سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ محقق مختيار احمد ملاح جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي ڊرامي جي مختصر تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي.
هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ ڊرامي سان چاهہ رکندڙ شاگردن، استادن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو. هن ڪتاب ۾ پھريون دفعو سنڌي زبان جا وڌ ۾ وڌ ڊراما نگار متعارف ڪرايا ويا آهن. سندن مختصر سوانح ۽ ڊراما نگاري تي بھترين روشني وڌي ويئي آهي. اهڙي طرح اسٽيج ڊرامن، ٽي وي ڊرامن، ريڊيو ڊرامن ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل ڊرامن بابت الڳ الڳ ورڇ ڪري مختيار ملاح پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻي سولائي ڪري ڇڏي آهي. مستقبل ۾ ڊرامي تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هي ڪتاب ريفرنس ڪتاب ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ هر قسم جو مواد هڪ هنڌ تي موجود آهي.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو ھو. ٿورائتا آھيون مختيار احمد ملاح جا جنھن ڪتاب جي نئين ڊجيٽل ڇاپي ۾ واڌارو ۽ سڌارو ڪري پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com