽ نياڻين ڏانهن وڌندڙ هٿن ۽ زور آورين ڳالهين تي ڏاڍو افسوس ٿيندو هيو، انهن ڏکويلن جي مدد کي لڳي، سندن تڪليف دور ڪرائڻ ۾ راحت محسوس ڪندو هيو. 1958ع ۾ برادريءَ جي هڪ شادي شده ناريءَ کي اغوا ڪري، سندس ڌرم بدلايو ويو هيو. ان جي واپسيءَ لاءِ ٻارنهن تل (تعلقن) واري پنچائت، جيڪا اتر سنڌ ۽ پنجاب جي ضلع رحيم يار خان تي مشتمل هئي. لڌارام کي ڌرم جي نالي ۾ اها ناري، نيڻي ٻائي هن وقت زنده آهي ۽ کيس پنهنجي نياڻيءَ وانگر مان ۽ سنمان سان پنهنجي گهر ڪوٺي ايندو هو. کيس واپس ڪڍرائي اچڻ لاءِ زور ڀريو ويو پر لڌارام ان ناريءَ سان ملاقات ڪري اچي پنچائت کي چيو، هوءَ چئي ٿي ته منهنجي شادي ٻئي مرد سان ڪرايو ته موٽي اچڻ لاءِ لڌارام جو چيو مڃندس. پنچائت اها ڳالهه مڃي، پوءِ وڏي جتن ۽ حاڪمن جي همدرديءَ سان ۽ ناريءَ جي رضا سان اها ناري واپس ٿي. پر پوءِ کيس ٻيو مڙس ڏيڻ واري واعدي تان پنچائت ڦري ويئي. پر ناري لڌارام کي پنهنجي ڏنل وچن کان مُڪت ڪري، ساڳئي گهر ۾ رهڻ جو وچن ڪيو. لڌارام نهايت کُلي دل ۽ اعليٰ ذهن جو مالڪ هو، سورهيائيءَ ۾ سندس ڪو مثال ملڻ مشڪل هوندو، جو ان غريبن، عزت، ننگ ۽ ناموس جي پاسداري ڪندي، پنهنجي جان جي قرباني ڏيئي، هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو، ۽ امرتا حاصل ڪري هندو برادرين ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. نيٺ 1959-2-22 تي شام جو لڌارام هڪ پئسينجر ٽرين ۾ گهوٽڪيءَ کان پنوعاقل اچي رهيو هو، (ان گاڏي ۾ هڪ ميگهواڙ تنو جي ادشي ۽ ٻيا 14 فوجي ويٺل هئا) پنوعاقل ۽ گهوٽڪيءَ جي وچ واري مهيسر نالي ريلوي اسٽيشن تي، پينو فقير جي صورت ۾ هڪ ماڻهو دريءَ وٽ اچي پستول جو فائر ڪيو جو لوندڙيءَ واري پاسي کان مٿي ۾ لڳو، ۽ هيءَ امر آتما ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ پنهنجي پرماتما سان وڃي ملي. اهو واقعو پير ڀرچونڊيءَ جي ماڻهن، امر شهيد ڪنور رام واري ساڳئي ٽيم 1939ع رُڪ اسٽيشن تي ڪيو هو. هن وقت اُهي ٻئي اسٽيشنون رُڪ ۽ مهيسر ويران ۽ تباهه ٿي ويل آهن. ڏوهارين مان هڪ کي چانهه وڪڻڻ واري هڪ پٺاڻ فائرن جي ڀوءُ ڪرڻ کان لاپرواهه ٿي، ڊوڙائي ڊوڙائي وڃي پڪڙيو هيو، جنهن کي هٿيار رکڻ واري ڏوهه ۾ سزا ملي هئي. اهو پٺاڻ امر وير لڌارام جي ورسيءَ ۾ مردان کان هاڻي به ايندو رهندو آهي. اهڙي هستي جنهن انسان ذات جي خدمت ڪندي، پنهنجي جان جي قرباني ڏني آهي. انهيءَ جي روحاني سڳنڌ جيئن اڳ جاري هئي، تيئن اڄ به جاري آهي. سندس فرزند وڪيل ارجڻ داس پنهنجي پتا جي ياد ۾ هر سال ورسي ملهائيندو آهي، ۽ ميگهواڙ برادريءَ جي ماڻهن کي سندن ملڪي سطح تي نمايان ڪارڪردگيءَ جي مڃتا عيوض، امر وير لڌارام ايوارڊن سان نوازيندو رهندو آهي. اچ پرين هي زندگي مختصر ميڙي وٺون، نفرتون ڪنڊن وانگر ڪڍون، ۽ گُل محبت جا ميڙي وٺون.

پريم چند (پريم)

(1952-03-15 کان 1997-05-13) ڇني گل گلاب جا، ڪيئي ڌارو ڌار، اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان! چيلهار جي مهان ڌرتيءَ سان محبت ۽ عقيدت انهي ڪري به آهي، جو جنهن پهريون انمول تحفو تاريخ ريگستان جي ليکڪ سرڳيه رائچند راٺوڙ جي صورت ۾ ڏنو، ٻيو سرڳيه استاد ڀانو مل جي صورت ۾ ڏنو، جيڪي اسان لاءِ باعث فخر ٿيا، ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويا. ٽيون انمول هيرو قومي درد رکندڙ، انسان ذات جي همدرد پُرڪشش شخصيت جي مالڪ، سرڳيه پريم چند جي روپ ۾ ڏنو، جنهن جو عمل ۽ ڪردار اسان لاءِ مشعل راهه آهي. اهڙن سپوتن جي مائرن کي سلام! پريم چند جو جنم 15 مارچ 1952ع تي سرڳيه نانڪرام، ذات پنڙ چيلهار جي گهر ٿيو. پريمچند جي ماتا شريمتي ميا ڌي نانڪ رام ذات کوکر، جيڪا مٺي شهر جي رهواسڻ آهي. پريم چند سڀني ٻارن ۾ وڏو هو. انهي ڪري کيس تمام گهڻو پيار مليو. پاڻ شادي ڳوٺ ميمڻ جو تـڙ تعلقه مٺيءَ مان سرڳيه وانڪجي مل پرگڙو جي گهران ڪئي. سندس ڌرم پتنيءَ جو نالو پريمان، ڌي وانڪجي مل هڪ خود دار انسان هو، ۽ حافظي جو ايترو تيز هو، جو هو پنهنجي واسطي وارن جون ڪيتريون ئي پيڙهيون ٻڌائيندو هو. پريم چند جو اولاد نياڻيون ۽ ٽي پُٽ 1. دولت جيڪو MSC ڪيمسٽري پاس، JST جي نوڪريءَ ۾ 2. نريندر BE ٽيڪسٽائيل مهراڻ يونيورسٽي، پرائيويٽ نوڪريءَ ۾ 3. جيوت M.Sc مئٿس آهي. سندس والد کيس ڇهن سالن جي عمر ۾ سن 1958ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول چيلهار ۾، استاد رائچند راٺوڙ ميگهواڙ وٽ داخل ڪرايو. پرائمري اسڪول مان پنجون درجو پاس ڪري، هاءِ اسڪول چيلهار ۾ داخل ٿيو، جتان 1968ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. غريبي حال هجڻ ڪري پنهنجي پڙهائي اڳتي جاري رکي نه سگهيو، ۽ نوڪري ڪرڻ ۽ پنهنجي پيءُ جو گهرو خرچ ۾ هٿ ونڊائڻ جي حوالي سان هُن حيدرآباد جو رُخ ڪيو. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران C.com, D. Com ٽائيپ ۾ شارٽ هينڊ جو ڪورس پڻ ڪيائين، اهو زمانو اهڙو هو جو ٿر کان بئراج علائقو تمام پري هو ۽ پهچڻ ڏکيو هو. ٿر کان نئون ڪوٽ پهچڻ لاءِ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي GMC ڇڪڙا هلندا هئا، پر گهڻا ماڻهو اٺن تي سفر ڪري نئون ڪوٽ پهچندا هئا، جتان اڳتي ٽرين ذريعي سفر ڪندا هئا. انهي دؤر ۾ نوڪريون ٿوريون هيون پر اُهي هوشياري ۽ قابليت جي بنياد تي ملنديون هيون. پريمچند کي جنوري 1971ع ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولس جي آفيس ۾ جونيئر ڪلارڪ طور نوڪري ملي، ڇهه مهينا نوڪري ڪرڻ بعد کيس جونيئر هجڻ ڪري رڊڪشن ۾ لاٿو ويو. پر ترت ئي وري جايون پئدا ٿيڻ ڪري نوڪري بحال ڪئي ويئي. سال 1975ع ۾ کاتو بدلائي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سول لائين آفيس ۾ اسٽينو ٽائيپسٽ طور ڀرتي ٿيو. محنت ۽ سچائيءَ ڪري اسٽينو گرافر جي پوسٽ تي ترقي ڏيئي، ان وقت جي چيئرمين جسٽس آغا امداد علي جو PA مقرر ڪيو ويو. 1983ع ۾ سندس محنت جي مڃتا ۾ کيس ترقي ڏيئي آفيس سپرنٽينڊنٽ بڻايو ويو، ۽ اضافي چارج ڪنٽرولر آف ايگزمينيشن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏني ويئي، ۽ اهو فرض ٽي سال تائين نهايت محنت ۽ ايمانداريءَ سان نڀائين. پنهنجين ڪوششن سان پهرين 1984ع ڌاري، شيڊول ڪاسٽ ايسوسيئيشن کي زندهه ڪيائين، ۽ ان کانپوءِ ڪجهه ساٿين جي مدد سان 1985ع ۾ ميگهواڙ ايڊيوڪشنل ايسوسيئيشن جو بنياد رکي پهرين ميٽنگ کان رجسٽريشن تائينءَ جو ڪم پايه تڪميل تي پهچايائين، ۽ پنهنجو پاڻ کي ان جو رضاڪار بڻائي ڇڏيائين. سندس ڪوشش مان ڪافي چندو گڏ ڪري، اسڪولي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويئي، ۽ سندس جاکوڙ جي نتيجي ۾ ميگهواڙ ايڊيوڪيشنل ايسوسيئشن حيدرآباد جو آئين مرتب ٿيو، ۽ رجسٽرڊ ٿي وجود ۾ آئي. 1984ع ۾ سامارو شهر ۾ پهرين گڏجاڻي سڏائي، اليڪشن ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي 11 ميمبرن مان سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ، سرڳيه پريمچند هو. ان بعد ضلعي ۾ تعلقي ليول تي يونٽ کولڻ لاءِ مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ سڏايل ميٽنگن ۾ شرڪت ڪئي. شگر جي تڪليف جي باوجود ڪڏهن به ٿڪاوٽ جو اظهار نه ڪيائين. بٺ اونهاري جي گرمي هجي يا وچ سياري جو سيءَ، رات هجي يا ڏينهن طوفان هجي يا برسات، هو هر پل هڪ پير به پوئتي نه هٽيو. جان جيئن تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري، تتي ٿڌي ڪاهه هل، ڪانهي ويل ويهڻ جي. جيئن ته هُن پاڻ غريب، افلاس، ڏک ۽ ڏوجهرن جھڙي ڏکي رستي کي پار ڪيو هو، تنهن ڪري سدائين سوچيندو هو ته غريب جاتيءَ سان واسطو رکندي، جيڪڏهن اميراڻا خيال ڪنداسين ته ڪکن جا ڀونگا آهن، انهن جو ڇا ٿيندو، ۽ غريبن جي خدمت وارو جذبو به موڪلائي ويندو، ۽ عام ماڻهو واري لڏي کان به پري ٿي ويندس. اهو خيال دل ۾ رکي غريبن سان ڏک سک ۾ گڏ رهڻ ۾ فرحت محسوس ڪندو هو. خوشي يا غميءَ جي ڪمن ڪارين ۾ سڀني عزيز برادريءَ سان گڏ هوندو هو، ۽ پاڻ کي ڪڏهن به ٻين کان مٿي نه سمجهيائين. سرڳيه پريمچند سدائين خوشيون ونڊڻ ۽ ٻين جا ڏک ميڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ڪڏهن به پئسي جي لالچ نه رکيائين. اهڙي اهم کاتي ۾ اهم پوسٽ تي رهڻ جي باوجود به سادگيءَ جي زندگي گذاريندو رهيو، ڪڏهن به ٺٺ ٺانگر نه رکيائين. سرڳيه پريمچند ڪلارڪي واري وقت کان وٺي ڊپٽي سيڪريٽري ٿيڻ تائين، قريشي ڪمرشل انسٽيٽيوٽ ۾ شارٽ هينڊ سيکاريندو هو. هر کاتي ۾ سندس هڪ يا ٻه شاگرد ضرور ملندا. سندن وحدت ڪالوني وارو سرڪاري گهر به سماجي ڪمن جو مرڪز سمجهيو ويندو هو. ڪيترا ئي ميگهواڙ انهيءَ گهر ۾ رهي، ٽائيپ ۽ شارٽ هينڊ سکي، مختلف کاتن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن. هو انهن جي اخلاقي توڙي مالي مدد به ڪندو هو، ڪيترائي ماڻهو آفيسر هوندي به، پريمچند جي رهنمائيءَ ۾ ڪميشن جي امتحان جي تياري به سندس گهر ۾ ڪرائيندا هئا. جيڪي اڄ ڪلهه مختلف کاتن ۾ اهم سيٽن تي موجود آهن ۽ سندس ڏسيل راهه تي عمل ڪندي، ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن نيڪ انسان جي گڻن جي ڪيتري ساراهه ڪريان؟ هي اڻ کُٽ گڻن جو مالڪ هو، بيروزگار نوجوانن کي ٽائيپ ۽ شارٽ هينڊ سيکارڻ هجي يا نوڪري لاءِ ڪا راهه، شاگردن کي داخلا وٺائي ڏيڻ هجي يا سندن رهڻ جو بندوبست، ڦاٿل ماڻهن کي مفت قانوني مشورا ڏيڻا هجن يا قابل وڪيل جي تلاش، مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪار لاءِ ايندڙ غريب ٿرين سان گڏ وڃڻو هجي يا سفارشي چٽ، شهر جا ڪم ڪار هجن يا شادي غميءَ جو سامان خريد ڪرڻو هجي، ماڻهن کي اسپتال حوالي يا کين ضرورت جو سامان، داخل مريضن جي صبح شام سارسنڀال لهڻ هجي يا کاڌي خوراڪ جو انتظام، غريب مريضن لاءِ چندو گڏ ڪرڻو هجي يا مفت دوا لاءِ ڪوشش، رت جو بندوبست ڪرڻو هجي يا پساهه پورا ڪندڙ کي ڳوٺ پهچائـڻو هجي، مطلب ته ضرورتمند کي ڪڏهن نا اميد نه ڪيائين. هي هڪ بڙ جي وڻ وانگر هوندو هو، جو ڪيترائي غريب سندس ڇانوَ هيٺ ويهي پنهنجين پيڙائن کي گهٽائي، سک جو ساهه کڻندا هئا. آخر ۾ اهو لکڻ ضروري آهي ته ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ٿوري وقت ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ وارو، پريمچند، جنهن جو جھڙو مائٽن نالو رکيو، تيئن هر انسان سان پريم ڪيو. هو هڪ سماجي ورڪر ۽ وڏو انسان هو. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءَ نه ٿيندو ته پاڻ هڪ ادارو هو، جيڪو سندس وڃڻ ڪري بند ٿي ويو آهي. ٿوري عرصي ۾ وڏيون ۽ عظيم خدمتون سرانجام ڏيئي، ميگهواڙ جاتيءَ جي تاريخ ۾ ٿر جي تاريخ جي ورقن ۾ پاڻ کي عظيم سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان نالو لکرائي، امر ٿي ويو. کيس وڪيل ارجڻ داس امر وير لڌارام ايوارڊ سال 2007ع، سامي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي سندس سرڳواس ٿيڻ بعد ڏنو ويو. آخر ۾ هيءُ فرشته صفت امر انسان، تاريخ 1997-05-13 تي وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو. هزارين دلين کي گهايل ڪري، رت روئاڙي، ماتم ڪرائي امر ٿي ويو. پر هيڻن جي همدردي، ڏکويلن جي ڏڍ ۽ دردمندن جي دوا جا در هميشه بند ٿي ويا. هيءُ هڪ قسم جو حاتم طائي هو. هاڻ اسان اهڙي رڻ ڀوميءَ ۾ اڪيلا آهيون، جتي ويجهي ڪابه وسندي، ڇانوَ ۽ روشني نظر ڪانه ٿي اچي. مور ٽهوڪا ڪن جتي، مان اُت هوندو سانءِ، مونکي ياد ڪجانءِ، جڏهين وسن مينهڙا. (اياز)

ڪامريڊ اومون مل ”مسافر“

(1944-01-27 کان 1992-02-02) جلي جي ٻين کي سُهائو ڏين ٿا، لکين گهور تِن تان پتنگا ٿين ٿا. سنڌ سونهاريءَ جي ڌرتي پنهنجي انگ مان ڪيترائي گل، ماڻڪ موتي ۽ بي بهار هيرا جنم ڏنا آهن، جن جا ڪردار امر آهن، ۽ اسان جي دلين تان تا حيات مٽجي نه ٿا سگهن. اهڙو ئي هڪ ميگهه ونس هيرو اومون مل ”مسافر“ هو، جنهن ڳوٺ ٽيڀري تعلقه عمرڪوٽ ۾، ڀارو مل ذات چوڏيسو جي گهر اک کولي. سندس ماتا جو نالو جيلان پڙهيار هو، جيڪا نرسي پڙهيار، ڳوٺ ٽيڀري واري جي ڌيءَ هئي. پاڻ شادي آهوري مان، مالڻي ٻوچيي جي گهران ڪئي هئائون. سندس ڌرم پتني جو نالو آسي ٻائي هو جنهن مان کيس چار پٽ آهن. 1 ڪامريڊ هاٿيرام، جيڪو ٺيڪيدار آهي 2. اشوڪ ڪمار، 3. دليپ ڪمار ريڊيو ميڪر آهي ۽ 4. ديو آنند جيڪو گارمينٽ ۾ ڪم ڪندو آهي. سرڳيه ڪامريڊ اومون مل ”مسافر“ پرائمري تعليم ڇوڙ ۾ ورتي، ۽ فائينل پاس ڪيائين. غريب هجڻ ڪري وڌيڪ پڙهي نه سگهيو ۽ کلن جو واپار ڪرڻ شروع ڪيا. هن سال 1971ع ۾ ٽيڀري کان لڏي ڳوٺ فضل چوهاڻ لڳ ڍورونارو اچي رهائش پذير ٿيا. پاڻ سماجي ورڪر سان گڏوگڏ سياست ۾ به حصو ورتائين. کيس تاريخ 1968-06-20 تي پيپلز پارٽيءَ ۾ رُڪنيت جي سند ملي هئي. هو شهيد ذوالفقار ڀٽي جو شيدائي هو ته ڀٽو صاحب وري هن جو شيدائي هو. سال 1988ع واري اليڪشن ۾ ڪامريڊ اومي مل ڊاڪٽر کٽو مل کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو ۽ MPA جو ٽڪيٽ ڏيارايو، پاڻ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جو MPA جو ٽڪيٽ، بيگم نصرت ڀٽو کان ضد ڪري ورتائين. نه ته انهي ٽڪيٽ جي مخالفت پي. ڪي شاهاڻيءَ کان وٺي گهڻن اقليتي ميمبرن ڪئي هئي. چون ٿا تڏهن اومون مل کي MNA جو ٽڪيٽ پنهنجي نالي سان پي. ڪي شاهاڻي ڏيئي چُڪو هو. هنن صرف ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، تڏهن ڪامريڊ اومون مل مخدوم طالب الموليٰ وٽ نه صرف شڪايت کڻي ويو، پر هو محترمه بينظير صاحبه وٽ مخدوم صاحب کي گڏ وٺي ويو. پر انهي باوجود محترمه ٽڪيٽ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ته ڪامريڊ اومي مل کي ٽڪيٽ ڏيو، کٽو مل کي ٽڪيٽ نه ڏيو. پوءِ ڪامريڊ اومو بيگم نصرت ڀٽو سان مليو ۽ چيائين ته هن پارٽيءَ ۾ منهنجي هڪڙي ٽڪيٽ جي به اميد نه آهي ڇا؟ انهي تي بيگم نصرت ڀٽو چون ٿا ته محترمه کي فون ڪيو، ته سنڌ ۾ اقليتين جون ٻه ٽڪيٽون هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي جي مونکي ڏيو. باقي سنڌ ۾ اوهان جي مرضي آهي. انهي تي محترمه مجبور ٿي MPA جي ٽڪيٽ ڊاڪٽر کٽو مل کي ڏني ۽ ايم. اين. اي. جي ٽڪيٽ اڳم ئي اومي مل کي مليل هئي. انهي کان اڳ ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ لياري ۾ ڊاڪٽري ڪندو هو. انهيءَ 1988ع واري اليڪشن ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ MPA جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، ۽ ڪامريڊ اومون مل صرف 400 ووٽن تان هارايو هو. انهي ئي ڪامريڊ اومي مل کي 1979ع واري اليڪشن ۾ MPA جي پ پ پ واري ٽڪيٽ ملي هئي، پر ضياءَ اليڪشن ڪينسل ڪري ڇڏي. اُها انهي دؤر جي پيپلز پارٽي هئي، جنهن ۾ هڪڙي ميگهواڙ قبيلي جي فرد جي ايڏي حيثيت هُئي. هاڻي ته ٿر جو ميگهواڙ قبيلو باقي سڀني قبيلن کان گهڻو پڙهيل ۽ سياسي شعور رکندڙ قبيلو آهي، جن مان ڪيترائي وڏا وڏا ڊاڪٽر، آفيسر وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن. پر 20 جون 1968ع ۾ ميمبرشپ سرٽيفڪيٽ ۾ اومي مل پنهنجو ڪاروبار به کلن جو واپاري ڏيکاريو آهي. انهي اومي مل ميگهواڙ کي ذوالفقار ڀٽي، پير غلام رسول شاهه جيلاني ميرپور واري جي پٽ جي شاديءَ واري ڀت ۾، ڇني ۾ بيٺل ڏسي ان کي سڏ ڪري پاڻ سان گڏ ماني کارائي هئي، ۽ انهي ئي شهر ميرپورخاص ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي جلسي ۾، جن چار پنج ماڻهن تقريرون ڪيون هيون، انهن تقرير ڪندڙن ۾ ڪامريڊ اومون مل به هو. انهي ڪامريڊ اومون مل کي ذوالفقار علي ڀٽي سائيڪل تحفي طور موڪلي هُئي، انهي سائيڪل سان گڏ پنهنجي صحيح سان خط به هو. جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو لکي ٿوته، ”اوهان جيڪي پنهنجي قوم لاءِ خدمتون ڪيون آهن. انهي جي صلي ۾ آئون بطور چيئرمين پيپلز پارٽي اوهان کي سائيڪل جو تحفو موڪليان ٿو. مون کي اميد آهي ته اوهان سواريءَ جي انهي سهوليت سبب پنهنجي قوم جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهندا“. اها ڳالهه ته هونئن ئي مشهور آهي ته لاهور جي ڪنهن جلسي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي هجوم مان ڪامريڊ اومي مل کي سڏ ڪري، اسٽيج تي ويهاريو هو، پر چون ٿا ته جڏهن سانگهڙ واري پ پ پ واري جلسي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي گاڏيءَ تي گولي هلي هئي، انهي گاڏيءَ ۾ ڪامريڊ اومون مل به ساڻس گڏ هو. ڪامريڊ اومي مل جي سچائي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي کيس ڀانئڻ جا ڪيترائي واقعا آهن، جيڪي هاڻي صرف سندس خاندان ۽ سندس ويجهن دوستن جون يادگيريون ٿي رهجي ويا آهن. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم ٿيو ته هن ڪامريڊ اومي مل کي ڪراچيءَ گهرايو، تڏهن جيئن ئي هي پنهنجي ڳوٺ فضل چوپاڻ واري ڀٽ تان لٿوته ڳوٺ ۾ موجود اڪيلي کوهه تي ڪجهه ”مسلمان عوررتون هن جي ميگهواڙ قبيلي جي عورتن کي پئي چيو ته ڍيڍڻين پنهنجي گهڙا پرها ڪريو.“ اهي لفظ ڄڻ ته ڪنهن تير ڪمان سان سندس دل تي کُپي ويا. پوءِ هو جڏهن ڀٽي صاحب سان مليو ته ذوالفقار ڀٽي سان اڪيلائيءَ واري ڪچهريءَ دوران وزيراعظم هن کي چيو ته، ڪامريڊ گهر جيڪي گهرڻو هجي، جيڪي کپي، هن درويش صفت انسان اندران زخمي ٿيل چيو ته، ”سائين پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کوهه کپي.“ سندس انهي صدا ۾ هڪڙي ٿريي جي صدين جي پياس سمايل هئي. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب چيو ته ڪامريڊ تون پهچندين ئي ڪونه ته پاڻيءَ جو مسئلو حل هوندو. جڏهن ڀٽي صاحب سان ميٽنگ ڪري ٻاهر نڪتو ته گڏ ويل وڏيرن چيو، ”ڪامريڊ ڀٽي کان ڇا گهريئي؟ ڪجهه ورتئي يا نه؟“ چيائين ها سائين کوهه ورتو آهي، پاڻيءَ لئه. پوءِ اهو کوهه کوٽجي ويو ۽ هاڻي ته ذوالفقار ڀٽي طرفان ڏنل کوهه پورجي ويو آهي، پر انهي کوهه مان پاڻي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ جديد مشين به ڀٽي صاحب موڪلي ڏني. ٿيو ڇا جو جيڏي مهل مشين آئي، ته ڪامريڊ، جيڪو سدائين مسافر هو، اهو گهر ۾ هوئي ڪونه. انهن ماڻهن، جنهن کوهه تي ڪامريڊ کي طعنو مليو هو، اهو ئي ڪامريڊ جو کوهه آهي، ۽ مشينون وري به با اثرن جي کوهه تي لڳيون. ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏني ويئي، ممتاز علي ڀٽي فرنٽ ٺاهي، پٽيل جي ڳوٺ ۾ آيو. تڏهن هن ڪامريڊ اومي مل کي سڏايو، ڪامريڊ ممتاز علي ڀٽي سان مليو. ڪامريڊ کي ممتاز علي ڀٽي پنهنجي پارٽيءَ ۾ اچڻ جي آڇ ڪئي. انهي تي ڪامريڊ چيو ته ”واسطو اوهان سان آهي، باقي پاڻ سياسي مسافر ڀٽي جي واٽ جا آهيون.“ ڪامريڊ جا جيل ۾ وڃڻ جا ته ڪئي واقعا آهن. سکر جيل ۾ 21 ڏينهن رهيو. ايم. آر. ڊي. تحريڪ ۾ به جيل ويو. هن جو خاندان اڄ به مڃي ٿو ته ڪامريڊ کي ڀٽي تائين پهچائڻ ۾ پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو هٿ هو. جنهن ڇاڇري جي ڪوٽڙي جي ڍاٽي لڇمڻ سنگهه کي به ڇڏايو هو. ٿيو ائين جو پير غلام رسول شاهه جيلاني اليڪشن ۾ بيٺو، ۽ ورڪ لاءِ ڍوري ناري آيو، ڪنهن ٻئي سان نه مليو. اهو جماعت سڳوريءَ جي عروج جو دؤر هو. ڪامريڊ اومي پاسي واري دڪان تي ڪرسي کڻي، پُٽ جي ڦٽل ريڊيا ٺاهڻ واري دڪان تي کيس ويهاري چانهه پياري. پير صاحب چيو ”ڪامريڊ! ڪيئن ٿيندو؟“ چيائين سائين ڪجهه نه آهي اليڪشن پاڻ کٽنداسين. پوءِ چون ٿا ته ڪامريڊ 1800 ووٽن تان اُتان پ. پ. کي کٽرايو. جڏهن پير صاحب کٽي ويو ته ڪامريڊ مبارڪ ڏيڻ لئه هار وٺي ويو. ٻين ماڻهن جڏهن پير صاحب کي هار پئي پارايا، ته پير صاحب چيو ته ”هار مون کي نه ڪامريڊ اومي کي پارايو.“ اُتان پير صاحب سان واسطو شروع ٿيو ۽ هن وري ڀٽي صاحب سان واسطي ۾ معرفت جو ڪردار ادا ڪيو. ائين هن اومي مل ”مسافر“ جو سفر شروع ٿيو. اومي مل مسافر پنهنجي طرفان ڪيترن ئي سومرن جي راڄن، جيڪي ڇوڙ جي اوسي پاسي رهندا هئا پ. پ. ۾ شموليت ڪرائي. هُن پ. پ ۾ مهان ڪردار ادا ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃرايو. هُن پنهنجي وقت ۾ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه کان ڪيتريون ئي اسڪيمون وٺي ٿرين کي ڏنيون جن ۾ پاڻيءَ لاءِ کوهه، واٽر سپلاءِ، لڳ ڀڳ 25 پرائمري اسڪول بلڊنگ، جنهن مان هڪ اسان جي شهر ڏيپلو ۾، 1994ع ۾ هريجن ڪالوني بوائز اسڪول به ڪامريڊ اومون مل ”مسافر“ جي طرفان ڏنل آهي، جا اڄ به موجود آهي. آخر ته مٽيءَ جو پُتلو مٽيءَ ۾ ئي وڃڻو آهي. اسان سڀنيءَ کي به انهيءَ طرف وڃڻو آهي ”مسافر“ جو روح به تاريخ 1992-02-02 جو وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو، هن دنيا جي تختي تي ڪيترائي اهڙا مهاپرش اچن ٿا، جيڪي پنهنجي زندگي ٻين جي خوشيءَ لاءِ وقف ڪن ٿا. پوءِ هن دنيا مان هليا وڃن ٿا. پر نالو تاريخ ۾ هميشه روشن رهي ٿو. انهن سڀني خوبين جو مالڪ ڪامريڊ اومون مل ”مسافر“ هو.

پٽيل پونجو مل ٻڙهيو

(1930ع کان 1994ع) اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو سرندي وارا ۽ ڪروڙ پتي به آهن، پر پنهنجي جاتيءَ جي شاگردن ۽ غريبن جي ساهتا ۾ بلڪل پوئيتي رهيا آهن. پر اهڙا به غريب، پر غريبن جا هڏ ڏوکي قومي هيرا به هئا، جن پنهنجو سڀ ڪجهه قوم جي ٻچن کي پڙهائڻ لاءِ ڇڏيو. اهڙوئي هڪ مهان انسان سرڳيه پونجو مل ولد ڌنجي مل ذات ٻڙهيو، عرف ”پٽيل پونجو“ ميگهواڙ 1930ع ڌاري ڏيپلي تعلقي جي اولهندي پٽي واري ڳوٺ ننائي، تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ٿر جي ڏڪار، بيروزگاري ۽ بدحاليءَ جي ٻيڙي کيس ڀٽڪائي ڀٽڪائي بدين شهر پهچايو، جتي هو پراڻيون جتيون ڳنڍڻ، نون جتين ٺاهڻ جو ڪاريگر، ۽ نيٺ پنهنجي دڪان جو مالڪ بڻجي ويو. هن پنهنجي محنت سان گهڻو ڪجهه ٺاهيو، بدين جي لغاري ڳوٺ ۾ وڏو پلاٽ هٿ ڪري پنهنجو گهر ٺهرايو، ۽ ٻار پڙهايا. سندس اهو گهر اڳتي هلي ٿر جي ميگهواڙ برادريءَ لاءِ واحد اجهو بڻجي ويو. ٿري ماڻهن جي دستور موجب هڪ ماڻهوءَ جي ڪنهن شهر وڃڻ کانپوءِ ٻين جون قطارون لڳي وينديون آهن. پٽيل جي بدين ۾ آباد ٿيڻ تي سوين مٽن مائٽن اچي وٽس ديرو ڄمايو، جنهن ڪري سندس گهر جو نالو پونجاپور بڻجي ويو. پٽيل پونجو انتهائي سخي ۽ مهمان نواز شخص هو، سندس ان مهمانوازيءَ جي نتيجي ۾ پنهنجو ڪاروبار کپائي ويٺو، قرض جا ويڙهه ٿي ويس، وياج وروڪي ويس، پوءِ به همٿ نه هاريائين، سندس مهمان خانو نه صرف آباد رهيو پر سخي مرد ۽ برادري هڏڏوکي، هن پنهنجي گهر کي شاگردن جي هاسٽل ۾ بدلائي ڇڏيو، ڪيترائي غريب شاگرد، جن جا مائٽ سندن پيٽ خرچ مان ٿڪي پيا هئا، اهي انهن کي پونجا پور ۾ پٽيل پونجي جي حوالي ڪري ويندا هئا، انهن کي کاڌو پيتو ۽ رهائش ته ڇا، پر آئي ويل پڙهائي ۽ فيس ۾ به مدد ڪندو هو، جنهن ڪري ڪيترائي غريب ميگهواڙ 500 کن بدين ڪاليج پاس ڪري اڳتي وڌيا، جن ۾ خاص ڪري سروپ چند، سڄڻ مل، آڏو مل جئپال، ڳوٺ لالو وهنداڻي، سارنگرام ڊي. ايف. سي، موهن لال ولاسائي جا نالا کڻڻ جوڳا آهن. پٽيل پونجو مل 1994ع ۾ گلي جي ڪينسر جي مرض سبب لاڏاڻو ڪري ويو، پر سندس اولاد ان مهمان خاني کي اڄ به آباد ڪريو اچي. سندس اولاد ۾ ليمون مل، ويڪسينيٽر، ساڌو مل، بدين ۾ دڪان وارو، ڪرمون مل رازو مستري ۽ ڊاڪٽر راهول شامل آهي. جيڪو هن وقت حب چوڪيءَ ۾ هڪ اسپتال هلائي ٿو. سندس پريوار اڄ به ننائي ۽ بدين ۾ آباد آهي.

ڊاڪٽر ٿانوَرداس ڏانواڻي

(1942-7-1 کان 2009-12-25) گوندر گذاريم ڪاپڙي، پڌر وڃن نه پاڻ، تن آيل آديسين جي، رئان ڪاڻ رهاڻ، هت نه پسجن هاڻ، ويا ويراڳي نڪري. سماجي شيوڪ، سرڳواسي ڊاڪٽر ٿانوَرداس جو جنم، هڪ غريب گهراڻي جي ڀڳت ڏانو مل ڀڍو، ڳوٺ سِهائو جي گهر، تاريخ 1942-7-01 ۾ ٿيو. سندس ماتا جو نالو اوما گوهيل آهي. پاڻ شادي شري مورو مل سنجوٽ، شهر ٽنڊو باگو جي سُپتري ٻايا سان ڪئي. جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ 3 پُٽ آهن. 1. جئه پرڪاش مليريا انسپيڪٽر آهي. 2. جئه جئه ساٿي پرائيويٽ ڌنڌو ڪري پيو ۽ 3. چمن لال، جيڪو ميڊيڪل پريڪٽس ڪري رهيو آهي. سندس پتا ڏانو مل انتهائي سادو، سنت ۽ گياني پُرش هو. ڊاڪٽر ٿانور داس جي پيدا ٿيڻ کان تُرت پوءِ سندس ماتا سرڳواس ٿي ويئي. تنهنڪري پهريائين سندس پتا کيس پڙهائي وڏو ڪري پوءِ ٻي شادي ڪيائين. سرڳيه ڊاڪٽر ٿانور داس پرائمري تعليم مقامي اسڪول مان ورتي، ۽ مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ٽنڊوباگو مان پاس ڪيائين. شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيو، جنهن سبب کيس ٽن سالن لاءِ رسٽيڪيٽ به ڪيو ويو. اُن بعد حيدرآباد مان B.A ڪرڻ بعد Law ڪاليج حيدرآباد مان LLB به ڪيائين، ۽ ڪافي عرصو وڪالت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيڪل ڏانهن لاڙو ڪيائين. ميڊيڪل جون اُن وقت سيٽون گهٽ هونديون هيون، ۽ غربت سبب سليڪشن ڪونه ٿي سگهي. جنهن بعد هوميوپيٿڪ جو ڪورس ڪيائين ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ ميڊيڪل ٽيڪنيشن جو ڪورس به مڪمل ڪيائين اُن وقت پاڻ اسٽوڊنٽ ميڊيڪل تنظيم جو اڳواڻ به رهيو، بعد ۾ پاڻ ڊاڪٽر مائيڪل سان گڏجي، جيڪو سندس استاد به ٿي رهيو هو، ڪلينڪ هلايائون، جيڪا سندس آخرتائين ڊاڪٽر مائيڪل جي فوتگي بعد به جاري رهي. ٿانوَر داس جي والد جي ٻي شاديءَ مان کيس ٻه ڀائر ٿيا، جن ۾ وڏو ڀورو مل ۽ ٻيو لالچند، پاڻ سياسي ۽ سماجي سرگرميون ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڀائرن جي والد وانگر پرورش ڪيائين. ان وقت ننڍا ڀائر ڀورو مل ڏهه سال ۽ لالچند چار سال جا هُئا، ته سندس پتا سرڳواس ٿي ويا. بعد ۾ ڀائرن کي محنت ۽ شفقت سان پڙهائي، انهن کي گورنمينٽ ۾ نوڪريون وٺي ڏنيون، ۽ گڏوگڏ سندن شاديون به ڪرايون 1996ع ۾ سندس ڀاءُ ڀورو مل جا گڙدا فيل ٿيڻ سبب موڪلائي ويو، جنهن جو کيس وڏو صدمو رسيو. ڊاڪٽر ٿانور داس پوءِ ڳوٺ سِهائو تعلقي ٽنڊي باگي مان لڏي، ڏيئي شهر لڳ ڳوٺ شادي جماليءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اخبارن جي نمائدي طور مختلف رسالن ۾، مضمون سنڌي هندن سان ٿيندڙ زيادتين، جبري پورهيي سميت مختلف موضوئن تي لکڻ تي، کيس سٺي موٽ ملندي رهي. ڪجهه عرصي بعد سندس ملاقات پيپلز پارٽيءَ جي قائد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ٿي، جنهن سندس آجياڻي تقرير مان سندس عقلمنديءَ ۽ ڏاهپ کي سارهائيندي، پنهنجي پارٽيءَ ۾ سليڪٽ ڪيو، جو اهو وقت سندس زندگيءَ جو خوشگوار لمحو هو. پاڻ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي سياسي مُرشد سمجهندا هئا. کيس وڏي آس هوندي هُئي جيڪا آس پوري ٿيڻ سان گڏوگڏ هڪ اميد جي ڪرن پيئدا ٿي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر ٿانوَر داس حيدرآباد راڻي باغ جي لکين ماڻهن جي جلسي عام ۾، پنهنجي خطاب دوران ڀٽي صاحب سان مخاطب ٿيندي اهو مطالبو ڪيو، ته اسان هندن جي هڪ غريب جاتي ”سامي“، جيڪي پاڪستان جا اوترائي شهري آهن، پر افسوس آهي جو هنن کي ملڪ جي شناخت ئي نه ٿي ڏني وڃي. جنهن تي ڀٽي صاحب سندس تقرير دوران فورن گُهر پوري ڪئي. پاڻ ڪانڀو فقير (جيڪو ان وقت سامين جو سردار هو) کي گڏ وٺي ويا هُئا، ۽ اسٽيج تي گهرائي، اهو مطالبو مڃرايو ۽ سامي جاتيءَ کي پاڪستان جي شناخت ملي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر ٿانوَرداس هڪ پروگرام ۾ پاڻ، ڀٽي صاحب کي چانديءَ جي تلوار تحفي طور ڏنائون. جنهن ملاقات ۾ ڀٽو صاحب ايترو ته متاثر ٿيو، جو کيس صلاحڪار طور مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون، پر افسوس ته اُن وقت جي حاسد اقليتي ميمبرن اهو اعتراض ورايو، ته توهان جنهن شخص کي صلاحڪار مقرر ڪيو پيا، اهو تمام غريب آهي ۽ گڏوگڏ سندس ڳوٺ ۾ وڃڻ لاءِ ڪوبه سٺو روڊ نه آهي. لائيٽ جو ڪوبه انتظام به نه آهي. ڪا بهتر آفيس به نه آهي. توهان جا ڪروڙين روپيا سندس سهوليتون پوريون ڪرڻ ۾ لڳي ويندا، ۽ پوءِ مختلف ڳالهيون ٿيون، جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب اُن کي سروس لاءِ آڇ ڪئي، پر پاڻ انڪار ڪري هڪ سماجي ورڪر ۽ پنهنجي پارٽيءَ جو وفادار ڪارڪن رهڻ پسند ڪيو، ۽ گڏوگڏ پنهنجي جاتيءَ لاءِ هر ست سنگ پروگرام ۽ عام جلسن ۾، پنهنجين تقريرن ذريعي ماڻهن ۾ جاگرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. پاڻ پهريون ڀيرو اقليت، خاص ڪري شيڊيول ڪاسٽ سان ٿيندڙ ڇوت ڇات، اوچ نيچ، ڀيد ڀاءَ، ظلم ۽ ڏاڍاين، منافقتن، روزگار ۽ نياڻين کي زوري مسلمان ڪرڻ وارن عملن خلاف جناب چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيلون داخل ڪرايون، ۽ اهڙو هڪ بوڪليٽ پوري جاتيءَ جي ماڻهن ۾ ورهايو، جيئن منجهس اُتساهه پيدا ٿيئي. ڊاڪٽر ٿانوَرداس قومي اسيمبلي (اقليت واري سيٽ) تان هڪ دفعو، ۽ صوبائي سيٽ تان ٻه دفعا اليڪشن به وڙهيو، جنهن ۾ کيس شڪست ملي. برادري مسئلو هجي، شهر ۽ شهرين جو مسئلو هجي، قوم جو مسئلو هجي، ڊاڪٽر ٿانوَرداس اُن به پيش پيش نه هجي، اهو ناممڪن آهي. پر جيئن ته سنڌي ماڻهو مشڪل وقت اچڻ تي قوم پرستن ڏانهن ڏسندا آهن، ۽ ووٽ وري وڏيري، سرمائيدار ۽ جاگيردار جي چوڻ تي يا کيس ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح اقليتي برادري به ڏکئي وقت ۾ ڊاڪٽر ٿانوَر کي ياد ڪندي آهي، ۽ ووٽ ڏيڻ وقت کيس وساري ويهندي آهي، تنهن ڪري اسان جي قوم پٺتي پيل آهي. پاڻ پاڪستان هندو شيڊيول ڪاسٽ سنڌ ايسوسيئيشن جا صدر رهيا، جنهن دوران اقليت جي بنيادي مسئلن کي ايوان جو موضوع بنايو، ۽ مينارٽي ڪميونٽي سنڌ جا ميمبر پڻ رهيا. سال 1988ع ۾ سندس ملاقات محترمه بينظير ڀُٽو صاحبه، ان وقت جي وزيراعظم سان ٿي، جنهن دوران غريب اقليتن کي نوڪريون ۽ مختلف اسڪيمون ڏيرايائون. سندس تعلقات سڄي ملڪ جي مهان شخصيتن، ڪامريڊ، ايڪٽو سياسي اڳواڻن، ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، نواز شريف، عمران خان مير مرتضيٰ ڀٽو، ارباب غلام رحيم، فهميده ذوالفقار مرزا، سائين جي. ايم. سيد، رسول بخش پليجو سميت ٻين اهم سماجي ۽ سياسي ورڪرن سان رهيا. ڊاڪٽر ٿانوَرداس ڀلي پنهنجي ٻارن لاءِ ڪا پڪي بلڊنگ نه ٺهرائي ڏيئي سگهيا، پر هُن پنهنجي قوم جي تاريخ ۾ مستقل جاءِ ضرور ٺاهي آهي. ڊاڪٽر ٿانوَرداس جو پيپلز پارٽي ۽ ڀٽي خاندان سان وفاداري ۽ محبت جو آخري مثال، جڏهن 29 ڊسمبر 2007ع تي محترمه جي شهادت دوران کيس به صدمي ۾ دل ۾ تڪليف ٿي، جو هو ٻن سالن بعد 25 ڊسمبر 2009ع شهادت کان اڳ جا پروگرام محترمه جي ڏسڻ دوران ۽ سندس سياسي مرشد جي وڇوڙي جو صدمو ۽ افسوس سبب تڪليف وڌي ويئي، ۽ آخر 25 ڊسمبر 2009ع شام 5 وڳي سندس زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اُجهامي ويو، ۽ سندس پويتر آتما وڃي پرماتما سان ملي. پر سندس اولاد کي اهو افسوس ضرور ٿيو ته پارٽي اڳواڻ مان ڪير لڙي سندس تڏي تي نه آيا. سندس فرزند سندس ڏسيل واٽ تي اڄ به پنهنجي جاتي ۽ قوم جي هر خدمت سرانجام ڏيئي رهيو آهي. منهنجو ساهه سمونڊ ۽، لهر لهر ۾ تون، ڪڏهين نه ڀانيو مون، پري توکي پاڻ کان.

ڀيارام انجم

جِيوَن آهي جوت، پل کن لاءِ مهمان، اوت مٺا اوت، متان وسامي وڃين! دنيا جون پوئتي پيل قومون تڏهن ترقي ڪري سگهنديون آهن، جڏهن انهي قوم ۾ ودوان، مهان، ڏاها، تعليم يافته ۽ مسلسل جدوجهد ڪندڙ وير پيدا ٿيندا آهن. اهڙو هڪ وير پُرش شري ڀيارام انجم، جنهن پنجاب جي سرزمين تي، ڳوٺ پڪي بستي ترنڊا سوايا خان تعلقه رحيم يار خان ۾ شري سيٺ ڌارو رام جئپال جي گهر، تاريخ 13 مارچ 1962ع تي جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو رُکمڻ ذات اڻکيه، ضلع رحيم يار خان جي هُئي، پاڻ پرائمري تعليم پڪي بستيءَ مان ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول ترنڊا سواءِ خان مان 1977ع ۾ پاس ڪيائين، ۽ گريجيويشن سال 2008ع ۾ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا مان پاس ڪيائين، ۽ سال 1990ع کان اڄ تائين اسٽامپ وينڊر طور رحيم يار ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ شادي 9 مارچ 1976ع تي شريمتي مريم انجم، ڌي امولکداس ذات گنڍير، ڳوٺ چڪ نمبر 7–146 صادق آباد، ضلع رحيم يار خان سان ڪئي. جنهن مان کيس اولاد 4 نياڻيون ۽ 4 پُٽ آهن. 1. رميش جئپال، جيڪو سماج سڌارڪ ڪارڪن آهي، ۽ شيڊيول ڪاسٽ جي حقن لاءِ جاکوڙي رهيو آهي 2. ڌنراج، جيڪو پاسپورٽ آفيس ۾ ملازم آهي. 3. ديانند جيڪو پڙهي رهيو آهي ۽ 4. سيتارام جيڪو پڙهي ٿو ۽ گهرو ڪم ڪار ڪري ٿو. شري ڀيارام انجم صاحب جن محنت ۽ ايمانداريءَ سان سماجي خدمتن لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون، تن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. وري اهڙي سماج ۽ معاشري ۾، جتي انسانيت ذات پات، برادرين، فرقه پرستي، نسلي مت ڀيد ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجي، جتي رياستي قوتون ڪنهن شڪاريءَ جيان مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي تڪينديون هجن. جتي وڏيراشاهي ۽ سياسي مداخلت عام ماڻهن جي زندگيءَ کي غلاميءَ جي پنجوڙ ۾ ڦاسائڻ لاءِ سرگرم هجن. اهڙي سماج ۽ معاشري ۾ سماجي تبديلي آڻڻ لاءِ ڪيڏو رسڪ کڻڻو پوي ٿو، اهو احساس اُن کي هوندو، جيڪو ان راهه جو راهي هوندو. شري ڀيارام انهي چئلينج کي قبول ڪري، انساني حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي، ۽ شيڊيول ڪاسٽ جي هر مسئلي کي ايوان تائين پهچايو، ۽ غريبن جي مسئلن کي ميڊيا ۽ اخبارن جي ذريعي ظاهر ڪندو رهيو ۽ جاکوڙي رهيو آهي. سندس انهي ڪارڪردگي ۽ انساني حقن لاءِ وڙهڻڻ جي موٽ ۾، کيس 10 ڊسمبر 2010ع ۾ جناب آصف علي زرداري، صدر پاڪستان جن هيومن رائٽس ايوارڊ (شيلڊ) سان نوازيو. شري ڀيارام انجم صاحب پيپلز پارٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو خاص شيدائي آهي کيس سال 1993ع ۽ سال 1997ع ۾ پ پ پ طرفا MPA جي سيٽ لاءِ ٽڪيٽ ڏنو ويو، پر هو ڪامياب نه ٿي سگهيو. سندس واسطو پيپلز پارٽيءَ سان قائم آهي. پاڻ هڪ نهايت ايماندار ۽ نيڪ انسان آهي. غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جو آواز حڪومت تائين پهچائڻ ۾ کيس سُڪون ملندو آهي. جيئن ٿر ۾ مرحوم جهان خان کوسو هر ماڻهوءَ سان گڏجي آفيسن جا چڪر لڳائيندو هو. اهڙيءَ طرح ڀيارام انجم صاحب به هر ماڻهوءَ جي مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ، غريبن سان گڏجي آفيسرن کان ڪم وٺي ڏيندو آهي. سندس دوستي به سٺن سٺن ماڻهن سان آهي، خاص ڪري مشهور شاعر قتيل شفائيءَ سان ڪچهري ڪندو آهي.

گلجي مل ڏامراڻي

(1928ع کان 2013-03-10) سنت رهن مهراڻ ۾، ڪڍن نه ڪنهن جي ڪاڻ، جهـاتـي پــائـي پـــاڻ ۾، ڪــن ٿــا رام رهـــاڻ، ڪرشن سڀ ڪنهن ساڻ، ٻاڙو ٻولي ڪين ڪي. هر فن مولا سرڳيه گلجي مل ڳوٺ رڙيارو ۾ ڏامرو مل ڪڏيچه جي گهر، سال 1928ع ۾ جنم ورتو. گلجي مل شادي ڳوٺ ڀوجاسر مان روپي جي نياڻي رنکو سان ڪئي. جنهن مان کيس ٻه نياڻيون مروئان جيڪا مٺيءَ ۾ جيسو مل کوکر کي پرڻايل آهي، ۽ ٻي ليلا، جيڪا ڳوٺ چارنور ماستر مانو مل کي پرڻايل آهي. 5 پٽ آهن. 1. ايسرداس، 2. برج لال، 3. تاراچند، 4. سنجي، 5. ٻلديو، جيڪو 1999-04-23 تي سرڳواسي پڌاريا. سڀئي ڀائر سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهن، ۽ شادي شده آهن. شروعاتي تعليم گجراتي علم، سندس پتا شري ڏامرو مل کان سکيائين، هندي ۽ سنڌي به ڄاڻيندا هئا. سندس پتا صاحب ڏامرو مل ڀڳت مارگ ۽ گياني پُرش هئا. تنبوري تي ڀڄن ڳائيندا هئا. آواز ۾ هڪ انوکي مڌرتا پريم سان ڀريل هو، جو ٻڌندڙن جو من موهي وجهندا هئا. گلجي به گيان جو ڄاڻو هو. سندس پتا ڏامرو 44-1943ع ۾ سيٺ دولت رام ۽ سامي ڪرشنانند جي اڳواڻيءَ ۾ ڪانگريس پارٽيءَ جا ميمبر ٿيا. ڪانگريس پارٽيءَ جو منشور هو، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ظالمن سان مقابلو ڪري پنهنجو حق وٺڻ، ۽ غلاميءَ کان نجات حاصل ڪرڻ، ڇو ته اُنهي وقت ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي انهن جاتين سان انسانيت وارو ورتاءُ نه ڪيو ويندو هو. کين اڇوت سمجهندا هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ سرڳيه گلجي مل سماج سڌارڪ سماج شيوا، قومي جاگرتا پيدا ڪرڻ جو ڪاريه هٿ ۾ کنيو. خاص ڪري تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنائين ۽ اجاين رسمن ۽ رواجن کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد جاري رکيائين. خاص ڪري اوسر، جيڪو مائٽ گذاري وڃڻ کانپوءِ 12 ڏينهن ڪندا آهن. گهر ۾ کڻي هڪ رپيو به نه هجي، پر مهڻن جي ڪري نيات کي ضرور کارائڻو! انهي اوسرن جي خرچ ڪري ماڻهن پنهنجيون ٻنيون وڪرو ڪري ۽ غلاميءَ ۾ مبتلا ٿي ماڻهن جا هاري بڻيا. انهي اوسر واري رسم کي ختم ڪرڻ لاءِ گلجي مل سان چند ماڻهن حمايت ڪئي، ۽ اڄ تائين اوسر ڪونه ٿا ڪن يا ڪجهه قدر گهٽتائي آئي آهي. ائين هُن خرچ گهٽائڻ جو بنياد رکيو. سال 64-1963ع ۾ BD جي اليڪشن ۾ شري ڪرشن سنگهه ڏوهٽ سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو. انهيءَ اليڪشن ۾ صرف 60 ووٽ کڻي هارايائين، پر ٺڪرن جي آڻ ڪونه مڃيائين. ووٽ به جيڪي فائينل پاس ڇوڪرا هُئا، انهن ئي اُهي ووٽ ڏنا. باقي جيڪي اڻپڙهيل ۽ غلاميءَ ۾ ڦاٿل هئا، تن راجپوتن کي ووٽ ڏنا. انهيِءَ وقت ٺڪرن جو وڏو هولڊ هو. انهيءَ وقت گلجي خان بهادر وساڻ جي پارٽيءَ ۾ رهندو هو. وساڻ صاحب گلجيءَ کي هڪ ريوالور ۽ هڪ بندوق پنهنجي خرچ سان ليسن سميت وٺي ڏني. انهيءَ وقت لڇمڻ سنگهه ٺڪر پارليامينٽ جو سيڪريٽري هو. تعلقي ڇاڇري ۾ انهي حُڪم کانسواءِ پتو به نه هلندو هو. انهيءَ اليڪشن لڙڻ ڪري گلجي مل تي اسمنگلريءَ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. انهي ڪيس ۾ 19 ڏينهن مٺيءَ جي جيل ڪاٽي، انهيءَ ڪيس جي وڪالت ارباب مراد علي وڪيل صاحب ڪئي، ۽ بنا فيءَ جي هٿ ۾ ڪيس کنيو، ۽ ڪوڙو ثابت ڪيائين. گلجي مل جي آڻ نه مڃڻ ۽ غلامي نه ڪرڻ ڪري، لڇمڻ سنگهه ٺڪر وڌيڪ ناراض ٿي ويو، ۽ گلجي مل کي سن 1965ع ۾ چيو ته تون هٿيار کڻي ڇاڇرو شهر ۾ نه ايندو ڪر. پر گلجي ڪابه پرواهه نه ڪئي، ۽ کُلي عام هٿيار کڻي هلندو رهيو. تنهن کانپوءِ 6 سيپٽمبر 1965ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان جي جنگ ڇڙي پئي. انهي دؤر ۾ لڇمڻ سنگهه پارليامينٽ جو سيڪريٽري هو. انهي پاور تي لڇمڻ سنگهه ۽ ڪرن سنگهه گڏجي آرميءَ وٽ ويا ۽ چيائون ته گلجي انڊيا جو CID آهي. پوءِ آرمي وارن ڇاپو هڻي گلجيءَ کي گرفتار ڪري، اکيون ٻڌي کڻي وڃي 12 ڏينهن حيدرآباد جيل ۾ بند ڪيو، ۽ حاجي ابوبڪر جوڻيجي سان گڏ، راولپنڊيءَ جي جيل ۾ رکيائون. ٻن مهينن بعد انڪوائري ڪري کين آزاد ڪيو. انهيءَ ۾ وساڻ صاحب جي پوري پوري سهائتا هئي. جنهن وري گلجي مل کي ڳوٺ رڙيارو ۾ هڪ پرائمري اسڪول ۽ هڪ کوهه منظور ڪرائي ڏنو. وري به ساڙ ۾ لڇمڻ سنگهه گلجي مل کي قلم 110 ۽ 379 ۾ چالان ڪرايو، پر گلجي آخر تائين ٺڪرن جي غلامي قبول نه ڪئي، ۽ اهڙين حالتن ۾ به گلجي مل وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خلاف، ۽ سدائين غريبن جو ساٿ ڏنائون. 85-1984ع ۾ نارائڻ سنگهه ٺڪر ڳوٺ رڙلي واري کي B.D جي اليڪشن ۾ هاريو، ۽ B.D جا ميمبر ٿي رهيا. 1971ع واري لڙائيءَ ۾ ڇاڇرو تعلقو هندوستان جي قبضي ۾ اچي ويو. انهيءَ وقت ڀارت مان ڪجهه مائٽ آيا ۽ زور ڀريو ته، سڀ لڏي ڀارت هلو پر گلجي مل صاف چيو ته اسان پنهنجي جنم ڀومي ڪڏهن به ڇڏي نه هلنداسين. انهيءَ دؤر ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جن، پير غلام رسول شاهه جيلاني، مير علي بخش خان ٽالپر ۽ راڻا چندر سنگهه ٺڪر کي خاص ايلچي طور موڪليا، ته جيڪي به هندو پاڪستاني آهي، تن کي باعزت واپس پنهنجي گهرن ۾ وسايو ۽ ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿيئي. انهي ٽنهي ميمبرن جي گلجي مل دعوت ڪئي، ۽ ڳوٺ ڍاڪلو ۾ گڻيسو مل ميگهواڙ، جيڪو گلجي مل جو ڀڻيويو آهي، تنهن جي گهر سڀ بندوبست ڪيو ويو. (هينئر به گڻيسو مل PPP جو خاص جيالو آهي)، انهي جلسي ۾ تمام گهڻا ماڻهو شريڪ ٿيا، ۽ ماڻهن کي واپس اچڻ لاءِ تقريرون ڪيون. گلجي مل به 1967ع کان PPP جو خاص ورڪر ٿي رهيو، مرڻ گهڙيءَ تائين PPP جو ساٿ نڀايو ۽ زندگيءَ ڀر آزادي واري زندگي گذاري، ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي غلامي قبول نه ڪئي، ۽ سماج سڌارڪ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو هو سو گهڻي ڀاڱي ماڻهن ۾ سجاڳي اچي ويئي، ۽ جيڪو ڇوت ڇات ۽ اونچ نيچ هو، سو ختم ٿي ويو. هر هڪ کي حق ملي رهيو آهي. غلامي ۽ جهڳڙن مان تنگ ٿي، هن کي پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻو پيو، ۽ عمرڪوٽ ۾ اچي جاءِ ٺهرائي، اُتي به هُن کي سڪون نه مليو وري اُتان لڏي سال 1994ع ۾ مٺي شهر ۾ آيو، جتي ميگهواڙ برادري وسيع آهي، جتي کيس آرام مليو ۽ سڀ ڦڏا فساد ڇڏي، پنهنجي وندر لاءِ ميگهواڙن ڀڳتن گڏجي هڪ منڊلي قائم ڪئي منڊليءَ جي اڳواڻي ڀڳت شري جيوراج ۽ ڀڳت شري سارنگرام، شري پهلاج، شري کاٽائو مل، شري جيرام داس، هرجي مل جيڪو برهم چاري آهي، شري ڀيرو مل ولد راڻو مل، جيڪو پڻ برهم چاري آهي. ڀڳت گنگارام شري لڇمڻ داس وغيره ۽ انهيءَ کانپوءِ ماستر ٽيڪم داس هر مهيني شري سيته جي ڪٿا ڪرائيندو آهي. اهڙيءَ طرح روزانه اهي ڀڳت اچي گلجي مل وٽ ڪچهري ۽ ڌرمي ڳالهيون ڪري آنند حاصل ڪندا هئا. آخر گلجي مل ڏامراڻي، تاريخ 2013-03-10 شِوَ رات جي ڏينهن صبح 10 وڳي وار آرتوار، ڳوٺ رڙيارو ۾ هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. اسان انهي ايشور مها شڪتي اڳيان بيوس آهيون، سواءِ ڏک جي ٻيو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. هو اسان کان الڳ برابر ٿيو آهي، پر هن جي آتما هميشه امر آهي ۽ رهندي. تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي، متان ٿيئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو. (شاهه)

پونجو مل جوڳو

سکندر سارے جہان کی دولت پا کر بھی خوش نہ رہ سکا، جب کے قلندر دونوں ہاتھوں سے لُٹا کر رقص کرتا ہے۔ پونجو جوڳو، پٽ نارائڻ عرف ناهيون ميگهواڙ، ڳوٺ لالو وهنداڻي ڪاجهر جا رهندڙ آهن، سندن جنم 1932ع ۾ ڳوٺ لالو وهنداڻي ۾ ٿيو. ٿر ۾ ڏڪار پٺيان ڏڪار هجن، غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج) اڃا نه ٺهيو هو، ڪلوئي، شادي لارج، کوسڪي، پنگريو، نندو شهر تائين علائقا ڀڙڀانگ، سُڃن پوٺن تي لئي ۽ ڪانڊيري کان وڌيڪ ورلي ڪو وڻ هو. لٽ جا واچوڙا هوندا هئا، رستن کان پري پري جهنگ ۾ گدڙن، بگهڙن ۽ جهنگلي ڪتن جا ٿم هوندا هئا. سرڪار سنڌ جي بئراجي علائقن کان ٿر ڏانهن اناج کڻڻ تي پابندي وجهي ڇڏي هئي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو کاڌي لاءِ ان کڻي، ته به صرف پنهنجي مٿي تي کڻي سگهيو ٿي، وهٽ يا ڪا گاڏي استعمال ڪرڻ تي پابندي هئي. ڏڪار جي شڪار ۾ قدرتي قهر ۽ سرڪاري ڪڙن قانونن جي ڪري ٿر ۽ ان جي آسپاس غيرآباد علائقن ۾ اناج ملڻ اڻلڀ ٿي ويو. انسان گهڻو تڻو علائقا ئي خالي ڪري ويا. ڪو واٽهڙو مال جو گهورو يا مهمان اچي ته ٺهيو، پر ٻچن کي هڪ وقت اناڻو پيٽ ڪرائڻ به محال بڻيل هو، ماني رٻ، کچڻي ته خواب بڻجي ويا هئا، ڪنهن وقت ماڻهو ان جا ڪجهه داڻا اڳڙيءَ ۾ ٻڌي، پاڻيءَ جي ڪُني ۾ ڪاڙهي، اهو پاڻي ٻارن کي پيئاريندا هئا، ته جيئن اناڻو پيٽ سمهن. انساني امتحان جي انهي مشڪل وقت ۾، ڪاجهر جي سڃي پوٺي جي ڪُک ۾ سڪل ٺوٺ ڀٽ جي هنج ۾، هڪ لوڙهي اندر هميشه روشنيءَ جي ٽمڪار ٿيندي هئي. ڪو ڀليل، واٽهڙو، گهورو، وارهاڙو، آڌي رات جو به جوءِ مان لنگهيو، ته هڪل ٿيندي هئي، ڪير آهين، متان ويو آهين پاسو ڏئي، منهن ايٺي پوءِ وڃجانءِ، توڙي جو مسافر هزار حيلا ڪري پر هڪ ٻُڍڙي عورت ۽ سندس پُٽ مهمان کي زوري ويهاري پاڻي، چانهه، ۽ مانيءَ کانسواءِ نه ڇڏيندا هئا، اها روايت سالن تائين زنده رهي. ٻُڍڙي ماءُ پرلوڪ ڪري ويئي. وقت پاس ڪندڙ پونجو ميگهواڙ بي حال هوندي به ڏڪارن جي ماريل علائقي ۾ مالوندن، مال جي گهورن، واٽهڙن لاءِ کٻڙ جي وڻ ۽ تلاءُ جيان اجهو بڻيل هو. ڪنهن وقت به سندس اجهي تي وڃجي ته ڪاٺ جي ٺهيل ڇَنهي، ۽ وڏي ويڪري ٿلهي واري اوطاق تي ٻه چار پيارا ضرور لٿل هوندا هئا، جنهن ۾ هندو، مسلمان، ٺڪر، ڀيل، ڪولهي، سوٽهڙ ۽ سامي به شامل هوندا هئا. پاڙي وارا ٻڌائين ٿا ته هن ۾ 12 ڪلاڪ کان وڌيڪ جنڊ هلندو هو، ۽ چلهه 18 ڪلاڪ کان وڌيڪ ٻرندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته 24 ڪلاڪ دانگي چڙهيل هوندي هئي. دلچسپي جي ڳالهه مسلمانن، ٺڪرن، پيرن ۽ ٻين ذاتين کي اوطاق ۾ رڌ پچاءَ جي بندوبست سان گڏ، ڳوٺ جي مسلمانن کي ڪچو سيڌو ڏيئي ماني پچرائي کارائيندو هو، جيڪو ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا، آڌي توڙي مانجهي، مسلمان گهرن جون عورتون به هر وقت ان ڪم ۾ خوشيءَ ۽ فخر سان جُٽ رهنديون هيون. پونجو مل ٻڌايو ته ڪئين ڀيرا ائين به ٿيو، جو نندو يا پنگريو مان ان ڪلهي تي کڻي اچي پيهي پوءِ کائيندا هئاسين. ڪڏهن ٻنيءَ ۾ ڪٿي ڪو پڪل سنگ سجهندا هئا، ته اهي ان مهل وڍي آندا، ان پيهي پچائي مهمانن کي کارائيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن ته صفا لنگهڻ ويٺا هوندا هئاسين، ته ان کڻڻ وارا مهمان خود اچي ڪڙڪو ڪندا هئا، پوءِ اسان کي بُک ڪڍائيندا هئا ۽ انهن کي به کارائيندا هئاسين. هن اوطاق ۾ خاص گهوڙن جا شوقين، هميشه موجود هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته پونجو مل ڀلن گهوڙن جو شوقين هيو، جن ۾ پنگريو پاسي استاد محمد بخش سهتو، ڳوٺ ڏاڀڙي جو پير موتي ۽ هميون اُتي ترسيل هوندا هئا، جنهن ڪري سُڃ ۾ ميلو متل هوندو هو. خاص ڪري چوريءَ جي وارهاڙي وارن ۽ ڄڃن جي خدمت ڪرڻ، چانهن پاڻي پيارڻ، ترسائڻ، هن ماڻهوءَ جو مشغلو رهيو آهي. پاڻ چون ٿا ته ڳوٺ ۾ اڪيلائي هوندي هئي، جيستائين ٻه چار مهمان نه هجن ته هو ۽ سندس ٻڍڙي ماءُ بچان جاڳي وقت ڪٽيندا هئا. پونجو ميگهواڙ ذات جو جوڳو، سندس والد جو نالو نارائڻ عرف ناهيون، ڳوٺ لالو وهنداڻي، ڪاجهر جو رهاڪو ۽ حيات آهي. هو پنهنجي پونيئرن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته سندس بنياد جو ڪو وڏو، ٿر جي ڪنهن آفت واري صورتحال ۾ پنهنجي والدين، ڳوٺ ۽ علائقي مان وڇڙي ويو، جيڪو ڪلوئي ويجهو مهرانڊ ۾ ڪن ميگهواڙن کي هٿ آيو، پنهون ذات جي ڪنهن وڏڙي سندس سنڀال لڌي، وڏو ڪيائين، ۽ شادي به ڪارايائين، جنهن بعد هو ٻني ٻارا ڪندو هو. ڪلوئي ويجهو ڪاجهر واري علائقي ۾ آباد ٿيو، جنهن جي ڪجهه پيڙهين کانپوءِ ڀوڄو جوڳو ٿيو، جنهن موجوده لالو وهنداڻي ڳوٺ واري ماڳ تي ڳوٺ ٺاهيو. سندس ٻه پٽ هئا، هڪ تامل ۽ ٻيو نارائڻ. نارائڻ ميگهواڙ علائقي جو واحد پڙهيل لکيل ماڻهو هو، ان انگريز سرڪار کان منظوري وٺي، ڳوٺ ٻڌايو، جنهن ۾ پوءِ وهنداڻي ذات جا ٻروچ ۽ ٻين ڳوٺن جا ميگهواڙ آباد ٿيا. ڳوٺ جو پٽيل لالو نالي وهنداڻي کي ڪيو ويو ۽ ڳوٺ جو نالو سندس نالي پٺيان رکيو ويو. تامل ۽ نارائڻ عرف ناهيون جوڳو ميگهواڙ هارپو ۽ واڍڪو ڪم ڪندا هئا، تامل کي هڪ پٽ ناٿو ميگهواڙ آهي، جيڪو اڄ به 110 سالن جي ڄمار ۾ حيات آهي. نارائڻ کي 3 پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي. سندس هڪ پٽ شاديءَ کان ڪجهه وقت پوءِ ۽ ٻيو پٽ به جوانيءَ ۾ گذاري ويو. سندس نياڻو لڌو ميگهواڙ (ولاسائي) به جوانيءَ ۾ گذاري ويو، جنهن بعد پاڻ به ترت الله واهي ٿيا، ۽ پويان هڪ بيواه بچي ذات جئپال، ۽ پٽ پونجو جوڳو ميگهواڙ کي ڇڏيو. نارائڻ ڀڳت ماڻهو هو، هن ڪوبه شش نه ٺاهيو پر آخري وقت تي دم ڏيڻ مهل، پنهنجي ڀائٽي ناٿو مل کي نام دان ڏنو. ان وقت پونجو مل 8 کان 10 سالن جا هئا، پونجو پنهنجي اصلي ڳوٺ جي باري ۾ پڪ نه ٿو ڏئي سگهي، پر سندس سئوٽ ناٿو مل جوڳو ٻڌائي ٿو، ته هڪ ڀيري هڪ ڀٽ ٻڌايو ته توهان جا اصل وڏا، مٺي تعلقي جا هئا، ۽ غالباً ڳوٺ هريار جا رهاڪو هئا، ۽ سندس پوٿي توڙي سرڪاري ڪاغذن ۾ سندن وڏن جا نالا درج آهن، پر ان بابت هنن ڪڏهن تصديق ناهي ڪرائي. پونجو جوڳو ميگهواڙ جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو، ته هو پنهنجي ٻني ٻارو سنڀالڻ سان گڏ جتيون ٺاهڻ، ۽ چمڙو رڱڻ جو ڪم ڪندو هو، سندس باري ۾ اهو به مشهور آهي، ته هو پراڻي جُتيءَ کي ڳنڍڻ جا ڪنهن کان به پئسا نه وٺندو هو، پوءِ اهو واسطي وارو هجي يا بلڪل اڻڄاڻ. ان کانسواءِ جيڪو مهمان ايندو هو، ان جي پيٽ جو خيال رکڻ سان گڏ، ان جي جتي ٽٽل هوندي هئي ته بنا چوڻ جي کڻي زوري ٽانڪي ڏيندو هو. علائقي ۾ ايتري ته عزت ۽ احترام اٿس جو سندس چواڻي جيئن ئي بئراج آيا ۽ زمينون آباد ٿيون ته ماڻهن جي کرن مان ان کڻڻ لاءِ کيس پڇڻو ڪونه پوندو هو، بس وڃ ۽ گهوڙو ڀري اچي پچائي کاءُ. پونجو مل ڏيپلي ويجهو ڳوٺ ٻپراڙيو مان مورو مل (ٻوچيو) ميگهواڙ جي گهران شادي ڪئي. سندس ڌرم پتنيءَ جو نالو ستٻائي هو، جيڪا 2008ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويئي. پونجو مل وڏن ڪشالن سان پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري. هو هن وقت ڪاجهر جي ڳوٺ لالو وهنداڻي، ۾ پنهنجي پريوار سان گڏ رهي ٿو. کيس چار پٽ ڀورو مل، جيڪو ڳوٺ ۾ ٻني ٻارا ۽ مال تڙو سنڀاليندو آهي، ٻيو نمبر آڏو مل، جيڪو ڪسٽمز کاتي ۾ ملازم آهي، ٽيون نمبر سارنگرام، جيڪو پي. سي. ايس. آفيسر خوراڪ کاتي ۾ آهي، چوٿون نمبر مينڌرو ”ڪاجهروي“ صحافي ۽ ڪاروبار ۾ لڳل آهي. سندس اڌ پريوار مٺي شهر ۾ رهي ٿو، جڏهن ته سندس ٻه نياڻيون ڏيپلي ويجهو ڳوٺ ڏيڙو جي گنگو (واڻيون) ميگهواڙ جي پٽن، کيمون مل ۽ گلاب چند کي پرڻايل آهن.

ڀڳت ٻيجلرام

(1898ع کان 1988–2–22ع) اوهان جي وفا، همت، عظمت کي سلام، اي فرزند مهراڻ نڀايو ڀروسو تو ڀٽائيءَ جو. (عرض گوپانگ) سرڳيه ڀڳت ٻيجلرام نجار جو جنم ٿر جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ گوڌيو، تپو ماڃٺي تعلقه مٺيءَ ۾، سال 1898ع تي هڪ غريب ڌنار گهراڻي ۾ سرڳيه ڏاهو مل جي گهر ٿيو. سندس ماتا جو نالو مان ٻائي، ذات جي کينٽليا چيلي مهتر جي ڀيڻ ڏيپلي شهر واسڻ هئي. پاڻ شادي سال 35-1934ع ڌاري ڳوٺ ڀڪوئو تعلقه مٺيءَ مان، سرڳيه سگرام کنڀو جي سُپتري کيمان سان ڪئي. جنهن پنهنجو هٿ جو پورهيو ڪري ٻارن کي تعليم ڏياري، ۽ پتيءَ کي هر ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي هئي. هن وقت 90 سال جي عمر هوندي ڀرت جي کڻ ٽوپي جو ڪم ڪري رهي آهي. ننڍپڻ کان هارپو، مال چارڻ، اٺين جو ڌڻ چاريندا هُئا، تنهنڪري کيس اوٺاري ڪري سڏيو ويندو هو. بعد ۾ چمڙي مان جتيون، سانداريون ۽ پخالن ٺاهڻ جا ڪاريگر ٿيا. انهي وقت غربت تمام گهڻي هئي، غريب جاتيءَ جا ماڻهو تر جي وڏيرن وٽ غلام طور جڪڙيل هئا. اڄ تائين به آهن، جيڪي زيادتين ۽ ظلم جي ور چڙهيل آهن. خاص ڪري ميگهواڙ جاتي ڇو ته اُن وقت ڪنهن وٽ ٻني ٻارا نه هُئا تنهنڪري وڏيرن وٽ هڏ خريد نوڪر چاڪر طور گروي رکيل هوندا هُئا. ڀڳت صاحب ۽ سندس ڪٽنب جي ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ نه زمين نه وري پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ الڳ کوهه هو. ان وقت جا وڏيرا الڳ کوه کوٽڻ ۽ زمين جو ٽڪرو يڪسالو آباد ڪري پيٽ پارڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. انهي وقت زمين جو ٽڪرو هجڻ ۽ پنهنجو کوهه هجڻ کي وڏي اهميت هوندي هُئي. انهي وقت ڇيپ ڇات جو عروج هو. وڏيرن جي غلامي قبول ڪرڻ عام هو، پر ڀڳت، جيڪو هڪ با همت ۽ اڻ موٽ انسان هجڻ ڪري غلاميءَ کان نجات پائڻ لاءِ پتوڙيندو رهيو ته اهڙي غلاميءَ مان ڪيئن جان ڇڏائجي. سندس ڳوٺ وارن جي هڪ ذاتي ٻني، کيڙي ڪرڻ ۽ گذراني لاءِ هُئي ۽ کوهه کوٽڻ ٿي چاهيو ته پنهنجي پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ مال کي پياري سگهون. جيڪي ٻار ٻچا پاڻي لاءِ ويندا هئا ته ان سان بدتميزي ۽ غير اخلاقي طريقو استعمال ڪندا هُئا. وڏيرن جي ڇاڙتن جا داٻ دڙڪا سهڻا پوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن عورتن کي ٿڏا هڻي واپس ڪندا هئا. اهڙي حرڪت ڀڳت ٻيجلرام کي نه وڻندي هُئي، ۽ هر وقت دل آزاري ٿيندي هُئي. ڪيترن ئي موقعن تي انهن سان منهن ماري هاتا پائي به ٿيندي هئي. اهڙيون ڪريل حرڪتون کانئس برداشت نه ٿيون، نيٺ ڳوٺ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر اُتر طرف سندس قبولي نمبر 7 ڊاڀو نالي ٻني ۾ سال 40-1939ع ڌاري هُن کوهه کوٽائڻ شروع ڪيو. ٿر ۾ وٽ واري علائقي ۾ کوهه تانگها ٿيندا آهن. 50 فوٽن تي مٺو پاڻي نڪتو. انهي وقت اهو کوهه وڏي خرچ ۽ ڏکن ڏاکڙن سان تيار ٿيو هو. تر جي وڏيرن کي باهه لڳي ويئي ته ميگهواڙ پنهنجو ذاتي کوهه کوٽايو آهي. حسد ۽ ساڙ ۾ ڇاڙتن کوهه ۾ لوڻ وجهي، مٺي پاڻيءَ کي کارو ڪري ڇڏيو. گڏوگڏ جڙتو ڪوڙن ڦڏن ۾ ڦاسائڻ لاءِ حراسان ڪندا رهيا. پر هن بهادر ۽ اڻ موٽ انسان دليريءَ سان مقابلو ڪبو ۽ بچاءَ خاطر انهيءَ زماني ۾ اخبارن ۾ ليک ڏيرايا ۽ وس وارن ۽ اختيار وارن وٽ بچاءَ خاطر درخواستون داخل ڪرايون، ۽ ترت ئي پنهنجي اصل ڳوٺ مان ڪٽنب سميت لڏي، ٻني سروي نمبر 7 جي اتر طرف مهاڳي ۾ پڊ منظور ڪرائڻ واسطي روينيو اختياري وارن وٽ درخواست ڏني. ۽ پڊ جي لکپڙه ٺهرائي، وس وارن عملدارن کي رواني ڪرائي، پنهنجي ڪٽب سميت رهائش اختيار ڪئي. جنهن تي تر جي وڏيرن، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جڙتو، ڦڏن ذريعي پوليس چاڙهڻ سان تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، جيئن ميگهواڙ ڊڄي پڊ تان هٿ کڻي، وري واپس پنهنجي اصل ڳوٺ ۾ اچي رهن، ۽ سندس غلامي ڪندا رهن. پر ٻيجلرام هڪ خوددار ۽ باهمت ماڻهو هو. سندن دڙڪن داٻن ۽ ڪوڙن ڦڏن جي ڪابه پرواهه نه ڪئي، ۽ پنهنجو سندرو مضبوط ٻڌي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهيو. پاڻ پٺن اگهاڙو، پاڻيءَ جي سانداري ڪلهي ۾ کڻي، پيادل پنڌ ڪري آفيسن ۽ ڪورٽن ۾ حاضريون ڏيئي ڏيئي، ڪارونجهر وانگر اوچو ڳاٺ ڪري هلندو رهيو، جنهن کي ڪابه طاقت نمائي نه سگهي. هُن جي محنت آخرڪار رنگ لاتو. لڳ ڀگ 25 سالن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ميرپورخاص جن سروي نمبر 7 جي مهاڳ ۾ رهڻ واسطي پڊ منظور ڪري ڏنو. سال 1957ع دوران مسلسل 25 سال پنهنجي پڊن، تڙن ۽ پنهنجي سنگن جي عزت آن ۽ مانُ بچائڻ خاطر مخالفن سان جنگ جوٽي، پنهنجي قبيلي جو ڳاٺ اوچو ڪرايو. اهڙين حالتن ۾ رهندي به پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌي، پنهنجي پُٽن کي پڙهائين. سندس 3 پٽ هئا. 1. سترام جو هاري هو، ڪرمچند سنڌي فائينل پاس ڪئي کيس سنڌي ماستري نوڪري ڳوٺ ڀڪوئو ۾ ملي، جتي پيادل 25 ميل پنڌ ڪري ٻار پڙهائيندو هو. سندس ٽيون پٽ ڪانجي مل پرائمري اسڪول ڀڪوئو مان پڙهيو، ۽ ٻه سال هاءِ اسڪول ڏيپلو ۾ پڙهيو. بعد ۾ ٿر ۾ سخت ڏڪاري حالتن ڪري، ڀٽ ڀائٽي جو خيراتي اسڪول رئيس محمد عثمان مري هلائيندو هو، جتي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ٻه سال بي روزگار رهيو، بعد ۾ ميئرٽ جي بنياد تي سال 66-1965ع ۾ جونيئر ڪلارڪ طور، نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ مقرر ٿيو، جتي پنهنجي محنت، جفا ڪشي ۽ بهترين ڪارڪردگيءَ ڪري، کيس ترقي ڏيئي آفيسر گريڊ ۾ مقرر ڪيو ويو. ترقي ڪندي ڪندي سال 1998ع ۾ آفيسر گريڊ ون مان سينئر مئنيجر طور نوڪريءَ مان رٽائر ٿيو. ڪانجي مل پنهنجي نوڪريءَ دوران پنهنجن پراين واسطيدارن کي مالي مدد ڏيئي، پڙهايو، ۽ روزگار سان لڳايو. ڪانجي مل هڪ سماجي ۽ شوشل ورڪر ذهن جو انسان آهي، جنهن ڏکي وقت ۾ ڪافي ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. جنهن جا ڪافي مثال آهن. جھڙوڪ ساهو جي وانڍ وارن جي کُلي دل سان مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي. مٺي شهر ۾ پنهنجي نالي سان ڪانجي ڪالوني جو بنياد رکيو، جتي اسان جي جاتيءَ جا ڪيترائي گهر آباد آهن. ايم. اين. اي ڊاڪٽر کٽو مل سميت، رهائش پذير آهن. جتي ميگهواڙ برادريءَ جا سدائين ميڙاڪا ٿيندا رهن ٿا. ڪانجي ڪالوني ٿر ۾ ان حوالي سان مرڪزي اهميت رکي ٿي. اُن ۾ ڪوبه واڌ نه آهي. ڪانجي مل سال 2001ع کان 2004ع تائين نائب ناظم تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن مٺي به ٿي رهيو، جنهن ۾ پنهنجي ڪميونٽيءَ لاءِ ڪافي اسڪيمون ڏياريون ۽ ڪم ڪيو، جو اڄ به نشان آهن. ڪانجي مل جو وڏو پُٽ ملڪرام، جيڪو هن وقت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، مرڪزي کاتي ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي، جيڪو اعليٰ تعليم يافته ۽ با ڪردار شخص آهي. سندس اڪيلي نياڻي ڀڳواني ٻائي، اعليٰ تعليم يافته آهي ۽ سينئر انگلش ٽيچر آهي. سندس ٻه ننڍا پٽ هڪ پرتاب ۽ ٻيو امرت به سرڪاري ادارن ۾ روزگار سان لڳل آهن. ڀڳت ٻيجلرام هڪ باهمت، باڪردار ۽ سچو پچو انسان هو. پنهنجي حقن جي حاصلات خاطر جدوجھد ڪرڻ ان سلسلي ۾ پاڙي وارن ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن وارن کي، غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ جي همت افزائي ڪرڻ، ساهتا ڪرڻ، ساٿ ڏيڻ اخلاقي توڙي مالي مدد ڪرڻ جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل شخص طور حيثيت هئي. ڀڳت ٻيجلرام پاڻ اڻ پڙهيل هو ۽ آخري عمر ۾ لکڻ پڙهڻ سکيو. ٿر جي لوڪ ادب، لوڪ ڪهاڻين، لطيفن، پرولين، ڳجهارتن، ڪهاوتن، ڏور بيت جو وڏو ڄاڻو هو. ٿر جي سگهڙن جي ڪچهري هجي ته هلي شرڪت ڪندو هو. ٿر جا سڀ سگهڙ ۽ ڏاها سندس عزت ڪندا هئا. سچائي، نيڪ نيتيءَ جي ڪري ٿر جو مشهور سخي مرد، فقير فيض محمد بلالاڻي به سدائين راڄوڻي فيصلن ۾ کانئس صلاح وٺندو هو، ۽ مانُ ڏيندو هو. آخري اوستا ۾ سڀ لوڀ، لالچون، موه، مايا، ڇڏي ست گرو ڪري، ايشور جي ڀڳتيءَ ۾ مگن ٿي ويو. ڌرمي ماڳن، مندرن، صوفي سنتن ۽ فقيرن جي مزارن جون حاضريون ڀري، سنت ساڌوئن سان ميل ملاقاتون ڪري، پنهنجي جيون ۾ سک، شانتي، سڪون پراپت ڪيائين. سنساري جي نيم مطابق هر انسان کي هي چولو ڇڏڻو آهي. هن سنت به 22 فيبروري 1988ع تي هن جهان کي الوداع چئي، پر لوڪ پڌاريو، ۽ پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

گلجي رتن جي

وري آ وير يادن جي، پراڻا يار ياد آيا، ويا وڇڙي ولر کان جي، دلي دلدار ياد آيا. دنيا ۾ ڪيترائي بي بها، اخلاق ۽ اخلاص جا مالڪ، فقير طبيعت، حاتم صفت، منصف مزاج، رحم دل، خوش پوشاڪ، خوش گفتار انسان پئدا ٿيا آهن. سنڌ سونهاريءَ جي پويتر ڌرتي اهڙن ڀلن ماڻهن سان ڀري پئي آهي. ماڻهو ته هليو ويندو آهي ۽ پٺيان ڇڏي ويندو آهي دل پذير يادون، اهڙيون وڻندڙ يادون ڇڏي ويندڙن مان هڪ ميگهه ونس مهان پُرش، شري گلجي، جنهن ڊينگاڻ ڀرڳڙي، تعلقي ڪوٽ غلام محمد ضلع ميرپورخاص ۾، شري رتن جي ٻوچيا جي گهر جنم ورتو، پاڻ پرائمري تعليم پرائمري اسڪول ڊينگاڻ ڀرڳڙي، ۽ فائينل به ساڳئي اسڪول مان پاس ڪيائين. سندس پتا شري رتن جي جو هڪ ننڍڙو دڪان هو، جنهن مان هو پنهنجي ڪٽنب جون ضرورتون پوريون ڪندو هو. شري گلجي جيئن فائينل جو امتحان پاس ڪيو، ته تُرت ئي کيس روينيو کاتي ۾ تپيدار جي نوڪري ملي. ڪجهه سال تپيداريءَ جي نوڪري ڪرڻ بعد، سال 1953ع ۾ روينيو کاتي مان استعفيٰ ڏيئي، سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن لڙيو، ۽ MPA چونڊيو ويو. انهي اليڪشن ۾ کيس رئيس خير محمد ڀرڳڙي صاحب آندو، ۽ کيس هر طرح جي مدد ڪيائين، ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جا ووٽ به تمام گهڻا مليا ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو پاڪستان ۾ پهريون MPA ميمبر سنڌ اسيمبلي ٿيو. انهي کانپوءِ ڪراچي جو جيوراج مهيشور ميگهواڙ، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، جو فوت ٿي ويو آهي. سندس پريوار هن وقت گانڌي ڌام گجرات ۾ رهي پيو. سال 1985ع ۾ شري گلجي، اقليتي هندو قومي اسيمبليءَ سيٽن جي اليڪشن ۾ نامينيشن پيپر ڀرايو. انهي اليڪشن ۾ پڻ رئيس خير محمد ڀرڳڙي صاحب ۽ ميگهواڙ قبيلي جي ووٽن تي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو، ۽ ٽن سالن لاءِ ميمبر نيشنل اسيمبلي MNA بڻيو. شري گلجي هڪ ماٺيڻو ۽ ٿڌي سڀاءُ جو انسان هو. پاڻ شادي شريمتي سنڌو، ڳوٺ کڏڙو تعلقي سنجهورو ضلع سانگهڙ مان ڪئي. جنهن مان کيس اولاد هڪ نياڻي ۽ ٽي پُٽ آهن. 1. هيمراج 2. وشنداس جيڪو انجنيئر واٽر مئنيجمينٽ آهي. 3. لالجي. گلجي رام پنهنجي دؤر ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا، ڊينگاڻ ڀرڳڙيءَ ۾ ميڊيڪل هيلٿ سينٽر، هاءِ اسڪول بلڊنگ ۽ ڪميونٽيءَ سينٽر تعمير ڪرايا ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ۽ ٿر ۾ به کوهه، ڪميونٽي سينٽر، پرائمري اسڪول بلڊنگ وغيره تعمير ڪرايون. گلجي رام، جنهن شيڊيول ڪاسٽ جي بهتري ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ٻهراڙيءَ ۾ جهالت ختم ڪرڻ لاءِ ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ همٿائڻ، ۽ انهن جي مائيٽن کي سٺي صلاح ڏيڻ، ته هو پنهنجي ٻارن کي اڳتي پڙهائين، جيئن هو منزل ماڻي سگهن. انهي کانسواءِ هو هڪ سماج سُڌارڪ شخصيت هو. سماج ۾ ڪوبه تڪرار يا فيصلو هوندو هو، ته پاڻ هڪدم پهچي ويندو هو، ۽ انهن کي سُلجهائڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو هو. گلجيءَ جي سٺي ڪردار ڪري جاتيءَ ۾ عزت مانُ ۽ مرتبو هو جنهن ڪري اڃا تائين لوڪ کيس هڪ مهان انسان ۽ سماجي شيوڪ طور ياد ڪندا رهن ٿا. آخر اهڙا امر انسان ڪيترائي هن فاني سنسار ۾ آيا، ۽ پنهنجو وارو وڄائي، وڃي پنهنجي مالڪ سان مليا. اهڙيءَ طرح شري گلجي به آخر سال 2005ع ۾ هن سنسار کي الوداع چئي، پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو، ۽ سندس يادون هميشه ميگهه ونس جي دلين ۾ ياد رهنديون. پکي پرواز ٿي ويندا، حويليءَ ۾ نه هُل رهندو، اڏامي بلبليون وينديون، نه گلشن ۾ ڪو گل رهندو.

ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ

سوڀون سِر گُهرن، سر ري سوڀ نه سپجي، سسيون برابر سوڀ جي، توريان تان نه تُرن، جيڪي هينئڙي منجهه هُرن، سي ملهه مهانگا سپرين. ڪي انسان پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل سان تاريخ جا رُخ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي اندر اهڙا ادارا هجن ٿا، جتان ڪيترائي انسان پنهنجي شعور جون شمعون جلائي، سڄي جڳ کي علم ۽ آگاهيءَ جي روشني ارپين ٿا. اسان جي سونهاري سنڌڙيءَ جي سرزمين، هميشه پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ۽ تاريخ حيثيت رکي آهي. جنهن اهڙا انمول موتين ۽ مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا، جن عمل، علم، فهم، سورهيايپ ۽ سچائيءَ جي ميدان تي ڏونڪو هنيو. پر هت هڪ اهڙو شخص فرد به گهمندڙ ڦرندڙ تاريخ آهي. جيڪو اڄ به پنهنجي فڪر ۽ نظريه سان ڪمٽيڊ آهي ۽ اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ قابلِ عزت ۽ سنڌ ۽ ٿر لاءِ ارادن ۾ پختو آهي. اهو شخص عمرڪوٽ جي ڀومي جتي مغل شهنشاهه اڪبر بادشاهه جنم ورتو، جتي عمر ۽ مارئيءَ جو رومانوي داستان وابسته آهي، جتي ڪيترن ئي سياستدانن سنتن جنم ورتو انهي ۾ هڪ سورهيه ميگهواڙ جاتيءَ جو پُرش، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، جنهن تاريخ پهرين آڪٽوبر 1956ع ڌاري عمرڪوٽ ضلع جي ڳوٺ جانهيرو شريف، جتي ڏاڏي کنگهار پير جي درگاهه جو تمام قديمي آستان موجود آهي، انهي ڳوٺ ۾ هڪ هاري سرڳيه ڏيارام پنئار جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو مصران، ڌي ٻلهو ذات کريئٽ، ڳوٺ ڪنري لڳ سرمست رند شاهه جو تڙ جي هُئي. هن پنهنجي ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. جتي 8 ڪلاس تائين پڙهيو. جنهن بعد هُن هاءِ اسڪول عمرڪوٽ مان ميٽرڪ پاس ڪئي، ۽ مسلم ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪري پوءِ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻيو. جتي هن 6 مهينا هائوس جاب ڊاڪٽر طور ٻارڙن جي وارڊ، ۽ 6 مهينا حادثاتي وارڊ ۾ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر صاحب شاگرديءَ جي زماني کان ئي هو ڪاليج جي سياست ۾ Active رهيو. انهي ڪري سندس دلچسپي ڊاڪٽريءَ کان وڌيڪ سياست ۾ رهي. ڊاڪٽر صاحب سال 1980ع ۾ پ پ پ اسٽوڊنٽ ونگ ۾ شامل ٿيو. جتان سندس سياسي سفر شروع ٿيو ۽ سال 1991ع جي اخبارن ۾ وڏين سرخين جي زينت بڻيو سندس لاپته هئڻ جون هنگامي خبرون به شايع ٿيون. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ سال 1988ع ۾ پنهنجي روايتن موجب شادي شريمتي ڪلاونتي، ڌي مگهو مل، ذات جئپال ڳوٺ کاهي تعلقه کپرو ضلع سانگهڙ مان ڪئي. جنهن مان کيس ٽن پُٽن جو اولاد آهي. 1. راهول جيوڻ جو LLB ڪري رهيو آهي 2. وشال جيوڻ پڙهي پيو ۽ ٽيون گوري شنڪر جيون پنجون ڪلاس پڙهي رهيو آهي. ڊاڪٽر کٽو مل صاحب سال 1988ع ۾ باقاعدي پ پ پ ۾ شموليت ڪئي جنهن جو سڄو سهرو ڪامريڊ اومون مل ”مسافر“ جي سِر تي اچي ٿو. 1988ع واري اليڪشن ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کي MPA جي سيٽ، بيگم نصرت ڀٽو کان هُن ضد ڪري ورتي هئي. نه ته ان ٽڪيٽ جي مخالفت پي. ڪي شاهاڻيءَ کان وٺي گهڻن اقليتي ميمبرن ڪئي هئي. چون ٿا ته تڏهن ڪامريڊ اومي مل کي MNA جي سيٽ جي ٽڪيٽ پي. ڪي شاهاڻي ڏيئي چُڪو هو. هُنن فقط ڊاڪٽر کٽو مل کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. تڏهن ڪامريڊ اومون مل مخدوم طالب الموليٰ وٽ نه صرف شڪايت کڻي ويو، پر هو محترمه بينظير صاحبه وٽ مخدوم صاحب کي گڏ وٺي ويو. انهيءَ جي باوجود محترمه ڊاڪٽر کٽو مل کي ٽڪيٽ ڏيڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو. پر ڪامريڊ اومون مل بيگم نصرت ڀٽو صاحبه سان وڃي مليو ۽ چيائين، ته هن پارٽي ۾ منهنجي هڪڙي ٽڪيٽ جي به اميد نه آهي ڇا؟ اُن تي بيگم نصرت ڀٽو صاحبه چون ٿا هُن محترمه کي فون ڪيو، ته سنڌ ۾ اقليت جون ٻه ٽڪيٽون، هڪ قومي ۽ هڪ صوبائي مون کي ڏيو. باقي سنڌ ۾ اوهان جي مرضي. پوءِ انهيءَ تي محترمه بينظير مجبور ٿي MPA جي سيٽ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کي ڏني، ۽ MNA جي ٽڪيٽ اڳ ۾ ئي ڪامريڊ اومون مل کي مليل هئي. انهي اليڪشن ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ MPA جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، ۽ ڪامريڊ اومون ملي MNA جي سيٽ صرف 400 ووٽن تان هارائي ويو. پيپلز پارٽيءَ ۾ اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر جا پير مضبوط ٿيا، ۽ پ پ پ ۾ پنهنجون جڙون وفاداري ۽ سچائيءَ سان مضبوط ڪيون، ۽ سچو جيالو بنجي ويو. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ 4 ڀيرا ميمبر پاڪستان نيشنل اسيمبلي، هڪ ڀيرو سينيٽر ۽ ٻه ڀيرا ميمبر سنڌ اسيمبليءَ چونڊاڻو، اهڙيءَ طرح هن پاڪستان جي پهرين هندو ليڊر جي حيثيت سان ست ڀيرا سياسي دور ۾ پنهنجي ڪارڪردگي، عزم ۽ قربانيون ڏيئي پارٽي کي بنا ڏيڻ وٺڻ جي، عزت وڌائي آهي. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ 14 جون 2013ع تي سندس ڏنل انٽرويو جيڪو The Express Tribune ۾ شايع ٿيو، جنهن موجب ڄام صادق علي جڏهن چيف منسٽر سنڌ هيو، انهي وقت ڊاڪٽر کٽو مل تي ميرپورخاص پوليس اسٽيشن کان چيف منسٽر هائوس تائين دٻاءَ وڌو ويو، ته جيئن هو پ پ پ کي ڇڏي ڄام صادق عليءَ جي ڪئمپ ۾ شامل ٿئي، پر هُن تشدد برداشت ڪيو پر پ پ پ کان ناتو ڪونه ٽوڙيو. پوليس کيس درجن کن جاين تي رکيو. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي، ۽ ججن مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻڻ لا حڪم ڏنو، ته ڊاڪٽر کٽو مل کي هڪ اهڙي جاءِ تي منتقل ڪيو ويو، جتي جهنگل ۾ هڪ زميندار جي سوئرن جي شڪار گاهه جي جڳهه ٺهيل هئي. ڊاڪٽر کٽو مل ٻڌايو ته هر وقت منهنجيون اکيون ٻڌيون وينديون هيون، جڏهن مونکي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تي منتقل ڪيو ويندو هو. جھڙوڪ بدين، ٺٽو ۽ ميرپورخاص وغيره، ٻن مهينن اغوا کانپوءِ هن چيو ته کيس چيف منسٽر هائوس ۾ آندو ويو، جتي سندس ڪٽنب جا ڀاتي موجود هُئا. منهنجي ڀائرن دليل ڏيندي چيو، ته ڄام صادق جي پارٽيءَ ۾ بروقت شامل ٿي. آئون اُن وقت ذهني ۽ جسماني تشدد سبب منجهيل هُئس، بعد ۾ مونکي آزاد ڪيو ويو. مون ڪوبه ردعمل ڪونه ڏيکاريو ۽ اها پروپيگنڊا ڪرڻ شروع ڪئي ويئي ته آئون پ پ پ کي ڇڏي ڄام صادق وارن سان گڏ ٿيو آهيان. آزاديءَ کانپوءِ ڊاڪٽر جيوڻ، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي سنڀال هيٺ هڪ مهم، انهن ماڻهن جي خلاف شروع ڪئي، جن هن کي نظر بند رکيو هو؛ ۽ قومي ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي تنظيمن سان پنهنجي غائب ٿيڻ لاءِ رابطو ڪيو. ان وقت سرڪار مون تي دٻاءُ پي وڌو، ڇاڪاڻ ته شيڊيول ڪاسٽ جا 50 سيڪڙو ماڻهو جنهن ۾ ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل شامل آهن، اُهي ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ مٺي ٿرپارڪر ضلعن ۾ رهندا آهن. هن چيو ته اهي هندو پ پ پ کي ووٽ ڪندا هُئا ۽ سرڪار چاهيو ٿي ته مون کي پ پ پ جي خلاف استعمال ڪيو وڃي ته جيئن آئون شيڊيول ڪاسٽ جي ماڻهن کي پ پ پ کي ووٽ نه ڏيڻ لاءِ منع ڪري سگهان. انهي کان پوءِ وري پرويز مُشرف جي دور ۾ منهنجي خلاف درجن کن ڪيس داخل ڪيا ويا، ۽ هي تقريبن 11 سال کن لڪي ويو ۽ کيس ڏوهاري قرار ڏنو ويو. ارباب غلام رحيم انهي کان واقف هو ته هي انهن چند ماڻهن مان آهي، جيڪي هندو جاتيِءَ تي اثر رکن ٿا. خصوصن شيڊيول ڪاسٽ تي، انهن هن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن هو سندس ڪئمپ ۾ شامل ٿيئي.پر جڏهن هو ناڪامياب ويا ته هن کي ۽ هن جي پُٽن کي دڙڪا داٻ ڪرڻ لڳا. سندس پارٽي هن کي چيو ته تون هيٺياهين وٺ، انهي وقت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه لنڊن ۽ دبئيءَ مان پارٽي ليڊرن کي وقت به وقت هدايتون ڏيندي رهي، ته هن کي ڪراچيءَ ۾ ڪا محفوظ جڳهه مهيا ڪئي وڃي. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ 1988ع کان 1990ع تائين MPA ٿي رهيو. 1990ع کان 1993ع تائين MNA ٿي رهيو. سال 1993ع کان 1996ع تائين به MNA ۽ 1997ع کان 1999ع تائين به قومي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 2008ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ کان ترت پوءِ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کي صلاحڪار چيف منسٽر آف سنڌ، معدنيات ۽ کاڻين جو کاتو ڏنو ويو. انهيءَ کان اڳ ۾ سال 1998ع ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري پاپيوليشن به مقرر ٿيو هو. ساڳئي سال 2009ع ۾ سنڌ مان کيس سينيٽر مقرر ڪيو ويو. هيءُ پاڪستان جو هندو توڙي ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون شخص هو، جو سينيٽر ٿيو، ۽ جنهن سينيٽ جي اجلاس جي صدارت به ڪئي. انهي کانپوءِ جڏهن پ پ پ جي MNA شهباز ڀٽيءَ کي اسلام آباد ۾ قتل ڪيو ويو، ته ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کي اُن جي جاءِ تي MNA چونڊيو ويو. سندس پارٽيءَ سان سچائي وفاداريءَ جي ڪري وري کيس 2013ع ۾ پارٽيءَ وارن هڪ دفعو ٻيهر اقليت جي مخصوص سيٽ تي سنڌ اسيمبلي ميمبر نامينيٽ ڪيو. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ پنهنجي پوري دور ۾ ڪڏهن به ڪنهن عهدي لاءِ گهر ڪئي، نه وري ڪڏهن پارٽيءَ کي ٽڪيٽ لاءِ چيو. ان جي باوجود هو ست دفعا چونڊيل نمائيندو پ پ پ ۾ ٿي رهيو. هُن کي پارٽيءَ سان وفادار هُجڻ جو اعزاز حاصل آهي. کٽو مل جيوڻ صاحب ست ٽرم اسيمبليءَ ۾ رهيو. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جي اسيمبليءَ ۾ اچڻ ڪري ميگهواڙ جاتيءَ کان جا صدين جي ڇوت ڇات هوندي هئي، سا ختم ٿي چُڪي آهي، ۽ پهريون هندو ڪميونٽي خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ سان واسطو رکندڙ، پنهنجي وفادار ۽ اهليت سان رهيو، جيڪو سندس رڪارڊ آهي. ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ميگهواڙ جاتيءَ ۾ قومي هيري طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، ۽ هو هڪ بهادر انسان، جو ڪڏهن به ڪنهن اڳيان نه جهڪيو ۽ هماليه جبل وانگر پنهنجو ۽ جاتيءَ جو ڳاٽ اوچو رکيو پيو اچي. اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ڪنهن ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ کي ڪابه اهميت ڪانه ٿي ڏي، هيءَ ميگهواڙ جاتي فقط اهو چاهي ٿي ته اسان جو نمائيندو هميشه حڪومت جي زينت بڻيل هجي، ڪم ٿيندا رهندا. ڊاڪٽر اها ميگهواڙ جاتيءَ جي تمنا پوري ڪري رهيو آهي، ۽ ماڻهو انهي نالي ۾ خوش آهن. ٿر ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جي ماڻهن جي دلين ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ لاءِ احترام ۽ عزت آهي ۽ رهندي. جهڙي نموني پ پ پ جي ماڻهن ۾ ننڍي وڏي جي وات مان سدائين ”جيئي ڀٽو“ جو نعرو نڪري ٿو، تيئن ته ميگهواڙ جاتيءَ جي ماڻهن جي وات مان به ”جيئي کٽو“ جو نعرو نڪري ٿو، جو هڪ قدرتي عمل آهي، جنهن کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. اهي ئي ميگهواڙ جاتيءَ جون دعائون آهن، جن ڊاڪٽر کي هڪ مهان پد تي پهچايو آهي. اسان جي ميگهواڙ جاتي، توڙي ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کي تمام گهڻي ۾ گهڻي خوشي تڏهن ٿي، جڏهن تاريخ 31 جنوري 2014ع تي جناب آصف علي زرداري، جناب نواز شريف سان گڏ ٿاهريو هاليپوٽا، ڪوئلي واري هنڌ تي هڪ وڏي هجوم کي تقرير ڪندي اهو فرمايو، ته ٿر مان پ پ پ جي کٽڻ ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جو آهي. انهي وقت ڊاڪٽر جيوڻ خوشيءَ مان نه پيو ماپي، ۽ ٿر جي ٻين پ پ پ جي سڀني نمائيندن جا منهن لهي ويا. انهي مان صاف ظاهر آهي ته پ پ ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جو مانُ ۽ شانُ آهي، ۽ اُهي کيس وفادار ۽ پڪو جيالو سمجهن ٿا ۽ هو جيالو آهي. هن پنهنجي دور ۾ ڪيترائي ڪم ڪيا آهن. ڪيترن ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون، روڊ، کوهه، هينڊ پمپ، اسڪول بلڊنگس، RO پلانٽ، ڪميونٽي سينٽر وغيره جنهن جو تفصيل سان ذڪر ڪبو ته ڪتاب ڀرجي ويندو. اسان کي اميد آهي ته ڊاڪٽر صاحب گهڻي ۾ گهڻو پنهنجي ميگهواڙ جاتيءَ جي سُڌاري ۽ واڌاري تي ڌيان ڏيئي، ترقي وٺرائي، جيئن هميشه لاءِ امر ٿي وڃي.

انجنيئر گيانچند

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل، هيءُ ڏينهن به گهاري وينداسين، ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين. (اياز) ڪنهن به قوم يا قبيلي ۾، ملڪ ۽ سماج ۾ عظيم انسان ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. انهن جو جنم ٿئي ٿو ته هو قوم ۽ قبيلي لاءِ نوان ترجمان بڻجي نمودار ٿيندا آهن، جيڪي بهادر، اصول پرست، اڻموٽ ۽ خاص صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن. هو مشڪل ۾ مشڪل راهون به هموار ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙن املهه انسانن تي قومون ناز ڪنديون آهن. اهڙا مڻيادار مڙس پنهنجا ذاتي مفاد ڇڏي، عوامي مفادن لاءِ ڊوڙندا ۽ ڊڪندا رهندا آهن. انسان دنيا ۾ جنم وٺي اچي ٿو ۽ انيڪ دنياوي مرحلا طئي ڪري، زندگيءَ جا ڪئي لاڙها چاڙها ڏسن ٿا، جن مان ڪڏهن ٻُڏڻ ۽ ڪڏهن ترڻ ٿئي ٿو. انهن جي زندگيءَ جي منزل موت نه آهي، جيڪو عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا. جيڪي ٻاٽ سان لڙڻ ٿا ۽ روشنيءَ جي راهه وٺن ٿا. جيڪي اونده اُجارڻ جي بي قرار جستجو ڪن ٿا. جيڪي اماس جهڙي جڳ ۾ ڏيئو ٿيڻ جي جدوجهد ڪن ٿا، جيڪي انسان ٻين کان مختلف ۽ منفرد هوندا آهن. جيڪي وقت جي آڪاش تي شعور ۽ ساڃاهه جون اُهي انڊلٺون اڀاريندا آهن، جن جا اُجرا عڪس تاريخ جي جهروڪن مان هر دور ۾ پيا ليئا پائيندا آهن. ڪردار، قابليت، دانشمندي ۽ انسانيت جي خدمت ماڻهن کي مهانتا جا معراج ارپي ڇڏي ٿي، ۽ ماڻهن جي دلين تي ماهر سنگتراش جي چٽن جيئن چٽيل رهن ٿا. اهڙو ئي هڪ اڻموٽ ۽ املهه انسان، انجنيئر گيانچند به آهي، جنهن کي اهڙن محبوب ماڻهن جي مالها جي موتين ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جن لاءِ محبتون ۽ عظمتون محدود هونديون آهن. لطيف صاحب چيو آهي: مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي، ڪري نه سگهان ڪا، تنين سندي ڳالهڙي. انجنيئر گيانچند جو جنم تاريخ 1966–03–01 تي، هڪ مهان استاد ٺاڪرو مل ڪڏيچه جي گهر، ڳوٺ ويڙهار تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر ۾ ٿيو. سندس ماتا شري جو نالو کيمان ٻائي، ڌي جگتو مل کوکر، ڳوٺ ڪُتاني تعلقي ڏيپلو جي آهي. پاڻ پرائمري تعليم 5 درجا 1977ع ۾ ۽ مڊل 1980ع ۾، گورنمينٽ هريجن ڪالوني اسڪول ويڙهار مان پاس ڪيائين، ۽ 1982ع ۾ ميٽرڪ هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد مان، ۽ انٽر سال 1984ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان پاس ڪري، B.E (Agri) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ داخل ٿيو، ۽ سال 1990ع گريجوئيشن B.E (Agri) جي ڊگري حاصل ڪئي. انهي کانپوءِ ڏهن سال تائين ڪنسٽرڪشن (اڏاوتي ڪمپني) سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪيو. سندس پتا ٺاڪرو مل هڪ نيڪ ۽ قابل استاد هو، جنهن جي ڪاوشن سان ويڙهار ۾ پرائمري اسڪول جو بنياد پيو، ۽ جنهن پنهنجي پوري زندگي پنهنجي جاتيءَ جي ٻارن ۾ تعليم جي روشني ڦهلائڻ لاءِ ارپڻ ڪري ڇڏي، جنهن جو مثال اڄ به موجود آهي، ته ٿرپارڪر ۾ گهڻي ۾ گهڻا ميگهواڙ جاتيءَ جا پڙهيل لکيل ۽ سروس ۾ ويڙهار جا ماڻهو آهن. انهي ڪردار جو سڄو سهرو سائين ٺاڪرو مل جي سر تي اچي ٿو، ۽ انجنيئر گيانچند جو چاچو سائين هميرچند به ڪيترن ئي هاءِ اسڪولن جو هيڊ ماستر ٿي رهيو آهي، ۽ سڄي فيملي پڙهيل لکيل آهي. پاڻ شادي سال 1992ع ۾ شريمتي گيتا ٻائي، ڌي امرو مل ذات سيجو، ڳوٺ ماڃٺي تعلقي مٺي ضلع ٿرپارڪر سان ڪئي. جنهن مان کيس اولاد ٻه نياڻيون ۽ چار پُٽ آهن. 1. گلشن ڪمار، جيڪو ميڊيا سائنس اقرا يونيورسٽي ڪراچيءَ جو شاگرد آهي. 2. گلزار ڪمار NED يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ پڙهي پيو. 3. سمير انٽر سائنس ڪراچي ۽ 4. نقاش، ڪلاس ٻيو، پرائمري اسڪول ويڙهار ۾ پڙهي رهيو آهي. انجنيئر گيانچند ڍاٽڪي، سنڌي، اردو، انگريزي ۽ سرائڪي ٻوليون لکي پڙهي سگهي ٿو، ۽ سندس پسنديده پوشاڪ شلوار قميض (سفيد ڪاٽن) آهي، ۽ سنڌي ٽوپي ۽ پٽڪو به شوق سان پائي ٿو. انجنيئر گيانچند پنهنجو سياسي ڪيريئر 1980ع ڌاري، عوامي تحريڪ مان شروع ڪيو. جڏهن هو سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽيءَ ۾ گريجيويشن ڪري رهيو هو. انهي وقت ڄام صادق علي وڏي وزير جي جابرانه دور ۾ سياسي طور کيس 1992ع ۾ ڏيپلو پوليس طرفان گرفتار ڪيو ويو، ۽ هڪ مهينو جيل ۾ رکيو ويو. سال 1993ع واري اليڪشن ۾ اقليتي سيٽ تي آزاد اميدوار طور صوبائي سيٽ تي اليڪشن لڙيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ ملٽيپل وارڊ هو. انهي وقت پنهنجي ميگهواڙ جاتي فيصلو ڪري، MNA جي سيٽ لاءِ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، ۽ MPA جي سيٽ لاءِ انجنيئر گيانچند کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ انجنيئر گيانچند وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو، ۽ پنهنجي سياسي ڪيريئر جي پهرين ڏاڪي کي ڪراس ڪيو. تنهن کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. سال 2002ع جي عام چونڊن ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي PS–60 تعلقي ڏيپلو تي ارباب غلام رحيم جي سامهون فارم ڀرائي اليڪشن لڙيو، پ پ پ جو ڪوبه اميدوار فارم ڀرڻ لاءِ تيار نه ٿيو. انهي ڪري ارباب غلام رحيم جي ظالماڻه حرڪتن جو شڪار پاڻ بڻيو ۽ جاتيءَ به لوڙيو. اليڪشن لڙيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو پر همت نه هاري، ۽ پنهنجي جفاڪشي جاري رکي. سال 2004ع ۾ نامزد وزير اعظم شوڪت عزيز جي سامهون پ پ پ جو ڪو به اميدوار فارم ڀرائڻ لاءِ تيار نه ٿيو، پر هي ميگهه ونس اتهاس جو پهريون شخص، مرد مجاهد پ پ پ طرفان ڪورنگ اميدوار هو. سال 2008ع ۾ پ پ پ طرفان کيس ٽڪيٽ ڏنو ويو، پر مالي حالتن ڪري هن حصو نه ورتو. پر ڪو رنگ اميد وار طور هُن ڀرپور اليڪشن ورڪ ۾ حصو ورتو. سال 2013ع جي اليڪشن ۾ به ارباب غلام رحيم جي سامهون، PS–60 ڏيپلو تي پ پ پ جو ڪوبه ماڻهو اليڪشن لڙڻ لاءِ تيار نه ٿيو. تڏهن به هيءُ اڻ موٽ مڙس ارباب غلام رحيم جيڪو وزيراعليٰ ٿيڻ جي خواهش رکندڙ هو جي خلاف اليڪشن لڙيو، ۽ 36 هزار ووٽ کنيا ۽ ميگهواڙ جاتي وارن ڪافي مدد ڪئي، پر اليڪشن کٽي نه سگهيو. انجنيئر گيانچند ڏيپلو تعلقه جو رهواسي هجڻ ڪري، سياسي يا ميگهواڙن جي مسئلن ڪري سدائين اربابن سان مخالفت ۾ رهيو. سندس ڀاءُ موهن لال پڻ يونين ڪائونسل جهرمريو، تعلقي ڏيپلو جو ناظم ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر جو ميمبر2001ع کان 2005ع تائين رهيو، جنهن ۾ هو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ پڻ ارباب جي مخالف گروپ جو اڳواڻ هو. موهن لال کي 2005ع جي لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ گرفتار ڪيو ويو، ۽ پ پ ڇڏڻ لاءِ وقت جي وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو، ۽ 6 مهينا جيل ۾ رکرايو، 6 ڪوڙن ڪيسن ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد نارا جيل، ۽ حيدرآباد جي مختلف ٿاڻن تي قيد رکيو ويو، ان جي باوجود ثابت قدم رهيو. انجنيئر گيانچند جي سچائي ۽ پ پ سان وفاداريءَ جي ڪري، جڏهن 2005ع ۾ آصف علي زرداري صاحب جيل مان آزاد ٿي آيو، ته کيس ملڻ وقت زرداري صاحب انجنيئر گيانچند کي سلام ڪري خير مقدم ڪيو، ۽ پُٺي ٺپري اهي لفظ چيا ته ”تون منهنجو پهريون ٿرپارڪر جو بهادر دوست آهين“، ۽ سندس وفاداري ۽ قربانيءَ جي اعتراف ۾ کيس 25 لک رپين جي جيب خرچي تحفي ۾ ڏني. انجنيئر گيانچند صاحب ٿر جي غريب طبقن طرفان اليڪشن ۾ حصو ورتو، ۽ کين ڏاڍ سان وڙهڻ جو اُتساهه ڏنو. معاشري مان سياسي طور ڳڻپ ۾ نه ايندڙ ميگهواڙن کي سياسي سڃاڻپ ۽ شعور ڏنو، ٿر جي بي تاج بادشاهه سڏائيندڙ اربابن کي مسڪين ماڻهن جي ووٽ جي طاقت جو احساس ڏياريائين، مظلوم طبقن جي نمائيندي جي حيثيت ۾، اڻ جُهڪندڙ ڪردار طور سڃاتو وڃي ٿو. ميگهواڙن کي انسان طور تسليم نه ڪندڙ وڏيرڪي سماج کان هُن ووٽ ورتا، ۽ کانئس سندن ليڊر طور تسليم ڪرايو. مختلف ڪيسن کي منهن ڏنائين، ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت وقت به مٿس ڪيس داخل ٿيو. گيانچند يونيورسٽيءَ جو هڪ لکيل پڙهيل ۽ آزاد خيال آهي، ۽ هو ڪنهن جي ماتحت رهڻ لاءِ تيار نه آهي. پنهنجي ذات جي ميگهواڙن جي ترقي، واڌاري ۽ انهن ۾ همت پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. جنهن لاءِ هيءُ ۽ سندس ڀاءُ موهن لال زماني جون ڪافي سختيون سهي اڏول رهيا ۽ پنهنجي جاتيءَ ۾ ڪافي مقبول آهن. آخر سندس پارٽيءَ سان وفاداري، ۽ سچائي هئڻ ڪري جناب بلاول ڀٽو زرداري، چيئرمين پ.پ.پ. ۽ ڪو چيئرمن جناب آصف علي زرداري صاحب، مڃتا طور کيس سنيٽ جو جنرل ٽڪيٽ ڏنو، ۽ 5 مارچ 2015ع تي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي، ميگهواڙ جاتيءَ جو ٻيو سينيٽر ٿيو ۽ پنهنجي جاتيءَ جو نالو روشن ڪيو، جنهن ۾ سريندر ولاسائيءَ جو تمام گهڻو سهڪار رهيو. پاڻ پ پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر به آهي. هُن ميگهواڙ برادريءَ جي ٻن شاگردن کي، MBBS ۾ وزير اعليٰ جي صوابديده ڪوٽا تي داخلا وٺي ڏني. انهي کانسواءِ ڪافي ترقياتي ڪم ۽ نوڪريون به پنهنجي ميگهواڙ جاتيءَ وارن کي ڏياريون، ۽ قدم قدم تي ميگهواڙ جاتيءَ سان گڏ ۽ ساٿ ڏيندو رهي ٿو.

ڀيرو مل ٻالاڻي

محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو. هونءَ ته ميگهه ونس جاتيءَ جا ماڻهو ڪنهن به کيتر ۾ پوئتي نه رهيا آهن، پر سياست ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو آهي. اهڙوئي هڪ سادو ۽ سچو انسان ڀيرو مل ٻالاڻي صاحب جن، 28 جولاءِ 1954ع تي هڪ پراڻي ڪانگريسي پُرش، سرڳيه مهرچند ٻالاڻي کوکر، ويٺل شهر مٺي ضلع ٿرپارڪر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ست ٻائي ڌي چتون مل ذات پڙگڙو، ويٺل ڳوٺ حجامڙو تعلقه ڏيپلو جي هُئي. سندس هڪ ڀاءُ، جنهن جو نالو دريوڌن آهي، جو سرڪاري ملازمت ۾ آهي ۽ کيس 7 ڀيڻون آهن، جي سڀ شادي شده آهن. پاڻ شادي شريمتي هستو ٻائي ڌي سومجي مل ولاسيه ڏيپلو شهر مان ڪئي. جنهن مان کيس اولاد 4 نياڻيون ۽ 4 پٽ آهن. 1. سورج 2. سنديپ 3. شهديو 4. جوني. پاڻ پرائمري تعليم نارٿ ڪالوني اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪيائون، ميٽرڪ سال 1969ع ۾ گورنميٽ هاءِ اسڪول مٺيءَ مان پاس ڪئي. انٽر سال 1975ع ۾ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو ۽ BA علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان پاس ڪيو. پاڻ 1970ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ سيٺن وٽ پرائيويٽ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي. ڀيرو مل پنهنجي سياست جي شروعات سال 1997ع کان شروع ڪئي، جڏهن هو ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ ميگهواڙ سان گڏجي، اقليت هندو سيٽ تي سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي لڙيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي لڙيو، جنهن ۾ خاص ڪري ميگهواڙن ۽ پڻ ٻين هندوئن جي ووٽ ذريعي ٻئي ڪامياب ٿيا. انهي اليڪشن جي ٿوري عرصي بعد جيئن ته پاڪستان ۾ صدر پرويز مشرف صاحب اسيمبليون ٽوڙي مارشل لا لڳائي، تنهن ڪري ڀيرو مل صاحب هڪ سال تائين صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. انهي وقت هو نواز شريف صاحب جي گورنمينٽ ۾ اضافي چارج آبپاشي، ۽ بجليءَ (Water and Power) جو وفاقي سيڪريٽري رهيو، ۽ چيئرمن خدمت ڪاميٽي ضلع ٿرپارڪر به رهيو. جنهن جي بهتر ڪارڪردگيءَ کان متاثر ٿي پاڪستان جي وزيراعظم، جناب محمد نواز شريف خدمت ڪاميٽين جي قيام جو اعلان ڪندي، ريڊيو ۽ ٽي. وي تان ٻه دفعا ڀيرو مل ٻالاڻيءَ جو نالو کنيو، جيڪو ميگهواڙ جاتيءَ لاءِ هڪ اعزاز آهي. سال 1998ع ۾ ٿر ۾ پهريون دفعو سنڌ جو وزيراعليٰ لياقت علي جتوئي صاحب، پير صبغت الله (پير پاڳارو) ارباب غلام رحيم ۽ شير باز مزاري صاحب، ٻالاڻي هائوس مٺيءَ ۾ دعوت تي آيا هئا، جتي هزارن جي تعداد ۾ ميگهواڙن انهن جو والهانه انداز ۾ استقبال ڪيو. جيئن ته اُنهي مارشل لا دؤر ۾ سال 2002ع ۾، مسلمانن ۽ هندوئن جي ووٽن ذريعي چونڊ لاءِ نئين سر تڪبنديون ٿيون، ۽ قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن ۾ هندوئن لاءِ جيڪو هندوئن جي الڳ ووٽن جو سڄو پاڪستان ملٽيپل تڪ هو، ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن لاءِ سڄي سنڌ هندوئن جي ووٽن جو ملٽيپل تڪ هو، اهو فرق ختم ڪري، مسلمان ۽ هندوئن جي ووٽن کي گڏ ڪري هڪ يا ٻن تعلقن جا نوان تڪ ٺاهي، اليڪشن ڪرايون ويون. جنهن ۾ ڀيرو مل ٻالاڻي صاحب اليڪشن ۾ حصو نه ورتو. ڇاڪاڻ ته اها گڏيل ووٽن واري اليڪشن کٽڻ سندس وس کان ٻاهر هئي. ڀيرو مل ٻالاڻي صاحب هڪ شريف، سڌو ۽ چڱو ماڻهو آهي. جيئن ته هن کي ڪاميابي سندس ذات وارن ميگهواڙ ووٽرن سان ٿي هئي، تنهنڪري سندس دلچسپي ۽ همدردي سدائين پنهنجي جاتيءَ وارن سان رهي. هن پنهنجي وقت ۾ ٿوري عرصي ۾ ڪافي ترقياتي توڙي قومي ڪم ڪيا. سندس چوڻ موجب مٺيءَ جا کوکر اصل آڌيگام ننگرپارڪر رهندا هُئا. جتان لڏي نئون تـڙ (مٺي کان 20 ڪلوميٽر ڏکڻ) ۾ اچي رهيا، جتان پوءِ لڏپلاڻ ڪري مٺي شهر ۾ آباد ٿيا. سندس ڏاڏو ٻالو، انگريزن جي دؤر ۾ هڪ معزز ۽ نهايت سنجيده ماڻهو هو، ۽ کيس انگريزن وٽ سٺو عزت وارو مقام حاصل هو. هن کي مٺيءَ جي پسگردائي جي ٻارهن ڳوٺن جو پٽيل چونڊيو ويو، ۽ ٻارنهن راجن جا فيصلا ڪندو هو. مٺيءَ جي ڏکڻ طرف پيٽرول پمپ وٽ هڪ جاگير (معافي) طور مليل آهي جيڪا اڄ ڏينهن تائين هُنن جي آڪهه وارن جي حوالي آهي، ۽ انگريزن واري دؤر ۾ ٻيون به معافيون مليون هيون. انهي دؤر ۾ ڇوت ڇات اوج تي هُئي. ميگهواڙ جاتيءَ وارن کي سٺو ڪپڙو پائڻ، سٺو وهٽ ڌارڻ تي وڏين ذاتين پاران سخت منع هُئي. پر ان جي باوجود ٻالو مل، ڀلوڙ گهوڙي تي سفر ڪندو هو، ڪنهن کي همت ڪونه ٿيندي هُئي، جو سندس نالو وٺي، هن ديد دليريءَ سان پنهنجو وقت گذاريو. سندس پتا مهرچند ٻالاڻي صاحب، جيڪو پراڻو ڪانگريسي ۽ سٺي ڄاڻ رکندڙ سياستدان هو، مُلڪ جي ورهاڱي کان اڳ ۾ هو ڪانگريس ۾ هو. ڇوت ڇات ختم ڪرڻ لاءِ آخر تائين جدوجهد جاري رکيائون. جنهن مان ميگهواڙ جاتيءَ کي ڪافي لاڀ حاصل ٿيو. ڀيرو مل ٻالاڻي صاحب هن وقت ڪراچيءَ ۾ پرائيويٽ ڪاروبار ڪري رهيو آهي.

ڪانجي رام گوهيل

جُنگ نهاري جوهري، ڪي داناءَ دوست ڪجن، جهڙي تهڙي لئه نه لڏڻا، ڌرتي جيئن نه ڌٻن، انهي ڪُن عميق ۾، سر گهوريندا به گُهمن، سڄڻ سوني هار جيئن، ورهه نه ولٽجن، پڪا پرين ڪجن، ڪَچن مان ڪجهه نه ٿيئي. قديم دراوڙي ڌرتيءَ جا اصل وارث، جن ۾ ميگهواڙ لوڪ به اچن ٿا، جن جو اصل ڪم ڪپڙو ٺاهڻ هو.. پوءِ آرين جي قبضي ڪرڻ مهل اهي هن ڌرتيءَ تان ائين ڌڪارجي ويا، جو انهن کي صدين تائين تاريخ ۾ ڪٿي به سک شانتي نه ملي. انهن کي هميشه تاريخ ۾ حقارت ڀريل لفظن ۽ خطابن سان نوازيو ويو، ۽ انهن لاءِ چيو ويو ته اهي وقت جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويا آهن. پر اڄ تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجائي ثابت ڪيو آهي ته اهي قديم ميگهواڙ لوڪ اڄ وقت جي ڊوڙ ۾ پوئتي نه رهيا آهن، ۽ گهڻو اڳتي آهن. ميڊيڪل، انجنيئرنگ سائنس کان وٺي مُلڪي سياست ۾ انهن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. سنڌوءَ جي ماٿريءَ جي سياست چاهي صوبائي سياست هجي چاهي ملڪي ليول جي سياست هجي. صوبائي، قومي ۽ سينيٽ ۾ ميگهواڙ لوڪن پاڻ ملهائيو ۽ تاريخ انهن کي پنهنجن ڪاغذن ۾ محفوظ ڪرڻ تي مجبور ٿي. جنهن ۾ مشهور هستيون شري گلجي رتن جي، ڀيرو مل ٻالاڻي، انجنيئر گيانچند ۽ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ وغيره. اهڙي طرح پنج درياهن واري سرزمين تي روهي، ٿل چولستان جو سرائڪي خطو، جنهن ۾ پنهنجي لينڊ اسڪيپ ۽ بايولاجيڪل خوبصورتيءَ سميت قدرت جي هر آرائش موجود آهي. هُن جي مٽي، ريت، جبل، ميدان ۽ وڻ موجود هئڻ ڪري، اها ڌرتي پنهنجي حُسن ۾ جهان سان گڏ بهشت جو منظر پيش ڪري ٿي، ۽ جنهن جي تاريخ، تمدن، تهذيب هاڪڙي نديءَ ۾ وابسته هئي ۽ پڻ مٿس سنڌ ۽ ٿر جو رنگ چڙهيل آهي. انهي خطي ۾ به هزارين ميگهواڙ لوڪ آباد آهن، جن به مُلڪي سياست ۾ نه گهٽايو آهي. اُهي ميگهواڙ ڏونگر ڏيفن هجي يا سيٺ ڀارتارام ميگهواڙ، سيٺ بخشارام ميگهواڙ يا سرڳواسي سورتا رام هجي، جن مُلڪي ليول تي ميگهواڙ جاتيءَ جو مانُ مٿاهون ڪيو، ۽ هن وقت ن. ليگ. جي پليٽ فارم تان چونڊجي آيل شري ڪانجيرام گوهيل، ميمبر صوبائي اسيمبلي پنجاب، جنهن جو جنم تاريخ 1971-01-01 تي شري مانيارام گوهيل ڳوٺ ٽبي ويگهاور چڪ نمبر 168/5 تحصيل صادق آباد ضلع رحيم يار خان ۾ ٿيو. سندس ماتا جو نالو ماروي ڌي سترام جي ذات پڙهيار، چڪ نمبر 265 صادق آباد جي آهي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول صادق آباد مان پاس ڪيائين. سندس اصل ڪاروبار ڪپڙي جي دڪانداري هو، جنهن ۾ هن کي مهارت حاصل هُئي. هو پنهنجي علائقي ۾ هڪ سوشل ورڪر به آهي ۽ شروع کان ئي کيس سياست سان لڳاءُ هو جو هُن پهريائين يونين ڪائونسل جي ميمبر لاءِ، سامهون بيٺل ڪرسچن ميمبر کي ڪافي ووٽن تان شڪست ڏني. انهي کانپوءِ 2004ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبريءَ لاءِ اليڪشن لڙيو ۽ اها به اڪثريت سان کٽي ۽ مينارٽي مشاورتي ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو، ۽ پنهنجي ڪميونٽيءَ ۾ سوشل ورڪ جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو، ۽ سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ شادي شريمتي جهمون ڌي گرڌاري لال ذات بالاچ، شهر رحيم يار خان يوسف ڪالوني سان ڪئي، جنهن مان اولاد 5 نياڻيون هڪ پٽ لڇمڻ، جيڪو پڙهي رهيو آهي. شري ڪانجيرام گوهيل جن سال 2013ع جي اليڪشن ۾ PML-N جي پليٽ فارم تان مخصوص سيٽ لاءِ فارم ڀريو. جنهن لاءِ تاريخ 12 جون 2013ع تي اليڪش ڪميشن پاڪستان ڊڪليئر ڪيو، ته مسٽر ڪانجي رام پٽ مانيارام ڳوٺ ٽبي والهيوار، چڪ نمبر 168-p تحصيل صادق آباد ضلع رحيم يار خان، جيڪو پاڪستان مسلم ليگ ن جو اميدوار آهي، جو مسٽر ايم. ڀنڊارا جي استعفيٰ ڏيڻ ڪري خالي ٿيل جاءِ تي مقرر ڪجي ٿو. ڪانجي رام ٻيو هندو آهي جو 17 سالن کانپوءِ پنجاب اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيو آهي. جنهن 17 جون 2013ع تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. ان کان اڳ ۾ سيٺ ڀارتارام، جيڪو 1987ع ۾ چونڊاڻو هو، انهي کانسواءِ سردار رميش سنگهه اروڙا سِک 1947ع کانپوءِ ميمبر چونڊاڻو هو. ڪانجي رام ۽ سردار رميش سنگهه اروڙا سکِ، ٻئي PML-N جي پنجاب اسيمبليءَ جي Reserved سيٽ تان نان مسلم کنيا ويا. جيئن ته ڪانجي رام شروع کان سوشل ورڪر ٿي رهيو هو، ته جيئن ئي چونڊجي آيو ته پهريائين هڪ غريب شخص، نالي نريش ڪمار ڀنگ شهر جو هارٽ جو مريض، جنهن جي دل جا وال بند هئا، هتي پاڪستان ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري ڪانجي رام پنجاب گورنمينٽ طرفان چيف منسٽر کان 6 لک روپيه گرانٽ ذريعي هن کي انڊيا دهلي موڪلي علاج ڪرايو، جو اڄ بلڪل صحيح ۽ خوش آهي. انهي کانسواءِ تازو گورنمينٽ پنجاب کان 17 لک روپيه هولي پيڪيج منظور ڪرائي، رحيم يار خان جي شيڊيول ڪاسٽ جي ماڻهن کي 5000 في ماڻهو، کي تاريخ 2014-8-18 تي چيڪ ورهايا، ۽ اهڙي تقريب منعقد ٿي. انهي کانسواءِ 7 لک روپيه صادق آباد ۾ ورهايا، جتي انهي ضلع جو D.C.O صاحب به گڏ هو. سندس خواهش آهي ته پنهنجي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻا ترقياتي ڪم، نوڪريون پنهنجي ڪميونٽيءَ کي ڏياريان، اُميد آهي ته سندس خواب ڀڳوان پورو ڪندو. چائت پائي چت ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو. (شاهه)

سُريندر ولاسائي

چڱا ڪن چڱائيون، مٺايون مٺن، جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن. هن سنسار ساگر ۾ اها کليل حقيقت آهي، ته تاريخ شخصيتون ته ٺاهينديون آهن، پر شخصيتون تاريخن کي اڏينديون آهن. تاريخ جي مالها ۾ ڪي اهڙا غير معمولي فرد، جرڪندڙ املهه موتين جيئن هوندا آهن، جيڪي صدين تائين جرڪندا ۽ اتهاس جي آڳنڌ تي روشنائي ڦهلائيندا رهندا آهن. اهوته ڀٽائي صاحب جو بيت جھڙو سچ آهي، ته تاريخ هميشه عظمت جو تاج دنيا جي انهن فردن جي سر تي رکيو آهي، جن جي پيرن جي هيٺان ڪنهن معاشرتي تبديلي، ۽ انساني ڀلائيءَ جي جدوجهد جي پنڌ جا نشان مليل آهن. اُهي ماڻهو جن هن سماج ۾ ڪنهن عام ماڻهو جيئن زندگيءَ جا پل گذاريندي به، پنهنجي ڪردار جي ڪائنات کي وسيع بنايو هجي، اُهي ماڻهو مهانتا جي منزل جا راڻا چئي سگهجن ٿا. اهڙو املهه ۽ راڻو انسان، جنهن اربابن جي راڄڌاني واري علائقي ۾ جنم ورتو، جنهن جو نالو سريندر ولاسائي آهي. اهڙا ڪيئي ڪردار اڪثر جنم وٺندا رهندا آهن، جن جي جدوجهد کي تاريخ جي پنن تي مانائتي انداز ۾ تحرير ڪيو ويندو آهي، پر اهڙا گهٽ ڪردار پيدا ٿيندا آهن، جن ۾ ايتري ته سگهه هوندي آهي، جو اُهي تاريخ جي وهڪري جو رخ موڙي ڇڏيندا آهن. انهن ۾ ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جو حوصلو هوندو آهي، ۽ اهڙن ڪردارن تي تاريخ ناز ڪندي آهي، جنهن ۾ لهوءَ جي گرميءَ ۾ غلاميءَ کان نفرت هوندي آهي. اهڙي املهه انسان ساڌو مل سريندر ولاسائي، تعلقي ڏيپلي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ لالو وهنداڻي ۾، هيمنداس ولاسائي جي گهر ۾ ،تاريخ 11 آگسٽ 1968ع تي جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو سجنا ٻائي، ڌي ٽمون مل گهلڙو، ڳوٺ کيتلاري تعلقه ڏيپلو جي آهي. ننڍپڻ جي راند روند جا ڏينهن ڳوٺ لالو وهنداڻي ۾ ئي گذاريا، جنهن دوران سندس والد پنهنجي اولاد کي بهتر تعليم ڏيارڻ خاطر، ڪلوئي شهر ۾ 1971ع کان رهائش اختيار ڪئي. سريندر ولاسائي 1973ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪلوئي ۾ پهرين درجي ۾ داخل ٿيو، سندس پرائمري اسڪول ۾ پهريون استاد ڀوڄو مل ٽي جئپال هو، جنهن شروعاتي تعليم دوران سندس اخلاقي تربيت ۽ بهتر سماجي رابطن جي بهتري لاءِ رهنمائي ڪئي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان پنج درجا پاس ڪري، مڊل اسڪول ڪلوئي مان 8 درجا مڪمل ڪيا، جنهن بعد کيس گهرو معاشي حالتن جي مدنظر، ڪجهه وقت لاءِ سندس والد جي رازڪي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻو پيو، پر سندس چاچي لڌارام ولاسائي جي مداخلت تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو ۾، نائين ڪلاس ۾ داخلا وٺرائي ڏني ويئي، جتي هن شروعاتي ڪجهه ڏينهن هاسٽل ۾ گذاريا، ۽ ڏهين درجي دوران پنهنجي ويجهي مائٽ وٽ رهائش اختيار ڪئي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو مان 1983ع ۾ ڏهون پاس ڪيو، يارهون ۽ ٻارهون پڙهڻ لاءِ سندس مامي پروفيسر هوتچند گهلڙو سان گڏ ڪراچي آيو، جنهن گورنمينٽ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾، پري ميڊيڪل ۾ داخلا وٺرائي ڏني. ٻارهون ڪلاس سٺن نمبرن ۾ پاس ڪرڻ بعد، پاڻ انگلش اخبار ”دي ايڪسپريس“ ۾ پروف ريڊر جي طور ڪم شروع ڪيو، ڪجهه عرصي بعد 1994ع کان 1996ع تائين ”دي مسلم“ جو اسٽاف رپورٽر بڻجي ويو، پر جلد 1997ع کان وٺي 2004ع تائين ”ڊيلي فنانشل پوسٽ“ ڪراچيءَ جو نيوز ايڊيٽر بڻيو. ان کان اڳ مارچ 1993ع کان وٺي فيبروري 1994ع تائين ڪوئيٽا جي اخبار بلوچستان ايڪسپريس جو پڻ نيوز ايڊيٽر ٿي رهيو، 2010ع ڌاري ”سنڌ ٽربيون“ ڪراچيءَ ۾ ايڊيٽر جي طور ڪم سرانجام ڏنو، 1997ع کان وٺي بلاول هائوس ڪراچيءَ ۾ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت سان پڻ ڪم سرانجام ڏيندو رهيو. 2003ع ۾ شيڊيول ڪاسٽس فيڊريشن آف پاڪستان جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ۽ ٻين دلت ذاتين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف، ميڊيا ۽ لاڳاپيل ادارن سان خط و ڪتابت پڻ ڪندو رهيو، اڪثر مسئلا حل ڪرائڻ کان سواءِ، سک ۽ آرام وساريو ڇڏي، ايتري حد تائين جو شيڊيول ڪاسٽس جي نوجوانن کي پاڪ آرميءَ ۾ ڀرتي ڪرائڻ لاءِ صحافيءَ جي حيثيت سان پڻ اعلي قيادت کي خط لکيا ۽ وقتن به وقتن ياد ڏياريندو رهيو، ته دلت واحد محب وطن آهن، جن جون هزارين سالن کان هڏيون هن مٽيءَ ۾ دفن آهن، ۽ هنن ڪڏهن به پنهنجي خطي کان ٻاهر لڏپلاڻ ناهي ڪئي، سندس موقف کي تسليم ڪندي، شيڊيول ڪاسٽس جي نوجوانن کي قومي دفاعي ادارن ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو ويو. سريندر ولاسائي شادي، فيبروري 1994ع ۾ شريمتي نيڻو ٻائي، ڌي گلو مل ٻوچيو، شهر ڪڍڻ ضلع بدين سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ 1. اندر سريندر ولاسائي، 2. نيل سريندر ولاسائي آهن. سندس سمورو اولاد پڙهي رهيو آهي. سريندر ولاسائي جي جريئت ۽ جاکوڙ کي جس آهي، جنهن ٿر جي هنر کي عالمي سطح تي هٿي ڏيارڻ لاءِ، سندس ننڍي ڀاءُ جي گهر واري آنجهاني ليلان ٻائيءَ جي نالي تي ”ليلان هينڊي ڪرافٽس اينڊ آرٽيسنس“ جو بنياد رکيو ۽ ٿر ۾ تيار ٿيندڙ رلين، وهاڻن، چادرن، شو ڪيس، ٽيبل ڪور، پردن، کٿن ۽ ٻين شين کي آمريڪا، ڪئنيڊا، دبئي، آسٽريليا ۽ برطانيا کان ويندي دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو. جولاءِ 2011ع ۾ آمريڪا جي شهر سانتافيءَ ۾ ٿيندڙ، فوڪ آرٽ انٽرنيشنل جي عالمي نمائش ۾ سندس گهر واري، نيڻو ٻائي سان گڏ ٿر جي ثقافتي لباس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ ڏسندي دنيا جي ايڪسپورٽرن وڏو مان ڏنو، ايئن سريندر ولاسائي ٿر جي هُنر کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۾ وڏي سڦلتا سان واپس موٽيو. اهڙيءَ ريت جولاءِ 2013ع ۾ ٻيو ڀيرو سينٽافيءَ ۾ ٿيندڙ نمائش ۾ شرڪت لاءِ کيس خاص دعوت نامه اماڻيا ويا، جنهن ۾ به سڦلتا سان شريڪ ٿيو، 30 جنوري 2014ع تي آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ پڻ، نيويارڪ انٽرنيشنل گفٽ فيئر جي آرٽيسن ريسورس جي نمائش ۾ ٿر جي رلين ۽ ٻي ڀرت سميت شريڪ ٿي، ٿر جي هنر کي عالمي سطح تي پذيرائي ڏياري. ان نمائش بعد پاڻ نيويارڪ ۾ پيپلز پارٽي نيويارڪ جي اڳوڻي صدر، چوڌري اعجاز فرخ پاران سندس مانَ ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪئي، جتي پارٽيءَ سان گڏ ٿر جي هنر ۽ اتان جي ثقافت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ نمائش دوران سندس گهر واري نيڻو ٻائي اُتان جي عورتن کي ڀرت ڀرڻ کان آگاهه ڪيو، ۽ پريڪٽيڪل ڪري ڏيکاريو، جنهن تي سڄي نمائش ۾ ٿر جي هنر کي واکاڻيو ويو، سريندر ولاسائي جي ٿنڪ ٽينڪ ذهنيت ۽ اڻ ٿڪ محنت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين، بلاول ڀٽو زرداري 4 جنوري 2014ع تي هڪ ليٽر جاري ڪندي، کيس اقليتي معاملن بابت خاص صلاحڪار مقرر ڪيو. سريندر ولاسائي ذاتي طور تي قلندري طبيعت جو ماڻهو آهي، ڪيئي فقير فقرا ساڻس ملڻ لاءِ هردم آتا رهندا آهن، بنا مفاد ڀلائي ڪرڻ سندس طبيعت جو حصو بڻيل آهي. ناحق، ناجائزي، ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ خلاف جنگ کي جاري رکندڙ هن ماڻهو، ڪڏهن به هار ناهي کاڌي، نه ئي صبر ۽ سهپ کي پنهنجي هٿان وڃائڻ ڏنو اٿس. سندس والد هيمن داس ولاسائي جي لاڏاڻي بعد، مٿس گهر جو وڏو وزن پئجي ويو، پر اهو سڀ ڪجهه سندس ننڍي ڀاءُ موهن لال ولاسائي سنڀالي ورتو، پر جڏهن موهن لال ولاسائي هن فاني جهان مان موڪلاڻي ڪئي، ته ان وقت سريندر ولاسائي اهي لفظ چيا ته حقيقي معني ۾ اڄ اسين يتيم بڻجي ويا آهيون. پر تنهن هوندي به سندس بردباري کي جس آهي، جو پنهنجي چهري تي هميشه مُرڪ سانڍي، سدائين لاءِ کلندو رهندو آهي، ۽ حاضرين کي موهي وجهندو آهي. اهڙو کلمک انسان دنيا جي تختي تي ڪو ورلي ملندو، جو پاڻ سنڀالڻ سان گڏ، رشتيدارن، يارن دوستن، ۽ انهن دلت ماڻهن جو به ڇپر ڇانءَ بڻيل آهي، جيڪي روز ڪنهن نه ڪنهن جي ظلم جو شڪار بڻجن ٿا.

ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي

وڏا نه ڪري وڏائي، وڏا نه ٻولي ٻول، هيرا نه ڪهي مُک سي، ڪي لاک همارا مول. جڳ جو چرخو چلائيندڙ هستي، ڪنهن ڪنهن ميرڙي مٽيءَ جي مُٺ مان محبت ۽ مروت سان مالا مال اهڙا ته مٺڙا ماڻهو جوڙي جوان ڪندي آهي، جيڪي تنهن کان چوٽيءَ تائين سچا ۽ سون سريکا هوندا آهن. سندن رڳ رڳ ۾ انسان دوستي ۽ ماڻهپي جو رنگ رچيل هوندو آهي. مولانا جلال الدين رومي، هڪڙي ڀيري ڏينهن ڏٺي جو ڏيئو ٻاري، ”شهر جي گهٽين ۾ گهمي رهيو هو. ڪنهن پڇا ڪئي ته ”سائين ڏينهن ۾ ڏيئو ٻارڻ جو سبب مطلب ڪهڙو آهي!؟“ مولانا وراڻيو ته ”ٻاگهڙن جا منهن ڏسي ڏسي ڪڪ ٿي پيو آهيان. ڀري بازار ۾ ماڻهوءَ جي ڳولا پيو ڪريان“ سچ ته ستم ظريف زماني ۾ ماڻهو ملڻ ڏاڍو مهانگو آهي. جيڏانهن نيڻ نماڻبا ته ڍورن ڍڳن جي ڌڻ مان، ڪو هڪڙو ماڻهو مس ملندو. جنهن جي پُر رونق پيشانيءَ تي لفظ رقم هجن: ”اڪيلو آهيان آئون ماڻهو نئڙن جي ميڙ ۾!“ واقعي ڀٽائي گهوٽ کي به ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار“ ايندي هئي. باقي ”اندر ڪارا ڪانءَ ٻاهر ٻوليون هنج جون“ جتي ڪٿي پيا ڪُتر ٿين. سو ماڻهو اُن کي چئبو آهي، جيڪو ماڻهپي سان مالا مال هجي، انسان ذات جو قدر ڪري هيڻن جو همدرد ٿيئي ۽ هڏ ڏوکي هجي. اهڙو ئي هڪ آدرشي انسان، ٿوهرن جي ديس ٿر سان واسطو رکندڙ، ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، جيڪو ٿر جي محڪوم ميگهواڙ برادريءَ سان تعلق رکندڙ، جنهن کي شيڊيول ڪاسٽ ۽ دلت سڏيو ويندو هو. ڊاڪٽر کي چٽي طرح ياد آهي ته ماڻهو انتهائي نفرت ۽ ڌِڪار وچان چوندا هئا ته، ”ڏسو سائين! هڪ ميگهواڙ جو پُٽ به ٿو پڙهي!“ ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي ڳوٺ سڙهه جوڻيجا، يونين ڪائونسل جهرمريو تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر ۾ شري والم پٽ کنگهار، ذات گوهيل جي گهر، تاريخ 2 مارچ 1956ع ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو آشا، ڌي ڪرڻو مل ذات پاتاريه ڳوٺ مٺڙيو سومرا تعلقه مٺيءَ جي هئي، جيڪا هڪ بيباڪ، نڍر ۽ سگهڙ ناري هئي. جيڪا ڀڳتيءَ سان پُر هئي، جنهن جي سکشا، محبت ۽ دعائن سان سونو نالي، هڪ آدرشي ۽ مهان پُرش، ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي مشهور ٿيو. شري والم گوهيل کي چار پُٽ هُئا 1. پنهون مل 2. ڊاڪٽر سونو 3. سيولداس 4. انوڌر. وڏو ڀاءُ پنهون مل شادي بعد تُرت بلا جي ڏنگڻ سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو. سيولداس مٺيءَ ۾ PST آهي ۽ انوڌر اسلام آباد ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻيءَ جو جنم پنهنجي ناناڻن جي ڳوٺ، مٺڙيو سومرا ۾ ٿيو. پرائمري تعليم مٺڙيو سومرا مان پرائي، انگريزي تعليم مڊل تائين ڳوٺ کان چار ڪلو ميٽر پري، کالڻهار فقير جان محمد ۾ حاصل ڪئي. جتي روزانه 8 ڪلوميٽر اوٽ موٽ باهه کان وڌيڪ تتل واريءَ تان پنڌ ڪري، اڪيلو المست سرانجام ڏيندو رهيو. انهي وقت ڊاڪٽر سونو جي پڙهائيءَ جو ذمون سندس مامي، لالو مل جي حوالي هو. والدين اُن وقت اٽي اجهي ۾ لاچار هئا. ڪوبه روزگار سواءِ برسات تي کيتي باڙي کانسواءِ ڪوبه پيداوار يا آمدنيءَ جو ذريعو نه هو. ڊاڪٽر سونو ميٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول مٺيءَ مان، سال 1974ع ۾ فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. انٽر لاءِ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي ويو. پر وٽس هڪ هزار داخلا في جا نه هُئا. تنهنڪري اها في گڏ ڪرڻ لاءِ، ٽنڊو غلام عليءَ ۾ هڪ ذات جي خاصخيليءَ وٽ ڌوٻيءَ گهاٽ تي ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. ڌوٻي کيس پنجاهه پيسه في ڪپڙي جا ڏيندو هو. اُتان ڪجهه سوَ گڏ ڪري ”ڪڻڪ جي گدام“ تي حمالي ڪيائين، پوءِ هو سيٺ ڪُندن لال وٽ 150 روپيه ماهوار پگهار تي منشي گيري ڪرڻ لڳو. اتان کان ٿي سيٺ هريرام وٽ مارڪو منشي، يعني ”گدام ۾ ٻورين تي نشان هڻڻ وارو“ مقرر ٿيو. هاڻي ايتري سخت محنت کانپوءِ هن وٽ هڪ هزار روپيه ڪٺا ٿي ويا، ۽ هو سڌو ٽنڊو ڄام يونيورسٽي (ان وقت ڪاليج هوندو هو) آيو، اُتي نور محمد سيال پرنسپال هو، جنهن ڇڙٻ ڏيندي کيس، ”چيو ته ڪاليج ۾ داخلا جو وقت ختم ٿي ويو آهي. هاڻ آيو آهين!“ پوءِ سوني چيو ته ”سائين! مون غريب وٽ داخلا في جا پيسه نه هُئا، مزوري ڪري هزار روپيه ڪٺا ڪري آيو آهيان، تنهنڪري دير ٿي ويئي آهي.“ انهيءَ تي نور محمد سيال کي ترس ۽ رحم آيو، هن کي فورن داخلا ڏني ۽ خرچيءَ لاءِ ڏيڍ سو روپيه پڻ هٿ ۾ ڏنائين، ۽ 80 روپيه ماهوار اسڪالرشپ به منظور ڪئي ويئي. هو پڙهندو به هو ۽ شام جو ٻارن کي ٽيوشن به پڙهائيندو هو. آخر ڪار ڊي. وي. ايم ٿي ويو. نوڪري به ملي ويئي. پر هن نوڪري نه ڪئي ۽ اڳتي پڙهڻ يعني ماسٽرس ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ٽنڊو ڄام يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر عبدالقادر انصاري هن کي ليڪچرار مقرر ڪيو. هاڻ هن وٽ پگهار به هو. هن جي پڙهائي به هلي پئي. ٻارن کي ٽيوشن پڙهائيندو هو ۽ شام جي وقت ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ کولي. انهي کانسواءِ هن کي ڪيترن ئي پرائيويٽ ادارن پنهنجو ڪنسلٽنٽ ڪري مقرر ڪيو. ڊاڪٽر سونو 1982ع کان 1987ع تائين ليڪچرر Animal Repreluction Agriculture ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ نوڪري ڪئي، 93-1992ع ۾ فري ٽينس ڪنسلٽنٽ ايگرو لائيو اسٽاڪ حيدرآباد، ڪولمبيا لائيو اسٽاڪ ۽ ايگرو ڪلچرز فارمس ڪراچي، راجپوت ڊائري فارم ڪراچي، انصاري ڊائري فارم ٽنڊو ڄام ۽ جتوئي ڊائري فارمس ۾ ڪم ڪيو. انهي کانپوءِ انهي ۾ وڏي صنعت ڪار فاروق سومار کان ويندي نيبلي ڪمپني تائين، ۽ آصف زرداريءَ جي پرتم آباد جي ڪيٽل فارم کان ويندي نواز شريف جي رائيونڊ جي فارمن لاءِ ڪنسلٽنٽ ٿي رهيو. هو اڄ به دعويٰ سان چوي ٿو ته ڪوبه ڍور، چاليهه ڏينهن جو حامله هجي، ته هو رڳو هٿ هڻي بنا ڪنهن ٽيڪنيڪل جي اهو ٻڌائي سگهي ٿو، ته اهو ڍور حامله آهي يا نه. ان ۾ هو اڄ به وڏو ماهر آهي. هن 18 گريڊ ڪميشن جو امتحان ڏنو، پر پبلڪ سروس ڪميشن جي هڪ ٽيڪنيڪل آفيسر، اڍائي لک روپيه (سندس چوڻ موجب) رشوت وٺي ٻئي اُميدوار کي پاس ڪيو! ايڪيڊيمڪ ڪيريئر ۾ ٻه دفعا فرسٽ ڪلاس کڻڻ جي باوجود، کيس ائڊوانس سئلريءَ نه ڏني ويئي. ان تي هن کي ڏاڍو صدمون رسيو، ۽ 1987ع ۾ نوڪري تان استعفيٰ ڏيئي ڇڏي. جس کھیت سے دھکان کو میسر نہ ہو روئی، اس گوشہ گندم کو جلا دو۔ (اقبال) ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي شادي 24 اپريل 1984ع ۾، شريمتي لڇمي، ڌي هڪ آدرشي استاد کيتارام، ذات سنجو ڳوٺ ڀوريلو، تعلقه ڇاڇرو سان ڪئي. شريمتي لڇمي هڪ سگهڙ ۽ پتي ورتا ناري آهي، جنهن ڊاڪٽر سونو سان زندگيءَ جي هر موڙ تي ساٿ ڏنو ۽ نڀايو. کيس اولاد هڪ نياڻي امرتا، جيڪا MBBS لمس ڄامشورو، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز ۾ پڙهي پئي. هڪ پٽ امر شام، جيڪوBSC ايڪانامي، لمس لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز مان ڪري، هن وقت گرانٽ آفيسر Youth Initiative ڪراچيءَ ۾ آهي. ٻيو پٽ امر ديپ MBA ZABIST, ڪراچيءَ مان ڪئي، ۽ هن وقت Financial Rualyst آئي. ايس. بينڪ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ٽيون پٽ امر پريت BBA اقرا يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي. ڊاڪٽر سونو 1987ع کان 1992ع تائين پروجيڪٽ مئنيجر، عُقاب بريڊنگ فارمس لميٽيڊ اين انٽگريٽيڊ ايگرو ٽيڪنالاجي پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪيو. 1993ع کان جون 1996ع تائين سينيئر پروگرام آفيسر، نيچرل ريسورس مئنيجمينٽ (NRM) سيڪٽر، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) اسلام آباد ۾ ڪم ڪيو. جولاءِ 1996ع کان سيپٽمبر1998ع تائين پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿرپارڪر رول ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ Project of Save the Children (UK) ۾ ڪم ڪيو. 1 آڪٽوبر 1998ع کان مارچ 2013ع تائين چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ٿرديپ رورل ڊيولپمينٽ پروگرام (TRDP) ٿرپارڪر سنڌ پاڪستان ۾ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر سونو کي ٻهراڙين جي ترقياتي ڪمن ۾ ڪافي تجربو آهي ۽ هن ٿر، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي پروجيڪٽس ۾ ڪم ڪيو، ۽ ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي. هن اعزازي ڊائريڪٽر طور ڪافي تنظيمن جي منصوبن جي ڪم ڪيو، جنهن ۾ خاص ڪري مائڪرو فنانس نيٽ ورڪ، رورل سپورٽ پروگرام نيٽ ورڪ، پراونشل اسٽيئرنگ ڪاميٽي آن ڊينٽر لائيزيشن ائنڊ ڊيولپمينٽ پلان، ۽ ميمبر آف نيشنل ڪاميٽي آف مائڪرو فنانس سيٽ باءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان. انهي کانسواءِ هن کي مُلڪي ۽ غير ملڪي ٽرينينگون به وڏي تعداد ۾ مليون، ۽ گڏوگڏ سمر اسڪول آف Save the Children کٽمنڊو به ويو. 1999ع ۾ ٿر ۾ سخت ڏڪار دوران ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، ٿر جي ماڻهن جي ڪافي مدد ڪئي. خاص ڪري مال جي چاري لاءِ سپورٽ ڪئي، ۽ کاڌي پيتي لاءِ ماڻهن جي ساهتا ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ڪافي مُلڪن جا دورا ڪيا جن ۾ انڊيا، UK، آمريڪا ۽ سُئيزرلينڊ وغيره وغيره. ڊاڪٽر صاحب انٽر نيشنل دلت سالڊرٽي نيٽ ورڪ جو ميمبر به ٿي رهيو، جيڪا ذات پات جي مت ڀيد خلاف ڪم ڪري رهي هئي. هن غربت، ماحوليات، فوڊ سيڪيورٽيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ (VN) هيومن رائيٽس ڪائونسل جا هر سال جا سيشن اٽينڊ ڪيا. ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻيءَ کي ٿر جي ماڻهن ۾ شعور آڻڻ جو گهڻو شوق هو. تنهنڪري ڊيولپمينٽ ڪاميٽين ۽ لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشن ذريعي ماڻهن کي هيٺين سطح تي منظم ڪري، کان متحرڪ ڪردار ادا ڪرايو. انهي جدوجهد جو اهو ڪمال آهي جو 15 سال اڳ ۾، ٿر جون عورتون پاسي واري ڳوٺ ۾ وڃي ڪونه سگهنديون هيون پر هاڻي اُهي ڪراچي ۽ اسلام آباد تائين پروگرامن ۾ شريڪ ٿين ٿيون، ۽ تعليم ۽ صحت جي صورتحال به بهتر ٿي آهي. ان کانسواءِ ٿر ۾ هزارين ماڻهو روزگار سان لڳا آهن. سندس سحر انگيز شخصيت قائدانه صلاحيتن هتي جي اٻوجهه ۽ عام ماڻهن کي ڳالهائڻ سيکاريو. منهنجي خيال ۾ ٿرديپ هڪ يونيورسٽي آهي، جتان سماجيات تي ڪيترائي ديس واسي Ph.D ڪري نڪرن ٿا. ٿر جي ڳوٺن، ڍاڻين، پاڙن ۽ شهرن ۾ پي. ڊي. سيز ٺاهڻ ۽ انهن ماڻهن ۾ جاڳرتا جي جوت جلائڻ ۾ ٿرديپ جي اهڙن سپوتن به پاڻ ملهايو آهي. ڊاڪٽر صاحب ٿر جي غريبن کي آواز ڏيئي، ترقيءَ ڏانهن ويندڙ شاهراه جو گس ڏسيو، اهوئي سبب آهي جو اڄ ٿر ۽ ڊاڪٽر سونو هڪ ٻئي جي سڃاڻپ آهن، ۽ پوري دنيا ۾ جتي به ٿر جو ذڪر اچي ٿو، ته اُتي سوني جو ذڪر اڻٽر ٿيو پوي. اڄ جيڪڏهن ٿر جي ڪنهن به ڳوٺ ۾ شمسي توانائيءَ جي ذريعي ڪا جوت جلي ٿي، ته اها ٿر جي ٻاريل لاٽ آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار قالين جي کُڏيءَ جي بدران، ڪُلهي ۾ ڪتابن جو ٿيلو کنيو اسڪول وڃي ٿو، ته اهو ڪمال ٿرديپ جي سماجي جاگرتا جو آهي پاڻيءَ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ دستيابيءَ کي، انتهائي ڪامياب حڪمتِ عمليءَ سان ممڪن بنايو ويو آهي. هاڻي ٿر ۾ اهڙو ڪوبه ڳوٺ نه آهي جتي کوهه، هينڊ پمپ يا ٽيوپ ويل نه آهي. انهي کانسواءِ زيرِ زمين برساتي پاڻيءَ گڏ ڪرڻ جا ٽانڪا تعمير ڪرڻ واري، ڊاڪٽر سوني مل جي حڪمت عمليءَ سان، ٻارنهن مهينا برساتي پاڻيءَ جي دستيابي ممڪن ٿي سگهي آهي. ٿر جي نانگ جي ڏنگڻ جي وئڪسين جي اڻهوند ڪري، ڪيتريون ئي جانيون زيان ٿينديون رهنديون هيون. ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سان يونيسيف مان 500 وائل ويڪسين جا ڏيرايا ۽ انهن جو پول قائم ڪيو ويو، جو اڄ ڏينهن تائين ماڻهن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو آهي، ڊاڪٽر سوني کنگهاراڻيءَ جي ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪبو ته ڪتاب ڀرجي ويندا. ڊاڪٽر سونو ڪنهن به لوڀ لالچ کانسواءِ، سماجي تبديليءَ لاءِ ڏينهن رات جي فرق کانسواءِ اڄ به ساڳئي توانائي سان جدوجهد ۾ رُڌل آهي. ٿر کانسواءِ ڄامشورو، دادو ۽ خيرپور ضلعن ۾ پڻ ساڳئي حڪمت عمليءَ تحت، سماجي ناسُورن سان مهاڏو اٽڪايو اچي. ڊاڪٽر سونو جو فوڪس ڳوٺاڻن ادارن جي امداد ۽ انهن جي تربيت، ۽ سندس جديد معلومات تائين پهچ کي ممڪن بنائڻ آهي. ڇو ته اهو اصول آهي ته جديد معلومات سان سلهاڙيل قوم ئي پنهنجي تقدير پاڻ لکڻ جي لائق هوندي آهي. ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي هڪ سماج سڌار شخصيت آهي، جنهن مختلف ادارن ۾ رهي، پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي سماج جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. انهي ڪري حڪومت پاڪستان طرفان، ڊاڪٽر سونو کي مڃتا طور، تاريخ 23 مارچ 2010ع تي صدارتي ايوارڊ، ”تمغهء امتياز“ سان نوازيو ويو آهي. انهي ايوارڊ ملڻ سان سڄي سماجي دنيا جي ماڻهن جي سامهون، هن شخصيت جو وڏو قد ٿي ويو آهي، ۽ هن پوري ٿر توڙي ميگهه ونس جاتيءَ جو ڳاٽ، هماليه جبل جيڏي اوچائيءَ تائين پهچايو، جو صدين تائين ميگهواڙ جاتي کيس هيرو طور ياد ڪندي، ۽ سندس نانءُ تاريخ ۾ سونن اکرن ۾ لکيو ويندو. انهي کانسواءِ ٻين لاءِ به وڏو سبق آهي ته اُهي به اهڙي لگن، محنت ۽ سچائيءَ سان پنهنجي سماج ۾ ڪردار ادا ڪن، ته جيئن اُهي به سڀاڻي جا ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي ٿي سگهن. پاڪستان جي سونهن ڪروڙ ماڻهن مان فقط 174 ماڻهن کي ملندڙ صدارتي ايوارڊ ۾، ڊاڪٽر سونو جو شمار به ان ڳالهه جي گواهي آهي، ته نه فقط ٿرديپ ٽيم ۾ سنڌ جا ماڻهو ڊاڪٽر جي خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا، بلڪ سرڪار پڻ کيس Tribute پيش ڪري، سندس سماجي خدمتن جي عيوض کيس مڃتا ڏني آهي ۽ ٿر جي 13 لک عوام لاءِ به اهو هڪ اعزاز آهي. ٿر ۾ رڳو ٽوهه نه آهن، رڳو ڀُرٽ برپٽ بيابان ڪونهي، رڳو بک بيماري ۽ تباهي ڪونهي، ٿر ۾ وڏو تهذيبي ورثو موجود آهي، ڪارو سون به آهي، مسڪين جهان خان کوسو به آهي، ته ڊاڪٽر سونو به آهي. ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي بابت ٻه ڪتاب به لکيا ويا آهن، هڪ ”اميد جو ڪرڻو“، جنهن جو سهيڙيندڙ عباس کوسو آهي، ۽ ٻيو ڪتاب ”رُڃ مان رڙ ٿي“. ٿرديپ ڇڏڻ کانپوءِ، هن وقت ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي حسار فائونڊيشن ڪراچي ۾ چيف ايگزيڪِٽوَ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.

مصري لڌاڻي

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. ٿر جي مڻيادار مٽي ۽ واريءَ جي ڀٽن مان جيڪي هستيون ۽ مهان پرش، جنم وٺڻ بعد پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري، نهايت فراخ دلي ۽ ديده دليريءَ سان ڪري، پنهنجو وارو وڄائي ويا، تنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند راٺوڙ، پنهون مل هميراڻي، سگاڙ چند ۽ سرڳيه هوتچند گهلڙو جهڙا قابل فخر ڪردار هميشه ياد ڪيا وڃن ٿا. جيڪي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ مهان پد تي پهتل، اسان جا لاکيڻا لال ۽ هيرا هُئا. جن اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جي ماڻهن کي پرٿويءَ کان آڪاش تائين پهچايو آهي. جن پنهنجي قابليت، فن، فهم، علم ۽ عمل سان پنهنجي قوم جي سڃاڻپ ڪرائي آهي. هر انسان جو سينو هڪ اهڙو خزانو آهي، جنهن ۾ هزارين هيرن ۽ موتين جهڙيون خصلتون، خوبيون ۽ فضيلتون موجود هونديون آهن. اهڙو ئي هڪ املهه ماڻڪ موتي، باڪردار ۽ مسڪرائيندڙ مُکڙي وارو آدرشي پُرش ٿر جي ڀٽن ۾ ويڙهيل ڳوٺ ڪلڻهار کارو، تعلقه ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر ۾ سرڳيه لاکو مل لڌاڻي ذات هنجهڙو جي گهر، تاريخ 1 مارچ 1954ع تي جنم ورتو. سندس ماتا شري جو نالو راڻي، ڌي منگلرام ذات وڻهول ڳوٺ سومڻهار تعلقه ڏيپلو جي آهي. جيئن ته سندس جنم هڪ وچولي غريب هاري خاندان ۾ ٿيو، والدين هارپي سان گڏ مالوند مارو هئا، جنهن ڪري بچپن خوشحال ۽ صحت مند گذريو. مصري لڌاڻي جا مائٽ سال 1957ع ۾ ڪلڻهار کارو کان لڏي، ڳوٺ ڏاچري ۾ رهيا، ۽ پوءِ 1971ع ۾ اُتان لڏي پنهنجو ذاتي ڳوٺ لڌاڻي واٽرڪورس 4 ديهه سيڙهي، تپو ڀٽارو تعلقه ڏيپلو ۾ رهائش اختيار ڪئي، هن وقت پاڻ پريوار سميت ڪراچيءَ ۾ رهي پيو. مصري لڌاڻي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڊگهه، جيڪو پنهنجي ڳوٺ کان اٽڪل 3-4 ڪلوميٽر پري هو، جتي روزانه پيادل پنڌ ڪري، تتل واريءَ تي بٺ اونهاري ۾ ڪنڊين ۽ ڄارن جي ڇانهه ۾ ڦوڪارو کائيندي، 66-1965ع ۾ پنج درجا سنڌي پاس ڪيائين. مڊل ۽ ميٽرڪ 1969ع کان 1971ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ مان پاس ڪيائين. انهي وقت 1971ع واري انڊو پاڪ جنگ سبب ڪجهه سال تمام غربت ۾ گذريا. پڙهائيءَ جو خرچ ڪلاس اٺين کانپوءِ هُن ڪڏهن به والدين کان نه گهريو. پاڻ هارپو ۽ مزدوري ڪري گذر سفر ڪندو رهيو، ۽ پنهنجي پڙهائي به جاري رکيائين. سال 1973ع ۾ انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان پاس ڪيائين، BA پرائيويٽ سال 1976ع ۾، M.A Political Science پرائيويٽ، سال 1978ع ۾ يونيورسٽي آف حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1973ع ۾ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) جو امتحان پاس ڪرڻ بعد، 1973–10–01 تي کيس پرائمري ماستريءَ جو آرڊر مليو، ۽ پهريائين پرائمري اسڪول جهڏو ۾ دخل ڪار ٿيو، ۽ پوءِ آهوري ٽِالهي پٿورو ۾ نوڪري ڪئي. انهي کانپوءِ سال 1976ع ۾ PTC ڪورس پاس ڪيو، جنهن بعد کيس پروموشن ڏيئي سال 1977ع ۾ JST ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور اولڊ ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ ڪنري، ۽ رحيم خان نوتڪاڻي مڊل اسڪولن ۾ 9 سال JST طور، سيپٽمبر 1982 تائين نوڪري ڪئي. هڪ محنتي ۽ هوشيار هئڻ ڪري پنهنجي غريبي حالت جي احساس سبب، پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ سال 1982ع ۾ (CSS) جو امتحان پاس ڪيائين، تنهن ڪري هن 30 سيپٽمبر 1982ع تي JST تان استعفيٰ ڏني ۽ 3 آڪٽوبر 1982ع تي انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ آف فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، انڪم ٽيڪس BPS–17 ۾ دخل ڪار ٿيو، ۽ ڪامن ٽريننگ لاءِ سول سروس اڪيڊمي والٽن لاهور ۾ مڪمل ڪرڻ بعد، 1984–3–31 کان آڪٽوبر 1984ع تائين حيدرآباد، ۽ نومبر 1984ع کان جولاءِ 1986 تائين سانگهڙ، ۽ جولاءِ 1986 کان آگسٽ 1987ع تائين اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽيڪس ميرپورخاص رهيو. آگسٽ 1987ع کان آڪٽوبر 1990ع تائين ڪراچيءَ ۾ سروس ڪئي. سٺي ڪارڪردگيءَ جي ڪري 1990–11–01 تي کيس پروموشن ڏيئي، ڊپٽي ڪمشنر انڪم ٽيڪس BPS–18 ڪراچيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي 1997ع تائين هُن نوڪري ڪئي. 1997–8–21 تي ٻيهر کيس پروموشن ڏيئي ايڊيشنل ڪمشنر انڪم ٽيڪس BPS–19 ڪيو ويو، جو سال 2010 تائين مختلف هنڌن جھڙوڪ سکر، لاڙڪاڻو، ڪوئيٽا، ديرو غازي خان، رحيم يار خان ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو. سندس محنت ۽ تقدير، کيس آڪاش جي اونچائيءَ طرف پهچائڻ لاءِ روان دوان هئي. اهڙي طرح ڪراچيءَ ۾ ئي 2009–07–17 تي وري کيس پروموشن ڏيئي، ڪمشنر انلينڊ (Inland) روينيو BPS–20 ۾ مقرر ڪيو ويو، جو آڪٽوبر 2011ع تائين ڪراچيءَ ۾ رهيو. سندس ماءُ جي آشيرواد ۽ دعائن رنگ لاٿو ۽ سندس اُڏام اڃا به اڳتي وڌي، ۽ 2011–11–26 تي کيس چيف ڪمشنر روينيو انڪم ٽيڪس، سيلس ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز گريڊ BPS–21 ۾ پروموشن ڏيئي حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي پنهنجي حياتيءَ جا 60 سال پورا ٿيڻ تي ۽ 32 سال Inland Revenue Service FBR Pakistan جا مڪمل ڪري، نيٺ 2014–2–28 تي رٽائرمينٽ ورتي. پنهنجي نوڪري تمام محنت، سچائي، ايمانداريءَ سان نڀائي، جنهن لاءِ اڄ تائين سندس ڊپارٽمينٽ جا ماڻهو عزت ۽ احترام ڪن ٿا. مصري لڌاڻي صاحب 1984–4–17 تي، شريمتي آشا ڌي ڪيولرام سيجو مٺي شهر سان شادي ڪئي، جنهن مان اولاد هڪ نياڻي ۽ 4 پٽ آهن. 1. دانش لڌاڻي ماسٽرس، آڊٽ ۽ فناس سٽي لنڊن يونيورسٽي لنڊن مان ڪئي آهي، ۽ شادي شده آهي. 2. روهت لڌاڻي BA ۽ ڊپلوما ڪمپيوٽر گرافڪ ۽ ماسٽرس ائڊمسٽريشن HIBT–3D يونيورسٽي آف لنڊن ۾ ڪري پيو ۽ شادي شده آهي 3. ساگر لڌاڻي HIBT-LLB (Hons) يونيورسٽي آف لنڊن BPP Bar-at- Law يونيورسٽي UK لنڊن ۾ ڪئي آهي. 4. ساحل لڌاڻي O Level سٽي اسڪول Chapter PAF ڪراچيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي. رٽائر ٿيڻ بعد مصري لڌاڻي صاحب سنڌ بار ڪائونسل مان 6 سيپٽمبر 2014 ۾ هاءِ ڪورٽ مان وڪالت جي سَند حاصل ڪئي آهي، ۽ ليگل پريڪٽس شروع ڪئي. جيئن ته مائٽن سندس نالو مصري رکيو، ته هُن پنهنجي نالي جي هميشه مهانتا رکي، سدائين مٺو ڳالهائيندڙ ۽ لفظن ۾ ڪڙواهٽ جو نالو ئي نه آهي. پنهنجي قول ۽ فعل ۾ پڪو ۽ ثابت قدم رهيو، بچپن کان ئي سيڪيولر نظريه جي حق ۾ رهيو، ۽ خدمت خلق کي عين عبادت سمجهندو آهي. پاڻ هڪ ڀلوڙ ۽ وڻندڙ مکڙي وارو انسان آهي. منهن تي سدائين مُرڪ رهندي آهي، ڪاوڙ جو نالو نشان ئي نه آهي. پاڻ هڪ گيان سوچڪ جو ڀنڊار، گپتدان ڪندڙ ۽ گمنام ڪم ڪرڻ، ۽ پريم سان ملڻ جو اعليٰ اخلاق رکندڙ پُرش آهي. جلي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا، لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا. مصري لڌاڻي، مصري جھڙو مٺو ماڻهو، چپن تي سدائين مسڪراهٽ، جھڙو آهي نالو تهڙو ئي آهي وکر، اهڙي ئي عظيم هستي آهي.چوندا آهن ته مشڪ ۽ کٿوري ويڙهي نه ٿي رکي سگهجي. اهڙي طرح ڪنهن اهل ماڻهوءَ جي مهانتا به ڪنهن کان ڳجهي نه ٿي رهي. پنهنجي اصولن ۽ اخلاق جي ميدان ۾ معراج جي بلندين تائين پرواز ڪندڙ شخصيتن جي فن و فهم ۽ ڪردار کي ڪڏهن به زوال نه هوندو آهي. جن جا مقصد آدرش ۽ دائمي هوندا آهن. یوں کھا کھا کر پشو بھی پیٹ بھرتے ہیں، جو بانٹ بانٹ کر کھائے اسے انسان کہتے ہیں۔ مصري لڌاڻي صاحب پنهنجي دور سروس ۾ ڪيترن ئي غريبن کي نوڪريءَ سان لڳايو، ڪيترن جي مالي مدد ڪئي، ڪير به ساهتا لاءِ وٽس ويندو هو، ته خالي نه ڇڏيائين ۽ پاڻ کي سدائين گُپت رکيائين، منجهس سدائين خلق جي خدمت ڪرڻ جي آشا رهي آهي. سندس دل جي خواهش آهي ته غريب قبيلن کي سماجي اڻبرابري ۽ مذهبي اُجاره داريءَ کان آزاد ڪرايان، جنهن لاءِ هُن هڪ ٽرسٽ ”آشا فائونڊيشن“ جي نالي ٺاهي آهي، ۽ رجسٽر به ڪرائي آهي. جنهن مان پوري مُلڪ جي غريب ماڻهن کي بنا مت ڀيد ۽ مذهب جي تعليم، صحت ۽ غريبن جي مدد لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اها خدمت فقط انسان ذات لاءِ آهي، انهيءَ ۾ ڪابه ذاتيات يا رياڪاري کان پاڪ آهي ۽ اهڙو دلي وچن ڪيو اٿس. انهي کان سواءِ ٿر لاءِ خاص ڪري ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور جي ٿر واري علائقي جي غريب ماڻهن ۾ تعليم، صحت ۽ غريبن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ”ٿر فائونڊيشن“ عمل ۾ آندي آهي، جيڪا جلدي ڪم شروع ڪندي. سندس خيال، ارادا ۽ مقصد تمام اوچا آهن. جيڪڏهن زندگي وفا ڪئي ۽ ڪميونٽيءَ وارن ساٿ ڏنو، ته انهن لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي تمنا رکي ٿو. ڪبير صاحب فرمايو آهي ته: سب بن تو چندن نهين، سورا ڪا دل نانهه، سب سمندر موتي نهين يون ساڌو جگ مانهه. مصري لڌاڻي جنهن پنهنجي ٻاروتڻ کان ئي غريبيءَ جي ساگر جي لهرن سان ٽڪرون کائي، مهان پد ماڻيو، اهڙي موتي داڻن تي قومون ناز ۽ فخر ڪنديون آهن. اهڙا مڻيادار مڙس پنهنجي ذاتي مفادن کي ڇڏي، عام مفادن لاءِ ڊوڙندا ۽ ڊڪندا رهندا آهن. ميگهه ونس جو پهريون شخص، جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ وڏي اهم عهدي تي رهيو، ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو، جو اسان جي جاتي صدين تائين ياد رکندي. جات نه پوچهو سادهه ڪي، پوچهه ليجئي گيان، مول ڪرو تروار ڪا، پڙي رهن دو ميان.

مصري لڌاڻي

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. ٿر جي مڻيادار مٽي ۽ واريءَ جي ڀٽن مان جيڪي هستيون ۽ مهان پرش، جنم وٺڻ بعد پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري، نهايت فراخ دلي ۽ ديده دليريءَ سان ڪري، پنهنجو وارو وڄائي ويا، تنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند راٺوڙ، پنهون مل هميراڻي، سگاڙ چند ۽ سرڳيه هوتچند گهلڙو جهڙا قابل فخر ڪردار هميشه ياد ڪيا وڃن ٿا. جيڪي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ مهان پد تي پهتل، اسان جا لاکيڻا لال ۽ هيرا هُئا. جن اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جي ماڻهن کي پرٿويءَ کان آڪاش تائين پهچايو آهي. جن پنهنجي قابليت، فن، فهم، علم ۽ عمل سان پنهنجي قوم جي سڃاڻپ ڪرائي آهي. هر انسان جو سينو هڪ اهڙو خزانو آهي، جنهن ۾ هزارين هيرن ۽ موتين جهڙيون خصلتون، خوبيون ۽ فضيلتون موجود هونديون آهن. اهڙو ئي هڪ املهه ماڻڪ موتي، باڪردار ۽ مسڪرائيندڙ مُکڙي وارو آدرشي پُرش ٿر جي ڀٽن ۾ ويڙهيل ڳوٺ ڪلڻهار کارو، تعلقه ڏيپلو، ضلع ٿرپارڪر ۾ سرڳيه لاکو مل لڌاڻي ذات هنجهڙو جي گهر، تاريخ 1 مارچ 1954ع تي جنم ورتو. سندس ماتا شري جو نالو راڻي، ڌي منگلرام ذات وڻهول ڳوٺ سومڻهار تعلقه ڏيپلو جي آهي. جيئن ته سندس جنم هڪ وچولي غريب هاري خاندان ۾ ٿيو، والدين هارپي سان گڏ مالوند مارو هئا، جنهن ڪري بچپن خوشحال ۽ صحت مند گذريو. مصري لڌاڻي جا مائٽ سال 1957ع ۾ ڪلڻهار کارو کان لڏي، ڳوٺ ڏاچري ۾ رهيا، ۽ پوءِ 1971ع ۾ اُتان لڏي پنهنجو ذاتي ڳوٺ لڌاڻي واٽرڪورس 4 ديهه سيڙهي، تپو ڀٽارو تعلقه ڏيپلو ۾ رهائش اختيار ڪئي، هن وقت پاڻ پريوار سميت ڪراچيءَ ۾ رهي پيو. مصري لڌاڻي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڊگهه، جيڪو پنهنجي ڳوٺ کان اٽڪل 3-4 ڪلوميٽر پري هو، جتي روزانه پيادل پنڌ ڪري، تتل واريءَ تي بٺ اونهاري ۾ ڪنڊين ۽ ڄارن جي ڇانهه ۾ ڦوڪارو کائيندي، 66-1965ع ۾ پنج درجا سنڌي پاس ڪيائين. مڊل ۽ ميٽرڪ 1969ع کان 1971ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ڪوٽ مان پاس ڪيائين. انهي وقت 1971ع واري انڊو پاڪ جنگ سبب ڪجهه سال تمام غربت ۾ گذريا. پڙهائيءَ جو خرچ ڪلاس اٺين کانپوءِ هُن ڪڏهن به والدين کان نه گهريو. پاڻ هارپو ۽ مزدوري ڪري گذر سفر ڪندو رهيو، ۽ پنهنجي پڙهائي به جاري رکيائين. سال 1973ع ۾ انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان پاس ڪيائين، BA پرائيويٽ سال 1976ع ۾، M.A Political Science پرائيويٽ، سال 1978ع ۾ يونيورسٽي آف حيدرآباد مان پاس ڪيائين. 1973ع ۾ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) جو امتحان پاس ڪرڻ بعد، 1973–10–01 تي کيس پرائمري ماستريءَ جو آرڊر مليو، ۽ پهريائين پرائمري اسڪول جهڏو ۾ دخل ڪار ٿيو، ۽ پوءِ آهوري ٽِالهي پٿورو ۾ نوڪري ڪئي. انهي کانپوءِ سال 1976ع ۾ PTC ڪورس پاس ڪيو، جنهن بعد کيس پروموشن ڏيئي سال 1977ع ۾ JST ڪري، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور اولڊ ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ ڪنري، ۽ رحيم خان نوتڪاڻي مڊل اسڪولن ۾ 9 سال JST طور، سيپٽمبر 1982 تائين نوڪري ڪئي. هڪ محنتي ۽ هوشيار هئڻ ڪري پنهنجي غريبي حالت جي احساس سبب، پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ سال 1982ع ۾ (CSS) جو امتحان پاس ڪيائين، تنهن ڪري هن 30 سيپٽمبر 1982ع تي JST تان استعفيٰ ڏني ۽ 3 آڪٽوبر 1982ع تي انڪم ٽيڪس ڊپارٽمينٽ آف فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، انڪم ٽيڪس BPS–17 ۾ دخل ڪار ٿيو، ۽ ڪامن ٽريننگ لاءِ سول سروس اڪيڊمي والٽن لاهور ۾ مڪمل ڪرڻ بعد، 1984–3–31 کان آڪٽوبر 1984ع تائين حيدرآباد، ۽ نومبر 1984ع کان جولاءِ 1986 تائين سانگهڙ، ۽ جولاءِ 1986 کان آگسٽ 1987ع تائين اسسٽنٽ ڪمشنر انڪم ٽيڪس ميرپورخاص رهيو. آگسٽ 1987ع کان آڪٽوبر 1990ع تائين ڪراچيءَ ۾ سروس ڪئي. سٺي ڪارڪردگيءَ جي ڪري 1990–11–01 تي کيس پروموشن ڏيئي، ڊپٽي ڪمشنر انڪم ٽيڪس BPS–18 ڪراچيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي 1997ع تائين هُن نوڪري ڪئي. 1997–8–21 تي ٻيهر کيس پروموشن ڏيئي ايڊيشنل ڪمشنر انڪم ٽيڪس BPS–19 ڪيو ويو، جو سال 2010 تائين مختلف هنڌن جھڙوڪ سکر، لاڙڪاڻو، ڪوئيٽا، ديرو غازي خان، رحيم يار خان ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو. سندس محنت ۽ تقدير، کيس آڪاش جي اونچائيءَ طرف پهچائڻ لاءِ روان دوان هئي. اهڙي طرح ڪراچيءَ ۾ ئي 2009–07–17 تي وري کيس پروموشن ڏيئي، ڪمشنر انلينڊ (Inland) روينيو BPS–20 ۾ مقرر ڪيو ويو، جو آڪٽوبر 2011ع تائين ڪراچيءَ ۾ رهيو. سندس ماءُ جي آشيرواد ۽ دعائن رنگ لاٿو ۽ سندس اُڏام اڃا به اڳتي وڌي، ۽ 2011–11–26 تي کيس چيف ڪمشنر روينيو انڪم ٽيڪس، سيلس ٽيڪس ۽ فيڊرل ايڪسائيز گريڊ BPS–21 ۾ پروموشن ڏيئي حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي پنهنجي حياتيءَ جا 60 سال پورا ٿيڻ تي ۽ 32 سال Inland Revenue Service FBR Pakistan جا مڪمل ڪري، نيٺ 2014–2–28 تي رٽائرمينٽ ورتي. پنهنجي نوڪري تمام محنت، سچائي، ايمانداريءَ سان نڀائي، جنهن لاءِ اڄ تائين سندس ڊپارٽمينٽ جا ماڻهو عزت ۽ احترام ڪن ٿا. مصري لڌاڻي صاحب 1984–4–17 تي، شريمتي آشا ڌي ڪيولرام سيجو مٺي شهر سان شادي ڪئي، جنهن مان اولاد هڪ نياڻي ۽ 4 پٽ آهن. 1. دانش لڌاڻي ماسٽرس، آڊٽ ۽ فناس سٽي لنڊن يونيورسٽي لنڊن مان ڪئي آهي، ۽ شادي شده آهي. 2. روهت لڌاڻي BA ۽ ڊپلوما ڪمپيوٽر گرافڪ ۽ ماسٽرس ائڊمسٽريشن HIBT–3D يونيورسٽي آف لنڊن ۾ ڪري پيو ۽ شادي شده آهي 3. ساگر لڌاڻي HIBT-LLB (Hons) يونيورسٽي آف لنڊن BPP Bar-at- Law يونيورسٽي UK لنڊن ۾ ڪئي آهي. 4. ساحل لڌاڻي O Level سٽي اسڪول Chapter PAF ڪراچيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي. رٽائر ٿيڻ بعد مصري لڌاڻي صاحب سنڌ بار ڪائونسل مان 6 سيپٽمبر 2014 ۾ هاءِ ڪورٽ مان وڪالت جي سَند حاصل ڪئي آهي، ۽ ليگل پريڪٽس شروع ڪئي. جيئن ته مائٽن سندس نالو مصري رکيو، ته هُن پنهنجي نالي جي هميشه مهانتا رکي، سدائين مٺو ڳالهائيندڙ ۽ لفظن ۾ ڪڙواهٽ جو نالو ئي نه آهي. پنهنجي قول ۽ فعل ۾ پڪو ۽ ثابت قدم رهيو، بچپن کان ئي سيڪيولر نظريه جي حق ۾ رهيو، ۽ خدمت خلق کي عين عبادت سمجهندو آهي. پاڻ هڪ ڀلوڙ ۽ وڻندڙ مکڙي وارو انسان آهي. منهن تي سدائين مُرڪ رهندي آهي، ڪاوڙ جو نالو نشان ئي نه آهي. پاڻ هڪ گيان سوچڪ جو ڀنڊار، گپتدان ڪندڙ ۽ گمنام ڪم ڪرڻ، ۽ پريم سان ملڻ جو اعليٰ اخلاق رکندڙ پُرش آهي. جلي جي ٻين کي سهائو ڏين ٿا، لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا. مصري لڌاڻي، مصري جھڙو مٺو ماڻهو، چپن تي سدائين مسڪراهٽ، جھڙو آهي نالو تهڙو ئي آهي وکر، اهڙي ئي عظيم هستي آهي.چوندا آهن ته مشڪ ۽ کٿوري ويڙهي نه ٿي رکي سگهجي. اهڙي طرح ڪنهن اهل ماڻهوءَ جي مهانتا به ڪنهن کان ڳجهي نه ٿي رهي. پنهنجي اصولن ۽ اخلاق جي ميدان ۾ معراج جي بلندين تائين پرواز ڪندڙ شخصيتن جي فن و فهم ۽ ڪردار کي ڪڏهن به زوال نه هوندو آهي. جن جا مقصد آدرش ۽ دائمي هوندا آهن. یوں کھا کھا کر پشو بھی پیٹ بھرتے ہیں، جو بانٹ بانٹ کر کھائے اسے انسان کہتے ہیں۔ مصري لڌاڻي صاحب پنهنجي دور سروس ۾ ڪيترن ئي غريبن کي نوڪريءَ سان لڳايو، ڪيترن جي مالي مدد ڪئي، ڪير به ساهتا لاءِ وٽس ويندو هو، ته خالي نه ڇڏيائين ۽ پاڻ کي سدائين گُپت رکيائين، منجهس سدائين خلق جي خدمت ڪرڻ جي آشا رهي آهي. سندس دل جي خواهش آهي ته غريب قبيلن کي سماجي اڻبرابري ۽ مذهبي اُجاره داريءَ کان آزاد ڪرايان، جنهن لاءِ هُن هڪ ٽرسٽ ”آشا فائونڊيشن“ جي نالي ٺاهي آهي، ۽ رجسٽر به ڪرائي آهي. جنهن مان پوري مُلڪ جي غريب ماڻهن کي بنا مت ڀيد ۽ مذهب جي تعليم، صحت ۽ غريبن جي مدد لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اها خدمت فقط انسان ذات لاءِ آهي، انهيءَ ۾ ڪابه ذاتيات يا رياڪاري کان پاڪ آهي ۽ اهڙو دلي وچن ڪيو اٿس. انهي کان سواءِ ٿر لاءِ خاص ڪري ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ خيرپور جي ٿر واري علائقي جي غريب ماڻهن ۾ تعليم، صحت ۽ غريبن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ”ٿر فائونڊيشن“ عمل ۾ آندي آهي، جيڪا جلدي ڪم شروع ڪندي. سندس خيال، ارادا ۽ مقصد تمام اوچا آهن. جيڪڏهن زندگي وفا ڪئي ۽ ڪميونٽيءَ وارن ساٿ ڏنو، ته انهن لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي تمنا رکي ٿو. ڪبير صاحب فرمايو آهي ته: سب بن تو چندن نهين، سورا ڪا دل نانهه، سب سمندر موتي نهين يون ساڌو جگ مانهه. مصري لڌاڻي جنهن پنهنجي ٻاروتڻ کان ئي غريبيءَ جي ساگر جي لهرن سان ٽڪرون کائي، مهان پد ماڻيو، اهڙي موتي داڻن تي قومون ناز ۽ فخر ڪنديون آهن. اهڙا مڻيادار مڙس پنهنجي ذاتي مفادن کي ڇڏي، عام مفادن لاءِ ڊوڙندا ۽ ڊڪندا رهندا آهن. ميگهه ونس جو پهريون شخص، جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ وڏي اهم عهدي تي رهيو، ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو ڳاٽ اوچو ڪيو، جو اسان جي جاتي صدين تائين ياد رکندي. جات نه پوچهو سادهه ڪي، پوچهه ليجئي گيان، مول ڪرو تروار ڪا، پڙي رهن دو ميان.

انجنيئر ڪانجي مل

تون اوچو انسان، جگت ۾ اوچو انسان، تنهنجي پيرن هيٺ هماليه، جُهڪي ڪري پرنام، آسمان جو چنڊ به نئڙي، تون کي ڪري سلام، نيلي اُڀ ۾ ڊوڙون پائين، جهنڊي پنهنجي کي جهولائين، شاهي تنهنجو شان، جگت ۾ تون اوچو انسان. شهر عمرڪوٽ، جتي راڻي جي مومل چِتا تي چڙهي. شهر عمرڪوٽ، جتي ماروي قيدياڻي بڻي. شهر عمرڪوٽ، جت جلاوطن هندستاني بادشاهه همايون مغل کي پريوار سوڌو پناهه ملي. شهر عمرڪوٽ، جت اڪبر دي گريٽ جنم ورتو. شهر عمرڪوٽ، جت گنگا عمر جو ٻيو رومانوي داستان جڙيو. شهر عمرڪوٽ، جنهن ڪئين راڄ ڀاڳن جي راجائن جي عروج ۽ زوال کي، دلربا داستانن کي، سوڍن جي صاحبيءَ کان وٺي راڻن جي راڄ کي پنهنجي اتهاس ۾ اکين سان ڏٺو. هڪ عجيب شهر عمرڪوٽ، جنهن جي تاريخ ڏاڍي نرالي ۽ پُراسرار رهي آهي. انهي پراسرار شهر ۾ دراوڙ نسل جا ميگهواڙ لوڪ به صدين کان رهندا پيا اچن، جن جي به پنهنجي هڪ الڳ تاريخ ۽ تمدن آهي. اهڙي تاريخ ساز شخصيتن ۾ اڄ به ميگهواڙ ڪميونٽيءَ جا ڪيترائي وڏا وڏا آفيسر آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن. جنهن تي اسان جي قوم ۽ اسان کي فخر آهي، جن اسان جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. اهڙو ئي هڪ مهان آفيسر، شري ڪانجي ذات کيهاڙا، جنهن تاريخ 1945-10-25 تي سرڳيه ڪچرو پٽ صاحبو مل جي گهر جنم ورتو، سندس جنم جو ڳوٺ چارنور تعلقه ڇاڇرو آهي. سندس ماتا جو نالو خاتو ٻائي هو. پاڻ شادي شري چتون مل راٺوڙ جي ڌي جسوڏا سان ڪئي. جنهن مان کيس 6 نياڻيون آهن ۽ ٻه پٽ آهن. هڪ MBA ڪري پيو ۽ ٻيو BE Civil انجنيئرنگ پڙهي رهيو آهي. سندس مائٽ سال 1965ع ۾ چارنور تعلقه ڇاڇرو مان لڏي، مير دين محمد ۽ مير آچن ٽالپر جي ڳوٺ 27 هيرل ۾ آباد ٿيا، جتي 1980ع تائين رهيا ۽ پوءِ لڏي اچي عمرڪوٽ شهر وسايائون، جتي اڄ تائين رهائش پذير آهن. باقي سندس ڳوٺ وارا 1971ع واري جنگ دوران، 92% آبادي ڀارت هلي ويئي. باقي ڪجهه چارنور، مٺي شهر، مٺڙيو ننگرپارڪر ۽ عمرڪوٽ شهر ۾ رهندا آهن. سندن اڃا به 4 نمبر ٻنين جا چارنور ۾ آهن. ڪانجي مل جي تعليم جو سرشتو رئيس سردار خان کوسو ڳوٺ ڇاپرکوسا ۾ اسڪول کوليو، جنهن ۾ زبردستي هن جي 1956ع ۾ داخلا ڪرائي ويئي. ٻين ذاتين جا به ڇوڪرا اسڪول ۾ داخل ڪرايا، هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ به سردار خان همٿايو، ۽ هاءِ اسڪول ڇاڇرو ۾ داخلا ورتائين. انهيءَ وقت هاءِ اسڪول ڇاڇرو ۾ صاحبڏنو ميمڻ هيڊ ماستر مقرر ٿيو، ۽ ٻيا ماستر گهڻو ڪري مهشوري هوندا هئا. مسٽر صاحبڏنو ميمڻ هڪ سچو ۽ نيڪ انسان هو، جو شاگردن جو تمام گهڻو ڌيان رکندو هو. هن اسڪالرشپون وٺڻ ۽ شيڊيول ڪاسٽ جي هاسٽل جو جدا بنياد رکايو، جيڪي ڇاڇري ۾ اڄ تائين زبون حالت ۾ موجود آهي. انهيءَ وقت سرڳيه خوشيرام صاحب، هريجن شاگردن کي هر مهيني 5 روپيه ڏيندو هو، ۽ هر ماهه جو خرچ 10 روپيه ايندو هو. جنهن کي به انهي وقت وڏو خرچ سمجهيو ويندو هو. سال 1965ع ۾ سنڌي فائينل ۽ مئٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ سندس خيال هو ته سنڌي ماستر ٿيان. پر سرڳواسي ڀمرلال وڪيل همت افزائي ڪري ڪاليج ۾ داخلا وٺائي ڏني، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪاليج ميرپورخاص مان، سال 1967ع ۾ انٽر پاس ڪيائين، ۽ بعد ۾ Engineering لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڪاليج ۾ داخلا لاءِ فارم ڀريائين. انهي ٽائيم پوري سنڌ ۾ 6 ڇهه انجنيئرنگ ڪاليج لاءِ مخصوص سيٽون هندوئن لاءِ رکيل هيون، جنهن ۾ کيس داخلا ملي ويئي. سال 1971ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج مان BE اليڪٽريڪل پاس ڪيائين. دوران تعليم گورنمينٽ اسڪالرشپس ۽ خوشيرام هريجن ٽرسٽ مان گذارپو ڪيائين. سال 73-1972ع ۾ (F.P.C.S) جي چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ ويٺو ۽ ڪامياب ٿيو. اهڙي طرح کيس سال 1975ع ۾ (T.N.T) محڪمي ۾ سروس ملي، ۽ ٻن سالن لاءِ هري پور هزاره ۾ سروس ڪورس ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. انهيءَ (T.N.T) ڪورس ۾ مينارٽيءَ جو پهريون آفيسر هو. 77-1976ع ۾ (A.D.E) ڊيولپمينٽ ڪراچيءَ جي پوسٽنگ ملي. دوران سروس 1975ع کان 2005ع تائين ترقي ٿيندي رهي ۽ مختلف اهم اسائينمينٽس تي ڪم ڪيائين، ۽ سروس دوران جپان ۾ ٽريننگ ڪيائين ۽ محڪمي طرفان چائينا ۾ ڪيبل ٺاهيندڙ ڪمپنين جي انسپيڪشن ڪيائين. محڪمي ۾ سٺي ڪارڪردگيءَ جي مڃتا طور ڪافي مرتبه آنريريم سان نوازيو ويو. ايتري قدر جو سنڌ بلوچستان ۾ جيڪا نئين انسٽاليشن ٿيندي هُئي، ان کي به ڪانجي مل صاحب وڃي ويريفاءِ ڪندو هو. ڪوٽڙي واري ورڪشاپ (T.N.T)، جنهن ۾ تقريباً 800 ورڪر، 300 ڪلارڪ، 400 کان مٿي رهائش ڪالونيون، گرلس هاءِ اسڪول، بوائز هاءِ اسڪول، ميل ڊسپينسري، فيميل ڊسپينسري ۽ ٻيو لاڳاپيل اسٽاف رهندو هو. ڪوٽڙي ورڪشاپ هميشه يونين جي اسٽرائيڪ ۽ ٻين مئنيجريل سببن جي ڪري نقصان ۾ ويندو هو، پر هن جي بهتر سنڀال ۽ انتظام ڪري ورڪشاپ منافعي ۾ ويو، ۽ چيئرمن (P.T.C.L) ان کي انعام سان نوازيو، ته حيدرآباد سنڌ ۾ چيف انجنيئر غلام شبير لغاري، جيڪو هن جو استاد به ٿي رهيو هو، تنهن اٿارٽيءَ کي پنهنجي استيعفا لکي موڪلي، جنهن ۾ هن صاحب اهو انڪشاف ڪيو ته حيدرآباد جو نيٽ ورڪ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندو. پر چيئرمين (P.T.C.L) ڪانجي مل جي پوسٽنگ ڪئي ۽ ٽيڪنيڪل ۽ مئنيجريل ايفرٽس وٺڻ سان، اهو ساڳيو نيٽ ورڪ بهتر ڪم ڪرڻ شروع ٿيو ۽ محڪمي جي بالا آفيسرن کيس انعام سان پڻ نوازيو. سندس سانگهڙ ۾ پوسٽنگ دوران جنهن جي ڪمانڊ ۾ سانگهڙ ضلعو، عمرڪوٽ ضلعو ۽ ٿرپارڪر ائٽ مٺي هئا. هو ٿر واسي هئڻ ڪري انهيءَ زماني ۾ 1990ع ۾ ٽيليفون جو ٿر ۾ هئڻ هڪ عجوبو هو. انهيءَ دوران ننگرپارڪر ۾ خودڪار ايڪسچينج، ڇاڇرو، ڏيپلو، عمرڪوٽ، ڪنري، نئون ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ڊگهڙي ۽ جهڏو ۾ پڻ لڳايا ويا. انهيءَ کانسواءِ سيمي آٽوميٽڪ ايڪسچينج ۽ کيتلاري ڏيپلو تعلقو ۾ لڳائي ويئي، جنهن جو افتتاح ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم صاحب ڪيو. انهيءَ کانسواءِ چيلهار، ڀوريلو، ملڪاڻي ۽ کينسر ۾ به لڳايا ويا. کينسر ايڪسچينج کان (P.C.O) ڪرشن جي ويري (ڳوٺ شير محمد شهاڻي) ۾ لڳايو، جنهن جو به افتتاح ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم صاحب ۽ پير نور محمد شاهه جيلاني صاحب ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن کي به مواصلات سان ڳنڍيو، جنهن ۾ ڇوڙ ۽ نيو ڇوڙ، فقير امين محمد جو ڳوٺ ۽ فيض محمد راڄڙ جو ڳوٺ، سرڻ واري نزد کپرو ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن. پاڻ تعليم جي سرشتي کي جاري رکندي (L.L.B) سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ۽ M.B.A ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. محڪمي جي مهربانيءَ سان پاڪستان جا جيڪي بهترين انسٽيٽيوٽ آهن، انهن سڀني ۾ ڪورس ڪرايا، جنهن سان ڪافي فائدو رسيو. پاڻ ڊاڪٽر شيوارام مالهي، راڻا چندر سنگهه، پي ڪي شاهاڻي، خادم علي شاهه، وڪيل واشديو ٽماڻي، سرڳواسي گهمون مل ڪاڳيه، سائين موٽو مل ڌناڻي، سرڳواسي کيتارام ڀوريلو، ديوان سگرام داس تپيدار، سرڳواسي گهمن سنگهه ڀيل، سرڳواسي نانڪرام چيلهار، بسنت مل اوڏ، سوڀنيڪ چند، ميٺارام ڌاراڻي، مصري جوڳي، ڀڳت صديق ڀيل، مهرچند جوڳو، ڀڳت آڏو مل ۽ ڪرشن لال مهشوري، اهي سڀ هن جا بزرگ دوست هئا، جن کان هن ذاتي زندگي ۾ ڪافي ڪجهه سکيو ۽ پرايو. انهن ۾ سهپ جو مادو تمام گهڻو هو. عمرڪوٽ شهر ۾ آڏو مل ٻين جي مدد ۽ ٿوري گهڻي هن جي مدد سان، عمرڪوٽ ٽائون ۾ ڪائونسلر طور ڪامياب ٿيو. ڪانجي مل جو چوڻ آهي ته اسان جي مُلڪ ۾ چار موسمون آهن. ۽ هي هڪ صوبو قدرت جي نعمتن سان ڀريل آهي. مون ڪوشش ڪري ڪافي مُلڪن جي Constitution کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اهو ملڪ ترقي ڪندو جتي Economy جي برابر حصن سان تقسيم ڪجي. پاڻ سال ۾ چيف انجنيئر TNT گريڊ 20 ۾ رٽائر ٿيو. ميگهه ونس جو پهريون TNT جو وڏو آفيسر آهي. کيس گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. سندس خيال موجب اسان جا ماڻهو تعليم تي ڌيان ڏين، تعليم جي ڪري سٺا نتيجا نڪرندا. سهپ جو مادو اختيار ڪن، دنيا جي پٺ تي پيل قومن پڻ سهپ، تعليم ۽ سياسي سجاڳيءَ سبب ترقي ڪئي آهي. ايتري قدر جپان، چائنا، يورپ به انهن اصولن تي هلي پنهنجي پرجا جي شيوا ڪئي آهي مت ڀيد کي به گهٽائڻ لاءِ لوٿرڪنگ وانگر اسان کي به ڪوشش ڪرڻ کپي پاڻ وٽ جنگ ايڪانامي جي آهي انهيءَ لاءِ اسان جي ماڻهن جو سرمايو صرف تعليم آهي. سياسي جاڳرتا لاءِ اسان جو مين پاور پاڪستان ۾ 80% سيڪڙو مينارٽي آهي، انهيءَ ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ڪري بهتر نتيجا نڪري سگهون ٿا. شري ڪانجي مل شاعريءَ کي پسند ڪندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه عنايت، سچل سائين، سامي ۽ بلي شاهه سندس پسنديده شاعر آهن. ليکڪن ۾ سندس پسنديده تاريخ دان ڊاڪٽر مبارڪ علي آهي. پاڻ سنڌي، اردو، پنجابي، سرائڪي، هندڪو، انگريزي ۽ ڪنهن حدتائين جپاني، بلوچي زبانون ڳالهائي سگهي ٿو. مذهبي طور چار ويدن جو به ڪنهن حدتائين مطالعو ڪيو آهي. ارٿ شاستر، هٽلر جي مين ڪتاب ميڪاولي جهڙي پستڪ جي به سٺي ڄاڻ آهي. انجنيئرڪانجي مل جي راءِ آهي ته دنيا جي ترقيءَ جو راز بهتر ڪميونيڪيشن سان آهي. هو پنهنجي سبجيڪٽ Telecom ۾ New System پڙهڻ ۽ پاڻ کي Up Date رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.

انجنيئر سارنگرام نانجياڻي

پھول اپنی عادت سے کتنے بے بس ہوتے ہیں دوست، توڑنے والے کو بھی خوشبو ہی دیا کرتے ہیں۔ اسان جي ٿر جي پويتر ۽ سُرهاڻ سان مهڪندڙ ڀٽن واري ڀوميءَ پنهنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ ۽ نرالي تاريخي حيثيت رکي ٿي. جنهن اهڙن ته انمول موتين کي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنو جن دنيا جي هر شعبي ۾ مهانتا ماڻي آهي. چاهي استاد هجي چاهي ڊاڪٽر هجي، چاهي آرٽسٽ هجي، چاهي گويو هجي، چاهي مورتي ساز هجي، چاهي سنت مهاتما هجي، چاهي وڏو آفيسر هجي، جن پنهنجي محنت سان پنهنجو ۽ پنهنجي ميگهواڙ جاتيءَ جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙوئي هڪ موتيءَ جھڙو ماڻهو، شري سارنگرام صاحب آهي. جنهن تاريخ 4 اپريل 1956ع جو شري ويسارام وائوري، ڳوٺ راجوڙو تعلقه ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر جي گهر اک کولي. سندس ماتا جو نالو راڻي ڌي تيجو مل ذات جوڳو، ڳوٺ ڀاڏاسنڌو تعلقه ڇاڇرو جي آهي. سندس پتا شري ويسارام صاحب، جيڪو هڪ اڻپڙهيل ۽ هاري هوندو هو، کيتي ٻاڙي ڪري پنهنجو سفر گذر ڪندو هو پر سندس دلي تمنا هئي ته پنهنجي پُٽ کي پڙهائي هڪ وڏو آفيسر بنائيندس، ۽ پڪو ارادو ڪري محنت مزدوري ڪري، پنهنجي پٽ جي پڙهائيءَ جو خرچ ڪيائين. چوندا آهن ته مائٽن جون دعائون رنگ لائينديون آهن. اهڙيءَ طرح سارنگرام صاحب کي پرائمري تعليم لاءِ سندس پتا پرائمري اسڪول ڇاڇرو ۾ داخل ڪرايو، جتان سال 1968ع ۾ 5 درجا پاس ڪيائين، ۽ سال 1975ع ۾ هُن گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڇاڇرو مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. انٽر سال 1977ع گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان پاس ڪيائين. 1981ع ۾ انجنيئرنگ (B.E Civil) مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين. پاڻ شادي سال 17 نومبر 1981ع تي شريمتي سامون، ڌيءَ ڏيڏو مل ذات ڪيتلا، ڳوٺ پاٻوويرو تعلقه ڇاڇرو سان ڪيائين. جنهن مان کيس اولاد 4 نياڻيون 1. نرملا B.ed 2. انيتا راٺوڙ ڊاڪٽر 3. پدمان ڊاڪٽر 4. رينا ڊاڪٽر آهي. ٻه پٽ آهن. 1. ڊاڪٽر سڀاش ڪمار MBBS FCPS Part-I ڪري پيو. 2. سنجيوَ B.E Electrical Mdion Univesity of FAST پڙهي رهيو آهي. سندس اصل ڳوٺ راجوڙو تعلقه ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر آهي پر گذريل 5 سالن کان حيدرآباد رهي پيو. پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو وغيره لکي پڙهي سگهي ٿو. کيس پوشاڪ خاص ڪري شلوار قميض پسند آهي. سارنگرام صاحب سال 1984 ۾ (B.E Civil) ڪرڻ بعد پرائيويٽ فري ۾ انجنيئر طور ڪم ڪيو. تقريبن ٽن سالن کانپوءِ سال 1987ع ۾ گورنمينٽ جي نوڪري اسسٽنٽ انجنيئر BS-17 ورڪس ۽ سروس کاتي ۾ پهريائين لاڙڪاڻه ۾ ملي، پوءِ شهداد ڪوٽ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ رهيو. آگسٽ 2005ع ۾ کيس پروموشن ايگزيڪيٽو انجنيئر BS-18 ۾ ٿي، جو مختلف هنڌن ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار ۾ نوڪري ڪئي، آگسٽ 2013ع ۾ سندس سٺي ڪارڪردگيءَ جي ڪري پروموشن ڏيئي کيس BP-19 ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر ڪري مٺيءَ ۾ رکيو ويو، جتي اڄ تائين نوڪري ڪري رهيو آهي. هيءُ اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جو پاڪستان ۾ پهريون سپرنٽينڊنگ انجنيئر BP-19 جي پوسٽ حاصل ڪرڻ وارو آهي، جنهن تي پوري جاتيءَ کي فخر آهي ۽ سندس پيءُ جي دعائن ۽ محنت ڪري پڙهائڻ رنگ لاٿو، جو هو هڪ وڏي عهدي تي ڪم پيو ڪري. شري سارنگرام صاحب پنهنجي انجنيئرنگ فيلڊ ۾ هڪ هوشيار ۽ مڃيل آفيسر آهي، جنهن ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪري، پنهنجو نالو روشن ڪرايو آهي ۽ جاتيءَ ۾ به پنهنجو نالو روشن ڪرايو آهي. هيءُ صاحب سدائين غريب شاگردن جي ساهتا ڪندو رهيو آهي. هُن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي وڏو ماڻهو نه سمجهيو آهي. هو چوندو آهي ته اسان ميگهواڙ آهيون، ميگهواڙ ٿي اسان سڀني کي پڙهي مٿي اچڻو آهي، ۽ هدايت ڪندو آهي ته پنهنجي ذات کي ڪڏهن نه لڪايو، وڏو توهان جو ڪردار آهي، اهو مهان آهي. سارنگرام صاحب پنهنجي وقت ۾ ڪافي خاص خاص ڪم ڪيا آهن. هڪ روڊ، جيڪو ارباب غلام رحيم صاحب جي دؤر ۾، ننگرپارڪر کان ساردڙو ڌام تائين ڪوبه انجنيئر ٺاهڻ لاءِ تيار نه ٿيو، جيڪو سارنگرام ٺاهي مڪمل ڪرايو، جو ياتري اڄ آرام سان ڌام تائين پهچي سگهن ٿا. انهي کانسواءِ گڍي ڀٽ تي جيڪو تعميراتي ورڪ ٿيو آهي. اها سڄي پلاننگ شري سارنگرام جي آهي. ڪمپائونڊ وال جي اندر روڊ ۽ سڀ تعميرات سارنگرام صاحب جي ڪرايل آهي. اها اڄ هڪ پڪنڪ پوائنٽ طور استعمال ٿئي ٿي. اهڙي پوائٽ ڪراچيءَ کانسواءِ ٻيو ڪٿي به ڪونه آهي. انهي ۾ جناب انور ارباب ۽ انهي وقت جي D.C.O جناب ڄام اسد الله ڌاريجو صاحب پلاننگ ڪيل PC-I ڏسي، تمام گهڻو خوش ٿيا، ۽ هڪدم منظور ڪري ڪم ڪرڻ جي هدايت ڏني. انهي کانسواءِ ننگرپارڪر کان C.C روڊ انچلاسر تائينءَ جو ڪم به سارنگرام ڪرائي رهيو آهي. ننگرپارڪر ۾ مختيارڪار جي آفيس، جيڪا انگريزن جي دؤر جي ٺهيل هئي، جيڪا بلڪل ڊهي ويئي هئي، انهيءَ کي به سارنگرام صاحب جن پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان ساڳئي ڪنڊيشن ۾ تيار ڪرايو آهي. ان کانسواءِ چار وڏا ريسٽ هائوس، ڇاڇرو، مٺي، ننگرپارڪر ۾ بهترين ڊزائين ڪري تيار ڪرايا آهن. انهي کانسواءِ ڏيپلو ۾ ريسٽ هائوس جو ڪم هلي رهيو آهي، اهو ڪم به جناب سارنگ رام ڪرائي رهيو آهي. شري سارنگرام صاحب ٿر ۾ هيلٿ سيڪٽر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڊسپينسريون، هليٿ يونٽ ۽ رورل هيلٿ يونٽ جون بلڊنگ تعمير ڪرايون، جنهن ۾ رورل هيلٿ يونٽ ڪلوئي هڪ اهم مثال آهي سندس جيڪي به ڪم ڪرايل آهن اُهي سندس نشان آهن ۽ رهندا، هميشه امر آهن. انسان ته هليو ويندو آهي پر اُن جا ڪرم ۽ ڪم سدائين زنده هوندا آهن، جيڪي صدين تائين ياد رهندا آهن.

ميٺارام ڌاراڻي

ناهي جواب تنهنجو، تون سنڌ جو سينگار، مٺڙا منٺار تون، جي مُلهه موتي مهراڻ جو. (عرض گوپانگ) سونهاري سنڌ، جنهن جي ٽوٽل ايراضي 140914 چورس ڪلو ميٽر، جنهن جا 26 ضلعا، 119 تعلقه، 1100 يونين ڪائونسلون، 1439 تپا ۽ 5861 ديهون آهن، انهن ۾ صحراءِ ٿر وارو ضلعو ٿرپارڪر جو تعلقه وارو شهر ڏيپلو، جيڪو ڏيپو ميگهواڙ جو ٻڌايل آهي، انهي ڏيپلي شهر ڪيترن ئي مشهور هستين کي جنم ڏنو، جنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر محمد صالح، ڊاڪٽر سڄڻ ۽ ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر، روينيو آفيسر پيدا ٿيا، جن ڏيپلو جو نالو پوري ملڪ ۾ روشن ڪيو. اهڙو ئي هڪ ميگهه ونس پُرش شري ميٺارام پنئار، مورخه 1947-6-18 تي سرڳواسي ٺارو مل پنئار جي گهر اک کولي، سندس ماتا جو نالو ڏرنگا کنڀو جو ڳوٺ ڀڪوئو تعلقه مٺيءَ جي هئي. جا هڪ نيڪ سيرت ۽ اوڙي پاڙي وارن جو درد ونڊيندڙ ۽ هر وقت سڀني سان سٺو ناتو جوڙي، پنهنجو نالو پنئار برادريءَ جي دلين تي نقش ڇڏي هلي ويئي. شري ميٺارام ڌاراڻي 8 ڊسمبر 1965ع ۾ ڳوٺ جوگلار تعلقه مٺي مان سرڳيه گهڙسو مل گنڍير جي سپتري سمجهه ٻائي سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس 3 نياڻيون آهن، جيڪي شادي شده آهن، ۽ ٽي پُٽ آهن. 1. دولت جيڪو سُئي گيس ۾ ملازم آهي 2. ڊاڪٽر سريش ڪمار، جو وٽرنري ڊاڪٽر آهي، ۽ ٽيون مهتاب جيڪو سروس ڪري رهيو آهي. سڀ شادي شده آهن ۽ خوش آهن. ميٺارام پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏيپلو مان ورتي، سيڪنڊري تعليم جابر هاءِ اسڪول ۾ ورتي، ۽ مئٽرڪ سال 1963ع ۾ پاس ڪيائين. 1965ع ۾ سٽي ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ميڊئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين، سال 1963ع کان 1965ع تائين مرحوم احمد قاضي وڪيل سپريم ڪورٽ وٽ ڪم ڪيائين. سال 1967ع ۾ سٽي ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي. پاس ڪيائين، سال 1966ع کان 1968ع تائين مرحوم غلام حسين صديقاڻي وڪيل ۽ سابق ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج سان گڏ ڪم ڪيو. سال 1968ع ۾ فرسٽ L.L.B سنڌ ڪاليج مان پاس ڪيائين. 1969ع ۾ سيڪنڊ LLB ۾ ويٺو پر ڪن گهرو مجبورين سبب ٻن پيپرن ۾ نه ويٺو، ۽ ڪليئر نه ڪري سگهيو. شري ميٺارام کي سال 1968ع ۾ جونيئر ڪلارڪ جي نوڪري، ڊپٽي چيف انجنيئر غلام محمد بئراج حيدرآباد ۾ ملي. هو هڪ محنتي شخص هو. هُن رات ڏينهن محنت ڪئي. انهي نوڪري دوران پارٽ ٽائيم نوڪري 5 وڳي شام کان 6 وڳي شام تائين ڪشنچند پارواڻي ايڊوڪيٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان وٽ، 6 وڳي شام کان 7 وڳي شام ظهير حسين مرزا ايڊووڪيٽ ۽ رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج (فوتي) ۽ 8 وڳي شام کان 9 وڳي رات جو مسٽر عبدالستار شيخ ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ، جيڪو هن وقت آمريڪا رهي پيو، وٽس پارٽ ٽائيم نوڪري ڪئي، جتي هُن قانون ۽ وڪالت جا سڀ گُر سکي ورتا. انهيءَ سان گڏ 1968ع کان 1970ع تائين پرائيويٽ طور ڪوئلي جو ڪاروبار به ڪندو رهيو. اريگيشن کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ مزو نه ڏسي، سال 1970ع ۾ رٽائرمينٽ ڪئي ۽ انهي سال ڊيپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ميرپورخاص ۾ ڪلارڪ ڪم ٽائيپسٽ طور مقرر ٿيو. جتي هُن سرشتيدار، مختيارڪار ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ميرپورخاص، ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايس. ڊي. ايم. ميرپورخاص ۾ نارا ويلي وٽ 1984ع تائين نوڪري ڪئي. پنهنجي تعليم کي جاري رکندو رهيو ۽ سال 1979ع ۾ LLB سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. پر پنهنجي اُڏام جاري رکيائين ۽ سال 1980ع ۾ روينيو ڪواليفائيڊ امتحان، پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد مان سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪري پاڻ مڃرايو. سال 1982ع ۾ کيس پروموشن ڏيئي سينيئر ڪلارڪ، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص آفيس ۾ رکيو ويو. ڪلارڪي نوڪريءَ دوران پنهنجو پلاٽن ۽ موٽرسائيڪلن جو ڪاروبار پنهنجي دوست عبدالڪريم ذات ڇورو سان گڏ ڪندو رهيو. 1984ع ۾ کيس پروموٽ ڪري اسسٽنٽ مختيارڪار ڪري تعلقه ميرپورخاص ۽ تعلقه ڇاڇرو ۾ مقرر ڪيو ويو. جتي 1985ع تائين رهيو. 1985 کان 1988ع تائين اسسٽنٽ مختيارڪار تعلقه سامارو ٿي رهيو. 89-1988ع تائين ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، ميرپورخاص آفيس ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو. آگسٽ 1989ع ۾ کيس پروموٽ ڪري مختيارڪار ڪيو ويو، ۽ رڪوري مختيارڪار، ڊائريڪٽر ساسو داسو حيدرآباد مقرر ٿيو، جتي 1991ع تائين ڪم ڪيو. 1991ع کان 2003ع تائين مختلف تعلقن ۾ مختيارڪار ۽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ رهيو، جنهن ۾ شهدادپور ضلع، سانگهڙ، ڪنري ضلع عمرڪوٽ، خيرپور ميرس ضلع خيرپور، ڪراچي ايسٽ، ويسٽ، ملير ڪراچي ۽ M.O.SD بورڊ آف روينيو سنڌ حيدرآباد رهيو. انهي نوڪري دوران مهراج پريم چند سان گڏ مال جي چاري ۽ بوهه جو به ڪاروبار ڪندو رهيو. 2004ع ۾ کيس پروموشن (EX-PCS) BPS-17 مقرر ڪري، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر لا، سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، ۽ ميگهواڙ ڪميونٽيءَ جو پهريون فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ۽ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر جو اعزاز ماڻي، ميگهواڙ ڪميونٽي جو نالو روشن ڪيو. ماهه مارچ 2005ع ۾ کيس بدلي ڪري، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر DDO روينيو، شهدادپور ضلع سانگهڙ مقرر ڪيو ويو. جتان 2007-6-17 تي رٽائرمينٽ ڪئي. وري ڇهن مهينن لاءِ نوڪري جاري رکيائين ۽ وري ٻيهر 12 مهينن لاءِ نوڪري Extension ڪيائين، ۽ ماهه مئي 2008ع Relinquished ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به پنهنجي جفا ڪشي جاري لکيائين جيئن ته ڪافي وقت فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ ۽ سينيئر وڪيلن سان گڏ ڪم ڪرڻ ڪري قانوني ماهر هو، ۽ وڪالت لاءِ اپلاءِ ڪيو ۽ کيس آگسٽ 2008ع ۾ لوئر ڪورٽ جي وڪيل جي سَندَ ملي، ۽ سال ڊسمبر 2008ع ۾ کيس هاءِ ڪورٽ جي سند ملي، جتي اڄ تائين وڪالت ڪندو رهي ٿو. جتي هاءِ ڪورٽ روينيو لا جا ڪيس، بورڊ آف روينيو جا ڪيس، نيب ڪيس، اينٽي ڪرپشن جا ڪيس کڻندو آهي. بلڪل هڪ ڪامياب وڪيل آهي. پنهنجو زندگيءَ جو سفر جاري رکيو پيو اچي. پاڻ هڪ شانائتو هوشيار آفيسر، بردبار ۽ بهادر انسان آهي، جيڪو سچ چوڻ کان نٿو مڙي. نوڪريءَ دوران هُن ڪافي عزيزن کي نوڪريون ڏياريون، ۽ ميرپورخاص ۾ رهڻ وقت جيڪي ٿر جا غريب ماڻهو اسپتالن ۾ علاج وغيره لاءِ ويندا هئا، اُنهن جو پورو پورو ساٿ ڏيندو هو ۽ مالي مدد ڪندو هو. ستارو تم تو سو جائو ہم ہی مجبور بیٹھے ہیں، انہیں ہم یاد کرتے ہیں جو ہم سے دور بیٹھے ہیں۔

ميجر دانش ڌناڻي

سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تو لاءِ آهن، منهنجي جُرئت منهنجي همت تو لاءِ آهي. منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لاءِ آهي، ٻانهن ۾ جيڪو آهي ٻل سو تو لاءِ آهي. دنيا جي پوئتي پيل قومون تڏهن ترقي ڪري سگهنديون آهن، جڏهن انهي قوم ۾ ودوان، مهان ڏاها، تعليم يافته ۽ مسلسل جدوجھد ڪندڙ وير پيدا ٿيندا آهن. سماجي شعور، ترقي ۽ جرئت پنهنجي پاڻ نه ايندي آهي، پر اُن جي پويان ڪي سبب هوندا آهن. ڪن ماڻهن ۽ ڌرين جي اڻ ٿڪ مستقل مزاج ۽ سنجيده ڪوششن، عملن ۽ جدوجهدن جي ڪري اهي سماج ڪڏهن آهستي، ۽ تيزيءَ سان پنهنجي شعوري ڏاڪي ۾ ترقي آڻيندا آهن. اهي اڻ ڳڻيا ڪردار ڪي ظاهر ته ڪي گمنام فرد پنهنجي عقل، سمجهه ۽ لڳن سان پنهنجي فني ۽ تعليمي صلاحيتن سان پنهنجي طبقي ۽ وطن جي ماڻهن، توڙي قومي ماڻهن ۾ روح ڦوڪيندا آهن، ۽ انهن جي محبت جو محور پنهنجي مارو ماڻهن جي خوشي ۽ بهتريءَ ۾ هوندو آهي. انهي سڀني خوبين سان سر شار هڪ بهادر ٿر جو نوجوان دانش ڌناڻي ٿر جي مٽيءَ جي خوشبوءَ سان ڀريل ڀوميءَ تي، 12 فيبروري 1978ع ۾ هڪ مهان تعليمي آفيسر شري ڀيرو لال ڌناڻيءَ جي گهر اک کولي. سندس جنم ٽنڊو جان محمد ضلع ميرپورخاص ۾ ٿيو. اصل سندس مائٽ ڳوٺ مٺڙيو چارڻ تعلقه ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر جا آهن، ۽ سال 1975ع ۾ لڏي اچي ٽنڊو جان محمد ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. سندس ماتا جو نالو ڪملا ڌناڻي آهي، جا مٺي شهر جي کوکر خاندان جي مهان تعليم دان پُرش، سائين ساجنداس چنداڻيءَ جي ڌي آهي. سائين ساجنداس هڪ مهان اُستاد، جنهن پنهنجي قوم کي تعليم جي روشنيءَ سان منور ڪيو، سندس ڪيترائي شاگرد هن وقت وڏن وڏن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. شريمتي ڪملا ڌناڻي ميگهواڙ جاتيءَ جي، جنهن هڪ وڏي تعليمي عهدي تان رٽائر ڪيو. ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ميگهواڙ جاتيءَ جي پهرين خاتون جا 20 گريڊ ۾ ڊائريڪٽر آف اسڪولس جي عهدي تي رهي، قوم جو نالو روشن ڪيو. هونءَ به ڌناڻي خاندان پورو پڙهيل ۽ تعليمي ميدان ۾ اڳڀريو رهيو ِآهي. جنهن خاندان ۾ سرڳواسي ڊاڪٽر ويرسي ڌناڻي، ڊاڪٽر جئمل ڌناڻي، جو پاڪستان جو پهريون اقليتي توڙي ميگهواڙ جاتيءَ جو ڊبل Ph.D هولڊر، ۽ شهيد بينظير يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائينسز، سڪرنڊ جو پهريون وائيس چانسلر جو پد ماڻيو، ۽ ڊاڪٽر موهن لال ڌناڻي، اهي سڀ ڌناڻي خاندان جي مالها جا خوبصورت موتي آهن. دانش ڌناڻي، پرائمري تعليم سال 1989ع ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٽنڊو جان محمد مان ورتي. مڊل 1992ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد، ۽ مئٽرڪ 1994ع ۾ ساڳئي اسڪول مان پاس ڪيائين. 1996ع ۾ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين، ۽ سال 2002ع ۾ MBBS لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان پاس ڪري، ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪيائين. دانش ڌناڻي تاريخ 12 فيبروري 2009ع تي شريمتي پونم ڌي لڇمڻ داس ولاسيه ڏيپلو شهر مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس ٻه پُٽ آهن، هڪ پرتڪ ايشان ۽ ٻيو دڪش سمير، جي پڙهن پيا. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پاڪ فوج ۾ هندو توڙي شيڊيول ڪاسٽ جي ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جي سخت منع هُئي، ۽ مشرف دؤر تائين ڪوبه هندو جاتيءَ جو فرد فوج ۾ نه هو. جناب پرويز مشرف صاحب جي دؤر ۾ مُلڪ سان وفاداريءَ جي ڪري پاڪ آرميءَ ۾ نان مسلم کي نوڪري ڪرڻ، ۽ ملڪي دفاع جھڙي اهم کاتي ۾ ڀرتيءَ جي اجازت ڏني ويئي. پاڪ فوج ۾ نوڪري ڪرڻ جي اجازت کانپوءِ، اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جا ڪيترائي نوجوان پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيا آهن، ۽ اهي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان ڪري رهيا آهن، ۽ بالا آفيسرن کي ميگهواڙ جاتيءَ تي پورو پورو وشواش آهي ۽ هو نوجوانن جي ڪم مان مطمعن آهن ۽ عزت ڪن ٿا. اسان جي قوم جو پهريون بهادر نوجوان دانش به تاريخ 2006-10-30 تي پاڪ فوج ۾ ڪئپٽن طور مقرر ٿيو. سندس پهرين مقرري لاهور ۾ ٿي. جنهن تي پوري ميگهواڙ جاتيءَ کي فخر آهي جو پوري هندو ڪميونٽيءَ جو پهريون نوجوان پاڪ فوج ۾ ڪئپٽن ٿي آيو، جنهن بيٺل پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ڪري ڇڏيون، ۽ ٻين جاتين کي ڏکيو لڳو ته هڪ ميگهواڙ پاڪستان فوج جو ڪئپٽن ٿيو. چوندا آهن جنهن جو مقدر بلند هجي، ته ان جي مهانتا کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. ڪئپٽن دانش ڌناڻيءَ کي 6 مهينا ڪاڪول ايڪڊميءَ ۾ ٽريننگ ڪرائي ويئي، جتان پهريائين پاڪ آرمي لاهور ۾ هڪ سال ڪئپٽن طور ڪم ڪيو. هڪ سال اتر وزيرستان، پوءِ هڪ سال هيٽي آمريڪا ۾ رهيو. هڪ سال ڪراچي، هڪ سال ننگرپارڪر هڪ سال ڇور ۽ پوءِ GHQ راولپنڊيءَ ۾ رهيو. جتي ميجريءَ جو ڪورس پاس ڪيائين، ۽ تاريخ 2014–09–12 تي ميجر پاڪ آرميءَ جو مقرر ٿيو ۽ پوري ميگهواڙ جاتيءَ جو نالو ڳاٽ هماليه جبل کان به اوچو ڪرائي، پنهنجو نالو پاڪستان جي هندو جاتيءَ جي تاريخ ۾ پهرين ميجر جي حيثيت سان هميشه لاءِ ورقن ۾ داخل ڪرايو. سندس پريوار، خاص ڪري سندس ماتا ڪملا ديويءَ کي زندگيءَ جي گهڻي ۾ گهڻي خوشي تڏهن حاصل ٿي، جڏهن هُن پنهنجي پٽ دانش کي ڪاڪول اڪيڊمي ايبٽ آباد ۾ ڪئپٽن جي ورديءَ سان پريڊ ڪندي ڏٺو. اهو ڪملا ڌناڻيءَ جي زندگيءَ جو اهم ترين لمحو هو، ۽ سندس مامتا جون بوندون بادلن وانگر ورسڻ لڳيون، ۽ کيس پنهنجي پٽ تي ناز آهي ۽ ان سان گڏ پوري ميگهه ونس جاتيءَ کي به فخر آهي ته هو بيشمار صلاحيتن، جرئت ۽ جدوجھد سان ترقي ڪري، ڪئپٽن مان ميجر جھڙي اعليٰ پد تي پهتو آهي. شاندار اعزاز ماڻي سڀني مظلوم طبقن جو سر بلند ڪيو آهي. اسان کي يقين آهي ته هو روشن مستقبل جي علامت آهي. قابل فخر ڪارناما، اٽل ارادا، فولادي جذبا ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا. اسان جي قومي نوجوانن کي انهيءَ مان سبق سکڻ گهرجي ۽ سندس نقش قدم تي هلي پاڻ ملهائڻ کپي. دانش پنهنجو نالو قوم توڙي ملڪي سطح تي روشن ڪرايو. اهڙيءَ طرح پاڪستان جي تاريخ جو ٻيون ميگهواڙ ميجر ڪيلاش ولد ڀانو مل پرڳڙو ڳوٺ چيلهار، تعلقه مٺي آهي، ته ٽيون ڪيپٽن، جن ۾ هڪ جيوارج ولد جڳمال گورڙيو ڳوٺ ويرهاڙ تعلقه ڏيپلو، ۽ چوٿون ڪيپٽن راجا نند ولد ڀارو ماستر ڳنڍير، ڳوٺ مير جي لانڍي تعلقه جيمس آباد آهي. ڪنول گُل مان ڪو ڪو نه ٿيندو نه ٿيندو، بخاريءَ کان ڌوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو. ملهائي نه جو ٿڃ جيجل جي لوڪو، اهڙو ڪوبه ٿوڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.

ديوَ ساگر

منش سوئي جانيئي جو ڪري منش ڪاج، منش شيوا ڪرتي هوئي ڪڀي نه آوي راج. پاڪستان جي ميگهواڙ جاتيءَ جي پهرئين جج، شري ديوَ ساگر جو جنم 1970-08-26 جو، شري راجارام والڙيا ويٺل جُهڏو شهر تعلقي ڊگهڙي ضلع ميرپورخاص ۾ ٿيو. سندس ماتا جو نالو ڪيهر ڌي هيرو جي ذات ڀاٽيا اصل (انڊيا) آهي. پرائمري تعليم 5 درجا سال 1980ع ۾، گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد خان ٽالپر جهڏو مان پرائي. مئٽرڪ سال 1985ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جهڏو مان پاس ڪيائين. 1987ع ۾ انٽر ۽ 1989ع ۾ BA گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان پاس ڪيائين. MA پاس ڪرڻ کانپوءِ سال 1992ع ۾ LLB جو امتحان سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. سندس پتا هڪ غريب ۽ مسڪين ميگهواڙ خاندان جو هو، جنهن ڪيترائي ڏکيا ڏينهن ڏٺا، پر سندس دعا ۽ والده جي دعائن رنگ لاتو ۽ کيس پڙهائي انهي پد تي پهچايو ـــ سندس دوستن جو به پورو پورو ساٿ رهيو. شري ديو ساگر صاحب جن سال 2001ع ۾، شريمتي ڪملا ڌي ڀاڻو مل، ذات پينگهور ڳوٺ ٽنڊو غلام علي، تعلقه ماتلي ضلع بدين مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس اولاد هڪ نياڻي انيتا ۽ ٻه پٽ موهن داس ۽ تيرٿ داس آهن. ٻئي پُٽ هن وقت سينٽ جوزف اسڪول لاڙڪاڻي ۾ زير تعليم آهن. ديو ساگر صاحب شروع ۾ سال 1993ع ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو پوليس کاتي ۾، پراسيڪيوشن ونگ ۾ مقرر PSI پراسيڪيوشن سب انسپيڪٽر آف پوليس سال 2005 ۾ ٿيو، ۽ جلد ئي ڪامپيٽيٽو امتحان جو SPS طرفان ڪرايل ڪئاليفائيڊ ڪري، ڊسٽرڪٽ اٽارنيءَ لا ڊپارٽمينٽ ۾ مقرر ٿيو. شري ديوَ ساگر صاحب اڃا به اڳتي وڌڻ جي ڪوشش جاري رکندو پيو اچي، ۽ تاريخ 2001-12-15 تي پاڪستان جي ميگهواڙ جاتيءَ تاريخ جو پهريون سول جج/ جڊيشل مئجسٽريٽ طور، ٽنڊو الهيار ۾ مقرر ٿيو. انهيءَ کانپوءِ ڪشمور ٺل جيڪب آباد، عمرڪوٽ، کپرو، سانگهڙ، ڪراچي ويسٽ ۽ هن وقت سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ لاڙڪاڻو ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. شري ديو ساگر سنڌي، اردو، انگريزي ٻوليون ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهي ٿو. سندس پسنديده پوشاڪ سلوار قميص ۽ پينٽ شرٽ (ٿري پيس) آهي. شاگرديءَ واري دؤر ۾ سياست ۽ ادب سان به واسطو رهيو. ديو ساگر هڪ ايماندار ۽ سچو انسان آهي. فيصلا وغيره ميرٽ جي حساب سان ڪندو آهي. پنهنجي ڪميونٽيءَ ۾ سندس عزت ۽ مانُ آهي. مهمان نواز ۽ خوش مزاج شخصيت آهي، پاڻ پاڪستان جي ميگهواڙ جاتي جا پهريان جج ٿي قوم جو نالو روشن ڪيو ۽ پنهنجي تاريخ ٺاهيائين. انهي کان پوءِ ٻيا ٽي ميگهواڙ جج هي ٿيا آهن: 1. جناب شيام سندر ولد ايڊوڪيٽ ارجن داس پنئار پنوعاقل ضلع سکر. 2. جناب نگارام ولد واگهو مل کوکر، ڳوٺ جوڳلا تعلقه اسلام ڪوٽ. 3. جناب اوم پرڪاش ولد چيلارام عمرڪوٽ. هاري هلاءِ هر کي، جُهڙ ڏسي نا جهڄ، موڙها محبت مينهن ۾، ڀيرا ڏيئي ڀڄ، ته آخر اها وٺ تو تي، چمڪي چانڊاڻ ڪري.

ڪلارام جئپال

(1907ع کان 1941) گوندر گذاريم ڪاپڙي، پتر وڃن نه پاڻ، تن آيل آديسين جي، روئان ڪاڻ رهاڻ، هت نه پسجن پاڻ، ويو ويراڳي نڪري. اسان جي ميگهه ونس جاتيءَ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائينداسين ته ان ۾ گهڻو حصو دُک دائڪ رهيو آهي. اهو ظلم ٻيو ڪنهن به نه ڪيو، صرف اوچ ذات وارن ڪيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ به وڏي ڪٽرپڻي جا شڪار رهيان آهن. جيئن اسان جي وڏڙن طرفان ٻڌايل آپبيتيون ٻڌائين ٿيون ته اسان ماڻهن سان انهن جانورن کان به بدترين سلوڪ ڪيو. اهڙي وقت جي ظالم سماج ۾ ميگهواڙ جاتيءَ جا رهنما ۽ رهبر پيدا ٿيندا رهيا، ۽ دنيا ۾ ڪجهه هستيون اهڙيون آهن، جيڪي هر ڪنهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زنده رهنديون آهن. هونءَ به اسان جي قبيلي جي هيرن جو، سماج ۾ مانُ ۽ مرتبو اعليٰ ترين، ۽ بلند آهي. اهڙي هڪ هستيءَ جي نانءِ اڄ ڪُجهه ساروڻيون لکان ٿو. جنهن سور وير جو نالو ڪلارام جئپال هو. جيڪو ڪنهن سڃاڻپ جو محتاج نه آهي. اهو انسان هڪ چندن جو وڻ هو، جنهن جي هُٻڪار صدين تائين ٿر جي ڀٽن ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ محسوس ٿيندي رهندي. هو هنج ته هليو ويو، پر سندس نالو اڄ به ميگهواڙ جاتيءَ جي دلين تي نقش ٿيل آهي، جو ڪڏهن به ميسارجي نٿو سگهي. انهي سور وير شري ڪلارام جئپال سال 1907ع تي، شري آسو مل جئپال ڳوٺ لوڻيو تعلقه مٺيءَ ۾ جنم ورتو. سندس ماتا شريءَ جو نالو سرو ڌي آنٻو، ذات ڀڊو ڳوٺ صابوسڻ، تعلقه ننگرپارڪر جي هئي. پاڻ پنج ڀائر هئا. 1. وڏو نندو، جو هاري هو 2. پاڻ ڪلارام 3. هرجي هاري 4. پدمون هاري 5. مهاوجي اهو به کيتي واڙي ڪري پنهنجو گذر معاش ڪندا هئا. پاڻ شروعاتي پنج درجا سنڌي پرائمري اسڪول لوڻيو ۾ پڙهيو. فائينل هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان پاس ڪيائين، ۽ مئٽرڪ ممبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. جيئن ته اُنهي دؤر ۾ پڙهيل گهٽ هوندا هئا، تنهن ڪري جلد کيس هيڊ منشي روينيو مٺيءَ مقرر ڪيو ويو. هي مظلوم جاتيءَ جو پهريون فرد هو، جو ايڏي عهدي تي رهيو. اهو سرڳواسي سائين ڪرشن لال ننگرواسي پنهنجي جيون چريتر ۾ لکيو آهي، ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون مختيارڪار جو اعزاز ماڻيو. هو سهڻو ۽ قداور شخصيت جو مالڪ هو. سدائين پينٽ شرٽ ۾ هَشاش بَشاس نظر ايندو هو. انهي ڇاپ ڇيپ واري زماني ۾ هيٺين ذات جي ماڻهن لاءِ ائين زندگي بصر ڪرڻ، ڄڻ ڪاريهرتي پير رکڻ جي برابر هو. پاڻ شادي شريمتي تلسي، ڌي گلو مل کوکر چنداڻي مٺيءَ مان ڪئي. شريمتي تلسي، جيڪا ميگهواڙ جاتيءَ جي مشهور تعليم دان، سائين ساجنداس چنداڻي صاحب جي ڀيڻ هُئي. جنهن مان کيس اولاد هڪ نياڻي ستو ٻائي، جا شري جواهر لال مختيارڪار چيلهار سان شادي ڪرايل هُئي، جو حيات ڪونهي. هڪ پٽ ڪستورو مل، جو به حيات نه آهي. سندس پريوار هن وقت مٺي شهر ۾ رهائش پذير آهي. شري ڪلارام جئپال پنهنجي جاتيءَ کي تعليم ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. هڪ سماج سڌارڪ طور جاتيءَ ۾ سڄاڳي آڻڻ لاءِ پوري حياتي ڪوشش ڪئي. غريب ماڻهن لاءِ پڊ منظور ڪرايا ۽ ميگهواڙ جاتيءَ لاءِ پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه به کوٽرايا. هو هڪ بهادر، بااخلاق ۽ مهان شخصيت هئي. شري ڪلارام جئپال صاحب مٺي کانپوءِ ڏيپلو ۾ هيڊ منشي رهيو، پوءِ ڇاڇرو ۽ انهي کانپوءِ ننگرپارڪر بدلي ٿيو. جتي هُن ڪافي قومي سجاڳي آندي. آخر کيس بخار جي حالت ۾ هڪ عطائي ڊاڪٽر، ڪانجي مل جي اسپتال مان انجيڪشن لڳائي وئي، ۽ ٿوري دير ۾ هُن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. هڪ روشن ديپ هميشه لاءِ وسامي ويو. جوان جي موت تي هر هڪ کي دل کي درد رسيو. اهو سال 1941ع جو واقعو هو. سندس مرڻ کانپوءِ مختيارڪاري جو پڪو آرڊر به اچي ويو هو، پر پرديسي پکي پرواز ڪري چڪو هو. اهڙيءَ طرح هي جاتي هڪ مهان ۽ دلير انسان کان هميشه لاءِ خالي ٿي ويئي. سندس سمادي ڪارونجهر جي هنج ۾ ٺهيل آهي. تون جي آن، گُلڙن سندو گلدان آ، تون جي ناهين، زندگي شمشان آ.

وينجهراج گوماڻي ”تنها“

تون سپڙ آءٌ سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏهه، تون پارس آئون لوهه، جي سَڃِين ته سونَ ٿيان. وينجهراج گوماڻيءَ کي عام طور ”وينجهراج تنها“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس پيدائش تاريخ 1960-02-02 جو ڳوٺ ڀوڄاسر تعلقي مٺي، ضلع ٿرپارڪر ۾ مهر لال ذات ٻڙهيو جي گهر ۾ ٿي. ماتا جو نالو ٻٻري ڌي سومار ذات پرڳڙو، ڳوٺ مصري ميمڻ لڳ اسلام ڪوٽ جي هئي. سندس وڏا اصل مٺي شهر جا رهاڪو هئا، جيڪي ٻه پيڙهيون اڳ ۾ شهر ڇڏي سک سانگي ڳوٺ ڀوڄاسر وڃي رهيا. سندس ابن ڏاڏن جو ذريعو معاش مال متاع ۽ ٻني ٻارو ڪرڻ هو. انهي جي ڪٽنب ۾ سندس پتا جو مامون زاد ڀاءُ لڌارام نالي اُن وقت ٻيلي کاتي ۾ بيلدار هو، جڏهن ڀوڄاسر ۾ ٻيو ڪوبه ڇوڪرو مئٽرڪ پاس ڪونه هو. لڌارام جي بيلداريءَ واري حيثيت ڳوٺ ۾ ايتري ته اهم هُئي، جو سڄي ڪٽنب جا ڀاتي ڀڳوان جي بدران لڌارام جو قسم کائيندا هئا. انهي شيءِ وينجهراج کي ترغيب ڏني، ته عزت پرائڻ لاءِ مال چارڻ کي ڇڏي پڙهڻ کپي. حالانڪ تقريباً ڏهه سال عمر ۾ پير پاتو هئائين پر علم جي پرائڻ جي شوق ۾ مائٽن کان موڪلائي، پنهنجي ناناڻن (ڳوٺ مصري ميمڻ) ۾ اچي رهيو، ۽ اسلام ڪوٽ ۾ 1969ع ۾ هريجن ڪالوني اسڪول ۾ داخل ٿيو، ۽ پنهنجي لگن سان تعليم جاري رکي، ۽ اسلام ڪوٽ شهر مصري ميمڻ ڳوٺ 8 ڪلوميٽر روزانه پيادل پنڌ ڪري اسڪول ويندو هو، ۽ شام جو واپس ايندو هو. جڏهن ٽئين درجي ۾ پهتو ته 1971ع جي پاڪ ڀارت جنگ لڳي، ۽ انهن جو ڳوٺ ڀارتي فوجن جي قبضي هيٺ اچي ويو. انهي ڪري هُن جا 2 سال ضايع ٿيا. پر هُن جي علم سان لگن ۾ فرق نه آيو ۽ جڏهن اندرا ڀٽو ٺاهه ٿيو ۽ فوجون واپس هٽيون، ته هن وري ٽئين ڪلاس کان پنهنجي ڇڏيل پڙهائي شروع ڪئي. سن 1975ع ۾ پنجون درجو پاس ڪيائين. ان سال ڏُڪار جي صورتحال هئي. انهي ڪري هو پنهنجي پتا سان گڏ مزوري ڪندو هو. پنهنجي پتا جي ناراضگيءَ جي باوجود هُن ڇهين ڪلاس ۾ اسلام ڪوٽ ۾ داخلا ورتي، ۽ هر سال موڪلن جي ڏينهن ۾ مزدوري ڪندو هو ۽ پڙهائيءَ جي ڏينهن اسڪول اٽينڊ ڪندو هو. جڏهن اٺين ڪلاس ۾ پهتو ته اسلام ڪوٽ ڇڏي هاءِ اسڪول مٺيءَ، سن 1978ع ۾ هاءِ اسڪول ۾ مٺيءَ ۾ داخلا ورتائين. جلدئي ٻن ٽن مهينن اندر کيس ڪلاس جو مانيٽر بنايو ويو، جيڪو مئٽرڪ پاس ڪرڻ تائين رهيو. سن 1978ع ۾ مڊل اسٽينڊرڊ جو، بورڊ جو امتحان ڏنائين، 71 سيڪڙو مارڪون کڻي سڄي ضلع ۾ پهريون نمبر آيو، پر عمر وڏي هجڻ ڪري اسڪالرشپ نه ملي سگهي. سن 1980ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. ميٽرڪ ۾ ٿرپارڪر جي چارئي هاءِ اسڪولن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين، 73 سيڪڙو مارڪن سان سندس نالو اڄ به مٺي هاءِ اسڪول جي بورڊ آف آنرس تي لکيل آهي. پوءِ گورنمينٽ ڪاليج مٺيءَ مان انٽر ميڊئيٽ ڪرڻ کانپوءِ، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ سن 1984ع ۾ داخلا ورتائين. ان وچ ۾ سن 1982ع کان مارچ 1984ع تائين ڳوٺ ٽاڀو ميگهواڙ ۾ پرائمري ماستر به رهيو. سن 1990ع ۾ ٽنڊو ڄام مان ايم. ايس. سي (آنرز) ڪيائين، ٻه ٽي سال بي روزگار ڪاٽڻ کانپوءِ 1994ع ۾ ڪميشن پاس ڪري، ايگريڪلچر آفيسر (BPS-17) طور حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪئرئر جي شروعات ڪيائين. تاريخ 1994-3-8 کان 1997-9-1 تائين ان بعد اسسٽنٽ ريسرچ آفيسر (BPS-17) ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٽنڊو ڄام، 1997-9-2 کان 2002-2-26 تائين رهيو. تنهن کان پوءِ ايگريڪلچر آفيسر سنڌ زراعت کاتو مٺي 2002-2-23 کان 2005-4-30 تائين نوڪري سرانجام ڏيڻ کانپوءِ، 2011-2-26 کانپوءِ پهرين مئي 2005ع کان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن اسلام آباد ۾ ڊيپوٽيشن تي وڃي دخلڪار ٿيو، جتي کيس 2008ع ۾ آفيس مئنيجمينٽ گروپ (OMG) ۾ ضم ڪيو ويو. ميگهواڙ برادريءَ جو فيڊرل سيڪريٽريٽ ۾ (OMG) او. ايم. جي. جو پهريون آفيسر هئڻ جو اعزاز به کيس ئي حاصل آهي. سن 2011ع ۾ کيس (BPS-18) ۾ ترقي ملي، ۽ انهي سال جون 2011ع ۾ سنڌ حڪومت ۾ تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري طور مقرر ٿيو. جتان وري 2012 -5-4 کان واپسي ٿي، ۽ اڄ تائين وزارتِ داخلا ۾ سيڪيورٽي معاملات جهڙي اهم ذميواري نڀائي رهيو آهي. وينجهراج ”تنها“ شادي تاريخ 1990-12-31 تي نالي ديوي ڌي تاراچند ذات ڪاڳيه، ڳوٺ داديو هاليپوٽو، تعلقي ڇاڇرو سان ڪئي. جنهن مان کيس اولاد ست نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن. سڀني کان وڏي ڇوڪري بيچلرز ڪامن آرٽس ۾ زير تعليم ۽ وڏو ڇوڪرو انٽر ۾ پڙهي پيو. پاڻ ڍاٽڪي، سنڌي، سرائڪي، پنجابي، اردو ۽ انگريزي ٻوليون ڳالهائي سگهي ٿو. پسنديده مفڪر، گرو رجنيش ۽ ڪارل مارڪس ۽ پسنديده شاعر، لطيف سائين ۽ شيخ اياز، پسنديده ناول نگار ڪرش چندر ۽ قرت العين حيدر ۽ نورالهديٰ شاهه. ميگهواڙ ڪميونٽيءَ ۾ پسنديده شخصيتون، ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي ۽ سرڳواسي تنو مل ڪلاڻي، سندس ٻه ناول لکيل 1. پاپڻ 2. آشا، جيڪي قسطوار عبرت مئگزين ۾ ڇپيا. انهي کانسواءِ مختلف موضوعن تي لکڻيون، آرٽيڪل تجزيه ۽ شاعري مختلف رسالن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڇپيا آهن. وينجهراج ”تنها“ تعليم ۾ شروعات کان وٺي مئٽرڪ تائين پوزيشن هولڊر رهيو. ميگهواڙ ڪميونٽيءَ جو پهريون OMG آفيسر، ۽ پهريون فيڊرل سيڪريٽريٽ ۾ آفيسر رهيو. پهريون ميگهواڙ، جيڪو ڊپٽي سيڪريٽري (سنڌ سيڪريٽريٽ) ۽ پهريون ميگهواڙ، پهريون هندو، پهريون ٿر ڄائو وزارت داخلا ۾ آفيسر، سيڪيورٽي مئٽرس کي اُڪلائيندڙ ۽ هندو جتي سنڌي مسلم کي به گهڻي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ پوسٽنگ ڏيندا آهن. وينجهراج ”تنها“ اڄ تائين سرڪار طرفان مليل نوڪري ايمانداري ۽ سچائي سان نڀائي رهيو آهي.

سارنگ رام صوبيدار

(1929-03-17 کان 1993-11-26) دودا ڌرتيءَ جا ڪري ناز اوهان تي پيو مهراڻ، ڪڍين ڪنهن جي نه ڪاڻ، سورهيه سنڌ جا. ميگهواڙ جاتيءَ مهان رُتبو رکي ٿي. هن جاتيءَ مهان رکيشور، ساڌو، سنت، ڪوي، ڪلاڪار ۽ مڻيادار موتي پيدا ڪيا، جن پنهنجي وقت ۾ وڏيون قربانيون ڏيئي ڌارمڪ، سماجي ۽ اخلاقي سکيا جا گُڻ سيکاريا، پريم ڀاوي ۽ ايڪتا بابت رهنمائي ڪئي. اهڙو ئي هڪ سچو ۽ بهادر انسان سرڳيه سارنگرام هنجڙو تاريخ 1929-03-17 تي ڳوٺ ڪلڻهار کارو تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر ۾، سرڳواسي لڌارام هنجڙو جي گهر اک کولي. سندس ماتا جو نالو ماهو ذات ولاسيه ڳوٺ گرڙي تعلقه ڏيپلو جي هُئي. پاڻ شادي سال 1950ع ۾ ڳوٺ ننائي تعلقه ڏيپلو مان، شري ٽوهو ٻڙهيو جي سپتري جامون ٻڙهيه سان ڪئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي جيڪا هيلاريو پير جي ڀاڳچند کوکر، رٽائرڊ پوليس آفيسر سان شادي ڪرايل آهي حيات آهي، ۽ ٽي پٽ 1. ملڪرام رٽائرڊ HST 2. ڪانجي جيڪو زميندار ۽ وڪيل آهي 3. مٺو مل جيڪو انجنيئر سئي گيس ۾ آهي، ٽيئي شادي شده آهن. سارنگ رام سال 1957ع ۾ ڪلڻهار کارو مان لڏي ڳوٺ ڏاچري رهيا. جتان سال 1971ع ۾ لڏي پنهنجو ذاتي ڳوٺ صوبيدار سارنگرام واٽر ڪورس نمبر 4 ٻڌايو، جتي رهيا ۽ اڄ به سندس پريوار اتي رهائش پذير آهي. 1922 کان 1927 ۾ پاڻ 6 درجا سنڌي پرائمري، اسڪول ڪوٽ مير محمد ملڪ مهر تعلقه ڊگهڙي مان پاس ڪيائين. جلد ئي تاريخ 1948-03-17 تي پوليس کاتي ۾ پوليس ڪنسٽيبل طور مقرر ٿيو انهي وقت سندس پگهار 35 روپيه ماهوار هو ۽ پهريائين ٿاڻو پوليس اسٽيشن جکڙائو ضلع ٿرپارڪر، حال سانگهڙ ۾ مقرر ٿيو. هي ميگهه ونس جاتيءَ جو پهريون شخص هو، جنهن پوليس ۾ انسپيڪٽر جي پوسٽ تان رٽائر ڪيو. پاڻ سال 1948 کان 1950 تائين ضلع ٿرپارڪر، سال 1950 کان 73-1972ع تائين سانگهڙ ضلع ۾ سال 75-1974 ضلع ٺٽو ۽ 71-1970 ۾ دادو ضلع ۾ نوڪري ڪئي، پوليس اسٽيشن نئون ڪوٽ، مٺي، جهڏو، ٻلهياري ڏيپلو تعلقه، دادو، جهرڪ، جُهن، پيرو مل ۽ سجاول ضلع ٺٽي ۾ نوڪري ڪئي. پوليس جي نوڪري دوران هُن ڪڏهن به نا انصافي نه ڪئي. سچائي ۽ ايمانداريءَ سان وقت گذاريو، اڄ به سندس باري ۾ ڪوبه ماڻهو Negative راءِ نه ڏيندو آهي. سندس سوچ هوندي هئي ته ٻارن کي پڙهايو ۽ هميشه چوندو هو، ته تعليم کانسواءِ انسان انڌو آهي ۽ پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري نوڪريون ڏياريون، جيڪي اڄ بلڪل خوش آهن. سارنگرام جي سٺي ڪارڪردگي ڪري پوليس کاتي 1970 ۾ کيس پروموشن ڏيئي ASI Inspector جو عهدو ڏنو. ڌاڙيلن کي ڪيس نمبر 462-3pp-378-402-383-417 جي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي کيس انهي وقت 75 روپيه ڪيش ايوارڊ ۽ Good Work طور سپرنڊنڊٽ پوليس ٺٽو طرفان سنڌ پوليس Commendation Certificate تاريخ 1974-03-21 تي ڏنو ويو. جو سندس سٺي ڪارڪردگيءَ جو ثبوت آهي. سال 1955 ۾ اوچتو ٺٽو ۾ مڪليءَ وٽ ٽرڪ ۽ ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيو ۽ Disable ٿي پيو، جو پوري زندگي اُنهي حالت ۾ رهيو ۽ انهي ڪري سال 1975 ۾ پنهنجي سٺ سال عهدي تان رٽائرمينٽ ورتي. هُن باقي زندگي پنهنجي ڳوٺاڻن کي ارپي ڇڏي پاڻ ۾ ايڪتا پيدا ڪرڻ، ٻارن کي اخلاق ۽ سٺي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندو هو، ۽ پاڻ هڪ بااخلاق انسان هو، ۽ مهمان نواز هو ۽ غريب ماڻهوءَ جو ڀرجهلو هو. هميشه مالي مدد ڪندو رهندو هو. اهڙيءَ طرح زندگيءَ جو سفر هلندي، آخر هڪ ميگهه ونس جاتيءَ جو هڪ بهادر انسان تاريخ 1993-11-26 تي سڀني کان وڇڙي ويو، ۽ وڃي پنهنجي حقيقي مالڪ سان مليو.

سوجو مل جمعدار

(1915–02–09 کان 1988–05–30) ڪوچ ڪري ويا سڀئي، هن سنسار مون، پير پيغمبر، اوليا، جن پنهنجا پنٿ ڪيا، گياني ڌياني گرهستي، ”سامي“ پنڌ پيا، سڀئي عيب ٿيا، تو ڇا سمجهيو پاڻ کي. (سامي) ڪي ڪي منش املهه ۽ بهار باغ هوندا آهن، جيڪي پنهنجي مختصر زندگي ۾ ايترو وڏو ڪم ڪري ويندا آهن، ۽ پنهنجو نالو ڇڏي ويندا آهن، جو پويان صدين تائين ياد رکندا آهن. اسان جي ميگهه ونس ۾ هونءَ ته ڪيترائي استاد، شاعر، اديب، آرٽسٽ، سماجي ڪردار، سنت ٿي گذريا آهن، پر ميگهه ونس پهريون بهادر جمعدار شري سوجومل، جنهن تاريخ 1915–02–09 تي منجي ٻاروپار، ڳوٺ پاٻوهر تعلقه مٺي، ضلع ٿرپارڪر جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا شري جو نالو لاڇان ٻائي، ڌي ڏاهو مل ذات جوڳو، ڳوٺ هاري مار تعلقه مٺي جي هئي. سندس ماتا ٻن جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو وڏو سڄڻ مل ننڍو سوجومل. سڄڻ مل ڪونه پڙهيو پر ڇهن سان جي عمر ۾ سوجو مل کي مائٽن پرائمري اسڪول پاٻوهرجيڪو 1921ع ۾ کليو هو، سال 1921ع ۾ داخل ڪرايو ۽ سوجو مل پهريون بينچ جو شاگرد هو. انهي وقت اسڪول جو ماستر کيتارام مهيشوري مٺيءَ جو واسي هو. سوجومل پڙهائي ۾ هوشيار هو، استاد سندس پتا کي چيو ته توهان جو پٽ هوشيار ۽ ذهين شاگرد آهي، تنهن ڪري هن کي اڳتي ضرور پڙهائجو. پرائمري پاس ڪري انگريزي پڙهڻ لاءِ مٺيءَ ۾ داخل ٿيو. اُن وقت مٺي ۾ E.V Class پنج درجا هُئي. ان وقت سوجو مل جا ڪلاسي 1. کينراج ٺڪر پاٻوهر 2. اکيراج ٻاوو مٺي، 3. روچيرام وڪيل مٺي جو حيات آهي. 4. سڳاڙچند ننگر پارڪر 5. طاهراڻي وڪيل ڏيپلو 6. محمد عرس بجير مٺي، جيڪي ان وقت جون مشهور هستيون ٿي گذريون آهن. مٺيءَ مان پنج درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ، ٿر ۾ هاءِ اسڪول ڪونه هو، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ هاءِ اسڪول هُئا. سڳاڙچند ۽ سوجومل کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو، سڳاڙچند جي مالي حالت ٺيڪ هئي ۽ سوجومل جو پتا تمام غريب هو، ۽ انهي وقت ڪراچي ٿر وارن لاءِ ولايت لڳندي هئي، پر مائٽن سڳاڙچند ۽ سوجومل جو پڪو ارادو ڏسي، کين اڳتي پڙهايو، ان وقت ڪانگريس هلچل هئي ۽ ڪانگريس وارا امير سيٺ ڪجهه مدد ڪندا هئا. هن جي پيءُ نيٺ پٽ سٽ ڪري 7.50 ساڍا ست روپيه ڪري ڏنائين. ان وقت ٽرين جهڏو شهر تائين ايندي هئي، جتان ٽرين رستي ڪراچي ويا، ان وقت ڪراچيءَ جو ڪرايو اڍائي روپيه هو، جتي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي ڪانگريسي سيٺين سٺي مدد ڪئي. ان کانسواءِ اسڪول ٽائيم کانپوءِ ڪلاڪ کن چمڙي جي مشين تي پنن تي بکائي به ڪندو هو، ته اُتان ڪجهه رقم ملي ويندي هئي ۽ گذارو ٺيڪ ٿيندو هو، ۽ ڪجهه امير شاگرد گڏ پڙهندا هئا، اُهي به غريب ٿر جو شاگرد ڏسي پينون پينسل ۽ ڪتاب وغيره وٺي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا هُئا. جتي هُن انگريزي پنجون ڇهون پاس ڪيو پر واپس ڳوٺ نه آيو، کيس ڊپ هو ته واپس ويس ته سندس پتا وري ڪونه ڇڏيندو. اوچتو سوجو مل کي مدي جو بخار ٿي پيو، ڊاڪٽر صلاح ڏني ته تون ٿر وڃ، آبهوا بدلائي اچ، نه ته ٺيڪ نه ٿيندين. سوجو مل ان وقت ميٽرڪ ۾ اچي چڪو هو، ٿر ۾ اچڻ کان پوءِ بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. پنهنجي پتا کي چيائين ته هاڻي ڪراچي وڃان ٿو آخري سال آهي، مئٽرڪ پاس ڪري اچان، پر سندس پتا کيس ڪونه ڇڏيو ۽ پوليس کاتي ۾ درخواست نوڪري لاءِ ڏني، ۽ 15 ڏينهن 1934ع ۾ آرڊر مليو، جو ڏيپلي ٿاڻي تي ننڍو منشي ڪري مقرر ڪيو ويو ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو پهرين پوليس جمعدار جو اعزاز ماڻيو. انهي وقت روينيو جو هيڊ منشي ڪلارام جئپال لويڻه واسي هو. ڏيپلو ۾ ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ اسلام ڪوٽ مقرر ٿيو، جتي پوليس جي سواري لاءِ اٺ مليل هوندو هو، اسلام ڪوٽ کانپوءِ گهوڙي سوار جُهن ٿاڻو مقرر ٿيو. ان وقت ايس. پي صاحب، جنهن کي اُن وقت ڪماني صاحب چوندا هُئا، جڏهن دوري تي آيو. SP صاحب جي لاءِ رسائي ۽ انتظام تمام سٺو ڪيو هو، جنهن تي ايس. پي. صاحب ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ بروقت کيس اُتيئي جمعدار جو آرڊر ڏنو. جتي هو ٽي سال رهيو. تنهن کان پوءِ رحمڪي بازار تعلقه ڏيپلو ۽ هاڙهو ننگرپارڪر ۾ به رهيو. رحمڪي ٿاڻي جي اها حالت هُئي، جو لاڙ جي زميندارن جون چانورن جون قطارون ڪڇ ڏانهن اسملنگ ٿينديون هيون. پوليس ٿاڻو بند ڪري ڇڏيندي هئي، جيستائين قطار لنگهي وڃي. ايترو زميندار جو پوليس تي اثر هو. پر سوجو مل جڏهن مقرر ٿيو ته هُن پهريائين سڀني زميندارن کي اطلاع ڪيو، ته آئون ڪابه قطار اسملنگ ٿيڻ ڪونه ڏيندس، پوءِ جيئن هوندو تيئن ٿيندو، ۽ پوءِ قطارون رحمڪي بازار کان ٻئي طرف کان وڃڻ لڳيون. ان وقت لاڙ جو بوهڙ نالي زميندار مشهور هو، جنهن جا گهٽ ۾ گهٽ اڍائي سو اُٺ اسملنگ جي ڪاروبار ۾ هلندا هُئا. نيٺ سوجي مل پنهنجا ماڻهو انهن لنگهن تي CIA طور بيهاريا. هڪڙي ڏينهن CIA طرفان خبر ملي ته بوهڙ جي قطار رڻ ۾ داخل ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ اڍائي سو اُٺ ۽ پنجاهه ماڻهو آهن. سوجو مل يڪدم پوليس سوارن کي حُڪم ڏنو ۽ سڀني گهوڙن تي سوار ٿي، رڻ اندر ڇهن ميلن تي وڃي قطار جو گهيرو ڪيو، قطار کي گهيري ڪرڻ وقت ٽي سوار، هڪ پنهنجو اسپيشل ماڻهو ۽ پنجون پاڻ جمعدار هو. شروعاتي قطار وارن ڏاڍي ڪاوڙ ڏيکاري ته پوليس رحمڪي ۾ رهي ڪونه سگهندي، هي بوهڙ جي قطار آهي، سوجو مل چيو ته اسان رحمڪي رهڻ ڪونه آيا آهيون، اسان ڊيوٽي ڪرڻ آيا آهيون. بوهڙ جو نالو اسان به ٻڌو آهي باقي هاڻي سرن جا سودا آهن. قطار هتان اسان کي ماري پوءِ اڳتي ويندي ۽ مقابلو بلڪل ٿيندو، پوءِ کٽن سڀ ڪنهن جا ڀاڳ نصيب. هُنن ڪافي تولا ماسا ڪيا پر ڏٺائون ته پوليس هٽڻ واري ڪونهي ۽ خونريزي ٿيندي، تڏهن انهن مجبور ٿي هار مڃي ۽ پيش ٿيا. سوجو مل حڪم ڪيو ته جيڪي به ماڻهو آهن، اُهي پنهنجو پاڻ پويان هٿ ٻڌي پيش ٿيندا وڃن. سڀني ماڻهن جي پيش ٿيڻ کانپوءِ قطار واپس آڻي ٿاڻي تي آندي ويئي. پوءِ انهن جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ 20 اُٺ ۽ 3 ماڻهو چالان ڪيائون ٻين کي موڪل ڏنائون. ڪجهه وقت گذرڻ بعد بوهڙ پنهنجو خاص ماڻهو موڪلي، سوجو مل کي دعوت ڏنائين. اهو به چيائين ته جعمدار کي چئج ته رحمڪي تي ڪافي پوليس رهي ويٺي آهي، ليڪن ميگهواڙ جا پُٽ، آئون توکي داد ڏيڻ لاءِ دعوت ڏيان ٿو. نيٺ سوجو مل وقت ڪڍي بوهڙ کي ٽائيم ڏنو ۽ دعوت تي ويو. بوهڙ تمام سٺو انتظام رکيو هو. بوهڙ انهي تر جا سڀئي سمگلر زميندار گهرايا ۽ سڀ دعوت ۾ شريڪ ٿيا. سڀني سوجو مل کي سٺو داد ڏنو ۽ بوهڙ پاڻ هڪ لونگي انصاف ۽ دليري لاءِ سوکڙي طور پيش ڪيو. ٻه ڏينهن پاڻ وٽ ترسائي پوءِ پاڻ گڏجي رحمڪي سوجو مل کي ڇڏڻ آيو. سرڳيه سوجو مل شادي شريمتي ٿانو، ڌي والم ذات گورڙيو، ڳوٺ ويڙهار تعلقه ڏيپلو سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٻه پٽ ٿيا. هڪ کينرو مل 2. هرچند ۽ نياڻي ڪانه هُئي. ٻئي پٽ پرائمري ماستر ٿيا جيڪي رٽائرڊ آهن. کينرو مل جي پهرين نوڪري مقرري اسڪول ڪٻڙي تعلقه ننگر پارڪر جي آهي، جيڪو ڳوٺ ڪاپڙي خان کوسي جو آهي. جتي کوسا سڀ سوجو مل جا دوست هئا، جيڪي استاد کينرو مل جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. هرچند به هڪ سٺو ۽ مهان استاد هو، جنهن ڪيترين ئي اوندهه دلين ۾ تعليم جي روشنيءَ جا ديپ جلايان جيڪي اڄ به روشن آهن. سوجو مل ميٽرڪ فيل هو پر انگريزي ۽ گرامر ۽ رياضيءَ ۾ تمام سٺي مهارت حاصل هُئس، ٻارن کي پڙهڻ لاءِ همٿائيندا هُئا ۽ شام جي ٽائيم ڳوٺ جي ٻارن کي بنا معاوضي پڙهائيندا هُئا، ۽ کيس تعليم سان گهڻو لڳاءُ هوندو هو. انهيءَ کانسواءِ ڌرم سان لڳا هئڻ ڪري، ڌرمي پستڪ سدائين پڙهندا هئا. ڳوٺ ۾ ست سنگ هوندو هو ته خاص دعوت ڏيئي گهرائيندا هئا، جيئن ڌرمي پرچار، ڀڳتيءَ بابت ٻڌائي سگهي. ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو. ڳوٺ ۾ ڪو فيصلو هوندو هو ته به سوجو مل کي گهرائي، ان جي فيصلي تي عمل ڪندا هئا. ڳوٺ ۾ ڪو آفيسر وغيره ايندو هو ته سوجي مل کي گهرايو ويندو هو ته جيئن آفيسر کي ڪچهريءَ مان مطمعن ڪري. هڪڙي دفعي محمد اسماعيل عرساڻي صاحب، جيڪو ان وقت جو D.I.S ٿرپارڪر هو جنهن جو پروگرام پاٻوهر ۾ ٿيو، استادن سوجو مل کي گهرايو ۽ جڏهن سوجو مل سان ملاقات ڪري ڪچهري ڪئي، ته تمام گهڻو خوش ٿيو، جو ڏيڍ ڪلاڪ وڌيڪ ترسي پيو. انهي کانپوءِ جڏهن به مٺي منزل انداز ٿيندو هو، ته ڪچهريءَ لاءِ سوجو مل کي گهرائيندو هو، ۽ سلام موڪليندو هو. محمد عمر سمون پهرين سپروائيزر تعليم هو، پوءِ SDEO مٺي گهڻو وقت رهيو. اهو سوجو مل جي ڪچهريءَ مان ايڏو خوش هو، جو کيس چوندو ئي گرو صاحب هو. سوجي مل جهڙا بهادر سپاهي، سچا ۽ ايماندار انسان ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن، جنهن تي پوري قوم کي ناز آهي ۽ رهندو. دنيا هڪ مسافر خانو آهي جنهن ۾ ڪي ايندا آهن ته ڪي ويندا آهن، ته ڪي اچڻا آهن. اهو ڀڳوان جي جوڙ جو سلسلو هلندو رهندو، اهڙيءَ طرح تاريخ 30 مئي 1988ع جو هيءُ مهان ۽ آدرشي انسان 73 سالن جي ڄمار پوري ڪري، اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ سندس آتما پرماتما سان وڃي ملي. وڇڙڻ تنهنجو پن ڇڻ جھڙو، منُ منُ اڄ مُرجهايل آهي.

ڏامرو مل ڪاڳيه

( 1922–12–15 کان 2003–8–25) اوهين به ڪي وسارڻ جھڙا آهيو، اوهان سان ته جِيءَ جون جڙيون آهن. اسان جو ڌن ۽ دولت اهوئي آ، اوهان سان گهاريل گهڙيون آهن. سنڌ ۽ ٿر ڌرتيءَ جو اهڙو صوفياڻه مزاج آهي، جنهن پنهنجي ڪُک مان اهڙين مهان، آدرشي هستين کي جنم ڏنو آهي، جن جي خوشبو ۽ هڳاءُ آهي. انهن هميشه پيار ۽ پاٻوهه جو پيغام عام ڪيو ۽ پنهنجي صلاحيتن ۽ فڪر ذريعي پيار جي روشني کي پکيڙيو، ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. اهڙن خوبصورت ۽ سُٺن ماڻهن ۾ هڪ هستي سرڳواسي ڏامرو مل، جنهن تاريخ 1922–12–15 تي سرڳواسي ڌارو مل ڪاڳيه، ڳوٺ جوڳي مڙهي تعلقه مٺيءَ ۾ جنم ورتو، ۽ سندس ماتا شري جو نالو ماڻو ٻائي، ذات ٻڙهيه ڳوٺ نيڻي سر تعلقه مٺيءَ جي هُئي. پاڻ پرائمري تعليم جا 5 درجا پرائمري اسڪول جوڳي مڙهيءَ ۾ پڙهيو، ۽ ستون ڪلاس مٺيءَ مان پاس ڪري، فائينل جو امتحان به پاس ڪيائين. 1949–07–16 ۾ تپيدار جي نوڪري ملي ۽ تپه راجوڙو تعلقه ڇاڇرو ۾ ڊيوٽي تي دخل ڪار ٿيو. انهي کانپوءِ تپو آڌي گام ننگرپارڪر، چونرو تعلقه جيمس آباد، ويرا واهه ننگر پارڪر، هيرار، تڙهمير ڇاڇرو، تڙدوس ڇاڇرو، کاريو غلام شاهه مٺي، مهراڻو، آڌي گام ننگر پارڪر ڇاڇرو، راج واهه جيمس آباد، ڪانٽيو ڇاڇرو، تگوسر ننگر پارڪر، ستي ڏيرا ننگرپارڪر، چيلهار ڇاڇرو، پيٿاپور ننگر پارڪر چوٽل، هاڙهو ننگرپارڪر ۾ تپيدار جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ۽ سال 1949 کان 1983 تائين رهيو. پاڻ شادي شريمتي مان ٻائي، ڌي سومجي جوڳو ڳوٺ سومجي ڍاڻي تعلقه مٺي سان ڪئي، جنهن مان اولاد 3 نياڻيون ۽ 4 پُٽ 1. راڻو مل گارمينٽ ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪري پيو 2. سنڀو مل پوليس هيڊ ڪنسٽيبل 3. ليلارام اڪائونٽس ڪلارڪ ورڪس کاتو ۽ 4. گورڌن دڪاندار آهي. نوڪري ايمانداري ۽ سچائيءَ سان سرانجام ڏنائين. تمام هوشيار ۽ روينيو رڪارڊ جو ماهر تپيدار ٿي رهيو. انهي دور ۾ ڇوت ڇات ۽ مت ڀيد ڪري، ميگهواڙ ماڻهن کي نوڪري ڪرڻ تمام ڏکيو هو. پر هُن پنهنجي دليريءَ سان ۽ قابليت سان نوڪري ڪري پاڻ وڻايو، ۽ ميگهواڙ ذات جي پهرين تپيدار جو اعزاز حاصل ڪيو. گهڻو ڪري ميگهواڙ ڪميونٽيءَ جا ڪم ڪار بنا معاوضي ڪندو هو. سندس ڪيترائي سٺا سٺا دوست هُئا جنهن ۾ ڪاپڙي خان کوسو، مکي نهالچند جيڪي هميشه کيس گهرائي، ڪچهري ڪندا هئا. سوچا تھا تیری سادگی پہ لکھوں گا اک غزل، افسوس کہ تیری تعریف کے قابل لفظ نہیں ملے۔

ڊاڪٽر راڻا سي. راٺوڙ

تارون ڪي اوٽ ۾ چندر ڇپي نهين، سوريه ڇپي نهين، بادل ڇايا. هڪ اهڙو انسان، جو ڪکائين چونري ۾ هڪ مسڪين هاري ماڻهوءَ جي گهر جنم وٺندڙ، ۽ ڪيترن ئي ڏکن، مشڪلاتن ۽ ڏڪاريل حالتن ۾ واريءَ تي هلندي هلندي، ٻاروتڻ جا بهترين ڏينهاڙا وڃائي، پنهنجي مسڪين مائٽن جي آس مطابق پڙهي، هڪ وڏو ماڻهو ٿيڻ لاءِ سوچيندو رهيو ته جيئن پنهنجي ميگهواڙ جاتيءَ جو مانُ مٿاهون ڪري سگهان. اهڙي مهان پُرش بنجڻ لاءِ ڪجلاسر جي ڪامڻين جا ڪجل هارا نيڻ به پرم ٿيا هوندا، ائين ڪنوارن هٿن جي چوڙين جون سرگوٽيون به سڏڪا بڻيون هونديون، مسڪين جهان خان کوسي جو روح به سڏڪيو هوندو، ۽ روپلي ڪولهي جي آتما به اها دعا گُهري هوندي ته ڪاش! ڪو اهڙ مسيحا ٿر جي غلامي ۽ ڇيپ ۽ اڇوتپتي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل جاتين جي ڦٽل تقدير کي سنواري، ۽ سينگارڻ لاءِ پڙهي نور ٿئي، جو مسڪين ماڻهن جي ڏکن، غمن، مشڪلاتن ۽ ايذائڻ جي آگ کي سانوڻ جو بادل ٿي برسي پوي، ۽ سڄو ٿر ڪنهن دوشيزه جي رنگين رئي جيان جرڪي، اُهي ۽ ڪنهن اُچاري وري جي مڌر ڪوڪ ڪنهن وياڪُ ڪامڻيءَ جي سُتل جذبن کي جاڳائي وجهي، ۽ هو پرهه جي پڇاڙڪن پهرن ۾ جنڊ جوٽي، اُجهاميل چُلهه ٻاري سگهي. اهڙو ڪو انسان، جو دل دُکي جنتا جي دردن ۽ لڙن کي پروڙي سگهي اِهڙو ڪو انسان، جنهن جي دل ۾ محبت ۽ پيار جا ديپ ٻرندا هُجن، جيڪي آدرشي اصولن ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن جو پوئلڳ هجي. جنهن وٽ سماج لاءِ سٺي سوچ هجي، جيڪو امن ۽ آشتي جي راهه جو راهگير هجي. آخرڪار اهڙوئي هڪ آدرشي ۽ مهانُ پُرش، ڊاڪٽر راڻا سي. راٺوڙ، جنهن غريب هاري نالي چانپارام ذات جوڳ ڳوٺ چاڙيهار تعلقه ڇاڇرو ۾، تاريخ 10 مئي 1934ع تي هن ڌرتي تي قدم رکيا. سندس ماتا جو نالو شريمتي باري ذات ڪڏيچا هئي. ڊاڪٽر راڻا سي. راٺوڙ ڪُل پنج ڀائور نالي 1. ماستر پرڀو لال 2. اجبو مل 3. مٺو مل 4. ڏيارام 5. راڻا ۽ هڪ ڀيڻ نالي سوهدران آهن. پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ڏاهلي ۽ گڍڙو رامسنگهه ۾، مڊل تعليم ڇاڇرو مڊل اسڪول مان پاس ڪيائين، سال 53-1952ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ان بعد انٽر جو امتحان فرسٽ پوزيشن ۾ سال 1955ع ۾ ڊي. جي. ڪاليج (ڏيارام گدو مل) حيدرآباد مان پاس ڪيائين، سال 1956ع ۾ پهريون ميگهه ونس جاتيءَ جي فرد ايم. بي. بي. ايس ۾ سليڪٽ ٿيو. تمام غريب هجڻ ڪري ڪميونٽيءَ جي استادن ۽ ٻين سوشل ماڻهن هن جي پڙهڻ لاءِ ڪافي مالي مدد ڪئي، ۽ آخر 1961ع ۾ پاڪستان جو پهريون ميگهواڙ، ميڊيڪل آفيسر طور سول اسپتال ميرپورخاص ۾ مقرر ٿيو، اُن بعد ننگرپارڪر ۾ ميڊيڪل آفيسر ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ اي. ڊي. ايڇ. او رهيو سال 1965ع کان 1968ع تائين ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ لس ٻيلا ايٽ شهر ٻيلا ۾ مقرر ٿيو. سال 1968ع کان سال 1971ع تائين آر. ايم. او سول اسپتال ميرپورخاص ۾ رهيو. سندس جھڙو نالو راڻو، تهڙي سهڻي صورت ۽ وري اهڙي جوڙ ماستر کيتارام سنجا ڳوٺ ڀوريلو ۾ نالي مومل جنم ورتو، جا پڻ پنهنجي سوڀيا کان دنگ هُئي. ٻنهي جو جوڙ ڀڳوان جوڙيو ۽ تاريخ سال 1971ع تي راڻا مومل سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس 5 پُٽ نالي ڊاڪٽر جواهر لال، جو اسپيشلسٽ سرجري آهي 2. ڊاڪٽر گوهر 3. ڊاڪٽر سردار 4. انجنيئر نريندر ۽ 5. فنانس آفيسر جيتندر آهن. جيڪي پڻ با اخلاق ۽ پنهنجي پيءُ جو مٽ آهن. راڻا صاحب پاڻ سرجريءَ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهي، جنهن پنهنجي پيءُ جي رستي کي مضبوط ڪيو آهي. سال 1974ع کان 1975ع تائين ايم. ايس ڊگهڙي ۽ هڪ سال لاءِ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾ سينيئر رجسٽرار سرجري رهيو، سال 1971ع کان 1985ع تائين سول سرجن ٺٽو رهيو. جتي ڀڳوان جي قسمت، جو سندس ڌرم پتني مومل سرڳواسي ٿي وئي. جنهن جو کيس وڏو دلي صدمو رسيو. ليڪن پاڻ کي ڏاڍو سنڀالي رکيو ۽ بعد ۾ ٻئي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيائين، ۽ پختو ارادو رکيو ۽ پنهنجي پٽن کي ماءَ وارو پيار ڏيئي پاليو ۽ پنهنجي پٽن تي دل رکي، جو سڀئي پٽ وڏا آفيسر آهن، سال 1985ع کان 1990ع تائين سول سرجن سانگهڙ ۾ هڪ سال لاءِ وري ڊي. ايڇ. او ٺٽو مقرر ٿيو، سال 1990ع ۾ وري سول سرجن سانگهڙ جتان کان فيبروري 1994ع ۾ کين پروموشن ڏيئي 20 گريڊ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ ايٽ حيدرآباد ۾ مقرر ٿيو. جتان 9 مئي 1994ع تي پنهنجي زندگيءَ جا 60 سال پورا ڪري ريٽائرمينٽ ورتي، ۽ ميرپورخاص سٽلائيٽ ٽائون ۾ سندس گهر واري مومل جي ياد ۾، مومل ميموريم ميڊيڪل سينٽر کوليو، جتي پاڻ انسان ذات جي خدمت جا فرض نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر راڻا سي. راٺوڙ خوشيرام ٽرسٽ جو پڻ ميمبر رهيو، جيڪو شيڊيول ڪاسٽس جي غريب شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ مدد ڪري ٿو انهي کانسواءِ 1968ع ۾ ٿرپارڪر سماجي تنطيم جو بنياد رکيو، بعد ۾ 1972ع ۾ جماعت جو نالو بدلائي شيڊيول ڪاسٽ ايسوسيئشن رجسٽرڊ ڪرائي، جنهن جو صدر ٿي رهيو ۽ وڪي ڀمرلال خزانچي ٿي رهيو، ۽ قوم کي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ۽ حوصلو پيدا ڪيو. انهي وقت ڊاڪٽر راڻا صاحب ۽ ڀمر لال گڏجي قوم ۾ تمام گهڻو سڌارو آندو. ڊاڪٽر صاحب سڄي زندگي قوم جي ڀلائيءَ ۾ گذاري، خاص ڪري ميگهه ونس ۽ پنهنجي ڀائورن جي اولاد جو پڻ سٺو سهارو بڻيا جيڪي سڀ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين وڏن عهدن تي فائز آهن. ڊاڪٽر صاحب هن وقت ڪافي وڏي عمر جو ٿي چُڪو آهي، پر آرام ڪرڻ بجاءِ سندس دلي تمنا آهي، ته پنهنجي غريب ميگهواڙ جاتيءَ جي شيوا ڪريان، انهن جي ڪم اچان. پنهنجي پيشي سان ايترو سچو آهي جو اڃا تائين ٿورڙي في ته به غريبن جو علاج ڪري ٿو، ۽ ماڻهن جون دعائون حاصل ڪري رهيو آهي. اسان جي قوم ۾ اهڙا آدرشي انسان گهٽ پيدا ٿيا آهن، جيڪي ٻين جي لاءِ ٿر جي وڻ وانگر ڇپر ڇانوَ بڻيل هجن.

پروفيسر ڊاڪٽر لؤُنگ اُميداڻي

کرڪڻا لاهي سُک نه سُتا ڪڏهين، اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. (شاهه) هن سنسار ساگر ۾ انسان جي ذهني تربيت گهڻن ئي ذريعن سان ٿئي ٿي. پر مکيه شايد ٻه آهن، هڪ چڱن ماڻهن جي صحبت وسيلي، ۽ ٻيو سٺن ڪتابن پڙهڻ سان. سائين ڊاڪٽر لؤُنگ اُميداڻيءَ کي ٻئي نعمتون نصيب ٿيل آهن. کيس علم جو سمنڊ ڪوٺيو وڃي ته به وڌاءُ ڪونهي. مونکي سندس جنهن ڳالهه متاثر ڪيو، سو آهي سندس اعليٰ اخلاق. اخلاق ئي انسانيت جو معراج آهي. اهو ابتدائي سبق کيس سندس پتا، شري وسنداس اُميداڻيءَ کان نصيب ٿيو. انسانيت ذات روز اول کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪا به ترقي ڪئي آهي، ان جو راز سهپ ۾ سمايل آهي. سهپ انساني تهذيب جو روح آهي. جنهن انسان ۾ سهپ نه آهي ته اُن ۾ ماڻهپو ڪونهي. جنهن انسان ۾ گهڻي ۾ گهڻي سهپ آهي، اُهو صحيح معنيٰ ۾ مهذب انسان آهي. چوندا آهن ته هٿ جون پنج آڱريون برابر نه آهن، ۽ قدرت جي گُلستان ۾ هر قسم جا گل ۽ ڪنڊا موجود آهن. پر هيءُ هڪ اهڙو گُل آهي، جنهن ۾ ايڏي ته سهپ آهي جو سوچيندو آهيان ته هن شخص کي سڄي عمر ۾ ڪڏهن ڪاوڙ آئي آهي يا نه؟ مون کي ساڻس پهريون ڀيرو ملاقات، ڪراچيءَ ۾ سرڳواسي پروفيسر هوتچند ڳهلڙو جي جاءِ تي نصيب ٿي. تنهن کانپوءِ سندس ٻيو ديدار اڄ تائين نصيب نه ٿيو آهي. ڊاڪٽر لؤُنگ اُميداڻي صاحب تاريخ 7 جنوري 1957ع ۾، مهان استاد شري وسنداس جئپال، ڳوٺ نصيرخان لغاريءَ ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ريکي ٻائي، ذات پنئار، جيڪا اصل ڳوٺ باغ واهه لڳ حيدرآباد جي هئي، ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد سندس مائٽن لڏي اچي مسڻ وڏي، تعلقه ٽنڊوالهيار ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڊاڪٽر صاحب پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول چمبڙ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ سنڌ ماڊل هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار مان، ۽ 1973ع ۾ انٽر مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. سال 1983ع ۾ MBBS لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائينسز (LUMHS) ڄامشورو سنڌ مان پاس ڪئي، 1986ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو. سندس پهرين مقرري ميڊيڪل آفيسر طور سال 1987ع ۾ هاءِ اسڪول ڏانو دانڌل، ضلع ٿرپارڪر ۾ هيلٿ ڪلينڪ ۾ ٿي. هڪ سال رهڻ بعد 1988ع ۾ ميڊيڪل آفيسر B.H.U نصير خان لغاري ڳوٺ ۾ مقرر ٿيو. 2008ع ۾ M.Phil ايڪيولينس ريڪگنيشن يونيورسٽي آف ڪراچيءَ مان ڪئي، ۽ سال 2011ع ۾ Ph.D ميڊيڪل ۽ هيلٿ سائينسز يونيورسٽي آف ڪراچيءَ مان ڪئي. پاڻ شادي شريمتي چمپا ديوي، ڌي استاد نولراءِ لالچنداڻي، ذات جوڳو ڳوٺ محسن ڏگها تعلقه ٽنڊوالهيار مان ڪئي. جنهن مان کيس اولاد پنج پٽ آهن. 1. انيل ڪمار جو MBBS ٿرڊيئير ۾ آهي. 2. اروند ڪمار جيڪو چارٽرڊ اڪائونٽ اي. ماڊيول ڪري پيو. 3. رابندر ڪمار جيڪو چارٽرڊ اڪائونٽ اي. ماڊيول ڪري پيو. 4. نريندر ڪمار انجنيئري پڙهي پيو. 5. ڪرشنا مورتي چارٽرڊ اڪائونٽ اي. ليول ۾ پڙهي پيو. ڊاڪٽر صاحب 1988ع کان 1991ع تائين ڊمانسٽريٽر اينا ٽومي (PMC) پيپلز ميڊيڪل ڪاليج فار گرلس نواب شاهه ۾ ڪم ڪيو. 1991ع کان 2000 تائين ساڳئي يونيورسٽيءَ ۾ انسٽرڪٽر جي پوسٽ تي ڪم ڪيو. سال 2006ع کان 2012ع تائين انسٽرڪٽر ايناٽومي آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ مقرر رهيو، ۽ سروس ڪئي. 2012ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آف ايناٽومي تائين يونيورسٽي ڪاليج آف ميڊيسن ۽ ميڊيڪل سائنس (Taif KSA) ۾ مقرر ٿيو. 2013ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ايناٽومي ڪنگ سعود بن عبدالله يونيورسٽي، (هيلٿ ۽ سائينس سبجيڪٽ) (KSAU -HS) الرياض ڪنگڊم آف سعودي عربيه (KSA) ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر لؤُنگ اُميداڻي صاحب کي مختلف ميڊيڪل يونيورسٽين کان سٺي ڪارڪردگيءَ جي مڃتا طور ايوارڊ مليا آهن. جنهن ۾ سال 2011ع ۾ آغا خان يونيورسٽي طرفان ايوارڊ مليو. 2006ع ۾ پاڪستان ميڊيڪل ريسرچ ڪائونسل طرفان ايوارڊ مليو ۽ اهڙي طرح ٻيا به ڪافي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. انهي کان سواءِ مختلف ادارن ۽ تنظيمن ۾ مکيه ميمبر طور ڪم ڪيو آهي. هن سائنس جي ميدان ۾ ڪافي ريسرچ ڪئي. جهن ۾ انسان جي بيمارين مطابق ۽ دوائن بابت ڪافي ريسرچ ڪئي ۽ هن يوناني ۽ آيورويد دوائن تي به ريسرچ ڪئي. سندس ڪافي ريسرچ پيپر پبلش ٿيا آهن. انهي کان علاوه سنڌ ٽي. وي. نيٽ ورڪ طرفان ۽ KTN نيٽ ورڪ طرفان، ڊاڪيومينٽري پروگرام ”سنڌ جي سُرهاڻ“ صوفي ۽ ناٿ 4 سيريز ۾ رڪارڊ ڪيا، ۽ پهرين ٽي وي ڊاڪيومينٽري 40 منٽ ايئر پروگرام ۾ هلي. پاڻ هڪ سٺو گويو آهي ۽ شرڪت ڪندو آهي. جيڪي سٺين ڪلاسيڪل، سيمي ڪلاسيڪل ميوزڪ ووڪل/ سنگر ۽ انٽرومينٽل ايڪونامڪ ۽ ڪلچرل سينٽر شانتي نگر ڪراچي، رنگون والا ڪلچرل سينٽر ڪراچي، آغا خان يونيورسٽي ڪراچي، ۽ ملٽيپل پليسز آف دي ڪنٽري سال 2006ع کان اڄ تائين شرڪت ڪندو رهيو آهي. انهي کان علاوه ٽيليويئن پروگرام ۾ پبلڪ ٽاڪ مشهور شاعر ڪبير، حضرت روحل فقير ۽ ميرا ٻائي، (Poets of Asia) شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي وغيره بابت TV ميڊيا تي ڳالهه ٻولهه روحانيت تي ڪئي. پاڻ بيسڪ انڊين راڳ ٽريننگ ڪورس Bs-Bihari ڀڳت ايڪيڊمي رڻڇوڙ لائين ڪراچيءَ کان ورتي. بنيادي ڪورس طبله رڌم استاد يوسف عيسيٰ ڪرسچن، ڪالوني سوڪ سينٽر ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. انهي کانپوءِ ڪلاسيڪل راڳ جي ٽريننگ پنڊت استاد تاراچند صاحب ڀٽ شاهه سنڌ جيڪو سنڌ، جي مشهور گائڪ استاد بڙي غلام علي خان ۽ استاد بڙي سلامت علي خان لاهور جو شاگرد آهي، انهيءَ کان سکيا حاصل ڪئي. سندس ڪردار تي لکيو وڃي ته ڪتاب ڀرجي ويندو، پاڻ هڪ ڌارمڪ انسان، گائڪ، ڌرماتما، سماجڪ سڌار ۽ قوم جو بهترين ۽ صابرين شخص آهي، جنهن تي پوري ميگهواڙ جاتيءَ کي فخر ۽ ناز آهي ۽ رهندو، سندس ڪچهريءَ ۾ ويٺلن تي وجد طاري ٿي ويندي آهي. ڪافي ڌرمي پرچار ڪري ماڻهن جو من موهي وجهندڙ، هڪ خوشبو دار گُل آهي، جنهنجي مهڪ موهي وجهي ٿي. ساچ برابر تپ نهين، جهوٽ برابر پاپ، جاڪي هِردي ساچ هئي، تا هردي گرو آپ.

ڊاڪٽر بيکچند پرمار

سوران نان سنگرام، سر پُڙي پرڌڙ لڙي، جينون هاڏ حرام، آگڙ آوي اڻکيه. پارڪر جي پويتر ڀومي جنهن سگاڙچند، مسڪين جهان خان کوسو جهڙا مهان انسان، سائين ڪرشن لال جنهن نئين نسل کي علم، فلسفي شعور ۽ نئين سائنسي سوچ ڏني، ۽ علم جي دولت سان نئين نسل کي مالامال ڪيو ته انهي پويتر ڌرتيءَ تي هڪ مهان ڊاڪٽر شري بيکچند پرمار سال 1948ع ڌاري هڪ غريب گهراڻي ۾، سرڳيه کينگهو مل پرمار جي گهر، ڳوٺ سامي ويري تعلقي ننگرپارڪر ۾ جنم ورتو. سندس ماتا شري گنگا ٻائيءَ جي هنج ۾ ٻاتا ٻول ٻوليندڙ هيءُ ٻالڪ، پرائمري تعليم جي لائق ٿيو ته سندس پريه ڀاءُ لڇمڻ داس پرمار، جيڪو پاڻ ماستر هو. 1954ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ساميويري ۾ کيس داخل ڪرايو. اتان پرائمري تعليم 1959ع ۾ مڪمل ڪري، مڊل اسڪول ننگرپارڪر ۾ ڇهون، ستون ۽ اٺون پڙهيائين. ڊاڪٽر صاحب پاڻ انسانيت جي مڙني اعليٰ گڻن سان گڏوگڏ ذهين ۽ محنتي هُئا. سندس ذهانت ۽ محنت جي ڪري ڪاميابيون سندس پير چمڻ لڳيون، ۽ علم حاصل ڪرڻ جون راهون آسان ٿينديون ويون. مڊل پاس ڪرڻ کانپوءِ نائون ۽ ڏهون هاءِ اسڪول مٺيءَ مان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. ان وقت سفري سهوليتون ميسرنه هجڻ، رهائش ۽ غربت جي مسئلن سان مهاڏو اٽڪائي به، 1965ع ۾ ميرپورخاص شاهه عبداللطيف ڪاليج جي دروازي تي دستڪ هنيائين، ۽ پري ميڊيڪل ۾ داخلا ورتائون، علم جي اُڪير ايتري ته وڌي ويئي، جو غربت جا گهاءَ به ڪجهه نٿي ڪري سگهيا. سندس اڻٿڪ محنت جي ڪري پاڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊجي ويو. LMC ڄامشورو مان MBBS جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ، سال 1973ع کان 1976ع تائين وليڪا اسپتال ڪراچيءَ ۾ سکيا حاصل ڪئي. جتي هڪ استاد کيس جرمن ٻولي سيکاري جرمن ٻوليءَ جي مهارت ملڻ تي پاڻ جرمن ملڪ ۾ وڃي نوڪري ڪرڻ جي ارادو ڪيائون. پر مسئلو ڀاڙي خرچ جو هو. پر ان کان وڏو مسئلو 1971ع پاڪستان ۽ هندوستان جي جنگ لڳڻ جو هو. جنهن ڪري سندس پريوار انڊيا لڏي ويو پر ميگهه ونس جي تاريخ رقم ڪرڻ ۾ هن پرمار پريوار جي سپاتر پاڻ ملهايو. ڊاڪٽر صاحب ان وقت ننگرپارڪر جو هڪ سيٺ ڪراچيءَ ۾ رهيو پي، پاڻ سيٺ کي عرض ڪيائين ته مونکي جرمني وڃڻو آهي، انهي لاءِ توهان جي مدد جي ضرورت آهي. سيٺ فراخدل هو جنهن هن غريب ڳوٺاڻي جي همت وڌائي ۽ پئسا ڏيڻ جو اظهار ڪيو. تنهن تي ڊاڪٽر صاحب حڪومت پاڪستان کي جرمني وڃڻ لاءِ درخواست ڪئي، ۽ منظوري ملڻ تي 1976–6–01 تي جرمني هليا ويا، ۽ پوءِ اُتي جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ اُتي جي هڪ جرمن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري، اُتي ئي رهي، پيا ۽ جرمن ۾ نوڪري به ملي ويئي. سال 1975ع کان 1996ع تائين R.M.O Anaesthesiology, Kaiserslautem جرمنيءَ ۾ رهيو ۽ 1980ع کان 1996ع تائين ڪنسلٽنٽ Anaethesiologist Kaiserslautem جرمنيءَ ۾ نوڪري ڪئي. انهي کانپوءِ سال 1996 کان 2013ع تائين فائونڊر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ پين ميڊيسن جرمني West Pfals Kliuikun Kaisevsern رهيو. هاڻي رٽائرمينٽ ڪئي اٿس.

ڊاڪٽر اڀيمن

هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ، وجهن تا نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾. (شاهه) هر انسان جو سينو هڪ اهڙو خزانو آهي، جنهن ۾ هزارين هيرن، موتين جھڙيون خصلتون، خوبيون ۽ فضيلتون موجود هونديون آهن. ان سان گڏ منجهس هڪ ماڻهو ٿي، انسان ذات جي خدمت ڪرڻ جو جذبو به هوندو آهي. اهڙوئي هڪ مهان شخص شري ڊاڪٽر اڀيمان صاحب آهي، جنهن تاريخ 1961–04–14 تي هڪ آدرشي استاد، سرڳيه اجيم داس پنئار ڳوٺ تگوسر تعلقي ننگرپارڪر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڪملا ڌي اگرو مل، ذات کوکر، ڳوٺ مهڪي جو تڙ تعلقي ڇاڇري جي هئي. کيس پاڻ ٽي ڀائر آهن. وڏو موهن لال جو پوليس کاتي ۾ آهي. ٻيو نمبر ڀاءُ انب ڪارونجهري، جيڪو پاڪستان اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ انجنيئر، جنهن کي سنڌ ٻوليءَ وارن فسادن دوران مظاهري ڪرڻ وقت گوليون لڳيون ته معذور ٿي ويو. ٽيون نمبر ڊاڪٽر پاڻ آهي. سندس پتا سرڳيه اجيم داس هڪ سنڌي ماستر هو، جنهن مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪئي. ڊاڪٽر اڀيمان جڏهن ڇهن مهينن جو هو، ته سندس ماتا ڪملا سرڳواسي ٿي ويئي. انهي کانپوءِ سندس پتا ٻي شادي ڪرڻ بجاءِ پنهنجن پٽن جي پرورش ۽ تعليم تي ڌيان ڏنو، ۽ پٽن جي ماءُ ۽ پيءُ جي حيثيت سان پالنا ڪئي. ڊاڪٽر صاحب پرائمري تعليم ڊگهڙي ۾ حاصل ڪئي، ميٽرڪ ميرواهه گورچاڻي هاءِ اسڪول مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ نمبر ۾ پاس ڪيائين. سندس نالو هاءِ اسڪول جي بورڊ تي لکيل آهي. انهي وقت هڪ اڻوڻندڙ واقعو ٿيو، جنهن ۾ ٽيئي ڀائر جيل جي حوالي ٿيا. آزاديءَ لاءِ سڀني ڪوشش ڪئي ۽ نيٺ آزاد ٿيا، هو جيل ۾ جيلر جي ٻارن کي پڙهائيندو هو، ۽ انهي کانپوءِ انٽر پاس ڪيائين. آزاد ٿيڻ کانپوءِ ترت ئي کيس سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ملي، ۽ MBBS پاس ڪيائين. انهي دؤر ۾ ڊاڪٽر عزيز چانگ، جيڪو پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو چيئرمن هو ۽ شري ڪانجي مل انجنيئر جي ڪراچيءَ ۾ نوڪري هئي، جنهن انهي ڳالهه تي اصرار ڪيو ته اوهان USA وڃو، انهيءَ ۾ ٻن ساٿين به جوڳي مدد ڪئي ۽ هو آمريڪا هليو ويو. تنهن کانپوءِ سندس شادي شريمتي ڪملا ڌي انجنيئر ڪانجي مل، ذات کيهاڙا اصل ڳوٺ چارنور تعلقي ڇاڇرو، پر1971ع ۾ لڏي اچي عمرڪوٽ رهائش ڪندڙ هئي، تنهن سان ٿي. جنهن مان کيس اولاد هڪ اينشا، جا پنهنجي قابليت تحت جارج ڊبليو بش جي ڪاليج ۾ پڙهندي آهي، کيس ٽيڪساس اسٽيٽ ۾ فرسٽ پوزيشن تي داخلا ملي. ان ڪاليج ۾ انتهائي ذهين ترين شاگردن کي داخلا ملندي آهي. انيشا پهرين پاڪستاني ڇوڪري آهي جيڪا وائيلن وڄائيندي آهي. هُن جرمني، آسٽريليا ۽ هنگري اسڪولن ۾ پرفارمنس ڪري مهانتا ماڻي آهي. انهيءَ کانسواءِ پاڪستان جي پهرين نياڻي آهي، جيڪا پرائيويٽ اسڪول آمريڪا جي هاڪيءَ جي هوشيار رانديگرياڻي مڃي وڃي ٿي. هڪ پٽ اشرن پڙهي پيو، جيڪو پاڪستان جو پهريون ميگهواڙ آهي، جنهن آمريڪا جي سرزمين تي جنم ورتو. پاڻ ٻارن سان گڏ هوسٽن USA ۾ رهي ٿو، ۽ هن وقت آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ وڏو سرجن آهي. سندس دلي خواهش آهي ۽ ميگهواڙ جاتيءَ کي وينتي ٿو ڪري ته ٻارن کي تعليم ڏيو، ڏياريو ۽ دنيا ڏسو ۽ سهپ جو مادو پيدا ڪريو، ته هڪ ڏينهن مهان پد تي پهچي سگهو ٿا. ڊاڪٽر اڀيمن هڪ وڏو مهمان نواز شخص آهي. آمريڪا ۾ پاڪستان جون ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون شخصيتون سندس گهر رهيون آهن، جنهن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي فيملي وارا، قادر مگسي، رسول بخش پليجو، مهيش ملاڻي، ڊاڪٽر عزيز خان، سونو کنگهاراڻي، مير ارباب، جامي چانڊيو، ڪانجي رام پنجاب ايم. پي. اي وغيره شامل آهن. کيس خدمت ڪرڻ سان سڪون محسوس ٿيندو آهي.

ڊاڪٽر آنٻو ڪلاڻي

ڪنو نه ڪمائبو، او ماکيءَ جي مک، ڀل تون اُن کي چک، ان ۾ ماکي اڻمئي. دنيا ۾ تمام اهڙا ٿورا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي زندگيءَ ۾ وڏا مقصد کڻي پيدا ٿيندا آهن. پوءِ انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ اُهي پنهنجي سموري زندگيءَ جدوجھد ڪندا رهندا آهن. اهڙي هڪ سچي، اصول پرست شخص شري ڊاڪٽر آنٻو ڪلاڻي ميگهواڙ، تاريخ 1948-08-10 تي مٺي شهر ۾ آنجهاني بچو مل ٻڙهيه جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو سيلهان ڌي چاندو مل ڪڏيچه ڳوٺ مان ٻائي جو تڙ تعلقه ڇاڇري جي هئي. پاڻ شادي سال 1978ع ۾ شريمتي پوران، ڌي شري سڄڻ مل جيڪو هڪ مهان تعليمي سپروائيزر ايڊيوڪيشن آهي، شهر اسلام ڪوٽ جي گهران ڪئي. کيس ٻه ڀاءُ، وڏو سرڳواسي تنو مل جيڪو سنڌ سمال انڊسٽريز ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو، ۽ تاريخ 2012-06-10 تي هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو. ٻيو ڀاءُ، جيڪو ننڍو آهي شري امولک، جيڪو هڪ ٺيڪيدار ۽ مٺي شهر جو سٺو رازو آهي. کيس اولاد هڪ پٽ، ڊاڪٽر شري تيرٿداس BDS FCPS آهي، ٻه نياڻيون هڪ ڀاشا، جيڪا شادي شده آهي ۽ ٻي جين، جيڪا ڪلاس اٺين ۾ پڙهي رهي آهي. پاڻ پرائمري تعليم لوڪل بورڊ پرائمري اسڪول مٺيءَ مان حاصل ڪئي. 1965ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان سيڪنڊري هاءِ اسڪول مٺي، حيدرآباد بورڊ مان پاس ڪيائين، سال 1967ع ۾ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل گروپ) شاهه عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن حيدرآباد مان پاس ڪيائين، ۽ 1973ع ۾ MBBS ڊائو ميڊيڪل ڪاليج يونيورسٽي ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پهرين سروس ڪيوئلٽي ميڊيڪل آفيسر طور 1974-06-19 تي، ڊپارٽمينٽ آف ڪيوئلٽي سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ مقرر ٿيو، جتي انهي پوسٽ تي ڊسمبر 1975ع تائين رهيو. انهيءَ کانپوءِ 1977-12-13 کان 1978-02-11 تائين ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر طور، ميڊيڪل يونٽ 3، سول اسپتال ڪراچي ۾ ڪم ڪيو. 1976ع کان 1982ع تائين نرسنگ ٽيچر ميڊيسن سبجيڪٽ ۾، سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ ايڊيشنل پوسٽ طور ڪم ڪيائين. 1978-02-12 کان 1982ع تائين ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر يونٽ 2 سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪيو. 1976ع کان 1982ع تائين ايڪٽو ميمبر ۽ سيڪيٽري فار ميمبرشپ ڊزائيوسب ڪاميٽي آف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ٿي رهيو، پر سندس اڏام اڃا به آسمان کي ڇهڻ جي هئي. سال 1979ع ۾ کيس فيلوشپ ڪلينيڪل فارماڪولاجي فرام مرڪ شارپ، ۽ ڌوم ڊپارٽمينٽ آف فارماڪولاجي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا لاس اينجلس، ڪئليفورنيا 90024 U.S.A. لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو. 1982ع کان 1986ع تائين چيف ميڊيڪل آفيسر طور سيپلي ڪلينڪ سيپلي بينڊل اسٽيٽ نائجيريا ۾ ڪم ڪيو. وري 1989ع ۾ جوائين ڪيائين، تنهن کانپوءِ چيف ميڊيڪل آفيسر اگهاريوا اسپتال 14 ماريا گوريٽي روڊ، بينن سٽي نائجيريا ۾1989ع کان 1999ع تائين ڪم ڪيو. 1999ع ۾ واپس پاڪستان آيو، جتي 1999ع کان 2012ع تائين سينيئر ميڊيڪل آفيسر، ڊپارٽمينٽ نيرولاجي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي، ۽ ٽرانسپلانٽيشن (SUIT) طور ڪم ڪيو. هن وقت آگسٽ 2012ع کان وٺي انچارج، پرائمري هيلٿ ڪيئر سينٽر (SUIT) ڪاٺوڙ، ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر آنٻو ڪلاڻي مرض سڃاڻڻ جو ماهر آهي، جو بنا ٽيسٽ ڪرائڻ جي مرض سڃاڻي ٿو، ۽ علاج ڪري ٿو. ڊاڪٽر آنٻو ڪلاڻي هڪ هوشيار، محنتي، ايماندار ۽ اصول پرست شخص آهي. پنهنجي ڊاڪٽري پيشي سان سچو رهيو آهي. ٿر کان ويندڙ ڪيترن ئي غريب مريضن کي صلاح ڏيڻ، ۽ علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو رهي ٿو. صفائيءَ جو خاص خيال رکي ٿو. روزانه پرڻيام ۽ ورزش ڪرڻ جو عادي آهي، تنهن ڪري سندس صحت تمام سٺي آهي، ۽ سڀني ماڻهن کي هدايت ڪندو آهي، ته روزانه پرڻيام ڪريو ۽ پنهنجيون بيماريون ڀڄايو.

ڊاڪٽر نيٻراج چنداڻي

تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا، جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع، صاحب ڏي شفا، ميان مريضن کي. (شاهه) ٿر جي ٿڌڙي واري واريءَ علائقي ۾ ميگهواڙ جاتيءَ جا ڪيترائي ڊاڪٽر آهن، جيڪي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن، ۽ جن پنهنجو نانءُ ڪمايو آهي، پر هڪ مشهور ۽ وڏو ناليوارو ڊاڪٽر، جو هميشه ٿر واسين جي خدمت ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، اهو آهي ڊاڪٽر نيٻراج ولد رتنچند، ذات کوکر رهندڙ مٺي شهر جنهن 6 آگسٽ 1949ع تي جنم ورتو. چار درجا سنڌي پڙهڻ بعد انگريزيءَ ۾ ٽي درجا پڙهيو 1964ع ۾ ڏهون ، 1966ع ۾ انٽر ۽ 1973ع ۾ ايم بي بي ايس ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين، ۽ بعد ۾ ايم سي پي ايس جو به امتحان ڏنائين 1977ع ۾ عباسي شهيد اسپتال ۾ جاب ڪئي، جتي آر ايم او ۽ بعد ۾ رجسٽرار ٿي رهيو. فيبروري 1978ع ۾ لبيا جي آرمي اسپتال ۾ فزيشن ٿي رهيو، بعد ۾ آرمي سليڪشن سيل طرفان سول اسپتال ميڊيڪل بورڊ جو چيئرمين ٿيو. جتي 10 سال نوڪري ڪري واپس وطن وريو. 1982ع ۾ ڪستوري، ڌي سومجي ولاسائي، شهر ڏيپلو سان شادي ڪيائين. سندس ماءَ جو نالو ٺاڪران وائوري، ڳوٺ مينهل بجير جي هئي. 1990ع ۾ پنهنجي ٻارن سان گڏ ٽن مهينن لاءِ هندستان گهمڻ ويو. کيس ٽي ڀائر ٿانئو مل، گوپال ۽ سوائي مل هئا، جيڪي وفات ڪري ويا. کيس هڪ پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي، جن ۾ امرديپ، امرتا، آڀا، اميتا شامل آهن. امرديپ ۽ امرتا لبيا ۾ پيدا ٿيا. امرديپ بي اي ڪئي، جڏهن ته امرتا سول اسپتال مٺيءَ ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر آهي. آڀا ايم بي بي ايس فائينل ايئر ۽ اميتا ايم بي بي ايس سيڪنڊ ايئر ۾ پڙهن ٿيون. ڊاڪٽر نيٻراج کي ناني جو نالو ۽ ذات ته وسريل آهي، پر ماڻهپي ۾ وڏو ويساهه رکي ٿو.

دادي لالي ٻائي سُرتاڻي

(1926–05–01 کان 2008–07–08) لوگ مسجد ۾ جنت تلاش ڪرتي هين ”غالب“، فرصت اتني نهين هوتي که، قدم مان ڪي چوم لين. اسان جي ميگهه ونس قبيلي جي عورتن به علم حاصل ڪري، مردن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي، پنهنجي مظلوم قوم جي فلاح بهبود لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. انهي مان سر فهرست دادي لالي ٻائي، جنهن جو جنم ڳوٺ چيلهار، تعلقه ڇاڇرو ٿرپارڪر ۾، مورخه پهرين مئي 1926ع تي پٽيل ميگهو مل سُرتاڻي ٻڙهيه جي گهر ٿيو، سندس ماتا ڀاڳان ٻائي پڙهيار جو ڳوٺ مالڻهور ويڻه تعلقه مٺيءَ جي هئي. سندس شادي هڪ مهان استاد ساهو مل نگاڻي، ڳوٺ ڪانڪيو تعلقه ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ، 1. شري نولراءِ D.O ۽ هيڊماستر هاءِ اسڪول چيلهار ٿي رهيو، هاڻي رٽائرڊ آهي 2. شري امولک ٿري، هيڊ ماستر هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد، هڪ شاعر ۽ اديب آهي، هن وقت رٽائر آهي. هڪ نياڻي نالي شانتي ٻائي، جيڪا هيڊ مسٽريس، گرلس هاءِ اسڪول جُهڏو آهي. دادي لالي ٻائي پنهنجي چاچي رائچند راٺوڙ (مصنف تاريخ ريگستان) ۽ سندس ڀاءُ ڀانو مل ميگهو مل سُرتاڻي جي ڪوشش سان، وڏي جاکوڙ ڪندي ان دؤر ۾ تعليم پرائيٗ جنهن دؤر ۾ هڪ عورت جو تعليم يافته هئڻ عجب جهڙي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. دادي لالي ٻائي جن حالتن ۾ تعليم پرائي، انهي نموني سان سوچي به نه ٿو سگهجي ته اهڙي سختيءَ واري ماحول ۾، جتي استاد، هڪ ميگهواڙ شاگردياڻي هجڻ ڪري، سندس سليٽ کي هٿ لائڻ به نه چاهينديون هجن، اهڙي ماحول ۾ پڙهي، سنڌي فائينل جي امتحان ۾ سنڌ صوبي ۾ سال 1941ع ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اهم ڪم هماليه جبل جي چوٽي سر ڪرڻ کان به وڌيڪ مشڪل هو. سندس پرائمري استاد جي حيثيت سان سندس پهرين مقرري ميرپورخاص ويجهو اسڪول کاڻ ۾، 5 آڪٽوبر 1943ع ۾ ٿي. پوءِ پنهنجي ور، ماستر ساهو مل نگاڻيءَ سان گڏ مختلف هنڌن جھڙوڪ ڊيگاڻ، چيلهار، ڀوريلو ۽ کڏي جان محمد رند ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجا فرض پورا ڪيا. دادي لالي ٻائي کي پاڪستان جي ميگهه ونس جي پهرين عورت استاد هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. انهي عورت، جنهن ايندڙ نسلن جي نياڻين جي لاءِ تعليم جا دروازا کولي ڇڏيا، جيڪا نه صرف پاڻ پڙهي پر پنهنجي اولاد کي پڙهايائين، ۽ پوءِ ٽنڊو محمد خان جي ٻن ٽن نسلن جي استاد ٿي رهي. جڏهن ٽنڊو محمد خان جي ڪنهن به گهٽي مان سندس لنگهڻ ٿيندو هو ته هر ماڻهو عزت وچان اهي لفظ چوندو هو ته اسان جي دادي آهي. انهيءَ کان مٿي سندس عظمت جو ڪهڙو مثال ڏجي. دادي ليلا جسماني طور تي قد جي ننڍي هئي، پر سندس علمي ۽ سماجي طور تي شخصيت ايڏي ته قداور هوندي هئي، جنهن سان برابريءَ جي هام هرڪو هڻي نه ٿو سگهي. ٿر ۾ واسطيدار ماڻهوءَ جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻي هجي، ته سندس ڀاءُ ڀانو مل ۽ دادي لالي ٻائيءَ کان ويهي پڇجي، اوترو انهن ڌڻين کي ڄاڻ نه هوندي، جيتري قدر پاڻ انهن جي اُپٽار ڪندا. حقيقت ۾ ٻئي هڪ قسم جي انسائيڪلوپيڊيا هئا. 28 مئي 1956ع کان وٺي 31 آگسٽ 1982ع (رٽائرمينٽ) تائين پنهنجي سروس جا باقي 26 سال، ٽنڊوجان محمد تعلقه ڊگهڙي ضلع ميرپورخاص ۾ رهي. جتي هُن پنهنجي محنت جفاڪشيءَ سان نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو، اهڙو مثال مشڪل سان ملندو ۽ سندس اهو ڪردار ڪڏهن به وسارڻ جوڳو نه آهي. سندس تعليم جي جلايل ديپ، هر ميگهه ونس نياڻين جي هِردي ۾ تا حيات جلندي رهندي، ۽ علم جي هن چندن جي وڻ جي سُرهاڻ پوري ٿر جي ڀٽن، ڏوهرن ۽ هر جهوپي جهوپي ۾ اڄ به محسوس ٿيئي ٿي. اهڙي مهان هستيءَ کي پرنامَ! دادي لالي آخر تاريخ 18 جولاءِ 2008ع تي هن فاني سنسار کي الوداع ڪيو. ۽ هيءَ امر آتما پنهنجي پرماتما سان وڃي ملي. سندس مڙهه پنهنجي اباڻي ڳوٺ چيلهار، تعلقي ڇاڇرو ۾ پنهنجي ڀاءُ ۽ وَر سان گڏ آرامي آهي.

ڪملا ڌناڻي

صورت سي ڪيرت بڙي، جو بنا پانک اڙجائي، صورت تو جاتي رهي، ڪيرت ڪبو ئي نه جائي. سنڌ ۽ ٿر جي سونهاري سونَ ورني ڌرتي ڪيترين ئي سپوت، ۽ سُندر نياڻين کي جنم ڏنو آهي، جيڪي ٻاٽ ۾ لاٽ لڳن ٿيون. اسان جي ٿر جو خطو، جيڪو امن آشتيءَ سان گڏ علم ۽ ادب سان مالا مال رهيو آهي. دادي لاليءَ کان وٺي سنڌ جي ڪوئل مائي ڀاڳي، ۽ ڪملا ڌناڻيءَ جهڙي استاد، جيڪا درسگاهن جي دلڪشين جو ڪارڻ بڻي آهي. پنهنجي نوڪريءَ کي روزگار نه سمجهيو پر صلاحيتن جي سرهاڻ، مختلف ذهنن ۾ منتقل ڪري، معاشري جي نياڻين کي تعليمي مهڪ سان معطر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي مهان ميگهواڙ جاتيءَ جي استادياڻيءَ هر ماڻهوءَ جي نياڻين کي پنهنجي اولاد وانگر سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جون هدايتون ڪندڙ هي ناري، سچ ته تعليم ۽ اخلاق جو ادارو لڳندي آهي. اها مهان هستي ڪملا ڌناڻي، مٺي شهر ۾ گڍيءَ جي گود ۾، هڪ وديا ساگر انسان، جنهن به پوري زندگي پنهنجي محنت ۽ لگن ۽ سچائيءَ سان علم جي روشنائيءَ جي اڃ اجهائيندڙ مانائتي استاد، شري ساجن داس چنداڻي کوکر جي گهر، تاريخ 10 مئي 1954ع جو اک کولي. سائين ساجن داس چنداڻي صاحب هيڊ ماستر هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد طور پنهنجي نوڪريءَ جا 60 سال ايمانداري ۽ سچائيءَ سان پورا ڪري، رٽائرمينٽ ورتي، ۽ هينئر هن سنسار مان موڪلائي ويو آهي. ڪملا جي ماتا جو نالو تيجان، ڌي بنو ذات ٻڙهيه، ڳوٺ چيلهار تعلقه ڇاڇرو، ضلع ٿرپارڪر جي آهي. جيئن ته ڪملا جو پتا ٽنڊو جان محمد ۾ نوڪري ڪندو هو، تنهن ڪري ڪملا پرائمريءَ جا 5 ڪلاس 1966ع ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٽنڊو جان محمد مان پاس ڪيا. ميٽرڪ به سال 1971ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد مان ڪئي. انٽر 1974ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان پاس ڪيائين. گريجوئيشن سال 1976ع، MA سال 1983ع، ۽ MEd سال 1985 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيائين. پاڻ شادي 1975–02–06 تي شري ڀيرو مل ڌناڻي، ولد موٽو مل ڪاڳيه، ڳوٺ مٺڙيو چارڻ تعلقه ڇاڇرو، ضلع ٿرپارڪر سان ڪئي. شري ڀيرو مل به تعليم کاتي سان وابسطه رهيو، ۽ هُن ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر طور ضلع مٺيءَ مان عمر جا 60 سال پورا ڪري رٽائرمينٽ ورتي. ساڳئي سال 1975ع ۾ شري ڀيرو لال ڌناڻي پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٺڙيو چارڻ مان لڏي، اچي ٽنڊو جان محمد جا وڻ وسايا، ۽ اڃا تائين اُتي رهائش پذير آهن. ڪملا ڌناڻيءَ جا مائٽ توڙي ساهورا شروع کان ئي علمي رهيا آهن. سندس مائٽن ۾ پاڻ، سائين ساجن داس چنداڻي، ڊاڪٽر نيٻراج چنداڻي ۽ سائين هيمنداس چنداڻي مشهور هستيون آهن، ۽ سندس ساهورن جي طرف کان سندس پتي ڀيرو مل ڌناڻي، ڊاڪٽر جئمل ڌناڻي، سرڳواسي ڊاڪٽر ويرسي ڌناڻي، ڊاڪٽر موهن ڌناڻي مشهور آهن. ڪملا ڌناڻيءَ کي اولاد هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ آهن. 1. ڊاڪٽر ڪيلاش چندر، جيڪو چيسٽ اسپيشلسٽ (BPS–18) ۾ تعلقه اسپتال ڊگهڙيءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. 2. ميجر دانش، جو پاڪ آرمي GHQ راولپنڊيءَ ۾ ميجر جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. 3. راجا مهان، جيڪو مهراڻ يونيورسٽيءَ مان BE ڪري، MEڪري رهيو آهي. ڪملا ڌناڻي تاريخ 1976–1–15 تي JST طور BPS–14 ۾ گرلس هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد ۾ مقرر ٿي. پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. پنج سال رهڻ کانپوءِ کيس پروموٽ ڪري HST جي پوسٽ BPS–16 ۾، ساڳئي اسڪول ۾ رکيو ويو. انهي پوسٽ تي 6 سال نوڪري ڪرڻ بعد پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪرڻ ڪري BPS–17 ۾ پروموشن ڏيئي کيس هيڊ مسٽريس گرلس هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد ۽ گڏوگڏ ايس. ڊي. او گرلس ڊگهڙي جي به چارج ڏني ويئي. اُتي 9 سال سروس ڪرڻ بعد پبلڪ سروس ڪميشن پاس ڪرڻ سان کيس ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر (BPS–19) ۾ ترقي ڏيئي مٺيءَ ۾ رکيو ويو. جتي به هُن 6 سال نوڪري ڪئي، پوءِ کيس بدلي ڪري ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص 2 سال، ۽ 8 سال ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري مقرر ڪيو ويو، جتي هُن انهي عهدي تي 10 سال ايمانداري ۽ نيڪ نيتيءَ سان نوڪري ڪئي، ۽ کيس ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن هائر سيڪنڊري جي به چارج ڏني ويئي. ٻن سالن کانپوءِ سندس سٺي ڪارڪردگيءَ تي کيس BPS–20 ۾ ترقي ڏيئي، ڊائريڪٽر اسڪولس ايجيوڪيشن ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو، جتي هُن 6 مهينا ڪم ڪيو. آخر ۾ ڊسٽرڪٽ ايجيوڪيشن آفيسر سانگهڙ ۾ ٽي مهينا نوڪري ڪري، خير خوبيءَ سان تاريخ 2014–05–10 تي 60 سال عمر پوري ڪري رٽائرمينٽ ڪئي. پاڻ سنڌي، انگريزي اردو ۽ ڍاٽڪي ٻوليون لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي سگهندي آهي، ۽ ڊريس ۾ شلوار ۽ قميض کي وڌيڪ پسند ڪندي آهي. ڪملا ڌناڻي پنهنجي پوري حياتي نياڻين جي تعليم کي ارپي ڇڏي. علم جي روشنيءَ سان نياڻين جي اوندهه ذهنن روشنيءَ سان منور ڪيو، انهي جو مثال ته سندس شاگردياڻيون اڄ به ڊاڪٽر ۽ ٻين وڏن عهدن تي نظر اينديون، اهائي سندس سڃاڻپ آهي، جا صدين تائين رهندي. ڪملا ڌناڻي هڪ پيغمبري پيشي سان تعلق رکندي جو ڪم ڪيو آهي، تنهن لاءِ ميگهواڙ جاتيءَ کي فخر ۽ ناز آهي. هُن هميشه پنهنجي پاڙي توڙي غريب ڇوڪرين کي پڙهڻ لاءِ همٿائڻ، ۽ انهن جي معاشي طور پوري پوري مدد ڪري، انهن جي اندر ۾ علم جو ديپ روشن ڪيو، جو سدائين ٻين کي روشنيءَ سان منور ڪنديون رهنديون. ڪملا ڌناڻيءَ جي چوڻ موجب، پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻي خوشي ۽ يادگار لمحو اهو هو، جڏهن هن پنهنجي پٽ ڊاڪٽر دانش کي، پهرين ڪاڪول اڪيڊميءَ ۾ ڪيپٽن جي ورديءَ ۾ پريڊ ڪندي ڏٺو. انهي وقت سندس مامتا جا ديپ پوري روشنيءَ سان مهڪيا، ۽ سندس چهري تي خوشيءَ جي مهڪ گلاب وانگر رقص ڪرڻ لڳي، کيس قوم طرفان ڌنيواد آهي، ته هُن پنهنجي نوڪريءَ سان گڏ پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت تي به تمام گهڻو ڌيان ڏنو، جو سندس پٽ پاڪستان ۾ هندو توڙي ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون نوجوان آهي، جو پاڪ فوج ۾ ڪيپٽن جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ فوجي وردي پائي پنهنجو نالو روشن ڪيو. ڪملا ڌناڻي، پوري ڌناڻي پريوار ۽ پوري ميگهه ونس جاتيءَ کي ناز آهي ته هن ميگهواڙ جاتيءَ جو ڳاٽ هماليه جبل کان به اوچو ڪيو آهي. اسان جي دعا آهي ته هيءُ چمڪندڙ ستارو، پنهنجي ڪاوشن سان وڌيڪ روشن ٿي چنڊ وانگر نيل گگن ۾ چمڪندو رهندو. ڪملا ڌناڻي جهڙي املهه ناري، جا ٻاٽ سان لڙي روشنيءَ جي راهه ورتي، جنهن اوندهه اجارڻ جي بي قرار جستجو ڪئي، جنهن اماس جهڙي جڳ ۾ ديپ ٿيڻ جي جدوجهد ڪئي، ۽ سندس اُجرا عڪس تاريخ جي جهروڪن مان هر دؤر ۾ پيا ليا پائيندا، ۽ سندس قابليت، دانشمندي ۽ انسانيت جي خدمت، ميگهواڙ جاتيءَ جي ماڻهن کي مهانتائن جو معراج ارپي ڇڏيو آهي. سندس تعليمي خدمتون هميشه تاريخ جي صفحن ۾ ياد ڪيون وينديون. ڪملا ڌناڻي سدائين پنهنجي پتي ڀيرو مل ڌناڻيءَ سان قدم قدم سان ساٿ نڀايو، پتي ورتا استريءَ جو روپ ڌارڻ ڪري گهر کي سرڳ سمان بنائي رکيو آهي. آئون ڌناڻي پريوار جي ٽمورتي، جنهن ۾ شري ڊاڪٽر جئمل ڌناڻي صاحب، جيڪو پوري پاڪستان ۾ پوري اقليتي توڙي ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون ڊبل Ph.D هولڊر، ۽ شهيد بينظير يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائينسز ائٽ سڪرنڊ جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ٿيو. ٻيو نمبر ڪملا ڌناڻي خود ميگهواڙ جاتيءَ جي پاڪستان جي پهرين خاتون جيڪا BPS–20 ۾ ڊائريڪٽر اسڪولس جي عهدي تي رهي، ۽ ٽيون نمبر سندس پٽ ڊاڪٽر دانش، جو هندو اقليتي توڙي ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون نوجوان، جو پاڪ فوج ۾ ميجر مقرر ٿيو. اهي چمڪندڙ ستار اسان جي پوري ميگهه ونس جاتيءَ جا هيرا آهن، ۽ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ رهندا ۽ جن سان ٻين ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. انهن کانپوءِ اسان جي قومي نوجوانن ۾ جذبو پيدا ٿيو آهي، ۽ هن وقت ميجر پاڪ فوج ۾ پنهنجي ملڪ جي سالميت ۽ دفاع لاءِ ڊيوٽي سرانجام ڏيئي رهيا آهن.

ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ

تم تو ساگر کارا ڀيا، چڙي چونچ ڀرنت، کاري ڪو امرت ڪيا، گڻ ڀريو گجنت. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهرين ميگهواڙ جاتيءَ جي عورت، جنهن پي. ايڇ. ڊي ڪري پنهنجي مُلڪ ۽ قوم ۾ پنهنجو نالو سونهري اکرن ۾ لکرايو ۽ تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪرايو. اُها مهان هستي آهي ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ جنهن جو جنم تاريخ 1974–01–25 تي گنيش ٽي. ٻالاڻي کوکر شهر مٺي جي گهر ورتو. سندس ماتا جو نالو مان ٻائي، ڌي مهرو مل ذات ڪڏيچه، ڳوٺ گوڌيار تعلقو مٺي آهي. ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ پنهنجي بنيادي تعليم، زيل پاڪ ڪالوني حيدرآباد جي سرڪاري اسڪول مان حاصل ڪئي، جتي سندس والد گنيش ٻالاڻي صاحب زيل پاڪ سيمنٽ فيڪٽريءَ ۾ ملازمت ڪندو هو. انٽر سائنس زبيده گرلس ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ بعد، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾، ايگريڪلچر سوائل سائنس (Soil Science) ۾ بي. ايس. سي. آنرس ۾ داخلا ورتائين، جتان هڪ سال آنرس ۽ پوءِ ٻه سال ايم. ايس. سي. (ايگريڪلچر) سال 2001ع ۾ پاس ڪيائين، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ سيڪنڊ پوزيشن هولڊر رهي، جتي کيس ”سلور ميڊل“ سان نوازيو ويو. سندس شادي سال 1999ع ۾ شري نندن ڪمار پٽ ڪيشو لال ذات جوڳو، اصل ڳوٺ جاريلو تعلقه ڇاڇرو هو، جتان 1971ع ۾ لڏي اچي ڪوٽ ميرس لانڍي اچي آباد ٿيا، ان سان ٿي، جيڪو هيلٿ ٽيڪنيشن جي پوسٽ تي نوڪري ڪري رهيو آهي. جنهن مان کيس اولاد هڪ نياڻي نيهانندن، جيڪا ڪلاس نائين ۾ پڙهي رهي آهي، ۽ هڪ پُٽ سُڌارت نندن، جيڪو اٺين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو آهي. شبنم کي سندس پتي شاديءَ کانپوءِ اڳتي تعليم ڏيارڻ ۾ همت وڌائي، سال 2004ع ۾ کيس سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ۾ ڪميشن پاس ڪرڻ تي، ريسرچ آفيسر جي نوڪري ملي. نوڪريءَ دوران تمام گهڻي محنت ڪرڻ تي حڪومتِ پاڪستان ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ جي تعاون سان اعليٰ تعليم لاءِ نامزد ڪيو. سال 2007ع ۾ شبنم راٺوڙ پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ لاءِ جرمنيءَ جي شهر اسٽوٽ گارت رواني ٿي، جتي يونيورسٽي آف هونر هائيم University of Honer Heim ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾، پنهنجي فيلڊ ۾ انتهائي محنت سان ريسرچ ڪرڻ تي، يورپين يونين Europuen Union جي هڪ پروجيڪٽ ۾ ملازمت ملي، جيڪا هُن جي ريسرچ سان لاڳاپيل هئي. ڊاڪٽر شبنم پنهنجي ريسرچ کي پبلش ڪرائڻ کان اڳ، ڪيترين ئي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ سوئيزرلينڊ، جرمني، آسٽريا ۽ هنگريءَ جي ٽاپ ڪلاس جي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏنا، ۽ پنهنجي ريسرچ پيش ڪئي، جتان کيس هميشه بهترين ايوارڊ سان نوازيو ويو. سال 2010ع ۾ آمريڪا (USA) جي شهر Sandiago ۾ ٿيل عالمي زرعي ڪانفرنس ۾ کيس مڃتا طور عالمي سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو، جيڪو پوري دنيا مان تمام ٿورن ماڻهن کي ڏنو ويندو آهي. اهڙو اعزاز ماڻيندڙ انهيءَ سال جي شبنم دنيا جي ٽيئن، ۽ پاڪستان جي پهرين عورت هئي جيڪا ميگهواڙ جاتيءَ سان تعلق رکندڙ Scientist آهي. 2011ع ۾ ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ کي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري تمام سٺي نمبرن سان ايوارڊ ڪئي ويئي، ۽ پاڪستان جي پهرين ميگهه ونس عورت پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگري حاصل ڪندي، پنهنجي جاتيءَ جو ڳاٽ اونچو ڪرايو، جنهن تي ميگهواڙ جاتيءَ کي هميشه لاءِ ناز رهندو. تنهن کانپوءِ واپس آئي ۽ کيس پروموٽ ڪري اسسٽنٽ ايگريڪلچر ڪيمسٽ ڪراچي رکيو ويو، جتي نوڪري ڪري رهي آهي.

ڪلاونتي راجا

زمانا روئي گا برسون همين ڀي ياد ڪر ڪي، گنين گي سڀ هماري خوبيان جب هم نه هونگي. (پروين شاڪر) کجين جي حوالي سان مشهور ضلع خيرپور جي تاريخ به ڏاڍي نرالي ۽ شاندار رهي آهي. جنهن ضلع جي آمدني اوسط برطانوي دؤر ۾ انگلينڊ کان بنهه وڌيڪ هئي. اهو شاهوڪار خطو ڪنهن وقت الڳ آزاد رياست هوندي هئي. انهي رياست جا والي مير صاحبان هوندا هئا. ان خيرپور ضلع ۾ ڪئين مسلم ۽ غير مسلم صوفي ۽ سنت، مير ۽ پير سياستدان، شاعر، اديب ۽ نالي واريون شخصيتون پيدا ٿيون، جن کي وقت جي مؤرخن هميشه لاءِ ڪارن ڪاغذن ۾ محفوظ ڪري امر بنائي ڇڏيو آهي. انهي خطي ۾ قديم دراوڙ تهذيب جا وارث پڻ رهندڙ آهن، جن ۾ ميگهواڙ لوڪن ۾ مسڪين پورهيت شري سچانند، ذات پنهون ميگهواڙ پنهنجي محنت، لگن ۽ سچائيءَ سان علم جي روشنيءَ جي اڃ اجهائيندي، اڄ به ميگا سٽي ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي جي سرڪاري هاءِ اسڪول ۾ بطور هيڊماستر جي عهدي تان مقدس علم ورهائي شعور پکيڙي رهيو آهي. جنهن جو ڳوٺ بوزدار وڏا ضلع خيرپور آهي، جنهن جي گهر ۾ هڪ روشنيءَ جي ڪِرن، تاريخ 23 مارچ 1974ع تي نروار ٿي، جنهن جو نالو ڪلاونتي (سڀني ڪلائن واري) رکيو ويو. سندس ماتا جو نالو شانتي ديوي، ڌي ڪوڙو مل آهي. ڪلاونتي پاڪستان جي ميگهواڙ جاتيءَ مان آهي، جنهن رسمن کي رد ڪري جوتا ٺاهڻ واري بجيٽ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ بعد ۾ سال 1998ع ۾ M.Sc ڪيمسٽري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين. پاڻ شادي 5 نومبر 1995ع تي، شري رميش راجا ولد ڪالو مل ذات پنوار، شهر گنبٽ ضلع خيرپور سان ڪئي. رميش راجا، جيڪو هن ميگهه ونس جاتيءَ جو پهريون شخص هو جنهن انجنيئرنگ جي ماسٽر ڊگري NED يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. هو هن وقت پروجيڪٽ ڊائريڪٽر (انجنيئر) نيشل هاءِ وي اٿارٽيءَ ۾ 18 گريڊ ۾ سروس ڪري رهيو آهي. هيءُ هڪ نيڪ دل دوست انسان آهي ۽ هڪ سٺو ليکڪ به آهي. هن جا ليک، خاص ڪري ”ڏياريءَ جا اجهاميل ڏيا“ روزانه جاڳو ڪراچي 13 نومبر 1993ع ۾ شايع ٿيو. ”اچو ته ڀڳت ڪبير کي پڙهون“، جيڪو روزانه جاڳو ڪراچي 21 جون 1997ع ۾ شايع ٿيو. خودڪشي جو ٻيو نالو هفتيوار سنڌو 28 نومبر کان 24 ڊسمبر سال 1991ع ۾ ڇپيو، ۽ ”هولي پوري رنگ اڌورا“، ”سکي هوا ۾ هُٻگاءُ آهي“، ”انسانيت جو آواز سنت ڪنور رام“ ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا. ڪلاونتي راجا پنهنجي ڪئريئر جو گهڻو وقت، زناني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهڻ ۾ ۽ جدوجھد ڪندي گذاريو. ان سان گڏوگڏ انساني حقوق، عورتن جا معاملا ۽ آباديءَ جي تناظر ۽ ٻيا اهڙا مسئلا مختلف پليٽ فارمن تي انهن جي نشاندهي ڪري، عورتن کي وڌيڪ شڪتي شالي بنائڻ ۽ ٻين اهڙن مسئلن جو بنا ڪنهن خوف جي اظهار خيال ڪيو. هن ڪيترين ئي NGOs ۾ شرڪت ڪئي، جھڙوڪ سينٽرل وائيس پريزيڊنٽ آف شيڊيول ڪاسٽ، فيڊريشن آف پاڪستان، سينٽرل پريزيڊنٽ آف رکيشور سوشل ڪلچر ۽ ايجيوڪيشنل ايسوسيئيشن ڊسٽرڪٽ خيرپور ۽ ميمبر ورڪنگ ڪاميٽي، گريجوئيٽ ايسوسيئيشن وومين ونگ رهي. هن جي شڪتي شالي ڪوشش سماجي ڪمن، انهن ۾ سجاڳي آڻڻ، خصوصاً عورتن ۾ انهن جي حقن کي حاصل ڪرڻ، برابريءَ جي بنياد تي ۽ انساني مانئتا وسيع پيماني تي عوام ۾ واکاڻي وڃي ٿي. ڪلاونتي راجا دلت عورتن جي حقن لاءِ بين القوامي ڪانفرنس ۾ بهرو ورتو، جھڙوڪ دلت وومين رائيٽس ائٽ نيپال، ٿائلينڊ، انڊيا ۽ بنگلاديش، سريلنڪا ۽ کيس (PDSN) پاڪستان دلت سابوريٽي نيٽ ورڪ (وومين) ونگ جي آرگنائيزر ۽ ايشين وومن ايسوسيئيشن آف Exclueled ڪميونٽيءَ جو ڪوآرڊينٽر چونڊيو ويو. ڪلاونتي راجا مٽي مهڪي ماين ۾ (ٽن ملڪن جو سفر) ۾ لکيو آهي ته سال 2008ع پاڪستان ۾ دلت عورتن جي نمائندگي طور کيس مٽيءَ جي مهڪ وارين دلت عورتن جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو. دلت عورتن جي جاگرتا ۽ حقن جي سوال تي نيپال، ٿائلينڊ ۽ بنگلاديش جي گادي وارن شهرن ۾ بين القوامي گڏجاڻيون ٿيون، جن ۾ نه صرف ايشيائي ملڪن جي دلت عورت، بلڪ يورپ ۽ آمريڪا جي نالي وارين سماجڪ سڌارڪ گورين به شرڪت ڪئي. ان سلسلي ۾ پهرين گڏجاڻي 25 کان 27 فيبروري 2008ع تي گرين وچ هوٽل کٽمنڊو نيپال ۾ ٿي. شريڪ ٿيندڙن ۾ ڪيناڊا، نيوزلينڊ، ملائيشيا، انڊيا، سريلنڪا، نيپال، بنگلاديش ۽ پاڪستان شامل هئا. ٻي گڏجاڻي 8 کان 10 مارچ 2008ع ونڊ سور سوئينٽز هوٽل بئنڪاڪ ۾ ٿي، جنهن ۾ انڊيا، نيپال، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ پاڪستان جا نمائيندا شامل ٿيا. ٽئين گڏجاڻي 7 کان 11 آڪٽوبر 2008ع ڍاڪا، بنگلاديش ۾ ٿي، ان ۾ جرمني، اينگلينڊ، ٿائيلينڊ، سوئيڊن، سريلنڪا، انڊيا، بنگلاديش ۽ پاڪستان جي دلت اڳواڻن شرڪت ڪئي. صدين جي نفرتن، تڪليفن ۽ پريشانين جي روح ڏاريندڙ قصن ۽ ڪهاڻين جو مجموعي طور تي جدوجھد جو محور، هيٺيان مطالبا هئا: (1) حڪومت ۾ حصيداري ڏيڻ، (2) نوڪرين ۽ اعليٰ تعليم به برابر جو حصو ڏيڻ، (3) زمين ۽ رهائشي ڪالونين ۾ مالڪاڻا حق ڏيڻ. پنهنجي تحريرن ۾ دلت جي تاريخ، آباديءَ جو تناسب، تاريخي پس منظر موجب زيادتي جي پيش منظر ۽ آباديءَ جي تناسب جي حوالي جي روشنيءَ ۾ خاص طور هيٺيان مطالبا رکيا ويا. (1) زرعي زمين ۽ هائوسنگ اسڪيمن ۽ دلتن کي مالڪاڻه حقوق ڏيڻ، (2) آرمي، اعليٰ عدالتن، بينڪن ۽ گورنمينٽ جي سمورن ادارن ۾ نوڪرين جي ڪوٽا مقرر ڪرڻ، (3) سينيٽ، صوبائي ۽ نيشنل اسيمبليءَ ۾ دلتن لاءِ آباديءَ جي تناسب سان سيٽون مقرر ڪرڻ (4) اعليٰ تعليمي ادارن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ تعليمي اسڪالرشپ لاءِ سيٽون مقرر ڪرڻ، (5) قومي صدارتي ۽ ٻين اعليٰ سول ايوارڊن سان دلتن کي نوازي، قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪلاونتي راجا کي هنن سڀني تجويزن مان ڄاڻ ملي، ته معاشري جي ترقيءَ جو گهڻو تـڻو راز، سماجي وهنوارن مان مذهب جي هرو ڀرو دخل کي خارج ڪرڻ ۾ آهي. اعليٰ معاشرن ۾ ماڻهن مذهب کي پنهنجي دل جو معاملو بڻائي رکيو آهي. اهو راز ته ڪوئي ڪنهن کان پڇيو آهي ته ڪنهن کي ڏسي ٿو. ڪلاونتي راجا هڪ سنڌي پريس جي مهان ڪالم نگار آهي، جنهن ۾ خيالن، عملن، توجهه نه ڏنل مسئلن تي آواز اٿاريو. ان سان گڏوگڏ انساني وجود کي تنهائي ۽ انڌيري ۾ رکڻ، ماءُ جي محبت ۽ ڌرمي جاگرتا، پنهنجو پاڻ ۾ همت جي شڪتي پيدا ڪرڻ ۽ ڌڪاريل سماجي لوڪن ۾ هڪ عزت ڀري زندگي گذارڻ لاءِ ڪم ڪيو. هن کي مختصر ادبي ڪم، جنهن جي تعلق عورتن ۽ ڌڪاريل جاتيءَ لاءِ ڪيو ويو، تنهن لاءِ کيس سارهايو وڃي ٿو. ڪلاونتي راجا پنهنجي پيءُ جي واٽ وٺندي علم ۽ ذهانت سان شاندار تخليقي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي، اڄ ان ماڳ تي پهتي آهي، جو سموري دنيا جا دروازا هن جي آجيان لاءِ آتا آهن. جيڪا هڪ خوبصورت ڪمپيئر آهي، ۽ ميمبر مرڪزي ڪاميٽي سنڌياڻي تحريڪ به آهي. هي هڪ بهترين ميگهواڙ جاتيءَ جي نالي شعلا بيان، مقرره، ليکڪا سان گڏوگڏ سماجي ورڪر به آهي. هن ميگهواڙ جاتي لوڪن جو ڳاٽ، ڪارونجهر وانگر اوچو رکي پاڻ ملهايو آهي. ڪنهن اسٽيج تي جڏهن تقرير ڪندي آهي، ته ستل انسانن جي روحن کي جذبن ۽ امنگن سان سر شار ڪري ڇڏيندي آهي. پنهنجي وات مان موتين جھڙن لفظن جي روشنيءَ سان مئل ماڻهن جي اندر جا ديپ روشن ڪري ڇڏيندي آهي. هن جي هر لفظ ۾ جوش، جذبن ۾ پنهنجي قوم کي ترقي ڏيارڻ جو ڏانءُ ڏسيل هوندو آهي. اسان پوري جاتيءَ طرفان هن مهان شڪتي شالي نياڻي ڪلاونتي کي، جيڪا سڀ ڪلائن ۽ گڻن جي مالڪڻ آهي، ڌنيواڌ چئون ٿا. کيس خوبصورت مقرره هجڻ ڪري جناب وڪيل ارجڻ داس، سال 2005ع ۾ ڀڳت ڪبير ڪانفرنس پنوعاقل جي موقعي تي، امر وير لڌارام ايوارڊ سان نوازيو. ڪلاونتي راجا محسوس ٿي ڪري ته کيس پنهنجي خانداني نالي سان انهيءَ ڪري نه ٿو سڏيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن جو تعلق ڪنهن اوچ خاندان سان ڪونهي، ۽ انهيءَ جي لاءِ کيس سخت کان سخت محنت ڪرڻي پئي آهي. تنهن هوندي به هيءَ چاهي ٿي ته هميشه انفراديت ۽ بلنديءَ لاءِ هيءَ پنهنجي هر ممڪن ڪوشش ڪندي، ته جيئن کيس هيٺين درجي جي شخصيت طور نه سڃاتو وڃي.

ڊاڪٽر اندرا ڪيسواڻي

پکيان پيتي جَل نا کُٽي، نديان کُٽي نان نِير، ڌرم ڪري ڌن کُٽي نان، ڪهه گيا داس ڪبير. ٿر جي واريءَ جي ڀٽن مان ڪيتريون ئي پدمڻيون ناريون پيدا ٿيون آهن. ڪيتريون ئي استاد، هنرمند ۽ ڊاڪٽرياڻيون، جيڪي اڄ به پاڪستان جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ نظر اچن ٿيون. اهڙي ئي هڪ ميگهواڙ ڊاڪٽر اندرا ڪيسواڻي آهي جنهن جو جنم تاريخ 1963-2-02 تي سندس ناناڻي شهر ڏيپلو ۾، ناليواري استاد کيت ڪيسواڻي ذات سيجو شهر مٺي جي گهر ٿيو. سندس ماتا جو نالو ٻاجهو، ذات ولاسيه ڏيپلو شهر جي آهي. سندس شادي تاريخ 1989-11-04 تي ڊاڪٽر چنديرام ولد راڻو مل ڪڏيچه اصل ڳوٺ لوڻيهار سان ٿي. ڊاڪٽر چنديرام ۽ سندس والدين سال 1987ع ۾ پنهنجي ڳوٺ مان لڏي مٺي شهر ۾ آباد ٿيا، ۽ سندس ڪالوني پنهنجي ڏاڏي جي نالي سان ڌرماڻي ڪالوني سڏجي ٿي، جتي رهن ٿا. ابتدائي تعليم گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ٽنڊوجان محمد مان حاصل ڪئي، ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ٽنڊوجان محمد مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ به اُتان سال 1979ع ۾ پاس ڪيائين، ۽ پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاهه، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو مان سال 1990ع ۾ ايم. بي. بي. ايس ڪئي. تاريخ 1996-2-08 تي ميڊيڪل آفيسر طور تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال ڏيپلو ۾ مقرر ٿي. کيس ميگهواڙ ڪميونٽي جي پهريائين ڊاڪٽرياڻيءَ جو اعزار حاصل آهي. جنهن کان پوءِ کيس بدلي ڪري سول اسپتال مٺيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي هن وقت MCH سينٽر ۾ ڪم ڪري رهي آهي. پاڻ هڪ هوشيار ڊاڪٽر آهي. پنهنجي پيشي سان سچي ۽ وفادار آهي ــ ۽ هن وقت سندس ور، ڊاڪٽر چنديرام ڌرماڻي صاحب به سول اسپتال مٺيءَ ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر اندرا جو پتا کيت ڪيسواڻي به هڪ بهترين استاد ٿي رهيو. جنهن نوڪريءَ جو گهڻو حصو ٽنڊو جان محمد هاءِ اسڪول ۾ گذاريو. پاڻ تاريخ 2000-2-13 جو هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. ڊاڪٽر اندرا کي اولاد 3 نياڻيون ۽ هڪ پُٽ آهي: (1) ماريا BSC, Bed, MA English، (2) منيشا ڪماري ٿرڊ 3rd year MBBS، (3) لالا ارون MBBS 2nd year، (4) پوجا Pre-Medical 1st year. سندس پتا سائين کيت ڪيسواڻي، انهي وقت کيس پڙهايو، جڏهن ميگهواڙ ڪميونٽي ۾ ميٽرڪ کان مٿي پڙهائڻ کي سٺو ڪونه سمجهيو ويندو هو. پر سائين کي هڪ اعليٰ تعليم يافته انسان هئڻ ڪري، پنهنجي نياڻيءَ کي به آسمان ۾ تاري وانگر چمڪندي ڏسڻ جي خواهش هئي. هُن ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي نياڻيءَ کي اعليٰ تعليم ڏياري ڊاڪٽر بنايو، ۽ هن ميگهه ونس جي تاريخ ۾ پهرين ڊاڪٽرياڻي ٿي، پنهنجو نالو روشن ڪيو، جنهن تي اسان جيترو ناز ڪريون اهو ٿورو آهي. جس هجي اهڙي مهان انسان جي سوچ کي، جنهن ميگهواڙ ڪميونٽيءَ لاءِ اعليٰ تعليم پڙهائڻ جا دروازا کولي ڇڏيا، ۽ اڄ اسان جي جاتيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڊاڪٽرياڻيون ۽ Ph.D ڪيل نياڻيون آهن، جن پنهنجي جاتيءَ جو نالو روشن ڪيو آهي. ڊاڪٽر اندرا ميگهه ونس تاريخ جو هڪ سونهري ورق آهي، جنهن کي تاريخ ۾ محفوظ ڪرڻ ضروري آهي. اميد آهي ته هوءَ پنهنجي پيشي سان سچي ۽ ايماندار رهي، هر انسان جي خدمت کي عبادت طور محسوس ڪندي رهندي.

چِترا پريتم بالاچ

جو کچھ کیا سو تم کیا، میں کچھ کیا نانہہ، کہو کہی جو میں کیا، تم تو بھی مجھ مانہہ۔ دنيا ۾ ڪيترائي مهان آرٽسٽ ٿي گذريا آهن ۽ هن وقت به پنهنجي فن ۾ مشغول آهن. جنهن ۾ پبلو پڪاسو، مچل اينگلو، وليم ٽيورن، گلجي، صادقين، جميل نقش جن پنهنجي اندر جي امنگن کي انگن جي ٻوليءَ ۾ دنيا وارن کي موهيو. اهڙو ئي هڪ پاڪستان جو مشهور آرٽسٽ، مصور ڪئليگرافر آرٽسٽ چترا پريتم بالاچ صاحب، جنهن ڳوٺ سنجر پور ضلع رحيم يار خان پنجاب ۾، شري پريتم داس بالاچ جي گهر سال 1970ع ۾ جنم ورتو. سندس پتا پريتم داس بالاچ، جيڪو هڪ مشهور جواهري هو، سونُ ۽ چانديءَ جا زيور ٺاهيندو هو. چترا پريتم به پنهنجي گهر ۾ پنهنجي پتا جي شاگرديءَ ۾ رهيو، جتي جُئيلري ٺاهڻ جي سکيا ورتائين ۽ استاد ۽ شاگرديءَ جي رشتي کي سمجهيو ۽ استاديءَ جي عزت ڪرڻ سکيو. زيورات جي ڊزائين مان متاثر ٿي، ننڍي هوندي کان کيس مصوّري جو شوق جاڳيو، ۽ پنهنجو رستو تلاش ڪرڻ لاءِ سيد انيس شاهه جيلانيءَ جا لکيل ڪجهه خط هٿ ۾ کڻي، روشنائين جي شهر ڪراچيءَ ۾ هڪ مصروف ترين زندگي ۾ اچي، مصوّريءَ جي سفر جي شروعات ڪيائين ۽ مصوّريءَ جي جُنون ۾ گذارڻ لڳو، ۽ ڀڳوان کان هميشه دعا گهرندو رهندو هو ته: ميري ناؤ ڪو ڪردو اب سي هار ڪر، به ثابت هي تو اُس ساريه. ڪراچيءَ ۾ مرشد جي تلاش ۾ ڪافي تڪليفون ۽ سخت حالات سهندو رهيو. آخرڪار هڪ ڏينهن جناب عبيدالله عليم، جيڪو هڪ ليکڪ ۽ شاعر هو، تنهن جي معرفت پنهنجي گرو، جميل نقش صاحب سان ملاقات ٿيس، ۽ هڪ اميد جو ڪرڻو روشن ٿيو. مصوّريءَ جي ديوتا، جميل نقش جي شاگردي اختيار ڪرڻ ڪا رواجي ڳالهه نه هُئي. جنهن لاءِ بي پناهه صبر، برداشت ۽ ادب گهرجي. ائين هو جيئن ڪو باهه جو دريا، جنهن مان تري پار پوڻو هو. چترا انهن سڀني ڏکين رستن کي پار ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن زندگي به داءُ تي لڳائـڻي پوندي هئي. تمام آداب ۽ اخلاق پاسداريءَ جو خيال رکڻ، جتي غلطيءَ جي ڪابه گنجائش، ۽ نه ئي بخشش. مانند سحر صحن مين قدم رکهه، آئي تهر پا مگر گوهر شبنم نه ٽوٽي. جميل نقش صاحب سندس ادب ۽ اخلاق ڏسي کيس شاگرديءَ ۾ آندو، ۽ پنهنجي گهر ۾ ڪجهه جاءِ، ڪم ڪرڻ لاءِ ڏني، ۽ سندس استاد جي گائيڊ سان کيس پينٽنگ جي مهارت حاصل ٿي، ۽ پينٽنگ جا سڀ گُر سيکاريا جنهن ۾ آئل پينٽ جيڪا اڄ تائين سندس فيوريٽ ميڊيم آهي. چترا جميل نقش کي آئيڊيل سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته آئون جيڪي ڪجهه آهيان، اهو مون کي جميل نقش صاحب کان نصيب ٿيو آهي. ايتري ۾ جميل نقش صاحب وڃي لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪئي، ته سندس دل ريزه ريزه ٿي ويئي، ۽ چوڌاري ويراني ۽ سناٽو محسوس ٿيڻ لڳو. چترا پريتم بالاچ چوي ٿو، ته آئون جڏهن دل جي کڙڪيءَ مان ڏسي رهيو آهيان، ته منهنجي ڪائنات جو محور منهنجي پي پريتم داس بالاچ، مرشد جميل نقش صاحب ۽ خدا جي پاڪ ذات سان آهي. پر هن دل نه هاري سندس ديوتا جي ڏسيل واٽ تي ڪم ڪندو رهيو، جنهن ۾ هُن ڪئليگرافي، لينڊ اسڪيپ، سي اسڪيپ ۽ گوتم ٻڌ تي ڪافي ڪم ڪيو، جنهن هن کي شهريت جي بلندين تي پهچائبو. شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ٻهراڙيءَ جي لينڊ اسڪيپ ٺاهي، جنهن ۾ ڪلر ۽ شيڊ سان ٽڪريون، ويليون جنهن ۾ ٻڪريون، ڍڳيون، اُٺ، ڍڳا گاڏيون، عورتون، وڏا وڏا وڻ تمام خوبصورتيءَ سان پينٽ ڪيا. انهي کانسواءِ موسيٰ نواب جو مقبرو، جيڪو وڻن جي جهڳٽي مان اهڙي ڪلر شيڊ سان روشن ٺاهيو آهي، جو رات توڙي ڏينهن جو پري کان خوبصورت ۽ روشن ڏسڻ ۾ اچي ٿو. چترا پريتم جي لينڊاسڪيپ جي ڪم ۾ مشهور آرٽسٽ William Turne جي جهلڪ نظر اچي ٿي. Sea Scape ۾ سمنڊ ڪنارو، ٻيڙيون ۽ ڀرسان گهمندڙ ماڻهو ۽ سمنڊ جي ڀرپاسي وارو ماحول، خوبصورتي ۽ حقيقي رنگ سان رنگيو آهي. ڪئليگرافيءَ ۾ الله پاڪ جي ڪيترن ئي نالن کي مختلف ڊزائين ۾ پينٽ ڪري مهارت حاصل ڪئي آهي. انهي کانسواءِ گوتم ٻُڌ جي تصوير ڪيترن ئي موڊن ۽ ايڪشن ۾ مختلف رنگن سان ٺاهي آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هو دنيا وارن کي امن ۽ هم آهنگي ۽ انسانيت بابت سبق ڏيئي رهيو آهي ۽ مختلف يوگا اسٽائيل ۾ به پوري سيريز پينٽ ڪئي آهي. هن وقت چترا پريتم بالاچ، ميران ٻائيءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي. چترا پريتم جي مصوري پاڪستان توڙي پوري دنيا ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. چترا پريتم تي هڪ جرنلسٽ، نديم زبيري، هڪ بهترين ڪتاب به لکيو آهي، جو نيٽ تي آن لائين آهي. چترا پريتم جي پينٽنگ جون ڪيتريون ئي نمائشون، ملڪ توڙي سمنڊ پار ڪيون ويون آهن ۽ هن کي ڪيترائي ايوارڊ به مليا آهن. سندس سولو (Solo) نمائشون هيٺ موجب مشهور آهن: * 1995ع ۽ 1997ع ۾ موم آرٽ گيئلري لينڊ اسڪيپ شو ڪيو. * 1998ع ۾ موم آرٽ گيئلريءَ ۾ ڪئليگرافي شو ڪيو. * 2000ع ۾ PN.C.A گيئلريءَ ۾ لينڊاسڪيپ ۽ ڪئليگرافي شو ڪيو. * 2000ع ۾ شاڪر علي ميوزيم ۾ ون مين شو ڪيو. * 2001ع ۾ اعجاز گيئلري ۾ ون مين شو ڪيو. * 2001ع ۾ موم آرٽ گيئلريءَ ۾ لينڊ اسڪيپ شو ڪيو. * 2003ع ۾ موم آرٽ گيئلريءَ ۾ ڊرائينگ جي نمائش ڪئي. * 2003ع ۾ گُل مهر آرٽ گيئلري ۾ ڪئليگرافيءَ جو شو ڪيو. * 2010ع ۾ آرٽ سينس آرٽ گيئلري ۾ ڪئليگرافيءَ جو شو ڪيو. * 2010ع ۾ هيمل آرٽ گيئلريءَ ۾ ڪليڪشن ورڪ شو ڪيو. جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا ۽ ڪيترائي انعام مليا. گورنمينٽ آف پاڪستان سندس ڪيل ڪم جي مڃتا طور، کيس 17 آگسٽ 2010ع تي نيشنل ڪلچرل ايوارڊ سان نوازيو، ۽ يوم آزادي 14 آگسٽ 2012ع تي کيس صدارتي ايوارڊ ” تمغئه امتياز“ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداريءَ طرفان ڏنو ويو. چترا پريتم بالاچ هڪ مهان مصوّر، ڪلاڪار، جنهن تي پوري پاڪستان کي ناز آهي، ۽ آرٽ جي دنيا جو بادشاهه چئجي ته گهٽ نه آهي. چوندا آهن ته: هري هيران ڪِري ڳانٺڙي، گراهڪ بنا مت کول، جب آوي هيران او پارکو، تو ڪري گا ڪوئي مول.

چِترا پريتم بالاچ

جو کچھ کیا سو تم کیا، میں کچھ کیا نانہہ، کہو کہی جو میں کیا، تم تو بھی مجھ مانہہ۔ دنيا ۾ ڪيترائي مهان آرٽسٽ ٿي گذريا آهن ۽ هن وقت به پنهنجي فن ۾ مشغول آهن. جنهن ۾ پبلو پڪاسو، مچل اينگلو، وليم ٽيورن، گلجي، صادقين، جميل نقش جن پنهنجي اندر جي امنگن کي انگن جي ٻوليءَ ۾ دنيا وارن کي موهيو. اهڙو ئي هڪ پاڪستان جو مشهور آرٽسٽ، مصور ڪئليگرافر آرٽسٽ چترا پريتم بالاچ صاحب، جنهن ڳوٺ سنجر پور ضلع رحيم يار خان پنجاب ۾، شري پريتم داس بالاچ جي گهر سال 1970ع ۾ جنم ورتو. سندس پتا پريتم داس بالاچ، جيڪو هڪ مشهور جواهري هو، سونُ ۽ چانديءَ جا زيور ٺاهيندو هو. چترا پريتم به پنهنجي گهر ۾ پنهنجي پتا جي شاگرديءَ ۾ رهيو، جتي جُئيلري ٺاهڻ جي سکيا ورتائين ۽ استاد ۽ شاگرديءَ جي رشتي کي سمجهيو ۽ استاديءَ جي عزت ڪرڻ سکيو. زيورات جي ڊزائين مان متاثر ٿي، ننڍي هوندي کان کيس مصوّري جو شوق جاڳيو، ۽ پنهنجو رستو تلاش ڪرڻ لاءِ سيد انيس شاهه جيلانيءَ جا لکيل ڪجهه خط هٿ ۾ کڻي، روشنائين جي شهر ڪراچيءَ ۾ هڪ مصروف ترين زندگي ۾ اچي، مصوّريءَ جي سفر جي شروعات ڪيائين ۽ مصوّريءَ جي جُنون ۾ گذارڻ لڳو، ۽ ڀڳوان کان هميشه دعا گهرندو رهندو هو ته: ميري ناؤ ڪو ڪردو اب سي هار ڪر، به ثابت هي تو اُس ساريه. ڪراچيءَ ۾ مرشد جي تلاش ۾ ڪافي تڪليفون ۽ سخت حالات سهندو رهيو. آخرڪار هڪ ڏينهن جناب عبيدالله عليم، جيڪو هڪ ليکڪ ۽ شاعر هو، تنهن جي معرفت پنهنجي گرو، جميل نقش صاحب سان ملاقات ٿيس، ۽ هڪ اميد جو ڪرڻو روشن ٿيو. مصوّريءَ جي ديوتا، جميل نقش جي شاگردي اختيار ڪرڻ ڪا رواجي ڳالهه نه هُئي. جنهن لاءِ بي پناهه صبر، برداشت ۽ ادب گهرجي. ائين هو جيئن ڪو باهه جو دريا، جنهن مان تري پار پوڻو هو. چترا انهن سڀني ڏکين رستن کي پار ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن زندگي به داءُ تي لڳائـڻي پوندي هئي. تمام آداب ۽ اخلاق پاسداريءَ جو خيال رکڻ، جتي غلطيءَ جي ڪابه گنجائش، ۽ نه ئي بخشش. مانند سحر صحن مين قدم رکهه، آئي تهر پا مگر گوهر شبنم نه ٽوٽي. جميل نقش صاحب سندس ادب ۽ اخلاق ڏسي کيس شاگرديءَ ۾ آندو، ۽ پنهنجي گهر ۾ ڪجهه جاءِ، ڪم ڪرڻ لاءِ ڏني، ۽ سندس استاد جي گائيڊ سان کيس پينٽنگ جي مهارت حاصل ٿي، ۽ پينٽنگ جا سڀ گُر سيکاريا جنهن ۾ آئل پينٽ جيڪا اڄ تائين سندس فيوريٽ ميڊيم آهي. چترا جميل نقش کي آئيڊيل سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته آئون جيڪي ڪجهه آهيان، اهو مون کي جميل نقش صاحب کان نصيب ٿيو آهي. ايتري ۾ جميل نقش صاحب وڃي لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪئي، ته سندس دل ريزه ريزه ٿي ويئي، ۽ چوڌاري ويراني ۽ سناٽو محسوس ٿيڻ لڳو. چترا پريتم بالاچ چوي ٿو، ته آئون جڏهن دل جي کڙڪيءَ مان ڏسي رهيو آهيان، ته منهنجي ڪائنات جو محور منهنجي پي پريتم داس بالاچ، مرشد جميل نقش صاحب ۽ خدا جي پاڪ ذات سان آهي. پر هن دل نه هاري سندس ديوتا جي ڏسيل واٽ تي ڪم ڪندو رهيو، جنهن ۾ هُن ڪئليگرافي، لينڊ اسڪيپ، سي اسڪيپ ۽ گوتم ٻڌ تي ڪافي ڪم ڪيو، جنهن هن کي شهريت جي بلندين تي پهچائبو. شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ٻهراڙيءَ جي لينڊ اسڪيپ ٺاهي، جنهن ۾ ڪلر ۽ شيڊ سان ٽڪريون، ويليون جنهن ۾ ٻڪريون، ڍڳيون، اُٺ، ڍڳا گاڏيون، عورتون، وڏا وڏا وڻ تمام خوبصورتيءَ سان پينٽ ڪيا. انهي کانسواءِ موسيٰ نواب جو مقبرو، جيڪو وڻن جي جهڳٽي مان اهڙي ڪلر شيڊ سان روشن ٺاهيو آهي، جو رات توڙي ڏينهن جو پري کان خوبصورت ۽ روشن ڏسڻ ۾ اچي ٿو. چترا پريتم جي لينڊاسڪيپ جي ڪم ۾ مشهور آرٽسٽ William Turne جي جهلڪ نظر اچي ٿي. Sea Scape ۾ سمنڊ ڪنارو، ٻيڙيون ۽ ڀرسان گهمندڙ ماڻهو ۽ سمنڊ جي ڀرپاسي وارو ماحول، خوبصورتي ۽ حقيقي رنگ سان رنگيو آهي. ڪئليگرافيءَ ۾ الله پاڪ جي ڪيترن ئي نالن کي مختلف ڊزائين ۾ پينٽ ڪري مهارت حاصل ڪئي آهي. انهي کانسواءِ گوتم ٻُڌ جي تصوير ڪيترن ئي موڊن ۽ ايڪشن ۾ مختلف رنگن سان ٺاهي آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هو دنيا وارن کي امن ۽ هم آهنگي ۽ انسانيت بابت سبق ڏيئي رهيو آهي ۽ مختلف يوگا اسٽائيل ۾ به پوري سيريز پينٽ ڪئي آهي. هن وقت چترا پريتم بالاچ، ميران ٻائيءَ تي ڪم ڪري رهيو آهي. چترا پريتم جي مصوري پاڪستان توڙي پوري دنيا ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. چترا پريتم تي هڪ جرنلسٽ، نديم زبيري، هڪ بهترين ڪتاب به لکيو آهي، جو نيٽ تي آن لائين آهي. چترا پريتم جي پينٽنگ جون ڪيتريون ئي نمائشون، ملڪ توڙي سمنڊ پار ڪيون ويون آهن ۽ هن کي ڪيترائي ايوارڊ به مليا آهن. سندس سولو (Solo) نمائشون هيٺ موجب مشهور آهن: * 1995ع ۽ 1997ع ۾ موم آرٽ گيئلري لينڊ اسڪيپ شو ڪيو. * 1998ع ۾ موم آرٽ گيئلريءَ ۾ ڪئليگرافي شو ڪيو. * 2000ع ۾ PN.C.A گيئلريءَ ۾ لينڊاسڪيپ ۽ ڪئليگرافي شو ڪيو. * 2000ع ۾ شاڪر علي ميوزيم ۾ ون مين شو ڪيو. * 2001ع ۾ اعجاز گيئلري ۾ ون مين شو ڪيو. * 2001ع ۾ موم آرٽ گيئلريءَ ۾ لينڊ اسڪيپ شو ڪيو. * 2003ع ۾ موم آرٽ گيئلريءَ ۾ ڊرائينگ جي نمائش ڪئي. * 2003ع ۾ گُل مهر آرٽ گيئلري ۾ ڪئليگرافيءَ جو شو ڪيو. * 2010ع ۾ آرٽ سينس آرٽ گيئلري ۾ ڪئليگرافيءَ جو شو ڪيو. * 2010ع ۾ هيمل آرٽ گيئلريءَ ۾ ڪليڪشن ورڪ شو ڪيو. جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا ۽ ڪيترائي انعام مليا. گورنمينٽ آف پاڪستان سندس ڪيل ڪم جي مڃتا طور، کيس 17 آگسٽ 2010ع تي نيشنل ڪلچرل ايوارڊ سان نوازيو، ۽ يوم آزادي 14 آگسٽ 2012ع تي کيس صدارتي ايوارڊ ” تمغئه امتياز“ صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداريءَ طرفان ڏنو ويو. چترا پريتم بالاچ هڪ مهان مصوّر، ڪلاڪار، جنهن تي پوري پاڪستان کي ناز آهي، ۽ آرٽ جي دنيا جو بادشاهه چئجي ته گهٽ نه آهي. چوندا آهن ته: هري هيران ڪِري ڳانٺڙي، گراهڪ بنا مت کول، جب آوي هيران او پارکو، تو ڪري گا ڪوئي مول.

فقيرا فقيرو ڪانٺيسا

اچو بُت پرستو گلن کي چمون، چمون پاڻ نازڪ هٿن کي چمون، پٿر جي خدا کان ڇا هاڻي گهرون، تراشيا جنهين تن هٿن کي چمون، زماني گهڻن جا سبي چپ ڇڏيا، چيو جنهن به سچ تن چپن کي چمون. سنڌ جي سونهاري ۽ درويشن جي ڌرتي پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي بي بها هيرا، ڪلاڪار، چترڪار، اديب، شاعر جنم ڏنا آهن، جيڪي دنيا جي هر خطي ۾ چمڪندا نظر اچن ٿا. اهڙي ئي هڪ مهان، آدرشي انسان، مجسما ساز فقيرو، تاريخ 1979-8-7 تي شادي پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ کيمچند ڪانٺيسا جي گهر اک کولي. سندس ماتا سونل ٻائي ڀاٽيا ڳوٺ سلطان آباد جي آهي. پاڻ شادي سال 2005ع تي ٽنڊو غلام حيدر مان، سورام وينجهوڙو جي ڌي پونم جي سان ڪئي. جنهن مان کيس هڪ پُٽ دليپ ڪمار آهي، جنهن جي هن وقت عمر چار سال آهي. ورهاڱي کان اڳ بناس ڪانٺا ضلع جي سورهاڙ جي سونهري گام، ساڻهارا کان ٻارن ٻچن سميت سندس ڏاڏو بيکارام، پيرن پنڌ ڪري اچي شادي پلي رهائش اختيار ڪئي. جتان سال 1980ع ۾ وري لڏي اچي ٽنڊوالهيار ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس ڏاڏو بيکارام ۽ سندس والد کيمچند مشهور رازا ۽ مجسماساز هئا. پاڻ پرائمري تعليم اسڪول پاڪ سنگهار چمبڙ روڊ مان ڪئي. سال 1994ع ۾ ميٽرڪ به ساڳي اسڪول مان ڪئي. انٽر آرٽس ايس. ايم ڪاليج ٽنڊو الهيار ڪاليج مان 1996ع ۾ ڪئي. ڊرائينگ اليمنٽري ۽ انٽر سال 1992ع ۾ پاس ڪيائين. پاڻ تمام غريب هوندا هئا. اُن وقت ايترا پيسه نه هئا جو پينسل يا پنو وٺي سگهن، تنهن ڪري سيمنٽ جي ڳوٿرين جي خاڪي پني تي ڪوئلي سان پنهنجي ڪلا جي شروعات ڪيائين، ۽ اندر جو ڪلاڪار جاڳي پيو. تنهن کانپوءِ پنهنجي زندگيءَ جون سڀ خوشيون هڪ پاسي رکي، پاڻ کي هميشه لاءِ فن لاءِ ارپي ڇڏيو، جو اڄ تائين فن سان لاڳاپيل آهي ۽ پنهنجي شهرت سان ستين آسمان کي ڇُهي، اڃا به اڳتي نڪري ويو آهي، ۽ دنيا جي ليول تي ڏاڍو نالو ڪمايو آهي. تصويري رنگ ۾ ماستر هيجارام، ڊرائينگ ٽيچر کان سکيا ورتي، ۽ پوءِ 1992ع ۾ بهترين استاد نظام الدين ڏاهري ٽنڊو الهيار کان ڊرائينگ ۽ آرٽ جو ڪم سکيو. جيڪو هينئر CD سنڌ ۾ ليڪچرار آرٽ آهي، ۽ هن فتاح علي هاليپوٽو صاحب کان تمام گهڻو پرايو، ۽ اڃا تائين وٽانئس سکي پيو. فقيرو ڪانٺيسا کي رنگن جي ڪائنات ۽ مجسمن جي دنيا پنهنجي ڏاڏاڻي ۽ اباڻي ورثي ۾ ملي. سڀ کان پهريائين هن هنومان جي هڪ وڏي مورتي ٺاهي، جيڪا هن جي پهرين تخليق هئي ۽ جيڪا ٽنڊي الهيار جي رام ديو جي مندر ۾ رکي ويئي، جيڪا رام مندر ۽ بابري مسجد جي تڪرار ڪري ڪِن شر پسندن هن جي تخليق کي ڀڃي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. انهن شرپسندن نه رڳو سندس مورتين کي ريزا ريزا ڪيو، پر پوري سنڌ جي سڀيتا کي داغدار ڪيو هو. سندس مجسماسازي جو فن ڦهلندو رهيو. 2001ع ۾ هن جي زندگيءَ جو پهريون وڏو امتحان آيو، پر هيءُ شخص انهي امتحان مان آساني سان پار ڪري ويو. پال جيڪو آمريڪا اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو، جيڪا رتن آباد ۾ آهي، ۽ جتي هن کي 20x8 فوٽ جي Last Super جو مسجمو ٺاهڻ جو آرڊر مليو. جو هن ڏينهن رات محنت ڪري فائيبر گلاس تي اهو مجسمو تيار ڪيو، جيڪو چئن مهينن ۾ مڪمل ٿيو. جنهن کي ڪرسچن لاسٽ سُپر سڏين ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي ”آخري کاڌو“. اُتي مختلف ملڪن کان ايندڙ انگريزن جڏهن اهو ڪم ڏٺو، ته پڇيو ته اهو ڪٿان کڻي آيا آهيو؟ جتي پال ٻڌايو ته اهو ڪم فقيرو ٽنڊي الهيار واري ڪيو آهي، جيڪو هُنن تمام گهڻو ساراهيو. اُهي انگريز جڏهن واپس پنهنجي ملڪ ويندا هُئا، ته اُتان ايندڙن کي ٻڌائيندا هئا ته فقيرو آرٽسٽ سان ضرور ملجو! 1996ع ۾ اينڊريو جي هڪ خوبصورت پينٽنگ ٺاهي، جنهن جي نمائش سندس سنگت طرفان ڪئنيڊا ۾ ڪرائي ويئي، پر پاڻ ڪئنيڊا ڪونه وڃي سگهيو. اينڊريو جي تصوير ڪئنيڊا وارن کي ايڏو ته متاثر ڪيو، جو انهن سنڌي فنڪار کي ڪئنيڊا ۾ رهڻ جي آفر ڪئي. پر هي شرميلو سنڌي جوان، سنڌ جي ساگر جي ڇولين کي ڇڏي نه ٿي سگهيو. سندس ٺاهيل مجسما ڳالهائيندا آهن، انهن سان، جيڪي انهن جي ٻولي سمجهن ٿا. سال 2000ع ۾ سندس مامي مايون ڀاٽيا جي هڪ مجسمو ٺاهيو، جيڪو پاڻيءَ جي کوٽ ۽ معاشي بحران ڪري، اهوهو هاري هو، جنهن جو بدن اُگهاڙو هو ۽ گھري سوچ ۾ گم سُم ويٺل آهي. جنهن کي ڏسڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ زنده حالت ۾ آهي. اجهو ٿو پاڻيءَ لاءِ ٻاڏائي ۽ احتجاج ڪري! ڏاڍي خوبصورت تخليق ڪئي، جيڪا سندس اوطاق ۾ رکيل آهي. 2005ع ۾ لاهور واسڻ سندري حُميره عباس، جيڪا ورلڊ ليول جي آرٽسٽ آهي ۽ جرمنيءَ جي برلن يونيورسٽيءَ ۾ آرٽ جي ليڪچرار آهي، جنهن ڪاما سوترا سيريز جا ٻه مجسما پاڻ ٺاهيا پر ٺاهي ڪونه سگهي، پوءِ لاهور جي مشهور مجسما سازن کي ٺاهڻ لاءِ چيو ويو پر اهي به ڪونه ٺاهي سگهيا، جيڪا هُن چاهيو ٿي. تڏهن هن ڇوڪري پنهنجي دوست ۽ استاد مير محمد علي ٽالپر کي چيو ته فقيرو کي گهرائي مجسما ٺهرائي ڏيو. لاهور جا مجسما ساز اُهو ڪم ٻن مهينن ۾ پورو نه پي ڪري سگهيا ۽ چيو ته اسان هيڏا وڏا آرٽسٽ آهيون پر اهو ڪم نه پيا ڪري سگهون. هڪ ننڍو آرٽسٽ ٽنڊو الهيار مان گهرايو ويو آهي. فقيرو انهن کي چيو ته اهو ڪم اٺن ڏينهن ۾ پورو ڪري ڏيندس، منهنجو واپسيءَ جو ٽڪيٽ به بوڪ ڪرايو ويو. انهن آرٽسٽن چيو ته ڪم ۾ ٻه مهينا لڳندا پوءِ هلي ڪم ڏسنداسون. پوءِ جڏهن هُنن کي خبر پئي ته هو مجسما ٺاهي واپس پيو وڃي، تڏهن ايمرجنسيءَ ۾ ملڻ آيا ۽ ڪم ڏسي دنگ رهجي ويا، ۽ تمام گهڻو پسند ڪيو، ۽ چيو ته پاڪستان ۾ ايترو سٺو ڪم ۽ ٿوري وقت ۾ ڪم ڪندڙ ڪير ڪونه ٿو ڪري سگهي. اوهان اهو ڪم ڪيو آهي، بلڪل اوهان مهان ڪلاڪار آهيو. سال 2005ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي آرٽسٽ صوفي، جيڪا لاهور جي B.N.U يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار آهي. هالينڊ دنيا جي زميني جنت آهي. صوفي به هن مجسما ساز جي ڪم مان ايڏي ته متاثر ٿي، جو اُن گوري ميم پنهنجو ذاتي Bust ٺهرائڻ لاءِ ڏنو، جنهن ۾ هو روبرو پنهنجو وات ڦاڙي بيٺل آهي، ۽ جيڪو هُن صرف نوَ ڏينهن ۾ مڪمل ڪري، عالمي رڪارڊ قائم ڪيو، جنهن جو صوفي اسلام آباد، انگلينڊ ۽ ممبئيءَ ۾ نمائش ڪرائي چُڪي آهي. سال 2007ع ۾ استنبول ترڪيءَ ۾، دنيا جي 70 مُلڪن مان 110 آرٽسٽ گهرايا ويا. پاڪستان مان فقيرو ۽ حميرا عباس حصو ورتو، ڪاماسوترا سيريز تي 3 مجسما ٺاهيا. جنهن جو نالو Lesson on love جي ڪم جي حوالي سان دنيا جي آرٽسٽن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جتي به هن جو ڪم سارهايو ويو. سال 2007ع ۾ جڏهن دنيا جا سڀئي آرٽسٽ ۽ مجسماساز گڏ ٿيا، ته ڪراچي واري سنگت راشد رانا، هن ڏانهن به انهي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ڊيٽا فارم موڪليو. جيڪو تمام وڏي ۽ ڊگهي بايوڊيٽا آهي، پر هيءُ طبيعت ۾ ناسازي جي ڪري نه شرڪت ڪري سگهيو، نه اهو فارم ڀري موڪلي سگهيو. تاريخ گذري ويئي. هن سانوري صورت واري آرٽسٽ صرف فارم جا 3 خانا جن ۾ نالو فقيرو، تعليم انٽر، ائڊريس ٽنڊو الهيار لکي 10، 15 پنهنجي ٺاهيل مجسمن جا فوٽوگراف شامل ڪري موڪلي ڇڏيا. جڏهن اُهي وي. سي ايل وارن وٽ پهتا، ته اُتي آيل پرڏيهي انٽرنيشنل فنڪارن کان رڙ نڪري ويئي، ۽ وائڙا ٿي ويا ته مار! هيڏو وڏو فن! ۽ پوءِ اُتي تنظيم ۽ دنيا جي سڀني پرڏيهي فنڪارن سنڌ ڌرتيءَ جي رنگ واري هن فقيري ڪاٺيسي سنگتراش کي پوري دنيا جو سڀ کان وڏو عظيم ۽ تيز ترين سنگ تراش قرار ڏنو، جيڪو هن لاءِ نه پر پوري سنڌ ۽ سنڌين لاءِ هڪ وڏو اعزاز آهي. جيڪو هڪ ميگهه ونس سنڌي پوري دنيا جي وڏن وڏن آرٽسٽن کي هارايو. هو اڪيلو فن کٽڻ جو فن ڄاڻي ٿو، جنهن سنڌ ڌرتيءَ جو نانءُ پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، ۽ ڌرتي ماتا جو قرض ادا ڪيو. سال 2006ع ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڏي بي. بي. سي ڊاٽ ڪام اسلام آباد کان هن ميگهه ونس ڪلاڪار فقيرو جي مجسمن جي هڪ ڊاڪيومينٽري ٺاهي، ۽ سندس انٽرويو ورتو، جيڪو Live ڏيکاريو ويو. پوري دنيا جي ڪروڙين ماڻهن ڏٺو. اهڙو اعزاز دنيا ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي ملندو آهي. جيڪو اسان جي ميگهه ونس جاتيءَ لاءِ فخر ۽ ڳاٽ اوچو ڪرڻ واري ڳالهه آهي. دنيا ۾ پڪاسو جيڪو مجسما سازيءَ ۾ وڏو نانءُ آهي، پر هي اُن کان به اڳتي نڪري ويو آهي. فقيرو ڪانٺيسا چوڏهين صديءَ جي آرٽسٽن مائيڪل اينجلو برنسني، ليو اونڊو ۽ ڊيوڊ هن جا پسنديده مجسماساز آهن. اُنهن کان متاثر ٿي ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي سڄي فن ۾ انهن جي خوشبوءِ اچي ٿي. سال 2008ع ۾ ڪينويس گئلري ڪراچيءَ ۾ نمائش 4 Men Show ڊرائينگ جي باري ۾ مقرر ٿي، جنهن ۾ سندس 6 تصويرون رکيون ويون. جيڪي ٽي لک روپين ۾ وڪرو ٿيون. سال 2010ع ۾ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ جناب فتاح هاليپوٽي ”جي آسي پاسي“ اهو شو گرين ڪارڊز موم، انگلنڊ گئلري وارن رکيو هو. گئلريءَ جو انچارج حماد نثر هو، جتي جناب فتاح هاليپوٽو جي 7 شاگردن جو ڪم رکيل هو. جنهن ۾ فقيرو ميگهه ونسيءَ جون 10 عدد ڊرائينگ ۽ هڪ عدد ڪرشن ڀڳوان جي ساڍا 7 فوٽ جي مورتي رکي، اهو فقط خالي شو هو. اهو ڪم وري 2010ع ۾ وي ايم. گئلري ڪراچيءَ ۾ شو فار سيل مقرر ٿيو، جتي فقيري جون 10 پينٽنگ في پينٽنگ 50 هزار کان ڏيڍ لک تائين وڪرو ٿي. ڪرشن ڀڳوان جي مورتيءَ جا ڇهه لک روپيه مليا. پاڪستان جي گئلرين ۾ هيءُ پهريون دفعو هو، جنهن ۾ ڪرشن ڀڳوان جي مورتي رکي ويئي. جيڪي به پراڻا آرٽسٽ ۽ فن جا قدردان هئا، تن اهو تسليم ڪيو ته اسان ساري دنيا ۾ ڪم ڏٺو، پر اڄ پاڪستان جي هن مهان آرٽسٽ جو ڪم ڏسي ايڏو ته متاثر ٿيا آهيون، جو اهڙو ڪم ڪٿي به نه ٿيل آهي. واقع هيءُ هڪ وڏو ڪلاڪار آهي. سندس ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ سامان فائيبر گلاس پلاسٽ آف پئرس، ڪائي جون مورتيون، پٿر مان سنگتراشي، مٽيءَ مان ۽ پلاسٽي سين (موم) مان مورتيون ٺاهيندو آهي، ۽ ننڍو ڀاءُ وجئه ڪمار به مجسما ساز آهي، جنهن جي ٺاهيل بابا رامديوَ جي گهوڙي تي سوار خوبصورت مورت، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ٽنڊي الهيار جي راما پير مندر ۾ رکيل آهي. فقيرو ميگهه ونس جو هڪ مهان نالو آهي. اسان پوري قوم کي اهڙن آدرشي ۽ پيارن انسانن لاءِ مانُ ۽ سمانُ آهي. اهڙا پُرش جاتيءَ جا هيرا آهن، ۽ پنهنجي فن سان ميگهه ونس جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. کيس مڃتا طور وڪيل ارجن داس به امر وير لڌارام ايوارڊ سان نوازيو. اهڙي سادي سودي، کلمک پنهنجي ڪم ۾ سدائين لڳي رهڻ واري سان روبرو ملاقات ڪئي، ته هوهڪ وڏو فنڪار نه، پر هڪ وڏو انسان به آهي ۽ ميگهه ونس جاتيءَ جو اثاثو آهي. اهڙو ئي سندس مهان استاد فتاح هاليپوٽو، جن کيس هدايت ڪئي ته ڪڏهن به پنهنجو فن ڪنهن وڏي ماڻهو اڳيان کڻي نه وڃجو ۽ نه رلائجو، ماڻهو چوندا ته فقير ڪستو کڻي پنڻ اچن ٿا، هي پينٽنگ کڻي پنڻ آيو آهي. جنهن ڳالهه تي پورو عمل ڪري ٿو. ڪيڏا به وڏا ماڻهو هجن ٿا پر پاڻ ڪهي اچي فقيرو سان ملن ٿا. پاڻ ڪنهن اڳيان نه ويو آهي. اها هڪ مهان ڪلاڪار جي مهان ڪلا آهي.

گنگارام آرٽسٽ

(1925-8-31 کان 1982-7-2) اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين، جي جيءَ کي جيئارين، سي لاهوتي لڏي ويا. (شاهه) سنڌ جي لاڙ ڌرتي جتي احمد ملاح جھڙا شاعر پيدا ڪيا ته اُتي مهان آرٽسٽ به پنهنجي ڪُک مان جنم ڏنا. اهڙو ئي هڪ مهان آرٽسٽ ميگهواڙ گنگارام ڪانٺيسو، جنهن جو جنم شري رائسنگهه، شهر تلهار ضلع بدين ۾ تاريخ 1925-8-31 تي ٿيو. سندس ماتا جو نالو نيلا پرمار هو. پاڻ شادي حيدرآباد شهر مان شوو جي ڌيءَ ڏيمان، ذات پينگهور سان ڪئي. جنهن مان کيس ٻه پُٽ آهن شري گيلارام ۽ موهن لال، جيڪي حيات آهن ۽ اولاد سميت تلهار ۾ رهن پيا. گنگارام جڏهن پاڻ ماءُ جي پيٽ ۾ ڇهن مهينن جو هو، تڏهن سندس پتا گذاري ويو. گنگارام شروع ۾ لابارو ڪندو هو، ڦٽيون چونڊڻ ۽ ڪمند وڍڻ وغيره جو ڌنڌو ڪندو هو. هو ڇهه درجا سنڌي پڙهيل هو. اُن کانسواءِ، هندي، گجراتي لکي پڙهي ۽ سمجهي سگهندو هو. سندس استاد محمد سومار ساٽي هو، جيڪو شاعر به هو ۽ هڪ ڪتاب به لکيو، گنگارام جي والده سال 1955ع ۾ گذاري ويئي. گنگارام کي ننڍي هوندي کان ئي تصويرون ٺاهڻ جو شوق هو، پر سندس ماءُ منع ڪندي هُئي. 1955ع کانپوءِ هُن باقاعدي تصويرون ٺاهڻ شروع ڪيون. هن 1966ع تائين ٽيلر ماسٽر طور ڪم ڪيو. هن پهريائين تصوير مشهور گائڪ لتا منگيشڪر جي ٺاهي هئي، جيڪا تمام گهڻي سهڻي هُئي. گنگارام شروعات ۾ بلڪل غريبي حالت ۾ رهيو. هن وٽ 300 روپيه به ڪونه هئا جو سلائي مشين وٺي سگهي. هيءُ هڪ خواجي سيٺ جي سلائي مشين تي ڏهه آنا، ڇهه آنا جي حساب سان مزدوريءَ تي ڪم ڪندو هو. هن لتا منگيشڪر جي تصوير ٺاهي، دڪان تي ٽنگي ڇڏي، جيڪا اُن وقت هڪ انڪم ٽيڪس جي آفيسر ورتي ۽ ان جي تعريف ڪيائين. جتان سندس فن جي سڃاڻپ ٿي. فنِ مصوّريءَ ۾ هن جو ڪو به باقاعدي استاد ڪونه هو. هن پينسل ورڪ کانسواءِ، واٽر ڪلر ۾ به ڪمال ڪري ڏيکاريو. سنڌالاجيءَ وارن هن کي ڪجهه تصويرون ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو، پر هُن وقت جي ڪمي سبب ٺاهي نه ڏنيون، گنگارام سنڌالاجيءَ جي انتظاميه کي درخواست ڪئي ته مون کي سنڌالاجيءَ ۾ باقاعدي نوڪريءَ ۾ رکو، پر هنن انڪار ڪري ڇڏيو. هن مير بنده علي خان ٽالپر، ٽنڊو باگو جي مير غلام محمد ٽالپر ۽ درويش سيد سمن شاهه سرڪار جي اصل تصوير تان نقل ڪري وڏي تصوير ٺاهي، جيڪا اڄ ڪلهه خاص عام وٽ ڏٺي وڃي پئي. سائين سمن شاهه جي تصوير ٺاهڻ کانپوءِ هن تي فالج جو حملو ٿيو، جنهن ڪري هن جي جسم جو پاسو ڪمزور ٿي پيو، ۽ پوءِ پاڻ معافي وٺڻ سمن سرڪار جي درگاهه تي حاضري ڀري، ۽ هو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو. ان کانپوءِ جج، سيد حسن علي شاهه بخاري سندس چاچي جي تصوير ٺهرائي، جيڪو به درويش هو. گنگارام بيمار ٿي پيو. اُن کانسواءِ هن پير سائين پاڳاري، مخدوم طالب الموليٰ جا به ڪيترائي فوٽو ٺاهيا. گنگارام کي دنيا جي جاگرافيءَ سان ڪافي دلچسپي هُئي. ان کانسواءِ، هن کي شاعريءَ سان به گهڻو لڳاءُ هو. اُن کانسواءِ ڊراما لکندو هو، ميڪ اپ مين به هوندو هو. ڊرامن ۾ ڊائريڪٽريءَ جا فرائض به پاڻ انجام ڏيندو هو. ڳائيندو به هو، پر پوءِ فالج جي حملي ڪري ڳلو خراب ٿي پيس. هن ٻه مهينا تلهار شهر ۾ ڀورا سنگ خاصخيليءَ کان هارمونيم سکيو هو. هن ڪيترائي ڊراما لکيا، انهن ۾ ڪردار به ادا ڪندو هو. سندس لکيل مشهور ڊراما 1. ديکها جائي 2. بي قصور 3. سلطنت 4. مغلِ اعظم وغيره مشهور آهن. گنگارام جو بولچند ڳائـڻو دوست هوندو هو. جڏهن پاڪستان ٺهيو تڏهن اهي دوست هن کان ٽٽي ويا. گنگارام جون ٺاهيل تصويرون، پاڪستان کان ٻاهر ايران، آفريڪا، جرمني، انڊيا ۽ سيلون ۾ به ويون آهن. هن اٽڪل ساڍا ڇهه هزارکن تصويرون ٺاهيون. فنِ مصوّريءَ کانسواءِ گنگارام بهترين ڪاتب به هو. هن وٽ ٻه تصويرن جا البم پيل آهن، جن ۾ هُن ڪيترائي شعر خوشخطيءَ ۾ لکيا آهن. گنگارام ٽي ڀيرا انڊيا گهمي آيو هو. انڊيا ۾ هن جا ڪيترائي بهترين دوست هئا. هن وقت سندس ننڍو پُٽ موهن لال تصويرون ٺاهيندو آهي. گنگارام صوفي خيالن جو فهميدي قسم جو ماڻهو هو، هو پُٽن کي چوندو هو ته ڪڏهن ڊگهيون قميصون، ڪڏهن ڇوٽيون قميصون پايو ٿا، اهو ڇا آهي؟ پنهنجي روٽيءَ ۾ گهٽ وڌائي نه ڪريو. اصول هڪ جھڙائي قائم ڪريو. گنگارام صاحب ٻئي کان پاڻ کي ظاهري طور گهٽ سمجهندو هو. هن کي سير تفريحه جو گهڻو شوق هوندو هو. جتي به قدرتي نظارا ڏسندو هو اُتي ڳچ وقت بيهي رهندو هو. هن تلهار شهر جو نقشو به ٺاهيو هو. شهر جو هر گهٽيءَ جي ماپ وکن، قدمن سان ورتائين. تخليقي آرٽ هن ڪري اختيار نه ڪيائين جو ان ۾ بُک کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. تنهن ڪري فوٽو ٺاهي روزي ڪمائيندو هو، چارڪول، پينسل سان فوٽو ٺاهڻ ۾ ڪماليت رکندو هو. هن هڪ دفعي هڪ مجسمو ٺاهيو هو، جيڪو بي حد حسين ۽ حقيقي پئي لڳو چارڪول سان فوٽو ٺاهڻ واٽر ڪلر سان فوٽو ٺاهڻ جو طريقو هي هوندو هو، جو اصلي فوٽوءَ تي گراف وسيلي نقل ٺاهيندو هو، جيڪو اصلي فوٽوءَ کان وڌيڪ سهڻو ۽ حقيقي لڳندوهو. سندس فن ۾ قدرتي ڏات هئي. پنهنجي حياتيءَ ۾ هو خاص ڏينهن تي اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ڊراما ڪندو هو ۽ ڳائيندو به هو. هن تلهار شهر ۾ ڊرامو پيش ڪيو هو، جنهن جي ڊائريڪٽري به پاڻ ڪيائين ۽ ميڪ اپ مين به پاڻ هو ته موسيقي به پاڻ ترتيب ڏنائين. اهو ڊرامون پرنس ڪريم آغا خان کي پسند آيو، جنهن هن کي 3 هزار ڪيش انعام به ڏنو. گنگارام هر وقت سنڌ جي سينڌ سينگارڻ جي ڪوشش ڪئي پر افسوس! هن جي جيئري ڪنهن به قدر نه ڪيو. گنگارام صاحب جو گُرو سوامي ليلا شاهه صاحب هئا. سوامي جي خاص چيلا يا شيواڌاري، جن ۾ سوامي آشارام هو، سوامي ليلا شاهه تاريخ 9 مئي سن 1947ع تي اجمير انڊيا مان کيس خط لکيو، جنهن ۾ لکيو ته هو شهر تلهار کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال ڇڏي، ٻئي هنڌ هليو وڃي، يا انڊيا هليو اچي، پر گنگارام انهيءَ تي عمل نه ڪيو. هن کي زندگيءَ ۾ ڪيترائي دُک ۽ حادثا پيش آيا، جن هن کي دکي بنائي ڇڏيو. هو سندس زندگي حادثن سان ڀريل هئي، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي دکي نه لکايو. هميشه گُل جيان ٽڙندي مشڪندي ملندو هو. آخرڪار هي گلاب جھڙو خوشبودار گُل تاريخ 1982-7-02 تي هميشه لاءِ ڪومائجي ويو. هُن جي خوشبوءِ اڄ تائين لاڙ ۾ مهڪندي رهي ٿي. هو امر آهي، امر رهندو. ڪنهين هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا، اوهين ياد آيا ته ڳوڙها ڳڙي پيا. (سائينداد ساند)

هرجي لال واگهيلا

سب بن تو چندن نهين، سوراڪا دل نانهه، سب سمندر موتي نهين، يون ساڌو جگ مانهه. سنڌ ۾ مصوّرن پنهنجي فن سان معاشري جي عڪاسي ائين ڪئي آهي، جيئن هنن جي هٿن ۾ هر شيِءِ زنده هجي ۽ ساهه کڻندي هجي. شايد اهوئي سبب آهي جو انهن جي آرٽ ۾ فطري سونهن، احساس، سماجي حالتون، ناانصافي ۽ استحصال کي ڏسي سگهجي ٿو. اهڙن ئي مصوّرن ۾ هڪ مهان آرٽسٽ، شري هرجي لال واگهيلا، جنهن تاريخ 1 جنوري 1965ع تي شري وسرام واگهيلا، ڳوٺ ميرپوربٺورو ضلع ٺٽو ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو شريمتي ٻُڌي ٻائي، ذات چاوڙا، جا حيدرآباد شهر جي آهي. شري هرجي لال پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميرپور بٺورو مان ورتي ميٽرڪ سال 1980ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوائز ميرپوربٺورو مان پاس ڪيائين. انٽر سال 1982ع ۾ گورنمينٽ سجاول سائنس ڪاليج بوائز مان ڪئي. سال 1992ع ۾ ڊرائينگ ۾ ماسٽر ڊگري، ڊرائينگ ٽيچرس ٽرنينگ سينٽر حيدرآباد مان حاصل ڪئي، ۽ 1992ع ۾ ايم. اي. پوليٽيڪل سائنس ۾ يونيورسٽي آف سنڌ مان پاس ڪيائين. کيس ننڍپڻ کان ڊرائينگ جو شوق هو، سو پهريائين محمد هاشم بروهيءَ کان 1973ع ۾ ڊرائينگ سکي، ڊرائينگ ۾ هُن جو استاد پهريون سائين عبدالفتاح هاليپوٽو، اسڪول ۾ ممتاز شاهه ۽ ٺارو شاهه کان ڪم سکيو. شري هرجي لال واگهيلا کي پهريائين ڊرائينگ ٽيچر جو آرڊر 1987-06-18 تي مليو، ۽ مڊل اسڪول ميرپوربٺورو ۾ رکيو ويو. سال 2000ع ۾ کيس پروموشن ڏئي BPS-16 ۾ گورنمينٽ ڊرائينگ ٽيچر ٽرنينگ سينٽر حيدرآباد ۾ ڊرائينگ ٽيچر طور مقرر ٿيو، جتي اڄ تائين نوڪري ڪري رهيو آهي، جنهن کي 14 سال ٿي چڪا آهن. پاڻ شادي سال جون 1986ع ۾ شريمتي مينا، ڌي نانجي ذات چاوڙا حيدرآباد شهر مان ڪئي. جنهن مان کيس اولاد 4 نياڻيون ۽ ٽي پٽ آهن. 1. انيل فائن آرٽ ۾ بيچلر ڪئي، نيشنل ڪاليج آف فائين آرٽ لاهور مان پوري پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري، پنهنجو نالو روشن ڪيو. انهيءَ کي اسٽريليا جي آرٽسٽ عورت، 20 هين صديءَ جي مشهور آرٽسٽ پڪاسو سان ڀيٽا ڏني. ٻيو پٽ ارون پڻ آرٽ جو شاگرد آهي، جنهن 4 سالن جي ڄمار ۾ پينسل سان اسڪريچيز ٺاهي ورتو. ٽيون راجيش ڪمار جو ٽيلر ماسٽر آهي. سائين واگهيلا صاحب هن وقت گورنمينٽ نارمل ٽيچرس ٽرنينگ سينٽر تلڪ چاڙهيءَ جو استاد آهي. جنهن جي چوڌاري حيدرآباد جي شاهوڪار ڪٽنب جا نوجوان گڏجي ڪچهريون ڪندي نظر ايندا آهن. هن جو آرٽ ڊرائينگ جي حوالي سان مشهوري ماڻي چُڪو آهي. اهڙيءَ طرح هن جي آرٽ جو سفر اڃا تائين جاري آهي. واگهيلا صاحب کي معاشري جي سموري لقا کي آرٽ ۾ سمائڻ وارو شوق ۽ ذوق ننڍپڻ کان سندس دماغ ۾ چرپر ڪندو هيو، جنهن ڪري اڄ هن منزل تي پهتو آهي. حيدرآباد ڊرائينگ سينٽر کي 14 سال ارپيا آهن، جتي هن 5 سؤ کان وڌيڪ شاگردن کي آرٽ جو ماهر بڻايو آهي. هرجي لال واگهيلا صاحب سنڌ جي ڳوٺاڻي ۽ ٿري عورت کي خاص موضوع بڻايو آهي. جنهن جي پينٽنگس ۾ عورت سان انصاف ٿيو آهي. اڳ ۾ عورت کي ٻئي درجي طور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي هئي، پر هُن پنهنجي آرٽ ۾ ڪُهڻ بدران انسان جي اعليٰ صورت ۾ سمايو آهي. هُن کان فن جا شوقين مرد ۽ عورتون پنهنجي پسند جا پورٽريٽ ٺهرائي گڏ کڻي ويندا آهن. آرٽ جي قيمت 30 هزارن کان لکن تائين مقرر ٿيل آهي، ان جو نقل به هو ڪونه رکندو آهي. هن جي پينٽگ هال ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي تصوير، جا هُن سينئر صحافي حسن مجتبيٰ جي اصرار تي ٺاهي، جيڪو هاڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو. هن وقت هڪ ناچڻي عورت جي تصوير تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪا ڪراچيءَ جي عورت تيار ڪرائي رهي آهي. جنهن تصوير تي هڪ لک روپيه جي قيمت مقرر ڪيل آهي. سائين واگهيلا صاحب جو خيال آهي ته اڄ جديد دؤر ۾ آرٽ مرڻ بدران نکرجي رهيو آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ آرٽ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. ماڻهو جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال ڪرڻ باوجود، آرٽ کان منهن نه موڙيو آهي. فائن آرٽ جو مقابلو سائنس جي ايجاد ڪيل ڪئميرا نٿي ڪري سگهي. هُن پورهيتن جو روايتي ڏانٽي هٿوڙي جو نشان تيار ڪيو، جنهن ۾ قلم جو پڻ اصافو ڪيو ويو. جيڪو تحفو هُن ريٽا شاهاڻيءَ کي ڏنو آهي. هرجي لال جو چوڻ آهي ته هتي ماهر آرٽ عبدالفتاح هاليپوٽي، عبدالشڪور سومرو ۽ ٻيا وڏا نانءُ 30 سالن تائين پنهنجي ڏات ارپي ويا آهن. هتي پينسل آرٽ سيکاريو وڃي ٿو. هُن گهڻو ڪم ڊرائينگ آرٽ تي ڪيو آهي. شاعري ۽ ٻئي موضوع تي مشتمل ڪتابن جا 150 ٽائيٽل به ٺاهيا آهن، جن وڏي مقبوليت ماڻي آهي. سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ آرٽسٽ معاشي بدحاليءَ جو شڪار آهن. کين ثقافت کاتي پاران مڃتا نه ڏيئي تاريخي نا انصافي ڪئي ويئي آهي. هُن پنهنجي اولاد جي پڙهائي لاءِ 10 لکن جو وياج کنيو، جو اڃا تائين ادا ڪرڻ جي مرحلي ۾ آهي. هن آرٽ ۾ تصور کان آزاد ٿي حقيقي پهلو اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس سنڌ جي شاگردن کي هدايت آهي ته اهي هن سنيٽر ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. جن کي ماهر استاد سکيا ڏيڻ لاءِ تيار آهن. تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ آرٽ جي ڏات کي محفوظ بنائڻ لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻ گهرجي، هي ڏات انسانيت لاءِ وڏي ميراث آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ آرٽ کي سڃاڻڻ ۽ آرٽ ٺاهڻ لاءِ آسان اصول مارڪيٽ ۾ موجود آهن. انهي عمل ۾ قيمتي قديمي دؤر جي ماهر استادن جو وڏا ڪردار رهيو آهي. جنهن کي قائم رکڻ اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي. آرٽ جي مقبوليت ڪري، سال 1990ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي روشن راهون پروگرام ۾ اسلم ميمڻ وڃي انٽرويو ڪيو. سائين هرجي لال ڪيترن ئي شوز ۾ حصو ورتو ۽ نالو ڪمايو. (1) سال 2004 ۾ (Solo Show) پرائيويٽ طور ٺٽو ۾ ڪيو. 2. لاڙڪاڻي ۾ گروپ شو ڊيموڪريسيءَ لاءِ جدوجھد بابت نمائش ٿي، جنهن ۾ هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. جنهن ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 1990ع ۾ ذاتي طور کيس انعام سان نوازيو (3) 2005ع ۾ گروپ شوز پاڪستان آرٽ ڪائونسل ۾ حصو ورتو. (4) سال 2006ع ۾ حصو ورتو گروپ شو مهراڻ ڪائونسل حيدرآباد. (5) 2007ع ۾ حصو ورتو گروپ شو خالق ڏنا حال ڪراچيءَ ۾ (6) 2008ع ۾ حصو ورتو، گروپ شو پاڪستان آرٽ ڪائونسل (شهيد بينظير ڀٽو) ڪراچي ۾ (7) 2009ع ۾ حصو ورتو گروپ شو فائن آرٽ ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي آف سنڌ حيدرآباد. (8) 2010ع ۾ حصو ورتو گروپ شو سنڌ ميوزيم حيدرآباد (9) 2010ع ۾ حصو ورتو گروپ شو اسلامڪ ڪئليگراف پينٽنگس، نمائش گورنمينٽ نارمل ڊرائينگ ٽيچرس ٽرنينگ سينٽر حيدرآباد. مٿي ذڪر ڪيل سڀني شوز ۾ هرجي لال واگهيلا جي آرٽ کي ساراهيو ويو. هيءُ اسان جي ميگهواڙ ڪميونٽيءَ جو وڏو آرٽسٽ آهي. هُن پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. سندس آرٽ جا ڪارناما زندگي ڀر اسان جي قوم توڙي پاڪستان جي ماڻهوءَ کي ياد رهندا. هن جو آرٽ سدا امر آهي. انسان آخر ته هليا ويندا آهن پر هيءُ آرٽ ۽ سندس ڪيل ڪم جي ڪري سدائين امر آهي ۽ امر رهندو.

صوفي ماستر سومار مل

اڙي گُل اڙي گُل، پرين تو ته ڏٺو ناهي، سندس رنگ، سندس روپ، ايئن آهي جيئن تون! (شيخ اياز) ميگهه ونس جاتيءَ جي سپوتن فن جي هر رنگ ۾، پاڻ کي مُلڪ توڙي دنيا جي هر خطي ۾ پنهنجو ۽ قوم جو، پنهنجي هُنر ۽ ڪاريگري سان نالو روشن ڪيو آهي. اهڙي ئي هڪ گلاب جو گُل ٿر جي ڀٽن ۾ ڳوٺ پاٻوهر تعلقه مٺي ۾ سروڻ مل پنئار جي گهر، تاريخ 1952-12-15 ۾ اک کولي، سندس ماتا جو نالو ميران، ذات کنڀو، ڌيءَ ڏامون، ڳوٺ ڪيرٽي، تعلقه مٺيءَ جي هئي. پاڻ شادي 20 فيبروري 1976ع جو ڳوٺ کيتلاري، تعلقه ڏيپلو جي مهان استاد سارنگرام هنجڙو جي سُپتري سُگهڙ سان ڪئي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ 4 پُٽ آهن. رميش ڪمار، خوشحالداس، امولک داس، جادم عرف نندلال ۽ پرڪاش، جيڪو 3 فيبروري 2013 تي ديهانت ڪري ويو. جنهن جو وڇوڙو اڄ تائين وڏو صدمو رسايو آهي ۽ ياد ستائيندي رهي ٿي. تعليم جي لحاظ کان پنجون درجو سنڌي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان پاس ڪيائين، ميٽرڪ 1970ع ۾ هاءِ اسڪول ڀٽ ڀائٽي تعلقه کپرو مان پاس ڪيائين. انٽر 86-1985 ۾ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان پاس ڪيائين، 1972ع ۾ SV ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين، سال 1972ع ۾ کيس پرائمري ماستري ملي ۽ پنهنجي ڳوٺ پاٻوهر اسڪول ۾ ڪم شروع ڪيائين. اهو ماستر جو پيغمبري پيشو هُن ايمانداري، نيڪ نيتيءَ ۽ سچائيءَ سان 1998ع تائين نڀايو، پاڻ سفيد پوشاڪ، گيڙو ٽوپي ۽ پٽڪو پسند ڪندو آهي، ۽ اڄ به سندس سينگار بڻيل آهي. هڪ سادو سودو ساڌو صفت انسان آهي. پنهنجي زندگيءَ جو سفر سادگيءَ سان بصر ڪري ٿو. پنهنجي سچائيءَ سان محنت ڪري، پنهنجي هٿ جي مزوري ڪري، مالڪ جي ديا سان وقت سٺو گذاري پيو. صوفي سومار مل سياست کان پري ۽ هڪ آزاد زندگي گذارڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو، ۽ کيس تمام سڪون ملي ٿو. پنهنجي پڙهائيءَ جي وقت کان ئي کيس ڊرائينگ جو تمام گهڻو شوق هو. سندس گهر ۾ هنومان جي مورتي ٺهيل هئي، جنهن جي شيوا ۾ مگهن هوندو هو. آخر انهيءَ شيوا رنگ لاٿو ۽ بجرنگ بلي/ هنومان جي آشيرواد سان، اندر ۾ مورتي ٺاهڻ جي شڪتي پرگهٽ ٿي. تنهنڪري نوڪريءَ سان دل نه لڳي ۽ سال 1998ع ۾ نوڪريءَ مان رٽائرمينٽ ڪئي، انهي وقت سندس عمر 45 سال هُئي ۽ مورتن ٺاهڻ جي ڪم کي لڳي ويو. مورتي ٺاهڻ جي شروعات 1978ع کان شروع ڪئي، اڄ هڪ مڃيل مورتي ساز آهي. جنهن هيستائين 500 جي لڳ ڀڳ مورتيون، ڀڳوان جا جيڪي اوتار، ديو، ديوتا ۽ سنت وغيره جو ڪم سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مندرن ۾ مورتيون ٺاهي، هُن پنهنجي ميگهه ونس جاتيءَ جو نالو روشن ڪيو. مون سندس هڪ ٺاهيل مورتي شري ڪرشن ڀڳوان جي، ڳوٺ ويڙهار تعلقه ڏيپلي جي ماستر پونجو مل ڪڏيچه جي گهر اندر مندر ۾ جڏهن ڏٺي، ته مون کي انڊيا جي بندرابن جا مندر ياد اچي ويا. جڏهن اتي جي ڪاريگرن جي ٺهيل مورتين سان ڀيٽ ڪئي، ته سؤ بار سٺي مورتي لڳي، جنهن ۾ ڪيتري پريم جا رنگ ڀريل نظر آيا. ائين محسوس ٿيو ته ڪرشن ڀڳوان راس ليلا ڪري رهيو آهي، ۽ مڌر بانسريءَ جا سُر منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا. مورتين جي پنهنجي ٻولي آهي اُهو هر ماڻهو نه ٿو سمجهي سگهي، اُهي آرٽسٽ هوندا جيڪي انهن مورتين جي گونگي ٻولي سمجهي سگهندا آهن. آئون اهڙي مهان ڪلاڪار صوفي سومار مل کي لک بار ڌنيواد چوان ٿو، جو ۽ بنا استاد جي ڪيترو سُندر ڪم ڪري رهيو آهي. اهڙا انسان قومن جي تاريخ نشان ٿيندا آهن، جو تا حيات وسارڻ جوڳا نه هوندا آهن. اُهي مائون ڀلي مُرڪن جن جا لاکيڻا لال. 1989ع ۾ لوڪ ورثه اسلام آباد جي ميوزيم ۾ شري ڪرشن جي مورتي سندس ٺاهيل رکي ويئي، جتي لوڪ ورثه طرفان کيس انعام طور 25 هزار روپيه ڏنا ويا، ۽ روحل ڪانفرس سال 2006ع ۾ امر وير لڌارام ايوارڊ جناب وڪيل ارجڻ داس طرفان ڏنو ويو. هن وقت سندس ٽيئي پٽ گڏ مورتن ٺاهڻ جو ڪم ڪن ٿا. پنهنجي محنت سان روزي ڪمائي، سادگيءَ سان وقت گذارين ٿا. سندس چارئي پُٽ رميش ڪمار، خوشحال داس ۽ امولکداس شادي شده آهن، ۽ پنهنجي پريوار ۾ خوش آهن.

شهديو ڏونگراڻي

نام رتن ڌن پائي ڪي، گانٺي بانڌ نه کول، ناهين پن، ناهين پارکو، نهين گاهڪ، ناهين مول. هونئن ته ميگهواڙ جاتيءَ ۾ مهان مصوّر آرٽسٽ موجود آهن جن پنهنجي ڪلا سان پنهنجي قوم ۽ جاتيءَ جو نالو ۽ ڳاٽ اوچو رکيو آهي. جنهن ۾ چترا پريتم بالاچ، جنهن آرٽ جي فن ۾ دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو ۽ جنهن کي ڪلچرل ايوارڊ ۽ صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو، جيڪو اسان لاءِ باعث فخر آهي. انهي کانسواءِ سرڳيه گنگارام آرٽسٽ تلهار واسي، جنهن پينسل، چارڪول سان مصوري ٺاهي، پوري ملڪ توڙي ٻين ملڪن تائين مشهوري ماڻي ۽ جاتي ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. اسان جو ٿر به اهڙن هيرن ۽ موتين کان خالي نه آهي. هي ٿر ۽ واريءَ وارو خطو، جتي به هڪ ڪنول شهديو ڏونگراڻي جي روپ ۾، شري کيتارام کوکر ڳوٺ ٻورلي موسيپوٽا تعلقه مٺي، ضلع ٿرپارڪر ۾ تاريخ 28 فيبروري 1973ع ۾ ڪلا جي خوشبوءَ سان نروار ٿيو. سندس ماتا جو نالو پاٻان ڌي موتي، ذات کنڀو ويٺل ڳوٺ گانگاڻ، تعلقه مٺي جي آهي. پاڻ پرائمري پنج درجا سال 1984ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٻورلي موسيپوٽا مان حاصل ڪيائين. ميٽرڪ سال 1989ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اسلام ڪوٽ مان، ۽ انٽر 1992ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر ميڊئيٽ گريڊ ڊرائينگ سال 1986ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾، مٺي سينٽر مان پاس ڪيو. کيس آرٽ ۽ ڊرائينگ سان ننڍي هوندي دلچسپي هئي. انهي شوق ۾ BA فائن آرٽ سال 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيائين، ۽ سندس اُڏام اڃا اوچي هئي، تنهن ڪري هُن آرٽ جي تعليم جاري رکي ۽ MA فائن آرٽ سال 1997ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري مهانتا ماڻي. تُرت ئي پوءِ شهديو ڏونگراڻي هڪ ڪمپني، نيشنل ائڊورٽائيزر پرائيويٽ لميٽڊ ۾ 1999ع کان 2000ع تائين نوڪري ڪئي، ۽ گڏوگڏ انگريزي مئگزين Wings and Ashia travel News ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور به ڪم ڪيو. پوءِ اُتان نوڪري ڇڏي واپس ٿر وسايائين، ۽ تاريخ 1 جنوري 2001ع تي شريمتي شنڪوتلا عرف ديوي، ڌيءَ مينهدرو مل پرگڙو، ڳوٺ ميمڻ جي تڙ سان شادي رچائي، جنهن مان کيس اولاد هڪ نياڻي نالي شبنم، جا اٺين ڪلاس پڙهي پئي ۽ ٽي پُٽ 1. سرويچ ڪلاس ستين ۾ 2. سرمد ڪلاس ٽئين ۾ ۽ 3. سرتاج ڪلاس پهرئين ۾ پڙهي رهيا آهن. پاڻ سنڌي، اردو، انگريزي، ڍاٽڪي ۽ ٿوري هندي به ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهي ٿو. شاديءَ کانپوءِ ٿرديپ ۾ 2002ع ڌاري پروگرام اسسٽنٽ جي نوڪري تي لڳو، ۽ اڃا تائين ٿرديپ ۾ آهي. هن وقت پروگرام آفيسر جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي قدرت طرفان ڏات مليل هوندي آهي. اهڙي طرح شهديو ڏوگراڻيءَ کي به آرٽ، مصوري ڊرائينگ سان ننڍي هوندي شوق هو. انهي شوق کي ڏسي سندس ڀاءُ ڊاڪٽر جهامن ”جان“ ۽ سندس ماسات سگرام داس سندس همٿ افزائي ڪئي، ۽ آرٽ جي فيلڊ ۾ وڃڻ لاءِ آماده ڪيو. تنهن ڪري حيدرآباد ۾ سندس استاد محمد علي ڀٽي صاحب کان پوري پوري سکشا ورتائين، ۽ رنگن جي دنيا ۾ باقاعدي داخل ٿيو. سندس آرٽ جي فن جو گهڻو ڪري ٿر سان گھرو لاڳاپو آهي. ٿر جو ڪلچر، رهڻي ڪرڻي ۽ هر پهلو سندس اندر ۾ ڄڻ ته اڳ ۾ ڪنهن مهان آرٽسٽ طرفان دل ۽ دماغ تي، پڪي چٽي رنگ سان چٽي ڇڏيو ويو هو ۽ ٿر جي پوئتي پيل علائقي کي هن پنهنجي فن سان پوري دنيا ۾ متعارف ڪرڻ جو عزم ڪيو. شهديوَ پنهنجي ڳالهائڻ ۾ به صاف سُٿرو آهي، ۽ سندس لهجو پڻ پُراعتماد لڳي ٿو. هن جي خيال ۾ فن، ٽيڪنڪ جي ذريعي سکڻ جو نالو نه آهي، پر فن اُها عطا ٿيل ڏات آهي، جيڪا زندگيءَ جي هر موضوع کي پاڻ ۾ سمائي ٿي. مصوّر کي پنهنجي ڏات، زندگيءَ جي ٻين صلاحيتن ۽ هُنرن ڏانهن منصوب ڪرڻ گهرجن. شهديو ڏونگراڻي ٿر جو پهريون نوجوان آهي، جنهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فائن آرٽ ۾ مصوّريءَ جي ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي آهي. هو پنهنجي مصوّري ۾ واٽر ڪلر پينسل ورڪ ۾ ڪم ڪري ٿو. پر هو آئل پينٽ سان ڪم ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. اهائي سندس پسنديده صنف (ميڊيم) آهي ۽ سڃاڻپ آهي. هن جو ڪم، ٿرين جي رهڻي ڪهڻي ۽ حسناڪين جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڍنگ بيان ڪري ٿو. ڪئنواس تي گھرا اسٽروڪ ان سان گڏ پيسٽل رنگ جو متوازن ڇُهاءُ، تصوير کي حقيقت جي وڌيڪ ويجهو آڻي ٿو ڇڏي. پنهنجي مشاهدائي اک سان هو ٿر جي فطري حُسن جي حقيقي منظر کي، تصوير ۾ چٽي ٿو. اهو ٿر، جتي هُن پنهنجي ٻاروتڻ جا املهه پَل گذاريا آهن. کيس يقين آهي ته ”فطرت ئي منهنجو ڪئنواس آهي.“ هو فطرت جي اسڪيچ مان ورتل صفحن کي مصوّريءَ ۾ سمائي ٿو. سندس فني ٽيڪنڪ اها آهي، ته هو رنگن جي ڊگهن ۽ گھرن ڇُهائن کي آزاديءَ سان هر رُخ ۾ کڻي وڃي سگهي ٿو. اهائي ٽيڪنڪ سندس ڪم جي منفرد ۽ بنيادي خوبي آهي. سندس مصوري واري ڏات ۽ خواهش، ڪنهن به جذبي يا مقصد کان آجي، ۽ گهڻ رُخي نه آهي. ڏونگراڻي اهي ئي پورٽريٽ ٺاهڻ چاهيندو آهي، جيڪي هُن خود کي معطمئن ڪن. ٿري ثقافت کي اڳتي آڻڻ ۾ انهن جو ڪردار هجي. گهڻو ڪري شهديوَ کي ان ڳالهه سان ڪو سروڪار ڪونهي، ته هو ڪهڙا رنگ استعمال ٿو ڪري، سواءِ اُن جي ته اهي رنگ سندس تخليق ۽ اندر کي معطمئن ڪندا هجن. هو پنهنجي ڪئنواس تي آزادي جي فطري بادشاهت چٽڻ چاهي ٿو. جنهن جي شاهدي سندس ڪم مان پڻ ملي ٿي. هو پنهنجي ڪم ۾ خود قائليت جو قائل آهي. شهديو جي چوڻ موجب جيڪڏهن هن پنهنجو ڌيان ڪنهن هڪڙي صنف (ميڊيم) تي مزڪوز رکيو، ته اها صنف (ميڊيم) پينٽنگ ئي هوندي. سندس رنگن جو استعمال ۽ انداز سندس ڪم جي حقيقت جو روپ دلچسپ شيءِ آهي. ڪو به ماڻهو سندس ڪم ۾ هُن جي ماحول سان ويجهڙائپ کي ڀلي ڀت محسوس ڪري سگهي ٿو. هڪ ڌنڌوڙي (پروفيشنل) مصوّر هجڻ جي ناتي، هن خوبصورت ڪارڊ به ٺاهيا آهن. جيڪي ٿر جي حقيقي تصوير پيش ڪن ٿا. انهي کانسواءِ ٿرديپ جي لاءِ هُن هڪ ڪتاب پينٽنگ سان سنواريو آهي، جو نالو The Land of Coloures and Cantras (متضاد رنگن جي سرزمين) تيار ڪيو جنهن ۾ اسڪيچ جي مناسبت سان ڍاٽڪيءَ ۾ شاعري ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو به لکيل آهي. شهديوَ جي چوڻ موجب ڏات ڄمندي ئي ماڻهوءَ سان گڏ هجي ٿي ۽ هو پاڻ کي به ڄائي ڄم کان مصوّر سمجهي ٿو پر ان سان گڏ مطالعو ۽ مشاهدو اُن ڏات کي وڌيڪ سنواري ٿو. مصوري سکڻ لاءِ سکيا جي ڪيتري اهميت آهي، ته ڪو ماڻهو سکيا ذريعي پنهنجي صلاحيت کي تلاش ته ڪري سگهي ٿو، پر مصوري ڪري نه ٿو سگهي. ”سکيا توهان جي فن کي سنواري ضرور ٿي، پر تخليق توهان جي اندر ۾ موجود هوندي آهي.“ هو چاهي ٿو ته پنهنجي فن جي نمائش ڪريان پر کيس مناسب رهنمائي ۽ مالي سهڪار جي ضرورت آهي. هو چاهي ٿو ته منهنجي ڪم کي صحيح رُخ ۾ ڏسن ۽ ان جي پويان لڪيل خيالن کي پڙهن ۽ محسوس ڪن، ته هڪ مصور کي خوشي ۽ طمانيت جو احساس ٿيئي ٿو. شهديو مصوريءَ سان گڏ ڪاٺي ۽ مٽيءَ مان مجسما به تخليق ڪيا آهن، جن کي گهڻو ساراهيو ويو آهي. هن پنهنجا فن پاراه سنڌ يونيورسٽي، فائن آرٽ ۽ خانه فرهنگ ۾ رکيا هُئا، جيڪي تمام گهڻو پسند ڪيا ويا ۽ ڪافي وڪرو به ٿيا. انهي کانسواءِ ٿرديپ پاران سال 2005ع ۾ عورتن جو ميلو هاءِ اسڪول گرائونڊ مٺيءَ ۾ منقعد ڪرايو ويو، جنهن ۾ سندس تصويرن جو اسٽال لڳايو ويو هو، ڪافي تصويرون وڪرو ٿيون ۽ پسند ڪيون ويون. پاڻ ٿوري ٿوري شاعري به ڪندو آهي ۽ کيس ڀٽائي صاحب، شيخ اياز ۽ استاد بخاريءَ جي شاعري پسند آهي. سندس سوچ آهي ته اسان جي مُلڪ ۾ فن کي ڪابه اهميت نه ٿي ڏني وڃي، ۽ ڪنهن به مصوّر کي سندس تخليق جي موٽ ۾ ڪنهن به قسم جي قبوليت نه ٿي ملي. هو مٺي شهر ۾ هڪ آرٽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏي ٿو، ۽ محسوس ڪري ٿو ته ايندڙ نسل آرٽ ڏانهن تمام گهڻي رغبت رکي ٿو، جيئن اسان جي ايندڙ نسل کي آرٽ لاءِ اُتساهه ملي. سندس خيال موجب فن رڳو خوبصورتيءَ جي شيءِ ناهي. پر اهو هڪ ذريعو به آهي جنهن سان ماڻهو تخليقي انداز ۾ پنهنجي احساسن جو اظهار ڪري ٿو. آرٽ ۽ مصوري ڳالهائي ٿي. هُن جي پنهنجي ٻولي آهي. مصوّر پنهنجي اندر جا احساسات ۽ جذبا آرٽ جي صورت ۾ عوام کي ٻڌائين ٿا، پر اها ٻولي جيڪو سمجهي. جنهن لاءِ مصوري سکڻ ۽ سمجهڻ ضروري آهي، ۽ علم ئي بنيادي ڏاڪو آهي، جتان انسان فن ۽ تعليم جي اوچائيءَ کي ڇُهي سگهي ٿو. محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو.

برهمچاري سنت اميدرام صاحب

(1884-04-16 کان 1958-03-13) ساري رات سبحانُ، جاڳي جن ياد ڪيو، ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مانُ، ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي. (شاهه) سنتن، صوفين ۽ درويشن دنيا ۾ سدائين ڀائيچاري، امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي. ڏٺو وڃي ته جت جت سنت ۽ مهاتما موجود آهن، انهيءَ علائقي ۾ ادب، امن، سک ۽ شانتيءَ جا بادل وسندا رهندا آهن. اهڙي ئي هڪ امن، ادب، سک ۽ شانتيءَ سان ڀريل فرشته صفت مهاپُرش، پرم ڀوجيه سوامي اميدرام جن تاريخ 1884-04-16 بروز اڱارو، صبح سوير پارڪر جي ڳوٺ راٺي تعلقه ننگرپارڪر ضلع ٿرپارڪر ۾ شري جگارام ٻانڀڻا جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا شري جو نالو جسما ٻائي هو. سوامي جن ننڍپڻ ۾ فرمانبردار ۽ نيڪ خيالن جا مالڪ هُئا. تقريباً ٻارهن سالن جي عمر ۾ سواميءَ جي اکين ۾ مسلسل سُور پيو، ۽ اکين اڳيان پردو اچي ويو، ڄڻ ته دنيا ۾ ڪجهه آهي ئي ڪونه! ماتا پتا پراڻن خيالن جا هئا جن ڀوپن وغيره کان پڇيو پر ڪوبه فائدو نه ٿيو. جڏهن کائنس ڪير پڇندو هو ته اميدرام اوهان اکين کان انڌا ٿي ويا آهيو. تڏهن مسڪرائي جواب ڏيندا هُئا، ته ڀڳوان جي ڀڄن جي لاءِ سورشيار نالي، ڀڳت پنهنجيون اکيون پنهجن هٿن سان ڦوڙيون هيون. پر هي ته ڀڳوان مهراج جي مون تي ڪرپا ٿي آهي، جو بنا محنت ڪرڻ سان ٻئي اکيون ويون آهن، هاڻ خوشيءَ سان رام ڀڄن ڪري پنهنجي جِيوَن جو ڪلياڻ ڪندس. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، مهراج اميدرام صاحب جي ڀڄن ڀاوَ ۾ دلچسپي وڌندي ويئي. هڪ دفعي سوامي رات جو ننڊ ۾ سُتل هئا ۽ کين سپني ۾ هڪ ڀڳووا ويس ۾ سنياسي ظاهر ٿيو، ۽ چيائين اميدرام! تو جيڪو دل ۾ پڪو ارادو ڪيو آهي اهو سنسار جِيوَن جي ڪلياڻ لاءِ آهي، انهي لاءِ ”ڀائي جاڳ!“ ائين ٻڌندي ئي هڪدم پاڻ جاڳي پيا ته اڳيان ڪوبه ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. جيئن اک کُلي ته اک ۾ روشني اچي ويئي ۽ حيرت ٿي. اهو نظارو ڏسي سوامي جي پنهنجي ماءُ پيءُ کي اٿاريو ۽ چيو ته آئون ڪجهه ڏسڻ لڳو آهيان. اهو ٻڌي ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي اچرج ٿيو ۽ خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. ڳوٺ راٺي جي ڀر سان ڳوٺ لينٻاڙو هو، جتي سوامي جو ڀاڻيج آنٻارام رهندا هُئا. انهن ٻنهي جي ٻني ڳوٺ جي وچ ۾ هڪ هنڌ رستي تي هئي، هڪ ڏينهن ٻنهيءَ ڄڻن پنهنجي ٻنيءَ ۾ ويهي ويچار ڪيو، ۽ چيائون ته ڀاڻيج آنٻارام هن فاني دنيا ۾ آهي ڇا؟ انهي لاءِ هلو ته ڪنهن سچي ستگروءَ جي ڳولا ڪري ۽ گرو دکشڻا وٺي جِيوَن جو ڪلياڻ ڪجي. انهي آنٻارام چيو ته آئون به ڪيتري وقت کان اهو سوچي رهيو آهيان. آئون تيار آهيان. سوامي چيو ته اوهان سڀني کي خبر آهي ته آئون اکين کان نابين ٿيو هئس. ڀڳوان مهراج مونکي اکيون ڏنيون، هاڻي ته آئون ڀڳوان جو ئي ڀڄن ڪري پنهنجي زندگي گذاريندس. آنٻارام چيو ته ڏسو 1899ع ۾ آئون پنهنجي ماءُ پيءُ سان گڏ جهنگ ۾ بيمار ٿيس، ۽ چار ڪلاڪن جي اندر منهنجا ماءُ پيءُ مون کي انهي جهنگل ۾ ڇڏي، هن فاني دنيا مان روانا ٿي ويا. اها خبر لينٻاڙي ۾ منهنجي مامي کي پيئي ۽ مون کي گهر وٺي آيا. آئون بچي ويس، جنهن مونکي پالي ڪري وڏو ڪيو. جيڪڏهن منهنجو موت به منهنجي ماتا پتا سان گڏ ٿيئي ها، ته آئون منهنجي زندگيءَ جي خوشيءَ جو ڏينهن ڪيئن ڏسان ها. ڇاڪاڻ ته مرڻ کانپوءِ ڌن دولت ڇڏائجي وڃي ٿي، انهي کان بهتر آهي ته سوچي سمجهي ڇڏي ڏي ته اهو وڌيڪ بهتر آهي. دل ۾ پڪو پهه ڪري ٽنڊي جان محمد ۾ شري 108 سوامي شري هنس نرواڻ صاحب، جيڪي مهاگياني ۽ يوگيراج آهن، جنهن جي اکنڊ ڀڳتي چئني طرف پکڙيل هئي، سو اُتي هلجي ۽ گرو دکيشڻا وٺجي ۽ تيرٿ ڌام شري هنس نرواڻ آشرم ۾ رهجي، ۽ گرو شيوا ۾ رهي ڪري گيان حاصل ڪجي. اهو سوچي ٻئي ڄڻا اسو مهيني جي شڌ پونم چانڊوڪيءَ جي سانجهي وقت گودڙي کڻي روانا ٿيا. راٺي ۽ ٽنڊو جان محمد جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 ميلن جو مفاصلو آهي. چئن ڏينهن کانپوءِ پيادل پنڌ ڪري ٽنڊو جان محمد شري هنس نرواڻ آشرم پهتا. شري هنس صاحب جي شرڻي پئي، ٻئي مامون ڀاڻيج گرو ڀائي ٿيا ۽ سنياس پڻون ڌارڻ ڪيو. اميدرام پنهنجو نالو بدلائي سوامي شري سچيدانند جي، ۽ آنٻارام پنهنجو نالو سوامي شري انيتانند جي رکيو. ٻنهي ڄڻن ڪجهه سالن تائين آشرم ۾ رهي ويدانت شاسترن جو اڀياس ڪيو، گڏوگڏ ڳائڻ وڄائڻ جي ڄاڻ به حاصل ڪئي. ان کانپوءِ گرو انيتانند جي، گرو جي شيوا ۾ پوري زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذاريا، ۽ شري سچيدانند جي عرف اميدرام جي پنهنجي ڳوٺ راٺي واپس وڃي پنهنجي ڪٽنب سان مليا. انهي وقت سنت اميدرام جي عمر تقريباً 18 سال ٿي ويئي هئي، ۽ اميدرام جو مڱڻو ڳوٺ مامچيرو ۾ رگهو گجر جي ڪنيا سان ٿيل هو، انهي جي عمر به 17 سال ٿي ويئي هئي. سندس گرو برهمچاري هئڻ ڪري، سنت اميدرام صاحب پڻ برهم چاري رهڻ جو دل ۾ پڪو ارادو ڪيو، ۽ فقيريءَ جو رستو اختيار ڪيائون. سندس ماءُ پيءُ اميدرام کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو. پر شري اميدرام پنهنجي منگيتي کي ڀيڻ سمجهي کيس چُني اوڍائي ڇڏي، ۽ معافي ورتي ۽ اُها ڪنيا وري سنت اميدرام وٽ آئي اجازت وٺي چوڻ لڳي ته مهراج، توهان جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي، ان ۾ آئون پڻ خوش آهيان. اوهان مون سان شادي ڪري منهنجي جِيوَن جو ڪلياڻ ڪريو، پر سنت هڪ به نه ٻڌي، جنهن هرديه ۾ رام وسي، ان کي ڪير روڪي. بعد ۾ انهيءَ ٻائي جو وهانءَ ٻئي هند ڳوٺ سامي ويريءَ ۾ سوڀو پرمار سان ڪيائون. اهڙي نموني سنت صاحب راکي جو ٻنڌن نڀائيندي، پوري زندگي انهي ڪنيا کي ڀيڻ سمجهي، هر وار پرٻ تي اوڍاڻي ڏيئي ڀيڻ جي رشتي جو پالن ڪيو. انهي کانپوءِ سنت شري اميدرام کي وڌيڪ وئراڳ جاڳيو ۽ سڀئي موهه ڇڏي، واپس گرو آشرم روانا ٿيا. سوامي اميدرام گرو آشرم ۾ رهي، شان شوڪت سان سنگيت وديا حاصل ڪئي. جڏهن پاڻ هن سنگ جي محفل ۾ ستار جي سنگيت وڄائيندا هئا، ته ست سنگ جي سڄي محفل جهومي اٿندي هئي. هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو ڳوٺ راٺي جا راج ڌڻي، ديوي پتر چارڻ شري ڪرشنا ٻائي، شري هنس نرواڻ آشرم ۾ آيا ۽ پوجيه شري هنس نرواڻ صاحب کان گرو لکشڻا وٺي ڪري، ٿورو وقت آشرم ۾ رهي ست سنگ جو لاڀ ورتو، واپسيءَ وقت سوامي هنس صاحب کان اها گهر ڪئي، ته اوهان اميدرام کي اجازت ڏيو ته آئون منهنجي پنهنجي ڳوٺ راٺي وٺي وڃان، ۽ اُتان کان پري ٻه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي گڍڙا چارڻ ۾ آشرم ٺاهيون ته جيئن اسين سڀ اوهان جي ڪرپا سان ست سنگ جو لاڀ حاصل ڪري سگهون، جنهن تي شري هنس نرواڻ صاحب اجازت ڏني ۽ سڀئي گڏجي گڍڙي چارڻ روانا ٿيا. ڳوٺ جي سڀني ماڻهن گڏجي هڪ خوبصورت آشرم تيار ڪيو، ۽ پيٿا پور گڍڙي کان سواءِ ٿرپارڪر جا ڪيترائي ماڻهو ست سنگ جو لاڀ وٺڻ لڳا، ۽ پاڻ گڍڙي آشرم ۾ رهڻ لڳا. سوامي اميدرام جا ڪيترائي وِرگت ۽ گرهستي شيوڪ هُئا. انهن مان ورِگت شيوڪ شري لکشانند، گرهستي شيوڪ شري پريمارام، شري سوامي کيتارام صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي شيوڪ آهن. سوامي اميدرام هڪ مهان ودوان يوڳي هُئا. پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيتريون ئي تيرٿ ياترائون ڪيون هيون، جنهن ۾ هري دوئار، ڪاشي وغيره. انهن تيرٿ آستانن ۾ رهي ڪري وڌيڪ گيان يوڳ پراپت ڪيائون. جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪي ماڻهو کانس سوال پڇندا هئا ته پاڻ آسان لفظن ۾ سمجهائيندا هئا. پاڻ هميشه مستقبل جي باري ۾ هر ڳالهه جو انڀِوءَ ڪندا هئا ۽ ٿيندو برابر ائين هو. تنهن ڪري ٿرپارڪر جي ماڻهن ۾ سوامي اميدرام جي لاءِ اهڙي پڪي ڀاونا ٿي ويئي هئي. پاڻ وڏائيءَ کان پاسو ڪرڻ، سادگيءَ سان گذارڻ، سته ڪرم ڪرڻ، پاپ نه ڪرڻ لاءِ پرچار ڪندا هُئا. سال 1947ع ۾ شري سوامي لکشانند صاحب هتان لڏي انڊيا ويا، ۽ گجرات علائقي جي اترئين حصي جي ڊيما نالي ڳوٺ ۾، شري هنس نرواڻ آشرم ٺاهيو، ۽ اُتي رهيو. انهي جو گرو سنت اميدرام کي گرو شيوڪ جي وڇوڙي جو ڏک رهيو. انهي کانپوءِ سوامي اميدرام گڍڙي چارڻ ۾ آشرم ۾ اڪيلا رهيا. ٿورن سالن کانپوءِ هندوستان مان لکشانند جو خط آيو، ته ٻاپو منهنجي طبعيت ٺيڪ ڪونه آهي، هينئر احمد آباد مان علاج ڪرايان پيو. هن خط ملڻ سان پاسپورٽ ٺهرائي، احمد آباد پهچندا ته توهان جو درشن ٿيئي. خط ملندي سنت اميدرام پاسپورٽ ٺهرائي احمد آباد وڃڻ جي تياري ڪئي. ڊيما ڳوٺ کان ڏيسا مان گوئيل شري رتن لال جي، سان گڏ احمد آباد آيا ۽ لکشانند سان مليا. لکشانند جي حالت ٺيڪ ڏسي لکشانند کي مطمئن ٿيو. اُتي ڏهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ پاڪستان اچڻ جي تياري ڪئي ۽ اُتي سڀني ست سنگين ۽ رشتيدارن کي مخاطب ٿي چيو ته پيارو! مون وٽ جيڪو به وديا (علم) گيان گڻ هو، اهو مون لکشانند کي ڏنو آهي ڇو ته اهو منهنجو روپ آهي. تنهن ڪري دل ۾ شانتي رکي هي ڳالهه سمجهي وٺندا. ڇاڪاڻ ته منهنجي هي آخري موڪلاڻي آهي. هي ڳالهه لکشانند چڱي طرح سمجهن ٿا، پر توهان ڪونه سمجهندا، جنهن سبب آئون روحاني طريقي سان اوهان سان گڏ هوندس پر هي پنج ڀوتن (عنصر) جو ٺهيل سرير توهان ڪونه ڏسي سگهندا. انهي ڳالهه سان ماڻهن کي حيرت اچي ويئي. اڄ کان چوڏهين ڏينهن ۾، يعني 1958-03-13 خميس جي ڏينهن روانو ٿي ويندس انهي سان مون کي ائين لڳو ٿي ته مونکي ٻه ڪم باقي آهن جنهن ۾ هڪ ته پيارو شيوڪ لکشانند جنهن کي روشن ڌيان ۽ ٻيو ته پوجيه سوامي شري هنس نرواڻ صاحب جو آخري ديدار ڪريان. هڪ ته ڪم پورو ٿيو هاڻي صبحاڻي ڪشن گڊ ۾ سوامي هنس نرواڻ صاحب جا درشن ڪري واپس پاڪستان گڍڙا آشرم لاءِ روانو ٿيندس، سڀني کان موڪلائي ڪشنگي پهتا جتي شري هنس نرواڻ جن جو درشن ڪيو، جتي هڪ رات رهي سواميءَ کان اجازت وٺي پاڪستان گڍڙا آشرم روانا ٿيا. بعد ۾ ٽن ڏينهن کانپوءِ احمد آباد ۾ شري لکشانند کي مهراج شري هنس نرواڻ صاحب جو خط مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته پياري شيوڪ پتر شري لکشانند کي معلوم ٿئي، ته سنت اميدرام منهنجا درشن ڪري پاڪستان گدِڙا آشرم روانا ٿي ويا آهن، ۽ آشرم ۾ پهچي ويا، جتي سماڌي لاءِ مٽي، پٿر سيمنٽ وغيره گڏ ڪرڻ لڳا آهن. ست سنگين پڇيو ته هي پٿر ۽ سيمنٽ ڇا جي لاءِ گهرايا آهن؟ سوامي اميدرام جو جواب هو ته ڀائي هي سماڌيءَ جي آخري گهر جو سامان آهي. هاڻي صرف اٺن ڏينهن جا مهمان آهيون. ماڻهن کي اچرج لڳو ۽ چوڻ لڳا سائين توهان ڪڏهن بيمار ٿيا هئا؟ توهان جو جسم تندرست ۽ جوان جھڙا لڳا پيا آهيو، ائين اهڙو يڪدم سرير ڪين ڇڏيندا. ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. پاڻ چوڻ لڳا ته سماڌيءَ جي ڏيوري ٺاهڻ جو ڪوبه خيال نه آهي، پر پريمي ڀڳتن لاءِ هڪ يادگار تصوير سماڌي ڀڳتن جي لاءِ ضروري آهي. ان کانپوءِ اٺون ڏينهن پورو ٿيو. سوامي اميدرام صاحب سڀني ڳوٺن جي ست سنگين کي خبر موڪلي، ته سج نڪرڻ کان پهرين پهرين سڀ مرد ۽ ناريون آشرم ۾ پهچي وڃن، سنت اميدرام صاحب تمام جسماني طريقي سان وهنجي سهنجي تيار ٿي، پدم آسڻ لڳائي نرواڻ پد جو آواهن ڪري رهيا هئا. سنت سنگي چوڻ لڳا سوامي اميدرام! اسان جو پريم اوهان جو آخري ديدار ڪري رهيو آهي. اميدرام کلندي چهري سان جواب ڏنو، هي آشرم سنتن جي تپ ڀومي آهي. تنهن جي جھڙي نموني حفاظت ڪئي اٿو. اهڙي نموني مستقبل ۾ ڪجو. هاڻي سڀ گڏجي ڪري ٽي دفعا چئو، اوم شري جئه هنس نرواڻ! ائين ٽي دفعا آواز ڪندي سوامي اميدرام انتر ڌيان ٿي ويا، ۽ هيءَ فاني دنيا ڇڏي پرماتما جي حقيقي سروپ ۾ ملي ويا. آخر ۾ سڀني ڳوٺ وارن گڏجي سوامي اميدرام جي آخري ياترا ۾ حصو ورتو، گهر گهر سوامي اميدرام وئڪنٺ وڃڻ جي آجيان ڪئي. آخري ڏينهن شام 4 وڳي آشرم اندر، سماڌي ٺاهي، سڀني پريم جا گلڙا وسايا، انهي سان گڏوگڏ ڪيترن ئي پريمي ڀڳتن گُل روپي پريم جا آنسو ورهايا. ٿورڙن ڏينهن کانپوءِ ڊيما آشرم ۾ لکشانند کي خط مليو، جنهن ۾ لکيل هو ته برهمم نشٽي برهم سردتري يوڳيه راج گرو ديو سوامي اميدرام پدم ڌام پڌاريا آهن. خبر هلندي ئي ڊيما ۽ گجرات جي ڪيترن ئي علائقن مان ڪيترائي ماڻهو سوامي اميدرام جي آتما کي آشيرواد ڏيڻ جي لاءِ لکشانند سان ملڻ جي لاءِ اچڻ لڳا. اهڙي مهان پرش جي آتما هميشه لاءِ، امر رهي ٿي. (اميد ولاس تان ورتل) جو جيو شرڻ آءِ پڙي دک دور جاءِ، اُميدرام ايس گاءِ سنت گڻون ڪي ڀنڊاري، مُک سي ڪهيا نه جا وي سنت انسنت جو اُٻاري.

سنت جئرام داس صاحب

(1891ع کان 1990-06-13ع) ساڌ بڙي پرمارٿي، گهن جيون برسين آئي، تپن بجهاون اور ڪي، اپنو پاوس لائي. اسان جي سنڌ ڀومي آدجڳاد کان مهان رهي آهي ۽ سنڌ جي مٽي ۽ پاڻيءَ ۾ ايتري ته ڪشش رهي آهي، جو هتي ڪئين قافلا آيا، آخرڪار اُهي ڪجهه عرصي کانپوءِ سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا ۾ ائين ضم ٿي ويا، جيئن کير ۾ کنڊ ملي هڪ ٿي ويندي آهي. ڇو ته هي سنڌ ڌرتي سنت مهاتمائن، يوڳي پُرشن ۽ صوفي ساڌو سنتن جي ڌرتي رهي آهي. هتي ڪيترائي سچا سنت مهاتما ۽ اوتاري پُرش جنم وٺي چُڪا آهن. اهڙي ئي هڪ يوڳي پورڻ سنت شري جئرام داس صاحب جن، تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر جي ڳوٺ ٻٽڙي ۾ شري ڀيمارام درڙو جي گهر، اٽڪل سال 1891ع ۾ جنم ورتو. سندس ماتا ٿهارو ذات ڪڏيچه ويٺل ڳوٺ ويڙهار تعلقه ڏيپلو جي ڌي هئي. ڀڳت صاحب جن جي اڃا ٻال اوستا هئي ته سندن پتا صاحب جن هن فاني سنسار کي ڇڏي سرڳواس پڌاريا. اڃا ڪجهه وقت گذريو ئي ڪونه ته سندس اڪيلي ڀيڻ به هن جھان مان موڪلائي ڪري ويئي. انهن ڦرندڙ گهرندڙ حالتن مٿن اهڙو اثر ڪيو، جنهن سان سندس اُهي ويچار اُتپن ٿيا ته هي سنسار فاني مسافر خانو آهي. هن مرتيو لوڪ ۾ ڪو اهڙو ڪرم ڪجي، جنهن سان جنم مرڻ جو ڦيرو ڪٽجي وڃي. ڇو ته انهي حياتيءَ ۾ هن دنيا کي بلڪل ڀلائي، ڀڳوان جي ڀڄن ۾ پنهنجو پاڻ کي گذارجي، آخر هن فاني دنيا ۾ ايشور کان سواءِ ڪابه شيءِ رهڻ واري نه آهي. ايئن ٿيندي ڀڳوان جي ڀڳتيءَ جو ويراڳ لڳو. پهريائين سندن ڳوٺ جي ڀر ۾ هڪ ”سرو“ نالي شهر هوندو هو، جتي هڪ ٽڪاڻو هو، جتي پرماتما جي ڀڳتي ڪرڻ لڳا. پر پوءِ ترت وري ٽنڊي جان محمد هليا ويا، جتي هنس نرواڻ نالي مشهور آشرم هو، اُتي اڳ ۾ به ڪيترائي سوين ٻالجتي برهمچاري تياڳي، ساڌو سنت رهندا هُئا، اُتي سنت مهاراج پرمانند صاحب هنس نرواڻي جي چرڻن ۾ ڀڳت جئرامداس صاحب شيش نماڻي کان گُرنام ورتائون. سندن گُرو صاحب هندو پاڪ جي ورهاست بعد ڀارت هليا ويا. مهاراج سوامي هنس صاحب ٻالجتي، تياڳي يوگيراج سڌ ساڌو هئا. جنهن جي نالي هنس نرواڻ پنٿ قائم آهي. جنهن جا شيوڪ اُنهي کي تسليم ڪرڻ وارا پوئلڳ مڃڻ وارا هندو، سنڌ ۾ ڪيترائي سوين، هزارين ساڌو موجود آهي. اهو آشرم ورهاست هندو پاڪ کان اڳ ۾ قائم هو، ۽ هاڻي اُنهي هنڌ تي سوامي هنس صاحب جي ورسي ملهائي ويندي آهي. جتي ”صدقي“ (مڃڻ وارا) انهي جي ياد ۾ اُنهي ڏينهن ايشور ڪيرتن ڪري ڦل حاصل ڪندا آهن. اُتي ڀڳت جئرامداس صاحب ڪجهه سال رهي، ڪافي ڪجهه ڀڳتي جو رستو حاصل ڪيو، پوءِ ڪجهه سال ٿر جي شهر مٺيءَ ۾ رهڻ ٿيو. اُتي پنڊت مهراج سوامي مولشنڪر صاحب کان پهرين کان ستين تائين سنسڪرت جي تعليم حاصل ڪيائون. سندس اعليٰ ذهنيت جي ڪري سوين شاگردن ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي. بعد ۾ ناناڻن جي ڳوٺ ويڙهار آيا جتي مامي شري ٺارو مل زمين ۾ ”ڀؤنرو“ (معنيٰ زمين جي اندر ڏهه ٻارنهن فوٽ اونهو يوڳ آستان ٺاهيو ويندو آهي، جنهن کي ڀؤنرو چيو وڃي ٿو.) ٺهرائي ڏنو. انهي ڀؤنري ۾ ٽي سال رهي يوڳ ساڌنا ڪئي. انهيءَ طويل عرصي دوران گهربل شيوا سندس مامي ڪئي، جنهن جو کيس ايشور به ڦل سٺو ڏنو. انهي وقت سندس مامي شري ٺارو مل پڇيو ته، ڀڳت صاحب توهان ڀؤنري ۾ ٽي سال رهي يوگ ڪيو هو، جنهن مان ڪجهه ته اسان کي به ٻڌايو ته اوهان ڇا حاصل ڪيو؟ ڀڳت چيو ته مون يوڳ ساڌنا منتر يوگ، اسٽانگ يوگ، ليه يوڳ، راج يوڳ ريچڪ، پورڪ ۽ ڪنڀڪ وغيره جو به ويچار ڪيو آهي. ڀڳت صاحب جڏهن ڀؤنري مان نڪتا ته وار بلڪل اڇا ٿي ويا هئا، پر وري بعد ۾ ساڳيا وار ڪارا ٿي ويا. يوگ پورو ڪرڻ کانپوءِ سنت جن پاڻ ڳوٺ ۾ هندي، سنڌي تعليم ڏيڻ لاءِ پوري ڳوٺ کي توجهه ڏيارڻ لاءِ پرچار چالو ڪيائون، جنهن سان گڏوگڏ ڀڳتي پرچار ۾ وشنو ڌرم پالڻ، ڪيرتن ڀڳتي وغيره جي انگن جو به پرچار ڪيائون، جنهن جو ڳوٺ ته سٺو اثر پيو. انهي وقت ڳوٺ جي سندن جاتيءَ ۾ ڪوبه پڙهيل نه هو، تنهنڪري شروعاتي تعليم ڏيارڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ڳوٺ لاءِ هڪ سال جي عرصي تائين وقف ڪيائون. پهريائين سندن مامي شري ٺارو مل جي پُٽن کي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪافي ڪجهه گيان رُوپي سکيائون ۽ سمجهاڻيون ڏنائون، تمام گهڻو تعاون ۽ همدردي ڪري پرائمري تعليم کان وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نيڪ مشورا ڏنائون. جنهن ۾ ايشور چاهيو ته اُهي به سٺي تعليم حاصل ڪري ويا. اهڙي طرح آهستي آهستي پوري ڳوٺ تي تعليم جو پورو اثر ٿيو. اڄڪلهه ڳوٺ ۾ تعليم يافته ماڻهن جي اڪثريت عام آهي. ٿر ۾ گهڻي کان گهڻا پڙهيل ويڙهار ڳوٺ ۾ آهن. ڀڳت صاحب جن کي درويشن بزرگن ۽ فقيرن جي صحبت ۾ رهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، تنهنڪري انهن بزرگن جي تلاش ۾ هُن وري به هندستان ياترا لاءِ تياري ڪئي. ڀڳت صاحب جڏهن ويڙهار کان هندستان ياترا تي ويا تڏهن هيٺين هنڌن جھڙوڪ هري دوئار، گنگاجي، ڀيمگوڙو، وشنو مندر، رُشي ڪيس، آبوراج، لکي تلاءَ کان ٿي گجرات ڪاٺياواڙ، جُهوناڳڙهه، گرنار وغيره هندن تي ويا. اُتان کان ڪجهه وقت کان پوءِ پنهجي اباڻي وطن موٽيا، جتي سندس مامي شري ٺارو مل سان ويڙهاڙ ۾ ٻيهر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڀڳت صاحب سان سٺي گيان چرچا ٿي. پاڻ پهرين ٻال جتي، تياڳي ۽ برهم چاري ساڌو ٿي رهڻ ٿي چاهيو پر سندن مامي کين سمجهايو ته گرهستي ڀڳتي اتم آهي، اهڙي طرح سنسار ۾ رهي ٻئي ڪرم سڦل ٿي سگهن ٿا، پوءِ پاڻ شادي لاءِ آماده ٿيا. اهڙي طرح سان ڀڳت صاحب گرهست آشرم ڌارڻ ڪيو. پاڻ شادي شريمتي هستو ڌييءَ لالو مل، ذات پنهون، ڳوٺ ڪئورل، تعلقه ڏيپلي مان ڪئي جنهن مان کيس اولاد هڪ پٽ نٿورام آهي، جو پرائمري ماستريءَ، تان رٽائر ٿي، هاڻي حڪمت جو ڪم ڪري رهيو آهي. سٺو حڪيم آهي جنهن جي ونساوري ۾ اڄ به سندس پُٽ پوٽا انهي جي دعا سان سُکيا ۽ خوش آهن. ڀڳت صاحب جن جا ٻالاپڻ کان وٺي سندس لکشڻ اُتم ۽ سداچاري هوندا هئا. سندس شيوڪ گُرنام جپڻ وارا ايشور جي ڪيرتن ڀڳتي ڪرڻ وارا، اڄ به سندس پنهنجي ٿر علائقي ۾ يا انهي کان علاوه وڌيڪ هئا. سنڌ ۾ ملندا، پاڻ پنهنجي زندگي دوران پنهنجي رس ڀريل گيان چرچا سان هر عام ماڻهو کي متاثر ڪيو. اباڻي رهائشي علائقي يا ڏوراهين هنڌن تي سندس تعريف جو مثال پاڻ هئا. سنت مهاتمائن يا عام ماڻهن سان ميل جول، ستسنگ بنا ڀيد ڀاءُ جي هوندو هو. ڪيرتن ڀڳتيءَ ۾ کانئس ماڻهو گيان رس حاصل ڪندا هئا، جيڪو سڀئي هڪ ويراڳ جي لئه (ڌُن) ۾ مگهن رهجي ويندا هئا. ڀڳت صاحب جن آخر ۾ گرهست آشرم ڌاري ڳوٺ ويڙهار ۾ رهيا. جتي ڀر ۾ شهر ڏيپلو آهي، اُتي شريمان سنت مهاتما ٻاليجتي، تياڳي راما ٻائي صاحب، هنس نرواڻي پڇمائي پير آشرم ۾ رهندا هُئا. جنهن جو ڀڳت صاحب جو پاڻ تمام گهڻو ستسنگ ڪٿا ڪيرتن نيم ڌرمن ۾ هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ هو. جيڪو هينئر ٻائي صاحب جن سرڳواسي پڌاريا آهن، ۽ پويان ڀڳت صاحب جن جو شيشه (شيوڪ) نالي سنت چيلارام، جيڪو به ٻاليتي برهمچاري تياڳي آهي، جنهن کي به ڌنڪار هجي پنهنجو پاڻ کي ايشور نام جي ناتي تياڳي ٿي نڀائي رهيو آهي، جيڪو اڄڪلهه پڇمائي پير آشرم ڏيپلو ۾ جتي ٻائي صاحب رهندا هئا. اُتي مندر جي ٻهاري ڪڍي، هڪ فخريه ناز شيوا سمجهي، اهڙي طرح سان اعليٰ شيوا ڀڳتيءَ جي ڌُن ۾ مگهن آهي. انهيءَ هنڌ تي رهڻ لاءِ ٻائي صاحب جن آگيا ڏيئي ويا آهن. جنهنجي شيوا ۾ وچن جو پالن ڪري رهيو آهي. شري ڀڳت جئرامداس صاحب جڏهن ڪبير صاحب، گورک ناٿ صاحب، پرمانند صاحب جي ڀڄنن جو ستسنگ جي وچ ۾ ويهي، جڏهن کولي گيان ٻڌائيندا هئا، ته دنگ رهجي ويندو هو. اُتي ٻڌندڙ پريمي اُنهي گيان ڀريل گفتار سان ويراڳي روپ ۾ مگهن ٿي ويندا آهن. ڀڳت صاحب جن ڪال ڪروڌ کي اهڙو ته ختم ڪيو، جيڪو سندس شيرين زبان سان هڪ دفعو ملندو هو ته اهو کانئس ڏاڍو متاثر ٿيندو هو. اسان جي ڳوٺ ويڙهار ۾ هريجن ڪالوني اسڪول منظور ٿيو، تڏهن انهيءَ وقت ڀڳت صاحب جن چيو ته اها اسڪول جي جاءِ منهنجي ڀؤنري واري هنڌ ٺاهيو ته اهو اسڪول ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو. ڇاڪاڻ ته ڀؤنري واري جڳهه هڪ يوگ آستان واري زمين هئي. هاڻي واقعي اهو اسڪول پرائمري مان برانچ مڊل ۽ انهي مان فُل مڊل تائين پهچي ويو آهي. اُميد ته اهڙن سنتن جي دُعا سان هاءِ اسڪول جي صورت ۾ بدلجي ويندو. سنت جن جو پنهنجو رهائشي ڳوٺ اڄڪلهه پورو تعليم سان سجايل آهي. ڀڳت صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ ڇند سندس ۽ ڀڄن وغيره چيا آهن، جيڪي سندس جِيوَن جرنند ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. جڏهن آخر ۾ ڀڳت صاحب جن گرهستي آشرم ڌارڻ ڪيو، تڏهن سنسار ۾ رهي ڪجهه فني تعليم حاصل ڪئي. 1. جوتش ٽپڻي ۾ وڏن مهاراج پنڊتن ۾ شامل ٿيندا هئا. 2. آير ويدڪ طب و حڪمت ۾ به سُٺي مهارت رکندا هئا. جيڪو فن پيشه هيو جنهن کي گورنمينٽ پاڪستان تسليم ڪري رجسٽرڊ ڪيو. اهڙي طرح سان هڪ سئو سالن جي ڄمار ۾، تيرهين جون 1990ع پرهه باک ڦٽيءَ جو ساڍي 5 وڳي هن فاني سنسار کان موڪلائي، پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا. هر سال ورسي ڪري ملهائي ويندي ته ياد تازي رهندي، ۽ پونئين لاءِ به هڪ سٺو سبق رهندو. ٻيا به انهي طرح ايشور ڀڳتي ڪري پنهنجي پاڻ کي مُڪت ڪن. ڌنڪار هجي انهن سنتن کي. ايشور اهڙا سنت هن ڀوميءَ تي پيدا ڪري ته جيئن ايشور ڀڳتيءَ جي پرچار سان، پنهنجي گيان چرچا جي پريم رس ۾ انهي پريما ڀڳتيءَ جي ”ديپ“ سان ٻين کي عام روشن ڪن.

سنت کيتارام صاحب

(1880 کان 1977–10–10) سنت اور پارس ۾ اتنا انتر جاڻ، وه لوهي ڪو ڪنچن ڪري، وه ڪري آپ سمان. هن سنسار ۾ سنتن، صوفين ۽ درويشن سدائين ڀائيچاري، امن ۽ محبت جي سکشيا ڏني، ۽ جت جت سنت مهاتما موجود آهن، انهي ڀوميءَ ۾ ادب، امن، سک ۽ شانتيءَ جا ديپ هميشه روشن رهندا آهن. اهڙي ئي هڪ روشن ديپ، شرومڻي سنت کيتارام جو جنم ڳوٺ ڍنڍورو تعلقه ننگرپارڪر ضلعو ٿرپارڪر ۾، شري ڪونڀارام ڪڏيچه جي گهر 1880ع ۾ ٿيو. سندس مائٽ اصل ڳوٺ کينسر تعلقه ڇاڇرو جا رهاڪو هُئا. جتان کان حالتن جي تبديليءَ ڪري ڳوٺ تگوسر تعلقه ننگرپارڪر آيا. مالدار ماڻهو هئا. ڪجهه وقت اُتي رهيا ۽ سنت جا مائٽ وري اتان لڏي ڳوٺ شولو تپو هاڙهو تعلقه ننگرپارڪر ۾ آباد ٿيا. جتي پڻ ڪجهه عرصو گهاري بعد ۾ ڳوٺ ڍنڍورو ۾ رهائش اختيار ڪئي. سنت صاحب جي جنم دوران هند پاڪ گڏيل هو ۽ انگريزن جي راجڌاني هئي. تعليم جو رواج ايترو عام جام ڪو نه هو. سنت صاحب هندي، گجراتي ۽ سنسڪرت جي وسيع ڄاڻ رکندا هُئا. در اصل پاڻ ڪنهن پاٺشالا يا اسڪول وغيره ۾ تعليم ڪونه ورتي، پر سندس گرو سنت اميدرام صاحب ۽ ٻين سنتن جي صحبت جي ڪرپا سان حاصل ٿي. سنت صاحب جي ٻالاپڻ ۾ ئي پرماتما سان لگني لڳي هُئي، ۽ دنيا جي ڪار وهنوار ۾ گهٽ ڌيان رهيو. ٻارنهن تيرهن سالن جي عمر ۾ سندس اِڇا ۽ مائٽن جي آگيا سان ڳوٺ شولو ۾ سامي سنتوش ناٿ ۽ ٻين يوڳيشورن جي شرڻ ۾ ويا. جتي محنت ڪري آگيا ڪري رهي، سِڌي يوگ ڪمائي، پوري طرح وِڌي ٻُڌي حاصل ڪئي. 30 سال مسلسل يوڳ ڪيو. يوگ دوران هنس نرواڻ صاحب آشرم ٽنڊو جان محمد ۾ رهيا. انهي بعد دل ۾ نشچيه ارادو ڪيو ته گرو سکشا لازمي آهي. انهي وقت سنت صاحب جي عمر 27-28 سال کن هُئي، انهي وقت هڪ مهان سنت شري اميدرام صاحب، هنس نرواڻي ذات ٻانڀڻيا اصل ڳوٺ راٺي جا ڳوٺ گڍڙو ۾ پرشڌ ٿيل هئا. سنت کيتارام صاحب کي پڻ انهي مهان سنت جو سنگ نصيب ٿيو ۽ وچن ڏيڻ جي پرارٿنا ڪئي. پر سنت اميدرام هڪ بزرگ ۽ ڪرڻي پُرش ۽ ٻال برهمچاري هُئا، جيڪي سمجهي ويا ته هن شخص وٽ سڌي يوگ حاصل ٿي آهي. ان ڪري سنت کيتارام صاحب کي چيائين ته پاڻ انهن ڳالهين کان ڪنارا ڪشي ڪري سڌي ريت ڀڳتي مارگ تي اچن، ته گرو وچن ملي سگهندو. تڏهن سنت کيتارام گرو صاحب جي آگيا سويڪار ڪئي، ۽ وچن وٺڻ خاطر هر قيمت تي تيار هُئا. اهڙي طرح سنت اميدرام صاحب کيس پنهنجي شرڻ ۾ ورتائين ۽ نام دان ڏنو، پوءِ سنت صاحب گرو وچن جي پالنا ۽ ايشور ڀڳتيءَ ۾ لين ٿي ويا. سنت کيتارام صاحب جو خيال هو ته هو برهمچاري رهي، گرهست کي تياڳي. ڇو ته سندس گرو سنت اميدرام هڪ برهمچاري هئا. پر سندس مائٽن سنت صاحب جو مڱڻو ڳوٺ بڙتلا لڳ ٻهراڻو ۾ ارجڻ اِڻکيه جي ڌي گنگا ٻائيءَ سان طئه ڪري ڇڏيو هو. پوءِ گرو اميدرام جن فرمان ڪيو ته ڪيل مڱڻيءَ جي پالنا ڪئي وڃي ۽ گرهست ڀڳتي اُتم ڀڳتي آهي. اهڙي طرح گرو صاحب 1921ع ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو، ۽ خير اصلوبيءَ سان گرهست آشرم جا فرائض سرانجام ڏيندا رهيا. کيس اولاد ۾ هڪ پُٽ سامارام هو، ۽ ٻه نياڻيون هيون. سامارام کي هڪ پُٽ نالي نارائڻ داس ۽ پنج نياڻيون آهن. نارائڻ داس هن وقت سندس گادي نشين آهي. سنت صاحب جا ناناڻا ڳوٺ ڏاڀڙو ۾ ذات پنئار جا هئا. سنت جو هڪ ڀاءُ هو جو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو. سنت کيتارام پيرن پنڌ ڪري ڳوٺ ۾ هر وائڪ تي وڃي، ستسنگ رچائي، ڀڳتي ۽ گيان جو پرچار ڪندا هئا. خاص ڪري ڀوڏيسر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ پريم ڀاوي تمام گهڻو هئي. ڀوڏيسر آيو هو تڏهن سندس عمر اٽڪل 60-65 سال کن هئي. پوءِ اُتي جي پريم ڀاوي ڏسي سنت ڪٽنب سميت ڳوٺ ڀوڏيسر ۾ رهائش اختيار ڪئي، ۽ پنهنجو آشرم ٺاهي رهڻ لڳا. سندس وچنن ۾ اهڙي شڪتي هوندي هئي، جو سندس آسيش مان ڪيترن ئي سوالين جون مرادون پوريون ٿينديون هيون، ۽ سدا لاءِ نهال ٿي ويندا هئا. ڀوڏيسر ۾ سنت صاحب جي نالي، جتي سوامي کيتارام صاحب جي بيٺڪ هُئي، اُتي آشرم جوڙيل آهي، جتي هر سال ڪيترائي شرڌالو شرڻ اچن ٿا ۽ منوڪامنائون پوريون ٿين ٿيون. اهڙا عظيم بزرگ هميشه امر هوندا آهن. انهن جا روح پويتر هوندا آهن ۽ انهن ۾ الاهي نور جي جوت سمايل هوندي آهي، دعا جا دروازا هوندا هئا. پر مورک ماڻهو اهڙن سچن هيرن جي سڃاڻپ ڪونه ڪري سگهندا آهن، جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي: هيرن ۽ موتين جي، ڪي سالڪ لهن سنڀار، جيڪي لوهه ڪُٽين لوهار، تن کي ڪهڙو قدر سونَ جو. سنت تگارام اڻکيه جيڪو سنت کيتارام جو پرم پريه شش هئا، انهي جي لکڻ موجب ته سنت صاحب جو قد ½ 6 فوٽ هو، سرير جا سنها پرشاندار هئا. سندس ڪشادي پيشاني، من موهيندڙ روشن چهرو، سفيد ڏاڙهي، ويڪري ڇاتي، سُندر اکيون هيون. اهڙي ئي پيار ۽ ميٺاج سندس سندر تيجوي نيترن مان هڪ اٽوٽ ڌارا مثل وهندو پيو هو. سندر مُکاروند مان ڪڏهن به ڪٺور وچن ڪين نڪتو. هو کميا جو ساگر هو. هو سچا سنت ۽ پرماتما جا ساکيات تسوَ روپ هُئا. هر ڳالهه کي ديا، نمرتا ۽ ڌيرج سان سمجهائيندا هئا. پاڻ هميشه حلال ڪمائيءَ مان گذران ڪندا هئا ۽ ائين ڪرڻ لاءِ هدايت ڏيندا هئا. جيئن گرو نانڪ جو شيوڪ آهي. پاڻ سدائين کٿا، کرڙ، لويون، فراسيون ۽ کيس وغيره ٺاهي، انهي مان پنهنجو پيٽ گذران ڪندا هُئا. وڻڪر جي لحاظ کان مهارت حاصل هوندي هئي. هو هڪ پورڻ جوڳي هو. هنس نرواڻيءَ جي اصولن متن ۽ قاعدن جا پابند هئا.سنت کيتارام صاحب پنهنجي من موهيندڙ مٺي آواز ۽ وائي ذريعي اپديش ڪندا هئا، ته هن ڌرتيءَ تي ڪوبه انسان اوچ نيچ نه آهي، سڀنيءَ ۾ هڪ جھڙي آتما وياپڪ آهي. سڀ انسان برابر آهن. ڪرم مهان آهي. اُتم آهي جو ڪري، سنت کيتارام صاحب پيرن پنڌ ڪري ستسنگ ۾ ويندا هئا. ڀڄن واڻي ڪندا هُئا. خاص ڪري جانجهه وڄائڻ جا وڌيڪ شوقين هئا. جڏهن پريم لڳندو هو تڏهن اُٿي ناچ جي صورت ۾ جانجهه جي ڌمال ڏيندا هئا. پاڻ ڪوي به هئا، ڪيترائي ڀڄن جوڙيا آهن، جي اڄ تائين ڳايا وڃن ٿا. پاڻ 30 سال يوڳ ڪيو هو، ٻئي جي من جي وستو (خواهش) پڻ سڃاڻي ويندا هئا. خاص ڪري وڃايل مال جي گهورن کي ڏس ڏيڻ ۽ وڇون ۽ بلا جي ڏنگلين کي چڱو ڀلو ڪرڻ اهڙي ڏات پرماتما طرفان مليل هئي. سنت ڪڏهن به ڪونه چوندو هو ته آئون گرو آهيان. سنت هميشه هٿ جو پورهيو ڪري. محنت مزدوري ڪري، وڻج واپار ۽ کيتي ٻاڙي ڪري پنهنجو جِيوَن نروار ڪندا هُئا. جيئن ڪبير صاحب جا شش راجا مهاراجا هُئا پر سڄي زندگي ڪوري جو ڪم ڪندا رهيا. ڀڳت روي داس آزاد هڪ مهان پُرش هو پر زندگي ڀر موچيءَ جو ڪم ڪري گذران ڪندو هو. سنت نامارام سڄي عمر ڪپڙي جي رڱاوت ڪري گذران ڪيو. مالڪ جا پيارا ڀڳت هميشه حق حلال جي روزي کائيندا آهن. سنت صاحب جا مختلف ذاتين جا ماڻهو پنهنجي شرڌا ۽ اُڪير سان پورن گرو سمجهي شيوڪ بڻيا، جيڪي سوين آهن. ڪجهه ذڪر ڪجي ٿو. دادا رام اڻکيه، ميارام اڻکيه، ڏرنگارام اڻکيه ۽ توڳارام اڻکيه ڳوٺ ڀوڏيسر جا آهن. انهي کانسواءِ پيٿارام ۽ هالو واڍا سوراچند، حاجارام ڊگهڙي، رڻملسنگ ٺڪر، سونجي ٺڪر راڻو ۽ سندس گهر واري چمپا ٻائي ذات چارڻ ڳوٺ مئو، سرڳواسي گرڌاري لال عمرڪوٽ، حڪمون گُجر مامچيرو، هيرام ويراج ۽ ٻيا ڪيترائي شش آهن. لکڻ مان ڪتاب ڀرجي ويندو پر سنت شڻومڻيءَ ۾ چمتڪار ۽ ڪرامتون مشهور آهن. 1947ع پاڪستان ٺهڻ بعد سنت کيتارام صاحب ڀوڏيسر مان لڏي، اچي عمرالدين پنجابي، لڳ ڪُنريءَ ۾ آباد ٿيا. آخري ڏينهن اُتي گذاريا. جڏهن سنت صاحب آخري سفر جو سانڀائو پي ڪيو، ته پنهنجي شيوڪن کي اڳواٽ ڄاڻ ڏني ته تٿ اماس مهينو ڀڊو، سنبت 2036 تي انگريزي تاريخ 1977–10–10 بروز منگل تي هي چولو ڇڏيندس. منهنجي سماڌي عمرڪوٽ ۾ ميگهواڙن جي پاڙي کان اولهه پاسي دڙي تي، جتي ڪوڏر جي ٺپي جو نشان هجي اُتي رکجو، ۽ چيائين ته منهنجي شيوڪن کي اطلاع ڪيو وڃي ته مقرر وقت تي پهچن. وقت پڄاڻي تي پهتو، سڀ شيوڪ ڳوٺ عمرالدين پجابي پهتا. سنت جو منڊپ رچائي مقرر ٽائيم تي کير جو پيالو پي، چادر اوڍي اوم جو آواز اچاري، سائين جن هن پنجن تتون جي خاڪي چولي جو تياڳ ڪيو، ۽ جوتي جوت ۾ سمائجي ويا. سندس وصيعت موجب سندس پويتر سرير کي ششيه سماڌيءَ لاءِ ڏولي ڪري، عمرڪوٽ ۾ جتي سائين جن جي مقرر ڪيل هنڌ تي سماڌي ڏني ويئي، اُتي اڄ تائين هر سال بڊي جي اماس تي وڏي ڌام ڌوم سان ميلو لڳي ٿو. جتي هزارين ياتري اچن ٿا ۽ پنهنجيون منون ڪامنائون پوريون ڪن ٿا. سڄو ڏينهن رات ست سنگ ڀنڊارو هلي ٿو. جتي انائونسمينٽ جا فرانض سندس مهان شيش، شري حڪمو جي گُجر جن ڪندا آهن. سنت صاحب جي پُٽ سومارام ۽ ڌرم پتني گنگا ٻائيءَ جون سماڌيون به سنت جي ڀر ۾ آهن. سنت جي سماڌيءَ تي پريمون ميگهواڙ، رهندڙ ساهيوال، رحيم يار خان پنجاب وارو مجاور طور فرائض انجام ڏيئي رهيو آهي، ۽ گادي نشين سنت صاحب جو پوٽو نارائڻ داس آهي. جتي سنت صاحب جي سماڌي آهي، اتي اڳي کارو پاڻي هو پر هاڻي مٺو ۽ پلر ٿي پيو آهي. سنت جي سماڌيءَ جي چؤديواري ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ طرفان ڏياري ويئي آهي، جتي قسمين قسمين جا وڻ ۽ ٻوٽا پوکيا ويا آهن، ۽ سماڌي سرڳ جو ڏيک ڏيئي رهي آهي. جتي شرڌالو روزانه ستسنگ ڪندا رهندا آهن. پيئي جن پڻي، گنجي ڏونگر گام جي، ڇڏي ننڊ گهڻي، لوچي لاهوتي ٿيا. (شاهه)

سنت لکشانند

آگ لڳي آڪاش ۾، جهَر جهر ڪري انگار، سنت نه هووي جگت ۾، جل مري سنسار. سنڌ جي سندر ڌرتي ۽ پارڪر جي پويتر مٽي ڪيترن ئي مهان سچن سنتن، مهاتمائن ۽ اوتاري پُرشن کي جنم ڏنو آهي. جيڪي سنت ساڌو پنهنجي شڪتي ذريعي نه صرف هتان جي لوڪ واسين کي، پر پوري دنيا بلڪه چوڏهن لوڪن جي ڪلياڻ واسطي اوچ آدرش يعني مُڪتي پد جو درجو ڏيئي، پنهنجي مرضيءَ سان واپس هليا ويندا آهن. اهي ساڌو سنت هتان جي منش جاتيءَ کي ڪرم اپاسنا يعني ڪرم يوڳ جي صحيح حقيقي وڌي جي باري ۾ سکيا ڏيڻ لاءِ وقت به وقت جنم وٺندا آهن. اهڙن ئي اوچ ڪوٽي سنتن ۾ هڪ اهڙو سنت شري لکشانند صاحب به هو، جنهن شري رتن راءِ اڻکيه جي گهر عمرڪوٽ شهر ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڪنڪو ٻائي، ذات جي واگهيلا هُئي. سندس جنم کانپوءِ سندس مائٽن لڏي اچي ڳوٺ ٻهراڻو تعلقه ننگر پارڪر ۾ رهائش اختيار ڪئي، پاڻ ننڍي عمر ۾ ئي ايشور ڀگت هئا. سندس پتا صاحب ۽ ماتا صاحب ننڍي عمر ۾ پرلوڪ پڌاري ويا. پوءِ سنت اميدرام صاحب جي شرڻ ۾ ويا جنهن پتا وارو سهارو ڏنو، ۽ گڍڙو آشرم ۾ رهي سنت اميدرام وٽ شاسترن جو اڀياس ڪيو ۽ هندي، گجراتي، سنسڪرت جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ نيٺ گرو سکشا پڻ ڏني ۽ شادي به ڪرايائون. پوءِ سنت لکشانند گرو صاحب جا آگيا ڪاري ٿي ڀڳتي رس ۾ لين ٿي ويا. سنت شري کيتارام صاحب جا گرو ڀاءُ هُئا ۽ سنت اميدرام صاحب جا پاٺ ۽ پرم پريه شيوڪ هئا. گرو صاحب جي آسيس سان ڪوٺ ڪرڻ جو ڏانءُ پلئه پيو. اهڙي طرح سنت لکشانند هر لحاظ کان ايتري لا محدود جوڙ ڪلا ڪري، دنيا جي ماڻهن لاءِ صحيح واٽ جي شمع ٻاري ويا آهن. هن اگيان روپي انڌڪار ۾ سنت لکشانند جي قوت جي درشٽيءَ جي آڌار تي، منش صحيح دڳ تي لڳي جِيوَن سڦل ڪري سگهي ٿو. سنت صاحب ڪيترائي ڀڄن، شلوڪ، ساکيون، وڌنائون ۽ ڪويتائون وغيره ڪٿيون آهن. مطلب ته وڏا ڪوي پُرش هُئا. اٽڪل 1947ع ڌاري سنت صاحب هتان کان لڏي هندوستان ويا، جتي پڻ ڌرم جو پرچار ڪيو. هندوستان ۾ ڳوٺ ڏيسا گجرات ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي هنس نرواڻ جو بنياد رکيو ۽ ڳوٺ ڀيما ڌاڻي ڌر به ويو، جتي به هنس نرواڻ آشرم جو بنياد رکيو. سندس شاديءَ مان کيس ٻه پُٽن جو اولاد آهي. ميهندرو، جيڪو MBBS ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو پرتابراءِ جيڪو ماستر آهي، ۽ کيس ٻه نياڻيون آهن. گڍڙي آشرم ۾ رهڻ کانپوءِ ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊوجان محمد هنس نرواڻ جي آشرم ۾ اڌيا تمڪ جو گيان حاصل ڪيو. پوءِ هندوستان ٿيرت ياترا لاءِ ويا، جتي پُشڪر راج، گوڪل، مٿرا، بندرابن ڪُروکيتر، هري دئار، رِشي ڪيش، ايوڌيا، بنارس ۽ ڪاشي وغيره جي تيرٿ ڪيائون. ڪاشيءَ ۾ هڪ ويدانت رشيءَ کان وياڪرڻ ۽ پينگل جو اڀياس ڪيو. سنت صاحب ڪَوِتا جا ست ڪتاب شايع ٿيل آهن: 1. لکشانند اپديش، 2. لکشانند اپديش امرت، 3. لکشانند سنگيت مالا، 4. لکشانند سنگيت سمن، 5. لکشانند سنگت سمن ٻيو ڀاڳ، 6. لکشانند ولاس ڀاڳ لکشانند پرڪاش ڀاڳ، 7. جگياسو ٻوڌ ۽، سنڌيا سمرڻ. هڪ دفعي انڊيا ۾ احمد آباد ۾ هڪ مهاڀارت ست سنگ جو اهتمام ٿيو هو، جنهن جو وائڪ سنت لکشانند صاحب کي پڻ هو. جتي مختلف ورڻن جا ماڻهو آيل هُئا. سنت صاحب به تشريف وٺي ويا. واري واري سان مهاتمائن گيان پرچار پئي ڪئي. جڏهن سنت صاحب جو وارو آيو ته مڙني ماٺ ڪئي. سنت کي ٻارنهن ٻولين جي علم جي ڄاڻ هئي. اهڙي طرح ڪٽر هندوئن کي دل ۾ حسد ۽ ساڙ جاڳيو، ۽ اهڙي سازش سٽي، جو سنت صاحب تي هڪ ايڪسيڊنٽ/ حادثو ڪرايو. انهي حادثي ۾ سنت صاحب امر ڌام جا واسي ٿي ويا. سنت صاحب کي ڳوٺ ڊيما تعلقه ٿراڊ ضلع بناس ڪانٺا ۾ سماڌي ڏني ويئي. جتي هر سال ويساک مهيني جي چوڏس انڌاري تي وڏو ميلو لڳندو آهي. پوري هندوستان ۾ هنس نرواڻ پنٿ جو پرچار مليو، ڪوين جي حوالي سان شايد ڪبير سنت کانپوءِ لکشانند کي مهانتا ڏني وڃي ٿي. سنت صاحب ذات جا اڻکيه هُئا، تنهن ڪري هر شلوڪ ۾ اڻکيه لفظ ڪتب آندو آهي. انهي سان برادريءَ جو نالو جڳ ۾ پڻ روشن ڪيو آهي. آدنمو اميد ڀوَتارون ڀڳوان تي، آپيو آتم ڀيد، اورڻ مِٽي اڻکيه. * مانگو مانوَ ويهه، پرٿوي مان پرگهٽ، ڪرڻ نيڪي ٿي نيهه، اوسر آيو اڻکيه. سنت صاحب جا ڪيترائي شش آهن. خاص ڪري 1. گنگارام راجستان 2. شنڪر پينٽر احمد آباد 3. پريمارام پيٿاپور 4. جامارام اڻکيه ڀوڏيسر. هري دوار ۾ ڪشمير ميواسي سوامي نيٿا شري نند جي پرم هنس جي شيوا ۾ رهي، آير ويد جو گيان حاصل ڪيو. آيور ويد جو سٺو ڄاڻو هوندو هو. پاڻ برنال پنجاب ڪاليج مان MAMS پڻ ٿيا. ديدراج رجسٽر پريڪٽيشنر آيور ويد به ٿي رهيا، سنت صاحب جو ڪافي مواد شري حڪم چند، ميمڻ ڪنري واسيءَ کان مليو. ڪوئي دوڙي دوارڪا، ڪوئي ڪاشي جائي، ڪوئي مٿرا جو چلئه، صاحب گهٽ هي مانهه.

سنت بانڪارام

(1866ع کان 1965–8–09) برڇه ڪبهون نهين ڦل ڀکين، ندي نه سنچي نير، پرمارٿ ڪي ڪارڻي، ساڌن ڌرا سرير. هن ڌرتيءَ تي پرماتما ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ڪيترائي سنت، رشي، مُني، رهبر ۽ ڪيترائي مهاتما پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي زندگي، ذات جي ڀلي لاءِ ارپڻ ڪندا رهيا آهن. ميگهه کيمڙو، ميگهه ماهيو، ميگهه ڌارو ۽ روهيداس جھڙا سنت پيدا ٿيا آهن. جن پنهنجي شڀ ڪرمن ڪرڻ سان سدائين امر ٿي ويا آهن. اهڙي ئي هڪ مها گياني پُرش بانڪارام عرف سوامي وويڪانند صاحب جن جو جنم امراڻي ويري، لڳ گڍڙو روڊ تعلقه ٻاڙمير راجستان ۾، شري لڪشمڻ ذات پنئار جي گهر ٿيو، سندس ماتا جو نالو مايا هو. ٻال اوستا ۾ ڳايون چاريندا هُئا. سندس مائٽ مالدار هُئا. هڪ ڏينهن ڪنهن سنک جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو ڪنهن مندر مان پئي آيو. پاڻ اُنهي کان پرڀاوت ٿي سنتن جو سنگ ڪرڻ لڳا، ۽ آخر هڪ ڏينهن سنت ڏيارام کان نام ڀڄن وٺي، پنهنجي اڌيا تمڪ ساڌنا شروع ڪئي. جتي به وسُراڳ ورتي هجڻ ڪري جلد ئي پورڻتا پراپت ٿي. هن پنج درجا سنڌي پاس ڪيا هئا، ۽ هندي وديا جي مڪمل شکشا وِرتي هئي. سنسڪرت جا به ڪجهه درجا پڙهيو. ان ۾ ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ گڏوگڏ يوڳ اڀياس جو تجربو حاصل ڪيائون. سوامي بانڪارام عُرف وويڪانند صاحب تمام سٺا ڪوي (شاعر) ويدانتي ست سنگي ۽ سماج سڌارڪ پُرش هُئا. پاڻ زندگيءَ جو گهڻو حصو سنڌ ۾ رهيا، خاص ڪري مهراڻي جي پوتر مٽيءَ جي سگنڌ کيس ڇڪي ايندي هئي، ۽ مهراڻي ۾ گهڻو وقت رهندا هئا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به 1961ع تائين سنڌ ۾ ايندا رهندا هُئا. ميگهه ونس جاتيءَ ۾ سجاڳيءَ لاءِ جاکوڙ ڪندا هئا. شروعاتي دؤر ۾ اسان جي جاتي تمام پوئتي پيل هئي ۽ گندا دنڌا ڪندا هئا. تڏهن شري بانڪارام صاحب سنڌ ۾ اچي مهراڻي جي خطي ۾ رهندڙ ميگهواڙ جاتيءَ کي گندا ڌنڌا ڪرڻ کان روڪيندا هئا، ۽ تحريڪ هلائي. انهن ڏينهن ۾ ڳوٺ سينهوئي لڳ چيل بند ۾ ٻڙهيا ذات جا ميگهواڙ رهندا هئا، انهن کي تڪليف ٿي جو بانڪارام صاحب غلظ ڌنڌن کان روڪڻ لاءِ اپديش ڪندو رهندو هو، ته هُنن ڀڳت تي هڪ ٺٺولي ٺاهي ته: ساڌ سياٽي، ڀڳت ٽوپلو، ساڌان ري شيوا ڪري! سو اهي کوپلو، اها ٺٺولي ٻڌڻ سان شري بانڪارام جا شش تپي باهه ٿي ويا، ۽ چيائون ته اوهان اسان جي گروءَ جي مانَ جي گستاخي ڪئي آهي. سنت ۽ مهاتما جي مانَ ۽ مريادا ڀنگ ٿا ڪريو اها ٺيڪ نه آهي. انهي تي سنت بانڪارام صاحب پنهنجي ششن کي ٿڌو ڪيو ۽ چيائين ته ٻچا، توهان انهن تي رنج خوامخواهه پيا ٿيو انهن صحيح ته چيو آهي. شيوڪن گرو صاحب کي چيو ته اهي صحيح ڪيئن ٿا چون؟ هي چٿرايون ٿا ڪن! اسان انهن کي ڪونه ڇڏينداسون، بانڪارام صاحب شيوڪن کي چيو ته بابا هي چون ٿا ساڌ سياٽي. (جُتيءَ جي تر ۽ پني کي ڳنڍڻ واري آر) جيئن سياٽي يعني آر جُتيءَ جي تري ۾ پني کي گنڍي ٿي ۽ هڪ ٿي ڪري، تيئن ڀليل ڀٽڪيل ماڻهن جي آتما کي سنت هڪ ٿا ڪن. ڀڳت ٽوپلو، جيئن ٽوپلو يا ٽوپي مٿي کي گرمي سردي وغيره کان بچائي ۽ محفوظ رکي ٿي، تيئن سنت اسان کي ڪام ڪروڌ، آرڪ وڪارن کان بچائن ٿا ۽ وڪارن کان آجو ڪن ٿا. ساڌان ري شيوا ڪري سو آهي کوٻلو، کوٻلو يعني پاڻيءَ جو دُٻو. جيئن پاڻي جو ننڍو دٻو به پکي، پشو ۽ ماڻهوءَ جي پياس ٿو مِٽائي، تيئن اسان کي سنتوش روپي جل پياري، اسان جي ترشڻا (لالچ) روپي پياس مٽائين ٿا، ۽ اسان کي منزل مقصد تي پهچائين ٿا. هي ويچارا بلڪل صحيح آهن، ۽ صحيح پيا چون. توهان هنن جي ڳالهه ڪونه پيا سمجهو. مطلب ته سنت بانڪارام ۾ وڏي سهپ ۽ کميا هئي. هو انرٿ جو ارٿ ڪري اسان جي راهه روشن ڪندا هُئا. پاڻ ته يوڳي ۽ سنياسي هُئا. شادي ڪونه ڪئي، ٻالجتي ۽ برهم چاري هئا. منزل ماڻي چُڪا هُئا، پر گهر گرهستين کي سيکاري سنواري، شڌ بڻائيندا هُئا، وڪار ڌوئي صاف ڪندا هُئا. سنت بانڪارام صاحب جنهن به ڳوٺ ۾ رهندا هئا، ته صبح ۽ شام سڀني ننڍن توڙي وڏن کي گڏ ڪري، سنڌيا سمرڻ سکاريندا هُئا. اُن جو اثر اڄ به رامهور ڳوٺ ٻسٽان ۽ مختلف ڳوٺن ۾ آهي، ۽ هن ماتائن کي هندي پڙهائي شاستر گيتا وغيره پڙهايا هئا. اُهي ماتائون اڄ به صبح سوير اٿي سنان پاڻي ڪري، سنڌيا ڪري گيتا پاٺ ڪنديون آهن، ۽ شري بانڪارام صاحب جا رچيل پستڪ گرهه درپڻ 2. ويدانت درپڻ جو پڻ اڀياس ڪنديون رهن ٿيون، ۽ پنهنجو جِيوَن سڦل ڪنديون رهن ٿيون. سنت بانڪارام عرف وويڪانند صاحب جي ڪوتا جڳ پرسڌ آهي. جنهن ذريعي هُن ماڻهن ۾ وڏو سڌارو آندو. سنت بانڪارام صاحب پنهنجي ڪوتا وويڪانند جي نالي سان مشهور ٿيا. سوامي جي ڪوتا مختلف جلدن ۾ ڇپي آهي، جن ۾ هي پستڪ آهن.1. گرهه درپن: هن ۾ هر گهر گرهست بابت نيتي سکيا آهي، خاص ڪري ماتائن لاءِ اُپديش ورڻن ٿيل آهي. 2. ويدانت درپن: هي اڌياتمڪ وديا ۽ برهم گيان جو پورڻ ڪتاب آهي، ۽ جِيوَ آتما جو ڪلياڻ پرلوڪ کي سوارڻ جي سُڌ ڏنل آهي. 3. وويڪ درپڻ: هن ۾ ڀڄن، واڻي، آرتي ۽ استوتي ۽ برهم گيان سمجهايو ويو آهي. ڪوتا کانسواءِ ڌرم پرچار ۽ سوامي بانڪارام صاحب، رامائڻ تي تمام گهڻو عبور رکندا هئا. سائين جا رتن سنڌ مارواڙ ۾ تمام گهڻا ٿيا. جنهن ۾ خاص ڪري. 1. ڀڳت پاتارام صاحب رامهور واسي جو پرم شش هو 2. ڀڳت کينئل ۽ هرجي رام ٻسٽان واسي، 3. ڀڳت سيئو مل ٻسٽا مهراج سان سدائين گڏ هوندا هئا. 4. ڏانو مل، ليمون مل سامارو شهر 5. ڀڳت گنگارام، ڀڳت ڀاڳچند، مهرچند رامهور واسي، جيڪي ڀڳت پاتارام جا سپوتر ۽ بانڪارام جا سچا سپاهي هئا. جڏهن بانڪارام صاحب رامهور ايندا هئا ته هي پريمي سڀ انتظام سنڀاليندا هُئا، ۽ مهمانن جي خاطر خواهه خدمت ڪندا هُئا، ۽ هر سال شري بانڪارام صاحب عرف وويڪانند صاحب جو ميلو، ڏهين ڏينهن رامهور ۾ وويڪانند آشرم ۾، ٻارس ساهي سانوڻ مهيني ملهائيندا آهن. سوامي بانڪارام صاحب تٿ ٻارس چاندني، مهينو سانوڻ نسبت 2022 انگريزي تاريخ 1965–8–9 جو هن فاني دنيا کي الوداع چيو، ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويا. سندس ڄمار سئو سال چئي وڃي ٿي. پاڻ برهمچاريه هُئا. سندس ڀائيٽو وشنارام، جو هڪ ڪوي ٿي گذريو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڀڄن ڪٿيا هئا، جيڪي اڄ به گڊڙا روڊ ۾ موجود آهن. سرڳواسي وشنرام جو پُٽ جيرام داس به هڪ مهان ڀڳت آهي. ان لمحوں کی یادیں سنبھال کر رکھنا، ہم یاد تو آئیں گے، لیکن لوٹ کے نہیں۔

سنت پاتارام صاحب

(1882ع کان 1979–7–07) سب تن تو چندن نهين، سورا ڪا دل نانهه، سب سمندر موتي نهين، يون ساڌو جگ مانهه. هن سنسار ساگر ۾ هر طبقي، هر قوم، هر قبيلي ۽ ملڪ ۾ سنت ۽ مهاتما ضرور جنم وٺي ايندا آهن. سنڌو ڌرتي اسان جي پويتر ماتر ڀومي آهي. اسان جي سرير ۾ سنڌ جي صديون پُراڻي مِٽيءَ جو ميلاپ آهي. اسين قديم رشين جو سنتان آهيون جن کي اڄ ڪلهه ميگهواڙ چيو وڃي ٿو. وڻن، ڍنڍن ۽ بادلن وانگر سنتن جو جنم به پرمارٿ جي واسطي آهي. ترورَ سرورَ سنت جَن، چوٿا بادل ميهه، پرمارٿ ڪي ڪارڻي، چارون ڌاري ديهه. اهڙا سنت وقت به وقت جنم وٺندا رهن ٿا ۽ پاڻ سان گڏ ٻين کي به تاري پار اُڪارين ٿا. مهراڻي جي پويتر ڀومي پڻ اهڙن سنتن کان وانجهيل نه آهي. انهي پويتر مٽيءَ تي جئه اوم ايشور جا ڀولا ڀالا، نيت صاف ۽ ملائڪ صفت ماڻهو رهن ٿا. اُتي چند سنتن پنهنجو پاڻ پسايو آهي. اسان جي ان مهراڻي جي مٽي صوفين، درويشن ۽ سنتن کي جنم ڏنو آهي. جن دنيا کي انسانيت جو درس ڏنو. اهڙن سنتن لاءِ گرو ارجڻ ديو مهاراج جن سُکمني صاحب ۾ فرمائين ٿا ته: آپ مُڪت، مُڪت ڪري سنسار، نانڪ تيس جن ڪو، سدا نمسڪار. شري ڪرشن گيتا ۾ فرمايو آهي ته جڏهن ڌرم گهٽجي ٿو، ۽ پاپ وڌي ٿو، تڏهن آئون پنهنجي ڀڳتن جي رکشا ڪرڻ لاءِ ڪنهن روپ ۾ پرڪاشت ٿيان ٿو. نيڪيءَ جي اسٿاپنا ڪرڻ ۽ بديءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ جُڳ جُڳ ۾ اوتار وٺان ٿو. اهڙن مُڪت پر اُپڪاري پُرشن مهاتمائن مان شري پاتارام صاحب به هڪ هئا. جنهن سال 1882ع جو شري هرچند ذات لهوا، ڳوٺ رامهور، تعلقه ڪنري، ضلع عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس ماتا شري جو نالو پدمان ٻائي، ڌي پڏو مل، ذات جئپار، ڳوٺ اکاڻي، تعلقه ڇاڇرو، ضلع ٿرپارڪر جي هئي. ڀڳت پاتارام صاحب جن ڪنهن اسڪول ۾ وديا ڪونه پرايائون، پر بچپن ۾ ئي پورب جنم جي سنسڪارن ڪري منجهن ڌرمي ڀاؤ اچڻ لڳا. سندس ننڍپڻ ۾ ئي ڀڳتيءَ طرف لاڙو هو. پاڻ مندرن ۾ ويندا هئا ۽ ست سنگ ڏاڍي ڌيان سان ٻڌندا هئا. ڀڄن ڪيرتن ته ڄڻ سندس زندگيءَ جو هڪ حصو هو. ننڍڙي اوستا ۾ ئي سندس من نرمل هو. ٻين جي لاءِ پنهنجي دل ۾ جاءِ هئڻ ڪري، هر ڪنهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سندس وشواس پڪو ۽ اٽل هوندو هو. هر وقت هري ڀڄن ۾ مگهن رهندا هُئا. ڪو وڏو اُستاد جھڙو يا عام ڀلي جھڙو ڪم ٿيڻو هوندو هو ته پاڻ اڳواڻ ٿيندا هُئا. جتي ٻيا ڪيٻائيندا هُئا اُتي پاڻ حاضر ٿي پرشارٿ جو اصل سندرو ٻڌندا هئا. سوامي جن جڏهن 12 سالن جي ڄمار ۾ هُئا، تڏهن کان گرو ڌارڻا ڪرڻ جو خيال ڪري، ٻين سنتن سان گڏ هلندا هُئا. سنتن جو قول آهي ته: ”گرو بنا مُڪتي نه هوئي.“ تنهن ڪري سندس گروءَ جي ڳولا جو خيال پڪو ٿيندو ويو، ۽ گرو جي ڳولا ۾ سندس من وڌيڪ مائرو ٿيڻ لڳو، ۽ پاڻ ويچارن ۾ لپٽجي ويا ته ڪنهن به طرح گرو ڌارڻ ڪجي. هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪنهن اوسر تي ڀڳت پاتارام ڀڄن واڻي ڪري رهيا هئا، ته بانڪارام صاحب جن آواز ٻڌي ڏاڍو پرسن ٿيا، ۽ سيئو مل نالي پنهنجي شش کي چيائين ته اهو ڇوڪرو جيڪڏهن پنهنجي سنگ ۾ اچي ته ڏاڍو سٺو. آخر هڪ دفعي ڀڳت پاتارام سيئون مل کي وٺي بانڪارام صاحب جي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن نيو ڇوڙ پهتو ته خبر پيئي ته بانڪارام صاحب هتي آيل آهن. پوءِ سنت صاحب سان پنهنجي نام سمرڻ جي اِڇا پرگهٽ ڪئي. بانڪارام صاحب سچي شرڌا ڏسي پاتارام کي پنهنجو شش بڻايو ۽ نام دان ڏنو. ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ واپس پنهنجي ڳوٺ ۾ ستگروءَ جي ٻڌايل نيم ڌرم جو پالڻ ڪرڻ لڳا. ڀڳت پاتارام ننڍي هوندي ئي سنت شيوڪ ۽ مهمان نواز هُئا. ڪجهه وڏا ٿيا ته ورثي ۾ وئراڳ اُتپن ٿيو. سندس مائٽن شادي ڪرڻ لاءِ چيو ته صفا انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي سندس مائٽن سندس گرو صاحب کي شڪايت ڏني ته اوهان جو شش سنت پاتارام اسان مائٽن جي ڳالهه نه ٿو مڃي. توهان هُن جا گرو ديو آهيو، کيس سمجهايو ۽ شاديءَ لاءِ آماده ڪريو. انهي ڳالهه جي ڀڳت پاتارام کي جڏهن خبر پيئي ته هُن پنهنجو مٿو، ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙائي، ڀگوون ويس پائي، آس پاس جي سڀني ڳوٺن مان گهمي ڦري آيو، ته هن حالت ۾ ڪوبه مون کي ڌيءَ ڏيڻ قبول ڪونه ڪندو، ۽ آئون شادي ڪرڻ کان بچي ويندس، ۽ برهم چريه ورت پالڻ ڪري سڌو سنياس اختيار ڪندس، ۽ پنهنجو منش جنم سڦل بنائيندس. پر هوڻهار ٻلوان آهي. لکيو منجهه نراڙ قلم ڪياڙي نه وهي. آخرڪار مائٽن ۽ گرو جي زور ڀرڻ تي ستگرو ديو بانڪارام جي آگيان پالڻ کي تمام ضروري سمجهي، اها ڳالهه قبول ڪئي، ۽ سندس شادي سال 1915ع ۾ شريمتي چاندي ٻائي، ڌي ڀوڄو مل، ذات پتڙيا، ڳوٺ ٽالهي چانڊيا، تعلقه ڪنري، ضلع عمرڪوٽ سان ٿي. جنهن مان اولاد هڪ نياڻي ميران ٻائي ۽ ٽي پُٽ 1. سرڳواسي ڀڳت گنگارام صاحب 2. سرڳواسي ڀڳت ڀاڳو مل عرف ڀاڳچند، جو هڪ وڏو ڪوي هو، جنهن جو هڪ ڪتاب ڀاڳچند ڀڄن مالا شايع ٿيل آهي. 3. ڀڳت مهرچند، جو زنده آهي. ڀڳتي ڀاؤ ڪندو رهندو آهي ۽ گادي نشين آهي. ڀڳت پاتارام صاحب 5 درجا هنديءَ جي سکيا، سندس ست گرو صاحب کان ورتي، جو هندي پڙهي لکي سگهندو هو. شاديءَ کانپوءِ پاڻ بوٽن ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ ڀڳتي ڀاؤ به ڪندا رهيا. اڳتي هلي جڏهن پُٽ وڏا ٿيا ته گهر انهن حوالي ڪري، پاڻ سڄو وقت سماجي سڌاري ۾ لڳي ويا. پاڻ سڄي سنڌ ۽ ٿر ۾ مختلف جڳهن تي وڃي ڌرم پرچار ۽ خراب ريتن خلاف آواز اٿاريو، ۽ ماڻهن کي سٺن ڪرمن ۽ صفائي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرچار ڪندو رهندو هو. انهي وقت سواريءَ جو بندوبست گهٽ هوندو هو، تڏهن به هو اُٺن تي سواري ڪري ست سنگ ڪندا هئا، ۽ وڏا اوسر ڪرڻ جي رسم کي ختم ڪرڻ ۽ خرچ گهٽائڻ ۽ تعليمي شعور پنهنجي قوم ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ اپديش ڪندا رهندا هئا، جنهن جو ميگهواڙ جاتيءَ کي ڪافي اثر ٿيو، جو اڄ اوهان جي اڳيان آهي. پاڻ ساڌنا يوڳ اڀياس ڪري، پنهنجي سڌ اوستا کي پراپت ٿيا، ۽ اهو آنند وٺڻ لاءِ ٻين کي ست اپديش ڏيڻ لڳا، ۽ پنهنجو سڄو جِيوَن انهي شڀ ڪاريه ۾ صرف ڪيائون. ڀڳت پاتارام صاحب پاڻ جنهن پرمارٿ مارگ تي هليا، انهي رستي تي هلڻ لاءِ ٻين کي به پريرڻا ڏنائون. ڀڳت پاتارام جا انيڪ شيوڪ ۽ عقيدتمند هئا، جن ۾ پرم شش (1) ڀڳت صالحو رام کوکر مٺي واسي، جو هڪ مهان گويو ٿي گذريو آهي، جنهن پوري ٿر ۽ سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. (2) ڀڳت ميوارام کپرو واسي، جيڪو ويدانتي، گياني ۽ تمام گهڻو شرڌا وارو شش هو. (3) ڀڳت گلابراءِ نبي سر واسي، جو تمام سٺا ڳائڻ جي ڪلا جا ماهر، ۽ ويدانتي پرش آهن. (4) ڀڳت شنڪر جٽاڌاري ديهه 333 لڳ جيمس آباد، تمام پريمي ۽ شرڌالو شش هئا. (5) ڀڳت ڏاهو رام نئون ڪوٽ واسي، تمام سٺا گويا گياني ۽ شيواڌاري هئا. انهن کانسواءِ ڪيترائي شش هُئا جن به ساڳئي راهه تي هلي جاتيءَ ۾ سڄاڳي ۽ ڀڳتيءَ جي خوشبوءِ پيدا ڪئي. هي سنسار هڪ مسافر خانو آهي، جنهن ۾ ڪي آيا ڪي ويا، ڪي ويندا. اهو هڪ قدرتي نيم آهي، تنهن انوسار آخر تاريخ 7 جولاءِ 1979ع جو هيءُ روشن ديپ، هميشه لاءِ اُجهامي ويو، ۽ سندس آتما پرماتما سان وڃي ملي. رُت آئي ويئي، تون نه آئين ڪَهي، ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ روئندي رهي.

سنت ڪيشوَ لال

(1917ع کان 2008–01–06) جات هماري آتما، پرميشور پريوار، سڳا همارا سنت هئي، سر پر سرجڻهار. تاريخ جي حوالي سان عمرڪوٽ شهر تمام آڳاٽو آهي ۽ غالباً عمر سومري جو ٻڌايل آهي. جتي پوءِ امرسنگهه راجپوت قلعو ٺهرايو. 1735ع ۾ عمر سومري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو، ۽ اهڙي روايت موجب عمر سومري مارئيءَ کي کڻي انهي قلعي ۾ قيد ڪيو. پر هو پنهنجي ست تي قائم رهي، ۽ نيٺ پنهنجي پنهوارن سان ملي.هن سرزمين تي مغل سلطنت جي شهنشاهه اڪبر 1542ع ۾ جنم ورتو. جنهن جو قبو نشان طور ٺهيل آهي. اڳيون قلعو ڊهي ويو پوءِ تعمير ڪرايو جو اڃا تائين سلامت آهي، ۽ شهر جي رونق بڻيل آهي، ۽ ڪيترن ئي ايندڙ ماڻهن جي رونق جي زينت بڻيل آهي. عمرڪوٽ شهر ۾ ڪيترن ئي مهان شخصيتن جنم ورتو. اُتي هڪ ميگهه ونس سنت شري ڪيشوَ لال آريه، شري دولترام پنڙ جي گهر، سال 1917ع ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو تلسي ٻائي، ذات چوهاڻ، ڳوٺ گنگا ننگر (انڊيا) جي هئي. پاڻ تعليم پنهنجي ذهن سان سکيو. جنهن ۾ سنڌي، هندي ۽ سنسڪرت جي اڳتي هلي لکڻ پڙهڻ ۾ مهارت حاصل ڪئي. سال 1942ع ۾ سوامي ڪرشنانند مهراج کان گرو دکشڻا ورتي. سوامي ڪرشانند پڪو ڪانگريسي هو، جو راڻا چندر سنگهه جي پيءُ راڻا ارجڻ سنگهه جي سامهون ڪانگريس جي پليٽ فارم تان MNA جي سيٽ تي اليڪشن لڙيو، ۽ اليڪشن کٽي. راڻا ارجڻ سنگهه MNA جي سيٽ تان هارائڻ ڪري، چون ٿا ته کيس دل جو دورو پيو، ۽ مري ويو. ڀڳت ڪيشوَ لال سال 1920ع ۾ شريمتي ساران، ڌي ٻيجل جي ذات جو گل صاحبن جو ڳوٺ نزد عمرڪوٽ مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي مٿرا ٻائي جو اولاد ٿيو جا به فوت ٿي ويئي. سال 1940ع ۾ کيس آبداريءَ جي نوڪري به ملي، ۽ ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ جو ڪائونسلر به ٿي رهيو. پاڻ آريه سماج شيوڪ هو ۽ چار ويد پڙهيل هو، جنهن جو هر هنڌ پرچار ڪندو هو. خاص ڪري آريه سماج جي باني جگت گرو مهر رشي سوامي ديانند سرسوتيءَ جو خاص پوئلڳ هو. سوامي ديانند سرسوتيءَ جا پوري انڊيا ۾ ڪافي پوئلڳ هئا. پاڻ مورتي پوڄا جي سخت خلاف هئا، ۽ ڪيترن ئي مندر مان مورتيون ٽوڙايون هيون، ۽ مورتي پوڄا بند ڪرائي هئي. آخر سال 1 مارچ 1875ع تي بمبئي نگر ۾ هن روشن سنسٿا (آريه سماج) کي جنم ڏنو ويو. سوامي جن ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ هن سڀاءَ جو نالو ”آريه سماج“ رکيو. ڀڳت ڪيشوَ لال جن به انهيءَ کان متاثر ٿي ويد پرچار ڪرڻ لڳو ۽ مورتي پوڄڻ جي سخت خلاف هو ۽ پنهنجي پرچار ۾ هر هنڌ مورتي پوڄڻ کان روڪيندو هو. هر هنڌ آريه سماج چار ويدن ۾ ڏسيل راهه تي هلڻ لاءِ ماڻهن کي آماده ڪندو هو. ويدن جي کيس پوري پوري ڄاڻ هئي. هن وقت اهڙو ڪوبه پرش نه آهي جو ويدن جي ڄاڻ رکي. اتي ويدن جي پرچار کان متاثر ٿي هڪ ناري، جيڪا انڊيا کان آئي هئي، نالي کيتو ٻائي ڇنڇريا مهراج ساڻس شادي ڪئي. ڊاڪٽر هرچندراءِ سوٽهءَ سندس خاص شيوڪ هو، جو روزانو هوَن يگيه جي وقت ايندو هو ۽ ٻيا به ڪافي شيوڪ آهن. انهي کان سواءِ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو ميمبر به ٿي رهيو هو. جڏهن مائي بختاور نبي سر روڊ جي ڀرسان، قاديانين جي اسٽيٽ وٽ ڪڻڪ جي کري تي قتل ڪئي ويئي هئي، ته سڀ کان پهريان اُتي عبدالغفور جان سرهندي، جنهن جو عمرڪوٽ ۾ دوا خانو هو، پير صاحب عمرڪوٽ کان پنڌ ڪري سڀنيءَ کان اڳ ۾ سر زمين تي آيو، ساڻس گڏ ورڪر شري ڪيشوَ لال به گڏ هو. (اهڙو ذڪر موچارا منهن، ڪارا منهن ڪتاب، جيڪو ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جو لکيل آهي، ان ۾ ڪيل آهي). سنت ڪيشوَ لال جي انهي دؤر ۾ ٿر ۾ توڙي هرهنڌ ڇيپ ڇاپ تمام گهڻي هوندي هئي، هن انهي خلاف مهم هلائي ۽ ٿر مان ايندڙ ميگهواڙ شاگردن جي ساهته ڪندو هو، خاص ڪري ڊاڪٽر راڻاسي راٺوڙ ۽ وڪيل ڀمر لال سرفهرست آهن. پاڻ پوري حياتي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ميگهواڙ شاگردن کي پڙهڻ لاءِ همٿائيندو هو، ۽ سندن مالي سهائتا ڪندو رهيو. گڏوگڏ ويدڪ ڌرم جي پرچار ڪندي، پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن تاريخ 2008-01-06 تي پورا ڪيا. ظاهر آنءُ ٿرين کان اوجهل، لوڪ دلين ۾ جيئندو رهندس. آنءُ مٿاهين مات فنا کان، چنڊ تارن ۾ جهلڪا ڏيندس.

برهمچاري ڀڳت چاندارام

(1946ع کان 2005-2-20) آگ لگي آڪاش ڪو، جهڙجهڙي پڙي انگار، سنت نه هووي سنسار ۾، تو جل جاوي سنسار. سنڌ جي هن سونهاري ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي درويشن، سامين، ڀڳتن ۽ ساڌو سنتن جنم وٺي وقت به وقت ڀٽڪيل، ڀليل ۽ وهم وسوسن سان ڀريل ماڻهن کي پرڀوءَ سان ناتو جوڙي، سنئين راهه تي آڻڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. انهن مان ڀڳت چاندارام پڻ هن ڪٺ سمي جو هڪ مثالي ڪردار ٿي گذريو آهي. ميگهواڙ قبيلي جي فرد ڏوڏارام ولد نارائڻ، ويٺل شهر اسلام ڪوٽ تعلقه اسلام ڪوٽ، ضلع ٿرپارڪر جي گهر ۾ سال 1946ع ۾ هڪ ٻالڪ جو جنم ٿيو. سندس ماتا جو نالو شريمتي کينيان هيو. ٻالڪ جو نالو چاندو رکيو ويو. مائٽ غريب گهراڻي سان وابسطه هيا ۽ تعليم جو لاڙو تمام گهٽ هئڻ ڪري، اسڪول ۾ داخل نه ڪرائي سگهيا، پر ڪجهه سالن کان پوءِ پنهنجيون ٻڪريون هيون، جيڪي ڪاهي جهنگ ۾ چارڻ ويندا هئا، جتي هڪ پدم پري نالي ٻاوو (سوامي) رهندو هو، جنهن کان ڪجهه جهاڙيون سکيا ۽ انهي ٻاوي سان گڏجي چارڻ نالي فقير هيو، جنهن سان ملڻ ويندا هئا. چارڻ فقير علم جو ڄاڻو هيو، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو روپ بدلائي باندر جو روپ ڌاري، چاندو وارن کي درشن ڪرائيندو هيو. اڄ پڻ اسلام ڪوٽ کان ڏکڻ طرف ڳوٺ ملهو ڀيل لڳ چارڻ فقير جو آستان آهي، جتي هر سال بڊي مهيني جي چنڊ جو ميلو لڳندو آهي. چانڊو جهاڙين کي پڪو ڪندي ڪندي، ڪنهن ازغيبي اثر هيٺ اچي ويو، ۽ چرين وانگي رڙيون ڪندي ڊوڙون پائيندو هيو. هڪ ڏينهن ڀڄندي ڀڄندي سنت شري نيڻورام جي شرڻ پهتو، ۽ اتي پهچڻ کان پوءِ جيڪا به تڪليف هئس، انهيءَ کان نجات مليس ۽ پوءِ سنت وٽ رهي، آشرم ۾ شيوا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جهاڙيون وغيره ساجهڻ ڇڏي، ڀڄن سکڻ ۽ ڳائڻ شروع ڪيائين. سنت نيڻورام، ڪبير، ميران ٻائي ۽ مهاراج ڏونگر پوري جي ڀڄنن جا شيدائي هيا. انهي ڪري چاندو پڻ اهڙائي ڀڄن ڳائڻ لڳو ۽ ان وقت ڌينو مل ولد ٽلو مل پڻ گڏ ڀڄن ڳائيندو هيو. ڀڄن ڳائڻ روز جو معمول هيو ۽ خاص ڪري ساڳيا ئي ڀڄن روزانو سنت نيڻورام ٻڌندا هيا. ڳائڻ کان پوءِ چاندو ڀڳت چاندارام جي نالي سان سڏجڻ لڳا، ۽ ڀڄنن جي پريم ۾ رچي، ستگرو ڀاوارام جي شرڻ ۾ پهتا، جنهن پنهنجي ڪرپا سان کيس چيلو تسليم ڪري سٻنڌ سڻايو ۽ ڀڳت چاندارام پنهنجي ڪرڻي ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا. سنت نيڻورام سان ويهه سال گڏ رهيا، ۽ سنت جي پرلوڪ پڌارڻ کانپوءِ به پندرهن سال آشرم ۾ رهيا ۽ رهندي رهندي هنومان جي شيوا ڪندا هيا، انهي ڪري نيڻورام آشرم جي اوڀر ۽ اتر واري ڪنڊ تي ٻاوي جي ترائي جي ڪپ تي، هڪ ڪکائين ڪُٽيا ٺاهي رهڻ لڳا ۽ اتي هنومان جون مورتيون رکي شيوا ڪرڻ لڳا، ۽ آهستي آهستي ڪُٽيا جي چوطرف ڪنڊن جي واڙ ڏيڻ شروع ڪيائون، ۽ پنهنجي هٿن سان ڍڳين جو ڇيڻو گڏ ڪري اڱڻ تيار ڪيائون. انهي وچ ۾ سنڌي ۽ شاشتري ٻولي سکي ورتائون. ايتريقدر جو پنهنجي ڪجهه مخصوص انداز ۾ لکي پڻ ويندا هئا جيڪي عام ماڻهو ته پڙهي سگهي يا نه، پر پاڻ چڱي ريت پڙهي ويندا هيا. ڪجهه ٻوليون لکڻ ۽ پڙهي وڃڻ کانپوءِ سنڌي، گجراتي ۽ شاستري ٻولين ۾ ڪتابن جو ذخيرو پڻ گڏ ڪرڻ شروع ڪيائون. ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ روز جو معمول هيو، مختلف ڪتابن ۾ جيڪي به ڀڄن وغيره دل کي وڻندا هيس، اهي پاڻ پنهنجي ۽ ٻيا ڪجهه شيواڌاري ڇوڪرا ايندا هئا، انهي جي هٿ اکرين لکرائي وٺندا هيا. تعليم يافته نه هوندي به ذهن ايترو تيز ۽ سالم هوندو هو، جو ڀڄن ڳائيندي ٻُڌي ٻُڌي ياد ڪري وٺندا هيا. گڏوگڏ هنومان جو آستان پڻ وڌندو ۽ ترقي ڪندو رهيو، ڪجهه ڪچيون ڪجهه پڪيون لانڍيون ۽ ڪمرا وغيره پڻ تيار ٿيڻ لڳا، ۽ ستسنگ ڀاو وغيره چالو رهيو. خاص ڪري نو راتا (جيڪي سال ۾ ٻه دفعا هجن ٿا هڪ اسو مهيني ۽ ٻيا چيٽ مهيني ۾ اچن ٿا) يعني نو راتيون ستسنگ ۽ پرشاد وغيره جو بندوبست رکندا هئا، جنهن ۾ ڪافي شهر جا لهاڻا برادري ۽ خاص ڪري مکي ڇوڪرا وڏي شوق سان حصو وٺندا رهيا آهن. جيڪڏهن شاگرد يعني چيلن جو ذڪر ڪبو ته تمام ٿورا ماڻهو اهڙا آهن، جنهن کي پنهنجو شش يعني چيلو بنايائون. مثال طور هريش، مالو، ڀڳڙو ڀڳت وغيره. انهن سڀني مان هريش مالو کيس وڌيڪ ويجهو هو، ۽ شيوا پڻ ڪندو هيو. انهي ڪري پاڻ پنهنجي هٿ اکرين لکي ويا آهن ته منهنجي چولي مٽائڻ کانپوءِ، صرف هريش مالو ئي هن آشرم جي مالڪي ڪرڻ يا سنڀالڻ جو حقدار آهي، ۽ ڀڳڙو ڀڳت (جيڪو ڀڳت چاندارام جي آشيرواد سان ريڊيو ۽ ٽي. وي. جو بهترين فنڪار ٿي اڀريو) کي هنومان آشرم جو معمول موجب ستسنگ هلائڻ لاءِ لِکت ۾ وصيعت ڪري ويا آهن. ڀڳت کينپار مل وانڪواڻيءَ جي پٽن ۽ ڪجهه ٻين شيواڌارين آشرم جي جاءِ ٺاهڻ ۾ مالي ساهتا ڪئي، ۽ هڪ رنگين TV ۽ فرج پڻ آشرم جي حوالي ڪئي. مزي جھڙي ڳالهه اها هئي ته ڀڳت چاندارام فرج جو پاڻي پاڻ ڪڏهن به استعمال نه ڪندا هئا. پلاسٽڪ جي بوتل يا بادلو، جنهن تي اونهاري ۾ ڪپڙو ٻڌي ڇڏيندا هيا، انهيءَ جو پاڻي استعمال ڪندا هئا ۽ ڪو به غريب ايندو هو، ته انهيءَ کي برف ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي آڇ ڪندا هئا. ڪافي دفعا ڏٺو ويو ته ڪولهين جا ٻارڙا، جيڪي مٽي ۽ دز سان ڀريل ڪپڙا پائي ايندا هئا، انهي کي پيار وچان سڏ ڪري اندر ڪمري ۾ ويهاريندا هئا، ۽ TV لڳائي چوندا هئا ته هاڻي توهان آرام سان ويهي TV جا پروگرام ڏسو. جڏهن ڪير پڇندو هو ته ڀڳت صاحب، توهان انهن کي ڇو ايتريقدر قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهيو، هي ڪولهين جا ٻار آهن، انهن کي ڪهڙي خبر ته TV جا پروگرام ڇا هوندا آهن؟ جواب ڏيندا هيا ته ٻيا ته جيڪي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ TV ڏسندا آهن، پر انهن غريبن وٽ اها سهوليت نه آهي، پر انهن جي دلين ۾ اها حسرت ضرور هوندي، ته اسان جي گهر ۾ به اهڙي سهوليت هجي، ته اسين به ڪجهه قدر لطف اندوز ٿيون، سو انهي حسرت کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، جيئن اهي به ڪجهه گهڙين لاءِ پنهنجي من کي وندرائي سگهن. انهيءَ مان سندن انسان دوست هئڻ جو ثبوت ملي ٿو، ۽ پاڻ هي ڀڄن پڻ وڏي شوق سان ڳائيندا هيا ته: ”پريم ڪر انسان سان، جي ملڻو اٿئي ڀڳوان سان.“ شيواڌاري ۽ ڀڳت صاحب جا شاگرد ته ڪافي آهن؛ جيڪي ڀڄن سکي ڳائيندا رهيا آهن پر جيتري قدر شوق سان مکي ڇوڪرن شيوا ڪئي آهي، اها ساراهه جوڳي آهي. اڄ به ڀڳڙو مل ناچيز، ڀڳت ڌينو مل، ڀڳت ڀيرو مل، چيتن داس، ڀيمون مل، مکي گووند عرف گڊو (جيڪو ڳائڻ سان گڏ دلو پڻ بهترين وڄائي داد حاصل ڪندو آهي) ڪچرو ڀڳت، نارو ڀڳت مٺڙيو، پورو مل کاکڻهيار ڀڄن ڳائي پريمين کي جهومائيندا رهندا آهن. اسلام ڪوٽ ۽ آسپاس جا ماڻهو جڏهن به ڪنهن ٻار يا ٻڍي کي سائيءَ جي بيماري ٿيندي هئي، ته ڀڳت صاحب وٽ ڀڳڙا کڻي ايندا هئا، ۽ ڀڳت صاحب جاپ وسيلي اهي ڀڳڙا پڙهي ڏيندا هئا، جيڪي کائڻ سان مريض صحتياب ٿي پوندو هو. جيڪڏهن ڪنهن کي نظر لڳندي هئي ته پاڻي پڙهي ڏيندا هئا، ۽ ڌاڳو پڻ وٽي ڏيندا هئا. وڇون جي ڏنگيل کي جهاڙ وسيلي سُور کان نجات ڏياريندا هئا. مال مويشي غائب ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهو ڀڳت صاحب کان پڇا ڪندا هئا، ته انهن کي پڻ گس لڳائيندا هئا. هنومان مندر کي سنوارڻ جو شوق ايترو هو، جو رات جي وقت پڻ لوڙهو ٺاهڻ يا ديوار وغيره ٺاهڻ ۾ مشغول هوندا هئا. آخرڪار هنومان جو ڏيهرو پڻ ٺهرائي راس ڪيائون، جنهن ۾ گلاب ميگهواڙ جي ڪاوشن سان تيار ڪيل هنومان جي مورتي پڻ استاپن ڪئي ويئي، ۽ هڪ ڪمرو ۽ وارنڊو پڻ تيار ڪرايائون. ڀڳت صاحب هنومان تي ڪجهه ڀڄن پڻ جوڙيا هيا، جنهن ۾ ڪجهه مشهور ڀڄن اڄ پڻ سندس شاگرد ڳائيندا رهن ٿا، مثال طور؛ هنومان منهنجي ساٿ ۽ ٻلوان منهنجي ساٿ ۾، ستگرو حاضر ڏسان هنومان حڪم تي هلان. * ذري ذري جو جواب وٺندا، ليکو چوکو صحيح ڪرڻو آ، ويهي ڪر ويچار مسافر اڳتي هلڻو آ. آخري وقت ۾ طبيعت ڪافي ناچاق ٿي پئي، شيواڌارين علاج وغيره جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر دنيا جي دستور مطابق هڪ ڏينهن اهو پڻ آيو، جو ڀڳت ڀڳڙو مل ۽ پورو مل سمجهي ويا هئا، ته سنت اڄ پنهنجو سواسو سميٽي رهيا آهن تنهن ڪري ٻئي ڄڻا واري واري ڪبير صاحب جا ٻول پنهنجي پنهنجي آواز ۾ بنا سازن جي جهونگاري رهيا، ته ٺيڪ 12:20 وڳي منجهند، بروز آرتوار مورخه 2005-02-20 جو هيءُ سنسار ڇڏي پرڀوءَ سان لين ٿي چڪا هئا. ڪافي ماڻهو انهي وقت موجود هئا پر جيئن ئي اها خبر شهر ۾ پهتي، ته مرد ۽ مايون سڀئي اچي سنت جو ديدار ڪرڻ لڳا، ڪو به رت جو رشتو ويجهو نه هوندي به پنهنجا لڙڪ لڪائي نه سگهيا، ۽ زار و قطار روئيندا رهيا، ۽ عجيب و غريب ماحول جڙي چڪو هو. جيئن جيئن ماڻهو گڏ ٿيندا ويا ته شاميانا پڻ آندا ويا ۽ ستسنگ چالو ڪيو ويو. سڄي رات ماڻهو جاڳندا رهيا ۽ سنت کي سماڌيءَ لاءِ آسڻ ڏيئي ويهاريو ويو، ۽ شيواڌاري اگر بتيون واس ڪندا رهيا، ٻئي ڏينهن صبح سوير وئينڪٽ تياري ڪري، ڀڳت صاحب کي پوري شهر جو چڪر ڏياريو ويو ۽ ڀڳت سوميا ڪري اڳيان اڳيان هلندا رهيا، واپسيءَ ۾ جڏهن آشرم پهتاسين، ته ڪجهه ماڻهن ڇڪتاڻ ڪئي ته ڀڳت صاحب کي آشرم ۾ سماڌي نه ڏيو، ڪنهن ٻي جاءِ تي سماڌي ڏني وڃي پر مالو ۽ ٻيا ڪجهه شيواڌاري انهي ڳالهه تي اٽڪي بيهي رهيا، ته ڀڳت صاحب جي حڪمن موجب آشرم جي ڏکڻ ۽ اولهه واري ڪنڊ تي، پنهنجي هٿن سان ڪيل سيندر جي نشاني وٽ سماڌي ڏني ويندي. آخرڪار 2005-02-20 صبح 9:30 وڳي ڀڳت صاحب کي ايشور جي استوتين سان سماڌيءَ ۾ ويهاريو ويو. جيئن ئي سماڌي کي بند ڪري رهيا هئا ته ڀڳت صاحب جي پاليل باندر، هڪ ڏينهن اڳ بيمار ٿيڻ ڪري پنهنجا پراڻ تياڳيا، جنهن کي پڻ آشرم اندر سماڌي ڏني ويئي. اڄ ڪلهه ته ڪافي اڏاوت ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو ستسنگ هال ۽ ڀڳت صاحب جو ڏيهرو نمايان آهن. هر مهيني جي ساهي ٻارس جو ستسنگ ڪري لنگر هلايو ويندو آهي، ۽ هر سال ماگهه مهيني جي ساهي ٻارس جو ٻه ڏينهن، ۽ هڪ رات ستسنگ ۽ لنگر هلندو آهي، جنهن ۾ ڪافي سٺا سٺا ڀڳت، جيڪي اسلام ڪوٽ کان ٻاهران ايندا آهن، ستسنگ وسيلي پريمين کي پريم رس پياري، وري پنهنجي ماڳ موٽي ويندا آهن.

سنت موجيرام

ساڌ ساڌ سب ايڪ هين، جِيوَن پوستي ڪا کيت، ڪوئي وويڪي لال هئي، نهين سيت ڪا سيت. سنڌ جي تاريخ ۾ انسانن جي عظيم ڪردارن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو رهيو آهي. جنهن ۾ صوفي، سنت، ڪوي، علم دان جن اٻوجهه ماڻهن کي ڀڳتي ۽ ڪوتا جي وسيلي سچائيءَ جو سبق سيکاريو آهي. اڻ ملهه انسان هُئا جيڪي پنهنجي ڪردار جا چِٽ اهڙا چٽي ويا آهن، جو اڄ تائين ماڻهن جي دلين تان مٽجي نه سگهيا آهن. اهڙوئي هڪ مهان سنت ۽ ڪوي ميرپوخاص شهر، جيڪو مير شير محمد ٽالپر جو جوڙايل آهي، ان ۾ شري آڏو رام ذات ڀاٽي گنڍير جي گهر جنم ورتو. ميرپورخاص شهر جي غريب آباد واري علائقي ۾ شري آڏو رام گنڍير رهندو هو، هو هڪ مهاتما هو ۽ ڪبير پنٿي هو. جو صبح شام هري ڪيرتن ڪندو هو ۽ پنهنجي پگهر جو پورهيو ڪري پريوار جي پالنا ڪندو هو. ڏينهن رات سنتن جي خدمت ڪرڻ ۽ ست سنگ ۾ زندگي گهارڻ لڳو. پر هن کي پُٽ جو سنتان نه هئڻ ڪري ڪافي اداس رهندو هو. هڪ ڏينهن ايڪانت ۾ ويهي پرڀو پرماتما کي پرارٿنا ڪيائين، ۽ اهو عرض ڀڳوان جي درٻار تائين پهتو، ۽ عرض اگهاڻو گهر ۾ پُتر سنتان جو سنبت 1948ع ۾ سندس ماتا چمپا جي گرڀ مان پرڀات ويلي جنم ٿيو. گهر ۾ خوشيءَ سان واڌايون واڌايون گونجڻ لڳيون. ٿال ۽ نوبت باجا وڄڻ لڳا، ۽ منگل گيت ٿيڻ لڳا. برهمڻ کي گهرائي جوتش مطابق نالو موجيرام رکيو ويو. واڌايون ڏيڻ وارن کي گئو دان ته ڪنهن کي ان دان، ڪنهن کي وستر دان، ڪنهن کي ڌن دان ڏيئي خوش ڪندو رهيو. اهڙي نموني ٻالڪ وقت سان گڏوگڏ وڏو ٿيڻ لڳو ۽ اڱڻ تي ڊوڙون پائڻ لڳو. جڏهن اٺن سالن جو ٿيو ته مائٽن وديا پڙهڻ لاءِ وديا گروءَ جي حوالي ڪيو. جتي هو ويد شاستر ۽ پُراڻ وغيره چئن سالن تائين پڙهندو رهيو. سندس من ۾ وئراڳ جاڳرت ٿيو. هڪ ڏينهن موجيرام صاحب کي خيال آيو ته تيرٿ ورت ڪري اچان، جنهن لاءِ هُن پنهنجي پتا کي هٿ جوڙي وينتي ڪئي ته مون کي تيرت ياترا جي آگيا ڏيو، ته مان وڃي تيرٿن تي سنتن جا درشن ڪريان، ۽ چت ڏيئي سنتن کان گيان پراپت ڪريان. سندس پتا آڏو رام صاحب پٽ جي ڳالهه ٻڌي چوڻ لڳو ته پُٽ! اهو وئراڳ جو مارگ تمام ڪٺن آهي. انهي رستي تي هلڻ تلوار جي ڌار تي هلڻ برابر آهي. انهي ڪري تون گرهست آشرم ڌارڻ ڪر ۽ پنهنجو جوڀن ڀڳتي ڀاوَ ۾ ويتيت ڪر. موجيرام صاحب پنهنجي پتا کي چيو ته آئون شادي ڪونه ڪندس ۽ تياڳي جِيوَن گذاريندس. سنسار سپن سمان آهي، جو وارم وار اُپجي ۽ مِٽجي ٿو. آئون سرجڻ هار جو سمرڻ ڪري، جيون سڦل ڪندس. جنهن تي سندس پتا چيو ته پٽ توکي ڌنيواد هجي ته تون ههڙو ڪٺن ورت ڌارڻ ڪرڻ چاهين ٿو. جنهن لاءِ منهنجي آگيا آهي ته ڀلي تيرت ياترا ڪر ۽ سنتن جو سنگ ڪري پنهنجو جِيوَن سڦل ڪر پتا جي آگيا ملڻ کانپوءِ هو ماتا جي چرڻن ۾ ويو ۽ سرنمائي وينتي ڪيائين ته هي ماتا جي! مون کي گهر ٻار ۽ سنتان ڪونه ٿو کپي منهنجي من ۾ وئراڳ اُپجيو آهي، آئون پرڀو سمرڻ ڪري پنهنجو جيوَن سڦل بنائڻ چاهيان ٿو. اها ڳالهه ماتا جي اندر هردي ۾ سوچ ۽ دُک اُپجيو، ۽ سندس نيڻن ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ چوڻ لڳي ته پٽ! وئراڳ جو مارڳ تمام گهڻو ڪٺن آهي، تون گهر ۾ رهي پرماتما جو سمرڻ ڪر! موجيرام چوڻ لڳو ته ماتا! شري تيرٿ ورت ڌارڻ سان ڪيترائي پاپ ڪٽجي وڃن ٿا، ۽ سنتن جو سنگ پراپت ٿيئي ٿو ۽ پرماتما جو انڀو ٿيئي ٿو. اهو سڀ گهر ٻار ۾ نه ٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري مون کي آگيا ڏيو! ماتا شري جي ڪافي سمجهائڻ تي به مڃيو ۽ آخرڪار ماتا خوشيءَ سان تيرت ياترا وڃڻ جي آگيا ڏني، ۽ گهر کان ٻاهر اچي پٽ کي آشيرواد ڏيئي روانو ڪيو. موجيرام صاحب ميرپورخاص کان حيدرآباد روانو ٿيو پوءِ ڪراچي، سکر، مُلتان ۽ لاهور پهتو. جتان امرت سر ويو، جتان گنگا تيرٿ لاءِ هري دئار ڏانهن روانو ٿيو، جتي تيرٿ ياترا ڪري ڪجهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ ڪلڪتي مان ٿيندو، پرياگ راڄ پهچي تيرٿ ڪيائين، ۽ اتان پوءِ ڪانپور، دهلي، مٿرا پهتو، جتي گوڪل ۽ بندرابن ڀيٽيائين ۽ مٿرا مان آگرهه، گواليار مان ٿيندو اُجين اونڪار پهتو اُتان ناسڪ ويو ۽ بمبئيءَ ۾ رهيو. جتان سورت ڀروچور، بڙودا، ڊاڪور مان ٿيندو احمد آباد پهتو، جتي ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ گرنار، دوارڪا، سڌپور ۽ آبوجي کان ٿيندو پُشڪر راج پهتو، اُتي سنان پاڻي ڪري، ڦل ڦول وٺي برهمانند مهاتما وٽ پهتو، پرڻام ڪري وينتي ڪيائين ته مان توهان جي شرڻ ۾ آيو آهيان، پنهنجي چرڻن جو سمجهي ڪر تارٿ ڪريو ۽ ست شٻڌ جو اُپديش ڪريو. سڀ تيرٿ ورت ڪري اوهان وٽ آيو آهيان، مون کي ڀڳتي يوگ، گيان، ڌيان، پردان ڪريو. شش جي نماڻي وينتي ٻڌي ڪري ستگرو برهمانند مهاراج، ست شٻڌ يعني گرو وچن جو اپديش ڪيو، ۽ ڪرتارت ڪيو. ست گرو برهمانند جي، سکلايو سب ساج، موجيرام گڻ سِک ڪي، ڪِيا اپنا ڪاج. ست گروءَ کان گُڻ پراپت ڪري، سنت موجيرام ڀڳتي يوگ ۽ گيان جو اپديش ڪرڻ لڳو. اونچ نيچ جي ڀيد ڀاو کي تياڳي، سڀني کي ستيه اپديشن ڏيڻ لڳو، چار سال اُتي رهي، اَن تياڳي، کير پي پنهنجو نت نيم ڪندو رهيو. سواس اسواس پرماتما جو سمرڻ ۽ هري گن گان ڪندو رهيو. اهڙي نموني ياترا ڪندي ڪندي واپس پنهنجي جنم ڀومي واري شهر ميرپورخاص موٽي آيو. اچي پريوار وارن کي اپديش ڏنو ۽ ميرپورخاص شهر جي غريب آباد علائقي ۾ موجي مندر، يعني موج درٻار ٺهرايو، جو پوءِ موجيرام ٺڪاڻو جي نالي سان مشهور ٿيو، ۽ جيڪو اڄ به موجود آهي. پاڻ اُتي گادي نشين ٿي رهيو. روزانه شش ۽ ٻيا ڪيترائي پريمي ايندا هئا، جيڪي موجيرام صاحب جو اپديش ٻڌي ڪرتارت ٿيندا هُئا. موجيرام هڪ مهان گويو به هو جو هارمونيم تي ڀڄن ڳائي، پريمين کي سنگيت رس سان سر شار ڪندو هو. درٻار بڙا سَهاوَنا، سُر لوڪ ڪي سمان، شام سميه سب آءِ ڪي، ڌري رام ڪا ڌيان. * مُلڪ سنڌو ڪي ماهين ني، ميرپور سُک ڪار، غريب آباد ڪي ماهين ني، موجيرام درٻار. موجيرام درٻار سدائين آباد ۽ وسندي رهندي هئي، جتي سماجي ميڙاڪا، ميٽنگون وغيره ٿينديون رهنديون هيون. جتي سماجي سڌار ڪرم، ميگهواڙ جاتيءَ کي تعليم سان منوّر ڪرڻ لاءِ اپديش ۽ خرابيءَ کي تياڳي صفائي ۽ پاڪائيءَ جا سبق سيکاريا ويندا هُئا، جتي ٿر کان ڪيترائي ٿرواسي ميرپورخاص ڪم سانگي ويندا هُئا ته اُنهن جي رهڻ جو اجهو به موجيرام ٺڪاڻو هوندو هو. جنهن مان اسان جي ميگهه ونس کي ڪافي لاڀ حاصل ٿيو. موجيرام صاحب هڪ وڏو سنت ڪوي، شاعر به هو، جنهن پنهنجي ڪوتا سان پرچار ڪيو، جنهن ڪوتا جا چار جلد شايع ٿيل آهن، جيڪي هندي ٻوليءَ ۾ آهن. 1.موجيرام 2. موجي صاحب 3. موج دريا 4. موج آنند. موجيرام صاحب ڪافي ڏينهن ميرپورخاص ۾ رهڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن هو ٽنڊو آدم ۾ پڌاريا، جتي سڀني ششن ۽ پريمين کي ست اپديش ڏنو، ۽ سجاڳي اُتپن ڪئي ۽ سته وديا جو دان ڏنو، ۽ ڌارو ڀڳت وانگر اِڌگ آسڻ ڄمايو. موجيرام پرسن رهي، رات دِن بِرهم مانهين،سهج سمادي ۾ جهولي، ڏِگي ڏوگاوي ناهين. ٽنڊو آدم شهر ۾ به هُن هڪ آشرم ۽ گئو شالا به قائم ڪئي. مُلڪ سنڌوڪي مانهين ٽنڊو آدم گام، گئو شالا ڪي سامني ٽڪاڻا موجيرام. مهاتما موجيرام ڪڏهن ٽنڊو آدم ۾ رهندا هئا، ته ڪڏهن ميرپورخاص، ڪڏهن سنڌ پنجاب ته ڪڏهن مالوا گجرات ۾ وڃي گيان جو ڦهلاءُ ڪندا هُئا. سمجهاوي سنسار ڪو، موجيرام مهاراج، ديس وديس ۾ ڦري، پرمارٿ ڪي ڪاج. سندس ششن ۾ اچلو رام، سکرام ۽ چنديرام مشهور هُئا. موجيرام صاحب کانپوءِ موجيرام آشرم، پورڻ ناٿ سنڀاليندا هُئا. انهي کان پوءِ پدم ناٿ شيواڌاري آهي. موجيرام صاحب آخر ۾ سماڌي ورتي، جيڪا ڪالي مندر ميرپورخاص، نواب شاهه ڦاٽڪ وٽ جاءِ ٺهيل هُئي، جا فسادن ۾ ڊاٺي ويئي.

سنت جيوراج

(1926ع کان 18.03.2013) چرخو ائين چور، جيئن ڀونءَ ڀڻڪو نه سڻي، آڌيءَ جو ”عنات“ چوي، ويهي آتڻ اور، تينهان پوءِ تور، ته سُٽ تنهنجو سونَ ٿيئي. سرڳواسي سنت جَيوَراج صاحب تعلقي مٺيءَ جي ڳوٺ، لوڻيهار ۾ 1926ع ۾ شري مولچند ميگهواڙ ۽ شريمتي سروپان ٻائيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڳوٺ ۾ اسڪول نه هجڻ ڪري پاڻ نصابي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا، پر پوءِ به 1935ع ۾ مٺي شهر جي ڪنهن پاٺ شالا ۾ اچي هندي ۽ سنسڪرت جي تعليم ورتي، ڪجهه عرصو ڳوٺ مان آئوٽ بيڪ ڪندا رهيا، پر ٿوري عرصي بعد اها به تعليم اڌوري رهجي وئي. گهر ۾ وڏو پٽ هجڻ جي ناتي هُن ڪافي ذميواريون نڀايون. جلد سندس والد مولچند صاحب لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن بعد 1954ع ۾ سندس شادي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ هنج تل ۾، ڀڳت ڀلورام جي گهران، شريمتي سونو ٻائيءَ سان ڪرائي وئي، جن جي عمر هن وقت اٽڪل 86 ورهين کن هوندي، ۽ شاديءَ کان ٻه سال اڳ 1952ع ۾ سنت جيوَ راج صاحب ڪلوئي شهر جي رهواسي، سنت ڀلجي رام مهراج جي شرڻ ۾ اچي گرو ڌارڻا ورتي، سنت جيوَ راج شروع ۾ موچڪو ڌنڌو ڪندا هئا، پر بعد ۾ الرجي جي بيماري ٿيڻ سبب ان کي الوداع ڪري، کيتي ٻاڙيءَ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن مان سمورن گهر وارن جو پيٽ گذر ٿيندو هو. پاڻ ننڍي هوندي کان وٺي ڪتابن پڙهڻ جو شوق رکندا هئا. سارڪتاولي، هري رس (ايسر ٻارس جو ڪتاب) رام پرڪاش آچاريه، ٻاووَ ڏونگر پوري، گيتا صاحب جا سمورا سار، رامائڻ، گيتا گايتري، چارئي ويد، ڪبير ڀڳت، شاهه ڀٽائي، سچل، سامي، روحل فقير، رويداس، ميران ٻائي، هنس نرواڻ، بابا بلي شاهه، شيخ اياز، دادو فقير، سوامي وويڪانند، سناتن ڌرم، صوفي ازم ۽ روحاني منزلن جي مختلف ڪتابن سميت 5 هزار کن ڪتاب پڙهيا، ۽ اٽڪل 230 شاگرد ٺاهيا، جن کي هندي ۽ سنسڪرت سيکاري، ۽ نام جو وچن پڻ ڏنو. سنت جيوَراج صاحب جوانيءَ ۾ پاڻ ڳائيندا به هئا، برهمانند جي 360 ڀڄنن جي ڪَٺَ ٻُڌڻ وارن کي موهي ڇڏيندي هئي. ايتري حد تائين جو پرڻجڻ واري رات به ساهرن ۾ ستسنگ جي محفل رچائي، سنگت جيوَ راج کان ڀڄن واڻي ٻڌي وئي، جنهن ۾ سڄي رات برهمانند جا ڀڄن ٻڌائڻ جو اصرار ڪيو ويو، جنهن ۾ ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ۽ هنج تل کان 5 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڀڳتاڻي ڍاڻي جا رهواسي، مصرو ڀڳت ۽ هنچل سنگهه ٺڪر، جيڪو ان وقت 68 سالن جو هو، سنگت جيوَ راج جا پريمي بڻجي ويا ۽ خاص مهمانيون ڪري، وڌي آڌرڀاءُ سان نوازيو ويو. سهپ ۽ صبر جي بلندين تي پهتل سنتَ جيوَ راج صاحب سير وَ سفر جو گهڻو شوق رکندا هئا. اتر سنڌ، لاڙ، ونگو، ولاسو، ڍٽ ۽ ننگرپارڪر جا ڪيترائي ڳوٺ گهميا، ۽ انسانيت جي علمبرداري جو پيغام پهچايو، پاڻ سنسڪرت، هندي، سنڌي، اردو، فارسي، گرمگي، سرائيڪي، ۽ گجراتي ٻولين ۾ تلفظ، معنيٰ، سمجهاڻي۽ روانيءَ سان ڳالهائڻ ۾ عبور رکندا هئا. ايتري حد تائين جو ستسنگ يا محفل موسيقيءَ ۾ ڪٿي به غلط شاعري يا غلط تلفظ جو استعمال ٿيندو هو، ته پاڻ سختيءَ سان نوٽيس وٺندا هئا، ان کي درست ڪري پڙهڻ جي سکيا به ڏيندا هئا، جنهن ڪري وڏا وڏا گائيڪ ۽ سنگيت جا ماهر به سندس اڳيان ڳائڻ يا شاعري پڙهڻ کان لنوائيندا هئا. سنت جيوَ راج جا ڪافي شش اڄ به مڃتا جي لائق آهن، جن ۾ ڀڳت گنگو مل (ڍوڙڪيون واسي) جهامن داس کتري (نيو ڇور) وڪيل واسديو (عمر ڪوٽ) تپيدار چندن لال (مٺي) ماستر گرڌاري لال (مٺي) ڀڳت رڻڇو مل (هرو جي ڍاڻي) ڪرشن (جهامڙي سر) پرتاب (ڀريلو) سوڌو ڪنري، ٻوسٽان، راهمور، اڪڙي، پير پٿورو، کپرو، ڇور، نيو ڇور، حويلي، عمرڪوٽ، گنبي جو دڙو، ۽ ٻين هنڌن تي سنت جيوَراج صاحب جا شش ۽ چاهيندڙ اڄ به موجود آهن. سنگت جيوَ راج صاحب جي شش ڀڳت گنگو مل جو چوڻ آهي ته 1994ع ۾ مون گرو ڌارڻا ورتي، نام جي وچن بعد گرو صاحب ڀڳتيءَ، جي لاهن چاڙهن بابت سکيا ڏني. هندي ۽ سنسڪرت به سيکاري، ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي واٽ ڏني. گرو صاحب ڄاڻ جي کاڻ هو. سنت صاحب جي ڀائٽي ۽ شش ماستر گرڌاري لال ۽ سندس پٽ روي شنڪر ٻڌايو، ته سنت جيوَ راج صاحب گهر ڀاتين سميت هر پِراڻيءَ جو احساس رکندڙ هئا، ۽ ٻين جا ڏک جلد محسوس ڪري وٺندا هئا. سنت َجيو راج صاحب زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾، هڪ هفتو کن سخت بيمار رهيا، ۽ 18 مئي 2013ع تي مٺي شهر جي ڌرماڻي ڪالونيءَ ۾ واقعي پنهنجي گهر ۾ چولو مٽائي، حقيقي مالڪ حوالي ٿي ويا. پريوار ۾ هڪ پٽ روي شنڪر ۽ نياڻي ڌائو ٻائي ۽ هڪ گهر واري سونو ٻائي ڇڏيا آهن.

ٽاڀو فقير دستگير

ٻگهن سين ٻاڻ هڻي، اُڏاڻو آڪاس، جتي پرين سنداس سو سَرُ هڻي هنجهڙو. (شاهه) سنڌ جي سونَ ورني ڌرتيءَ پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي بزرگ، صوفي ۽ درويش صفت مهان پُرش پيدا ڪيا آهن. جتي ٿر جي مهان مٽي به هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڌرم ويري تعلقه مٺي ضلعه ٿرپارڪر ۾، اٽڪل 200 سال پهرين هڪ ديپ، شري ٺاڍي گنڍير ميگهواڙ جي گهر روشن ٿيو، جنهن جو نالو ٽاڀو رکيو ويو. جڏهن اهو ننڍڙو ٻالڪ غريب گهراڻي ۾ ساماڻو، جهر جهنگ لتاڙيو، تڏهن هڪ ساڌو صفت انسان ٿيڻ لاءِ پنهنجو مُرشد غوث بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جي چرڻ پيو. ان جي آشيرواد سان ٽاڀو ميگهواڙ هڪ ساڌو، نيڪ نيت ۽ مُلتاني فقير ٿي رهيو. شري ٽاڀي فقير شادي شريمتي پوران، ذات پرگڙو ڳوٺ ارنرو تعلقه ڇاڇرو سان ڪئي. جنهن مان کيس 3 نياڻيون ۽ ٻه پُٽ هُئا. 1. شري صالحو 2. شري ڏاهو، ٻئي ڀگتي ۽ کيتي وغيره ڪم ڪندا هئا. سندس ونس اڄ تائين ڳوٺ ڌرم ويريءَ ۾ رهائش پذير آهي، ۽ خوشحال آهي. هو هڪ درويش صفت انسان هو جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي معجزا ڏيکاريا، جي مشهور آهن. چون ٿا ته هڪ دفعي ڪي جماعتي ملتان وڃي رهيا هُئا، ته هنن هن (ٽاڀي فقير) کي صلاح ڪئي ته هلو ته ملتان هلون! تڏهن هن فقير وراڻيو ته آئون رات زيارت ڪري آيو آهيان. انهن حسد ۽ ساڙ ۾ چيو ته تون ميگهواڙ! رات زيارت ڪري آيو آهين!؟ جڏهن ته اسان جي جماعت هاڻ ملتان وڃي رهي آهي. تڏهن هن فقير وراڻيو ته اوهين سڀ قطار ڪري اُتر طرف منهن ڪري بيهو، ۽ اکيون بند ڪريو. پوءِ فقير صاحب پڇيو ته هاڻي ٻڌايو ته توهان ڪٿي آهيو؟ تڏهن جماعت وارن ٻڌايو ته اسان ملتان ۾ بيٺا آهيون. تڏهن فقير صاحب چيو ته هاڻي زيارت ڪري وٺو...! ۽ هاڻي اکيون کوليو! ڪٿي آهيو؟ تڏهن هُنن چيو ته اسان ڌرم ويريءَ ۾ آهيون. پوءِ اهي جماعتي، فقير صاحب جي چرڻن تي پنهنجا دست مبارڪ رکي واپس موٽيا. فقير صاحب جو اهو پهريون پرچو هو، فقير صاحب جا ٻيا اهڙا انيڪ پرچا آهن. جڏهن فقير صاحب جا ڳڻڻ جيترا ڏينهن بچيا ۽ حقيقي مالڪ پُڪاري رهيو هو، تڏهن سندس وصيعت نامي مطابق سندس چوڻ هو، ته منهنجي ديهانت کانپوءِ منهنجي ميت يعني جسم جو پنڃرو منهنجي ڏاچي اُٺڻيءَ تي ٻڌي، رواني ڪجو، جتي اُها ڏاچي وڃي ويهي اُتي منهجو آخري آرام گاهه ٺاهجو. جڏهن فقير صاحب جو اهو ٽاڻو آيو ۽ فقير جي چوڻ مطابق سڀ ڪجهه ڪيو ويو. اها ڏاچي پنهنجي مالڪ فقير جي بي پساهه جسم کي کڻي، اچي نمن جي قطارن واري شهر اسلام ڪوٽ جي ڏکڻي دڙي تي ويٺي، ۽ فقير صاحب جي به اُتي آخري آرام گاهه ٺاهي ويئي آهي. جتي اسلام ڪوٽ سنت نيڻورام جي نگري سڏيو وڃي ٿو ۽ ٽاڀي فقير جي نالي سان به سڃاڻيو وڃي ٿو. اڄ به ان سوَن ورکا واريءَ جي دڙي تي فقير جي آخري آرام گاهه تي هر سال جي ماگهه مهيني جي پونم تي، سندس ياد ڌام ڌوم ۽ احترام سان ميلو ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ هزارين زيارتي زيارت ڪندا آهن، ۽ فقير جي آخري آرام گاهه تي اچي سچي دل سان سجدو ڪندا آهن، ۽ پنهنجون مرادون پوريون ڪندا آهن. جتي ست سنگ ۽ رات ڏينهن ڀنڊارو هلندو آهي. ان لمحون کي يادين سنبهال کي رکهنا، هم تو ياد آئين گي، ليڪن لوٽ کي نهين.

فقيرا ڀڳت چولستان

(1960 کان 1999–5–11) سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا، رُئان رهن نه سُپرين، آيل ڪريان ڪيئن؟ مونکي چاڙهي چيئن، وِيو وڻجارو اوهرِي! (شاهه) حضرت خواجه فريد جي ڪافين ڳائڻ وارن چولستاني لوڪ فنڪارن ۾، فقيرا ڀڳت جو هڪ معتبر نالو آهي. فقيرا ڀڳت سال 1960ع ۾ شري سرورام، ذات ڪٽاريه ڳوٺ چڪ 187-R فيروزه، تعلقه لياقت پور ضلع رحيم يار خان ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو رانجڻ مائي، ڌي جمارام ذات ديار، ڳوٺ ديراور تعلقه نرمان ضلع بهاولپور جي هُئي. سندس پتا سدو رام اُٺ پالڻ ۽ گهمائڻ جو شوقين هو. سندس بزرگ جاني رام هو، بموجب روايت، اُهي حضرت خواجه غلام فريد جي حاضريءَ ۾ حاضر ٿيا. خواجه صاحب چيو ته جاني رام! جو گهرڻو هُجي اُهو گهر! انهن چيو سائين بس، اوهان جي نظر ڪرم جي ضرورت آهي. ڀڳوان جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي. خواجه صاحب چيو ته وڃ جاني رام! تنهنجي ستن پيڙهين کي عزت ۽ شهرت ملندي، ۽ تنهنجي اولاد ۾ هڪ اهڙو ٻار پيدا ٿيندو، جو منهنجا ڪلام ڳائي دنيا ۾ شهرت ماڻيندو. خواجه صاحب جي دعا جي بدلي ئي هي شهرت ۽ عزت فقيرا ڀڳت کي حاصل ٿي. فقيرا ڀڳت ڳائڻ جي سکيا استاد آڏو ڀڳت کان ورتي. هو سندس گرو آهي. آڏو ڀڳت اڃا حيات آهي. فقيرا ڀڳت سال 1986ع ۾ پهرين دفعي ريڊيو پاڪستان بهاولپور تان پنهنجي فن جو سفر باقاعدي شروع ڪيو. پي. ٽي. وي. لاهور جي پروڊيوسر شيرين پاشا پنهنجي ڊرامي، ”ايک هي راسته“ جي لاءِ هن جو آواز رڪارڊ ڪيو. انهي ڊرامي کي فقيرا ڀڳت جي پيش ڪيل ۽ مشهور لوري جي ڪري، انٽرنيشنل بالي ووڊ ايوارڊ مليا. سال 1994ع ۾ سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن ڀٽ شاهه ۾ گهرايو، جتي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه فقيرا ڀڳت کي خاص فرمائش ڪئي، ته هُن ڪنور ڀڳت جي ڳايل لوري (لولي) ٻڌائي ڀرپور داد ماڻيو. 1994ع ۾ محترمه لنڊن ۾ لوڪ موسيقيءَ جي حوالي سان هڪ وفد لنڊن موڪليو، جنهن ۾ ٻين فنڪارن سان گڏ چولستان کان فقيرا ڀڳت به پاڪستان جي نمائيندگي ڪئي. 1995ع ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس اسلام آباد جي طرفان ٻيهر لنڊن ويو، ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جتي هُن کي ”فوڪ ميوزڪ ايوارڊ“ سان نوازيو ويو ۽ حڪومت پاڪستان ”نيشنل ڪلچر ايوارڊ“ ڏنو. الحمرا آرٽ ڪائونسل لاهور ۾ ٿيندڙ آل پاڪستان ميوزڪ ڪانفرنس ۾ به هُن پنهنجي فن جو جادو جاڳايو. سنه 1997ع ۾ جرمنيءَ کان هڪ وفد فقيرا ڀڳت جي گهر روحي آيو. اتي هُن جي فن کان متاثر ٿي فقيرا ڀڳت کي جرمني اچڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ هو 1997ع ۾ جرمني ويو جتي پنهنجي فن ۾ مٺڙي آواز سان جرمن قوم کي موهي وڌو، انهي حوالي سان جرمنيءَ ۾ شايع ٿيندڙ Pakistan Soul Music ۾ ناصر خان، فقيرا ڀڳت جي فني خذمات کي خراج تحسين پيش ڪيو، ۽ ان جي ٽائيٽل تي پڻ فقيرا ڀڳت جي تصوير شايع ڪئي ويئي. پاڻ شادي سال 1978ع ۾ شريمتي مِٺو مائي، ڌي جيسارام ذات ليلڙ ڳوٺ ديراور تعلقه يـزمان، ضلع بهاولپور سان ڪئي، جنهن مان کيس 4 پٽ آهن. 1. موهن ڀڳت، جو هڪ ريڊيو ۽ ٽي. وي ڪلاڪار آهي. 2. شنڪر لال، جيڪو ريڊيو پاڪستان بهاولپور ۾ نائب قاصد آهي. 3. ڀڳوانداس، جيڪو ڍولڪ نواز آهي ۽ 4. هريرام، جو گهريلو ڪم ڪار ڪندو آهي. پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل هو. سنڌي، سرائڪي، هندي ۽ مارواڙي ٻوليون ڳالهائي سگهندو هو. سندس لباس چولستاني چادر ۽ قميض هئي. فقيرا ڀڳت لنڊن ۽ جرمنيءَ کانسواءِ هندوستان ويو، جتي هُن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ۽ آواز جي جادو ۽ مٺاس به جي ڪري کيس تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. جيڪي ماڻهو فقيرا ڀڳت سان گڏ هندوستان ويا هئا، انهن کي شڪ ٿيو ته هي جا کيس هيتري ساري پذيرائي ۽ عزت ملي آهي، تنهن ڪري هيءُ شخص شايد واپس پاڪستان نه وڃي. اها ڳالهه جڏهن فقيرا ڀڳت ٻڌي هن ته واضح ڪيو ته اها ڳالهه درست آهي ته مونکي هتي ڪافي عزت ۽ پيار مليو آهي، پر آئون خواجه فريد سائينءَ جي ڌرتي ڇڏڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان ۽ آئون اُتي ئي ويندس ۽ انهي مٽيءَ ۾ سمائجي ويندس. فقيرا ڀڳت خواجه فريد صاحب، بلي شاهه، ڀٽائي صاحب، سچل سرمست ۽ بخت فقير جون ڪافيون ڳائي چولستان جي ڌرتيءَ جو مانُ ۽ شانُ وڌايو. فقيرا ڀڳت تاريخ 11 مئي 1999ع تي ڪاري سائي ٿيڻ ڪري وڪٽوريا اسپتال بهاولپور داخل ڪرايو ويو پر هو زندگيءَ جي بازي هارائي ويو، ۽ سندس آتما وڃي پرماتما سان ملي پويان هڪ بيوه ۽ چار پُٽ ڇڏي ويو. فقيرا ڀڳت جي خدمتن جي عيوض ڪوٽ مٺن شريف ۾، خواجه فريد لئبريريءَ ۾ فقيرا ڀڳت لاءِ ڪجهه جڳهه وقف ڪئي آهي، جتي انهيءَ جي استعمال ۾ آيل شيون ۽ يڪتارو رکيو ويو آهي. لنڊن ۾ فريديات ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر شائڪل به سرائڪي لوڪ موسيقيءَ جي حوالي سان پٺاڻو خان ۽ فقيرا ڀڳت جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ روحيءَ جي پس منظر ۾، جنهن سيد عارف معين، پنهنجي تحرير سان پلي ڪيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فقيرا ڀڳت جو ذڪر ڪيو آهي. اُن کانسواءِ سرائيڪي خطي جي شاعرن پڻ فقيرا ڀڳت تي نظم لکيا آهن، جن ۾ عاشق بزدار، احمد خان طارق، اقبال سوڪڙي، سيد اختر سيال، ظفر رانجهورو، هيرا ۽ ڪيول داس شامل آهن. فقيرا ڀڳت جي پُٽ موهن ڀڳت جو ذڪر نه ڪجي، ته اها وڏي ناانصافي چئبي. هاڻي اهي گيت فقيرا ڀڳت جي بجاءِ، موهن ڀڳت ڳائي رهيو آهي. اهو ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ موهن ڀڳت جي وجود ۾ فقيرا ڀڳت جو روح حُلوُل ڪري ويو آهي. اهائي لئه، اُهي سُر، اهوئي انداز، اهوئي يڪتارو ۽ چپڙي، هٿ ۾ گيڙو رنگ جو لباس ۽ پڳڙي ڏسي چولستان جي پوري ثقافت ذهن ۾ گهمي اچي ٿي. موهن ڀڳت پنهنجي پتا ڀڳت فقيرا جي ياد ۾ پنهنجي چاچي، پاڻ ۽ ڪجهه تنظيمن جي تعاون سان هر سال پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾، ورسيءَ جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪرائيندو آهي. جنهن ۾ تقريرون، مقالا ۽ شاعريءَ جي علاوه فقيرا ڀڳت جي گائڪيءَ جي مخصوص رنگ کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ ڪافي ڳائي ويندي آهي. جتي پري پري کان ڀڳت جا دوست ۽ هر مذهب مان تعلق رکندڙ ماڻهو ايندا آهن. ضلع رحيم يار کانسواءِ ملتان ڊويزن ۽ سنڌ مان به ڪيترائي ماڻهو شرڪت ڪندا آهن. پر افسوس جو هيڏن وڏن فنڪارن جي عمر ٿوري هوندي آهي، پر سندس وڇوڙي پوري روحي علائقي چولستان کي سُنسان ڪري ڇڏيو، ۽ اهڙا چولستان ۽ روحيءَ ۾ خواجه فريد جون ڪافيون ڳائيندڙ صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا. روحي وٺڙي ٽوڀا تاروي، آ مل تون سينگار يار ري. مڃتا طور سندس فوت ٿيڻ کانپوءِ صدارتي ايوارڊ 23 مارچ 2011ع تي سندس ڌرم پتني مائي مٺو وصول ڪيو.

استاد تاراچند

تون سرتاج سُرن جو، محتاج رهيون محفلون، سڀ راڳڻيون داسيون لڳن، تنهنجي در جون. سنڌ صوفين جي سر زمين آهي. هتي قديم زماني کان راڳ رنگ جون محفلون متل رهن ٿيون. هن ڌرتي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل راڳي استادن کي جنم ڏنو، جنهن ۾ خان صاحب استاد منظور علي خان، استاد عاشق علي خان، استاد بڙي غلام علي خان، استاد اميد علي خان، انڊور گهراڻي جھڙن املهه هيرن جنم ورتو ۽ سُرن جي سُرهاڻ پکيڙي. اهڙو ئي هڪ آفاقي آواز جي مالڪ، استاد تاراچند ميگهواڙ نک کريت، ڀلو مل ڳوٺ معروف ڀنڀرا، تعلقه هالا ضلع حيدرآباد حال مٽياريءَ ۾ تاريخ 1948-5-18ع تي جنم ورتو. جنهن جي آمد تي سُرن فضائن مان زمين تي لهي اچي خود سندس سواگت ڪئي. اهو ئي استاد تاراچند جو خيال رکندي اُن کي جلا بخشي، جنهن وائيءَ کي سرگمن جي سُتي پياري دنيا ۾ امر ڪري ڇڏيو. استاد تاراچند جي ماتا جو نالو جسمان جويو، ڌي سومرو ڳوٺ دلپوٽه لڳ ٽنڊو آدم جي هُئي. پاڻ شادي شريمتي سمجهو ڌي مالوجي اينهپو ويٺل هالا شهر مان ڪئي. جنهن مان کيس هڪ نياڻي ۽ ڇهه پُٽ آهن. 1. مٺو مل ڊرائيور سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهي. 2. شو لال جي سعودي ۾ پرائيويٽ نوڪري آهي. 3. جيوڻ لال ٻني ٻاري جو ڪم. 4. هيرانند، جيڪو ٺيڪيدار آهي. 5. راجيش ڪمار، جيڪو ڊرائيور آهي. 6. ڀرت ڪمار، جو گهر جو ڪم ڪار ڪري ٿو. سڀ شادي شده آهن. استاد تاراچند کي ٻه ڀائر هئا. 1. دادو وڏو جو 2013-11-26 تي سرڳواسي ٿي ويو، ۽ ٻيو ننڍو ڀاءُ ڏيوو مل جو زنده آهي. کيس 4. ڀيڻيون هيون، جي سرڳواسي ٿي ويون آهن. استاد تاراچند 5 درجا سنڌي پرائمري اسڪول معروف ڀنڀرا، تعلقه هالا مان حاصل ڪئي. غربت هئڻ ڪري وڌيڪ پڙهائي جاري نه رکي سگهيو. پاڻ هندي به پڙهيل هئا، جا مهراج رتن لال هالا وٽ سکيو. پاڻ سنڌي، اردو ۽ هندي سٺي نموني پڙهي لکي سگهي ٿو. جيئن ته سندس خاندان اصل کان گويا هئا، تنهن ڪري ڳائڻ پنهنجي مائٽن کان سکيو. چوڏهين پيڙهي آهي، جنهن ۾ پاڻ ڳائي رهيو آهي. پاڻ مڪمل راڳ جي سکيا استاد امانت علي خان، جو خان صاحب استاد بڙي غلام علي صاحب جو ڀاءُ هو، اصل قصور پٽياله گهرانه سان تعلق هو ــ ان کان 1966ع ڌاري راڳ جي تعليم حاصل ڪئي ۽ لاهور ۾ گوين جي ايسوسيئشن هوندي هئي، جتي هر مهيني سڀ گويا گڏ ٿيندا هئا ۽ راڳ جي چٽا ڀيٽي ٿيندي هُئي، جنهن ۾، پاڻ کي گويو تسليم ڪرايو ۽ ڳائڻ شروع ڪيو. 1967ع پاڻ سندس مائٽن سميت معروف ڀنڀرا کان لڏي اچي لطيف جي نگريءَ ۾ هميشه لاءِ آباد ٿيا. پاڻ پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن جي محفلن ۾ ڳايو. لاهور، ڪوئيٽا، سبي، ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد ۽ خاص ڪري سڄي سنڌ ۾ ڳايو، ۽ داد حاصل ڪيو. ڀٽائي صاحب جي درگاهه تي به پروگرام ڪيا. ٻڍل فقير درگاهه، سچل سائين، منٺار فقير درگاهه ۽ ٻين ڪيترن ئي درويشن جي درگاهن تي ڳايو آهي. ۽ هڪ دفعو قلندر شهباز جي درگاهه تي، سندس استاد امانت عليءَ سان گڏ پنهنجن ڪنڌن ۾ هارنوميم وجهي شهر وچان ڳائيندا ويا، ۽ بودلي فقير جي به حاضري ڀري. انهي کانسواءِ انڊيا جئه پور ۾، ٽنڊو آدم جي سنت ٽينئون رام جي درٻار ۽ سنت ليلارام جي آشرم تي ڳايو، جتي انڊيا جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو پر استاد تاراچند جي سنڌي گائڪيءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو ۽ انعام سان نوازيو ويو. استاد تاراچند کي راڳ جي پوري ڄاڻ آهي، جنهن موجب مکيه 6 راڳ آهن 1. راڳ ڀيرو 2. راڳ هنڊول 3. راڳ ميگهه 4. راڳ شري 5. راڳ ديپڪ 6. راڳ مالڪوس. هر راڳ جون پنج پنج راڳڻيون آهن. ڪُل 30 راڳڻيون آهن. اُهي سڀ ڳائي سگهي ٿو ۽ کيس پوري مهارت آهي. پاڻ خاص ڪري ڀيروي گهڻي ۾ گهڻو ڳائيندو آهي ۽ پِيلو ۽ نند ڪلياڻ سندس پسنديده راڳڻيون آهن، جيڪي گهڻو ڳائيندو آهي. پاڻ هڪ ڪلاسيڪل گويو آهي. وڏي راڳ ۾ خيال، ٺومري، ترانه ۽ دادرا ڳائيندو آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪافي، غزل ۽ ڀڄن به ڳائيندو آهي. پاڻ هڪ موسقيار آهي ته ڌنون به پاڻ تيار ڪندو آهي. هُن سنڌي، هندي، گجراتي، پنجابي، سرائڪي ٻولين ۾ ڳائي رڪارڊ قائم ڪيو آهي. استاد تاراچند ريڊيو پاڪستان تي لائيو پروگرام ”اڄ جو فنڪار“ ۽ ٻين پروگرامن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ کان مٿي پروگرام ڪيا، جن ۾ پنهنجي ڌنن ۾ ڀٽائي صاحب، سچل سرمست ۽ ٻين صوفين جا ڪلام ڳايا ۽ داد حاصل ڪيو. انهيءَ کان علاوه ٽي. وي تي خاص ڪري ”ڪچهري“ ۾، جيڪو پروگرام فتح خان ڪندو هو انهيءَ ۾ ۽ ٻين ٽي. وي. پروگرامن ۾ به ڪافي رڪارڊنگ ڪرائي آهي. ٽي. وي. تي گهٽ ۾ گهٽ 20-25 پروگرام ڪيا آهن. انهي کانسواءِ هن وقت ڀٽ شاهه ريڊيو اسٽيشن تي ڀٽائي صاحب جا ڪلام ڳائي پيو، جتي 50 کن پروگرام ڪري چُڪو آهي. استاد تاراچند لطيف صاحب جي پيغام کي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي سنگم سان، سهڻي نموني پوري پاڪستان ۾ روشناس ڪرايو، نه صرف ايترو پر پنهنجي ڏات وسيلي سنڌي ثقافت، تهذيب تمدن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو. ڪلاسيڪل راڳ ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون ڪلاسيڪل گويو آهي، ۽ پنهنجي جاتيءَ جو نالو روشن ڪيو ۽ پنهنجو نانءُ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرايو. استاد تاراچند هڪ حليم طبع، ٻاجهارو انسان آهي. هر ڪنهن سان نهايت ئي سهڻي اخلاق ۽ ادب سان پيش ايندو آهي. ايتري قدر جو، مڙني وصفن جي ڏات مليل آهي. پنهنجي ڏات ۽ ڪلام جي نيهن سان ڪيترن ئي شاگردن کي فيضور ڪيو. سندس گهٽ ۾ گهٽ 150 کان مٿي شاگرد آهن، جنهن ۾ خاص ڪري نيوند ڪمار، جيڪو هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو، تمام سٺو گويو آهي. ان کان سواءِ مخدوم نويد زمان ولد طالب العوليٰ، محمد هاشم چنڊ، ڀڳت ڀاڳچند وغيره. استاد تاراچند کي هارمونيم، سُر منڊل، تانپوري، طبلو ڍولڪ، يڪتارو، کڙتال ۽ بينجو وڄائڻ ۽ راڳ جي مڪمل ڄاڻ آهي. انهن سڀني سازن توڙي ڳائڻ جي اڄ تائين سکشا ڏيئي رهيو آهي. هُن هر جمعي جو ڏينهن شاگردن لاءِ وقف ڪيو آهي، جتي ڪيترائي شاگرد سکيا وٺندا آهن. استاد تاراچند هارمونيم پاڻ ٺاهيندو آهي ۽ وڪرو ڪندو آهي وڏو ڪاريگر آهي، جنهن جو سامان لاهور ۽ انڊيا مان گهرائيندو آهي. استاد تاراچند ڊاڪٽر لونگ اميداڻيءَ جي معرفت، ڪراچيءَ ۾ شانتي ننگر ۾ راڳ جي سکيا جو ٽرنينگ سينٽر کوليو، جتي خاص ڪري آغا خان اسپتال جا ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون راڳ جي سکيا وٺنديون هيون ۽ هر هڪ کان ماهوار 2000 روپيه ملندا هئا، ۽ اُهي شاگرد 15 کن هئا. انهي کانسواءِ شانتي ننگر جي اسڪول ۾ ٻارن کي به راڳ جي سکيا ڏيندو هو. هُن پنهنجي پوري زندگي ڪلاسيڪل راڳ کي ارپي ڇڏي آهي. سندس پسنديده گائڪ استاد بڙي غلام علي خان، استاد برڪت علي خان، استاد عاشق علي خان انڊور گهراڻو، جيڪي خاص ڪري ڪلاسيڪل گويا سندس پسنديده استاد هئا. انهيءَ کان علاوه ڪي ايل سهگل، محمد رفيع، طلعت محمود، استاد محمد جمن، لتا منگيشڪر ۽ عابده پروين سندس پسنديده فنڪار آهن جن کي پسند ڪندو آهي. سندس پسنديده شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، رکيل شاهه، مصري شاهه، سچل سرمست، بُلا شاهه، غلام فريد ۽ سلطان باهو آهن، جن جا ڪلام اڪثر ڳائيندو آهي، ۽ ڀڄنن ۾ ڪبير ڀڳت، برمانند ۽ ميران ٻائيءَ جا ڀڄن ڳائي، پنهنجي ميگهه ونس جاتيءَ جي محفلن ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. هيءُ ڪلاسيڪل راڳ جو املهه هيرو آهي.

هيمراج پرمار

مور مئو پر ٽور نه مرندي، ماري ڇاڇا ماري سگهندين، گل گل ۾ آ خوشبو بي پناهه، باغ سڄو ڇا ٻاري سگهندين. سُرن جو سرتاج خوشبوءَ سان ٽمٽار گل، سرڳواسي هيمراج پرمار، گجرات صوبي جي سانتل پور کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي ٻکوترا، تعلقه سانتل پور، ضلع بناس ڪانٺا ۾ شري ماڻلداس پرمار ميگهواڙ جي گهر، جنم ورتو. ماڻلداس پرمار کي قدرت هڪ پُٽ ته ضرور ڏنو پر اُهو وري ٻنهي اکين کان محروم هو. تنهن ڪري نه ڪي هو انگريزن جي دؤر کي ڏسي سگهيو ۽ نه ڪي بناس ڪانٺا جي اُداس ڳاڙهي ڌرتيءَ کي ڏسي سگهيو. سور داس هئڻ ڪري نه ڪي گاهن، ٻارن ٻنين کي ڏسي سگهيو ۽ نه ئي وري گام جي هڪ جيڏن سان راندروند ڪري دل بهلائي سگهيو. ائين ڦِڪي ۽ اُداس زندگي گذاريندي، ڪنهن وقت اڪيلائي ۽ تنهائيءَ ۾ ويهي خدا کان ناراض ٿيڻ جو خيال آيس، ته شڪايت واري لهجي ۾ گيت جهونگارڻ لڳو ته، هڪ خوبصورت آواز هن جي گلي مان نڪرڻ لڳو، جنهن آواز ۾ مٺاس به هو ته درد به هو. هيءُ جيڪو پاڻ کي ڏسي نه سگهندو هو پر جڏهن هن پنهنجو ئي آواز پنهنجي گلي مان نڪرندي ٻڌو، ته پاڻ سان گڏ هن سموري آس پاس جي ماحول کي ڏاڍو پُراسرار بنائي ڇڏيو. ائين وقت جو پکيئڙو پرواز ڪندو رهيو، ۽ هِن به پرواز ڪندي، جڏهن جوڀن واري جوانيءَ ۾ قدم رکيو، ته آخري گيت پنهنجي گام ۾ ڳائي اچي حيدرآباد سنڌ ۾ ديرو ڄمايو، يا کڻي ائين چئجي ته حيدرآباد ۾ پنهنجو ٻکوترا گام ٺاهيو، جيئن مٽي ۽ وطن جي ياد سندس سيني ۾ سمايل رهي. حيدرآباد شهر ۾ رهندي ڳائڻ وڄائڻ کان علاوه صوفي ازم جو به پرچار ڪرڻ لڳو، ۽ پاڻ مڪمل طور صوفي بڻجي ويو. سدائين سادو لباس، ڪنڌ ۾ لڏندڙ ڳاڙهو ٽوال، وڏا وار ۽ يوڳ اسٽائيل ۾ ويهڻ وارو انداز هن جي سڄاڻپ بنجي ويو، ته سندس چاهيندڙن جو تعداد به وڌندو ويو ته سندس ڳلي مان نڪرندڙ آواز به ڏُور ڏُور تائين پکڙنجندو رهيو ۽ ماڻهو انهيءَ سحر واري آواز ۾ مدهوش ٿيندا رهيا، ته اهو سحر سانتل پور کان هجرت ڪري ايندڙ لکو پٽ ڏيوو راٺوڙ وٽ جيمس آباد ۽ پوءِ پنگريو پهتو، ته هڪ ئي درديلي ڌرتيءَ سان تعلق هئڻ ڪري انهن جي نينهن جو ناتو گرو چيلي ۾ تبديل ٿي ويو، ۽ اڪثر مهينن جا مهينا اهو سور داس فنڪار جمس آباد ۽ پنگريو شهر ۾ گذاريندو هو. اهو خوبصورت آواز وارو ڪلاڪار پياڪ به وڏو هو. هو موکي جي مٽن جا مٽ پي ويندو هو، ۽ بي حجاب پيئڻ کانپوءِ لطيف وارو تنبورو کڻي جڏهن سورٺ راءِ ڏياچ واري ٻيجل جيان ساز ڇيڙيندو هو، ته سڄو ماحول تبديل ۽ پُراسرار ٿي ويندو هو، ۽ هن فنڪار جون فنڪاري آڱريون تنبوري جي تارن کي ڇيڙڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي گلي مان آواز ڪڍندو هو، ته سڄي ماحول کي عجيب و غريب بڻائي ڇڏيندو هو، ته جهونا جوڳي خبر نه آهي ڪهڙي خيالن ۾ يا ماضي جي مزارن ۾ جهاتي پائي روئڻ لڳندا هئا. پر هي سور داس ڪلاڪار انهن جا ڳوڙها ڏسڻ کانسواءِ، پنهنجي اندر جا اُڌما ٻاهر ڪڍندو رهندو هو. اندر ۾ ته هي روئندو هو پر اُن جي لڪل ڳوڙهن کي ڪير به ڏسي نه سگهندو هو. اهي صرف هُن جي سُر جا عاشق هئا يا ته اُهي اُن جي سُرن ۾ پنهنجو جوڀن ۽ جِيوَن ڳوليندا هُئا ۽ هڪ ئي هنڌ ۽ هڪ ئي آسڻ هڻي سڄي سڄي رات ڪلا جا سُر وکيريندو رهندو هو. نه وري موکيءَ جا مٽ ان کي مدهوش ٿيڻ ڏيندا هُئا. ۽ نه ئي وري گلي مان نڪرندڙ آواز ان کي ٿڪائيندا هُئا. هيمراج پرمار صاحب مڪمل اڻ پڙهيل هوندي به شاهه صاحب، سچل سرمست، سامي، بابا بلي شاهه، بابا فريد، ڪبير ڀڳت ۽ ميران ٻائيءَ کانسواءِ انيڪ صوفي شاعرن جا هزارين هندي، سنڌي، سرائڪي گيت، غزل ۽ ڪلام کيس بر زباني ياد هوندا هُئا، ته مختلف راڳن ۽ سُرن تي پڻ عبور حاصل هو. وڏن وڏن صوفي شاعرن جا ڪلام ڳائي ڪري پاڻ به صوفي ازم واري شاعري ڪري گيت ۽ غزل جوڙڻ لڳو، ته پاڻ ئي انهيءَ جي موسيقي ڪمپوز ڪندو هو. هيءُ هڪ بهترين موسيقار پڻ هو. گڏوگڏ انهي وقت جي قديم سازن جھڙوڪ باجو، ڍولڪ، ڌڪڙ، پڪواس ۽ لطيف وارو سازندو وڄائڻ جو به وڏو فن ۽ ڄاڻ رکندڙ هو. پنگريو شهر جي هڪ خاموش قبرستان ۾ سانتل پور ۾ جنم وٺي، 80 سالن جي ڄمار ۾ موڪلائي، آرام ڪندڙ ڀڳت ڏيوو راٺوڙ جيان جڏهن هن سور داس ڪلاڪار کي به وطن جي چٺي ۽ مٽي جڏهن گهڻو ستايو، ته هن به پنهنجي جنم ڀوميءَ واري ديس جي حاضري ڀري، من اندر کي شانت رکيو. مڪمل صوفي سنت فقير هئڻ ڪري هندوستان جي سڀني مندرن ۽ مزارن تي حاضري ڀري، وڏو روحاني سِڪون حاصل ڪيو. رام ديو پير صاحب جي سماڌي رڻونجها ۽ پرڪرڻ مندر جي حاضري ڀرڻ مهل، هن سورداس صرف سُر ۽ سنگيت جي ڪلپنا ڪئي، ته اها ڪلپنا پوري ٿي ۽ سور داس ڪلاڪار کي سُر ۽ سنگيت سان مالا مال ڪيو ويو. شري هيمراج پرمار صاحب کي سُر راڻي تي مُڪمل عبور حاصل هوندو هو. جڏهن سُر راڻو ڳائيندو هو ته هن تي هڪ عجيب قسم جو وجد طاري ٿي ويندو هو، ۽ پوءِ اهو وجد ٻڌندڙن تي جادوءَ جو اثر ڇڏيندو هو، ۽ ماڻهو اُنهي سحر ۾ تڙپندا گرفتار ٿيندا ويندا هئا ۽ جڏهن باک ڦٽندي هئي، تڏهن اسر مهل هن سور داس کي پنهنجي اندر ۾ راڻي جي مومل کي چتا تي چڙهڻ جو قرب محسوس ٿيندو هو، ته هن جون فنڪار آڱريون وڇوڙي واري سُر تي ورلاپ ڪنديون هيون، ۽ جڏهن سُر راڻو ڳائيندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته اهو مومل ۽ راڻي جو وڇوڙو نه پر اصل روحاني ميلاپ آهي، ۽ ٻڌندڙن جي دلين ۾ اهو خيال جنم جنم جهوٽا کائيندو هو ته ڪاش ڪنهن ڪاري چڳ تي رات نه کٽي، ۽ پرهه نه ڦٽي ۽ مومل راڻي جو ملن هر جنم ۾ ٿيندو رهي، ۽ ماڻهو صدين تائين سُر راڻو آلاپندا رهن ۽ مومل ماڻيندا رهن. هن سور داس سنڌ ۽ هند جي سمورن ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ صوفي ازم جا صوفياڻا ڪلام ڳائي، هندو مسلم ايڪتا جو شاندار مظاهرو ڪيو، ۽ سموري سنڌ کي پڻ متاثر ڪيو ۽ هندو مسلم لوڪ، هن فنڪار کي ڪنور ڀڳت جو ٻيو جنم پڻ چوندا هئا. سموري عمر سُر سنگيت کي ارپندڙ هن فنڪار ڪڏهن به ڌن دولت جي پرواهه نه ڪئي، ۽ نه وري سيني ۾ پلجندڙ ڪنهن خواهش يا شهرت کي اڀارڻ ڏنو. سڄي عمر ڪنوارپ (برهم چاريه) ۾ ڪٽي ڇڏي پر ڪڏهن به هن ڪنوارن جذبن کي هن ڪوڙي سنسار جي ورچڙهڻ نه ڏنو. بس هن جي پنهنجي دنيا هُئي، هي هو ۽ ساز آواز هئا. هن جا ڪئين چاهيندڙ به هُئا ته هي به ڪنهن کي چاهيندو هو. جنهن جو نالو داني داس ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو پڻ فقيري طبعيت وارو ساڌو سنت هو. جڏهن ساڌو سنت داني داس درويش حيدرآباد واري جي پيرن جي خاڪ کي چُمي، پنهنجي منهن تي مکي، ته بدلي ۾ هن بزرگ هن سور داس فنڪار کي دعائن سان رڱي، وڌيڪ سُر سنگيت جا نوان نوان لاڙا، گس ۽ انداز سيکاريا، ته هي سڄو سون بڻجي ويو، ڄڻ پارس، بس ڇُهڻ جي دير هُئي. هن جي آواز جو جادو جڏهن جھلم، بياس ۽ ستلج جي سينن کي چيريندو اڳتي راوي ڪناري تي پهچي ويو. تڏهن اهو دؤر اُهو هو جڏهن هندوستان جي فلم ”انمول گهڙي“ جو هيرو دليپ ڪمار ۽ هيروئن نور جھان هُئي، جنهن کي ملڪه ترنم جو لقب مليل آهي. پر جڏهن نابين هوندي سئنيما ۾ وڃي فلمون ڏسندڙ سور داس فنڪار جي خوبصورت ۽ درديلي آواز سنڌ جون سرحدون اورينگندو وڃي مهاراجه رنجيت سنگهه جي ڏيهه لاهور پهتو ته اُن آواز جو پڙاڏو وڃي اداڪاره ۽ فنڪاره ملڪه ترنم نور جھان جي ڪنن تي پهتو، ته اهڙو سريلو ۽ شاندار آواز، ۽ سُر ٻڌي نور جھان جا ڪن کڙا ٿي ويا. هي آواز جي دنيا جو هڪ انمول ۽ اڀرندڙ ستارو هو جنهن نور جھان جھڙي ان وقت جي وڏي ڪلاڪار راڻيءَ کي به متاثر ڪري وڌو، ته هن يڪدم نوان ويس وڳا پائي، چپن تي لالي پائوڊر لڳائي، لاهور کان نڪري اچي ٿڌي راتين کان مشهور شهر حيدرآباد پهتي، ۽ اچي انهي سور داس فنڪار سان ملاقات ڪئي، ته ٻنهي اکين مان محروم ۽ اُداس انسان سان ملي متاثر ته گهڻي ٿي پر سندس جادوئي آواز تي حيران به ٿي. ميڊم نور جھان جڏهن انهي سور داس فنڪار کي پاڻ سان گڏ گانا ڳائڻ لاءِ التجا ڪئي، ته هي فقير انڪار ڪري نه سگهيو، ۽ پوءِ نور جھان ۽ اُنهي سور داس فنڪار ٻنهي گڏيل ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڳائي، آواز جو جادو سموري ڏيهه ۾ ڦهلايو. جيڪو اڄ به جهونن جوڳين کي ياد هوندو. حيدرآباد جي نيو ميجسٽڪ سئنيما ۾ سڀ کان پهرين هنن گڏجي گانا ڳايا. نور جھان سان گڏجي گانا ڳائڻ جي شهرت جڏهن دور دور تائين پهتي، ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن پڻ هن جي آواز ۾ صوفين جا صوفياڻا ڪلام رڪارڊ ڪيا. جيڪي اڄ اسان جھڙن کي ٻڌڻ لاءِ ڪونه ٿا ملن. ۽ انهن کي ڳولهڻ جي سخت ضرورت آهي. جيئن اڄ اسين ماضيءَ جي گمنام ٿي ويل سور داس فنڪار جا ڳايل ڪلام ٻڌي، ماضيءَ جي دنيا ۾ سفر ڪري سگهون، ته گڏوگڏ ماضيءَ جي موسيقي ۽ سُرن سان روشناس ٿي سگهون. ماضي، جيڪو انسان جو خوبصورت آئينو هوندو آهي. هي سور داس سنت، حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ڪيترائي چلا ڪڍيا، جنهن ۾ چاليهه ڏينهن تائين ڪجهه به نه کاڌائين ۽ وڃي حقيقي ۽ روحاني رمز کي پروڙي ورتائين، ته آخرڪار پنهنجي موت کان صرف هڪ هفتو اڳواٽ پنهنجي چاهيندڙن کي اهو ٻڌايو ته هو ايندڙ سومر واري ڏينهن اوهان جي دنيا کان موڪلاڻي ڪندو، ۽ منهنجي خواهش آهي ته منهنجا چاهيندڙ سومر تي موڪلاڻيءَ واري ڏينهن مون وٽ اچن، جيئن آئون انهن سان خوب آخري ڪچهري ڪري، انهن جو موجودگيءَ ۾ موڪلايان. گڏوگڏ هيءَ وصيعت به ڪري ڇڏي ته منهنجي مڙهه کي ٽنڊوالهيار واري راما پير جي مندر جي احاطي ۾ سماڌي ٺاهي دفن ڪن. دنيا جي دنياوي لوڪن ته اهو مذاق سمجهيو پر ان جي سچن چاهيندڙن ان کي سچو ۽ پڪو سمجهيو، ته هاڻ هي فقير پنهنجا لڏا کڻڻ وارو آهي، ۽ هن جي منزل هاڻي ٻئي دنيا ۾ آهي. پورو هفتو راما پير جو مندر، اُن جي چاهيندڙن سان ڀرجندو رهيو، ننگر پاڻي جو نياز به هلندو رهيو ته رات جو ست سنگ جون محفلون پڻ مچنديون رهيون (وڪرم سنبت مطابق 2026) عيسوي سال 1969ع سومر واري شام، هزارين چاهيندڙن جي موجودگيءَ ۾، بلڪل صحتمند حالت ۾ يوڳ اسٽائيل ۾ آسڻ ۾ ويهي، امرت جو فاني پيالو پي، هن فاني سنسار کان مرڪندي موڪلاڻي ڪئي، ته هزارن جي تعداد ۾ سندس چاهيندڙ، جن جا من ته اندر ۾ اداس هئا، پر انهن جا چهرا پرسڪون هئا. ان ڪري جو سندس سور داس سنت مرشد فقير ۽ ڪلاڪار جو چهرو پرسڪون هو. هن شخص کي ڪير به وساري نه ٿو سگهي، ته ماضيءَ جي مزار بڻيل تاريخ جو هڪ وڏو ۽ معتبر نانءُ، ذهن جي اسڪرين تي تري ايندو، جيڪو اڄ به ٽنڊو الهيار مندر ۾ آرامي آهي، جنهن جو نالو ميگهواڙ ٻاپو امر هيمراج پرمار آهي. ان مهان ميگهواڙ ڪلاڪار جو ذڪر، سائين تيرٿداس اميداڻي صاحب، پنهنجي ڪتاب ميگهه ونس اتهاس، ۽ ايف سي راٺوڙ پنهنجي ڪتاب، ”تاريخ، ڌرتي ۽ درد“ ۾ پڻ ڪيو آهي.

ڀڳت صالحورام ٻالاڻي

(1930ع کان 2006–02–18) ڪا ڀونءِ ڀلاري ٿيندي آ، سنتن کي جنم ڏيندي آ، ڪا بات نياري ٿيندي آ، جا سُتلن کي جاڳائيندي آ. سنڌ جي سونهاري سر زمين پنهنجي ڪُک مان ڪيترائي عالم، اديب، سنت، ڀڳت، صوفي، راڳي منش جنم ڏنا آهن. جن پنهنجي فن ۽ فڪر سان، سڀاءُ ۽ سوچ سان هن سنسار ۾ امن، ڀائيچارو ۽ روشن خياليءَ سان پنهنجي حياتي وقف ڪئي، ۽ سنتن ڀڳتن پنهنجا ڪلام آلاپي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر محبت جا واهڙ واهيا. تعصب ۽ دوئيءَ کي دور ڪرڻ جا هوڪا ڏنا. اهڙوئي هن ڀلاري ڀُونءَ جو البيلو ڀڳت صالحورام ريگستاني خطي ٿرپارڪر سميت، پوري سنڌ ۾ هڪ الڳ ٿلڳ ۽ منفرد مقام رکي ٿو. هن جي گلي ۾ ايڏو سوز ۽ ميٺاج هو، جو جڏهن به ڪنهن محفل يا ڪچهريءَ ۾ ڳائڻ وينهندو هو، ته سڀني پريمين کي موهي وجهندو هو. ڀڳت صالحورام 1930ع ڌاري گڍيءَ جي گود ۾ وسندڙ مٺيءَ جي مٺڙي ۽ تاريخي شهر ۾، سرڳيه لالو (لالچند) کوکر جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ماتا جو نالو موتان پتڙيه، جيڪا ڳوٺ کيڪنيو تعلقه مٺيءَ جي هئي. پاڻ شادي ڳوٺ ٻٽڙي، تعلقه مٺيءَ مان سڄڻ مل درڙو جي ڌيءَ هستو سان ڪئي. جنهن مان کيس ٽي نياڻيون ۽ هڪ پُٽ جو اولاد آهي، جيڪي شادي شده آهن. ڀڳت صالحورام جو خاندان راڄنيتي ۽ سماجي حوالي سان پڻ تعارف جوڳو پس منظر رکي ٿو. سندس ڏاڏو ٻالچند (ٻالو) پنهنجي ميگهه ونس ڪميونٽيءَ جو چڱو مڙس رهي چُڪو آهي. وطن دوستي ۽ سچائيءَ جي ثبوت تحت، بالي (ٻالچند) کي ٻنيون معافي طور مليل آهن، جيڪي اڃا پڻ موجود آهن ۽ سندس چاچو هيرو ٻالاڻي، جنهن کي پٽيل جو لقب مليل هو، پراڻي دؤر ۾ پٽيل هڪ وڏي حيثيت رکندڙ، ڳوٺ جا رکوالا سمجهيا ويندا هُئا. ڀڳت صالحورام فقط هندي پڙهيل هو ۽ سندس ڌنڌو بوٽن ٺاهڻ جو هو، جنهن جو هو وڏو ڪاريگر هو. ڀڳت صالحورام شروع کان ئي صوفياڻي طبيعت جو مالڪ هو ۽ هن جو آهستي آهستي ڀڳتيءَ طرف لاڙو وڌيو. مائي ڀاڳي ۽ مراد فقير جي صحبت ۾ رهڻ ڪري هن کي ڳائڻ جو شوق ٿيو، ۽ مراد فقير کان ڳائڻ سکيو، ۽ هُن مراد فقير کي اُستاد طور قبول ڪيو ۽ ڀڳتيءَ جي ڌرمي روايتن تحت سنڌ جو مهان سنت پاتارام کان ستگروءَ جو وردان ورتو. پاتارام ڳوٺ رامهون جو رهواسي هو ۽ هڪ پهتل شخصيت هُئا، جنهن جي اڄ به سال به سال راموهور ۾ ورسي ملهائي وڃي ٿي. ڀڳت صالحورام ڪيترن ئي شاعرن کي ڳايو آهي، جن ۾ خاص ڪري ڪبير ڀڳت، گورک ناٿ، تُلسيداس، ميران ٻائي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، بُلي شاهه، روحل فقير ۽ مصري شاهه وغيره شامل آهن. ڀڳت صالحورام سنڌ جي ڪيترن ئي اوليائن، درگاهن ۽ پيرن فقيرن جي آستانن تي ڳايو آهي، جن ۾ خاص ڪري شاهه عبداللطيف، قلندر، سمن سرڪار، سانوڻ فقير، ڀڳت نيڻورام آکاڙو، پير پٿوري جي ميلي ۾ سدائين سُرتال جون تندون سوري محفل کي چار چنڊ لڳائيندا هئا، ۽ هر سال پير پٿوري صاحب جي حاضري ڀري ڀڄن ڳائي ڀيٽا جا ڦُل پروان ڪندا هُئا. ان کانسواءِ ڪرشن ڳڙهه انڊيا ۾ پڻ ڪيترن ئي آستانن تي پنهنجي ڀڳتي، صوفي پنٿ ۽ ڪلا جا جوهر ڏيکاريا. ڀڳت جا ڪيترائي چيلا آهن، جيڪي پوري سنڌ ۾ امن ۽ آشتيءَ جو پيغام ڦهلائي رهيا آهن. سندس گائڪيءَ ۾ ڪافي شاگرد آهن، جن ۾ خاص طور هڪ سندس پُٽ بصر مل، مراد فقير اسلام ڪوٽ، سرڳواسي ڀڳت پنهون مل گانگاڻ وارو، ڀڳت سترام ڪنري وارو آهن. ڀڳت صاحب سنڌي، اردو، سنسڪرت، هندي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ٻولين تي مهارت رکندو هو. پاڻ 15 کن راڳن جي پوري طرح ڄاڻ رکندو هو. جنهن ۾ ڀيروي، ڪوهياري، پهاڙي ۽ سورٺ، جيڪي کيس تمام گهڻو پسند هئا. سندس پسنديده فنڪار استاد محمد جمن، عابده پروين هئا پر استاد مراد کي وڌيڪ مڃتا ڏيندو هو، جو هو هڪ گويو هو، پهرين جوڙ جو. سندس پسنديده ڪتاب گيتا، يوڳ وشيش، رامائڻ، مهاڀارت ۽ شاهه جو رسالو وغيره هئا. ڀڳت صالحورام جون ٻه ڀجننن جون ڪيسٽون رڪارڊ ڪرايل آهن، جيڪي مارڪيٽ ۾ موجود آهن ۽ انهن کي تمام گهڻي مهانتا ملي آهي. ڀڳت صالحورام ريڊيو پاڪستان تي به ڳايو، سندس 35 کن ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن. ان کانسواءِ هڪ پروگرام ٽي. وي تي به ڪيو هو. ريڊيو پاڪستان تي سندس ڳايل ڪلام (اُٿي چرخو چور ستي مون سور پرايا) جيڪو ڪافي مشهور ٿيو ۽ ڪيترائي دفعا ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيو ويو آهي. صالحورام ڀڳت ۽ گائڪ هئڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو ڪوي ۽ شاعر به هئا. هن جا رچيل ڪيترائي ڀڄن ۽ ڪلام پڻ آهن تن ۾ خاص هي آهن: ”مِٽي تي آهين مستان، اکڙيون کول انڌا انسان“، ”اچو ته پيارا خوشيون ملهايون“، ”هاڻي وڃان ٿو اوهان کان وڇڙي“، ”نه ڪر تون ناداني“، ”اچي سِر تون نِمائي“. ڀڳت صالحورام جا ڳايل مشهور ڀڄن: ”جسيو توڙل قصو، ٻال ليلا قصو، هرچند پراڻ قصو“، ”ميگهه رِک جُگا جُگ آگي واڻ قصو“، راجا ڀرتري، قصو، ڀڄن ڌن ڌن ڀاڳ اڱڻ گرو آيا، اوگڻ ٻهوت ڪيا ڪبير ڀڳت، لاڳا سڌ ڪا ٻاڻ ڪبير ڀڳت، ڪامڻ ڪارا ڪانجي ميران ٻائي، راجو ڪين ڪري ميران ٻائي، شام پيا موري رنگ دي چنريا. ڀڳت صالحورام کي نه صرف ڳائڻ جو فن حاصل هو، پر واقعي ڀڳت هو ۽ ڀڳوان جي رنگ ۾ رنگجي چُڪو هو. هن وٽ سناتن ڌرم جي تمام گهڻي ڄاڻ هُئي. هن ڀڳوان جي ڀڳتيءَ کي تمام ويجهو ڏٺو ۽ پرکيو. هو امن ۽ ڀائيچاري، محبت ۽ خلوص جو پيغام پهچائيندڙ ڀڳت ۽ هڪ الله تي يقين رکندڙ پنهنجي سموري حياتي راڳ کي ارپي ڇڏي. هن پوري عمر سُرتال کي ساهه کان وڌي سانڍيو. هو هڪ آدرش ۽ مهان پرش، ميگهه ونس جو وڏو اثاثو هو، پر افسوس جو اسان جي معاشري ۾ جيئري جاڳندي مثال جو ڪوئي قدر نه آهي. آخر ۾ ڀڳت هڪ عجيب بيماري ڌُٻڻيءَ ۾ هڪ سال مبتلا رهيو، ۽ پنهنجا آخري حياتيءَ جا ڏينهن تڪليف ۾ گذاريا، پر معاشري ۾ هن مهان سنت جي ڪنهن به سار نه لڌي. جنهن هميشه خوشيون ۽ مسڪراهٽون ورهايون، پر هن موذي مرض سان لڙندي نيٺ 18 فيبروري 2006ع تي، رات جو پوئين پهر پنهنجي زندگيءَ جو آخري دم ڌڻي حوالي ڪيو، ۽ پويان وڏو خاندان سوڳوار ڇڏيو. پويان سندس پُٽ ڀڳت بصر مل به هڪ سٺو گويو آهي. راڳ ۾ ميٺاس آهي ۽ ماڻهن کي موهي وجهي ٿو، ۽ سندس هر سال ورسي ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي سنت، ڀڳت اچي کيس شرڌانجلي جا ڦول چڙهائيندا آهن. پلي ڪُڇه نهين بانڌتي، پنڇي اور درويش، جس ني تڪـيا رب دا، تس ڪو رزق هـميش.

ڀڳت سومجي ڀاٽيا

ڀڳتي ڪري پاتال ۾، پرگهٽ هووي آڪاس، رجب تينون لوڪ ۾، نهين ڇپي هري ڪا داس. موسيقي، شاعري ۽ سُرن جي سنگم جو ٻيو نالو آهي. ڪائنات جي حسناڪي موسيقيءَ سان جُڙيل آهي. ويدن کان وٺي لطيف سرڪار جي شاعريءَ تائين، لطيف کان وٺي اياز جي گيتن تائين، سنڌي شاعري موسيقيءَ سان ٽمٽار رهي آهي. سنڌ جو هڪ پنهنجو صوفياڻو رنگ آهي. ساڌ ٻيلي کان وٺي ساڙدڙي تائين، پير پٿوري جي ماڙيءَ کان وٺي پار برهم تائين، لطيف جي نگري توڙي ساڙدڙي جي آستاني ۾ جڏهن راڳين ۽ ڀگتيءَ جو آواز ٻڌجي ٿوته انهي مهل سنڌ جو تصوف مون کي دنيا جي تصوف کان بلڪل نرالو نظر ايندو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ بارود جي بوءِ اچي رهي آهي، ۽ دنيا ۾ هر هنڌ رت جي هولي کيڏي پئي وڃي، ته اُتي ڀڳت ڪنور رام ۽ سومجي ڀاٽيه جھڙن ڪلاڪارن کي ٻڌي زندگيءَ ۾ گهڙي پل سڪون ضرور ملي ٿو. اڄ انهي مهان راڳي ميگهه ونس سومجي ڀاٽيا جو ذڪر ڪريان ٿو، جنهن جو جنم سال 1932ع ۾ ڳوٺ مسڻ وڏي تعلقه ٽنڊو الهيار ۾ سرڳواسي جالو رام نُک ڀاٽيا جي گهر ٿيو. سندس ماتا شري جو نالو بيکان ٻائي، ڌي رامو مل ذات سيجو، ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي تعلقه ڪوٽ غلام محمد جي هئي. پاڻ انگريزي پڙهي سگهي ٿو. ڪانگريسي اسڪول ۾ ABC پڙهيو هو. سندس شروعاتي ڌنڌو ٻيڙي ٻڌڻ ۽ ان کانپوءِ ٽيلر ماستر ٿي 1960ع ۾ مسڻ وڏي کان لڏي اچي ميرپورخاص ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اڄ تائين رهن پيا. پاڻ شادي سال 1948ع ۾ شريمتي ڌيما ديوي ڌي ڪرنا رام، ذات پنوار ڳوٺ ڪنڊياري تعلقه سانگهڙ سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ست نياڻيون ۽ هڪ پُٽ وڪرم داس، جيڪو VII ڪلاس ۾ پڙهي پيو. کيس ننڍي هوندي کان ڳائڻ جو شوق هو ۽ سندس ڏاڏو هڪ سنت هو، ۽ پوءِ ويرو مل پونم رام کان ڳائڻ جي سکيا ورتائين. سال 1978ع ۾ هن پهريون دفعو ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ شروع ڪيو، ۽ استاد خان صاحب منظور علي خان کان باقاعدي راڳ جي سکيا ورتي، ۽ پنهنجو راڳ وديا گرو ڪيائين، ۽ 1950ع ۾ سنت اميدرام گڍڙو چارڻ واسيءَ کي پنهنجو روحاني گرو ڪيائين. 1980ع ۾ پير پٿوري صاحب جي مهما جي ڀڄنن کي ڪيسٽ جي صورت ۾ رڪارڊ ڪرايائين، جنهن کي پوري ميگهه ونس جاتيءَ ساراهيو ۽ مشهوري ماڻي. هن وقت 32 راڳڻيون ڳائي سگهي ٿو. سندس پسنديده راڳڻيون، ملهار، ڀوپالي، مالڪوس، ڀيم ڪلياڻ، پهاڙي، ڪاموڏ ۽ سورٺ شوق سان ڳائيندو آهي.سندس پسنديده گلوڪار خانصاحب استاد منظور علي خان، صالحورام راجوخاناڻي آهن. شاعرن ۾ برهمانند، ڪبير صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ميران ٻائي سندس پسنديده شاعر آهن. 1976ع ۾ انٽرڪانٽينينٽل هوٽل لاهور ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ملاقات ٿي. ppp جي پهرين ڪنويشن ۾ شرڪت ڪئي، جنهن لسٽ ۾ سندس نمبر 74 هو ۽ پارٽيءَ جو بنياد رکيو ويو ۽ بنگلاديش تسليم ڪرڻ وقت به سومجي ڀاٽيا ذوالفقار ڀٽو صاحب سان گڏ هو. 1990ع ۾ 500 ماڻهن جي جٿي سان گڏ تيرٿ ياترا لاءِ انڊيا ويو. جتي دهليءَ ۾ هُن جٿي جي اڳواڻي ڪئي ۽ اٽل بهاري واجپائيءَ سان ملاقات ڪئي. هٿ ملايو انهي کانپوءِ راجيو گانڌيءَ سان دهليءَ ۾ سندس بنگلي تي، جٿي جا سڀ ماڻهو مليا ۽ هٿ ملايو. انڊيا ياترا دوران راءِ پور ۾ ساڌرام آسارام تي ڳايو، ۽ اُتي اسٽيج تي ڳائيندڙ ڪلاڪارن جي خاص فرمائش تي سنڌي ڪلام ڳائي ويٺلن کي جهومائي وڌو، ۽ کيس سارهايو ويو ۽ ڪافي انعام سان نوازيو ويو. انهيءَ کانسواءِ امراوتيءَ ۾ لال سائين اڏيرو جي ميلي وقت، جو چيٽي چنڊ تي لڳندو آهي، اُتي چار ڀڄن ڳائي داد حاصل ڪيو. انهي کانسواءِ هري دُئار ۾ شري رام ڪاليج ۾ پڻ ڀڄن ڳاتا، جيڪي ڪافي پسند ڪيا ويا. انهيءَ کان اڳ ۾ سال 1980ع ۾ هنگلاج ماتا جي ياترا ڪري آيا. اُتي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مهانتا حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح ڀڳت سومجي ڀاٽيا پنهنجي عمر جا 45 سال راڳ کي ارپي ڇڏيا، اڃا به ڳائي رهيو آهي. ڪيترن ستسنگن ۾ گهرايو وڃي ٿو ۽ سريلي ۽ مٺي آواز سان ماڻهن کي موهي وجهي ٿو. گڏوگڏ ڌرمي پرچار ڪندا رهن ٿا. تعليم لاءِ ٻارن جي پڙهائڻ لاءِ خاص تاڪيد ڪندا رهن ٿا، ۽ نشي وغيره کان دور رهڻ جا درس ڏيندا رهن ٿا. ڪبير سنگت ساڌڪي، جيون گندي ڪا داس، جو ڪڇهه گندي دي نهين، تو پي واس سواس.

صوفي فقير رامچند

ڪنهن جي منهن ۾ هري، ڪنهن جو وات گلاب، اُهي ماڻهو لاجواب، لطيف جن جي لفظن ۾. راڳ اهڙي وڻندڙ شيءِ آهي جا روح کي راحت ڏي ٿي. سنڌ جي ڀومي صوفين فقيرن جي سرزمين آهي. جتي ڪيترائي موسيقيءَ جا ماهر ۽ قدردان رهن ٿا ۽ اهڙن صوفين فقيرن جي راڳ رنگ جون محفلون صوفين جي درگاهن تي متل رهن ٿيون. اهڙي ئي هڪ صوفي فقير رامچند جويو، سال 1964ع ۾ پمن جويو ڳوٺ درگاهه پاڪ سنگهار تعلقه ٽنڊو الهيار ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو راهي ذات گنڍير جيڪا ٺارو گنڍير جي سُپتري هئي، تازو سرڳواس ٿي آهي. فقير رامچند شادي نرمل گُجر جي نياڻي چندري گجر ڳوٺ اڪرم ڪالوني ٽنڊوالهيار سان ڪئي. جنهن مان کيس 3 نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن. 1. وسند ڪمار مئٽرڪ ۾ آهي، ۽ ٻيو آنند ڪمار ڇهون ڪلاس پڙهي پيو. پاڻ سال 1967ع ۾ پاڪ سنگهار مان لڏي ڳوٺ احمد هاليپوٽا، لڳ درگاهه وتايو فقير قبو بس اسٽاپ، تعلقه ٽنڊو الهيار ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪئي آهي. پرائمري تعليم پرائمري اسڪول احمد هاليپوٽا مان پنج درجا پاس ڪيائين، غريبي هجڻ ڪري وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪيائين. سندس گهر اڳيان طاهر فقير جي درگاهه آهي، جتي هر مهيني 18 سنڌي تاريخ تي ڏهاڙو بادلو فقير بهراڻي ملهائيندو آهي. جتي خاص ڪري فقير يار محمد، بادل فقير ڳائڻ ڪندا آهن، جتان کيس راڳ جي لئون لڳي. ان وقت سندس عمر 12 سال هئي ۽ ڳائڻ جو شوق جاڳيو. شروع ۾ هڪ ڪاٺ جي لڪڙيءَ ۾ نائلون جو ڌاڳو ٻڌي، ان هيٺان ٺڪري لڳائي روزانه طاهر فقير جي درگاهه تي پيراندي ويهي وڄائيندو هو. جتان کيس اندر ۾ راڳ جو ديپ روشن ٿيو، اهڙيءَ طرح سال 1979ع ۾ باقاعدي راڳ جي سکيا آزاد فقير، ڍول فقير ۽ فضل فقير جي صحبت ۾ رهي ڳائڻ شروع ڪيو. پهريائين ڳائڻ جي شروعات طاهر شاهه جي درگاهه تي ڳائي ڪيائين. سال 1982ع ۾ باقاعدي استاد ڍول فقير کان شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌايو ۽ پنهنجو استاد (گرو) ڪيو ۽ باقاعدي کان راڳ ۽ راڳڻين جي سکشا ورتي. سڀ کان پهريائين سال 1988ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد نالي رنگينو پروگرام، جيڪو ڪوثر ٻرڙو صاحب پروڊيوسر ڪرائيندو هو، جتي پهريون ڪلام ”هتي آهيان انسان هُت نه ڄاڻان ڪير مان آهيان“ جتان مشهوري ملي ۽ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. سال 1994ع ۾ پي. ٽي. وي. پروگرام ”ڪچهري“ جيڪو ڪراچيءَ ۾ کيس جناب ستار بچاڻي MPA صاحب جي مهربانيءَ سان شرڪت ڪرائي، اهو پروگرام اقبال سعيد انصاري صاحب ڪرايو جتي ڪلام ”شال جيئن پيئي ساٿ سچا ٿيا سيئي“ ۽ ”عمر مون نه ٿا وسرن ويڙيچن جا واڙا“ جيڪو ڍول فقير جو مشهور ڳايل ڪلام آهي، اهي ٻئي ڪلام PTV تان نشر ٿيا، جتان سندس مشهوري شروع ٿي. صوفي فقير رامچند هڪ تمام وڏو صوفي راڳي ۽ ڪلاڪار آهي. مالڪ سائين کيس سُريلو آواز بخشيو آهي. پاڻ درگاهن، نجي محفلن ۽ شادين ۾ ڳائي ٻڌندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيندو آهي. هُن جو ڳائڻ فقيري رنگ جو آهي. لباس گيڙو ويس، پٽڪو يڪتارو ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندو آهي، جيڪو انداز ماڻهن کي موهي وجهندو آهي. سال 1989ع ۾ حاجي خادم حسين خان، خانپور مٽياري واري جي مهربانيءَ سان، ممبئيءَ ۾ سنڌي درويش غلام الاهي جي عرس مبارڪ تي پنهنجي خرچ سان هوائي جھاز ۾ صوفي رامچند فقير ۽ آزاد فقير کي وٺي ويا، جتي صوفياڻي انداز ۾ پروگرام ڪيو ۽ گهڻو سارهايو ويو. انڊيا ۾ 2 مهينا رهيا، اُتي ڀوپال، بيرگڙهه، آگرهه، فتح پور سيڪري، مٿرا ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي ڳائي داد حاصل ڪيو، ۽ ڪيترو ئي انعام ۽ تحفا ۽ ڪافي ڪيش انعام مليو. سال 1995ع ۾ مصري شاهه جو ميلو، جيڪو نصرپور ۾ لڳي ٿو، جتي ارشاد علي سومرو صاحب، جو اُن وقت وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام هو، جن شرڪت ڪئي ۽ فرمائش ڪئي ته اهڙو صوفي آهي جو ڍول فقير جا ڳايل ڪلام ٻڌائي؟ جتي صوفي رامچند چيو ته سائين آئون ٻڌايان ٿو. جتي ڪلام ”لائي ته نماڻي سان نينهن محب ائين نه منهن مٽجي“ ڳايو ۽ ٻيا به ڍول فقير جا ڪلام ٻڌايائين. سومرو صاحب ايترو ته متاثر ٿيو ۽ خوش ٿيو ۽ کانئس پڇائين، ته نوڪريءَ ۾ آهيو يا نه؟ رامچند ٻڌايو ته سائين ڪٿان نوڪريون آيون؟ اسان فقيريءَ ۾ خوش آهيون. زندگي بصر پيا ڪريون. سومري صاحب اُتي نوڪريءَ جو اعلان ڪري نائب قاصد ڪري مقرر ڪيو. پر فقير رامچند قبول نه ڪيو، ۽ چيائين ته سائين اها نوڪري منهنجي استاد ڍول فقير جي پٽ کي ڏيو، جنهن جو حق آهي، مون کي نه کپي. سومرو صاحب وائڙو ٿي ويو ۽ وڌيڪ خوش ٿيو ته پنهنجي استاد جو ڪيترو قدردان آهن. جنهن تي سومرو صاحب خوش ٿي ڍول فقير جي پٽ ۽ رامچند صوفيءَ کي نائب قاصد ڪري زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ رکيو. جتي اڄ تائين نوڪري ڪري رهيو آهي. نيشنل آرٽ ڪائونسل اسلام آباد وارن کي ٻاهر ملڪن ۾ پروگرام ڪرڻ لاءِ صوفي سِنگر فقيرن جي ضرورت هئي. انهن کيس گهرايو، جتي پوري پاڪستان مان 50 ڄڻا مختلف گائڪ شامل ٿيا. جتي صوفي فقير رامچند پنهنجي ٽولي ۾ 7 ڄڻن يڪتاري ۽ چپڙي تي ڳايو، تمام پسند ڪيا ويا ۽ هر هڪ کي ويهه هزار ڪئش ۽ ٻيا انعام مليا. وري نيشنل آرٽ ڪائونسل اسلام آباد طرفان صوفي رامچند کي سِنگر جي صورت ۾ ماسڪو، مانچسٽر، گلاسگو، بريٽ فورڊ، لنڊن، دبئي ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ پروگرام ڪرايو، جتي ڳائي صوفي رامچند پنهنجي سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ کي متعارف ڪرايو، ۽ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو، بلڪه ميگهه ونس جاتيءَ جو به نالو روشن ڪيو، جتي ڪيترائي انعام، سوکڙيون مليون. انهي کانسواءِ فقير رامچند پنهنجي ملڪ ۾ ڪيترين درگاهن ۽ شهرن ۾ فن جو مظاهرو ڪري پاڻ ملهايو. جنهن ۾لاهور، ڪراچي، ڀٽائي صاحب، سچل سرمست، قلندر شريف، مصري شاهه ۽ پير محمد شاهه ۽ ٻين هنڌن تي پروگرام ڪري چُڪو آهي. 1998ع ۾ سيد جمن شاهه جي ميلي، جيڪو حيدرآباد ۾ لڳي ٿو، جتي اسٽيشن ڊائريڪٽر سڪندر بلوچ صاحب پروگرام ڪيو، جتي عارفانه ڪلام ڳائڻ جي مڃتا طور کيس ”سيد جمن شاهه“ ايوارڊ سان نوازيو ويو. 2000ع ۾ زرعي آڊوٽيريم زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڍول فقير جي ورسيءَ جي موقعي تي ڍول فقير جا ڳايل ڪلام ڳايا، جتي کيس ”ڍول فقير ايوارڊ“ نصيب ٿيو. 2005ع ۾ وڪيل ارجڻ داس پنهنجي پتا امر وير لڌارام جي ورسيءَ جي موقعي تي ”امر وير لڌارام ايوارڊ“ سان نوازيو. انهي کانسواءِ هُن ڪيترن ئي هندن تي ڳايو، جتي مڃتا طور کيس سرٽيفڪيٽ مليا آهن. 1995ع ۾ پاڪستان وليج ميوزڪ فسٽيول ۾ کيس مڃتا سرٽيفڪيٽ مليو. 31 مارچ 1998ع تي سارنگ سوشل ائنڊ ڪلچر آرگنائيزيشن حيدرآباد طرفان ”سنڌ ايوارڊ 1998ع“ جي پروگرام ۾ مڃتا طور سرٽيفڪيٽ مليو. مصري شاهه ميموريل ڪاميٽي نصرپور جي 127 ساليانه عرس جي موقعي تي مڃتا طور سرٽيفڪيٽ مليو. 19 اپريل 2012ع تي حضرت پير شريف محمد شاهه جيلانيءَ جي 84هين ساليانه عرس مبارڪ تي ڪيل بهترين ڪارڪردگيءَ تي موسيقيءَ بابت تعريفي سرٽيفڪيٽ مليو.

ڀڳت صالحورام راڄو خاناڻي

(1895 کان 2005) ڪي اوڏيائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين، ڪي سنڀرجن نه ڪڏهين، ڪي نه وسرن مور، جيئن مينهن ڪُنڍيءَ پور، تيئن دوست وراڪو دل سين. ڀڳت، راڳي صالحورام ڳوٺ ڊاڀي تعلقه ماتليءَ ۾ سال 1895ع ۾ کٽو مل ٻاروپار جي گهر اک کولي. پاڻ شادي شهر راڄو خاناڻيءَ مان تارو مل درڙي جي ڌي جيوان سان ڪئي. جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ 2 پٽ وڏو مرچو مل، جو درزڪو ڪم ڪندو آهي ۽ ٻيو هيمنداس ڀڳت، جيڪو رازڪو ڪم ڪندو آهي ۽ گائڪ به آهي. ڀڳت صاحب طبيعت جو تمام ماٺيڻو، نرم دل ۽ طبعيت ۾ ٻاراڻي هوندي هئي. ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو ڪونه ٻوليو ۽ نه ڪوڙ ڳالهايو. ڀڳت صاحب جو ڌنڌو بوٽ ٺاهڻ ۽ گهوڙن جي تل ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. پاڻ اڻ پڙهيل هو. پاڻ ٽن سالن جو هو ته سندس پتا گذاري ويو ۽ ٻارهن سالن جي عمر ۾ سندس ماتا به موڪلائي ويئي. سندس وڏو ڀاءُ رتن، جيڪو آواره قسم جو ماڻهو هو، جنهن پوءِ پنهنجو ڌرم مٽائي ڀڳت صالحورام کي بلڪل اڪيلو ڪري ويو. اڪيلائي کيس جهوري ۽ ڀوري وڌو هو، تنهن ڪري پنهنجي گهر کي تالو ڏيئي، ڳوٺ دٻاڙو تعلقه تلهار، سندس سئوٽ سکو مل وٽ رهڻ لڳو. سکو مل هڪ مشهور گائڪه هو ۽ جتي هن راڳ سکيو ۽ رياض ڪيو ۽ راڳ جي پوري سکيا ورتي، پوءِ وري سندس سئوٽ ڀاءُ مالو ٻاروپار جو انهي وقت جو مشهور ڳائـڻو ۽ راڳ جو شهنشاهه هو، تنهن کانپوءِ پاڻ مرادو ڳائڻ جي شروعات ڪئي. پاڻ يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندو هو. سندس راڳ ۽ آواز ۾ ايتري مٺاس ۽ رسنا هئي، جو ٻڌڻ وارن کي موهي وجهندو هو. هو مختلف ميلن، ملاکڙن ۾ ڳائيندو رهيو. ساڻس ناٿو شيدي، جيڪو گولاڙچي لڳ تلهار جو رهواسي هو، اهو ڍولڪ وڄائيندو هو ۽ هارمونيم تي يوسف نظاماڻي، جيڪو ٻڍڙي وارو لڳ تلهار جو رهندڙ هو. جيئن ته پاڻ شادي راڄو خاناڻيءَ مان ڪئي هئائين، تنهن ڪري پنهنجو اصل ڳوٺ ڇڏي ڊاڀي تعلقه ماتلي، ڇڏي هميشه لاءِ راڄو خاناڻيءَ ۾ رهڻ لڳو، ۽ پنهنجي سڄي حياتي راڳ کي ارپي ڇڏي. انهيءَ کانپوءِ ستسنگ ۽ ڀڄن سکيو انهيءَ ۾ استاد ٻاوو رڪمڻ داس جيڪو پار برهم مندر راڄو خاناڻيءَ ۾ رهندا هئا. ڀڄنن جي پوري سکيا ورتي. انهي وقت سندس عمر 35 سال هئي. سندس ساٿي ڪيول هو. انهي کانپوءِ فقط ڌرمي ست سنگن ۾ وڃڻ لڳو ۽ آواز ۽ سر تال جي ڪري کيس وڏي مڃتا ملندي رهي. ڀڳتي مارڳ ۾ سندس ست گرو سائين گياني داس، جيڪو ڪنگورو شاخ لڳ ڊگهڙي رهندو هو، هن جي آشيرواد سان ڀڳتي رنگ ۾ رچي لال ٿي ويو. پاڻ شاعري به ڪئي اٿس، پر پوءِ گروءَ جي چوڻ تي شاعري ڪرڻ بند ڪري ڇڏي. ڪيترائي راڳ راڳڻيون ڳائي سگهندا هئا. سندس پسنديده راڳ ڀوپالي، ڪلياڻ، ڪوهياري، سورٺ ۽ راڻو هئا، جن ۾ پوري پوري مهارت حاصل هئي. ڪيترائي سندس شيوڪ ۽ شاگرد آهن. جنهن ۾ سندس پٽ هيمنداس، عالم چند هيلاريو پير ڏيپلو هو، آچار مل عمرڪوٽ ۽ گائڪي شاگرد ڀڳت مهراڻ عمرڪوٽ وارو آهي. ڀڳت صاحب ڪافي درگاهن ۽ ستسنگن ۾ ڳايو ۽ پاڻ مڃايو. سائين ربو شاهه عمرڪوٽ جي ورسيءَ تي ڳايو، جتي کيس ايوارڊ ڏنو ويو. انهيءَ کانسواءِ پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل جي صدر ارجڻ داس به مڃتا طور امر وير لڌارام ايوارڊ سان نوازيو. هڪ دفعي ڏيپلو شهر ۾ ڏيپي ميگهواڙ جي ورسيءَ ۾ ڪافي ميگهه ونس ڀڳت آيا. جنهن ۾ صالحورام مٺي وارو، سومجي ڀاٽيا، ڀڳت پاڻ ۽ ٻيا به ڪافي سنت هئا، جن سڄي رات ست سنگ ڪيو ۽ پرڀات وبلي جڏهن راڻو ۽ سورٺ جي راڳڻي ڇيڙي، ته صبح جو سڀ ڏيپلي واسي مسلمان به پڇڻ لڳا ته ڪير ڳائڻا هئا، جن ڳايو پي، تمام وڏا فنڪار هئا. ايترو ته مٺو ۽ سُرتال تي ڳايو جو اسان کي تمام گهڻو پسند آيو. بس راڳ يا گلي ۾ سوز ڏيڻ وارو به مالڪ آهي، جنهن کي اها ڏات ملي. بس هن سنسار ۾ ڪيترائي سنت مهاتما اچن ٿا ۽ پنهنجو وارو وڄائي هليا وڃن ٿا. سندس يادون رهن ٿيون ۽ آواز جو جادو کين هميشه امر ڪري وڃي ٿو. سو اڄ ڀڳت صالحورام اسان وٽ نه آهي، پر سندس امر آواز اسان وٽ محفوط آهي ۽ رهندو، جو امر آهي. پاڻ سال 2005ع ۾ اسان کان وڇڙي ويو، سندس آتما وڃي پرماتما سان ملي.

نارائڻ داس ڌاراڻي

هنسا ٻگهلا ايڪ سا، مان سروور مانهه، ٻگهلا ڊونڊي ماڇرلي، هنسا موتي کاءِ. دنيا جو هر خطو پنهنجي سيني تي اڀرندڙ ڪنهن انمول شيءِ يا ڪنهن انوکي هستي جي ڪري مشهور هوندو آهي. اهڙيءَ طرح اسان جي ٿر جي ڌرتي، جنهن کي اڍائي سؤ سال اڳ ۾ ڏيپو ميگهواڙ جي ڳوٺڙي کي سن 1800ع ۾ مير ٺاري خان ڏيپلو شهر جوڙايو، جتي محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن 150 ڪتاب لکي ڏيپلي جو نالو روشن ڪيو، ۽ جنهن ڌرتي ڪيترائي هيرا پيدا ڪيا، جتي فقط ميمڻ قوم جا 300 ڊاڪٽر ۽ 150 کن انجنيئر آهن. ته اُتي هڪ ميگهه ونس جاتيءَ جو نوجوان نارائڻ داس ڌاراڻي، تاريخ 28 اپريل 1957ع تي سرڳيه لڌارام پنئار جي گهر جنم ورتو لڌارام جيڪو رازو ۽ ڊزائينر هو، جنهن جون تعمير ٿيل جايون اڌ صديءَ کان مٿي اڄ به ساڳئي حالت ۾ شهر ۾ موجود آهن. هُن جا چٽيل چٽ اڄ به موجود آهن. ڏيپلو شهر ۾ پهرين سيٺ احمد علي حامداڻيءَ جي گهر جي گيٽ تي سيمنٽ ڪٽائي سان ڊزائين، سال 1954ع ۾ ٺاهي هئي جا اڄ به انهي حالت ۾ موجود آهي. نارائڻ داس جي ماتا جو نالو حوا، ڌي سروپو ذات پڙهيار، ڳوٺ مالڻهور ويڻه، تعلقه مٺي ضلع ٿرپارڪر جي هئي. پاڻ پرائمري 5 درجا ڪلر ڪالوني پرائمري اسڪول ڏيپلو مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو مان سال 1973ع ۾ پاس ڪيائين. انٽر سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان سال 1977ع ۾ پاس ڪيائين. BA 1979ع ۾ ۽ MA پوليٽيڪل سائنس ۾ سال 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين، پر هن پڙهائي جاري رکي، ۽ سال 1984ع ۾ LLB سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري، قانوني ڊگري حاصل ڪيائين. 1974ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ڏيپلو شهر ۾ مشتاق مٺواڻيءَ جي ڪپڙي اُڻڻ جي ڪارخاني تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جتي مود، کاڌي، انگوڇا ٺاهڻ جي مهارت حاصل ڪئي، جتي 2 سال ڪم ڪيو ۽ 1976ع ۾ مڪي شاهه روڊ حيدرآباد ۾ پيٽرول پمپ تي سيلزمين جي نوڪري ڪئي. اُتي ڪجهه وقت رهڻ کانپوءِ سال 1978ع ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر حيدرآباد جي آفيس ۾ چوڪيدار جي پوسٽ تي مقرر ٿيو. پر کيس آفيس ۾ رکيو ويو، جتي راشن ڪارڊ، اٽي، کنڊ ۽ چانورن جون پرمنٽون ڏيڻ جو ڪم سندس حوالي رهيو. سال 1981ع ۾ کيس پڪو ڪري DFC آفيس ۾ ڪلارڪ مقرر ڪيو ويو، جتي پنهنجي لگن ۽ محنت سان ڪم ڪري آفيسرن ۾ مڃتا ماڻي، ۽ اڄ تائين فوڊ کاتي ۾ BPS-14 ۾ هيڊ ڪلارڪ جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ شادي 29 نومبر 1985ع تي شريمتي لڇمي، ڌي ڀورو مل، گهلڙو، اربابن جي راڄڌاني واري ڳوٺ کيتلاري، تعلقو ڏيپلو سان شادي ڪئي، جنهن مان اولاد کيس ٻه نياڻيون ۽ ٽي پٽ آهن. 1. ڪمل جيڪو سافٽ ويئر انجنيئر مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي پيو 2. نيرج جو انٽر A-1 ۾ پاس ڪيو آهي، ۽ ڊگري ڪاليج ڏيپلو ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي آهي، ۽ ٽيليڪام انجنيئر مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي پيو. 3. ڪبير، جنهن هينئر ميٽرڪ A-1 ۾ پاس ڪئي آهي. نارائڻ داس کي اسڪولي دؤر کان وٺي ڳائڻ ۽ سنگيت جو شوق هوندو هو، جو اڄ تائين راڳ سان لڳاءُ اٿس ۽ تحقيق ڪري رهيو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ڪبير، ميران ٻائي، برمانند، بلي شاهه ۽ غلام فريد جي شاعري تمام گهڻي پسند آهي. ڳائڻ جي شوق هجڻ ڪري مشهور گائڪ محمد رفيع، مناڊي، لتا، مهدي حسن، عابده پروين، غلام علي، محمد جمن، محمد ابراهيم، محمد يوسف کي شوق سان ٻڌندو آهي ۽ سندس پسنديده فنڪار آهن. پاڻ خاص ڪري ڪلاسيڪل موسيقي ٻڌندو آهي ۽ گنگنائيندو آهي. سنگيت سان شوق هجڻ ڪري عزيز آرٽ سرڪل، جيڪو وينس سئنما لڳ حيدرآباد ۾ داخلا ورتي، جتي اُستاد شفيع وارثي ۽ پوءِ منظور علي چانڊيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي هارمونيم ماسٽر هو ۽ استاد تاراچند ڀٽ شاهه واري کان سنگيت جي سرگم، يعني الف. بي. پي. جي سکيا ورتي ۽ وڌيڪ ميوزڪ تي ريسرچ شروع ڪئي. ڪافي مواد هٿ ڪيو، وڏن استادن گائڪن سان راڳن سُرن تي بحث مباحثو ڪندو رهيو. 350 کان وڌيڪ راڳن جا تفصيل هٿ ڪيا آهن، راڳن جا سُر، جيڪي هيٺين سرن کان مٿين سُرن تائين وڃن. واپس لهڻ، جنهن کي موسيقيءَ جي زبان ۾ آروهي ۽ امروهي چوندا آهن. انهن راڳن جا اهم ۽ خاص سُر جنهن تي راڳ جو گهڻو زور رهندو آهي، ۽ جنهن کي وادي ۽ سموادي سُر چوندا آهن. راڳن جو ورڻ يعني راڳ گهڻن سُرن جو راڳ آهي؟ اروهي ۽ امروهي ۾ ڪيترا سُر لڳن ٿا. ڳائڻ جو ٽائيم پڪڙ سُر جنهن جي وڄائڻ سان گائڪ جي ذهن ۾ راڳ جو نقشو ٺهي ٿو ۽ راڳ شُڌ روپ ۾ رهي ٿو ۽ گڏوگڏ انهي راڳ جا مقبول ۽ هِٽ گانا آڊيو، وڊيو ۾ هٿ ڪري DVD تيار ڪرايون اٿس. پاڻ ڳائيندو نه آهي پر راڳ وديا ۾ سٺي ڄاڻ رکي ٿو ۽ جاکوڙ جاري آهي. سنگيت جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ کيس مهمان خاص طور ۽ راڳ جي پارکو طور ۽ موسيقيءَ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوتون ملنديون آهن. ساهه سنگيت پاران تاريخ 2 جون 2004ع تي کيس خاص مهمان طور راڳ جي مهان پارکو طور دعوت ڏني ويئي، ۽ گڏ در محمد ڪمال ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد گڏ هو، جيڪا هن اٽينڊ ڪئي، اهو سندس رڪارڊ آهي. جتي ڪيترن ئي مهان راڳين استاد شفيع فقير، صادق فقير، آپا زينت صديقي، استاد صوفي عبدالحق سروهي ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن پنهنجا سُريلا سُر وکيريا، جنهن تي ڪيترين ئي اخبارن ۾ سندس فوٽو ۽ پروگرام جا تفصيل شايع ٿيا. راڳ جي وديا جي ڄاڻ هجڻ ڪري، پنهنجي دوست فنڪارن جي زور ڀرڻ تي، راڳ بابت ڪتاب لکڻ شروع ڪيو اٿس. اڄ ڪلهه جي مروج راڳن تي، جنهن سان گائڪن کي راڳن جي سُرن ۽ ڳائڻ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پوندي، گڏوگڏ مشهور راڳن تي آڌاريه جو به ذڪر هجڻ ڪري گائڪن کي طرزون ۽ نوان انداز ملي ويندا. اهڙي ٽائيپ جو اڄ تائين مارڪيٽ ۾ ڪوبه ڪتاب موجود نه آهي. انهي کانسواءِ ذاتي زندگيءَ ۾ هڪ با اخلاق، ملڻو جلڻو، خوش مزاج، مهمان نواز ۽ سچو انسان آهي. ان سان گڏوگڏ ڌرم جي ڪافي ڄاڻ اٿس. جھڙو ماڻهو ڪچهريءَ ۾ هوندو، تھڙي ڪچهري ڪري ماڻهن کي موهي وجهندڙ انسان آهي. اُجهڻ کان مَچڻ ۾ مزو ٿو اچي، جُهڙ ٿي جيئڻ ۾ مزو ٿو اچي، اسين ارتقا جا سچا عاشق آهيون، ورڻ کان وڌڻ ۾ مزو ٿو اچي. (بخاري)

وڪيل ارجنداس پونئار

پريتم ايسي پريت ڪرو، جيسي ورک ڪرين، آپ جلاون سِر ڌوپ، اوران ڇانوَ ڪرين. سونهاري سنڌ، درويشن ۽ اوليائن جي شاداب ڌرتي، ڪيترن ئي مها پُرشن کي جنم ڏنو آهي. اهڙو ئي هڪ مهان انسان ميگهواڙ ارجنداس، جنهن تاريخ 01–01–1942ع تي امر وير لڌارام پنوار پنوعاقل ضلع سکر سنڌ جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو مولي ٻائي هو، بعد ۾ شناختي ڪارڊ ۾ جسوڏان لکرايو ويو، جيڪا اڻ پڙهيل هئي ۽ جا سرڳواسي ٿيل آهي. کيس ٻه ڀيڻون آهن. 1. وڏي لڇمي ٻائي ۽ ننڍي صاحبي ٻائي، ٻئي حيات آهن ــ ۽ آل اولاد سان خوش آهن. ارجنداس شادي تاريخ 22–12–1961ع ريتي تعلقه اوٻاڙو ضلع ان وقت سکر هاڻ گهوٽڪيءَ مان مُکي لکمون جي ڪوريڪو سولنڪي جي ٽيون نمبر نياڻي شريمتي قيتقو بعد ۾ جئه شري سڏي پئي وڃي، جيڪا پڙهيل نه آهي، ان مان کيس اولاد: 1. وڪيل موهن لال BS-18 ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر 2. منهور لال انجنيئر ME (Civl) پرائيويٽ سروس. 3. ڪرشن لال MBBS (SMC) ڊاڪٽر سونولاجسٽ پرائيويٽ سروس. 4. ڪنعيا لال ماستر (M.A. Med) JST آهي. 5. شيام لال ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج آهي. هڪ نياڻي ڀڳواني (بي بي) ٻائي، جنم 1975ع. اولاد سڀ شادي شده ۽ صاحبِ اولاد آهن. ارجن داس مئٽرڪ 1959 انٽر آرٽس 1965ع، بي. اي. 1967ع، 1970 B.Ed 1980 M.Ed ۽ ايل. ايل. بي. 1988ع ۾ پاس ڪئي. کيس تاريخ 1961–8–3 تي تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ BPS–5 جي نوڪري ملي، آگسٽ 1975ع ۾ کيس هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر BPS–14 ۾ مقرر ڪيو ويو. جتان سال 1988–12–10 تي رٽائرمينٽ ورتي. انهي کانپوءِ ديوان لڇمڻ داس سينيئر وڪيل گهوٽڪي جن جي چيمبر ۾ شامل ٿي، وڪالت شروع ڪئي ۽ ٻن سالن بعد کيس هاءِ ڪورٽ جي سَنَدَ ملي ۽ 1989 کان وٺي اڄ تائين وڪيل آهي. سندس پتا امر وير لڌارام هڪ مهان پرش هو. پنچائتن ۾ فيصلا وغيره ڪندو هو. سياست سان پڻ لاڳاپيل هو. ضلع ڪائونسل سکر جو پهريون ميگهواڙ ميمبر هو. کيس تاريخ 1959–02–22 جو گهوٽڪيءَ کان پنوعاقل اچي رهيو هو، ته وچواري مهيسر نالي ريلوي اسٽيشن تي فقير جي روپ ۾ هڪ ماڻهو، ٽرين جي دريءَ وٽ اچي شوٽ ڪيو، ۽ هو سرڳواسي ٿي ويا. پوءِ ارجن داس پنهنجي ماتا سان گڏ رهندا هئا. ماڻهن ڏانهن ڪافي قرض هو جو نه مليو ۽ ٻين جو قرض، ملڪيت وڪرو ڪري ڀري ڏنو. اهو زمانو جڏهن سندس جيجل جي کيس ياد اچي ٿي ته انهن لمحن ۾ گم ٿي ويندو آهي. پر سندس پتا جيڪا جوت خدمت جي ٻاري، انهيءَ جي ڪا چڻنگ ان وقت کان سندس اندر ۾ داخل ٿيل آهي. جيڪا اندر ئي اندر ۾ آنڌ مانڌ جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ خدمت واري جنبش کي پنهنجي طرف گھلي وٺندي آهي. اهڙي طرح انهن چڻنگن جي چونچن کان راحت ملندي آهي. 1967ع بابا غريب داس جي درٻار غوثپور ضلع جيڪب آباد کان سندس زبان کي ست مليو، ته بعد گڏجاڻين ۾ ڪجهه ڳالهائڻ جي سگهه ملندي رهي. سماج ۾ بي مقصد، فرسودهه رسمن، وهمن ۽ هم آهنگيءَ کان هٽائڻ وارين روين جي خلاف ڪجهه ڳالهائڻ ته ڪجهه ڪجهه لکڻ جي جرئت کيس ملندي رهي. سندس شروع کان ئي تنظيمي ڪار گذارين ڏانهن لاڙو هيو. انيڪ گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون. سنسٿائون جوڙيون ويون. سماجي توڙي اصلاحي ۽ فلاحي ڳالهين ۽ ڪوششن ۾ حوصله شڪني ٿيندي رهي، پوءِ به مُڙڻ مهڻو ٿي لڳو. آخر ۾ درگاهه پير پٿوري جي آستان تي هڪ ميلي جي موقعي تي 15 منٽ جو کين وقت بخش ٿيو. پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل جڙي ويئي هئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر لونگ، سنت شيرا رام، ڀيرو لال ٻالاڻي، انجنيئر ڪانجي مل، انجنيئر شڪتي رام راٺوڙ، مالا رام تلهار واسي ۽ ٻين کي فقط هڪ هڪ منٽ جي تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو. اهڙي طرح ميگهواڙ برادريءَ کي هڪ تنظيم جي نالي ۾ منظم ٿيڻ جو سونهري موقعو مليو. انهن ڏينهن کان انهي تنظيم، جنهن جو ارجڻ داس وڪيل کي مرڪزي صدر چونڊيو ويو ته مرڪزي پريس سيڪريٽري جهڏو واسي ايف سي راٺوڙ ڪيو ويو، ۽ اها تنظيم بنا ڪنهن چندي دان وٺڻ جي، اين. جي. اوز يا سرڪار جي ڪنهن ذري برابر مدد يا مالي ساهتا جي، پنهنجي ڪم جاري رکيو. هر ضلع اندر گڏجاڻيون ٿيون، ماڻهن پاڻ ضلعي اندر خدمت لاءِ باڊيون چونڊيون، اهي به پنهنجي کيسي جي خرچ سان ڪم ڪنديون رهن ٿيون. ڪٿي ڪو ڪم نه ٿيو هجي ته ڪٿي واقعي ڏسڻ ۽ ويساهه ۾ اچڻ خدمت به ٿي آهي. هن وقت وڪيل ارجن داس جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل ضلع، صوبي بين الصوبائي ۽ ملڪ گير گڏجاڻيون ڪري، پاڪستان ۾ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. شعور جي بيداري ۽ همت پئدا ڪرڻ لاءِ لاتعداد هنڌن تي ميڙاڪن ۾ هٿ جوڙي سماج جي ڀلي ۾ واڌاري لاءِ گذارشات گوش گذار ڪرڻ جو کيس موقعو مليو آهي. ائين به آهي جو کيس سماج مان موٽ جي رفتار نظر ڪونه آئي. جھڙوڪ هڪ هزار ميڙاڪن ۾ هٿ ٻڌي وڏو دهل وڄائي چيو ته ساوڌان، ڪنيادان، اتم دان، مهادان ساوڌان پوءِ به ماڻهو گهرن مان نياڻين کڄڻ تي منهن ڍرڪائي ماتم پي ڪيو آهي. پر اها ڳالهه ته ڪنيا دان، ساهه ڌان واري ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. جڏهن ته اهو ڪم سماج ۽ پنچائت جو به آهي، جيڪي به انهي طرف هوشياري ڏيکاري، پنهنجي وجود بچائڻ جي چنتا کان بي پرواهه آهن. ٻئي طرف بدعت، بيڪار فرسوده اجاين خرچن ۽ ذهن ۾ وهمن جي بيماريءَ سان پري لوڙون لوڙائڻ وارين ڳالهين کان به پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اهڙي بي حسي ۽ بي علميءَ ۾ به وڪيل ارجڻ داس پنهنجي ڪرتويه جو پالن ڪرڻ جي ڪوشش کان هڪ پير به ڪونه هٽايو. جاکوڙ ڪندو رهيو آهي. نتيجو حاصل ڪرڻ ڪم سماج ۽ ڀڳوان جو آهي. وڪيل ارجڻ داس ميگهواڙ هيرن کي ديانات (ظاهر) ڪري هر سال هڪ اقليتي ڪانفرنس امر وير لڌارام جي ياد ۾ ڪوٺائي، ميگهواڙن جي سُڌ ضمير جاڳائي ٿو ۽ انهي سلسلي ۾ وڪيل ارجن داس گذريل 5 سالن کان ميگهواڙ برادري جي هيرن جھڙن ماڻهن کي 192 مڃتا طور امر وير لڌارام ايوارڊ ڏيئي حوصلا افزائي ڪئي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ ميگهواڙ جاتيءَ کي سڄاڳ ڪرڻ لاءِ هيل تائين پتريڪائون ۽ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو ساليانو هڪ مئگزين هزارن جي تعداد ۾ گذريل ڏهاڪو سالن کان ڇپائي مفت ۾ ورهائي رهيو آهي. جنهن سان جاتيءَ ۾ جوش ۽ اتساهه پئدا ٿيو آهي. وڪيل ارجڻ داس پاڪستان ۾ ملڪي سطح تي ڪم ڪندڙ مختلف پنجن سماجي تنظيمن جي عهدي تي فائز آهي. وڪيل ارجڻ داس بنا لوڀ يا لالچ جي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، ميگهواڙ برادريءَ کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڏينهن رات جستجوءَ ۾ رڌل آهي. ميگهواڙ جاتيءَ جي ڪنهن به ڪم ۾ سڏ سان گڏ آهي. ڪابه سماجي گڏجاڻي وڪيل ارجڻ داس جي شرڪت کانسواءِ اڌوري ۽ نامڪمل هوندي آهي. سرڪار وٽ آئيني، قانوني حقن جي پاسداريءَ لاءِ جيڪي ڳالهيون پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل ڪيون آهن، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به اقليتي شخص ڪونه ڪري سگهيا آهن. وڪيل ارجڻ داس جي اِڇا آهي ته تعليم ۾ واڌارو اچي ۽ تعليم يافته ماڻهو سماج جي سارسنڀار، سهڪار ۽ مٿڀرو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جڏهن ته ميگهواڙ برادريءَ جي هن وفادار ۽ محبتي انسان، مها پُرش کي عوام جي دُعائن اڏي ڇڏيو آهي. اهڙو محبتي ماڻهو ميگهواڙ جاتيءَ ۾ هڪ املهه هيري جي حيثيت رکي ٿو. هڙ هيران ڪي گانٺڙي بن خريدارم کول، جب ملين گي جوهري، تب کرين گي مول.

رميش ڪمار جئپال

ڪال ڪر سو آج ڪر، آج ڪر سو اب، سمئه بيتا جات هئي، ڦر ڪري گا ڪب؟ شري رميش جئپال صاحب 18 جنوري 1984ع تي هڪ مهان شخصيت شري ڀيارام انجم، جيڪو ٽي دفعا پ پ پ جي پليٽ فارم تان، صوبائي اسيمبليءَ جي اليڪشن لڙي چڪو آهي، ان جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو مريم انجم، ڌي امولکرام، ذات گنڍير، صادق آباد جي آهي. پاڻ شادي سال 2007ع تي شريمتي سرسوتي ڪماري ڀاٽيا، ڌي سورتا رام ڀاٽيا، بستي کوکران، رحيم يار خان سان ڪئي، جنهن مان کيس ٽي نياڻين جو اولاد آهي. رميش جئپال صاحب 5 سالن جي عمر جو مس هو ته سندس هڪ رشتيدار، سندس پيءُ کي نوڪري ڏيارائڻ جي لالچ ۾ دبئي وٺي ويو، ۽ اُٺن جي ريس ۾ بطور ڪيمل جوڪي شامل ڪيو. اهڙي غير انساني ڪم ۾ رميش جئپال کي ڪافي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. آخر سندس والدين جي ڀرپور ڪوششن سان اٽڪل ٽن سالن بعد پنهنجي گهر واپس آيو. پاڻ پرائمري تعليم هرلي ڪراس هاءِ اسڪول رحيم يار خان مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ به ساڳئي اسڪول مان ڪيائين، B.Com سال 2008ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪامرس رحيم يار خان مان حاصل ڪيائين، ۽ B.A پرائيويٽ طور پاس ڪيائين. رحيم يار خان ۾ شيڊيول ڪاسٽ هندو تمام گهڻا رهن ٿا. پر ڪوبه قانوني، معاشرتي ۽ معاشي تحفظ نه هجڻ جي ڪري شيڊيول ڪاسٽ جا ماڻهو بنيادي انساني حقن کان وانجهيل آهن. صحت، تعليم، پيئڻ جو صاف پاڻي ته هڪڙي طرف، پر عزت ۽ احترام ۽ تعليم کان به محروم آهن. سرڪاري اسڪولن ۾ هندو ٻارن کي تمام نيچ سمجهيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو ٻين مذهبن جي شاگردن جي استعمال شده برتنن کي به ڇُهڻ نه ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو ناپاڪ ٿي پون ٿا. اهڙين حالتن ڪري هندو ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ مشڪل ئي نه، پر ناممڪن آهي. اهوئي سبب آهي جو پوري پنجاب ۾ هندوئن جي ڪُل آباديءَ جو 4 سيڪڙو تعليم يافته آهن. 1958ع جي آدم شماريءَ موجب هندو پاڪستان جي سڀ کان وڏي اقليت قوم آهي، جنهن آباديءَ جو 85 سيڪڙو شيڊيول ڪاسٽ هندو تي ٻڌل آهي. اهڙي ڇوت ڇات واري ماحول ۾ به رميش جئپال تعليم حاصل ڪئي. تعليم دوران سماجي ڪارڪن گرو سُکديوَ جي ذريعي ريسورس سينٽر لاهور جي سماجي سرگرمين ۾ شموليت کانپوءِ، بطور ڪوآرڊينيٽر ضلع رحيم يار خان ۾ سماجي خدمتن جو آغاز 2004ع ۾ ڪيو. هو ضلع ڪوآرڊينيٽر براءِ اقليتي امور ٿيو. وقت سان گڏوگڏ رميش جئپال کي هندو اقليتي برادريءَ جي مسئلن جو اندازو ٿيندو رهيو. آخرڪار 2006ع ۾ رحيم يار خان جي هڪ مذهبي رهنما گرو سُکديو جي رهنمائي ۽ ٻين هندو دوستن جي تعاون سان “هري راما فائونڊيشن” جو بنياد رکيو ويو، جنهن جي ذريعي هندوئن جي حقن ۽ سماجي تفريق جي خلاف آواز اٿارڻ شروع ڪيو. جيئن هو عزت ۽ برابر شهري حيثيت سان زندگي گذاري سگهن. هري راما فائونڊيشن کي به هڪ اهڙي رهنما جي ضرورت هُئي، جو ان جي مقصد ۾ حوصلا افزائي ۽ مناسب پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي. جون 2006ع ۾ لاهور ۾ هڪ سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو، جتي پهريون دفعو اقليت سان تعلق رکندڙ ماڻهن صوبائي وزير براءِ اقليتي امور، ميڊيا ۽ سول سوسائٽيءَ جي سامهون پنهنجو موقف بيان ڪيو، ۽ مطالبو ڪيو ته هنن کي برابر جي شهريءَ جي حيثيت سان تمام حقوق ڏنا وڃن، جو هر پاڪستاني جو پيدائشي حق آهي. هتي هي ڳالهه به واضح ڪجي ٿي ته شيڊيول ڪاسٽ، 44 ذاتين سان تعلق رکندڙ اڄ ڏينهن تائين شناختي ڪارڊن کان محروم آهن، ۽ شهرين جي دستاويز نه هئڻ ڪري شادي، پيدائش، اموات رجسٽر ڪرائڻ کان به قاصر آهن. انهي ناانصافيءَ جو شڪار سڀ کان وڌيڪ عورتون آهن. سيمينار ۾ هندو برادريءَ طرفان شادين جي رجسٽريشن جي حوالي سان واضح لفظن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته انهيءَ کان سواءِ هندوئن کي زمين جو حق، نوڪريون محنت ۽ تعليم جھڙي سهوليت ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. صوبائي وزير ان کي غور سان ٻڌو ۽ مسئلن تي خصوصي توجه ڏيڻ جو واعدو ڪيو. شيڊيول ڪاسٽ جي اڪثريت آهي ۽ شيڊيول ڪاسٽ اقليت جي مسئلن جي حل ڪرائڻ لاءِ رحيم يار خان، بهاولپور، ملتان، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنسون ڪيون ويون، جتي شيڊيول ڪاسٽ جا ڪيترائي ماڻهو شامل هُئا ۽ انهن سڀني ملي رميش جئپال جي سرپرستيءَ ۾ (شيڊيول ڪاسٽ رائيٽس موومينٽ پاڪستان) (SCRM) نالي تحريڪ جو آغاز ڪيو جو، هندو جاتيءَ جي پوئتي پيل ذاتين لاءِ ڪم ڪري سگهي. شيڊيول ڪاسٽ رائٽس موومينٽ هندو اقليتن جي لاءِ ڪم جو آغاز پوري ملڪ ۾ شروع ڪيو. جنهن ۾ پنجاب 17 ضلع، سنڌ 13 ضلع، بلوچستان جا 3 ضلع ۽ خيبر پختون خواه جا 3 ضلع شامل هئا. جنهن ۾ شيڊيول ڪاسٽ رائٽس موومينٽ جي ڪوآرڊينيٽر ۽ ميمبر، رميش جئپال کي SCRM جي چيئرمين جي ذميواري سونپي ويئي. شيڊيول ڪاسٽ رائيٽس موومينٽ پنهنجا مسئلا بالا حڪام تائين پهچائڻ لاءِ چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو، جنهن ۾ هندوئن جي شادين جي بهتري لاءِ قانون سازي، ملازمتن ۾ 4 سيڪڙو ڪوٽا، نفرت ڇوت ڇات خلاف قانون سازي ۽ رهائشي مالڪاڻه حقوق وڏا وڏا مسئلا شامل هئا. SCRM ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ عوام جي معاونت سان هڪ ڀرپور مهم جو آغاز ڪيو. اخبارن ۾ ڪالم، سيمينارن، پريس ڪانفرسون، ريليون ۽ ريڊيو پروگرامن جي ذريعي شيڊيول ڪاسٽ مسئلن ۽ مطالبن کي اجاگر ڪيو. رميش جئپال ٻڌايو ته جڏهن ضلع ۾ ڪم شروع ڪيو، تڏهن چانهه وٺڻ لاءِ شاپر بيگ کڻي ويندو هو. هوٽلن ۾ اسان کي هٿ لڳائڻ نه ڏيندا هئا. پر امن، هم آهنگي ۽ دفتر/ آشرم ۾ چانهه ۽ ڪوپ ڏنا وڃن ٿا، جو هڪ تبديلي جو آغاز آهي. پنجاب ۾ هري راما فائونڊيشن کي اهو اعزاز حاصل آهي، ته وڏين هوٽلن ۾ شيڊيول ڪاسٽ ڀيل، ميگهواڙ، برادريءَ کي گڏ ڪري، انهن جي حقن جو آواز بلند ڪيو جنهن سان وڏين هوٽلن ۾ ڇات ڇوت جو رجحان ختم ٿي ويو. سال 2008ع ۾ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ پوئتي پيل اقيليتن جي لاءِ شيڊيول ڪاسٽ رائٽس موومينٽ پاڪستان جي نالي هڪ نيٽ ورڪ تشڪيل ڏنو، جو ملڪ ۾ اڍائي لک ميمبرن سان گڏ 31 ضلعن ۾ شيڊيول ڪاسٽ اقليت جي بهتريءَ لاءِ ڪوشان آهي. 2010ع ۾ مُلڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هندو شاديءَ جو مسودو تيار ڪيو ويو،۽ اهو وفاقي وزارت براءِ اقليت امور جي حوالي ڪري، قانون سازيءَ جي سفارش پيش ڪئي، جو قومي اسيمبليءَ۾ زير بحث آهي. ان سان گڏوگڏ رميش جئپال ٻڌايو ته 2008ع کان 2010ع تائين 23 دفعا سوين ساٿين سان گڏ وڃي پريس ڪانفرنس، ريليون، فورم ۽ ٻين طريقن سان اقليت جي مسئلن کي هاءِ لائيٽ ڪيو،نهن جي بدولت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سو موٽو نوٽيس ۽ ٻين مختلف وزارتن ۽ ادارن اقليتن جي لاءِ مختلف اعلان ڪيا. پنجاب جي ضلع رحيم يار خان ۾ رهائشي مالڪاڻه حقوق جي تحريڪ جي آغاز لاءِ به رميش جئپال کي سارهايو وڃي ٿو. جنهن پنجاب اسيمبليءَجي سامهون ڌرڻو هڻي پنجاب حڪومت کي رهائشي مالڪاڻه حقوق ڏيڻ لاءِ مڃايو، ملازمت جي ڪوٽا جي ڳالهه هجي، يا فوجي يا صوبائي اسيمبلين جي سيشن ۾ واڌاري جي ڳالهه هجي، امن ۽ هم آهنگي جي فروغ ۽ پسمانده طبقات جي وڪالت جو لاءِ مختلف مُلڪن مان اعليٰ تربيت وٺي آيو ۽ پنهنجي جاتي ۽ ملڪ سان پنهنجي خدمت ڏيندي، هيستائين گهٽ ۾ گهٽ 300 مرد ۽ عورتن کي سماجي ورڪر ٺاهڻ جو سهرو رميش جئپال جي سِر وڃي ٿو. سال 2013ع ۾ رميش جئپال بطور سرڪاري مهمان، آمريڪا جي دوري تي ويو، جتي هن مختلف يونيورسٽين ۾ خطاب ڪندي پاڪستاني نمائندگي، ۽ پاڪستان ۾ ٿيڻ وارين مثبت سرگرمين کي اجاگر ڪيو. رميش جئپال جي دوستن جو چوڻ آهي ته اسان جو دوست هڪ تحقيق ڪار، سماجي ڪارڪن، صحافي ۽ ٻين ڪيترين ئي خصوصيتن جو مالڪ آهي. رميش جئپال انساني حقوق، امن هم آهنگي سميت اقيليتي برادريءَ جي لاءِ اهم ترين مسئلن کي ضلع انتظاميه، مُلڪي، اعليٰ ترين ايوانن تائين اجاگر ڪيو، انهي ڪري ڪيتري وقت کان کيس دڙڪا داٻ، هراسان ۽ پريشان ڪجهه نامعلوم ماڻهن طرفان ڪيو پيو وڃي. پر هو هڪ بهادر نوجوان، ڪنهن جي پرواهه نه پيو ڪري، پنهنجي منزل ۽ مقصد طرف گامزن آهي. سندس فهم و فراست ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو، ته هي خدمت جي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻيندو ۽ بجا طور هن مان وڏيون اميدون وابسته ڪري سگهجن ٿيون.

ڀمر لال ڊي. نٿواڻي

(1933ع کان 1973-08-04) سَــر اُهــي ئــي ســاڳــيــا، پــکـــي رهـــن ٻــيــا، جــن لمـئـو لاتيـون ڏِنـيــون، ســي ويــچــارا ويــا، پـــاٽــونــدر پــيــا، وڃــي ڪـيــنـجهــر ڪَـنــڌِئــيــن! ٿر جي هن پويتر ڌرتيءَ تي ڪافي صوفي، سنت، ودوان ماڻهن جنم ورتو آهي، جيڪي ڏيئي مثل هُئا ۽ جتي پالڻهار جي خلقيل ڪائنات ۾ انيڪ انسان پيدا ٿين ٿا، ۽ رب جي درٻار ۾ موٽي وڃن ٿا، پر ڪي ڪي ماڻهو هن دنيا ۾ اچي پنهنجو نالو روشن ۽ زنده ڇڏي وڃن ٿا. ٿر جي سُڪل صحرا ۾ محبت جا خوبصورت گُل پوکيندي، پنهنجي عمر ارپڻ ڪري ڇڏيندا آهن. پنهنجي صلاحيت، اصول پرستي۽ همدردي سان غريب ماڻهن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هڪ آدرشي انسان شري ڀمر لال، جنهن سال 1933ع ڌاري سرڳيه ڏيڏارام ڪاڳيه، ڳوٺ مٺڙيو سوٽهڙ تعلقه ڇاڇرو ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڦولان ٻوچيه ڳوٺ حويلي عمرڪوٽ جي هئي. پرائمري پنج درجا پرائمري اسڪول مٺڙيو سوٽهڙ مان سال 1949ع ۾ پاس ڪيائين، ۽ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڇاڇرو مان سال 1956ع ۾ فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، انٽر سال 1960ع ۾ پاس ڪيائين ۽ ترت تعليم کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ جي نوڪري ملي. پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ سال 1968ع ۾ LLB لا ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون شخص هو، جنهن LLB فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، قانون جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ميگهواڙ جاتيءَ جو پهريون شخص هو، جنهن LLB پاس ڪئي ۽ وڪيل بڻيو. تُرت 1968ع ۾ ڪلارڪيءَ جي پوسٽ تان استيعفيٰ ڏيئي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو. گڏوگڏ ٿرپارڪر سماجي جماعت جو بنياد رکيو، جنهن جو جنرل سيڪريٽري 1972–2–15 تائين رهيو، انهي کانپوءِ جماعت جو نالو بدلائي 1972–4–28 تي شيڊيول ڪاسٽ ايسوسيئيشن منظور ڪري، رجسٽرڊ ڪرائي، جنهن جو صدر ڊاڪٽر راڻا سي. راٺوڙ صاحب هئا ۽ پاڻ جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي ٿي جاتيءَ کي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ حوصلو پيدا ڪيو. انهي وقت ڊاڪٽر راڻا صاحب ۽ پاڻ گڏجي قوم ۾ تمام گهڻو سڌارو آندو. شري ڀمر لال صاحب ميگهواڙ جاتيءَ جا جيڪي به ڪورٽن ۾ ڪيس هوندا هُئا، اهي بنا في جي وڪالت ڪندا هُئا ۽ ڪيس کٽي ڏيندا هُئا. پنهنجي پوري زندگي عام ڀلائي، سماجي ڪم، تعليم ۽ غريبن سان همدردي، خرچ گهٽائڻ لاءِ پرچار خاص ڪري وڏا وڏا اوسر جا مخالف هُئا ۽ اوسر نه ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلايائون، جنهن تي ڪافي ماڻهن عمل ڪيو ۽ خرچ به گهٽايائون. شيڊيول ڪاسٽ ايسوسيئيشن ۾ رهڻ ڪري ڪافي رقم ڪٺي ڪري، غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏياريايون ۽ ميگهواڙ جاتيءَ ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو. 26 اپريل 1973ع تي پاڪستان مينارٽي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي، انهي وقت پاڪستان جو صدر شهيد ذولفقار علي ڀٽو صاحب هو. جنهن خاص طور وڪيل ڀمر لال صاحب کي دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دعوت نامون موڪليو. اها ڪانفرنس نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۽ آرٽ ڪائونسل لاهور طرفان لياقت ميموريل هال ۾ رکي ويئي، جنهن جو چيف گيسٽ صدر پاڪستان مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هو. انهي وقت مينارٽيز آفيئرس ۽ ٽوئريز جو منسٽر راجا تري ديو هو. ڀمر لال ڊي. نٿواڻي دعوت ۾ شرڪت ڪئي، جتي شيڊيول ڪاسٽ جي ترقيءَ لاءِ صدر صاحب تي زور ڀريو ته انهن پُٺتي پيل جاتين کي سڌارڻ لاءِ خاص اُپاءَ ورتا وڃن. ڀمر لال وڪيل صاحب خاص ڪري ميگهواڙ جاتيءَ جا تمام گهڻا ڪم سرانجام ڏنا جن جو بيان نه ٿو ڪري سگهجي. پاڻ سال 1953ع ۾ شريمتي ريشمان، ڌي منٺار، ذات ڪڏيچه، ڳوٺ ميڻائو، تعلقه ڇاڇرو، ضلع ٿرپارڪر سان شادي ڪئي هئي. جنهن مان اولاد ٽي نياڻيون ۽ هڪ پُٽ موهن لال، جيڪو تپيدار هو، جو هن وقت حيات نه آهي. پاڻ سال 1960ع ۾ پنهنجي اصل ڳوٺ مٺڙيو سوٽهڙ مان لڏي عمرڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي، ۽ پوءِ ميرپورخاص ۾ رهڻ لڳو. سندس ڏاڏي جو نالو نٿو رام ۽ ڏاڏيءَ جو نالو ڏيمي هو. هو اصل کيتي ٻاڙي ۽ مال وغيره جو ڪم ڪندا هُئا. دنيا آخر فاني آهي ۽ آخرڪار تاريخ 4 آگسٽ 1973ع جو صبح 7.30 بجي ڏينهن ڇنڇر جو ميرپورخاص ۾ هن فاني سنسار مان سرڳواسي ٿيا، ۽ ميگهه ونس جاتيءَ هڪ ڳڻوان کان محروم ٿي ويئي. اهڙا انسان قومن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن. جڏهن کيت ۾ ٻاجهرين سنگ واريا، جڏهن چيٽ ۾ ڦول ڄانڀي ڦُلاريا، جڏهن ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون، الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.

تماچي واڻيون

(1889ع کان 1991ع-03-03) هُن جي مُرڪ ائين هُئي جيئن سنڌوءَ تي باک، پکيءَ پکيءَ ساک، هُن ٿي چاهي آزادي. هي ڌرتي هڪ باغ يا ٻنيءَ مثل آهي. جنهن کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ هر دؤر ۾ پروردگار عالم دنيا ۾ مختلف خطن ۾ مهان هستين کي جنم ڏنو آهي. اهڙين عظيم شخصيتن پنهنجي مختصر جِيوَن جو عرصي دوران پنهنجي عقل ۽ ڪوشش سان پنهنجا فرض ۽ ذميواريون انتهائي خوش اسلوبيءَ سان نڀايون، ۽ تاريخ جي صفحن تي امر ٿي ويا. ٿرپارڪر ضلع جي ڏيپلي تعلقه جي ڳوٺ اونهريو واڇرا ۾، شري نرسينگ نکُ واڻيو جي گهر، سال 1889ع تي جنم وٺندڙ شري تماچي واڻيو ميگهواڙ جو شمار به اهڙين مڻيا وارين هستين ۾ ٿئي ٿو، جيڪي گهڻين خوبين ۽ خصلتن جا مالڪ هُئا ۽ سندس نوڙت، مهمان نوازي ۽ انسان دوستي سبب ٿر واسي کيس عزت ۽ احترام سان ياد ڪن ٿا، ۽ سندس شخصيت جون خوبيون بيان ڪندي نه ٿا ڍاپن. جيئن ٿوهر مٿي ماڪ، تيئن مون تنهنجو سمرتيون، چڪيا منهنجا چاڪ، توکي ساري سپرين. سندس ماتا جو نالو سوهجان، ڌي نيتو، ذات دَرڙا، ڳوٺ ٻٽڙي تعقله ڏيپلو جي هُئي. پاڻ ننڍپڻ کان ئي وڏي ذهن جا مالڪ هُئا. انهي وقت پڙهائيءَ جو رُجحان گهٽ هئڻ ڪري پڙهي ڪونه سگهيا. پاڻ 14 سالن جي عمر جو هو ته سندس پتا ديهانت ڪري ويو. انهي وقت ڳوٺ ڏيڙو تعلقه ڏيپلو جي واڻين جو چڱو مڙس ٽمون مل هو، جو گذاري ويو. ڏاڀڙي ۽ لسيو جا گڏجي کيس پڳ ٻڌائي. واڻين ذات جو پاڳارو ڪري چونڊيو ۽ انهي کانپوءِ مکُي سڏجڻ لڳو. پوءِ ترت ئي سڱاوتيون (ويهان) ڪرڻ جو شوق جاڳيو، پاڻ پهريون ويهان سوجو درڙو ڳوٺ ڊونڊيو، جنهن جي پُٽ کنگهار مل، جيڪو ميگهواڙ جاتيءَ جو وڏو سگهڙ هو، انهي جو ويهان ڪيو ۽ پوءِ اهو سلسلو زندگي ڀر هلندو رهيو. چون ٿا ته اٽڪل 200 کن ويهان ڪيا. يعني جوڙي واري حساب سان 400 ٿين ٿا. سنڱاوتين ڪرڻ ۾ ايتري ته مهارت حاصل هُئي، جو ڪڏهن ڪٿان به خالي واپس نه آيو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو ڌي جي پيءُ کان پڇڻ سواءِ ڀٽن تي ويهي مصري ورهائي ڇڏيندا هُئا. پوءِ جڏهن ڇوڪريءَ جو پيءُ گڏبو هو ته تڏهن کيس چوندا هئا ته مون تنهنجي نياڻيءَ جو مڱڻو فلاڻي ڳوٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، تماچي توکي صحيح لڳي ٿو ته اسان کي منظور آهي. وڏي سٺي ڳالهه اها آهي. انهن 200 ڪيل مڱڻن مان اڄ تائين سڀ ڪامياب شاديون رهيون، سڀ جوڙيون خوش خرم آهن. چون ٿا ته هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ۾ ويل هئا، جتي هڪ کوهه جي ڀرسان مٽيا، جتي ٽي چار ڇوڪريون کوهه تان پاڻي ڀري رهيون هيون. اُتي بيهي انهن ڏانهن نهارڻ لڳو ته ڇوڪرين چيو ته ”ڪاڪا اسان سَمهون اُونهين پيو ڏيکين، اسان سڀني را ويهان ٿيل آهين.“ تماچي مُشڪي هليو ويو. انهي کانسواءِ سماج ۾ فيصلا ڪندڙ ماڻهو هو، ڪٿي به جاتيءَ ۾ ڪابه نيات گڏ ٿيندي هئي ته پهريان تماچي واڻيئي کي گهرائيندا هئا. هو هڪ سچو ۽ ڳالهائڻ جو پاور فل هو. ڍاٽ توڙي سنڌ کان به نياءُ نبيرڻ لاءِ ماڻهو وٺي ويندا هُئا. هڪ دفعي هڪ ٻانهن جو مسئلو ڳوٺ حسن ڀاڻ، جيڪو پنگريو جي ڀرسان آهي، اُتي هڪڙو لڌو سيجو ۽ سامهان ڀانگهاريا ميرواهه جو، ڪيتري وقت کان هلندڙ هو. اُن فيصلي ۾ تماچي کي گهرايو ويو. اهو فيصلو پير جي ڳوٺ، جيڪو پنگريو کان اتر طرف آهي، جتي مينهتر پورو، الهڏنو مکي، سانگهڙ وارو ۽ کمن مکي ڪوٽڙيءَ وارو جي روبرو ٺاهي فيصلو ڪري، ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيو. ٻيو فيصلو ڏيسر کنڀو ڳوٺ جارونڀڙي جو گذاري ويو، انهي اوسر تي تماچي ويو هو. جتي لالو کنڀو ڳوٺ گانگاڻ جو پاڻ ۾ تڪرار هلندڙ هو، جو اوسر تي ڪونه پي آيو ته تماچي پاڻ گانگاڻ وڃي لالوءَ کي وٺي اچي اوسر ۾ شامل ڪيو، ۽ انهن جون ٻنيون ڳوٺ واڍڻ ۾ تڪراري هيون، اُتي وڃي انهن جي روبرو جڙون هڻي فيصلو ڪيو، ۽ پاڻ ۾ ٺاهه ڪرايو. ڪافي عرصي جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ مسلمان ڌرين جو ڪيتري وقت کان پاڻ ۾ تنازعو هلندڙ هو، جو وڌي وڏو تڪراري ٿي ويو هو. پراڻي دعا سلام جي ڪري ڪُجهه همراهه کيس وٺڻ لاءِ آيا ۽ پاڻ انهن سان گڏ ويا. انهن جون ڳالهيون ٻڌي پاڻ راڄوڻي ٺاهه ڪرايو، ٻئي ڌريون خوش ٿي ويون، انهي کانپوءِ پڪو مُکي سڏجڻ لڳو. پاڻ ته اسان وٽ ڪونهي پر سندس يادگيريون امر آهن، امر رهنديون. پاڻ هڪ ڪوي ۽ شاعر به هئا، ڪيتريون ڪافيون وغيره لکيون آهن ۽ ڀڄن رچيل آهن پر انهن جو رڪارڊ لکت ۾ ڪونه پيو ملي. تماچي ٻه شاديون ڪيو هيون، پهرين شادي شريمتي ڪرمائي ڌي ميگهو جئپال، ڳوٺ سارڻ تعلقه ڏيپلو مان ڪئي، جا ڇهن مهينن کانپوءِ فوت ٿي ويئي. انهي کانپوءِ ٻئي شادي شريمتي سنڀان ڌي سکو ذات ٻڙهيه، ڳوٺ موٽاٽيو تعلقه ڏيپلو سان ڪئي، جنهن مان پُٽاڻو اولاد ڪونه ٿيو ٻه نياڻيون ٿيون، هڪ هانسو جيڪا هڪ مهان استاد، تامل چند گورڙيه، ڳوٺ ويڙهار سان ڪرائي، جنهن جو پٽ ماستر رانجهو مل آهي. ٻي نياڻي مصران جنهن جي شادي شري وسند گوهيل، ڳوٺ ڪاريويري تعلقه ڏيپلو سان ڪرائي هُئي، پٽ نه هجڻ ڪري سدائين هي جملو چوندا هُئا: ”پَن ته اڳئي پٽبا هُئا، هاڻي مورَ هُون ڏيئي ويا مُڇو.“ پراڻي وقت ۾ ماڻهو لاڙ طرف لاباري تي ويندا هئا ته ٿر ۽ سنڌ جي ڪس وٽ، واٽ تي هڪ وڏو نم جو وڻ بيٺل هو، ماڻهو انهي جي ڇانوَ ۾ ويهي ٿڪ ڀڃندا هئا، پوءِ ڪن ماڻهن اهو نم وڍي ڇڏيو. انهي کانپوءِ اهو جملو پاڻ تي استعمال ڪرڻ لڳا. پاڻ وڏا مهمان نواز هوندا هئا. واڇرا جي ميلي تي ماڻهو ويندا هُئا ته سندس اوتاري ۾ پاڻي ۽ چانهه پي ٿڪ ڀڃندا هُئا. هاڻي اهو اوتارو ۽ نم نه رهيو آهي، تنهنڪري اهو جملو ورجائيندا هُئا: ”اندر جي ڏک جو آواز پاڻهي نڪري ويندو آهي.“ آخر دنيا فاني آهي، پاڻ تاريخ 1991-03-03 تي 102 سالن جي عمر جو ٿي هن دنيا کي الوداع ڪيو. سندس دوست ۽ جوڙ ۾ خاص ڪري مينهتر پورو مل هيلاريو لنجا ۽ راڄو ٻڙهيو ڳوٺ ننائي، جيڪو سندس سڳو ماسات به هو، اِهي ٽيئي ميگهواڙ جاتيءَ جون مشهور هستيون ٿي گذريون آهن. اوسئيڙي ۾ نيڻ اُڃايل، ٿر جي پياسي واريءَ وانگر.

سونو مل گهلڙو

صورت سي ڪيرت بڙي جو بنان پانک اُڙ جائي، صورت تو جاتي رهي، پر ڪرت ڪبوئي نه جائي. هن سنسار ۾ ڪي ماڻهو تاريخ هوندا آهن. اُهي شخصيتون ڪنهن تعارف جون محتاج ناهن هونديون. جلسن، جلوسن، شادين مرادين، ڪچهرين مطلب ته هر قسم جي ميڙاڪن ۾ اهڙن ماڻهن جي شخصيت خود به خود تعارف ڪرائي ڇڏيندي آهي. اهڙا انسان بيثمار خوبين سان مالا مال هوندي به پنهنجو پاڻ تي ناز نه ڪندا آهن. اُهي انسان هميشه ٻين جي سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ڪارين ۽ غريبن جي خدمت ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگي ارپڻ ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ غريبن جي خوشين سان پنهنجي دل کي سڪون بخشيندا آهن. هر انسان پنهنجي ڪردار ۽ ڪرم سان سڃاتو ويندو آهي. اهڙو هڪ ڪردار ٿر جي ڀٽن ۾ ويڙهيل ڳوٺ ارباب کيتلاري، تعلقه ڏيپلو ۾ نالي سونو مل، هڪ نفيس ڪردار سرگيه ٽمون مل گهلڙو جي گهر ۾ سال 1934ع ۾ جنم ورتو، سندس ماتا جو نالو سُکان ٻوچيه، جيڪا ڳوٺ ٻپراڙيو تعلقه ڏيپلو جي هئي. ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ کيتلاري جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. هو هڪ تمام غريب گهراڻي سان تعلق رکندو هو. پر تعليم پرائڻ لاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. سونو مل گهلڙو پنهنجي ذهانت، قابليت ۽ اهليت سان اُن وقت جا ست درجا فائينل پاس ڪيائين. سهوليتن جي اڻهوند باوجود به هن ڪڏهن به همت نه هاري. هن جو بچپن پنهنجي هم عمر ٻارن سان پنهنجي ڳوٺ جي گهٽين، گلين ۽ راند روند ڪندي گذريو. ”همت مردان مدد خدا“ واري چوڻيءَ جي پيروي ڪندي، پنهنجي منزل ۽ مقصد تي گامزن رهيو. سونو مل گهلڙو ٿر جي مشهور تعليمي ماهر، مهان انسان سرڳواسي پروفيسر هوتچند گهلڙو جو وڏو ڀاءُ آهي. سندس شادي مٺي شهر ۾ ڀڳت ڌيرو مل سيجو، جيڪو مٺي شهر جو وڏو ڪاريگر ۽ رازو هو. جنهن جو ڪردار به ڪنهن کان لڪيل نه آهي. اُن جي سپتري ليلان ٻائيءَ سان ٿي. اُها شادي اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جي پهرين شادي هئي جو مائٽن پنهنجي نياڻي ڌرمائو پرڻائي مطلب ته گهوٽيتن جو هڪ روپيه به خرچ نه آيو، سڀ خرچ نياڻيءَ جي مائٽن ڪيو. جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ۽ ٽي پٽ آهن هڪ پهلاج، جو پرائمري ماستر آهي، ٻيو لونگ ذاتي ڪاروبار ٿو ڪري، ۽ ٽيون شنڪر به پرائيويٽ نوڪري ڪري ٿو. سونو مل پنهنجي پڙهائي مُڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي والد صاحب سان مختلف ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊائيندو هو. هو هڪ سٺو رازو هو. هو ڪچهرين جو ڪوڏيو، هنس مُک، هميشه مختلف محفلن، شادين مرادين ۽ ڪچهرين جي زينت بڻيل هوندو آهي. اڪثر محفلون سونو مل جي موجودگيءَ سان حقيقي محفل کي رنگ ملندو هو. سندس غير حاضري مختلف ڪچهرين ۽ محفلن کي اڪثر ڪري ويران ۽ سُنسان ڪري ڇڏيندي آهي. هي نه صرف ميگهواڙ برادري بلڪ ٻين برادرين لاءِ به ڪافي ڪم ڪيو. مختلف مسئلن کي سلجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهي خدمتون ۽ ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن. جنهن جو شاهد ٿر جي پوري عوام آهي. ضلع ٿرپارڪر جو 80 سيڪڙو عوام هن کي سڃاڻي ٿي. مختلف ڪمن ڪارين مسئلن ۽ فيصلن، ميٽنگن ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ تمام پري پري کان کوڙ سارا ماڻهو هن کي وٺي وڃڻ لاءِ ايندا رهندا آهن. روبرو يا فون رستي هن جي صلاح ۽ مشورن مان فيضياب ٿيندا رهندا آهن. هي ميگهواڙ برادريءَ جو سپوت ۽ امين ۽ چڱو مڙس سال 1981ع کان 1986ع تائين ۽ 1986ع کان سال 1991ع تائين لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو هو. ان وقت ٿرپارڪر ضلع ڪونه هو، پر ميرپورخاص ضلع هوندو هو. سونو مل گهلڙو ٿرپارڪر جي تاريخ ۾ ميگهه ونس جاتيءَ جو نرالو ۽ نفيس ڪردار رهيو آهي. ٿر جا ماڻهو هميشه هن کي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندا آهن. تاريخ ريگستان برزبان ياد رکندڙ هي ڪردار 76 سالن جي ڄمار ۾ اڄ به صحتمند، چاڪ چوبند آهي، اڄ به ڏسڻ ۾ جوان محسوس ٿيندو آهي. ايڏي وڏي عمر هوندي به گهر جا ڪم ڪار سڀ پاڻ ڪندو رهندو آهي. اهڙي زنده دل انسان ۽ مهان هستين جي حوصلا افزائي ڪرڻ اسان سڀني جو اخلاقي فرض آهي. اهڙي مهان ڪردار کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ رکڻ لازمي آهي. مر بهي جائون تو ڪهان لوگ ڀُلا هي دين گي، لفظ ميري زنده هوني ڪي گواهي دين گي.

ڏامرو مل پونئار

(1921ع کان 1952ع) سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جِن، آندائون عميق مان، جوتي جواهرن، لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن، ڪانهي قيمت تن، مُلهه مهانگو اُن جو. سنڌ جي ڌرتي انهن عظيم ۽ لازوال ڪردارن سان ڀري پيئي آهي، جو هميشه پنهنجي زندگيءَ جون سڀ بهارون جوانيءَ کان پيريءَ تائين قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ وقف ڪري، نئين نسل لاءِ مثال قائم ڪري رهيا آهن. انهي جي لسٽ ته تمام گهڻي ڊگهي آهي. اهڙي طرح ضلع ٿرپارڪر جي تعلقه ننگرپارڪر جي ڪارونجهر جي نگري به ڪيترن ئي املهه ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي ڪنهن به تعارف جا محتاج نه آهن. استاد شخصيتن جو ذڪر ڪبو ته ميگهه ونس جو پهريون استاد، سائين هرجي لال، نک جئپال، تعلقه ننگرپارڪر سان تعلق رکندا هُئا، ۽ اهڙو ئي هڪ ٻيو اُستاد ننگرپارڪر جي ڀوميڪا جي استاد لوڪن ۾ هڪ نانءُ محترم ڏامرو مل، جنهن جو جنم تاريخ 1954-02-01 تي سرڳواسي سکو مل کيماڻي پنوار ڳوٺ موڏو دڙو (سنگراسي) تعلقه ننگرپارڪر ۾ ٿيو. سندس ماتا شري جو نالو حوا، ڌي اگرو مل، ذات پاتاريه ڳوٺ مٺاتڙ تعلقه ڇاڇرو جي هُئي. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ کان پنج ڪلوميٽر پري، ڳوٺ اسماعيل سنگراسي ۾ روزانه سياري توڙي اونهاري ۾ پيادل پنڌ ڪري حاصل ڪئي. 1965ع ۾ پنهنجي ڳوٺ کان 48 ڪلوميٽر پنڌ تي هاءِ اسڪول ڇاڇرو ۾ داخل ٿيو، جتان سال 1969ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد، 71-1970ع ۾ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان SV هڪ سال جو ڪورس مڪمل ڪيو، بعد ۾ 1971ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ دوران علائقا ڀارت جي ڪنٽرول ۾ هئڻ ڪري لڏي انڊيا ويا، جتي ٻه سال پرائمري ماستر طور ملازمت ڪئي. انهي بعد وئڪيشن ۾ سال 1973ع ۾ واپس پاڪستان آيو. پاڻ 1973-7-15 تي شريمتي تاري، ڌي رائچند جئپال، ڳوٺ کاريو غلام شاهه سان شادي ڪئي، جنهن ڪري واپس وڃڻ کان قاصر رهيو، جڏهن ته باقي سڀ رت جا رشتا ناناڻن سميت انڊيا ۾ رهيل آهن. کيس اولاد چار پٽ ۽ چار نياڻيون آهن. 1. شنڪر لال واحد ميگهواڙ، جنهن مسلسل ٽي سال ميرپورخاص زون کي ٽاپ ڪري 2012ع کان ايريا مئنيجر اسٽيٽ لائيف جي پوسٽ ماڻي. 2. ڊاڪٽر سنتوش MBBS هن وقت عمان ۾ آهي. 3. آڪاش BA, LLB, MA جو وڪيل آهي. سامارو ۾ آفيس کولي اٿس 4. انجنيئر وڪرم مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ME بعد في الحال بيروزگار آهي، نياڻين ۾ ڊاڪٽر رميلا B.D.S هائوس جاب ڪري رهي آهي. آشا ڪماري فزيوٿراپسٽ زير تعليم ڄامشورو، جيڪا عمرڪوٽ ضلع جي هڪ ئي سيٽ ميرٽ تي سليڪٽ ٿي. باقي ٻه نياڻيون انٽر تائين پڙهيل ۽ شادي شده آهن. 1973-8-29 تي پرائمري ماستريءَ جو آرڊر مليو، ڳوٺ جهانپو تعلقه ننگرپارڪر ۾ داخلڪار ٿيو. جتان ٻين سڀني هندو ملازمن سان گڏ 1975ع ۾ بئراج بدلي ٿي، جتي ڪوٽ غلام محمد، سامارو شهر ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ نوڪري ڪئي. نوڪريءَ دوران شيڊيول ڪاسٽ اسوسيئيشن ۾ بطور خزانچي ڪم ڪيو. 1986ع ۾ سامارو شهر ۾ سڏايل 6 ضلعن جي جنرل باڊي مٽينگ ۾ ميگهواڙ ايڊيوڪيشنل اسوسيئيشن جو بنياد پيو، ۽ اڪثريت سان کيس خزانچي چونڊيو ويو. مسلسل پنج سال جاکوڙ ڪري ماڻهن کان چندو وصول ڪيو، ۽ ميگهواڙن جي شادين نيئنڊ تي 1% چندو وصول ڪرڻ جي روايت قائم ڪئي. 1994ع ۾ کيس اسٽيٽ لائيف سيلز مئنيجر جي پوسٽ ملڻ ڪري، مارچ 1994ع تي پرائمري ماستريءَ کي الوداع ڪيائين. پاڻ سدائين سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ سبب مختلف تنظيمن ۽ پنچائتن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهندو آهي. سامارو روٽري ڪلب ۾ 5 سالن تائين جوائنٽ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيو. انهي کانسواءِ سامارو ۽ ڪانٽيو ۾ هر سال ٽن ڏينهن تائين اکين جي ڪئمپن ۾ رهي، خدمتون ڏيندو رهيو آهي. تاريخ 2008-8-02 تي درگاهه پير پٿورو صاحب ۾ پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل (PMC) جو بنياد رکيو ويو. جنهن جو چيئرمين وڪيل ارجڻ داس ۽ جنرل سيڪريٽري ڏامرو مل کي مقرر ڪيو ويو. ان بعد لڳاتار 5 سالن تائين مختلف ضلعن ۾ يونٽ کولڻ لاءِ ميٽنگن جو اهتمام ڪيو. حيدرآباد ۾ مختلف وقتن تي چار شاندار پريس ڪلب ۾ ميٽنگون سڏايو ن ويون. انهي کانسواءِ گذريل 5 سالن کان GGHS سامارو جو SMC جي چيئرمين طور فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي پروجيڪٽ ليگل ايڊ عمرڪوٽ جي مئنيجمينٽ ڪاميٽيءَ جو، 6 ماهه ميمبر رهڻ دوران، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مفت ۾ قانوني مدد ڪرڻ ۽ قانون مطابق ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ساٿين سان گڏجي ليڪچر پروگرام ارينج ڪيائين، گذريل ٻن سالن کان سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي مرڪزي پريس سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو آهي. هارين، مزدورن ۽ مظلوم طبقن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ درپيش مسئلن کان جان آجي ڪرائڻ لاءِ ٿر جي ڪافي شهرن توڙي ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ مشهور دانشور، هر خميس اخبار ”سوڀ“ جي ڪالم نويس، سرخ پرچم جو ايڊيٽر ۽ CPP جي سيڪريٽري جنرل کي آڻي ڪچهريون، ليڪچر ڪرائي عوام ۾ جاگرتا پيدا ڪرائي آهي. اهو سلسلو سماجي ڪمن، باهه متاثرين، نياڻين پرڻائيندڙ بي پهچ مائٽن، في يا ڪتاب کان محروم يونيورسٽي شاگردن جي وس آهر مدد ڪرڻ، اچانڪ حادثن جي شڪار ٿيندڙ جي مالي توڙي رت جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهي. پنهنجي ڪميونٽيءَ ۾ سماجي براين، وهمن، وسوسن، مدي خارج رسمن ۽ جھالت خلاف جھاد ڪرڻ ۾ روان دوان آهي. منشيات خلاف مهم هلائڻ، ايتري قدر جو سندس پنهنجي گهر ۾ چانهه، ٽيسٽي پڙي، سگريٽ ۽ ٻئي منشيات جو استعمال بلڪل نه آهي ۽ سخت نفرت ڪري ٿو. ٺري واپرائيندڙ کان سماجي بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. پاڻ تعليم جي روشني پکيڙڻ ۾ سندس چاچي ماستر ميوو مل کي ناقابل فراموش ڪردار سمجهي ٿو. انهي کان علاوه شعوري تربيت ۽ مطالعي جو شوق ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ طبقاتي سمجهه باباءِ سنڌ، حيدر بخش جتوئيءَ جي ساٿين کان حاصل ڪيائين. پنهنجي ڳوٺ مان لڏي 5 سال ڪوٽ ميرس رهيا ۽ سال 1994ع کان سامارو شهر ۾ رهائش پذير آهي. 1985ع ۾ ٻن صفحن تي مشتمل هڪ پمفليٽ (کڏين خلاف) ليٿو مان ڪڍي هزارن جي تعداد ۾ ورهايون، ميگهواڙن جي نسل کي جھالت جي اوڙاهه ۾ اُڇلڻ جي جديد سازش خلاف احتجاج، ميگهواڙ ايجيوڪيشن ايسوسيئيشن طرفان ايجيوڪيشنل ”اڄ سڄڻ مون ساڻ“ 18 صفحن تي مشتمل ميگهواڙ ايجيوڪيشنل(MEA) جي باري ۾ لکي تقسيم ڪرايائين. سندس خاص ڪردار 18 سالن کان سامارو شهر ۾ اسٽيٽ لائيف جي آفيس کولي، سيلز مئنيجر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. سچائي ۽ ايمانداري سان معلوماتي مواد، ماڻهن ۾ غلط فهمين ۽ شڪايتن کي ختم ڪرائڻ، ويمي متعلق ايترو شعور اجاگر ڪيائين ۽ پنهنجي ٽيم سان 13000 خاندانن کي تحفط فراهم ڪري چُڪو آهي. انهن خدمتن ۾ محنت عيوض چيئرمن ۽ ٻين آفيسرن طرفان مڃتا طور سونَ ۽ چانديءَ جا تغما، سونَ جي بيڪيٽ، ملڪي طور تي اعلان شده هڪ لک روپيه بمپر پرائيز، شيلڊون، ٽرافيون، سونهري سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا کوڙ سارا خوبصورت انعام ماڻي چُڪو آهي. پاڻ انساني خدمت ۾ پڪو ويساهه رکي ٿو ۽ انهي کي عبادت سمجهي ٿو. هن وقت سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو مرڪزي نائب صدر ۽ هارين جي حقن جي ترجمان اخبار ”هاري حقدار“ جو پبلشر ۽ ڊپٽي ايڊيٽر به آهي.

پٽيل ماڌو رام هونئر

(1883ع کان 1967ع) ڏڪ نه ڪنهن جي ڏاڍ کان، ڏڪڻ ڏاڍي ڏڍ، اُن مان آس نه ڪڍ، سوڀ سدائين سچ جي. تاريخ ۾ مڙوئي ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جيڪي واچوڙن جا رخ موڙڻ جي اهليت رکندا آهن. زندگيءَ جا تجربا کين ايترو ته سيکاري ڇڏيندا آهن، جو کين ايندڙ طوفانن جا رخ موڙيو وڃن ٿا. تاريخ ۾ اسان کي اهڙيون کوڙ ساريون شخصيتون نظر اچن ٿيون. اهڙوئي هڪ ميگهواڙ جاتيءَ جو همدرد انسان سرڳيه پٽيل ماڌو رام سال 1882ع ڌاري ڏيوجي هونئر جي گهر گُجرات جي تعلقه ٿراد جي هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو مرگهان هو جو ماڌو رام ننڍو هو ته هو ديهانت ڪري ويئي. پاڻ ڪجهه وڏو ٿيو ته لورواڙ ڳوٺ انڊيا مان پنهنجي مائٽن سان گڏ لڏي اچي سامارو شهر ۾ رهيا، ۽ پوءِ وري آصفيه فارم اچي رهيا جتي زمينداري ڪندا هُئا. پاڻ سنڌي پنج درجا پڙهيل هو پر ذهني طور تمام هوشيار ۽ قابل انسان هو. پاڻ شادي شريمتي مڻي ٻائي ڌي پريمون ذات آشل گول گام وائي انڊيا ضلع پالڻ پور سان ڪئي. جنهن مان کي 2 نياڻيون ۽ ٽي پٽ ٿيا. 1.گڻيسو 2. ڏانو 3. موهن لال، پاڻ گجراتي، هندي، سنڌي، ڍاٽڪي زبانون ڳالهائي سگهندو هو. ڊريس شلوار قميص ۽ پٽڪو پسند ڪندا هئا. پٽيل صاحب جي پوري زندگي انساني همدرديءَ سان ڀريل هئي. ڀڳت ڪاليداس، جيڪو هن وقت 95 سالن جو آهي، اهو ٻڌائي ٿو ته 1950ع ڌاري پٽيل ماڌو رام پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن سان گڏ رڻونجها راما پير جي زيارت تي وڃي رهيا هُئا، ته ريل گاڏيءَ ۾ ٻه عورتون ٻاوا ذات جا، جيڪي حيدرآباد کان چڙهيا هئا، پنهنجي وارثن کان ريل گاڏي هلڻ ڪري وڇڙي ويون. پٽيل صاحب سڄي سفر ۾ انهن کي پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ رهايو. پنهنجي خرچ سان انهن کي راما پير ميلو رڻونجها مان گهمائي واپس پاڪستان خير خوبيءَ سان وٺي حيدرآباد سندس وارثن جي حوالي ڪيون. ماڌو رام پٽيل ڪيترن ئي لاوارث، بي پهچ نياڻين ۽ ڇوڪرن جون شاديون ڪرايون. ڏکويل ماڻهن کي پناهه ڏيندا هُئا. ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ روزانه ڪيترائي وٽس مهمان هوندا هُئا. سندس اوطاق سدائين مهمانن سان ڀريل هوندي هئي. وڏو مهمان نواز انسان هوندو هو، جنهن ڏينهن ڪو مهمان نه هوندو هو ته اهو ڏينهن نڀاڳو سمجهندو هو. پر اهڙو ڪوبه ڏينهن نه آيو جو اوطاق خالي رهي هجي، پٽيل ماڌو رام هڪ راج نيتيءَ ۾ فيصلو ڪندڙ انسان هو، نيا ۽ فيصلي لاءِ هندو توڙي مسلمان بنا ڪنهن فرق جي پنهنجو اڳواڻ ۽ ڀرجهلو سمجهندا هئا. انگريز پڻ جڏهن دؤري تي ايندا هئا ته پٽيل صاحب جي نيا جي ڪري وڏي عزت ڏيندا هُئا، ۽ ڪافي انعام، جنهن ۾ چانديءَ جون چوڙيون، ٻيو ڪافي سامان ۽ هڪ صدوق انعام طور ڏني اها صندوق اڄ به جيڪا سندس پُٽ موهن لال جي گهر ۾ موجود آهي. پاڻ وري 1999ع ۾ آصفيه فارم مان لڏي اچي سامارو شهر ۾ رهيا، سندس پويان اڄ تائين سامارو ۾ رهائش پذير آهن. موهن لال جو پٽ نولراءِ جيڪو BECS جو ماسٽر ٽرينر آهي سال 2009ع ۾ اسلام آباد ۾ NET طرفان ماسٽر ٽرينر جي ٽريننگ ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ۽ ميگهواڙ جاتيءَ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. نولراءِ سياست ۾ به سنڌ ۽ پاڪستان ليول تي سرگرم آهي. هندو ڪرسچن تحريڪ جو مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري به رهيو آهي. PS-69 سامارو جي سيٽ تي QAT جي ٽڪيٽ تي اليڪشن 2013ع ۾ حصو ورتو بعد ۾ جادم منڱريو جي منٿ تي سندس حق ۾ هٿ کنيو. پٽيل ماڌورام آخر سال 1967ع ۾ پرلوڪ پڌاريو، ۽ پنهنجون يادون هميشه لاءِ ڇڏي ويو، جيڪي هر ماڻهوءَ جي دلين تي نقش آهن، ۽ ياد ڪندا رهن ٿا.

سانوڻ سنڌي

(1966–02–05 کان 2003–04–21) مار پِئي موت، تون اڻ مندائتو آئين، گهائيئي اهڙا گهوٽ، جن مند نه هُئي مرڻ جي. سونهاري سنڌ ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهڙا مهان ڪوي پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي ڪويتا ۽ امر ڏانءَ سان انسان جي دلين ۾ اجالو پيدا ڪيو. انهن پنهنجي ڪلاجي واسنا سان ڪائنات جي ڪڻ ڪڻ جي ڄاڻ ڏني. اهڙوئي هڪ مهان پرش جيڪو گلن ٽڙڻ جي مند اچڻ ۾ باقي ڏهه ڏينهن بچيا هئا ته بهارن جي جھڙي ماڻهو ”سانوڻ“ سنڌي، احترام لائق مکي کمون مل ذات کوکر ٽنڊوغلام علي، تعلقه ماتلي ضلع بدين جي تاريخ 1966-02-05 تي اک کولي ۽ هن وفا نه ڪندڙ جھان کي ڏٺو. سندس ماتا جو نالو بولي ڌي دڏو ذات اوڍاڻا ويٺل ٽنڊو غلام عليءَ جي هئي. پاڻ 5 درجا سنڌي سال 1978ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽنڊو غلام عليءَ مان پاس ڪيا، ۽ 1982ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ٽنڊو غلام عليءَ مان پاس ڪيو. انٽر 1985ع ۾ ڊگري ڪاليج ماتليءَ مان ۽ B.Sc سال 1989ع ۾ M.A Economics سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪيائين. M.A سنڌي جي ڊگري سال 1985 ٽنڊو محمد خان ڪاليج مان حاصل ڪيائين. 1992ع ۾ B.Ed علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان ۽ M.Ed سال 2000ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪيائين. شروعات ۾ کيس جونيئر ٽيچر جي نوڪري ملي، جا ٽنڊو غلام علي هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪئي، بعد ۾ سائنس ٽيچر طور مقرر ٿيو جو آخر تائين رهيو. پاڻ شادي شريمتي نيڻي، ڌي منگهارام، ذات ڪڏيچه، ڳوٺ ڪاڇيلو، تعلقه جيمس آباد سان ڪئي، جنهن مان اولاد هڪ نياڻي مينا ٻائي، جا تعليم انٽر پاس هٿ جي هنر جي ماهر ۽ ڀڳتي ۽ ست سنگ جي سگهڙ آهي. ٽي پٽ 1. لطيف ڪمار B.A پاس جيڪو درزڪو ڪم ڪري ٿو. 2. مهيش ڪمار 7 ڪلاس ۽ راهول ڪمار 5 ڪلاس ۾ پڙهي پيو. سانوڻ سنڌي انگريزي، سنڌي، اردو ۽ ڍاٽڪي ٻوليون لکي پڙهي سگهي ٿو. سائين جو ادب سان ننڍي هوندي کان ئي لڳاءُ هوندو هو. سندس پيءُ مکي کمون مل جتيون ٺاهيندو هو ۽ مٿي چاندي مڙهڻ جو ڪاريگر هو. سندس ماتا جو گهر ۾ ڪپڙي جو دڪان هو، خوب محنت ڪري سانوڻ سنڌيءَ کي پڙهايو. هڪ ڏينهن سانوڻ سنڌي پڙهڻ لاءِ گهران نڪتو ته رستي ۾ کيس ٽڪر لڳڻ ڪري سندس ٽنگ تي ڏاڍو اثر ٿيو. هو هلڻ کان لاچار ٿيو پر همت نه هاري. جوش ۽ جذبي سان هن ڪاٺ جي گهوڙين سان هلي، پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ ڪلاس ۾ سدائين اول نمبر سان پاس ٿيندو رهيو. پاڻ محنتي هوندو هو. صبح جو اسڪول ۾ پڙهائيندو هو. شام جو شاگردن کي ٽيوشن ڏيندو هو ۽ رات جو درزڪو ڪم ڪندي پنهنجي اولاد کي به پڙهايو. حياتيءَ کي امر بنائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. انهي لاءِ جدوجھد جا جھان جهاڳڻا پون ٿا. جدوجھد جا ڪيترائي پليٽ فارم آهن. ڪو تاريخ ۽ تهذيب جو رکوالو ٿيئي ٿو. ڪو سگهڙ ۽ شاعر جو روپ وٺي پيغام پهچائي ٿو. ڪو ساز وڄائي سُرڪڍي ذهنن کي جنجهوڙي ٿو ۽ ڪو ملازمت يا محنت ڪري پنهنجو نانءُ تاريخ جي صفحن ۾ لکرائي ٿو. سانوڻ سنڌي ڪيترائي سماجي توڙي ذاتي بار ساڻ کڻي هلندڙ، گهڻن ئي مسئلن ۾ گهيريل هوندي به مُک تان انهن جو اولڙو لڪائي، خوش نظر ايندو هو. قوم ۽ جاتيءَ جي سجاڳيءَ لاءِ شعر سرجيندڙ سانوڻ، قد ۾ پورو پورو، بت ۾ ڀريل رنگ جو سانورو، اکين ۾ اونهائي، وار ڪارا طبيعت ۾ ٿڌو ۽ خوش مزاج قول ۽ فعل ۾ فرق نه ڪندڙ، سوچي پوءِ ڳالهائڻ وارو، سهپ جي سگهه رکندڙ، ايندي کي آءُ، ويندي کي ويهه، چوڻ وارو هو. سندس ملڻ مان مخلصي بکندي پئي نظر ايندي هئي. جوانيءَ ۾ قدم رکڻ کانپوءِ هن ۾ هڪ سجاڳيءَ جي ڪرڻ جاڳندي رهي، ۽ اندر ۾ پيدا ٿيل ولوڙ کي شعرن ۾ اوتيندي سال 1983ع کان باقاعدي شاعريءَ جي شرروعات ڪيائين. سائين واجد منگي (مرحوم) ٽنڊو غلام علي ۾ ادبي سرگرميون شروع ڪري چُڪو هو. دوستن جي مدد سان صوفي شاهه عنايت شهيد جي نالي سان مفت اڀياس گهر قائم ڪيو هئائين، ۽ انهي لئبريريءَ ۾ هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. سانوڻ سنڌي ۽ سندس ٻيا ڪيترائي دوست سائين مشڪور ڦلڪارو، امداد چاچڙ، ڪرشن ويراڳي شرڪت ڪندا هئا جتان داناءَ، استادن ۽ دوستن جي تنقيد مان لاڀ حاصل ڪري پنهنجو پاڻ کي شعر لکڻ جي لائق بنايائين. سندس شاعري سندس سچائي ۽ دلبرائي، سنڌي قوم ۽ ملڪ سان محبت جو ڏيک ڏيندي آهي. هو هڪ بهترين شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”سانوڻ آيو ساٺ ڪري“ جنوري 2004ع ۾ شايع ٿيو. شاعريءَ ۾ هن پنهنجي قوم جو به ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پنهنجي ڳوٺ ٽنڊو غلام عليءَ جي باري ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. پنهنجي شهر جي ميرن جي باري ۾ بهترين تفصيل سان لکيو آهي. هن پنهنجي مذهب جي باري ۾ بهترين نموني سان اظهار ڪيو آهي: پرهه ۾ آکاڙ آهيان! ڌرتيءَ جو دراوڙ آهيان! شيخ ڀلي شاهه سڏائين، آئون ته ميگهواڙ آهيان! اٿندين متان اوٿر هوندس، لڙندين ته لاڙ آهيان! خلق جي خوشين ۾ ئي خوش، راجن مڱڻهار آهيان! پنهنجو ميل آ مشڪل تون، کهنبو مان ڇاٻڙ آهيان. ٻانهن ٻُسي ۽ نٿ لٿل، جڳ ۾ جيئڻ جاڙ آهيان. آئون صفا ساڌو سانوڻ، ڊوهه نڪي ڊاڙ آهيان. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو غلام عليءَ کي سائين واجد کانپوءِ مشڪور ڦلڪارو پنهنجي منهن ٿي وڃڻ کانپوءِ سانوڻ سنڌي ئي زنده رکيو. سانوڻ جي بنان مندي نهٺائي ڪري هرڪو ساڻس محبت ڪندو هو. محنتي، جفا ڪش هئڻ ڪري کيس شهري اتحاد تنظيم جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. انهي کانسواءِ فنڪشن ۾ ڪمپيئرنگ ڪرڻ ڪري ته سامعين ايڏو ته خوش ٿيندا هئا، جو چوندا هئا ته ٻين کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت نه ڏي، تون شعر ئي ٻڌائيندو رهه، پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ جون وڊيو ڪيسٽون ڪافي تعداد ۾ اڄ به موجود آهن. سانوڻ سنڌي مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ صنوبر ٽيلر جي نالي سان سلائي سينٽر کوليو انهي تي ٽائيم ڏيڻ دوستن ۽ برادريءَ ۾ اٿڻ ويهڻ مطلب ته حياتيءَ جي هر رخ کي اصول سان ۽ ذميواريءَ نڀائڻ تي سانوڻ سنڌيءَ جي حوصلي، همت ۽ محنت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. پنهنجي وجود جي اُڻ تڻ جو اظهار رڳو غزل ۾ اوتي نه ڪيو اٿائين، پر شاعريءَ جي ٻين صنفن وائي، نظم، گيت، بيت، چوسٽو، ٽيڙو ۽ هائيڪا وغيره ۾ به پنهنجو پاڻ ملهايو اٿس. شعر، شاعر جي اندر جي تمام وڏي ولوڙ کانپوءِ سرجي ٿو. سانوڻ جي شاعري جذبن جي جلوي ۽ جلال جي احساساتي گونا گونيت سان سرشار آهي. سندس شاعريءَ ۾ سک کي اُٿي پاڻ پتوڙڻ جو احساس ڏي ٿي ته مظلوم کي ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سڏ ۾ آهي. ظالم کي دڙڪا به آهن ته مظلوم کي وري آٿت، گس ۽ دلاسا به آهن. انهي احساساتي عمل ۾ رومانس جي حوالي سان وڇوڙي جون ڳالهيون، انتظار ۽ اُلڪا به آهن ۽ درد، لڙڪ، سڏڪا ۽ سسڪيون به آهن. رومانوي جذبي سان ٽمٽار شعر ته الوڙيو ٿا وجهن. اندر جي هورا کورا کي لفظن جا ويس ائين پارايو اٿس، ڄڻ ڪا لفظن جي مالها پوئي پيش ڪئي اٿس. ادب جي ٻين صنفن ڪهاڻي ۽ مضمون وغيره ۾ به سانوڻ جي قلم جي سگهه لڪل نه آهي. نثري لکڻيون به انتهائي جاندار آهن. سپٽمبر سال 2002ع مهيني جو ڪينجهر رسالو، ڳوٺ نمبر ڪڍيو ويو، جنهن ۾ سانوڻ سنڌي پنهنجي شهر ٽنڊو غلام عليءَ تي لکيل مضمون کي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ پوري سنڌ ۾ ٻيون نمبر قرار ڏنو ويو. سانوڻ سنڌيءَ جي حياتي خوشي خوشي سان گذري رهي هئي، پر اوچتو کيس ڪاري سائي ٿي پيئي، جنهن جو 4 مهينا علاج آغا خان اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڪيائون پر سورن جا عذاب نه سهي سگهيو ۽ تاريخ 2003-04-01 ڏينهن آچر جو پنهنجي پريوار کان وڇڙي وڃي پرماتما سان مليو. هو ته ويو پر هو امر آهي، سدا امر رهندو. پنهنجي شاعري ۾ محبت، وفا، ايمانداريءَ جي روپ ۾ ياد رهندو. هو روشن ستارو هو ۽ هميشه چمڪندو رهندو. اڄ به گهرجي سنگت کي، سانوڻ تنهنجو ساٿ.

لالچند ”لال“

لالي ميري لال ڪي، جت ديکون تت لال، مين ديکن لالي گئي، تو مين بهي هو گئي لال. شاعري جذبن، احساسن ۽ خيالاتن کي بيان ڪرڻ جو نالو آهي. شاعر پنهنجي اندر جي آواز کي شاعريءَ ۾ بيان ڪري ٿو. زندگيءَ ۾ پنهنجي طرفان مليل ڏک دوستن جون وفائون، رويا، زماني جا ستم، پنهنجي محبوب جي جدائي، حُسن جي تعريف سڀ ڪجهه شاعريءَ ۾ بيان ڪري پنهنجي اندر جا اُڌما، خيال، ڏک، جذبا پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪن ٿا. اهڙي ئي هڪ ننڍي عمر جي وڏي شاعر لالچند ”لال“، شري موهن لال پرمار حيدرآباد جي گهر، پنهنجي ناناڻن جي شهر ميرپورخاص ۾ تاريخ 1973-09-29 تي جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڪملان ڌي ڀوڄو پتاريه جا ميرپورخاص شهر جي آهي. لالچند کي والده ٻڌايو ته کيس چار پنج سال کان اولاد ڪونه ٿيو، ۽ سندس ماتا پريشان رهندي هُئي. ڪنهن ڏس ڏنو ته اوهان اُڏيري لال جي درگاهه تي وڃي دعا گهريو ته لال سائين ضرور ٻڌندو. ڪافي عرصي کانپوءِ هڪ فقير اچي سندس گهر جي دروازي تي صدا هنئين ته ”لال“ سائين جي نالي خيرات ڏيو! لال سائين اوهان جي من جي مراد پوري ڪندو. سندس ماتا هُن کي خيرات ڏني ته هُن مٿي تي هٿ رکي چيو ته دُکي نه ٿي توکي لال وارن وارو پٽ ٿيندو. ان جو نالو لالچند رکجو. ايترو چئي فقير هليو ويو، چون ٿا ته اهو فقير وري ڪڏهن نظر ڪونه آيو. پوءِ سندس ماتا اڏيرو لال صاحب جي حاضري ڏيڻ لڳي. انهي کانپوءِ سال 1973ع ۾ پٽ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو لالچند رکيو ويو. سندس مائٽ تمام غريب هُئا، غربت ۽ افلاس ۾ سندس پرورش ڪئي. کيس مقامي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو، ڇهون ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ غربت سبب پڙهائي جاري رکي نه سگهيو، ۽ پنهنجي مائٽن جي غريبيءَ واري حالت ڏسي محنت مزدوري ڪرڻ لڳو. سال 93-1992 ۾ گهريلو جهڳڙن ڪري هوادانن ۽ سرمئي شامن جي شهر حيدرآباد جي دل تلڪ چاڙهي، جتي هي رهندا هُئا، ان کي خيرآباد چئي علي اصغر آباد (نئين ڪالوني) اچي آباد ٿيا. مسئلن، ڏکن ۽ دردن هتي به سندس ساٿ نه ڇڏيو. سندس والد صاحب کي سال 97-1996ع ۾ فالج ٿي، جنهن جو علاج ڪرايو ۽ ٺيڪ ٿي ويو. وري ٻيهر کيس فالج ٿي پر ڪافي علاج بعد به صحت ياب نه ٿيو ۽ سول اسپتال حيدرآباد، علاج لاءِ کڻي ويا، پر جمع جي ڏينهن 12 بجي ڌاري ماه سيپٽمبر 2006ع ۾ ديهانت ڪري ويو. پاڻ شادي سال 2004ع ۾ شريمتي جمنا، ڌي ناميري ذات موسڙيا شهر تلهار، ضلع بدين مان ڪئي. جنهن مان اولاد هڪ نياڻي نالي ميران پرمار ۽ هڪ پٽ هميش پرمار، جو هن وقت چوٿون ڪلاس ۾ پڙهي پيو. 16 سالن جي عمر ۾ لالچند جي زندگيءَ ۾ هڪ حسين چهرو دل ۾ سمايو ۽ محبت پروان چڙهي. پر خاندانن جي ماڻهن اهو ڪونه چاهيو ته اسان ملي وڃون. سچي به معصوم محبت هُئي پر پوءِ به هُن جي منڱڻي ٻئي جاءِ تي ٿي ويئي، ۽ لالچند جي منڱڻي ٻئي هنڌ تي ٿي. نه تم بي وفا هو نه هم بي وفا هين، مگر ڪيا ڪرين اپني راهين جدا هين. بس شاعريءَ جي لگن اتان شروع ٿي، پوءِ روزي ڪمائڻ خاطر پنهنجي چاچي نارو مل واگهيلا سان اڏيرو لال ويو، جتي سندس مامو اشوڪ پتاريه هن کي اردو ۽ سنڌي زبان جي مشهور شاعر، امين اُڏيرائي وٽ شاعري سکڻ لاءِ خواهش ظاهر ڪئي. ان کيس بحر ۽ وزن سيکارڻ سان گڏوگڏ ادبي ماحول به ڏنو. شاعري سکڻ کانپوءِ مشاعرن ۾ پنهنجا ڪلام پڙهڻ جي قابل ٿي ويو. اهڙي طرح لالچند جو تخليقي سفر محترم استاد امين اُڏيرائيءَ جي لاڳيتي رهنمائيءَ جي زير اثر رهيو. سال 2001ع ۾ انٽيل ڪميونيڪيشن جي مالڪ موهن لال مڪواڻه جي دڪان تي اردو سنڌيءَ جي مشهور شاعرن سان ملاقات ٿي، ان جي چوڻ موجب ان جي رهائش گاهه هوسڙي ويندو هو، جتي محمد تقي راجپوت صاحب سان ملاقات ٿي، اهڙي طرح کيس سٺو ادبي ماحول مليو ۽ قابل فخر هوسڙي شهر جي ادبي محفل سروريءَ جي باني ۽ سنڌ جي ڀلوڙ شاعر محترم پروفيسر محبوب سروري جي لاڳيتي علمي ۽ ادبي ماحول جي تسلسل سان شاعري جاري رهي. پروفيسر محبوب سروري جن کيس شاعريءَ ۾ ”لال“ جو تخلص ڏنو، تنهن کانپوءِ شاعري ۾ ”لال“ استعمال ڪندو آهي. لالچند 2000-1999ع ۾ هڪ شاعري، جي محفل سروري جي هفتيوار گڏجاڻيءَ ۾ اچڻ لڳو، ۽ پنهنجي محنت ۽ سٺي اخلاق جي ڪري محفل سروريءَ ۾ نالو ڪڍايو، ۽ شاعرن اديبن لاءِ هر دل عزيز بنجي ويو. لالچند هڪ باهمت عوامي شاعر آهي. انهيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو جو هو سچ کان ڪم وٺي پنهنجي هستيءَ تي احترام ڪري ٿو. لالچند هونءَ ته اردو جو شاعر آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ننڍپڻ اهڙي علائقي ۾ گذريو جتي اردو ڳالهائي ويندي هئي، پر سندس فڪر جي اُڏام گهڻي مٿاهين آهي. لالچند ڪڏهن ڪڏهن تصوراتي دنيا ۾ گم ٿي ويندو آهي، ۽ وري شعر جي صورت ۾ انسان کي آگاهه ڪندو آهي: جِيوَن گُلن جي روپ ۾ گلزار ٿي وڃي، جي لال ماهتاب جو ديدار ٿي وڃي، بس عمر واري ڏيان يا رکي سزا، منهنجي اکين سان جي هو گفتار ٿي وڃي. لالچند ”لال“ 11 ڪتاب شاعريءَ جا لکي تخليقي طور هڪ املهه خزانو سهيڙيو آهي. پنهنجي شاعريءَ ۾ لاڳيتو درد جي ورلاپ ۽ سوز ۾ ئي رهيو آهي. هيءُ نوجوان شاعر دل جي ويرانين ۾ دفن ٿيل احساسن کي لفظن ۾ پروئڻ جي ڏات به رکي ٿو. لالچند جي ٻولي گجراتي، شاعري اردو ۽ پڙهائي سنڌي اٿس. سندس 11 ڪتاب ميرا درد، آنسو، عذاب غم، ڪس ڪو اپنا ڪهون، محبت سي محبت هئي، ياد ڪيا جائون گا، اوم نمه شوائي، ميري محبت قبول ڪريو، تحفئه محبت ۽ هڪ سنڌي ڪتاب سپرين شايع ڪري، هڪ وڏي شاعر جي حيثيت سان پاڻ کي مڃرايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ جوش ۽ همت سان همڪنار جذبا آهن. هارين سان ويساهه گهاتين خلاف دانهون پڻ آهن. ته اقرار واعده، دلڪشي نموني سان ساراهه جي واکاڻ ڪنهن سان وابسته خوشين جو اظهار ته آس ۽ اوسيئڙي، سوز ساراهه جي منجهان ڏوراپا به آهن. اهڙي طرح مصوّر ۽ شاعر ٻئي حُسن پرست هوندا آهن. مصوّر تصوير کي تصوير ٺاهڻ لاءِ رنڱن جو استعمال ڪندو آهي. شاعر پنهنجي خيالات کي لفظن جي ذريعي شڪل ڏيندو آهي. لالچند جي شاعريءَ ۾ وطن پرستي به آهي. جيئن چيو آهي: يه بدنصيبي ميري وطن ڪي هئي ڪيا ڪرون، جو ٿي لٽيري ملڪ ڪي وه رهنما بني. شاعريءَ جي لحاظ کان لالچند کي سمنڊ چئون، ڇو ته يارنهن ڪتابن ۾ لال هر ڪتاب ۾ مختلف نظر آيو آهي. تمام آسان اردو زبان ۾ شاعري، جو هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. لالچند ۾ انهي هُنر جي صلاحيت موجود آهي جو ملڪ جا ماڻهو ”لال“ جا ڪتاب پڙهن ٿا. غم يي نهين که هم ڪو زمانه برا ملا، رونا يه هئي ڪي ايسي زماني ڪو هم ملا. لالچند پنهنجي محنت ۽ مشقت سان هلال جي روزي ڪمائي پنهنجو گذارو ڪري ٿو. ڪريا نه جي هڪ ننڍڙي دڪان تي مسلسل ڏهن سالن کان صبح سوير دڪان، کولڻ ويهڻ، دنڌو ڪرڻ، جيئن هن مهنگائي دؤر ۾ پنهنجي گهروارن کي پريشاني ۽ مشڪلات کان دور رکي سگهي. هلال جي روزي ڪمائي گهر هلائڻ مشڪل ضروري آهي، پرناممڪن ڪونهي، ڪاش سڀ ماڻهو روزي حلال ۽ محبت سان هلن ته اهي گهر جنت بنائي سگهن ٿا. ڪام ڪروڌ، لوڀ، لالچ، موهه، اهنڪار جھڙي پٿريلي رستي تي پاڻ کي هلايو ۽ پنهنجي ڪتاب ”اوم نمه شوائي“ لکي سناتن ڌرم جي لا فاني اصولن تي ڄميل دز دور ڪرڻ وارو پالڻهار آهي.

ڪوي ڀاڳو مل

(1915ع کان 1969-06-08) گُل ٽڙيا ڀونئر ڀريا، پوءِ به پرين ڪونه وريا، اکڙين مان لڙڪ ڪريا، پوءِ به پرين ڪونه وريا. هن سنسار ۾ جڏهن اڌرم وڌي وڃن ٿا. تڏهن ايشور شڪتيءَ سان ڪو اهڙو مها پُرش پرگهٽ ٿي ڌرم جي اَتساپنا ڪري اڌرم جو ناس ڪري ٿو. اهڙوئي هڪ مهان سنت ڪوي سال 1915ع تي سنت پاتارام صاحب، ذات لوا ڳوٺ رامهور پير بچل شاهه تعلقه ڪنري ضلع عمرڪوٽ جي گهر اک کولي. سندس ماتا جو نالو چاندي ٻائي ذات پتڙيه ڳوٺ ٽالهي تعلقه مٺي حال تعلقه ڪنري ضلع عمرڪوٽ جي هُئي. کيس بچپن کان شڌ ساڌوڪي ڀڳتيءَ وارو ماحول مليو. سندس پتا صاحب شري مهاتما بانڪارام صاحب جوشِش هئا. جيڪي پنهنجي ذات ۾ مهان ڌرماتما ۽ سماج سڌارڪ هئا. جن مهوراڻي ۾ خاص سماجي تبديلي آندي، پاڻ جتي ستي برهم چاري، وديا ۽ ڌرم ۾ پروين پڻ هئا. سندس پتا صاحب جي چوڻ موجب شري ڀاڳو مل به شري بانڪارام صاحب کان گرو دکشا نام ڀڄن ورتو. رامهور ۾ سنتن جو آگمن ۽ سوامي بانڪارام، جنهن بعد ۾ سوامي وويڪانند جي نالي سان مشهوري ماڻي. تنهن جي پرچار سان هن ٻالڪ جي من تي وڏو پرڀاءُ ٿيو. پاڻ ننڍي هوندي کان شانت چت ۽ ست سنگ پياسي هوندا هُئا. سندس کاڌي پيتي ۽ اُٿڻ ويهڻ ۾ هر طرح سان ڌرم جي جهلڪ ملي ٿي. سندس پرائمري تعليم نبي سر روڊ ۾ مُڪمل ٿي، ۽ پوءِ هاءِ اسڪول سيڪنڊري لاءِ ٽنڊو جان محمد ويا، جتي پاڻ پهريون انگريزي ۽ پنجون سنڌي پڙهيا. اُن وقت تازو ورهاڱو ٿيو هو ۽ حالتون ٺيڪ نه هيون، جو وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. پوءِ سائين به پنهنجي پتا شري پاتارام صاحب کي دڪان تي هٿ ونڊائڻ لڳو. مال جي خريداري گهڻو ڪري حيدرآباد مان ٿيندي هُئي، ڀڳت پاتارام صاحب خوشحال گهراڻي سان وابسته هئا. ايندڙ ويندڙ مسافر ۽ سنتن جو چڱي طرح سان آڌر ڀاءُ ٿيندو هو. پري پري جا ساڌو سنت، جوڳي فقير اچي وشرام ڪندا هُئا. اهڙي طرح هڪ ننڍڙي ڳوٺ رامهور کان ڌرم جي جوت جاڳي، جنهن مهراڻي ۽ ٻين علائقن کي روشن ڪيو. راهمور گام ۾ بادل برسيا، برس برس پلٽايا، پيوَت جام ڀر ڀر پايا، پاتارام پلايا. (سنت ڀاڳو صاحب) پاڻ شادي شريمتي ساري ٻائي، ڌي منسک ذات چوڏسيه سان ڪئي، جنهن مان اولاد ٻه نياڻيون ۽ ٻه پُٽ آهن: 1. شري ڪرشن لال جيڪو مهان ڌرمي پرچارڪ آهي. 2. کيمون مل جيڪو درزڪو ڪم ڪري رهيو آهي. ڀڳت ڀاڳو صاحب ان ايشور ڀڳتي واري واتا ورڻ ۾ پنهنجي ساڌنا سمپورڻ ڪئي. سندس وديا ۾ سنڌي، انگريزيءَ سان گڏوگڏ هندي شامل رهي. ڌرم نيتيءَ جي کوج ۾ سناتن ڌرم جي مول گرنٿن، ويدن، اپنشدن ۽ سمرتين جو گھرو اڀياس ڪيائون. انهن جو تت سار وٺي پنهنجو جِيوَن سُڌاريندي ايشور ڀڳتيءَ جو سهارو وٺي، رکي ۽ اگياني جِيوَن جي جاڳرتا ۽ ڪلياڻ لاءِ جتن ڪندا رهيا، صبح جو سوير اُٿي سنديا اگني هوتر کانپوءِ گيتا اڀياس ضرور ڪندا هُئا. دُڪانداريءَ مان جيڪو وقت بچندو هو، سو هن ست ڪاريه ۾ لڳائيندا هُئا. روز رات جو ڪافي وقت جاڳي ڪوتا لکندا هئا ۽ اُن جي وسيلي ڌرم ڀڳتي ۽ قومي سجاڳيءَ لاءِ جدوجھد ڪندا رهيا. سندس رچيل ڪوتائن جو ڪتاب ڀاڳچند ڀڄن مالا پهريون ڀيرو ڊسمبر 2000ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڀيرو جنوري 2014ع ۾ ڇپيو آهي. جنهن مان ڪيترن ئي منشن جي هردي ۾ جاگرتا ۽ پرڪاش پيدا ٿيو آهي. چوندا آهن ته سچ ڪڙو آهي، سو اُن سلسلي ۾ ڀڳت صاحب کي ڪافي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. پر هن ويدڪرم يوڳي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه نه ڪئي. هنڌين ماڳين سندس هاڪ پکڙي، ڪيترائي ماڻهو سندس صحبت ۾ اچي لاڀ پرائڻ لڳا. سماج ۾ ڌرم جي تبديلي ۽ سڌاري ڀڳت کي گهڻو پرشن ڪيو، تنهن ڪري پاڻ وڌيڪ اُتساهه سان ڪم ڪرڻ لڳا. ڌارمڪ ياترا ۾ پير پٿورو صاحب، ساڌ ٻيلو ــ سکر، هالا ۽ ڀٽ شاهه تي وڃي صوفين ۽ سنتن جي صحبت ڪندا هُئا ۽ ڀڳتي رس جو آنند وٺندا هئا. چون ٿا ته نيڪ ماڻهو ايشور کي به کپن، سو سائين ڀاڳو مل جو هن مرتيو لوڪ وارو ڪرتويه سمپورڻ ٿي چُڪو هو، سو پاڻ 8 جون 1969ع ۾ ساڌ ٻيلي تيرٿ تان موٽندي، شهدادپور جي پاسي ڪنهن ڳوٺ ۾ پنهنجو سرير ڇڏيو، سندس ڄمار 54 سال هئي. سندس ديهانت هڪ حادثو سمجهيو وڃي ٿو. ڀڳت صاحب جي لاڏاڻي وقت سندس پتا شري پاتارام صاحب حياتي هُئا. سنت ڀاڳو مل پنهنجي ستگروءَ جي سالياني ورسي سانوڻ مهيني ۾ ملهائيندا هُئا، جيڪا اڄ به ڌام ڌوم سان گنگارام صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ اوم ڪار مندر وويڪانند آشرم رامهور ۾ ملهائي وڃي ٿي. ڇا لکي ڪهڙو لکون، هن سنت سالڪ جو بيان، هو گُڻن روپي، گُلن جو بي بها نرمل نڌان. شاعري ڪويءَ جي من ۾ درپڻ آهي. اُن ميلي جگت ۾ هو پنهنجي سنديش ٿو اُماڻي، شري ڀاڳو مل جي ڪوتا ۾ اسان کي جيڪو پيغام ٿو ملي، ان ۾ جگت ڪلياڻ جي هرپاسي تي اهڙي روشني وڌي ويئي آهي. شروعات سو آتم ڪلياڻ کان آهي، گرو کانسواءِ گت ڪونه آهي. اُن ۾ پورڻ وشواس ٿو ملي: سچي ستگرو جي آهي مهما وڏي، چئي ڇا ٻڌايان آهي ڳالهه ڳري. * ڪُڇ ريت سمجهه يار، ڪوڙو آهي هي سنسار، کڻي پنهنجو ڌرم ڌار، ٿيو آهين ڇو لاچار.

دادو رام ”اشراق“ بالاچ

هنجهه مڙوئي هنجهه، ميرو منجهن ناهي ڪو، جتي رهن سنجهه، سو سَرُ ڪن سرهو. ڌرتيءَ جي سونهن، نظارن ۽ آسمان جي اُڏامندڙ پکين کان ويندي ڪائنات جي وستعن تائين هر روز ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا. سوال، جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. سوچون، جيڪي انسان کي شعور بخشين ٿيون. انهن سوچن جي سفر کان ڪي ڏاها ماڻهو ڏات ڌڻي ايترو نه آڳاهون نڪري ويندا آهن. جنهن لاءِ زندگيءَ جي هر موڙ تي سوال ئي سوال ملن ٿا. اهڙا سوال، جن جي جوابن لاءِ هو رات ڏينهن هن سوچن جي گھري سمنڊ مان جڏهن ڪي موتي کين ملن ٿا، ته اُهي خوبصورت لفظن جي صورت ۾ شاعريءَ جو روپ ڌاري اچن ٿا. جيڪي شاعر اهڙا شعر سرجن ٿا جن سان قومون بيدار ٿين ٿيون، منجهن جرئت، همت ۽ حوصلي سان گڏوگڏ نئون ولولو پيدا ٿيئي ٿو. اهي ئي دراصل حقيقي طور عام ماڻهن جي دلين جي ترجماني ڪندا رهن ٿا، اهڙا شاعر تاريخ ۾ امر ٿي وڃن ٿا. اهڙو ئي هڪ روپ روهي چولستان مان جتي بابا فريد جھڙا مهان شاعر، صدارتي ايوارڊ يافته فقيرا ڀڳت جھڙا ڀلا گائڪ، صدارتي ايوارڊ يافته چترا پريتم، انهي چولستان جي مٽيءَ مان جنم وٺي امر ٿيا آهن، اهڙو ئي هڪ نوجوان شاعر دادو رام عرف اشراق بالاچ، جنهن سال 1967ع ۾ شري منسکرام بالاچ ميگهواڙ، چڪ نمبر 9–10 تعلقه خانپور ضلع رحيم يار خان ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو شرو بيبي ڌي صالحورام، ذات پڙهيار ڳوٺ مهر ڪا کوهه تعلقه خانپور، ضلع رحيم يار خان جي آهي. پاڻ پرائمري تعليم 5 درجا پرائمري اسڪول نيل گڙهه مان حاصل ڪئي، ۽ وڌيڪ ڪونه پڙهي سگهيو. گڏوگڏ پاڻ درزڪو ڪم ڪري گذران ڪندو هو، جو 2001ع تائين جاري رهيو. انهيءَ کانپوءِ حِڪمت جو ڪم، حڪيم عبدالڪريم، حڪيم الطاف حسين، امرت جوڳيءَ کان سکيو، 2011ع تائين حڪمت جو ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ پنجابي، اردو، سرائڪي، مارواڙي ڳالهائي سگهي ٿو. پاڻ شادي 1985–11–05 تي شريمتي سيما ڌي امرارام ذات ترڪيه ڳوٺ رحيم يار خان، چڪ نمبر 75 ضلع رحيم يار خان سان ڪئي. جنهن مان اولاد 4 نياڻيون. ۽ 4 پٽ 1. راجيش رياسي ميٽرڪ پاس ڪيو آهي. 2. وجيش بالاچ گهرو ڪم ڪار3. مهيش بالاچ ۽ 4. تان ترميش جيڪي ننڍا آهن. اشراق جا مائٽ اصل ڳوٺ بستي برشڪ جا هئا، جتان 30 سال اڳ ۾ لڏي اچي چڪ نمبر 9–10 تعلقه خانپور ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس ڏاڏو جهانگيرام، جيڪو هميشه ديوان فريد پڙهندو رهندو هو. ان وقت اشراق جي عمر 10 سال هئي ته اها شاعري ٻڌي ننڍي هوندي کان شاعريءَ جو شوق جاڳيو ۽ هلڪي ڦلڪي شاعري ڪندو رهندو هو. 1997ع کان هي بلڪل بحر ۽ وزن تحت پوري طرح شاعري ڪرڻ لڳو، ۽ روهي چولستان ۾ مشهوري ماڻي. هن خاص ڪري سرائڪي شاعري ڪئي آهي جنهن سرائڪيءَ جا 4 لائين جا 500 شعر جوڙيا آهن. مارواڙيءَ ۾ 20 گيت ۽ هڪ غزل لکيو اٿس. پنجابيءَ ۾ ست گيت، هنديءَ ۾ 10 ڀڄن جي رچنا ڪئي آهي. سندس لکيل سرائڪي ڪلام ڪيترن ئي فنڪارن ڳايا آهن. جن ۾ اجمل ساجد ريڊيو ۽ TV فنڪار، صابر لبانا لوڪ فنڪار، روشن لال پڙهيار، جيڪو ناز پروگرام ۾ نشر ٿيو. ”جتي يار ميڏي دا گهر هووي، اوندي در سامني ميرا در هوي“ امير حسن بهاول پور ريڊيو سنگر، جنهن سندس ڪلام ”دل پرزي ڪر ديا هئي سانول ميڏا ڍولا. قسمت رخ بدلائي جين ڏيندا گل نهين رهه جائي چولا“ ستاره لال ريڊيو سنگر، دادلي صاحبه ريڊيو بهاولپور دل پوءِ ملتان جي سنگر، ڪرشن لال ڀيل PTV تي به سرائڪي ڪلام ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. اشراق فلم ”روهي دي راني“ ۽ فلم روهي دا راجا ۾ به ننڍا ننڍا اداڪاريءَ جا رول ڪيا آهن، جنهن پهرين فلم جو هدايتڪار ۽ ليکڪ ڊائريڪٽر صديق اُڄڻ صاحب هو ۽ ٻي فلم ۾ سرائڪي استاد صابر حسين لکي، جنهن جو هيرو مير اسلم حيات ۽ هيروئن سويرا خان هئي. 2005ع ۾ هالي. ڊي. ان هوٽل ۾ هڪ تقريب ضيا شاهد ايڊيٽر خبرين اخبار جو هو، ان جي تعريف ۾ شاعريءَ جي هڪ شيلڊ تيار ڪري پروگرام ۾ پيش ڪئي. جا لائيو GEO چئينل کان ڏيکاري ويئي ۽ خبرين اخبار ۾ ڇاپي ويئي. 2010ع ۾ خانپور ۾ هڪ پروگرام منعقد ٿيو، جتي انڊيا کان 10 مرد ۽ هڪ عورت شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پهريائين ٽائيم اشراق کي ڏنو ويو، جتي، پنهنجي هيٺين شاعري پڙهي. اي وقت دا شاهه دورا ڪر، ڪيوين نپدي اي هن سال اِٿان، متان ساڍي گال پي شڪ هووي، خود ديکهه اکين دي نال اِٿان. اڃا وڌيڪ اهي هي شعر ڪمپوز ڪري انڊيا پاڻ سان گڏ کڻي ويو، جو انڊيا جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ شايع ڪيو ويو. انهي کانسواءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهيد ٿيڻ وقت 4 سٽن جا 50 شعر لکيا اٿس، جيڪي ”سنڌو تيڏي لالڙي“ ۾ محترمه تي شعر ڪيترن ئي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا. بينظير صاحبه جي آصف زرداريءَ کي التجا: ڪرين خيال ميڏي بختاور دا، هووي پارت سئين زرداري، ميڪون قبر دِي وِچ نئين ڀلئي، ميري آصفه ڌي پياري. بن سرپرست بلاول دا، ڪرين تابع ڪل مختياري، مين وطن ڪون ڇوڙي ٽُرپئي هان، تيڏي سر تي رک سرداري. بينظير صاحبه بلاول سان: اي بلاول سئين سُڻ پُتر ميڏا، تيڏي قائم ٿيسي اٿ شاهي، تيڏا دنيا دي وچ نام هوسي، ميڏا ڏيندي دل گواهي. گهٻرا وين نه ڪهين مشڪل وچ، تيڏي نال هوسي ميڏا ماهي. هٿ رک بلاول دل تي تون، ٿيوان اشراق مين راهي. * بينظير صاحبه آصفه بيٽي سي فرماتي هين: نه روڙي آصفه ڌي ميڏي، ساڊا مولا نگهبان ئي، جيوين مين قرباني ڏي گئي هان، ٿيوو تُسان وي قربان. اين روشن ٿيوي نان ساڊا، ٿيوي خوش پيا ڪُل جھان. جند پاڪستان تي وار ڏيسون، ساڊا جيوي پاڪستان.

ميوو ”مجروح“ ٿري

(1966–08–01 کان 1985–10¬–22) جي ڌُران ئي ڌاريان، سي پڻ شاهوڪار، پر لولي لاءِ لاچار، سانگي منهنجي سنڌ جا. هن ڌرتيءَ تي ڪيترائي آدرشي انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن انفراديت کان مٿي نڪري اجتماعي جياپي ڪاڻ جيئڻ، پنهنجي زندگيءَ جو اصول بڻائي ڇڏيو، ۽ پنهنجي پوري زندگي انياءَ خلاف ويڙهه ۾ گذاري ڇڏي. اهڙي املهه ماڻهن مان ميوارام ”مجروح“ ٿري به هڪ هو، جنهن جو پنهنجي ننڍڙي وهيءَ ۾ ادا ڪيل ڪردار يقينن مثالي هو. ميوو مجروح ٿري پهرين آگسٽ 1966ع تي ٿر جي قديمي ڳوٺ پاٻوهر ۾، هندو ازم جي ذات پات جي سماج ۾ اڇوت سمجهي ويندڙ ميگهواڙ ذات ۾، شري ڀمرو مل پنئار جي گهر جنم ورتو، سندس ماتا جو نالو بچان ڌي مولچند، ذات پنهون ڳوٺ ڀڪوئو تعلقه مٺيءَ جي هئي. کيس ٻه ڀائر آهن هڪ شري ليمون مل، جيڪو پرائمري ماستر آهي ۽ ٻيو ريجهو مل، جيڪو درزڪو ڪم ڪندو آهي. کيس ننڍي هوندي ئي راڳ ۽ وديا سان تمام گهڻو چاهه هوندو هو. سهڻي سڀاءُ ۽ نهٺائي جي ڪري هر ڪو کيس ڀائيندو هو. هر ڪنهن سان کلي ملڻ سندس اصول هو. جڏهن پڙهڻ جي لائق ٿيو ته مائٽن کيس ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ذهانت ۽ هوشياريءَ جي ڪري ٻين ڇوڪرن کان هميشه پڙهائيءَ ۾ اڳڀرو رهيو. سندس هوشياري ۽ قابليت جي ڪري پهريون ۽ ٻيون درجو ڊبل پرموشن ذريعي سال 1974ع ۾، ۽ ٽيون ۽ چوٿون درجو 1975ع ۾، ۽ پنجون درجو 1976ع ۾ پاس ڪيائين. اهڙيءَ طرح پرائمريءَ جا پنج درجا پنج سالن جي بدران ٽن سالن ۾ پاس ڪري، ساڳئي ڳوٺ جي برانچ مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيو. 1979ع ۾ برانچ مڊل اسڪول مان مڊل اسٽينڊرڊ جو امتحان پاس ڪري، اسڪالرشپ به کنيائين. هن 1981ع ۾ ميٽرڪ ۽ 1983ع ۾ ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد مان انٽر پري انجنيئرنگ پاس ڪيو. انٽر کان پوءِ ڪمزور مالي حالتن سبب وڌيڪ پڙهائي جاري رکي نه سگهيو، ۽ روزگار جي تلاش ۾ حيدرآباد پهتو، جتي سنڌ جي ناميارن اديبن، شاعرن ۽ سماجي ڪارڪنن جي صحبت نصيب ٿيس. پاڻ ڪجهه وقت ماهوار ”پارس“ ۽ هفتيوار ”هدايت“ ۾ به ڪم ڪيائين، آخر ۾ عظمت ادبي اڪيڊميءَ جو انچارج به رهيو. حيدرآباد ۾ مصروفيتون وڌڻ ۽ سستين هوٽلن جو کاڌو کائڻ سبب سندس طبيعت خراب ٿي پئي. مدي جي بخار سبب ڊاڪٽرن آرام جي صلاح ڏني ۽ پاڻ آرام خاطر گهر رهڻ کي ترجيح ڏني، ۽ نئون ڪوٽ ڀر سان (جتي سندس پيءُ هارپو ڪندو هو) اچي رهيو. مدي جي بخار سبب سخت کاڌو کائڻ جي منع ٿيل هئس پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ضد ڪري ٻاجهر جي ماني کاڌائين، جنهن ڪري آنڊي ۾ ڦٽ ٿي پيس. پهريائين علاج لاءِ نئوڪوٽ جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، ۽ بعد ۾ سول اسپتال سانگهڙ نيو ويو جتي نا تجربيڪار ۽ اڻڄاڻ ڊاڪٽر حنيف اعواڻ سندس آنڊي جو آپريشن ڪيو، جيڪو ڪامياب نه ويو. 09 سيپٽمبر کان 09 آڪٽوبر تائين ايل ايم سي اسپتال حيدرآباد ۾ زير علاج رهيو، جتان لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪري، 29 آڪٽوبر تي ٻيهر آپريشن ڪيو ويو، پر سندس زندگي بچي نه سگهي، تاريخ 22 آڪٽوبر 1985ع جي صبح جو 9 بجي هي املهه انسان اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. کيس سندس اباڻي ڳوٺ پاٻوهر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. علاج دوران کيس 44 رت جون بوتلون لڳيون، علاج دوران گهڻگهرن سندس زندگي بچائڻ لاءِ هڙان وڙان مدد ڪئي، جنهن ۾ ڏامرو مل ۽ سائين ديال داس رٽائرڊ تپيدار وڌيڪ سرگرم هئا. سُر سنگيت سان شروع کان وٺي وڌيڪ چاهه هئس. هو بهترين راڳي پڻ هو، شعرو شاعري هن هاءِ اسڪول مٺيءَ مان شروع ڪئي. ان وقت جي هيڊ ماستر محمد عثمان کٽي سندس صلاحتين کي پروڙي ورتو. هڪ فنڪشن ۾ هاسٽل ۾ ملندڙ دال تي شاعري ڪرڻ جو چيو، ۽ مجروح ”دردن واري دال“ جي عنوان سان مزاحيه ۽ پُراثر شعر ٺاهي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي، هن جي رومانوي شاعريءَ ۾ جذبن کي جاڳائڻ ۽ احساسن کي ڇهڻ جو مثالي ۽ نرالو انداز آهي. شاعريءَ ۾ سندس رهبر سنڌ جا نالي وارا شاعر محمد عثمان کٽي، معمور يوسفاڻي ۽ ٻيا رهيا. ڪاليج جي زماني ۾ هو شاگرد جدوجھد جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو، ان وقت هن مزاحمتي شاعري پڻ ڪئي، جنهن ۾ هن هارين جي ڏکن کي بيان ڪندي، انهن جي حقن جي والهانه طور وڪالت ڪئي آهي. مثال طور: حيا نٿو ڪرين هارين جو هو ويندي وڏيرپائي، رعب رکي هارين تي ٿو ڪرين آڪڙ اجائي. * وڏيرا وڏائي جي هڻين ڇو ٿو ڄاڙي؟؟؟ مگر تنهنجي هاري ڪٽيندا ڪياڙي. * اتحاد ڪريو اتحاد ڪريو اڄ قوم پنهنجي آباد ڪريو، هي جابرن جي جوءِ ۾ رهي ٿو، طرحيه طرحين جا سور سهي ٿي، جيئن واهن ٿا تيئن وهي ٿي، اڄ قوم پنهنجي آزاد ڪريو. * ڌريان ئي ڌاريا، سي پڻ شاهوڪار، پر لولي لئه لاچار، سانگي منهنجي سنڌ جا. هڪ هنڌ هو ڀڳوان سان به شڪايت ڪندي چئي ٿو ته: عجب جھڙيون لڳن ڳالهيون خدا تنهنجي خدائيءَ ۾، اٿم افسوس هيڻن سان رهين ڇو ٿو جدائيءَ ۾. * غريبن ۽ يتيمن جون هتي عزتون پيون لٽجن، ڪنوارا گهوٽ پيا ڪسجن، نياڻيون روز پيون کسجن، قسم سان چوان ٿو ايئن مان ڪمي ناهي ڪڌاني ۾. هندوازم جي غير انساني نظام، جنهن ننڍي کنڊ جي وڏي آباديءَ جي زندگين کي جھنم ۾ بنائي رکيو، تنهن بابت مجروح جو چوڻ آهي ته: اسان ڪافي سٺيون آهن مگر هاڻي نه سهنداسين، اسان آخر جيئڻ خاطر به ڳولي راهه لهنداسين. * ڪنن ۾ گرم پاڻي شيهو جن پلٽايو، اهڙا ئي وير، ويرين کان وڄائي سڀ وٺنداسين. هر سال 22 آڪٽوبر جو ميوارام ”مجروح“ ٿري جي ورسي ڳوٺ پاٻوهر ۾ ملهائي ويندي آهي. جنهن ۾ سنت ٿر جا ڪيترائي دوست، اديب، شاعر ادبي روح کي ڀيٽا ۽ شرڌانجلي پيش ڪندا آهن. تون ته ورڻو هئين وسڪارن ۾، ڪونه موٽئين ميگهه ملهارن ۾.

همير

پکي سڀ مچن، هنج هميشه ڏٻرا، ماري سندي مامري، سدا رُڃ رهن، لوڪ ستو ننڊون ڪري، هو آڌي ٿا اڏرن، الله تنهن پکين، سمهي سُک نه ماڻيو. ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جو انسان جي سڀ کان عظيم ”تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءَ جو نالو نه آهي پر شاعري دل جو آواز آهي. سجاڳي جو پيغام آهي. پنهنجي دل جي آواز کي، سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالها ۾ پروئڻ جو ٻيو نالو شاعري آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو. تنهنڪري فطري طور هر سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا. ڪن شاعرن کي اهڙي قدرتي ڏات نصيب ٿيل هوندي آهي، جو سندن هر ڳالهايل جملو به شعر ٿي وڃي ٿو. اهڙو ئي هڪ اڻپڙهيل ميگهواڙ جاتيءَ جو غريب شاعر، نالي همير پٽ سڄڻ ذات ڪڏيچو تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ڪمهالو ۾ 1933ع ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو ٻائول هو. ٻائول تيجو ڪونهٽ جي ڌي ڳوٺ هٿرائي تعلقي ڏيپلي جي هئي. سگهڙ جي طور مشهوري ماڻيندڙ همير، تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ سڌوئي مان پنهون هينگڙي جي ڌي سونا ٻائيءَ سان 1956ع ۾ شادي ڪئي. کيس ڪو به اولاد نه ٿيو. پاڻ اڻ پڙهيل آهن، پر سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين تي عبور اٿن. سندن پسنديده پوشاڪ سفيد آهي. ننڍي هوندي کان مال چاريندا هئا ۽ هارپو ڪندا هئا ۽ هاڻ وڏي عمر جي ڪري ڪو به ڪم ڪو نه ٿا ڪن. پاڻ سگهڙ شاعر آهن، ڪيترن ئي رسالن ۾ شاعري ڇپي ۽ سگهڙ محفلن کي سجائي رکيو. ويل: سگهو رس رامڏي اچ اوکي مان اُڪار سڻ سڏ مون سائل جا وهيلي ڪج واهر سڪ منجهان پيو سڏ ڪريان۽ پريم سان پڪار اچ اڱڻ اسانجي مون تي ڀاري آهي بار اچي ڇڏائي هن اڙي مان تون مانجهي مڻياندار دوا ڏي هن درد جي مون هيلا ڪيا آهن هزار ڪيترا ڪاغذ لکيا مون پوڪرڻ جي به پار تڏهن تونئر تنوار ڪئي ته مون به ڪئي آهه پرڀو کي پڪار رک ڪم رام تي همير هنيئون نه هار تنهنجو ترهو توڪل تي ٻيڙو ٿينديئي پار.

چتون روهلائي

بيت ڀٽائيءَ وانگيان، وري لکان آنءُ، وري سکان آنءُ، ٻولي شيخ اياز جي. جھڙي نموني هڪ آرٽسٽ پنهنجي اندر جو آواز ڪنهن تصوير جي روپ ۾ اظهار ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح شاعر به پنهنجي اندر جا اڌما، احساس ۽ خيال لفظن جي رنگين موتين سان هڪ مالها ۾ پروئي پيش ڪندا آهن، ۽ پنهنجو پاڻ کي هميشه امر رکندا آهن. اهڙوئي هڪ ٿر جي ٿڌڙي واريءَ ۽ ڀٽن ۾ ويڙهيل ڳوٺ روهل، تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر ۾ تاريخ 26 جنوري 1978ع تي شري موٽو مل ڀڍو جي گهر اک کولي، سندس ماتا جو نالو مصران ڌي ميگهو ذات پنهون، ڳوٺ ڪنئورل تعلقه ڏيپلو جي رهواسي آهي. پاڻ پرائمري تعليم 5 درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول روهل مان، سال 1983ع ۾ پاس ڪيائين ۽ ميٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول ڏيپلو مان سال 1993ع ۾ پاس ڪيائين، ۽ انٽر 1994ع ۾ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم جاري نه رکڻ ڪري هُن ٽيڪنيشن لائين اختيار ڪئي، جو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڊپلوما هڪ سال ڪورس X-Ray ٽيڪنيشن ڪيائين، ۽ 3 مهينا آءِ (Eye) هيلٿ ٽيڪنيشن ايل. آر. بي. ٽي ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين، جيڪو اکين جو مفت علاج وارو ادارو آهي، جنهن اداري ۾ اڄ تائين نوڪري ڪري رهيو آهي. جنهن اسٽيج تان ڪافي ٿر جي غريب نابين ماڻهن جا مفت ۾ آپريشن ڪرائي نُور سان روشناس ڪرائي، دعائون حاصل ڪري رهيو آهي. پاڻ سنڌي، انگريزي، اردو ۽ ڍاٽڪي ٻوليون لکي پڙهي سگهي ٿو. پاڻ شادي تاريخ 1999-01-21ع تي شريمتي راڌان، ڌي مگهو مل ذات درڙو ويٺل شهر مٺي سان ڪئي، جنهن مان اولاد 3 نياڻيون 1. دُرگا ڇهون ڪلاس پڙهي ٿي. 2. ديا ٻيو ڪلاس پڙهي ٿي ۽ 3. حنا گل، جا ننڍي آهي. ٻه پٽ آهن 1. پارس گُل ٻيو ڪلاس پڙهي پيو ۽ ٻيو گريش ڪمار جيڪو ننڍو آهي. سندس ننڍي هوندي اسڪول واري ٽائيم کان ئي شاعريءَ سان لگن هو. پهريون شعر 1988ع ۾ سندس استاد مسٽر آچار عابد نهڙي جي فيئر ويل پارٽي، هاسٽل ڏيپلو ۾ پڙهيو ۽ پوءِ لڳاتار هاءِ اسڪول جي مختلف پروگرامن ۽ فنڪشن ۾ شاعري پڙهندو رهيو. پنهنجي محنت ۽ لگن سان پوري شاعريءَ تي پاڻ مرادو مهارت حاصل ڪئي، جا قدرت طرفان ڏات مليل هئي، 1995ع کان مڪمل شاعر جي حيثيت سان شاعري ڪندو رهيو آهي. سال 1993ع ۾ شنڪر لال مختيارڪار ويڙهار واري جي معرفت، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ٻارن جي ٻاري پروگرام ۾ شريڪ ٿيو جتي علي محمد جمالي ڪمپيئر هو. اُتي پنهنجو شعر، ”ٻارو سونهي سدا ماستر ٿو ٻارن ۾ جيئن چنڊ تارن ۾“ پڙهيو. پنهنجي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”ڀٽن مٿي ڀُڻڪار“ سال 2009ع ۾ آزاد پبلشنگ هائوس حيدرآباد پاران ساحل ٻالاڻي (هيلاريو پير) جي سهڪار سان شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ هن ٿر توڙي هر موضوع تي شاعري ڪئي آهي، جنهن مان هڪ غزل هيٺ ڏجي ٿو: اچو ته ڪاري اُماس ۾ اڄ ڏيئا ڏيئا ٿي جلون وو يارو، اچو ته گڏجي نگر نگر کي نکار روشن ڪيو وو يارو. اچو ته بنجي بهار بادل، وسون وطن جي خطي خطي تي، اچو ته ڌرتي سنڌي ڌڻي تي حسين گُل ٿي ڦٽون وو يارو. اچو ته چڻگن منجهان شعاع ٿي شعاع منجهان بي شمار شعلا، اچو ته شعلن سندي شمع ٿي شمع فروزان ٿيون وو يارو. اچو ته حُب جي هوا هلائي، گس گس تي گلاب هاريون، اچو ته سڀ جا حبيب بڻجون، اچون ته هڪ ٿي جيون وو يارو. اچو ته هر رات ”روهلائي“، رهون رچائي رهاڻ رونق، اچو ته هڪڙي نئين جھان کي، نئون جنم ڪوڏيون وو يارو. چتون روهلائي هڪ سٺو ڪمپيئر آهي، جو مختلف پروگرام توڙي شادين مرادين ۾ ڪمپيئرنگ ڪري، ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پيدا ڪرڻ جو ڏانءُ پڻ رکي ٿو. پاڻ ريڊيو پاڪستان مٺيءَ ۾ ڍاٽڪي ٻوليءَ جي ڪمپيئر جي حيثيت سان اڄ تائين لاڳاپيل آهي، ۽ هيءُ پهريون نوجوان آهي، جنهن ڍاٽڪيءَ ۾ مزاحيه پروگرام پيش ڪري، ماڻهن ۾ خوشيون ورهايون ۽ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. سندس شاعريءَ جي مڃتا طور کيس ايوارڊ سال 2006ع ۾ روحل ادبي ڪانفرنس پنوعاقل جي موقعي تي، امر وير لڌارام ايوارڊ سان نوازيو ويو. چتون روهلائي شاعريءَ سان گڏوگڏ فن گهڙي نواز به آهي، جنهن سان محفلن ۽ ستسنگ ۾ گهڙو وڄائي سڀني حاضرين کي جهومائي ڇڏيندو آهي. گهڙي ۾ سکشا ڏيندڙ ڪانجي ڀڊو ڳوٺ روهل جو سرڳواس ٿي ويل آهي، ان کان ورتي. انهي وقت گهڙو سادي انداز ۾ وڄايو ويندو هو. پر چتون روهلائي هن جديد دؤر ۾ انهي گهڙي کي طبلي جي اسٽائيل ۾ وڄائي نواڻ آندي. گهڙي وڄائڻ جون ماترائون، ڪلواڙو، لڳي، ٽپورو، سادي، ڏيڍي، ڏوڙي، چوتال، هنچ ۽ داڌرو وغيره وڄائڻ جي مهانتا رکي ٿو، ۽ اهي ماترائون گهڙي تي وڄائڻ متعارف ڪرايو. گهڻو ڪري مهيني ۾ 20 ڏينهن ستسنگن ۾ رات پوري گهڙو وڄائي داد حاصل ڪندو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي نوڪري ۽ ڌنڌي سان به سچائي ۽ ايمانداريءَ سان نڀائي رهيو آهي. هو هڪ اڻورچ ۽ محنتي نوجوان آهي، هميشه نين راهن جي تلاش ۾ رهندو آهي. پاڻ پير پٿورو ماڙي، ساردڙو، انچلي سر، چوڙيو مندر ۽ هنگلاج ماتا، جتي ڪڏهن گهڙو ڪونه وڄايو ويو، اُتي به هي پهريون شخص آهي، جنهن گهڙو وڄائي مهانتا حاصل ڪئي، انهيءَ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي گهڙي نواز آهن، جھڙوڪ: ويسو جئپال اکاڻي، ڪرمون ڦليو، هريش ارنرو، مڪيش ڪيرٽي، ليلارام مئو، سورداس ڀڳت تاراچند به سٺا گهڙي نواز آهن، پر چتون روهلائي پنهنجو مَٽ پاڻ آهي.

مولچند ڪڏيچه

سڄڻ تون نه ڇڏيج، آئون جيئان تو آسري، سڀئي پاڙون سور جون هڪ لهجي منجهه لاهيج، هڪ تون نه منهن مٽيج، لوڪ مٽيو ته گهوريو. ٿر جي ڀٽن ۾ ڪيترائي ڪاريگر چاهي رازا هجن. مورتي ساز هجن، اُڻ ڪر هجن. استاد هجن، جن ٿر جي سينڌ کي پنهنجي ڪاريگري ڪلا سان سينگاريو آهي. اهڙي ئي هڪ مشهور هستي اُڻڪر شري مولچند ڪڏيچه، جنهن جو جنم سال 1914ع تي سرڳيه سڄڻ مل ڪڏيچه ڳوٺ ويڙهار تعلقه ڏيپلو ۾ ٿيو. سندس ماتا جو نالو تيجان ذات درڙي ڳوٺ مُنگهٽ ڌي ڏيچند هُئي، جا هڪ وڏي گيتار (گيت ڳائڻ واري) هُئي. پاڻ شادي ڳوٺ لسيو تعلقه ڏيپلو مان پاتو نک واڻيون جي سپتري نالي منڀان سان ڪئي، جنهن مان کيس پنج پُٽ آهن 1. چيتن لال HST رٽائرڊ آهي BPS-17 2. هرچند رٽائرڊ BPS-18 HST آهي. 3. بالم ڪلارڪ ايجوڪيشن. 4. شيوڪ ليبارٽري ٽيڪنيشن رٽائرڊ 5. شنڪر لال جيڪو هن وقت مختيارڪار آهي. مالدار هئڻ ڪري مال چاريندو هو. ان وقت فوني تي رڪارڊ وڄندا هُئا ۽ ڪچهرين ۾ ڀڄن ۽ ڪافيون ٻڌڻ ڪري سندس شوق ڳائڻ وڄائڻ تي ٿيو، ۽ سندس شوق گهڙو وڄائڻ، چنگ وڄائڻ، پاوا ۽ بانسري وڃائڻ وغيره هو. پاڻ صفائيءَ جو ڪوڏيو آهي، ۽ هميشه پنهنجي پاڻ کي صاف سٿرو ۽ اپ ڊيٽ رکندو آهي. تنهن ڪري ڳوٺ جون عورتون مختلف نالن سان پڪارينديون هيون، ڪڏهن ”مولو ڦليليو“ ڪڏهن مولو ”کُڙيا مک“ معنيٰ کُڙيون به صاف سٿريون! پاڻ جو شروعاتي شوق راڳ سان هو، سو وقت جو مشهور ڀڄني هو ۽ آهي. جهرمٽ، آگم ۽ وڏا ڀڄن پر سڀ کان وڌيڪ عبور ”گينڊو“ ڀڄن تي آهي ۽ ڪهاوت مشهور آهي ته ”گينڊو ڳائي ته مولو ڳائي، ڪڏيچو ڳائي“. جو اڄ تائين راڳ سان دوستي آهي، ۽ ڪچهرين ۾ ڳائي سڀني حاضرين کي ريجهائي ڇڏيندو آهي. گينڊو ڀجن وڏو ڀڄن آهي، جو ارٿ ڪري ڳائيندو آهي. ڪم جي لحاظ کان هنرمند هو، سڀ ڪم ڪري سگهندو هو. جھڙوڪ سرون وجهڻ، اڏاوت ڪرڻ، واڍڪو ڪم ڪرڻ سڀ ٺيڪ ٺاڪ ڄاڻندو هو. پر سندس خاص ڪِرت اڻڪر هئي جنهن تي پوري پوري مهارت هئس. اُڻڻ جي کيس 40-50 نمونن جي ڄاڻ آهي. جنهن ۾ کٿا، لويون، کيس، نوارون وغيره جو ماهر آهي. هنر هئڻ ڪري کيس وڏي رسائي حاصل ٿي. خاص ڪري ارباب ڪميونٽيءَ سان واسطو پيو، تنهن ڪري سندس ٺاهيل کٿا ۽ کيس وڏين هستين، وڏيرن ۽ پيرن تائين پهتيون. ايتري قدر جو سندس ٺاهيل کيس ۽ کٿا مُلڪ جي سربراهن صدر غلام اسحاق خان، نواز شريف، محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه، شوڪت عزيز ۽ ڪيترائي وزير اعليٰ ۽ اُن کان وڏي درجي جي ماڻهن کان علاوه انڊيا ۾ رهندڙ لهاڻه، ٺڪر، سعودي ۾ رهندڙ ميمڻ ڪميونٽيءَ جا ماڻهو اڄ به آرڊر تي کائنس چادرون وغيره ٺهرائيندا آهن. اهڙي طرح انهي هنر مان ڪافي ڪمايو ۽ سندس اولاد کي پڙهايو، جو وڏن عهدن تي رهي چُڪا آهن. سندس واسطو اربابن سان هو خاص طور تي ارباب حاجي الهجڙيو صاحب کيس همٿائيندو هو ۽ چوندو هو ته ٻار پڙهائج، خرچ نه هجي ته آئون ڏيندس. سندس همت افزائيءَ سان علم جو شوق وڌندو رهيو. سال 1965ع واري ڪڇ رڻ واري جنگ ۾ پاڪستان آرمي ڳوٺاڻن کي بيگر ۾ رڻ ڪڇ ڏانهن وٺي ويئي، تڏهن اُتي انهن سان ڊيل ڪري، سڀني جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڊيوٽي ڪرائي خيريت سان واپس وٺي آيو. بعد ۾ 1971ع واري لڙائيءَ ۾ به سڄي ڳوٺ جو بچاءُ ڪيو، فوجي ايندا هئا ته انهن کي کاڌي ۽ رهائش جو بندوبست ڳوٺاڻن کان يا ڪٿان نه ڪٿان ڪري پورائو ڪندا هئا. ڪڏهن به فوجين کي موقعو نه ڏنو ۽ وڃڻ وقت کيس Good Certificate به ڏنا آهن. پاڻ هڪ سوشل ورڪر آهن. هن پنهنجي زندگي سماج لاءِ ارپي ڇڏي آهي. مهمان نواز به ايترو هو، جو جنهن وقت لنگهڻ ڪاٽيندا هئا، ان لپ لاءِ ماڻهو سڪندا هُئا، هن دل نه لاٿي، ڪيترا ۽ ڪهڙا به مهمان اچي وڃن دل کولي هڻي ڌڻي کارائيندو هو. بيماري سيماريءَ ۾ بيمارن سان گڏ کين اسپتالن ۾ پهچائڻ ۾ گڏ هوندا هئا ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. هڪ اصول پرست انسان آهي. ڪڏهن نه ڪنهن کي وڙهايو. هميشه امن پسند رهيو. جيڪڏهن ڪو چار لفط چئي ويو ته برداشت ڪندو هو. تعليم جي باري ۾ جيڪو هن ڪم ڪيو آهي، شايد مثال ملڻ مشڪل آهي. 1962ع ۾ ڳوٺ ۾ هريجن ڪالوني اسڪول کولائي، ان وقت سرڪاري ملازم سائين ٺاڪرو مل، مرحوم تاملچند ۽ ڀڳت جيرام داس مرحوم همت افزائي ڪرائيندا هئا پر آفيس ۾ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ وارو هيءُ شخص هو. جڏهن هريجن ڪالوني کلي ته دل ۾ خيال آيس ته مڊل اسڪول کليو ۽ هن جي دل ڀرجي آئي ۽ خيال ٿيس ته هاءِ اسڪول ڪرائجي. انهي وقت سندس مالي حالت به ٺيڪ ٿي ويئي ۽ چار ماڻهو به کيس سڃاڻيندا هئا. تنهن انهي ڪم ۾ جُٺجي ويو. ڪافي خرچ ۽ ڍُڪ ڊوڙ ڪري ڏينهن رات هڪ ڪري، ڪجهه ڦوڙي ڦراڙي ڪري، ان وقت ۾ 25 هزار روپيه خرچ ڪري پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، MQM جي قتل و غارت واري دؤر ۾ به گهر کان 7-8 مهينا ٻاهر رهي. سِر تريءَ تي رکي مار مارا واري دؤر ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جا چڪر لڳائي، نيٺ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي هاءِ اسڪول منظور ڪرائي آيو. هڪ اصول پرست انسان آهي، جيڪو اسٽينڊ وٺندو هو، ان تان ڪڏهن ڪونه ڦريو، تنهن ڪري ڪيترو ئي مالي ۽ جاني نقصان به برداشت ڪيائين. 58-1957ع جي دؤر ۾ جڏهن صدر ايوب خان پهرين BD اليڪشن ڪرائي، تڏهن اربابن طرفان اميدوار ٿي بيٺو، پر هارائي ويو پر هٿ نه کنيو. هي اهو وقت هو ج’ڏهين ٺڪرن جي سامهون ڳالهائڻ به ڏوهه هو. پر هن انهن جي سامهون فارم ڀرايو، اُن وقت ڪيتري ئي رقم ٺڪرن طرفان آڇي ويئي ته هٿ کڻ، پر پنهنجي اصول تي پڪو رهيو ۽ هٿ نه کنيائين. ڳوٺاڻن جي ڪجهه ماڻهن کي نوڪريون ڏياريون ۽ برادريءَ جي ماڻهن کي پري کان بدلي ڪرائي انهن کي سهوليت وٺي ڏنائين. 1973ع ۾ سندس گهر واري موڪلائي ويئي بعد ۾ کيس ٻي شاديءَ لاءِ ڪافي زور ڀريو ويو، پر هُن اهو چئي جواب ڏنو ته مڙس جو مرڻو ۽ پرڻو هڪ آهي. بُت پرستيءَ جي سخت خلاف هو ۽ پاڻ ڀڳوان جي شيوا هميشه لڪي ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ڌڻيءَ جي شيوا سان منهنجيون سڀ دلي تمنائون پوريون ٿيون آهن، ۽ آئون پاڻ کي هڪ خوشنصيب انسان سمجهان ٿو. محنت ڪئي ۽ ٻچن ڪمايو جو اڳم درتي گڏهه به ڪونه هو، اڄ اُتي پيجارو گاڏيون ۽ رهڻ لاءِ بنگلا آهن. ٽائيم تي رٻ ڪونه ملندي هُئي اڄ اُتي ٺٺ لڳا پيا آهن. اِها سڀ سچائي، محنت ۽ ايشور جي ڪرپا آهي. اهڙي طرح مولچند ڪڏيچه اڄ ته 100 سالن کان مٿي عمر ۾ آهي، پر اڄ به جوان نظر اچي ٿو. چار وڏا ماڻهو عزت ڪن ٿا. معزز ماڻهن جي لسٽ ۾ شمار ٿيئي ٿو. ڀڳوان اڃا به کيس ججهي ڄمار ڏي، مطلب ته آدرش، ڀڳت، سچو، ايماندار، يڪ سخنو انسان آهي. کيس ڌنيواد هجي. تلسي جتنا هيت حرام سي، اتنا هري سي هوءِ، سيڌا جائي وئنڪٽ ۾، تيرا پلا نه پڪڙي ڪوءِ.

هرجي لال

(بين الاقوامي مڃتا ماڻيندڙ صحافي) ڏيئي وانگر ڏيندو رهيس روشني مان هر ڪنهن کي، ڪاش! ڪوئي ته سمجهي ها، منهنجو جلڻ منهنجو سڙڻ. ميگهه ونس جاتيءَ جا ماڻهو صدين کان هر فن ۾ مهارت رکندا اچن پيا، اهي ڌارمڪ هجن، سماجڪ، هجن، تعليم دان هجن، مورتي ساز هجن، آرٽسٽ هجن، گويا هجن، مطلب ته هر فن ۾ انهن پاڻ ملهايو آهي. اهڙي ئي هڪ نوجوان هرجي لال، جنهن سرڳيه مائيون مل ڪاڳي جي گهر ڪوٽڙي شهر ۾، 22 فيبروري سال 1973ع ۾ جنم ورتو. سندس پتا اصل تلهار شهر ضلع بدين ۾ رهندو هو، جنهن 1970ع ۾ لڏي اچي ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. هرجي لال جي ماتا جو نالو لاڏو ٻائي ذات پينگهور جا بدين ضلع جي هئي. هرجي لال شادي 27 مارچ 1994ع تي شريمتي جمنا ڌي رامجي ذات موسڙيا، ويٺل ڳوٺ عالي جوڻيجو لڳ تلهار ضلع بدين سان ڪئي. جنهن مان کيس 4 نياڻيون. 1. ريکا جا مئٽرڪ ۾ آهي 2. تلسي ٻائي جا ستين ڪلاس ۾ پڙهي پئي. 3. راجونتي جا ٽئي ڪلاس ۾ ۽ 4. ورشا جا پهرين سنڌيءَ ۾ پڙهي ٿي، ۽ کيس ٻه پٽ آهن. 1. نندلال جو 7 ڪلاس ۽ ٻيو هريش ڪمار جو 4 ڪلاس ۾ پڙهي پيو. هرجي لال جي جنم ٿيڻ جي ڏيڍ سال بعد سندس پتا مائيون مل ديهانت ڪري ويو. پاڻ ٽي ڀاءُ ۽ ٻه ڀيڻون آهن. پتا جي وفات کانپوءِ سندس ماتا شريمتي لاڏو ٻائي غربت هئڻ ڪري، محنت مزدوري ڪري ٻچن کي پاليندي هُئي. وڏو ڀاءُ ڪلاس 8 تائين پڙهيو، پر معاشي حالت ٺيڪ نه هئڻ ڪري فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. هرجي لال گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ پرائمري تعليم ورتي، پنجين درجي ۾ آيو ته سندس ماتا به فوت ٿي ويئي، تنهن ڪري سندس پڙهڻ مشڪل ٿي پيو. پر هُن دل نه هاري ۽ شام جي ٽائيم بوٽ پالش جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. صبح جو اسڪول ويندو هو ۽ شام جو بوٽ پالش ڪري پنهنجي ڪتابن جو خرچ ۽ گهرو خرچ ڪندو هو، ۽ پڙهائي جاري رکيائين. پاڻ سال 1992ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوائز ڪوٽڙيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ پوءِ ڊگري ڪاليج مان بي. اي پاس ڪيائين. پاڻ گُجراتي، سنڌي، اردو، انگريزي، ڍاٽڪي ٻوليون ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهي ٿو. ، بوٽ پالش واري وقت کان هو هوٽلن تي اخبارون پڙهندو هو، ۽ پوءِ ليئبرري وڃي اخبارون پڙهڻ سندس عادت ٿي ويئي. سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ لاءِ به ڪافي لٽريچر جو مطالعو ڪندو رهيو. مئٽرڪ کانپوءِ کيس هڪ هندو مذهب جي ڪتابن جي اشاعت جي اداري، سندر شيوا منڊليءَ ۾ نوڪري ملي، ۽ ان اداري جي طرفان هر سال پوري سنڌ جو دورو ڪيو ويندو هو. مذهبي اداري ۾ ڪم ڪرڻ باوجود مٿس مذهبي طور ڪوبه اثر نه پيو سنڌ جي دوري دوران هن سنڌ جي هندو برادريءَ جي حالت ڏٺي. هندو مذهب ۾ اونچ نيچ ۽ ڇوت ڇات جي ڪري ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل، اوڏ ۽ ٻيون ذاتيون تمام خراب حالت ۾ زندگي گذاري رهيا هُئا. نوجوانن ۾ ڪوبه شعور نه هو، تعليم به نالي ماتر هئي. هيٺين طبقي جي ماڻهن کي ٻڌايو ويو هو ته اوهان ماڻهن کي ڀڳوان غلام ٿي رهڻ، ۽ خدمت ڪرڻ لاءِ پئدا ڪيو آهي. اهو ٻڌي ۽ ڏسي هرجي لال جي اندر ۾ انهن غريبن جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي جوت جاڳي، ۽ هُن اهو وڌيڪ سمجهيو ته اهو ڪم اخبارن جي وسيلي ماڻهن ۾ شعور پئدا ڪري سگهجي ٿو، ۽ انهن جو آواز سرڪار جي ڪنن تائين پهچائي سگهجي ٿو، ۽ هن صحافي ٿيڻ ۽ هندن لاءِ اخبارشايع ڪرڻ جو وچن ڪيو. سال 1992ع ۾ هُن حيدرآباد جي هڪ سنڌي اخبار روزانه ”مهراڻ“ جي رپورٽر سان صحافت جي شروعات ڪئي. 1994ع روزاني سنڌو حيدرآباد ۽ روزاني نئون سج ڪراچيءَ جي رپورٽنگ ڪئي، ۽ پنجن سالن تائين مختلف اخبارن ۾ رپورٽنگ کانپوءِ هُن جي خواهش هئي ته ايم. اي جرنلزم ڪريان. پر معاشي حالتون ٺيڪ نه هئڻ ڪري هو يونيورسٽيءَ تائين پهچي نه سگهيو، ۽ ڄامشورو جي مست هوائڻ جا مزا ماڻڻ کان محروم رهيو. ان دوران 1998ع ۾ ڪنهن اخبار ۾ اشهتار پڙهي اسلام آباد جي هڪ خانگي ادري، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف جرنلزم ۾ سنڌي صحافت جي ڊپلوما لاءِ داخلا ورتي، جيڪي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي وانگر مقامي زبان ۾ ڪورس ڪرائين ٿا. 6 مهينن جو ڪورس ڪيائين، جنهن ۾ پوري سنڌ ۾ اي. ون. گريڊ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائين. هرجي لال 1987ع کان 1996ع تائين سندر شيوا منڊلي ڪوٽڙيءَ جو انچارج به ٿي رهيو آهي. جتي هن وڏن تاريخي ڌرمي پستڪن شريمد ڀڳونت گيتا، شو پرڻ، شري گرو گرنٿ صاحب سميت ڪيترائي پستڪ ترتيب ڏنا. وڏن ڌرمي پستڪن جي مين پيجن تي هرجي لال جو نالو شايع ٿيو، هرجي لال صحافت جي شروعات ”مهراڻ“ اخبار جو رپورٽر بڻجي ڪئي، ۽ اها سندس لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي، ته جنهن اخبار تان هن صحافت جي شروعات ڪئي، اڄ انهي اخبار جو نيوز ايڊيٽر بڻيو. گذريل 16 سالن کان مختلف اخبارن روزاني ”سنڌ“، روزاني ”سوڀ“، روزاني، ”خبرون“، روزاني ”تعمير سنڌ“، روزاني ”سنڌو“ ۽ روزاني ”عبرت“ اخبار ۾ سب ايڊيٽر طور صحافتي خدمتون سر انجام ڏنيون، کيس مختلف سماجي پروگرامن ۾ شرڪت ۽ ٽريننگ ڪرڻ جا ڪيترائي سرٽيفڪيٽ مليل آهن. نوجوانن جي لاءِ يوٿ ايڪٽيوس ٽريننگ ڏيندڙ اداري مهرڳڙهه اسلام آباد طرفان، کيس ايوارڊ مليل آهي. انهيءَ کانسواءِ پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل جي صدر، وڪيل ارجن داس طرفان بابا گرو نانڪ ڪانفرنس، پنو عاقل جي موقعي تي امر وير لڌارام ايوارڊ سان نوازيو ويو. مارچ 2014ع تي اسلام آباد ۾ بين الاقوامي صحافين جي حقن بابت سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ پوري مُلڪ جا نامور صحافي شامل ٿيا. اُتي سنديش پبليڪيشن جي صحافي، هرجي لال کي دعوت ملي ۽ اچڻ ۽ وڃڻ جو جھاز جو ٽڪيٽ موڪليو ويو، جا هُن اٽينڊ ڪئي ۽ کيس سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو. اهڙي طرح مختلف اخبارن ۾ نوڪري ڪندو رهيو، ۽ سندس صحافت ۾ تجربو وڌندو رهيو. کيس نوجوانن جي ليڊرشپ جي حوالي سان ٽريننگ ڏيڻ واري اداري، مهر گڙهه (اي سينٽر فار ٽريننگ اسلام آباد) انٽرويو ۾ پاس ڪيو، ۽ ٻن مهينن لاءِ اسلام آباد وڃي ٽريننگ ڪئي، ۽ هرجي لال ميگهه ونس جاتيءَ جو پهريون شخص هو، جنهن ان اداري مان ٽرنينگ حاصل ڪئي. سال 2008ع ۾ مُڪيش نالي سان رابطو ٿيو. ان کي به ٽريننگ لاءِ اسلام آباد موڪليائين. هرجي لال کي ٻئي سال مهر گڙهه سينٽر وارن صحافت تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ اسلام آباد گهرايو، ۽ مڪيش جي ملڻ سان هُن کي هڪ ساٿي ملي ويو ۽ هرجي لال پنهنجو خواب پورو ڪرڻ لاءِ، هندو برادريءَ جي اخبار ڪڍڻ لاءِ دوستن سان رابطا شروع ڪيا. مڪيش ميگهواڙ سان گڏجي، 2010ع ۾ اخبار بابت پهرين ميٽنگ ميرپورخاص ۾ رکي وئي، جتي هندو برادريءَ جي ڪيترن ئي باشعور ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ اخبار ڪڍڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو، جيڪو سندس پراڻو خواب هو. 2010ع جي شروع ۾ هرجي لال ۽ مڪيش گڏجي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ماڻهن سان ميٽنگون ڪيون، ته انهن انهي ڳالهه کي تمام گهڻو ساراهيو ته هندو برادريءَ لاءِ ڪا اخبار نڪري رهي آهي. اهڙيءَ طرح هرجي لال هفتيوار ”سنديش“ اخبار جو آغاز ڪيو. هرجي لال پهريون ميگهه ونس جاتيءَ جو فرد آهي، جنهن پاڪستان ۾ پهرين هندو ڪميونٽيءَ جي اخبار ڪڍي پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. هن کان اڳ هندو برادريءَ جي لاءِ باقاعدي ڪابه اخبار شايع نه ٿي هُئي. ان جو سبب اهو هو ته اونچي درجي جا هندو سرمائيدار، ڪڏهن ڪونه چاهيندا هئا ته هيٺين طبقي جي هندن ۾ ڪو شعور اچي. اخبار ڪڍڻ ڪو سولو ڪم نه هو، جو اڄ تائين ڪنهن به همت نه ڪئي. هڪ انداز ي ۽ مطابق پاڪستان ۾ 50 لک هندو رهن ٿا. عام اخبارن ۾ هندن جو ذڪر ٿئي ٿو پر انهن ۾ ايتري گنجائش ڪونه ٿي هجي، جو هندوئن جا مسئلا کولي لکي سگهن.ان ڪري هرجي لال جيڪا همت ڪئي، ان تي کيس تمام گهڻي پذيرائي ملي. بي بي سي اردو لنڊن طرفان هرجي لال ۽ سنديش اخبار جو پروفائل شايع ڪيو ويو، جيڪو بي. بي. سي. اردوءَ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، جنهن کان پوءِ دنيا جي وڏي ۾ وڏي نيوز اداري ٽائمز يو. ڪي. طرفان يوڪي مان پاڪستان هڪ ٽيم موڪلي وئي، ان ٽيم پاڪستان اچي هرجي لال جي گهر پهچي، سنديش اخبار بابت فلم ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي، جيڪا پڻ ٽائمز جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ دنيا جي 15 کان 20 سماجي ۽ نيوز ويب سائٽن تي هرجي لال جو فور فائيل جاري ڪيو ويو، ويب ڊائريڪٽري وڪي پيڊيا ۾ پڻ هرجي لال ۽ سنديش اخبار کي شامل ڪيو ويو آهي، شروعات ۾ سنديش اخبار دوستن کان چندو ڪري ڪڍي ويندي هئي، بعد ۾ ڪراچيءَ جي هڪ اداري ٽي ٽو ايف جي ڊائريڪٽر سبين محمود (سبين محمود کي تازوئي نامعلوم دهشتگردن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو)، هرجي لال کي هڪ سال سپورٽ ڪيو ۽ سنديش اخبار باقاعدگيءَ سان جاري رهي. هرجي لال جو چوڻ آهي ته صدين کان هندو برادريءَ جا ماڻهو، اڄ به هڪ ٻئي کان نفرت ڪندا پيا اچن مٿين درجي کانسواءِ هيٺين طبقي وارا ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل، باگڙي، وغيره به هڪ ٻئي کي نيچ سمجهن ٿا، جنهن سان اسان پنهنجو تاريخي نقصان ڪري رهيا آهيون. اسان سڀني کي پاڻ ۾ ايڪتا پيدا ڪرڻ کپي، ۽ هڪ ٻئي سان گڏ مانُ ۽ مريادا سان رهي، قومي ترقيءَ طرف وک وڌايون، ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪريون.

دولت ٿري

اسان کي زمانو وساري نه سگهندو، اها ڳالهه ٻي ته لڙڪ هاري نه سگهندو. جيئڻ ڪارڻ جڳ ۾ ڪونڌر ڪُسن ٿا، انهن کي ڪڏهن موت ماري نه سگهندو. ٿر جي جنهن ڀوميءَ تي مهان انسان شري رائچند راٺوڙ، شري استاد ڀانو مل، شريمتي دادي لالي، شري پريمچند جھڙا ماڻڪ موتي ۽ لال پئدا ٿيا اُتي هڪ مهان ڪردار دولت ٿري جن تاريخ 1 مارچ 1978ع جو شري واسديو ذات روهلا سپروائيزنگ تپيدار ڳوٺ چيلهار، تعلقه مٺي ضلع ٿرپارڪر جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڌيئا ٻائي، ڌي ليلارام ذات پنئار ڳوٺ سيد غالب شاهه تعلقه مٺي، ضلعه ٿرپارڪر جي آهي. پاڻ پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول چيلهار مان پاس ڪيائين ۽ انٽر پرائيويٽ ۾ مٺيءَ مان پاس ڪيائين. سندس زندگيءَ جو داستان درد ۽ پيڙائن سان ڀريل رهيو آهي. ننڍپڻ کان ئي وقت ڏاڍو ڏکيو گذريو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ سال 1993ع کان سال 1999ع تائين دربدريءَ واري زندگي گذاري، تغاري کڻي مزوريءَ تي ڪم ڪيو، لارين ۽ گاڏين تي ڪلينڊري ڪيائين. کُڏين تي قالين جو ڪم ڪيو. ڪراچيءَ ۾ ريڊيمينٽ گارمينٽ جو ڪم ڪيو. آفيس ۾ پٽيوالي ڪيائين، زميندارن وٽ منشي ٿي رهيو. هڪ فرمانبردار پُٽ هئڻ جي باوجود، ننڍپڻ کان مئٽرڪ تائين فقط پيءُ جا پادر کاڌائين ۽ پوءِ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد گهر مان ڀڄي جان ڇڏايائين. ماءُ پيءُ رڳو جنم ڏيئي جان ڇڏائي، مائٽن جو پيار اڄ ڏينهن تائين کيس نصيب نه ٿيو. مائٽ هوندي به يتيم آهي. پر پوءِ به جيڪي ڪجهه آهي سو ماءُ ۽ پيءُ جي ڪري آهي. جنم ڏيڻ جو ٿورو ڪڏهن ڪونه لاهي سگهندو. زماني جون ٺوڪرون کائيندي کائيندي، آخرڪار سال 1998ع کانپوءِ ذهني طور بالغ ٿي ويو، ۽ سوچن ۽ سمجهه ۾ ڦيرو آيو ۽ آهستي آهستي ادبي دنيا ۾ پير پاتائين. دولت ٿري پنهنجي مرضيءَ سان شادي شريمتي گيتا سنڌو، ڌي هريش ڪمار، ذات جوڳو، اصل ڳوٺ ساهو ساند تعلقه مٺي سان ڪئي، جنهن مان کيس اولاد ٽي نياڻيون آهن، جن جا انقلابي نالا: 1. ڌرتي 2. جاگرتا ۽ آزادي آهن. جنهن دولت سان گڏ گيتا سنڌو، ڌرتي، جاگرتا ۽ آزادي هجي، ته اُهو دنيا جو خوشنصيب انسان ليکيو وڃي ٿو. سال 1998ع کان صحافت سان اڄ ڏينهن تائين واڳيل آهي. سال 2004ع کان پنهنجي پهرين سنڌي سلسليوار اخبار ”دلت آواز“ ڪڍي پيو، ادبي پورهئي سان مختلف موضوعن تي 8 ڪتاب شايع ڪرائي چُڪو آهي. 1. دراوڙن جي درد ڪٿا 2. تبديليءَ جو پٿر، گهر واري گيتا سنڌو جو جِيوَن سفر 3. گوڇارن ۾ گيت منهنجا، مرحوم استاد عبدالحميد منگريو جي اصرار تي کيس ڇپائي ڏنائين 4. ههڙا ٿين هاڃا، اربابن جي ظلم جي ڪهاڻي، ماڻهن جي زباني 5. ننگرپارڪر کان اسلام آباد تائين پيدل لانگ مارچ 6. دانهون منهنجي ديس جون (شاعري) 7. جمهوريت بهترين انتقام آهي، جمهوري دؤر جي ڪهاڻي، ميڊيا جي زباني 8. اُماڙي (شاعري). هي ميگهوار ڪميونٽيءَ جي تاريخي رڪارڊ جو پهريون ماڻهو آهي جنهن 35-36 سالن جي عمر ۾ مختلف موضوعن تي 8 ڪتاب لکي ڇپايا ۽ اخبار ”دلت آواز“ اڄ تائين ڪڍي رهيو آهي. ميگهه ونس جاتيءَ جي تاريخ جو جاکوڙيندڙ انسان آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي مقصد جي منزل تي هلي رهيو آهي. دولت ٿري صاحب ننگر پارڪر کان اسلام آباد تائين پيرن پيادل لانگ مارچ اٽڪل 40 ڏينهن ۽ 750 ڪوه پنڌ ڪيو، ۽ لانگ مارچ جو مقصد صرف ٽي مطالبا هُئا 1. پاڪستان ۾ انساني حقن جي آزادي، 2. بحالي آئين جي بالادستي ۽ 3. قانون جي حڪمراني. انهن ٽنهي مطالبن کي مڃرائڻ لاءِ گذريل 10 سالن کان 2004ع کان مسلسل ڪارا ڪپڙا پائي، گورنمينٽ آف پاڪستان خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اهو احتجاج زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين جاري رهندو. پهرين جنوري 2007ع کان ڪارو ڪفن به هر وقت هُن سان گڏ هوندو آهي، ۽ سندس وصيعت آهي ته مرڻ کانپوءِ به مونکي ڪاري ڪپڙي جو ڪفن ڏنو وڃي، ته جيئن قبر ۾ به منهنجو احتجاج جاري رهي. مرڻ کانپوءِ منهنجي فطري موت جي FIR گورنمينٽ آف پاڪستان خلاف داخلا ڪرائي وڃي، پر جي ڪنهن جي هٿان قتل ٿي وڃان ته هڪڙي قتل جي FIR قاتلن خلاف ۽ ٻئي FIR گورنمينٽ آف پاڪستان خلاف داخل ڪرائي وڃي. پر هيءُ مضبوط ارادي وارو شخص مسلسل احتجاج سبب بلڪل ڪمزور ٿي ويو آهي ۽ غربت سبب ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. جيڪي انسان پڪو ارادو ڪري ڪوبه ڪم ڪرڻ چاهين ٿا اهو به ٻين لاءِ، جس هجي اهڙا انسان ٿورا پيدا ٿيندا آهن ڀڳوان ضرور ڪاميابي نصيب ڪندو، ۽ اهو هميشه لاءِ امر ٿي ويندو. سمورن درد وارن لاءِ اڃا جيئان جاڳي ٿو، تنهنجي سنگيت، سازن ۾ امر انسان جاڳي ٿو، تنهنجي آواز کي ماري سگهيو ناهي ڪوئي، ڀڳت تنهنجي آلاپ ۾ اڃا ڀڳوان جاڳي ٿو.

جپسي ايف. سي. راٺوڙ

وري چنڊ چاهڻ تي دل ٿي چوي، سکي دل لڳائڻ تي دل ٿي چوي، اڙي موت پيڇو نه ڪر تون اڃا، حياتي گذارڻ تي دل ٿي چوي. (رخسانه پريت) دنيا جي هر خطي جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ ڪا انمول شئي، انوکي هستي يا ڀٽڪندڙ ڪردار جي ڪري مشهوري ماڻيندي آهي. اهڙي طرح اسان جي دراوڙي ڌرتي به پنهنجي سيني تي ڪيئي عجيب ۽ غريب ڪردار پيدا ڪيا آهن، جن جي به پنهنجي هڪ الڳ تاريخ آهي، جيڪي ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ جي بجاءِ، پنهنجي ڌُن ۾ بنا ڪنهن صلي ستائش جي ڪم ڪندا رهن ٿا. انهن جو هر قدم ڪنهن نه ڪنهن مقصد جي حاصلات ڏانهن گامزن هوندو آهي. پوءِ اهو مقصد چاهي سياسي، سماجي، مذهبي، تجارتي، تاريخي، علم ادب يا قوم ڏانهن ڇو نه هجي. انهن جي هر قدم جو، ان جي زندگيءَ ۾ ڪو مقصد هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو انسان ڪجهه به نه ڪري رهيو آهي، ته ان جي نه ڪرڻ جي پويان به ڪو فلسفو يا مقصد ضرور هوندو آهي. اهڙن ڪردارن ۾ جپسي ايف. سي راٺوڙ به هڪ آهي جنهن جو پورو نالو آهي فقير چند راٺوڙ. جيڪو 8 مئي 1965ع تي جمس آباد ۾ لکو مل جي گهر پيدا ٿيو. سندس ماتا جو نالو هرکي ٻائي، ڌي ڏيوراج ذات ٻوسيا، ضلعي ميرپورخاص جي تاريخي شهر جهڏو جي آهي. هن جا وڏڙا ڀارتي گجرات جي قديم ترين تهذيب ”ڍولا ويرا“ جي ڳاڙهي ۽ اُداس ڌرتيءَ واري ضلع بناس ڪانٺا جي ڳوٺ، سانتل پور جا رهواسي هئا. سورهاڙ، واڳڙ، هالار، ڪانٺائي، ٿرادي ۽ ڪڇي ميگهواڙ انهن ئي علائقن کان هجرت ڪري سنڌ ۾ ايندڙ ۽ رهندڙن جا يادِ ماضي ۽ وڇوڙي وارا شهر ۽ گام آهن. سانتل پور جو هزارين گهرن تي ٻڌل وڏي پاڙي جو پٽيل، ڏيوو پٽ ڀاڻو راٺوڙ، صحرا جي رستي سڀني سنڌين کي سلام ۽ نمستي چئي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڌرتي سنڌ جا وڻ اچي وسايا ۽ سنڌو ساگر جو مقدس جل پيتو، ته هڪ وقت اهڙو به آيو جو هڪ ملڪ مان ٻه ملڪ دنيا جي نقشي تي وجود ۾ آيا. ايف. سي. راٺوڙ تعليم جي لحاظ کان پرائمري تعليم جا ڪجهه درجا جيمس آباد، ۽ پوءِ اُتان دنڌي ڌاڙيءَ جي لحاظ کان هن جي وڏڙن ٻيهر هجرت ڪري، ضلعي بدين جي شهر پنگريو ۾ آباد ٿيا، ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول پنگريو مان سال 1983ع ۾ پاس ڪئي، ۽ سال 1990ع ۾ ٽيهر لڏي ضلعي ميرپورخاص جي شهر جهڏو ۾ معصوم ٿريءَ جي پاڙي ۾ اڄ تائين رهائش پذير آهي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ پنگريو شگر مل، فوجي شگر ملز کوسڪي، ٿرپارڪر شگر ملز ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ جي حيثيت سان 19 سال سروس ڪئي، ته ڪراچي شپنگ ايجنسيءَ ۾ به ملازمت ڪئي. شُگر انڊسٽريز جي زوال کانپوءِ هن لکڻ پڙهڻ ۽ ڀٽڪڻ وارو ڪم اپنايو، جيڪو هميشه سندس پسنديده سبجيڪٽ رهيو آهي. تنهنڪري ”ڀٽڪتي نسلين“ جھڙي امر ڪتاب جي مهان ليکڪ خورشيد قائم خاني هن تي نالو ئي رکيو Gipsy. جنهن جي معنيٰ اوهين خود تلاش ڪريو. پاڻ شادي سال 1983ع ۾ شريمتي ذي سنگهه ڌي ڏيوجي پينگهور، ٽنڊو غلام علي، ضلع بدين مان ڪئي، جنهن مان کيس 4 نياڻيون ۽ 3 پٽ آهن. (1) ديپڪ ميٽرڪ پاس ٽيلر ماسٽر. (2) شڪتي سنگهه جيڪو پاڻي جي جهاز جي ذريعي ايران گهمي آيو آهي، ته هڪ رات ايران جي جيل ياترا به ڪري آيو آهي، جيڪو هن وقت ميٽرڪ آهي، ۽ ميڊيڪل جي ميڊيسن جو ياد حافظ آهي، جنهن کي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو بطور خوبصورت مقرر جي، سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو هو. ٽيون پٽ وشال سنگهه، جيڪو نائين ڪلاس ۾ پڙهي پيو ۽ ٽيلرنگ جو ڪم به ڪندو رهندو آهي. ڪويتا شوا پرمار حيدرآباد، شادي شده، ڪلپنا، ڪومل ۽ ڪرن ڇوڪريون آهن. جپسيءَ جا ٻه ننڍا ڀائر روزگار خاطر ايران ۾ رهن ٿا. خود جپسي به ٻه ڀيرا ايران جي ياترا ڪري آيو آهي. انهي ياترا دوران هن ايراني تاريخي تهوار، جشنِ عيدِ ”نوروز“ ۾ به شرڪت ڪئي، ۽ ان جو سمورو اکين ڏٺو احوال پاڪستان ميگهواڙ ڪانفرنس جي سوينر ۾ ڇپيل آهي، جو ڏاڍو دلچسپ سفر نامون آهي، ۽ ٽي ڀيرا ڀارت جو به دورو ڪري آيو آهي. پاڻ شلوار قميض جي لباس کي پسند ڪندو آهي. ٻولين ۾ سنڌي، اردو، ڪڇي، گجراتي روانيءَ سان لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو. پاڻ لکڻ جي شروعات عبرت مئگزين سان ڪئي، ته روزانه آس اخبار حيدرآباد ۾ به نوڪري به ڪئي، ان اخبار ۾ به تمام گهڻا ڪالم مختلف موضوعن تي لکيا. ميگهواڙن جي تاريخ تي ننڍڙي ڪوشش ڪئي ۽ ”تاريخ ڌرتيءَ درد“ نالي ڪتاب لکيو، ۽ شايع ٿيو، جيڪو هڪ انوکو تجربو هو. راجستان جي شهر اُڌيپور جي وڏي تاريخدان ۽ ليکڪا ڊاڪٽر ڪسُم ميگهوال، جنهن 40 ڪتاب تحقيقي لکيا آهن، ان جي هنديءَ ۾ ڪتاب ”ميگهوال بابا رامديو“ کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائي، تاريخ جي ڌوڙ ۾ پوريل سچ کي ظاهر ڪري، پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي هزارين سالن کان پيڙهيل ۽ ستايل دلتن تي وڏو وڙ ڪيو آهي. پاڪستان ميگهواڙ ڪائونسل جو سڀ کان پهرين بنياد پير پٿوري صاحب جي درگاهه تي پيو، جنهن جو مرڪزي چيئرمين وڪيل ارجن داس کي چونڊيو ويو ته جپسيءَ کي وري مرڪزي پريس سيڪريٽري طور کنيو ويو. سال 2008ع ۾ پنوعاقل ۾ ٿيندڙ پاڪستان ميگهواڙ ڪانفرنس جو خوبصورت سوينئر پڻ شايع ڪيو، ته ”بطور جرنلسٽ ۽ سهيوگي قلمڪار“ جي نانءَ جو ايوارڊ امر وير لڌارام، رحيم يار خان واسي، رميش جئپال جي هٿان ڏنو ويو. رميش جئپال هڪ تنظيم نالي شيڊيول ڪاسٽ رائيٽس موومينٽ پاڪستان ٺاهي، ته هن کي ميرپورخاص جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو. ”پاڪستان دلت فورم“ جو به حصو رهيو آهي. جنهن جو ذڪر وري وي. ٽي. راج شيکر بئنگلور جي ڪتاب، ”تعليم، تحريڪ ۽ تنظيم“ ۾ پڻ ڪيل آهي. هندوستان جي آئين جي تخليقڪار، دلت دراوڙن جي عظيم رهنما ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر تي پڻ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو ڪمپوز ته آڳاٽو ٿي چڪو آهي پر مالي حالات ڪمزور هئڻ ڪري ان کي ڇپائي نه سگهيو آهي. ان ڪتاب جو تاريخي ۽ طويل مهاڳ ناليواري ڊرامه نگار علي بابا لکيو آهي، جيڪو وڻندڙ ۽ شاندار مهاڳ آهي. پاڪستان ۾ رهندڙن سمورن ميگهواڙ شاعرن، اديبن، صحافين، ليکڪن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ سرڪاري ملازمن تي مشتمل، فون ڊائريڪٽري لاءِ وڏي ڪليڪشن به ڪئي، پر سال 2011ع واري مها ٻوڏ ۾ ان جي سڄي ڪليڪشن سان گڏ، سندس سمورو لکيل ۽ اڻ ڇپيل تاريخي مواد پاڻيءَ جي نظر ٿي ويو، جنهن جو ڏک هو ڪڏهن به وساري ڪونه سگهيو آهي. حيدرآباد جي حيدر چوڪ تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي تاريخي حيدر منزل، جيڪا هاڻي ڀور ڀور ٿي چُڪي آهي. ان بلڊنگ ۾ ڪامريڊ جي ڪمري ۾ هن جپسيءَ کي پورا پنج سال رهڻ جو اعزاز مليو، ۽ اهو ڪمرو پوءِ ميگهواڙ لوڪن جي گڏجاڻين جو ڄڻ آستانو هوندو هو. ايف. سي. راٺوڙ هڪ مهان قلمڪار آهي، اديب آهي، جيڪو اڃا تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو پيو اچي، ۽ پنهنجي قلمي ڪاوشن ۾ روان دوان آهي.

گلاب راءِ

(ڪراٽه ماسٽر) ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيو، ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ، ٿي تنين سان ڏيٺ، موٽڻ جنين ميهڻو. اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ڪنهن به ڪردار جي کوٽ ڪونهي چاهي سنت هجي، استاد هجي، آرٽسٽ هجي مطلب ته هر فن مولا قبيلو آهي، جنهن جا هيرا سدائين چمڪندا رهن ٿا ته اهڙوئي هڪ مهان انسان، پهريون قومي هيرو، جنهن ڪراٽي ماسٽر ٿي پنهنجي جاتيءَ جو نالو مشهور ڪيو آهي. جنهن جي اندر ۾ ڪراٽي جا ڪيئي اسٽائيل موجود آهن. گڏوگڏ جمناسٽڪ جو ماهر به آهي ــ گلاب پٽ ڀارو مل پاتاريو، اصل ڳوٺ مٺڙيو سومرا اسلام ڪوٽ جو رهواسي آهي، بعد ۾ سندس والد سان گڏ ٺٽو رهڻ لڳا، سندس والد جي وفات کان پوءِ مٺي شهر جي پانچا ڪالوني ۾ رهندڙ آهي، ڪراٽي ماسٽر طور مشهوري ماڻيندڙ گلاب راءِ، پهرين آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ مٺڙيو ۾ جنم ورتو، والد پاران ٺٽو ۾ رهڻ ڪري پاڻ به گڏ ٺٽو ويا، جتي 1980ع ۾ پهرين ۾ داخلا ورتي، 1985ع ۾ پنجون پاس ڪيو، 1992ع ۾ انٽر ڪيائون، 1990ع ۾ ڊرائينگ جي اليمينٽري امتحان ۾ ڊويزن سطح تي پوزيشن کنيائون، 1998ع ۾ ڳوٺ ماڃٺي ۾ نرسو مل سيجو جي گهر مان شريمتي راڌان سان شادي ڪئي، جنهن مان 2 پٽ ۽ 4 نياڻين جو اولاد آهي، جن ۾ راجا مهتاب، پريتم، لڇمي، برٿنا، درشنا، ريٽا شامل آهن. جڏهن ته گلاب جي والد ڀارو مل، ڳوٺ سڙهه جوڻيجا مان پاران ڌي لڌو جوڳو سان شادي ڪئي، جنهن مان ٻه نياڻيون نينا، ۽ سگهڙ آهن، ۽ ٻه پٽ گلاب ۽ ڀيمراج آهن، ڀيمراج غير شادي شاده آهي ۽ مائيڪرو فنانس بئنڪ ۾ ڊرائيونگ ڪري ٿو. گلاب ماسٽر ستين ڪلاس جو شاگرد هو ته ڪراٽي ۾ داخلا ورتي، 3 سال گهر وارن کان لِڪي سکندو رهيو، نيٺ گهر وارن کي به خبر پئجي وئي، 9 مارچ 1991ع تي ڪراچيءَ جي اشرف طائيءَ جي ڪلب ڪورائيدو مارشل آرٽس آرگنائيزيشن انٽرنيشنل ۾ بليڪ بيلٽ جي ٽيسٽ ورتي وئي، بي. اي سي. ون ٺٽو جي ڪاليج مان ڪئي، بي. ايس سي. ٽو جي امتحان دوران ڏاڏي مالو مل جي وفات جي ڪري پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي، ڳوٺ اچڻو پيو، جتان واپس ٺٽو ورڻ ڪونه ٿيو. هاڻي مٺيءَ جي پانچا ڪالونيءَ ۾ رهندڙ آهي. مٺيءَ ۾ پڻ ڪراٽو سيکارڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اٽڪل 500 شاگرد آيا، جيڪي اڌ ۾ يا شروعاتي مرحلن ۾ ڇڏي ڀڄي ويا. جڏهن ته ٺٽي ۾ اٽڪل 7 شاگرد جن ۾ جمعان خان پٺاڻ، سڪندر صابرو، مالسي داس ميگهواڙ، دلشير سولنگي، امير درس، عبدالرحمان کتري، اسلم ميمڻ سٺا شاگرد ٺاهيا. گلاب ماسٽر جو چوڻ آهي ته هن دنيا ۾ جيڪو به فائيٽنگ آرٽ آهي، اهو ڪري وڃي ٿو. سندس چوڻ آهي ته فائيٽنگ ۾ بهترين اسٽائيل ڪنگفو آهي، جيڪو عبادت سمجهو وڃي ٿو. ڪنگفو جا به ڪافي ايٽم سکيا، هينڊ فائيٽنگ، ڪڪ فائيٽنگ، ننچڪو ڪورس، اسٽڪ فائيٽنگ، اٽل سموري ٽريننگ پاڻ ۾ پيدا ڪئي آهي، پر هنن شين جو ڪوبه جوڳو استاد ڪونه مليو، ان ڪري دعويٰ نه ڪندو آهي. هن يوگا جا ٻه قسم آهن: هڪ جسماني ۽ ٻيو روحاني. جن مان جسماني مڪمل ڄاڻان ٿو، ۽ هو سُر ۽ راڳ جو به پارکو آهي.

گلاب راءِ

(ڪراٽه ماسٽر) ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيو، ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ، ٿي تنين سان ڏيٺ، موٽڻ جنين ميهڻو. اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ ۾ ڪنهن به ڪردار جي کوٽ ڪونهي چاهي سنت هجي، استاد هجي، آرٽسٽ هجي مطلب ته هر فن مولا قبيلو آهي، جنهن جا هيرا سدائين چمڪندا رهن ٿا ته اهڙوئي هڪ مهان انسان، پهريون قومي هيرو، جنهن ڪراٽي ماسٽر ٿي پنهنجي جاتيءَ جو نالو مشهور ڪيو آهي. جنهن جي اندر ۾ ڪراٽي جا ڪيئي اسٽائيل موجود آهن. گڏوگڏ جمناسٽڪ جو ماهر به آهي ــ گلاب پٽ ڀارو مل پاتاريو، اصل ڳوٺ مٺڙيو سومرا اسلام ڪوٽ جو رهواسي آهي، بعد ۾ سندس والد سان گڏ ٺٽو رهڻ لڳا، سندس والد جي وفات کان پوءِ مٺي شهر جي پانچا ڪالوني ۾ رهندڙ آهي، ڪراٽي ماسٽر طور مشهوري ماڻيندڙ گلاب راءِ، پهرين آگسٽ 1975ع تي ڳوٺ مٺڙيو ۾ جنم ورتو، والد پاران ٺٽو ۾ رهڻ ڪري پاڻ به گڏ ٺٽو ويا، جتي 1980ع ۾ پهرين ۾ داخلا ورتي، 1985ع ۾ پنجون پاس ڪيو، 1992ع ۾ انٽر ڪيائون، 1990ع ۾ ڊرائينگ جي اليمينٽري امتحان ۾ ڊويزن سطح تي پوزيشن کنيائون، 1998ع ۾ ڳوٺ ماڃٺي ۾ نرسو مل سيجو جي گهر مان شريمتي راڌان سان شادي ڪئي، جنهن مان 2 پٽ ۽ 4 نياڻين جو اولاد آهي، جن ۾ راجا مهتاب، پريتم، لڇمي، برٿنا، درشنا، ريٽا شامل آهن. جڏهن ته گلاب جي والد ڀارو مل، ڳوٺ سڙهه جوڻيجا مان پاران ڌي لڌو جوڳو سان شادي ڪئي، جنهن مان ٻه نياڻيون نينا، ۽ سگهڙ آهن، ۽ ٻه پٽ گلاب ۽ ڀيمراج آهن، ڀيمراج غير شادي شاده آهي ۽ مائيڪرو فنانس بئنڪ ۾ ڊرائيونگ ڪري ٿو. گلاب ماسٽر ستين ڪلاس جو شاگرد هو ته ڪراٽي ۾ داخلا ورتي، 3 سال گهر وارن کان لِڪي سکندو رهيو، نيٺ گهر وارن کي به خبر پئجي وئي، 9 مارچ 1991ع تي ڪراچيءَ جي اشرف طائيءَ جي ڪلب ڪورائيدو مارشل آرٽس آرگنائيزيشن انٽرنيشنل ۾ بليڪ بيلٽ جي ٽيسٽ ورتي وئي، بي. اي سي. ون ٺٽو جي ڪاليج مان ڪئي، بي. ايس سي. ٽو جي امتحان دوران ڏاڏي مالو مل جي وفات جي ڪري پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي، ڳوٺ اچڻو پيو، جتان واپس ٺٽو ورڻ ڪونه ٿيو. هاڻي مٺيءَ جي پانچا ڪالونيءَ ۾ رهندڙ آهي. مٺيءَ ۾ پڻ ڪراٽو سيکارڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اٽڪل 500 شاگرد آيا، جيڪي اڌ ۾ يا شروعاتي مرحلن ۾ ڇڏي ڀڄي ويا. جڏهن ته ٺٽي ۾ اٽڪل 7 شاگرد جن ۾ جمعان خان پٺاڻ، سڪندر صابرو، مالسي داس ميگهواڙ، دلشير سولنگي، امير درس، عبدالرحمان کتري، اسلم ميمڻ سٺا شاگرد ٺاهيا. گلاب ماسٽر جو چوڻ آهي ته هن دنيا ۾ جيڪو به فائيٽنگ آرٽ آهي، اهو ڪري وڃي ٿو. سندس چوڻ آهي ته فائيٽنگ ۾ بهترين اسٽائيل ڪنگفو آهي، جيڪو عبادت سمجهو وڃي ٿو. ڪنگفو جا به ڪافي ايٽم سکيا، هينڊ فائيٽنگ، ڪڪ فائيٽنگ، ننچڪو ڪورس، اسٽڪ فائيٽنگ، اٽل سموري ٽريننگ پاڻ ۾ پيدا ڪئي آهي، پر هنن شين جو ڪوبه جوڳو استاد ڪونه مليو، ان ڪري دعويٰ نه ڪندو آهي. هن يوگا جا ٻه قسم آهن: هڪ جسماني ۽ ٻيو روحاني. جن مان جسماني مڪمل ڄاڻان ٿو، ۽ هو سُر ۽ راڳ جو به پارکو آهي.

جتندر ڌاراڻي

منزل ڪي راهه ۾ ڪيون ڀَٽڪ رها هئي راهي، خود اتنا عظيم هوجا ڪه منزل تجهي پڪاري. اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جا هن وقت ڪيترائي محنتي، هوشيار ۽ قابل شاگرد آهن، جيڪي پڙهي رهيا آهن. جن ۾ تازو هن سال 2014ع ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ مسٽر ڏيونداس پٽ ماستر پريم پڙهيار، ڳوٺ مالڻهور ويڻه جو نارٿ ڪالوني هاءِ اسڪول مٺيءَ جو شاگرد آهي، جنهن ميرپورخاص بورڊ ۾ لڳ ڀڳ 30 هزار شاگردن ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪري، بيٺل پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ڪري ڇڏيون، ۽ گڏوگڏ ڀاونا ڌي ڀيمراج ڪلاڻي مٺيءَ، جنهن وومين ڪاليج شاهراهِه لياقت سيڪنڊ ايئر، پري ميڊيڪل گروپ ۾ 91 سيڪڙو مارڪون کڻي 19902 شاگردن ۾ ڪراچي بورڊ ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪري، اسان جي ميگهواڙ جاتي ۽ سندس مائٽن جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي. اهڙو ئي هڪ باڪردار هوشيار ڌاراڻي پريوار ڏيپلو جو شاگرد، جتندر ڌاراڻي، جنهن تاريخ 1994-04-10 تي سرڳواسي ڊاڪٽر سانوڻ ولد ڏيچند ڌاراڻيءَ جي گهر جنم ورتو. سندس ماتا شري جو نالو سگهڙ ڌي سرڳواسي آنٻارام ٻڙهيه ڳوٺ چيلهار، تعلقه ڇاڇرو جي آهي. کيس ٻه وڏا ڀائر آهن. وڏو ڀاءُ دليپ ڪمار ڌاراڻي، جيڪو ICI ڪمپنيءَ ۾ ايريا مئنيجر جي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ ٻيو ڀاءُ هريش ڪمار ڌاراڻي، جو ٿرديپ جي نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس پتا سرڳيه سانوڻ ڌاراڻي، جيڪو هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪمپائونڊر هو پر کيس ڄاڻ وڏن ڊاڪٽرن جيتري هئي، جنهن ڪري ڊاڪٽر سانوڻ جي نالي سان مشهور ٿيو. هُن پنهنجي پوري نوڪري اربابن جي ڳوٺ کيتلاري ۾ ڪئي، ۽ ارباب خاندان جو فيملي ڊاڪٽر هو. ارباب خاندان وارا سندس تمام گهڻي عزت ڪندا هُئا. ڊاڪٽر سانوڻ اوچتي بيمار ٿيڻ ڪري، تاريخ 2011-7-9 تي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو، جنهن جو سندس اولاد تي ڪافي گھرو اثر ٿيو. جتندر ڌاراڻي پرائمري تعليم ٿر رينجرس ويلفيئر اسڪول ڏيپلو مان، سال 2004ع ۾ حاصل ڪئي. مڊل ساڳئي اسڪول ۾ پڙهيو، ۽ نائون ڪلاس گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو ۾ 2009–03–11 ۾ داخل ٿيو. Student Exchange Program, 2009 مطابق آمريڪا جي ٽوئر لاءِ ٽي نالا اُڀري آيا. جن مان جتندر کي فرسٽ پوزيشن حاصل ٿي. ان بعد Edliuk USAID Program مطابق واشنگٽن DC يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا ۾ 15 ڏينهن ترسايائون، مختلف ادارا گهمايائون، آمريڪي انسٽيٽيوٽ ۾ ڪمپيوٽر جي ٽريننگ ڏنائون، جتي وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر بارڪ اوباما سان به ملاقات ڪرايائون. ساڻس هٿ ملايائين، اهڙو سرڪاري طور فوٽو به جاري ڪيو ويو. جنهن سان هي تاريخ جو پهريون ميگهواڙ آهي، جنهن آمريڪا جي صدر سان هٿ ملائڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. آمريڪا ۾ هر شاگرد انٽرنيٽ استعمال ڪندو آهي، انهن جو اٿڻ وهڻ اسان کان بلڪل نرالو آهي. هو پنهنجو هر ڪم مقرر ٽائيم سان ڪندا آهن. انهن جا ننڍا ننڍا ٻار به وڏا محنتي ۽ وقت جا پابند آهن. جتندر ڌاراڻيءَ جي زباني ته مون اُتي پاڻ سان اهو وچن ڪيو ته وطن موٽي ڪري پنهنجي شهر، سموري ٿر ۽ برادريءَ جي شاگردن کي صلاح ڏيندس ته هو خوب محنت ڪن، انٽرنيٽ سکن، ان جو استعمال ڪن ۽ زندگيءَ لاءِ مقرر ڪيل مقصد حاصل ڪرڻ جي طرف وڌڻ جي ڌُن ۾ مگهن ٿي، اڳتي قدم وڌائين ته پوءِ يقيناً ڪاميابي حاصل ٿيندي. اهو آمريڪا جو دورو سندس زندگي جو اهم ۽ يادگار واقعو هو، جو ڪڏهن وساري نه سگهندو. سال 2011 ۾ ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو مان A–1 گريڊ ۾ پاس ڪيائين، ۽ انٽر جو امتحان 2014 لِٽل فالڪس هائر سيڪنڊري اسڪول ميرپورخاص مان گريڊ A ۾ پاس ڪيو. هن وقت مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اليڪٽرانڪ شعبي ۾ پڙهي رهيو آهي. جتندر ننڍپڻ کان ذهين ۽ هوشيار شاگرد هئڻ ڪري، ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو، ۽ سال 2009ع ۾ پنهنجي ڪميونٽيءَ جو پهريون شاگرد آهي، جنهن ننڍي عمر ۾ تعليم جي سلسلي ۾ ست سمنڊ پار آمريڪا جھڙي ملڪ ويو. پڙهي هين يون تو کتابين مگر حقيقت مين، سبق جو مجهي ملا اپني زندگي سي ملا.

پروفيسر مجنو مل

مَان امن جو متوالو، تون ويڙهه جو پوڄاري، مان سنڌ جو رکوالو، تون ڏاڍ جو ساٿاري. تو سان محبت جي، ڪيئن واٽ رکان ڪانئر، مان سچ جو مشعالو، تون ڪوڙ جو واپاري. ٿر جي مشڪل صحرا ۽ واريءَ جي ڀٽن ۾ تعليم جا خوبصورت گُل پوکيندڙ، ۽ پنهنجي پوري عمر ارپڻ جو وچن ڪرڻ، ۽ ٿر جھڙي پُٺ تي پيل علائقي ۾ جتي اوچ نيچ واري ماحول ۾ شعور جا ڏيئا ٻارڻ، اهڙا مڻيادار انسان ڪنهن به تعارف جا محتاج نه هوندا آهن. هو تمام هوشيار، بااخلاق، باصلاحيت، اصول پرست، همدرد ۽ محنتي شاگردن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ انسان، محبتون مُرڪون ورهائيندڙ پُرش، جنهن جو جنم ڍاٽ ۽ پارڪر جي سنگم وارو هنڌ ۽ ٻانهياري واري مشهور پٽ لڳ ڳوٺ مٺڙيو هاليپوٽا ۾ تاريخ 3 آڪٽوبر 1965ع تي سرڳواسي ڪلارام ذات کيهاڙا جي گهر ٿيو. سندس ماتا شري جو نالو هُرمي ڌي ميهو، ذات ٻاراچ، ڳوٺ نيٻاوڙو، تعلقي ننگرپارڪر جي هئي. پروفيسر مجنون جا مائٽ تمام غريب هاري هوندا هُئا، پر پنهنجي اندر ۾ تعليم ۽ جاڳرتا جي ڏات قدرتي طور سمايل هئي، ۽ جيئن پڙهڻ لائق ٿيو ته مائٽن کيس پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مٺڙيو هاليپوٽا ۾ داخل ڪرايو، ۽ سال 1969ع ۾ پنجون سنڌي پاس ڪري مڊل اسڪول جنجهي مان 1970ع ۾ مڊل ڪلاس پاس ڪيائين. سال 1976ع ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار مان ميٽرڪ پاس ڪري، انٽر لاءِ ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ سال 1984ع ۾ انٽر پاس ڪيو. پنهنجي تعليم کي جاري رکندي B.A. گورنمينٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص مان، ۽ M.A ايڪنامڪس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين. پڙهڻ جي شوق جي اڏام اڃا اڳتي هئي، سو لڳاتار تعليم جي ساگر جي لهرن سان ٽڪرائيندي M.A انگلش سيڪنڊ ڪلاس ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1993ع ۾ پاس ڪيائين. گڏوگڏ 01 جنوري 1980ع ۾ پهرئين روزگار جي ڏاڪي تي پير رکيو ۽ ڊسپينسر طور ميڊيڪل ڊسپينسري آڏي جي تڙ ۾ مقرر ٿيو، جتي 1980ع کان 1987ع تائين نوڪري ڪئي ۽ 1988ع ۾ ضلع ڪائونسل جي ڊسپينسري، غلام الله درس ۾ انچارج ڊسپينسر ٿي رهيو. بعد ۾ 1989ع ۾ ڊسپينسر طور ميڊيڪل اسپتال ڪينٽ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪئي. سندس وقت ڪافي ڏکين مسئلن مان گذريو، زندگيءَ ۾ ڪٿي لاڙها چاڙها ۽ طوفان آيا. سڀ پار ڪري پنهنجي ٻل ۽ همت سان وڙهندو رهيو. چوندا آهن ته ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪُنجي آهي. سال 1990ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي 1991ع جنوريءَ ۾ M.A انگلش ۾ ريگيولر طور داخلا ورتي، ۽ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو. سال 1994ع ۾ ڪميشن پاس ڪري ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ ۾ مقرر ٿيو. 2009ع ۾ کيس پروموشن ڏيئي 18 گريڊ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. جو اڄ تائين انهي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. گڏوگڏ پڙهڻ جو شوق هئڻ ڪري ۽ قانون سان گهڻو لڳاءُ هئڻ ڪري، سال 2011ع ۾ L.L.B لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. پروفيسر مجنون اجباڻي صاحب، سال 1996ع ۾ شريمتي مومل ٻائي ڌي ڏيچند پنئار ڳوٺ ٻاٻوهر تعلقه مٺي مان شادي ڪئي. جنهن مان اولاد 3 نياڻيون ۽ ٻه پٽ 1. پارس جو ڇهون ڪلاس ۽ ٻيو نيرج ڪمار، پهريون ڪلاس پڙهي رهيو آهي. مجنون اجباڻيءَ کي سماجي ڪمن ۾ پنهنجي قوم جي شاگردن ۾ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ تمام گهڻو اونو رهندو آهي. هو هر موڙ تي غريب شاگردن جي ساهته ڪندو رهي ٿو. سادو ۽ سڌو ماڻهو آهي، وڏائي ڪجهه نه ڄاڻي. هو ميگهواڙ ڪميونٽيءَ جي ايسوسيئيشن ”ٿر مُرڪ“ جو فائونڊر ميمبر رهيو؛ ۽ هن وقت جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس ذهني سوچ پنهنجي قوم مان نشي جھڙي موذي مرض کي ڪڍڻ، ۽ تعليم لاءِ خاص طور جاکوڙي رهيو آهي.

لڌو جئپال

(دنيا جو وڏي عمر وارو انسان) (1870ع کان 2013-04-13) هنس گيا، سارس گيا، گئي اوئان ري چال، ٻانڀڻ تو پڌرا، هت رهيا جنبو ۽ ڪانءَ. (ڪبير) هيءُ سنسار چڪر به هڪ عجيب آهي. هن سنسار ۾ ڪيئي منش آيا، ڪيئي پنهنجو وارو وڄائي ويا. پر ڪي معصوم چند ڏينهن آيا ۽ واپس هليا ويا. ڪئين انسان نوجوانيءَ ۾ هي سنسار ڇڏي ويا، ته ڪي ننڍي عمر ۾ پنهنجي پريوار کان جدا ٿي ويا. ڪي پُرش پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڪرم (گرهست) آشرم پورا ڪري هليا ويا. پر ڪي انسان تمام وڏي عمر ڌارڻ ڪري پوءِ موڪلائي ويا. اهڙو هڪ ميگهواڙ جاتيءَ جو پُرش سرڳواسي لڌو جئپال، جنهن سال 1870ع ڌاري کيمون مل جئپال ڳوٺ چڙيل تعلقه ڏيپلو ضلع ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو چاڳان ڳنڍير ڳوٺ ٻٽڙي تعلقه ڏيپلو جي هئي. لڌو جئپال اڻ پڙهيل هو ۽ هارپو ۽ بوٽن ٺاهڻ جو ڪم ڪري پنهنجي پريوار جو خرچ پکو هلائيندو هو. پاڻ ٻه شاديون ڪيون هيون 1. مصران ڌي ويرسي ذات کوکر، ڳوٺ ڪلڻهار مٺو تعلقي ڏيپلي جي هئي. جنهن مان کيس هڪ پٽ نالي جگتو هو، جو 1979ع ۾ گذاري ويو ۽ ٻي شادي مولان ڌي مٺو ذات کنڀو، ڳوٺ ڊگهه، تعلقه ڏيپلو جي هئي، جنهن مان کيس 5 پٽ آهن. 1. هرچند 2. کينئرو 3. علو، 4. تماچي، 5. کيتو جيڪي سڀ زندهه آهن ۽ ٽي نياڻيون 1. سامون 2. لالان ۽ 3. والهو آهي. لڌو جي چوٿين پيڙهيءَ جو نوجوان کيمون پٽ هرچند ٻڌايو، ته پاڻ شادي ڪئي، تڏهن سندس عمر 30 سال هئي. سندس وڏو پٽ جگتو سال 1979ع ۾ فوت ٿي ويو، انهي وقت سندس عمر 70 سال هئي. پاڻ سال 2013–04–13 تي هن فاني دنيا مان 134 سالن جي عمر جو ٿي گذاري ويو. سال 2011ع جو دنيا ۾ سڀ کان وڏي عمر وارو شخص آمريڪا جو رهواسي، والٽر بريوننگ آهي، جو ورلڊ گنيز بوڪ ۾ انهيءَ جو نالو داخل آهي ۽ 2014 جو ورلڊ گنيز بوڪ موجب دنيا ۾ وڏي ڄمار جي عورت Jeann Loise Calment جا فرانس جي هئي، جنهن جو جنم 1875–02–21 تي ٿيو ۽ 1997–8–4 تي فوت ٿي، سندس عمر 122 سال 164 ڏينهن هئي. پر لڌو جئپال عمر جي لحاظ کان سڀ کان وڏي عمر جو دنيا جو وڏي ۾ وڏي عمر وارو انسان هو. جيئن ته اڻ پڙهيل هئڻ ڪري ڪوبه ڄمڻ جي تاريخ جو رڪارڊ نه ملڻ ڪري سندس نالو ورلڊ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ نه اچي سگهيو. مرڻ وقت به هُن جا وار ڪارا هئا ۽ سندس ڏند ثابت هئا ۽ ٻڌڻ جي شڪتي ثابت هئي. سندس پريوار ۾ هن وقت 275 ڀاتي آهن. اهڙي طرح لڌو جئپال دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي عمر ماڻي، پوري ميگهواڙ جاتيءَ جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو.

ڀومون مل لڳڙا

(ميگهواڙ جاتيءَ جو ننڍي قد وارو انسان) جو قوم جيئاري سو جيئندو رهندو، جو عام اُجاري اهو جيئندو رهندو. مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي، جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو. قدرت هن سنسار ساگر ۾ ڪيترن ئي قسمن جا انسان پيدا ڪيا آهن. ڪي قد جا ڊگها، ڪي قد جا ڇوٽا، ڪي پورا پنا ته ڪي ٿلها متارا ته ڪي ڪمزور سنهڙا، ورلڊگيسز رڪارڊ موجب دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو ربوٽ ويبلو (Robet Wadlow) جيڪو يونائيٽيڊ اسٽيٽ جو رهواسي هو، جنهن جو قد 8.11.1 اٺ فوٽ يارنهن پوائٽ هڪ انچ هو، جو 22 سالن جي عمر ۾ 1940ع ۾ فوت ٿي ويو. دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي قد واري شخص جو ورلڊ گنيز رڪارڊ ۾ آهي، اهو نيپال جو چندرا بهادر دانگ (Chandra Bahedhr Dang) جنهن جو قد 21.5 هڪ فوٽ 9.5 انچ آهي، ۽ دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي قد واري عورت، جا ميڪسِڪو جي هئي، جنهن جو قد 20 انچ هو جا 1890ع ۾ فوت ٿي ويئي آهي. اهڙي طرح پاڪستان جو وڏي ۾ وڏي قد وارو ماڻهو محمد عالم چنا، جيڪو سيوهڻ ضلعي لاڙڪاڻي (ڄامشورو) جو رهواسي هو، جنهن جو قد 7 فوٽ 8 انچ هو. پر آئون هتي اسان جي ميگهواڙ جاتيءَ جو، پاڪستان جي ننڍي ۾ ننڍي قد واري شخص شري ڀومون مل جو ذڪر پيو ڪريان، جنهن جو قد صرف 3 فوٽ 9 انچ آهي، جنهن سال 1932ع تي شري هرو لڳڙو ڳوٺ ٻهراڻو، يونين ڪائونسل ٻيٿاپور، تعلقي ننگرپارڪر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڏلو ڌي ڏيچرو، ذات اڻکيه ڳوٺ ڀوڏيسر، تعلقه ننگرپارڪر جي هئي. ڀومون مل شروع کان ئي مال چاريندو هو ۽ پوءِ جتيون ۽ بوٽ ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن ۾ مهارت رکندو هو. خاص ڪري مردانه ۽ زنانه مارواڙي لتي جون جُتيون ۽ مٿي ڀرت جي ڪم ڪرڻ جو ماهر آهي. هن وقت سندس عمر اٽڪل 82 سال آهي ته به ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪم ڪندو رهندو آهي. سال 1971ع ۾ انڊيا پاڪستان جي جنگ واري وقت هي انڊيا هليو ويو هو، جو ڳوٺ سوئي گام به رهندو هو. جتي کيس ساڳئي قد جي ڇوڪري ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي، پر هن کي پاڪستان اچڻو هو، تنهن ڪري شادي نه ٿي سگهي، ۽ جڏهن واپس پاڪستان آيو ته هن جي قد جي ڪابه ڇوڪري نه ملي ۽ نه ڪا ٻئي ڇوڪري قد ڇوٽي هجڻ ڪري شادي ڪرڻ ٿي چاهي. هن مايوس ٿي شادي نه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري، زندگي گذارڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني ۽ اڄ تائين برهم چاري آهي. ڀومون مل بلڪل صحتمند آهي گهر جو سڄو ڪم ڪار پاڻ ڪندو آهي. آخر ڪار زندگي گهارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ هن پنهنجي گهر جي ڀرسان هڪ مندر ٺهرايو آهي. جتي رهندو آهي ۽ ايشور جو نالو وٺي شيوا ڪندو رهندو آهي، هن وقت سندس عمر 82 سال آهي. هن کي 3 ڀيڻون ۽ چار ڀاءُ ۽ پنجون پاڻ، جو سڀني کان وڏو آهي. نانجي، کينرو، ڏاجي جيڪي حيات نه آهن، ۽ ننڍو ڀاءُ ناٿو جو هاري آهي، کيتي ٻاڙي ڪندو آهي ۽ حيات آهي. ڀومون جي زندگيءَ جو ديپ اجهاميل رهيو جو آخر تائين روشن نه ٿيو، ۽ وقت اڪيلائي ۽ اُداسيءَ ۾ گهاري رهيو آهي. تنهن هوندي به خوش نظر ايندو آهي. هي هميشه سفيد ڪپڙن جو لانگهوٺو ۽ قميص ۽ پٽڪو ٻڌڻ جو شوقين رهيو آهي، اهائي سندس سڃاڻپ آهي. ٻهراڻو ڳوٺ جيڪو بلڪل انڊيا جي بارڊر ويجهو آهي، جتي انڊيا جون سرچ لائيٽون گهرن کي روشن ڪن ٿيون ۽ گهر ۾ ماني وغيره انهي روشنيءَ تي تيار ڪندا آهن. ٻهراڻيءَ کان ٿورو اڳتي چوڙيو ڳوٺ، جو مشهور آهي، جتي جبل مٿي ماتا جي جو مندر آهي، جو تمام مشهور آهي. اهو جبل، جيڪو روشنيءَ تي رنگين نظر ايندو آهي، جيڪا سياحن جي گهمڻ جو هنڌ آهي. شو جو ميلو، جيڪو ساردڙو تي هر سال لڳندو آهي جتي سڄي ملڪ مان ياتري ايندا آهن، اُهي ماتا جي مندر جو درشن ضرور ڪرڻ ايندا آهن.

مهتر پورو مل

(1910ع کان 1991ع) پورو مل مهتر پٽ ماڌو مل، ڳوٺ هيلاريو لنجا جا رهواسي هئا، سندن اصلي ڳوٺ تعلقي ڏيپلو جي پيلوڙو اسٽاپ ڀرسان هو، پورو مل مهتر تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ننائي جي رهواسي، راڄو ٻڙهيو جي گهران، شريمتي والهان سان شادي ڪئي، جنهن مان 2 پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو، جن ۾ پڳدار پٽ 65 سالا مصري مل، 55 سالن جو ڀاڳو مل ۽ 70 سالن جي نياڻي بچان شامل آهن، شريمتي بچان جي شادي ميگهي جي تڙ واسي پارو مل گورڙيو سان ڪرائي وئي، مهتر پورو مل 1933ع ڌاري پڳ ٻڌي ۽ 1990_ 91ع جي وچ ڌاري 80 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويا ۽ سندس لاڏاڻي بعد مصري مل کي پڳ جا ور ڏنا ويا، جڏهن ته مهتر پورو جي گهر واري شريمتي والهان 120 سالن جي عمر 2013ع ۾ وفات ڪئي، مهتر پورو مل جتين ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا، سندس جواني وارو دؤر بئراجي علائقي جي ڳوٺ راستي اوٺي ۾ گذريو، سندس پڳ بابت ڪجهه وڏڙن جو چوڻ آهي ته اها پڳ اصل فضل ڀنڀرو واسي، جمعون ۽ ڏامون لوا جي هئي، جن کان راهمور مان ڦري پيلوڙي اسٽاپ تي اچي پورو مل جي ڏاڏي کي ٻڌرائي ويئي، جيڪا موٽاٽيو جي ٻڙهين ڦري هئي، بعد ۾ اها نسل درنسل اچي مصري مل مهتر تائين پهتي.

ڊاڪٽر سڀاش ڪمار نانجياڻي

پوٿي پڙهه پڙهه جگ موئا، پنڊت نه ڀيا ڪوءِ، ڍائي اکشر پريم ڪا، جو پڙهي وه پنڊت هوءِ. سڀاش ڪمار جو جنم هڪ مهان انجنيئر شري سارنگرام، ذات وائوري ڳوٺ راجوڙو، تعلقو ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر جي گهر ٿيو. سندس ماتا جو نالو سامون ڌي ڏيڏو مل، ذات ڪتِل، ڳوٺ پاٻو ويرو، تعلقه ڇاڇرو ضلع ٿرپارڪر جي آهي. ڊاڪٽر سڀاش پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد عمرڪوٽ مان 1999ع ۾ حاصل ڪئي، مڊل 2002 ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 عمرڪوٽ ۽ ميٽرڪ 2004ع ۾ BFPS اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪئي. انٽر 2006ع ۾ ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان پاس ڪيائين انهي کانپوءِ MBBS سال 2012ع ۾ لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪري هاڻي FCPS-II (Mediation) 2014ع کان CPSP ڪراچيءَ ۾ ڪري رهيو آهي. پاڻ ڍاٽڪي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبان لکي، پڙهي سگهي ٿو. هميشه پنهنجي پتا جي آشيرواد سان ڪم ڪندو آهي، ۽ سدائين انهي ڪم ۾ سڦلتا نصيب ٿي، جنهن جي صلاح کيس پتا کان ملي، ۽ ڪڏهن ڪوبه نقصان نه کاڌائين. يونيورسٽي لائيف ۾ 5 سال ڪلاس جو چيف آرگنائيزر ٿي رهيو آهي. 4 مارچ جي ڏينهن تي هڪ وڏي تعداد ۾ شاگردن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، ڪارو ڏينهن ملهايو هو. سندس ننڍي هوندي کان ئي اها خواهش هئي ته ڊاڪٽر ٿي انسان ذات جي خدمت ڪريان، پنهنجي مضبوط ارادي سان پڙهائي ڪري، لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان MBBS ڪري، هاڻي FCPS-II (Mediation) ۾ پڙهي پيو، پوءِ ڪنسلٽنٽ لاءِ تياري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اسان کي پنهنجي جاتيءَ جي نونهال شاگردن تي ناز آهي، جيڪي ميگهواڙ جاتيءَ جا بنيادي ٿنڀ آهن، جو ميگهواڙ جاتيءَ جو سهارو آهي. اسان جي دعا آهي ته اسان جي جاتيءَ جي هيرن کي هر موڙ تي ڀڳوان ڪاميابي عطا ڪري، ۽ اها وينتي آهي ته ڪوشش ڪريو، محنت ڪريو، ڀڳوان اوهان سان گڏ آهي. پڪي ۽ مضبوط ارادي سان جو به ڪم ڪندا، ته ڪاميابي پاڻهي اچي اوهان جا پير چمندي. حُڪم داس سال 1960ع ۾ سرڳيه هنس نرواڻي ڌارو رام گجر، ڳوٺ مامچيرو يونين ڪائونسل ويراواهه، تعلقي ننگرپارڪر ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو ڪيسي ٻائي، ڌي جيٺارام درڙا ڳوٺ آڌي گام، تعلقي ننگرپارڪر جي هئي. سندس ماتا به هڪ ڀڳتياڻي هئي. سال 1971ع جي جنگ هندوستان پاڪستان واري دؤر ۾ انڊيا هليا ويا هئا. جتي گنگارام ٻاڪاسر پرمار واري کان گجراتي تعليم حاصل ڪئي، جيڪو لڪاشند جو شش هو، ٻه سال انڊيا م رهڻ بعد واپس پنهنجي وطن سال 1973ع ۾ آيا. پوءِ سنڌي 5 درجا پرائمري اسڪول مامچيرو ۾ حاصل ڪئي ۽ هندي ماسٽر لڇمڻ داس ڪنگورو. تعلقه ڊگهڙي وٽان حاصل ڪئي. حُڪم داس سال 1979ع ۾ شريمتي گُلان ڌي پريمچند ڪڏيچه، ڳوٺ شولو، تعلقه ننگرپارڪر سان شادي ڪئي، جنهن مان اولاد 5 نياڻيون ۽ ٽي پٽ 1. رميش ڪمار جو اليڪٽرڪ دڪان آهي 2. راجيش ڪمار جو راز ڪو ڪم ڪري ٿو. 3. هريش ڪمار پرائيويٽ نوڪري ڪري رهيو آهي. شري حُڪم چند پاڻ درزڪو ڪم ڪري ٿو. سندس مهراڻ ٽيلرنگ نالي ٽيلرنگ شاپ ڪنري شهر ۾ آهي. پاڻ سال 1974ع ۾ مامچيرو مان لڏي، ڪنري ميمڻ تعلقي عمرڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي، پاڻ شري ٻاپو کيتارام جا شِش آهن. سدائين ستسنگن ۾ رهڻ ۽ سنتن جي شيوا ڪرڻ ۾ کيس سڪون حاصل، ٿيندو آهي. شري سنت کيتارام صاحب جو هر سال دستور مطابق بڊي مهيني ۾ عمرڪوٽ شهر ۾ ميلو لڳندو آهي. انهي جو انتظام حُڪم داس ۽ هنس نرواڻي سڀ گڏجي انتظام ڪندا آهن. اسٽيج تي خاص ڪري انائونسمينٽ حُڪم داس ڪندا آهن. حُڪم داس هڪ پستڪ سنڌيءَ ۾ سنڌيا سمرڻ، جيڪو هنديءَ ۾ شري لڪشانند صاحب ڇپرايو هو، انهيءَ جو سنڌي ترجمو ڪري، ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، ۽ ٻيو پستڪ جگياسو ٻوڌ، جيڪو گجراتي ٻوليءَ ۾ آهي، انهي جو ترجمو ڪري رهيو آهي ۽ جلد پريمن جي هٿن تان پهچائيندو. حُڪم داس هڪ سماج سڌار ۽ ڌرم جي پرچار وارو پُرش آهي. ميگهواڙ جاتيءَ ۾ هو ستسنگ ۾ اخلاق ۽ ٻارن جي پڙهائڻ، ڌرم جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ پرچار ڪندو آهي. اميد آهي ته پنهنجي ڪاريه ۾ سڦل ٿيندو. سائين اتنا ديجيئي، جا مين ڪُٽم سمائي، مين بهي بهوکا نه رهون، ساڌو نه بوکها جائي.

ڀارو فقير

(1921ع کان 1952ع) جن ڄاتو، تن پاتو، جانب جو جمال، نانگا ٿيا نهال، جن ورتو گس گروءَ جو. ميگهه ونس جاتيءَ ۾ ڪيترائي سنت مهاتما فقير ٿي گذريا آهن. ٽاڀو فقير ڀڳت کيتارام جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ ڪيترائي معجزا ڏيکاريا، جو اڄ تائين انهن کي ميگهواڙ توڙي ٻيون ذاتيون مڃن ٿيون، جن جا ميلا لڳن ٿا ۽ ڪيترائي ياتري اچي سندس اڱڻ جي حاضري ڀري دعائون حاصل ڪندا آهن. اهڙوئي هڪ فقير ۽ روحانيت وارو درويش، سرڳيه ڀارو ڳوٺ گوارڻ، تعلقو اسلام ڪوٽ، ضلعو ٿرپارڪر1921ع ۾ حاجو مل کنڀو ۽ مائي ڀاڳان ٻوچياڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان وٺي اُٺيون چاريندا هئا، ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندا هئا. ننڍي هوندي کان ئي روحانيت ڏانهن لاڙو هوندو هو. اڪثر ڪري طبيعت خراب رهندي هئي، پاڻ اڻ پڙهيل هئا، 70 ايڪڙ زمين ذاتي هئي، جنهن تي ڪمائيندا هئا، سندن معجزي جا ڪيترائي واقعا اڄ به مشهور آهن، جن جو ذڪر هيٺ ڪنداسين. پاڻ 1952ع ۾ وفات ڪري ويا، سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ گوارڻ ۾ واقع آهي، جتي نومبر مهيني ۾ ساليانو ميلو لڳندو آهي. سندس معجزن بابت سندس ڀاءُ جو پوٽو دسرت ولد تپيدار سگرام داس، انتهائي جذباتي انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته 1935ع ۾ ڳوٺ جهانگريءَ ۾ مسمات ڌائي جي پٽ (سائين ڏنو) خاصخيلي هڪ خون ڪيو، ڪيس عدالت ۾ هليو، ۽ عدالت خون جي ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائڻ واري هئي، ته ٻڍڙي ماءُ ڀارو فقير وٽ پهچي ويئي، ۽ پٽ ڇڏرائڻ لاءِ واسطا وڌا، جنهن تي مجبور ٿي فقيرڀارو عدالت پهچي ويو، ۽ جج کي درخواست ڪئي ته سائيني کي آزاد ڪيو وڃي، جج جواب ڏنو، ته عدالت جي ڇت مان نانگ هيٺ اچي جج جي ڳچيءَ ۾ پيو، جنهن تي جج کي مجبور ٿي جوابدار کي باعزت بري ڪرڻو پيو. دسرت ٻيو واقعو ٻڌائي ٿو ته ڏاڏي ڀارو جي طبيعت خراب هئي، سندس والد، دوست علي خاصخيلي، (پوليس جمعدار) لالو ۽ ڀارو فقير کي اٺن تي چاڙهي موڪليو، ته وڃو راضي شاهه تي دعا پني اچو، ته من طبيعت ٺيڪ ٿي وڃي، ٽيئي ڄڻا اٺن تي سوار ٿي وڄوٽو ڪراس ڪري، جڙيار ويندڙ لنڪ روڊ وٽ پهتا، ته ڀارو فقير آسماني سفر ڪندي نظرن کان غائب ٿي ويا، جڏهن ته دوست علي ۽ لالو مل راضي شاهه جي درگاهه تي پهتا، ته ڀارو فقير اڳ ۾ اُتي موجود هو. جتي سائين راضي شاهه جي درگاهه جا دروازا کلي ويا ۽ هندورو لڏڻ لڳو، جتي پاڻ به نظر اچڻ لڳا، ٿوري دير ۾ راضي شاهه ڀارو فقير کي چيو ته منهنجي ڀر ۾ فقير ستل آهي، سڏ ڪرينس ته ڪچهري ڪريون. لالو ۽ دوست علي جمعدار جي عيني شاهدي موجب هڪ قبر مان ڪاري رنگ جي لوئي اوڍيل، مٿي تي وار ڪونه هئس، نڪري آيو، ۽ هنن جي ڪچهريءَ ۾ ويهي رهيو ۽ سڄي رات خوب ڪچهري ٿي، جتي سائين راضي شاهه لالو ۽ دوست عليءَ کي چيو ته اوهان وڃو ڪفن وٺي اچو، ۽ ڀارو کي هتي دفنايو، ڇو ته اسان وٽ ڪچهري وارو ماڻهو ڪونهي. جنهن تي دوست علي جمعدار سائين راضي شاهه جي پيرن تي ڪري پيو، ۽ چيائين ته آئون ڀارو فقير جي پيءَ سان واعدو ڪري آيو آهيان، ته تنهنجي پٽ کي صحيح سلامت واپس پهچائيندس، ان ڪري هن هنڌ مون کي دفن ڪريو ۽ ڀارو فقير کي اجازت ڏيو. جنهن تي سائين راضي شاهه چيائين ته توهان وڃو، اسان جي اجازت آهي، باقي ڀارو فقير کي رڱي لال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي توهان کي وهي واپري جون اڳواٽ خبرون ڏيندو. ڀارو فقير جي ڀاءُ جو پوٽو دسرت انتهائي جذباتي انداز ۾ ڪيئي واقعا ٻڌائي ٿو. شايد اهوئي ڪارڻ آهي، جو گوارڻ ۾ نومبر جي مهيني ۾ ماڻهن جا ميلا مچن ٿا، اٺن ۽ گهوڙن جون ڊوڙون ٿين ٿيون ۽ ياتري دعائون گهرن ٿا.

ميگھواڙن جون ذاتيون/ ساکون

سرڳيه رائيچند راٺوڙ تاريخ ريگستان ۾، ٿر ۾ رهندڙ ذاتين جي ذڪر ۾، ميگهواڙ جاتيءَ جي باري ۾ لکيو آهي ته هي اصل مارواڙ (راجپوتانا) کان آيل آهن. منجهن ڪُل 270 ساکون آهن، جن مان چار ساکون نج اصلوڪن رهاڪن جون آهن، انهن مان ڪابه ٿر ۾ ڪانهي، باقي 266 ساکون پوءِ راجپوتن مان ٺهيون آهن، جن مان ڪيتريون ئي ٿر ۾ آهن. ٿر ۾ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ پکڙيل آهن. هي هڪ سانتيڪي جاتي آهي. انهن جون ڪيتريون ئي نُکون راجپوتن واريون آهن. جيئن ته راٺوڙ، چوهاڻ، ڀٽي، سولنڪي ۽ پرمار وغيره، مون پنهنجي ڪاوش سان ميگهواڙ ذاتين جا نالا گڏ ڪيا آهن. اُهي هيٺ موجب آهن: 1. اينهپا 2. آسريه 3. اوڍاڻا 4. اِڻکيه 5. اجيريا 6. اُميدا 7. اونچل 8. اومرچيه 9. آدتيه 10. بڙولا 11. بابليا 12. بلايا 13. برماڻيا 14. بيگڙ 15. بڊو 16. بانر 17. بالاچ 18. بانڀيا 19. ٻوچيا 20. ٻانڀڻيا 21. ٻاراچ 22. ٻوڙاڻا 23. ٻوکا 24. ٻاروپار 25. ٻڙهيا 26. ٻڙهڙ 27. ڀُوٽ 28. ڀٽي 29. ڀاٽيا 30. ڀٽينل 31. ڀڀنر 32. ڀٽاڻيه 33. ڀنوريا 34. ڀاٽ 35. تماچي 36. تُرڪيه 37. ٿراڻيه 38. ٽانڊيا 39. پرمار 40. پاتاريا 41. پنگهوار 42. پڍيار 43. پنوار 44. پوگهو 45. پاتريه 46. پتا 47. پرگڙو 48. پاريگي 49. پنجول 50. پُنهون 51. پنڙ 52. پڙهيار 53. پهاڻ 54. پتڙيا 55. پونڙ 56. پلاسيه 57. پٽيئر 58. پلاڻيا 59. پينڊار 60. پڇاڻيا 61. پاکريا 62. پونڙيا 63. پونگل 64. پوند، پهوڙ 65. جويا 66. جاٽ 67. جٽيا 68. جئپال 69. جوگو 70. جوکيا 71. جاکيرا 72. جوگڻيه 73. جوڌا 74. جوگل 75. جادم 76. جيٺاڻيه 77. جاٽا 78. جسوال 79. جهيرٽ 80. چوهاڻ 81. چارڻيه 82. چنه 83. چنڊيلا 84. چوپڙا 85. چاندڻيه 86. چارڻ 87. چتوڙيا 88. چاوڙا 89. چوڏسيا 90. ڇُريٽ 91. ڇوگڻ 92. ڇاڇيا 93. ڊانگي 94. درڙا 95. ديپڪ 96. ڌراوڻ 97. ڌڻڌي 98. ڌيئڙا 99. ڌاڻڪ 100. ڌوڙڪس 101. ڌاڪڙ 102. ڏوٽا 103. ڏوهٽ 104. ڏيپار 105. ڏيپن 106. ڏوڏيا 107. ڏوڏيسا 108. ڏڦڙا 109. ڏنڏيسا 110. راجپوت 111. رهڙڪا 112. راٺوڙ (راٺوڙيا) 113. رڻوا 114. رکيسه 115. روهلا 116. راٺي 117. رانڪاڻي 118. سوڻيا 119. سوسايا 120. سونارا 121. سنچوريا 122. سيندريا 123. سوڍا 124. سيجو 125. سيال 126. سولنڪي 127. سينگڙا 128. سوريلا 129. سنجوٽ 130. سنجا 131. سيکاٽ 132. ساچوڙ 133. سينگل 134. سينهڙا 135. سنهيٽا 136. سامڙا 137. سونڍا 138. ڦڦل 139. ڦانگا 140. ڦُلا 141. ڦونگاريا 142. ڪانبڙيا 143. ڪڙليا 144. ڪاسليا 145. ڪڙيسيا 146. ڪٽاريا 147. ڪامڻيا 148. ڪاگيه 149. ڪاجليا 150. ڪسونبا 151. ڪانٽيا 152. ڪڏيچه 153. ڪلاڻي 154. ڪالڙا 155. ڪانشيا 156. ڪوريا 157. ڪور 158. ڪاپڙي 159. ڪوثر 160. ڪاڳي 161. ڪوٻڙا 162. ڪتيرا 163. ڪلوا 164. ڪانٺيسا 165. کنڀو 166. کوکر 167. کينٽليا 168. کريٽ 169. کوڙيا 170. کيموريا 171. کيهلڙا 172. کينوليا 173. کٽي 174. کينچي 175. گوهيل 176. گنڍير 177. گُجر 178. گورڙيا 179. گراسيا 180. گورکيا 181. گجراڻيا 182. گانڌي 183. گرگ 184. گريبوي 185. گوچر 186. گينور 187. گلڙا 188. گاويسر 189. گڙچر 190. گوڌا 191. گاڏي 192. گوراڻ 193. ڳيرا 194. گونگهڙا 195. گهلڙا 196. ليلڙ 197. لاڏڻ 198. لنجار 199. لهوا 200. لوڻيا 201. لالر 202. لکيا 203. لهوڻا 204. لڳڙا 205. پونچا 206. لُڊر 207. ماتنگ 208. مُڇڙيا 209. مڪواڻا 210. مڻور 211. موسڙيا 212. ميريا 213. موٽو 214. منگي 215. ميرڙا 216. مري 217. مهيشوري 218. موريه 219. ميهرڙا 220. مُنگريا 221. مهار 222. منگليا 223. مهراڻيا 224. مهير 225. موڏڻ 226. مَهر 227. نيمڙيا 228. نجار 229. نار 230. والڙيا 231. وڻهول 232. والسور 233. واگڻ 234. واگهيلا 235. ويلاچ 236. واڍا 237. واڻيا 238. واوڙيا 239. وائوري 240. ولاسيه 241. وريند 242. ويراج 243. وليهيه 244. وارسور 245. ونڪيا 246. عرشي 247. عرصي 248. هينگڙا 249. هنجڙا 250. هميرا 251. هميا 252. هاٽيلا 253. نوريا 254. نيموريا 255. ٺونشيا 256. کهڙا