سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي تاريخ تي لکيل اڪرام ساگر عباسيءَ جو ڪتاب ”سنڌ : ارغون دور ۾“ اوھان اڳيان پيش آھي.
اھا سورھين صدي عيسوي جي شروعات جي ڳالھہ آھي جڏھن ٻن ارغون حڪمرانن سنڌ تي ڪاھہ ڪندي شھرن کي اجاڙيو، ڦُرلُٽ ڪئي، ۽ ھزارين سنڌين جو قتلام ڪيو. ارغونن جي مختصر ترين دور حڪومت، سنڌ تي تمام گھرا اثر ڇڏيا. ارغونن پاڻ تہ سنڌ تي ڇٽيھہ سال حڪومت ڪئي پر انھن کان پوءِ ترخان ۽ مغل پڻ انھن جي ئي پيداوار ھئا. تاريخ جا ورق ورائڻ سان خبر پوي ٿي تہ ارغونن جھڙو اونداھو دور سنڌ نہ اڳ ڏٺو ھو ۽ نہ ئي پوءِ. ڏٺو وڃي تہ ارغونن جي ڪاھہ بہ پنھنجي اندروني گهرو فسادن سبب ڪمزور ھجڻ ڪري ٿي ۽ 22 ڊسمبر 1520ع جو سج سنڌ واسين لاءِ غلاميءَ جو پيغام کڻي آيو ۽ 31 ڊسمبر 1520ع تائين ٺٽي ۾ رت جي راند جاري رھي.
ھي ڪتاب 2000ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي