الطاف شيخ ڪارنر

تيستائين گڊ باءِ

الطاف شيخ ساگر ساگر، ساحل ساحل، نگر نگر  ۽ بندر بندر گھمندو بہ رهي ٿو تہ گھمندي گھمندي خواب بہ ڏسي ٿو. اهي خواب جهڙا سفر ۽ سفر جهڙا خواب بارياب ٿيندو ڏسي دل واهه واهه ڪرڻ لڳي ٿي. الطاف شيخ اسان کي خواب بہ تہ اهڙائي ڏيکاري ٿو. حسين دنيائن جا خواب، انڊلٺ جي ست رنگي سر زمينن جا خواب،  حسين گلن ۽ معطر فضائن سان واسيل اجنبي ملڪن جا احوال! ڪوهه قاف جي پرين جي پيار جا خواب، سائنسي ديون، جنن  ۽ راڪاسن جي عقل کي اچرج ۾ وجھندڙ ڪارنامن جا خواب! ۽ سڀ کان وڌيڪ امن جا خواب. انسانيت جي اوج جا خواب، محبت ۽ مروت جا خواب، ظلم و ستم کان نجات ۽ استحصال کان آزاديءَ جا خواب، خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب، اقتصادي ترقيءَ جا خواب، بهتر دور ۽ روشن مستقبل جا خواب هي خواب حقيقي دنيا جا خواب آهن. 

  • 4.5/5.0
  • 23
  • 5
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تيستائين گڊ باءِ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار الطاف شيخ جو لکيل سفرنامو ”تيستائين گُڊ باءِ“ اوهان اڳيان پيش آهي.پروفيسر حميد شھيد لکي ٿو:
الطاف شيخ ساگر ساگر، ساحل ساحل، نگر نگر  ۽ بندر بندر گھمندو بہ رهي ٿو تہ گھمندي گھمندي خواب بہ ڏسي ٿو. اهي خواب جهڙا سفر ۽ سفر جهڙا خواب بارياب ٿيندو ڏسي دل واهه واهه ڪرڻ لڳي ٿي. الطاف شيخ اسان کي خواب بہ تہ اهڙائي ڏيکاري ٿو. حسين دنيائن جا خواب، انڊلٺ جي ست رنگي سر زمينن جا خواب،  حسين گلن ۽ معطر فضائن سان واسيل اجنبي ملڪن جا احوال! ڪوهه قاف جي پرين جي پيار جا خواب، سائنسي ديون، جنن  ۽ راڪاسن جي عقل کي اچرج ۾ وجھندڙ ڪارنامن جا خواب! ۽ سڀ کان وڌيڪ امن جا خواب. انسانيت جي اوج جا خواب، محبت ۽ مروت جا خواب، ظلم و ستم کان نجات ۽ استحصال کان آزاديءَ جا خواب، خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب، اقتصادي ترقيءَ جا خواب، بهتر دور ۽ روشن مستقبل جا خواب هي خواب حقيقي دنيا جا خواب آهن. 
ھي ڪتاب 2004ع ۾ انڊس پبلشرز، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين الطاف شيخ جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو: تيستائين گڊ باءِ
موضوع: سفرنامو
ليکڪ: الطاف شيخ
ڇاپو: پهريون 2004ع
ڪمپوزنگ، لي آئوٽ ۽ ٽائيٽل: انڊس ڊزائينرز فون5655953
ڇپائيندڙ: انڊس پبلشرز، ڪراچي

قيمت : 120 رپيه

TESTAIEN GOOD BYE
(A Travelogue)
By: Altaf Shaikh
Published By: INDUS publishers, Karachi.
Edition: First, 2004
Address: 253, Lower Ground, International
Shopping Centre, Abdullah Haroon Road, Saddar, Karachi.
Pone: 5655953. Email: abro@cyber.net.pk
گھرائڻ لاءِ لکو:
انڊس پبلشرز، 253 لوئر گرائونڊ، انٽرنيشنل شاپنگ سينٽر، صدر
ڪراچي. فون: 5655953

انتساب

آپا شيرين فاروقي نالي

آپا شيرين جي جلد سڃاڻپ لاءِ اڄ ڪلهه ڪو به ائين چئي سگھي ٿو ته هوءَ امتياز شيخ (سيڪريٽري سنڌ حڪومت) ۽ مقبول شيخ (مسلم ليگي وزير) جي ڀيڻ آهي، پر آپا شيرين جي پنهنجي ڌار سڃاڻپ ۽ تمام اهم حيثيت ۽ شخصيت آهي - خاص ڪري تعليم و تدريس، سماجي خذمت، ريڊيو، ٽي وي ۽ ادب جي حوالي سان.
منهنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ اڄ کان پورا ٽيهه سال اڳ (69-1968) ڌاري اوچتو ٿي. منهنجي تعليم سال اڌ اڳ ختم ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ جهاز تي انجنيئر جي حيثيت سان رهي SAIL ڪري رهيو هوس. منهنجو والد انهن ڏينهن ۾ ٺٽي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو. کين ڪا خبر پئجي وئي ته جهاز ڪراچي پهچڻ تي آئون بنا لائسنس جي ڪار هلايان ٿو. پاڻ پنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ۽ گھاٽي دوست سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ان بابت ٻڌايو ته هو مون کي بنا لائسنس ڊرائيونگ کان منع ڪن ۽ ڪراچي ٽرئفڪ جي DIG سمي محمد خان سان آئون يڪدم ملان. نياپو ملڻ سان ٻئي ڏينهن مئڪلوڊ روڊ (آءِ آءِ چندريگر روڊ) تي پوليس آفيس ۾ سمي صاحب وٽ پهتس. سندس آفيس ۾ ڪنهن ڪاليج جا ڪجھه مرد ۽ عورتون ليڪچرار ڪنهن ميٽنگ جي سلسلي ۾ ويٺا هئا. خالي ڪرسي جنهن عورت جي ڀر ۾ هئي، جتي مون کي ويهڻ لاءِ چيو ويو، ان کي سنڌي به آئي ٿي جو ڊي آءِ جي سان اڙدوءَ ۾ بحث ڪرڻ وقت سنڌيءَ جو ڪو لفظ استعمال ڪيم ٿي ته هن اڙدو جو صحيح لفظ ٻڌايو ٿي. مون بنا لائسنس گاڏي هلائڻ جا سبب ٻڌايا ته ڊرائيونگ جو ٽيسٽ وٺڻ وارا پوليس انسپيڪٽر سڄو سڄو ڏينهن بيهاري انتظار ٿا ڪرائين ۽ پوءِ صحيح ٽيسٽ ڏيڻ تي به پاس نٿا ڪن. سمي صاحب مون کي سمجھايو ته هر شيءِ ملڪ جي قاعدي قانون موجب ڪرڻ کپي ۽ غير قانوني طرح منهنجو گاڏي هلائڻ نه هن کي پسند آهي ۽ نه منهنجي والد کي. “توکي گاڏي هلائڻ اچي ٿي ته انسپيڪٽر ڪڏهن به فيل نه ڪندئي.” پاڻ ان ئي وقت انسپيڪٽر کي گھرايائين ۽ مون کي ٽيسٽ لاءِ موڪليائين. (مون اها ڳالهه ان ڪري به ڪڍي آهي جيئن اڄ جو نوجوان انهن ڏينهن جي Law & Order جو اندازو لڳائي سگھي. منهنجو پيءُ ته اصول جو سخت هو پر سمي صاحب جيڪو ٺٽي ۾ بابا سان گڏ وڏو عرصو پوليس ۾ SP ٿي رهيو ۽ اسان کيس چاچا چوندا هئاسين، تنهن به ائين بنا ٽيسٽ جي ڊرائيونگ لائسنس نه ڏياريو. باقاعدي ٽيسٽ وٺرائي پوءِ ڏنو.)
بهرحال جيسين انسپيڪٽر اچي ۽ اسان لاءِ آيل چانهن پيتي وڃي ڀر ۾ ويٺل محترمه مون کان پڇيو ته آئون ڪير آهيان ۽ پاڻ پنهنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايائين ته هن جو نالو شيرين فاروقي آهي. شڪارپور جي هڪ شيخ فئملي سان واسطو آهي. هن وقت هوءَ ڪراچيءَ جي هڪ عورتن جي ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ۽ سندس مڙس هوائي فوج ۾ آهي. پاڻ سندن گھر جو فون نمبر ڏنائين ۽ ساڻس ۽ سندس مڙس ظفر فاروقي صاحب سان ملڻ لاءِ گھر اچڻ جي دعوت ڏنائين. ان دفعي ته منهنجو جهاز جلدي ۾ وڃڻ وارو هو سو هليو ويس ٻئي دفعي جهاز ڪاچي اچڻ تي آئون سندن گھر آيس. مون کين پاڻ جهڙو مست، ڪيئر فري ۽ سادو سودو محسوس ڪيو پر ٻنهي (زال مڙس) وٽ علم جو ڀنڊار ڏٺم. انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جي آدمشماري ايتري ڪا گھڻي ڪانه هئي ۽ ان ۾ ڄاڻ سڃاڻ وارا اڃا به ٿورا هئا. منهنجا واقفڪار سڀ ساٿي ڪلاس ميٽ جهازن تي وڃي چڪا هئا يا ڌارين ملڪن ۾ هئا. ڪراچيءَ ۾ ڪو ڪڏهن هڪ ٻه نظر ايندو هو، ان ڪري آپا شيرين وارن سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. پاڻ شروع کان ڏاڍا قربائتا، مهمان نواز ۽ سخي دل جا هئا ۽ منهنجو ڏاڍو خيال رکندا هئا. ڪراچيءَ ۾ ڪو به فنڪشن ٿيندو هو يا ظفر ڀائي يا آپا شيرين جي مائٽن يا سڃاڻپ ۾ ڪو ڪاڄ ٿيندو هو ته هو مون کي اتي به گھر جي ڀاتيءَ وانگر وٺي هلندا هئا. ظفر ڀائيءَ جهڙن سان ملي احساس ٿو ٿئي ته عظمت ان ۾ هرگز نه آهي ته ڪو سنڌي آهي يا مهاجر، ڪارو آهي يا اڇو، شيعو آهي يا سني، غريب آهي يا امير - پر وڏو ماڻهو اهو ئي آهي جيڪو سٺو انسان آهي.
آپا شيرين جن کي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو (۽ اڃا تائين آهي)سندن گھر ۾ ڪيترائي سنڌي، اڙدو، انگريزي، فرينچ ۽ جرمن زبانن جا ڪتاب نظر ايندا هئا. بلڪه جتي ڪٿي ڪتابن جو راڄ هو. ڪچن ۾، ڊرائنگ روم ۾، ٽيبلن تي، ڪرسين تي، درين تي، بوٽن جي رئڪ مٿان،،، جتي ڪٿي ڪتاب ئي ڪتاب هوندا هئا. فرينچ ۽ جرمن زبانن کان ته فقط ظفر ڀائي واقف هو باقي ڪتاب آئون به ڀريون ٻڌي پڙهڻ لاءِ کڻندو هوس. سندن گھر ڪڏهن ڪڏهن مسافرخانو ۽ مهمان خانو هوندو هو. مهمانن جي ڀڄ ڊڪ ۽ ڪم ڪار لاءِ آپا شيرين جا ننڍا ڀائر: مقبول ۽ طارق (امتياز) هوندا هئا. مقبول ڀيڻن بعد پهريون ڀاءُ ڄمڻ تي ننڍي هوندي کان سڪيلڌو هوندو هو ان ڪري گھڻي ڀڄ ڊڪ طارق کي ئي ڪرڻي پئي ٿي. طارق انهن ڏينهن ۾ ٻارنهن تيرهن سالن جو مس هو ۽ شايد ستين ڪلاس ۾ هو. آپا شيرين ۽ ظفر ڀائي جي ڪري منهنجي سنڌ جي ڪيترن ئي اهم شاعرن، اديبن، ٽي وي ۽ ريڊيو وارن، سياستدانن، فوجي آفيسرن ۽ سرڪاري ڪامورن سان ملاقات ٿي جن جو وڏو تعداد سندن مائٽيءَ ۾ ئي آيو ٿي ۽ سندن خاندان ماشاء الله ڪافي وڏو ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهي. ظفر ڀائيءَ جون اڄ به مون کي سڀ ڳالهيون وڻنديون آهن سواءِ بحث جي! خاص ڪري اهو بحث جنهن ۾ هو صحيح نه هوندو آهي ته به اسان جي ننڍي هجڻ ڪري هو اسان کي زوريءَ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
آپا شيرين جي اها ڳالهه قابلِ ذڪر آهي ته هن ان دور ۾ تعليم حاصل ڪئي جڏهن اڃا سنڌ ۾ مردن جي تعليم به ايتري عام نه هئي. 1959ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ۾ جن ڏينهن ۾ آپا “شيرين شيخ” جي نالي سان ايم اي ڪئي، سنڌ جي ڳوٺن جون ڇوڪريون ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون هيون. تن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي هو ۽ سندس پروفيسر هئا مظهرالحق صديقي صاحب، ڊاڪٽر هاليپوٽو ۽ ڊاڪٽر ممتاز. ايم اي ڪرڻ بعد آپا شيرين حيدر آباد جي انجمن اسلام اسڪول جي KG سيڪشن جي انچارج ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ محترمه عائشه عمر پرنسپال جي حيثيت سان سکر جو گورنمينٽ گرلس ڪاليج کوليو جنهن ۾ پڙهائڻ لاءِ هن کي قابل ماسترياڻين جي ضرورت هئي. آپا شيرين جي ايم اي ۾ سيڪنڊ پوزيشن هئي ۽ ساڻس گڏ رشيده فاخر ۽ مهر نور محمد (حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول جي بانيءَ جي ڌيءُ) ۽ ٻيون سٺي پوزيشن کڻڻ واريون گريجوئيٽ هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ لاءِ سکر آيون. آپا شيرين 1960ع کان وٺي 1964ع تائين سکر جي هن ڪاليج ۾ پڙهايو ان بعد حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ آئي. انهن ڏينهن ۾ ان ڪاليج جي پرنسپال آپا شمس عباسي هئي ۽ پڙهائڻ وارين مان ڪجھه هي هيون: اسلامڪ اسٽڊيز ۽ ڪلچر لاءِ پروفيسر مريم نوحاني، فارسي لاءِ خورشيد ميمڻ، انگريزي لاءِ زيب، جيڪا اڄ ڪلهه ان ئي ڪاليج جي پرنسپال آهي. باٽني لاءِ اختر شاهه، جيڪا هينئر ڪراچي جي وومين ڪاليج جي پرنسپال آهي. انهن ڏينهن 65-1964ع ۾ آپا شيرين جي شادي ظفر فاروقيءَ سان ٿي جنهن جي ڀيڻ خالده فاروقي سندس ڪلاس ميٽ هئي جيڪا بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي چيئر پرسن ٿي.
شادي بعد آپا شيرين جن ڪراچي اچي رهيا ۽ 1965ع کان وٺي 1977ع تائين هوءَ گورنمينٽ ڪاليج فار وومين (شاهراهه لياقت) ۾ پروفيسر ۽ ان بعد پرنسپال ٿي رهي. آپا شيرين جون ٻه ننڍيون ڀينرون پڻ ڪافي وقت کان ساڳي ڪاليج ۾ پڙهائي رهيون آهن. تاني (سلطانا) زولاجي ۽ فخري (فخر النساء) اسلامڪ هسٽري پڙهائي ٿي. (آپا جي باقي ٽن ڀينرن مان ساحره انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ گلنار ۽ سڀ ۾ ننڍي شاهين ڊاڪٽرياڻيون آهن). ڊاڪٽر گلنار جي شادي سندس ڪزن غلام علي سان ۽ ڊاڪٽر شاهين جي سندس سوٽ جميل شيخ سان ٿي آهي - جيڪو ڪي اي ايس سي ۾ چيف انجنيئر آهي ۽ سليم گل جو ننڍو ڀاءُ آهي.
آپا شيرين جي شاديءَ وقت سندس گھوٽ ظفر ڀائي (ونگ ڪمانڊر احمد ظفر فاروقي) سنڌ يونيورسٽي ۾ هيڊ آف فزڪس ڊپارٽمينٽ هو. ظفر ڀائي هندستان جي مشهور شاعر ۽ سرڪاري ڪاموري محمد غضنفر عليءَ جو فرزند آهي. غضنفر علي صاحب هندستان جي يوپي صوبي جي فتح پور ضلعي ۾ 1890ع ۾ ڄائو. مسلم ائنگلو اورينٽل اسڪول ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ظفر ڀائي سندن وڏو پٽ آهي ۽ 1932ع ۾ ڄائو. پاڻ الله آباد جي بئائز هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪيائين. سندس ڪلاس ميٽن مان هندستان جو اڳوڻو پرائم منسٽر وي پي سنگھه پڻ آهي. هي اهو اسڪول آهي جنهن مان هندستان جو مشهور فلم ائڪٽر اميتاڀ بچن پڻ پڙهيو آهي ۽ پنهنجن انٽرويوز ۾ اڪثر ان جو نالو کڻندو رهي ٿو. ظفر ڀائيءَ جو پڙهائيءَ ۾ ماشاء الله ننڍي هوندي کان وٺي ڪو مقابلو ڪري نٿي سگھيو. پاڻ پهرين درجي کان وٺي B.Sc. تائين هر سال فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. پاڻ بي ايس سي ۾ فزڪس ۽ پوسٽ گريجوئيشن ۾ نيوڪليئر فزڪس سبجيڪٽ کنيائين ۽ اها پڻ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. پاڻ 1954ع ۾ پاڪستان آيو ۽ حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي ۾ اچي ليڪچرار ٿيو ۽ پوءِ ٻئي سال سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. انهن ڏينهن جي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي صاحب هن نوجوان جي محنت ۽ ذهانت مان متاثر ٿي ٻن سالن بعد (1957ع ۾) فزڪس ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو. ان بعد اعليٰ تعليم لاءِ 1958ع کان 1962ع تائين (چار سال) سئٽزرلئنڊ ۾ رهيو جتي هن جرمني ۽ فرينچ زبانن تي عبور حاصل ڪيو. سندن تعليم جو خاص سبجيڪٽ “ائٽم بم” هو. پاڻ پهريون مسلمان هو جنهن کي فيلڊ ۾ “ائٽم بم تي ڪم ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو.
سئٽزرلئنڊ بعد ظفر واپس سنڌ يونيورسٽي آيو ۽ 1965ع تائين وري هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿي رهيو. ان بعد اسڪاڊرن ليڊر جي رئنڪ سان هوائي فوج (پاڪستان ايئرفورس) ڀرتي ڪيائين جتي ايئروناٽيڪل ڪاليج آف انجنيئرنگ ۾ چوڏهن سال فزڪس ۽ اٽامڪ هٿيارن بابت پڙهايائين. ان دوران پاڻ ونگ ڪمانڊر به ٿيو. 1979ع ۾ ايئرفورس مان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد قطر جي ملٽري اسڪول ۾ اٺ سال پڙهايائين. ان بعد 1988ع کان 1991ع تائين آمريڪا جي مئريلنڊ ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو. 1992ع کان 1994ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿي رهيو. اڄ ڪلهه هو باٿ آئلنڊ تي رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو. ظفر ڀائيءَ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان آهي. سندس مختلف عنوانن تي مضمون، عملي ۽ معلوماتي خط “ڊان” ۽ “جنگ” اخبارن ۾ اڪثر نظر اچن ٿا. کيس شاعريءَ جو پڻ شوق آهي. ڪلهه جي جنگ ۾ آيل سندس نظم جون ڪجھه سٽون آهن:
“گهرائيون مين مثل سمڪ ڊوب ڪر تو ديک
تاريڪيون مين ڪيا هي چمڪ ڊوب ڪر تو ديک
پرواز گر شاهين ڪي طرح ڪر نهين سڪتا
لهرون مين هي ڪس قدر لهڪ ڊوب ڪر تو ديک”
ظفر ڀائي ۽ آپاشيرين کي ٻه پٽ آهن. فرخ 1965ع ۾ ۽ فرحان 1968ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو. فرخ مئٽرڪ طرابلس (لبيا) مان ۽ اڪائونٽس ۾ بي ايس آمريڪا جي يونيورسٽي آف مئري لئنڊ مان ڪئي. ان بعد نيويارڪ يونيورسٽي ۾ بزنيس مئنيجر ٿي ڪم ڪيو ۽ ان نوڪريءَ دوران ايسٽرن اسڪول آف مئنيجمينٽ مان MBA ڪئي. اڄ ڪلهه پاڻ وال اسٽريٽ جي انويسٽمينٽ بئنڪنگ (نيويارڪ USA) ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ڀر واري رياست نيوجرسي ۾ رهي ٿو. سندس زال جؤن JOAN)) “آئرش آمريڪن” آهي جيڪا نيويارڪ جي چئن وي آءِ پي هوٽلن جي ڪنٽرولر اڪائونٽس آهي. کين ٻه ٻار: آمنا (ڌيءُ) ۽ مارڪ نالي پٽ آهي.
آپا شيرين جو ننڍو پٽ فرحان جيڪو هينئر ٽيهن سالن جو آهي، مون ويجھڙائيءَ ۾ وڏي عرصي بعد ڏٺو. ننڍي هوندي هو ڪافي ضدي هوندو هو. (وڏو فرخ بيحد ماٺيڻو هو). فرحان سال کن جو مون ڏٺو. پاڻ ڳالهائڻ ڪجھه دير سان شروع ڪيائين. آپا کي ڏاڍو فڪر هوندو هو. هڪ دفعي جهاز جي ٽرپ هڻي موٽڻ تي فرحان جو پڇيم ته هاڻي ڳالهائي ٿو.
“ڀلا بابا امان چوي ٿو؟” مون پڇيو.
“شڪر آهي هاڻ ٽيليويزن جو نالو وٺي ٿو.” آپا ٻڌايو ۽ پوءِ ان ئي وقت ظفر ڀائيءَ چيو: “ان لاءِ فقط هڪ اکر “ٽي” چوي ٿو.”
بهرحال فرحان، پوءِ جلد ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ننڍي هوندي هو جيترو ظفر ڀائي وانگر ضدي هو اوترو ئي هن وانگر پڙهڻ ۾ هوشيار ثابت ٿيو. پاڻ آمريڪا جي مئري لئنڊ يونيورسٽي مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي ۽ آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف جسٽس ۾ ڪمپيوٽر اسپيشلسٽ جي حيثيت سان ست سال نوڪري ڪئي. اڄ ڪلهه AMRO’ABN بئنڪ ڪراچي ۾ مئنيجر آهي. سندس شادي ڊاڪٽر شهزين شيخ سان ٿي آهي جا امداد علي شيخ (تعليم کاتو) ۽ ڊاڪٽر نيلوفر جي ڌيءُ آهي. ڊاڪٽر نيلوفر شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڊين آهي. شهزين جو ڏاڏو عبدالغفور شيخ صاحب (جيڪو آپا شيرن جو سڳو چاچو به ٿئي) سنڌ حڪومت ۾ چيف انجنيئر ۽ گڊو بئراج جو پروجيڪٽ ڊئريڪٽر ٿي رهيو.
آپا شيرين کان پڇيم ته جن ڏينهن ۾ هن ڳوٺ (شڪارپور) ڇڏي حيدرآباد يونيورسٽي ۾ اچي داخلا ورتي، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڳوٺن مان ڇوڪرا به گھٽ آيا ٿي. “توهان کي تعليم لاءِ شوق ۽ همٿ افزائي ڪنهن ڏياري، ماءُ يا پيءُ؟”
“منهنجي ماءُ پيءُ کي ته شوق هو ته آئون ۽ منهنجيون ٻيون ڀينرون پڙهن”. آپا شيرين ٻڌايو، “پر مون کي پنهنجو به شوق هو. منهنجيون سوٽون جيڪي حيدرآباد ۾ رهيون ٿي انهن کي اسڪولن ڪاليجن ۾ ويندو ڏسي اسان کي به ڏاڍو شوق ٿيندو هو. هونءَ به اسان جي فئملي شڪارپور جي پڙهيل ڳڙهيل فئملين مان هڪ آهي. منهنجي والد (جناب عبدالرحمان شيخ) بمبئيءَ مان پڙهي وڪالت ڪئي ۽ ڏاڏو سنڌ جي مشهور شخصيت الاهي بخش شيخ هو جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو. منهنجي وڏي چاچي سردار بهادر محمد بخش کي سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي خاص ڪري حيدرآباد ۽ خيرپور پاسي جا ماڻهو جتي هن ڪيترائي تعليمي درسگاهه ٺهرايا.”
جناب سردار بهادر محمد بخش سنڌ جي انهن ذهين شاگردن مان آهي جن هميشه اعزازي درجا حاصل ڪيا. پاڻ بي اي ۾ پوزيشن کڻڻ بعد سرڪاري نوڪريءَ ۾ آيو. ڪجھه عرصو SDM رهڻ بعد ڪليڪٽر حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ٿي رهيو. 1947ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. پاڻ انهن ڏينهن ۾ اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ جو چيئرمئن هو. کيس هڪ ڌيءُ (هدايت نالي) ۽ هڪ پٽ ٿيو جنهن تي سندس ( ۽ آپا شيرين جن جي ) ڏاڏي جو نالو الاهي بخش آهي. پاڪستان ٿيڻ وقت گھڻا تڻا اسڪول ۽ ڪاليج هندن يا عيسائين جا هئا يا انهن تي ڌارئين ڪلچر جو اثر هو. آپا شيرين جو وڏو چاچو سردار بهادر محمد بخش انهن مان هڪ هو جنهن پنهنجي هڙان پئسا ڏئي سنڌ ۾ تعليم جو واڌارو ڪيو. سندن ٺهرايل تعليمي ادارن مان ڪجھه هي آهن: حيدرآباد جو انجمن حمايت اسلام اسڪول، سردار بهادر محمد بخش ڪاليج، ۽ حيدرآباد ۽ خيرپور ۾ سچل سرمست ڪاليج.
جباب سردار بهادر محمد بخش کان علاوه آپا شيرين جي ٻين چاچن جا نالا هي آهن: ڪريم بخش شيخ جيڪو جھونا ڳڙهه مان پڙهيو ۽ تعليم کاتي ۾ ڊئريڪٽر ٿي رهيو. (ڊاڪٽر ممتاز، غلام علي، روشن، شهناز، آفتاب، دلشاد ۽ سعيده سندس ٻار آهن). چاچو رحيم بخش شيخ پڻ جهونا ڳڙهه مان پڙهيو ۽ سيشن جج ٿي رهيو. (غلام هادي، علي نواز، نياز حسن، ديدار احمد ۽ اقبال احمد سندس ٻارن جا نالا آهن) ان بعد آپا شيرين جو والد عبدالرحمان شيخ آهي ۽ آخر ۾ سڀ ۾ ننڍو عبدالغفور شيخ آهي. پاڻ بمبئيءَ مان پڙهيو ۽ چيف انجنيئر ٿيو هو. (سندس ٻارن جا نالا هن ريت آهن: گل رشيده، جنهن جي شادي پنهنجي سؤٽ اقبال سان ٿي، سليم گل جنهن جي شادي پنهنجي پڦاٽ (غلام محمد ڏاوچ جي ڌيءَ) پروين سان ٿي. آپا شيرين جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر شاهين جو مڙس جميل گل، گل حميده، ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، جاويد شيخ، اعجاز احمد شيخ، نرگس ۽ سڀ ۾ ننڍيءَ جو نالو زيبا آهي). آپا شيرين کي فقط هڪ پڦي دولت بيگم آهي جنهن جي شادي انور شيخ صاحب سان ٿي. سندن ٻارن جا نالا هن ريت آهن: زيب النساء، خورشيد (ڌيءُ) غلام سرور، رضيه (جنهن جي شادي دادو جي ڊاڪٽر گل محمد ڏاوچ جي ڀاءُ غلام محمد ڏاوچ سان ٿي). ڊاڪٽر سڪندر (ڌيءَ) خورشيد (پٽ).
اڄ ڪلهه آپا شيرين رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ اهي ڪم ڪري رهي آهي جيڪي انگريز ڪن ٿا - يعني سمنڊ جي ڪناري تي ويهي سمنڊ جي لهرن ۽ لڏندڙ لمندڙ جهازن جو لطف وٺن ٿا يا ملڪ جي تعليمي معيار جي سڌاري جو سوچين ٿا، جنهن لاءِ ڀلي کين کيسي مان به ڏيڻو پوي. آپا شيرين جن جي سڄي فئمليءَ کي آمريڪا جي شهريت مليل آهي پر هو هتي پاڪستان ۾ پنهنجن ئي ماڻهن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. آمريڪا جي گرين بيلٽ علائقي واري گھر کي هو في الحال تالو هڻي ڪراچي ۾ رهڻ لڳا آهن ۽ ٻئي زال مڙس ڪلفٽن تي ٻارن جو اسڪول هلائي رهيا آهن. اسڪول جو نالو پنهنجي آمريڪن گھر واري علائقي پٺيان “گرين بيلٽ آمريڪن اسڪول” رکيو اٿن. بهتر کان بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ هر ڪلاس ۾ ٿورا ٻار رکيا اٿن. تعليم يافته، محنتي ۽ ٻارن جي نفسيات ڄاڻندڙ ماسترياڻيون ۽ ٻارن لاءِ بهترين تعليم سان گڏ بهترين تربيت ۽ ماحول مهيا ڪيو اٿن. سڄو ڏينهن پاڻ به مغز ماري ڪن ٿا ۽ ٻن سالن کان هي اسڪول علائقي جو بهترين اسڪول مڃيو وڃي ٿو. اسڪول جي بلڊنگ جي ڳري مسواڙ، بجلي ۽ پاڻي جو بل، چوڪيدار ۽ پٽيوالن جا پگھار ۽ ماسترياڻين جي ڳري “پي اسڪيل” هڪ طرف ۽ ٻارن کان ملندڙ فيون ٻئي طرف. حساب ڪتاب ڪرڻ بعد، بقول آپا شيرين جي “هر مهيني ڏهه ٻارهن هزار رپيا پنهنجي کيسي مان به ڏيڻا پون ٿا”. پر هي زال مڙس خوش آهن. شونق جو ڪو ملهه ناهي. وندر سان گڏ ان مان کين سڪون ملي ٿو.
“اسان کي خوشي آهي ته اسين ٻارن کي بهترين تعليم سان گڏ تربيت به ڏئي رهيا آهيون ۽ اسان جو اسڪول نه فقط پاڪستان جي بهترين اسڪولن جو پر آمريڪا جي اسڪولن جو به مقابلو ڪري سگھي ٿو. اسان کي يقين آهي ته اسان جي اسڪول جا اڄ جا ٻار سڀاڻي جا سٺا شهري ٿي ڏيکاريندا.” آپا شيرين ٻڌايو.
آپا شيرين جو واسطو نه فقط ٽيچنگ سان رهيو آهي پر ادب، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ سان پڻ. سنڌ جي بهترين رسالن مان “سوجھرو” پڻ هڪ آهي جنهن ۾ هن وڏو حصو ورتو. ٽي وي تي اڄ جيڪو “روشن تارا” پروگرام ڏسون ٿا ان جي شروعات ان ئي نالي سان اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ آپا شيرين ئي ڪئي. پاڻ 1969ع ۾ ٽي وي تان سنڌي پروگرام شروع ڪيا. هڪ “رس رهاڻ” راڳن جو پروگرام جنهن ۾ روبينا، رونا ليليٰ، مائي ڀاڳيءَ جهڙين جڳ مشهور ڳائڻين کي ٽي وي ذريعي متعارف ڪرايو ويو. ٻيو ٻارن جو مٿيون پروگرام “روشن تارا” ۽ ٽيون ڪرنٽ افيئر جو پروگرام هوندو هو جنهن ۾ خاص ڏينهن تي پروگرام هوندا هئا، جيئن ته: عيد، عاشورو، ميلاد وغيره. سنڌيءَ جو مشهور پروگرام “شاديءَ جون ريتون رسمون” پڻ آپا شيرين پهريون دفعو سنڌي ۾ ترتيب ڏنو جيڪو پوءِ اردو ۾ به ڪافي دفعا هليو. هوءَ اٽڪل ڏهه سال کن ٽي ويءَ سان وابسته رهي.
آپا شيرين فاروقي اڄ ڪلهه ٽيچرس فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊئريڪٽر آهي.

الطاف شيخ
ڪراچي 5 ڊسمبر 1998

مهاڳ

ادب جي دنيا ۾ ٻه وڏا شيخ ٿي گذريا آهن. صدين کان انهن جي شهرت ۽ عظمت جو سڪو، دلين تي قائم ۽ دائم آهي. هڪ شيخ سعدي ٻيو شيخ چلي صاحب. شيخ سعدي فارسي زبان جو عظيم اديب، خوبصورت شاعر، بهترين نثر نگار، انسان دوست ۽ انسان نواز بزرگ آهي. ڄمار جو وڏو حصو سير و سياحت ۾ صرف ڪيو ۽ نگر نگر ۽ بستي بستي جي ماڻهن جو مشاهدو هن پنهنجي حڪمت ڀريل حڪايتن جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. سندس اهڙو انمول خزانو هيئين سان هنڊائڻ ۽ ساهه سان سانڍڻ جهڙو آهي. ٻي طرف شيخ چلي جي افسانوي شخصيت به ڪنهن رسمي تعارف جي محتاج ڪونهي. هي صاحب گھمڻ ڦرڻ جو قائل نه آهي. بلڪه ڪنهن به ڪم ڪرڻ جو قائل نه آهي. بس ويٺي ويٺي خواب ڏسڻ جو شوقين آهي. خواب هن جو وکر آهي، خواب هن جي زندگي آهي، هو خوابن جو وڻجارو آهي. خواب ڏسڻ هن جي فطرت آهي. ڏينهن ڏٺي جو به ويٺي ويٺي جاڳندي جا خواب، هوائي قلعن جا خواب. اهي خواب اسين پاڻ به ڏسون ته ٿا، پر ٻڌائيندي شرمايون ٿا. پر حضرت شيخ چلي پنهنجي ساده دليءَ جي سبب پنهنجا سڀ خواب جيئن جو تيئن بيان ڪري ٻڌائي ٿو ۽ اسان انهن خوابن ۾ پنهنجي گھٽيل خواهشن ۽ دٻيل آرزوئن کي ائين عريان ٿيندو ڏسي کلي خوش ٿي، پنهنجي محرومين جو ازالو ڪريون ٿا. اهڙي طرح حقيقت جي حڪايت بيان ڪندڙ شيخ سعدي ۽ خوابن جي خام خياليءَ کي حقيقت سمجھندڙ شيخ چلي اسان جي زندگيءَ تي صدين کان اثر انداز ٿيندا رهيا آهن، پر هاڻ هن دور ۾ هڪ ٽيون شيخ پيدا ٿيو آهي. يعني الطاف شيخ.
الطاف شيخ پنهنجي برادريءَ جي بزرگن جي بهترين روايتن جو هڪ حسين امتزاج آهي. هو عالم، اديب، سير و سفر ڪندڙ سياح، سهڻو خواب گر ۽ سٺو خواب ساز به آهي. شيخ سعدي سڄي حياتي هلندو رهيو ۽ شيخ چلي سڄي عمر خوابن ۾ بسر ڪئي، پر الطاف شيخ ساگر ساگر، ساحل ساحل، نگر نگر ۽ بندر بندر گھمندو به رهي ٿو ته گھمندي گھمندي خواب به ڏسي ٿو. اهي خواب جهڙا سفر ۽ سفر جهڙا خواب بارياب ٿيندو ڏسي دل واهه واهه ڪرڻ لڳي ٿي. قوم داد مٿان داد ڏيڻ لڳي ٿي. حڪومت انعام ۽ اڪرام ڏئي ٿي. اديب اعزاز ڏين ٿا ۽ انجمنون شامون ملهائڻ ۾ مصروف ٿيو وڃن. الطاف شيخ اسان کي خواب به ته اهڙائي ڏيکاري ٿو. حسين دنيائن جا خواب، انڊلٺ جي ست رنگي سر زمينن جا خواب، حسين گلن ۽ معطر فضائن سان واسيل اجنبي ملڪن جا احوال! ڪوهه قاف جي پرين جي پيار جا خواب، سائنسي ديون، جنن ۽ راڪاسن جي عقل کي اچرج ۾ وجھندڙ ڪارنامن جا خواب! ۽ سڀ کان وڌيڪ امن جا خواب. انسانيت جي اوج جا خواب، محبت ۽ مروت جا خواب، ظلم و ستم کان نجات ۽ استحصال کان آزاديءَ جا خواب، خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ جا خواب، اقتصادي ترقيءَ جا خواب، بهتر دور ۽ روشن مستقبل جا خواب ۽ هي خواب شيخ چليءَ جا خواب نه آهن، جيڪي هڪ ئي ڌڪ سان چڪنا چور ٿيو وڃن! هي خواب حقيقي دنيا جا خواب آهن. انهن خوابن جو تعبير پڻ سڌو ۽ سيبتو آهي. هي اهي عملي خواب آهن جن کي اَوس حقيقت جو لباس پائي پيش ٿيڻو آهي. پوءِ اهو اڄ ٿئي يا سڀاڻي. ان جو دارومدار اسان جي همتن، حوصلن ۽ عملي جدوجهد تي آهي.
سفر، ظفر جو وسيلو آهي ۽ سفر ئي عملي اڀياس ڪرڻ جو واحد ذريعو. کوهه جي ڏيڏر کي ڪهڙي خبر ته دنيا ۾ ڪهڙو انقلاب اچي رهيو آهي. بند ڪمري ۾ سڄو سال پڙهڻ کان هڪ ڏينهن کلي فضا ۾ گھارڻ بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته مطالعي ۾ مشاهدي سان وڌيڪ گھرائي اچي ٿي. سفر شرط آهي. مسافر نواز هر جاءِ تي موجود ملندا، پر شرط اهو آهي ته ڏسڻ واري اک ۽ محسوس ڪرڻ واري دل به پاڻ سان گڏ هجي. نه ته عيسيٰ جو گڏهه مڪي مان موٽي تڏهن به ساڳيو گڏهه!
اڄ ڪلهه سفر ڪرڻ به ايترو سولو ٿي پيو آهي، جيڪو ٿو گھر کان رُسي اهو بريف ڪيس کڻيو وڃيو ولايت ۾ رَسي ۽ واپسي ۾ ٽيپ، ٽي وي ۽ ڊيسڪ ٽاپ کانسواءِ هڪ عدد سفرنامو به پاڻ سان کڻيو اچي. (ڪسٽم فري). هڪڙا سفرناما اهي دانشور لکندا آهن جيڪي ڪنهن سيمينار، ڪانفرنس يا ورڪ شاپ ۾ سرڪاري خرچ تي سفر ڪري ايندا آهن ۽ پوءِ ان ملڪ جي خوبصورتي، صفائي، حسب انتظام ۽ تيز رفتار ترقيءَ جو رڪارڊ وڄائيندا آهن. پر اهو ٻڌائڻ ضروري ڪونه سمجھندا آهن ته ايترو سڀ ڪجھه ڇو ٿيو؟ ۽ ڪيئن ٿيو؟ (اها ته خدا کي خبر آهي، بندو بشر، ڇا ڄاڻي؟) اهڙي طرح ڪجھه سفرناما “فرمائشي پروگرام” وانگي خود لکيا نه پر لکرايا ويندا آهن. ڪنهن ملڪ جي بادشاهه، صدر يا خود ساخته ڊڪٽيٽر جي حڪم تي پنهنجي “پسوري” پڌري ڪرڻ لاءِ، يا “ڪمپنيءَ جي مشهوريءَ” لاءِ. مون شهنشاهه جو ايران ڏٺو، مائو جو چين ڏٺو يا بُش جو آمريڪا! وڏي صاحب ڪيڏو نه پنهنجي قوم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. اصل کير جون نهرون پيون وهن! واهه واهه! سبحان الله! لکندڙ کي ان جو “محنتاڻو” به چڱو خاصو ملي ويندو آهي. سفر نامن جو هڪ قسم اهو به آهي جنهن ۾ فقط لکڻ واري جي “مان، مان” هوندي آهي. هو پنهنجي سڄي روئداد لکندو آهي ته ڪيئن ويزا ملي، ڪيئن اسڪالر شپ ملي. ڪهڙين ڇوڪرين سان ڪامياب عشق ٿيو ۽ ڪهڙا ڪهڙا معرڪا ماريائين ۽ ڪٿي ناڪام محبت ۾ خودڪشيءَ جي ناڪام ڪوشش ڪيائين ۽ ڪيئن وصل يار جي حسرت کڻي وطن واپس وريو! ڪجهه سفرناما اڄ جي دور ۾ بيگمات به لکڻ فرمائين ٿيون. سفيرن ۽ وزيرن جون بيگمات “بادشاهه سلامت سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. راڻيءَ صاحبه مون سان کلي ڳالهايو ۽ ٻارن جي خيريت پڇي. شهزاديءَ کي ڪهڙا ڪپڙا ۽ گھڻن لکن جو هار پيل هئو. شهزادو ڪيڏو نه سهڻو ۽ ڪيوٽ (Cute) لڳي رهيو هئو. ڪهڙن فلمي اداڪارن، موسيقارن ۽ مصورن سان ملاقات ٿي، وغيره وغيره”. سفرنامن جو هڪ ٻيو به قسم آهي، جنهن ۾ ڪجھه حضرات نائيٽ ڪلبن، ڪئبري ڊانس، قحبه خانن ۽ ڪال گرلس جي عيش ڪوشين ۽ عياشي جا داستان ڪجھه سچا ڪجھه من گھڙت، چپ چپٽي ۽ مُٺيون ڀيڙي مزي مزي سان بيان ڪندا آهن ۽ ڊائجسٽن ۾ قسط وار شايع ڪرائيندا آهن.
الطاف شيخ جا هن وقت تائين 50 کان مٿي ڇپيل سفرناما مٿي بيان ڪيل انهن سڀني قسمن جي سفر نامن کان الڳ، منفرد ۽ ڌار حيثيت جا حامل آهن. الطاف وڏو ماڻهو آهي ۽ وڏو آفيسر ۽ وڏو پگھار کڻڻ وارو سرندي وارو آهي، پر الاجي ڇو هن کي “وڏ ماڻهپي” ڪرڻ ڪانه آئي. ننڍپڻ جي يارن، دوستن، معمولي ماسترن ۽ دڪاندارن سان ائين ڀاڪر پائي ۽ انڪساري سان ملندو جو اڳلي کي ڪنهن ڪمتريءَ جو احساس ئي ڪونه ٿيندو. هو اڻ ڄاتل ديس ۾ اجنبي انسانن جي درميان گھٽين رستن ۽ بازارن ۾ هڪ معصوم ٻار جيان گھمندو ۽ هر شيءِ کي اچرج ۽ حيرت سان ڏسي خوش ٿئي ٿو. هو هر ملڪ جي عام انسانن سان رلي ملي سندن ننڍين ننڍين خوشين ۾ شريڪ ٿي خوشي محسوس ڪري ٿو. سندن گھرن ۾ وڃي هنن جي رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻي جو مشاهدو ڪري ٿو. انهن جي تهذيب ۽ تمدن، سوچ ۽ لوچ، محرومين ۽ مصيبتن، امنگن ۽ آرزوئن جو اڀياس ڪري پنهنجي ٻاراڻي صاف گوئي ۽ سچائيءَ سان سڄو احوال جيئن جو تيئن، پر دلي همدرديءَ ۽ دردمنديءَ سان پنهنجي ديس واسي دوستن جي آڏو بيان ڪري ٿو. سفر جيڪو هو ڪنهن خواب جيان طئي ڪري ٿو ۽ ان جي روداد، سفرنامو به هڪ خواب نامي جي صورت ۾ پڙهندڙ پڙهي ٿو ۽ جڏهن اهو خواب ختم ٿئي ٿو ته پڙهندڙ پاڻ ۾ به ڪجھه نوان خواب، ڪجھه نوان جذبا ۽ ڪجھه نيون اميدون بيدار ٿيل محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ بي اختيار ٿي الطاف جي ڪنهن ٻئي خواب ڏسڻ جو انتظار ڪري ٿو. اهو ئي الطاف شيخ جي ڪاميابيءَ جو راز آهي. محبت پائي من ۾ هن جيڪي رنڍا روڙيا آهن انهن جو ملهه، ادب جا صارف ڪن يا نه، پر سندس پڙهڻ وارا ان کي اڻ توريو اگھائين ٿا. هن جا ڪتاب گرم گرم کپي وڃن ٿا. هالا جي احمد پاٽ جي پڪوڙن ۽ عارب جي ڪُهرن ۽ گانٺين کان به تڪڙا، جن جو چهرو چهرو ذائقو هو ڪڏهن سنگاپور جي رستن تي ياد ڪري ٿو ته ڪڏهن ملائيشيا جي هوٽلن ۾. هالا هن جي جنم ڀومي، سنڌ هن جو ديس ۽ پاڪستان هن جو وطن آهي. الطاف جتي ڪٿي پنهنجي گھر کي، پنهنجي ديس ۽ وطن کي ياد ڪري ٿو - پيار ۽ پاٻوهه سان اندر جي اڪير سان! بيشڪ هو اسان جي اوڻاين ۽ گھٽتائين جو ذڪر به ڪري ٿو پر پنهنجائپ جي پيار سان. ترقي پاتل قومن جي ڪارنامن کي بيان ڪندي به هو پنهنجي قوم لاءِ ڪنهن احساس ڪمتريءَ جو شڪار نه ٿو ٿئي، نه ئي اهل وطن جي غيرت کي للڪارڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. الطاف ترقيءَ جا ڪارناما به ان ساڳي خوشيءَ سان بيان ڪري ٿو جنهن ۾ بحيثيت هڪ انسان، سڄي دنيا جي انساني برادري برابر جي شريڪ آهي ۽ ساڳئي وقت ترقي ڪرڻ سان گڏ انهن ملڪن ۾ جيڪي معاشي ۽ معاشرتي خرابيون وجود ۾ آيون آهن، انهن کي بيان ڪرڻ ۾ به ڪنهن سطحي ۽ اُڇاتري خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ جي بدران ڏک، همدردي ۽ دردمندي جا جذبات ظاهر ڪري ٿو ۽ اهل وطن کي انهن جي اڳواٽ تدارڪ ڪرڻ لاءِ تدبيرون سوچڻ لاءِ آماده ڪري ٿو.
الطاف شيخ جا سفرناما سنڌي زبان جو سينگار آهن. هن جي سولي ۽ سڌي زبان ڪيترن ئي نوجوانن کي سنڌي پڙهڻ ۽ سنڌي لکڻ سيکاريو آهي. ريل گاڏيءَ جي هڪ سفر ۾ هڪ نوجوان منهنجي اڳيان اهو اقرار ڪيو ته ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ هن پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڪتاب الطاف شيخ جو پهريون سفر نامو “منهنجو ساگر، منهنجو ساحل” پڙهيو ۽ هاڻي هو الطاف جا سڀ ڪتاب وٺي پڙهندو آهي ۽ ٻين دوستن کي به پڙهائيندو آهي. الطاف لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي توڙي جو اسان جي ادب جي پارکن هن جي اها پذيرائي نه ڪئي آهي جنهن جو هو جائز حقدار آهي. 60 کان مٿي هن جا ڪتاب (ڪهاڻيون۽ سفرناما) شايع ٿي چڪا آهن ۽ اڃا بقول الطاف، هن وٽ سفرنامن جا مَٽ ڀريا پيا آهن. خدا ڪري ته اهي مَٽ به جلدي شايع ٿين ۽ ٻيا به گھر جا سڀ ديڳڙا ۽ ديڳڙيون اهڙن سفرنامن سان ڀرجي وڃن.
الف ليليٰ جي مشهور داستان ۾ هڪ قصو “سندباد سيلاني جا ست سفر” هڪ نهايت دلچسپ ۽ حيرت انگيز قصو آهي پر من گھڙت ۽ خيالي. هالا جي هن سندباد سيلاني ست سئو کان وڌيڪ سفر ڪيا آهن. دلچسپي ۽ معلومات جي مقابلي ۾ هالا جو هي سندباد سيلاني بغداد جي سندباد سيلانيءَ کي گھڻو پوئتي ڇڏي آيو آهي ۽ اڃا ته هن جا خواب جاري آهن ۽ اڃا ته هن جو قلم روان دوان آهي ۽ شيخ سعدي شيرازي جي قلم جو پاسبان، شيخ چليءَ جي خوابن جو امين ۽ وارث سنڌ جو هي جديد سندباد سيلاني ائين ئي زبان، ادب ۽ قوم جي خدمت ڪندو رهندو.

پروفيسر حميد شهيد
هالا نوان – جون 2004ع

پيش لفظ

هر ماڻهوءَ کي پنهنجو ٻاروتڻ ۽ ان سان وابستا ڳالهيون، واقعا، ڪردار، يادگيريون بيحد عزيز هونديون آهن ۽ اهي سڀ شيون ويتر وڻندڙ تڏهن محسوس ٿينديون آهن جڏهن ماڻهو جي اندر جو ٻار سدائين زنده رهندو آهي. زندگي مسلسل اتفاق ۽ حادثن جو نالو آهي ۽ اهائي زندگيءَ جي خوبصورتي به آهي ۽ ساڳئي وقت الميو به.
عمر جي هر حصي ۾ ماڻهو مختلف نوعيتن جا خواب ڏسي ٿو پر سڀني کان حسين خواب ٻاروتڻ جا هوندا آهن. منهنجو ٻاروتڻ جنگشاهي جي هڪ ننڍي ڪوهستاني ڳوٺ نيوات ۾ گذريو ۽ نيوات جي نِين جا نظارا ڪندي دنيا گھمڻ جا خواب ڏسڻ منهنجو معمول هوندو هو. اهڙي ئي خواب ۽ شوق ان زماني ۾ مون کي الطاف شيخ سان متعارف ڪرايو ۽ ائين صرف مون ئي نه پر گذريل ٽن ڏهاڪن کان سنڌ جي ڪيترن ئي نسلن جي نوجوانن سان ائين ٿيو آهي. ڇو ته ان زماني ۾ ماڻهو دنيا رڳو الطاف شيخ جي سفرنامن ذريعي ئي گھمي سگھيو ٿي يا گھٽ ۾ گھٽ مون لاءِ ته عمر جي ان حصي ۾ اهو ۽ ائين ئي ممڪن هو. گھر، ڳوٺ ۽ شهر توڙي ملڪ کان ٻاهر نڪرڻ جو رومانس، جهاز ۾ چڙهڻ ۽ فضائن ۾ اڏامڻ جو رومانس. اڳتي وڌڻ ۽ پاڻ کان اڳتي دنيا اندر موجودگي جي احساسن جو رومانس. نوان منظر ۽ ماحول ڏسڻ، نوان ماڻهو ۽ زندگيءَ جا نرالا ڍنگ ڏسڻ جو رومانس ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪجھه گھڙين لاءِ ئي سهي پر پاڻ کي ان ماحول جو حصو سمجھڻ جو رومانس. ان زماني ۾ بس ڪنهن ديواني جو خواب لڳندو هو. چنڊ کي ڌرتيءَ تي لاهڻ جي برابر هو ۽ اها خود فريبي ماڻهو رڳو الطا ف شيخ جي سفرنامن جي معرفت ئي ڪري سگھيو ٿي.
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته : ”آيل سامونڊين جي، آهي اڙانگي جُوءِ“ الطاف شيخ اڙانگي جوءِ جي رنگينين، سونهن ۽ سکن جو پنهنجي دلچسپ انداز سان اهڙو ته نقشو چٽيو آهي، جو اسان جو هر بيو سنڌي نوجوان ان گليمر ۽ ايڊوينچرس جيون گذارڻ جا سپنا ٿو ڏسي ۽ ائين الطاف شيخ جي سفرنامن ٻٽو ڪارج ادا ڪيو آهي ۽ هن هڪ سٺي سامونڊي جيان شاهه جي ان چوڻ تي عمل ڪيو اهي. “وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.”
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته الطاف شيخ پنهنجي فيلڊ جو اڪيلو سٺو ليکڪ آهي. سندس مقبوليت جو اندازو سندس ڪتابن جي ڊگهي لسٽ مان لڳائي سگھجي ٿو. خاص طور: وايون وڻجارن جون، بندر بازارون، دنگي منجهه درياه، جاني ته جهاز ۾، خبرون کيڙائن جون، ارائونڊ دي ورلڊ.
الطاف شيخ جو سنڌي ادب ۾ ڇا مقام آهي ۽ هن جي لکيل سفرنامن جو ادب، فن، ٻولي جي لحاظ کان قد بت ڇا آهي؟ اهو تعين ڪرڻ ادب جي اسڪالرن ۽ نقادن جو ڪم آهي. مان ايترو ڄاڻان ٿي ته هو سنڌ جو بيحد گھڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. مان نٿي سمجھان ته الطاف شيخ کان وڌيڪ ڪنهن ليکڪ کي سنڌي ٻولي جي ڪيترن نسلن جي پڙهندڙن پڙهيو هوندو. هو حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جو پاپولر ليکڪ آهي. سڄي دنيا ۾ پاپولر ليکڪ جي هڪ خاص حيثيت ۽ سڃاڻپ هوندي آهي ۽ اسان وٽ الطاف شيخ هر لحاظ کان ۽ صحيح معنيٰ ۾ پاپولر ليکڪ آهي. نه رڳو هو پاپولر ليکڪ آهي پر سچ پچ ته هو ماڻهن ۾ دليل طور مقبول ۽ ڪامياب ليکڪ به آهي. سنڌ ۾ ڪهڙو ليکڪ آهي جنهن جا الطاف شيخ جيان ڪتابن جا ايڊيشن بار بار شايع ٿيا هوندا؟ اها هڪ ليکڪ جي ڪاميابي آهي ته هن جا ڏهاڪا اڳ لکيل سفرناما به اڄ تائين ساڳي طرح مقبول آهن ۽ بار بار وري شايع ٿي رهيا آهن.
الطاف شيخ جو سنڌي ادب تي هڪ وڏو ٿورو اهو آهي ته هن نه رڳو پنجاهه کان مٿي سفرنامن جا ڪتاب سنڌي ٻولي کي ڏنا پر ڏٺو وڃي ته هن سنڌي ادب کي هڪ مڪمل ۽ ڪامياب صنف سفرنامن جي صورت ۾ ڏني. سنڌي ادب ۾ هن کان اڳي توڙي پوءِ ڪنهن به ليکڪ سفرنامن کي هڪ ادبي صنف طور مقبول نه بڻايو. ان ڳالهه جي ثابتي ٻي ڪهڙي ٿيندي ته الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي سڃاڻپ ۽ علامت جو نالو آهي. مان نٿي ڀانيان ته سنڌي ته ڇا پر اردوءَ ۾ به ڪنهن ليکڪ هڪ ئي صنف ۾ ايترا ڪتاب لکيا آهن جيترا اسان جي هن سنڌباد سيلاني لکيا آهن.
دنيا جي ٻين ٻولين ۾ Scrape Book ڇپبا آهن. سنڌي ۾ اهو پهريون اتفاق آهي جيڪو الطاف شيخ هٿان ٿيو آهي. الطاف شيخ ئي سنڌي جو اڪيلو ليکڪ آهي جنهن هر عمر جي پڙهندڙن جو حلقو سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آهي.
ڪيترن ليکڪن لکڻ کان ماڳهين بس ڪري ڇڏي آهي، نه لکڻ جو ٺهيل ٺڪيل ڪارڻ وٽن اهو ئي هوندو آهي ته واندڪائي ڪانهي ۽ ان ڳالهه تي اچرج تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اهڙا ليکڪ ائين چوندا آهن جن وٽ ادب واندڪائي جي وندر نه پر اجتماعي قومي مقصدن ماڻڻ جو هڪ سگھارو وسيلو پئي رهيو آهي. شايد اهڙن ليکڪن وٽ پڙهڻ لاءِ به واندڪائي نه هوندي! ان ڏس ۾ الطاف شيخ جو مثال سامهون رکڻ گھرجي جنهن روزانو لکڻ پنهنجو نيم بڻائي ڇڏيو آهي.
سنڌ جي ماڻهن تي الزام آهي ته اهي پنهنجي مخصوص ماحول کان باهر نه نڪرندا آهن ۽ پرڏيهه ته ڇا پر ڏيهه ۾ به گھڻو سفر نه ڪندا آهن. الطاف شيخ نه رڳو عملي طرح پاڻ ان الزام جي ترديد ڪئي پر هن جي سفرنامن سنڌ جي نوجوانن جي سوچڻ ۽ روين کي تبديل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن جي سفرنامن سنڌ جهڙي هڪ ڪنڊائتي سماج جي ماڻهن لاءِ ذهني طور دنيا جا دروازا کوليا. الطاف شيخ جو هر ڪتاب سنڌ لاءِ دنيا ڏانهن کلندڙ هڪ دري آهي جنهن مان مون وانگر سنڌ جي هر باشعور نوجوان جھاتي پائڻ جي ڪوشش ڪئي. الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن جي ذريعي سنڌ جي نوجوانن کي ڄڻ ته آڱر کان جھلي دنيا جي هر ڪنڊ گھمائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هر ماحول ۾ سنڌ جي شين، ماحول، ڪردار، ماڳن، جاين، قدرن، ماڻهن ۽ روين کي دنيا جي مختلف قومن سان ڀيٽ ڏئي سنڌ جي ماڻهن کي جائز طرح اهو اعتماد ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته نه رڳو دنيا سنڌ کان گھڻي مختلف ڪونهي پر سنڌ ۾ به پنهنجي نوعيت جون حسناڪيون آهن. جي سنڌ ڪجھه ڳالهين ۾ پٺتي پيل ۽ پسمانده آهي ته گھڻين شين ۾ اها بيحد امير به آهي.
الطاف شيخ سمنڊ جي شور ۽ جهاز جي الارم ۾ ٿري ماءُ جي لولي گونجندي ٻڌي آهي ته اولهه جي ميداني علائقن ۾ شام ويلي شفق جي ڳاڙهاڻ ۾ سنڌ جي پُسين ۽ پيرُن جا رنگ نکرندي به ڏٺا آهن ته وري اوڀر ۾ ويجھي کان سج کي به اڀرندي ڏٺو آهي. سچ پچ ته هُن ڦِيٿ هٿ ۾ کڻي ڌرتي جي پوري گولي کي ماپي ورتو آهي. سندس مشاهدي جي ڪينواس تي ڇا ڇا نه آيو هوندو! شايد ئي ڪو اهڙو منظر يا ڪو عڪس هوندو، جنهن الطاف شيخ جي شعور ۽ ذهن تي ڪو چٽ نه چٽيو هجي. الطاف شيخ جنهن به ڪاريگر جو ڪو چڱو چٽ ۽ نقش ڏٺو آهي ته اسان سان ان جو ذڪر دل کولي ڪيو اٿس. هو ڪولمبس ته ناهي پر ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو اٿس. هو هڪ اهڙو وڻجارو آهي جنهن وٽ وکر ڍيرئون ڍير آهي، جيڪو ولايت مان وڻج واپار ۽ وڙ جون ٻوريون ۽ خرزينون ڀري اچي ٿو. بنا اگھه پار ڳالهائڻ جي اسان اڳيان کوڙ ڪري، ڀل ته هو ڪيترو به محصول ۽ قيمت ادا ڪري اسان وٽ پهچي پر اسان کي وڙ وڙ جو وکر بنا ملهه پيو آڇي.
الطاف شيخ پنهنجي شخصيت ۽ سڀاءُ ۾ هڪ بيحد سادو ۽ سٻاجھو انسان آهي ۽ سندس شخصيت جيان هن جون لکڻيون ۽ سفرناما ۽ ڳالهيون به ساديون هونديون آهن. هن جي شخصيت توڙي سفرنامن ۾ اجايو ڏيکاءُ، خود پسندي ۽ سطحي رويا نه هوندا آهن. اها ئي ڳالهه هن جي ڪامياب ليکڪ هئڻ جو راز به آهي ته سندس ادبي خوبي ۽ سونهن به. ادب ۾ اجائي ڏيکاءُ ۽ مصنوعي ٻولي کي سطحي شمار ڪيو ويندو آهي ۽ الطاف شيخ جي ٻولي سادي به آهي ته حقيقت پسند به. گھڻا نقاد ان کي سندس ڪمزوري ڳڻائي سگھن ٿا پر مان ان کي هن جي ادبي خوبي سمجھان ٿي.
سموري دنيا جا ليکڪ انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته جيسين لکڻ واري جي پير ۾ چڪر ناهي، جُتي چڙهيل نه اٿس ۽ پنهنجي وِت آهر رولڙا ڪري ڌڪا کائي دنيا جا رنگ نٿو ڏسي تيستائين سندس لکڻي ۾ اهو رَسُ ۽ وَسُ نٿو اچي. جنهن جي تخليق ۾ ضرورت آهي.
ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته تخليقي توڙي تحقيقي ادب جون پاڙون پيرن جي نشانن، ڦيٿن جي ليڪن مان ڦٽي نڪرن ٿيون. تخليقي ادب جون سڀ صنفون اڻ سڌي طرح سفرناما آهن. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌي ۾ الطاف شيخ جي سفرنامن کان سواءِ ٻيا به سٺا سٺا سفرناما لکيا ويا آهن پر انهيءَ صنف کي عوامي سطح تي مقبول بنائڻ ۾ الطاف شيخ جو وڏو هٿ آهي.
الطاف شيخ سنڌ سان بي لوث محبت ڪندڙ شخص ۽ ليکڪ آهي. هن دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ سنڌ کي ڪڏهن به نه وساريو. رڳو وساريو ئي نه پر پنهنجون يادگيريون ۽ تجربا لکي سنڌ جي ماڻهن تائين پهچائڻ پنهنجو قومي ۽ ادبي فرض سمجهيو. هن سنڌ جي اڪثر اديبن جيان پنهنجي پورهئي جي موٽ ۾ سنڌ کان ڪڏهن به ڪجھه نه گھريو ۽ نه وري سنڌ تي ڪو احسان جتايا. اهو ئي هن جي ڪمٽمنٽ جو کليل ۽ بي ساخته اظهار آهي. مان سچي ۽ ڪميٽڊ ليکڪ کي ئي هڪ وڏو ليکڪ سمجھان ٿي ۽ ان معيار تي الطاف شيخ سئو سيڪڙو پورو لهي ٿو. مان اها راءِ هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ ڏيان ٿي ۽ ڪنهن به ليکڪ جو حقيقي نقاد، هن جو پڙهندڙ هوندو / هوندي آهي. مون دنيا جو چڱو حصو گھميو آهي. اتي تعليم خاطر رهي آهيان ۽ مسلسل پرڏيهه ويندي رهندي آهيان پر جيڪو رومانس ٻالڪپڻ ۾ الطاف شيخ جا سفرناما پڙهندي دنيا بابت سوچيندي محسوس ٿيندو هو، ان جو لطف حقيقت کان به وڌيڪ آهي. ان ڪري دنيا جو وڏو حصو ذاتي طور بار بار گھمڻ جي باوجود مون لاءِ الطاف شيخ جا سفرناما اڄ به ساڳي حيثيت ۽ دلچسپي رکن ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو الطاف شيخ اڄ به منهنجي پسند جي ليکڪن مان هڪ آهي.

سسئي پليجو
ڪراچي
4 جولاءِ 2004ع

پکي پکڻ سان به پيار آهي...

ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي اسان کي يورپي ۽ ٻين قومن کان الڳ ڪن ٿيون، يا کڻي چئجي ته انهن ۽ اسان جي سوچ ۾ وڏو ۽ واضح فرق ڏيکارين ٿيون. اسان ڀلي انگريزن يا يورپين کي گاريون ڏيون ته ڪافر آهن ... گدلا آهن ... شرابي آهن، وغيره. ٻين ڳالهين ۾ اسان مسلمان هجڻ جي ناتي پاڻ کي ميان مٺو سمجھون ۽ پنهنجو پاڻ لاءِ فتوائون ڏيندا وتون ته اسان مسلمان آهيون ان ڪري بهتر آهيون - پر پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي هرگز نه ڏٺو هوندوسين ته مسلمانن جي گھر ۾ ڄمڻ ۽ مسلمانن جو نالو هجڻ ڪري مسلمان ته سڏايون ٿا پر Practically اهي ڪم به ڪريون ٿا جيڪي اسلام چيا آهن؟
يا ان معاملي ۾ ڪيترن ايشين کي به اها خوش فهمي آهي ته اسين دنيا ۾ سڀ کان بهتر آهيون، خاص ڪري يورپين سان پاڻ کي ڀيٽيندا وتنداسين. دنيا ڇا پئي چوي يا حقيقت ڇا آهي ان تي ڪڏهن غور به نه ڪنداسين. بس اکيون پوري هر ڳالهه ۾ پاڻ کي، پنهنجي ڪٽب ۽ پنهنجي ملڪ کي پڏائيندا رهنداسين. ڪيترين ڳالهين ۾ اسان سٺي ڳالهه ان کي سمجھنداسين جيڪا اسان ڪريون ٿا يا جيڪا اسان کي لڳي ٿي. اها هرگز نه جنهن کي دنيا مڃي ٿي. اسان لاءِ ته انصاف به اهو آهي جنهن ۾ اسان جي ڳالهه کي مڃيو وڃي. سٺو ڪم به اهو آهي جيڪو اسان ٿا ڪريون. وتنداسين چوريون ڪندا. ڍڳا ڍور ته ٺهيو پر ماڻهو به اغوا ڪندا وتنداسين - ويندي عورتن، ٻارن، پوڙهن کي به نه ڇڏينداسين، ته به چونداسين ته اسان جهڙا شريف ماڻهو، اسان جهڙا رحمدل نه هوندا. اسان کان ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ٿيندو. هلڪو ڦلڪو پورهيو به نه پڄندو. ايمانداري سان نوڪري نه ٿيندي ته به پاڻ کي وڏا محنتي ۽ پورهيت سمجھنداسين.
هڪ يورپين چيو توهان جو ملڪ ترقي نه ڪري سگھندو.
“ڇو ڀلا؟” مون وائڙو ٿي پڇيومانس.
“ جنهن ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آدم شماري رڳو کٽون ويٺي ڇني ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو؟” هن وراڻيو.
“توهان جومطلب عورت سان آهي، واقعي اسان وٽ عورت جي تعليم ۽ نوڪريءَ ڪرڻ کي اڃا تائين عيب سمجھيو وڃي ٿو.” مون وراڻيومانس.
”نه، آئون عورتن جي ڳالهه نٿو ڪريان. اهي اسان جي يورپي ملڪن ۾ به سئو سيڪڙو ڪم نٿيون ڪن. آئون مردن جي ڳالهه ٿو ڪريان. توهان وٽ هر ڳوٺ، هر شهر ۾ مرد به سست آهن. شام ته شام پر توهان وٽ صبح جو به واندن مردن سان هوٽلون، بازاريون، رستا ڀريل نظر ايندا.“
“ ان جو سبب بي روزگاري آهي” مون کيس سبب ٻڌايو.
”بيروزگاري ڪٿي ناهي“، هن مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”توهان وٽ ته وري به هيستائين سرڪاري آفيسن ۾ نوڪريون هيون پر اسان جهڙن ملڪن ۾ ته سالن کان سرڪاري نوڪريون نه رهيون آهن. هرڪو پرائيويٽ روزگار جي تلاش ۾ رهي ٿو. پوءِ ان جستجو ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون شيون به ايجاد ڪريو وڃون جيڪي انسان ذات جي فائدي لاءِ هڪ طرف آهن ته ڪمائيءَ جو ذريعو ٻئي طرف ثابت ٿين ٿيون. اسان وٽ وڏن ماڻهن جا ٻار به نوڪري نه ملندن ته ڪو ڌنڌو يا ڪو پورهيو ڪندا. ويندي واڍو، رازو ٿي ڪم ڪرڻ ۾ يا ٻهارو کڻي ڀنگي ٿيڻ ۾ به عيب محسوس نه ڪندا.“
اهي ٿيون ڳالهيون ڏسجن ته لڳي ٿو ته واقعي اسان جي ماڻهن جي سوچ ڪيترو مختلف آهي. جيتوڻيڪ يورپ جي مقابلي ۾ اسان وٽ موسم به ايڏي ظالم ناهي جيتري يورپ جي آهي. سئيڊن ۽ ناروي جهڙن ملڪن ۾ جتي ٿڌ جو درجو ڪاٽو (Minus) ۾ هوندو هو ۽ اسان گرم ڪوٽن ۾ بس جي انتظار ۾ اسٽاپ جي اڏوات ۾ به ڏڪندا رهندا هئاسين، اتي سامهون عمارتن تي مڪاني رازن کي سرد هوا ۾ بيهي ڪم ڪندو ڏسي سيوڪاري اسان کي ٿيندي هئي. ان وقت اسان کي احساس ٿيندو هو ته هنن ملڪن جي ايڏي ٿڌي موسم ۾ ڪم ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو آهي جو ٿڌ ۾ هٿ ئي ٽُنڊا ٿيو وڃن. ساڳي طرح يورپ جي مهاڻن کي ڏسندو هوس ته تعجب لڳندو هو ته هڪ طرف ٿڌ ۽ اونداهه، ٻئي طرف هر وقت سخت طوفان ۾ هو ڪم ڪندا هئا. مڇيون ماري موٽندا هئا ته بيهوشي واري حالت ۾ هوندا هئا. سندن زالون گرم ڪپڙن مٿان پلاسٽڪ جا چوغا پائي ٻيڙيءَ تان مڇيون لاهي صاف پاڻي سان ڌوئي وڪڻڻ لاءِ تيار ڪنديون هيون. مرد رات سمنڊ تي گذاري فَجر مهل موٽندا هئا ۽ بعد ۾ زالون شام جو چئين تائين دڪان هلائينديون هيون.
اسان وٽ ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن محنتي آهن ته پٺاڻ ۽ افغان، جيڪي ٿڌين جاين جا ٿي ڪري سنڌ جي اونهاري واري نٽهه اس ۾ به رستن تي پٿر پيا ڪٽنيدا ۽ ڪنهن به پورهئي ڪرڻ ۾ عيب محسوس نه ڪندا. ويندي موچيءَ جو به ڪم ڪندا، جيڪو اسان وٽ شودر جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. سعودي عرب ۾ پنهنجي امير عرب دوست کي هر وقت اهو ئي Convince ڪندو رهيس ته هو پنهنجي فئڪٽري ۽ ٻئي پورهئي لاءِ جتي فلپين، ڪوريا، انڊونيشيا ۽ سري لنڪا جا ماڻهو ٿو رکي اتي ڪجھه پاڪستانين کي به رکي. آخر ۾ منهنجو چيو مڃيائين ۽ ايئرپورٽ تي خدا حافظ چوڻ وقت اهو به مون تي ڇڏيائين ته ڀلي ماڻهن جي چونڊ به آئون ڪري هن ڏي موڪليان”But”، هن آخر ۾ چيو: “Send only Pathans” (فقط پٺاڻ ئي موڪلجانءِ.)
پورهئي ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾، چاهي گھر جي ٻهاريءَ جو ڪم هجي يا ٿانوَ ڪپڙا ڌوئڻ، مالهيءَ جو ڪم هجي يا بورچي ڊرائيور جو. ٽائرن جا پنڪچر ٺاهڻ جو پورهيو هجي يا واڍڪو يا ويلڊنگ جو، اڄ ڪلهه پٺاڻن بعد ٻئي نمبر تي بهاولپور، ملتان، سرگوڌا، اوڪاڙا پاسي جا پاڪستان ۾ توڻي ٻاهرين ملڪن ۾، ڪامياب وڃي رهيا آهن.
بهرحال هتي اها پئي ڳالهه ڪيم ته يورپي يا انگريز جن کي اسان هر وقت ۽ هر ڳالهه ۾ ڏوهاري بڻايون ٿا، هر برائي انهن تي ٿاڦيون ٿا، پر ڏٺو وڃي ته هنن جون ڪي ڪي ڳالهيون بيحد نراليون آهن جيڪي در اصل اسان مسلمانن ۾ هجڻ کپن. وقت جي پابندي، سچ ڳالهائڻ، ايمانداري سان ڊيوٽي ڏيڻ، غريب ۽ بيمار جو خيال ڪرڻ، پاڙي واري جي عزت ڪرڻ، ٻارن ۽ ٻُڍن جي آرام جو سوچڻ - ۽ ٻيون ان قسم جون ڳالهيون يورپين ۾ ڏسي راٽرڊم (هالنڊ) ۾ مون سان گڏ رهندڙ مصري عرب ڪئپٽن ابو حنفي هنن لاءِ چوندو هو: “يار! ڏٺو وڃي ته رڳو ڪلمو سو نٿا پڙهن باقي ٻيون سڀ ڳالهيون هنن جون اهي آهن جيڪي اسان مسلمانن ۾ هجڻ کپن”.
وري چوندو هو: “بس يار! لڳي ٿو ته مسلمان سو پنهنجي ملڪ ۾ آهن باقي اسلام هتي يورپ ۾ آهي”. غريبن ۽ بيمارن جو خيال ڪرڻ تان ياد آيو ته اسان جي ملڪن کان وڌيڪ خيراتي ڪم، اسڪولن اسپتالن کان مسافر خانا ۽ پوڙهن ۽ هيڪلن ماڻهن لاءِ رهائش گھر مغرب ۾ ملندا. اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن رئيس وٽ پئسو ايندو ته هو ڪارون وٺندو. شراب پيئندو. ناچ ۽ گانا ٻڌندو يا ناچ گاني واريءَ کي additional زال يا Keep ڪري رکڻ ۾ فخر محسوس ڪندو - هو انهن ڳالهين ذريعي ٻين تي لئه رکڻ جو سوچي ٿو. يورپي يا انگريز (ان معاملي ۾ ويندي هندو به) دولت جي جھجھي اچڻ تي خير خيرات ڪندو. پنهنجي ملڪ ۾ ڪو ضرورت مند نه ملندس ته اهو اسان جهڙن ملڪن ڏي موڪليندو. اسان جي ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ خيراتي ادارن NGOS جي ڪير پيا مدد ڪن؟ ڪئناڊا، انگلنڊ، آمريڪا، جپان! اهي ڌاريان ئي ملڪ ته آهن. اسان ته انهن ادارن ۾ به وڏون نوڪريون وٺي خيرات جو پئسو ضرورتمندن کي ڏيڻ بدران گھوٻيون هڻيو ويٺا آهيون.
نه رڳو انسان ذات لاءِ پر جانور پکين لاءِ به هنن کي خيال ٿئي ٿو. اسان ته ورهاڱي کان اڳ هندن يا پارسين جيڪي گھوڙن ۽ گڏهن جي پيئڻ جا حوض ٺاهيا هئا اهي به ڊاهي ڇڏيا. پارڪ ۽ بينچون ٺاهيائون اهي به ختم ڪري ڇڏيونسين. هتي (يورپ) جي ڪيترن ئي ملڪن جي اخبارن ۾ عوام کي جانورن جي پرگهور لاءِ به اپيل ڪئي ويندي آهي ته پاڻ خيال ڪريو يا فلاڻي فلاڻي اداري کي چندو ڏيو ته اهي ڪجھه ڪن. ڪڏهن گڏهن لاءِ ايندو آهي ته ڪڏهن رڇن لاءِ. هڪ دفعو ته ڀولڙن لاءِ به آيو جن کي ايشيا جي ڪن ملڪن ۾ ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌي، ڏنڊا هڻي ڪرتب ته ڪرايا وڃن ٿا پر کين پيٽ ڀري کاڌو نٿو ڏنو وڃي.
هي ڳالهيون لکڻ مهل پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ٻه واقعا ياد اچي رهيا آهن جيڪي هتي ڏيڻ بي محل نه ٿيندا.
گھڻو اڳ جي ڳالهه آهي اسان جهاز تي جونئر انجنيئر هئاسين، جهاز وڏي مرمت لاءِ يوگوسلاويا آيو هو. اسان کي هڪ ٻه ڏينهن هوٽل ۾ رهائڻ بعد اسان کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن اسان چاهيون ته رهائش جو بندوبست پنهنجي پسند تي پاڻهي ڪري سگھون ٿا جنهن لاءِ جهازران ڪمپني رهائش ۽ ماني جا مقرر پئسا روز جي حساب سان ڏئي سگھي ٿي. ان ۾ ڪمپنيءَ جو به فائدو هو. اسان جونئر آفيسرن لاءِ اها بهتر آفر هئي جو هڪ وڏي هوٽل ۾ رهڻ بدران ڪنهن سادي هوٽل ۾ رهي، سادو کائي، ڪافي پئسو بچائي سگھياسين ٿي - جنهن مان شاپنگ ۽ گھمڻ ڦرڻ جهڙو عيش پڻ ٿي سگھيو ٿي. منهنجي ساٿي بنگالي انجنيئر جو هڪ مائٽ ڪيترن سالن کان يوگوسلاويا ۾ رهيل هو جنهن جي رائيڪا شهر ۾ ڪافي ڄاڻ سڃاڻ هئي جتي اسان جي جهاز جي مرمت هلي رهي هئي. هن بندرگاهه جي ڀر ۾ هڪ سرب مسلمان فئملي وٽ اسان جي رهائش جو بندوبست ڪيو. گھر شهر کان کڻي پري هو پر بس اسٽاپ ڀر ۾ هو ۽ گھر جي مالڪن اسان جي رهائش جا تمام مناسب پئسا ٿي ورتا. صبح جو چانهه بدران ڪافي ڏيندا هئا. پيئڻ لاءِ کير جام هو جيڪو اسان ڪارن فلئڪن ۾ به وجھندا هئاسين ته پاڻيءَ بدران به پيئندا هئاسين. رات جو ڊبل روٽي ۽ سلاد هُو ڏيندا هئا، ڀاڄي يا مڇي اسان وٺي رڌيندا هئاسين. منجھند جي ماني جهاز تي کائيندا هئاسين. گھر ۾ زال مڙس ۽ سندن ٻه ٻار هئا ۽ ٽي مينهون ۽ هڪ ٻلي.
اسان جي اچڻ کانپوءِ ٻي ڏينهن ئي سندن هڪ مينهن ويائي. پنهنجي بنگالي دوست کي چيم: “هونءِ ئي کير جام ڏيندا هئا هاڻ ته اڃان به گھڻو ڏيندا.”
جهاز تي ڪم دوران کيس ٻڌايم ته ڦر ڄڻڻ بعد مينهن جو کير چڱو گھاٽو ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ پهرين ڏينهن واري کير ۾ کنڊ ۽ ڦوٽا وجھي ڪاڙهي “پس” (کڙ) ٺاهيو ويندوآهي، ٻئي ۽ ٽئي ڏينهن وارو کير به چڱو گھاٽو ٿئي ٿو ۽ “ٻيهر” سڏجي ٿو. منهنجي بنگالي دوست به ٻڌايو ته هنن وٽ به ان کير (آلوڙو) کي پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ اتي به ائين پس (کڙ) ٺاهيو وڃي ٿو.
شام جو جهاز تان موٽڻ بعد هِتان هُتان چڪر هڻي گھر موٽياسين. رستي تي بنگالي دوست چيو ته گھر جي مالڪڻ پڪ ان کير مان پِس ٺاهي پاڻ لاءِ به رکيو هوندو، پر گھر پهچڻ تي هُن اسان کي نه ڏنو ۽ نه اسان کي فرج ۾ نظر آيو. بورچيخاني ۾ به ڪي اهڙا آثار نظر نه آيا جنهن مان لڳي ته هنن کير کي ديڳڙي ۾ ڪاڙهي، ٿالهه ۾ پس ٺاهي پيالين ۾ وجھي رکيو هجي.
ٻئي ڏينهن به ساڳيو حال! بورچي خاني ۾ پاڻ لاءِ ڀاڄي ٺاهيندي اسان ٻنهي خيالن جو اظهار ڪيو ته نئين وياميل مينهن جو کير وڃي ڪيڏانهن ٿو. گھر جا مالڪ زال مڙس پيو ڇڏين، يا رڳو ٻارن کي ٿا ڏين. يا پاڙي وارن کي ورهايو ڏين؟ اسان کان ته پڇن به نٿا.
ٽئي ڏينهن مون کان وڌيڪ منهنجو بنگالي دوست انجنيئر ناراض ٿي ويو ۽ اسان پڪو پهه ڪيو ته ٻئي ڏينهن جهاز تي وڃڻ کان اڳ گھر جي مائيءَ کان ضرور پڇنداسين - پر پوءِ چڱو جو نه پڇيوسين جو ٻئي ڏينهن هتي يوگوسلاويا ۾ رهندڙ بنگاليءَ کان معلوم ٿيو ته هتي جا توڙي يورپ جي ڪيترن ملڪن جا ماڻهو ان کير کي پيئڻ خراب ڳالهه ٿا سمجھن. هو ان کير تي ان نئين ڄاول ڦر جو حق ٿا سمجھن. “ان کير ۾ تمام گھڻيون وٽامنز ۽ طاقتون ٿين ٿيون جيڪي نئين ڄاول ڦر لاءِ ضروري آهن”. ان ئي ڏينهن هتي رهندڙ هڪ ٻئي يورپي پڻ ٻڌايو، “اهو سڄو کير امانت طور فريزر ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ٿورو ٿورو ڪري نئين ڄاول ڦر کي پياريو وڃي ٿو.”
ان ڏينهن شام جو اچي فرج جو مٿيون خانو (فريزر) کوليون ته واقعي ننڍين ننڍين ٿيلهين ۾ اهو کير ڄميو پيو هو. هڪ گگدام ۽ ڪمزور جانور جو ايترو خيال رکڻ هڪ قابل تعريف ڳالهه آهي ۽ يورپين جي اهي سٺائي مڃڻ کان انڪار نٿو ڪري سگھجي.
آڙيون، بدڪون ۽ تِلور جهڙا پکي ننڍي هوندي کان ڏسندا اچون پر گھڻو ڪري ڪٺل حالت ۾. هتي سئيڊن ۾ اهي پکي نه فقط اڏامندي پر پارڪن ۽ رستن تي واڪ ڪندي يا بس اسٽاپن جي بينچن تي ڀر ۾ اچي وهندو ڏسي تعجب لڳي ٿو. اسان وٽ ته ڪبوتر يا جھرڪيءَ اڳيان لنگھه ته اها به ڦڙڪو کائي اڏاميو وڃي. انهن کي خبر آهي ته ائين نه ڪرڻ سان هنن جو اڻ وقتائتو موت اچي ويندو. پر هتي سئيڊن ۾ پکين کي به خبر آهي يا گھٽ ۾ گھٽ کين محسوس ٿئي ٿو ته انسان ذات سندن نالو نٿي وٺي. مڪاني قانون مطابق انهن پکين کي مارڻ يا تنگ ڪرڻ تي حڪومت طرفان سخت سزا ۽ ڏنڊ مقرر ٿيل آهي. هتي جي ملڪن ۾ ماڻهن توڙي جانورن لاءِ نه فقط قاعدا قانون ٺهيل آهن پر انهن تي سختيءَ سان عمل به ٿئي ٿو ۽ غريب توڙي امير لاءِ ساڳيا قاعدا، ساڳيون سختيون، ساڳيا ڏنڊ ۽ ساڳيون سزائون آهن. ان ڪري ڪيترا شڪار جا شوقين به هتي اچيو سڌريو وڃن. پکي پکڻ، بنا ڪنهن خوف جي رستن تي چڳندي خوشي محسوس ڪن ٿا ۽ اسان پڻ کين رستن تي ائين هلندو چلندو ڏسي خوش ٿيون ٿا.
هتي (سئيڊن توڙي ناروي ۾) رهي مون محسوس ڪيو آهي ته هتي جا ماڻهو سزا جي ڊپ کان نه پر دل ۾ پکين لاءِ پيار هجڻ ڪري پکين جو ڏاڍو خيال ڪن ٿا - خاص ڪري “مهمان پکين” Migratory Birds جو. ان بابت هتان لکيل سفرنامن ۾ آئون ڪيتريون ئي ڳالهيون لکي چڪو آهيان ته هي ماڻهو (ناروي پاسي جا) کڻي وائڪنگ ۽ ڦورو غنڊا سڏجن پر اهي سڀ ماضيءَ جون ڳالهيون هيون. هينئر ته سئو سالن کان مٿي ٿي ويا آهن جو ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ پاڻ ۾ يا ڪنهن ٻئي پاڙيسري ملڪ سان وڙهيا هجن. انسان جو ته هتي وڏو خيال ڪيو وڃي ٿو پر جانورن ۽ پکين سان به همدردي ڪئي وڃي ٿي. اڪثر اخبارن ۾ اشتهار ايندا آهن ته توهان هيترا پئسا خيرات طور ڏئي ايشيا يا آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾، ڪنهن زخمي گڏهه يا رڇ کي سڄي عمر لاءِ خوراڪ مهيا ڪري سگھو ٿا يا دنيا ۾ ڀولڙن سان ٿيندڙ ظلمن کان کين نجات ڏياري سگھو ٿا.
اسان جي مٿين فلور واري يوزي نالي پوڙهي عورت “مهمان پکين” جو ته خيال رکندي آهي پر اهي پکي جيڪي سڄو سال هتي ڌوڙ پيا پائين، انهن تان به پئي فدا ٿيندي آهي. سياري جي موسم ۾ جڏهن هتي جا وڻ بلڪل ٺوڙها ٿي ويندا آهن ۽ جيت جڻيا زمين اندر غائب ٿي ويندا آهن ۽ چوڌاري برف ڄمي ويندي آهي ته هيءَ عورت ڄارين جون ٿيلهيون ٺاهي انهن کي چونئرن ۽ چانورن جهڙي اناج سان ڀري انهن ٺوڙهن وڻن جي شاخن سان ٻڌي ڇڏيندي آهي جيئن ننڍڙا پکي انهن ٿيلهين کي ٺونگا هڻي داڻو داڻو ڪري کائين. ڪڏهن ڪڏهن ته آمريڪا جي Nabisco ڪمپني جو چونئرن (Peanuts) جو وڏو دٻو وٺي ڏيندي آهي ته جنهن يونيورسٽي ۾ آئون وڃان ٿو ان جي ڀر واري پارڪ ۾ پکين کي ڏيندو وڃان.
هر اٺين ڏهين ڏينهن جڏهن اهو چونئرن جو، اڌ ڪلو کن جو دٻو کڻي پنهنجي بلڊنگ مان نڪري بس اسٽاپ تي اچي بيهندو آهيان ته ڀر واري بلڊنگ مان ايندڙ بنگلاديش جي ڪئپٽن حبيب جو مون سان جھڳڙو هوندو آهي. هن کي يقين ئي نه ايندو آهي ته اسان جي بلڊنگ جي اسي سالن جي امير، بيواهه ۽ جوانيءَ جي ڏينهن جي بي حد خوبصورت عورت اهو تحفو پکين لاءِ موڪليو آهي. هن جو اهو ضد هوندو آهي ته کول ته کائون. هن کي اهو ئي شڪ هوندو آهي ته اهو آئون پنهنجي کائڻ لاءِ يونيورسٽي کڻي پيو هلان. پوءِ سڄي ڳالهه ٻڌي چوندو آهي“ عجيب ماڻهو آهن هتي جا! خاص ڪري اها تنهنجي بلڊنگ واري پوڙهي!”
“ ڀلا جي Pea Nuts پکين کي کارائڻا به اٿس ته پنجن ڪرونن جا کليل ڇو نٿي وٺي ڏئي. پکين لاءِ جهڙا عام چونئرا تهڙا هي آمريڪن ڪمپني نبيسڪو جا چاليهه ڪرونن جا Roast ٿيل مهانگا، امپورٽيڊ چونئرا.”
“بس هن جو پکين سان پيار آهي.” وراڻيو مانس.
“صفا ڪا چري ٿي لڳي! چڱو کول ته ڪجھه کائون.” ڪئپٽن حبيب چوندو هو.
“بس اچي ته ان ۾ ويهي پوءِ ٿا کوليون. پوڙهي مٿان دريءَ مان پئي ڏسي. ڇا چوندي ته هوءَ نه پر عجيب پاڻ آهيون جو پکي ته کايو وڃون پر پکين جو کاڌو به نٿا ڇڏيون.”
سئيڊن ۾ يڪا ٻه سال هوس. ٻئي سال به جيئن ئي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهيني شروع ٿيڻ سان ٿڌيون هوائون شروع ٿيون ته گرم ملڪن ڏي ويندڙ اهي پکي هڪ هڪ ٿي هتان ڏکڻ طرف غائب ٿي ويا. يعني ڪي ڏکڻ يورپ جي ملڪن: فرانس، اسپين، اٽلي ڏي، ڪي ميڊيٽرينن سمنڊ جي ٻي پاسي آلجيريا، ٽيونيشا ڏي ته ڪي اڃا اڳتي هند، سنڌ، پنجاب، بلوچستان ايران ڏي - جتي جو سيارو اتر روس، ناروي، سئيڊن جهڙن ملڪن جي اونهاري جهڙو ٿئي ٿو. پکين جي لڏ پلاڻ پوري ٿيڻ کان اڳ ان سال سخت برف باري شروع ٿي وئي ۽ ڪجھه پکي لڏڻ کان رهجي ويا. ان ڳالهه جو ڏک انهن پکين کي خبر ناهي ڪيتري حد تائين ٿيو هجي پر اسان جي يوزي انهن لاءِ غمگين گانا ڳائيندي رهي. ويتر هن کي هڪ بدڪ نموني جو زخميل پکي هٿ اچي ويو جنهن جو رات جي وسيل برف ۽ ٿڌي هوا ڪري هڪ پاسو کيرو ٿي پيو هو ۽ هو اڏامي نه سگھڻ ڪري رستي تي پيو هو. يوزي انهي ئي ڏينهن ڪنهن جانورن جي ڊاڪٽر يا خبر ناهي انسانن جي ڊاڪٽر کان هن لاءِ ڪجھه ملم وٺي آئي جيڪو هن کي روز لڳائڻو هو.
هي اهي ئي ڏينهن هئا جن ۾ هر سال يوزي موڪلون گذارڻ پنهنجي اباڻي ملڪ فرانس ويندي هئي. ٻن ڏينهن بعد لفٽ ۾ ملڻ تي مون کانئس حال احوال کڻي پڇيو:
“پئرس وڃڻ جو ڇا پروگرام اٿانو؟”
“وڃڻي هيس، ٽڪيٽ به وٺي ڇڏي هيم پر هاڻ هي جو ڪم نڪري پيو آهي ان کي ڪير منهن ڏيندو. “Can you be a little bit nice to me?”
آئون سمجھي ويس ته هن کي ان زخميل بدڪ جو فڪر آهي ۽ ان جي ٽهل ٽڪور جو ڪم منهنجي حوالي ڪرڻ ٿي چاهي. مون کيس وڏي دل ۽ خلوص سان هائوڪار ڪئي. آئون ته اهو چوندس ته هن جي مهرباني چئبي جو هن مون کي اهڙو ماڻهو سمجھيو يا ته ٿي سگھي ٿو اخبار نه پڙهندي هجي نه ته ضرور اهو سوچي ها ته ان ماڻهوءَ کي پکين لاءِ ڪهڙو قياس جنهن جي ملڪ جي شهر ڪراچيءَ ۾ روزانو انساني جانيون ضايع ٿيو وڃن، جنهن جي ملڪ ۾ رستن تان ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ٿيو وڃن.
بهرحال پوڙهي ڏهن ڏينهن لاءِ پئرس هلي وئي ۽ آئون پکيءَ سان همدردي ڪري نه پر پوڙهيءَ جي ڊپ کان ان پکيءَ کي روزانو وقت تي داڻو کارائيندو رهيس ۽ ڏينهن ۾ ٻه دفعا ملم هڻندو رهيس. ڪجھه اهو به سوچي ته صدين کان منهنجا سنڌي ڀائر هنن پرديسي پکين کي ماريندا رهيا آهن. گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن هڪ سنڌيءَ هن کي مارڻ بدران جيارڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ پوڙهيءَ جي موٽڻ تائين آئون سخت بيزار ٿي چڪو هوس ۽ دل ۾ آيم ته کيس حقيقت کان آگاهه ڪريان ته تون پاڻ ته ويٺي خوار ٿين پر اسان کان به ويٺي خذمتون ڪرائين. اها به ڪا خبر اٿئي ته اسان جي ملڪ ۾ پهچڻ سان هنن لڏ پلاڻ ڪندڙ (Migratory) پکين جو ڪهڙو حشر ٿئي ٿو؟ پر پوءِ خيال آيم ته کيس ٻڌائڻ بدران ائين به ٿي سگھي ٿو ته آئون پنهنجن ماڻهن کي ٻڌايان ته اتر وارن ملڪن ۾ اهڙا به نيڪ ماڻهو آهن جن کي نه فقط انسان ذات سان پر پکي پکڻ سان به پيار آهي.

مالمو – سئيڊن
1992

آمريڪا ۾ ڪير آهي

اڄ ڪلهه پاڪستاني اخبارن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني واپاريءَ جي ڳالهه هلي رهي آهي ته هن وٽ اسان جا ڪيترائي وڏا سياستدان مهمان ٿي وڃن ٿي ۽ هن جو پاڪستاني سياست تي وڏو اثر آهي. هن جي آمريڪا جي وڏن ماڻهن سان اٿڻي وهڻي آهي، ڇو جو هو آمريڪا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي. سندس شاهوڪار هجڻ لاءِ، شايد ثبوت طور ان ڳالهه تي زور ڏنو پيو وڃي ته هو هر وقت نئين ماڊل جي ڪارن ۾ گھمندو نظر اچي ٿو.
اسان جي ماڻهن جي ڪن ڳالهين مان، سندن بيوقوفي جي حد تائين، گھٽ ڄاڻ ظاهر ٿئي ٿي ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جن تي اڪثر ڌاريان ماڻهو کلن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اسين عجيب ٺڙڪو ڳالهين مان به متاثر ٿيو وڃون. مٿي ذڪر ڪيل همراهه کي آئون به سڃاڻان ٿو. هو اسان غريبن لاءِ کڻي امير هجي جو هو آمريڪا ۾ رهي ٿو جتي سندس سٺو ڌنڌو هلي ٿو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هن وٽ اڌ درجن نئين ماڊل جون ڪارون آهن، پر يارو سچ پڇو ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ اهڙي ماڻهوءَ کي ته ڪير کنگھي به ڪونه ٿو.
آمريڪا (USA) ته اهو ملڪ آهي جتي ان ماڻهوءَ کي به امير نٿو چئي سگھجي جنهن کي پنهنجو هوائي جهاز هجي. آمريڪا ۾ البت ان ماڻهوءَ کي امير چئي سگھون ٿا، جنهن کي هوائي جهاز سان گڏ پنهنجو ذاتي هوائي اڏو به هجي. يقين ڪريو آمريڪا ۾ اهڙا به امير، ڪارخانيدار ۽ جاگيردار آهن، جن کي پنهنجي ڪارخاني يا جاگير سان لڳ جيٽي آهي ... يعني بندرگاهه آهي، جتي اسان جو جهاز وڃي لنگر انداز ٿئي ٿو ۽ فقط ان ڪارخاني جو تيار ٿيل مال يا ان زميندار جو پيدا ٿيل اناج جهاز تي چاڙهڻو پيو ٿي. هيوسٽن ۽ ٽيڪساز رياست جي ته ٻين به ڪيترن علائقن ۾ اسان کي اهڙن پرائيويٽ بندرگاهن ۾ جهاز وٺي وڃڻو پيو.

مالمو، سئڊن
1992

ڪاش مون وٽ ڪو جواب هُجي...

نه فقط انگلنڊ ۾ پر فرانس، جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ماڻهو رهن ٿا. انهن ۾ نوي سيڪڙو اهڙا آهن جن کي يورپ يا آمريڪا جهڙيون حالتون پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ ملن ته اڄ ئي پنهنجي ملڪ موٽي اچن، ويندي اُهي پاڪستاني جن جون زالون يورپي آهن.
۽ اهي حالتون يا ماحول Conditions) سهولتون) جن جو مٿي اشارو ڪيو اٿم ڪي خاص Extraordinary به نه آهن. بس اهي نارمل قسم جون جيڪي اسلامي معاشري ۾ هجڻ کپن: حق حلال جي روزي ڪمائڻ جو بندوبست، انصاف، جان ۽ مال جي سلامتي، عزت جي رهائش وغيره.
اسان جا ڪيترائي هم وطن ولايت ۾ خوش هوندي به، پنهنجي وطن کي ساريندا رهن ٿا. پنهنجي ملڪ جي معمولي ترقي به هنن لاءِ وڏي خوشي آهي ۽ وطن بابت غلط ڳالهه ٻڌڻ تي اداس ۽ غمگين ٿيو وڃن.
“پاڪستان ۾ ڌنڌي ڌاڙيءَ جون پر امن حالتون هجن ته آئون جيڪر هتي سڄو بزنيس Windup ڪري هليو وڃان.” سئيڊن ۾ پنجويهه سالن کان رهندڙ مسعود ضيغم هڪ ڏينهن پنهنجي اندر جو حال مون سان اوريندي چيو جيتوڻيڪ سندس زال سئيڊن جي آهي. اسان پاڪستان جهڙي “اسلامي” ماحول ۾ رهي نماز نٿا پڙهون پر هوءَ سئيڊن جهڙي يورپي ملڪ ۾ رهي پنج وقت نماز باقاعدگيءَ سان پڙهي ٿي. پنهنجي مادري زبان سئيڊش کان سواءِ انگريزي ۽ پنجابي لس ئي لس (Fluent) ڳالهائي ٿي. شلوار ۽ چولو پائي فخر محسوس ڪري ٿي.
“مون ۽ منهنجي ڌيءُ سڄي عمر ڪراچيءَ ۾ ٻارن کي پاڙهيو”. ڪئناڊا جي اتراهين شهر سينٽ جان ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني ڪرسچن ماسترياڻيءَ مون کي ٻڌايو. “مون ڪراچي نٿي ڇڏڻ چاهي، پر گذريل سال جي مذهبي هنگامن ۾ عيسائين کي ايڏو تنگ ڪيو ويو جو مجبور ٿي اسان کي ملڪ ڇڏڻو پيو.”
مئٿلڊا جهڙيون محنتي، هوشيار ۽ ايمانداري سان پڙهائڻ واريون سادگيءَ ۾ زندگي بسر ڪرڻ واريون ماسترياڻيون، اسان جي ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن گھٽبيون وڃن. هن کي اڄ به پنهنجو وطن ۽ پنهنجا شاگرد، جن ۾ گھڻائي مسلمان جي آهي، ياد ٿا اچن.
لنڊن جي ٻهراڙيءَ واري علائقي ۾ ڊبل روٽيون ۽ بسڪيٽ وڪڻي گذر ڪرڻ واري مجتبا حسين جي پڻ ساڳي ڪهاڻي آهي. هو غربت ۽ ڏکن ۾ به پنهنجي اباڻي وطن ۾ خوش هو. ٻه سال اڳ پنجاب جي ان شهر ۾ جتي هي سالن کان رهيل هو ، سندس پٽ ۽ ڀاءُ کي ڪجھه ڪٽر سني ماري ويا. ”ڇا اسلام اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته هڪ ٻئي کي قتل ڪريون؟” هن ڏک مان مون کان سوال ڪيو. ”سعودي عرب، ملائيشيا، ڪويت، بنگلاديش پڻ مسلمان ملڪ آهن. اتي ته ڪير به مذهب جي نالي ۾ قتل نٿو ڪري. سني شيعا ته ڇا پر عيسائي، ٻڌ، سک ۽ هندو به امن سان رهيا پيا آهن. مڪي ۽ مديني کي ڇڏي سعودي عرب جي باقي وڏن شهرن ۾ انيڪ هندو، سري لنڪا جا ٻڌ ۽ فلپين جا ڪرسچن رهيا پيا آهن اتي ته ڪو به عرب اسلام جي نالي ۾ انهن کي نٿو ماري پوءِ پاڪستان ۾اها ويڌن ڇو آهي؟“هن غم ۽ غصي مان مون کان وري پڇيو.
Akunet نالي ڪراچي جي آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي گرئجوئيٽ انهن پاڪستاني ڊاڪٽرن جو انٽرنيٽ تي Network آهي جيڪي هتي آمريڪا ۾ بيحد سٺين نوڪرين تي آهن ۽ خوشحال زندگي گذارين ٿا. اڄ ڪلهه هو Internet تي پنهنجا مسئلا هڪ ٻئي کي ٻڌائين ٿا ۽ Discuss ڪن ٿا ۽ انهن مان هڪ اهو به آهي ته آيا آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهي پئجي يا پنهنجي وطن موٽي هلجي. هو اڄ جي حالتن جي روشني ۾ پنهنجا پنهنجا خيال ۽ معلوماتي رايا هڪ ٻئي تائين پهچائي رهيا آهن.
”پاڪستان موٽي هلڻ يا آمريڪا ۾ ئي رهي پوڻ“ جي سوال تي هڪ جو خيال پڙهي پنهنجي ملڪ جي افسوسناڪ تصوير سامهون اچي ٿي. هن آمريڪا ۾ رهي پوڻ جي حق ۾ دليل ڏنا آهن.
“آئون آمريڪا ۾ ان ڪري رهڻ چاهيان ٿو جو آمريڪا جو ماحول ۽ سوسائٽي اسان جي پاڪستاني سوسائٽي کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ وڌيڪ اسلامي آهي.”
آمريڪا ۾ رهندڙ هن پاڪستاني ڊاڪٽر ان بابت هن ريت وضاحت ڪئي آهي:
 آمريڪا ۾ ماڻهو گھڻو ڪري سچ ڳالهائين ٿا.
 هو ان تي ئي يقين رکن ٿا ته ٻيو به سچ چئي رهيو آهي.
 ماڻهن کي قانون لاءِ عزت آهي ۽ ملڪ جو قانون غريب توڙي امير لاءِ ساڳيو آهي.
 قانون کي قائم رکندڙ ايجنسيون پنهنجن شهرن جي حفاظت ڪن ٿيون.
 واپار وڙي ۾ ٺڳي يا دولاب ناهي. هڪ ٻئي سان مقابلو صاف ۽ کليل نموني جو هلي ٿو.
 ٻارن جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ هنن جي بنيادي تعليم لاءِ حڪومت طرفان خاطري مليل آهي.
 انصاف نه فقط ملي ٿو پر جھٽ پٽ ملي ٿو.
 ملڪ ۾ ڊيموڪرئسي آهي. مذهبي اقليتن جو به خيال رکيو وڃي ٿو ۽ کين مڪمل آزادي مليل آهي.
 هتي جي حڪمران طبقي پنهنجي ٻارن لاءِ خاص ڪوٽا نه رکي آهي. غريب توڙي امير جو ٻار برابر آهي. جيڪو محنت ڪري ٿو ان کي ڪاليج ۾ داخلا ملي ٿي ۽ جيڪو پاڻ کي قابل ثابت ڪري ٿو ان کي نوڪري ملي ٿي.
 محنتي ۽ ايماندار ماڻهوءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.
 هتي آمريڪا ۾ محنت ۽ پورهيو ڪري توهان به امير ٿي سگھو ٿا ۽ اهڙا ڪئين مثال نظر اچن ٿا جن ۾ غريب به وڏا ماڻهو ٿي ويا ۽ کين پنهنجي اصليت تي به فخر قائم آهي.
 آمريڪا ۾ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ جي اجازت آهي. هر ماڻهو آزاد آهي ته هو پنهنجي دين ڌرم تي هلي ۽ هن کي ڪنهن به ڳالهه جو اجايو خوف خطرو نٿو رهي....
“آمريڪا ۾ اهڙين سٺين ڳالهين جي لسٽ تمام وڏي آهي. توهان کي انهن مان ڪا ڳالهه ڇا پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ نظر اچي ٿي...؟”
آخر وارو اهو سوال هن پاڪستان ۾ رهندڙ اسان کان ڪيو آهي.
ڪاش مون وٽ يا ڪنهن ٻئي پاڪستانيءَ وٽ ان جو ڪو جواب هجي!

ڪراچي_1995

هڪ ڪارٽون

هڪ امريڪن هڪ جپاني ڇوڪريءَ کي پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪا شايد ٻڌائي رهي اٿس ته ”ڀڄي پاسو ڪر جو منهنجو مڙس خطرناڪ ماڻهو آهي“. آمريڪن هن تي پنهنجي لهءِ رکي رهيو آهي ته هو هن جي بئاءِ فرينڊ کي ٺونگي سان اڏائي ڇڏيندو... ۽ جپاني ڇوڪريءَ جو بئاءِ فرينڊ هڪ عام جپاني ڇوڪرو نه پر ڇهه فٽ ٽن انچن جو قداور سومو پهلوان آهي جيڪو مٿان اچي ڪڙڪيو آهي.

تيستائين گڊ باءِ

ملائيشيا جي ماڻهن کي کڻي ڪو ڄٽ چوي - خير هاڻ ته هو تعليم توڙي ٽيڪنالاجيءَ ۾ جپان ۽ ڪوريا جو مقابلو ٿا ڪن، پر جنهن زماني تائين ڄٽ يا جهنگل جا ماڻهو (Orang Hutan) سمجھيا ويا ٿي، ان وقت به منجھن هڪ سٺي ڳالهه يا کڻي چئجي ته رسم هئي (۽ اڄ به اها قائم آهي) ته هو ملڻ ملائڻ ۾ گھڻو وقت ضايع نٿا ڪن. شاديءَ تي به جيئن جيئن مهمان ايندو ويندو آهي ماني اڳيان رکندا ويندا اٿس. ماني کائي گھوٽ ڪنوار جو منهن ڏسي، ڊالر يا ٻه تحفي طور يا منهن ڏسڻي خاطر رکي، رمندو رهندو آهي. نڪاح هڪ ڏينهن اڳ ڪجھه مائٽن اڳيان ڪري ڇڏيندا آهن.
اسان وٽ شادين تي مهمان پيا گڏ ٿيندا ۽ پوءِ رات جا يارهن، ٻارهن ۽ هڪ به ٿي ويندو. پهرين آيلن کي ڪارون پارڪ ڪرڻ لاءِ جاءِ ملي ويندي آهي پوءِ جا آيل ڪار بيهارڻ لاءِ پيا خوار ٿيندا آهن. پوءِ جي شاديءَ ۾ عورتن ۽ مردن لاءِ وهڻ جو بندوبست الڳ هوندو آهي ته وڃڻ وقت مرد پنهنجيون زالون ڳولڻ ۾ خوار هوندا آهن. ماني کائڻ بعد سڀ هڪ وقت ائين ڀڄڻ جي ڪندا آهن ڄڻ رومن سلطنت جا قيد خانا ڀڃي جنگي سپاهي (POW) ڀڄي رهيا هجن ۽ جيڪا ماني رات جو ٻارهين بجي Serve ٿئي اها در اصل صبح جو ستين وڳي رڌجڻ شروع ٿئي ٿي ۽ پوءِ اها ماني Cook ٿيڻ کانپوءِ ٽانڊن تي به ست اٺ ڪلاڪ رکي آهي جيئن مهمانن کي گرم ملي، چاهي رات جو يارهين ٻارهين يا هڪ کارائي وڃي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماني سا گرم ملي ٿي پر سائنس جا چار درجا پڙهڻ واري کي به اها خبر هوندي ته اهي ٻوڙ مڇيون ڪيتريون هائيجينڪ هونديون! باهه تي رڌجي رڌجي انهن جون پروٽين ۽ وٽامنون ئي نڪري چڪيون هونديون.
بهرحال هن وقت ڳالهه ”وقت“ جي پئي هلي ته اسان وٽ وقت ڪافي ضايع ٿئي ٿو. شادين مرادين تي ته ڇا پر دوستن يارن وٽ چانهه تي يا ماني تي وڃ ته آڌي رات ته هر صورت ۾ ٿيو وڃي، پر ڪيترا دفعا صبح جا ٻه ٽي ۽ چار به ٿيو وڃن. ڪنهن محفل مان جلدي اٿڻ جو نالو وٺڻ تي ميزبان “رسيو” وڃي “يار ويهو ته صحيح اهڙي به ڪهڙي جلدي آهي، ٻيا به ته ويٺا آهن.” هو اٿڻ واري مهمان کي چوندو آهي.
ڪراچيءَ ۾ دوستن جي هڪ اهڙي محفل ۾ اسان جو سکر جو يار عاشق حسين شاهه به هو. ڪلاڪ اڌ ويهي سگريٽ وسائي اٿي کڙو ٿيو. ميزبان پڇيس! “شاهه صاحب ڪيڏانهن؟”
“پنجن منٽن ۾ اچان ٿو” آرام سان چئي نڪري ويو. نه موڪلائڻ چوڪلائڻ نه خدا حافظ نه ميزبان جون گلائون ڏوراپا. سڀني سمجهيو واش روم مان ٿيو ٿو اچي.
پنج منٽن جا ڏهه ٿي ويا تنهنجو ڪلاڪ، پوءِ ٻه ڪلاڪ، آخر تائين شاهه صاحب نه موٽيو. ٽئي چوٿين ڏينهن رستي تي مليو، پڇيومانس ته ان رات ڪيڏانهن هليو ويو هئين؟
“يار ڪم ياد اچي ويو حيدر آباد هليو ويس.” عاشق ڏاڍو آرام سان ٻڌايو.
دل ۾ سوچيم عاشق جي اها “پنجن منٽن ۾ اچان ٿو” واري اٽڪل سٺي! نه مهمانن کي شڪ، نه ميزبان کي ڄاڻ ته همراهه ڀڳو پيو وڃي. في الحال ته آئون به اهو نسخو آزمائي رهيو آهيان، دعوتن مان جلدي اٿڻ لاءِ، جيسين هي مضمون ڇپجي پوءِ ڏٺو ويندو يا وري عاشق شاهه تي نظر رکبي ته ٻيو ڪهڙو ٿو نسخو ايجاد ڪري.
جيئن عاشق شاهه پنجن منٽن جو چئي گم ٿي ويندو آهي تيئن هڪ ٻيو همراه به اڄ کان ويهارو سال اڳ گم ٿي ويو هو. 1973ع کان وٺي 1980ع تائين جهاز جي نوڪريءَ ڪري اسان جو جپان ڏاڍو وڃڻ ٿيندو هو. ٽوڪيو، يوڪوهاما پاسي ڪجھه ظفر شيخ ۽ اشفاق ميمڻ جهڙا ماڻهو هميشه لاءِ رهيل هئا، ته ڪي سائين غلام علي الانا، اقبال ترڪ، رسول بخش راهوءَ جهڙا گھمڻ، سرڪاري دورن يا ڪن اهم ڪورسن لاءِ جپان ايندا رهيا ٿي - جن سان پڻ ملاقات ٿيندي هئي.
منهنجو جهاز ٽوڪيو يا يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته ظفر شيخ وٽ ڀڄندو هوس. گھر ننڍو هوس. (پهرين ته سڄي گھر ۾ ڪمرو ئي هڪ هوندو هو پوءِ ٻن ڪمرن وارو گھر ورتائين، يعني هڪ بيڊ روم، هڪ ڊرائنگ روم وارو).
ظفر جو گھر ننڍو هو پر دل وڏي هيس، ان ڪري مون جهڙا هن وٽ هر وقت مهمان هوندا هئا، پوءِ پٽ تي ليٽيا پيا هوندا هئاسين. وطن کان آيل مهمان ته ايندا هئس پر اتي ٽوڪيو ۾ رهندڙ به ڦري گري اچي هن وٽان نڪرندا هئا. خاص ڪري اقبال سولنگي ۽ جان محمد ڪيريو ته هر وقت موجود هوندا هئا، ٽيون آئون.
ظفر آفيس مان اچي پٽاٽا ڇليندو هو پوءِ بصر جون ڳڻيل ڳنڍيون کڻي ڪاتر ڪري تيل ذري ۾ داڳ ڪري پٽاٽا رڌيندو هو. آخر ۾ ٿانو ڌوئڻ منهنجو ڪم هو. ڊبل روٽي ڪڏهن جان محمد ڪيريو آڻيندو هو ته ڪڏهن اقبال سولنگي. ان ڏينهن جان محمد به هٿين خالي پهتو ته اقبال به. هنن کي ان ڏينهن ان ٻوڙ رڌڻ واري عياشيءَ جي پروگرام جي خبر نه هئي. ظفر هاڻ ٻوڙ رڌيو هو. پٽاٽا بصر به ان جا هئا. آئون مهمان جو درجو رکيو ويٺو هوس ۽ مون کي هيڏنهن هوڏانهن ڊبل روٽيءَ پٺيان ظفر موڪلڻ نٿي چاهيو ته متان گم نه ٿي وڃان. جان محمد به ڪجھه حد کان وڌيڪ سنجيده چهرو ٺاهيو ويٺو هو ان ڪري ڊبل روٽي آڻڻ جي فال اقبال جي نڪتي. هونءَ به اقبال اسان ۾ ننڍو هو.
اقبال گھڻو ئي چيو ته يار آئون ته ماني کائي آيو آهيان، هاڻ شام جو کڻي ڏسنداسين پر ظفر چيس ته يار اسان نه کاڌي آهي. سئو يين (Yen) ٽيبل تان کڻي وڃ ننڍي ڊبل روٽي وٺي اچ.
اقبال اٿيو ڊبل روٽي آڻڻ لاءِ، اسان پليٽن ۾ پٽاٽن جي گرم گرم ڀاڄي وجھي ويٺا خوشبوءِ سونگهيون، ويٺا خوشبوءِ سونگھيون! پرديس ۾، بک ۾ ۽ جپان جهڙي مهانگي ملڪ ۾، اسان جهڙن جونئر ملازمن لاءِ اها ڀاڄي ست رڇيءَ کان گھٽ نه هئي. اقبال جو نه هي پتو نه هو پتو. انتظار ڪري نيٺ راتوڪا بچيل چانور ديڳڙيءَ تان کرچي لاهي آياسين. ڪجھه گذريل ٻن ٽن ڏينهن جي ڊبل روٽين جا ٽڪرا ۽ ڪَنا پيا هئا انهن سان پليٽون ۽ ديڳڙو صاف ڪيوسين. اقبال شام تائين نه آيو سو نه آيو. ان رات اسان جو جهاز ٽوڪيو جي بندرگاهه مان لنگر کڻي جپان جي هڪ ڏورانهين بندرگاهه (بلڪل ڪوريا جي ڀرسان) شمونوسيڪي هليو ويو.
ان بعد به هڪ ٻه دفعو جپان اچڻ ٿيو پر ڏورانهن بندرگاهن ۾ هئاسين. ٽوڪيو پاسي اچڻ ٿيو ٿي ته ايڏا جهاز جا ڪم نڪتا ٿي جو وڌ ۾ وڌ ظفر سان مختصر ملاقات ٿي سگھي ٿي. پوءِ يڪا اٺ نو سال ملائيشيا ۾ رهڻ ٿيو. ان بعد سئيڊن، ڊئنمارڪ ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾. پوءِ ڪويت، سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ ٺڪاڻو ٿيو.
ظفر شيخ سان خط و ڪتابت هجڻ ڪري ان جي خبر پئي پي ته هو اڄ ڪلهه جرمني ۾ سفير آهي ۽ ان کان اڳ ڪويت جي سفارت خاني ۾ هو باقي ٻين جي ڪا خبر نه. رات ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل آواري ٽاورز ۾ اسان جي دوست شريف بلوچ (تعليم کاتي جي سيڪريٽري) جي ڌيءُ جي شادي تي دادوءَ وارو يوسف ميمڻ مليو. يوسف ٻڌايو ته هو گذريل ويهه پنجويهه سالن کان اسلام آباد ۾ رهي ٿو. خبر ناهي ڪيئن منهنجي دماغ ۾ اقبال سولنگي اچي ويو جيڪو ٻڌائيندو هو ته هو اسلام آباد ۾ عيساڻي صاحب جي آفيس کان هتي ٽوڪيو آيو هو. يوسف ميمڻ کي چيم ته هڪ همراهه اسان سان گڏ ٽوڪيو ۾ هوندو هو اقبال سولنگي، تون سڃاڻين؟
“ها، بلڪل چڱي طرح. هينئر ترس ته اجھو ته هن شاديءَ ۾ آيو.”
“يار هن کي ڏٺي ويهن سالن کان مٿي ٿي ويا آهن. ٿي سگھي ٿو آئون سڃاڻي نه سگھان. اچي ته مونسان ملائجانس. پر اڄ ڪلهه آهي ڪٿي؟” مون پڇيو مانس.
“اڄ ڪلهه هتي ڪراچيءَ ۾ ئي آهي ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ ڊئريڪٽر جنرل آهي”. يوسف ٻڌايو.
ڏهين تائين انتظار ڪيم، اڃا اڌ مهمان به نه آيا هئا. وڌيڪ ترسڻ نٿي چاهيم. ميزبان شريف ۽ ڀاڄائي عشرت کي عاشق شاهه وارو پنجن منٽن جو بهانو ڏئي اچي گھران نڪتس. ٻئي ڏينهن يعني ڪالهه ايڪسائيز کاتي جو نمبر هٿ ڪري نيٺ اقبال جو پتو ڪڍيم.
“ابا تون آهين ڪٿي؟” هن جيئن ئي هيلو ڪيو ته مون سوال ڪيومانس.
“هتي آهيان، توهان ڪير؟” وڏي رعب سان هن پڇيو.
“توهان ڪير کي پوءِ ٿا ڏسون، هي جو تون ڊبل روٽي وٺڻ لاءِ سئو يين کڻي نڪتين سو اڃا ٿو موٽين؟ روپنگي يا گنزا هليو وئين يا سائوٿ آمريڪا؟”
بهرحال هو به جھٽ سڃاڻي ويو. پڇيومانس، ”اهو ٻڌاءِ ته هي گذريل ويهه سال تون ڪٿي هئين. ظفر، جان محمد ڪيريو، الانا صاحب ۽ ٻين جي ته خبر پوندي رهي ٿي پر تون ڪهڙي دنيا ۾ هئين؟
پر هوڏانهن اقبال رڳو کلندو رهيو. “منهنجي آفيس بئرڪ نمبر 64 ۾ آهي، اچ ته روبرو خبرون ڪيون. گذريل ويهه سالن جو احوال فون تي ته نه ڪري سگهبو”. اقبال چيو.
اقبال بابت مون شايد ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ ڪجھه لکيو ناهي پر هن وٽ تنهن زماني ۾ به ڳالهين جا ڳٽ هئا. ڏسجي ته هو لکڻ لائق ڪهڙا ۽ ڪيترا قصا ٿو ٻڌائي. ٽل دين گڊ باءِ.

ڪراچي - 1998

ناڻو ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهي

اسان جي ملڪ جي ڪرنسي “ناڻي جو اگھه” ڏينهون ڏينهن ڪرندو رهي ٿو. ايڪانامي ۽ ڪامرس جا ڄاڻو سمجھي سگھن ٿا ته اها ڪيڏي خراب ۽ خطرناڪ ڳالهه آهي. اسان ڀلي ورلڊ بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ آمريڪا تي ڏوهه مڙهي هنن کي گاريون ڏيون، پر اسان جو به ته ڏوهه آهي. اسان انهن کان قرض ئي ڇو ٿا کڻون. ڪوريا جي هڪ سرڪاري ڪاموري مون کي چيو (بلڪ ٽوڪ طور چيو)، “قرض ته اسين ۽ ٻيا ملڪ به کڻن ٿا، پر پوءِ اسان ان قرض کي واپار وڙي، انڊسٽري ۽ چڱن ڪمن ۾ لڳائي هڪ طرف پنهنجي ملڪ جي بيروزگارن کي ڌنڌي ڌاڙيءَ سان لڳايون ٿا ته ٻئي طرف ايترو ڪمائي وٺون ٿا جو ورلڊ بئنڪ يا (آءِ ايم ايف) وارن کي سندن مُور ۽ وياج ڏيڻ بعد به اسان کي بچت ٿيو وڃي. توهان وٽ قرض جا پئسا عوام جي ڀلي خاطر استعمال ٿيڻ بدران سرڪاري ڪامورا، سياستدان ۽ ٻيا چند مٿاهين طبقي جا ماڻهو پنهنجي عياشيءَ تي استعمال ڪن ٿا.”
هن مون کي اسان جي هڪ وزير جو مثال ڏنو جيڪو لنڊن جي هڪ اعليٰ اسٽور تان پنهنجي زال سان گڏ لکين رپين جي خريداري ڪري رهيو هو. هو لنڊن ۾ سرڪاري دوري تي آيو هو. ”هڪ سعودي عرب جو شهزادو يا برونائي جي حاڪم جو ڀائٽيو ڀاڻيجو ڀلي ائين خريداري ڪري پر اسان جهڙن غريب ۽ اوڌر تي هلندڙ ملڪن جي سياستدانن ۽ ڪامورن کي ائين ڪرڻ هرگز نه جڳائي..“ هن ٻڌايو.
“اسان جي روپئي جو اگھه ڏينهون ڏينهن ڇو گھٽبو وڃي؟” مون هڪ ڪامرس جي ڄاڻوءَ کان پڇيو.
“در اصل ڳالهه هيءَ آهي ته حڪومت ڳالهه ته ڪري ٿي پر پنهنجي عياشيءَ کي نٿي گھٽائي. اسان وٽ سرڪاري آفيسر يا وزير ۽ سياستدان ٿي اچڻ معنيٰ عوام جي خذمت ڪرڻ ناهي پر عياشي ڪرڻ آهي. پوءِ ملڪ جي خزاني ۾ ناڻو نه آهي ته به قرض کڻي عيش ڪيو وڃي ٿو. (بنا ان سوچ جي ته اهو ڪيئن لاهبو) يا نوٽن مٿان نوٽ ڇاپيا وڃن ٿا. ڏهين رپئي جي پني جي شيٽ تي پنجاهه هزار هزار رپئي وارا نوٽ ڇپجي سگھن ٿا. اهو ڪم “ڪم خرچ بالا نشين” سمجھيو وڃي ٿو. پوءِ اها ڳالهه لڪي نٿي، هر هڪ کي خبر پئجيو وڃي ته ملڪ جي بئنڪن ۾ ايترو سون ناهي جيترا نوٽ ڇپجن پيا. پوءِ ماڻهو نوٽ بدران سون وٺن ٿا يا ڪنهن اهڙي ملڪ جا نوٽ وٺي رکن ٿا جنهن جي ساک آهي ۽ پوءِ ڏينهون ڏينهن رپئي جو اگھه وڃي ڪرندو. ٻين لفظن ۾ رپئي مان ماڻهن جو ويساهه گھٽجيو وڃي.”
ڏٺو وڃي ته ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جي اها حالت ٿي چڪي آهي. ملڪ جو پنهنجو سڪو رکڻ بدران اتي جا ماڻهو آمريڪي ڊالر، برٽش، پائونڊ يا جرمن مارڪ رکن ٿا. جنهن وٽ به چار پئسا گڏ ٿين ٿا اهو پهرينءَ واندڪائيءَ ۾ اهي مٽائي ڊالر وٺيو اچي. ڏينهون ڏينهن ڊالر جو وڃي اگھه چڙهندو.
“در اصل اهو ڊالر جو اگھه نٿو چڙهي.” هوائي جهاز ۾ مون سان سفر ڪندي هانگ ڪانگ جي هڪ چيني واپاريءَ مون کي ٻڌايو“ پر ان ملڪ جي ڪرنسي جو اگھه پيو ڪري، مثال طور آمريڪا ۾ ٽن ڊالرن ۾ آئيسڪريم جو هڪ ليٽر (ڪلو گرام) ملي ٿو ۽ اڄ ڪلهه توهان جي ملڪ پاڪستان ۾ هڪ آمريڪي ڊالر ٽيهن رپين جو آهي پر پنج سال اڳ جڏهن آمريڪي ڊالر ارڙهين رپئي جو هو ته به آمريڪا ۾ آئسڪريم جو ليٽر ٽن ڊالرن ۾ مليو ٿي. يعني آمريڪا جو ڊالر نٿو وڌي يا کڻي ڪو معمولي چڙهندو هجي پر جيڪو ڪري پيو اهو توهان جي ملڪ جو ناڻو (روپيو) پيو ڪري. ٻين لفظن ۾ شين جا اگھه ايترو نه پيا ڪرن پر ناڻي جو قدر پيو ڪري. سعودي عرب ۾ سڄي ڪڪڙ ڇهن ريالن ۾ اڄ کان ڏهه سال اڳ ملي ٿو. اڄ به ايتري ۾ ئي ملي رهي آهي ۽ ٿي سگھي ٿو ايندڙ ڏهن سالن ۾ اهو ئي اگهه رهي، پر پاڪستان جهڙا ملڪ جن جي ايڪانامي ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وڃي ۽ وڃي ٿو رپئي جو اگھه ڪرندو. انهن لاءِ سعودي عرب جي هر شيءِ ڏينهون ڏينهن مهانگي محسوس ٿيندي.”
اسان جو غريب حاجي جيڪو ايڪانامڪ جي اصولن کان اڻ واقف آهي اهو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي حڪومت کي ڏوهي چوڻ بدران سعودي عرب جي دڪاندار تي ئي ڇوهه ڇنڊي ٿو ته نڀاڳا عرب ڏينهون ڏينهن وڃن مهانگائي ڪندا.
۽ اها مهانگائي ايتري ته وڌندي وڃي جو اسان جي ڳوٺن جا ماڻهو به رپيا مٽايو وٽن ڊالرن ۾ اڪائونٽ کولرائيندا. سپر هاءِ وي تي هن دفعي پنڪچر ٿيل ٽائر ٺهرايم ته مستريءَ في پنڪچر جا ويهه روپيا گھريا.
“شهر ۾ ته پنڌرهن ٿا وٺن.” مون چيومانس.
“اسان به پنڌرهن وٺندا هئاسين. ٽيو ڏينهن کان ويهه ڪيا اٿئون.” پير اگھاڙي ڏاڙهي وڌيل ۽ تيل ۾ ڪارا ٿيل ڪپڙن ۾ ملبوس مستريءَ ٻيڙيءَ جو ڪش هڻي چيو.
“ڇو ڀلا..؟ مون تعجب مان سبب پڇيو.
“ڇو ڀلا!” هن جواب ڏيڻ بدران پهرين منهنجو سوال اهڙي نموني سان ورجايو ڄڻ چئي رهيو هجي ته صفا ڪو ڄٽ آهين. پوءِ مون کي مٿي کان پيرن تائين غور سان ڏسي چيو، “گذريل ٻن مهينن ۾ ڊالر جو اگھه پنجويهن کان وڃي اٺاويهه ٿيو آهي پنڪچر جا پئسا نه وڌائينداسين ته ٻيو ڇا.”
آئون اهو ٻڌي في الحال حيرت ۾ پئجي ويس. مون ته شايد ائين وقت پاس ڪرڻ لاءِ کڻي سوال ڪيو. مون کي اها ڄاڻ هئي يا نه ته ڊالر جو اگھه ٽي رپيا چڙهي ويو آهي. (يا اسان جي پياري رپئي جو اگھه ڪري پيو آهي) پر اها ڄاڻ نه هيم ته اسان جي رپئي جو مان ۽ قدر ايڏو ڪري پيو آهي جو نه فقط مٿين ليول جا واپاري ڪارخانيدار ۽ معاشيات جا ڄاڻو سمجھي ويا آهن پر هڪ عام اڻ پڙهيل ماڻهو، جيڪو شهر ۽ آبادي کان ڏور ويٺو آهي اهو به واقف ٿي ويو آهي. اها هڪ بيحد ڳنڀير Situation آهي. هي ائين آهي جيئن ڪنهن عورت جي رنڊي هجڻ جي خبر فقط هن جي يارن ۽ اوڙي پاڙي جي چند ماڻهن تائين محدود هجي، پوءِ هن جي ڪرتوتن جي خبر ايتريقدر عام ٿي وڃي جو شهر جي ننڍي وڏي کي پئجي وڃي ته فلاڻي عورت جيتوڻيڪ پاڻ کي وڏين چادرن ۾ ڍڪي شريف ٿي ٿي هلي پر آهي ڪانه. جڏهن ناڻي جو اگھه به هڪ وار ڪِرڻ لڳي ٿو ته ڪرندو رهي ٿو. روس ڪيڏو طاقتور ملڪ آهي. سرڪار ي طرح هو روبل جي کڻي ڪهڙي به قيمت رکن ٿا پر عام مارڪيٽ ۾ ٽَڪو به نٿو لهي.
ڏکڻ آمريڪا جي هڪ ملڪ (Peru) جو مثال اکين اڳيان آهي. هن ملڪ جي ڪرنسي (سڪو) وڃي ٿو ڪرندو. ملڪ جي حاڪمن ۽ آفيسرن کي ڪو خيال ناهي. وڃن پنهنجا گھر ڀريندا ۽ عيش ڪندا ۽ نوٽ مٿان نوٽ ڇپيندا. بقول ڪنهن جي پيرو (Peru) ملڪ جي ڪرنسي (نوٽ) واهيات پني ڀور آهن (They are useless paper pieces).
انڊونيشيا وانگر پيرو جا به ڊالر ۾ سوين نوٽ ملن ٿا. هوٽل ۾ هڪ رات جي رهائش جي مسواڙ لاءِ ٽي چار بنڊل نوٽن جا ڏيڻا پيا. ظاهر آهي ملڪ جي ڪرنسي ڪِرڻ ڪري مهانگائي ٿئي ٿي .... ڊالر جو اگھه چڙهي ٿو ۽ جيترو چڙهي ٿو اوترو عوام ان کي خريد ڪري ٿو، جو هن جو پنهنجي ملڪ جي ڪرنسيءَ مان وشواس نڪرندو وڃي ۽ پوءِ اهڙي ملڪ جو نوٽ ڪو فقير به نٿو وٺي.
ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ منهنجو جهازي دوست پيرو (ڏکڻ آمريڪا) کان موٽيو. هن ٻڌايو ته اتي جي پئسن جو اگھه ايترو ڪري پيو آهي جو نوٽ ڪاڪوسن ۾ نظر اچن ٿا. پيرو جي گاديءَ جو شهر ليما آهي پر هنن جو جهاز پيرو جي هڪ بندرگاهه Callao (ڪايائو) ويو هو. (اسپيني زبان ۾ ڊبل ايل کي واءِ اچاريو وڃي ٿو. سو لکبو ڪالائو آهي پر پڙهبو ۽ سڏبو ڪايائو آهي). هنن جو جهاز ڪايائو بندرگاهه ۾ ڪافي ڏينهن هو. سامان لاهڻ بعد جهاز جي مرمت ٿيڻي هئي جنهن لاءِ جهاز کي ڊراءِ ڊاڪ (خشڪ گوديءَ) ۾ وٺي ويا. جهاز جڏهن ڊراءِ ڊاڪ ۾ هوندو آهي ته پاڻيءَ جي هار وير تي منع ڪئي ويندي آهي. باٿ روم يا ٽوائليٽ لاءِ جهاز تان هيٺ لهي ڪناري جا ڪاڪوس استعمال ڪرڻا پوندا آهن، پر لڳي ٿو ته جهاز تي ڪم ڪندڙ مزورن مان ڪنهن کي اهڙي ته امرجنسي درپيش آئي جو هو جهاز تان هيٺ لهڻ بدران جهاز جي ئي ڪاڪوس ۾ گھڙي ويو. صفائي لاءِ پاڻي نه هجڻ ڪري هو نوٽن سان اگھي آيو. هونءَ به ناڻي جو اگھه ڪرڻ ڪري پيروءَ ۾ ايڏي ته مهانگائي وڌي وئي آهي جو ٽئاليٽ پيپر جي هڪ رول خريد ڪرڻ لاءِ جيترا نوٽ ڏيڻا پون ٿا اهي جي هڪ ٻئي سان ڳنڍجن ته ذري گھٽ اڌ رول جيترو پنو ته ٿي وڃي.
هينئر حيدرآباد ڪراچي سپر هاءِ وي تي ڪارن جي ٽائرن جا پنڪچر ٺاهڻ واري همراهه جي واتان اهو ٻڌي ته مهيني ۾ ٽي دفعا ڊالر جو اگھه چڙهي چڪو آهي (جيڪو در اصل اسان جي رپئي جو ملهه ڪرڻ سمجھڻ کپي) جو سوچي پيرو جهڙا ملڪ ڌيان ۾ اچي رهيا آهن جن جي ناڻي (ڪرنسي) جو قدر ڏينهون ڏينهن چڙهڻ ۽ بهتر ٿيڻ بدران ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ (يعني ڪرنسي لاءِ) ٽوڪيو جي شپ يارڊ جو فائننس ڊئريڪٽر اسان جهڙن ملڪن کان آيل سرڪاري نمائندن کي هميشه اهو چوندو هو ته:
‘Once you loosen a currency, it is gone forever - like virginity.’

(مالمو_ سئيڊن 1992)

زلزلا ڪيئن اچن ٿا؟

ڌرتيءَ جي چوڌاري وڏين ڇپن جا تهه جڏهن چر پر ڪن ٿا ته ڌرتيءَ جو اهو حصو ڌڏيو وڃي. ان کان سواءِ ڌرتيءَ اندر پيدا ٿيندڙ گرمي جڏهن زمين ڦاڙي ٻرندڙ جبل (Volcano) جي صورت ۾ ٻاهر نڪري ٿي ته اوسي پاسي جي زمين جا مٿيان تهه لڏيو وڃن ۽ عمارتون ۽ وڻ ٽڻ اچيو ڦهڪو ڪن.
بهرحال اهو مٿيون سبب ته ٿيو سائنسي. جپانين جي پراڻين روايتن Legend مطابق زلزلا ٻلي مهانڊي واري مڇي (Catfish) جي ڪري اچن ٿا، جيڪا زمين اندر گپ ۾ رهي ٿي. مڇيءَ کي هيڏانهن هوڏانهن ڦٿڪڻ کان بچائڻ لاءِ جپاني عقيدي مطابق ڪاشيما ۾ رهندڙ تاڪيميڪا زُوچي ديوتا هن جي مٿان وڏو پٿر کُپائي رکي ٿو ۽ جيستائين مڇي هڪ ننڍي هنڌ سوگھي آهي ڌرتي نٿي لڏي. جيئن ئي ڪاشيما ديوتا ڍر ٿو ڏئي يا ٿورو آرام ٿو ڪري ته مڇي ڦٿڪڻ لڳي ٿي ۽ ڌرتي لوڏن ۾ اچيو وڃي.
جپانيءَ ۾ هيءَ مڇي نامازو سڏجي ٿي. هونءَ ڪئٽ فش جو نالو سندس ٻليءَ جهڙين مُڇن ڪري پيو آهي. ڪئٽ فِش کائڻ کان گريز ڪئي وڃي ٿي - خاص ڪري گهڻي مقدار ۾ کائڻ کان. اهو ان ڪري جو هن ۾ پارو (Mercury) موجود رهي ٿو، جيڪو صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ انسان جو نروس سسٽم تباه ڪريو ڇڏي.

پڇ لوڏي زلزلو آڻڻ

مينهوگيءَ جي موسم ڪنهن کي نٿي وڻي. ڪولمبو، بمبئي ۽ مدراس پاسي ته سانوڻي Monsoon جو اثر مئي کان ئي شروع ٿيو وڃي. اسان وٽ جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ ٿئي ٿو پر اهو به ٿورو. ڪنهن سال ٻه چار سٺا وسڪارا ٿي ويندا ڪنهن سال ته بنهه نه. ڪڪر ايندا، گڏ ٿيندا وري رمندا رهندا. ڪلڪتي، ممبئي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وانگر نه ته روز روز مينهن! ايتري مينهن کانپوءِ ماڻهو بيزار ٿي پوندا هوندا، پر هتي اسين سنڌ جا رهاڪو مصرين، عربن، راجستانين وانگر مينهن جا سڪايل آهيون. ڪراچيءَ ۾ وري به حيدرآباد، خيرپور، سکر کان وڌيڪ جھڙ به رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن مهينن ۾ ڏينهن جا ڏينهن لاڳيتو جھڙ به رهي ٿو. ايتريقدر جو اسين جهازن وارا چوندا آهيون ته جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ ڪراچي جھڙو يورپ ٿيو وڃي، يعني جھڙ ڦڙ لڳو پيو آهي.
چون ٿا ته گذريل سال هتي ڪراچيءَ ۾ ڏاڍو مينهن وسيو هو. آئون ٻاهر هوس ۽ مينهوڳيءَ جي مند مان مزو وٺي نه سگھيس. ان کان سال اڳ ته صفا نه وسيو هو، سو ان سال چڱو جو ٻاهر هوس. هن سال هتي ڪراچيءَ ۾ آهيان. هن سال ڏاڍي گرمي ٿي آهي. آئون رڳو ڪونه ٿو چوان ٻيا به چون ٿا. بلڪه چون ئي ٻيا پيا. آئون ته خاموش آهيان. مون کي ته چوڻ به نه کپي ۽ هونءَ به اهڙا رمارڪ ڏيڻ کان گريز ڪندو آهيان. مون وانگر جيڪڏهن ڪو ٻاهر رهي ٿو ته ان کي به ان تي عمل ڪرڻ کپي نه ته ٻيا اجايو ٽوڪيندس: “وڏو آيو آهي ولايتن مان رهي اچڻ وارو! ڄائو نپنو هتي سنڌ جي ريگستان ۾، هاڻ وري وڏو انگريز ٿي گرميءَ جي دانهن ٿو ڪري.”
سو يارو هن سال اپريل کان وٺي سخت گرمي شروع ٿي وئي آهي. مئي ۽ جون ۾ ته گرمي ڏينهون ڏينهن وڌ رهي. ويتر پاڻيءَ جي به کوٽ رهي. بجلي ته نه فقط هتي ڪراچيءَ ۾ وڃي ٿي پر وزيراعظمن ۽ وزيراعلائن جي ڳوٺ لاڙڪاڻي، نئين جتوئي، سنڌڙي، ٻيٽي ۽ خيرپور ۾ به وڃي ٿي. بلڪه اهو حال سڄي پاڪستان جو ٿي ويو آهي. ان جو ٻه ٽڪا افسوس جپانين کي ضرور آهي - يعني بجلي وڃڻ جو، جو هنن جا اليڪٽرڪ گھڙيال پاڪستان ۾ نٿا وڪامي سگھن.
بهرحال هن سال ڏاڍي گرمي ٿي آهي ۽ اڃا هلي رهي آهي. جولاءِ جو مهينو به شروع ٿي ويو آهي پر مينهن جو نالو نشان ناهي. اخبارن ۾ پيو اچي ته مينهن لاءِ دعائون گھريون پيون وڃن جيئن مينهن وسي ته حب نديءَ ۾ پاڻي گڏ ٿئي ۽ ڪراچي وارن کي وڌيڪ پاڻي ملي. ٽيو ڏينهن اسلام آباد کان ڪراچي پئي آيس. پائليٽ پيٽارو جو ڪاليجي دوست ڪئپٽن بلال حيدر رانا هو. اسلام آباد ۾ رهيل به ان وٽ هوس. فلائيٽ شام جو ڇهين بجي ڌاري هئي. منجھند کان ذري ذري بئگ ٺاهي هلڻ جو پروگرام پڇانس ۽ منهنجو زور ته ايئرپورٽ تي سوير پهچجي، گھٽ ۾ گھٽ ٻه ڪلاڪ کن.
“ادا تون اجائي اون ٿو ڪرين،” بلال سمجھايو. هتان “آئي 10” کان اسلام آباد ايئرپورٽ آهي ئي ڪيترو پري. ڀلا توکي ڊرائيور سوير ڇڏي پوءِ مون کي اچي کڻندو جيئن آئون ڪلاڪ کن وڌيڪ سمهي سگھان جو مون کي ڪراچي بعد هوائي جهاز کي ڪوپن هيگن وٺي وڃڻو آهي.”
مون سمجھيو طوفانن جو اثر رڳو اسان وارن پاڻيءَ جي جهازن تي ٿئي ٿو پر اڄ هتي به آنڊا ٿي نڪتا. چانهه ته ڇا بسڪيٽ کائڻ تي به دل نٿي چيو. جهاز اهڙن ته Air. Pockets ۾ ڦاسي پيو جو اسان جا رڳو ابڙاڪ هئا. پٺيان ڪجھه مسافرن ته الٽيون به پئي ڪڍيون. بلال مون سان خبرون جاري رکيون. ”خبرن کي ڇڏ، تون جهاز کي ڏس. هن بلنديءَ تان ٿا جي ٽٽون ته ڇيتيون ڇيتيون ٿي وينداسين“، پر کيس ائين چئي به نه سگهان ته جهاز ڏي ڌيان ڌر. ائين چوڻ سان پڪ هيم ته اهو ئي چوندو ته ٻارهن سالن کان پيو جهاز هلايان اڄ نئين مان ته پائليٽ نه ٿيو آهيان،.
“هاڻ پنهنجي ساڄي پاسي شيخوپوره آهي. هيٺ ڏاڍو منهن پيو وسي. پٺيان لاهور ۾ به سخت مينهن هو. اٺ لڳي چاليهه منٽن تي نوابشاهه پهچنداسين اتي به سخت مينهن آهي. هي ڪڪر ڪراچي تائين پنهنجو ساٿ ڏيندا”. هو ٻڌائيندو هليو.
پوري نائين بجي جهاز هيٺ ڪراچي ايئرپورٽ جو رخ رکيو. دل ۾ چيم سڄو سفر خواريءَ ۾ گذريو پر اهو آهي ته ڪراچي پهچي مينهن جو مزو نصيب ٿيندو. جهاز ڪڪرن کان هيٺ لهي ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿو، خبر پئي ته سڄي ملڪ ۾ مينهن آهي پر ڪراچيءَ ۾ نه آهي ۽ نه هو.
اها ته ٿي ٽيو ڏينهن جي ڳالهه. ڪالهه صبح کان سخت گرمي گھُٽ، رُگھه ۽ گھميل موسم هلي هلي شام جو سخت گھاٽا ڪڪر گڏ ٿي ويا ۽ ويو آسمان ڪارو ٿيندو. ڄاڻ ته مينهن وٺو. آئون هاڪس بي واري پاسي هوس جتان بيهي اولهه ڏي (بلوچستان پاسي) نظر ٿي ڪيم ته پري پري تائين ڪڪر ئي ڪڪر هئا ۽ اوڀر پاسي ڪلفٽن ڏي ڏٺم ته اوڏانهن به ڪڪر ئي ڪڪر سڄي آسمان تي ڪار ۽ اونداهه انڌوڪار ٿي ويو ته به مينهن جي هڪ ڦڙي به نه. سامهون ڪلفٽن ڏي نهار ڪرڻ سان رستي تي اسان کي پي اين ايس سي آفيس PIC ٽاور ۽ ٻيون عمارتون به نظر نه پئي آيون لڳو پئي ته مينهن وسڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ چند منٽن ۾ هتي به شروع ٿي ويندو. ڪلفٽن پاسي کان وسندو اچي. مائي ڪولاچي روڊ ، ٽاور، ويسٽ وهارف کان ٿيندو هيڏانهن هاڪس بي ۽ سئنڊس پٽ تي به وسڻ شروع ٿيندو. اڌ ڪلاڪ گذري ويو پر هڪ ڦڙي به نه. آخر ٽيليفون کڻي ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ رهندڙ ڪئپٽڻ رشيد ابڙي جو نمبر ملايو.
“ڪر خبر، مينهن پوي پيو توهان ڏي؟” مون پڇيو مانس.
“نه ته! اڃا ته آسرو ناهي.” هن آرام سان وراڻيو.
“ اڃا آسرو ناهي معنيٰ اڃا ويجھڙائيءَ ۾ ڪا اميد ناهي” مون سوچيو، هو ڪو جادوگر ناهي پر پاڻي جي جهاز جو ڪئپٽن هجڻ ڪري هن جي سڄي عمر موسمن کي جانچڻ، سمجھڻ ۽ پرکڻ ۾ گذري آهي - جنهن جي آڌار تي جهاز کي سلامتي سان هلائڻ هن جو ڪم آهي.
“يار هيڏي ڪار لڳي پئي آهي. سڄو آسمان ڪڪرن سان لس ٿي پيو آهي پوءِ به مينهن نه پيو وسي!” مون پنهنجا دليل ڏنا.
“ڳالهه ٻڌ” ڪئپٽن رشيد ها يا نه ۾ جواب ڏيڻ بدران مون کي ٽيڪنيڪلي سمجھائڻ چاهيو. “هوا جو رخ ڪهڙو آهي؟” هن پڇيو.
ڪارڊ ليس فون کڻي ٻاهر نڪري جائزو ورتم. پٺيان بلوچستان واري پاسي کان هوا لڳي رهي هئي. سخت جھڙ هجڻ ڪري سج ته نظر نه پئي آيو پر جنهن طرف نماز پڙهجي ٿي معنيٰ ڪعبو ان پاسي ٿيو. “ويسٽ جي هوا آهي” مون طرف جو اندازو لڳائڻ سان ڪئپٽن رشيد کي چيو.
“پوءِ ڀلا مينهن ڪيئن پوندو..؟”
“ڇو ڀلا..؟” مون سوال ڪيو.
“بس اهو ته قدرت جو قانون آهي. هر ڳالهه لاءِ قدرت جا قانون Set ٿيل آهن. مينهن فقط ۽ فقط تڏهن وسندو جڏهن نارٿ ايسٽ (اتر_اوڀر) جي هوا لڳندي.”
“يار ڏاڍي ٻڌائي! اسان انجنيئر ماڻهو هاڻ اهو ٻٽو طرف ڪيئن سڃاڻون؟”
“چڱو ڳالهه ٻڌ.” مون کي منجھيل ڏسي وري رشيد چيو. “مينهن وسڻ جي آسان نشاني ٿو ٻڌايئين: جڏهن واچوڙي وانگر مٽي مٿي آسمان ڏي اڏامڻ لڳي، جڏهن سي گل، ڪٻرين، ڪانگن، جھرڪين کي بوبڪن جي ڳيرن وانگر بولاٽيون پائيندو ڏسين ۽ هو سڌو اڏامڻ بدران نشئين وانگر هيٺ مٿي ٿيندا رهن ته سمجھي وڃجانءِ ته مينهن آيو ڪي آيو ۽ اتر_ اوڀر جي هوا پئي لڳي.”
مون کان ٽهڪ نڪري ويو. ”واهه جي نشاني ٻڌائي.“ مون چيومانس.
پکي کڻي هتي جا هجن يا ملائيشيا جي جھنگلن جا يا سمنڊ تي ترندڙ ۽ اڏامندڙ، سندن اهو انداز Behavior ساڳيو ٿو رهي. هي مينهن ته سانوڻيءَ جا آهن سو انهن جي وسڻ لاءِ اسان وٽ هڪڙو هوا ئي طرف Wind Direction رهي ٿو ته ڊاڪا، چٽاگانگ، ڪلڪتي، ڪولمبو ۾ ٻيو آهي. وري سياري جي مينهن وسڻ، ڪڪر گڏ ٿيڻ ۽ لڙي وڃڻ جو پئٽرن سانوڻيءَ جي مينهن کان اسان وٽ ٻيو ٿو ٿئي. ويندي گھيري ۾ آيل ايراضي (Covered Area) به مختلف ٿئي ٿي. سانوڻي جي مينهن لاءِ ته ائين به چيو وڃي ٿو ته ڍڳيءَ جي هڪ سڱ تي وسي ٻي تي نه وسي. (ڇو جو ڪڪر ايترا گھاٽا، ننڍا ۽ هيٺاهان ٿين ٿا جو هڪ واضح ليڪ اندر وسن ٿا). پر مينهن وسڻ کان اڳ پکين جو Behavior (چال) جتي ڪٿي ساڳي آهي. قدرت پکين، جانورن، جيتن ۾ ڪي ڪي ڳالهيون اهڙيون رکيون آهن، جو هو انهن ذريعي ڪي ڪي شيون اسان انسان کان بهتر سمجھن ٿا.
چون ٿا ته جهاز ٻڏڻ جي اڳواٽ خبر ڪوئن کي پوي ٿي. هو ماڻهن کان به اڳ رسين ذريعي جهاز ڇڏي ڀڄڻ لڳندا آهن. کيکڙي (Crab) کي کڻي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ڪريو ته به هن کي سمنڊ جي وير چڙهڻ ۽ لهڻ جي خبر پوندي رهي ٿي ۽ هو High Tide ۽ Low Tide مطابق ننڊ ڪري ٿو، جاڳي ٿو ۽ پنهنجي جنسي زندگي گذاري ٿو.
1923ع ۾ جيڪو ٽوڪيو ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ زلزلو آيو هو ان ۾ ڏيڍ لک کن ماڻهو مري ويا هئا. جپان ۾ اهو عام عقيدو آهي ته ان قسم جا وڏا ۽ خوفناڪ زلزلا هر ستر سالن بعد اچن ٿا. هن وقت 1993ع جو سال شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ جپان جي گادي واري شهر ۾ ماڻهن جي دماغ ۾ يا کڻي چئجي ته سندن تحت شعور ۾ هڪ قسم جو خوف (Nervousness) آهي. ڪيترا ان کوجنا ۾ لڳا پيا آهن ته آيا ٻلي مهانڊي واري مڇي، (ڪئٽ-فش) بي چين ٿي رهي آهي يا نه.
ڏٺو ويو آهي ته جنهن وقت Cat-fish پريشان ٿي پنهنجو پڇ زور زور سان وڃڻي وانگر، لوڏي ٿي ته جپان ۾ زلزلو اچي ٿو. اها جپان جي روايت (Legend) آهي. 1980ع ۾ جپان حڪومت جي موسمي کاتي ان Legend جي کوجنا شروع ڪئي. موسمي کاتي ٻلي مهانڊي مڇين جو ست سال اڀياس ڪيو. مڇين جي پڇ لوڏڻ تي جپان ۾ لڳندڙ ننڍي پئماني جو زلزلو درج ڪيو ويو ٿي جنهن جهڙا زلزلا جپان ۾ هر سال ڪيترائي اچن ٿا. موسمي کاتي گھڻي ئي ڪوشش ڪئي پر آخر تائين هو ان ڳجھارت کي سلي نه سگھيا. هو زلزلن جو الزام نه ته هن مڇيءَ تي هڻي سگھيا آهن نه وري کيس ان ڏوهه کان ڇوٽڪارو ڏئي سگھيا آهن. ڇو ته سواءِ ڪجھه جي باقي زلزلا ان وقت ئي آيا جڏهن هن مڇيءَ پڇ ٿي لوڏيو.

مالمو، سئيڊن/ 93-1992

ديئر از نو چئائس!

سگا جو فنڪشن اٽينڊ ڪندي ڪئين سال ٿي ويا هئا. گذريل ٻه ڏهاڪا سالن جا ٻاهر هوس. خاص ڪري فنڪشن وارن ڏينهن ۾ پاڪستان اچڻ نه پئي ٿيو، ۽ هن فنڪشن ۾ ته مون کي به ايوارڊ ملي رهيو هو. هڪ ڏينهن اڳ ۾ سگا جي سيڪريٽري مظهر ميمڻ فون ڪري ٻڌايو ته بخش علي لاکي توهان جي اچڻ جي تاڪيد ڪئي آهي.
اهو ٻڌي خوشي ٿيم - ان ڳالهه جي ته ڪنهن ته منهنجي ادبي خذمتن کي Recognition ڏني. دل ئي دل ۾ چيم : “وري به شابس هجي ههڙن ادارن کي جن جي مالي حالت به ڪا خاص ناهي ته به اسان جهڙن سنڌي اديبن، شاعرن، ڳائڻن ۽ ٻين فنڪارن جي همٿ افزائي ڪندا وتن جيڪو ڪم حڪومت کي ڪرڻ کپي.”
ڪنهن سنڌيءَ کي ڪو انعام اڪرام يا اوارڊ ڏيڻ وقت حڪومت نه فقط غريب ۽ مسڪين ٿيو پوي پر ڪنجوس پڻ.
مون جهڙا ٻيا به ڪيترائي سنڌي سوچيندا هوندا. آئون به سوچيان ٿو ته گذريل ٽيهن سالن ۾ مون پنجاهه کن ڪتاب ۽ سوين اخباري ڪالم لکيا هوندا پر سرڪار طرفان ڪا به مڃتا نه ملي آهي - شايد ان ڪري جو اهي سنڌيءَ ۾ لکيا اٿم. دراصل ان جو احساس مون کي شايد ايترو نه ٿئي ها جيڪڏهن ٻاهر جي دنيا جي خبر نه هجيم ها ۽ سڄي عمر ڳوٺ ۾ فقط علي نواز وفائي جي هفتيوار اخبار “آزاد” پڙهي گذاري ڇڏيان ها.
لنڊن، دبئي، ويندي سئيڊن ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جون ڪيتريون ئي ادبي محفلون ٿينديون آهن. مشاعرا ٿيندا آهن، پر اهي سڀ اڙدو جا ئي ٿيندا آهن. ڪو خاص اعتراض نه اٿم. اسان جا اڙدو ڳالهائيندڙ پاڪستاني جتي ڪٿي ڪيترائي آهن (سنڌي جيڪڏهن گھڻا آهن ته فقط مديني جي اوس پاس ۾، جتي هو کجيءَ جي باغن ۾ هارپو ڪن ٿا). ان کان علاوه اڙدو پاڪستان جي قومي زبان آهي، ڄاڻ اٿم، پر اها به ڄاڻ اٿم ته سنڌي به ته هڪ زبان آهي. قديم زبان آهي. پاڪستان جي ڌرتيءَ جي واحد زبان آهي جيڪا ڳالهائڻ سان گڏ لکي ۽ پڙهي به وڃي ٿي ۽ يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي ليول تائين آهي. ان ڪري ان جي ڪجهه ته اهميت هئڻ گھرجي. ڏک فقط اهو ٿيندو اٿم جڏهن اسان جا اڙدو جا شاعر اديب حڪومت طرفان مليل اوارڊن ۽ عزتن جي ڳالهه ڪندا آهن. حڪومت طرفان مليل دعوتن ۽ انعامن جي ڳالهه ڪري پنهنجي ڌاڪ وهاريندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مون تي تعجب کائيندا آهن (۽ دل ئي دل ۾ کلندا به هوندا) ته آئون ڪهڙو اديب آهيان جنهن کي ڪو پني ڀور سرٽيفڪيٽ طور به نه آهي. پڙهندڙ کڻي هزارين هجن جن جو مون کي بي انتها پيار مليو هجي، پر اهي به ته سنڌي ٿيا. ان ڪري ان ليکڪ جي اهميت ڇو مڃي وڃي.
سعودي عرب جي هڪ شهر ينبو (ينبع) ۾ پاڪستانين جي هڪ اهڙي ادبي محفل ٿي جنهن ۾ منهنجي هڪ دوست پنهجي هڪ ٻئي اديب دوست سان منهنجي ڄاڻ ڪرائيندي چيو:
“يه بهت بڙا رائيٽر هي.”
“اڇا! مين ني ان ڪو ڪبهي آفيشل ڊيليگيشن ۾ نهين ديکا...” هن چڱي مڙس وراڻيو.
ايترو چوڻ تي پهرين هڪدم چيس: “سائين سندهي ڪا اديب هي.”
”اڇا. يي بات ڪرين“

يعني سنڌيءَ جو اديب ٿيڻ بذات خود گناهه جو ڪم آهي ۽ پوءِ هن کي پنهنجي ڳالهه جو هڪدم احساس ٿيو ۽ شڪي ٿي سوري چوڻ وارو هو ته مون چيو مانس:
“بلڪل صحيح چوين ٿو.”
ان وقت مون کي هاٿي ۽ ڪوئي جي ڪهاڻي دل تي هُري آئي، جنهن ۾ ڪوئو پهريون دفعو هاٿي جهڙي آفت کي ڏسي وائڙو ٿي ويو. جيتوڻيڪ اهو هاٿي اڃا ٻچو هو. ڪوئي تعجب مان ان هاٿيءَ جي ٻچي کان عمر جو پڇيو:
“آئون نون مهينن جو آهيان.” هاٿيءَ جي ٻچي چيو ۽ پوءِ هڪدم ڪوئي کان پڇيو:
“۽ تون؟”
ڪوئي مٿو کنهندي(خبر ناهي ڪيئن کنهيائين) چيو:
“آهيان ته آئون به نون مهينن جو پر بيمار شيمار رهان ٿو.”
سو ان وانگر آهيون ته اسين به اديب، ڪتاب ۽ ڪالم به گھڻائي لکيا اٿئون، پڙهندڙن جو به وڏو حلقو آهي، پر ڪوئي چواڻي “بيمار شيمار رهون ٿا”. ٻين لفظن ۾ “سنڌيءَ” جا اديب آهيون. ان ڪري نه ڪنهن کي خبر پوي ٿي ۽ نه ڪو ڄاڻي سڃاڻي ٿو. ڄڻ نڌڻڪا هجون. ڌڪاريل هجون. ان ڪري ته مون وانگر ڪئين سنڌي اديب، شاعر، فنڪار، آرٽسٽ خاموشيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. حڪومت يا قومي اخبارن طرفان هنن لاءِ ڪو انعام اڪرام، ڪا مڃوتي يا ڳالهه ناهي. انهن غريبن جي مرڻ وقت حڪومت پرگھور نٿي لهي. عبرت، عوامي آواز ۽ ڪاوش جهڙيون سنڌي اخبارون اهڙن غريب سنڌي اديبن، فنڪارن جي لاءِ اڪثر رڙيون ڪنديون رهن ٿيون، پوءِ مڙيئي ڪن جا ڀاڳ ڀلا هوندا آهن ته موت جي ڪنڌيءَ وٽ پهچڻ تي، وقت جي حڪومت رپيا ويهه پنجويهه هزار ڪڍي ڏيندي آهي. شايد نظر ڏنڀڻ خاطر. ته هو پنهنجو علاج ڪرائين، نه ته اختياريءَ وارن کي ته سنڌي اديب، شاعر يا فنڪار جي خبر ئي مرڻ وقت پوندي آهي جڏهن عزيز شيخ ان جي Life-Sketch ڊان اخبار ۾ لکندو آهي.
سو اهڙي صورت ۽ سيناريو (Scenario) ۾ سگا طرفان سونو ٻلو ملڻ وڏي ڳالهه سمجان ٿو. توڙي کڻي چاندي يا ٽامي جو ملي ها يا کڻي ڪا شيلڊ يا سرٽيفڪيٽ ملي ها ته به ان کي آئون وڏو اعزاز سمجھان ها ۽ ان رات مون وانگر ٻين سنڌي اديبن ۽ فنڪارن پڻ ائين سمجهيو هوندو.
مون کي “ حاجي محمد صادق ميمڻ گولڊ ميڊل ايوارڊ” ڏنو ويو جيڪو پڪ اشفاق ميمڻ ۽ سندس ڀائر ڀينرن طرفان پنهنجي والد مرحوم جناب محمد صادق جي ياد تازي رکڻ لاءِ آهي. مرحوم جون سماجي ۽ تعليمي خذمتون قابل داد آهن، پاڻ جنهن زماني ۾ ۽ جن حالتن ۾ رهي نه فقط پٽن کي پر ڌيئرن کي به تعليم جهڙي زيور سان آرائسته ڪيو، ان لاءِ کيس جس هجي ۽ اڄ جي سنڌي پيءُ لاءِ مثال آهي. هي اهو وقت هو جڏهن سنڌي مسلمانن ۾ عورتن جو اسڪول يا ڪاليج وڃڻ عيب سمجھيو ويو ٿي.
مرحوم جي زندگيءَ جو احوال (آتم ڪهاڻي) ”تان ڪي ڏونگر ڏوريان“ ڪتاب پڙهڻ وٽان آهي. هن ڪتاب لاءِ آئون اڪثر سنڌي ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ چوندو رهان ٿو. مرحوم محمد صادق ميمڻ صاحب وانگر ٻين به ڪجھه سنڌين جا نالا ان ڏس ۾ ڳڻائي سگھجن ٿا جن غربت هوندي، تڪليفن ۾ رهندي پنهنجي اولاد کي (پٽن توڙي نياڻين) کي، نه فقط پڙهايو پر سٺو انسان ٿي رهڻ جي تربيت ڏني.
سگا جو فنڪشن آرٽس ڪائونسل جي کليل آڊيٽوريم ۾ ٿي گذريو. آرٽس ڪائونسل مولانا دين محمد وفائي روڊ تي آهي جيڪو رستو پاڪستان چوڪ وڃيو ملي جتي وفائي پرنٽنگ پريس آهي ۽ اڃا تائين دين محمد وفائي صاحب جو فرزند علي نواز وفائي پنهنجي مرحوم پيءُ جي ورثي، يعني ادب جي خذمت ڪندو اچي. ان وقت جي نڪرندڙ طاقتور هفتيوار “آزاد” اخبار، هاڻي جي حساب سان لولي لنگڙي ئي سهي، پر ڪڍندو اچي. نماز ۽ روزو پڻ پنهنجي مرحوم پيءُ (دين محمد وفائي) وانگر پابنديءَ سان رکي ٿو يا نه، اها خبر نه اٿم پر کيس اهڙيون دعائون ۽ نسخا ضرور آهن جن ذريعي هو سياست ۾ نه هوندي به وزير يا مشير ٿيو وڃي. سرڪاري ڪامورو نه هجڻ جي باوجود به وڏا وڏا بيوروڪريٽ به سندس حڪم مڃين ٿا. زمين جا کڻي ٻه ايڪڙ به نه هجنس پر وڏا وڏا زميندار، جاگيردار پري پري کان ڪَهي اچي ساڻس صلاح مشورو ڪن ٿا. ڪنهن جو مريد ناهي پر سنڌ جي هر هڪ پير، ننڍي توڙي وڏي جي اصل نسل کان واقف آهي. سندس چڱاين توڙي مٺاين جي ڄاڻ رکي ٿو. پاڻ آڪسفورڊ يا هارورڊ يونيورسٽين مان پڙهيل نه آهي پر پنهنجن پٽن کي بزنيس ائڊمنسٽريشن، مئرين انجنيرنگ ۽ چارٽرڊ اڪائونٽنسي جهڙن ڏکين سبجيڪٽن ۾ اعليٰ تعليم ڏياري آهي. سنڌي، مهاجر، پنجابي، سڀني سان عليڪ سليڪ ۽ دوستي ياري اٿس. سندس وڏو پٽ آصف آمريڪا ۾ آهي جنهن جي آمريڪن زال آهي. ٻيو پٽ اعجاز ڪئناڊا جي شهر وئنڪوئر ۾ ڪم ڪري ٿو جنهن جي زال اڙدوءَ جي مشهور اديب غلام عباس جي ڌيءُ آهي. ٽيون نمبر پٽ سليم بئنڪنگ ۾ آهي. ويسٽ انڊيز (جتي جا ڪرڪيٽ رانديگر مشهور آهن) ۽ ميامي (فلوريڊا) ۾ ڪيترا سال نوڪري ڪرڻ بعد هاڻ سندس بدلي ڪراچيءَ ۾ ٿي آهي ۽ ميٽرو پول هوٽل واري ANZ گرنڊليز بئنڪ جو مئنيجر آهي. سندس شادي سکر جي هڪ سنڌي فئملي ڊاڪٽر عمر شيخ جي ڌيءُ سان ٿي آهي. ان کانپوءِ هڪ ڌيءُ انيتا نالي آهي ۽ ٻه پٽ عامر ۽ اِثنين آهن. عامر هينئر منيلا مان MBA ڪرڻ سان گڏهڪ فلپينو ڇوڪريءَ سان شادي ڪري آيو آهي.
علي نواز وفائي جي پٽ سليم وفائيءَ کي هڪ ڏينهن چيم ته توهان ڀائرن مان ڪنهن هڪ کي پيءُ ۽ ڏاڏي جو شوق، ادب ۽ جرنلزم هلائڻ کپي، پر هن دلچسپي بنهه نه ڏيکاري. هو ايڪانامڪس ۽ ڪامرس، بئنڪنگ ۽ فائنانس جو شاگرد ۽ ماهر رهيو آهي. منهنجي ٻيو دفعو چوڻ تي وراڻيائين:
“سائين هي ايڪانامڪس جو دور آهي. اسان کي پهرين معاشي طور مضبوط ٿيڻ کپي پوءِ اهي شوق ڪرڻ کپن.”
بهرحال لڳي ٿو ته ايندڙ دور ۾ اخباري دنيا جا بادشاهه قاضي فئمليون (عبرت، ڪاوش) وارا ئي رهندا ۽ نون ۾ پليجو فئملي، يوسف شاهين ۽ عوامي آواز وارا رهن. پريس ۽ ڇپائي ۾ روشني، سنڌيڪا ۽ نيو فيلڊس وارا ئي سڀ ڪجھه رهن ۽ هاڻ انڊس (امير ابڙو) اڳتي وڌي رهيو آهي.
سالن کانپوءِ آرٽس ڪائونسل ۾ ڪنهن فنڪشن ڏسڻ جو موقعو مليو جيتوڻيڪ منهنجو آرٽس ڪائونسل سان تمام پراڻو تعلق آهي. آئون هن اداري جو ستر جي ڏهاڪي کان لائيف ميمبر آهيان، پر ڪڏهن به ان جي فنڪشن جي خبر وقت تي نه پوندي آهي جو کڻي اٽينڊ ڪجي. فنڪشن ٿي ويندو آهي پوءِ ٻئي ڏينهن ان جي خبر اخبار ۾ پڙهبي آهي ۽ ان دعوت جو دعوتنامو هفتي بعد ملندو آهي. عجيب ناني ڪنڙو آهي، هيءُ اسان جي آرٽس ڪائونسل به! سالياني اليڪشن ٿيڻ تي قدسيه اڪبر، ابراهيم نفيس کان ياور مهدي تائين جا فون ايندا ته مهرباني ڪري اسان کي ووٽ اچي ڏيو. پنهنجن دوستن کي به وٺي اچو ۽ انهن کي به اسان لاءِ ووٽ ڏياري اسان کي ڪامياب ڪرايو. اسان سچا خادم آهيون. گھٽ ۾ گھٽ ڏهن سالن کان اهو سلسلو هلندو اچي. اليڪشن جي وقت منهنجو هميشه ساڻن جھيڙو هوندو آهي ته توهان صحيح وقت تي ڇو نٿا اطلاع ڪريو. ڪو به ڳائڻ وڄائڻ جو فنڪشن ٿئي ٿو ته ڌارين کي ته اطلاع پهچيو وڃي باقي اسان لائيف ميمبرن کي خبر ئي نٿا ڏيو.
محترمه قدسيه اڪبر معافي وٺي آئينده ان تي عمل ڪرڻ جو وعدو ڪندي آهي ۽ سلطانا صديقي ۽ عبدالڪريم بلوچ (ٽي وي جو جنرل مئنيجر) صلح ڪرائيندو آهي. وري سڄو سال ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه. ناني رڌڻ واري ڏهٽا کائڻ وارا. هڪ ٻه دفعو ته ائين ٿيو ته ڪوريا ۽ روس جي ڪنهن رياست جا ٽروپي (ڳائڻ وڄائڻ وارا) آيا جن جا دعوتناما مون کي ۽ منهنجي ٻين ڪجھه ميمبر دوستن کي مليا، پر فنڪشن ٿي وڃڻ کان هفتو پوءِ! ڪميٽي ميمبرن سان ڳالهه ڪيم ته وراڻيائون ته ان ۾ سندن نه پر پوسٽ وارن جو ڏوهه آهي. پر چڱو جو دعوتناما لفافن سميت موجود هئا جن تي پوسٽ ڪرڻ واري تاريخ به چٽي طرح نظر اچي رهي هئي ته اهي ان فنڪشن کان ٽي ڏينهن پوءِ پوسٽ ڪيا ويا هئا. يعني سياستدان ته ڇڏيو پر آرٽس ڪائونسل جنهن کي هلائڻ وارا اسان جا اديب، شاعر، آرٽسٽ ۽ فنڪار آهن انهن وٽ به ڌانڌلي متي پئي آهي. انهن کي به ووٽ کپي باقي ايمانداريءَ سان ڪم ناهي ڪرڻو. هاڻ اجھو ته آرٽس ڪائونسل جي سالياني اليڪشن جو هفتو آيو، اجھو ته ياور مهدي جي پرسنل سيڪريٽري صاحبه جو فون آيو:
“آپ الطاف صاحب هين؟ ياور مهدي صاحب ني ووٽ ديني ڪي ليئي عرض ڪيا هي.”
“ڀائي ڇو ووٽ ڏيون؟ ڪهڙي خوشيءَ ۾؟” مهنجو جواب هوندو آهي.
پر پوءِ آرٽس ڪائونسل پهچي محسوس ٿيندو آهي ته بهتر اهو ئي آهي ته انهن کي ئي ووٽ ڏجي جو There is no choice . ٻين ۾ ته اهڙو به حال نظر نٿو اچي.

1994 ڪراچي

  THERE IS ALWAYS A PLACE ON THE TOP

(ڊاڪٽر صالح ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه.)
جڳه: بالٽيمور شهر (آمريڪا) سال 1974.

ٽئڪسي واري چارلس اسٽريٽ، CIVIC سينٽر ۽ بالٽيمور اسٽريٽ وٽان ڦيرائي مئري هاپڪن اسپتال جي سامهون ”شيرٽن اِن هوٽل“ اڳيان اچي لاٿو. شيرٽن اِن هوٽل منجهه گھڙي رسيپشن تان ڪمري نمبر ٽي سئو چار جو پڇيم جتي ڪراچي کان ويجھڙائيءَ ۾ آيل سنڌ جو مشهورر ڊاڪٽر ۽ پروفيسر محمد صالح ميمڻ رهيل هو. پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ صاحب انهن ذهين ۽ اتم شاگردن ۽ پروفيسرن مان آهي جن تعليم توڙي نوڪريءَ دوران پنهنجو نالو روشن ڪيو. لڳاتار محنت، شوق ۽ ايمانداريءَ جي اصولن کي پنهنجو ڪري، اعليٰ عهدن تي رهيو.
ڊاڪٽر صاحب جو اصلوڪو ڳوٺ ڏيپلو (ضلعو ٿرپارڪر) آهي. پاڻ سن 1943ع ۾ هاءِ اسڪول ميرپور خاص مان مئٽرڪ ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل (D.J) سائسن ڪاليج مان انٽر 1945ع ۾ ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ ٻيو نمبر آيو. تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽريءَ لاءِ بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ سنڌ لاءِ فقط ست سيٽون هونديون هيون ۽ پنجن سالن جو ڪورس هو. (ڊاڪٽر صالح سان گڏ ٻيا ڇهه ڊاڪٽر هي هئا: رسول بخش بلوچ، ڊاڪٽر لاسي، ڊاڪٽر کٿوريا، ڊاڪٽر پنجواڻي، ڊاڪٽر شوداساڻي ۽ هڪ پارسي ڊاڪٽر منولا. ڪراچيءَ وارو ڊوميڊيڪل ڪاليج به 1945ع ۾ ڪراچيءَ جا وڻ اچي وسايا ۽ باقي ٽي سال ڪراچيءَ مان پڙهي، ڊاڪٽريءَ جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ نمبر سان حاصل ڪئي. ان بعد ايم آر سي پي گلاسگو، ايڊنبرا ۽ لنڊن مان ورتي. اهڙي طرح ايف آءِ آر سي پي ايڊنبرا مان ڊي سي ايچ انگلنڊ مان ۽ پاڪستان مان ايف سي پي ايس حاصل ڪئي.
نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صالح ميمڻ جو تعلق ڳچ عرصي کان سنڌ جي ٻن جھونن ميڊيڪل ڪاليجن ايل ايم سي ۽ ڊي ايم سي سان هلندو اچي. اڄ ڪلهه يونائٽيڊ نئشن UNO جي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن WHO طرفان ڪجھه عرصي لاءِ آمريڪا آيل آهي. هتي رهي پاڻ آمريڪا جي مختلف ميڊيڪل ڪاليجن ۽ اسپتالن جو جائزو ۽ دورو ڪندو. ان سلسلي ۾ هي شهر بالٽيمور آمريڪا جو ٽيون شهر آهي. هتي جي هاپڪن اسپتال سندس رهائش واري جاءِ شيرٽن اِن کان تمام ويجھو آهي.
ان ڏينهن سيءُ به پنهنجي اوج تي هو، پر هوٽل اندران چڱيءَ طرح گرم رکيل ٿي ڏٺي (عربن طرفان تيل تي لڳايل بندش جي باوجود). پاڻ سان آندل ٽيپ رڪارڊر پٽ تي رکي اوور ڪوٽ لاٿم. (افسوس جو ان ٽيپ رڪارڊ ڊاڪٽر صاحب جي انٽرويو دوران ساٿ نه ڏنو ۽ ڳالهه ٻول چڱي طرح ٽيپ ٿي نه سگھي. ان ڪري هتي پڙهندڙ ڊاڪٽر صاحب جون فقط اهي ڳالهيون پڙهي سگهندا جيڪي منهنجي يادداشت ۽ ذهن جي گٺل ربل تي ٽيپ ٿي سگھيون آهن.) ان وقت سامهون هوٽل جي گھڙيال ۾ وقت ڏٺم، پورا اٺ ٿيا هئا. دل ئي دل ۾ پنهنجي پٺي ٺپريم ته ٺهرايل وقت تي پورو پهتو آهيان. جيتوڻيڪ اهو سڀ اتفاقي هو نه ته ههڙي سيءُ ۾ فورٽ مئڪنري (جتي اسان جو جهاز بيٺل هو) کان ڊائون ٽائون ايترو سوير صبح ساڻ اچڻ کان حاتم طائيءَ وارو ڪو به سوال سر انجام ڏيڻ سولو ڪم هو. بهرحال آئون ته وقت تي پهچي ويس پر ڪمري تي پهچڻ کان اڳ ڪيئن چئجي ته ڊاڪٽر صاحب به انٽرويو جي تياري ۾ هوندو يا ننڊ منجھه. سو پاسي کان رکيل فون کڻي سندن ڪمري جو نمبر گھمايم ۽ فون تي ساڻس ڳالهائي خوشي ٿي ته نه فقط پاڻ جاڳي رهيو هو پر ان ئي ڳالهه لاءِ پاڻ به اوسيئڙي ۾ هو. آئون ڏاڪا ٽپي ٽي ماڙ تي پهتس.
بالٽيمور اسپتالن جو شهر آهي هونءَ اسپتالون ته آمريڪا جي هر شهر ۾ سرس آهن پر هتي مڙيئي پاڪستاني ڊاڪٽر گهڻا آهن، جن سان اسان جهازين جي چڱي خاصي ڏيٺ ويٺ ۽ خبر چار رهي ٿي. بالٽيمور ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته ننڍو پاڪستان هجي، جتي پٺاڻ، پنجابي، ملتاني، بوهري، بهاولپوري، اسان جي ملڪ جي هر پاسي جو ڊاڪٽر، فارماسسٽ يا ڪمپائونڊر ملندو، جن سان گڏ اسان جي جهاز جي عملي جي سٺي ڪمپني رهي ٿي. هتي رهندڙ ڊاڪٽرن ۾ هڪ سنڌي ڊاڪٽرياڻي پڻ آهي. لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر نسرين قاضي هتي ڪيترن سالن کان نوڪري ڪري رهي آهي. پاڻ ايل ايم سي جي گرئجيوئيٽ آهي. ويڪ اينڊ تي ملڻ لاءِ مون هڪ ڏينهن کيس فون ڪيو:
“آئون ڇنڇر تي شايد وقت ڪڍي نه سگھان، باقي سڀاڻ اتان لنگھندي ٿيندي وينديس. در اصل منهنجو هڪ پروفيسر هتي آيل آهي. ان سان ڇنڇر تي ملڻ جو پروگرام رکيو اٿم.”
“ڪهڙو پروفيسر..؟” مون ائين ئي پڇيو. ڄڻ آئون آمريڪا جا سڀ پروفيسر سڃاڻان.
“تون خبر ناهي سڃاڻي يا نه، هو منهنجو ايل ايم سي ۾ پروفيسر هو. نالو اٿس ڊاڪٽر صالح ميمڻ.” ڊاڪٽر نسرين قاضيءَ ٻڌايو.
“ڪمال ٿي ڪرين. آئون ڇو نه سڃاڻيندس”. مون وراڻيومانس، “ڇا منهنجو ان ڌرتيءَ سان تعلق ناهي جنهن سان هو تعلق رکي ٿو.”
“ڇا تنهنجي پهرين جي ملاقات آهي..؟” هن پڇيو.
“اها ڪا اهم ڳالهه ناهي، بس روحن جا رشتا هئڻ کپن.” مون کلندي چيو. خوشي ان لاءِ به ٿيم ته ڪيترن ڏينهن کان اهو ارادو هوم ته ڪنهن اهڙي سنڌي ڊاڪٽر کان انٽرويو ورتو وڃي جنهن جو سنڌ ۽ ولائت سان گھڻو واسطو هجي. جيڪو ديس پرديس پڙهندڙ، رهندڙ ۽ نوڪريون ڪندڙ هم وطن ڊاڪٽرن جي حالتن، مسئلن ۽ مونجھارن کان واقف هجي ۽ ساڳي وقت سندس ادب سان به چاهه/واسطو هجي ۽ اها ڳالهه ٻولهه نه فقط ڊاڪٽرن ۽ ان پورهئي سان تعلق رکندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿي سگھي پر هڪ عام ماڻهو به ان مان معلومات ۽ لطف حاصل ڪري سگھي.
ڊاڪٽر نسرين سان ان انٽرويو بابت مون صلاح ڪئي جنهن ٻئي ڏينهن اچي ٻڌايو ته ڊاڪٽر صالح پاڻ به ملڻ چاهي ٿو ۽ آئون ساڻس فلاڻي فون نمبر تي ڳالهائي سگھان ٿو.
مون اوڏي مهل ئي ڊاڪٽر صالح صاحب کي جهاز تان ئي فون ڪيو. ڊاڪتر صاحب وڏي حب ۽ اُڪير مان کيڪار ڪئي ۽ ڪندو ئي رهيو. سنڌين ۽ عربن جي کيڪار به کيڪارن جهڙي ٿئي ٿي، پوءِ چاهي پنهنجي ديس ۾ ڪو هجي يا پرائي ديس ۾! اڳلو چاهيندو ته جي ممڪن هجي ته دل چيري پنهنجي حب ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪريان.
“بابا انٽرويو وري ڇاجا، تون اچ ته سهي ته خبرون چارون ڪريون.”
ڊاڪٽر جي حب منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ ملڻ جو وقت ورتومانس.
“سڀاڻي واشنگٽن وڃڻو اٿم. پر هاڻ شام جو ئي ٿي ايندس. تون صبح ساڻ اچ ته ڪچهري به ڪريون ته نيرن به گڏ ڪريون.”
نيرن جي دعوت به عجيب سنڌي رسم آهي. دنيا جي مختلف ملڪن ۽ قومن ۾ رات جي ماني Dinner ۽ شام جي چانهه ته عام ڳالهه آهي يا ڪيترن هنڌن تي سهوليت کي مد نظر رکي منجھند جي ماني Lunch به هلي ٿي پر نيرن جي دعوت سنڌين کان علاوه فقط عربن ۽ يونانين ۾ عام آهي. ٿي سگھي ٿو اهو اسان جي پراڻين تهذيبن جو هڪ ٻئي تي اثر هجي ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ گھڙيس، پاڻ پهرين نيرن لاءِ ڊائننگ هال ۾ وٺي آيو. اول طعام پوءِ ڪلام!
ڊاڪٽر وٽ ايندي وقت ٽئڪسيءَ ۾ ڪجھه سوال بنا ڪنهن ترتيب جي پني تي لکيا هئم. نيرن بعد ڪمري تي پهچي کانئس اهي پڇڻ شروع ڪيم، جي هن ريت هئا:
سوال: سائين ائين ڇو آهي جو پاڪستان جا گھڻا ڊاڪٽر انگلنڊ ۾ ئي نوڪري ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هتي آمريڪا ۾ نه؟
ڊاڪٽر صالح: نه هاڻ ائين ڪونهي. اڳ ۾ البت اسان جا گھڻا ڊاڪٽر رڳو انگلنڊ ويندا هئا، جنهن جا ٻه سبب هئا. هڪ ته نوڪري ڪرڻ، ٻيو MRCP ۽ FRCS جهڙيون ڊگريون حاصل ڪرڻ، جيڪي اسان وٽ پاڪستان ۾ قبول ڪيون وينديون هيون. پوسٽ گرئجوئيٽ اتي ڪري وري جڏهن هو وطن موٽي ايندا هئا ته انهن کي پاڪستان ۾ به نوڪريون ملي سگھنديون هيون ۽ Reciprocal Recognition هوندي هئي، جنهن ڪري اسان جون Qualifications انگلنڊ ۾ به مڃيون ويون ٿي. اسان جا ڊاڪٽر انگلنڊ ۾ ويندا هئا ته بنا ڪنهن ٻئي امتحان ڏيڻ جي کين نوڪري ملي ويندي هئي ۽ ان ڪري دائمي رجسٽريشن هوندي هئي، سو اتي ماڻهو رهي يا پنهنجي ملڪ ۾ اچي نوڪري ڪري. هاڻ ٻن ٽن سالن کان جڏهن کان پاڪستان ڪامن ويلٿ مان نڪري ويو آهي ته هڪ ٻئي جون ڊگريون نٿيون مڃيون وڃن. يعني Reciprocal Recognition ختم ٿي وئي آهي. اسان جي ڪا به ڊگري هاڻ انگلنڊ ۾ نٿي مڃي وڃي. يعني ڪو به اسان جو ڊاڪٽر پاڪستاني ڊگريءَ سان انگلنڊ ۾ دائمي رجسٽريشن هيٺ رهي نٿو سگهي. هن کي فقط عارضي طور رجسٽريشن ملي سگھي ٿي. نتيجي طور اسان جي ڊاڪٽرن کي ڇهين ڇهين مهيني وري وري اپلاءِ ڪرڻو پوي ٿو پوءِ ڪڏهن ملي ٿي ڪڏهن نٿي ملين. سٺي اسپتال ۾ نوڪري به نٿي ملين. ٻي ڳالهه اها ته اسان وٽ به پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج ٿي ويا آهن ۽ ٻاهر وڃي فقط ڊگري حاصل ڪرڻ جو شوق صفا گھٽجي ويو آهي ۽ ٽيون ته ECMGF امتحان جي ڪري پهرين آمريڪا وڃڻ ڏکيو هو پر هاڻ اهو امتحان هرڪو گھر ويٺي پاس ڪري ٿو وٺي. اهو امتحان ڪراچيءَ ۾ سال ۾ ٻه دفعا ٿئي ٿو ۽ پاس مارڪون پنجهتر سيڪڙو آهن. امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ اهو ڊاڪٽر سڌو آمريڪا ۾ نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪري سگھي ٿو ۽ کيس هڪدم آمريڪا کان ورندي ملي ٿي ته فلاڻي اسپتال ۾ جاءِ آهي. هيترا يا هيترا پئسا ملندا ۽ فلاڻي تاريخ نوڪريءَ تي اچي چڙهو.
”تنهنجي معنيٰ اها ٿي ته هتي USA ۾ هنن لاءِ انگلنڊ کان وڌيڪ مزو آهي جو نوڪري به مليو وڃين، پگھار به وڏو آهي (ڇو ته ECMGF امتحان پاس ڪرڻ سان هنن آمريڪا جو امتحان پاس ڪيو.) ان بعد State Faculty امتحان پاس ڪرڻ تي کين Emigrant ٿي رهڻ جو به موقعو مليو وڃي. وڌيڪ پڙهي وطن موٽڻ تي به فائدو اٿن جو ڪافي پئسو ڪمايو وٺن. ان ڪر ي هاڻ جيڪي اسان جا ڇوڪرا ٻاهر اچن ٿا تن مان گھڻا آمريڪا جو رخ رکن ٿا، انگلنڊ تمام گھٽ وڃن ٿا. هونءَ به اڄ ڪلهه انگلنڊ جو درجو تعليم ۽ پئسي جي لحاظ کان، ويندي Technology توڙي Qualification جي لحاظ کان هر صورت ۾ آمريڪا کان گھٽ آهي.
هاڻ پاڻ، سن ٻاهتر کان هتي آمريڪا ۾ ڪجھه سختيون عائد ڪيون ويون آهن. هتي جيڪي ڊاڪٽر آهن اهي ٽن ڀاڱن ۾ آهن. هڪ سياح Tourist ان ۾ جيڪي ڊاڪٽر اچن ٿا، انهن کي جيڪڏهن ڪا اسپتال قبول ۽ Sponsor ڪري ته پوءِ انهن کي Emigrant Visa ملي سگھي ٿي پر انهن لاءِ به ECMGF امتحان پاس ڪرڻ ضروري آهي. ٻيو قسم انهن ڊاڪٽرن جو آهي جيڪي ڪراچيءَ مان سي ايم جي ايف جو امتحان ڏيو ٿا اچن. ( ۽ جن لاءِ هتي نوڪري اڳ واٽ مقرر ٿيو وڃي). انهن کي Exchange Visitor چئجي ٿو. سن 1972ع کان اڳ ايڪسچينج وزيٽر کي پنج سال آمريڪا ۾ گذارڻ بعد پاڻ مرادو شهريت ۽ اميگرنٽ ويزا ملي ويندي هئي پر هاڻي اميگرنٽ ويزا نٿا ڏين جيستائين هو پنج ڇهه سال هتي رهي پوءِ ٻه سال پنهنجي ملڪ موٽي وڃي ۽ پوءِ جي انهن ٻن سالن کانپوءِ هن واپس آمريڪا ۾ اچڻ جي سگھه ساري ته اميگرنٽ ويزا ملي ويندس. اسان جي ڇوڪرن لاءِ جيڪي پهرين پنج سال ڪم ڪري اميگرنٽ ويزا تي هتي آمريڪا جا ٿي ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته پاڪستان ۾ وڃڻ اجايو آهي يا ڪهڙو مزو آهي انهن لاءِ ٿوري اها ڏکيائي آهي جو کين جلدي اميگرنٽ ويزا نٿي ملي، پر اسان لاءِ، يعني ملڪ ۽ قوم لاءِ اهو فائدو آهي ته هو گھٽ ۾ گھٽ ٻه سال پنهنجي وطن اچن ٿا ۽ ٻاهران حاصل ڪيل لياقت ۽ قابليت مان پنهنجي ملڪ کي به فيضياب ڪن ٿا.
سوال: ٻاهر نوڪري ڪرڻ کي سٺي ڳالهه ٿا سمجھو يا نه..؟
ڊاڪٽر صالح: بلڪل نه. ٻاهر نوڪري ڪرڻ مان ڪو خاص فائدو ناهي. جيستائين ماڻهو جوان آهي تيستائين فقط ٻاهر وڃڻ جو شوق ٿئي ٿو. ان ڳالهه بابت غور ڪرڻو آهي ته اسان جي ملڪ جو Brain-Drain ڇو ٿو ٿئي.
يعني، قابل ماڻهو ولايت ڇو هليا وڃن ٿا. يا ولايت مان وڌيڪ تعليم ۽ ڏات حاصل ڪري موٽي پنهنجي ملڪ ڇو نٿا اچن؟ منهنجي خيال ۾ ته انهن کي اهڙي سٺي نوڪري اسان جهڙي غريب ايشيائي يا آفريڪي ملڪن ۾ نٿي ملي. (جنهن لاءِ ڪجھه هنن کي پڻ پنهنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ قرباني ڏيڻ کپي ۽ گھٽ پگھار تي ترسڻ کپي) ۽ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ولائت کان جڏهن اسان جا ڊاڪٽر اعليٰ تعليم حاصل ڪري موٽن ٿا ته کين وڏن پگھارن واريون نوڪريون نٿيون ملن پر Professional-Work جا موقعا به نٿا ملن. جيئن مثال طور ڪو نيورو سرجري ڪري آيو آهي يا ڪارڊالاجي، نيفرولاجي وغيره ۾ مهارت ڪري واپس ٿو اچي (ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ هر SUB-Speciality ۾ مهارت ڪئي وڃي ٿي) ته هن کي اهو ڪم ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي جنهن ۾ هو خاص علميت يا قابليت حاصل ڪري آيو آهي. پوءِ اهڙي صورت ۾ هن لاءِ Professional-Frustration ٿي ۽ اها نا اميدي ۽ بي چيني گھٽ پگھار Financial-Starvation کان وڌيڪ ڏکي ۽ عذاب واري آهي. پوءِ ڇا ٿو ٿئي جو هو منجھيو پوي ۽ هن جي دل پنهنجي وطن ۾ نٿي لڳي. اها بدقسمتي نه فقط اسان جي ملڪ سان آهي پر اسان جهڙن ڪيترن ئي ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن سان آهي. بلڪه ڪن يورپي ملڪن سان پڻ!
تصوير جو وري ٻيو رخ اهو آهي ته آمريڪا ۾ ڊاڪٽريءَ جو قدر آهي. ڊاڪٽر پئسا کوڙ ڪمائين ٿا، پر ڪجھه عرصي کانپوءِ هڪ اهڙي حد اچي ٿي جو هنن لاءِ ولائت ۾ رهڻ زهر ٿيو پوي. ڇو جو رڳو پئسو به ته زندگي ناهي. جيسين ڪو جوان آهي، ڇڙو آهي ته هن کي ڪو فڪر نه آهي. پر جيڪا پنهنجائي ، دلي خوشي ۽ هڪٻئي جو خيال ۽ لطيف جذبا آهن سي پنهنجي ديس کان سواءِ ٻاهر ڪٿي آهن؟ ولائت ۾، خاص ڪري ههڙن ملڪن ۾ جتي زندگي مشين جيئن آهي، هميشه لاءِ رهڻ، سائين ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ٻه چار سال ڪمائڻ لاءِ ته صحيح آهي، جيسين اولاد ننڍو آهي. ٻار وڏا ٿيا خاص ڪري نياڻي ٻار ته پوءِ زندگي سورن ۾. ننڊ ۽ سڪون ٻئي چٽ. هر وقت اهو وهم اڏوهيءَ وانگر کائيندو رهي ٿو ته ڪهڙي سوسائٽي / ماحول اپنائجي. آمريڪا ۾ رهي اولاد، ڇوڪرو توڙي ڇوڪري واپس پنهنجي وطن جي ماڻهن سان Adjust نٿو ٿي سگھي ۽ ساڳي وقت نه آمريڪن يا يورپي ٿي سگھي ٿو، چاهي اسان جا ٻار کڻي ڪيتري به انگريزي سکن. هو ڀلي کڻي مغربي آداب ۽ نمونا سکن، ڊانسون ڪن ته به هتي جي ماڻهن جي برابري نٿا ڪري سگھن. يا ٻين لفظن ۾ ڪو به مشرقي (چاهي مسلمان هجي يا هندو، سک) برداشت ڪري نه سگھندو ته هتي جي رسم رواج ۽ سوسائٽي موجب سندس ڌيءَ جوان ٿيڻ تي ڌارئين ڇوڪر سان اڪيلي Dating (ميل ملاقات) ڪري ۽ مشرقي حياءَ و شرم جون حدون اورانگھي. ان ڳالهه جو هتي رهندڙ هر پاڪستانيءَ کي احساس آهي ۽ شايد ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هجي جو هتي رهڻ پسند ڪندو هجي. هر هڪ سمجھو ۽ سياڻو اهو ئي سوچي ٿو ته ولائت ۾ کڻي ڪيتريون به سهوليتون هجن ته به ست اٺ سال کن ڌڪا کائي سکي، ڪمائي، پنهنجي وطن ورڻ سڦل ڪم آهي. هتي ولائت ۾ جيڪي به ڊاڪٽر رهن ٿا تن مان ڪنهن کي به هتي جي ماحول، سوسائٽي يا ملڪ سان دلچسپي ناهي. هرڪو پنهنجي وطن کي ساري ٿو. ڪيترن پنهنجي وطن خاطر قرباني ڏني آهي ۽ منجھن ڪس کائڻ جو جذبو تمام گھڻو آهي ۽ هونءَ به ولايت ۾ هميشه لاءِ رهڻ ۾ نه اسان کي فائدو آهي ۽ نه هنن کي، سواءِ چند انهن جي جن هتي اچي شاديون ڪيون آهن ۽ هو ڏسن ٿا ته سندن آمريڪن يا يورپين زالون پاڪستان ۾ رهي اتي جي ماحول سان ٺهراءُ ڪري نه سگھنديون - اهي مجبور ٿي ڦاسي پيا آهن. باقي اهي ڊاڪٽر جن اڃا شادي نه ڪئي آهي يا پنهنجين پاڪستاني زالن سان آهن تن مان ڪنهن کي به هتي آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جو ارادو ناهي. اهو مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان. اهو ضرور آهي ته حالتن کان مجبور ٿي ڪجھه عرصي لاءِ هتي آمريڪا يا يورپ جي ملڪن ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن پر هنن جي دل ته پنهنجي جھانگين ۽ سانگين کي ڏاڍو ساري ٿي.
سوال: ٻڌڻ ۾ اهو اچي ٿو ته ايل ايم سي جي تعليم جو معيار ٻاهر گھٽ ليکيو وڃي ٿو - خاص ڪري انگلنڊ ۽ اسڪاٽلنڊ ۾. ان بابت توهان جو ڇا خيال آهي..؟
ڊاڪٽر صالح: نه. مونکي اها خبر ناهي. ائين منهنجي خيال ۾ هرگز نه آهي. پاڻ LMC جا شاگرد (جن سان گھٽ ۾ گھٽ آئون ملندو اچان) انگلنڊ توڙي اسڪاٽلنڊ ۾ جن جن اسپتالن ۾ هو ڪم ڪن ٿا. (يا هتي آمريڪا ۾ ٻن ٽن اسپتالن ۾ جن ۾ هنن چند ڏينهن ۾ وڃي سگهيو آهيان) اتان ته اهو ئي معلوم ٿيو اٿم ته LMC جا ڊاڪٽر تمام محنت، شوق ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. باقي هونءَ اسٽئنڊرڊ جي لحاظ کان ڊو، ايل ايم سي ۽ ٻيا سڀ ڪاليج هڪ جهڙا آهن.
هونءَ اها ٻي ڳالهه آهي ته انگلنڊ ۾ اتي جا گورا اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سمجھن ٿا. پوءِ چاهي هندستاني ڊاڪٽر هجي يا سلوني، پاڪستاني هجي يا بنگلاديشي ۽ ساڳي وقت ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هر ماڻهوءَ ۾ ڪجهه تعليمي لاهيون چاڙهيون پڻ ٿين ٿيون، پر اها هڪ الڳ ڳالهه آهي. جيسين ٻاهر اچي ڪم ڪرڻ جو سوال ٿو پيدا ٿئي ته سڀ پاڪستاني محنت ڪن ٿا. هينئر به آمريڪا ۾ ٿامس جيفرسن اسپتال فلاڊيلفيا ۾ ڪراچي جو ڊاڪٽر بهاؤالدين شيخ مليو ۽ ٻه لاهور جا هئا ۽ هڪ ايل ايم سي جو نذير عادل ميمڻ، انهن ڇوڪرن سان نه فقط منهنجي گپ شپ ٿي پر مان سندن ڪم جون رپورٽون به ڏٺيون ۽ جيڪي ڪورس لکي ڏنا اٿن اهي پڙهيم ۽ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. اسپتال وارن کي به هنن لاءِ ڏاڍو سٺو خيال آهي ۽ ٻين هنڌن تي به ائين ڏٺو اٿم ته اسان جا پاڪستاني سٺو ڪم ڪري رهيا آهن.
سوال: تنهنجي معنيٰ اها ڳالهه غلط آهي. چڱو سائين ڀلا ان بابت توهان جي ڇا راءِ آهي ته اسان جي ملڪ کان جيڪي ڊاڪٽر انگلنڊ وڃن ٿا انهن کي سٺي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري نٿي ملي؟
ڊاڪٽر صالح : اها ڳالههRacial-Discrimination ۾ اچي ٿي. انگريزن جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته ڪارن کي (جن ۾ اسين ننڍي کنڊ جا، جئميڪا ۽ ٻين آفريڪن ملڪن جا ڊاڪٽر پڻ اچي وڃن ٿا) سٺي جڳهه يا وڏي اسپتال ۾ نوڪريون نٿا ڏين. اهو اڳ ۾ به هوندو هو، پر اسان جي ڏينهن جو معيار مختلف هو. خاص ڪري ٻوليءَ جو. هاڻ هيئن ٿا ڪن جو نئين آيل ڊاڪٽر کي ٻه مهينا کن Pre Clinical Attachment ۾ ٿا رکن. اتي هن جي چڪاس ٿا ڪن ته هن کي انگريزي ڪيتري اچي ٿي ۽ تعليمي معيار ڪيترو اٿس. ان موجب هو کيس نوڪري ڏين ٿا. اسان جي زماني ۾ ائين نه هو، ۽ هينئر اها جيڪا ڳالهه آهي سا سڄي ننڍي کنڊ سان لاڳو آهي ۽ فقط اسان جي ڇوڪرن سان نه آهي. پاڻ اسان جا ڇوڪرا ٻين جي مقابلي ۾ سٺو نالو پيدا ڪن پيا.
سوال : هتي آمريڪا ۾ توهان جي ڪهڙن ڊاڪٽرن سان ملاقات ٿي آهي جي توهان جا ايل ايم سي ۾ شاگرد هئا.
ڊاڪٽر صالح: منهنجو اڃا هڪ ٻن شهرن ۾ وڃڻ مس ٿيو آهي جتي ڪجھه ڊاڪٽر مليا آهن. مثال طور ڊاڪٽر عسڪر قلباڻي ۽ سندس زال فهيمه صديقي. ڪيشو داس پاهوجا، بهاؤالدين شيخ ۽ سندس زال ياسمين خميساني، نسرين قاضي، اعجاز آرائين، پروين علوي، نسيم علوي ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر صمد ۽ ڊاڪٽر بلال، ڊاڪٽر نذير عادل ميمڻ، عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر قاضي وغيره وغيره. سڀ خوش آهن. سڀ محنت سان پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.
سوال: ڄامشورو واري ڪاليج جا ڊاڪٽر ٻاهرن ملڪن ۾ تمام گھٽ نظر اچن ٿا. توهان جي نظرن ۾ ان جو ڪارڻ ڇا آهي؟ هوم سڪنيس؟ پاسپورٽ ۽ نوڪري ملڻ جي مشڪلات؟ يا ڪو ٻيو ...؟
ڊاڪٽر صالح: ائين نه آهي. ايل ايم سي جا تمام گھڻا ڊاڪٽر ولائت ۾ آهن. البت ائين ضرور آهي ته سنڌي تمام گھٽ آهن.
سوال: چيو وڃي ٿو ته اسان جهڙي غريب ملڪن لاءِ ايترا سارا ميڊيڪل ڪاليج حد کان وڌيڪ هٻڇ آهي اهو ئي خوف آهي ته اڳتي گھٽ بجيٽ ڪري ڪاليج صحيح طرح هلي نه سگھن ۽ غلط پلاننگ ڪري ڊاڪٽرن لاءِ هڪدم نوڪريون مهيا ٿي نه سگھن.
ڊاڪٽر صالح: ان بابت بنا سوچ جي هڪدم ڪو جواب نٿو ڏئي سگھجي.
سوال: توهان پنهنجي پروفيشن مان خوش آهيو يا نه؟
ڊاڪٽر صالح: آئون بلڪل خوش آهيان. مون ڊاڪٽريءَ کي هڪ آرٽ ڪري ورتو آهي. هر هڪ جو زندگيءَ ڏي پنهنجو پنهنجو رخ، روش ۽ پهچ هوندي آهي. جيڪڏهن آئون ان کي آرٽ سمجھڻ ڇڏي ڏيان ته پوءِ مون لاءِ هي ڌنڌو ورچائڻو ٿي سگهي ٿو.
سوال : اڄ جي شاگرد ۽ توهان جي ڏينهن جي شاگرد (ميڊيڪل اسٽوڊنٽ) ۾ ڪو فرق...؟
ڊاڪٽر صالح: اڄ جو شاگرد وڌيڪ ذهين، هوشيار ۽ سمجھو آهي. اڄ ڪلهه جي شاگردن جي ذهني ارتقا اسان کان وڌيڪ آهي. هنن ۾ شوق همٿ ۽ جستجو وڌيڪ آهي:
سوال : پر چيو وڃي ٿو ته توهان جي ڏينهن ۾ شاگرد پنهنجي استاد جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا، پر اڄ ڪلهه شاگرد ۽ استاد جي وچ ۾ اهو ويڇو / رشتو نه رهيو آهي.
ڊاڪٽر صالح: ان بابت آئون ڏاڍو Conservative آهيان. استاد پنهنجي لاءِ عزت پاڻ ٿو پئدا ڪري ۽ اڄ به ڪري سگھي ٿو ۽ ڪيترا عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. اهو برابر آهي ته اڳ ۾ شاگردن تي استادن جو ڊپ ويٺل هو. ڊپ ۽ عزت ۾ فرق آهي. ڊپ اڳ وڌيڪ هوندو هو ڇاڪاڻ ته هڪ ته اڳ ۾ جيڪي استاد هوندا هئا سي آدرشي ۽ اتم هوندا هئا. يعني سڀ خاصيتون جيڪي استاد ۾ چئجن سي هنن ۾ موجود هيون. تنهن ڪري عزت سان گڏ ڊپ به هوندو هو. استاد ۽ شاگرد جو ويڇو وڌيڪ هوندو هو. هاڻ ائين هرگز ناهي. “استاد_شاگرد” جو ويڇو تمام گھٽ ٿي ويو آهي. دوستاڻو ماحول وڌيڪ آهي، پر مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن ڪو استاد آئيڊيل آهي ۽ سٺو هلي ٿو ته اڄ به شاگردن طرفان هن کي عزت ملي ٿي. جيڪڏهن ڪو استاد ٻاراڻي طبيعت جو آهي - بي پرواهه ۽ ڏنگو ٿي هلي ٿو ته پوءِ شاگردن طرفان عزت نه ملڻ ڪري فقط شاگردن تي ئي ڏوهه ٿاڦي ٿو. اهو ضرور آهي ته اڄ جو شاگرد اڳ وانگر نه هر استاد کان ڊڄي ٿو ۽ نه هن کي پنهنجو Ideal سمجھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو استاد چڱيڙو آهي، قرب سان هلي ٿو ته هو اڄ به پنهنجي لاءِ عزت پيدا ڪري سگھي ٿو. مون کي اهو پنهنجو تجربو آهي. منهنجو اهو پنهنجو رايو آهي. ٿي سگھي ٿو آئون ان ۾ غلط هجان.
سوال: توهان هڪ استاد ۽ وڏي جي حيثيت ۾ ڇا ٿا چاهيو ته اڄ جي شاگردن کي ڪيئن هلڻ کپي. خاص ڪري ميڊيڪل جي شاگرد کي سياست ۽ ٻين ڪمن ۾ بهرو وٺڻ کپي يا نه؟
ڊاڪٽر صالح: شاگرد لاءِ هر ڳالهه ۾ بهرو وٺڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو هاڻ ڪو اهو زمانو ناهي جنهن ۾ شاگرد کي دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي رهڻ گھرجي، پر هنن کي گھڻو شوق پنهنجي پڙهائي ۽ ڌنڌي سان هئڻ کپي، ٻيون ڳالهيون پوءِ آهن ڇو ته شاگردي وارو زمانو اهو ٿو ٿئي جنهن ۾ هو جيڪي به ڪجھه سکندو اهو کيس زندگيءَ ۾ ڪم ايندو. ايم بي بي ايس يا ڊاڪٽري ٻين ڊگرين کان مختلف آهي. شاگرد جيڪڏهن فقط ڊگري حاصل ڪئي پر هن ۾ اها اهليت ڪانهي ڪا جوسڀاڻي هو پرئڪٽس ڪري مقابلي ۾ اچي سگھي ته هو نه برابر آهي. ان ڪري ڊاڪٽري شاگرد لاءِ ضروري آهي ته هو گھڻو شوق پنهنجي پڙهائي ۾ رکي ۽ ڊاڪٽري کي آرٽ جيان سمجي، چڱي ريت محنت ڪري ۽ سکي. ان بعد هو باقي ٽائيم پنهنجو پاڻ کي زماني ۽ ماحول سان ضرور آشنا رکندو رهي جو ان کان سواءِ ته ڪم نه هلي سگھندو. ائين به ڪونه ٿو ٺهي ته ماڳهين ڪتابن جو ڪينئون ٿي ٽيبل اڳيان ويٺو هجي ۽ اها به خبر نه پوي ته دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري. ساڳي وقت هيڪاندو Active ٿي پاڻ کي سياست يا ٻي ڪنهن ڌارئين ڳالهه ۾ رڌل نه رکجي جيڪا هن جي ڌنڌي ۽ پڙهائيءَ ۾ رنڊڪ ثابت ٿئي.
سوال: هتي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني شاگردن لاءِ ڪا نصيحت؟
ڊاڪٽر صالح: هنن کي کپي ته جيترو ٿي سگھي علم پرائين. پرئڪٽيڪل تجربو حاصل ڪن ۽ هر وقت اهو سوچين ته جيڪو علم هتي پرائين تنهن جو فائدو موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي به رسائين. هتي آمريڪا ۾ يا ڌارئين ملڪن ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونهي ڇو جو اهو وقت ايندو جڏهن هو ڪجهه عرصو وڌيڪ رهندا، اولاد وڏو ٿيندن، پوءِ جڏهن هنن جي هن ڌارئين ۽ پرائي ماحول سان سازگاري نه ٿيندي تڏهن هو هتي اوپرو محسوس ڪندا.
سوال: توهان جي شخصيت بابت ڪجھه ذاتي سوال، وندر جو وقت ڪيئن گذاريو ٿا؟
ڊاڪٽر صالح: سنڌي رسالا ۽ ڪتاب پڙهندو آهيان، ڪجھه لکندو به آهيان. ادب سان دل اٿم.
سوال: ادب ۾ ڇا پسند ڪريو ٿا؟
ڊاڪٽر صالح: افسانا نگاري.
سوال: توهان جا پسنديده سنڌي ليکڪ ڪهڙا آهن.
ڊاڪٽر صالح: امر جليل، طارق اشرف، سراج، موهن ڪلپنا، گوبند مالهي، آغا سليم، جمال ابڙو، نسيم کرل، نجم عباسي، ثميره زرين، سحر امداد ۽ تاج بلوچ.
هتي پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهه عجب جوڳي هجي ته ڊاڪٽر صالح صاحب مصروف هوندي به لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهي ٿو. سندن ڪيترائي ليک فرضي نالن سان سهڻي، سوجھرو، هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن ۾ وقت به وقت ڇپبا رهيا آهن. ۽ بقول ڊاڪٽر صاحب:
“..... اسان جو واسطو ڪيترن ئي قسمن جي ماڻهن سان روزانو پوي ٿو. ڪيتريون ئي سچيون ڳالهيون افسانن جي روپ ۾ مون لکيون آهن جيڪي ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿي سگھن ٿيون ۽ منهنجي خيال ۾ ته اسان جا ڊاڪٽر جي چاهين ته هنن کي ڪهاڻيون لکڻ لاءِ ڪيترو ئي مواد روزانو ملي سگھي ٿو. ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون آهن جن مان ٻين کي سبق پڻ ملي ٿو. ساڳي وقت انهن ڳالهين کي فوڪس ۾ رکي سماج جي سڌاري لاءِ ڪجھه ڪري سگھجي ٿو. مثال طور: ويجھڙائيءَ ۾ هڪ رسالي ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو هڪ افسانو ڇپيو آهي. هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي هڪ حقيقت لکي آهي. بلڪل ٺوس حقيقت. ان مسئلي کي نظر انداز ڪرڻ بدران حل ڪرڻ گھرجي، جو مغربي سوسائٽي وانگر اسان وٽ به اهو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي. ليکڪ ان مسئلي کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ان ڳالهه کي افساني جي شڪل ڏني آهي جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته هڪ ڇوڪر ۽ ڇوڪري عشق ۾ آهن. ڇوڪرو هن کي برغلائي ٿو پر ڇوڪري هن جي ڳالهه نٿي مڃي. ڇوڪري سٺي خاندان جي آهي پر منجهيل آهي. هوءَ چوي ٿي ته ائين ڪيئن ٿيندو. اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ ته ٺيڪ آهي پر هوءَ شادي کان اڳ سيڪس لاءِ ڪا رغبت نٿي ڏيکاري پر هو ڌتاريندو رهيس ٿو ته ڪا پرواهه نه ڪر. شادي ته هونءَ به ڪنداسين. ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. بهرحال ڇوڪرو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي، پر جيئن ته ڇوڪريءَ کي ان ڳالهه جي دل ۾ Negative Attitude آهي سو مجبور ٿي فقط اهو سوچي ٿي ته انڪار ڪيئن ڪريان؟ ڇوڪري جي چوڻ تي هن جي ڳالهه ته مڃي ٿي پر هوءَ خود لطف نٿي وٺي ۽ نه ان بابت ڄاڻ اٿس. ڪجھه ڏينهن بعد ڇوڪرو هن معصوم ڇوڪريءَ کي ڇڏي وري ٻيءَ جي پٺيان وڃي ٿو لڳي. اها ٻي ڇوڪري ان ڳالهه جي تجربيڪار آهي ۽ هن جوان کي سڀ نشا ٿي وٺرائي. پڇاڙيءَ ۾ ڇوڪرو ان سان شادي ڪري ٿو. نتيجي طور هوءَ پهرين ڇوڪري جيڪا بيحد شريف آهي ان پنهنجي عصمت به وڃائي، سماج جي نظرن ۾ به ڏٺي ٿي ۽ ويتر پيٽ سان ٿي ٿي پوي ....
ان ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته اڄ ڪلهه جي نوجوان تي جنسيات جي ايتري Attraction آهي جو هو غلط فيصلا ڪري ويهن ٿا ۽ هڪ سٺي ۽ خراب ڇوڪريءَ ۾ فرق نٿا ڪريو سگھن. بهرحال اڄڪلهه جي سماج جي اها هڪ تلخ حقيقت آهي جا ڊاڪٽر نجم عباسيءَ پيش ڪئي آهي. جتوڻيڪ هن ڪجھه اهڙا اگھاڙا لفظ ۽ جملا استعمال ڪيا آهن جن جي پڙهڻ سان ماڻهو Un-Comfortable محسوس ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت اسان جي سنڌي پڙهندڙ جي گھڻائي ايتري Mature-Minded ناهي ۽ نه ماحول اهڙو آهي جو اهڙين ڳالهين کي آساني سان هضم ڪري سگھجي، پر جيستائين حقيقت جو سوال آهي ته اها پنهنجي جڳهه تي آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر ابراهيم خليل ۽ ٻين ڪيترن ڊاڪٽرن روز مرهه جي زندگي ۾ ٻڌايل يا پيش آيل واقعا بيان ڪيا آهن، پر هڪ ڳالهه جا ڊاڪٽر کي خيال ۾ رکڻ کپي ته هو ان ڪهاڻيءَ کي اهڙي نموني سان ڦيرائي لکي جو ڪهاڻي جي سچن ڪردارن کي ان بابت شڪ به نه پوي ته اها ڪهاڻي هنن بابت آهي. ڇو ته لکڻ واري جو مقصد مسئلي بابت پڙهندڙن کي آگاهه ڪرڻو آهي ۽ نه ڪردارن کي عيان ڪرڻ.”
سوال: سنڌيءَ کان علاوه ڪنهن ٻي زبان جي ادب سان دلچسپي؟
ڊاڪٽر صالح: ڪنهن حد تائين انگريزي ادب سان دلچسپي آهي ۽ ان جو آدرشي اديب سموسٽ ماهم اٿم. توهان کي خبر آهي ته سمرسٽ ماهم اديب ڪيئن ٿيو؟ سمرسٽ ماهم لنڊن جي سينٽ ٿامس اسپتال ۾ ڊاڪٽري پڙهندو هو، هن کي آخري سال ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ٿي ويو. هن کي شاديءَ جي آڇ ڪيائين. ڇوڪريءَ گھمڻ ڦرڻ جو خيال ڏيکاريو. سمرسٽ ماهم مائيءَ کي چيو ته تون ڪجھه ترس ته آئون پئسو ڏوڪڙ ڪمائي وٺان ته پوءِ اها وڏي ڳالهه ناهي.
ان بعد هن پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري پهريون ڪتاب ليزا آف لئمبت Lisa of Lambeth لکيو، جنهن ۾ هن ڊاڪٽري شاگرد جي حيثيت ۾ ليزا نالي ڇوڪريءَ جي آکاڻي لکي. هن لئمبيٿ علائقي ۾ Domicilary – Midwifery جي سلسلي ۾ ليزا ڇوڪريءَ جو ويم ڪيو هو، جنهن ۾ هوءَ مري ويئي. هن سڄي اها ڳالهه ٻار ڪيرائڻ جي لکي ته هن کي ٻار ڪيئن ٿيو. پاڻ ڪير هئي. ڪيئن هن عشق ڪيو ۽ دوکو کاڌو، وغيره. ان زماني جي ادبي نقادن ۽ پبلشر ان ڪتاب کي پسند ڪيو ۽ ڇپيو ويو. سمرسٽ کي چڱا ڏوڪڙ مليا پر بدقسمتي سان جڏهن هو پنهنجي گرل فرينڊ وٽ پهتو ته خبر پيس ته هن ڪنهن ٻي سان شادي ڪري ڇڏي. ان ڳالهه سندس دل تي گھرو اثر ڪيو. تنهن کانپوءِ توهان ڏسندائو ته سمرسٽ جي لکڻي تمام طنزيه آهي ۽ عورت جي ڏاڍو خلاف آهي. سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين مان ان جي جھلڪ ايندي. هي ئي عظيم طنزيه اديب آهي جنهن هي Unfortunate لفظ عورت لاءِ چيا آهن:
“She is an animal who menstruates once a month, prachurates once a year and have sex whenever she wants”
(عورت اهو جانور آهي جنهن کي هر مهيني حيض اچي ٿو، هر سال ڦَرُ ڏئي ٿي ۽ جڏهن دل چاهيس ٿي همبستري ڪري ٿي.)
سمرسٽ ماهم کانسواءِ ٿامس هارڊي، ٽي ايچ لارينس پڻ منهنجا پسنديده اديب آهن.
سوال: هونءَ اها عجيب ڳالهه آهي ته توهان ڊاڪٽر ٿي ڪري ادب سان ايڏو شوق رکو ٿا ۽ مطالعي کان علاوه لکڻ لاءِ به وقت ڪڍو ٿا.
ڊاڪٽر صالح: سنڌيءَ ۾ ته گھڻا ڊاڪٽر اديب آهن جيڪي لکي رهيا آهن ۽ ڪيترا اهڙا پڻ آهن جن ۾ ڏات، ڏانءُ ۽ ادبي لياقتون آهن پر هو انهن کي ڪتب نٿا آڻين. مشغول نه هجڻ جي باوجود پاڻ کي مشغول تصور ڪن ٿا. ٿورو يا گھڻو مشغول ته هر انسان آهي پر ان هوندي به شوق ۽ وندر لاءِ هرڪو وقت ڪڍي سگھي ٿو. پوءِ ڪو لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت نٿو ڪڍي ته ٻي ڪنهن ڳالهه لاءِ ته ضرور ڪڍندو هوندو.
سوال : ٿرپارڪر ضلعو خوش نصيب آهي جنهن سان توهان تعلق رکو ٿا، پر مون ٻڌو آهي ته پاڪستان ۾ دادو ۽ ٺٽي بعد اهو ضلعو بدنصيب آهي جنهن کي طبي سهوليتون نه برابر آهن ۽ اتي تمام گھٽ ڊاڪٽر آهن.
ڊاڪٽر صالح: ڊاڪٽر به چڱا آهن پر ٿرپارڪر سان سڀ کان وڏي بدقسمتي ٽرانسپورٽ آهي. ان ڪري هي ضلعو ٻاهر نڪري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيو پئي رهيو آهي ۽ ساڳي وقت طبي سهولتون به رستن نه هجڻ (يا ڏکين هجڻ) ڪري گھٽ مهيا آهن.
سوال: هتي آمريڪا ۾ توهان کي کائڻ پيئڻ جي ڪهڙي شيءِ وڌيڪ پسند آهي ؟
ڊاڪٽر صالح: ان طرف ڪو خاص لاڙو ناهي. رکو سُکو جيڪي مليو صحيح آهي. وڏن طعامن ۽ سڻڀن کاڌن کان اوٻاريل ۽ سادا وڌيڪ پسند اٿم جي جلد هضم آهن. ٻين لفظن ۾ جنهن کي سنڌيءَ ۾ چَٽو چئجي تنهن سان شوق نه اٿم. ها البت کاڌي کان وڌيڪ کاڌي جو ماحول مون کي وڻندو آهي. يعني سٺي جڳهه هجي. سٺو ۽ وڻندڙ ماحول هجي جتي سڪون سان ويهي سگھجي پوءِ کائڻ ۾ کڻي ڇا به هجي.
سوال: ڇا توهان کي اهو احساس آهي ته توهان جي لکڻين جي ضرورت آهي. يعني ڪي ليکڪ ڪڏهن اهو سوچيندا آهن ته هو نور نچوئي، وقت وڃائي لکي ته رهيا آهن پر خبر ناهي ماڻهو پڙهن به ٿا يا نه.
ڊاڪٽر صالح: منهنجو لکڻ يا نه لکڻ، ماڻهن کي پسند آهي يا نه ... اهو چوڻ ڏکيو آهي پر خطن مان اندازو لڳايو اٿم ته ان موضوع (بيماريون ۽ ان جا حل) تي لکڻ جي تمام گھڻِي ضرورت آهي. پوءِ اهو چاهي آئون لکان يا ڪو ٻيو لکي ۽ جيتوڻيڪ ان قسم جا جواب ڪو بيماري يا مسئلي جو مڪمل حل نٿا ٿي سگھن (جو ڪن ڪن بيمارين لاءِ روبرو چڪاس ۽ تفصيل معلوم ڪرڻ ضروري آهي) پر ان هوندي به گھٽ ۾ گھٽ پڙهندڙن کي ڪجهه نه ڪجھه آٿت ۽ ڄاڻ حاصل ٿي سگھي ٿي. خاص ڪري جنسيات جي معاملي ۾ اسان جو نوجوان سخت منجھيل آهي ۽ ان لاءِ ڪنهن سلجھيل ادب ۽ معلومات جي ڄاڻ ضروري آهي ۽ اهو عنوان اخبار جي ڪالم کان وڌيڪ آهي جنهن لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر کي گھرجي ته ان بابت لکي. هر زبان ۾ ان قسم جا معلوماتي ڪتاب ملندا پر اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب ناهي جنهن مان جنسياتي معلومات اسان جو نوجوان حاصل ڪري سگھي. جيڪي ڪجهه آهن سي به پراڻن هندي ۽ اڙدو ڪتابن جا ترجما آهن جن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون غلط ۽ Out-Dated آهن.
سوال: يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ جنسي بيماريون Veneral Diseases گھڻيون آهن يا نفسياتي؟
ڊاڪٽر صالح: اسان وٽ نفسياتي بيمار گھڻا آهن. ڪنهن نوجوان کي گھڻا احتلام ايندا (ڇاڪاڻ ته اها عمر ئي اهڙي آهي) ته هو گھٻرائجي ويندو ته ڪٿي جريان ته نه ٿي پيو آهي. ويتر اخباري اشتهارن ۾ ابتيون سبتيون ڳالهيون پڙهي وڌيڪ نفسياتي بيمار ٿي پوندو ۽ فڪر ۾ ڳرندو رهندو. اهڙي طرح ٻيا مردن ۽ عورتن جا انيڪ نفسياتي مسئلا پيدا ٿي پيا آهن جي فقط جنسيات جي معلومات کان اڻ واقف ۽ اڻڄاڻ هجڻ جي پيداوار آهن.
سوال: چين ۽ ڪوريا ۾ طب Homeopathy تي زور آهي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڦڪيون، ستيون،جڙيون ٻوٽيون، خاڪا، معجونون ۽ نسخا خمير اسان جا حڪيم استعمال ڪندا اچن جن کي جيڪر همٿائڻ کپي. توهان جو طب بابت ڇا خيال آهي. هڪ ايلوپٿي سانئس جي ڄاڻوءَ جي حيثِيت ۾..؟
ڊاڪٽر صالح: اسان جي ايلوپٿي ۾ گھڻي ڀاڱي جيڪي دوائون آهن سي به جڙي ٻوٽين مان تت ۽ ست ڪڍي ٺاهيون ويون آهن پر سائنسي علم هيٺ انهن جو تت، ست، ٽنڪچر يا Synthetic فائدي موجب ٺاهيون وڃن ٿيون. ان جي ڪميائي خاصيتن Chemistry جي خبر آهي. ان جي چڱن اثرن جي خبر آهي. خراب اثرن جي خبر آهي ۽ هر هڪ سسٽم تي ان دوا جو ڪهڙو اثر آهي يعني دل تي ڪهڙو اثر آهي، جگر تي ڪهڙو اثر آهي، پيٽ تي ڪهڙو اثر آهي، وغيره. دوا جي جسم ۾ وڃي ٿي ته ان ۾ ڪهڙيون ڪيميائي تبديليون اچن ٿيون. پوءِ ڪٿان خارج ٿئي ٿي ۽ باقي بچت ڇا ٿي ٿئي. مطلب ته هر ڪا دوا جيڪا اسان ايلوپٿي ۾ استعمال ڪيون ٿا ان جي فائدي ۽ نقصانن جي چڱي ريت ڄاڻ اٿئون پوءِ جي نقصان گھڻا آهن ته ان مريض کي نه ڏئي سگھنداسين. اسان جون يوناني دوائون تمام گھڻيون آهن جن ۾ تمام گھڻيون خاصيتون آهن پر ان بابت سائنسي ڄاڻ ۽ معلومات ناهي. مثال طور ڪنهن يوناني دوا بخار يا مٿي جي سور کي فائدو رسايو. ڇو فائدو ٿيو يا ڪيئن ٿيو؟ اها ڄاڻ نه آهي. يوناني دوا موجب فلاڻي مرض لاءِ فلاڻي دوا آهي ۽ منجهس هي خاصيتون آهن پر ڪهڙي سبب ڪري اهي دوائون اثر ڪن ٿيون ڪيترو خارج ٿين ٿيون وغيره، اها ڄاڻ نه آهي. سواءِ ان جي ته الف چيو “ب” کي ته فلاڻي شيءِ آهي. “ب” استعمال ڪئي ته فائدو ٿي ويو. اها ڳالهه اتي ئي رهجي وئي. “الف” سمجھائي نه سگهيو ۽ نه وري “ب” ته ان دوا هن تي فائدو ڇو ڪيو ۽ ڪيئن ڪيو؟ ان ڪري اها معلومات محدود رهجي وئي آهي. سائنسي دنيا ۾ ماڻهو ان کي مروج ڪري نٿو سگھي جيسين ان جي فائدن ۽ نقصانن، اثرن جي چڱي طرح خبر نه هجي. اسان وٽ طب ۾ هڪ ٻه ادارا، همدرد دوا خاني جهڙا ڪم ڪري رهيا آهن پر اهي به گھڻي ڀاڱي ڪمرشل نموني جا آهن.
سوال: اڄ ڪلهه هتي آمريڪا ۾ هتي جو بهترين Best-Seller ڪتاب ۽ فلم Exorcist (جن ڪڍندڙ) هلڻ بعد مغربي ماڻهن کي جن، ڀوت ۽ روحن ۾ ٿورو گھڻو يقين ويهي ويو آهي، ان بابت هتي جي هڪ ٻن ڊاڪٽرن سان بحث ٿيو ته هو ٻڌائڻ لڳا ته اها فلم هڪ سچي ڪهاڻيءَ تي ٺهيل آهي ۽ ڇوڪريءَ جون اهڙي نموني سان دانهون ڪرڻ ۽ هٿ پير سُڄڻ، جن پوڻ جون نشانيون آهن. اها فلم ڏسڻ بعد اهو چوڻ ضروري آهي ته تندرستيءَ لاءِ رڳو دوا فائدو نٿي رسائي. دوا سان گڏ علم (دعا) جي به ضرورت آهي. توهان به اها فلم ڏٺي آهي توهان جو ان بابت ڇا خيال آهي..؟
ڊاڪٽر صالح: آئون نٿو سمجھان ته ضروري آهي ته اهڙيون نشانيون ڪنهن ۾ هجن ته ان کي جن چئجي يا خراب روح جو پاڇو سڏجي. ڇو ته هسٽريڪل ڪيس ٿي سگھن ٿا. Psychiatric Disorders به ٿي سگھن ٿا ۽ جيسين اهي ڳالهيون ثابت نٿيون ٿين تيسين هر ڳالهه کي جن چوڻ ته مشڪل آهي. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن، نفسياتي وغيره جن جي خبر نٿي پوي پوءِ ان کي جن سان منسوب ڪيو ٿو وڃي، پر هڪڙي ڳالهه آهي ته انهن ٽوڻن ڦيڻن ۽ علم ۾ فائدو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته گھڻي ڀاڱي اهي بيماريون جيڪي آهن سي هسٽريڪل آهن يا Psycho Neurotic Disorders آهن. جن ۾ ڪجھه به نه ڪرڻ تي به فائدو ٿيو وڃي. ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه مان، چاهي دوا يا علم جي Reaction کان ٿئي، چاهي ڪنهن ٻئي Factor مان فائدو ٿئي پوءِ پڇاڙيءَ ۾ جيڪا جهاڙ لڳي ته چوندا ته اها جھاڙ سٺي. اهو ڀوپو سٺو.
ساڳي طرح نانگ جو چڪ آهي. جھاڙ وجھايون ٿا، ڪيترن ۾ فائدو ٿئي ٿو ڪيترن ۾ نٿو ٿئي. ڪيترا نانگ آهن جي زهريلا آهن ۽ ڪيترا نه آهن. زهريلي نانگ جي چڪ جو فائدو ان قسم جي جهاڙ ڦوڪ مان نٿو ٿئي، پوءِ چوندا جھاڙ صحيح نه لڳي ۽ ٻئي قسم جي نانگ جي چڪ ۾ فائدو ٿيندو ته چوندا ته فلاڻي جھاڙ ڦوڪ ۽ جادوءَ مان فائدو رسيو.
ساڳي طرح ڪتي جو چڪ آهي. اسان جي ڳوٺن ۾ چوندا آهن ته فلاڻي ڀوپي وٽ وٺي وڃوس. فلاڻي تڙ تي وهنجاريوس. پوءِ اها خبر نٿي پوين ته Rabid ڪتو هوندو ته ان جي چڪ جو فائدو ڪونه ٿيندو. ٻي صورت ۾ فائدو ٿي ويندو. سو انهن ڳالهين: جھاڙ ڦوڪ، تڙ جي ڪا وقعت ناهي پر ڇاڪاڻ ته اهي بيمارين جا نمونا اهڙا آهن جو پاڻهي فائدو ٿيو وڃي - پوءِ چاهي ڪنهن ڦڻي لکي ڏني، چاهي ڪنهن پٽي پڙهائي. چاهي تعويذ ڏنو يا ڦيڻو ڦوڪيو. چاهي دم ڪيو يا بم ڪيو.
سوال: منهنجومطلب اهو آهي ته بيماري ٿئي ته قدرت کان دعا گھرڻ به ضروري آهي، ڇو ته ڦڪيون به تڏهن ٿيون فرق ڪن جڏهن انهن کي امر (حڪم) ٿئي ٿو. باقي اهي ڦيڻا، ٽوڻا، ڌاڳا ۽ قبرن تي پڙ چاڙهڻ واقعي اجائي ڳالهه آهي.
ڊاڪٽر صالح: ها اها ڳالهه ته آهي. صحيح علم ۾ وڏي طاقت آهي سڀ ڪجھه پروردگار جي هٿ ۾ آهي. منهنجو ته قدرت ۾ وڏو اعتقاد آهي. سڀ ڪجھه الله جي طرفان ٿئي ٿو. هو ئي شافي آهي، هو ئي ڪافي آهي. توهان ڏٺو هوندو ته ڪيترا ڊاڪٽر هوندا ساڳي دوا ڏيندا. هڪ جي دوا ۾ شفا ٿيندي ٻئي جي ۾ نه.
سوال : ڀلا دوا سان گڏ مريض جي دلجوئي ڪرڻ به ضروري آهي يا وقت جو زيان...؟
ڊاڪٽر صالح: هاڻ اهو زمانو اچي رهيو آهي جنهن ۾ سائنسي طرح ثابت ٿي رهيو آهي ته جيڪي Symptoms ٿين ٿا سي سڀ بيماري جا نه آهن.
Most of the symptoms of the disease are not due to pathological-process in the body but the symptoms are due to the reactions of the disease on the person. It is the person who reacts to them.
مثال طور ٽي بي آهي. ڪنهن امير کي ٿوري کنگهه ٿي ته هو ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر دوا ڏنس ٺيڪ ٿي ويو. هن کان پڇبو ته ڇا ٿيو هئي؟ وراڻيندو ڪجھه نه، معمولي کنگھه هئي. اهو هن جو رد عمل Reaction آهي، پر جي ڪڏهن ڪو غريب هوندو، ڇهه مهينا پيو ڦرندو پر ڊاڪٽر وٽ نه ويندو، چوندو متان ڊاڪٽر چوي ٽي بي آهي. پوءِ ڇا ٿيندو، بک نه لڳندس. ننڊ ڦٽِي پوندس. کاڌو حرام ٿي ويندس. پيو سوچيندو ته متان ٽي بي ٿي پويم. پوءِ ٻارن جو ڇا ٿيندو. مزوري يا نوڪريءِ جو ڇا ٿيندو. جنهن وقت هو ڇهن اٺن مهينن بعد ڊاڪٽر وٽ ويندو ته هو اها شڪايت ئي نه ڪندو ته اصل بيماري ڇا آهي پر چوندو سائين سڄي بدن ۾ سور آهي، بک ڪانه ٿي لڳي. سائين پيٽ ۾ بار ٿو ٿئي. ٽنگ ۾ سور ٿو ٿئي. رات جو پگھر ٿو اچي. هاڻي اهي نشانيون Symptoms رڳو بيماريءَ جون نه آهن، پر اِهو اهو فڪر آهي جيڪو بيماريءَ سان ڳنڍيل آهي ۽ هاڻ توهان جي هن کي ٻڌايو ته توکي ٽي بي آهي ته هن جو اڌ ساهه ته نڪري ويندو. ٽي بي بيماريءَ جو واسطو ته رهي ٿو کنگهه سان. هاڻ هيڏا سارا ٻيا جي Symptoms آهن، جيڪي مريض اچي ڊاڪٽر کي ٻڌايا سي بيماري ڪري نه آهن، پر بيمار جا بيماري ڏي رد عمل جا آهن. هاڻ ان لاءِ ضروري آهي ته ڊاڪٽر مريض سان چڱيءَ طرح ويهي ڳالهائي ۽ هن جي نفسيات جي خبر لهي تڏهن ئي هن جي چڱي طرح دوا درمل ڪري سگھندو ۽ معلوم ڪري سگھندو ته هن جي بيماري جا ڪيترا Emotional سبب آهن ۽ باقي ڪيترو ڪڻو آهي جيڪو هن جي صحيح بيماريءَ جو آهي ۽ اهو تمام ضروري آهي ته بيماري کان اڳ مريض کي صحيح ڪجي، ڇو ته مريض هڪ پيچيده ۽ منجھيل مشينري آهي. بيماري ته فقط ان جو هڪ پروز آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪجھه پراڻا حڪيم ڊاڪٽر کان مشهور آهن جو هو چڱي ريت ويهي مريض جي ڳالهه ٻڌن ٿا. هن جي دل وٺن ٿا. دوا کان وڌيڪ دلجوئي ۽ همٿ افزائي ڪن ٿا ۽ هن جون نفسياتي ۽ جذباتي پريشانيون دور ڪن ٿا. فقط مريض کي دوا ڏئي ڊوڙائي ڪڍڻ سان هن جو مسئلو حل نٿو ٿئي.
سوال: توهان جي زندگيءَ جو ڪو اهڙو واقعو جنهن توهان جي زندگي کي ڪو موڙ ڏنو هجي يا توهان لاءِ ناقابل فراموش هجي.
ڊاڪٽر صاحب: ها، هن وقت اهڙو واقعو ياد اٿم، جنهن جو سڄي زندگي سان ڪافي تعلق آهي. بلڪه اڄ جي نوجوان شاگردن لاءِ پڻ Guide Line ثابت ٿي سگھي ٿو.
آئون ننڍو هوس، بيحد غريب مائٽن جو ٻار. اسڪولي تعليم ختم ڪري ڪاليج ۾ گھڙي رهيو هوس. انهن ڏينهن ۾ سنڌي مسلمان ڇوڪرن جو انجنيري ڏي لاڙو نه هو ۽ انهن جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ پنجاهه رپيا ماهوار اسڪالر به آڇي وئي هئي بشرطيڪه هو اڳتي هلي انجنيري کڻي. منهنجو شوق ڊاڪٽريءَ لاءِ هو، پر ٻي طرف مائٽن جي غربت ۽ مجبوريون پئسي جي تنگي ڪري اهڙيون هيون جو دل ٻڏي تري رهي هئي ته ڇا ڪجي. انجنيري کڻڻ ڪري اسڪالر به ملي رهي هئي. تعليم ختم مهل ڪلاس ون نوڪري به پڪي هئي پر ٻي طرف منهنجو شوق ڊاڪٽريءَ ڏي هو. مون کي منجھيل ڏسي منهنجي بزرگ استاد حافظ محمد صادق ڪلاس ۾ گھرائي مون کي چيو:
“پٽ هي هڪ ڪمرو آهي. مون کي ٻڌاءِ هن ۾ ڪيترا ماڻهو ماپي سگھندا..؟ ڏهه، ويهه، پنجاهه، اڃا به جي هڪ ٻي سان لڳي بيهن ته سئو سوا، هل سائين ٻه سئو کن..؟”
“ها سائين ٻه سئو کن لڳي بيهي سگھندا.” مون وراڻيون مانس. “سمجھه کڻي ٻه سئو، ان کان وڌيڪ هڪ به ماڻهو بيهي نٿو سگھي. پر ٿورو سوچ ته اهي ماڻهو ته رڳو هيٺ پٽ تي بيٺا آهن. مٿي ڇت تائين باقي اڌ ڪمرو ته خالي پيو آهي. جي ڪڏهن ڪو چاهي ته اتي به بيهي سگھي ٿو. سو ياد رک ته There is always a place on the top ماڻهوءَ کي مٿي اچڻ لاءِ هر وقت جاءِ خالي ملي ٿي. سو جيڪڏهن توکي ڊاڪٽري پڙهڻ جو شوق آهي ته لڳاتار محنت ۽ شوق سان هر مشڪل جو مقابلو ڪري پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪري سگھين ٿو، چاهي مائٽ غريب آهن، پئسو ناهي، چاهي اڳهين ڊاڪٽر گھڻا آهن وڏي نوڪريءَ جو آسرو نه هجي ته به محنت سان جيڪر سٺو نمبر کڻي ويندين ته پاڻهي سڏي وڏي نوڪري ڏيندءِ. بس هر حال ۾ ڏکيو سکيو وقت ڪاٽي، محنت سان ناتو ڳنڍي تون پنهنجو مٿانهون ماڳ ماڻي سگھين ٿو.”
“ ان بعد آئون پڪي عزم سان ڊاڪٽريءَ ڏي مائل ٿي ويس”. ڊاڪٽر صاحب ڳالهه ختم ڪئي.
ڳالهيون ته اڃا به ڪيتريون ئي ٿي سگھن ٿيون پر اسان ٻنهي کي پنهنجي ڌنڌي جي به ڪرڻي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي ڪانفرنس / سيمينار اٽينڊ ڪرڻو هو مون کي جهاز جي مشينري پرزن کي آئنده جي ڊگهي سفر لاءِ تيل مک ۽ چڪاس ڪرڻي هئي. سو ڊاڪٽر جا ٿورا مڃي سندس شيرٽن_ ان مان ٻاهر نڪتس. ٽئڪسيءَ لاءِ رستو ڪراس ڪيم. سامهون ئي هتي جي هاپڪن اسپتال ۽ ڪاليج هو جنهن مان سوين شاگرد چانهه پي رسيس يا لنچ لاءِ ٻاهر نڪري رهيا هئا. ايترا شاگرد ڏسي دل ۾ سوچيم ته سڀاڻي گرئجيوئيٽ ٿيڻ بعد آيا انهن سڀني کي سٺي نوڪري ملي سگھندي يا نه..؟ انهي گھڙيءَ ڊاڪٽر صالح واري ٻڌايل ڳالهه ياد اچي وئي ته هر انسان جيڪي محنت ڪري رهيا آهن سي هر دور ۾ سٺي نمبر سان امتحان پاس ڪري ضرور اعليٰ مقام ماڻي سگھندا ڇو ته ديئر از آل ويز اي پليس آن دي ٽاپ
There is always a place on the top

جلسو هڪڙن جو ڳالهيون ٻين جون

مهيني جي هر پهرين ڇنڇر تي شام جو اسان جي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ بشير ميمڻ جي آفيس ۾ Petarians جي گڏجاڻي ٿيندي آهي، پر هن مهني جي ان ڏينهن (7 ڊسمبر 91) تي پريس ڪلب ۾ حبيب جالب جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي مجاهد بريلوي جي لکيل ڪتاب جي رونمائي (مهورت) هئي.
آئون ميٽنگ مان گسائي پريس ڪلب ڏي ويس. مون ته سمجھيو ته اهڙن نج ادبي جلسن ۾ ڪي چونڊ ماڻهو ايندا هوندا پر ايڏي گپاگيھه لڳي وئي هئي جو ڪار کي بيهارڻ لاءِ اڌ ميل کن پري زبيده مارڪيٽ وٽ جاءِ ملي. ماڻهن جي انبوهه جو سبب هڪ طرف حبيب جالب جي شخصيت هئي جنهن جمهوريت لاءِ هر دور جي ڊڪٽيٽر حاڪم سان ٽڪر کاڌا. پاڪستان جو هي ئي هڪ شاعر آهي جيڪو ايوب توڙي يحيِٰ، ڀٽو توڙي ضيا جي ڏينهن ۾ جيل ۾ رکيو ويو. پاڻ نه رڳو اهي سختيون قبول ڪيائين پر هڪ ان جمهوري حڪومت ۽ ان جي حاڪم (ضياءَ) کان مليل وڏا انعام اڪرام موٽائي ڇڏيائين. ٻئي پاسي پيپلس پارٽيءَ جي اڳواڻ بينظير ڀٽو جي شخصيت هئي جيڪا هن محفل جي خاص مهمان هئي.
پريس ڪلب جي گيٽ تي علي احمد بروهي صاحب آيل مهمانن جي آڌر ڀاءُ ڪري رهيو هو. ڇٻر تي ڪرسين جون پنجاهه کن قطارون هيون ۽ هر قطار ۾ لڳ ڀڳ چاليهه ڪرسيون هيون. اڌ کان وڌيڪ ڪرسيون ڀرجي چڪيون هيون. قميص تي لڳل بيجن ۾ پريس ڪلب جا ميمبر ۽ پيپلزپارٽيءَ جا ڪارڪن، هيڏانهن هوڏانهن پنهنجي پسند جي ماڻهن کي وهاري رهيا هئا. اڳيون قطارون ڀريل ڏسي آئون پٺين قطار ڏي وڃي رهيو هوس ته هڪ اهڙي بيچ واري (شايد علي احمد بروهي جي اشاري تي) مون کي پٺيان وڃڻ کان روڪي اڳيان وهارڻ لاءِ ڪرسي ڳولڻ لڳو. مون به اهو ئي چاهيو ٿي ته اڳيان ويهي چڱيءَ طرح اهم ماڻهن کي ڏسجي. ڏهه سال ٻاهر رهڻ بعد هيءَ پهرين گڏجاڻي پريس ڪلب ۾ اٽينڊ ڪري رهيو هوس. هن همراهه اڳئين قطار وٽان لنگھائي اسٽيج جي ساڄي پاسي کان رکيل الڳ ٿلڳ ٽيهارو کن ڪرسين مان هڪ خالي ڪرسيءَ تي مون کي ويهاريو. جتان نه فقط اسٽيج ويجھي هئي پر هر ايندڙ ويندڙ مهمان چٽيءَ طرح نظر اچي رهيو هو.
جنهن ٽولي سان گڏ مون کي ويهاريو ويو هو ان تي نظر ڦيرايم، سڀ اخبارن، رسالن جا رپورٽر هئا. مون کين سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هڪ به ڄاتل سڃاتل نه لڳو. گھڻي ڀاڱي نئين ٽهيءَ جا هئا. ڪو پراڻو به هو ته ڏهه ٻارهن سالن جي گئپ بعد نه آئون کيس سڃاڻي سگھيس ۽ نه هنن مان ڪو - جن سان اڪثر ههڙين اڙدو، سنڌي ۽ انگريزي محفلن ۾ ملاقات ٿيندي هئي. “بهرحال هنن نوجوان صحافي ۽ ليکڪن مان ڪيترن جون رپورٽون ۽ ليک ضرور پڙهيا هوندم.” مون دل ئي دل ۾ سوچيو. ايتري ۾ اڳيان ويٺل “جاڳو” اخبار جو نمائندو پنهنجي ڪرسي ڇڏي مونسان اچي ويٺو. ساڻس تازو ٻه ڏينهن کن اڳ ٿيوسافيڪل هال ۾ ملاقات ٿي هئي، جتي “لاڙڪاڻو فرينڊس” وارن مون سان شام ملهائي هئي. ان محفل جي سوالن جوابن واري حصي ۾ هن مون کان ڪجھه اهڙا ٺيٺ ادبي سوال پڇيا هئا جن جا جواب سراج يا غلام علي علانا جهڙا ادب جا ڄاڻو ۽ محقق ئي ڏئي سگھيا ٿي.
ڊاڪٽر ايوب شيخ شايد پهريون جرنلسٽ آهي جيڪو ڊاڪٽري ڇڏي اخباري دنيا ۾ آيو آهي ۽ هڪ سڄاڻ، محنتي ۽ ڪامياب اخباري رپورٽر مڃيو وڃي ٿو.
“ڪمال آهي، توهان ايم بي بي ايس پاس ڪري ڊاڪٽري نه ڪئي؟” مون پڇيو هئومانس.
“سائين سيون هڻڻ وارا ٻيا به کوڙ ويٺا آهن، منهنجو شوق لکڻ پڙهڻ ۽ ادب سان آهي.” هن جواب ڏنو هو.

ٻہ اکر زاھدہ جي نالي:

ايوب شيخ قمبر جو آهي. سندس ڀيڻ زاهده شيخ عورتن جي سجاڳي جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ سڃاتي وڃي ٿي. هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ مان Mass Communication۾ ايم اي ڪري رهي آهي. زاهده سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري آهي. جنهن محنت ۽ اڻ ورچائيءَ سان هوءِ اسان جي ڏتڙيل سنڌي عورتن جي نمائندگي ڪري رهي آهي ان لاءِ جس هجيس.
پاڪستان موٽڻ کان اڳ ماهتاب محبوب سنڌي عورتن جي ڪجھه سماجي تحريڪن جي جلسن جلوسن ۽ پريس ڪانفرنسن بابت ٻڌايو هو ته خاص ڪري زاهده جي اسلام آباد (يا شايد لاهور) واري پريس ڪانفرنس بابت، پر مون پهريون دفعو سندس تقرير هوٽل هاليڊي ان ۾ مارئي فورم طرفان ڪوٺايل دعوت ۾ ٻڌي هئي. هن فنڪشن جو بندوبست قمرشهباز جي زال مسز ارشاد قمر ڪيو هو. پڪ اٿم ته ان ڏينهن زاهده جي تقرير جو مضمون توڙي ادائگي جو اسٽائيل ٻڌندڙن جي دلين تائين پهتو هوندو. سندس اها خوبي قابلِ داد آهي ته هن جو سڄو ڌيان هڪ خاص مقصد پٺيان آهي ۽ اهو آهي : “سنڌي عورت ۾ سجاڳي پئدا ڪرڻ ۽ ان جي حقن لاءِ کين ۽ دنيا کي احساس ڏيارڻ”. ان دعوت ۾ منهنجي هڪ پاسي تاج بلوچ ۽ نذير چنا ويٺل هو ته ٻئي پاسي اشفاق ميمڻ، سيڪريٽري سنڌ حڪومت. اشفاق کي چيم ته “عورتن ۾ نذير چنا ۽ تاج بلوچ جي مقابلي جي تقرير ڪا ڪري سگھي ٿي ته هيءَ آهي جنهن جي ڳالهائڻ سان سڄي هال ۾ ماٺ ڇانئجي وئي آهي. اسٽيج تي ويٺل بيگم نصرت ڀٽو، جنهن کي خبر ناهي سنڌي سمجھه ۾ اچي به ٿي يا نه، پر هوءَ به غور سان ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.”
“هڪ ٻي ڳالهه سندس سادگيءَ جي نوٽ ڪئي اٿانو؟” اشفاق ميمڻ چيو هو. “ ان جاءِ تي ٻي ڪا هجي ها ته پنج سئو رپيا ڏئي اڄ پنهنجا وار پالر تان سيٽ ڪرائي، اوچي کان اوچو وڳو پائي اچي ها. پر هيءُ هڪ عام عورت وانگر هلي آئي آهي. هوءَ انهن مڙني ڳالهين کان بي نياز آهي ته اسٽيج تي ڀر ۾ ويٺل ٻيون عورتون ڪيترو جھڳ مڳ ۽ زري زربفت جا وڳا ۽ ميڪ اپ ڪري آيون آهن. اها ئي سندن عظمت آهي.”
زاهده ان ڏينهن، سنڌي عورت (خاص ڪري غريب ڳوٺاڻي عورت) جي ڏکن ۽ تڪليفن کي High Light ڪندي چيو: “ڳوٺ جي غريب سنڌي عورت جي زندگي هڪ جانور کان به ڏکي آهي. هوءَ نه فقط پنهنجي مڙس جي خذمت ڪري ٿي پر هن جي گڏهه جي به ٽهل ٽڪور لهي ٿي. ٻني ٻاري تان جڏهن مڙس موٽي ٿو ته هن جي ماني ٽڪِيءَ ۽ آرام جي پرگهور لهي ٿي ۽ جڏهن هو بي اونو ٿي ليٽي پوي ٿو ته هيءَ ويچاري اٿي وري ان گڏهه جي اون رکي ٿي ته هن کي سيءُ ته نٿو لڳي. مڇر ته نٿا پٽينس. چرڻ لاءِ گاهه ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي اٿس يا نه. پاڻ ڀلي سيءُ ۾ پئي ڏڪي يا ڪاڙهي ۾ سڙي پر سڄي رات ننڊون ڦٽائي مڙس، ٻچن ۽ جانورن جو خيال ڪري ٿي.”
بينظير کان وٺي سلطانه وقاصي، قيدياڻيءَ جي ڊائري واري اختر بلوچ، سحر امداد، خير النساء جعفري، ماهتاب محبوب، در شهوار، حميده کهڙو، عطيه دائود، ماهتاب راشدي، سلطانا صديقي، زبيده ميتلو ۽ ٻين ڪيترن جا نالا کڻي سگھجن ٿا جن عورت ذات، خاص ڪري سنڌي عورت جي حق ۽ هن ماحول ۽ معاشري کي سڌارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جي مهم ۾ ٿورو يا گھڻو حصو ورتو پر، بقول هدايت بلوچ جي “زاهده انهن سڀني ۾ مختلف آهي.” هن کي پنهنجي شخصيت ۽ سياست کان وڌيڪ سماج جي خذمت جو اونو آهي. پاڻ عوامي تحريڪ جي شاخ، سنڌياڻي تحريڪ سان واسطو رکي ٿي، جيڪا 1982ع ڌاري رسول بخش جي ڀينرن فاطمه پليجو ۽ مريم پليجو شروع ڪئي.
“توهان جي تحريڪ جي ڪا خاص ڳالهه..؟” مون ان ڏينهن چانهه جي ساهيءَ مهل کانئس پڇيو هو.
“اسين حقيقتن ۾ يقين رکون ٿيون. ماڻهن کي سنڌو ديش ٺاهڻ جهڙا اجايا سجايا نعرا ڏئي، کين انهن خوابن پٺيان توائي ڪرڻ نٿيون چاهيون جن جو ڪو تعبير، جن مان ڪجھه هڙ حاصل نه ٿئي.”
حبيب جالب جي دعوت ۾، ايوب شيخ امين چانڊئي جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪو هن ئي وانگر ڊاڪٽر آهي ۽ صحافت سان پڻ دلچسپي اٿس. هن وقت هو لاهور مان نڪرندڙ اخبار فرنٽئير پوسٽ جو رپورٽر آهي. فرنٽيئر پوسٽ منهنجي به دلپسند اخبار آهي جو انهن جو هڪ اهم نمائندو جي اين مغل اسان جو يار آهي.
مٽيارين جو رهاڪو هي مغل (غلام نبي) صحافت جي دنيا ۾ اهو مرد مجاهد ۽ حق جو ڪلمو پڙهڻ وارو آهي جيڪو اڪيلي سر، سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ ظلمن خلاف قلم ذريعي، جنگ وڙهندو اچي.
ايوب شيخ سان کيڪار کڙي ڪرڻ بعد چيومانس.
“جيسين خاص مهمان اچي ۽ جلسي جي ڪارروائي شروع ٿئي، تيسين پنهنجي اوسي پاسي ۾ ويٺل ڪي اهم ادبي يا سياسي شخصيتون هجن ته انهن جي ڄاڻ سڃاڻ ڪراءِ. هن اسان جي ٽولي ۾ ويٺل اخباري نمائندن ۽ سامهون ويٺل ڪيترين سياسي شخصيتن سان آڱر جي اشاري سان سڃاڻپ ڪرائي، جن مان ڪيترن کي مون پهريون دفعو ۽ ڪيترن کي ڏهه پندرهن سالن بعد هتي ڏٺو.
مهمانن ۾ اڳئين قطار ۾ جيڪي نظر اچي رهيا هئا انهن ۾ سياستدان -خاص ڪري پاڪستان نيشنل پارٽي PNP ۽ پيپلزپارٽي PPP جا اڳواڻ هئا. ايم اين اي بزن بزنجو، بلوچستان جو وزير اسلم رئيساني، شاهه محمد شاهه، ارشد چوڌري، آفتاب شعبان ميراڻي، ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي، اين ڊي خان، سينيٽر عبدالله شاهه بلڪل پهرين قطار ۾ هئا.
منهنجي بلڪل اڳين ڪرسيءَ تي ڊان جي رپورٽر نفيسه هودٻائي ويٺل هئي. فقط نالي ۾ نه پر شڪل ۾ به هوءَ ڪافي حد تائين نفيس لڳي رهي هئي. هيرالڊ ۽ ڊان اخبار پاڪستان کان ٻاهر، عام جام ملڻ ڪري، ان ۾ ڇپيل سندس ڪيترائي مضمون پڙهيا هيم. ويجھڙائيءَ ۾ محب شيديءَ تي سندس تفصيلي مضمون کيس چڱي مشهوري ڏني.
منهنجي کاٻي پاسي “عوامي آواز ” اخبار جو نوجوان نمائندو الله بخش راٺوڙ ويٺل هو. هن اڳيان ويٺل انگريزي اخبار The Nation ۽ The News جي نمائندن اسحاق تنئي ۽ جاويد سومري کي ايوب شيخ سڏي، مون سان ملرايو.
ڪو وقت هو انگريزي جرنلزم ۾ سنڌي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو هو جيڪو ڪراچيءَ ۾ رهي ڪچي، ڪاڇي ۽ ٿر جي ماڻهن جون گھڻي ڀاڱي خيالي ۽ من گھڙت ڳالهيون ڏيندو هو، پر هاڻ سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن جا ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل نوجوان انگريزي توڙي اڙدو اخبارن ۾ ڪم ڪن ٿا. هو تمام گھڻي محنت ۽ شوق سان ڪم ڪري رهيا آهن. سندن رپورٽرنگ بيحد معلوماتي ۽ معياري ثابت ٿي آهي. اسحاق تنيو ۽ جاويد سومرو به انهن مان آهن.
جاويد ٻڌايو ته منهنجي ڪنهن ڪتاب تي دي نيوز اخبار ۾ تبصرو اچي رهيو آهي جيڪو مرتضيٰ سولنگي لکيو آهي. مرتضيٰ هڪ ٻيو سٺو جرنلسٽ آهي. پاڻ پڊعيدن جو آهي. اڄ ڪلهه سنگاپور، ملائيشيا پاسي ڪنهن جرمن اخبار لاءِ اتي جي وزيراعظم جو انٽرويو ۽ سنگاپور ۾ آمريڪي ٻيڙي جي آمد ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جي عوام جي رد عمل تي رپورٽنگ ڪرڻ ويو آهي. اسحاق تنيو تعلقي قمبر جي ٺوڙهي بجار ڳوٺ جو رهاڪو آهي. پاڻ پهرين سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ ڪم ڪيائين ان بعد ڪراچيءَ مان نڪرندڙ انگريزي اخبار Nation ۾ آيو، سياسي رپورٽنگ کان سندس خبرون نمايان حيثييت رکن ٿيون. پاڻ ۽ سندس زال ويجھڙائيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي. ان بعد اسحاق سي ايس ايس جو امتحان ڏنو، پر سرڪاري نوڪري ڪرڻ بعد هو اخباري دنيا ۾ هليو آيو ۽ سندس زال عثمانيه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار آهي.
جلسي شروع ٿيڻ مهل حيدرآباد کان اسان جو پراڻو يار نصير اعجاز به اچي نڪتو. پاڻ اهڙو ئي ٺاهوڪو جوان لڳي رهيو هو جهڙو ڏهه سال کن اڳ جڏهن ساڻس هلال پاڪستان جي آفيس ۾ موڪلائي ملائيشيا روانو ٿيو هوس. هاڻ هو حيدرآباد مان نڪرندڙ اخبار سرواڻ سان وابسته آهي.
هتي هڪ ٻئي صحافي ۽ ليکڪ حسن مجتبا جو نالو ڳڻائڻ به ضروري سمجھان ٿو جيڪو انگريزي لکندڙن ۾ چڱو مشهور ٿيو آهي ۽ منجھس وڌيڪ اڀرڻ جون صلاحيتون موجود آهن. پاڻ هيرالڊ رسالي لاءِ ڪم ڪري ٿو جنهن جي ايڊيٽر شيري رحمان آهي. شيري رحمان کي ايف آءِ اي تي لکيل مضمون ڪورٽ تائين آندو ۽ ان ۾ سندس سوڀ، کيس ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر جي دنيا ۾ مشهور ڪيو.
اسان جي پيٽاري جي دوست ۽ اڇي موري (خيرپور) جي رهاڪو ميجر نجم قاضيءَ جي زال صفيه زبيدي (اقبال زبيدي جي ڀيڻ)ٻڌائيندي آهي ته سندس تڙ ڏاڏو يعقوب عرب ملڪ کان سنڌ ۾ آيو. ان جي پٽ شفي محمد (يعني ڀاڄائي صفيه جي پڙ ڏاڏي) هالا مان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻه پٽ ٿيا، هڪ عبدالرحمان جيڪو بئريسٽر ۽ ڪراچيءَ جو ميئر ٿيو ۽ ٻيو صفيه جو ڏاڏو جيڪو حيدرآبد جو مشهور سماجي ڪارڪن ڄاڻو عالم مڃيو وڃي ٿو. عبدالرحمان کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ طفيل علي ۽ ٻيو حسن علي. حسن علي عبدالرحمان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو. کيس ٻه ڌيئرون آهن. هڪ نجما رحمان جيڪا انگلنڊ ۾ رهي ٿي ۽ سنڌ ۾ ان جي ڪلچر تي ڪافي سالن کان ريسرچ ورڪ ڪري رهي آهي ۽ ٻي هيءَ شيري رحمان جيڪا هيرالڊ رسالي جي ايڊيٽر آهي.
اسٽيج تي سليم آصمي، عبدالجبار ڇاپرا، نثار عثماني، رزاق بگٽي ۽ مجاهد بريلوي ويٺل هئا. جلسي جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ ٽي ويءَ جي مشهور شخصيت انور مقصود هو جنهن جو ويجھڙائيءَ ۾ ٽي ويءَ تان شروع ٿيل پروگرام “چئنل اڍائي” بند ڪيو ويو هو. ان ڪري جو ان ۾ ڪجھه سرڪاري ادارن / آفيسرن تي تنقيد ڪئي وئي ٿي. انور مقصود پنهنجن دلچسپ ٻٽي معنائن وارن جملن سان ماڻهن کي آخر تائين چڱو کلايو.
محترما بينظير جي اچڻ سان پيپلس پارٽي جي ڪارڪنن ڪافي افراتفري مچائي ۽ نعرا هنيا جنهن ڪري هڪ ادبي محفل سياسي رنگ اختيار ڪرڻ واري هئي. انهن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ انور مقصود رکي رکي اعلان ڪيو ٿي ته پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکو، پر ڪيترا ڪارڪن پٺين ڪرسين تان اٿي اڳئين ڏي وڌي رهيا هئا. آخر انور مقصود هٿ ٻڌي چيو: “منهنجو پيپلزپارٽيءَ جي ڪارڪنن کي عرض آهي ته هو خاموشيءَ کان ڪم وٺي في الحال جيڪا ڪرسي ملين ان تي ويهي رهن. ۽ پوءِ....”
جلسي جي شروعات ڪندي هن چيو : “پيپلس پارٽي، حبيب جالب ۽ مون ۾ اها اهم هڪجهڙائي آهي ته وقت جي حڪومت کي جڏهن وڻي تڏهن هنن کي ۽ منهنجي ٽي وي پروگرام کي بند ڪريو ڇڏي.”
ڪتاب جي ليکڪ مجاهد بريلويءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو: “هن کان اڳ مون ڀٽو صاحب تي ڪتاب لکيو هو ۽ ان جي رونمائي حبيب جالب کان ڪرائڻ چاهي ٿي پر هو ان کان اڳ جيل ۾ هليو ويو. ۽ هاڻ حبيب جالب جي ڪتاب تي محترمه بينظير کي سڏايو اٿم ته ان جي حڪومت هلي وئي آهي ۽ مڙس جيل ۾ آهي.”
بينظير پنهنجي تقرير ۾ ڪتاب جي ليکڪ جي محنت کي ساراهيندي چيو ته مجاهد بريلويءَ کي هاڻ ڪو اهڙو ڪتاب لکڻ کپي جو اسان بدران پاڻ جيل ۾ هليو وڃي.

ڪراچي، سال 1991

سومو پهلوان کان انوڪي تائين

جيڪي ملاکڙا ڏسندا آيا آهن سي شل نه ڪٿي ملهه جو ٻڌن. ڪٿان ڪٿان ڪهي ڏسڻ لاءِ ايندا ۽ پوءِ ڪيترا ڏينهن ملهن جو ذڪر ڪندا رهندا. جن ملهون نه ڏٺيون آهن انهن کي جي پهريون دفعو ملاکڙي ۾ هلي وهاربو ته چوندا ته هيءَ ڪهڙي مسخري آهي. ائين ته ڪرڪيٽ به انهن لاءِ هڪ مسخري آهي جيڪي ان جا شوقين نه آهن، ۽ ان حساب سان سومو (Sumo) ته هڪ تمام وڏي مسخري آهي. سُومو جپاني ملهه (ڪشتيءَ) جو نالو آهي جيڪا سنڌي ملهه جو به ٽريلر (شارٽ فارم) سمجھڻ کپي ۽ جپان ۾ رهي توهان اها سومو (جپاني ملهه) ڪڏهن به مس نٿا ڪري سگھو. ان جپاني ملهه جي وڏن وڏن ملاکڙن جو پروگرام هر وقت ٽي ويءَ تي ايندو رهي ٿو.
اسان جي ديسي ملهه وڙهندڙ يا دنيا جي ٻين ريسلرن Wrestlers کان جپان جا هي سومو پهلوان بلڪل نرالا ٿين ٿا. دنيا جي ملهن، باڪسرن يا رانديگرن جو وڌ ۾ وڌ ڪسرتي جسم ٿئي ٿو. سندن ڇاتي ويڪري ۽ ٻانهن جا ڏونئرا ٿلها ۽ سخت ٿين ٿا پر هي جپاني سُومو پهلوان ايڏا ته ٿلها آهن جو واقعي گوشت جا جبل لڳن ٿا. سمجھه ۾ نٿو اچي ته هي پاڻ کي کنهندا ڪيئن هوندا يا هنگڻ مٽڻ بعد جسم جي صفائي ڪيئن ڪندا هوندا ۽ ڪهڙي نڀاڳي ڇوڪري ههڙن سان عشق ڪندي هوندي؟ پر يارو! اهڙي به ڳالهه ناهي. تاڪا هانادا نالي هڪ سومو پهلوان تي نه فقط عام ڇوڪري پر مياوازا جهڙي حسين ماڊل ڇوڪري دل و جان سان اڪن ڇڪن ٿي پئي. سندن مڱڻو به ٿيو پر شادي نه ٿي سگھي ۽ ماڻهو هن سپر اسٽار ملهه تاڪاهانادا جي واتان پنهنجي مڱينديءَ لاءِ اهو ٻڌي وائڙا ٿي ويا ته “مون کي مياواز لاءِ ڪا دلچسپي نه رهي آهي.”
هي جپاني پهلوان ڀولو پهلوانن وانگر پڪ گوشت جا ٻڪرا کائيندا هوندا ۽ هي سرڪاري يا نيم سرڪاري آستانن تي پنهنجن چيلن ۽ نون اڀرندڙ سومو پهلوانن سان گڏ رهن جيڪي هنن جي خذمت ۽ ٽهل ٽڪور ڪن. ويندي نرس وانگر هنن کي وهنجارين ۽ منهن کان سواءِ باقي جسم جي صفائي ڪن. فقط منهن ئي اهڙو جسم جو حصو آهي جنهن تائين سندن ٿلهين ٻانهن وارا ٿلها هٿ پهچي سگھن ۽ ٽٿ برش به پاڻهي ڪري سگھن، باقي ٻيا ڪم هنن لاءِ محال آهن. ويندي بوٽ به پاڻهي پائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر جهڪي پيرن ڏي ڏسڻ به هنن لاءِ ناممڪن آهي. اڀاميل پيٽ ۽ ايڏي ٿولهه ڌارڻ ڪو سولو ڪم آهي؟
ڪمري جيتري ايراضي جي گول دائري ۾ ٻه سومو پهلوان نالي ماتر ڪڇو ٻڌي (جيڪو ڪڇو گھٽ سٽ جو پورو وڌيڪ هوندو آهي) داخل ٿيندا آهن. مئچ اهو کٽيندو آهي جيڪو ٻئي کي ڇڪي يا ڌڪي دائري مان ٻاهر ڪڍي يا دائري ۾ ئي پَٽَ تي ڪيرائي .... ۽ هن عمل ۾ ڪا گھڻي دير نه ٿيندي آهي. بس منٽن جا فيصلا هوندا آهن. ڪڏهن ته منٽ به گھڻو آهي. آفت جيڏا پهلوان Ring ۾ ايندا آهن جيڪا سورهن کن چانورن جون ڳوڻيون رکي ٺاهي ويندي آهي. هر هڪ پهلوان ٻئي کي ٿيلهو ڏئي چَڪري مان ٻاهر ڪڍڻ جي يا انگوڙو هڻي ڪيرائڻ جي، ڪوشش ڪندو آهي ۽ ٻيو ان کي گسائي اڳلي کي منجھائيندو آهي. ڪڏهن ته ٿيلهو ڏيڻ وارو پنهنجي ڳري جسم ۽ رفتار (Momentum) کي ڪنٽرول ۾ نه رکڻ ڪري پاڻ ئي ڪري پوندو آهي، يا چڪري کان ٻاهر نڪري ويندو آهي. بس سمجھو ته ملهه شروع ٿي نه آهي ته ختم ٿي نه آهي. عجيب چرين وارو ملاکڙو محسوس ٿيندو هو - يعني شروع جي ڏينهن ۾. خاص ڪري شروع وارن سالن ۾ جڏهن اڃا سئٽلائيٽ (ڊش ۽ ڪئبل) نڪتا نه هئا ۽ نه VCR مشهور ٿيا هئا. هڪ يا ٻه لوڪل جپاني چئنل هوندا هئا ۽ جڏهن به جپان اچڻ ٿيندو هو ته ڏاهن ٻارن وانگر صوفي تي يا پٽ تي وڇايل تاتاميءَ (توريءَ) تي پٿل ڀڃي ويهي اهي ئي چئنل ڏسبا هئا جيڪي تبديل ٿيڻ بدران هلندا رهندا هئا ۽ پوءِ ڪبوڪي يا نوحي (جپاني غزلن) جهڙو بور پروگرام هجي يا Sumo جهڙي ڪشتي، صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺندا هئاسين ته اهو به سٺو، ڇو جو جهاز جي ٽوڪيو، اوساڪا، يوڪوهاما کان نڪرڻ بعد سمنڊ تي ڪجھه به نظر نه ايندو.
نوه (Noh) جهڙا جپاني کيل تماشا ته مون جهڙن (جپانيءَ کان گھٽ واقفڪارن) کي شايد ئي مزو ڏين، پر عجب جي ڳالهه اها جو جلد ئي سومو (جپاني ڪشتي) نه فقط اسان کي وڻڻ لڳي پر ان جو انتظار ڪندا هئاسين ته ڪڏهن ٿي ٽي ويءَ تي اچي؟ ڪهڙين ڌرين ۾ ڪير ٿو کٽي؟ پهرين گروپ ۾ جيڪي ٽي چئمپئن ٿين ٿا اهي سان ياڪو (Sanyaku) سڏجن ٿا. ۽ مڙني ۾ جيڪو پهريون نمبر اچي ٿو اهو يوڪوزونا (Yokozuna) سڏجي ٿو. ۽ پوءِ انهن کٽيندڙن ۾ به ڪي ڪنهنجا ڪي ڪنهنجا فئوريٽ ٿي پيا ۽ هرڪو جهازي پنهنجي دلپسند سومو پهلوان جي کٽڻ لاءِ دعا ڪندو هو. ڪجھه عرصو جهاز کي جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ بيهاري، سامان لاهرائي پوءِ هفتي ٻن لاءِ ڪوريا وڃڻو پوندو هو. ان بعد جهاز کي وري جپان وٺي اچڻو پوندو هو، انجڻ جي مرمت لاءِ ۽ پاڪستان ۽ رستي جي بندرگاهن لاءِ سامان کڻڻ لاءِ ڪوريا کان جيئن ئي جپان اچبو هو ته مڪاني ماڻهن کان غير حاضري ،وارن ڏينهن ۾ ٿيندڙ سومو مئچن جو پڇبو هو ته ڪنهن کٽيو، ڪنهن هارايو.
سومو پهلوانن وانگر، کائي ٿلهو ٿيڻ جو شوق ته آئون نٿو سمجھان ته اسان مان ڪنهن دل ۾ به ڪيو هجي، باقي وار ٻڌڻ جو شوق هڪ ٻن ضرور ڪيو. نئون جهاز ٺهڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن اسان (جهاز هلائيندڙ عملو) وڏي عرصي لاءِ ٽوڪيو جي هڪ هوٽل نما هاسٽل ۾ رهياسين ته جهاز جي اليڪٽريڪل انجنيئر (جيڪو پهرين کان وڏا وار رکرائي پهتو هو) اُڀي سِينڌَ ڪڍي سومو پهلوانن وانگر وارن کي پٺيان رٻڙ بئنڊ سان ٻڌي ڇڏيو هو. ڇا ڳالهه ڪجي، تمام گھڻو Impress هوندا هئاسين، هنن جپاني Sumo پهلوانن مان! ٻيو نه ته هڪ ٻئي جي ڪمرن ۾ زور سان ساڄي ۽ پوءِ کاٻي لت هڻي ائين گھڙندا هئاسين جيئن سومو پهلوان ring ۾ گھڙندو آهي.
جپاني مَلهَه (Sumo) جيتوڻيڪ بذات خود چند منٽن جي ٿئي ٿي پر ان ملهه شروع ٿيڻ کان اڳ جي ڪارروائي يا رسم بيحد ڊگھي ۽ رنگين ٿئي ٿي. ٻائو آرسي هٿ ۾ جھلي منتر پڙهندو. سومو پهلوان دٻي مان لوڻ جي مٺ ڀري آکاڙي (Ring) ۾ لوڻ جي ڇڻڪار ڪندو. پنهنجو هڪ هڪ پير مٿي کڻي زور سان زمين تي هڻندو ۽ هٿن سان تاڙي وڄائيندو وغيره. اها آکاڙي ۾ گھڙڻ جي رسم (Ceremony) آهي جنهن کي جپاني دوه يو اِري (Dohyoiri) سڏين. ملهه وڙهڻ مهل ring ۾ ٻن سومو پهلوانن کان علاوه امپائر به هوندو آهي جيڪو پهلوانن جا هڪ ٻئي تي ڪيل وار ۽ اٽڪلون (جيڪي چون ٿا ته 48 قسمن جون آهن) جن ذريعي هڪ پهلوان ٻئي کي Ring مان ٻاهر ڪڍي ٿو يا پٽ تي ڪيرائي ٿو، جانچيندو آهي. ان کان علاوه هڪ جج آکاڙي کان ٻاهر پڻ رهي.
اڳئين زماني ۾ امپائر فقط ڪن خاص خاندانن مان ٿيندا هئا جهڙوڪ شيڪا ۽ يوشيدا گھراڻن مان. يوشيدا گھراڻي جا ته اڃا تائين ٿيندا رهن ٿا. سومو پهلوان نه فقط ٿلها ٿين ٿا پر قداور پڻ. ڪي ڪي ته ڇهن فٽن کان به ڊگها ٿين ٿا ۽ مون وانگر ٻين به ڪيترن ڌارين کي شڪ ٿيندو هوندو ته هي پهلوان جپاني نه آهن، ڇو جو جپاني ورلي ڪو قداور نظر ايندو، پر اها ڳالهه ناهي. اهي سمورا پهلوان جپاني ٿين. هو ته اهڙا ساڙ سڙيا آهن جو ڌارئين کي هن نج جپاني راند ۾ حصو وٺندو ڏسي هنن جو مزو خراب ٿيو پوي، ۽ هونءَ به ڪهڙو چريو ڌاريو هوندو جو سومو پهلوان ٿيڻ چاهيندو؟ ڇو جو هن راند يا مقابلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ پهرين ته پنهنجي جسم کي گوشت جو ڳوڙهو ٺاهجي ۽ ڪير ايڏي ٿولهه چاهيندو جو ٿولهه ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ آهي.
آمريڪا جي ٻيٽ هوائي تي رهندڙ ساليوا نالي هڪ ڇهه فوٽ هڪ انچ جي جوان جيتوڻيڪ سومو پهلوان ٿيڻ نٿي چاهيو، هن ميوزيشن ٿيڻ چاهيو ٿي، فٽ بال پليئر ٿيڻ چاهيو ٿي. سومو ملهه جو ته هن ڪڏهن ٻڌو به نه هو. گھڻو ٿلهو (200) ڪلو هجڻ ڪري هن ماڻهن کي مسخرو ٿي کلايو ٿي. هڪ ڏينهن سندس فٽ بال جي ڪوچ پڇيس: “تو ڪڏهن سومو ملهن جو ٻڌو آهي؟ جپان ويندين؟”
۽ پوءِ هي غريب فئمليءَ ۾ پئدا ٿيل ساليوا نه فقط جپان پهتو پر 1994ع کان هو جپان جو شهري آهي. سومو اسٽار ٿيڻ لاءِ هن جي ڏاڍي مخالفت ٿي. هن کي ان منزل تي پهچڻ لاءِ جپاني رسم موجب پاڻ کان وڏن پهلوانن جون خذمتون ڪرڻيون پيون. ويندي هنن کي وهنجارڻو پيو ٿي ۽ جسم جا اهي حصا صاف ڪرڻا پيا جن تائين سندن هٿ نٿا پهچيو سگھن. هن آمريڪن پهلوان نه فقط چئمپين ٿي ڏيکاريو پر سومو راند ۾ چڱيون تبديليون آنديون. هن هروڀرو اٽڪل ۽ move کي سکڻ بدران فقط ٻن اٽڪلن تي گھڻو ڌيان ڏنو جن سان هن مخالف پهلوان کي ڊاهي ٿي رکيو. هڪ ڌڪو ڏئي دشمن کي پٺيرو ٻاهر ڪڍڻ جي کيڏ جنهن کي جپانيءَ ۾ اوشي داشي سڏجي ٿو ۽ ٻي تسڪي داشي يعني ڌڪ هڻي دشمن جو بئلنس هيٺ مٿي ڪرڻ، جنهن سان هو هيٺ وڃيو ڦهڪو ڪري. ڪونيشڪيءَ اهي ٻه کيڏون ملائي وڏن وڏن جپاني پهلوانن جا به ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا. هڪ ڌارئين جي چئمپين ٿيڻ تي جپاني ڪو خوش نه ٿيا. هنن نٿي چاهيو ته ڪو ڌاريو (Gaijin) سندن قومي راند جو چئمپين ٿئي. هي، جيڪو 1982ع ڌاري جپان آيو، پورن ڏهن سالن بعد 1992ع ڌاري سومو جو چئمپين ٿي ويو.
“ويجھڙائي ۾ هڪ ٻئي ڌارئين ڪونيشڪيءَ جو به رڪارڊ ڀڃي ڇڏيو آهي. هي ڇهه مڻ وزن جو آمريڪا ۾ ڄاول مسٽر چاڊ رووان آهي. سندس جپاني نالو اڪيبانو آهي. اڪيبانو هن وقت 30 سالن جو ٿيندو. پاڻ فقط پنجن سالن ۾ ٽيهه ٽورنامينٽن ۾ گرانڊ چئمپين (يوڪو زونا) 1998ع ۾ ٿي ويو.
سومو ملهه نج جپاني راند آهي. ٻيون به ڪجھه اهڙيون رانديون آهن جن جو واسطو جپان سان آهي يا اهي جپان ۾ قديم چين کان آيون. هونءَ به جپان جي ڪيترين ڳالهين تي، ويندي ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي، چين جي تهذيب جو وڏو اثر آهي جيڪا دنيا جي پراڻي تهذيب مڃي وڃي ٿي. جپان جي راندين مان ڪيتريون ئي رانديون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مشهور ٿي ويون آهن جيئن ڪيتريون ئي مغربي رانديون: بيس بال، فٽ بال، (رغبي توڙي ساڪر)، هاڪي، ٽينس، گولف، اسڪيٽنگ وغيره جپان ۾ مشهور ٿي ويون آهن.
جپان جي مشهور راندين مان ڪجھه هن ريت آهن:
ڪيوجوتسو (Kyujutsu يعني تير ڪمان)، جنهن کي انگريزي ۾Archery سڏجي ٿو. پراڻي دورکان جپاني سٺا تير انداز رھيا آهن، جنهن جو ذڪر جپان جي پراڻي ادب ۾ پڻ آهي. تير ڪمان هڪ اهم هٿيار سمجھيو وڃي ٿو. جپاني ڪمان تمام وڏي ٿئي ٿي ۽ هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين ساڍا ست فٽ کن ٿيندي. جپان جي اشيڪاگا دور ۾ جيڪو 1335ع کان 1573ع تائين هليو، تير ڪمان جو استعمال بنهه ختم ٿي ويو پر پوءِ توڪُو گاوا دور ۾ هن جو شوق وري نئين سنئينءَ ماڻهن ۾ اڀرڻ لڳو - جيتوڻيڪ ان وقت تائين بندوق ۽ بارود ايجاد ٿي چڪا هئا. اڄ ڪلهه جپان جي هر اسڪول ۾ ٻارن کي تير هڻڻ سيکاريو وڃي ٿو. ڪيترا ته پنهنجي گھرن جي باعيچي ۾ به پرئڪٽس ڪن ٿا. ڇو ته هن راند ۾ جيتري وندر ۽ مزو آهي اوترو خرچ نه آهي. ڪيو جوتسو (تيرڪمان) مقابلي جا قومي پروگرام جپان ۾ هر سال ٿين ٿا، جن ۾ مرد توڙي عورتون حصو وٺن. جپان جي تواريخ ۾ ڪيترائي سٺا تير ڪمان وارا ٿي گذريا آهن. هونءَ به تير هڻڻ اهڙي شيءِ آهي جنهن جي سکڻ لاءِ جيستائين بندوقون پستول نه نڪتا هئا، دنيا جي هر ڪنڊ ۾ اهميت هئي. پاڻ وٽ به سنڌيءَ ۾ پهاڪو مشهور آهي ته:
پڙهڻ، ترڻ، تيرهڻڻ، چوٿين سواري،
ننڍي هوندي نه سکيو ته وڏي هوندي خواري.
تيراندازي سان گڏ گهوڙي سواري پڻ جپان جي مشهور راند سمجھي وڃي ٿي جنهن کي با جُو تسو سڏجي ٿو. جپان جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ مٿاهن ڪلاسن جي شاگردن کي باجوتسو (گھوڙي سواريءَ) جو آرٽ سيکاريو وڃي ٿو.
تير ڪمان سان گڏ بندوق يا پستول سان نشان چٽڻ جا پڻ جپان ۾ شوقين آهن. بندوقن ۽ توبن (Cannon) جهڙا هٿيار جپان ۾ 1543 کانپوءِ پورچوگالين آندا. اڄ ڪلهه بندوق بازي هڪ راند جي حيثيت وٺي چڪي آهي ۽ هر سال سٺن نشاني بازن کي مقابلن ۾ انعامون ڏنيون وڃن ٿيون. هن کي جپان ۾ هوجوتسو (Gunnery) سڏيو وڃي ٿو.
تلوار بازي جيڪا ڪنهن زماني ۾ پاڪستاني ۽ انڊين فلمن ۾ عام هوندي هئي اها جپان جي پراڻي راند يا دشمن تي حملو ڪرڻ يا پاڻ بچائڻ لاءِ ضروري سمجھي وئي ٿي. هن کي جپانيءَ ۾ ڪينڊو يا ڪينجتسو سڏجي ٿو. اڄ ڪلهه پرئڪٽس دوران بانس جون تلوارون يا خنجر (ڪينڊو) استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ منهن کي ماسڪ سان چڱيءَ طرح ڍڪيو وڃي ٿو. هن ۾ ٽي رانديگر ٻه ٻه ٿي ٻه رانديون کيڏين. پوءِ جيڪو ٽن راندين مان ٻه کٽي اهو چئمپين سڏجي.
جوڊو – اها راند جيڪا سڄي دنيا ۾ اڄ ڪلهه مشهور ٿي وئي آهي. اها جپاني ڪشتي (Wrestling) جو قسم آهي. جوڊو جو نج جپاني نالو جھوجُتسو آهي. ان کي ياوارا راند به سڏين. هونءَ جوڊو (جوجتسو) لاءِ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته اها اصل ۾ چين کان سترهين صديءَ ۾ جپان آئي ۽ پهرين مليٽري ڪلاس ماڻهن کي سيکاري وئي. هن ويڙهه جو آرٽ ان بنياد تي رکيل آهي ته حملي ڪندڙ جي طاقت کي هن جي ئي خلاف استعمال ڪيو وڃي. يعني هن جي حملي کان ائين بچاءُ ڪجي جو هو پاڻ وڃي ڦهڪو ڪري. اهڙي طرح هڪ ڪمزور طاقتور تي سوڀ حاصل ڪري سگھي ٿو. اها حقيقت آهي ته جوڊو ۾ طاقت جي ضرورت ناهي. يعني ڪو مضبوط جسم جو ناهي ته به هو دشمن تي حاوي ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن هو جوڊو جي اٽڪلن کان واقف آهي. جوڊو ۾ ٽي مکيه طريقا استعمال ٿين ٿا. ناگي وازا (دشمن کي گھمائي پٽ تي ڪيرائڻ)، ڪاٽا ميوازا (هن کي اهڙو ٻک هڻڻ يا اهڙي طرح سوگھو جھلڻ جو هو چُري نه سگھي) ۽ آتيوازا (دشمن جي جسم جي ڪنهن اهم عضوي تي اهڙو ٺونشو يا ٿڏو هڻڻ، جو هو ناڪارو ٿي پوي). شاگردن کي جوڊو ۾ اهو سکياريو وڃي ٿو ته ڪرڻ مهل پنهنجو پاڻ کي زخمي ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي ۽ دشمن جيڪڏهن بي هوش ٿي پوي ته هن کي ڪيئن Resuscitate ڪجي. جوڊو گھڻو ڪري عورتون سکن ٿيون. جپان ۾ جوڊو جو وڏو سينٽر ٽوڪيو جي علائقي ڪواشي ڪاوا ۾ ڪودوڪ وان وٽ آهي.
آئي ڪيڊو (جنهن جو اصل نالو دائي توريو آهي) در اصل جوڊو جو قديمي قسم آهي. آئي ڪيڊو ۾ هٿن کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن خنجرن، ڀالن ۽ ڇُرن جو استعمال پڻ ڪيو وڃي ٿو. هن ۾ ڪيتريون ئي اٽڪلون شامل آهن ۽ هي آرٽ پنهنجي بچاءُ لاءِ سکيو وڃي ٿو.
ڪاراٽي: ڪاراٽي پڻ دنيا ۾ چڱو مشهور ٿي ويو آهي ۽ هي آرٽ پڻ پنهنجي بچاءُ لاءِ آهي. ڪاراٽي ۾ هٿن (کليل يا بند ٿيل)، ٺونٺين ۽ پيرن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن ۾ دشمن تي وار تمام ويجھي فاصلي تان ڪيو وڃي ٿو. ڪاراٽي جو ڪاريگر هڪ ئي ڌڪ سان ٻئي کي ماري سگھي ٿو. ڪنهن زماني ۾ جپان جا ٻيٽ رِيوڪيو (اوڪيناوا) چين جي قبضي ۾ هئا ۽ انهن تي چينين جو ئي حڪم هليو ٿي. جپانين کي ڪنهن به هٿيار رکڻ جي اجازت نه هوندي هئي. اهڙي صورت ۾ اتي جي رهندڙ جپانين پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪاراٽي جون کيڏون ايجاد ڪيون. اڄ ڪلهه جي فري اسٽائيل ڪُشتين (Wrestlings) ۾ ڪاراٽي جو استعمال گھڻو ٿئي ٿو.
فري اسٽائيل ريسلنگ (ڪشتي): هن قسم جي ويڙهه يا اسپورٽ جپان جي ناهي، پر جپاني ڪاپي ڪرڻ ۾ به ته ماهر آهن. هو ٻئي جي ايجاد يا ٺاهيل شيءِ جڏهن پاڻ ٺاهين ٿا ته اصل کان به بهتر ٺاهين ٿا. ڪئلڪيوليٽرن کان ڪمپيوٽرن تائين يا ڪئميرائن کان واچن تائين آمريڪا جرمني، سئٽزرلئنڊ جهڙن ملڪن جون ايجادون آهن پر پوءِ جڏهن جپانين ڪاپي ڪري اهي شيون ٺاهيون ته اصل ايجاد ڪندڙن جي شين کان به بهتر، سستيون ۽ سهڻيون ٺاهيائون. ٻيو ته ٺهيو پر مسلمانن لاءِ مصلا ۽ تسبيحون جيڪي افغانستان، ايران ۽ ترڪي جهڙا ملڪ ٺاهيندا هئا، اڄ ڪلهه سڄي سعودي عرب ۾ Made in Japan وارا مصلا ۽ تسبيحون سهڻيون ۽ سستيون آهن.
پاڻيءَ جي جهاز جي سڀ کان مشهور انجڻ Sulzer (سلزر) نالي آهي جيڪا سئٽزرلئنڊ جي ايجاد آهي. ان بعد ان انجڻ جو کپ ايڏو ته وڌيو جو ان انجڻ جي ڪمپنيءَ پورچوگال، يوگوسلاويا، اسپين وغير کي به انهن انجڻين ٺاهڻ جي اجازت ڏني. جپان کي ستر جي ڏهاڪي ۾ دير سان انهن انجڻين ٺاهڻ جي پرمٽ ملي ۽ 1980 ۾ اسان جي ملڪ جو هڪ جهاز منهنجي اڳيان جپان ۾ ٺهيو جنهن ۾ اها جپان جي ٺهيل سُلزر انجڻ فٽ ڪئي وئي. جهاز ٺهڻ تي چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ اهو جهاز مون کي ئي هلائڻو پيو. هن کان اڳ ۾ مون ٻين ملڪن ۾ ٺهيل ساڳي سُلزر انجڻ وارا جهاز پڻ هلايا هئا پر جپان ۾ ٺهيل هن انجڻ جي ڳالهه ئي ٻي هئي. مشينري جي پرزن جي گاٺ (Wear Down) گھٽ ٿي ٿي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پاور مطابق سڄي انجڻ جي سائيز تمام گھٽ هئي. يعني ايتري ئي طاقتور (ڏهه هزر کن هارس پاور) جون انجڻيون ٻين جهازن ۾ تمام وڏي سائيز جون هيون ۽ جهاز جي انجڻ روم جون پنجئي ماڙيون ڀتين ڇتين تائين انجڻ هئي پر هي جپاني انجڻ، سائيز ۾ ننڍي هجڻ ڪري، هر ماڙ تي هلڻ چلڻ جي ڪشادي جاءِ ٿي پئي. اهو ائين آهي جيئن ڪوڪا ڪولا، لڪس صابڻ يا لپٽن چانهه جهڙيون ڪمپنيون بين الاقوامي آهن جن جي ٺاهڻ ۾ ساڳيون شيون پون ٿيون پر هڪ جپاني ڪوڪا ڪولا، ڊائجيسٽو بسڪيٽ ۽ لڪس صابڻ وغيره آهن ۽ هڪ اسان جهڙن ملڪن جا! اهڙي طرح فري اسٽائيل ڪشتي جيتوڻيڪ نج جپاني نه آهي پر گولف، بيس بال ۽ ٻين راندين وانگر جپانين هن ۾ پڻ ايڏي محنت ڪئي آهي جو دنيا هنن کي مڃي ٿي. هن ئي فري اسٽائيل ڪشتيءَ جو هڪ جپاني ريسلر “انوڪي” نالي ڪئين سالن تائين اسان جو هيرو رهيو ۽ دلين تي ڇانئيو رهيو. شڪل جو سادو ۽ وات چٻو هوندي به نه فقط پاڻ وڻندو هو پر هر وات چٻو ماڻهو هن جي ياد ڏياريندو هو. ڇوڪرين جي ڳالهه ئي ٻي هئي. ڇوڪريون، خاص ڪري جپاني ڇوڪريون ته هن تي فدا هونديون هيون ۽ اسان ان چڪر ۾ هوندا هئاسين ته اسان به وڏا ٿي اهڙا لڳون پوءِ محنت ڪري پنهنجو جسم ٺاهڻ ۽ موچڙا کائي ريسلر ٿيڻ جي ته نه توفيق ٿي ۽ نه همت باقي ٽوڪيو، يوڪوهاما ۽ اوساڪا جي گھٽين ۾ انوڪيءَ وانگر منهن چٻو ڪري ضرور هلندا هئاسين جو اهو ڪم سڀ ۾ آسان هو.
شروع جي ڏينهن ۾ جڏهن جپان جهاز ايندو هو ۽ ٽي ويءَ تي انوڪيءَ جي ويڙهه ڏسي چوندا هئاسين ته انوڪي وڏو پهلوان آهي ۽ ان سان گڏ اهو به چوندا هئاسين ته انوڪي ڀلي پهلوان هجي پر اسان جي ڀولو، گاما، رستم پهلوانن جي اڳيان ڪجھه ناهي. جن جو سڄو خاندان پهلوان آهي. (انهن ڏينهن ۾ اسان سمجھيو ٿي ته پهلوان معنيٰ هر ويلي تي لسيءَ جو جڳ پيئڻ ۽ سڄو ٻڪرو چٽ ڪرڻ). ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو خبر ٻڌيسين ته اسان جي مٿين پهلوانن جي خاندان انوڪيءَ کي چئلينج ڪيو آهي ۽ ان وقت جو طاقتور پهلوان اڪرم انوڪيءَ سان مقابلو ڪندو. اسان پاڻ ۾ ويٺي ويٺي پنهنجن جپاني ساٿين کي چيو، خاص ڪري هر سڃاڻي ۽ اَسڃاڻي ڇوڪريءَ کي ٽانءَ ۾ اچي چتاءُ ڏنو ته ”هاڻ خبر پوندي توهان جي انوڪيءَ جي!“ انوڪي محمد علي ڪلي سان وڙهيو ته مئچ ڊرا ٿي وئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان مئچ بعد ڪلي مهنو کن اسپتال ۾ هو ۽ هاڻ، اسان اهو ئي سوچي ۽ اڳڪٿي ڪئي ته اڪرم کان انوڪي نه فقط هارائيندو پر هاڻ پاڻ ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ يا ٽوڪيو جي ڪنهن پرائيويٽ آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ پلاسٽر آف پئرس لڳرائيندو رهندو.
پر پوءِ افسوس جي خبر پئي ته انوڪي ۽ اڪرم جي ويڙهه ۾ ته ڪا دير ئي نه لڳي. ٽڪيٽ جو ڳرو مُلهه ڏئي ملهه ڏسڻ وارا پنهنجا پئسا به وصول ڪري نه سگھيا. ڏهن رائونڊن بدران ڪو هڪ يا ٻه رائونڊ مس هليو ته اڪرم ناڪ آئوٽ ٿي ويو. اڪرم منهن بچائڻ لاءِ سول اسپتال جي وارڊ مان انوڪيءَ تي الزام هڻندو رهيو ته انوڪيءَ گِدي ڪئي آهي. پهرين هن منهنجي ”اک وچ انگل گھسيڙ دي“، معنيٰ ڪاڻو بڻايو ۽ پوءِ منهنجو ڪلهو ڀڃي رکيو ۽ هوڏانهن ٻئي ڏينهن جي فلائيٽ ۾ جپاني ملهه انوڪيءَ اچي ٽوڪيو ٺڪاءُ ڪيو. ٽي وي وارن جي سوال تي هن وائڙو ٿي چيو ته پاڪستاني پهلوان کي ته وڙهڻ ئي نٿي آيو. هن کي آرام سان مون کڻي “آرم لاڪ” هنيو ۽ هن کي ته اها به Idea نه هئي ته اهڙي صورت ۾ پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪجي. منهنجي انگڙي مان پاڻ کي آزاد ڪرڻ لاءِ هن وٺي پاڻ کي ڇڪيو، جيڪا هن ٻي وڏي غلطي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن جو ڪلهو ته نڪرڻو ئي هو.
بهرحال اسان جي ملڪ جي ماڻهن، جن رڳو پهلوانن کي ڏنڊ ڪڍندي ۽ ملهون وڙهندي ڏٺو هو (۽ ٻڪرا کائيندي ۽ لسي پيئندي ڏٺو هو) تن پهريون دفعو ڪنهن انٽرنيشنل ڪشتيءَ جي جھلڪ ڏٺي. ان بعد آهستي آهستي ٽي وي تان ان قسم جون بين الاقوامي ڪشتيون ڏسڻ ۾ اچڻ لڳيون.
جپاني ريسلر انوڪي ڪو گاما ڀولو ٽائيپ پهلوانن جي خاندان مان نه آهي. هو ٽوڪيو جي ڀرواري ضلعي (Prefecture) ۾ 1943 ۾ هڪ غريب گھر ۾ ڄائو. سندس سڄو نالو ڪانجي انوڪي آهي. ڪجھه جپاني ۽ چيني ٻار پاڻ کي مغربي (عيسائي) نالي سان پاڻ سڏائين ٿا. انوڪي “ائنٽونيو” جي نالي سان پڻ سڏرائي ٿو، جن ڏينهن ۾ انوڪي ڄائو، اهي ٻي وڏي لڙائيءَ وارا ڏينهن هئا. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بم ڪرڻ ڪري نه فقط جپان هارايو پر معاشي طرح بس ٿي ويو.
انوڪي وڏو ٿي ڪو پڙهيو نه پڙهئي جهڙو، ٻين وانگر پيٽ گذر لاءِ وڙهندو رهيو. جپان ۾ ڪي ڪمائي ۽ پورهئي جا ايترا وسيلا نه هئا. سترهن سالن جي ڄمار ۾ هو برازيل (ڏکڻ آمريڪا) هليو ويو جتي هن کي مزور ٿي ڪمند جي پوک ۾ ڪم ڪرڻو پيو.
برازيل ۾ ٽي سال رهڻ دوران انوڪيءَ راندين ۾ ڏاڍو نالو ڪڍيو - خاص ڪري “شاٽ پٽ ٿرو” ۾، جنهن جو هو سڄي برازيل جو چئمپين مڃيو ويو. جپان ۾ انهن ڏينهن ۾ هڪ ڪوريا جو همراهه رِڪي دوزان فري اسٽائيل ملهون ويڙهائيندو رهيو ٿي. انوڪيءَ جي چئمپين ٿيڻ جو ٻڌي هن انوڪيءَ کي ڪشتيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ آفر ڪئي. انوڪي، جنهن کي برازيل ۾ رهي ٽي سال ٿي ويا هئا، هڪدم (1960۾) جپان موٽيو ۽ ڪورين همراهه جي رهنمائيءَ ۾ فري اسٽائيل ڪشتيءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيو. 1962ع ڌاري ٽوڪيو جي ڪنهن داداگير (Gangster) هن ڪورين همراهه رڪي دوزان کي اڦٽ ماري ڇڏيو. ان بعد انوڪي ئي جپان جي “پرو-ريسلنگ” جو ليڊر ٿيو. هو هڪدم آمريڪا ڪشتي کيڏڻ جون ڪجھه نِت نيون اٽڪلون سکڻ ويو ۽ وڏو ماهر ٿي ويو ۽ سن 1970 تائين هو جپان جي وڏن ملهن مان هڪ ٿي ويو ۽ وتيو ٿي هر شهر ۾ ملهن جا مقابلا ڪرائيندو. سال ٻن بعد هو ٽي وي تي به مشهور ٿي ويو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اسان جو جپان اچڻ شروع ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ Satellite (ڊش) جو چڪر اڃا نه ٿيو هو ان ڪري جپان جو ڪنارو جيئن ئي ويجھو ٿيندو هو ته جهاز جي سموڪ روم (ٽي وي واري ڪمري) ڏي ڀڄندا هئاسين. اسان جهڙن جهازين جا تن ڏينهن ۾ ٻه دلپسند پروگرام هوندا هئا: هڪ رات جو ٻارهين وڳي کانپوءِ سنتوري شراب وارن جو پروگرام جنهن ۾ اڌ اگھاڙيون جپاني ڇوڪريون ڏيکاريندا هئا ٻيو فري اسٽائيل Wrestling ، جنهن جو بي تاج بادشاهه انوڪي هوندو هو.
پوءِ هيءَ جپاني ڪشتي ٻين ملڪن ۾ به مشهور ٿي. مشهور ته پهرين کان ڪيترن ئي ملڪن ۾ هئي پر هاڻ ٽي ويءَ تي اچڻ لڳي. انوڪيءَ جو اڄ به اهو خواب آهي ته هو پنهنجو هڪ اهڙو انٽرنيشنل چئنل کولي جنهن تي 24 ڪلاڪ ڪشتيءَ جا پروگرام ڏيکاريا وڃن.
انوڪي اڄ ڪلهه رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو پر پاڻ کي مشغول رکڻ لاءِ هن ويڙهه جاري رکي آهي. هاڻي هو Ring کان ٻاهر وڙهي ٿو. هن جي ويڙهه ماحول کي گدلي ٿيڻ کان بچاءَ جي آهي. برازيل جي جهنگلن ۾ رهندڙ هڪ خاص قسم جو شينهن (Lion tamarind) جنهن جو نسل ختم ٿي رهيو آهي - انوڪي ان کي بچائڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري رهيو آهي. هو اڪثر پنهنجي زال ۽ ٻار سان گڏ برازيل جو چڪر هڻندو رهي ٿو. هن ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ پڻ خريد ڪيو آهي، جتي هو قدرت جا انمول وڻ ٽڻ پوکڻ چاهي ٿو.

زال وٽ وڃڻ جوڳو نه رهيو آهي ...

زلزلن جي معاملي ۾ جپان ڄڻ ته زلزلن جو گھر آهي. گھڻو اڳ جپاني زلزلن جي آويڙ ۾ ائين هوندا هئا جيئن ڪچي جا رهاڪو ٻوڏ جي مصيبت ۾. ٻوڏ آئي سڀ ڪجھه لڙهي ويو. جپان ۾ به زلزلو اچڻ تي گھر ڊٺا ٿي. غريب ويچارا ته سورن ۾ هوندا هئا نه ته به جڏا ضرور ٿي پوندا هئا.
ويهين صدي جي اڌ ڌاري جپانين ڪيترائي طريقا ۽ سامان ايجاد ڪري ورتا جن ذريعي هاڻ نوان ٺهيل گھر ۽ ٻيون عمارتون زلزلن جي لوڏن کان بچي ويون ٿي. عمارتن جي بنيادن ۾ هاڻ رٻڙ يا ٻيون لچڪدار شيون رکڻ ڪري زلزلي ۾ عمارتون لڏن ضرور ٿيون پر هيٺ ڦهڪو نٿيون ڪن. پر سئو سيڪڙو بچاءُ جي ڪو به ضمانت نٿو ڏئي سگھي. ڪي ڪي اهڙا زلزلا اچن ٿا جن جي طاقت ۽ خاص قسم جي لوڏن جي سَٽَ اڄ جون عمارتون به برداشت نٿيون ڪري سگھن. تازو ڪجھه سال اڳ ڪوبي شهر ۾ اهڙو ته زوردار زلزلو آيو جو ڪيئي عمارتون - ويندي وڻ ٽڻ، رستا، هاءِ وي اچي پٽ پيا. هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ لکين دربدر ٿيا.
زلزلي جا لوڏا هڪ دفعو جپان ۾ مون کي به محسوس ڪرڻ جو اتفاق ٿيو. ان کان اڳ پاڪستان ۾ ٻه دفعا کن محسوس ڪيا هيم پر اهي گھڻا هلڪا هئا - ڪي سيڪنڊ ٻن لاءِ - ايتري قدر جو ان وقت ته اها به خبر نه پئي ته ڪو اهو زلزلو هو. ٻئي ڏينهن اخبار ۾ خبر پڙهڻ سان معلوم ٿيو ته ڪالهه فلاڻي وقت ٻن ٽن سيڪنڊن لاءِ زلزلو آيو هو. جپاني زلزلن کي انهن معمولي ٽريلرن جي سڄي فلم سمجھجي ۽ ائين لڳي ٿو ڄڻ پاڻيءَ جو جهاز سمنڊ ۾ لڏي رهيو هجي. آئون جپاني آفيس جي ٽي ماڙ واري ڪمري ۾ ڪراچيءَ کان ڪاهي آيل جهاز جي انجڻين جي مرمت ۽ مينٽيننس جو شيڊول ٺاهي رهيو هوس ته اوچتو عجيب احساس جاڳيو. پيٽ ۾ جهڙا وڪڙ محسوس ٿيڻ لڳا ۽ آنڊا ڄڻ هيٺ مٿي کڄي رهيا هجن. جيئن اڀاميل ڇولين تي جهاز جي هلڻ وقت محسوس ٿيندو آهي يا ان کان ٿورو گھٽ پئماني جو تجربو ته اسان سڀني کي هوندو جڏهن ڪار ۾ سفر دوران ڪنهن چڙهائيءَ تان يڪدم هيٺ لهڻ وقت محسوس ٿيندو آهي.
ان سان گڏ ٿوري گھوماٽ محسوس ڪيم. شيشي جي ٽيبل تي رکيل پين ۽ پينسلون ۽ ٻيو سامان گول گھمي وڃي پٽ تي ڪريو ڄڻ ڪا غيبات هجي جيڪا ڏسڻ ۾ نه پئي اچي پر سامان ٽيبل تان ريڙهي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو هجيس. مٿي ڇت ڏي نهاريم ته تار ۾ لڙڪندڙ بلب گھڙيال جي پينڊيوليم، وانگر پيو لڏي. ڀت تي ٽنگيل تصويرن جا فريم پيا لڏن. هڪدم محسوس ڪيم ته زلزلو آهي جنهن جي اچڻ کان پڪ مڪاني ماڻهو (جپاني) آگاهه هوندا ۽ عمارت مان نڪري ميدان تي وڃي بيٺا هوندا ۽ آئون اڪيلو هن بلڊنگ جي ٽي ماڙ تي ويٺو آهيان.
زلزلي يا باهه جهڙي حادثي ۾ لفٽ هرگز استعمال نه ڪجي جو لفٽ ڦاسي سگهي ٿي يا باهه جو دونهون ان ۾ اچڻ ڪري ماڻهوءَ جي گھٽجي مرڻ جا وڌيڪ انديشا آهن. ان ڪري عمارت کي لفٽ هجڻ جي باوجود هر هڪ کي ڏاڪڻيون ڏسي ڇڏڻ کپن جيئن اهڙن موقعن تي ڏاڪڻين جو استعمال ڪري عمارت کان ٻاهر نڪري اچجي. عجيب اتفاق هو جو جهاز جي هتي آڻڻ تي هن آفيس ۾ هر دفعي ڪيترائي ڏينهن ڪم ڪرڻو پيو ٿي، پر ڪڏهن به اها توفيق نصيب نه ٿي ته ڏاڪڻيون ڏسي ڇڏجن ته اهي ڪهڙي دروازي کان آهن. هن آفيس بلڊنگ ۾ گھڙڻ سان سامهون لفٽن جا کليل دروازا نظر اچن ٿا، جن ۾ گھڙي وڃي ٿو. اڄ افسوس ٿي رهيو هو ته جيڪر ڏاڪڻيون ڏسي ڇڏجن ها. بهرحال ان موقعي تي مون وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ نٿي چاهيو. خاني ۾ رکيل ٻٽون ۽ سي ڊي سي (جهاز تي ڪم ڪندڙن جو پاسپورٽ) کڻي کيسي ۾ وڌم جيئن بلڊنگ ڪري پوڻ تي گھٽ ۾ گھٽ سي ڊي سي ته هجي ٻيا فائل ۽ جهاز جا نقشا ته پوءِ به ٺهي پوندا. پنهنجي ڪمري جو در کولي ٻاهر نڪتس. ننڍين ننڍين شين جي ڪرڻ جا آواز ورانڊي ۾ به اچي رهيا هئا. ڀر ۾ جپاني ڪيپٽن نمبا جي آفيس هئي. ڪيپٽن نمبا اسان جي جهازران ڪمپني جي جهازن جي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جو مددگار هو. ڪيپٽن نمبا جهڙو چرچائي ۽ چڱو مڙس ڪو ورلي هوندو، پر اڄ هن چڱي تعدي ڪئي.“ زلزلي اچڻ جو يا عمارت ڇڏڻ جو مون کي اطلاع به نه ڪيائين.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ ساڳي وقت سندس آفيس جو در کوليو. پاڻ سامهون ويٺو هو! هڪ هٿ ۾ چانهه جو مگ هوس ۽ ٻئي هٿ ۾ جھليل مارڪر پين سان ٽيبل تي وڇايل جهاز جي فل اسڪيچ تي ڪجھه نشان هڻي رهيو هو.
”مسٽر نمبا!“ مون پريشانيءَ جي حالت ۾ رڙ ڪئي ڄڻ جهاز ٻڏي رهيو هجي ۽ باقي عملو جهاز ڇڏي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ لائيف بوٽ ۾ وڃي ويٺو هجي ۽ هي بي خبر ڪمري ۾ بالم بڻيو ويٺو هو.
منهنجي هينئين ڦاڙ رڙ تي نمبا ڪنڌ مٿي کنيو ۽ چانهه جو مگ رکي ائش ٽري تي رکيل دکيل سگريٽ کنيو. “دوزو الطاف سان! او گينڪي ديسڪا.” (ويهه الطاف صاحب، خوش ته آهين نه.) ان وقت ائش ٽري بازوليون کائيندو ٽيبل تان هيٺ وڃي ڪريو. “نمبا سان، جنشن.” (مسٽر نمبا، زلزلو،) مون کي نمبا جي هيءَ لا ابالي بنهه نه وڻي. ساهه پيو وڃي، بلڊنگ ٿي ڪري ۽ هي ويٺو خير عافيت پڇي. يعني ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. ڪيپٽن نمبا جا مزيدار چرچا پنهنجي جاءِ تي پر ڪن موقعن تي ماڻهوءَ کي سنجيدو به رهڻ کپي. “ڪيپٽن نمبا زلزلو.” مون در وٽ ئي بيهندي هن کي وري چتاءُ ڏنو، يعني جلد ڪر ٻاهر نڪرون ۽ عمارت کان پري هلي بيهون. اتي ڌڙا ڌڙ ڇت تان چاپوڙا ڪرڻ لڳا.
“مسٽر الطاف سٽ ڊائون هَئوِ اي ڪپ آف ٽي.” هن سگريٽ جو ڪش هڻي وڏي سڪون سان انگريزيءَ ۾ چيو ۽ اتي ورانڊي مان هڪ ٻن همراهن کي آرام سان گذرندي به ڏٺم ۽ سمجھي ويس ته جتوڻيڪ جهاز وڏا لوڏا کائي رهيو آهي پر ٻڏندو ڪونه. چاپوڙا سو وڏا پيا ڪرن پر بلڊنگ ڦهڪو نه ڪندي ۽ هي هتي جا جھونا سمجھن ٿا ته هي خطرناڪ زلزلو ناهي نه ته “نمبا سان” ڪوئن وانگر ٻڏندڙ جهاز تان پهرين پاڻ ٽپ ڏئي ها. وري به پڪ لاءِ پڇيو مانس“ ٻاهر نه نڪرڻو آهي؟”
“ڪا ضرورت ناهي، ننڍڙو زلزلو آهي.”
دل ۾ چيم ته اسان جو ساهه گھٽجي ويو آهي تو لاءِ هي ننڍڙو زلزلو آهي! پوءِ جپان ۾ ايندڙ وڏا زلزلا ته الائي ڇا هوندا؟
بهرحال هڪ دفعو ڪيپٽن نمبا جي ڪمري ۾ اچي ويس ته پوءِ اڌ ڪلاڪ کن ڪچهري ۽ چانهه تي وڃائي پوءِ اٿيس. هونءَ جپاني (سواءِ ڪيٽن نمبا جي) ڪچهري ۾ وقت ضايع نه ڪندا آهن. هڪ ڏينهن هي پوڙهو ۽ ٿلهو ڪيپٽن نمبا مون وٽ جهاز تي آيو. “يار بلڊ پريشر هاءِ ٿو رهيم.” هن چيو.
“صبح جو پنهنجي ڪتي سان ڊوڙندو ڪر.” صلاح ڏنيمانس.
“ڪتي سان ڇو؟” هن حيرت مان پڇيو.
“ان ڪري جو اڪيلو واڪ ڪرڻ ۾ توکي بوريت ٿيندي”.
“ڀلا خالي پيٽ يا ڀريل پيٽ سان؟” ڪيپٽن نمبا پڇيو.
“واڪ يا ڊوڙ، هميشه خالي پيٽ سان ڪجي.” مون چيو. هن اها ڳالهه ٻڌي سگريٽ جو ڪش هڻيمنهنجي ڀر ۾ اچي راز واري انداز ۾ چيو:
“هاڻ ٻڌ، هو پاڻ وارو فلپيني جهاز جو ڪيپٽن چوي ٿو ته ماني کائي پوءِ واڪ ڪر ۽ تون چوين ٿو ته خالي پيٽ تي. ٺهيو اهو به ڪم نه ٿيو. بهتر آهي ته واڪ ئي نه ڪريان.”
ڪيپٽن نمبا کائڻ جو به مڙس ماڻهو آهي. جيڪي ملندو اٿس هڙ چٽ. چيومانس، “ نمبا-سَان! هڪ ئي وقت سڀ کائڻ بدران ٿورو ٿورو ڪري قسطن ۾ کاءُ ته پيٽ نه نڪرندئي.”
“ائين ڪري نٿو سگھان.” جواب ڏنائين.
“ڇو ڀلا”. پڇيومانس.
“ٻي جنگ عظيم بعد جپان جي حالت خراب هئي. کائڻ لاءِ ڪجھه به نه هو. لنگھڻ ڪاٽيندي سڄو سڄو ڏينهن گذري ويندو هو ۽ پوءِ بک جي حالت ۾ جيڪي ملندو هو سو سڀ کائي کپائيندا هئاسين. اها عادت اڃا تائين هلندي اچي ۽ هاڻ ان عادت کي ترڪ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
جپاني اسڪولن ۾ اڄ به پڙهائي سخت ٿئي ٿي ۽ ٻارن کي مار موچڙو به گھڻو ڪن ٿا. نمبا-سَان ٻڌايو ته اسڪول جي ڏينهن ۾ هن کي هڪ ڀيري چڱي مار ملي. “هڪ دفعي ته سئي نه هڻائڻ تي ماستر صاحب مون کي لڪڻ سان ڏاڍو ڪٽيو.” نمبا ٻڌايو. “هينئن ٿيو جو اسٽول ٽيسٽ لاءِ اسان کي چيو ويو ته ٻئي ڏينهن شيشي ۾ سئمپل کڻي اچجو ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن اسڪول پهچي جڏهن ماستر ڪاڪوس جي نموني جي گھر ڪئي ته مون کي ان وقت ياد آيو.
مون سان گڏ ساڳي ڊيسڪ تي وهندڙ ڇوڪر چيو ته: ”پرواهه نه ڪر مون پنهنجي ڪاڪوس جو هڪ وڌيڪ سئمپل آندو آهي.“ ۽ اهو سئمپل ڇوڪري کان وٺي مون پنهنجي ٽيچر کي ڏئي جان ڇڏائي نه ته ويساري تي ڏاڍي مار ملي ها.
“ڪجھه ڏينهن بعد ميڊيڪل ٽيم (ڊاڪٽر، نرسن ۽ ڪمپائونڊر سميت) ڪلاس روم ۾ آئي. جيڪي بيمار هئا انهن کي ٿڏي تي دوا ڏني وئي. نمبا! منهنجو نالو پڻ پڪاريو ويو. “تو کي پيٽ ۾ ڪينئان آهن، سئي لڳندي.”
ڪمپائونڊر هيڏي وڏي سرنج کڻي مون ڏي آيو. مون هاءِ گهوڙا ڪئي ته مون سان ظلم آهي. منهنجي پيٽ ۾ ڪينئان نه آهن. اهو ڪاڪوس ئي ڪنهن ٻئي جو هو، پر اتي ڪير ٻڌي. ڪلاس ٽيچر ڏنڊو کڻي ٻه چار وهائي ڪڍيا ۽ ڪمپائونڊر کڻي ڌڏ ۾ سُئي کُپائي.”
ڪيپٽن نمبا وارا انڊونيشي جهازران ڪمپنيءَ جا به مڪاني ايجنٽ هئا. يعني انهن جا جهاز به جڏهن جپان جي بندرگاهه ۾ ايندا هئا ته ساڳي جپاني ڪمپني ڪميشن تيانهن جهازن جي پڻ سار سنڀال لهندي هئي. ڪيپٽن نمبا وري اسان جي پروفيشن (جهاز راني) جو ٿي ڪري ۽ سٺي انگريزي ڄاڻڻ ڪري اسان ڌارين سان وڌيڪ فري هو. هڪ ڏينهن چانهه جي وقت چرچا ڀوڳ ڪندي انڊونيشي جهاز جي ريڊيو آفيسر چيس، “ توهان جپاني وڏا لاهه آهيو. توهان جون مايون سٻاجھيون آهن پر مرد ڏنگا مڙس آهيو. محنتي ۽ چالاڪ به آهيو ۽ سڀني کان گوءِ کڻي وڃڻ لاءِ آتا به. ٻين ملڪن جون ٺهيل ڪئميرائون توڙي واچون، ڪارون توڙي ڪمپيوٽر ڪاپي ڪري به انهن ملڪن کان سٺا ۽ سستا ڪري ٺاهيا اٿانو.”
۽ پوءِ انڊونيشي ريڊيو آفيسر اسان ڏي مخاطب ٿي چيو، “ آمريڪن، ميڪسيڪن ۽ جپانيءَ جو هي چرچو ٻڌو اٿانو؟ “ اسان سان گڏ ڪيپٽن نمبا به چيو، “ٻيلي وارو ڪر، ٻڌاءِ”.
هڪ آمريڪن، ميڪسيڪن ۽ جپانيءَ جو اچي پاڻ ۾ مقابلو ٿيو. ميڪسيڪن آمريڪن کي چيو، “توهان پنهنجو پاڻ کي وڏا نشاني باز ۽ ڪائو بواءِ ٿا سمجهو. توهان جي سڄي تاريخ ٻه سئو سالن کان مٿي نه آهي. اهو چئي هن کيسي مان سڪو ڪڍي مٿي اڇليو ۽ کاٻي هٿ ۾ جھليل پستول سان ان سڪي تي فائر ڪيو ته هو ٻه اڌ ٿي ڪري پيو. ميڪسيڪن داد وٺڻ لاءِ ٻنهي طرف فاتحانه انداز ۾ نهاريو.
آمريڪن چيو، اهو ته ڪجھه به نه آهي، “پوءِ کيسي مان خنجر ڪڍي اڏامندڙ مک کي هنيو ته مک ٻه اڌ ٿي پئي. هڪ اڌ هڪ پاسي ۽ ٻيو اڌ ٻئي پاسي وڃي ڪريو. ”
جپاني ماٺ ۾ ٻنهي کي ڏسندو رهيو، تنهن تي آمريڪن چيس ته، “تون به ته ڪجھه ڪمال ڏيکار. رڳو پنهنجو پاڻ کي سمجھو ٿا.”
“جپانين کي گھٽ نه سمجھو. آئون توهان کان به وڏو ڪمال ڪري ٿو ڏيکاريانو.” جپانيءَ چيو ۽ پوءِ چيلهه سان ٻڌل ترار ڪڍيائين.
“ڇا پنهنجو پيٽ ڦاڙي هراڪِري (خودڪشي) ٿي ڪيائين؟” ڪيپٽن نمبا انڊونيشيا جي ريڊيو آفيسر کان پڇيو.
” نه“، انڊونيشيءَ جواب ڏنو. اسان جي مٿان هڪ مڇر اڏامي رهيو هو. هن ترار ڪڍي ان اڏامندڙ مڇر تي ٻه چار الرون ڪيون. مڇر تي ڪو اثر نه ٿيو. هو پنهنجي ساڳي موج مستيءَ ۾ اڏامي کليل دريءَ مان نڪري ويو. جپانيءَ پنهنجي ترار مياڻ ۾ وجھي، داد وصول ڪرڻ لاءِ آمريڪن ۽ ميڪسيڪن اڳيان جھڪيو. ٻئي ڄڻا کل ۾ اونڌا ٿي ويا ۽ چيائونس: “ميان ڪهڙو ڪمال ڪيو اٿئي؟ هو ته اڃا پيو اڏامي؟”
جپانيءَ طنزيه مرڪ چپن تي آڻي چيو، “اڏامي پيو، پر هاڻ زال وٽ وڃڻ جوڳو نه رهيو آهي. ڪپي ڇڏيومانس.”

گوتم ٻڌ جا مجسما

ٿائلنڊ، هانگ ڪانگ ۽ چين وانگر جپان ۾ به توهان کي جتي ڪٿي گوتم ٻڌ جون مورتيون ۽ مجسما نظر ايندا. مندرن کان علاوه گھرن، آفيسن ۽ دڪانن ۾ پڻ. گھڻو ڪري گوتم ٻڌ پٿل ماري، ڪنول جي گل اڳيان ويٺل ڏيکاريل هوندو آهي. پوءِ ڪي ننڍا مجسما هٿ ۾ يا کيسي ۾ وجھي هلڻ جهڙا هوندا آهن ته ڪي تمام وڏا، ماڻهوءَ جي قد کان به تمام گھڻو وڏا نظر ايندا.
گوتم ٻڌ جي وڏن مجسمن کي هتي جپان ۾ دائي بُتِسو (Daibutsu) سڏجي ٿو. جپان ۾ گوتم ٻڌ جو سڀ کان وڏو مجسمو نارا شهر جي “تودائي جي” مندر ۾ رکيل آهي. جپان ۾ پڙهائي يا نوڪري دوران توهان کي جپان جا شهر گهمڻ جو موقعو ملي ته ٽوڪيو، اوساڪا، ڪوبي جهڙا ماڊرن شهر گھمڻ سان گڏ نارا، ڪيوٽو ۽ ڪاماڪُورا پڻ ڏسجو جيڪي ٺٽي، شڪارپور ۽ بنارس وانگر توراريخي شهر آهن ۽ مندرن (Temples) ۽ درگاهن (Shrines) سان ڀريا پيا آهن ۽ جيڪڏهن توهان جپاني تواريخ ۽ ادب جو مطالعو ڪيو آهي يا جپاني فلمون ڏٺيون آهن ته پوءِ اهي شهر توهان کي اڃا به وڌيڪ مزو ڏيندا جو ڪيترا قصا، ناول ۽ فلمن جا پس منظر، هنن شهرن سان تعلق رکن ٿا.
نارا ۾ رکيل هن گوتم ٻڌ جي وڏي مجسمي (دائي بتسو) جي اوچائي 54 فٽ آهي، يعني مون جهڙا ڇهن فٽن وارا نو همراهه هڪ ٻئي مٿان ٿي بيهن تڏهن هن دائي بتسو جي مٿي تائين پهچن. سندس فقط منهن 16 فوٽ ڊگھو ۽ 10 فوٽ ويڪرو آهي. اکيون چار فوٽ، ڪن 8 فوٽ، وات 4 فوٽ ويڪرو، نڪ 4 فوٽ ڊگهو، نڪ جي ناسن جي گولائي 3 فوٽ ۽ آڱوٺو ساڍا چار فوٽ آهي. ڪنول جو وڏو گل، جنهن تي هي مجسمو ويٺل آهي، ڏهه فوٽ اتاهون آهي ۽ گل جو ڊاياميٽر 68 فوٽ آهي. ان گل ۾ 56 پتيون آهن.
هي مجسمو سن 749ع ۾ شهنشهاهه شومو جي حڪم تي تيار ڪيو ويو هو ۽ سڄو Bronze جو ٺهيل آهي جيڪو هئڊي رنگ جو نرم ڌاتو ٿئي ٿو ۽ ٽامي، اليومينيم ۽ ٽِن کي ملائي ٺاهيو وڃي ٿو. مجسمي تي سونو پاڻي چڙهيل آهي. هن مجسمي جي منهن ۾ ڪافي ڊينٽ لڳل آهن جو هن مجسمي واري هال Daibul-suden ۾ ٽي دفعا باهه لڳي آهي ۽ هر دفعي گوتم ٻڌ جي منهن اچي ڌرتيءَ تي ڦهڪو ڪيو آهي. ان 16 باءِ 10 فوٽ جي سر کي ڪرينن ذريعي مٿي کڻي صحيح جڳهه تي وري سولڊر ڪيو ويو آهي. يعني ويلڊنگ ذريعي چنبڙايو ويو آهي. باهه ۽ ڌڪا ٿاٻا کائڻ ڪري هن دائي بتسو ۾ گھڻي اصليت نه رهي آهي.
جيڪڏهن اصليت وارو دائي بتسو (گوتم ٻڌ جو مجسمو) ڏسڻو آهي ته ان لاءِ ڪاماڪورا وڃڻ کپي جتي جو مجسمو نارا واري مجسمي کان ننڍو آهي پر آرٽ جي خيال کان تمام سهڻو آهي. هي مجسمو اميدا ٻڌا (Amida Buddha) جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن جي معنيٰ آهي اڻ مئي روشنيءَ ۽ جو مالڪ. هي مجسمو پڻ برونز جو ٺهيل آهي ۽ 1252ع ۾ وقت جي ناليري گھڙيندڙ (Sculptor) اونو گورو اِي مان ٺاهيو. اهو مجسمو ڪاموڪورا جي ڪوٽو ڪوئن مندر ۾ رکيل آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي مجسمو ۽ هن مندر جو ماحول ٽوئرسٽ جي من ۾ موهه ٿو پئدا ڪري. تڏهن ته شايد هتي پهچي انگريز شاعررڊيارڊ ڪِپلنگ 1892ع ۾ هي سٽون چيون:
“And whose will, from Pride released,
Contemning neither creed nor priest,
May feel the soul of all the East.
About him at Kamakura.”
گوتم ٻڌ کي فقط هٿ مٿان هٿ رکي ويٺل به نه ڏسندائو، ڪن هنڌن تي گوتم جي هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي ۾ رسو پڻ ڏسندائو ۽ پٺيان باهه جا مچ هوندا. سندس شڪل مان قهر جي چڙ ظاهر هوندي. اهو مجسمو ٻڌ ڌرم جي هڪ ديوتا دائي نچي جو آهي جيڪو عقل جو ديوتا سڏجي ٿو. تلوار سان هو ماڻهن کي ڊيڄاري ٿو ۽ رسي سان گناهه ڪندڙن کي سوگھو ٻڌڻ جي موڊ ۾ آهي. هن مجسمي کي جپاني فودو (Fudo) سڏين.
گوتم ٻڌ کي جپان ۾ اميدا (Amida) پڻ سڏين ٿا - معنيٰ اڻ مئي روشنيءَ جو مالڪ. ٻڌ ڌرم جو هڪ فرقو اميدا به آهي جنهن جو باني گينشن نالي هڪ جپاني ٻائو هو. هي فرقو سرڪاري طرح ريونن (Ryonin) جي ڏينهن ۾ (1132-1072) ۾ قائم ڪيو ويو. هي فرقو تسبيحون پڙهڻ تي زور ڏئي ٿو ۽ هن فرقي جي ٻارن جو چوڻ آهي ته انسان هر هر “نامُو اميدا بتسو” پڙهڻ سان سرڳ ۾ جنم وٺي ٿو. (نامو اميدا بتسو جي معنيٰ آهي: “آئون توسان پيار ڪريان ٿو، اڻ مئي روشنيءَ جا مالڪ،)
جپان جي هڪ مشهور شاعر “امس سا” جو هائيڪو (ٽن سٽن جو شعر) آهي:
Hae hitotsu
Uteba Namu Ami-
Da Butsu Kana.
هر مک کي
جڏهن ماريو وڃي ٿو
پڙ لاءِ اچي ٿو “نامو اميدا بتسو”.

هڪ ليکڪ، انجنيئر، ڪارخانيدار ۽ ٻائو

گذريل مهني جِتسُو گاڪو (Jitsugaku)نالي هڪ جپاني ڪتاب جپان ۾ Best Seller مڃيو ويو. سندس ٻن لکن کان به وڌيڪ ڪاپيون هيستائين وڪامي چڪيون آهن. اڄ ڪلهه جي ٽي وي، ڊش، انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ ڪو ڪتاب ايڏو وڪرو ٿئي يا پڙهيو وڃي، وڏي ڳالهه آهي!
جپاني لفظ جتسو گاڪو، جنهن ۾ ٻه لفظ آهن “جتسو” معني سچ يا حقيقت ۾، “ گاڪو” معنيٰ علم، سائنس، Study وغيره - يعني صحيح علم يا حقيقي سائنس. بهرحال هي ڪتاب مئنيجمينٽ ۽ اڪائونٽنگ جي پرئڪٽيڪل گائيڊ آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڪازُواو ايناموري (Kazuo Inamori) هڪ دلچسپ شخصيت آهي، گھٽ ۾ گھٽ منهنجي خيال ۾. ان ڪري آئون هن بابت ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو.
ليکڪ مسٽر اناموري جنهن جي عمر ستر سالن جي لڳ ڀڳ آهي، جپان جو هڪ وڏو ڪارخانيدار آهي، انجنيئر آهي ۽ حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها آهي ته هو زين ڌرم (ٻڌ ڌرم) جو ٻائو پڻ آهي. جيئن شاعر نالي بدران تخلص سان سڏيو ويندو آهي تئين ٻائي ٿيڻ تي هتي ڌرمي نالو رکيو ويندو آهي. اناموريءَ جو ڌرمي نالو دائيوا آهي. (دائيوا معني سانت، سڪون).
ڪيوٽو جي مشهور ڪمپني “ڪيوسيرا ڪارپوريشن” جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جون شيون ۽ سيمي ڪنڊڪٽرن جا پارٽ ٺهن ٿا، انا موري (دائيوا) ان ڪمپنيءَ جو آغاز ڪندڙ ۽ چيئرمين آهي. جپان جي ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ جڏهن معاشي حالت خراب هئي تڏهن اناموريءَ 1959ع ۾ هيءُ ڪمپني کولي. ان وقت هن جي فئڪٽريءَ ۾ 28 ڄڻن ڪم ڪيو ٿي. اڄ چاليهه سالن بعد هن جي ڪمپنيءَ جون نه فقط جپان ۾ پر دنيا جي مختلف ملڪن۾ شاخون آهن، جن ۾ اٽڪل ستٽيهه هزار ماڻهو ڪم ڪن ٿا. اناموريءَ جا هن کان علاوه ٻيا به ست ڪتاب لکيل آهن.
ڪجھه ڏينهن اڳ جپان جي پراڻي تواريخي شهر ڪيوٽو ۾ ڪنهن اخبار نويس مسٽر اناموريءَ کان هن ڪتاب (جتسو گاڪو) ۽ سندس ٻائي ٿيڻ بابت ڪجھه سوال پڇيا، جن مان ڪجھه دلچسپ ڳالهيون هتي بيان ڪريان ٿو.
ڪنهن به ڪمپنيءَ کي هلائڻ ۾ پئسي جي ڏيتي ليتي ٿئي ٿي. ان حساب سان اڪائونٽنگ تمام گھڻي اهم شيءِ آهي. اها (Accounting) صاف ۽ شفاف هجڻ کپي، جيتري قدر به ممڪن ٿي سگھي. مون هيترن سالن کان پنهنجي ڪمپني جنهن ڪاميابيءَ سان هلائي آهي ان جو بنياد ۽ فلاسافي به ان ئي ڳالهه ۾ آهي. ڪيترن ڪارخانن ۽ ڪمپنين جا مالڪ پنهنجن ملازمن ۽ گراهڪن (Consumers) سان غير اخلاقي برتاءُ ڪن ٿا. هنن وٽ ڪو اصول نه آهي. منهنجي خيال ۾ منهنجو ڪتاب جنهن ۾ اخلاق (Conduct) جا سولا ۽ سادا اصول ڏنل آهن، صحيح وقت تي شايع ٿيو آهي ۽ ماڻهن هن کي هٿو هٿ خريد ڪيو آهي.
ڪمپنيءَ کي پنهجي اندروني حقيقت کان حصيدارن کي آگاهه ڪرڻ کپي. اسان جپانين ۽ مغربي ماڻهن جي سماجي طبيعتن ۾ وڏو فرق آهي، اسان هر ڳالهه راز ۾ رکڻ ٿا چاهيون. اسان کي ڪمپنيءَ جي حصيدارن (Share Holders) جي تنقيد ۽ چڙ ٻڌڻ ۽ سهڻ کپي.
ٻڌ ڌرم ۾ منهنجي دلچسپي تڏهن کان پئدا ٿي جڏهن آئون ٻارهن سالن جو هوس ۽ ايليمينٽري اسڪول ۾ پڙهندو هوس. مون کي ننڍي عمر ۾ ئي ٽي بي ٿي پئي ۽ مون کي ٻاهر نڪرڻ بدران گھر ۾ ئي رهڻو پيو ٿي. هڪ ڏينهن منهنجي هڪ دوست ٻڌ ڌرم تي ڪجھه ڪتاب آڻي ڏنا. جيتوڻيڪ اڳتي هلي آئون ڪيمسٽري پڙهيس پر تن ڏينهن جا ٻڌ مت تي پڙهيل ڪتاب هميشه منهنجي دماغ ۾ رهيا. مون کي هر وقت اها جستجو لڳل هئي ته هن زندگيءَ جو مقصد معلوم ڪريان ته انسان ڇو خلقيو ويو آهي ۽ آئون ان نتيجي تي پهتس ته انسان پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ لاءِ پئدا ڪيو ويو آهي ۽ هن کي کپي ته ٻين سان مهربان ٿي هلي ۽ همدرديءَ جا جذبا رکي. آئون ٻڌمت جي سبق موجب reincarnation (وري وري ڄمڻ) ۾ يقين رکان ٿو. منهنجو ڪم پنهنجو پاڻ کي بهتر کان بهتر انسان ٺاهڻ آهي ۽ موت کان اڳ پنهنجي روح کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻو آهي جيئن مون کي نرواڻ حاصل ٿئي.
ڏهه سال کن اڳ مون کي ٻڌ بکشو (ٻائو) ٿيڻ جو شوق پئدا ٿيو. مون هن دنيا جي گوڙ گھمسان کان پري رهي خاموشي ۽ سڪون جي زندگي گذارڻ چاهي ٿي، جيئن آئون هڪ مَنو ٿي سوچ ويچار ڪري سگھان. آئون پنهنجي دل جي خواهش پنهنجي “روشي” (ٻڌ ڌرم جي وڏي عالم ۽ ڏاهي) سان ڪندي ڊڄي رهيو هوس، پر پوءِ هڪ ڏينهن هن جي مندر ۾، هن سان گڏ “گرين ٽي” پيئندي مون همٿ ڪري هن سان پنهنجي اندر جو حال ڪيو ۽ هن کان ٻائي ٿيڻ بابت راءِ ورتي. هن منهنجي همٿ افزائي ڪئي ۽ مون کي صلاح ڏني ته آئون نه فقط پنهنجو مٿو ڪوڙائي ٺوڙهو ٿيان پر ٻائي ٿيڻ جي مڪمل تعليم ۽ تربيت وٺان - ويندي فقير ٿي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ پنڻ وڃان. سو ٻه سال اڳ، ڪجھه عرصي لاءِ ٻائو ٿيڻ واري ٽولي سان گڏ مون به تربيت ورتي.
ٻائي (بکشو) ٿيڻ جي ٽريننگ دوران اسان کي صبح جو ٽي وڳي اٿڻو پوندو هو، ڪجھه ڪلاڪن لاءِ ويهي فڪر ويچار (Mediation) ڪندا هئاسين. ان بعد نيرن ٿيندي هئي جنهن ۾ رٻ جهڙي ڇڍڙي ڀَت سان آچار ذرو ملندو هو. ان بعد وري گيان (ويچار) جو پيرڊ هلندو هو. منجھند جي ماني به بيحد سادي سودي هوندي هئي. ڪڏهن اوٻاريل ڀت هوندو هو ته ڪڏهن جَون جي رٻ ۽ آچار ذرو ۽ پاڻيءَ جهڙو ڦِنگو سُوپ هوندو هو. اهو سڀ ڪجھه کائي رب جا شڪر ڪندا هئاسين. منجھند جي مانيءَ بعد روشي (استاد، عالم) جي پڙهايل سبق بعد سوال جواب هلندا هئا. رات جي ماني به اهڙي ئي سادي هوندي هئي. ڏهاڙي گيڙو ڪپڙا پائي فقيرن وانگر پنڻ لاءِ نڪرڻو پوندو هو. رات جو ڏهين بجي اسان کي سمھڻو پوندو هو ۽ پوءِ پورن پنجن ڪلاڪن بعد، ٽي وڳي صبح جو وري ساڳي روٽين شروع ٿي ويندي هئي.
ميلن جا ميل پنڌ هلڻ ۽ پنڻ، سڀ ۾ ڏکيو ڪم هو - خاص ڪري مون جهڙي وڏي عمر واري لاءِ، جنهن کي پير ۾ ۽ پٺيءَ ۾ تڪليف هئي. واپس مندر موٽڻ مهل آئون ٻين بکشوئن کان ڪئين گھٽيون پويان هوندو هوس. سڄو ڏينهن پنڻ بعد کاڌي جي ڀري ڪلهي تي رکي وڏي جاکوڙ بعد مندر پڄندو هوس. هڪ پوڙهي عورت جنهن پنهنجي گھر اڳيان ڪک پن صاف پئي ڪيا، منهنجي ويجھو آئي ۽ مون کي پنج سؤ يين جو نوٽ ڪڍي ڏنو. هوءَ پاڻ ئي مسڪين لڳي رهي هئي پر هن اجر کٽڻ ڪارڻ مون کي خيرات ڏنو. ان وقت، ان گھڙيءَ منهنجي ارد گرد جي هوا ۾ روشي ۽ رحم ڀرجي ويو. مون کي هڪ عجيب هٻڪار محسوس ٿي. آسپاس جي ماحول ۾ خوشي ۽ خوشي ڀرجي وئي. ان سموري تجربي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا. ٻائي ٿيڻ جي تربيت دوران ٿيندڙ اهو واقعو مون لاءِ هميشه اڻ وسرندڙ رهندو.
مذهب يا ڌرم ڏي رغبت، ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ مدد ثابت ٿئي ٿي. هڪ انسان مذهب مان گھڻو ڪجھه پرائي سگھي ٿو. ان جو مدار ان جي نيت ۽ محنت تي آهي (ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي ته سلطاني سهاڳ ننڊن ڪندي نه ملي). ضروري ناهي ته هر ماڻهو اها روحاني روشني ڏسي سگھي، يا محسوس ڪري سگھي، پر اسان گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو پاڻ کي بهتر انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪري سگھون ٿا ۽ قدرن جو اهو لاڙو ڪمپنيءَ جي management سان به لاڳو ڪري سگھجي ٿو.

مندر ۾ ويندي مونجھارو نه ٿئي ...

جپانين بابت هڪ هنڌ لکيو اٿم ته جپان ۾ ڪيتريون ئي عيسائي تبليغي جماعتون آيون پر اهي جپانين کي ائين عيسائي نه بنائي سگھيون جيئن آفريڪا جي ملڪن ۾ ڪيائون. ڪنهن چيو ته “جپاني بزنيس مائينڊيڊ آهن، انهن کي مذهب جهڙين شين سان ڪا رغبت ناهي.” پر اها ڳالهه ناهي. هنن کي ڪنهن نئين مذهب کي سمجھڻ لاءِ کڻي توفيق يا لاڙو نه هجي پر اهو چوڻ غلط ٿيندو ته هنن جو ڪو مذهب يا ڌرم ناهي. ائين هجي ته پوءِ جپان ۾ هزارين مندر ۽ درگاهون ڇو هجن.
جپان ۾ قديمي ڌرم “شنتو ڌرم” ۽ “ٻڌ ڌرم” آهن جن کي هو سالن کان چهٽيل آهن ۽ ٻئي ڪنهن مذهب ڏي رخ نٿا رکن. شنتو ڌرم (Shintoism) تمام پراڻو ۽ جپان جو اصلي مذهب آهي. “ديوتائن جو طريقو”. ۽ شنتو ڌرم موجب هر شيءِ لاءِ جوابدار ديوتا آهن - هي دنيا خلقڻ لاءِ (خاص ڪري جپان ٺاهڻ لاءِ)، آسمان، ڌرتي ۽ زمين هيٺ حڪومت هلائڻ لاءِ. ٻيا ڪجھه هلڪي قسم جا ديوتا ۽ ديويون آهن جيڪي گھر جي ڀاتين جو بچاءُ ڪن، ڳوٺن ۽ شهرن جو بچاءُ ڪن ۽ ڪي روح آهن جيڪي وڻن ۽ پٿرن ۾ رهن ٿا، گھر جي رڌڻن ۾ رهن ٿا ۽ فصل ۽ واپار وڙي ۽ ٻيڙين جي مدد ڪن ٿا.
شنتو ڌرم جي مندرن کي پري کان ويجھو تائين ڪيرائي دروازا ٿين. غريب غربو ۽ هاري ناري قسم جا ماڻهو پري کان بيهي پوڄا پاٺ ۽ دعا گھرن. امير ۽ وڏن گھراڻن جا ماڻهو ويجھن دروازن وٽ پهچي دعا گھرن ۽ انهن مندرن ۾ پاڪ ٿي گھڙڻ لاءِ چيو ويندو آهي. اها پاڪائي هٿ منهن ڌوئڻ ۽ گرڙيون ڪرڻ سان رکي سگھجي ٿي يا مندر ۾ موجود ٻاوا پني سان پاڻي ڇنڊي توهان کي رسم موجب پاڪ ڪن ٿا، ۽ انهن مندرن يا درگاهن جا به ڪئين قسم آهن. انهن مان جيڪي وڏن شهرن ۽ خوشحال هنڌ تي آهن، جن ۾ عقيدتمندن جي پيهه پيهان لڳي رهي ٿي، انهن جا ٻاوا ڪجھه وڌيڪ ئي صحتمند ۽ خوشحال نظر اچن ٿا. ۽ هو انهن مندرن جا پڪا پگھاردار آهن. باقي ننڍن ڳوٺن جا ٻاوا يا مجاور پارٽ ٽائيم جاب ڪندڙ آهن. يعني صبح جو ٻيون نوڪريون ڪن باقي شام جو زيارتين کي اچيو منهن ڏين. شروع جي ڏينهن ۾ عورتون به مجاورياڻيون ۽ Priests ٿي رهيون. هاڻ رڳو مرد آهن. هنن مندرن جا ٻاوا شادي به ڪن ۽ انهن جو پٽ ٻار پيءَ جي مرڻ تي ان مندر جو والي وارث ٿي وهي جيئن اسان وٽ ڪيترين ئي درگاهن تي آهي. وڏي مجاور جي مرڻ تي هن جو پٽ درگاهه جو ڪاروبار سنڀالي ٿو ۽ مليل خيرات ۽ نذر نياز ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿئي ٿو، Ise ۽ مياجيما جون درگاهون وڏيون سمجهيون وڃن ٿيون جن تي زيارتين جي هر وقت رش لڳي رهي ٿي. ڪي ڪي شهر: ڪيوٽو، نارا، ڪماڪُورا جهڙا، ته اهڙين درگاهن کان مشهور آهن ۽ اسان به ستر واري ڏهاڪي جي شروعات وارن سالن ۾ جڏهن جوان هئاسين، جپاني ماڻهن سان ڪيترين ئي درگاهن جا چڪر ڏناسين. انهن ۾ رکيل ديوتائن جي ديدار لاءِ نه پر انهن جي زيارت ڪرڻ لاءِ آيل نوجوان ڇوڪرين کي ڏسڻ لاءِ. جيئن سنڌ ۾ پير فقيرن ۽ درگاهن تي گھڻي رش عورتن جي هوندي آهي اهو ئي حال هتي جپان ۾ آهي. وڏين درگاهن تي نذر ڏيڻ لاءِ چِير واريون تالي لڳل پيتيون رکيل ٿين ٿيون جن ۾ عقيدتمند عورتون سڪن ۽ نوٽن جا ٻڪ وجھن. ورانڊن ۾ ويٺل ٻاوا، پئسا ڏيڻ تي تعويذ به لکيو ڏين ته فال به ڪڍيو ڏين. ان لاءِ پڻ جپاني ڇوڪرين جون ڊگھيون قطارون هونديون آهن.
ٻڌ ڌرم جپان ۾، چين کان ڪوريا جي معرفت اڄ کان ڏيڍ هزار کن سال اڳ آيو. ٻڌ ڌرم جي جنم جي جاءِ جيتوڻيڪ هندستان آهي پر اتي جي پراڻي مذهب هندو ڌرم هن نئين ڌرم کي برداشت نه ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم هندستان کان ٻاهر سلون (سري لنڪا) برما، چين، ڪوريا، جپان وغيره ۾ چڱو وڌيو ويجھيو ۽ هن پاسي وڏي ۾ وڏو مذهب سمجھيو وڃي ٿو.
ٻڌ ڌرم جو باني “ گوتم ٻڌ” آهي. “ٻڌا” معنيٰ سجاڳ ٿيل، روشني ڏيندڙ - اهو سندس تخلص آهي، جيئن محمد علي جناح جو قائد اعظم آهي. سندس سڄو نالو سڌارٿا گوتم هو. پاڻ عيسوي سن کان 563 سال اڳ سڪياس جي سلطنت ۾ ڄائو، جيڪو علائقو اڄ ڪلهه نيپال ۽ انڊيا جي بارڊر وارو آهي. سندس تعلق کتري ذات سان هو سندس پيءَ سوڌو دانا بادشاهه هو ۽ ماءُ مهامايا راڻي هئي. 16 سالن جي ڄمار ۾ هن جي شادي سندس سوٽِ شهزادي ياسوڌارا سان ٿي جنهن مان کيس راهولا نالي پٽ به ڄائو.
گوتم کي محل جي هر خوشي نصيب هوندي به هن جو من ڪٿي ڪنهن شيءَ جي ڳولا ۾ پريشان رهيو ٿي. هن ماڻهن جا ڏک ۽ پريشانيون ڏسي ان جو حل ڳولڻ ٿي چاهيو. آخر 29 سالن جي ڄمار ۾ هو زال، پٽ ۽ محل کي ڇڏي بن ڏي هليو ويو ۽ سالن جا سال ڏاهن کان علم پرائيندو ۽ تپسيا ڪندو رهيو. آخرڪار عيسوي سن کان 528 سال کن اڳ، 35 سالن جي ڄمار ۾ هن کي اهو علم، اها روشني ۽ سجاڳي حاصل ٿي جنهن جو هو ڳولائو هو. ان بعد مرڻ تائين (80 سالن جي ڄمار تائين) هو ان علم جي پرچار ڪندو رهيو. هن جي اها فلاسافي هئي ته انسان جي سٺائي يا خرابي هن جي ڪمن موجب آهي ۽ انسان پنهنجي گذريل جنم جي نيڪين ۽ خطائن موجب مختلف درجن ۾ جنم وٺندو رهي ٿو جيسين هو مڪمل طرح نيڪ ٿي وڃي ۽ نرواڻ حاصل ڪري.
گوتم ٻڌ جو ٻڌ ڌرم - جنهن کي ڪي “ڌرم” سڏين ٿا ته ڪي “فلسفو”، هندستان ۾ ته ايترو نه هليو پر اوسي پاسي جي ملڪن ۾ ان جا ڪيترائي پوئلڳ پئدا ٿي ويا. اها ٻي ڳالهه آهي ته وقت گذرڻ تي ۽ مختلف ڌرتين تي، ان ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون. اڄ جو ٻڌ ڌرم جيڪو سري لنڪا ۾ آهي اهو برما ۾ هلندڙ ٻڌ ڌرم کان ڪجھه ڪجھه بدليل آهي. اهو ئي حال انڊو چائنا، چين، ڪوريا ۽ جپان جي ٻڌ ڌرم جو آهي.
ٻڌ ڌرم جيڪو هندستان مان شروع ٿيو پر هندستان ۾ گھڻو رهي نه سگھيو. هيڏانهن هوڏانهن آسام، بنگال، نيپال - ويندي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ان جو ڪجھه اثر رهيو جنهن جون نشانيون ٺٽي وٽ جھرڪن ۽ ٽئڪسلا پاسي مليون آهن. ٻڌ ڌرم جو هندستان کان ٻاهر ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ وڏو آڌرڀاءُ ٿيو. پهرين سلون (سري لنڪا) ۽ برما ۾، ان بعد انڊو-چين (ڪمبوڊيا، ويٽنام، لائوس وغيره)، چين ۽ ڪوريا ۾ ٻڌ ڌرم پهتو.
جپان ۾ ٻڌ ڌرم عيسوي سن 552 ۾ پهتو جڏهن ڪوريا جي بادشاهه جپان جي شهنشاهه ڪميئي (Kimmei) ڏي گوتم ٻڌ جو سون مان ٺهيل مجسمو تحفي طور موڪليو. جپاني شهنشاهه ان مجسمي جي پرگھور لهڻ لاءِ اهو ان وقت جي هڪ طاقتور خاندان (سوگا) جي حوالي ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته ان جي اهڙي طرح ئي عبادت ڪئي وڃي جهڙي طرح ٻين ديوتائن جي ڪئي وڃي ٿي جيئن تجربو ٿي سگھي ته هي ڌرم ۽ ان جو باني ڪيتري حيثيت رکي ٿو. ان ڳالهه کانپوءِ سگھو ئي جپان ۾ هڪ بيماري اچي پکڙي. شنتو ڌرم جي ٻاون ۽ ڏاهن، جن جپان جي شهنشاهه کي گوتم ٻڌ جي مجسمي اچڻ وقت چتاءُ ڏنو هو ته هن ڌرتي تي ابن ڏاڏن کان هلندڙ ڌرم (Shintoism) کان علاوه ٻئي ڪنهن ڌرم جي همٿ افزائي نه ڪئي وڃي، تن ان آفت جو سڄو ڏوهه گوتم ٻڌ جي مورتيءَ کي ڏنو.
هتي جي مذهبي تواريخن ۾ آهي ته ان بعد گوتم ٻڌ جي سوني مجسمي کي هڪدم نانيوا (اڄ ڪلهه جتي اوساڪا شهر آهي) وٽ وهندڙ نديءَ ۾ اڇلايو ويو، پر بيماري ڏينهون ڏينهن وئي زور ٿيندي. آخرڪار ماڻهن اهو فيصلو ڪيو ته ان مسجمي کي ڪجھه عزت بخشي وڃي. ان بعد ان مجسمي کي درياهه جي گپ مان ڳولي وڏي شان مان سان رکيو ويو ۽ حيرت جي ڳالهه اها جو ان بعد پکڙيل اها وبا هڪدم ختم ٿي وئي. ماڻهن توڙي پراڻن مندرن جي ٻاون جي دلين تي وڏو اثر ويهي ويو. جنهن ٻڌو ٿي ان گوتم ٻڌ جي واکاڻ ڪئي ٿي ۽ سوگا گھراڻي جو وڏو مان ٿي ويو، جيڪي جپان ۾ پهريان هئا جن گوتم ٻڌ جي عبادت ڪئي. اهڙي طرح جپان ۾ ٻڌ ڌرم متعارف ٿيو ۽ اڳتي هلي سڄي قوم گوتم ٻڌ جي پوڄاري ٿي وئي. ڏٺو وڃي ته گوتم کي اندر جي روشني ۽ علم ملڻ بعد، پورن هڪ هزار اسي سالن بعد جپان ۾ ٻڌ ڌرم جي شروعات ٿي. هي 552ع جو سال هو جنهن کانپوءِ 18 سال کن رکي حضور صلعم جن 570ع ۾ پئدا ٿيا ۽ چاليهه سالن بعد (سن 610) ۾ حضور صلعم جن کي اسلام جو سڏ مليو ۽ دنيا جي اهم ترين مذهب اسلام جي تبليغ شروع ٿي.
جپان ۾ ٻڌ ڌرم شهنشاهه ڪميئي جي ڏينهن ۾ ضرور آيو پر ان کي مٿاهون درجو ڪميئي جي پوٽي شهزادي امايادو رسايو، جيڪو اڳتي هلي تواريخ م شوتوڪو تائيشي جي نالي سان مشهور ٿيو. شوتوڪو سن 572ع ۾ ڄائو. هي هڪ رحم دل ذهين ۽ پاڙهو ٽائيپ هو. هن ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ پهچي پنهنجو پاڻ کي هن نئين ڌرم (Buddhism) لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. شنتو ڌرم ۾ پنهنجن وڏن (جيئرن ۽ مري ويلن) جي عبادت ڪري پاڪائي حاصل ڪئي ٿي وئي جيڪو جپان جو هڪ قديمي مذهب هو ۽ ان جو ماضيءَ سان واسطو هو پر هن نئين مذهب (ٻڌ ڌرم) مستقبل جي راهه ٺاهي ٿي ۽ هن ڌرم هن نوجوان شهزادي جي دل موهي ورتي هئي. هن کلئي عام وڏي پئماني تي ٻڌ ڌرم جي پرچار شروع ڪري ڏني جيتوڻيڪ جپان جو قديمي مذهب (Shintoism) اٽل رهيو. هن گوتم ٻڌ جي مان ۾ ٽائيوا (اوساڪا) ۾ هڪ مندر ٺهرايو ۽ پنهنجي سڄي ڄمار گوتم جي مذهب کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾گذاري ۽ سڄي ملڪ ۾ مندر ٺهرايا.
وقت سان گڏ جپانين جو قديمي مذهب شنتو ڌرم هاڻ هن نئين مذهب ٻڌ ڌرم کي برداشت ڪرڻ لڳو ۽ هتي جي تواريخ ۾ اهڙا ڪيترا مثال ملن ٿا جن موجب شنتو ڌرم وارن هن نئين مذهب لاءِ نه فقط سهپ پئدا ڪري ورتي پر ڪيترن ئي دورن ۾ ٻڌ ڌرم جي همٿ افزائي به ڪئي. شوتوڪو جي مرڻ (سن 621ع) تائين ٻڌ ڌرم سڄي جپان ۾ پنهنجا پير پختا ڄمائي ورتا ۽ پوءِ وقت سان گڏ مختلف هنڌن تي ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن ان ۾ ٿوريون گھڻيون تبديليون آنديون پئي. نارا دور (794-710) ۾ جن ڏينهن ۾ جپان جي گاديءَ جو هنڌ نارا شهر ۾ هو، ٻڌ ڌرم جا ڇهه فرقا عام هئا، سان ران، جو جي تسو، هوسو، ڪوشا، ڪيگان ۽ رتسو.
هتي هڪ ڳالهه ڪرڻ بي محل نه ٿيندي ته ٻڌ ڌرم لاءِ هميشه اهو ئي بحث هلندو آهي ته ٻڌ ڌرم (Buddhism) ڪو مذهب يا ڌرم نه آهي پر هڪ فلسفو آهي - ڇو ته هر مذهب پنهنجي پالڻهار يا ڪنهن هستيءَ جي عبادت، پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي ٿو، پر گوتم ٻڌ ڪڏهن به اهو نه چيو ته خدا هڪ آهي يا فلاڻي فلاڻي جي عبادت ڪريو يا مون کي پوڄيو. هن اهو ئي چيو ته پنهنجي زندگي سادگي سان گذاريو، رحمدل ٿيو، ڪنهن کي نه ماريو نه ظلم ڪريو، پنهنجي جسم، پنهنجي روح، پنهنجي خيالن کي صاف سٿرو رکو ۽ توهان مري مري وري جنم وٺندائو جيسين مٿين ڳالهين تي عمل ڪري نرواڻ حاصل نه ڪندائو. هن ڌرم ۾ هڪ مَنو ٿي ويهي سوچڻ (Meditation) تي پڻ زور ڏنو ويو آهي. پوءِ هي جيڪي مختلف فرقا آهن تن مان ڪنهن تي ڪنهن ڳالهه جو وڌيڪ زور ڏنل آهي ته ڪنهن جو ڪنهن تي گھٽ. مثال طور 658ع ۾ ٻه جپاني ٻاوا چين مان ٻڌ ڌرم بابت علم حاصل ڪري آيا انهن پنهنجي طريقي سان پرچار ڪري ڪافي پوئلڳ ٺاهيا ۽ انهن پوئلڳن نارا ۾ ۽ جپان جي ٻين شهرن ۾ مندر ٺاهي پنهنجي طريقي جي ٻڌ ڌرم جي پرچار شروع ڪئي جنهن کي ٻڌ ڌرم جو ڪوشا فرقو سڏيو وڃي ٿو.
اهڙي طرح اڳتي هلي ٻڌ ڌرم ۾ ٻيا به فرقا پئدا ٿيا. خاص ڪري جڏهن جپان جي گاديءَ جو هنڌ نارا شهر مان ڦيرائي هائيئان (Heian) ۾ ڪيو ويو جيڪو اڄ ڪلهه ڪيوٽو سڏجي ٿو. ان ڪري اڄ به سڀ کان گھڻا مندر (سون جي تعداد ۾، ننڍا وڏا) نارا، ڪيوٽو ۽ هڪ ٻئي تواريخي شهر ڪماڪُورا ۾ نظر اچن ٿا ۽ ٻڌ ڌرم جي مختلف فرقن موجب مختلف مندرن ۾ مختلف شيون ۽ عبادت جا طريقا نموندار ٿي پيا آهن. ڪيوٽو دور جا مشهور فرقا هن ريت آهن: ٽينڊائي، شن گان، اميدا، جوڊو، شِن شُن، زين وغيره.
شن گان جو باني ڪوڪائي (Kukai) هو جيڪو سندس موت کانپوءِ واري نالي ڪبو دائي شي سان وڌيڪ سڃاتو وڃي ٿو. هوهڪ تمام وڏو عالم، ٻائو، ماستر، روحاني بزرگ، آرٽسٽ ۽ ڪاتب (Calligrapher) مڃيو وڃي ٿو. هن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جپاني لکڻي هراگانا ۾ وڏو سڌارو آندو. (ياد رهي ته جپاني لکڻ لاءِ ٽي لکڻيو استعمال ٿين ٿيون، ٻه اچارن واريون، جيڪي ڪاٽا ڪانا ۽ هراگانا سڏجن ٿيون ۽ هڪ مورتين واري آهي جيڪا ڪانجي سڏجي ٿي جيڪا چين کان هتي جپان ۾ آئي. ڪانجيءَ ۾ لکيل ڳالهه جپاني توڙي چيني پڙهي ويندو پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن شڪلين لاءِ هر هڪ وٽ پنهنجا لفظ آهن. جيئن وڻ جي تصوير يا پينٽنگ ڏسي اسين سمجھي سگھون ٿا ته اها ڪهڙي شيءِ آهي پر پڇڻ تي جواب ڏيڻ وارو سنڌي هوندو ته “وڻ” چوندو، اڙدو ڳالهائيندڙ “درخت” چوندو. اهڙي طرح ڪو “شجر” چوندو ته ڪو “ٽِري” چوندو).
سو ٻڌ ڌرم جون جپان ۾ انيڪ شاخون ۽ فرقا آهن. هر هڪ جو هتي بيان ڪرڻ پڙهندڙن لاءِ بوريت پئدا ڪندو، جيتوڻيڪ هي پنج ڇهه صفحا به ڪافي بد هضمي پئدا ڪري سگھن ٿا، پر انهن نوجوانن جي سهوليت لاءِ مختصر طور لکيو اٿم جيڪي جپان پڙهڻ يا نوڪري لاءِ اچن ٿا. جيئن کين idea ٿي سگھي ته جپان ۾ ڪهڙا مذهب (شنتو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم) عام آهن ۽ ٻڌ ڌرم جا ڪيترائي فرقا آهن. اڄ ڪلهه جيڪو تمام گھڻو عام ۽ مشهور فرقو آهي اهو زين ڌرم آهي، جنهن جو ٻائو ٿيڻ لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو ٿو پوي ان جو احوال هن کان اڳ واري مضمون ۾ اچي چڪو آهي. بلڪ مسٽر اينا موري (جپان جي مشهور ليکڪ، انڊسٽريلسٽ، انجنيئر ۽ ٻڌ بکشو) جو احوال لکڻ بعد ضروري سمجهيم ته هتي جي مذهبن بابت ڪجھه مختصر لکيو وڃي جيئن جپان ۾ ايندڙ ڌارئين کي ڪنهن مندر يا درگاهه جو سير ڪندي اهو مونجھارو نه ٿئي جيڪو شروع جي ڏينهن ۾ اسان کي ٿيندو هو.

هالا تنهنجا رنگ هزار

هن دفعي پنهنجي ڳوٺ - هالا ۾ منهنجو ڪيترن ئي سالن بعد ڪجھه ڏينهن لاءِ وڃڻ ٿيو. ڪجھه ڳالهيون جيڪي مون محسوس ڪيون:
هالا آسپاس جي علائقي لاءِ وڏو شاپنگ سينٽر ٿي ويو آهي. هانگ ڪانگ وانگر هالا جي هر گھٽي ۽ هر رستي تي دڪان ئي دڪان آهن. ڪراچي جهڙي شهر جا دڪان به صبح جو ڏهين يارهين کان اڳ نٿا کلن ۽ بدامنيءَ ڪري شام جو ستين ڌاري ئي بند ٿيو وڃن، پر هتي هالا ۾ صبح جو نائين بجي نڪر ته به دڪان کليا پيا آهن، اٺين نڪر ته به دڪان کليا پيا آهن. ستين نڪر ته به دڪان کليا پيا آهن. رات جو نائين بجي تائين ته سڀ دڪان کليا پيا آهن پر ڏهين ساڍي ڏهين تائين به ڪيترائي دڪان ۽ هوٽلون کليل نظر اينديون ۽ گانن جي ڌم ته سڄي سنڌ ۾ جاري آهي.
خريداري ڪير ڪن ٿا..؟ هالا شهر جي ماڻهن کان وڌيڪ ٻهراڙيءَ ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن جا ماڻهو نظر اچن ٿا ... سعيد آباد، سڪرنڊ، اڏيرو لعل ۽ ٻيراڻيءَ جا، شهدادپور، ڀاڻوٺ ۽ خاڻوٺ کان کنڊو ۽ کيبر پاسي جا نظر اچن ٿا، جيڪي واپار وڙي ۽ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هالا اچن ٿا. اڄ ڪلهه مهانگائيءَ جو زمانو آهي، هر ڪو چاهي ٿو ته شيءِ سٺي ۽ گھٽ اگھه تي جتان ملي اتان وٺجي. ڪراچيءَ ۾ اسين جوڙيا بازار، جھونا مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ کارادر جو رخ رکون ٿا، جتي ٻَڌي اگھه جا واپاري آهن. مال جي گھڻي کپت ٿئينِ ٿي ۽ گھٽ فائدو رکڻ تي به ڪمائين ٿا. هالا جا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڳوٺ اچڻ تي پنهنجن مائٽن يا واقفڪارن جي چوڻ تي انهن لاءِ ڪراچي مان ئي سيڌو سامان وٺي اچن ٿا. هن دفعي هالا جي مارڪيٽ جي هڪ ٻن دڪانن تان ٻه چار شيون وٺڻيون پيون. هنن مون کي ان ئي اگھه تي ڏنيون جيڪي ڪراچي جي جوڙيا بازار جهڙن هنڌن تي هول سيل واري اگھه تي ملن ٿيون.
“هي اگھه ڀلا فقط مون لاءِ آهي يا سڀني لاءِ” مون رفيق نالي نوجوان دڪاندار کان پڇيو.
“سڀني لاءِ، ڇو ته هتي جنهن مارڪيٽ ۾ ويٺا آهيون اتي مقابلو تمام سخت آهي. رپيو اڌ قيمت وڌيڪ رکڻ سان به گراهڪ کري سگھي ٿو.” هن ٻڌايو.
“پوءِ ڇا ڪمايو..؟” مون پڇيو.
“مارجنل پرافٽ رکڻ سان ۽ گھڻي کپت ڪري فائدو ٿيو وڃي”. هن ٻڌايو.
ملائيشيا جي شهر ملاڪا - جتي آئون رهندو هوس، ان جي ڀر واري شهر “سُنگائي اُڊانگ” ۾ هڪ هندو سنڌيءَ اچي ڪپڙي جو دڪان کوليو، جتي رڳو چيني واپاري هئا. اسان ته چيو ته هن جو هي دڪان هلندو ڪيئن؟ پر پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ هن جي ايڏي ته هاڪ هُلي وئي جو اسان به پنهنجي شهر مَلاڪا بدران سنگائي اُڊانگ مان هن وٽان وڃي خريداري ڪندا هئاسين ۽ هونءَ به اسان جو اتان لنگهه ٿيو ٿي ۽ ڪيتريون ئي شيون اتي جي چيني واپارين کان وٺندا هئاسين. هڪ ڏينهن هڪ چيني دڪاندار هن سنڌيءَ دڪان دار جي شڪايت مون سان ڪندي چيو: “هن سنڌي دڪاندار اسان جا گراهڪ ٽاهي ڇڏيا آهن. هو ڪپڙو ان اگھه تي پيو ڏئي جنهن تي هول سيل ۾ اسان خريد ڪيون ٿا. خبر ناهي ڪيئن ٿو ڪمائي”.
۽ پوءِ ٻئي دفعي سنڌي دڪاندار کان معلوم ڪيم ته وراڻيائين: “توهان ماٺ ڪري ويهو. هنن چينين جا اسين بابا آهيون. ڪپڙو واقعي هول سيل واري اگھه تي پيو وڪڻان ۽ وال تي ٽڪو به فائدو نه پيو ٿئيم. پر روزانا هيترا تاڪيا کپايان ٿو انهن جي ڪاٺ جي پئڪنگ ۽ ڳوڻيون جيڪي بچن ٿيون سي فائدي ۾ آهن ۽ ان کا علاوه سئو تاڪين تي ٽي تاڪيا مفت ملن ٿا جيڪي انعام طور فئڪٽري وارا ڏين ٿا. هاڻ جي آئون اگھه وڌائي وڪڻندس ته ڪهڙو گراهڪ پراڻا دڪان ڇڏي مون وٽ ايندو. هينئر گھٽ ۾ گھٽ بجليءَ جو بل ته ڪڍيو ويٺو آهيان.”
ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڳوٺائي دوستن سان ڳالهه ڪيم ته توهان کي ته ڳوٺ لاءِ، ڪراچي مان خريداري ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هالا ۾ هر شيءِ سستي آهي. مون سمجھيو هنن لاءِ اها News هوندي، پر هنن کي اڳهين خبر هئي.
“اسين بولٽن مارڪيٽ يا ايمپريس مارڪيٽ ۾ پيٽرول ساڙي ۽ وقت وڃائڻ بدران ڳوٺان (هالا) کان هر شيءِ ڪراچي وٺي اچون. سيڌي سامان کان وٺي پلاسٽڪ جي سامان ۽ ڪپڙن بوٽن تائين.” هنن ٻڌايو.
سيوهڻ جو منهنجو هڪ دوست ڪموڊور زين العابدين شاهه ۽ سندس زال ڊاڪٽر جميلا ڪجھه هٿ جي اوڄي جا ڪپڙا ۽ رلين جا تهه مون کي ڪراچيءَ ۾ ڏيکاريا.
“هي اسان هالا مان وٺي آيا آهيون. هونءَ اسان سيوهڻ کان ايندي حيدرآباد مان خريداري ڪندا آهيون پر هن دفعي هالا هليا وياسين. هڪ هڪ ڊريس تي ٽيهه پنجٽيهه رپيا گھٽ قيمت پئي”. هنن ٻڌايو ۽ پوءِ وڏو ٽهڪ ڏئي چيائون:“ ادا هڪ دڪاندار ٻه رپيا وال تي تنهنجي ڪري به ڇڏيا. کيس چيوسين الطاف شيخ کي سڃاڻين؟ اسان هن جا دوست آهيون.”
“پر منهنجي ته ڪنهن مائٽ کي ڪپڙي جو ڪو دڪان ڪونهي.” مون ٻڌايو مان.
“هن تنهنجا سفرناما اخبار ۾ پڙهيا آهن.” ڪموڊور شاهه ٻڌايو.
“ يو لڪي مئن!” مون وراڻيومانس.
۽ واقعي اسان جو يار لڪي (ڀاڳ وارو ) هو. هالا جي جنهن دڪان تي چڙهي مون سوسي ۽ کاڌيءَ جو ڪپڙو ورتو تنهن کان پڇيم ”ادا الطاف شيخ کي سڃاڻين؟”
“نه” هن ٺهه پهه وراڻيو.
“هن جو ڪو سفرنامو پڙهيو اٿئي؟” مون ور ڏئي پڇيومانس.
“نه”
“ڀلا عبرت يا ڪا ٻي اخبار پڙهين؟” مون پڇيو مانس.
هن بيزار ٿي پهرين مون کي گھوري ڏٺو ته هي ڪير بيوقوف مٿو کائي ويو آهي ۽ پوءِ چيو:
“سائين اسين دڪاندار ماڻهو هتي اسان کي ڪو اخبار پڙهڻ جو وقت آهي؟ صبح کان گراهڪن سان مٿو هڻون ٿا ته وڃيو رات ٿئي. جمعو آچر به موڪل نه ڪيون. پڙهڻ لاءِ ڪنهن کي ٽائيم آهي؟”
دل ۾ چيم: “وڏو خوشنصيب آهين. توکي نه فاروق لغاري ۽ نواز شريف جو اونو نه لياقت جتوئي، غوث علي شاهه ۽ سجاد علي شاهه جي ڄاڻ. نه ڊالر پائونڊ جي اگھه لهڻ چڙهڻ جو فڪر نه IMF ۽ F-16 جي سڌ سماءُ. ڪڏهن ڪڏهن اِگنورنس از بِلس”.
ان دڪان تان لهي ٻئي تي چڙهيس.
“احسان شمس ڪلاٿ اسٽور” نالي دڪان تي ٽنگيل رنگين ڪپڙن جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ دڪاندار کان موڪل ورتم.
“اچو اچو سائين، هڪ ڇا ڏهه ڦوٽو ڪڍو.” هن وراڻيو. فوٽو ڪڍي بس ڪيم ته هن ٻه چار رلين جا تهه کڻي اڳيان کوليا.
“نه. خريداري نه ڪرڻي اٿم” مون کيس صاف ٻڌايو.
“ پر سائين ڏسي ته سگھو ٿا. ڪالهه ئي نئون مال آيو آهي. بابا ڇوڪرا هڪ چانهه ته کڻي اچ.” هن اعليٰ Salesmanship جو مظاهرو ڪيو.
“چانهه لاءِ جھلجوس. آئون نه پيئندو آهيان.” مون ڪوڙ کان ڪم ورتو.
“پر سائين ڪپڙا ته ڏسي سگھو ٿا نه”. هن تيستائين هڪ ٻه ٻي رلي کولي. وٺڻ مون نٿي چاهي پر رلي جي برائيٽ ۽ چهچ رنگن منهنجي دل موهي رکي. مون دڪاندار ۽ پنهنجي دل کان جان ڇڏائڻ لاءِ کيسي ڏي اشارو ڪري هڪ دفعو وري ڪوڙ ڳالهايو.
“ هن وقت پئسا به نه آهن.”
“سائين پئسن جي ته ڳالهه ئي نه پيا ڪريون”. دڪاندار هڪ ٻيو تهه کولندي چيو، “پئسا ته پوءِ به ملي ويندا، هن وقت فقط ڏسي ته سگھو ٿا.”
مون نٿي سمجيو ته هي ڳوٺن جا دڪاندار ايترا Aggressive Salesmenship ڪري سگھن ٿا جيڪا ڪراچي جا بوهري، اسماعيلي يا سنگاپور، هانگ ڪانگ جا چيني ۽ سنڌي هندو ڪن ٿا.”
“گھڻي ٿا ڏيو.” رليءَ جو هڪ تهه ڏسندي مون کان وات مان نڪري ويو.
“سائين ڪا خاص قيمت ناهي فقط ٻه سئو رپيا.” دڪاندار وراڻيو.
“واقعي قيمت ته خاص ناهي.” مون دل ۾ سوچيو، “اڄ ڪلهه هڪ بيڊ شيٽ جي قيمت ئي ٻه سئو رپيا آهي. هڪ ٻن دوستن لاءِ وٺي وڃان. هنن تي ٿورو به ٿيندو ۽ هالا جي نشاني به هنن وٽ رهندي. وڻين ته چٽن گلن وارو هي تهه ڀت تي ٽنگي ڇڏين، وڻين ته بيڊ شيٽ طور استعمال ڪن يا رلي بڻائينس.”
“هن کان بهتر به اٿانو؟” مون دڪاندار کان پڇيو. هن ٻه ٻيا تهه ڏيکاريا جيڪي ٽي ٽي سؤ وارا هئا.
“سائين مون وٽ ڏيڍ ڏيڍ هزار رپئي واريون به رليون آهن، توهان جيڪا پسند ڪريو.” هن جھڪندي چيو.
“نه نه، اهي آئون افورڊ نٿو ڪري سگھان.” مون کيس مٿين تختن تي ٻيا تهه لاهڻ کان منع ڪندي چيو.
“پر سائين ڏسي ته سگھو ٿا.” دڪاندار چيو.
مون ٻه ٽي ٽي سؤ وارا تهه کڻندي کيس جلدي پئڪ ڪرڻ لاءِ چيو. هي “ڏسي ته سگھو ٿا، ڏسي ته سگھو ٿا” جي تسبيح پڙهي مون کي وڃي trap ڪندو. مون دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ قيمت لاءِ وري پڪ ڪئيمانس.
“قيمت ته صحيح آهي نه؟ يا حيدرآباد مان ان کان به سستي ملي ويندي؟” مون پڇيو.
“سائين بي فڪر رهو. سوال ئي نٿو پئدا ٿئي ته ان کان سستي ملي” هن وڏي اعتماد سان چيو.
“پاڻ ڪير آهين؟” پئسا ڏيندي آخري سوال ڪيومانس.
“هالا پراڻا جو ميمڻ آهيان.”
“ سٺو واپاري آهين،” کيس ڪامپليمينٽ ڏيندي سندس دڪان تان لٿس.
هالا جي شاهي بازار اڄ کان نه پر گذريل سئو سالن کان مشهور آهي. حيدرآباد جي بازار وانگر ڍڪيل آهي. سندس ڇت ڪئنچي ٽائيپ سڏجي ٿي. اونهاري ۾ اس کان ۽ سياري ۾ سيءُ کان ۽ مينهن ڦڙيءَ کان خريدار هميشه بچيل رهي ٿو. ان ڪري گراهڪ هڪ دفعو درگاهه وٽان، مارڪيٽ کان يا چونڪ کان بازار اندر گھڙي ٿو ته پوءِ سڄي بازار ۾ سيف آهي.
هالا بازار جي خريدارن ۾ مردن کان وڌيڪ عورتون آهن. ايتريون عورتون ته ريشم گلي ۾ به نظر نٿيون اچن. پر هالا شهر جي ڪا عورت ورلي نظر ايندي ( اهي سوزوڪيون ڀري حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ شاپنگ لاءِ وڃن، جيئن عربياڻيون پئرس ۽ لنڊن وڃن) باقي هالاجي اوس پاس ۽ ٻهراڙي جون عورتون رنگين ۽ ڀرت جي وڳن ۾ سون جي تعداد ۾ نظر اينديون. هنن لاءِ هالا جي هيءَ بازار حيدرآباد جي ريشم گلي ۽ ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۽ طارق روڊ کان گھٽ ناهي، جتان کين هر شيءِ ڪپڙي گندي، ڳهه ڳٺي کان سيڌي سامان ۽ ٿانو ٿپي تائين ملي وڃي ٿو ۽ تمام مناسب اگهه تي. مردن جو وڏو تعداد وري هالا جي مارڪيٽ ۾ هوندو آهي، جتي هوٽلن، پڪوڙن ۽ ڇولن وارن جي دڪانن تي سڄو ڏينهن پيهه پيهان متل رهي ٿي. آڌي رات کان نان پاون ۽ چانهه جا هنڊا رڌڻ شروع ٿين ٿا ۽ رات جو ڏهين يارهين تائين ڪوابن ۽ پڪل گوشت جي پَچڻ تي وڃي پُڄاڻي ٿيندي آهي.
عبدالغفار جوئيلرس جي دڪان تان پڇايم ته انگريزن جي ڏينهن جا چاندي جا رپيا ملي سگھندا جن تي انگلنڊ جي بادشاهه جارج ۽ راڻي وڪٽوريا جون شڪليون آهن.
“اسان وٽان ته سون جون گنيون به ملي سگھن ٿيون” دڪاندار وراڻيو.
پراڻن پينگھن ۽ درن کان پراڻا ڳهه ڳٺا وٺن لاءِ ماڻهو هالا جو رخ رکن ٿا، پر هالا ۾ سڀ کان گھڻو گُٻيت، ماکي ۽ ڌاڻي وڪرو ٿئي ٿي. ڪراچيءَ کان آيل هڪ فئملي کان پڇيم ته هنن کي هالا جي ڪهڙي شيءِ پسند آهي.
“پڪوڙا”. هنن وراڻيو. “هالن جي ٺهيل پڪوڙن جهڙا سنهان، مرچائي، ميهن پٽاٽن وارا لذيذ پڪوڙا ڪٿي به نه ملندا. گھر ۾ ٺاهيل پڪوڙا به تيل ۾ چڪڙ رهن ٿا، پر هتي (هالا جي مارڪيٽ) جا پڪوڙ اخسته (Crispy) ۽ ٽيسٽي آهن.”
هڪ پنهنجي پاڙيسري (هالن نون) جي دڪاندار کان پڇايم ته هالا ۾ واپار، يعني دڪان هلائڻ ڪيئن آهي.
“ڏاڍي محنت ڪرڻي پوي ٿي.” هن وراڻيو. “هالن پراڻن جي “ميمڻ” دڪاندارن سان مقابلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هو سٺي ۾ سٺي شيءِ ، سستي ۾ سستي اگھه تي ۽ تمام وڏي مقدار ۾ خبر ناهي ڪٿان وٺيو اچن جو ريزڪي Retail تي به هنن جي قيمت ايتري گھٽ آهي جو ٻين وٽ ٻَڌي (Whole Sale) تي به نه ملي.”
هڪ دڪاندار انگريزي ۾ ڳالهائي رهيو هو. “پڙهيل آهين؟” مون پڇيومانس.
“هالا ۾ سائين ڪير آهي جو پڙهيل ناهي. ڇولن وڪڻڻ وارو به ڊبل ايم اي آهي! آئون ته ڊاڪٽر آهيان.”
“پوءِ ڊاڪٽري نه ڪيانو؟” مون پڇيومانس.
“سرڪاري نوڪريون ڪٿي آهن. اجايو انتظار ڪري هڏ حرام ٿيان ان کان دڪان کولي ڪِرت ۾ لڳي ويو آهيان.” هن ٻڌايو.
“منهنجو مطلب آهي ته هن دڪان بدران ڪلنڪ کولين هان”. مون چيومانس.
“ڪهڙي گھٽي آهي جنهن ۾ ڪلنڪ ڪانهي، جتي آئون کڻي کوليان؟ هالا اهو شهر آهي جتان هر سال مرد ڊاڪٽر ته ڇڏيو رڳو ليڊي ڊاڪٽر به ويهارو کن ٿيون ٿين. هن وقت ٻه سئو کن ڊاڪٽر MBBS ڪريو ويٺا آهن. پوءِ انهن مان ڪي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي لڳي ويا آهن ته ڪي نوڪرين جي انتظار ۾ آهن. اهو ئي حال B.E ڪيل انجنيئرن ۽ MBA وارن جو آهي.”
منهنجي خيال ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۾ هالا اهو آهي جنهن ۾ سڀ کان گھڻو تعداد تعليم يافته ماڻهن جو آهي. سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهرتوهان کي هالا جا ماڻهو هر آفيس ۾ نظر ايندا. فوج ۾ پڻ هالا جا ماڻهو ٻين ڳوٺن جي ماڻهن کان گھڻا آهن. خاص ڪري نيوي ۽ آرميءَ ۾! مرد ته ڪموڊور ۽ برگيڊيئر رئنڪ جا ملندا پر ڪيتريون ڇوڪريون به ميجر رئنڪ تي پهچي ويون آهن.
پر يارو سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هالا جي تعليم جو معيار به اڄ اهو نه رهيو آهي. اهو ڳوٺ جنهن ڊاڪٽر حسن، ڊاڪٽر عبدالرحمان (V.C)، پروفيسر عبدالرزاق (دائود ڪاليج جو پرنسپال)، پروفيسر عبدالقدوس علوي (وي سي NED )، پروفيسر احمد علي انصاري، رسول بخش راهو (جنرل مئنيجر KPT) مسعود ارباب، حاجي قادر بخش ميمڻ، محمد خان ميمڻ جهڙا ذهين هوشيار، قابل چيف انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ عالم انيڪ پيدا ڪيا. اهي سڀ غريب مائٽن جا ٻار هئا ۽ پنهنجي مڙسي سان جهڙن تهڙن قلمن، ڪاپين ۽ ڏيئي جي روشني ۾ پڙهي پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو مٿي ڪيو. اڄ ان ڳوٺ جا شاگرد انٽر بعد جڏهن ڪنهن پروفيشنل ڪاليج ۾ پهچن ٿا ته هنن کان انگريزي جو جملو نٿو ڳالهايو ٿئي! ويهن تائين کوڙا نٿا اچن! نائين ڪلاس جو علم بدن، انگي حساب ۽ فزڪس ڪيمسٽري سمجهه ۾ نٿي اچين! پوءِ اُهي تعليمي ادارا جتي سڄي پاڪستان جي شهرن جا شاگرد آهن اتي اسان جي سنڌ جا شاگرد جهڙا وائڙا وائڙا! علمي معلومات کان بنهه يتيم، باقي بورڊ جي رزلٽ شيٽ ۾ ڏسو ته سندن هر سبجيٽ ۾ سڀ کان گھڻيون مارڪون نظر اينديون. اهو ئي حال هاڻ هالا جي شاگردن جو آهي. اهو شهر جنهن جي هر گھٽيءَ ۾ ميڊيڪل ڊاڪٽرن کان علاوه پي ايچ ڊي وارا ڊاڪٽر نڪتا ٿي. ۽ شايد ئي ڪو پنهنجي خرچ تي پڙهيو هجي سڀ پنهنجي قابليت تي، اسڪالرن تي پڙهيا. پوءِ ڪنهن روس مان جيولاجي سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ته ڪنهن انگلنڊ مان ڪيمسٽري، فزڪس ۾، ڪنهن اليڪٽرانڪس ۾ ته ڪنهن ڪمپيوٽر سائنس ۾. ڪنهن سول انجنيئرنگ ۾ ته ڪنهن مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾. ڪهڙو سبجيڪٽ آهي جنهن جا ڄاڻو هن شهر هالا ۾ نه هجن. ڪنهن به علم جي معلومات وٺڻي هجي ته هن شهر ۾ ان سبجيڪٽ جا Expert هڪ کان وڌيڪ ملي ويا ٿي. پر اڄ جي شاگردن کي فقط هڪ ڄاڻ آهي ته ڪاپي ڪيئن ڪجي! ڪارتوس ڪيئن ٺاهجن! هڪ بدران ٻئي کي امتحان ۾ ڪيئن وهارجي! حڪومت به ان کي روڪڻ جون ڪوششون وٺي وٺي ٿڪجي پئي آهي. امتحان هال ۾ ايڪسٽرنل ٿا اچن. پوليس ٿي اچي، ايس ڊي ايم ٿو اچي. رينجرس ٿا اچن، پر ڪنهن کي ڪنهن جي پرواهه ناهي. اها ئي ڪاپي هلندي اچي. هرڪو بي اي، ايم اي، بي ايس سي جون هڪ کان وڌيڪ ڊگريون حاصل ڪري پنهنجي ظاهري ڪاميابي تي خوش پيو ٿئي. شايد حڪومت به ڍر ڏئي ڇڏي آهي ته ڀلي سڄو فائيل ڊگرين سان ڀريو. نوڪريون ته هونءَ ئي آهن ڪونه. يا اڄ نه سڀاڻ ميڊيڪل، انجنيئرنگ جهڙن ڪاليجن جي چونڊ لاءِ فوجي ڪاليجن وانگر الڳ “داخلا ٽيسٽ” وٺبو ته اهڙي طرح انٽر پاس ٿيل ڪو به نه اچي سگھندو. انگلنڊ آمريڪا ته ڇا ملائيشيا ۽ سعودي عرب جهڙن ملڪن به، ڪڏهوڪو، اسان جهڙن ملڪن جي شاگردن کي کڻڻ ڇڏي ڏنو آهي. هنن کي خبر آهي ته هتي MBBS,BE ٻيون ڊگريون ڪيئن پيون حاصل ٿين.
اسان جو ڳوٺ هالا عمارت سازي جي نموني سان گڏ صاف سٿرو پڻ چيو وڃي ٿو، بلڪه سڏيو ويندو هو. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ، جڏهن اسان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين، منهنجي ڌيان تي ان وقت جي گھٽين جو نقشو اڄ به چٽو پٽو آهي. سڌيون گھٽيون، انهن گھٽين ۾ سڌين ڀتين وارا گھر ... جيتوڻيڪ ڪچائي سهي. گھرن جون ڌڪيون ٻاهر گھٽين ۾ نڪتل بدران اندر چوديواري ۾ هونديون هيون. انصارين جي گھٽي، عالياڻي گھٽي. ڪَڪَن جي گھٽي، ڀُٽن جي گھٽي - هر گھٽي بئٽ بال کيڏڻ کان وٺي ونجھوٽي کيڏڻ لاءِ Ideal هوندي هئي. هر گھٽيءَ جي وچ ۾ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نالي هوندي هئي جنهن مان فقط مينهن جو يا گھر جي هار وير جو پاڻي گذرندو هو. ڪاڪوس “سنداس ٽائيپ” هوندا هئا يا ڀنگياڻي نائين ڏهين بجي ڌاري گھرن جي صفائي ڪري ويندي هئي، جنهن وقت ٻار اسڪولن ۾ هوندا هئا ۽ مرد ماڻهو دڪانن ۽ آفيسن ۾. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ مان اڃا ڪو سول انجنيئر نه ٿيو هو.
ڏهاڪو سالن بعد محمد صديق، قادر بخش، عبدالباقي متقي، عبدالقدوس علوي، مسعود ارباب، محمد خان ميمڻ .... شايد پهريان انجنيئر ٿيا. هالا ۾ جايون ٺاهڻ لاءِ ڊئريڪٽ رازي سان ڪنسلٽ ڪبو هو جيڪي بنا ڪنهن نقشي جي مٿي ٻُڌايل گھرن جهڙا سهڻا، سڌا، هوادار گھر ٺاهيندا هئا. ان وقت جي رازن مان اڄ به عبدالهادي متقي جهڙن هوشيار ۽ ايماندار رازن جا مثال ڏنا وڃن ٿا جيڪي نه پاڻ مالڪ جو پئسو يا سيمينٽ کائيندا هئا ۽ نه مالڪ کي پبلڪ جي گھٽيءَ جي زمين چوري ڪرڻ ڏيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر به اڃا نه ٿيا هئا. حڪيم ۽ پساري هوندا هئا جيڪي گھڻو ڪري خدا ڪارڻ ماڻهن کي چڱائيءَ لاءِ چوندا هئا. ناليءَ ۾ بال ڪري پوندو هو ته لنگھندي وقت سمجھاڻيون ڏيندا هئا ته ان کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ کيڏيو.
پر يارو! اڄ ان شهر جو ( ۽ پڪ سنڌ جي ٻين شهرن جو پڻ) نمونو ئي بدليو پيو آهي. اڄ جيتوڻيڪ هالا ۾ فقط سول انجنيئر ۽ ڊاڪٽر هڪ سئو کان مٿي آهن پر اڄ نه گھٽيون سڌيون آهن نه گھر سڌا آهن. قدم قدم تي انڪروچمينٽ آهي گھر کي گھٽيءَ ۾ ڪڍي اچڻ کي اڄ عمارتسازي جو ڪرتب سمجھيو وڃي ٿو. باٿ روم ۽ ڪاڪوس ماڊرن ٿي ويا آهن پر ٻاهر گٽر سسٽم آهي ئي ڪونه! هر گهر جو گند ٻاهر نالين ۾ پيو آهي ۽ سڄو ڏينهن ڌپ ۽ سڙانڊ جو واسو رهي ٿو. گھٽين ۾ ٻار نالين اڳيان ويٺا راند ڪن. هڪ ڊاڪٽر ڏک ڪندي چيو ته سٺن کاڌن خوراڪن هوندي به هتي جا ٻار پيٽ جي بيمارين ۾ ورتل رهن ٿا، جنهن جا خاص سبب گھٽيءَ ۾ گندگي ۽ پاڻيءَ جي خرابي آهي. کوهن بدران هينئر گھر گھر ۾ Tap واٽر آهي پر غير معياري پائيپن ۾ سنها سوراخ هجڻ ڪري انهن مان نالين جو گندو پاڻي ۽ ڪرفتي پائيپن ۾ Vaccum ٿيڻ مهل اندر گھڙي پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ مڪس ٿئي ٿو ۽ ٻارن ۽ وڏن کي پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا ڪري ٿو. اسان جي ڳوٺن جون گنديون گھٽيون هڪ پئٿالاجسٽ شاگرد لاءِ سکيا جي لئبارٽري ته چئي سگھجن ٿيون پر ماحول سڌار جي چاهيندڙ جو خواب هرگز نه.

سائو نه سلڙو .....

نيشنل لئبرري جي هال ۾ هڪ سنڌين جو پروگرام هو. آئون پاڪستان کان ڏهه سال کن ٻاهر رهڻ بعد موٽيو هوس. ڪيترائي ماڻهو اهڙا هئا جيڪي مون لاءِ نوان هئا. ان دعوت ۾ سلطانا وقاصيءَ (ڪالم نويس ۽ شاعره) سرمد سنڌي نالي هڪ نوجوان ڳائڻي سان ملايو. راڳ جي حصي ۾ هن ٽي کن گيت ٻڌايا ۽ مهمانن هن کي تمام گھڻو ساراهيو. انهن گيتن ۾ جيڪو تمام گھڻو پسند ڪيو ويو ۽ سڄي هال ۾ تاڙين سان ڪجھه ماڻهو نچڻ به لڳا، اهو هو:
ڪنڊيءَ نه سڱري،
ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو،
ڇانگون نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا ... مارو اڪيلڙا ....
“هي ته روئڻ جو مقام آهي” مون دل ئي دل ۾ سوچيو، هن ۾ تاڙيون وڄائڻ ۽ خوشيءَ مان نچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي! ڳائڻ وارو اسان جي سنڌ جي مارن جو ڪيڏو نه ڏک ڀريو داستان ٻڌائي رهيو آهي:
ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو
سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا...
اسان جا درويش ماڻهو راڳ جي پيغام کي سمجهڻ بدران ان جي ميوزڪ تي خوش ٿي نچي رهيا هئا. ان وقت مون کي ان سان ملندڙ هڪ ٻيو پراڻو واقعو ياد آيو . 1971 واري پاڪستان هندستان جي جنگ کان سال ٻه اڳ ۽ پوءِ اسان جو جهاز ڪيترا دفعا چين جي هڪ ڏاکڻي بندرگاهه ۾ ويندو رهيو. هر دفعي پهچڻ تي ان بندرگاهه جي انتظاميا اسان جهاز وارن کي هڪ تمام وڏي دعوت ڏيندي هئي. ڊنر بعد انهن جو ليڊر چيني زبان ۾ تقرير ڪندو هو. اسان کي اهو چيو ويو ته چينين جي رسم موجب اسان کي ٿوري ٿوري دير بعد تاڙيون وڄائڻ کپن چاهي تقرير جيڪا چيني زبان ۾ ٿئي ٿي، اسان کي سمجھه ۾ اچي يا نه.
بهرحال اسان هر دفعي دعوت ۾ ٿيندڙ تقرير تي رکي رکي تاڙيون وڄائيندا هئاسين ۽ ان ۾ ڪو عيب يا خرابي نه هئي. اسان جي دوست ملڪ چين جو معزز ميزبان هيڏي پئماني جي ماني کارائي تقرير ۾ پاڪستان چين دوستي لاءِ دعائون گھرندو هو. اسان جي همٿ ۽ پهلوانيءَ جا ڳڻ ڳائيندو هو. پاڪستان ۽ چين جي وڌندڙ تعلقات جي تعريف ڪندو هو... وغيره وغيره... اسان کي اهو ٻڌايو ويو ۽ اسان هر دفعي تقرير دوران رکي رکي تاڙيون وڄائي چيني ميزبانن کي خوش ڪندا رهياسين.
1971ع جي جنگ ٿي ان بعد وري چين جي ان بندرگاهه ۾ وڃڻو پيو. هاڻ جهاز تي اسين فقط مغربي پاڪستان جا هئاسين. مشرقي پاڪستان جا اسان جا ساٿي مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿيڻ تي الڳ ٿي ويا هئا. چيني بندرگاهه جي انتظاميا وارن دستور موجب اسان جي پهرين رات ئي ڊنر ڪئي جنهن بعد پهرين وانگر وڏي تقرير به ٿي ۽ اسان به پهرين وانگر رکي رکي تاڙيون وڄائيندا رهياسين. پر اهو دعوت ۾ ئي محسوس ڪيوسين ته اسان جي تاڙين وڄائڻ تي موجود چيني مهمان توڙي ميزبان خوش نه پئي ٿيا.
بهرحال اهو راز ٻئي ڏينهن فاش ٿيو جڏهن اسان جي انگريزي ڳاهائيندڙ چيني ايجنٽ اسان کي جهاز تي اچي ٻڌايو ته اسان کي رات واري تقرير ۾ تاڙيون وڄائڻ نه کپنديون هيون.
“ڇو...؟” اسان وائڙو ٿي پڇيس.
“ ان ڪري جو رات واري تقرير ۾ شهر جو ميئر اهو چئي ڏک جو اظهار ڪري رهيو هو ته ”اسان کي افسوس آهي جو هن جنگ ۾ پاڪستان جو اڌ حصو (مشرقي پاڪستان) جدا ٿي ويو آهي ...“ ۽ توهان ويٺي تاڙيون وڄايون.
هن اهو به چيو ته ”اسان چينين کي ڏک آهي ته اسان جي دوست ملڪ پاڪستان جي بهادر فوج هندستان وٽ قيد آهي....“ ۽ توهان ويٺي تاڙيون وڄايون. ”هڪ ڏک جي مقام تي توهان تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو...“
اهو ٻڌي اسان کي ڏاڍو افسوس ٿيو.
۽ ان ڏينهن، نئشنل لئبرريءَ ۾ ان قسم جي ساڳي روداد هئي. اسان جهاز وارا ته ٿياسين ماڇي، مهاڻا، ساٽي .... يعني اڻ پڙهيل جاهل! اسان ته ٿياسين چيني ٻوليءَ کان به اڻ واقف .... پر اسان جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سنڌيءَ کان واقف audience کي ڇا ٿيو آهي جو هو هڪ افسوسناڪ situation ۽ اهڙي خطرناڪ حالت جو ٻڌي خوشيءَ وچان ٺينگ ٽُپا ڏئي رهيا آهن! ڇا اهو خوشيءَ جو پيغام آهي ته ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو، سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا... مارو اڪيلڙا ...
يعني هڪ خوفناڪ قسم جي ڏڪار جي حالت آهي، جتي مال (ٻڪرين، ڇيلن، وغيره) لاءِ ڪنڊيءَ جو وڻ ئي نه آهي. نه وڻ آهي ۽ نه ان جو ميوو - سـڱريون آهن - جيڪي ٻڪريون توڙي اُٺَ شوق سان کائيندا آهن. اهو ته ٺهيو پر پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري ٻٻر جو وڻ ۽ ان جو ميوو پلڙا به نه آهن .... نه آهن ڇيلڙا. يعني نه مال آهي ۽ نه انهن جي کائڻ لاءِ ٻٻر، ديوي، ڪَنڊي يا ٻين وڻن جو ڇانگون (ٽاريون) ... ۽ ان ڳالهه تي اسان خوش ٿي تاڙيون وڄائي رهيا هئاسين.

حد کان وڌيڪ لاڏلا اسان جا ٻار

ويجھڙائيءَ ۾ ريڊيو تان هڪ سنڌي راڳ ٻڌم، ماءُ پنهنجي ننڍڙي ٻار جي رُسڻ تي راڳ ڳائي، هن کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي:
“جاني ري، منهنجا مٺڙا جاني،
رسي نه وڃ تون ماءُ کان،
هٿ ٿي ٻڌانءِ، پيرين ٿي پوانءِ.
رسي نه وڃ ماءُ کان... ”
مون سان گڏ سنڌ حڪومت جو هوم سيڪريٽري برگيڊيئر مختيار به ويٺو هو. گانو ٻڌڻ مهل هو به ڪجھه اهو ئي سوچي رهيو هو، جيڪو آئون سوچي رهيو هوس تڏهن ته گاني ختم ٿيڻ تي هن يڪدم چيو:
“سنڌي ڪلچر ۾ اجهو ائين ٻارن جو مٿو خراب ٿو ٿئي ۽ پوءِ هو ماءُ کي نوڪرياڻي ٿو سمجهي.”
واقعي پٽ ٻار کي جيترو اسان جي معاشري ۾ مٿاهون سمجهيو ٿو وڃي اوترو شايد ئي ٻي قوم ۽ ملڪ ۾ هجي. پٽ ٻار تي سختي ڪري هن کي ڊسيپلينڊ ۽ محنتي بڻائڻ بدران هن کي حد کان وڌيڪ لاڏ ڪوڏ ڏئي والدين کاريو رکن. هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي خذمت ڪرڻ ۽ ڀينرن جو خيال رکڻ بدران اهو ئي expect ڪري ٿو ته اهي مرڻ گھڙيءَ تائين هن جي خذمت ۽ خيال رکندا رهن.
هڪ ڏينهن منهنجي دوست ليڪچرار ڪئپٽن لوڌي اچي ٻڌايو ته نون چونڊجي آيل ناٽيڪل ڪئڊٽن ۾ هڪ ڪئڊٽ اڪيڊمي ڇڏي وڃڻ چاهي ٿو.
“نواب شاهه ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ جو آهي، توهان هن کي روڪي سگھو ته بهتر ٿيندو. غريب جو مستقبل ٺهي ويندو. ” هن چيو.
مون هن ڪئڊٽ کي آفيس ۾ گھرايو جنهن کي ڳوٺان آئي هفتو کن مس ٿيو هو. مون هن کي اهو احساس ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ته هو خوش نصيب آهي جو سڄي پاڪستان مان هزارين اميدوارن مان چونڊيل پنجاهه مان هڪ آهي. ٻن سالن جي تعليم بعد جهاز تي ڪئڊٽ آفيسر ٿي ويندو، جتي دنيا ڏسڻ سان گڏ پگھار ملڻ به شروع ٿي ويندس. محنت ڪندو رهيو ته ستن اٺن سالن ۾ جهاز جو ڪئپٽن ٿي ويندو. پر مون ڏٺو ته هو منهنجي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ راضي نه هو.
“مون کي ڪجھه ڏينهن موڪل ڏيو ته آئون ڳوٺان ٿي اچان. آئون گھر وارن کي ياد ٿو ڪريان”، هو چوندو رهيو .
“ڳالهه ٻڌ!” مون هن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. “تو هڪ اهڙي لائين اختيار ڪئي آهي جنهن ۾ موڪل جو ۽ مائٽن سان سگھو سگھو ملڻ جو ته سوچڻ ئي نه کپي. جهاز هڪ دفعو بندرگاهه ڇڏي ٿو ته هلندو ئي رهي ٿو، چاهي ڏينهن هجي يا رات، عيد هجي يا عاشورو. سمنڊ تي موڪل ۽ مائٽن سان ملڻ جو ته ڪو سوچي نٿو سگھي. ٻي ڳالهه ته تون اڪيڊمي ڇڏي هليو ويندين ته هڪ سيٽ هلي ويندي. ائين ناهي ته ڪو هاڻ تنهنجي جاءِ تي ڪوٽا مطابق سنڌ جي ٻئي شاگرد کي چانس ملي سگھندي.”
بهرحال مون گھڻو ئي چاهيو ٿي ته هي نوجوان ترسي پوي. سندس پيءُ هڪ هاري هو ۽ کيس پنج ڀينرون ۽ ٽي ننڍا ڀائر هئا. يعني پيءُ ويچاري قرض کڻي ٻين کي ڏکيو رکي هن جو مستقبل ٺاهڻ لاءِ ڳريون فيون ڏئي هيڏانهن موڪليو هو. پر هن جي دل صفا نه پئي لڳي.
”آخر توکي هتي ڪهڙي تڪليف آهي جو رهڻ نٿو چاهين؟“ اسان پڇيس.
“هتي صبح جو سوير اٿڻو پوي ٿو، پي ٽي پريڊ ڪرڻي ٿي پوي. هر ڪم پاڻ ڪرڻو ٿو پوي. پڙهائي به گھڻي ۽ ڏکي آهي... ” هن سبب ٻڌايا. مون هن کي اهو به سمجايو ته اهي سڀ ڳالهيون ٻين شاگردن لاءِ به ته آهن جيڪي گلگت ۽ سوات جهڙن ڏوراهن هنڌن کان آيا آهن ۽ اهو پڻ ٻڌايومانس ته اڄ کان چاليهه سال اڳ آئون به هن وانگر ڪئڊٽ هوس ۽ انهن ڏينهن ۾ ته هيءُ اڪيڊمي چٽاگانگ ۾ هئي ۽ تن ڏينهن ۾ ته عيد جي به موڪل نه ملندي هئي ۽ نه ٽيليفون جي سهولت هئي. روز مرهه جي زندگي هتي کان به سخت هئي ۽ پوري سال بعد ڳوٺ موٽبو هو... وغيره وغيره. پر هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو. اسان جي سمجھائڻ ۽ زور ڀرڻ تي هو ٻه چار ڏينهن ٻيا ضرور ترسيو، ان بعد ڀڄي ويو. سندس پيءُ سان Contact ڪيوسين، جنهن جي ڳالهين مان اندازو ٿيو ته هو چئن ڀينرن بعد ڄمڻ ڪري، ماءُ پيءُ غريب هوندي به، هنن هن کي اهڙو سڪيلڌو بڻائي ڇڏيو جو هن لاءِ صبح جو سوير اٿڻ ۽ معمولي ڪم ڪار ڪرڻ به وڏي ڳالهه ٿي لڳي. هن ڳوٺ ۾ ئي ماءُ پيءُ وٽ رهڻ ٿي چاهيو، جتي سندس هر لاڏ ۽ انگل کنيو ويو ٿي.
سندس موٽي نه اچڻ تي اسان کي به افسوس ٿيو ته هي ڳوٺ جو نينگر جهازن جو ڪئپٽن ٿيڻ کان رهجي ويو.

ملائيشيا اچڻ وارن لاءِ ٻه ڳالهيون

ملائيشيا ۾ پهرين ڏينهن آفيس ۾ پشاوري سئنڊل پائي ويس. هڪ ته مينهن ڪري رستا آلا هئا ۽ ٻيو اهڙو ڪو ٿڌڪار نه هو جو جوراب پائجن ڇو جو ظاهر آهي ڪَهين وارن بوٽن تي جوراب پائڻ ضروري سمجهيا وڃن ٿا - يا شايد بوٽ پالش نه ٿيل هئا، بهرحال ان پهرين ڏينهن، آفيس ۾، مون سئنڊل پائي وڃڻ ۾ وڌيڪ فرحت محسوس ڪئي. هونءَ منهنجي دل ته هميشه چئمپل پائي هلڻ تي چوندي آهي، پر ظاهر آهي آفيس ۾، ڪنهن ڪلب يا ڪنهن دعوت ۾ چئمپل پائي هلڻ کي پسند نٿو ڪيو وڃي نه وري اسان جي ملڪ ۾ انگلينڊ ۽ يورپ جهڙو سيءُ آهي جو اونهاري ۾ به جوراب ۽ بوٽ پائڻ ۾ مزو اچي. انگريزن پنهنجي سُک لاءِ هي پشاوري سئنڊل پائڻ کي Good Manners ۾ شامل ڪيو ۽ انهن جي وڃڻ بعد اسان جي ڪاري انگريز حاڪم ان کي Continue ڪيو ۽ هاڻ توهان حيدرآباد جي جيم خاني ۾ به ڪهين واري بوٽ ۽ جورابن بدران هي پشاوري سئنڊل پائي داخل ٿي سگھو ٿا جنهن جي اڳيان ۽ پاسن کان وڏا سوراخ هجڻ ڪري هوا جو گذر ٿئي ٿو ۽ پٺيان فقط هڪ پٽي هجڻ ڪري پائڻ ۽ لاهڻ ۾ به سولو ٿئي ٿو.
بهرحال ان صبح جو آئون سئنڊل پائي آفيس ۾ ان هنڌ تي پهتس جتي حاضري لڳائڻ لاءِ مشين ۾ پنهنجي حاضريءَ جو ڪارڊ وجھي پنچ ڪيو وڃي ٿو. منهنجي اڳيان ٻه ٽي ملئي ۽ چيني آفيسر بيٺا هئا. اهي منهنجي هن قسم جي بوٽ (سئنڊل) کي ڏسي حيرت کائڻ لڳا. مسٽر “چي” نالي هڪ ليڪچرر (جنهن بابت بعد ۾ خبر پئي ته ڳالهائڻ جو بلڪل کرو آهي ۽ ڪنهن جو لحاظ نٿو ڪري) ٽهڪ ڏيندي مون کي چيو “مسٽر پاڪستاني! وٽ از دس؟” ۽ آئون تعجب کائيندو رهيس ته هي منهنجي سئنڊل کي ڏسي حيران ڇو ٿي ويا آهن. ڇا هنن ڪڏهن ڏٺو ناهي ڇا؟
۽ پوءِ ڪجھه ڏينهن بعد ڳالهه سمجھه ۾ آئي ته ههڙا سئنڊل ملائشيا وارن نه ڏٺا آهن ۽ نه هن ملڪ ۾ هلي سگھندا. ڇو جو ملائيشيا نانگن، بلائن ۽ زهريلن جيتن جڻين جو ملڪ آهي. گھڻي بارش ڪري، چوڌاري ايڏو ته وڏو گاهه آهي جو رات جو ته ڇا پر ڏينهن جو به اهڙي سئنڊل ۾ هلڻ خطري کان خالي ناهي. سو ملائيشيا، انڊونيشيا، ڏکڻ ٿائلينڊ، ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن ۾ اچڻ وارن کي کپي ته پاڻ سان ان قسم جي سئنڊل آڻڻ جي تڪليف هرگز نه ڪن ۽ ملائيشيا اچڻ وارن کي ته ڪهين وارو بوٽ به پائڻ نه کپي جو ملائيشيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪنهن جي گھر وڃڻ وقت بوٽ ٻاهر لاهڻو پوي ٿو. ان ڪري ملائيشيا ۾ سڀ کان آسان سليپر (بنا ڪهين وارو بوٽ) رهي ٿو ۽ توهان ڏسندائو ته هر هڪ بنا ڪهين وارا جوتا استعمال ڪري ٿو. شهر ۾ ڪهين وارو بوٽ پائيندڙ نظر اچانو ته سمجھي وڃو ته هي ڌاريو ٽوئرسٽ آهي يا هاڻ ويجھڙائيءَ ۾ ملائيشيا آيو آهي.
بوٽ لاهي گھر ۾ گھڙڻ جي رسم ڏور اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي جهڙوڪ جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ وغيره وغيره.
ٻي ڳالهه ته ملائيشيا يا جپان ايندڙ ڊگھي قد جي پاڪستانين کي کپي ته هو پنهنجي لاءِ قميصون توڙي پتلونون پاڪستان مان ئي ٺهرائي اچن، جو هنن کي هتي جي ريڊي ميڊ ڪپڙن جي دڪانن ۾ هرگز نه ملنديون. هن پاسي جا ماڻهو گھڻو ڪري بندري قد جا آهن ۽ ننڍي سائيز جون قميصون ۽ بوٽ ته هن پاسي جام آهن ۽ سستي اگھه ۾ ملندا پر وڏي سائيز لاءِ توهان کي ڪنهن يورپي يا آمريڪن جي لڏي وڃڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، جيڪي ٻئي ملڪ بدلي ٿيڻ يا شهر ڇڏڻ تي پنهنجو سامان کڻي وڃڻ بدران اوڻي پوڻي ۾ وڪڻڻ لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏيندا رهن ٿا.

ڇا وتائي فقير جي ڳالهه آهي؟

پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ملئي ماڻهو (ملائيشيا جا مسلمان باشندا) ڪوشش ڪري نماز مڪمل Concentration ۽ توجه سان پڙهن ٿا. نماز جوٽڻ کان ڪجھه منٽ اڳ ماٺ ڪري پنهنجي من کي دنيا جي ڳالهين کان هٽائي هڪ مَنُو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ نماز جي نيت ڪري “الله اڪبر” چوندا.
هن ڀيري (2002ع ۾) ملائيشيا ويس ته هڪ ڏينهن مسجد مان نڪرڻ وقت ملئي ماڻهن جي ان سٺي عادت جو ذڪر پنهنجي ميزبان ملئي دوست ڪئپٽن رزاليءَ سان ڪيم. ان بعد کيس اها مشهور حڪايت ٻڌايم ته هڪ نمازيءَ اڳيان ڪو ماڻهو پنهنجي خيالن ۾ لنگھي ويو. نمازيءَ پنهنجي نماز ڀڃي هن کي دڙڪو ڏنو ته ڏسين نٿو ته آئون الله جي اڳيان بيٺو آهيان تو اڳيان لنگھي منهنجي نماز ڊسٽرب ڪري ڇڏي.
همراهه معافي وٺندي چيس: “ڇا ڪريان آئون پنهنجي محبوب جي عشق ۾ اهڙو غرق هوس جو مونکي هوش ئي نه رهيو ته آئون هڪ نمازيءَ جي اڳيان لنگھي رهيو آهيان” ۽ پوءِ ٿورو ترسي چيو، “پر منهنجا ڀاءُ تنهنجو پنهنجي رب سان ڪهڙو عشق آهي جو منهنجي لنگھڻ سان تنهنجو ڌيان هٽي ويو.”
رازليءَ کي اهاڪهاڻي ٻڌائي چيومانس ته “توهان ملئي ماڻهن جو رب پاڪ سان سچو عشق آهي جو هڪ دفعو نماز جوٽڻ بعد توهان جو ڌيان ڪيڏانهن به نٿو ڀٽڪي. “ڪئپٽن رزالي ڪجھه چوڻ بدران پنهنجي روايتي مُرڪ جي ورکا ڪندو رهيو.
“رزالي ان سلسلي ۾ سنڌ جي هڪ درويش جو قصو ياد آيو اٿم. ٻڌ.” مون رزاليءَ کي چيو. “هڪ فقير طبع انسان تسبي پڙهندو پئي ويو ته درياهه جي ڪناري تي پاڻي ڀريندڙ ٻن عورتن جي ڳالهه ٻول سندس ڪن تي پيئي. هڪ ٻيءَ کان سندس مڙس بابت پڇي رهي هئي ته هو هن کي ڪيترو ٿو ڀانئين؟ جواب ۾ هن چيس ته “ڀيڻ پنهنجن سان ڪهڙا ليکا ڪبا”. عورت جو اهو جواب ٻڌي درويش پنهنجي تسبي کڻي درياهه ۾ اڇلي ۽ دل ۾ چيو: ”هڪ عورت پنهنجي محبوب (مڙس) سان ڪو حساب نٿي رکي ۽ آئون آهيان جو پنهنجي رب سان هر شيءِ جي ڳڻپ ويٺو ڪريان.“
ڪئپٽن رزالي جهاز جو ڪئپٽن ٿيڻ جو آخري امتحان ڏيڻ کان اڳ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو جتي آئون ليڪچرار هوس. مون هنن کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ جهاز ۽ جهاز هلائيندڙ جي Safety بابت پڙهايو ٿي. هڪ دفعي اناج (چانور، ڪڻڪ وغيره) سان ڀريل جهاز جي ڳالهه اچي نڪتي ته “جهاز جي پنج ڇهه گدامن (Holds) ۾ ڀريل اناج (Grains) مان هڪ کي باهه ٿي لڳي. هاڻ جهاز کي بندرگاهه تائين سلامتي سان پهچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي.”
صحيح جواب اهو ئي آهي ته ان هولڊ (جهاز جي گدام) کي چوڌاري Seal (بند) ڪري ڇڏجي جيئن ان اندر هوا داخل ٿي نه سگھي. وڌيڪ هوا نه وڃڻ ڪري وڌيڪ باهه ٻرڻ بند ٿي ويندي فقط اها ڌڳندي رهندي جيڪا پهريان جي لڳل آهي. اهڙي طرح آرام سان ڏينهن ٻه ڪڍي سگھجي ٿو ۽ تيستائين جهاز کي ڪنهن ويجھي بندرگاهه ۾ پهچائي بندرگاهه وارن کان مدد وٺي سگھجي ٿي. هن صورت ۾ فقط ڪجھه سامان (اناج) جو نقصان ٿئي ٿو باقي گدامن (هولڊن) وارو سامان، جهاز ۽ ان تي موجود ماڻهو بچي سگھن ٿا.
مون اهو مٿيون سوال ڪلاس ۾ ويٺل ڏهاڪو کن مستقبل جي ملئي ۽ چيني ڪئپٽنن مان رزاليءَ کان پڇيو. رزاليءَ اهو ئي جواب ڏنو جيڪو هڪ عام ماڻهو سوچي ٿو. يعني سمنڊ تي پاڻيءَ جي ڪا کوٽ ناهي. رڳو ڪنهن پمپ جو بٽڻ دٻائڻ سان ڪلاڪ اندر سوين ٽن سمنڊ جو پاڻي ان گدام ۾ ٻرندڙ باهه کي وسائي سگھي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان عمل سان باهه ته وساميو وڃي پر جهاز جي هولڊ (گدام) جون لوهي ڀتيون ڦاٽيو پون، ڇو جو هر قسم جو اناج پاڻيءَ ۾ پُسڻ تي ڦونڊجي، پنهنجي واليوم کان ٻيڻو ٽيڻو ٿيو پوي. چانورن جو مثال ته گھر ۾ هر هڪ ڏٺو هوندو ته اهي رڌجڻ وقت ڪيئن وڌيو وڃن. جهاز جي گدام (Hatch/ Hold) ۾ ان ڦونڊيل اناج کي جڏهن جاءِ نٿي ملي ته ان جو زبردست هئڊرالڪ پريشر جهاز جون لوهي پليٽون ڦاڙيو رکي ۽ سمنڊ جو پاڻي جهاز اندر داخل ٿي، گھڙين جي فيصلي ۾ جهاز ٻوڙيو رکي.
رزاليءَ جي غلط جواب تي مون کلندي چيومانس ته مولانا مون ته توکان جهاز بچائڻ جو طريقو پڇيو هو، نه جهاز ٻوڙڻ جو. تو منهنجي ڳالهه ٻڌي ضرور پر سمجھي نه هئي. پوءِ کيس ويهڻ لاءِ چئي سڄي ڪلاس کي سنڌ جي درويش وتائي فقير جو قصو ٻڌايو ته هو هڪ ڏينهن شهر کان ٻاهر گھمڻ لاءِ هليو ويو. واپسيءَ تي ڏاڍو ٿڪجي پيو ۽ ٻڪ کڻي دعا گھري ته “ رب پاڪ ڏاڍو ٿڪل آهيان ڪا سواري ڏيار.”
ٿورو اڳيان هليو ته پريان بيٺل هڪ پوليس واري رڙ ڪري سڏ ڪيس.
“اڙي فقير هيڏانهن اچ، هن گھوڙيءَ ڦر ڏنو آهي، شهر تائين هي ڦر کڻي هل.”
وتائي ڦر کي ڪلهن تي رکي مٿي آسمان ڏي نهاري چيو: “منهنجا مولا سڻي ٿو پر سمجھين نٿو. مون توکي اهڙي سواريءَ لاءِ عرض ڪيو هو جنهن مٿان آئون چڙهي هلان يا هوءِ منهنجي مٿان.” وتائي فقير جو اهو قصو منهنجي ان بئچ جي شاگردن کي ايترو ته وڻيو جو هو پنهنجي ٽن مهينن جي ڪورس ۾ جنهن ڏينهن به پڙهائي دوران وقت مليو ٿي هنن وتائي فقير جون دلچسپ ڳالهيون پڇيون ٿي. اهي اسي واري ڏهاڪي جي وچ وارا سال هئا ۽ هيئنر سورنهن سترهن سالن بعد به ڪئٽپن رزاليءَ کي وتايو فقير ياد هو جو کيس مون جيئن ئي مٿين تسبيءَ واري ڳالهه ٻڌائي ته مون کان هڪدم پڇڻ لڳو ته سر اها به وتائي فقير جي ڳالهه آهي؟

سموڪ سنگل

گذريل مضمون ۾ ملائيشيا جي ڪئپٽن رزاليءَ جو ذڪر ڪيو اٿم. پاڻ هن وقت سندس مليل “اي ميل” ڪري ياد اچي ويو. ملائيشيا ۾ رهندڙ منهنجي ڪجھه ٻين شاگردن وانگر ڪئپٽن رزالي به E-mail ذريعي ياد ڪندو رهي ٿو. هن جي خطن ۾ اڪثر مذهبي ڳالهيون هونديون آهن. هن وقت جيڪا اي-ميل موڪلي اٿس اها پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ترجمو ڪري لکي رهيو آهيان. عنوان اٿس: “ان ماڻهوءَ جي ڪهاڻي جيڪو هڪ ٻيٽ تي ڦاسي پيو.”
جهاز جي تباهه ٿيڻ بعد هي همراهه سامونڊي ڇولين ۾ لڙهي هڪ اهڙي ننڍڙي ٻيٽ تي اچي سٽيو جنهن تي ڪو بني بشر نه هو.
هن دل جي اونهاين مان رب پاڪ کي ٻاڏايو ۽ پنهنجي بچاءُ لاءِ دعا گھري پر کيس موٽڻ جي ڪا به واٽ نظر نه آئي. هو روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ چوڌاري نهاريندو رهيو ٿي ته من ڪو جهاز نظر اچي وڃي ۽ هن کي ڏسي هن جي بچاءُ لاءِ اچي، پر ڪا اهڙي اميد نموندار نٿي ٿي.
ٿڪجي، ٽٽجي آخر هن جھڙ ڦڙ ۽ اس سيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ جھوپڙي ٺاهي جنهن لاءِ هن کي ڪجهه ڪاٺ سندس ڀڳل جهاز جو لڙهي آيل ملي ويو ۽ ڪجھه هن ٻيٽ تي موجود وڻن مان حاصل ڪيو. ٻيٽ تي هيڏانهن هوڏانهن ڦري گري جيڪي ڪجھه کائڻ پيئڻ لاءِ مليس ٿي اهو به ان جھوپڙيءَ ۾ اچي رکيائين ٿي.
هڪ ڏينهن هو کاڌي پيتي جي ڳولا تان جيئن ئي سج لٿي مهل پنهنجي جھوپڙيءَ ڏي موٽيو ته هن کي پري کان ئي سندس جھوپڙي سڙندي نظر آئي. باهه جا اُلا ۽ دونهون آسمان تائين پهچي ويو. هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ويڌن ٿي سگھي ٿي. غريب جو الهه تلهه برباد ٿي ويو. هو غم ۽ غصي جي حالت ۾ چڪرائجي ويو.
“منهنجا مولا! مون غريب وٽ هو ئي ڇا جيڪو تو چٽ ڪري ڇڏيو” هن روئي ٻاڏايو. بهرحال ٻئي ڏينهن صبح جو ڪنهن جهاز جي وِسل (گهگهوءَ) جي آواز تي هن جي اک کلي ته هن ڏٺو ته هڪ جهاز هن جي ٻيٽ ڏي وڌي رهيو آهي. اهو هن کي بچائڻ لاءِ اچي نڪتو.
هي خوشي ۽ حيرت وچان وائڙو ٿي ويو.
”اسان تنهنجو سموڪ سگنل پري کان ڏسي ورتو“ هنن وراڻيو.
جڏهن شين کي ائين ٿيندو نٿي ڏسجي جيئن دل چاهي ٿي ته انسان جھٽ مايوس ٿيو وڃي، پر اسان کي دل لاهڻ نه کپي، ڇو ته رب پاڪ اسان جي بهتري لاءِ ان وقت به ڪم ڪندو رهي ٿو جڏهن اسان تڪليف ۽ پريشاني ۾ نا اُميد ٿي وڃون ٿا.
ياد رکو، ٻئي دفعي توهان جي ننڍڙي جھوپڙي جي ٻري رهي آهي ته ٿي سگھي ٿو ته “رب جي رحمت” کي توهان وٽ آڻن لاءِ اهو سموڪ سگنل هجي.

مسواڙ تي پئسا ڏيڻ

گھر مسواڙن تي ڏنا وڃن ٿا. توهان اهو به ٻڌو هوندو ته وڏن شهرن ۾ ٽئڪسين کان علاوه پرائيويٽ ڪارون پڻ سڄي ڏينهن لاءِ يا هفتي کن لاءِ مسواڙ تي ملن ٿيون. اهڙي طرح شادين مرادين ۾ ڪرسين، پليٽن کان وٺي قناطون ۽ تنبو پڻ مسواڙ تي ملن ٿا. اسان وٽ لائيٽ وڃڻ جي پِٽ آهي. ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترا ئي ماڻهو جنريٽر وٺي رهيا آهن ۽ شادين جي موقعي تي روز جي حساب سان اهي به مسواڙ تي ملن ٿا. بهرحال انهن سڀني ڳالهين بابت توهان ضرور ٻڌو هوندو پر ٿي سگھي ٿو ته توهان اهو نه ٻڌو هجي ته ملائيشيا ۾ پئسا به مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا، جنهن کي توهان شايد وياج به چئي سگھو ٿا. ملاڪا، سريمبان ۽ جوهور بارو جهڙن ملائيشيا جي شهرن جي ڀاڄي مارڪيٽ ۾ ڏسندائو ته مختلف هنڌن تي چيني سيٺ ٽيبل تي پئسا رکيو ويٺا هوندا. پوءِ صبح ساڻ چيني گاڏن تي ڀاڄي، فروٽ يا ٻيوسامان رکي وڪڻڻ وارا، انهن کان پئسا اچي وٺندا آهن. ملائيشيا ۾ نوڪريءَ دوران هڪ ڏينهن نيٺ هڪ گاڏي واري کان پڇيم ته هي چڪر ڇا آهي؟ هن ٻڌايو ته هن جهڙا غريب ماڻهو روزانو صبح جو چيني سيٺ کان هڪ سئو ڊالر اوڌر تي وٺي ان جي ڀاڄي، ميوو يا گانگٽ مڇيون خريد ڪري شهر جي مختلف گھٽين ۾ وڪرو ڪن ٿا ۽ پوءِ شام جو سيٺ کي سندس سئو ڊالر واپس ڪرڻ مهل هڪ ڊالر مسواڙ طور به ڏين ٿا. بلڪ هڪ ڊالر مسواڙ وارو چيني سيٺ 100 ڊالر ڏيڻ وقت هن کان ان ئي وقت وٺي ٿو – ان کي چئبو آهي مور کان وياج مٺو!
هونءَ ظاهري طرح لڳي ٿو ته هڪ سئو ڊالر تي هڪ ڊالر ڪجھه به نه آهي اهي گاڏي تي هڪ سئو ڊالرن جو ميوو يا ڀاڄي وڪڻڻ وارو پنهني مور سان گڏ ويهارو کن ڊالر فائدو به ڪڍيو وٺي ۽ ان مان هڪ ڊالر سيٺ کي ڏيندي کيس ڪو ڏک نٿو ٿئي، پر ان سيٺ کي هڪ سئو ڊالرن تي روزانو هڪ ڊالر ملي وڃڻ وڏو فائدو آهي. ڇو جو روزانو سئو ڊالر ڏيڻ تي مهيني ۾ هن کي ٽيهه ڊالر مليو وڃن ۽ سال ۾ 365 ڊالر جيڪو تمام وڏو فائدو، ڪميشن يا وياج (جيڪو سمجھو) ٿئي ٿو. گھڻي کان گھڻو فائدو (يا وياج) ڏيڻ واريون بئنڪون به سال ۾ هڪ سئو ڊالرن تي ڏهن کان پندرهن ڊالرن تائين ڏين ٿيون پر هن ريت هڪ سئو ڊالرن تي 365 ڊالر مليو وڃن. وڏي ڳالهه ته بئنڪ ۾ ته اهي پندرهن کن ڊالر به تڏهن ملن ٿا جڏهن پوري سال لاءِ توهان سؤ ڊالر هنن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هتي روزانو توهان جا پئسا توهان کي واپس پوٽي ملن ٿا. هڪ چيني سيٺ ٻڌايو ته ان ۾ فقط اهو خطرو آهي ته ڪو توهان جا پئسا نه کائي وڃي. “سو اسان اوڌر تي پئسا ان کي ئي ڏيندا آهيون جنهن جي ڪو گئرنٽي ڏئي ٿو. بهرحال ڪڏهن ڪڏهن ڪو دوکو به ڏئي وڃي ٿو پر ان سان ڪو خاص فرق نٿو پوي جو فائدي جو حصو ايڏو وڏو آهي جو ڪڏهن سال اڌ ۾ هڪ سئو ڊالر جو هلي وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. هونءَ به ويهه پنجويهه گراهڪن مان هڪ اڌ چور به نڪري سگھي ٿو. پر پوليس ۾ شڪايت ڪرڻ تي هو ورلي ڪو بچي سگھي ٿو. ڇو جو ملائيشيا ۾ پڻ ڪيترن يورپي ملڪن وانگر، هر هڪ ماڻهوءَ جي شناخت جو نمبر آهي ۽ هر هڪ جي پوسٽل ائڊريس آهي، ان ڪري هن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم ناهي.“ ايتري قدر جو ملائيشيا ۾ ڪار خريد ڪري رجسٽر ڪرائڻ جو ڪاغذ، توڙي ڊرائيونگ جو امتحان پاس ڪرڻ تي ڊرائيونگ لائسنس مالڪ کي هٿ ۾ ڏيڻ بدران، هن جي شناختي ڪارڊ ۾ لکيل پوسٽل ائڊريس تي موڪليو وڃي ٿو، جيئن پڪ ٿئي ته هو واقعي ان ائڊريس تي رهي ٿو ۽ حادثي ڪرڻ جي حالت ۾ هن کي اتان سوگهو ڪري سگهجي.

الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

1. اناميڪا
2. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
3. پيار جي گُهٽَ
4. وايون وڻجارن جون
5. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
6. دنيا آهي ڪاڪ محل
7. سمونڊ جن ساڻيهه
8. بندر بازاريون
9. سمونڊ جي سيوين
10. سي جوڀن ڏينهن
11. بندر ديسان ديس
12. خبرون کيڙائن جون
13. ڪويت ڪنارا
14. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
15. جاني ته جهاز ۾
16. جپان جن جي جيءَ ۾
17. ڳالهيون تنهن جپان جون
18. خدا ڏي خط
19. جپان رس
20. سانڀاهو سمونڊ جو
21. موج نه سهي مَڪڙي
22. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
23. بهترين سفرناما
24. لنڊن تائين لفٽ
25. ٻارن جون آکاڻيون
26. ٽوڪيو جي گيشا گرل
27. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
28. سنگاپور ويندي ويندي
29. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
30. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
31. دُنگيءَ منجهه درياهه
32. ڏاهي جهرڪي
33. جت جر وهي ٿو جال
34. يادن جي انڊلٺ
35. ڳالهيون آهن ڳچ
36. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
37. Proverbs Of Far East
38. اوهريا جي عميق ڏي
39. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
40. ملير کان مالمو
41. جت برف پئي ٿي جام
42. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
43. ارائونڊ دي ورلڊ
44. رٺي آهي گهوٽ سان
45. يورپ جا ڏينهن راتيون
46. اي روڊ ٽو مدينا
47. هيلسنڪي جي حسينا
48. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
49. آل ابائوٽ سنگاپور
50. ملائيشيا منهنجي من ۾
51. ڀلي ڀار تان ڀيرو
52. هي ٻيٽ هي ڪنارا
53. بوتلن جو سفر
54. سوزيءَ سان پيار
55. جل پريون
56. ملائيشيا 12 سالن بعد
57. تيستائين گڊ باءِ
58. جپان پنجويهه ورهين بعد
59. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
60. دهليءَ جو درشن
61. نيو هالا کان نيويارڪ
62. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
63. ايران ڏي اُڏام
64. چنڊ چوانءِ سچ
65. هلي ڏسجي هندستان
66. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
67. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
68. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
69. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
70. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
71. مونکي موهيو ملائيشيا
72. وسي وڏ ڦڙو
73. نه سي سڙه سُکان
74. بنارس کان برمودا
75. برونائيءَ کان برازيل
76. گهاتو گهر نه آيا
77. جل پريءَ جي اڳڪٿي
78. ڪئمپس جا ڏينهڙا
79. تاريخ جو سفر
80. جيءَ اندر جهاتي
81. واٽ ويندي
82. ڳوٺ جروار کان جپان
83. جي وڃين تون جپان
84. وري ياد آيا
85. آرڪٽڪ سرڪل جي آسپاس
86. دنيا رنگ رنگيلي
87. جهونا ٿيا جهاز
88. پهتا اُت پانڌيئڙا
89. چين ڪيو بي چين
90. جپان جپان آهي
91. زنجبار ... جهنگٻار

اردو میں

1. سمندر کے دن
2. ملائیشیا کے دن
3. یورپ کے دن
4. کراچی سے کوپن ہیگن
5. ایران کے دن
6. گيشائون کے ديس مين
7. جہاز چلانے کے دن
8. جپان کے دن
9. کنارے کے دن
10. میں چلا ممباسا
11. چلو چلیں ہندوستان
12. ملائیشیا نے مجھے موھ ليا