ڪالم / مضمون

تاريخ جي تھہ خاني مان

سڪندر عباسيءَ جو ھي ڪتاب سپنن جي تلاش ۾ نڪتل ننڊ جو سفر آھي. سڪندر عباسي ان ڪھاڻيءَ جو تخليقڪار آھي جيڪا تاريخ جي ھر دور ۾ جنم وٺي ٿي، اھا ڪھاڻي عشق لا حاصل ناھي، اھا ڪھاڻي ناممڪن جي جستجو آھي. سڪندر عباسي نثر ۾ نظم سرجيندو آھي، ھن جا لفظ ڪاغذ جي ڪونئري بدن تي روح سان رقص ڪندا آھن.
  • 4.5/5.0
  • 17
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تاريخ جي تھہ خاني مان

سنڌ سلامت پاران :

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار سڪندر عباسيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو ”تاريخ جي تھہ خانن مان“ اوهان اڳيان پيش آهي. اعجاز منگي لکي ٿو:
”سڪندر عباسيءَ جو ھي ڪتاب سپنن جي تلاش ۾ نڪتل ننڊ جو سفر آھي. سڪندر عباسي ان ڪھاڻيءَ جو تخليقڪار آھي جيڪا تاريخ جي ھر دور ۾ جنم وٺي ٿي، اھا ڪھاڻي عشق لا حاصل ناھي، اھا ڪھاڻي ناممڪن جي جستجو آھي. سڪندر عباسي نثر ۾ نظم سرجيندو آھي، ھن جا لفظ ڪاغذ جي ڪونئري بدن تي روح سان رقص ڪندا آھن.“
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سڪندر عباسيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

جملي حق ۽ واسطا محفوظ

Book No: 112

ڪتاب جو نالو: تاريخ جي تهه خاني مان
موضوع: ڪالم ۽ مضمون
ليکڪ : سڪندر عباسي
پهريون ڇاپو: 2021ع
ڪمپوزنگ: فرحان علي ڀٽي (03342638117)
ٽائيٽل لي آئوٽ: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي
مُلهه: 250 رپيا



ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Book Name: Tareekh Je Tah Khane man
Topic: Articles & coloms
Writter: Sikandar Abassi
Composed by: Farhan Ali Bhatti (03342638117)
Title & Layout: Zain Computers Karachi
Edition: First, June 2020
Printers & Publisher: Murk publication Karachi

Room No. 305, 3rd Floor Sabir Manzil 98
Near Gul Plaza, Marston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtazalaghari64@gmail.com
cell:03005182494

ڪـتـاب ملـڻ جـا هـنـڌ:

ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي، ڀٽائي ڪتاب گھر حيدرآباد،
ڪنول سمبارا ڪتاب گهر حيدرآباد، رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو،
سوچ ڪتاب گهر دادو، عزيز ڪتاب گهر سکر، ٿر ڪتاب گهر مٺي،
تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، مهراڻ ڪتاب گهر سانگهڙ،
پريتم قاضي نواب شاهه مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ارپنا

پنهنجو هي چوٿون ڪتاب
منسوب ڪريان ٿو
ثنا، ثمرين، سويرا، شاهزيب،
سونيا، سونهن (سمبل) ۽ سبين
کي جيڪي منهنجي
وارياسي وجود تي رڻ ۾
رابيل جيان آهن.

سڪندر عباسي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار سڪندر عباسيءَ جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو ”تاريخ جي تھہ خانن مان“ اوهان اڳيان پيش آهي. اعجاز منگي لکي ٿو:
”سڪندر عباسيءَ جو ھي ڪتاب سپنن جي تلاش ۾ نڪتل ننڊ جو سفر آھي. سڪندر عباسي ان ڪھاڻيءَ جو تخليقڪار آھي جيڪا تاريخ جي ھر دور ۾ جنم وٺي ٿي، اھا ڪھاڻي عشق لا حاصل ناھي، اھا ڪھاڻي ناممڪن جي جستجو آھي. سڪندر عباسي نثر ۾ نظم سرجيندو آھي، ھن جا لفظ ڪاغذ جي ڪونئري بدن تي روح سان رقص ڪندا آھن.“
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران 2021ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سڪندر عباسيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سڪندر عباسي جو پروفائيل

* ڪالم لکڻ جي شروعات 1993ع
* ٽوٽل لکيل / ڇپيل ڪالم 1180
* ڪهاڻي لکڻ جي شروعات 1995ع
* ٽوٽل لکيل ڪهاڻيون 35
* ڊراما لکڻ جي شروعات 2005ع
ٽوٽل لکيل ٽي وي ڊراما:
* سنڌي سولو پليز 110
* سنڌي مني سيريلز 15
* سنڌي سيريلز 13
* سوپ سيريلز 5
* اردو ڊراما 18
* ريڊيو ڊراما 30
ڇپيل ڪتاب:
1. پيار جو پهريون نظم 1998ع
2. محبت ئي خدا آهي 2001ع
3. ڪوجهي چنڊ جو غم 2006ع
مليل ايوارڊ:
1. بيسٽ رائيٽر ڪي. ٽي. اين ايوارڊ 2005ع
2. امر جليل ايوارڊ 1998ع
3. تنوير عباسي ايوارڊ (ٽي ڀيرا) 2003، 2005، 2010ع
4. ينگ رائيٽرز ايوارڊ 2017ع
ڏس پتو:
سڪندر عباسي- گهر نمبر 1/1501 گجڻ پور محلو، نئون ديرو روڊ، لاڙڪاڻو، 3426504 0331، 03003426504

پنھنجي پاران

جيڪڏھن منھنجا ويجھا ادبي دوست اڪثر اهو چوندا آھن ته ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار سڪندر عباسي اسان کان ڪھاڻيڪار سڪندر عباسي ڦري ورتو آھي ته غلط نه چوندا آھن. حقيقت آھي ته ڪالم لکڻ جي شروعات 1993 کان ۽ ٽي وي ڊراما 2005 کان لکڻ شروع ڪيم. ستاويھن سالن جي ان قلمي سفر ۾ مون جيترا دفعا قلم ڪالم ۽ ڊراما لکڻ لاءِ کنيو آھي ان جي ڀيٽ ۾ ڪھاڻي لکڻ لاءِ تمام گھٽ کنيو اٿم. اهو ئي سبب آھي جو 1998۽ 2006 ۾ ڪھاڻين جا ٻه مجموعا آڻڻ کان پوءِ جھڙوڪ ڪھاڻيون لکيون ئي ڪونه اٿم.
هن ڪتاب ۾ مون تمام گھڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ مختصر طور تي پنھنجا اهي ليک شامل ڪيا آھن جيڪي گھڻي ڀاڱي تاريخ سان سلھاڙيل آھن.

اوهان جو پنھنجو

سڪندر عباسي
لاڙڪاڻو
03313426504
03003426504

هڪڙو هو پڪاسو

اسپين ۾ اک کوليندڙ دنيا جي عظيم ترين مصور، مجسمي ساز پڪاسو کي ٽائيم ميگزين 1998ع ۾ صديءَ جي سڀ کان مشهور شخصيت قرار ڏيندي لکيو هو ته ان کان اڳ ڪوبه آرٽسٽ ايترو مشهور ڪونه ٿيو هو جيترو پڪاسو ٿيو.
پڪاسو هڪ دفعي بازار مان گذري رهيو هو ته کيس هڪ عورت ملي ان عورت حيرت ۽ خوشيءَ مان پڪاسو کان پڇيو، ”ڇا توهان پڪاسو آهيو؟“
پڪاسو مرڪي وراڻيو:
”ها مان پڪاسو آهيان.“
عورت کيس ڪجهه لمحا اتي ترسڻ جو چيو ۽ تڪڙ ۾ هڪ ڪاغذ ۽ پينسل کڻي آئي ۽ پڪاسو کي گذارش ڪندي چيو:
”ڇا توهان هن تي مون لاءِ ڪجهه ٺاهي سگهو ٿا؟ اها مون وٽ اوهان جي يادگار هوندي.“
پڪاسو اتي بيٺي بيٺي ڪجهه لمحن ۾ ان ڪاغذ تي کيس هڪ خوبصورت ڊرائنگ ٺاهي ڏني ۽ چيو:
”هي وٺو منهنجي طرفان پنج لکن جي فن پاري جو تحفو“
اها عورت ان ئي وقت ڀرسان هڪ آرٽ گئلري ۾ وئي ۽ کين اها پينٽنگ ڏيکاري جن ان تصوير کي غور سان ڏٺو ۽ کيس چيو ته هو کيس ان تصوير جا پنج لک ڏئي سگهن ٿا. ان عورت جي حيرت جي حد نه رهي. عورت اها تصوير فريم ۾ مڙهائي ڇڏي ۽ وري پڪاسو سان ملڻ لاءِ کيس ڳوليندي رهي....
نيٺ هڪ نمائش ۾ کيس پڪاسو ملي ويو. عورت کيس چيو ”مان اڄ تائين حيران آهيان ته اوهان بيٺي بيٺي ڪجهه منٽن ۾ مون کي جيڪا تصوير ٺاهي ڏني ان جي قيمت پنج لک ٿي سگهي ٿي...!!“
پڪاسو کيس وراڻيو:
”محترما! اوهان لاءِ کڻي اهي ڪجهه منٽ هوندا پر مون کي ان مقام تي پهچڻ لاءِ پورا ٽيهه سال لڳا آهن. اها قيمت انهن ڪجهه منٽن جي نه پر گذريل ٽيهن سالن جي تجربي جي نچوڙ جي آهي.“

”ميرا جي“ جو عشق

اهو ڪنهن ٻئي تي ڇا پر پاڻ ”ساحري“ نالي تخلص سان شاعري ڪرڻ واري محمد ثناء الله جي به وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندو ته اڳتي هلي کيس ڪنهن هندو ڇوڪريءَ سان اهڙو ته عشق ٿي ويندو جو هو دين ڌرم کان ته ٻئي پاسي ٿي بيهي رهندو، گڏوگڏ سندس تخلص ته ڇا سندس سڃاڻپ ئي تبديل ٿي ويندي.
محمد ثناء الله جنهن کي اڄ دنيا ”ميرا جي“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. وڏا شهپر، وڏا ڊگها وار، ڦاٽل شيرواني ۾ ڪاغذن سان گڏ گهڻو ڪجهه کيسن ۾ کڻي گهمندو هو. هڪ ئي وقت هڪٻئي مٿان ٽي شلوارون پائيندو هو جنهن جو مکيه ڪارڻ اهو هوندو هو ته جڏهن سندس هڪ شلوار ميري ٿي ويندي هئي ته ان کي هيٺان پهري اندرين شلوار کي مٿان پائي ڇڏيندو هو. پنهنجي ڌن ۾ مگن نڪ جي سڌائيءَ تي هلندو هو. ”ميرا جي“ پنهنجي 38 سالن جي مختصر زندگيءَ ۾ اردو ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو، هڪ خاص ڇاپ ڇڏي.
”ميرا جي“ 223 نظمن جو خالق، هن 136 گيت ۽ 17 غزل به لکيا. ان کان علاوه ميرا جي مختلف زبانن جي شاعرن جا 225 نظم پڻ ترجمو ڪيا.
هو هڪ بنگالي ڇوڪري ”ميراسين“ جي هڪ طرفي عشق ۾ اهڙو ته مبتلا ٿيو جو هن پنهنجو تخلص پنهنجي سڃاڻپ ئي ”ميرا جي“ ڪري ڇڏي.
سندس ”ميراسين“ سان عشق جي انتها اها هئي ته هو ڪٿي به دستخط ڪندو هو ته پنهنجو اصل نالو ڪڏهن به نه لکندو هو ۽ دستخط ۾ به ”ميرا جي“ لکندو هو.
”ميرا جي“ پنهنجي قميض اندر هندو مالهائون پائيندو هو ۽ جتي به کيس موقعو ۽ اڪيلائي نصيب ٿيندي هئي، ته اهي مالهائون ٻاهر ڪڍندو هو ۽ ڪنهن تسبيح جي مڻين جيان انهن مالهائن کي سوريندو ”ميرا... ميرا...“ جو ورد ڪندو ويندو هو.

ذڪر هڪ گم ٿيل تقرير جو

جيتوڻيڪ ابراهم لنڪن کي آمريڪا جي سورهين صدر هجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پر هن کي تاريخ ۾ هڪ نرالو مقام حاصل آهي. هو غير معمولي خوبين جو مالڪ هو. ابراهم لنڪن ڪمال جو ادبي ذوق رکندو هو. لنڪن ريسلنگ چيمپئن به رهي چڪو هو. آمريڪا جي هن صدر جي خاص خوبين مان ڳڻپ ۾ اچڻ جهڙيون اهي خوبيون به هيون ته هو حد درجي جو ايماندار هو، کيس خطابت جي فن تي شاندار عبور حاصل هو.
تعليمي ادبي تاريخ ۾ سندس لکيل هڪ خاص خط کي تمام گهڻي شهرت حاصل آهي جيڪو هن پنهنجي پٽ جي استاد ڏانهن لکيو هو ۽ ان خط جي باري ۾ صلاح آهي ته هر والدين کي اهو خط ضرور پڙهڻ گهرجي.
پر اسين اڄ تاريخ جي تهه خاني مان سندس هڪ اهڙي تقرير جو ذڪر ڪري رهيا آهيون جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ان تقرير جي ڪري رياستي ريپبلڪن پارٽيءَ جو بنياد وڌو ويو هو.
ابراهم لنڪن اها تقرير 29 مئي 1856ع ۾ بلومنگٽن ڪنوينشن ۾ ڪئي هئي. لنڪن ان تقرير ۾ غلاميءَ جي شديد مخالفت ڪئي هئي. ڇو ته هو مڪمل طور تي انسان کي انسان جي غلام هجڻ کي غير فطري سمجهندو هو. ابراهم لنڪن حبشين کي غلامي مان آزاد ڪرائڻ جي اڻٿڪ ڪوشش ڪئي هئي. هن تقرير جي خاص ڳالهه اها آهي ته جڏهن لنڪن تقرير ڪئي ته اتي موجود رپورٽر جهڙوڪ هپناٽائيز ٿي ويا. سڪتي ۾ اچي ويا هئا. هو ڪجهه به لکڻ، ڪجهه به نوٽ ڪرڻ وساري وات پٽي اها تقرير ٻڌي رهيا هئا. اهوئي سبب آهي جو اڄ ان تقرير جو ڪوبه وجود ڪونهي. پر گڏوگڏ تاريخ ۾ ڪجهه جاين تي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته لنڪن جي ان تاريخي تقرير کي ڄاڻي واڻي گم ڪيو ويو هو.
ابراهم لنڪن جي ان تقرير کي اڄ ”لنڪن جي گم ٿيل تقرير“
جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.

ارسطو جي ابتدا

قديم يونان جو عظيم فلسفي افلاطون جنهن کي مغربي روايتن ۾ فلسفي جي تاريخ، ترقي جي سڀ کان اهم شخصيت تصور ڪيو وڃي ٿو.
تاريخ جا ورق ورائڻ سان پروڙ پئي ٿي ته افلاطون هڪ زماني ۾ ايٿنز ۾ هڪ اڪيڊمي قائم ڪئي، جنهن ۾ هن امير ماڻهن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي هئي. اڪيڊمي جي قيام بعد جلد ئي ٻارن جو تعداد وڌي ويو ته افلاطون اتي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ خدمتگار ڇوڪرو رکيو.
ارڙهن سالن جو اهو ڇوڪرو روزانو ايندو هو ۽ پنهنجو ڪم ڪري هليو ويندو هو. ٻن مهينن کان پوءِ جڏهن افلاطون ڪلاس جو نصاب پڙهائي پورو ڪيو ته هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ شهر جا وڏا عالم فاضل توڙي ٻارن جا والدين به شريڪ ٿيا، اهو ڏسڻ لاءِ ته ٻارن ڇا پرايو آهي!
افلاطون پنهنجي شاگردن کان پڙهايل نصاب منجهان ئي ڪنهن به موضوع تي ڳالهرايو. پر ڪوبه شاگرد موضوع سان نڀاءُ ڪري نه سگهيو. افلاطون مايوس ٿي ويو ته سندس ڪنهن به شاگرد ڪنهن به موضوع تي سٺو ڪونه ڳالهايو. ان مهل پريان بيٺل اهو خدمتگار ڇوڪرو آيو ۽ افلاطون کان ڪجهه ڳالهائڻ جي اجازت گهري. افلاطون کيس چيو ته تون ته منهنجو شاگرد ناهين، تون ته خدمتگار آهين، نه مون توکي ڪجهه سيکاريو آهي نه ئي توکي ڪو ليڪچر ڏنو آهي ته تون ڪيئن ڳالهائي سگهندين؟
تنهن تي ان خدمتگار ڇوڪر کيس جواب ڏنو ته مان پورا ٻه مهينا ڪلاس کان ٻاهر دروازي وٽ ويهي توهان جا سمورا ليڪچر ٻڌا آهن. ان کان پوءِ ان ڇوڪر پورو اڌ ڪلاڪ علم جي فضيلت تي اهڙو ته بهترين ڳالهايو جو محفل ۾ موجود وڏا عالم ۽ فاضل به دنگ رهجي ويا.
ڪلاس روم جي دروازي جي ٻاهران ويهي افلاطون جو سمورو علم ڌيان سان ٻڌي ان کي دل جي تختيءَ تي لکڻ وارو اهو خدمتگار ڇوڪرو ڪو ٻيو نه پر ”ارسطو“ هو. اڄ جنهن کي دنيا عظيم افلاطون جي عظيم شاگرد ارسطو جي نالي سان سڃاڻي ٿي.

شيڪسپيئر ۽ خودڪشي

اهو شيڪسپيئر جنهن زندگيءَ جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو هو ته ”جڏهن اسين ڄمندا آهيون ته اسين روئندا آهيون ته اسين بيوقوفن جي عالمي جاءِ تي پهچي وياسين.“
اهو ئي شيڪسپيئر جنهن زندگيءَ لاءِ اهي اکر به اچاريا هئا ته ”زندگي اهڙي اذيت جو نالو آهي جيئن ڪا ڪهاڻي ڪنهن جي ڪن ۾ ٻيهر ٻڌائي وڃي ۽ ٻڌندڙ بيزار ٿي وڃي.“
اهو وليم شيڪسپيئر جيڪو هڪ ئي وقت ڊراما نگار، شاعر ۽ اداڪار به هو. جنهن کي انگلينڊ جي قومي شاعر جي حيثيت حاصل آهي.
شيڪسپيئر اسٽيج ڊرامي جي تاريخ جو هڪ تمام وڏو نالو اسٽيج جي ڊرامن جي تاريخ شيڪسپيئر جي ذڪر کانسواءِ اڻپوري ۽ ڪوڙي مڃي ويندي. شيڪسپيئر جي ڊرامن جي حوالي سان مستند تاريخي دليل آهن ته هن ٽوٽل 38 ڊراما لکيا. جن مان 37 سندس زندگيءَ ۾ ئي اسٽيج ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ ڊرامو هن جي موت کان پوءِ اسٽيج ڪيو ويو هو.
سندس ڊراما مزاح، تاريخ، غم ۽ محبت جي موضوعن تي ملن ٿا. جن مان گهڻو حصو يعني 18 ڊراما مزاح تي مبني آهن. سندس مشهور ڊرامن ۾ هيملٽ، اوٿيلو، ڪنگ ليئر، انٿوني ۽ قلوپطره ۽ روميو جوليٽ ڳڻيا وڃن ٿا.
شيڪسپيئر جي لکيل ڊرامن جي حوالي سان اهم انڪشاف اهو آهي ته هن کي هڪ خاص قسم جو موت پسند هو ۽ اهو هو خودڪشي وارو موت- شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ ٽوٽل 13 دفعا خودڪشي ڪئي وئي. اڄ تائين ڪنهن اسٽيج ڊراما ليکڪ جي ڊرامن ۾ ڪردارن کان ايترا دفعا خودڪشي ناهي ڪرائي وئي.

ڪٿي آھين بابا جي جان!؟

اهو نومبر 2020ع جي پھرين هفتي جو هڪ اڀاڳو ڏينھن هيو جڏهن افغانستان جي ڪابل يونيورسٽي ڪوس گھر ۾ تبديل ٿي وئي هئي۔جنھن ۾ ھٿياربندن يونيورسٽي ۾ داخل ٿي اتي موجود علم جي روشني جا خواب ڏسندڙ اکين کي موت جي اونداهين ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. ڪابل يونيورسٽي ۾ شاگردن جو ٿيل قتل عام هڪ اڻوسرندڙ اذيتناڪ ياد آھي. اتي سانحي کان پوءِ جڏهن مقتول شاگردن جي لاشن سان گڏ سندن سامان کي به کڻي هڪ هنڌ گڏ پئي ڪيو ويو ته سندن موبائيل فونن ۾ لڳاتار ڪالز اينديون رھيون سوڳوار ماحول ۾ مقتول شاگردن جا فون وڄي رهيون هيون ۽ سڀني فون جا مختلف رنگ ٽون هڪ ئي وقت ته ڪڏهن وقفي وقفي سان وڄي ڪري هڪ سوڳوار ۽ ماتمي ڌن ۾ تبديل ٿي ويا هيا۔ قتل ٿي ويل معصوم شاگردن جي فون جي اسڪرين تي فون ڪندڙن جي نالي طور فقط ’بابا‘ يا ’ امڙ‘ ئي لکجي پئي آيو. پنھنجي جگر گوشن کي سندن پيءُ ماءُ فون ڪري رهيا هيا پر اتي موجود بيٺلن مان ڪنھن ۾ به اها همٿ ڪونه هئي ته ڪو انھن شاگردن جون فون وصول ڪري کين سندن جگر جي هميشه لاءِ جدا ٿي وڃڻ جي خبر ٻڌائي سگھن. هڪ مقتول شاگردياڻي جي موبائيل فون تي هڪ سو ٻائيتاليهه (142) ڀيرا ڪال آئي. لڳاتار ڪالز اچڻ کان پوءِ نيٺ فون ڪندڙ لکت ۾ پيغام موڪليو جيڪو مقتول شاگردياڻي جي موبائيل اسڪرين تي ظاهر ٿيو. جيڪو پڙھي ڪابه اک پنھنجا ڳوڙھا روڪي نه سگھي. پيغام هيو ته (کدھر ہو جان پدر) ، ’ڪٿي آھين بابا جي جان‘؟.

پيار جيڪو لازول ٿئي ٿو

هڪ ڌيءَ پنھنجي پيءُ جي جتيءَ کي به جيءَ ۾ جايون ڏيندي آھي. پيءَ جي پيشاني تان ٽمندڙ پگھر ڦڙن سان به هن کي پيار هوندو آھي، ۽ هڪ پيءُ ڌيءُ جي هر انگل کي اکين تي رکندو آھي حقير حيثيت هوندي به وت ۽ وس کان به ٻه وکون اڳتي وڌي پنھنجي ڌيءَ کي شھزادين جيان رکندو آھي.
اهڙي ئي اڻمئي پيار جو قصو اردو جي مير شاعر مير تقي مير ۽ سندس ڌيءَ جو به آھي. اهو ئي ميرتقي مير جنھن کي پنھنجو استاد مڃيندي مرزا غالب جھڙي باڪمال شاعر به چيو هو ته:
’ریختے کے تم ہی استاد نھیں ہو غالب
کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میر بھی تھا‘

مير تقي مير جي زندگي مالي لحاظ کان ڪڏهن به خوشحال ڪونه رهي. حياتي هن جي آڏو ڏکائيندڙ روپ ۾ ئي موجود رهي اهو ئي سبب آھي جو سندس شاعري جو ڳچ حصو زندگي جي ڏکن ۽ پيڙائن جي پچار ڪندڙ ئي ملي ٿو۔ تاريخ ۾ ڪافي جاين تي اهو به درج آھي ته مير جي ڌيءَ پنھنجي شادي جي ڪجھه عرصي بعد ئي پيءَ جي ڪسمپرسي واري حالت تي ڳڻتي ڪندي صدمي سبب بيمار ٿي پئي ۽ ان غم ۾ پڄرندي پڄرندي هي جھان ئي ڇڏي وئي.
سندس لاش تي هنجون هاريندي هن جي منھن تان ڪپڙو هٽائي پنھنجي دادلي ڌيءَ جو آخري ديدار ڪندي هڪ پيءَ مير تقي مير حسرت مان آهه ڀريندي هڪ شعر چيو جنھن جو مفھوم ھيو ته؛ ’مون نامراد کي هاڻي ياد آيو آھي ته مان توکي ڏاج ۾ ڪفن جو ڪپڙو ڏيڻ وساري ويٺو هيس.‘

اب آیا یاد اے آرام جاں اس نامرادی میں
کفن دینا تمھیں بھولے تھے ہم اسباب شادی میں

فراق جون ڳالھيون

ایک مدت سے تیری یاد بھی آئی نہ ہمیں
اور ہم بھول گئے ہوں تمھیں ایسا بھی نھیں

اهڙن انيڪ دل کي ڇھندڙ شعرن جو خالق فراق گورکپوري ويھين صدي جي شاعري جو هڪ تمام وڏو نالو جيڪو ظاھري ڏيک ۾ انتھائي سنجيده نظر ايندڙ پرڪمال جو حاضر جواب ۽ طنز و مزاح جي حس رکندڙ شخصيت هيو ايتري قدر جو سندس طالب علمي جي زماني ۾ ھو هر مضمون ۾ ته جيتوڻيڪ پنھنجو مٽ پاڻ هيو ۽ شاندار مارڪون کڻندو هيو پر فزڪس جي مضمون ۾ ڪمزور هيو ان حد تائين جو هڪ دفعي پرنسيپال کيس پاڻ وٽ سڏائي کانئس پڇيو ته تون هر مضمون ۾ ھوشيار آھين پر فزڪس جي مضمون ۾ تون ايترو ڪمزور ڇو آھين ؟ تنھن تي فراق کيس جواب ڏنو ته اهو ان ڪري جو مان ’فزيڪلي (جسماني طور) ڪمزور آھيان.‘ فراق گورکپوري پنھنجي مزاج وارو شخص هيو هو پنھنجن شرطن تي هڪ آزاد زندگي گذاريندو هيو. ڪشوري ديوي سان سندس بي جوڙ ۽ ناڪام شادي به سندس شخصي ڀڃ ڊاھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
امتيازي نمبرن سان انگريزي ۾ ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ جلد ئي جيتوڻيڪ فراق گورکپوري کي بنا ڪا درخواست ڏيڻ جي الھه آباد يونيورسٽي ۾ انگريزي ليڪچرار جي نوڪري ته ملي وئي پر هو تمام گھٽ ڪاليج ويندو هو ۽ ايتري قدر جو حاضري لڳائڻ به ڪونه ويندو هيو. فراق گورکپوري جيڪڏهن ڪو ڪلاس وٺڻ ويندو به هيو ته پنھنجو مضمون يعني انگريزي پڙھائڻ بدران يا ته اردو پڙھائيندو هيو يا ڪنھن ٻئي موضوع گفتگو ڪرڻ لڳندو هيو. اهو ئي سبب هيو جو ڪاليج انتظاميه کيس ايم اي جا اهم ڪلاس وٺڻ ڪونه ڏيندي هئي.

بڑا تير مارا جوانی لٹادی

مشاعرو پنھنجي عروج تي هيو مشاعري ۾ موجود ماڻھو وڏي دلچسپي سان اسٽيج تي مائيڪ جي سامھون موجود مشھور شاعر بھزاد لکنوي کان سندس غزل ٻڌي رهيا هيا. بھزاد لکنوي پنھنجو ڪلام پڙھي رهيو هو ته:
تیرے عشق میں زندگانی لٹادی
عجب کھیل کھیلا جوانی لٹادی

غزل ختم ٿيڻ کان پوءِ به بھزاد لکنوي غزل جون اهي سٽون ورجائي ورجائي پڙھي خوب داد وصول ڪندي اسٽيج تان لھي وڃي پنھنجي جاءِ تي ويٺو ۽ ان کان اڳ جو اسٽيج سيڪريٽري پنھنجو ڪلام پيش ڪرڻ لاءِ ڪنھن ٻئي شاعر کي سڏ ڪري حاضرين منجھان هڪ نوجوان اٿيو ۽ جلدي ۾ اسٽيج تي اچي شعر پڙھيو ته؛
محبت میں جاتے ہیں دین وایماں
بڑا تیر مارا جوانی لٹادی

نوجوان لفظ ’تير‘ تي خاص زور ڏيندي بھزاد لکنوي ڏانھن ڏٺو. جيڪو نوجوان جي جوابي شعر تي مرڪي رهيو هيو. جڏهن ته مشاعري جي حاضرين پڻ ان نوجوان کي تاڙيون وڄائي زبردست داد ڏنو.
اهو نوجوان اڳتي هلي مشھور شاعر محشر بدايوني بڻيو.

عشق تصور ۽ حقيقت

امرتا پريتم جو ذڪر ساحر لڌيانوي جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو ئي ڀاسندو آھي. ساحر جي هڪ بھترين شاعر واري حيثيت پنھنجي جاءِ تي هڪ حقيقت سھي پر ساحر جي مشھور هئڻ جو مکيه سبب امرتا پريتم جو ساڻس عشق هيو. جيتوڻيڪ ڪيئي ورھيه وهامي وڃڻ کان پوءِ به ادبي تاريخ ۾ هن جي عشق جو اڄ به اهو ئي چرچو آھي. جتي به جڏهن به سندس ادبي حوالي سان ذڪر نڪرندو آھي ته هن جي البيلي عشق جي ڳالھه به نڪرندي آھي. امرتا پريتم جو ساحر لڌيانوي سان اڻميو پيار هڪ دلفريب داستان آھي جنھن ۾ خاص طور تي ساحر جي اڌ سڙيل سگريٽن جي بچيل ٽوٽن ۽ امرتا پريتم پاران انھن کي ٻيھر دکائي پيئڻ واري ادا کي مختلف اندازن سان بيان ڪيو ويندو آھي. پر ان تاريخي عشق جي حقيقت کي امرتا پنھنجي خام خيالي ڄاڻائيندي جھڙوڪ رد ڪيو آھي. پنھنجي مڙس امروز جي موجودگي جي به پرواھ نه ڪندي ساحر سان پنھنجي پيار جو کليل اظھار ڪندڙ امرتا جا ان ئي عشق کي حقيقت بدران پنھنجو تخيل قرار ڏيندي هي لفظ چوڻ ھڪ تاريخي حيثيت رکن ٿا ته؛ ’ساحر کي ايتري شدت سان سوچي سگھڻ منھنجي پنھنجي خيالن جو ئي جادو هيو جيڪي جادو انسان پاڻ اڻندو آھي ۽ پوءِ پاڻ ئي ان ۾ ويڙھجي ويندو آھي ساحر سان پيار سڀ تصور هيو تخيل هيو زندگي جي حقيقت نه هئي، زندگي جي حقيقت جي شدت ته مون امروز سان گڏ ڏٺي‘

آئنسٽائن جو ڊرائيور

اها حقيقت شڪ کان مٿاهين آھي ته البرٽ آئنسٽائن اهڙو عظيم ترين دماغ ھيو جو اڄ به سائنسدان سندس دماغي وسعت ماپي نه سگھيا آھن. اهڙن اعليٰ دماغن جو هڪ ڪمال اهو به هوندو آھي جو ڪجھه ساعتون سندن صحبت ۾ گذاريندڙ به اڪابري جا ڪي اکر جھٽي وٺندا آھن. هڪ دفعي آئنسٽائن هڪ تقريب کي خطاب ڪري موٽيو ته کيس هن جي ڊرائيور ٻڌايو ته ساڻس گڏ رهي رهي ۽ سندس تقريرون ٻڌي ٻڌي سندس ليڪچر ھن کي زباني ياد ٿي ويا آھن، تنھن تي آئنسٽائن کيس مرڪي وراڻيو ته ٺيڪ آ اڄ ھيئن ٿا ڪريون ته هن وقت مون کي جتي ليڪچر ڏيڻ وڃڻو آھي، اهي ماڻھو اتفاق سان منھنجي صورت کان اڻواقف آھن سو اڄ اتي منھنجي جاءِ تي تون آئنسٽائن بڻجي ليڪچر ڏي. ڊرائيور هٿ ٻڌي اها گستاخي ڪرڻ کان معذرت ڪئي پر آئنسٽائن جي گھڻي اصرار تي ڊرائيور سندس حڪم مڃي ورتو ۽ ان مھل ڊرائيور آئنسٽائن بڻجي ۽ آئنسٽائن ڊرائيور بڻجي اتي پھتا ايئن ان تقريب ۾ آئنسٽائن جي ڊرائيور ليڪچر ڏنو، جڏهن ته آئنسٽائن سندس ڊرائيور بڻيو ويٺو رهيو. ليڪچر ڏيڻ کان پوء جيئن ئي ڊرائيور لٿو ته تقريب ۾ موجود هڪ ماڻھو هن وٽ ھلي آيو ۽ چيائينس ته سائين اوهان رياضي جو جيڪو فلاڻو فارمولو ٻڌايو اهو مان ٺيڪ طرح سان سمجھي ڪونه سگھيم. اوهان مھرباني ڪري مون کي اهو وضاحت سان سمجھائيندئو؟ سندس سوال تي نقلي آئنسٽائن يعني ڊرائيور هڪو ٻڪو ٿي ويو پر جلد ئي پاڻ سنڀاليندي حاضر دماغي جو مظاهرو ڪندي آئنسٽائن طرف اشارو ڪندي وراڻيائين ته اهو فارمولو ايترو ته سولو آھي جو هي منھنجو ڊرائيور به توهان کي سمجھائي سگھي ٿو.

ابن انشاءَ جي پرستار عورت

معروف مزاح نگار، ڪالم نگار ۽ شاعر ابن انشاءَ المعروف ’انشاءَ جي‘ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ جڏهن راوالپنڊي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هيو ته هڪ ڏينھن وٽس سندس عيادت لاءِ ٽيھن سالن جي هڪ خوبصورت عورت آئي جنھن مرڪي اچي کيس گلدستو پيش ڪيو ۽ وٽس ويھي روئڻ لڳي ، روئندي چوڻ لڳي ته انشاءَ جي مان توهان جي تمام وڏي پرستار آھيان اوهان منھنجا آئيڊيل آھيو مون کي خبر پئي آھي ته اوهان جو ڪينسر آخري اسٽيج تي آھي مان الله سائينءَ کان دعا ٿي گھران ته منھنجي زندگي جا پنج سال اوهان کي ڏئي ڇڏي مان اوهان سان تمام گھڻي محبت ڪندي آھيان مان اوهان کي پنھنجي پوري حياتي ڏئي ڇڏيان ها پر منھنجي مجبوري آھي ته منھنجا ٻه ننڍڙا ٻار آھن جيڪي مون کي پالڻا آھن پوءِ به سچي دل سان مان اوهان کي پنھنجي زندگي جا پنج سال ڏئي رهي آھيان. سندس ايتري عقيدت ۽ محبت تي انشاءَ جي مرڪيو سندس ٿورو مڃيو ۽ چيو ته مان بلڪل ٺيڪ آھيان. ڪلاڪ کن اتي ويھڻ کان پوءِ اها عورت پنھنجا ڳوڙھا اگھندي هلي وئي. ان عورت جي وڃڻ کان پوءِ سندس ذڪر ڪندي انشاءَ جي روئي ڏنو ۽ چيو ته اها عورت مون کي پنھنجي زندگي جا پنج سال ڏئي رهي هئي جڏھن ته کيس ڪھڙي خبر ته هڪ ڏينھن به ڪيترو قيمتي آھي. ان واقعي کي دل سان محسوس ڪندي عمر جي ختم ٿيندڙ نقدي تي ابن انشا آلين اکين ۽ اداس دل سان پنھنجو مشھور نظم لکيو ته:
’اب عمر کی نقدی ختم ہوئی
اب ہم کو ادہار کی حاجت ہے
ہے کوئی جو ساہوکار بنے
ہےکوئی جو دیون ہار بنے‘

سونھن ۽ انقلاب جو سنگم

سونھن جو نينھن جڏهن انقلاب سان لڳندو آھي ته عشق جي هڪ البيلي آکاڻي تاريخ جي ورقن ۾ جاءِ والاري وٺندي آھي. هڪ نوجوان نينگري
جيني جنھن جي لاءِ ايئن چوڻ وڌاءِ نه هوندو ته هوءَ ھڪ رئيسزادي هئي سندس والدين امير طبقي سان تعلق رکندڙ ھيا. پيءَ هڪ وڏي عھدي تي فائز، ماءَ اسڪاٽ لينڊ جي نواب جي ڌيءَ ۽ ڀاءَ جرمني جو وزير داخلا هيو. اهڙي امير گھراڻي جي ڇوڪري جيني جو شمار شھر جي تمام خوبصورت ڇوڪرين ۾ ٿيندو هيو۔ان ئي جيني کي هڪ انقلابي سان پيار ڪرڻ جي تمام ڳري قيمت ڀرڻي پئي جيڪا هن دل سان مرڪي قبولي ورتي. آسائشن کي الوداع ڪري شادي ڪرڻ کان پوءِ ھوءَ اميراڻي زندگي کان الڳ ٿي وئي ۽ هڪ انقلابي سان شادي ڪرڻ کان پوءِ دربدري واري حياتي ئي هن جي حصي ۾ آئي پر ھڪ خاموش سپاهي طور هن پنھنجي آدرشي ۽ انقلابي محبوب مڙس جو ڀرپور ساٿ ڏنو ، توڙي جو شادي کان پوءِ ھن هڪ ڏينھن به سک جو ڪونه گذاريو بک ۽ بدحالي جينيءَ جي جيون جو اڻٽٽ حصو رهيا. بک ۽ بيماري سبب سندس چار ٻار به فوت ٿيا پوءِ به انقلاب جي راهه ۾ هن منھن ۾ گھنج نه آندو. سندس ڪسمپرسي واري حالت تي ڪھل ڪندي هڪ ڀيري سندس وزير ڀاءَ کيس چورائي موڪليو ته جرمني هلي اچ مان تنھنجي ڪفالت ڪندس. تنھن تي جينيءَ سندس مھرباني مڃيندي کيس جوابي خط لکيو ته مان پنھنجي مڙس جي انقلابي خيالن سان شادي ڪئي آھي جنھن جرمني ۾ سندس مڙس ۽ ان جي انقلابي فلسفي جي جاءِ ڪونھي ته کيس به اهڙي جرمني نه گھرجي.
اها عورت جيني عظيم انقلابي ڪارل مارڪس جي وني جيني ڪارل مارڪس هئي.

ملڪه وڪٽوريه جو هڪ البيلو عاشق

ملڪه وڪٽوريه پرڪشش شخصيت جي مالڪ هئي. ماڻھو کيس هزارن جي تعداد ۾ خط لکندا هيا جن مان ڪيترن ۾ ئي کيس شادي جون آڇون ٿيل هونديون هيون. ملڪه جي چاهيندڙن جي ڊگھي فھرست ۾ هڪ چوڏهن سالن جو نوجوان ڇوڪرو به شامل هيو جنھن جو عشق ديوانگي جي حدن تائين پھتل هيو ملڪه کان سواءِ پنھنجي زندگي کي بي مقصد تصور ڪندي هو 1838 کان 1841 تائين جي عرصي ۾ ملڪه جي پھريدارن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي ڪيترائي ڀيرا بڪنگھم محل ۾ داخل ٿيو. پھرين دفعي داخل ٿيڻ کان پوءِ هو اٽڪل هڪ سال تائين محل جي چمني ۾ لڪل رهيو ۽ روزانو رات جو دير سان سڀني جي آرامي ٿيڻ کان پوءِ ان چمني جي رستي محل ۾ داخل ٿي ملڪه جو ديدار ڪندو رهيو۔ چمني محل جي پھريدارن جي نظرن کان بچڻ لاءِ ھن جي محفوظ پناھ گاھ ھئي جنھن طرف ڪنھن جو ڌيان ئي نه ويندو هو. جڏھن کيس پھريون ڀيرو پڪڙيو ويو ۽ کيس دڙڪا ڏيندي عدالت ۾ چيو ويو ته کيس ان ڏوهه ۾ جيل به موڪلي سگھجي ٿو کيس سزا به ڏئي سگھجي ٿي ته هن مرڪندي وراڻيو ته ڇا سندس دل کي به جيل اماڻيو ويندو.؟ سندس ان حرڪت کي سندس ٻاراڻي بيوقوفي سمجھي کيس آزاد ڪيو ويو. پر ان کان پوءِ به هو ڪيئي ڀيرا محل ۾ گھڙي آيو. کيس ٻه ڀيرا ٽي مھينا قيد ڪري جيل ۾ به رکيو ويو. پر پوءِ به هو نه مڙيو ته هن جنوني ضدي نوجوان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ کيس برطانيه بدر ڪري هڪ دفعو برازيل به موڪليو ويو جتي هو ڇھ سال سامونڊي جھاز ۾ قيد رهيو. اتان موٽڻ کان پوءِ وري هن محل ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس پڪڙي آسٽريليا موڪليو ويو. جتي به هو مزدوري ڪري ٽڪيٽ جا پئسا گڏ ڪري برطانيه پھچي ملڪه وڪٽوريه جي ديدار لاءِ فرار جون راهون ڳولڻ لڳو. ملڪه جو هي البيلو عاشق برطانيه ۾ ’بواءِ جونز‘ جي نالي سان مشھور/ بدنام ٿيو. سندس المناڪ موت نشي جي حالت ۾ ٿيو هن جو لاش سمنڊ ڪناري مليو.

قصو هڪ شعر جو

’در ابلق کسے کم دیدہ موجود
مگر اشک بتاں سرمہ آلود‘

(ابلق موتي تمام گھٽ ئي ڏٺو ويو آھي پر محبوب جي سرمئي اکين مان ڳڙيل ڳوڙھو ابلق موتي ئي هوندو آھي.)
ابلق اهو ناياب ۽ دلڪش موتي آھي جيڪو ڪاري رنگ جو هوندو آ ۽ مٿس اڇا داغ ھوندا آھن.
هن شعر جو قصو ڪجھه ھيئن آھي ته هن جي ٻنھي سٽن جا ٻه الڳ الڳ شاعر آھن. پھريون مصرعو جنھن تخليق ڪيو اهو ايراني شھزادو هيو جڏهن ته ان جو ٻيو مصرعو لکي ان کي مڪمل شعر بنائڻ واري هندوستاني شھزادي هئي.
هي ان دور جوقصو آھي جنھن زماني ۾ ايران ۽ هندوستان ۾ علم ۽ ادب پنھنجي عروج تي هيو۔ ايراني شھزادي اهو پھريون مصرعو
’ در ابلق کسے کم دیدہ موجود‘
لکي اهو اعلان ڪرايو ته جيڪو ان جو ٻيون مصرعو لکندو ان کي انعام ڏنو ويندو. اهو ٻڌي ايران ۽ هندوستان جي شاعرن ٻيون مصرعو لکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر لکي نه سگھيا۔ اها خبر هندوستان ۾ عالم حافظه ۽ شاعره شھزادي کي ان وقت پئي جڏهن اها آئيني آڏو ويٺي سرمو پائي رهي هئي ته سرمي جي تيک سبب سندس اکين مان ڳوڙھن جا ڪجھه قطرا ڳڙي پيا ڪجل هاڻين اکين مان ڳڙيل ڳوڙھا ابلقي موتي جو روپ وٺي بيھي رهيا تڏھن شھزاديءَ ان جو ٻيون مصرعو لکيو ته
’مگر اشک بتاں سرمہ آلود‘
ايراني شھزادي تائين جڏھن اهو مصرعو پھتو ته هو لاجواب ٿي ويو ۽ شھزاديءَ سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين پر ڪنھن سان به نه ملندڙ شھزاديءَ کيس شعر ۾ جواب ڏياري موڪليو ته مان پنھنجي ڪلام ۾ ايئن لڪل آھيان جيئن گل جي خوشبو ان جي پتين ۾ پوشيده هوندي آھي.
اها شھزادي شاعره اورنگزيب عالمگير جي ڌيءَ زيب النساءَ ھئي جيڪا زيب النساءَ مخفي جي نالي سان لکندي هئي.

هڪ صوفيءَ جي سرڪشي

هو ادب جو هڪ وڏو نالو آھي. ڊرامي توڙي افساني جو هڪ معتبر حوالو هئڻ سان گڏوگڏ ماٺيڻي طبيعت سلڇڻي سڀاءَ صوفياڻي مزاج ۾ مشھور ، جنھن جي تند تصوف جي تار سان جڙيل رهي. سندس روح پرور گفتا ماڻھن جي دلين جا تاڪ ڌوڏي ڇڏيندا هيا۔ پر اردو جو هي انمول مصنف پنھنجي جواني ۾ ڪجھه معاملن ۾ سرڪش ۽ ضدي به هيو اها صرف سندس تمام ويجھن حلقن کي ئي خبر آھي. هي ۽ هن جي گھرواري جھڙوڪ ڪبوترن جو جوڙو هئا. سندن ساٿ مثالي هيو. پر پنھنجي ان محبت کي ماڻڻ لاءِ ھن سوشلسٽ صوفي کي قتل جون ڌمڪيون ٻڌڻيون توڙي ڏيڻيون پيون هيون جو کيس سندس والد صاف لفظن ۾ ٻڌائي ڇڏيو هيو ته هو کيس قتل ته ڪري ڇڏيندو پر سندس شادي پسند جي جڳهھ تي ٿيڻ ڪونه ڏيندو۔ پيءَ جو اٽل فيصلو ٻڌي هي اداس ٿي ويو ۽ جلد ئي اٽلي جي شھر روم هليو ويو پر سندس سڪ جو سڳو پنھنجي محبت سان جڙيل ئي رهيو ۽ هي اتان به پنھنجي محبوبه ڏانھن روزانو ڏينھن ۾ ٻه خط لکندو رهيو. جن ۾ دل جون انيڪ ڳالھيون اورڻ سان گڏ کيس اهو به چوندو رهيو ته جيڪڏهن هن ڪنھن به ٻئي سان شادي ڪئي ته هي کين ٻنھي کي قتل ڪري ڇڏيندو۔ جڏهن ته انھن ڏينھن ۾ سندس محبوبه جي شادي جون ڳالھيون هڪ ڪرنل سان هلندڙ ھيون۔ بھرحال هن صوفي جي عشق ۽ ضد رنگ لاتو ۽ ايترين مخالفتن جي باوجود هنن هڪٻئي کي حاصل ڪري ورتو ۽ ٻنھي زال مڙسن گڏجي ڊرامي جي شعبي ۾ وڏو نالو توڙي ناڻو ڪمايو۔ هي اديب جوڙو هيو اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه.

هڪ شاعر هڪ عاشق

هي انھن جي ڳالھه آھي جڏھن هو هڪ عام ماڻھو هيو، ۽ سيالڪوٽ جي جنھن گھر ۾ ھو رهندو هيو ان جي بلڪل سامھون واري گھر ۾ ھڪ ڇوڪري رهندي هئي. جيڪا ايندي ويندي ھن کي نظر اچي ويندي هئي. جنھن کي ڏسي دل ئي دل ۾ گد گد ٿيڻ ھن جو معمول بڻجي ويو. هو ان ڇوڪري سان خاموش عشق ڪرڻ لڳو هو.کيس ڏسي خوش ٿيڻ ئي هن لاءِ سرشاري هيو. پر هڪ ڏينھن هو ڪاليج کان واپس آيو ته ڇوڪري ڪونه هئي ان کان پوءِ اها ڇوڪري هن کي نظر ڪونه آئي. ڇوڪري جي اوچتي غائب ٿيڻ تي هي اداس ٿي ويو هو. بعد ۾ ھن به سيالڪوٽ ڇڏيو ۽ شاعري ۾ وڏو نالو ڪمائڻ کان ڪجھه عرصي کان پوءِ ھي جڏهن واپس سيالڪوٽ پنھنجي گھر آيو ته اتفاق سان اها ڇوڪري به پنھنجي مڙس سميت اتي آيل هئي. ان ڇوڪري جو مڙس هن جي شاعري جو پرستار هيو ۽ کيس به هن عظيم شاعر سان ملڻ جو اشتياق هيو. ڇوڪري جي مڙس جي خواهش تي سندن ملاقات ٿي ۔ عورت ڪيتري به سادي ڇونه هجي پر مرد جون اهي اکيون پڙھي وٺندي آھي جن ۾ هن لاءِ ڪجهھ خاص هوندو آھي. سو هن ڇوڪري به هن عظيم شاعر جون اکيون پڙھي ورتيون هيون ۽ ڇوڪري پنھنجي انتخاب تي ناز ڪندي پنھنجي مڙس جي تعريف ڪندي هن کي چيو ته: ’ڏسو منھنجو مڙس ڪيترو نه خوبصورت آھي !‘ سندس ان ڳالھه تي هي خاموش عاشق ته خاموش ئي رهيو پر سندس اندر جو شاعر ماٺ رهي نه سگھيو ۽ سندس قلم مان خاموش ۽ هڪ طرفي عشق جو آواز هن شاهڪار نظم جي صورت ۾ نڪتو ته؛
’تم نے دیکھی ہے وہ پیشانی وہ رخسار وہ ہونٹ
زندگی جن کے تصور میں لٹا دی ہم نے
تجھ پہ اٹھی ہیں وہ کھوئی ہوئی ساحر آنکھیں
تجھکو معلوم ہے کیوں عمر گنوادی ہم نے‘

هي قصو آھي شھرت جي آسمان کي ڇھندڙ جناب فيض احمد فيض جو.

واڪ آف فيم جو اصل هيرو

ھاليووڊ جي بليوارڊ روڊ تي هڪ تقريب منعقد ٿيندي آھي جيڪا ’واڪ آف فيم ‘ جي نالي سان مشھور آھي. هن تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ آمريڪا جو نالو روشن ڪندڙ ھيروز جو نالو روڊ جي پاسن تي لڳايو ويندو آھي ماڻھو اتان گذرندي پنھنجن هيروز جا نالا پڙھندي سندن خدمتن کان آگاهه ٿيندي خوشي محسوس ڪندا آھن.
اها شانائتي تقريب مڃي ويندي آھي جنھن ۾ نالو لکجڻ ھيروز لاءِ وڏي فخر واري ڳالھه ھوندي آھي.
45 سال اڳ جڏهن ان تقريب جي سلسلي ۾ آمريڪي هيروز جا نالا روڊ تي لڳايا پئي ويا ته ان وقت هڪ هيرو پنھنجو ستارو زمين تي لڳرائڻ کان انڪار ڪيو. سندس چوڻ ھيو ته هو پنھنجي نالي کي زمين تي لکيل برداشت نه ٿو ڪري سگھي ڇو ته جنھن هستيءَ جو نالو مٿس رکيل آھي مون کي ان نالي سان عشق آھي ۽ منھنجي لاءِ ان نالي جي ايتري ته عزت آھي جو مان ڪنھن به قيمت تي اهو برداشت نه ڪندس ته اهو نالو زمين تي لکيو وڃي. انتظاميه کيس چيو ته ان اعتراض جي ڪري سندس نالو هن عظيم هيروز واري فھرست مان خارج به ڪري سگھجي ٿو. تنھن تي هن وراڻيو ته ڀلي هڪ ته ڇا هزار ڀيرا ئي ڇونه سندس نالو انھن هيروز جي فھرست مان خارج ڪيو وڃي۔پر هو ان نالي کي هرگز زمين تي لکيل برداشت نه ڪندو. جيڪڏھن توهان کي منھنجو نالو شامل ڪرڻو آھي ته منھنجي نالي جي ستاري کي ڀت تي تمام اوچائي واري جڳھه تي لڳايو وڃي. انتظاميه ان هيرو جو شرط مڃي ورتو ۽ تاريخ ۾ پھريون ۽ اڄ تائين آخري ڀيرو ڪنھن هيرو جي نالي وارو ستارو ’واڪ آف فيم‘ جي تقريب ۾ ڀت تي تمام اوچي سطح تي لڳايو ويو. اهو عظيم هيرو باڪسر محمد علي هيو.

انگريزن جو عقل

انگريزن برصغير تي پاڪستان ۽ هندوستان جي ورهاڱي کان اڳ جيڪا حڪومت ڪئي اها دولت طاقت توڙي دماغ سان ڪئي. هنن برصغير هندوستان پاڪستان جي ماڻھن سان آقا ۽ غلام وارو رويو ته رکيو پر پاڻ هو غلامي کان شديد نفرت ڪندڙ ھيا ايتري قدر جو کين اهو به قبول نه هيو ته ڪو انگريز عملدار پنھنجي برطانوي عوام سان به ڪو غلامن وارو ورتاءَ ڪري. هڪ انگريز عورت جنھن جو مڙس گڏيل هندوستان وقت هڪ ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هيو. تنھن پنھنجي يادداشتن جي ڪتاب ۾ لکيو آھي ته سندن خدمت ۾ سوين خدمتگار هر وقت خبردار رهندا هيا.کين شاهي پروٽوڪول حاصل هيو. ڪيڏانھن وڃڻ وقت ريل جو پورو دٻو عاليشان سھولتن سان سينگاريل هنن جي حوالي هوندو هيو. سفيد يونيفارم پھريل ڊائيور هٿ ٻڌي ٻانھو بڻيو سندن آڏو بيٺو هوندو هو ۽ ريل هلائڻ جي اجازت گھرندو هو ۽ تيسين ريل نه هلندي هئي جيسين اسين کيس اجازت نه ڏيون. جڏھن سندس مڙس هندوستان ۾ ڊپٽي ڪمشنر هيو ته سندن شاهي ٺٺ ٺانگر هيا. ھو آقا هيا ۽ عوام غلام. پر جڏھن اهي ئي آفيسر واپس پنھنجي ملڪ انگلستان ويندا هيا ته اتي کين ڪنھن به عوامي عھدي تي فائز نه ڪيو ويندو هيو اهو سبب ڄاڻائي ته هو جيئن ته هڪ غلام قوم تي حڪومت ڪري آيا آھن ان ڪري عوام سان سندن روش ۽ طور طريقي ۾ فرق آيو هوندو. هنن ۾ عوام کي غلام سمجھڻ جي عادت پيل هوندي ان ڪري کين ڪابه اهڙي ذميواري نه ٿي ڏئي سگھجي جنھن ۾ ھو آزاد انگريز قوم سان به غلامن وارو ورتاءَ ڪن ۽ سندن رويو انگريز قوم سان حاڪم ۽ غلام وارو هجي.

توهان ٺيڪ ٿا چئو

ايلي سن اهو آمريڪي فڪشن نگار جنھن جي مزدور طبقي سان تعلق رکندڙ سندس پيءُ هن جي مذھبي تربيت ۽ تعليم تي جيتوڻيڪ خاص ڌيان ڏنو پر ايلي سن جو پھريون پيار موسيقي هئي جنھن تحت هن شرناءَ وڄائڻ به سکي ۽ ڪيترن ئي موسيقارن سان سندس واسطو رهيو هن هڪ اداري ۾ سکيا به حاصل ڪئي ۽ ڌنون ٺاهڻ ۾ مھارت حاصل ڪري ورتي پر جلد ئي هن جي محبت موسيقي مان ڦري ادب طرف مائل ٿي وئي. ھمعصر اديب ٽي ايس ايليٽ جي نظم سندس ذھني پختگي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان علاوه هن هينري جيمز، دوستو وسڪي ۽ مارڪ ٽوئن جھڙن ليکڪن جا ناول پڙھيا. 1952 ۾ سندس ناول Invisible Man ڇپيو جنھن کي 1953 ۾ نيشنل بڪ ايوارڊ مليو. ووٽنگ جي نتيجي ۾ هن ناول کي اهو آمريڪي نمائنده ناول قرار ڏنو ويو جيڪو جنگ عظيم کان پوءِ واري صورتحال بعد سامھون آيو.
ان کان علاوه سندس مضمونن ۽ ڪھاڻيءَ جا مجموعا به مشھور ٿيا.
هڪ دفعي ايلي سن کان ڪنھن پڇيو ته؛ ’توهان ايترو خوش ڪيئن رهندا آھيو ؟‘
ايلي سن کيس جواب ڏنو ته؛ ’ڇو ته مان بيوقوفن سان بحث ناھيان ڪندو.‘
سوال پڇندڙ چيس؛ ’ته پوءِ ڇا چوندا آھيو؟‘
ايلي سن وراڻيس مان کين چوندو آھيان؛ ’توهان ٺيڪ ٿا چئو.‘
سوال ڪندڙ وري چيس؛ ’پوءِ به پنھنجي ڳالھه مڃرائڻ ۽ قائل ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪو دليل يا ڪو جواز ته ڏيڻ گھرجي.‘
ايلي سن جواب ڏنس؛ ’ توهان ٺيڪ ٿا چئو.‘

منو ڀائيءَ جا خواب

پي. ٽي. وي جي عروج واري زماني جي تمام مشهور سيريل ”سونا چاندي“ اڄ به ڏسندڙن جي ذهن تي نقش آهي. ان سپرهٽ سيريل ليکڪ ”منو ڀائيءَ“ کي شهرت جي بلندين تي پهچايو.
تمام گهٽ ماڻهن کي اها خبر آهي ته مشهور ڪالم نويس، ڊراما نگار ۽ شاعر ”منو ڀائي“ جو اصل نالو منير احمد هو. لکڻ جي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ سندس هڪ نظم کان متاثر ٿي احمد نديم قاسميءَ کيس ”منوڀائي“ نالو عطا ڪيو ۽ ايئن هن منو ڀائي طور مقبوليت ماڻي.
منو ڀائي يگاني طبيعت جو مالڪ هو. هن کي ذوالفقار علي ڀٽو سان محبت هئي. هن ڀٽو سان اها محبت آمريت جي دور ۾ به ڪونه لڪائي، سندس ان غير مشروط محبت جي ڪري کيس تڪليفون به ڏسڻيون پيون هيون. ان زماني ۾ فيض احمد فيض جي پنجابي شاعري جو وڏو چرچو هو، فيض جي پنجابي شاعري به عام ماڻهن جي ڏکن ۽ محنت ڪش، هارين مزدورن جي تڪليفن جو ذڪر هو، جيڪا ئي سندس مقبوليت جو ڪارڻ هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ فيض احمد فيض جي هڪ پنجابي شعري مجموعي جي مهورتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي منو ڀائيءَ ٻڌايو هو ته ”مان هڪ دفعي فيض صاحب کي چيو، ”فيض صاحب مان اردو ۾ شاعري ڪرڻ ٿو چاهيان، مان ڪوشش به ڪئي آهي ڪافي شاعري اردو ۾ لکي به اٿم، پر ان ۾ اهو سواد ڪونهي، بي سوادي ۽ بي وزن شاعري آهي. تنهن تي فيض صاحب پڇيو ”تون خواب ڪهڙي زبان ۾ ڏسندو آهين؟“ مون وراڻيو ”مان خواب پنجابي زبان ۾ ڏسندو آهيان.“
فيض صاحب مرڪي جواب ڏنو، ”ته پوءِ توکي شاعري به پنجابي زبان ۾ ڪرڻ گهرجي، يعني جنهن زبان ۾ ماءُ ٻار کي لوري ڏيندي آهي، جنهن زمان ۾ ماءُ پنهنجي ڌيءَ کان ڌار ٿيڻ وقت روئندي آهي ۽ جنهن زبان ۾ شاعر خواب ڏسندو آهي ان کي ان زبان ۾ ئي شاعري ڪرڻ گهرجي.

آئنسٽائن جا آخري لفظ

تاريخ ۾ جڏهن به جتي به فزڪس جو ذڪر ايندو اهو البرٽ آئنسٽائن کان سواءِ اڻپورو ليکيو ويندو. آئنسٽائن فزڪس جي تاريخ جو اهو نالو آهي جنهن ويهين صديءَ ۾ پنهنجي دماغ سان واڄٽ وڄائي ڇڏيا.
وقت کيس ويهين صديءَ جو هڪ اهڙو اعليٰ دماغ قرار ڏئي ٿو جنهن جي حياتيءَ ۾ ته سندس دماغ تي ماهرن جو ديدون کتل هيون ئي، پر سندس مرڻ کان پوءِ به ماهر هن جي دماغ جي حصول جي ڊوڙ ۾ شامل رهيا.
18 اپريل 1995ع تي جڏهن آئنسٽائن پرنسٽن اسپتال ۾ پويان پساهه کنيا هئا ته سندس موت کان ٺيڪ ساڍن ستن ڪلاڪن کان پوءِ ئي هن جي دماغ کي ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو هو.
آئنسٽائن جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٿامس هاروي کي سندس دماغ ۾ گهڻي دلچسپي هئي. پوسٽ مارٽم کان پوءِ آئنسٽائن جي دماغ جا ٽڪرا ڪري ڊاڪٽر ٿامس هاروي پاڻ وٽ رکيا باقي ڪجهه ٽڪرا هن ٻين ماهرن جي حوالي ڪري ڇڏيا.
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ آئنسٽائن جنهن اسپتال ۾ داخل هو اتي هن جي حياتيءَ جي پڇاڙڪن پهرن ۾ وٽس نه ته سندس اولاد مان ڪو موجود هو ۽ نه ئي دوستن عزيزن مان ڪو حاضر هو.
انهن آخري گهڙين ۾ وٽس فقط هڪ نرس موجود هئي ۽ مرڻ کان ڪجهه منٽ اڳ ۾ آئنسٽائن ڪجهه ڳالهايو هو، ڪي ڪارآمد ڳالهيون ڪيون هيون. پر بدقسمتيءَ سان اهي تاريخ جي رڪارڊ ۾ موجود ڪونه آهن. سندس چيل آخري لفظ ائين ئي هوا ۾ وکري ضايع ٿي ويا ڇو ته سندس آخري لفظن کي ٻڌڻ واري نرس ڪجهه به سمجهي ڪونه سگهي هئي جو نرس کي جرمن ٻولي ڪونه ايندي هئي.

فيض، نور جهان ۽ نظم

فيض احمد فيض جو مشهور ترين نظم

”مجھ سے پہلی سی محبت میرے محبوب نہ مانگ“

جنهن کي ملڪه ترنم نور جهان اهڙي ته روحاني رمز سان ڳايو آهي جو اهو نظم اڄ به ايترا ورهيه وهامي وڃڻ کان پوءِ به جڏهن به جتي به سندس سريلي آواز ۾ گونجندو آهي ته ٻڌندڙن جي لونءَ ڪانڊارجي ويندي آهي.
ان لحاظ کان اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته فيض صاحب جي ان نظم جا لفظ ئي ايترا لازوال آهن يا نور جهان ان کي پنهنجو سريلو آواز ارپي ان ۾ ساهه وجهي ڇڏيو.
تاريخ چوي ٿي ته جڏهن نورجهان فيض صاحب جو اهو نظم ايتري ته سهڻي انداز ۾ ڳايو جو پاڻ فيض صاحب به جهڙوڪ ان جي سحر ۾ جڪڙجي ويو ۽ نورجهان کي چيائين ته:
”اوهان جنهن خوبصورتيءَ سان ان نظم کي ڳايو آهي اڄ کان اهو نظم اوهان جو ٿيو.“
اها ارپنا ٻڌي نورجهان تمام گهڻي خوش ٿي ۽ هن فيض صاحب کي چيو:
”اهو ته مون لاءِ وڏو اعزاز آهي، مان چاهيان ٿي ته بدلي ۾ اوهان مون کان ڪجهه گهرو ته جيئن ان احسان جو بار ڪجهه هلڪو ٿي سگهي.“ فيض کيس چيو:
”هڪ مرد هڪ عورت کان ڇا ٿو گهري سگهي، بس اهو ئي ڏئي ڇڏ.“
اهو ٻڌي نورجهان ککي وکي ٿي وئي ۽ وراڻيائين:
”هي ته توهان تمام وڏي شيءِ گهري ورتي.“ فيض صاحب مرڪندي وراڻيو:
”جيڪڏهن تمام وڏي شيءِ آهي ته پوءِ ڇڏي ڏيوس.“

دنيا جي پهرين عورت هائي جيڪر

1944ع ۾ فلسطين جي فضائن ۾ اک کولڻ کان پوءِ کليل اکين سان فلسطين جي آزادي ۽ خوشحالي جا خواب ڏسندڙ ليليٰ خالد کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هوءَ دنيا جي پهرين عورت هائي جيڪر آهي. جنهن 1966ع ۽ 1971ع جي وچ جي مختصر ترين عرصي ۾ 4 هوائي جهاز هائي جيڪ ڪيا.
ليليٰ خالد ويهين صديءَ جي فلسطيني تحريڪ آزادي جو هڪ اهڙو امر ڪردار آهي جنهن تي اسلامي دنيا جون سموريون عورتون فخر ڪري سگهن ٿيون.
فلسطيني قيدين جي آزادي لاءِ هن فلسطين لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ليليٰ خالد تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن بڻجي وئي. هن پهريون ڀيرو اسرائيلي هوائي جهاز هائي جيڪ ڪري انهن کان فلسطيني قيدي آزاد ڪرائڻ سان گڏوگڏ ٻيا مطالبا به مڃرائي ورتا. ليليٰ خالد پوري دنيا جي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا تي ڇانئجي وئي. سندس مقبوليت جي گراف جي اوچائي اها هئي ته ايشيا توڙي يورپ ۾ عورتن لاءِ ليليٰ خالد رول ماڊل بڻجي وئي. عورتون هن جي وارن جو اسٽائيل اپنائڻ لڳيون. هن جي نقاب هن جي اسڪارف جون ڊزائينون عورتن جو محبوب فيشن بڻجي ويا. ليليٰ خالد جي هٿ ۾ هڪ منڊي هوندي هئي جنهن ۾ ڪو هيرو يا پٿر نه پر هڪ گولي مڙهيل هوندي هئي.
فلسطيني تحريڪ آزادي سان سندس سچائيءَ جي انتها اها هئي ته هن فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ ٻين مطالبن لاءِ اسرائيل جو هڪ جهاز اغوا ڪرڻ کان پوءِ سندن ٻيا هوائي جهاز به هائي جيڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي سڃاڻپ مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏي جنهن جي لاءِ هن لڳاتار هڪٻئي پٺيان پنهنجي چهري جون 6 پلاسٽڪ سرجري ڪرائي ڇڏيون.

شاعري، باهه ۽ ساغر

اهو 1928ع جو سال هو جڏهن انڊيا جي علائقي انبالا ۾ هن اک کولي. سندس پيدائش تي والدين پاران سندس نالو ته محمد اختر رکيو ويو پر پيءَ ماءُ جو ڏنل سندس اهو نالو رڳو سندس تعليمي سندن ۽ شناختي ڪارڊ تائين ئي محدود رهيو. ڇو ته دلين جي تارن کي ڇهندڙ شعر چوندڙ هن شاعر کي دنيا ”ساغر صديقي“ جي نالي سان اهڙو ته مان ۽ مرتبو ڏنو جيڪو چڱن ڀلن معتبرن کي به ڪونه ملندو آهي.
شاعري جي دنيا جو هي درويش صفت شاعر سدائين پنهنجي ڌُن ۾ مگن رهندو هو. لاهور جي رستن تي هيڻن حالن ۾ ڏينهن رات رلندو رهندو هو. ماڻهو حيران هوندا هئا ته ديوانن جهڙو ڏيک ڏيندڙ هڪ ميرو گدلو شخص ايتري اثر واري شاعري ڪيئن ٿو ڪري...!؟
هڪ ڀيري ساغر صديقي هڪ عام ڪکائين هوٽل ۾ ويٺو هو آس پاس کان بيخبر ويٺو شاعري لکي رهيو هو ۽ هر هڪ شعر لکڻ سان گڏ وڏي آواز ۾ اهو شعر ورجائي به رهيو هو:
”موج کو رم سے آگ لگ جائے
گل کو شبم سے آگ لگ جائے
کاش اے زندگی کی رقاصہ
تیری چھم چھم سے آگ لگ جائے۔“

سندس ” آگ لگ جائے ، آگ لگ جائے“ واري ان شاعري دوران ان مهل وقفي وقفي سان ٽي چار باهه وسائڻ واريون گاڏيون سائرن وڄائيندي گذريون ۽ ساغر ” آگ لگ جائے“ وارا شعر لکڻ ۾ مشغول رهيو.
نيٺ اتي هوٽل تي ويٺلن مان هڪ شخص اٿيو ۽ ساغر صديقي جي هٿ مان قلم ڦريندي کيس چيائين.
”بس ڪر ميان! ڀلا سڄي شهر کي باهه ڏيڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟“

ڪرسيون

Eugene Lonesco رومانيا جو جڳ مشهور ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس تحريرن جو گهڻو تعداد فرانسيسي زبان ۾ آهي. هن کي ٿيٽر جي دنيا ۾ گهڻو داد مليو. هن ان ميدان ۾ وڏي مڃتا ماڻي. سندس لکيل ڪيترائي ٿيٽر ڊراما ماڻهن جي مَن کي موهي وجهندا هئا. جذبات کي جهنجهوڙي ڇڏيندا هئا، سندس ڊراما ڏسندڙن تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي ويندا هئا.
Eugene Lonesco هڪ وجودي ڊرامو لکيو هو جنهن جو نالو هو ”ڪرسيون“ ”The Chairs“ اهو ڊرامو پهريون ڀيرو 1952ع ۾ ٿيٽر ڪيو ويو هو. جنهن جو پلاٽ اهو هو ته هڪ پوڙهو جوڙو اهڙيون ڪرسيون تيار ڪندو آهي جن تي غائب ماڻهن کي ويهاريو وڃي.
ائين هڪ ڀيري رات جي ماني جي دعوت تي شهر جي اهم ترين عهدن تي فائز آفيسرن کي دعوت ڏئي گهرايو ويو. اهي سڀ عملدار جڏهن اتي پهتا ته کين اسٽيج تي ويهارڻ بدران اسٽيج تي فقط خالي ڪرسيون لڳايون ويون. پوءِ ميزبان گفتگو انهن خالي ڪرسين سان ئي ڪندو آهي ۽ آيل مهمانن کي آئينو ڏيکاريندي سندن ستل ضمير کي جاڳائڻ خاطر کين چوندو آهي ته:
”صاحبو! دراصل توهان سڀ ڪرسيون آهيو، مختلف نالن ۽ عهدن واريون ڪرسيون، توهان جو ڪوبه وجود ڪونهي ۽ توهان هن سسٽم ۾ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي چڪا آهيو.“
کين آئينو ڏيکارڻ کان پوءِ ڊرامي جي آخر ۾ اهو پوڙهو جوڙو سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي ڇڏيندو آهي.

عورت، محبت ۽ هٽلر

تاريخ جي ورقن ۾ هٽلر دهشت جي علامت طور ڄاتو وڃي ٿو، هن کي ڪنهن تي به ڪهل ڪانه ايندي هئي. هٽلر کي گوليءَ جي ٻولي پسند هئي. هن کي ئي ٻي جنگ عظيم جو ذميوار به قرار ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته هڪ ڪرڪيٽ ميچ جي بنا نتيجي ختم ٿيڻ جي ڪري پوري ڪرڪيٽ ٽيم کي گوليون هڻي موت جي ننڊ سمهارڻ وارو واقعو به هٽلر سان منسوب آهي.
ان پٿر دل ۽ بيرحم هٽلر سان به ڪنهن کي محبت ٿي هئي ۽ هن به ڪنهن سان پيار ڪيو هو. هٽلر جي سيني ۾ به اهڙي دل هئي، جنهن ۾ محبت جا گيت هونگاربا هئا.
اهو هٽلر، جنهن عورتن جي باري ۾ اهو فرمان جاري ڪيو هو ته، ”خوبصورت عورت کي جتي به ڏسو، ان کي ماري ڇڏيو، ڇو ته اهي شاعر، عشق ۽ دانشور پيدا ڪن ٿيون، جڏهن ته اسان کي سپاهين جي ضرورت آهي.“
هٽلر جي باري ۾ مشهور آهي ته هو ڪٿي به تقرير ڪرڻ لاءِ وڃڻ کان اڳ مختلف انداز سان تصويرون ڪڍرائيندو هو ۽ ڏسندو هو ته هو ڪهڙي انداز ۾ ڪيئن ٿو لڳي! ان ڪم لاءِ هن هڪ خاص فوٽوگرافر رکيو هو، ان ئي فوٽوگرافر وٽ ”ايوا برائون“ نالي هڪ نوجوان خوبصورت ڇوڪري اسسٽنٽ طور ڪم ڪرڻ لڳي، ان ئي اسٽوڊيو ۾ ايوا ۽ هٽلر جي ملاقات ٿي هئي. ايوا ته هٽلر جي ديواني ٿي وئي هئي، پر هٽلر به هن کي دل ڏئي ويٺو. ائين هو پيار جي پيچرن تي هلڻ لڳا. جڏهن هٽلر زندگي جي مختلف لاهن چاڙهن جي ڪري ايوا کي وقت ڏئي نه سگهندو هو ته هوءَ مايوس ٿي ويندي هئي. هٽلر کان پري هجڻ هن کي اداس ڪري ڇڏيندو هو ان حالت ۾ ايوا ٻه ڀيرا خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي هئي، پر ٻئي ڀيرا بچي وئي هئي. بعد ۾ هٽلر هن سان گهڻي کان گهڻو وقت گڏ گذارڻ لاءِ پهاڙين ۾ ايوا جي محبت ۾ هڪ عاليشان محل جوڙايو، جنهن جي آس پاس به عام ماڻهوءَ کي وڃڻ جي اجازت ڪونه هئي، جو هٽلر کي اهو پسند ڪونه هو ته ڪو ٻيو ايوا سان ملي.
29 اپريل 1945ع تي ايوا ۽ هٽلر شادي ڪئي، پر سندن هيءَ شادي فقط ڪجهه ڪلاڪ ئي قائم رهي سگهي هئي، ڇاڪاڻ ته 30 اپريل 1945ع تي ايوا ۽ هٽلر گڏجي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي.

امير مينائي جي معصوميت

’کشتیاں سب کی کنارے پہ پھنچ ہی جاتی ہیں
ناخدا جن کا نھیں ان کا خدا ہوتا ہے‘

جھڙن ۽ ٻين اهڙن انيڪ عاليشان شعرن جو خالق معروف اديب ۽ شاعر امير مينائي جنھن نواب نصير الدين حيدر جي عھد ۾ لکنوءَ ۾ اک کولي. امير مينائي داغ دھلوي جھڙي باڪمال شاعر جو همعصر هيو. طبيعت ۾ شريف النفس، پاڪباز ۽ عبادت گزار هيو، مزاج ۾ توڪل ۽ فقيري هيس. جيتوڻيڪ امير مينائي جي ڪلام ۾ زبردست ربط ۽ رواني هئي پر هو داغ جي ڪمال فن مان متاثر هيو. بيباڪ ۽ صاف گو امير مينائي هڪ دفعي داغ وٽ ويٺو هو. ڳالھين ڪندي امير مينائي دل جي ڳالھه داغ دهلوي سان چوريندي کيس چوڻ لڳو ته هڪ سوال آھي جيڪو ڪجھه وقت کان منھنجي ذھن ۾ گردش ڪري رهيو آھي ته منھنجي شاعري ۾ اها نزاڪت، چاشني ۽ رومانوي اثر ڇو ڪونھي جيڪو تنھنجي شاعري ۾ آھي.؟
داغ پڇيس : تون ڪڏهن مئخاني جو رخ ڪيو آھي؟
امير مينائي لاحول پڙھندي چيس معاف ڪجو داغ صاحب اهو توهان ڪهڙو سوال ٿا ڪيو!!
داغ وري سوال پڇيس: ڀلا ڪڏهن ڪنھن حسينه جي محفل ۾ وڃي گانو ٻڌو اٿئي؟
امير مينائي توبھ توبھ ڪندي انڪار ڪيو.
داغ چيس آخري سوال: اهو ٻڌاءِ ته ڪڏهن تنھنجو ڪنھن رقص جي محفل ۾ وڃڻ ٿيو؟
امير مينائي ڪنن جي پاپڙين کي هٿ لائيندي انڪار ڪيو .
داغ مرڪي پيو ۽ مينائي جي ڪلھي تي هٿ رکي کيس چيو: ميان رڳو زال کي ڏسي ڏسي شاعري ڪندين ته پوءِ رومانوي اثر ، نزاڪت ۽ چاشني به اهڙي ئي هوندي نه.! **

مان ۽ مرتبو

پڇيو ويو :_’ زن ۽ زمين جي ڪشش ۾ ڪھڙو فرق آھي؟‘
جواب مليو:_ ’فرق کڻي ڪھڙو به هجي پر ٻئي ماڻھوءَ کي مٽي ۾ ملائي ڇڏينديون آھن.‘
اهو حاضر جواب ڪو ٻيو نه پرسيد احمد شاھ هيو جنھن کي دنيا پطرس بخاري جي نالي سان سڃاڻي ٿي۔ پطرس بخاري هڪ ئي وقت مزاح نگاي، افسانا نگاري، شاعري توڙي براڊ ڪاسٽنگ ۾ پاڻ مڃايو۔ ساڳي وقت هو سفارتڪار، تعليمدان ۽ بيوروڪريٽ به رهيو. سندس مضمون هندوستان ۽ پاڪستان جي تعليمي نصاب ۾ شامل آھن.
هي عظيم مزاح نگار جيڪو پنھنجي حاضر جوابي لاءِ گھڻو مشھور هيو.
هڪ دفعي جو ذڪر آھي ته پطرس بخاري جڏهن گورنمينٽ ڪاليج لاهور جو پرنسيپال هيو ۽ پنھنجي آفيس ۾ ويٺو ڪم ڪري رهيو هو ته هڪ صاحب ساڻس ملڻ سندس آفيس آيو. پطرس بخاري جيڪو ان وقت ڪجھ لکڻ ۾ مصروف هيو. اچڻ واري کيس سلام ڪيو پطرس بخاري سلام جو جواب ڏيندي ان صاحب ڏانھن ڏسڻ بنا کيس چيائين: ’مھرباني ڪري تشريف رکو‘
ان صاحب ڳالھايو :_ ’مان لاھور جو ڊپٽي ڪمشنر آھيان‘
پطرس بخاري ڏانھس ڏسڻ بنا وراڻيو :_ ’ته پوءِ توهان ٻن ڪرسين تي ويھي رهو.‘
**

تاج محل جا بدلجندڙ رنگ

هندستان جي شهر آگري جي اڱڻ ۾ تجلا ڏيندڙ ”تاج محل“ پنهنجي تعمير جي چئن صدين کانپوءِ به پوري دنيا ۾ محبت جي معتبر علامت طور سڀ کان مشهور مقبري طور مشهور آهي. مغل شهنشاهه شاهجهان پاران پنهنجي محبوب ترين زال ممتاز محل جي ياد ۾ جوڙايل تاج محل دنيا جي عجوبن ۾ شمار ٿئي ٿو.
. تاريخ ۾ آهي ته نورجهان کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن ملڪه پردي جي پويان مغل سلطنت تي حڪومت ڪئي ته اها ممتاز محل هئي. شهنشاهه شاهجهان جنهن کي مغل سلطنت جو پنجون طاقتور حڪمران مڃيو وڃي ٿو، تنهن پنهنجي محبوب ترين زال ممتاز جي وفات کان پوءِ هڪ عاليشان مقبرو جوڙائڻ جو سوچيو، جنهن لاءِ هن جو شرط اهو هو ته اهڙو مقبرو اڏيو وڃي، جيڪو ان کان اڳ دنيا ۾ ڪڏهن به ڪٿي به تعمير نه ٿيو هجي. ائين سالن جا سال ڏينهن رات جي محنت سان هزارين مزدورن تاج محل تيار ڪري ورتو.
تاج محل جي تعمير ۾ شاهجهان جهڙوڪ سمورو خزانو ختم ڪري ڇڏيو، محبت جو اهو يادگار تعمير ڪرڻ لاءِ شاهجهان جي ان شاهي خرچ تي ڪاوڙ ڪندي ساحر لڌيانوي جهڙي شاعر جي هڪ نظم تمام گهڻي شهرت ماڻي، جنهن سبب ساحر پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي تاج محل تي تنقيدي ڪندي لکيو ته:
اک شہنشاہ نے دولت کا سہارا لے کر،
ہم غریبوں کی محبت کا اڑایا ہے مذاق،
میری محبوب کہیں اور ملا کر مجھ سے۔

هن مقبري جي انفراديت ۽ عجب ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته تاج محل ڏينهن رات ۾ مختلف رنگ مٽائيندو آهي، پرهه ڦٽيءَ وقت هن جو رنگ گلابي ۽ شام جي وقت کير جهڙو اڇو ٿي ويندو آهي. تاج محل جي انهن تبديل ٿيندڙ رنگن کي عورت جي مزاج سان تشبيهه ڏني وڃي ٿي.

هڪ داناءَ جي ناداني

جيتوڻيڪ اها تاريخي حقيقت آھي ته عظيم فرانسيسي انقلاب ۾ پيڙھ جي پٿر جو ڪردار هن جي تحريرن ادا ڪيو. سندس فڪر نئين واٽ جو سونھون بڻيو. ان امر کان به انڪار ڪونھي ته هو دماغ بدران دل سان سوچيندڙ هڪ بيچين روح ھيو. اها به حقيقت آھي ته هن سچائي جي نشتر سان ڪوڙھيل سماج جي گندگي کي ڪورڻ جي ڪوشش ڪئي. دوستن جو هو دلربا هيو ته گڏوگڏ هر هنڌ هر جاءِ محبتون به ٻئي ٻانھون کولي هن کي ڀليڪار جي ڀاڪر ۾ آڻينديون هيون. سچ اهو به آھي ته
هو ڪنھن قدر غير مستقل مزاج به هيو جنھن ڪارڻ هن ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نوڪريون به ڇڏيون.
پر تاريخ هن جي ذاتي زندگي جو جڏھن تاريڪ پاسو ڏيکاري ٿي ته اندازو ٿئي ٿو ته سوچ ۽ فڪر جي ميدان جو هي مير وڏو دماغ رکڻ وارو ننڍڙو ماڻھو هيو جو هن کي ٿيريسي نالي عورت مان پنجن ٻارن جو اولاد به ٿيو پر هو هر ٻار کي پيدا ٿيندي ئي لاوارث ٻارن جي اسپتال ۾ ڇڏي ايندو هو. اهو بھانو بڻائي ته هو سندن پالنا ڪري ڪونه سگھندو ۔ ايئن هو پنھنجي اولاد کي پاڻ کان الڳ ڪري رياست جي سپرد ڪندو ٿي ويو۔توڙي جو اڳتي هلي کيس سندس ان عمل تي پڇتاءَ به ٿيو ۽ هن پنھنجي ان عمل کي پنھنجو ڪڌو ڪم قرار ڏيندي پنھنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب ۾ مجرماڻو اعتراف به ڪيو۔سندس آتم ڪٿا دنيا جي سڀ کان گھڻي پڙھي ويندڙ آتم ڪٿائن ۾ شمار ٿئي ٿي. هو لکي ٿو ته هن بعد ۾ پنھنجن ٻچڙن بابت پڇائون به ڪيون پر کيس ڪنھن جو ڪوبه پتو ڪونه پيو. هي ذڪر ان شخص جو آھي جنھن کي علم ۽ ادب جي دنيا عظيم مفڪر روسو جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
**

ڊيڪارت جي نازڪ مزاجي

رين ديڪارت فلسفي جي دنيا جو اهو داناء استاد جنھن پنھنجي ڏاهپ سان فرانس جي علم پرور زمين تي پنھنجي علم، عقل ۽ دانش جا جھنڊا کوڙيا.
جيتوڻيڪ اهو ضروري ناهي ته ان کي هڪ بلڪل ئي مستند حقيقت تسليم ڪيو وڃي پر تاريخ جي انيڪ ورقن تي اهو تحرير آھي ته جيئن سقراط لاءِ مشھور هيو ته هو برف تي پيرين اگھاڙي هلندو هو ۽ سڄو ڏينھن برف ۾ ويھي غور و فڪر ڪندو هو تيئن ئي ان جي ابتڙ ديڪارت لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هن جو ذھن وري فقط گرم رهڻ سان ئي موج ۾ ايندو هو، حرارت هن جي سوچ کي سگھه ڏيندي هئي. ٿڌ کيس ڀانءِ نه پوندي هئي. جھڙي طرح سقراط تي سردي سوچن جا سمورا در کولي ڇڏيندي هئي ساڳي ريت اها ئي ٿڌ دڪارت جي تخليقي صلاحيتن کي منجمد ڪرڻ لڳندي هئي. دڪارت ٿڌ کان پري ڀڄندو هيو. ايتري قدر جو هڪ ڏينھن ايتري ٿڌ پئي جو هو وڃي آتشدان ۾ ويھي رهيو ۽ سڄو ڏينھن اونھين سوچن ۾ ٻڏل رهيو، جڏهن شام جو ٻاھر آيو ته هڪ خاص نقطي تي سندس اڌ نظريو مڪمل ٿي چڪو هو. دڪارت کي دير تائين سمھڻ جي عادت هئي، هو منجھند کان اول ننڊ مان نه اٿندو هو۔ ڪو کيس سوير جاڳائيندو هو ته هو بي آرام ٿي پوندو هو ۽ سندس موت جو سبب به گھڻي ڀاڱي اها بي آرامي بڻي جو جڏهن دڪارت سويڊن جي راڻي ڪئٿرين کي سبق پڙھائڻ سندس سلطنت ويو ۽ راڻي جي بي پناھ مصروفيتن کي نظر ۾ رکندي ديڪارت کيس پاري پوندڙ ٿڌ ۾ صبح جو سوير پنجين وڳي اٿي سبق پڙھائڻ لڳو۔ پر پنھنجي نازڪ نفيس طبيعت سان اها زيادتي دڪارت کي مھانگي پئجي وئي، ٿڌ ۽ بي آرامي جي سٽ نه سھندي

ڀٽو صاحب ۽ حبيب جالب

ھي انھن ڏينھن جي ڳالهھ آھي جڏهن ڀٽو صاحب جنرل ايوب جي دور ۾ وزير خارجه هيو ۽ تاشقند معاهدي جي معاملي تي ٻنھي ۾ اختلاف چوٽ چڙھي ويا هيا ۽ ڀٽو صاحب جي علاج جي بھاني ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جون خبرون اچڻ لڳيون تڏهن حبيب جالب ڀٽو صاحب جي لاءِ ھڪ نظم لکيو ته:

’دست خزاں میں اپنا چمن چھوڑ کے نہ جا
آواز دے رہا ہے وطن چھوڑ کے نہ جا‘

جڏهن ڀٽو صاحب لاهور جي هڪ هوٽل ۾ ترسيل هيو ته اتان حبيب جالب ڏانھن پيغام موڪليائين ته پاڻ ساڻس ملڻ گھرن ٿا تنھن مھل ڪافي هائوس ۾ ويٺل جالب کيس جواب ڏياري موڪليو ته مان وزيرن سان ناهيان ملندو جيڪڏهن ڀٽو صاحب ساڻس ملڻ چاهين ٿا ته وٽس اتي ڪافي هائوس ۾ اچي ملن۔ جالب ۽ سندس دانشور دوستن جي اندازي جي ابتڙ ڀٽو صاحب ھلي اچي حبيب جالب سان ڪافي هائوس ۾ مليو. جالب ۽ سندس شاعر اديب ۽ دانشور دوست ڀٽو صاحب جي حسن اخلاق ۽ سلجھيل گفتگو مان گھڻو متاثر ٿيا. ڀٽو صاحب جالب کي چيو ته هاڻي ته هو سندس پيغام ملڻ تي ڀٽو صاحب سان ملڻ ايندو نه؟ جالب مرڪي ها ۾ ڪنڌ لوڏيو. موڪلائڻ وقت ڀٽو صاحب جالب کي چيو هاڻي مون کي اهو نظم ٻڌاءِ جيڪو تون منھنجي لاء لکيو آھي، ته جالب وراڻيس ڀٽو صاحب اوهان تي لکيل نظم اوهان کي سامھون ٻڌائڻ سراسر خوشامد ٿيندي جيڪا منھنجي فطرت جي خلاف آھي. جواب ٻڌي ڀٽو صاحب مرڪي روانو ٿي ويو.
**

فرعون جي حقيقت

فرعون جو ذڪر اچڻ سان ئي اسان جي ذھن ۾ حضرت موسيٰ ۽ فرعون جو قصو ذھن تي تري اچي ٿو۔ جڏھن ته حقيقت اها آھي ته ان حاڪم جو ئي نالو فرعون ڪونه هيو جو قديم مصر تي ڪيترا ئي فرعون حڪومت ڪري چڪا ۽ايئن حضرت موسيٰ جي زماني وارو فرعون به انھن هيڪاندن فرعونن منجھان هڪ فرعون هيو. تاريخ جي ورقن موجب اٽڪل ٽيھن خاندانن قديم مصر تي حڪومت ڪئي اھڙي طرح اتي انيڪ فرعون حاڪم رهيا ڇاڪاڻ ته فرعون ان دور ۾ مصر جي بادشاهن جو لقب هيو ، جيڪو به بادشاھ بڻبو هو ان کي فرعون سڏيو ويندو هو۔ جنھن جي مصري زبان ۾ معنيٰ آھي ’اوچو محل‘، سندس لغوي معنيٰ ’عظيم محل‘ بڻجي ٿي. جنھن مان مراد بادشاھ جو محل هيو جو اهو سمجھيو ويندو هو ته تمام فرعون مصري ديوتائن جي اولاد آھن.
نيشنل جاگرافڪ جي هڪ رپورٽ مطابق حضرت موسيٰ جي دور جي فرعون جي سڃاڻپ تي تمام گھڻو بحث ڪيو ويو آھي جنھن کان پوءِ محققن ۽ تاريخدانن جي اڪثريت ان ڳالهھ تي متفق آھي ته حضرت موسيٰ جي عھد ۾ جيڪو فرعون هيو ان جو نالو {رعميس دوئم ’ٻيو‘} هيو.
جھڙي طرح چين جي بادشاھ کي ( خاقان) روس جي بادشاھ کي (زار) روم جي بادشاھ کي (قيصر) ۽ ايران جي بادشاھ کي (ڪسري) سڏيو ويندو هو ساڳي طرح قديم مصر جا بادشاھ فرعون سڏبا هيا.
**

اداڪار جون ايليا

جون ايليا برصغير جو اهو اديب آھي جنھن جي تحرير جو انداز انوکو آھي. ايتري قدر جو شاعري سان دلچسپي رکندڙ ھر ماڻھو جون ايليا جي شعر کي ڪنھن کان ٻڌندي يا ڪٿي پڙھندي ئي سڃاڻي وٺندو ته اهو جون ايليا جو شعر آھي. جون ايليا جنھن اٺن سالن جي عمر ۾ ئي پھريون پيار ڪري پھريون شعر چيو ته:
چاھ ميں اس کے طمانچے کھائے ہیں
دیکھ لو سرخی میرے رخسار کی.

عربي، انگريزي، فارسي ۽ سنسڪرت ۾ به ڪمال جي دسترس رکندڙ جون ايليا فلسفي، سوانح نگار ۽ عالم به هيو۔ هن ڪچي عمر ۾ پنھنجي خيالي محبوبه صوفيه جي نالي تي وڏا افلاطوني قسم جا خط به لکيا.
پر تمام گھٽ ماڻھن کي اها خبر آھي ته جون ايليا شروع ۾ پنھنجي پاڙي ۾ اداڪاري جي حوالي سان مشھور هيو. ان زماني ۾ ’بزم حق نما‘ نالي ڊراما ڪلب قائم هيو جيڪو اسلامي تاريخ متعلق ڊراما پيش ڪندو هو. جون ايليا دوستن سان گڏجي وڏي چاھ سان اهي ڊراما ڏسندو هو.
ايئن شوق ۾ ھن پنھنجي هڪ دوست سان ملي هڪ ڊراما ڪلب به ٺاهيو هيو ۽ پاڻ ئي ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو هو، پر سندس اداڪاري جو اهو شوق تمام جلد 1946ع ۾ ئي پورو ٿي ويو ۽ جون ايليا هڪ شاعر طور اهڙي شھرت ماڻي ورتي جو سندس اداڪاري وارو پاسو ماڻھن ته ڇا پر خود هن کان به جھڙوڪ وسري ويو ته ڪو جون ايليا ادااڪار به هوندو هو.

’جو گذاری نہ جاسکی ہم سے
ہم نے وہ زندگی گذاری ہے‘
**

نيري رنگ جا ڪتاب

ایک محبت کافی ہے
باقی عمر اضافی ہے

۽ ان جھڙا انيڪ اڻڳڻيا خوبصورت شعر هن جي قلم جي نب مان نڪري عام زبان جي زينت بڻيا. پنھنجي نالي جيان محبوب خزان هڪ محبوب شخصيت جو مالڪ هيو. صوفي منش، ساده طبيعت ، غزل گيت ۽ نظم جو هي بھترين شاعر سنڌ جو اڪائونٽنٽ جنرل به رهي چڪو. گھٽ ڳالھائيندڙ، گھڻو پڙھندڙ ۽ تمام سٺو لکندڙ محبوب خزان مشاعرن ۾ وڃڻ گھڻو پسند ڪندو هو پر اتي هو پنھنجو ڪلام ڪونه پڙھندو هو بس خاموشي سان ويھي ٻين کي ٻڌندو هو.
هڪ دفعي سندس ڄاڻ سڃاڻ واري هڪ عورت وٽس آئي ۽ ساڻس حجت ڪئي ته هو هن سان گڏجي بوڪ اسٽور تان ڪتاب خريد ڪرڻ ۾ سندس رهنمائي ڪري. عورت جو مطالعي سان چاھ ڏسي محبوب خزان خوش ٿيو ۽ هن سان گڏ بوڪ اسٽور تي ويو. جتي ان عورت ڪتاب چونڊڻ شروع ڪيا جن کي اها عورت بنا کولڻ يا جاچڻ جي خريد ڪرڻ لاءِ چونڊيندي پئي وئي ڪافي ڪتابن جي ته نالو پڙھڻ کان سواءِ ئي چونڊ ڪندي پئي وئي، اهو لقاءَ ڏسي محبوب خزان کان رهيو نه ٿيو ۽ هن ڪجھه ڪتابن کي غير معياري قرار ڏيندي کيس اهي ڪتاب خريد ڪرڻ کان منع ڪئي پر ان عورت ضد ڪري به اهي ڪتاب خريد ڪيا ۽ محبوب خزان کي ٻڌايو ته دراصل هن جي گھر جي ڊرائنگ روم جي پردن جو رنگ نيرو آھي ان ڪري کيس انھن سان ميچنگ لاءِ رڳو نيري رنگ جا ڪتاب ئي وٺڻا آھن جيئن ڊرائنگ روم جو ڏيک خوبصورت لڳي. اهو ٻڌي محبوب خزان ماٺ ڪري هڪ ڪنڊ وٺي بيھي رهيو.
**

غدار محل

ڪجھه عمارتن جي قسمت به عجيب ٿئي ٿي. تاريخ ۾ اهڙين عمارتن جو به هڪ عجيب الميو آھي جيڪي ڪمال کان زوال طرف هليون وڃن ٿيون. ان سانحي کي ٽي هزار سال جو طويل عرصو گذري چڪو آھي جو هن عمارت کي نفرت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس بت تي اهڙو ته بدنما داغ لڳو جو ڪڏھن به ڌوپجي نه سگھندو. هڪ اهڙو داغ جنھن سبب هن جو نالو ئي ’غدار محل‘ پئجي ويو.
اها عمارت جنھن کي ڪنھن زماني ۾ نواب سراج الدولا جي عاليشان محل جو رتبو حاصل هيو تنھن ۾ ئي جڏھن نواب صاحب جي ساھ جي تند ٽوڙي وئي ته اها عمارت ’نمڪ حرام ڏيوڙھي‘ طور بدنام ٿي نفرت جو مثال بڻجي وئي. ميرجعفر جيڪو نواب صاحب جي فوج جو هڪ سپھه سالار هيو پر سندس وفاداري انگريزن سان هئي. مير جعفر بدنيت هيو، هن جون نظرون تخت بنگال ۾ ھيون جنھن لاءِ نواب سراج الدولا جو اعتماد کٽڻ کان پوءِ شاطر دماغ مير جعفر نواب سراج الدولا سان غداري ڪندي ارڙھين صدي ۾ جنگ ۾انگريزن جو ساٿ ڏئي نواب صاحب کي گرفتار ڪرايو جنھن کان پوءِ نواب کي ان ئي محل ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي ۽ پوءِ اهو محل مير جعفر جي استعمال ۾ رهيو جنھن کان پوءِ ھي محل اهڙو ڦٽو جو اڄ تائين مٿس فٽڪار وسندي پئي اچي.
تاريخ ۾ غداري جو اهڃاڻ بڻيل مير جعفر سان منسوب هي غدار محل مغربي بنگال جي مرشد آباد وٽ واقع آھي.
عالمي اداري يونيسڪو پاران به غدار محل قرار ڏنل هن عمارت کي نه ته ڪو استعمال ڪري سگھي ٿو ، نه ٽوڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي سندس نالو تبديل ڪري سگھي ٿو. هن وٽان گذرندڙ ھر شخص پنھنجي پنھنجي انداز سان ساڻس نفرت جو اظھار ڪندي گذرندو آھي.
**

ٻارڙن کان نفرت ڪندڙ ليکڪا

Enid Blyton، ٻارڙن جي تحريرن جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ پڙهي ۽ پسند ڪئي ويندڙ ليکڪا. هوءَ ٻارن جي محبوب ليکڪا هئي. 1930ع کان 1950ع تائين جي وچ واري عرصي ۾ هن جا سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ تعداد ۾ ڪتاب وڪرو ٿيا. ٻارن کي سندس تحريرن جو انتظار هوندو هو، هن ٻارن جو شاهڪار ادب تخليق ڪيو. سندس مقبوليت جي بلندگراف جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن جي تحريرن کي دنيا جي (90) نوي زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو.
11 آگسٽ 1897ع ۾ انگلينڊ ۾ اک کوليندڙ ۽ ٻارن جي تحريرن ۾ پاڻ مڃائيندڙ هن ليکڪا جي نظمن جو پهريون ڪتاب (Child whisper) هو سندس ڪيترائي ڪتاب ڪلاسڪ ادب جو درجو رکن ٿا.
هن ليکڪا جي حوالي سان حيران ڪندڙ انڪشاف اهو آهي ته هوءَ ٻارن کان نفرت ڪندي هئي.
خاص ڪري پنهنجي ٻارن سان سندس رويو ظالماڻو هو. هن جا پاڙيسري هن خلاف دانهين هئا ته هوءَ پاڙي جي ٻارن کي وڏي آواز ۾ راند ڪرڻ ڪونه ڏيندي هئي. پنهنجن ٻارن کي سندن پيءُ سان ملڻ به ڪونه ڏيندي هئي جنهن هن کي ڇڏي وڃي ٻي شادي ڪئي هئي. (Enid Blyton) جي ڌيءَ (Imogen) سندس آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته هوءَ هڪ غير محفوظ مغرور ۽ ظالم ماءُ هئي. جنهن وٽ جڏهن سندس پرستار ٻار ملڻ ايندا هئا ته هوءَ سندن چانهه پارٽي ڪندي هئي. پر پنهنجن ٻارن کي ڪمري ۾ قيد رکندي هئي. اهڙن انڪشافن کان پوءِ سندس ڪيترن ڪتابن تي پابندي پڻ لڳائي وئي هئي.
**

عورت، عشق ۽ ٽالسٽاءِ

هو جنھن جو دل جي تارن کي ڇيڙيندڙ قول هيو ته ’هن دنيا ۾ مرد لاءِ سڀ کان اهم شيءِ ھڪ دانشمند عورت جو ساٿ آھي.‘
جنھن پاڻ کان 16سال ننڍي نوجوان خوبصورت ڇوڪري Sophia Andreevna سان پيار جي شادي ڪئي، هو Sophia سان شديد محبت ڪندو هو. ايتري قدر جو شادي جي پھرين رات ئي هن پنھنجي زندگي جي ڪتاب جا اهي ورق به کولي سندس آڏو رکيا جيڪي ڪڏھن ڪڏھن انسان پاڻ کان به لڪائيندو آھي. هن پنھنجي محبوب زال کي پنھنجي جواني جي مڙني معاشقن جا قصا به ٻڌايا هيا. پوءِ ان زال جي ڪک مان هن جي ڪيتري ئي اولاد پيدا ٿي. تاريخ ۾ جن جو تعداد 13 لکيل آھي.
سندس ان ئي محبوب زال کيس سندس ناول War and Peace لکڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي. پنھنجي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ناول ۾ نفساني محبت جا مڪالما لکڻ وارو هي عظيم اديب ليو ٽالسٽاءِ بعد ۾ عشق حقيقي طرف رخ رکيو. راهبن واري زندگي طرف مائل ٿيڻ لڳو، نفساني عشق جو نشو لھي ويس، عشق مجازي ۾ ڪيئي ڪاغذ ڪارا ڪندڙ ٽالسٽاء زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ عشق حقيقي جي پرچار ڪرڻ لڳو. سندس ان طرز حيات سبب هن جي پياري زال هن کان ناراض رهڻ لڳي. نيٺ بيزار ٿي ٽالسٽاءِ نومبر جي هڪ تمام سرد رات جو گھر ڇڏيو. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ريلوي اسٽيشن تي جتي هو مسافرن کي ترڪ دنيا ۽ صبر جا سبق ڏيندو هو سردي جي سٽ نه سھندي بيھوش ٿي ويو، ماڻھن ڊاڪٽر کي گھرايو پر ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ سندس موت واقع ٿي ويو.
’آب بقا سے بڑھ کر ہے زھر فنا مجھے‘
**

غالب جون ڳالهيون

شايد مشتاق احمد يوسفي ئي چيو هو ته ”مرزا غالب اهو واحد شاعر آهي جيڪو جيترو سمجهه ۾ نه ايندو آهي اوترو ئي وڌيڪ مزو ڏيندو آهي.“
تاريخ جي مستند شاهدين مطابق مرزا اسد الله خان غالب 27 ڊسمبر 1797ع ۾ ڪالا محل، شهر آگري رياست ڀرت پور هندوستان ۾ اک کولي.
سخن جي دنيا اوڻويهين صديءَ کي ”غالب جي صدي“ قرار ڏئي ٿي. جڏهن ته ان کان اڳ واري صدي يعني ارڙهين صديءَ کي ”مير تقي مير جي صدي“ ڪوٺيو وڃي ٿو. مير تقي مير جنهن کي مرزا غالب پنهنجو روحاني استاد تسليم ڪيو هو.
آگري کي الوداع چئي، مرزا غالب جڏهن دهليءَ جي ڌرتيءَ تي پنهنجي شاعريءَ جي شهنشاهت قائم ڪرڻ آيو هو ۽ گهٽين ۾ گهمندو هو، ته هڪ ڏينهن ائين گهٽين ۾ گهمندي هن هڪ فقير کي مير تقي مير جو ڪلام ڳائيندي ٻڌو...
”پتا پتا بوٹا بوٹا حال ہمارا جانے ہے،
جانے نہ جانے گل ہی نہ جانے،
باغ تو سارا جانے ہے۔“

تڏهن مرزا جي وات مان بي اختيار واهه نڪري وئي ۽ ان ئي وقت مير تقي مير جي شعر جو معترف ٿيندي مرزا غالب تسليم ڪيو ته:

”ریختے کے تم ہی استاد نہیں ہو غالب،
کہتے ہیں اگلے زمانے میں کوئی میر بھی تھا۔“

اوڻويهين صديءَ جو هي عظيم شاعر مرزا اسد الله غالب جڏهن آگري مان لڏي اچي دهليءَ ۾ لڏو لاهي ويٺو ته کيس خبر پئي ته شاهي قلعي ۾ فقط ابراهيم ذوق جي شاعريءَ جو راڄ آهي جيڪو ڪنهن به ٻئي شاعر کي پير کوڙڻ ڪونه پيو ڏئي. درٻاري شاعريءَ ۾ پيش پيش ابراهيم ذوق درٻار جو دادلو هو ۽ دهليءَ ۾ مرزا غالب کي سندس شاعريءَ تي داد ڏيڻ ته پري جي ڳالهه ڪو سندس شعر ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هو. هڪ دفعي مرزا غالب کي قلعي ۾ هڪ مشاعري ۾ دعوت ڪلام ته ضرور ڏني وئي، پر اتي ابراهيم ذوق ۽ سندس ساٿي شاعرن مرزا غالب سان توهين آميز ورتاءُ ڪيو. جنهن کان پوءِ مرزا غالب کي ابراهيم ذوق تي ڏاڍي چڙ هئي، ته هن کان گهٽ حيثيت وارا شاعر قلعي ۾ شاهي قالينن تي فخر وچان ڪنڌ مٿي ڪري هلي رهيا آهن ۽ هن تي درٻار جا دروازا ئي بند آهن.
هڪ ڀيري مرزا غالب پنهنجي هم خيال دوستن سان بازار ۾ هڪ هنڌ ويٺو هو ته ٺيڪ ان وقت ابراهيم ذوق جي شاهي سواري جو اتان گذر ٿيو. سندس وڏائي ۽ فخر ڏسي مرزا غالب وڏي واڪ چيو ته:
” بنا ہے شاہ کا مصاحب پھرے ہے اتراتا۔“

ان جملي تي ذوق کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هن اها شڪايت بادشاهه تائين پهچائي. جلد ئي قلعي ۾ مشاعرو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ غالب کي به دعوت ڏني وئي. مشاعرو شروع ٿيڻ وقت بادشاهه ظفر، خاص مرزا غالب کي تنبيهه ڪندي چيو ته هو سندس استاد ابراهيم ذوق جي شان ۾ گستاخي نه ڪري. ان جي جواب ۾ مرزا غالب وراڻيو ته هن ذوق جي شان ۾ ڪابه گستاخي ڪونه ڪئي آهي، بس هن تي ان وقت پنهنجو شعر پئي پڙهيو جنهن وقت بازار مان ذوق گذري رهيو هو. غالب جو اهو ڪوڙ پڪڙڻ لاءِ کيس چيو ويو ته جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته هو هن محفل ۾ اها پوري غزل پڙهي ٻڌائي.
مرزا غالب جيڪو ڪمال جو حاضر دماغ هو تنهن ان وقت ئي پوري غزل جوڙي ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو.

”بنا ہے شاہ کا مصاحب پھرے ہے اتراتا،
وگر نہ اس شہر میں غالب کی آبرو کیا ہے۔“

شروع شروع ۾ جڏهن دهليءَ ۾ مرزا غالب کي ٻڌڻ وارو ڪير به نه هو ۽ مرزا غالب مفلسيءَ ۽ بي قدريءَ جي اٿاهه سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو هو، تڏهن هڪ دفعي هن بالا خاني ٻاهران بيٺي اندران طوائف نواب جان جو ڳائڻ ٻڌو، جيڪا سندس ئي ڪلام ڳائي رهي هئي:

”ہاں وہ نہیں خدا پرست جاؤ وہ بیوفا سہی،
جس کو ہو دین و دل عزیز اس کی گلی میں جائے کیوں۔“

پنهنجو شعر پهريون ڀيرو ڪنهن ٻئي جي واتان ٻڌي مرزا غالب ٻهڪي پيو ۽ خوش ٿي پنهنجي ڪتب فروش دوست کي چيائين ته: ”جنهن شعر کي بازار ۾ فقير ۽ بالاخاني ۾ طوائف ڳائي اهو شعر ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي.“
مرزا غالب جي لاءِ مشهور آهي ته هو انب کائڻ جو ڏاڍو شوقين هو. هڪ دفعي سندس گهڻن انبن کائڻ واري عادت تي ڪنهن مٿس ٽوڪ ڪندي، انب کڻي هڪ گڏهه جي آڏو اڇلايا... گڏهه انب کي ڏسي مُنهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو. ان شخص طنز مان کلندي مرزا غالب کي چيو، ”ڏسو مرزا صاحب گڏهه به انب ڪونه ٿا کائن.“
تنهن تي حاضر جواب مرزا غالب کيس مرڪي وراڻيو ته:
”گڏهه ئي ته آهن جيڪي انب نه کائيندا آهن.“
دهليءَ ۾ مرزا غالب کي مڃتا ڏياريندڙ طوائف نواب جان جي دلي خواهش هئي ته مرزا غالب دهليءَ جو سرتاج شاعر ٿي اڀري. ان ڏس ۾ هن مزارن تي باسون به باسيون هيون. پنهنجي ٻنهي هٿن جي ترين تي ”مرزا“ ۽ ”غالب“ مينديءَ سان لکندڙ نواب جان جي دلي حسرت هئي ته سندس محبوب شاعر مرزا غالب سندس ڪوٺي تي قرب جا قدم ڀري اچي ۽ هوءَ سندس ئي ڪلام سندس سامهون ڳائي. پر مرزا غالب چاهيندي به ڪڏهن سندس ڪوٺي تي پنهنجو ڪلام ٻڌڻ ڪونه اچي سگهيو. نواب جان اها حسرت دل ۾ کڻي دهليءَ مان هلي وئي.
نيٺ هڪ ڏينهن مرزا غالب جا پير پنهنجو پاڻ نواب جان جي ڪوٺي ڏانهن وڌڻ لڳا. هو ڏاڪڻيون چڙهي مٿي آيو. پر ڪوٺي تي ڪوبه ڪونه هو. ويراني واسو ڪري چڪي هئي. ڪوٺي جي ڀتين تي چوڌاري مرزا غالب جا شعر لکيل هئا:
”عشق مجھ کو نہ سہی، وحشت ہی سہی
میری وحشت تیری شہرت ہی سہی
یار سے چھیڑ چلی جائے اسد
گر نہیں وصل تو حسرت ہی سہی۔“

هڪ محقق ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي ته مون کان ڪو جيڪڏهن پڇي ته هندوستان کي مغلن جي سلطنت ڇا ڏنو؟ ته مان جواب ۾ ٽي نالا کڻندس. (1) غالب (2) اردو ۽ (3) تاج محل.
اوڻويهين صديءَ جي هن عظيم شاعر، غالب جيڪو صرف اوڻويهين صديءَ جو ئي نه پر غالب هر صديءَ جو شاعر آهي، هر صديءَ جي سخن تي غالب آهي.
مرزا غالب زندگيءَ جو گهڻو عرصو مفلسيءَ ۾ گذاريو. هو ”پيئڻ“
جو تمام گهڻو شوقين هو. ڪابه شام هن جي ”پيئڻ“ کان خالي ڪونه هوندي هئي. هڪ دفعي مفلسيءَ کيس ايترو ته اچي سوڙهو ڪيو جو وٽس ”پيئڻ“ لاءِ مئه ڪونه هئي. هو ڏاڍو اداس هو، آذان جو آواز ڪن تي پيس. مسجد طرف ويو، مسجد ۾ داخل ٿيو، وضو ڪرڻ لڳو، ٻئي طرف سندس هڪ دوست کي خبر پئي ته مرزا غالب بلڪل خالي آهي. هو شراب جي بوتل کڻي اچي پهتو. بوتل کي ڏسي مرزا غالب مسجد کان ٻاهر اچڻ لڳو. هڪ نمازيءَ پڇيس مرزا ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟ نماز ته پڙهندو وڃ.
مرزا وراڻيس، ”جنهن مقصد لاءِ نماز پڙهڻ آيو هيم اهو ته پورو ٿي ويو.“
”مئہ سے غرض نشاط ہے کس رو سیاہ کو،
اک گونا بے خودی مجھے دن رات چاہئے۔“

دهليءَ ۾ قيام پذير ٿيڻ کان پوءِ مرزا غالب جنهن جاءِ تي رهڻ لڳو هو، ان کي بعد ۾ مرزا غالب جي حويلي جو نالو ڏنو ويو آهي. غالب جي حويلي قديم دهليءَ ۾ واقع آهي. کيس سرڪاري ورثو قرار ڏنو ويو آهي. حويليءَ جي ڀتين تي غالب جون تصويرون ٺهيل آهن. سندس شاعري لکيل آهي. حويليءَ کي عجائب گهر جو درجو عطا ٿيل آهي. هن عجائب گهر ۾ حقيقي زندگي جي جسامت وارو غالب جو مجسمو به آهي جنهن جي هٿ ۾ حقو آهي. غالب جو مجسمو ناليواري مجسمه ساز ڀڳوان رام پوري تراشيو آهي.
**

ڊيل جهڙي ڊائنا جي ياد ۾

ڪنهن ڏاهي کان جڏهن سونهن جي سگهه جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته هن جهڙوڪ ڪنهن جي دل ۾ ديرو ڄمائيندڙ جوانيءَ کي ياد ڪندي هڪ اونهو ٿڌو ساهه کنيو ۽ وراڻيو:
”سونهن هڪ طاقت آهي ۽ مرڪ سندس هٿيار.“
31 آگسٽ اهڙي ئي قهري سونهن ۽ قيامت برپا ڪندڙ مرڪ رکڻ واري ڊيل جهڙي ڊائنا جي ورسي هوندي آهي ۽ واقعي اها سونهن جي سگهه ئي آهي وڏو عرصو گذرڻ کان پوءِ به ڊائنا جي ياد جا پنا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ ڪڍي نه سگهيا آهن. اها ليڊي ڊائنا جنهن پنهنجي مقناطيسي مرڪ سان ڪيترائي ڪافر ته ماريا ئي ماريا، پر اڻڳڻيا مدبر ۽ معتبر مسلمان هستيون به مٿس فدا هيون ۽ اهي جڏهن ڪنهن محفل ۾ ليڊي ڊائنا سان ڪي پل گهاريندا هئا، ان محفل ۾ موجود هوندا هئا ته سندن دل مان احمد فراز جو اهو ئي شعر نڪرندو هو ته:
”اس کی محفل میں بیٹھ کر دیکھو
زندگی کتنی خوبصورت ہے۔“

ڊگهي قد واري سنهڙي سيپڪڙي ليڊي ڊائنا پنهنجي سوڙهي سيني اندر سمنڊ جيتري عميق ۽ اونهي دل رکندي هئي. اها ئي ليڊي ڊائنا جنهن جي شادي جڏهن شهزادي چارلس سان ٿي هئي ته اها ان سال جي سڀ کان وڏي خبر بڻجي وئي هئي ۽ اها پروقار تقريب اڄ تائين ماڻهن جي من تان ميسارجي نه سگهي آهي. جيتوڻيڪ ليڊي ڊائنا هزارين حسينائن کي حيرت زده ڇڏي شهزادي چارلس جي گهر ڌياڻي ته بڻجي وئي هئي، پر جوان دل شاهي خاندان جو چشمو و چراغ هئڻ ڪري چارلس مختلف حسينائن جي زلفن جي زنجيرن ۾ وقتاً فوقتاً ڦاسندو رهيو. اهڙي طرح ليڊي ڊائنا هن لاءِ ڄڻ ته ”گهر کی مرغی دال برابر“ جهڙي ٿي وئي هئي. ليڊي ڊائنا پاڻ کي محفلن ۾ ملول محسوس ڪرڻ لڳي شاهي هجو من ۾ هيڪلي محسوس ڪرڻ لڳي، اڪيلائي جي اذيت کيس بغاوت لاءِ اتساهڻ لڳي هئي. هوءَ طبيعت ۾ ضدي هئي، دماغ جي نه پر دل جي ٻڌندي هئي. جيڪي ماڻهو ضدي هوندا آهن جيڪي ماڻهو جذباتي هوندا آهن، جيڪي ماڻهو دل جي آواز تي لبيڪ چوندا آهن، انهن کي ڪاوڙ تمام جلد ايندي آهي.
ڊائنا کي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳو هو ته هوءَ چارلس جي چالاڪين جي چڪر ۾ اچي وئي آهي. سندس کوکلي نام نهاد محبت کي قبول ڪرڻ کي هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي عظيم غلطي تصور ڪرڻ لڳي. چارلس سندس مغرور محبوب ثابت ٿيو جنهن کي پنهنجي رتبي تي ۽ حيثيت تي ناز هو.
ڊائنا پنهنجي دل جا پَرَ کولي ڇڏيا آزاد هوائن ۾ اڏامڻ لڳي. هن لاءِ محبت دل جي گلاب جي خوشبو جيان هئي ۽ خوشبو قيد ناهي ٿيندي. ڊائنا ان نظرئي تي عمل ڪندي انيڪ عشق ڪندي رهي. پر اها ڊائنا جي بدقسمتي هئي ته هيڪاندين محبتن مان ڪا هڪ محبت به سندس من جي طوفان کي ماٺو ڪري نه سگهي. کيس سڪون ڏئي ڪونه سگهي. اهو سڪون جيڪو هن چارلس جي ٻانهن ۾ پسڻ چاهيو هو. اها محبت هن چارلس کان طلبي هئي، پر اهو جوش اها محبت، اها شدت شادي کان پوءِ جهڙوڪ ختم ٿي وئي هئي. شاهه سائين جي سٽ چواڻي:
”من اندر جا لوچ ملڻ سان ماٺي ٿئي.“
چارلس جي محبت هوا ٿي چڪي هئي اهو چارلس بدلجي چڪو هو جيڪو ڊائنا جي محبت ۾ ان دور جو رانجهو ٿي شاهي تخت کي لت هڻڻ تي آماده ٿي ويو هو، چارلس جي اها محبت ڪيڏانهن گم ٿي وئي هئي.


”اب تو اتنی بھی میسر نہیں مئخانے میں
جتنی چھوڑ دیا کرتے تھے ہم پئمانے میں۔“


ائين گذرندڙ وقت سان گڏ چارلس جي دل ۾ ڊائنا لاءِ محبت پئماني ۾ بچي ويل مڌ جيتري به نه رهي هئي. ان جي نتيجي ۾ ضدي طبيعت ڊائنا چارلس لاءِ مختص ڪيل تن توڙي من غيرن ۾ ورهائڻ لڳي.
ڊائنا جي موت کي اڄ جيتوڻيڪ ٻاويهه سال وهامي ويا آهن پر ان طويل عرصي ۾ به ڊگهن هٿن واريون ايجنسيون اهو پڪو ثبوت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن ته ڊائنا جي موت جو اصل ذميوار ڪير آهي؟ توڙي جو اڄ به ڪثرت راءِ سان اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته سندس قتل جا ذميوار اها پاپازاري فوٽوگرافر ئي آهن جيڪي هر وقت هن جي پٺيان هوندا هئا. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته کيس چارلس جي بيوفائي ۽ رويو ڪڏهن جو بي موت ماري چڪو هو. پاپازاري فوٽوگرافر جيڪي هر وقت سندس سونهن جي مختلف اندازن ۽ ادائن کي ڪئمرا جي اک ۾ قيد ڪرڻ چاهيندا هئا، سي ڪڏهن به هن تتليءَ جي اها ادا ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪري ڪونه سگهيا هئا.
ڊائنا جو من ته فطرت جي رنگن تي رقص ڪندو هو، هن کي قحط ساليءَ جو شڪار ڪوجهن ڪارڙن آفريڪي ٻارڙن تي پيار ايندو هو. هوءَ ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا توڙي ايڊز جو شڪار بدنصيب عورتن توڙي ٻارڙن سان ڳراٽڙي پائي ملندي هئي، کانئن ڪک جيتري ڪرڀ به ڪونه ڪندي هئي. ان ڪري اڄ به سندس موت کي صديءَ جو وڏو سانحو سمجهيو وڃي ٿو ته هوءَ صرف ظاهري حسن سان ئي مالا مال ڪونه هئي پر سندس دل به دلفريب هئي. سندس خيال به صورت هئا، ماڻهو رڳو هن جي خوبصورت خدوخال تي ئي فدا ڪونه هئا، پر ڊائنا جي انسان دوستي به سندن دل ۾ گهر ڪري وئي هئي.

”بچھڑا کچھ اس ادا سے رت ہی بدل گئی
اک شخص سارے شہر کو ویران کرگیا۔“

بسمل عظيم آبادي: هڪ انقلابي نظم جو اصل خالق

جيتوڻيڪ 1901ع ۾ هندوستان جي شهر پٽنا کان ٽيهه ڪلوميٽر پري واقع ”برداس بگها“ نالي ڳوٺ ۾ هڪ بيرسٽر جي اڱڻ تي اک کوليندڙ هن نينگر جو نالو ”شاهه محمد حسن“ رکيو ويو. جڏهن ته پيار ۾ عرف عام ۾ کيس ”شاهه ڇبو“ به سڏيندا هئا.
پر هن نينگر جي مٿي تي پيءَ جي شفقت جو هٿ اٺ سؤ ڏينهن جو انگ به پورو ڪري ڪونه سگهيو ۽ ٻن سالن جي ٻاراڻي وهيءَ ۾ ئي هي يتيم ٿي ويو.
ائين هي پٽنا شهر جي عظيم آباد ۾ پنهنجي ناني ”شاهه مبارڪ حسين“ جي ڇپر ڇانوَ ۾ پلجڻ لڳو. عظيم آباد جو ماحول خالص شاعراڻو ۽ ادبي هو. ان ماحول هن نينگر جي دل ۽ دماغ تي گهڻو اثر ڇڏيو. ڇو ته عظيم آباد جي ادبي شاعراڻي ماحول سان گڏوگڏ سندس گهر، جنهن ڪٽنب جو هو حصو هو ان ۾ به اعليٰ درجي جا شاعر موجود هئا. سندس نانو ”شاهه مبارڪ عظيم آبادي“ ۽ چاچو ”خان بهادر سيد شاهه محي الدين عرف شاهه ڪمال“ به بهترين شاعر هئا.
ائين شاعراڻو ماحول ڄڻ ته هن جي رڳ رڳ ۾ رچي ويو. هن شعر لکڻ شروع ڪيا. هن پنهنجو قلمي نالو ”بسمل عظيم آبادي“ رکيو.
”بسمل عظيم آبادي“ پنهنجي دور جو ناليوارو اديب ٿي گذريو. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي ۽ تصوف جو رنگ ڇانيل هوندو هو. ڪيترائي شاهڪار شعر سندس قلم جي نوڪ مان نڪري ڪاغذ جي ڪينواس کي رونق بخشيندا رهيا.
1۔ ہو نہ مایوس خدا سے بسمل
یہ برے دن بھی گذر جائیں گے۔

2۔ تنگ آگئے ہیں کریں کیا اس زندگی سے ہم
گھبرا کے پوچھتے ہیں اکیلے میں جی سے ہم
مجبوریوں کو کہیں کیا کسی سے ہم
لائے گئے ہیں آئے نہیں خوشی سے ہم
پر جنهن انقلابي نظم بسمل کي شهرت جي بلندين تي پهچايو ان جا ڪجهه شعر هي آهن.
”سر فروشی کی تمنا اب ہمارے دل میں ہے
دیکھنا ہے زور کتنا بازوئے قاتل میں ہے

اے شہید ملک و ملت میں تیرے اوپر نثار
تیری ہمت کا چرچا غیر کی محفل میں ہے

آج مگر مقتل میں قاتل کہہ رہا ہے بار بار
آئیں وہ شوق شہادت جن جن کے دل میں ہے

وقت آنے دے دکھائیں گے تجھے اے آسمان
ہم ابھی سے کیوں بتائیں کیا ہمارے دل میں ہے

اب نہ اگلے ولولے ہیں اور نہ وہ ارمان کی بھیڑ
صرف مٹ جانے کی اک حسرت دل بسمل میں ہے۔“

تحريڪ آزاديءَ جو حصو ٿيڻ کان پوءِ 1921ع ۾ تحريڪ آزادي جي سلسلي ۾ لکيل سندس ان نظم پوري برصغير ۾ واڄٽ وڄائي ڇڏيا. اها نظم بسمل 1921ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڪانگريس جي جلسي ۾ پڙهي هئي. ان کان پوءِ اها انقلابي نظم ڄڻ ته هر زبان جو ورد بڻجي وئي. اها نظم انقلاب جو اهڃاڻ ٿي آزاديءَ جي تحريڪ جو جهڙوڪ ترانو بڻجي وئي.
ايتري قدر جو انقلابي قيدي جڏهن جيل مان پوليس جي گاڏيءَ ۾ سوار ٿي عدالت طرف ويندا هئا ته سندن چپن تي اها نظم هوندي هئي.
جڏهن هو مئجسٽريٽ وٽ پيش ڪيا ويندا هئا ته به سندن نڙيءَ مان انهيءَ نظم جا لفظ نڪرندا هئا ۽ جڏهن کين واپس جيل طرف روانو ڪيو ويندو هو ته به هو گڏيل آواز (ڪورس) ۾ اهائي نظم ڳائيندا ويندا هئا ته:

”سر فروشی کی تمنا اب ہمارے دل میں ہے
دیکھنا ہے زور کتنا بازوئے قاتل میں ہے“


1965ع ۾ ان نظم کي منوج ڪمار پنهنجي فلم ”ڀڳت سنگهه“ ۾ شامل ڪيو هو. ان کان پوءِ ان انقلابي نظم کي ڪيترين ئي فلمن ۾ شامل ڪيو ويو. اها انقلابي نظم بسمل عظيم آبادي جي مجموعي ”حڪايات هستي“ ۾ شامل آهي. بسمل عظيم آبادي جي ڪلام تي اهڙا انقلابي جوش اڀاريندڙ شعر لکڻ جي ڪري پابندي به لڳائي وئي.
”بسمل“ جنهن جي لفظي معنيٰ ”زخمي“ آهي اهو ئي تخلص هندوستان جي هڪ ٻئي اديب ”رام پرساد بسمل“ جو به آهي. بسمل عظيم آبادي لاءِ دل ڏکائيندڙ ڳالهه اها به هئي ته گهڻن ئي محققن بنا مستند تحقيق جي ان انقلابي نظم کي ”رام پرساد بسمل“ جي کاتي ۾ ڳڻائي ڇڏيو.
بسمل عظيم آبادي جي هي نظم 1921ع ۾ دهليءَ جي اردو اخبار ۾ شايع ٿي هئي، جنهن کي روزاني ”اخوت“ جي ايڊيٽر قاضي عبدالغفار ايڊٽ ڪيو هو. جنهن کي اسٽيبلشمينٽ خلاف ايڊيٽوريل لکڻ تي لکنو بدر به ڪيو ويو هو.
حقيقت ۾ ”رام پرساد بسمل“ اردو ادب ۾ هڪ الڳ ۽ خاص مقام رکي ٿو. ”رام پرساد بسمل“ جي زبان تي اها نظم هڪ مستند تحقيق مطابق 19 ڊسمبر 1927ع تي ان وقت آئي هئي جڏهن کيس انگريز سامراج خلاف تحريڪ جو حصو ٿيڻ، انهن خلاف مضمون ۽ پمفليٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ گورڪ پور جيل موڪليو پئي ويو. تڏهن ”رام پرساد بسمل“ جوش ۽ جذبا اڀاريندڙ اها نظم پڙهي هئي ۽ اتان ئي هن انقلابي نظم سان هٿ چراند جو آغاز ٿيو. ان کان پوءِ ئي هن نظم کي رام پرساد سان ان ڪري منسوب ڪيو ويو جو هن جو تخلص به ”بسمل“ هو.
جڏهن ته حقيقت ۾ رام پرساد بسمل اردو شاعريءَ جو پرستار هو. هو مضمون لکندو هو، آزاديءَ جا پمفليٽ لکندو هو ۽ سٺي ۽ دل ڇهندڙ شاعري کي حوالي طور پر شامل ڪندو هو.
بسمل عظيم آبادي جي شهرت جو پڙاڏو اڄ به اوتري ئي شدت سان گونجي رهيو آهي. اها ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي ته لاهور ۾ منعقد ٿيل ”فيض فيسٽيول“ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري ”عورتن کي جنسي طور هراسان“ ڪرڻ واري واقعن خلاف عورتن ۾ جاڳرتا ۽ جوش پيدا ڪرڻ جي خيال سان وڏي جوشيلي آواز ۾ اها نظم پڙهي ته پوري ميڙ ۾ ولولو ۽ جوش جاڳي پيو. هن نظم هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.
بسمل عظيم آبادي جنهن جي کاتي ۾ شاعري جا اڻ ڳڻيا موتي آهن، پر هن انقلابي نظم کيس اهڙي شناخت ڏني جنهن کي ڪوبه دور تاريخ جي ڪيتري به دز نه ته لڪائي سگهي ٿي نه ئي ميساري سگهي ٿي.
هڪ شاعر ۽ اديب هجڻ جي ناتي هن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ پنهنجي انقلابي شاعري سان روح ڦوڪي اهو ثابت ڪيو ته ويڙهه رڳو هٿيارن سان ئي ناهي وڙهي ويندي. قلم واقعي تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي. لفظ سچ ۾ به بڻڇي، ڀالي ۽ بارود کان وڌيڪ تباهي مچائي سگهندا آهن.

عورت ، عشق ۽ ڏاهپ

شيڪسپيئر جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ چيل اهي لفظ جهڙوڪ توڙي جو تاريخ جو حصو ٿي ويا آهن ته:
”عورت تنهنجو نالو بيوفائي آهي.“
پر ڪوبه خيال حتمي ناهي هوندو. شيڪسپيئر جي ان خيال کي رد ڪندي هڪ مفڪر اها ڳالهه چئي ته:
”عورت هڪ وڏي طاقت آهي، ايتري وڏي طاقت جو ”مرد“ پيدا ڪندي آهي.“
جڳ مشهور ڏاهي افلاطون جي عورتن متعلق مثبت راءِ هئي، هن جو خيال هو ته ”عورت لاءِ سماج ۾ هر دروازو کليل هجي، کيس هر ميدان ۾ همٿائجي.“
جڏهن ته ان معاملي ۾ ارسطو جا خيال مختلف هئا، ارسطو چوندو هو ته، ”عورت اڃا ان معيار تي پهچي ڪونه سگهي آهي، هو مرد جيتري باصلاحيت بلڪل به ناهي.“
سياست جو سنگين ميدان هجي، توڙي ادب جون انوکيون البليون راهون، سياستدانن، اديبن، ڏاهن، دانشورن، شاعرن توڙي فلسفين جي زندگيءَ ۾ عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي، پوءِ ڪن جي زندگيءَ ۾ ڪنهن عورت مثبت اثر ڇڏيو آهي ته ڪنهن منفي.
ساغر صديقي هڪ صوفي منش درويش شاعر هو، هو جنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند هو، اها هڪ تندور واري جي ڌيءَ هئي. ساغر صديقي جي والد صرف ان سبب جي ڪري ساغر جي شادي ان ڇوڪريءَ سان نه ڪرائي ۽ مالڪن ان ڇوڪريءَ جي شادي ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏي. ساغر به پنهنجي گهر جون آسائشون ۽ آرام ڇڏي داتا جي نگريءَ ۾ رهڻ لڳو.
جڏهن سندس محبوبا کي اها خبر پئي ته اها کيس ڳوليندي ڳوليندي اتي اچي نڪتي ۽ اچي ساغر سان ملي ۽ کيس گڏ هلڻ لاءِ چيائين، گڏوگڏ ساغر کي اهو به ٻڌايائين ته مون کي منهنجي مڙس هٿ به ناهي لاتو ۽ اسان جي محبت جي داستان ٻڌي مون کي طلاق ڏئي آزاد ڪيو اٿائين. مان تو وٽ آئي آهيان، اسان هاڻي هڪٻئي کي ماڻي سگهون ٿا، تنهن تي ساغر کيس وراڻيو ته:
”بندہ پرور کوئی خیرات نہیں
ہم وفائوں کا صلہ مانگتے ہیں۔“

فلسفي جي دنيا جي هڪ مشهور شخصيت سسرو پنهنجي زال کي طلا ق ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن کيس ٻيهر شادي ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته هن جواب ڏنو، ”ڪوبه شخص هڪ ئي وقت هڪ سٺو مڙس ۽ هڪ سٺو فلسفي ٿي نه ٿو سگهي.“
فلسفي سقراط جي زال هڪ چيڙاڪ عورت هئي هوءَ سقراط کي مار به ڏيندي هئي. هڪ دفعي ته هن حد ڪري ڇڏي ۽ سقراط جي مٿان چانهه لاءِ رکيل ٽهڪندڙ پاڻي هاري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري سقراط جو اڌ چهرو سڙي ويو هو. اها سڄي ماجرا معلوم هوندي به سقراط جو هڪ نوجوان شاگرد سقراط وٽ آيو ۽ چيائينس ته استاد محترم مان شاديءَ جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان. اوهان جي ڇا صلاح آهي؟
سقراط کيس جواب ڏنو ته توکي شادي ڪرڻ گهرجي. نوجوان کي زال جي ماريل سقراط جي ان جواب تي حيرت ٿي. نوجوان چيس ته استاد محترم توهان مون کي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهيا آهيو!؟ حيرت آهي.
ان تي سقراط مرڪي جواب ڏنس ته جيڪڏهن تنهنجي زال سٺي هوندي ته هوءَ توکي زندگيءَ ۾ ڪامياب بڻائي ڇڏيندي. پر جيڪڏهن تنهنجي زال منهنجي زال جهڙي هوندي ته تون فلسفي بڻجي ويندين. منهنجي زال مون کي غير متاثر رهڻ جو فن سيکاريو آهي.
جڏهن هندوستان تي غير شادي شده وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جي حڪومت هئي ۽ مخالف ڌر جي عورت اڳواڻ سونيا گانڌيءَ سندس نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري سندس حڪومت گوڏي ڀر ويهڻ واري هئي. تڏهن هڪ جلسي ۾ تقرير دوران واجپائي جي شاعر دوست سريندر شرما واجپائي کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته اڄڪلهه تنهنجي حڪومت کي جيڪو خطرو آهي اهو فقط هڪ ”عورت“ سونيا گانڌي جي ڪري آهي. پر جيڪڏهن تون شادي شده هجين ها، ته هڪ عورت اڳواڻ تنهنجي لاءِ ايترا ڏچا پيدا ڪري ڪونه سگهي، تون ايترو بيوس نه هجين ها، ڇو ته هڪ عورت (زال) سان رهي رهي تون عورت جون حرفتون سمجهي وٺين ها، تون عورت جي ادائن ۽ اٽڪلن مان ڪافي واقف هجين ها.
اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن به عورت جو هٿ پٺيان نه هجڻ ڪري واجپائي نه ته سٺو شاعر ٿي سگهيو ۽ نه ڪامياب حڪمران.
اهو مڃيو ويندو آهي، اهو تسليم ڪيو ويندو آهي ته معروف شاعرن نواب مرزا داغ دهلوي جي اها شاعري ئي امر آهي، شاهڪار آهي جيڪا هن 48 سالن جي عمر ۾ هڪ عورت جي عشق ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ڪئي هئي. جيڪو عشق هن ڪلڪتي جي هڪ مني ٻائي حجاب سان ڪيو هو. جڏهن دهليءَ ۾ مرزا غالب جي شاعريءَ کي نه ڪو سمجهڻ وارو هو ۽ نه ڪو کيس شاعر تسليم ڪرڻ وارو هو تڏهن هڪ طوائف نواب جان محفلن ۾ سندس ڪلام ڳائي، سندس شاعري ماڻهن تائين پهچائي هئي. ۽ صرف ايترو ئي نه پر مرزا غالب جي شعرن سان عقيدت جي حد تائين عشق ڪندڙ نواب جان درگاهن تي باسون باسي مرزا غالب جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهريون هيون ته سندس شاعر مرزا غالب هڪ ڏينهن دهليءَ جو سرتاج شاعر بڻجي وڃي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن دعائن رنگ لاتو ۽ مرزا غالب جو ڪلام گهٽي گهٽيءَ ۾ گونجڻ لڳو هو ۽ شهرت ۽ ڪاميابي ڪنهن نرتڪيءَ جيان ڇير ٻڌي نچڻ لڳي هئي، تڏهن مرزا غالب دل جي گهرائين سان اهو تسليم ڪيو هو ته سندس ان ڪاميابي پٺيان ان عورت نواب جان جو هٿ آهي.
اردو ادب جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي جنهن کي ادبي دنيا ۾ ”ميرا جي“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس اصل نالو ثناء الله هيو پر، هڪ بنگالي ڇوڪري ”ميرا سين“ سان سندس اهڙو عشق لڳو جو ثناء الله ان ڇوڪري ”ميراسين“ جو نالو ئي پنهنجو تخلص بڻائي ڇڏيو ۽ ثناء الله مان ”ميرا جي“ طور مشهور ٿي ويو. کيس ميرا سان ايترو ته لڳاءُ هو جو هو پنهنجي قميض اندر هندو مالائون پائيندو هو ۽ جڏهن اڪيلو ٿيندو هو ته اهي مالائون هٿ ۾ کڻي هر هڪ داڻي تي ”ميرا- ميرا...“ جو ورد ڪندو هو.
ساحر لڌيانوي کي ايتري شهرت سندس شاعري ڪونه ڏني هئي جيتري مشهوري هن کي امرتا پريتم جي عشق بخشي. ساحر کي ”ساحر“ بنائڻ واري امرتا پريتم هئي. جيڪا ساحر جا اڌ سڙيل سگريٽ ٻيهر دُکائي پيئندي پيئندي پنهنجي دل ۾ ساحر جي عشق جي دُکندڙ دونهيءَ کي دکيل رکندي هئي ۽ ان عشق ۾ ئي امرتا هي شعر سرجيو هو ته:
”سائين! مون کي پنهنجي چلم مان
ٿورڙي چڻنگ ڏي، مان تنهنجي اگربتي آهيان
مون کي تنهنجي درگاهه تي
هڪ گهڙيءَ لاءِ ٻرڻو آهي.“
جڳ مشهور مفڪر ”نٽشي“ پنهنجو عقل، علم فهم فقط هڪ عورت کي متاثر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. اها عورت جرمني جي هڪ تعليم يافته عورت ”سلومي“ هئي، جنهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ، جنهن دل ۾ گهر ڪرڻ لاءِ ”نٽشي“ ڏاهپ جا ڏونگر ڏوريا مختلف ملڪن ۾ سندس پٺيان ويو، سلومي کي متاثر ڪرڻ لاءِ ”نٽشي“ پاڻ کي وڏي عقل ۽ علم وارو بنائڻ جا جتن ڪيا، نٽشي کي سلومي جي محبت ملي يا نه ملي، پر ان هڪ عورت ”سلومي“ جي ڪري دنيا کي ”نٽشي“ جهڙو علم ۽ عقل وارو شخص مليو.
اردو شاعر جگر مراد آبادي پنهنجي شاعري کي پنهنجو ڪمال نه پر ان شهرت کي پنهنجي محبوبا سان منسلڪ ڪندي اهو اعتراف ڪري ڏنو هو ته:

”میرا کمال شعر بس اتنا ہے اے جگر
وہ مجھ پر چھا گئے میں زمانے پر چھا گیا۔“

لاڙڪاڻو ديس ويڳاڻو

مان منجهي پيو آهيان ته لاڙڪاڻي شهر تي لکڻ لاءِ مان مضمون جي شروعات ڪهڙي دور کان ڪريان؟ اها شروعات سندس شاندار ۽ مانائتي ماضيءَ کان ڪريان يا اها شروعات سندس هيڻي ۽ حسرتن جي تصوير بڻيل حال کان ڪريان يا اها شروعات سندس مبهم مستقبل کان ڪريان؟ هيڻن حالن وارو لاڙڪاڻو، جنهن جي دل ۾ ڪيترائي درد دونهين جيان دکي رهيا آهن. ڪنهن دور جو دادلو لاڙڪاڻو اڄ پنهنجي عمر کان وڌيڪ پوڙهو لڳي رهيو آهي، جنهن جا رهواسي سندس ئي حالت بهتر بنائڻ جي بهاني ڪوڙن واعدن سان ووٽ وٺي ايوانن ۾ ويهن ٿا ۽ اتي پهچي سندس ئي پاڙون ڪمزور ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي وڃن ٿا. صدين جي صدا لاڙڪاڻو جنهن جي عمر، قدامت جي باري ۾ اڄ تائين جيتوڻيڪ ڪا به حتمي ۽ مستند راءِ پنهنجي جاءِ والاري ڪونه سگهي آهي پر ان حوالي سان مختلف حوالا تاريخ ۾ موجود ضرور آهن ۽ جڏهن انهن تاريخي ڪتابن ۽ مضمونن طرف رجوع ڪجي ٿو ته مختلف ۽ منجهيل حوالا سامهون اچن ٿا.
جيئن مير علي شير قانع جي لکيل ڪتاب ”تاريخ تحفة الڪرام“ موجب لاڙڪاڻو شهر هن وقت 267 سالن جو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر سارلي جي تحقيق مطابق لاڙڪاڻي جي عمر هن وقت 305 سال بيهي ٿي. جڏهن ته مرزا قليچ بيگ جيڪو ”قديم سنڌ“ نالي ڪتاب لکيو، ان موجب لاڙڪاڻي جي عمر 292 سال بيهي ٿي. جرنلسٽ غلام تقي جعفري جيڪو تحقيقي مضمون لکيو هو، ان حساب سان اڄ لاڙڪاڻو 217 سالن جو ٿي ويو آهي. پير علي محمد راشدي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“ ۾ لاڙڪاڻي جي عمر جو جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي، ان مطابق اڄ لاڙڪاڻي جي عمر 130 سال ٿئي ٿي. جڏهن ته ڪجهه تاريخدانن جي گڏيل تحقيق ۽ راءِ موجب لاڙڪاڻو پورن 365 سالن جو ٿي ويو آهي. اهڙي طرح جنهن عمر تي ڏاها، محقق ۽ تاريخدان گهڻي تعداد ۾ متفق آهن، ان مطابق لاڙڪاڻي جي عمر اڄ 378 سال آهي.
اڄ جيڪڏهن لاڙڪاڻي شهر جي قدامت جي ورقن کي پوئتي ورايو ته پتو پئي ٿو ته لاڙڪاڻي جي شادابي ۽ خوشحالي تي ڪيترائي خوبصورت پهاڪا ٺهيا آهن، جن کي ٻڌي ملڪي توڙي غير ملڪي سياح لاڙڪاڻي گهمڻ جي آس رکندا رهيا، جيئن ڪلهوڙن جي دور ۾ خوشحاليءَ سبب پهاڪو جڙيو هو ته ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“، ٽالپرن جي دور ۾ باغات، گلن ڦلن ۽ محبتي ماڻهن سبب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ سڏجڻ لڳو، انگريزن جي دور ۾ هي شهر علم، ادب، امن امان، تفريح ۽ سٺي انتظام سبب ”لاڙڪاڻو راڄ راڻو“ سڏجڻ لڳو پر جڏهن اسان گهڻو نه پر صرف ۽ صرف 25 سال رڳو 25 سال پوئتي هلون ته انهن 25 سالن کان هي پهاڪو پنهنجي پاڙ مضبوط ڪري چڪو آهي ته ”هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.“
جيتوڻيڪ اڄڪلهه لاڙڪاڻي کي 1971ع جي نقشي موجب حددخليون هٽائي ناجائز اڏاوتون ڊاهي روڊن کي ويڪرو ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته رائيس ڪئنال جي مٿان اوور هيڊ برج يعني پل آخرڪار مڪمل ٿي آمدورفت هيٺ اچي وئي آهي، جنهن تي خرچ جو جيڪڏهن وڌ کان وڌ ڪاٿو لڳائجي ته اهو هڪ ارب تائين به نه پهتو هوندو، جڏهن ته لاڙڪاڻي کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ حڪومت پاران 80 ارب روپيا ڏنا ويا هئا. لاڙڪاڻي تي اهو اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم، لاڙڪاڻي لاءِ مليل ڪثير رقم مان اٽي ۾ لوڻ برابر رقم ڪڍڻ کان پوءِ ٿيو آهي. شهيد ڀٽو جنهن لاڙڪاڻي کي پئرس بنائڻ جو خواب ڏٺو هو، اهو خواب سندس بند اکين جو سپنو ئي بڻيل رهجي ويو، ان کانپوءِ شهيد ڀٽو جي نالي تي ووٽ وٺندڙ هن پارٽي لاڙڪاڻي سان اهڙو ته اڍنگو ورتاءُ ڪيو آهي، جيڪو نه ٻرڙي ٻارڙن سان ڪيو هو ۽ نه ڪا ماٽيلي ماءُ ٻارن سان ڪندي آهي.
حقيقت اها آهي ته لاڙڪاڻو هڪ پل سان پئرس نه ٿو بڻجي سگهي، ڇو ته اڄ لاڙڪاڻي جي روڊن تي کڏن جي کاڻ اهي. اڄ به روڊن رستن تي برسات توڙي نالن جو پاڻي هفتن جا هفتا بيٺل هوندو آهي، گهٽيون بدبودار پاڻيءَ جا واهه بڻجي وينديون آهن. ٽريفڪ جو انتظام اڄ به ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ وارو آهي. سرڪاري اسپتالون اڄ به گندگي ۽ غلاظت جا ڍير آهن، جتي ڪنهن مريض جو شفاياب ٿيڻ ته هڪ طرف مورڳو مريضن سان گڏ ايندڙ تيماردار به ان بدبودار ماحول ۾ بيمار ٿي پوندا آهن. لاڙڪاڻي کي هٿ وٺي ڪيتريون ئي صديون پوئتي ڌڪيو ويو آهي ۽ صديون پوئتي ڌڪيل شهر هڪ پل ۽ ڪجهه ويڪرن روڊن سان پئرس نه ٿو بڻجي سگهي.
سالن کان هتي هن شهر ۾ اهو رواج رائج آهي ته جڏهن به ڪو اعليٰ ڪامورو، وزيراعليٰ يا ڪابه اهم شخصيت لاڙڪاڻي اچڻ جو رٿيندي آهي، تڏهن ايمرجنسي طور ميونسپالٽي جا ٻهاري بردار ٻانها پنهنجا ٻهارا ڪلهن تي کڻي ٻاهر نڪري ايندا آهن، روڊن تان ڌوڙ ۽ مٽي هٽائي ان تي چونو هاريو ويندو آهي، جيئن اچڻ واري اهم شخصيت کي لڳي ته لاڙڪاڻي کي وڏي لاڏ پيار سان رکيو ويو آهي، پر حقيقت ۾ لاڙڪاڻي جي روڊن رستن جي اها عارضي ڇنڊ ڦوڪ انهن شخصيتن کي ڄڻ مرزا غالب جي لفظن ۾ اهو چئي رهي هوندي آهي ته:
ان کے دیکھے سے جو آجاتی ہے منہ پر رونق،
وہ سمجھتے ہیں بیمار کا حال اچھا ہے۔

مدر ٽريسا: جنهن پنهنجو پرين پرچائي ورتو

بقا کان خالي هن دنيا ۾ ڪيترائي انسان ايندا ويندا رهن ٿا، پر اڄ تائين زماني جي وهنوار تي ڪوبه فرق ڪونه پيو آهي. زندگيءَ جو ڦيٿو ڦرندو رهي ٿو ۽ انسان ”جيڪو حڪم ڌڻيءَ جو“ وارو روايتي جملو چئي هٿ مُنهن تي ڦيري اڳتي وڌندو رهي ٿو ۽ ائين هو اڄ ايڪويهين صديءَ جي چائنٺ تي اچي بيٺو آهي.
پر ڪڏهن تاريخ جي ڪنهن دور ۾ اهڙيون شخصيتون به جنم وٺي وينديون آهن جن تي قوم، ملڪ ۽ دنيا فخر ڪرڻ کان سواءِ رهي ڪانه سگهندا آهن. اهي شخصيتون منهنجي هڪ گمنام شاعر دوست جي ان شعر ۾ سمائجي وينديون آهن ته:
”الا ائين ۾ هوءَ جو مري وڃان مري،
هجان جيئن وري جيئرو هن جهان ۾.“

جيڪي ماڻهو مري به ناهن مرندا، جن جو ڪردار سندن ساهه جي سلسلي پڄاڻان به جيئرو رهجي ويندو آهي. اهڙن خوشنصيبن منجهان سڄي دنيا جي يتيمن ۽ لاچارن جي ماءُ ”مدر ٽريسا“ به آهي.
اڄ مدر ٽريسا کي دنيا کي الوداع چئي ڪيئي سال گذري چڪا آھن مگر اڄ به سندس يادن جا ياقوت ماڻهن جي دلين جي دڙن جي کوٽائي مان گهڻي تعداد ۾ ملي ويندا آهن. هوءَ ماڻهن کان وسري ڪانه سگهي آ، سندس وڇايل پيار جو ڪوهيڙو اڄ به انسان جي دلين کي راحت بخشي رهيو آهي. مدر ٽريسا کان پوءِ معلوم ٿيوآهي ته موت جو مفهوم فقط اهو ناهي جيڪو عام طور تي ورتو ويندو آهي، موت رڳو جسم جي بي ساهي ٿي وڃڻ کي ناهي چئبو. هن جي شخصيت به اهڙي موت کان بالاتر هئي. هوءَ ته انهن منجهان هئي جيڪي ڪالهه جي دلين ۾ به زنده هئا. اڄ جي دلين ۾ به جيئرا آهن ۽ سڀاڻي جي دلين ۾ به ساهه کڻندا رهندا. اهڙين هستين جي جياپي کي ڪابه خزان ختم ڪري ناهي سگهندي، ڪوبه موت کين ماري ناهي سگهندو. عيسائي مذهب جي پيروڪار طور ڄاتي ويندڙ مدر ٽريسا جو عملي، دلي ۽ حقيقي مذهب انسانيت هو، بدل بنايو آهي، وٽس هر شيءِ جي متبادل موجود آهي، مگر هو هڪ ماءُ جهڙي محبت ۽ سچائي ڪنهن ٻئي ۾ منتقل ڪري ڪونه سگهيو آهي، مگر مدر ٽريسا قدرت جو اهو انمول تحفول هئي جنهن ۾ فطرت هڪ ماءُ جي محبت اوتي ڇڏي هئي. هوءَ هر ڪنهن جي ماءُ هئي، محبت جي ورڇ هن جو شيوو هو. هن کي احساس هو ته ماڻهن کي رڳو بک ڪونه ٿي ماري، ماڻهو رڳو اجهي لاءِ آتا ڪونهن بلڪه محبت جو ڏڪر به ماڻهن کي موت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. پيار جي ڇانوَ جي اڻهوند به ماڻهوءَ کي اڪيلو ڪري ڇڏي ٿي. ان ئي خيال تحت هوءَ مرڪون ونڊيندي رهي، بنا ڪنهن فرق جي.
شاهه سائينءَ فرمايو آهي ته:
”روزا ۽ نمازون ايءُ پڻ چڱو ڪم،
پر اهو ڪي ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي.“

مدر ٽريسا به پرينءَ کي پسڻ لاءِ شاهه سائين جي ان خيال جي آڱر ورتي ۽ پرينءَ کي پسي ورتو.
ڪير ٿو چوي ته هوءَ مري وئي آهي، جيڪڏهن پرينءَ کي پسڻ واري رستي ۾ موت اچي وڃي ته اهو موت ناهي هوندو، اها محبت جي معراج هوندي آهي.
عابده پروين ڳايو آهي ته:
”ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان ڏس ڪوڏان“

پر مدر ٽريسا کي پرين پرچائڻ وارو ڏانءُ ايندو هو، هوءَ سموري حياتي جنهن گس تي هلندي رهي اهو رستو پرينءَ جي پرچاءَ ڏانهن ويندڙ هو.
دراصل دنيا جي اڻاون ڪمن منجهان هڪ اڻائو ڪم پرين پرچائڻ به آهي، پرينءَ جي رسڻ ۽ پرچڻ جا معيار ئي اوکا ۽ نرالا هوندا آهن. ۽ انهن معيارن تي پورو لهڻ لاءِ عشق به نرالو ڪرڻو پوندو آهي، پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ سندس وجود اندر گهڙي وڃڻو پوندو آهي. سندس رضا ماڻڻ لاءِ وڏا وڏا جتن ڪرڻا پوندا آهن، ڇو ته ان مرحلي تي ڪابه خبر ڪونه هوندي آهي ته بي پرواهه پرينءَ کي ڪهڙي ادا موهي وجهي ۽ هو پرچي پوي، ان لحاظ کان مدر ٽريسا پرين پرچائڻ لاءِ جنهن ادا جو سهارو ورتو ان ادا جو نالو آهي. ”انسان سان محبت“.
پيار جي پاڻيءَ لاءِ سڪندڙ هن ڌرتيءَ کي جنهن تي صدين کان محبت جو مينهن وسيو ئي ناهي اڃا مدر ٽريسا جي وڌيڪ ضرورت هئي، جيئن اڃا هوءَ قرب جا ڪڪر وسائي سگهي.

ساحر جي امرتا

هوءَ هن سان عقيدت جي حد تائين محبت ڪندي هئي. هوءَ جڏهن به هن وٽ هلي ايندو هو ته هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ زندگي هن ڏانهن هلي آئي هجي. هوءَ جڏهن به هن سان گڏ ويهندي هئي، ته دنيا کان بلڪل بيگاني ٿي ويندي هئي. هن لاءِ پورو سنسار ان هڪ ڪمري ۾ سهيڙجي ويندو هو، هڪ اهڙو ڪمرو جنهن ۾ امرتا پريتم پنهنجي ساحر جي سحر ۾ سندس سگريٽ مان اٿندڙ دونهين جي دائرن ۾ صرف ساحر ئي ساحر ڏسندي هئي. اِن دونهاٽيل ڪمري ۾ امرتا سان ڪچهريون ڪندي ۽ پنهنجي شاعري پڙهندي ساحر لڌيانوي سگريٽ پٺيان سگريٽ ساڙيندو ويندو هو ۽ اهي ايش ٽري ۾ اڇلائيندو ويندو هو ۽ اها ايش ٽري امرتا لاءِ هڪ قيمتي لاڪر کان گهٽ نه هوندي هئي، جنهن ۾ سندس سونا زيور نه، پر ساحر جا سڙيل سگريٽ پيا هوندا هئا. امرتا اهي سگريٽن جا ٽوٽا سنڀاليندي ويندي هئي.

دھوئیں کی لہر پر تصویر رقص کرتی رہی،
وہ سگریٹوں کے تسلسل میں یاد آتا رہا۔

ان امرتا پريتم بابت ڪنهن ٿي ڄاتو ته 31 آگسٽ 1919ع تي جنم وٺندڙ اها ڇوڪري هڪ ڏينهن ادب جي آسمان جو امر ستارو بڻجي اُڀرندي. امرتا پريتم جي مشهوريءَ جا کوڙ سارا حوالا آهن. هن جا نظم، ناول، ڪهاڻيون، ساحر لڌيانوي، سندس همراز مڙس امروز ۽ سندس دوست شاعره ساره شگفته، انهن مڙني حوالن سان امرتا پريتم کي ننڍي کنڊ ۾ چڱي طرح سڃاتو وڃي ٿو.
امرتا پريتم جي پهرين شادي 1935ع ۾ لاهور جي انارڪلي بازار جي مشهور واپاريءَ جي پٽ سان ڪرائي وئي هئي، جيڪا گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه سگهي ۽ جلد ئي سندن عليحدگي ٿي وئي، زندگيءَ جا آخري چار ڏهاڪا امرتا امروز سان گڏ گذاريا.
امرتا پريتم جي نظمن جو پهريون ڪتاب ”امرت لهرين“ جي نالي سان، 16 سالن جي عمر ۾ 1936ع ۾ شايع ٿيو، اِن عمر ۾ اهڙي پڪي شاعري ڪري امرتا پريتم پڙهندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو هو. جيتوڻيڪ شروع شروع ۾ امرتا هڪ رومانوي شاعري ڪئي، پر پوءِ جلد ئي سندس شمار ترقي پسند ليکڪن ۾ ٿيڻ لڳو.
1947ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ هن پاڪستان ڇڏي ڀارت ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتي هوءَ هڪ ماهوار ادبي رسالي ”ناگ مڻي“ جي ايڊيٽر به رهي.
امرتا پريتم ڪيتريون ئي دل کي ڇهندڙ ڪهاڻيون لکيون، جن ۾ مونا ليزا، ترشول، سگريٽ ڪا ٽڪڙا، کچڙي، تيسري عورت ۽ ڇمڪ ڇلو وغيره يادگار ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻين جا هي مجموعا پڌرا ٿيا: ”ڪهانيان جو ڪهانيان نهين“ ۽ ”ڪهانيون ڪي آنگن مين.“
برصغير جي هن بردبار ليکڪا جي ڪيترين ئي ڪهاڻين کي فلمي روپ ڏئي سئنيمائن جي زينت به بڻايو ويو، جن ۾ ”ڊاڪو“ ۽ ”بنجر“ فلمون قابل ذڪر آهن. سندس هڪ نظم جو ٽڪرو آهي:

"پرچھائیاں پکڑنے والو
چھاتی میں جلنے والی آگ کی
پرچھائیاں نہیں ہوتیں۔"

امرتا پنهنجي سرجيل ادب جي ڳچ حصي ۾ عورت جي حقن جي علمبردار طور اُڀري سامهون آئي. پاڪستان جي شاعره ساره شگفته مٿان ٿيندڙ ظلمن کي جنهن ريت هِن بيان ڪيو. اهو وساڻ جوڳو ناهي. امروز جي امرتا، جنهن جي سيني ۾ ساحر جي سڪ جو سمنڊ ڇوليون هڻندو هو، تنهن ساحر جي سِڪ ۾ لکيو هو ته:
”مان توسان ملنديس ضرور
ڪڏهن ۽ ڪٿي، اهو مان نه ٿي ڄاڻان
شايد مان تنهنجي تصور جو عڪس ٿي اڀران
يا ٿي سگهي ٿو
مان بهارن جي روپ ۾ اچان
۽ برف ٿي وسي پوان
جنهن مان تمندڙ پاڻيءَ جا ڦڙا
تنهنجي جسم تي پون
۽ مان پنهنجي سموري ٿڌاڻ
تنهنجي گرم ڇاتيءَ تي ڇڏيان
ڪڏهن ۽ ڪٿي اهو مان نه ٿي ڄاڻان
پر مان توسان ملنديس ضرور.“

امرتا جي خيالن ۾ انتها جي اونهائي آهي. هن زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي تمام ويجهي کان ڏٺو هو، اهو ئي سبب آهي جو سندس نثر توڙي نظم ۾ زندگيءَ جو هر رخ، هر روپ پنهنجي پوري جوهر سان موجود آهي. هن جي مشهور ناولن ۾ ڊاڪٽر ديو، ڪورا ڪاغذ، اڻونجاهه ڏينهن، ساگر ۽ سپيون، رنگ جا پتا، دل جون ڳليون، تيرهون سج ۽ جلاوطن وغيره شامل آهن. جڏهن ته سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”امرت لهرين“ ۽ ”ايڪ ٿي انيتا“ کي گهڻي پذيرائي ملي. سندس زندگيءَ ۾ ئي سندس آتم ڪٿائن جا ٽي ڪتاب پڌرا ٿيا، جيڪي ”ڪالا گلاب“، ”رسيدي ٽڪٽ“ ۽ ”اڪشرون ڪي سائي“ آهن. 31 آگسٽ امرتا پريتم جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو هڪ اهڙي ليکڪا جو جنم ڏينهن آهي، جنهن تي اڄ به قلم قبيلو ناز ڪري ٿو. هيءَ عظيم ليکڪا 31 آڪٽوبر 2005ع تي گذاري وئي.

دير ٿي وڃڻ جو درد

اُها فريده خانم، جنهن جڏهن غزل جي هڪ محفل ۾

”وه عشق جو هم سے روٹھ گيا،
اب اس کا حال سنائين کيا۔

ڳايو هو ته اتي ويٺل حاضرين مان ڪيترن جي ئي دلين جا تاڪ ائين لڏي ويا هئا، جيئن تيز طوفاني هوائن ۾ ڪنهن حويليءَ جي درين ۽ دروازن جا تاڪ لرزي ويندا آهن. ان ئي فريده خانم کي وري اُن وقت هڪ نجي محفل ۾ پنهنجي ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن کي ٽشو پيپر سان اگهندي ڏٺو ويو هو، جڏهن محفل ۾ موجود ماڻهن جي فرمائش تي منير نيازيءَ ڊائيس تي اچي پنهنجو هيءُ مشهور نظم ٻڌايو هو:
ہمیشہ دیر کر دیتا ہوں میں
ضروری بات کرنی ہو کوئی وعدہ نبھانا ہو
اسے آواز دینی ہو اسے واپس بلانا ہو
ہمیشہ دیر کر دیتا ہوں میں۔

منير نيازيءَ پنهنجي ڪنبندڙ آواز ۾ اهو نظم اهڙي ته روح سان پڙهيو هو جو ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ اهو نظم پڙهندي کيس پنهنجي سڄي ڄمار جي سفر جا سانحا ياد اچي ويا هجن. هر شڪست ياد اچي وئي هجي، هر ميار جي ياد جي وير کيس ورائي وئي هجي، هر حسرت جي خاڪ اڏامي هجي، اسان کي تمام گهڻي تڪڙ هوندي آهي، پر اسان کي سدائين دير ٿي ويندي آهي.
دراصل اسان هميشه تڪڙ ۾ هوندا آهيون، پر اسان کي سدائين دير ٿي ويندي آهي، جڏهن اسان زندگيءَ کي زير زبر سميت سمجهڻ لڳندا آهيون، تيسيتائين زندگيءَ جو سفر پورو ٿي چڪو هوندو آهي. هڪ اهڙي زندگي، جنهن کي پنهنجي خيال ۾ اسان آسمان جي اپسرا تصور ڪندا آهيون، پر اها هڪ ڇيڳري ڇوڪري بڻجي اسان جي آڏو ايندي اهي. هڪ اهڙي زندگي، جنهن کي اسان محبوب جي مهڪندڙ زلف سمجهندا آهيون پر اها هڪ اهڙي زنجير ثابت ٿيندي آهي، جنهن جي سختي اسان جي ساهه کي سوڙهو ڪرڻ لڳندي آهي.
اسان کي تمام گهڻي تڪڙ هوندي آهي، پر اسان کي سدائين دير ٿي ويندي آهي، جيستائين اسان جون اکيون ڳوڙهن سان تَر ٿيڻ لڳنديون آهن، تيسيتائين درد، درد ناهي رهندو، درد دل جو دوست بڻجي ويندو آهي ۽ جڏهن درد سان دوستي ٿي ويندي آهي، تڏهن تڪليف جو وجود ئي ختم ٿي ويندو آهي.

رنج سے خوگر ہو انسان تو مٹ جانا ہے رنج،
مشکلیں مجھ پر پڑیں اتنی کہ آسان ہو گئیں

دراصل زندگيءَ ۾ ڪجهه شيون اسان کي ايتري ته دير سان ملنديون آهن، جو انهن جي ملڻ تائين اسان جي من مان انهن جي خواهش ئي ختم ٿي ويندي آهي، جيئن ڪنهن چيو آهي ته:

کہاں تھے آپ زمانے کے بعد آئے ہیں
میرے شباب کے جانے کے بعد آئے ہیں

ڪن ماڻهن کي اسان تائين ايندي ايندي زمانا لڳي ويندا آهن، جڏهن شباب جو سج آخري اوٻاسي ڏيندو آهي، تڏهن انهن جو اسان وٽ اچڻ اسان جي اذيتن کي اڃا به وڌائي ڇڏيندو آهي، ان ڪري ئي ته ڪنهن شاعر جي دل مان هي سٽون نڪتيون هيون ته:
وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو
پيو ٿئي گهرگهلو يار جلدي ملو.

اسان کي تمام گهڻي تڪڙ هوندي آهي، پر اسان کي سدائين دير ٿي ويندي آهي، جيسين اسان جي چپن تي مرڪن جا پوپٽ پنهنجا رنگارنگي پر ويڙهي ويهن، تيسين خوشيءَ جا لمحا ختم ٿي چڪا هوندا آهن، ڇو ته ڏکن کي حياتِ خضر عطا ٿيل هوندي آهي پر خوشيون صبح جي پهر جيان مختصر هونديون آهن.
اسان کي تمام گهڻي تڪڙ هوندي آهي، پر اسان کي سدائين دير ٿي ويندي آهي، جيسين اسان جي دل کي اهو يقين اچي ته اهو جيڪو اسان سان گڏ آهي، اهو اسان جو ئي آهي، تيسين هٿ کان هٿ جدا ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن هٿ کان هٿ الڳ ٿي ويندو آهي ته اهو الڳ ٿي ويل هٿ وري ڪڏهن به اسان جي هٿ ۾ ناهي ايندو. هڪ اهڙو هٿ جنهن لاءِ ڪنهن چيو آهي ته:

ہاتھ دیا اس نے میرے ہاتھ میں
میں تو ولی بن گیا اک رات میں۔

اسان کي تمام گهڻي تڪڙ هوندي آهي، پر اسان کي سدائين دير ٿي ويندي آهي، دل جي ڳالهه زبان تائين آڻيندي آڻيندي لفظن جي اهميت ئي ختم ٿي چڪي هوندي آهي. جن کي ڳولڻ ۾ اسان کي صديون لڳي وينديون آهن، انهن کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ اسان کي لفظن جي مالها جوڙيندي جوڙيندي تمام گهڻي دير ٿي ويندي آهي ۽ ساڻ هوندي به صدين جا فاصلا برقرار رهندا آهن.

وہ آج بھی صدیوں کی مسافت پہ کھڑا ہے
ڈھونڈھا تھا جسے وقت کی دیوار گرا کر۔

معاملو لمحن جي دير جو هجي يا صدين جي فاصلن جو، پر دير ٿي وڃڻ جو درد ناسور بڻجي ويندو آهي.

مدد کرنی ہو یار کی ڈھارس بندھانا ہو،
بہت دیرینہ راستوں پر کسی سے ملنے جانا ہو،
ہمیشہ دیر کر دیتا ہوں میں

چنڊ، چاهتون ۽ شاعر

ڪنهن انگريز مفڪر کان جڏهن ڪنهن اهو سوال ڪيو ته عظيم خيال ڪٿان جنم وٺندا آهن؟ تڏهن هن تمام ڌيرج سان دل تي هٿ رکي جواب ڏنو ته: Great thoughts come from heart ۽ اهي عظيم خيال جڏهن شاعري جهڙي پياري پوشاڪ پهري اسان جي نظرن آڏو ڪنهن نرتڪيءَ جيان نچندا آهن، تڏهن ان امر جي صداقت ۾ اڃا به هڪ مضبوط شاهدي ملي ويندي آهي ته شاعري ادب جي، اظهار خيال جي اها سيبتي صنف آهي، جنهن ذريعي شاعر چئن صفحن واري ڳالهه چئن سٽن ۾ سمجهائي سگهندو آهي.
شيخ اياز جيڪو سچ به ته سنڌي ادب جي وشال آسمان جو اهو سدا چمڪندڙ چنڊ آهي، جنهن جي ڪري شاعري جي چانڊاڻ مان ابد تائين شاعريءَ جي شاهراهن جا انيڪ نوان مسافر چانڊوڪيون چورائيندا رهندا. اياز اسان جي ڌرتيءَ جو اهو سهڻو چنڊ آهي، جنهن جي سونهن آسمان جي چنڊ کي شرمائڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ جنهن جي اظهار لاءِ مان ڪنهن شاعر کان سندس هي سٽون اڌاريون وٺي شيخ اياز کي ارپڻ چاهيان ٿو ته:

"او چندا او چاند رات کے مسافر!
میرے چاند کی چاندنی سے کیا تم شرماتے ہو
تیری چاندنی تو رات میں دنیا کو پرنور رکھتی ہے
میرے چاند کی چاندنی دن رات برستی ہے۔۔۔"

هاڻي ڳالهه جڏهن چنڊ جي ئي هلي پئي ته ڇو نه پاڻ هن ڪالم ۾ اياز جي انهن شعرن جو ذڪر ڪريون جنهن ۾ چنڊ کي هن همراز، همدرد ۽ دوست ڪري اندر جو حال اوريو آهي.
”تون مان آهيون يار، او چنڊ
اڄ تو رلون گڏ راتيون
تنهنجو منهنجو گهاءُ به ساڳيو
صدين جو سوداءُ به ساڳيو
ٻئي اوندهه تي وار، او چنڊ
اچ ته رُلون گڏ راتيون.

اياز کي خبر آهي ته چنڊ به هن جيان راتين جو رولاڪ آهي، جيڪو وشال آسمان تي هيترن سارن ستارن جي ساٿ ۽ سنگت ۾ به هيڪلو هوندو آهي. ستارن جي سنهڙي روشنيءَ سان سينگاريل آسمان تان اڪيلو اداس بيٺل چنڊ، هڪ عاشق، هڪ شاعر کي اڃا به اداس ڪري ڇڏيندو آهي. تڏهن هڪ عاشق، هڪ شاعر جي اندر ۾ پيل وڍ پاسا ورائيندا آهن. اهي اڌما اظهار جا رستا ڳوليندا آهن، تڏهن شيخ اياز ان ئي چنڊ کي قاصد بڻائي کيس پرينءَ لاءِ پيغام ڏيندو آهي ته:
”چوءَ منهنجي چنڊ کي، رهي وڃي رات
ڏئي وڃي ڏات، سرچي منهنجي ساهه کي“

تڏهن ايئن ان چنڊ کي اداس اکين سان چمندي ماڻهو رات مان ڏينهن ڪري اٿندو آهي، پر چنڊ کيس سندس پرينءَ جو پتو آڻي ڏيڻ کان قاصر هوندو آهي ۽ تڏهن اياز نراسائيءَ مان آرس ڀڃي اٿي ٿو ۽ ڪوري ڪاغذ تي سندس قلم وهڻ لڳي ٿو ته:

”ستارن جي سيج تي ستس ساري رات
پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنهن چنڊ کي“

ماڻهو، جنهن جو من جڏهن چنڊ جهڙي پرينءَ جي ڪنول چهري کي چمي وٺندو آهي تڏهن سندس دل جي دنيا ئي بدلجي ويندي آهي ۽ ان خوشيءَ کي اياز هنن سٽن ۾ سمائي ٿو ته:

”ڪنهن ڪنول کي چميو هو مون رات،
هڪ سٺو گيت ٿي لڳي پرڀات“

ماڻهو انهن سڀني محبتي احساسن کي حقيقت جي روپ ۾ پسڻ چاهيندو آهي. اهي لاتيون جيڪي هو پرينءَ سان روبرو ڪرڻ چاهيندو آهي، اهي راتيون جن ۾ پرينءَ کانئس پري نه هجي، جنهن ۾ هو چنڊ جهڙي پرينءَ کي چمي سگهي ۽ ان وسيلي ماڻهو اياز جي هنن سٽن جو عڪس ٿي پوندو آهي ته:
”بهشت چاهي، دوزخ چاهي، ڇڏي اهي ويچار
مٺڙي مٺڙي ننڊ پرينءَ جي پاس ۾ ڪر يار“

دراصل شيخ اياز جا شاعريءَ ۾ مينهوڳيءَ سان وهنتل مٽيءَ جهڙو هڳاءُ آهي. اوهان ڪڏهن برسات کان پوءِ ڪچي مٽيءَ مان اٿندڙ سرهاڻ کي محسوس ڪيو آهي؟ ڪچي مٽيءَ جي ڪومل، ڪنواري ۽ ڪونئري بدن تي جڏهن برسات جون بوندون ڪرنديون، تڏهن ان سهڻي سنگم مان سرجندڙ، اها مينهوڳيءَ سان واسيل خوشبو دنيا جي هر پرفيوم جي سرهاڻ کان سرس ڀاسندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ڪڪرن جي ڪُک مان ڪرندڙ مينهن ڪڻيون ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي محبت مان چمنديون آهن تڏهن اها ٻهڪي اٿندي آهي ۽ ان مان به ماڻهو کي مدهوش ڪندڙ اهو ئي هڳاءُ ايندو آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي محبوب جي بدن مان ايندو آهي، جيڪو پرينءَ جي پگهر مان ايندو آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به اهو ئي سڳنڌ سمايل آهي، جيڪو سڄڻ جي سرهي ساهه مان ايندو آهي. شيخ اياز جي شاعري نه فقط هن دور جي پر هر دور جي شاعري آهي. اياز جي شاعري ڪنهن ڪنيا جي ڪيل پهرين پيار جهڙي اڻ وسرندڙ آهي، اها محبوب جي مکڙي تان ورتل پهرين مٺيءَ جهڙي آهي.

هڪ موت جو ماتم

مان اڄ به انهن ڪجهه پلن کي هڪ پل لاءِ به وساري ڪونه سگهيو آهيان، جڏهن هوءَ مون سان آخري ڀيرو ملي هئي، ۽ جڏهن هن ڪاري رنگ جي چوڙين سان ڀريل ٻانهن واري هٿ ۾ ڪافيءَ جو مگ کڻي مون ڏانهن وڌايو هو ته منهنجي نظر ڪافيءَ مان اٿندڙ ٻاڦ مان ٺهندڙ دائرن جي اوٽ ۾ آيل سندس جرڪندڙ ڪرائيءَ تي کپي بيهي رهي.
”ڪافي وٺ“ هن اهو چئي ڄڻ مون کي هوش ۾ آندو هو.
ڪافي وٺندي چيومانس: ”ڀوري رنگ جون عورتون اڪثر تن تي ڪاري يا گهري رنگ جون شيون ڇو استعمال ڪنديون آهن؟“ هوءَ مرڪي پئي هئي. مون ئي ڳالهيو هو.
”شايد تو ڪڏهن محسوس نه ڪيو هجي ته تنهنجي تن تي ڪاريون شيون ڪيتريون ٺهنديون آهن، تون وڌيڪ وڻندڙ ٿي پوندي آهين. ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ تنهنجو برف جهڙو بدن ڪارن ڪپڙن کي لتاڙيندي ڏسڻ واري کي ڪهي رهيو هجي پر توکي اها ڪهڙي پروڙ ۽ ڪهندڙ کي ڪهڙي ڪل ته ڪسندڙ تي ڇا گذري رهيو آهي؟“
هن هڪ فاتحانه لاپرواهيءَ سان وراڻيو هو ته: ”مون کي خبر آهي.“
چيو هومانس: ”جيڪڏهن ائين آهي ته اوهان ڀوري رنگ جون عورتون ڪارن ڪپڙن، ڪاري چمپل، ڪاري چشمي ۽ ڪارين چوڙين وغيره سان گڏ پنهنجي لاءِ ساٿي چونڊڻ مهل ڪاري رنگ کي رد ڇو ڪنديون آهيون؟“
منهنجي ان سوال تي مرڪي وراڻيو هيائين ته: ”اهو ان لاءِ ته اسان ان ساٿيءَ کي زندگيءَ ۾ محبت لاءِ چونڊينديون آهيون ۽ اڇو رنگ محبت جي علامت آهي، ان لاءِ مان توکي ڪنهن جا رنگ متعلق هي لفظ ٻڌايان ٿي ته:
Blue is true – Yellow is Jealous
Green is Forsaken – Red is brazen
White is love – And black is death…!
چيو هومانس: ”توهان جي سوچ مطابق جيڪڏهن ڪارو رنگ موت جو اهڃاڻ آهي ته پوءِ ان کي مختلف شين جي صورت ۾ پهريو ڇو ٿا؟“
وراڻيو هيائين: ”موت کي پهرڻ جو ته مزو ئي پنهنجو آهي، زندگيءَ کي ته هرڪو پهري ٿو، پر مزو ته تڏهن آهي جو ماڻهو موت کي پهري.“
۽ پوءِ هن واقعي موت کي پهريو هو، هوءَ جيڪا ڪنهن به سمجهوتي کي ڪونه مڃيندي هئي، تنهن زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سمجهوتو ڪيو هو، پنهنجي عمر جي وچ واري حد ۾ هن ان شخص سان شادي ڪئي هئي، جنهن جو ذڪر ڪندي هوءَ چوندي هئي ته ان لاءِ نفرت جو لفظ به تمام ننڍو آهي، ته تڏهن مون کي موت متعلق ڪنهن جاچيل هي جملا جيءَ سان جڙيل لڳا هئا ته:
In the midst of life, we are in death.
هن مون کي هڪ دفعي فون تي اها مجبوري ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن جي ڪري هن پنهنجي پکيءَ جهڙي زندگي کي هڪ صياد جي حوالي ڪري سراپا سمجهوتو بڻائي ڇڏيو هو.
ان کان پوءِ مون کي ان ڳالهه تي پورو ايمان اچي ويو هو ته اسان جي سماج ۾ ٻيو ته ٺهيو پر آڪسفورڊ جي ڊگري يافته عورت کي به ڪنهن نه ڪنهن وراڪي تي سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي. هتي خانداني، گهرو مسئلا، انائون، اهڙا ته طاقتور هجن ٿا جو چڱي ڀلي اعصابن جي مالڪ ماڻهوءَ کي به مصلحت واري واٽ وٺڻ تي مجبور ڪن ٿا. هوءَ، جنهن کي خودڪشي ڪندڙ ماڻهو بلڪل به نه وڻندا هئا، سا جڏهن مونکي ملول ڏسندي هئي ته وفا ناٿن شاهيءَ جو هي شعر پڙهندي هئي ته:
ڇو ٿو پاڻ وتين ڊاهيندو،
ٻيهر توکي ڪير ٺاهيندو؟

سا الائي ڪنهن جي زندگي ٺاهڻ لاءِ پاڻ بلڪل به ڊهي وئي هئي، ۽ هن کي خبر هئي ته هوءَ ٻيهر ٺهي، جڙي ڪونه سگهندي، ان ڪري هن پاڻ کي ٺاهڻ به ڇڏي ڏنو هو. هن تن تي ڪاري رنگ جون شيون USE ڪرڻ به ڇڏي ڏنيون هيون ۽ ڪنهن کي جواب ۾ چيو هيائين ته، ”مئل ماڻهو ٻيهر موت ڪيئن ٿو پهري سگهي؟“

انارڪلي جي حقيقت

جيڪڏھن اسان اهو چئون ته تاريخ ۽ افساني ۾ زمين آسمان جو فرق آھي ته شايد غلط نه هجي۔ تاريخ نج حقيقت جو نالو آھي جڏھن ته افسانو من گھڙت قصي کي ڪوٺجي ٿو۔ جيڪڏھن تاريخ ۾ تر برابر به افسانو وڌو ويندو ته اصل تاريخ جو چھرو مسخ ٿي پوندو۔ تاريخ ۾ ملاوٽ، تاريخ سان هٿ چراند درحقيقت هڪ ڏوھ آھي ڇاڪاڻ ته غلط تاريخ نسلن تائين ناڪاري اثر ڇڏيندي آھي.
الميو آھي ته تاريخ ۾ نج خالص تاريخ تمام گھٽ ملي ٿي، تاريخدانن توڙي غير تاريخدانن ان ۾ مصالحو ملائي افسانوي رنگ ڏئي ان کي دلچسپ بنائڻ جي چڪر ۾ اصل تاريخ جو چھرو بگاڙي ڇڏيو آھي۔
جيئن مغلن جي سلطنت جو ذڪر اچڻ سان ئي شھنشاھ اڪبر توڙي جھانگير کان به اڳ انارڪلي ذھن ۾ اچي ٿي جڏھن ته تاريخي حقيقت اها آھي ته انارڪلي جو ڪردار هڪ افسانوي ڪردار آھي جنھن جو ڪوبه وجود ڪونھي۔ تاريخ ۾ بلڪه ايئن چئجي ته خالص يعني اصل تاريخ ۾ سندس ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ملي۔ جھانگير جي همعصر تاريخدانن توڙي خود جھانگير به پنھنجي سوانح عمري ’تزڪ جھانگيري‘ ۾ انارڪلي جو ذڪر ناهي ڪيو.
درحقيقت انارڪلي جو ڪردار هڪ انگريز ’وليم فنچ‘ جي ذھن جي پيداوار آھي جنھن کي عڀدالحليم شرر داستان جي شڪل ڏني۔۽ شرر پاڻ ڪتاب جي ديڀاچي ۾ صاف لفظن ۾ ان کي افسانو يعني فڪشن ڪوٺيو آھي.
اها ان صنف جي طاقت ئي آھي ته انارڪلي نالي هڪ افسانوي ڪردار برصغير ۾ اڪبر ۽ جھانگير جي شھرت جو باعث بڻجي ويو.
اهڙي طرح اها به هڪ حقيقت آھي مغلن جي رڪارڊ مطابق اڪبر جي چوٽيھن زالن مان ڪنھن جو به نالو ’جوڌا ٻائي‘ ڪونه هيو.
انارڪلي جيان هي نالو به هڪ انگريز ڪرنل ٽوڊ پنھنجي ڪتاب
Rajhistan of Annal and Antiquity´ ۾ تخليق ڪيو. اهو به واضع رهي ته ڪرنل ٽوڊ ڪو تاريخدان ڪونه هيو. جڏهن ته اڪبر بابت ٽن ڪتابن ابوالفضل جي ’اڪبر نامه‘، بدايوني جي ’منتخب التواريخ‘، ۽ نظام الدين احمد جي ’طبقات اڪبري‘ ۾ ڪٿي به جوڌا جو ذڪر ڪونھي.
جھانگير جي ماءُ راجپوت راجڪماري ضرور هئي پر سندس اصل نالو ’هير ڪنور‘ هيو. جڏهن ته سندس شادي کانپوءِ ھن جو نالو ’زماني بيگم‘ ٿيو.
تاريخ جيڪو عام طور تي هڪ خشڪ موضوع آھي پر جيڪڏهن ان ۾ افسانوي رنگ وجھي فڪشن واري انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ته اها عام ماڻھوءَ لاءِ به دلچسپي جو سبب بڻجي وڃي ٿي.
ان حوالي سان في الوقت ادب جي اها صنف دنيا ۾ گھڻي مقبول آھي جنھن کي ’هسٽاريڪل فڪشن‘ سڏيو وڃي ٿو. هن ۾ تاريخي واقعن ، جڳھن ، ڪردارن کي کڻي پلاٽ ۾ غير حقيقي يا افسانوي واقعن توڙي ڪردارن جو اضافو ڪري ماضي جي واقعن ثقافت ۽ سماجي زندگي کي دلچسپ انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. ناول يا مختصر افساني کان وٺي فلم، ٿيٽر ۽ ڊرامي ۾ ان جو استعمال وڏي پيماني تي ٿي رهيو آھي.
آغا حشر ڪاشميري کان وٺي امتياز علي تاج ۽قرت العين حيدر توڙي نسيم حجازي تائين گھڻن ليکڪن ان ميدان ۾ ڪامياب طبع آزمائي ڪئي آھي. ايتري قدر جو نسيم حجازي ته هر ناول ۾ تاريخي ڪردارن سان گڏ هڪ سائيڊ ھيرو ضرور هوندو هيو جيڪو داستان کي دلچسپ بڻائيندو هو.
جيتوڻيڪ افسانوي رنگ تاريخ جھڙي خشڪ مضمون کي مزيدار ته بڻايو آھي پر اها درحقيقت تاريخ سان هٿ چراند آھي جيڪا آھستي آھستي سچي تاريخ کي گم ڪري ڇڏيندي ۽ ايندڙ انساني نسل به افسانوي تاريخ کي ئي سچي تاريخ سمجھي ان جي آڱر وٺي هلڻ لڳندا.
هسٽاريڪل فڪشن درحقيقت خالص تاريخ کي مسمار ڪري رهيو آھي، جيڪڏهن اهو سلسلو نه رڪيو ته اصل تاريخ هميشه لاءِ پنھنجو وجود وڃائي ويھندي.
**

سگريٽ ڇو ٿو سڙي؟؟

توڻي جو سگريٽ جي هر پيڪٽ تي صحت کاتي پاران هڪ ڊيڄاريندڙ منع نامو تحرير ٿيل هوندو آهي ته سگريٽ پيئڻ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، ڪينسر جو سبب آهي، پر ان جي باوجود ماڻهو ان منع نامي کي نو لفٽ ڪرائيندي ڌڙا ڌڙ سگريٽ واپرائيندا آهن ۽ هر سال بجيٽ ۾ جڏهن سگريٽ تي ڊيوٽي ٽيڪس ۾ واڌارو ڪيو ويندو آهي ته عام طور تي اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته سگريٽ جي مهانگي ٿيڻ سان ان جي واهپي ۾ ضرور گهٽتائي ايندي، پر ان جي ابتڙ ان جو واهپو اڃا به وڌي ويندو آهي. جيئن ڪنهن بلڊنگ، ڪنهن جاءِ جي ٻاهران اهو لکيل هوندو آهي ته چاڪنگ ڪرڻ منع آهي ته ماڻهو ان ڀت تي ئي نعرا ۽ اشتهار وڌيڪ لکندا آهن. ڄڻ ته اهو منع نامو نه پر دعوت نامو هجي، جنهن جاءِ تي لکيل هوندو آهي ته ”هتي گند اڇلائڻ سخت منع آهي“ اتي ئي ماڻهو گند جو ڍير ڪري ڇڏيندا آهن. دراصل اها انساني فطرت آهي ته منع ناما انسان کي اهو ڪم ڪرڻ تي اڃا به اتساهيندا آهن. حقيقت اها آهي ته اسان وٽ ٻن شين تي ڪنٽرول ٿيندي پري پري تائين نظر نه پيو اچي. هڪ آباديءَ ۾ واڌ ۽ ٻيو سگريٽ پيئڻ تي. هنن ٻنهي ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ جيتري پلاننگ ڪئي ويندي آهي، تيئن ان ۾ اضافو ٿيندو ويندو آهي.
مون کي هتي منع نامي جي حوالي سان رجنيش اوشو جي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي. اوشو ٻڌايو هو ته جڏهن هو اڃا ننڍڙو هو، سندس منهن تي اڃا مڇن جي ساول آئي هئي. تڏهن ٻين ماڻهن کي مختلف اسٽائيلن ۾ سگريٽ پيئندي ڏسي هو هرکجي پيو هو، اوشو سڌو پنهنجي پيءُ وٽ ويو ۽ کيس چيو ته، ”مان سگريٽ پيئڻ ٿو چاهيان، مون کي اوهان کان ان جي اجازت گهربل آهي.“ اوشو جو پيءُ حيرت انگيز طور تي کيس سگريٽ پيئڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اڳتي هلي اوشو ٻڌائي ٿو ته هن جيئن ئي سگريٽ جو پهريون ڪش هنيو ته سگريٽ جي دونهين سندس نڙي ساڙي ڇڏي ۽ کيس کنگهه شروع ٿي وئي. اوشو فوري طور تي سگريٽ اڇلائي ڇڏيو ۽ پيءُ وٽ اچي کيس، چيو ته، ”بابا جڏهن اوهان کي خبر به هئي ته سگريٽ ايڏي خراب شئي آهي، پوءِ به اوهان مون کي منع ڪرڻ بدران سگريٽ پيئڻ جي اجازت ڇو ڏني؟“ تنهن تي سندس والد کيس جواب ڏنو ته ”منع ناما ڪڏهن به ڪجهه به روڪي ناهن سگهندا، جيڪڏهن مان توکي منع ڪريان ها ته به تون سگريٽ پيئڻ کان مڙين ڪونه ها ۽ لڪي لڪي سگريٽ پئين ها، ان ڪري مان توکي اجازت ڏني ته توکي جڏهن اهو پاڻ ئي خراب لڳندو، تڏهن ئي تنهنجي دل مان ان جي تمنا ختم ٿي ويندي.
جون ايليا ايترا ته گهڻا سگريٽ پيئندو هو، جو سگريٽ مان سگريٽ دکائيندو هو، تنهن پنهنجي محبوبا پاران سگريٽ ڇڏي واري ڳالهه جو هي شاعراڻو جواب ڏنو ته:

"تم جو کہتی ہو چھوڑ دو سگریٹ،
تم میرا ہاتھ تھام سکتی ہو۔!؟"


جڏهن ڪنهن جي هٿن جي آڱرين ۾ دل گهريي دلبر جون آڱريون ناهن اينديون، تڏهن انهن آڱرين جي وٿين ۾ سگريٽ اچي ويندو آهي. توڻي جو سگريٽ اڄڪلهه هر ٽئين هٿ جي آڱرين ۾ اٽڪيل آهي، پر ان لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته سگريٽ پيئڻ وارو سگريٽ کي ناهي پيئندو، پر سگريٽ پيئڻ واري کي پيئندو ويندو آهي، ڪنهن شاعر چيو هو ته:

"تم کہتے ہو میں سگریٹ بہت پیتا ہوں،
نہیں نہیں کہاں میں کہاں سگریٹ پیتا ہوں،
اب تو سگریٹ مجھے پیتی ہے۔"


توڻي جو هاڻي خالي سگريٽ جي جاءِ ”ڀريل سگريٽ“ والاري ويا آهن ۽ جيترو خالي سگريٽ پيتو وڃي ٿو، اوترو ئي ڀريل سگريٽ به واپرايو وڃي ٿو، پر ڪنهن خالي سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي چيو هو ته:

"دھوئیں کی لہر پر تصویر رقص کرتی رہی،
وہ سگریٹوں کے تسلسل میں یاد آتا رہا۔"

اڄڪلهه جڏهن چرس، هيروئن ۽ شراب وغيره جهڙا نشا به لڪي لڪي نه پر کلي عام واپرايا وڃن ٿا، اتي خالي سگريٽ هڪ معصوم نشو بڻجي چڪو آهي. شراب ۽ هيروئن جهڙن قاتل نشن جي سامهون خالي سگريٽ جو نشو بلڪل ايئن آهي، جيئن ڪنهن قاتل درندي آڏو هڪ معمولي کيسو ڪٽيندڙ.
"ایک درد تھا جو سگریٹ کی طرح،
میں نے چپ چاپ پیا ہے،
کچھ نظمیں ہیں جو،
سگریٹ سے میں نے،
راکھ کی طرح جھاڑی ہیں۔"

دراصل سگريٽ جي دونهين سان ماڻهو ان دونهينءَ کي وسائڻ چاهيندو آهي، جيڪا ڪنهن درد جي دٻيل چڻنگ مان دکندي آهي. ماڻهو پريشانين ۽ تڪليفن کي سگريٽ جي ڦلي وانگر زندگيءَ جي ٽاريءَ تان ڪيرائڻ جي خيال سان سگريٽ مٿان سگريٽ ساڙيندو ويندو آهي. پر بقول مرزا غالب:
"دل کے بہلانے کو غالب یہ خیال اچھا ہے۔"
ڇو ته جسم جو، بدن جو سور ته ڪنهن ميڊيڪل اسٽور وٽان ملندڙ دوا سان ختم ٿي ويندو آهي. پر جيڪو درد دل جي تارن کي تار تار ڪندو هجي، جيڪو درد دماغ جي دنيا ۾ تهلڪو مچائيندڙ هجي، اهو تمام گهڻو اذيتناڪ هوندو آهي. ڪنهن مفڪر چيو هو ته:
“The Pain of the Mind is,
Worse than the pain of body.”
سگريٽ جو دونهون ڪڏهن به درد کي دربدر ناهي ڪري سگهندو. بس اهو ته هڪ آسرو هوندو آهي، هڪ خام خيالي هوندي آهي ته سگريٽ ساڙي اسان ٽينشن کي تڙي رهيا آهيون، پر ڪنهن انگريز مفڪر وري سگريٽ جي ساراهه ڪجهه هن ريت ڪئي ته:
“There is nothing like tobacco, it is the passion of all decent man, a man who lives without tobacco does not deserve to live.”
سگريٽ جي ساراهه هجي، يا صحت کاتي پاران ان جي منفي اثر جي ڪري جاري ٿيندڙ منع ناما، پر حقيقت اها آهي ته سگريٽ سڙندو رهي ٿو، دونهون هوا ۾ تحليل ٿيندو رهي ٿو.
**

پيچرا پيار جا

ايڊورڊ-8، پنهنجي بادشاهي دور جي آخري خطاب دوران پنهنجي دل تي هٿ رکي سرد آهه ڀريندي اهو اعتراف ڪيو هو ته:
“I have found it impossible to carry the heavy burden of responsibility and to discharge my duties as king as I would wish to do without the help and support of the woman, I love.”
دوستو! اڄ ان ئي پاور فل پيار يعني محبت جو عالمي ڏينهن آهي، جيڪو جيڪڏهن دلبر جي ديدار لاءِ تخت هزارا ڇڏرائي در در جا ڌڪا کارائي ٿو ته اهو ئي پيار ماڻهوءَ کي هڪ مملڪت هلائڻ جو فن به فراهم ڪري سگهي ٿو. محبت ۾ اها طاقت آهي جو ماڻهو اهو ڪجهه ڪري ويهندو آهي، جنهن جو هن ڪڏهن تصور به نه ڪيو ويندو آهي. محبت ماڻهوءَ جي دنيا ئي بدلائي ڇڏيندي آهي.
ہم تو کچھ اور تھے مگر
تم نے اور ہی کچھ بنا دیا ہم کو۔

اڄ ان ئي محبت جو عالمي ڏينهن آهي، جنهن ۾ ماڻهو دل ڏئي درد پرائيندو آهي ۽ پوءِ ان سودي کي فائدي وارو سمجهندو آهي.
میرے من چلے کا سودا، کھٹا بھی میٹھا بھی
کھٹا چاہے کھٹا لے لے، میٹھا چاہے میٹھا۔

هن Valentine Day کي محبوب سان ملڻ جو ڏينهن سڏبو آهي، هڪٻئي کي محبت مان گل پيش ڪيا ويندا آهن. ديدون دوبدو ٿي وينديون آهن، ائين جو چپ چورڻ کانسواءِ ئي نظرن جي نرالي، اکين جي البيلي ٻوليءَ ۾ ڪچهريون ٿينديون آهن، هٿ هڪٻئي جي هٿن ۾ ائين پيوست ٿي پوندا آهن، ڄڻ موت به انهن کي ڇني نه سگهندو. هڪٻئي کي چاهه مان چمي امرت اندر ۾ اوتيو ويندو آهي ۽ ان سموري ڪارگذاري ۾ هي 14 فيبروريءَ جو ڏينهن پر هڻي تمام تيز اڏار سان الهي ويندو آهي ۽ محبتي ماڻهن جي اندر مان هڪ سرد اهه هن شعر جو روپ وٺندي آهي ته:
وصل کی شب اور اتنی مختصر
دن گنا کرتے تھے اس دن کے لئے۔

ازل کان وٺي اڄ تائين دنيا وارا توڙي دل وارا اها مام پروڙي نه سگهيا آهن ته آخر اهو پيار ڇا آهي؟ جنهن ۾ ماڻهو فقط هڪ دل گهريي دلبر ڪاڻ پوري دنيا کي پنهنجو دشمن بڻائي ويهي ٿو، ڪنهن هڪ کي جيئڻ جو سهارو سمجهي پرينءَ جي پشم جهڙن هٿن ۾ هٿ ڏئي پيار جي پيچرن تي هلندي هنن سٽن جي صورت بڻجي وڃي ٿو:
جیتے ہیں بس آپ ہی کی آس پر
سانس چل رہی ہے جو زندہ ہیں آپ۔


اهو پيار آهي، جنهن ۾ ماڻهو دنيا کي فقط کليل اکين جو خسيس خواب سمجهي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو دولت، شهرت ۽ هر آسائش کي لت وهائي ڪڍي ٿو ۽ محبت جي مٺي درد کي دنيا جي هر آسائش تي ترجيح ڏئي ٿو.
دل میں جو درد ہے تیرا بسا ہوا
جی کو اس نے کیا بیمار بہت ہے
لوگ کہیں اس درد کی دوا کرے کوئی
مگر اس درد میں مٹھاس بہت ہے۔

پيار ڇا آهي؟ پيار ڪنهن سندر سپني کي رٺل ساڀيان آهي، هڪ اهڙو معصوم سپنو جيڪو ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجي من ۾ هڪ مٺوءَ جي ڪمي محسوس ڪندو آهي، هڪ اهڙو مٺو جنهن وسيلي ماڻهو محبوبن ڏانهن پيار ڀريا پيغام موڪلي سگهي.
پيار ڇا آهي؟ پيار ته آلين اکين سان دوستيءَ جو نالو آهي، اهي آليون اکيون جيڪي عينڪ جي شيشن پويان به پنهنجي آلاڻ لڪائي ناهن سگهنديون. پيار دنيا کان بيگانگي ۽ بغاوت آهي، پيار جي ته هڪ پنهنجي نرالي دنيا آهي، پيار اکيون پوري ۽ دل جون دريون کولي ڪيو ويندو آهي. محبت ته ڪنهن تي مرڻ جو نالو آهي، محبت ڪنهن لاءِ جيئڻ جو نالو آهي، پيار سادگيءَ جي هڪ ننڍڙي دنيا آهي، هڪ اهڙي دنيا جنهن آڏو باقي سڄي دنيا جي سلطاني به مفلسيءَ مثل آهي، پيار جي دنيا ۾ دل تي اهي راڄ ڪندا آهن، جيڪي اسانجي پهچ کان پري هوندا آهن، هنن تائين اسان جو رڳو روح رسي سگهندو آهي، جن سان ملڻ محال هوندو آهي، جن جي امرت رس آواز ٻڌڻ لاءِ ڪن آتا رهندا آهن، جن جي ديدن لاءِ اکين کي انتظار جا ڊگها ڊگها روزا رکڻا پوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي روزا ايترا ته طويل ٿي ويندا آهن جو موت اچي مهمان ٿيندو آهي ۽ ڪانگ ماس پٽڻ لڳندا آهن.
پيار ڇا آهي؟ پيار هڪ معصوم نظم آهي، جيڪو دل سان ٻڌبو ۽ ٻڌائبو آهي، محبت خود سپردگي آهي، محبت ڪنهن جي ٿي وڃڻ جو نالو آهي، ڪنهن جي سرير ۾ سمائجي وڃڻ محبت آهي، ڪنهن جي رڳ رڳ ۾ رچي وڃڻ پيار آهي.
پيار ڇا آهي؟ پيار ته محبوب جو اهو سادو سينگار آهي، جنهن جي آڏو ميڪ اپ ٿڦيل مهانڊا به پيلا لڳندا آهن. پيار اها عاجزي آهي، جنهن آڏو پٿر به پگهر جي پوندا آهن، ڀلي دنيا پيار کي پاڳلپڻو چوي، پر پيار ته اهو پاڳلپڻو آهي، جيڪو سموري دنيا جي سياڻپ کان اُتم آهي، انگريز ليکڪ چواڻي:
How wise are they that are but fools in love.”
پيار ڇا آهي؟ پيار ته هر وضاحت کان بالا ۽ اُتم آهي، پيار ڇا آهي، جو جواب کان بهتر به ڀلا ٿي سگهي ٿو، ڇا ته پيار بس پيار ئي آهي.

سڪون ڪٿي آهي!؟

سڪون جي حاصلات جو خواب انسان جي اها اُڃ رهيو آهي جيڪا ازل کان سندس نڙيءَ کي خشڪ رکيو آئي آهي ۽ شايد تا ابد اها اڃ اُجهامي نه سگهي سڪون جي حسين ڪائنات جا دروازا تمام گهٽ ئي ڪنهن لاءِ کلي سگهندا آهن.
اوهان سڪون کي اها اپسرا چئي سگهو ٿا، جيڪا کن پل لاءِ ڪنهن جي دل ۾ ديرو ڄمائيندي آهي ۽ پوءِ تمام پري اڻڄاتل وسعتن ڏانهن واپس هلي ويندي آهي. البته ان سڪون کي ڪو سرڦريو ان وئيشيا سان به ڀيٽي سگهي ٿو جيڪا ڪڏهن به ڪنهن وٽ به هميشه لاءِ ٽڪاءُ ڪري ڪانه سگهندي آهي. بيوفائي جنهن جي بنياد ۾ شامل هوندي آهي ڪنهن به هڪ جو هميشه هميشه لاءِ ٿي رهڻ هن جي توهين هوندي آهي. ڪو شاعر وري ان سڪون کي پنهنجي ان ڪويتا سان ڀيٽا ڏيندو جيڪا هو سڄي زندگي سرجي نه سگهندو آهي.
”سڪون“ هر دل جي ضرورت آهي، هر دماغ جي گهرج آهي، ڏٺو وڃي ته ماڻهو سڪون ماڻڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري دينداريءَ کان وٺي دنياداريءَ تائين هر حرفت آزمائي قلبي سڪون لاءِ ڪوشان رهي ٿو، مگر مڙني ڳولائن جي باوجود صورتحال في الحال هن شعر واري وڃي بيٺي آهي ته:

"جسے موت آئی سکون مل گیا"
ته ڇا موت واقعي سڪون جو مسڪن آهي!؟ ان جي جواب ۾ مذهب اسان آڏو اهو واضع ڪري ٿو ته موت به فقط انهن لاءِ ئي سڪون جو باعث بڻجي سگهي ٿو، جن پرهيزگاريءَ، نيڪي ۽ خدا جي عبادت واري واٽ ورتي، باقي ماڻهن لاءِ ته موت باعث سڪون نه پر هڪ مسلسل اذيت جو نالو آهي.

"اب تو گھبرا کے یہ کہتے ہیں کہ مر جائیں گے،
مر کے بھی چین نہ آیا تو کدھر جائیں گے۔"

مسئلو اهو آهي ته ماڻهوءَ کي ڪهڙي ريت قلبي سڪون ملي سگهي ٿو. منهنجو هڪ دوست چوندو آهي ته هو هڪ اهڙي اڌڙوٽ عمر عورت کي سڃاڻي ٿو جنهن شادي ڪانه ڪئي آهي، جيڪا بلا جي خوبصورت آهي، جنهن جوانيءَ ۾ ڪيترائي رشتا موٽايا، فقط پنهنجي انا جي تسڪين خاطر، اها انا جنهن کيس حاڪميت پسند بڻايو هو. هن جي انا کي اها ڳالهه قبول ڪونه هئي ته هوءَ ڪنهن مرد جي محڪوم ٿي رهي، ڪو مرد مٿس حاڪميت ڪري ۽ جڏهن ڪجهه ماڻهن کي سندس انڪار جو اهو اصل سبب معلوم ٿيو ته هنن کيس اها آڇ به ڪئي ته جيڪڏهن هوءَ ساڻن شادي ڪري ته هو خود سندس محڪوم ٿي رهندا ۽ کيس ئي حاڪم جو درجو حاصل رهندو. تڏهن هن اهو چئي انڪار ڪيو هو ته هوءَ ان ڳالهه جي قائل به ناهي ته ڪو مرد عورت جو محڪوم ٿي رهي ۽ عورت مٿس حاڪميت ڪري، مرد حاڪم ئي سوهندو آهي.
مون کانئس پڇيو ڇا هاڻي هوءَ مطمئن ۽ پرسڪون آهي ته منهنجي دوست انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. سو جڏهن ماڻهو پنهنجي انا کي تسڪين پهچائي به سڪون ماڻي نه ٿو سگهي ۽ بي سڪون، مضطرب ۽ انتشار جو شڪار رهي ٿو ته پوءِ سڪون ڇا ۾ آهي، ته ڇا ڀلا پوءِ دولت سڪون جو سرٽيفڪيٽ بڻجي سگهي ٿي!؟
ليوٽالسٽا جي هڪ ڪهاڻي آهي “How much land does a man need” ”هڪ ماڻهو کي ڪيتري زمين گهرجي“ ان ڪهاڻيءَ ۾ پاهم نالي هڪ هاري هو، جنهن وٽ تمام ٿوري زمين هئي پوءِ هن تي امير بڻجڻ جو ڀوت سوار ٿيو ۽ هو امير بڻجڻ لاءِ وڌيڪ اڃا به وڌيڪ زمين خريد ڪرڻ لڳو ۽ ايئن اڃا به وڌيڪ زمين جي چڪر ۾ باشڪرن جي ملڪ هليو ويو. جتي زمين مفت ملندي هئي پر ان لاءِ شرط اهو هو ته هن کي صبح کان هلي ڪري سج لهڻ کان اڳ ئي ان جاءِ تي واپس پهچڻو پوندو جتان هو هليو هو ۽ ايئن ان چڪر لڳائڻ ۾ هو جيتري زمين ڪور ڪري ويو سا سندس ملڪيت هوندي ۽ پاهم لالچ ۾ ايترو ته اڳتي هليو ويو جو واپس موٽندي موٽندي هن کي سج لهي چڪو هو ۽ مقرر ڪيل جڳهه تي پهچي هو بي ساهو ٿي ڪري پيو ۽ مري ويو. پوءِ کيس اتي ئي کڏ کوٽي پوريو ويو ۽ ايئن کيس رڳو ڇهه فوٽ زمين نصيب ٿي.“
ايئن جڏهن دولت به انسان کي سڪون جو سامان مهيا ڪري ڏيڻ بدران ويتر وڌيڪ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ بي سڪون بڻائي ڇڏي ٿي ۽ ننڊ آرام ڦٽائي ٽرنڪولائزر جو عادي بڻائي ڇڏي ٿي ته پوءِ اسان ان ڳالهه کي ڪيئن حقيقت تسليم ڪريون ته دولت ئي سڪون جي مستند سند آهي!؟
ته ڇا پوءِ غريبي ۾ سڪون آهي!؟ ڇو ته غريب بغير ٽرنڪولائيزر کائڻ جي ڊگهي ننڊ ڪري ٿو، مگر مهانگائي، بيروزگاري، عدم تحفظ ته هن کي به سڪون جو ساهه کڻڻ ڪونه ٿا ڏين، ته پوءِ سڪون آخر آهي ڪٿي!؟
ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ”انسان پنهنجي زندگيءَ جا اڌ غم حاصل ڪري بي سڪوني رڳو ٻين مان اميدون وابسته ڪرڻ ڪري خريد ڪري ٿو.“ جڏهن ته اها چوڻي به عام آهي ته ”هيءَ دنيا اميدن تي قائم آهي“ مگر اتي وري هو بهتر جي اميد رکي ويهي ٿو ته تڏهن هو پاڻ کي بدتر لاءِ ذهني طور تيار ڪري ئي ڪونه ٿو، بلڪه ويتر دل کي سبز باغ ڏيکاري اهڙو ته حقيقت کان بي نياز بڻجي وڃي ٿو، جو جڏهن بهتر جي بجاءِ بدتر موٽ مليس ٿي تڏهن ان جي سٽ سهي ڪونه ٿو سگهي ۽ ايئن سڪون سندس حياتيءَ مان واريءَ جيان وهندو وڃي ٿو.

"بس اب تو دامن دل چھوڑ دو بیکار امیدو،
بہت دکھ سہہ لیا میں نے، بہت دن جی لیا میں نے۔"

سارا شگفته: هٿن مان ڪِريل دعا

هن کي اها خبر گهڻي دير سان پئي ته مشاعرن منجهه، ادبي محفلن ۾ کيس ”ٻڌو“ گهٽ پر ”ڏٺو“ گهڻو ويندو آهي. نقاد سندس شاعريءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ايتري ڪونه ڪندا هئا، جيترو بحث سندس ذات تي ڪيو ويندو هو. اهڙا رويا سندس روح تي رهنڊون پائيندا هئا. ذاتي زندگي هجي يا ادبي زندگيءَ جو حصو سارا شگفته جي حياتي، سندس وجود طنز، ٽوڪن، مخالفت ۽ پابندين ۾ پڄرندو رهيو. ماس پٽڻ جي تاڙ ۾ ويٺل مِرن جهڙن ماڻهن تي سارا ڪيترائي نظم لکيا. هوءَ دراصل شاعريءَ جي دنيا جي منٽو آهي. سندس شاعريءَ جو گهڻو حصو انسان نما ڳجهن تي لکيل آهي جن جي محدود سوچ جو سفر ماس کان شروع ٿي ماس تي ختم ٿئي ٿو.

”یہاں تو قید کی کھڑکیاں کھولتے کھولتے
میرا بدن اٹکنے لگا ہے
ہر نقاد، غیر نقاد
میرے بدن میں بھونکنا چاہتا ہے
پھر اپنی سانس جتنا کفن
میرے لئے الا پتا ہے
میرا سب سے بڑا گناہ یہ ہے
کہ میں عورت ہوں۔“

ڪنهن تمام خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي ته شاعري ڪيفيت ۾ رهڻ جو نالو آهي، رڳو واقعا بيان ڪرڻ کي داستان گوئي چئبو آهي. سارا داستان گونه پر شاعره هئي. هوءَ جنهن ڪيفيت مان گذرندي هئي ان کي ڪاغذ تي لکندي هئي جيڪا شاعري بڻجي ويندي هئي. شاعري جيڪا گونگن جذبن کي زبان عطا ڪرڻ جو نالو آهي. سارا پنهنجي ڪنهن به جذبي کي بي زبان رهڻ نه ڏنو. هن اظهار ڪيو، برملا اظهار ڪيو، ڪنهن به سماجي، قانوني، رواجي، تهذيبي ۽ مذهبي پابندي جي پرواهه ڪرڻ بنا اظهار ڪيو.

”عزت جا ڪيترائي قسم آهن
گهونگهٽ، چماٽ، ڪڻڪ
عزت جو سڀ کان وڏو حوالو عورت آهي
گهر کان وٺي فوٽ پاٿ تائين
ڪجهه به اسان جو ناهي
عزت اسان جي گذاري جي ڳالهه آهي.“

سماج جي سوچ تي، رواجن ۽ روين تي چڀندڙ ۽ چٿرون ڪندڙ هيءَ شاعري صرف ساره شگفته ئي ڪري سگهي ٿي. سندس لفظ نشتر هئا، ڇو ته پنهنجي مختصر حيات ۾ هن سورن کي هر روپ ۾ ڏٺو. اهنج توڙي ايذاءَ سندس دل جي اڱڻ ۾ رانديڪن جيان وکريل هوندا هئا.

”انسانن جا داغ ڌوئندي ڌوئندي
منهنجا هٿ ئي ڪارا ٿي ويا آهن
مان ضميرن کان وڌيڪ جاڳي پئي آهيان
خاموشي منهنجي دل آهي
پر مان سمنڊ جيان گوڙ ڪرڻ چاهيان ٿي
مان اگهاڙي سج کان وڌيڪ سهڻي آهيان
پر ڪاري چادر ۾ ويڙهيل آهيان.“

سارا شگفته، امرتا پريتم کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”پکين جون لاتيون ئي منهنجو جنم ڏينهن آهي.“
سچ اهو آهي ته سارا جو روح سرمست هو. هن جي سيني ۾ جهڙوڪ پکين جي دل پيل هئي. جن پکين کي کڻي سون جي پڃري ۾ ئي ڇو نه قيد ڪيو وڃي، ڀلي من پسند خوراڪ ڇو نه ڏني وڃي، ڪيتريون ئي مٺيون ٻوليون ڇو نه ٻوليون وڃن، پر پوءِ به پکي قيد ۾ خوش ناهي هوندو. جهڙوڪ هوءَ آسمان جو ڪو ٽٽل تارو هئي جيڪو ڌرتيءَ تي ڪٿي به فٽ نه پئي آيو. پنهنجي زندگيءَ جي سفر ۾ هن عورت جي هر روپ ۾ زندگي ڏٺي. پر هر روپ ۾ هوءَ پائمال ٿيندي رهي. ڪنهن به روپ ۾ هن کي جوڳو مان ڪونه مليو. هر روپ هن جي روح تي انيڪ رهنڊون پاتيون. هوءَ ڌيءَ رهي هڪ اهڙي پيءَ جي جنهن جي موجودگيءَ ۾ به هن يتيمن جيان گذاريو. کيس پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ گرهه به ڳڻيل ملندا هئا. ڄڻ هن کي کاڌو نه خيرات ملندي هئي. گهر جي ڇت مينهن جي هڪ ڪڻيءَ جو وزن به نه کڻي سگهندي هئي. بک ۽ ڏک ننڍپڻ کان سندس ساهيڙيون رهيا.
هوءَ ڀيڻ به هئي، پر ڀائرن کيس هميشه بد جو چٽوئي سمجهيو.
هوءَ محبوبا به رهي، هڪ نه پر ڪيترن ئي ساڻس عشق جو اظهار ڪيو، انهن مان هر هڪ سندس محبت ۾ آسمان مان تارا لاهي اچڻ جو دعوائون ڪيون. پر محبت جڏهن به حقيقت بڻجي سندس سامهون آئي ته محبت تان سندس ويساهه کڄندو ئي ويو. هوءَ زال به رهي، هڪ دفعو نه پر پورا چار ڀيرا هوءَ مختلف مردن سان نڪاح جي ٻولن ۾ ٻڌجندي رهي. چار مرد مختلف وقتن تي سندس مجازي خدا رهيا پر انهن مان ڪو هڪ به ان لائق نه هو جنهن جي هوءَ مجازي خدا طور تعظيم ڪري سگهي.
”محبوب“ ”مڙس“ ٿيندي ئي ڊيڄاريندڙ روپ ۾ سندس سامهون ايندا رهيا. هوءَ ماءُ به رهي انهن ٽن ٻارڙن جي جيڪي سندس ڪک مان پيدا ٿيا پر کانئس الڳ ڪيا ويا. هڪ ماءُ جي روپ ۾ هوءَ رڙندي رهي... ٻار کسجڻ واري واقعي ته سارا خط ۾ امرتا پريتم کي سڄي ماجرا لکي موڪلي هئي.
جڏهن عدالت ۾ اڳوڻي مڙس کان پنهنجا ٻچڙا حاصل ڪرڻ لاءِ سارا شگفته پنهنجي ئي ڪردار ڪشي ڪندي بيان ڏنو هو ته:
”جج صاحب! هي شخص بلڪل سچ چئي رهيو آهي مان آوارا به آهيان، بدڪردار به آهيان ۽ مان قبول ٿي ڪريان ته هي ٻار مون کي هن شخص مان ڪونهن. انهن ٻارڙن جو پيءُ ڪو ٻيو آهي، ان ڪري عدالت مون کي اجازت ڏئي ته مان اهي ٻار اصل والد تائين پهچايان.“
عدالت ۾ جيڪي به الزام سارا تي لڳايا ويا اهي هن فراخدليءَ سان پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيا ۽ عدالت ٻار سارا جي حوالي ڪري ڇڏيا.
سارا شگفته جا ٻه شعري مجموعا (1) آنکين (2) نيند ڪي رنگ“
شايع ٿيا. جڏهن ته سارا شگفته جي شاعري کي اسد علوي انگريزي ۾ ترجمو به ڪيو جن ۾ The Colours of Sleep. جڏهن ته امرتا پريتم سارا شگفته تي ٻه ڪتاب (1) ايڪ ٿي سارا لکيو جيڪو 1990ع ۾ شايع جڏهن ته ٻيو ڪتاب ”مين سارا“ 1994ع ۾ شايع ٿيو.
سارا شگفته جي زندگي تي شاهد انور ڊرامو به لکيو جيڪو آل انڊيا ريڊيو تان نشر ڪيو ويو هو جنهن جو نالو هو ”سارا ڪا سارا آسمان“ جڏهن ته گهڻن ماڻهن کي خبر ڪونه آهي ته سارا شگفته جي حياتيءَ تي انور سن رائي به هڪ ڪتاب لکيو ”ذلتون ڪي اسير“ پر جيتري گهرائپ ۽ پنهنجائپ سان سارا تي امرتا پريتم لکيو، جنهن خوبصورتي سان سندس ڪيس امرتا پريتم پيش ڪيو آهي، اهو ڪو ٻيو ڪري ناهي سگهيو.
سارا شگفته جي لاءِ سندس همراز امرتا پريتم گهڻو ڪجهه لکيو آهي، جنهن تي هڪ ڪتاب ”ايڪ ٿي سارا“ ڇپيو هو. امرتا پريتم هڪ هنڌ لکي ٿي ته:
”مان آسمان منجهان هڪ تارو ٽٽندي ڏٺو جيڪو تمام تيز رفتاريءَ سان آسمان جي ذهن ۾ هڪ ٻرندڙ ليڪ ڪڍندو آهي، ماڻهو چوندا آهن ته سچ ئي چوندا هوندا ته هنن ڪيترائي ڀيرا ٽٽل تارن جي گرم خاڪ زمين تي ڪرندي ڏٺي آهي. مان به هن ٽٽل تاري جي گرم خاڪ پنهنجي دل جي اڱڻ ۾ وسندي ڏٺي آهي. ان تاري جي ٽٽڻ وقت آسمان جي ذهن ۾ جيڪا ڊگهي ليڪ ڪڍجي وئي هئي اها سارا شگفته جي نظم هئي، نظم زمين تي ڪريو ته خدا ڄاڻي ان جا ڪيترا ٽڪرا هوا ۾ وڃائجي ويا پر جيڪا خاڪ مان هٿ سان ڇهي ڏٺي هئي ان ۾ ڪيترائي ٻرندڙ اکر هئا جيڪي مان ميڙي ڪاغذ تي رکيا هئا.“
سارا شگفته پنهنجي جنم، پنهنجي هن دنيا ۾ اچڻ کي هن تلخيءَ سان بيان ڪيو هو ته ”مان هٿن مان ڪريل دعا آهيان.“

زندگي ڀَلي اهڙي...؟؟

World Suicide Prevention Day

گهڻن رخن کان هيءَ زندگي ڪو خوبصورت خواب نه سهي، پر پوءِ به رنگين پرڪشش ۽ دلفريب ضرور آهي. سندس سونهن جو به نعم البدل ناهي. زندگي خالق ڪائنات جي حسين ترين تخليق آهي. جيئن پيار جو پکي فقط هڪ ڀيرو ئي پنهنجا وشال پر پکيڙي ٿو، پر هتي زندگيءَ جي زلفن کي بني نوع انسان لاءِ هڪ زنجير بنايو ويو آهي. هڪ اهڙي زنجير جيڪو منع ناهن جي مضبوط ڪڙن تي مشتمل مجموعو آهي. هيءَ زندگي جنهن جي چاهه ۾ ماڻهو چريو رهي ٿو، آهستي آهستي پنهنجو موهه وڃائي ويهي ٿي ۽ ائين انسان جي اکين ۾ زندگيءَ جا انڊلٺي رنگ نه پر خودڪشيءَ جا خواب آکيرو اڏي ويهي رهن ٿا. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته دنيا جا 90 سيڪڙو ماڻهو پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو خودڪشي ڪرڻ جو سنجيدگيءَ سان ضرور سوچيندا آهن.
جيتوڻيڪ خودڪشي هڪ لمحي جو عمل آهي، پر اهو لمحاتي عمل سالن کان پلجندڙ پيڙائن جو ردعمل هجي ٿو. اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته سالن جون پيڙائون جڏهن پنهنجو ردعمل ڏيکارين ٿيون ته ڪجهه سيڪنڊن ۾ هڪ اذيتناڪ انجام سامهون اچي ٿو. نفسيات جي ماهرن جي تحقيق جو نچوڙ آهي ته ان وقت انسان جي مڙني مثبت سوچ جي حامل حواسن جي سوچڻ وارو عمل ٺپ ٿي وڃي ٿو ۽ لاشعور ۾ دٻيل منفي رويا مٿس حاوي ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ هڪ لمحو ئي زندگيءَ ۽ موت جي وچ واري لڪير کي ڊاهي ڇڏي ٿو. جڳ مشهور نفسيات جي ماهر سگمنڊ فرائيڊ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته، ”پيار دنيا جي اهم ترين شئي آهي، پر موت جي به اوتري ئي اهميت هجي ٿي، مان چوندس ته ڪوبه زندهه وجود ڪيتري به زبردست نموني زندگيءَ جي رنگينين سان ٽمٽار ڇو نه هجي، پر آخرڪار نرواڻ چاهي ٿو ۽ موت اسان جي ڪنهن نه ڪنهن ڀل جي نتيجي ۾ اچي ٿو، اسان ان حوالي سان ان چوڻيءَ کي ٽيڪ ڏيئي سگهون ٿا ته، هر قسم جا موت دراصل اڻڄاڻائپ ۾ ڪيل آتم هتيائون آهن.
جيڪڏهن اسين پنهنجي معاشري ۾ ٿيندڙ خودڪشين تي نظر وجهون ته هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت آڏو ايندي ته خودڪشيءَ جو لاڙو نوجوانن ۾ تمام گهڻو آهي. اها جواني جنهن کي زندگيءَ جي رنگن سان ٽمٽار هئڻ گهرجي، سا خودڪشي جي خاردار خيال سان اهڙو پيار ڪري ٿي. جهڙوڪا ڇوڪري پنهنجي پرينءَ جي ڏنل پهرئين تحفي سان ڪندي آهي ۽ شايد اهڙن نوجوانن جي باري ۾ ئي ڪنهن چيو آهي ته اهي پنهنجي جوان ۽ مضبوط جسم ۾ ڪمزور ۽ نٻل ذهن رکن ٿا. هڪ فرانسيسي ماهر پنهنجي تحقيق ۾ خودڪشي جي ٽن اهم قسمن تي گهڻو بحث ڪيو آهي.
1. خود پسنديءَ سان ڀرپور خودڪشي.
2. نااميدي جي عالم ۾ خودڪشي.
3. قربانيءَ جي جذبي سان سرشار خودڪشي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن ٽنهي قسمن مان ٻئي نمبر واريون خودڪشيون اسان وٽ عام آهن. هتي ماڻهو تمام گهڻو مايوس آهن، نااميدي ننهن کان چوٽيءَ تائين سندن رڳ رڳ ۾ رسيل آهي، مايوسي هنن جي هانءَ ۾ هٿوڙا هڻي رهي آهي. هو بک، بيروزگاري، محبت جي اڻاٺ، احساس ڪمتري ۽ ٻين انيڪ مسئلن جي ڪري مونجهارن جو شڪار ٿي چڪا آهن. هاڻي صورتحال جو منڍ ڪٿان ڳولجي!؟ ان جي جواب جو پيرو کڻندي جڏهن اسين هينري شارٽ تائين پهچون ٿا ته هو پنهنجي ڪتاب Suicide and Homicide ۾ هي نظريو اسان جي اکين آڏو آڻي ٿو ته ”خودڪشيءَ جون اڪثر وارداتون انسان جي معاشرتي رابطن جي فقدان جي نتيجي ۾ منظر عام تي اچن ٿيون“ جڏهن ته ان جي ابتڙ ميننگز پنهنجي ڪتاب Man against himself ۾ انسان جي جذباتي سوچن کي ئي مورد الزام قرار ڏئي ٿو ۽ معاشري کي ئي قصوروار ڪونه ٿو سمجهي. هو ان ڳالهه سان اتفاق ڪونه ٿو ڪري ته ماڻهن جي روين کي بيروني عنصر ئي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا. اهي پنهنجي اهميت ضرور جتائيندا آهن، پر فرد جون اندروني ڪيفيتون ۽ ذهني حالتون به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، ۽ تباهيءَ جا جراثيم ماڻهوءَ منجهه پهريان ئي موجود هجن ٿا. عمرانيات جي ماهرن وري هڪ ٻيو نظريو سامهون آندو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته جڏهن ڪو شخص معاشرتي محاذ تي شڪست کائيندو آهي ته سندس اندر اڌو اڌ ٿي پوندو آهي، هو زندگيءَ کان بَد دِل ٿي پوندو آهي ۽ اتي ئي سندس تربيت جو امتحان هوندو آهي، جيڪڏهن سندس تربيت ڪامل ٿيل هوندي ته سندس اندروني جذباتي ڪشادگي پسند هوندا، جيڪي سندس سمورا سور اندر ۾ سانڍي وٺندا ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد هو هڪ نئين جذبي سان زندگيءَ جو سفر شروع ڪندو، پر جيڪڏهن انسان جا اندروني جذبا تنگ هوندا، سورن کي اندر ۾ سمائي سگهڻ کان عاري هوندا ۽ انهن پيڙائن کي من جي پاتال ۾ پناهه ڏئي نه سگهندا ته خودڪشي هنن لاءِ نجات جو اڪيلو رستو بڻجي پوندي.
انسان جو وڏو الميو ذهني اڪيلائي آهي، منع نامن جي مضبوط ڪڙن جو مجموعي بڻيل هيءَ زندگي هن کي اسيريءَ جو اهڃاڻ لڳي ٿي. تڏهن خودڪشيءَ تي هو پنهنجو اختيار سمجهي ٿو، موت سان ملڻ لاءِ هن کي ڪنهن کان موڪل گهرڻي ڪونه ٿي پئي، زندگي هن لاءِ اهڙي ڇيڳري ڇوڪري بڻجي وڃي ٿي، جيڪا مهذب پڻي کان بلڪل وانجهيل هجي ٿي ۽ خودڪشيءَ جو خيال هن لاءِ زندگيءَ کان پلئه آجو ڪرائڻ جو اڪيلو آسرو بڻجي پئي ٿو ڇيڳري ڇوڪريءَ جهڙي زندگيءَ کي خوابن ۽ خيالن کان به خوبصورت بنائڻ جو آئيڊيل تصور اهو آهي ته نسلن جي تربيت اهڙي ڪئي وڃي، جو سندن اندروني جذبا ڪشادگي پسند هجن، جيڪي زماني جي مڙني پيڙائن کي من جي پاتال ۾ غرق ڪري. نئين سر زندگيءَ جو سفر شروع ڪن. هڪ اهڙي زندگي، جيڪا ڪا قيد جي زنجير نه پر محبوب جي مهڪندڙ زلف بڻجي وڃي، جنهن جي ڇانوَ ۾ ويهي ماڻهو صدين جا به ٿڪ لاهي سگهي. هڪ اهڙي زندگي جنهن ۾ پري پري تائين به خودڪشيءَ جي خيال جو واسو ئي نه هجي.

اڪيلائين جي آغوشي

اڄ وري اداسي اڻ مندائتي مينهن جيان هن جي من ڌرتيءَ تي وسي پئي هئي، جنهن سندس نيڻن کي بلڪل به آلو ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس اها آلاڻ هن جي نظر واري چشمي تي به ماڪ ڦڙن جيان پئجي رهي هئي. هن پرس مان ٽشو پيپر ڪڍي اکين تان ڪاري فريم وارو چشمو لاٿو ۽ اگهڻ لڳي، تڏهن عينڪ کي اگهندي هن کي اهو منظر ياد اچي ويو، جڏهن هيءَ هن سان نئين نئين ملڻ لڳي هئي ۽ هن پنهنجي عينڪ جي شيشن کي بي قصور قرار ڏيندي کيس سعيد ميمڻ جو شعر ٻڌايو هو ته:
منهنجي عينڪ جا شيشا نه ديوار ها
تو اکين ۾ اچڻ ئي نه چاهيو هو.

تڏهن هيءَ هن جي چشمي کي کڻي ڪڏهن ڪڏهن پائي ويهندي هئي، ڇو ته هن کي خبر هئي ته محبوب جي عادت کي اپنائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، بلڪل ائين جيئن امرتا پريتم پنهنجي محبوب ساحر لڌيانويءَ جي پيتل سگريٽن جا ٽوٽا وڏي پيار سان سنڀالي رکندي هئي ۽ بعد ۾ انهن کي دکائي سوٽا هڻندي هئي، تيئن ئي هوءَ هن جي نظر جي عينڪ پائڻ لڳي ته هن جون اکيون به خراب ٿي ويون ۽ هن وڏي خوشي سان ڊاڪٽر جي نسخي مطابق پنهنجي نمبر جو چشمو ورتو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا پنهنجن پنهنجن نمبرن جون عينڪون پائيندا هئا...!
هو جيڪو ڳالهين جو ڳهير هو، جنهن جي باري ۾ اهو مشهور هو ته هن کي مايون موهڻ جو فن خوب ايندو آهي، هن کي اها ڏات آهي ته هو عورت کي پنهنجو عاشق بڻائي ڇڏيندو هو، سو هيءَ به هن جي ديواني ٿي وئي، ۽ جڏهن هن جي ديوانگي ڏسي سهيليون هن کي منع ڪنديون هيون ته ان لا ابالي طبيعت جي مالڪ نوجوان جي ڳالهين ۾ نه اچ.
۽ پوءِ هي ٻئي هڪ ٿي ويا هئا. مگر ڪيسيتائين؟ هن جي هرجائي طبيعت هن وٽ گهڻو عرصو ٽڪاءُ ڪري نه سگهي ۽ هو هن کان پري پري رهڻ لڳو ۽ هيءَ هر ممڪن طريقي سان کيس پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي جتن ۾ رهي، مگر ڪجهه به نه وريو. هو نيٺ هن کي ڇڏي ويو ۽ هوءَ ٽڙڻ جي مُند ۾ ڇڻي وئي هئي.
هن جي حاصلات جو پاڇو ته جيتوڻيڪ جلد لهي ويو ۽ هن عليحدگي کي دل سان قبولي زخمن تي وقت جو مرهم رکي ڇڏيو. مگر هن جو هرجائي پڻو ٿڪجي پيو ته اڄ هُن ساڻس رابطو ڪري ٻيهر هڪ ٿيڻ جي آڇ ڪئي، مگر هيءَ هاڻ بدلجي چڪي هئي، جنهن عليحدگيءَ واري رات ڄڻ ته رت جي ڳوڙهن سان پنهنجي ڊائري تي محمد علي پٺاڻ جو شعر لکيو هئائين ته:
وري راتين جي خاموشي اسان جي ڀاڳ ۾ آئي،
اڪيلائين جي آغوشي اسان جي ڀاڳ ۾ آئي.

سو هي، هاڻي هن جي آغوش ۾ وڃڻ لاءِ بلڪل به تيار ڪونه هئي، جنهن پنهنجو پراڻو طريقو استعمال ڪندي هن کي موهڻ لاءِ فون تي هينئر کيس شعر ٻڌايو هو ته:

نہ گل کھلے نہ ان سے ملے نہ مئہ پی ہے،
عجیب رنگ میں اب کے بہار گذری ہے۔

هيءَ جنهن کي هاڻ من موهيندڙ ڳالهيون ڪندڙن کان ڄڻ ته نفرت هئي، هن کي اهي سڀ لفظن جا جادوگر اندر جا دوغلا لڳا هئا، جيڪي جملا جوڙڻ ته ڄاڻيندا آهن پر ناتو جوڙي پوءِ نڀائي نه ڄاڻندا آهن، جيڪي جملا جوڙي ماڻهن کي موهي ته وجهندا آهن مگر، انهن لفظن جو ڀرم رکي نه سگهندا آهن.
اهڙي ئي لفظن جي جادوگر مٿان موهجي ۽ پوءِ ڇڻيل پن جيان گهلجندي هن پنهنجي جوانيءَ جا ڏهه سال اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ۾ گذاريا هئا، ۽ هاڻ جڏهن سندس گهاوَ ڀرجي چڪا هئا، ته کيس گهايل ڪندڙ وري هن ڏانهن ورڻ لاءِ آتو هو. شايد هاڻي سندس ڀوئنر جهڙي طبيعت ٿڪجي هڪ ٿاڪُ ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي هئي، ۽ هُن ساڻس اڄ فون تي ڳالهايو هو. ڇو ته هن کي اهو ئي احساس هو ته هيءَ جا سندس جيون ساٿي رهي آ، ديواني رهي آ، عاشق رهي آ، کيس زندگيءَ جي هن شام واري پهر ۾ پنهنجو ڪندي؟ مگر هيءَ به عورت هئي، جيڪا محبت توڙي نفرت شدت سان ڪندي آهي. سو هيءَ ڪيئن پئي وساري سگهي، اهي اداس راتيون، اهي ڏنڀ ڏيندڙ ڏينهن ۽ اهي اڪيليون شامون، جن ۾ هن کي ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت هئي، سو هيءَ جنهن کي هن جوانيءَ ۾ جيون ساٿيءَ واري جاءِ تان جلد اٿاري ڇڏيو، سا هاڻي سندس نرس بڻجڻ لاءِ ڪيئن پئي تيار ٿي سگهي. پنهنجي محبوب کي در تان موٽائڻ ڪنهن قيامت جي منظر کان گهٽ نه هوندو آهي، مگر هن کيس رکو جواب ڏئي فون بند ڪري ڇڏي هئي ۽ تيز آواز ۾ ٽيپ رڪارڊ هلائي روئي پئي هئي، جيئن سندس اندر مان اٿندڙ سڏڪن جو آواز لتا جي اُن آلاپ ۾ وڃائجي وڃي ته:
کہاں تھے آپ زمانے کے بعد آئے ہیں،
میرے شباب کے جانے کے بعد آئے ہیں۔

سونهن: جيڪا پنهنجي به سڄڻ ناهي

جدائي جڏهن ماڻهوءَ جي جيون ۾ لَهي ايندي اهي، تڏهن ان جا نيڻ ننڊ ديويءَ کي طلاق ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ هو راتين جو رولاڪ ٿي پوندو آهي. هو جيڪو جڏهن پنهنجي پرين جي وارن جي ڇانوَ ۾ ويٺل هوندو آهي، تڏهن سندس چپن تي ساغر صديقيءَ جو هي شعر ڪنهن نرتڪيءَ جيان نچڻ لڳندو آهي ته:
زلف آوارہ گریبان چاک گھبرائی نظر،
ان دنوں یہ ہے جہاں میں زندگانی کا نظام۔

پر جڏهن هو هيڪلو ٿي پوندو آهي، تڏهن کيس زندگيءَ جو نظام بدليل ڀاسندو آهي. زماني جون گردشون جڏهن سندس وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وينديون آهن، تڏهن به هو انهن زلفن جي ان ڇانوريءَ کي کن پل لاءِ وساري ڪونه سگهندو آهي، ۽ ان عالم ۾ به سندس اندر مان اهي ئي الاپ ايندا آهن ته:
جب کبھی گردش تقدیر نے گھیرا ہمیں
گیسوئے یار کی الجھن کو بہت یاد کیا۔

ڇا واقعي پرين جي وينگس وارن جي ڇانوَ ۾ ايتري ڇڪ آهي جو مرزا غالب جهڙي مغرور مزاج شاعر کي به اهو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته:

نیند اس کی دماغ اس کا راتیں اس کی ہیں
تیری زلفیں جس کے شانوں پر پریشان ہوگئیں

۽ ماڻهوءَ جي ماندي من تان، سندس ترسيل تن تان جڏهن اهو ڇانورو هٽي وڃي ٿو، تڏهن سندس قدم آوارگي ڪرڻ لڳن ٿا، ۽ هو انهن يادن کي ڪنهن صحيفي جيان سيني سان لڳائي ڦرندو آهي.
میں تیری یاد کو یوں دل میں لئے پھرتا ہوں،
جیسے فرہاد نے سینے سے لگائے پتھر۔

هوءَ به پنهنجي واسينگ وارن جي ڪري وڌيڪ وڻندڙ ٿي پئي هئي، هوءَ جنهن جي وارن تان جوان وري وري صدقي پيا ويندا هئا، تنهن وٽ ٺيڪ شاديءَ جي هڪ سال اندر اهي وار ئي نه رهيا هئا، اهي وار جن تي کيس ناز هو، اهي سندس ڪند ذهن ۽ شڪي مزاج مڙس وڏي بيدرديءَ سان ڪوڙي ڇڏيا هئا، اها خبر جيئن ته اخبارن جي عقابي اکين کان اوجهل رهي هئي، پر هن جي دل جي دنيا ۾ ڄڻ قيامت اچي وئي هئي ۽ هوءَ دل کولي روئي پئي هئي. ڇا ٿي پيو جو هن وٽ وڏا وار هئا؟ ڇا ٿي پيو جو هن جي وارن تي ماڻهو جان واريندا هئا؟
خوبصورتي پوءِ اها ادائن جي هجي، جسماني هجي، يا احساسن جي هجي. اها ڄڻ ته خود پنهنجي دشمن ٿي پوي ٿي. مون الائي ته ڪيترا اهڙا مثال ڏٺا آهن جو سونهن خود پنهنجي ويري ٿي پوندي آهي. هن جي وارن جي انفراديت به هن جي ويري ٿي پئي هئي، اهي وار، اهي زلف جن کي ساغر صديقيءَ جهڙي درويش صفت شاعر به وري وري شاعريءَ ۾ سجايو آهي ته:
کہو یہ کالی گھٹاؤں سے جھوم کر آئیں
کسی کے شانوں پہ زلف حسیں بکھرتی ہے

انهن وارن جو وڍجڻ تي رڳو هوءَ ئي ڪونه رُني هوندي، پر هر اها اک آلي ٿي هوندي، جن جي جماليات حس جاڳندي آهي، جيڪي هر شيءَ ۾ حسن جو پهلو تلاش ڪري وٺندا آهن، انهن جي اکين به آب وسايو هوندو ته هڪ سونهن جي دشمن ڪهڙو قهر ڪيو آهي ۽ تڏهن انهن ئي وارن جي خاموش پر سچي عاشق سندس جدائيءَ ۾ جام جو سهارو ورتو هوندو ۽ انهن واسينگ وارن جي موت جو ٻڌي سندس ڏڪندڙ هٿن مان مڌ جو گلاس ڪري پيو هوندو ۽ هن جي چپن تي هي شعر اچي ويو هوندو ته:

جام مے پینے سے پہلے میرا جی چاہتا ہے
بکھری زلفوں کی گھٹاؤں سے لپٹ کر رولوں

تڏهن هن کي ياد اچي ويا هوندا ننڍپڻ جا اهي ڏينهن، جڏهن هو ڪنهن ڳالهه تي هن جا ڊگها وار پٽيندو هو ته هوءَ کانئس ناراض ٿي ويندي هئي. تڏهن هوءَ هن لاءِ اڃا وڌيڪ وڻندڙ ٿي پوندي هئي.
تڏهن پنهنجي ننڍپڻ جي دوست سان ٿيل اها وارن واري وارتا ياد ڪندي هن سوچيو هو ته شايد اهو بهتر ٿيو جو هن جا وار خوبصورت هئا،جيڪي سندس شڪي مزاج مڙس ڪٽي ڇڏيا، پر جيڪڏهن هن جون اکيون سهڻيون هجن ها ته شايد سندس شڪي مزاج سونهن جو دشمن مڙس سندس.....!! اهو سوچي هو ڏڪي ويو، هن جا هٿ پاڻمرادو سندس اکين ڏانهن کڄي ويا، جن مان ڳوڙها وهي رهيا هئا...!!!

ماضي اسان جو مقروض آهي

برٽش ڊراما نگار ”Henry Arthur Jones“ اسٽيج جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو هو. خاص طور تي سندس شهره آفاق ڊرامي ” The Silver King“ کيس شهرت جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو.
هينري آرٿر جونز به پنهنجي ماضيءَ جي ڪوهيڙي مان سندس سحر مان نڪري ڪونه سگهيو هو.
هڪ ڏينهن ڊراما آڊيٽوريم ۾ هڪ ڪرسي تي ويٺي ويٺي هن هڪ اونهو حسرت ڀريل ساهه کڻي مٿي نهار ڪندي خدا کي عرض ڪيو هو ته:
“O God put back they universe and give me yesterday.”
پر جڳ مشهور آمريڪي شاعر Carl Sandburg سندس ان دعا کي خام خيالي قرار ڏيندي مرڪي هي لفظ چيا هئا ته:
“I tell you the past is a bucket of Ashes.”
جڏهن ته حال هڪ حقيقت آهي، تيئن ئي ماضي به هڪ معتبر ۽ مؤثر وجود رکي ٿو. اهو ڪائنات جو اصول آهي ته مستقبل حال جو ويس ڍڪيندو رهي ٿو ۽ حال ماضيءَ جو صورت وٺندو رهي ٿو. ماڻهو ماضيءَ کي گذاري حال ۾ جيئڻ لڳندو آهي.
پر هر ماڻهو حال سان گڏ ڪونه هلندو آهي. اهي پنهنجي پاڻ کي ماضيءَ جي وادين ۾ وساري ايندا آهن. وقت جي ويرن ۾ لڙهندي لمندي اهي زماني سان گڏ زمان حال ۾ اچي ويندا آهن، پر سندن گهڻو ڪجهه پٺتي رهجي ويندو آهي. ڪجهه يادون هونديون آهن، جيڪي هو سنڀالي پاڻ سان گڏ کڻي حال ۾ هليا ويندا آهن. اهڙيون املهه يادون جن جي قيمت کي بيان ڪندي محسن نقوي چيو هو ته:
”تمہاری یاد بھی محسن کسی مفلس کی پونجی ہے،
جسے ہم ساتھ رکھتے ہیں، جسے ہم روز گنتے ہیں۔“

ڪنهن به مفلس لاءِ اهي انمول يادون ئي وڏو سرمايو هونديون آهن. پر اصل ۾ انهن کي مفلس ڪيئن ٿو مڃي سگهجي، جن جي هڙ ۾ انمول يادن جا ياقوت هجن اهي ڀلا مفلس ڪيئن ٿا ٿي سگهن. جن جي يادن جي نصيب ۾ نااميدي ناهي هوندي، يادن جا ياقوت سيني سان سانڍي سنڀالي رکڻ وارا شاهوڪار هجن ٿا پر اها شاهوڪاري غير مشروط ناهي هوندي. ان جي عيوض ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي.
ماضي سان جيڪڏهن اسين ڪجهه يادون پاڻ سان کڻي زندگي جي سفر ۾ اڳتي وڌندا آهيون ته ان جي عيوض ماضي اسان کان ڪي املهه ماڻڪ ماڻهو به ڦري وٺندو آهي ۽ انهن جي عيوض ئي يادون اسان جي جهوليءَ ۾ اڇلائيندو آهي، پر اهي يادون انهن ماڻهن جو مُلهه هرگز ناهن هونديون. اهو سراسر نقصان جو سودو هوندو آهي. هڪ اهڙو نقصان جنهن جو ازالو ممڪن ئي ناهي هوندو. ڪنهن شاعر چواڻي:

”جس کا ازالہ نہیں ممکن،
لوگ ایسے بھی ہم نے کھوئے ہیں۔“

ماضيءَ جي وادين ۾ اسين کوڙ سارا لمحا به وڃائي ايندا آهيون. اهي لمحا ڪڏهن به واپس وري ناهن سگهندا. بس انهن لمحن جي خوشبو هميشه اسان سان گڏ هوندي آهي. جيئن ماضيءَ جا خوشگوار لمحا، خوشگوار يادون ڪنهن خوشبو جيان اسان جي وجود کي واسي رکنديون آهن، تيئن ماضيءَ جا ڪربناڪ پل اسان جي وجود کي چڀندا رهندا آهن. جن جي ياد سان اسان جون اکيون آليون ٿي وينديون آهن. چپن جي چائنٺ تان مرڪن جا پوپٽ موڪلائي پري هليا ويندا آهن. اهڙن ئي دل آزاريندڙ لمحن جي ياد کي ذهن جي ڪينواس تان غائب ڪرڻ جي خيال سان ڪنهن شاعر اها دعا گهري هئي ته:
”یاد ماضی عذاب ہے یا رب،
چھین لے مجھ سے حافظہ میرا۔“

ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن به ٿيندو آهي ته اسان اهو فيصلو ڪري ناهيون سگهندا ته اسين پنهنجو پاڻ کي ماضيءَ جي وادين ۾ وساري ايندا آهيون يا ماضي اسان کي اسان کان ڦري وٺندو آهي.
ان هوندي به اسان ماضيءَ کي بهترين امين سمجهندي کيس گهڻو ڪجهه ارپي ايندا آهيون، پر ماضي سٺو امانتدار ثابت ناهي ٿيندو، هو اسان جي اميدن تي پورو ناهي لهندو. هو اسان جون امانتون مڪمل طور تي اسان جي حوالي ناهي ڪندو. پوءِ پوري زندگي اسان ماضيءَ کان امانتن جي واپسيءَ جي تقاضا ڪندا رهندا آهيون. تڏهن ماضي اسان کي ڪنهن مفڪر جي لفظن ۾ کتو جواب ڏيندو آهي ته:
“Yesterday is history, tomorrow is mystery, today is gift of God.”
اسان جو مقروض ماضي سج لٿي جو عڪس بڻجي ويل عورت کي سندس ڦوهه جواني واري اها سونهن، اها دلڪشي موٽائي ڏئي نه سگهندو آهي. جنهن جي سگهه سان اها عورت پنهنجي دور جا مير ماري چڪي هوندي آهي. نه ئي ماضي سندس چنبيلي جهڙن چپڙن تي موتئي جهڙي مرڪ موٽائي ڏئي سگهندو آهي. نه ئي سندس نيڻن جي اها ندي ٻيهر ٽمٽار ٿي سگهندي آهي، جنهن ۾ جهاتي پائڻ سان ئي ماهر تيراڪ به ٻڏي مرندا هئا. نه ئي ماضي وٽ اهڙا وسيلا موجود هوندا آهن جو هو سندس جسم جي اها بيهڪ واپس ورائي سگهي جنهن جي ڇڪ سان آسمان جا ستارا به هيٺ لهي اچڻ لاءِ آتا ٿي پوندا هئا، ۽ احمد فراز جهڙو شاعر هي سٽون سرجڻ تي مجبور ٿي پوندو هو ته:
”سناہے اس کے بدن کی تراش ایسی ہے،
کہ ستارے بام فلک سے اتر کے دیکھتے ہیں۔“

سندس اهي ڊگها ڪارا وار به ماضي موٽائي ڏئي سگهڻ کان لاچار هوندو آهي. جن جي ورن وڪڙن ۾ ڪيترائي رهبر به رستو ڀلجي.
”ناں خدا ہی ملا نا وصال “ جي تصوير بڻجي ويندا آهن. تڏهن ماضيءَ کان ڪنهن به قرض جي واپسيءَ جي طلبي جي تمنا رکڻ ڪنهن ديواني جي خواب جيان آهي. ڇو ته ڪائنات جي نظام ۾ ان جي ڪابه گنجائش موجود ڪونهي. ماضي فقط خاڪ جو هڪ ڍير آهي. هڪ اهڙو خاڪ جو ڍير جنهن کي جيترو به کوٽجي پر سواءِ خاڪ جي ڪجهه به هٿ ناهي ايندو.
جيڪي ماڻهو مڪمل طور تي ماضيءَ ۾ رهجي ويندا آهن. جن جو جسم ته حال جو حصو هوندو آهي. پر سندن روح ماضيءَ جي وادين منجهه رولاڪيون ڪندو رهندو آهي، سي به ماضيءَ کان ڪا وصولي ڪري ناهن سگهندا. تڏهن اسان پاڻ ئي پنهنجي دل کي هن دليل جي رانديڪي سان ريجهائيندي حال تي قناعت ڪرڻ جي نصيحت ڪندا آهيون ته:
“Live for today, not tomorrow get up,
get up and start living.”

بَڙ جي ڇانوَ جهڙا وجود

جيتوڻيڪ وقت جي پنهنجي هڪ مقرر ڪيل رفتار آهي ۽ هو ازل کان ان ئي رفتار سان گذرندو رهي ٿو. بس اهي انسان جا پنهنجا احساس ئي هوندا آهن جنهن پٽاندڙ هن کي ڪڏهن وقت پر لڳائي تيز رفتار سان اڏامندي محسوس ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري وقت هڪ هنڌ ڄمي بيٺل نظر ايندو آهي. جيئن ڪنهن دانشور ڏاڍي پُر مغز ڳالهه ڪئي هئي ته:
“In youth the days are short, and the years are long. In old age the years are short and the days long.”
”جواني ۾ ڏينهن ننڍا ۽ سال وڏا ٿيندا آهن، جڏهن ته پيريءَ ۾ سال ننڍا ۽ ڏينهن ڊگها ٿي وڃن ٿا.“
سچ آهي ته پيرسني انسان جي عمر جو اهو حصو هجي ٿي جنهن ۾ وقت جمود جو شڪار ٿي پوندو آهي. جنهن ۾ وقت گذري به ناهي گذرندو. جيتوڻيڪ عمر جي گذري ويل ڳچ حصي جيان هن حصي ۾ به سالن جو سَڳو سرندو رهندو آهي، وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهندو آهي، گهڙيءَ جو گهوڙو ڊوڙندو رهندو آهي. پر پوءِ به وقت ان ڪري بيٺل ڀاسندو آهي جو ان عمر ۾ ڪو ڪن ڏئي ٻڌڻ وارو ڪونه هوندو آهي. جيءُ ڪرڻ وارو ڪير به نه پر جهڻڪ ڏيڻ وارا گهڻا هوندا آهن. عمر وڌي ويندي آهي پر اهميت گهٽجي ويندي آهي. توجه ڏيڻ وارا گهٽ هوندا آهن، پر تنگ هرڪو اچي ويندو آهي.
اهي پيرسن جيڪي پنهنجي گهر ۽ ٻار وارا هجن ٿا انهن جي حيثيت گهر ۾ رکيل هڪ Extra کان وڌيڪ نه ٿي هجي. اهي پيرسن جيڪي لاوارث هجن ٿا، سي دنيا کي هڪ راهگذر سمجهي مجيد امجد جي هن شعر جا غماز بڻجي، هڪ سرد آه هڪ سڏڪو بڻجي وڃن ٿا ته:
”میں روز یہاں سے گذرتا ہوں کون دیکھتا ہے
میں کل جب یہاں سے نہ گذروں گا کون دیکھے گا۔“


پيرسن ماڻهن کي پينشن جيان زندگي به اڌ ۽ اڻ مڪمل ملي ٿي. جنهن مان ڪيترين ئي مراعاتن جي ڪٽوتي ڪري باقي بچيل ساهه پينشن طور کيس ملن ٿا. پيرسني انسان جي زندگيءَ جو اهو حصو آهي، جنهن ۾ زندگي ڄڻ ته بريڪ هڻي بيهي رهندي آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ Old Houses جو رواج مغرب جيان اڃا عام ڪونه ٿيو آهي، پر ان هوندي به هتي پوڙها پيءُ ماءُ ۽ پيرسن ماڻهو هڪ بار سمجهيا وڃن ٿا.
اشفاق احمد هڪ هنڌ لکيو هو ته ”مون هن کان پڇيو ته جواني ڀلي آهي يا پيري؟“ هن چيو، ”جوانن لاءِ پيري ۽ پوڙهن لاءِ جواني ڀلا آهي.“ مون چيو ”اهو وري ڪيئن؟“
هن وراڻيو، ”پوڙها جيڪڏهن جوان ٿي وڃن ته هو پنهنجون پهريون واريون غلطيون نه ورجائين ۽ جوان جيڪڏهن پوڙهن کي تجربي طور وٺن ته انهن جي جواني بي داغ ۽ بي عيب گذري.“
اها حقيقت آهي ته پيرسن ماڻهن جا وار اُس ۾ اڇا ڪيل ناهن هوندا. هنن جي اڇن وارن، چهري جي گهنجن ۽ ڏڪندڙ هٿن پٺيان هڪ دور جو درس هوندو آهي. جنهن منجهان نئون نسل چاهي ته گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو. اهي پيرسن، اها عمر جنهن جي تقدس، ادب ۽ احترام ۾”JosephCampbell“ چيو هو ته:
“As a white candle in a holy place so is the beauty of an aged face.”

مون هڪ هندي نظم پڙهيو هو ته هڪ گهر ۾ هڪ پوڙهي ماءُ ۽ سندس نوجوان پٽ ويٺا هئا، سامهون ڀت تي هڪ ڪانءَ به ويٺو هو. ماءُ پنهنجي پٽ کان پڇيو ”پٽ! هي ڇا آهي؟“ پٽ کيس وراڻيو، ”امان هي ڪانءُ آهي.“
ڪجهه دير کانپوءِ وري ماءُ پڇيس، ”ابا هي ڇا آهي؟“
پٽ جواب ڏنس ”امان هي ڪانءُ آهي.“
ٽيون ڀيرو وري ماءُ پڇيس، ”پٽ هي ڇا آهي؟“
پٽ وراڻيو، ”امان هي ڪانءُ آهي؟“
جڏهن ماءُ چوٿون دفعو پڇيس ته پٽ ڪاوڙ ۾ کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”ڪيترا دفعا ٻڌايو اٿمانءِ ته هي ڪانءُ آهي.“
ماءُ مرڪي چيس، ”پٽ جڏهن تون ننڍو هئين تڏهن هڪ ڀيري ائين ئي اچي ڪانءُ ويٺو هو ۽ تو مون کان چاليهه ڀيرا پڇيو هو ۽ مان چاليهه ئي ڀيرا تنهنجي پيشاني چمي توکي ٻڌايو هو ته ”پٽ هي ڪانءُ آهي.“
اهي جيڪي اسان کي جيءَ چئي جواب ڏيندا آهن، تن کي پيريءَ ۾ موٽ ۾ جهڻڪ ئي ملي ٿي. پهرين آڪٽوبر تي پوري دنيا ۾ گڏيل طور تي ”International Day of Older Persons“ ملهايو ويندو آهي، ته ڪو هڪ نه پر ڪيترائي پيرسن پنهنجي زندگيءَ بابت هن شعر جيان ضرور سوچيندا هوندا ته:
”دن کچھ ایسے گذارتا ہے کوئی
جیسے احسان اتارتا ہے کوئی۔“

انگريزيءَ جو هڪ نظم آهي ”خبطي پوڙهو“. جنهن ۾ هڪ اولڊ هائوس ۾ ترسيل هڪ پوڙهي هڪ نرس اڏو پنهنجي پيڙا ڪجهه هن ريت بيان ڪئي هئي ته:
”اي نرس! تون مون ڏانهن ڇا پئي ڏسين؟
تون ڇا پئي سوچين؟
هڪ خبطي پوڙهو جيڪو سياڻو ناهي
مان توکي ٻڌايان ٿو ته مان ڪير آهيان
ڪڏهن مان به ننڍو ٻار هئس
جڏهن مان سورنهن سالن جو ٿيس
ته مون کي پيار ٿي ويو
ويهن سالن ۾ مان گهوٽ بڻيس
چاليهن سالن جي عمر ۾
مان اولاد وارو ٿيس
جيڪا اولاد جوان ٿي مون کي ڇڏي وئي
هاڻي مان هڪ پوڙهو شخص آهيان
۽ فطرت ڏاڍي ظالم آهي
منهنجو جسم ڏڪندڙ آهي
دلڪشي ۽ طاقت موڪلائي وئي آهي
جنهن سيني ۾ ڪڏهن
دل ڌڙ ڪندي هئي
اتي هاڻي هڪ پٿر پيو آهي.“
پيري بڙ جي ڇانوَ جهڙي هوندي آهي. جيڪا اڃا به وقت گذرڻ سان گڏ گهاٽي ٿيندي ويندي آهي. پراڻو وڻ ۽ پيرسن شخص جنهن به گهر ۾ هوندا آهن اهو گهر ڪڏهن به نه ته موسمن ۽ حالتن جي تپش ۾ تپندو آهي نه ئي ڪڏهن هيڪلو ۽ هيڻو ٿيندو آهي. اهي ڀلي ڪجهه به نه ڪن پر انهن جي موجودگيءَ ئي وڏي معنيٰ رکندي آهي. انهن جو وجود ئي هڪ وڏي وٿ هوندو آهي.

وڍيل وڻ جو غم

هڪ انگريز شاعر کان جڏهن اهو روايتي سوال ڪيو ويو ته توهان جي پسند جو نظم ڪهڙو آهي؟ ته هن ڪجهه دير لاءِ پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون. ڄڻ دل جي ڊائريءَ مان پنهنجي پسند جا پنا اٿلائي رهيو هجي ۽ ڪجهه گهڙين جي سانت بعد هن جيڪو جواب ڏنو، اهو بلڪل به روايتي نه هو. هن چيو:
I think that I shall never see
A poem lovely as a tree
Poems are made by fools like me
But only God can make a tree

جيتوڻيڪ سچ هونئن ئي سندر هجي ٿو، پر هن شاعر جو چيل سچ ته سڀ کان سهڻو آهي، جو هن ڪهڙي ته ڪمال سان خدا جي ڪاريگريءَ کي ساراهيو آهي. واقعي به ڪائنات جا سمورا نظارا، جبلن، دريائن کان ويندي وڻن، ٻوٽن تائين اهڙا به عظيم شاهڪار آهن، جن جو ڪوبه بدل ڪونهي. دراصل فطرت اهو ڪتاب آهي، جنهن جي مصنف خود قدرت آهي ۽ اهي نظارا ان ڪتاب ۾ شامل سندس اهڙا ته لاجواب ۽ بي مثال نظم آهن، جيڪي صرف ۽ صرف هو پاڻ ئي سرجي سگهي ٿي.
انسانن جي شاعريءَ تي ٽيڪا ٽپڻي يعني وڍ ڪَٽ ته هونئن ئي هڪ ادبي عادت رهي آهي، جنهن کي ادبي زبان ۾ ”تنقيد نگاري“ ڪوٺجي ٿو. جنهن مطابق تخليقڪار جي اوجاڳن سان اڻيل ادبي پورهئي کي تنقيد نگار هڪ پل ۾ رد ڪري ڇڏيندا آهن. اهائي تنقيد نگاري يعني وڍ ڪَٽ اهڙي شاهڪار شاعريءَ سان به ٿئي ٿي، ڀلا وڻن کي وڍڻ وارا انهن پيارين نظمن جا نقاد ناهن ته ٻيو ڇا آهن؟!
سموري دنيا اندر قدرت جي انهن شاهپارن کي ڪاتن ڪهاڙن کان بچائڻ لاءِ اپاءُ ورتا پيا وڃن ۽ اهو سلسلو پياري پاڪستان ۾ به جاري آهي. ٿورڙا ئي ڏينهن ٿيندا جو لاڙڪاڻي جي ڪجهه نوجوانن ”ارٿ لورس“ نالي هڪ تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد به ماحوليات جو تحفظ يعني ڌرتيءَ کي وڻن، ٽڻن سان ٽمٽار ڪرڻ هو ۽ ان لاءِ هنن عملي طور تي مختلف هنڌن تي ڪافي نوان ٻوٽا به لڳايا پر انهن ئي ڏينهن ۾ لاڙڪاڻو انتظاميا به پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ جناح باغ جي سامهون مصروف ترين چؤڪ تي راهگيرن جي لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيل قديم نم جي وڻ کي اهو چئي وڍي ڇڏيو ته هي وڻ روڊ جي رونق ۾ رڪاوٽ آهي ۽ تمام افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ان سنگين ڪارروائي جو ڪنهن به ذري برابر به نوٽيس نه ورتو، نه مقتول وڻ جي سامهون روزانو ڪنهن نه ڪنهن اهم يا غير اهم معاملي تي بک هڙتالون ڪندڙن ڪو احتجاج ڪيو ۽ نه ئي تازو ماحوليات جي تحفظ لاءِ جڙيل مذڪوره تنظيم ئي ڪو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
ڪنهن مفڪر ڪهڙي نه سهڻي سٽ سرجي آهي ته ”ڪو به وڻ پنهنجي ميوي منجهان سڃاتو ويندو آهي.“ ان حوالي سان هي مقتول نم جو وڻ جيتوڻيڪ انساني پيٽ جي دوزخ کي ڀرڻ لاءِ ڪو مٺو ميوو ته نه ڏيندو هو پر سندس گهاٽين ٽارين مان ڇڻندڙ ڇانوَ لاڙڪاڻي جي لڱ ساڙيندڙ گرميءَ واري ماحول ۾ پگهر ۾ ٻڏل ماڻهن کي ڪجهه گهڙيون سڪون ضرور مهيا ڪندي هئي ۽ آسمان مان ايندڙ گرم هوا جڏهن نم جي گهاٽن پنن سان ٽڪرائجي وڻ جي هيٺان بيٺلن / ويٺلن جي جسم کي ڇهندي هئي ته ماڻهن جي ذهن ۾ اهو خيال ضرور ايندو هو ته جديد دؤر جي سائنسدانن جي ذهن ۾ ايئر ڪنڊيشنر جو تصور پڪ سان نم جي وڻ هيٺان اهڙي ئي هوا جهٽڻ کان پوءِ آيو هوندو ته ڪا اهڙي مشين ايجاد ڪجي، جيڪا ههڙي هانءُ ٺاريندڙ هوا ڏئي سگهي. نم جي وڻ جي اهڙي ئي خدمت تي مسز ايلسا قاضي هي امر نظم لکيو هو ته:

My lovely Neem
scorching beam that intercepts sun
Yet bears the heat all day
refreshing spray without the rain
woe always the wanderer thou charm
With soothing shade
ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن پوري دنيا ۾ وڻڪاريءَ جي ضرورت تي ايترو زور ڏنو ٿو وڃي. هنڌ هنڌ نوان ٻوٽا لڳايا ٿا وڃن، اتي اهڙو قديم وڻ جيڪو سڄي چؤڪ جي سونهن هجي، ڇپر ڇانوَ هجي، وڍڻ جو مقصد به اهو ئي ٿي سگهي ٿو. جيڪو عام شهرين سمجهيو آهي ته انتظاميا پاران اهو قتل رڳو وڻ جي اوٽ ۾ بيٺل ڪجهه دڪانن جي Commercial Value وڌائڻ لاءِ ڪيو ويو.
وڻ ته اسان سڀني جا محسن هجن ٿا، جيڪي بنا ڪنهن فرق جي، بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي سڀني کي ... ڇانوَ پيش ڪندا آهن. وڻ اسان جا اهڙا ته بي لوث خدمتگار هجن ٿا جو بنگال جي عظيم شاعر رابندر ناٿ هڪ دفعي چئي ڏنو هو ته ”ميوي جي خدمت ڏاڍي قيمتي آهي ۽ گل جي خدمت خوشبودار، پر مان خدمت وڻ جي پنن جيان ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي ٻين کي ڇانوَ پيش ڪري، پاڻ سج جي تپش ۾ سڙندا هئا.“
ان ڪري اهو اسان تي لازم ٿئي ٿو ته وڻن کي وڍجندو ڏسي سرد مهريءَ جو مظاهرو نه ڪريون. ائين ... اسان ان قتل جي ڏوهه ۾ ڄڻ ته برابر جا شريڪ بڻجون ٿا ۽ مسئلو هڪ وڻ جو ناهي مسئلو ته مڙني جو آهي ۽ اها بقا جي جنگ اسان کي ئي وڙهڻي پوندي.

زندگي ڇيڳري ڇوڪري ناهي

جڳ مشهور فرانسيسي سپهه سالار نپولين بونا پارٽ جنهن جي کاتي ۾ ڪيتريون ئي ڪامياب جنگيون آهن. ان کان جڏهن ”زندگيءَ جي جنگ“ يعني جيئڻ جا جتن ڪرڻ جي حوالي سان سوال ڪيو ويو ته نپولين ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي وراڻيو هو ته:
“It is require more courage to suffer than to die.”
پوءِ اهو مغربي معاشرو هجي يا مشرقي، سڀني سماجن نپولين جي ڳالهه کي صحيح ثابت پئي ڪيو آهي.
مرڻ کان وڌيڪ همٿ ۽ جرائت جيئڻ لاءِ ئي گهربل هجي ٿي.
پري وڃڻ جي ضرورت ناهي. اسان رڳو پنهنجي سنڌي سماج تي ئي نظر وجهون ته محسوس ٿي ويندو ته اسان زندگيءَ کي پرينءَ جا زلف نه پر زندان جو زنجير بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي آهي. زندگي ساهه منجهائيندڙ ڪال ڪوٺڙي بڻجي وئي آهي.
قديم زماني ۾ ائين هوندو هو ته اهي پيرسن جيڪي انڊلٺي رنگن سان ٽمٽار زندگي گذاري چڪا هوندا هئا، هر خواب جي تعبير پسي چڪا هوندا هئا، اهي زندگي مان ڍاپجي ويندا هئا ۽ موت جو ٻئي ٻانهون کولي استقبال ڪرڻ جا تمنائي هوندا هئا، پر نوجوانن کي زندگيءَ سان پيار هوندو هو. هنن ۾ اڃا جيئڻ جي جوت هوندي هئي، پر هاڻي ائين ڇو ناهي هاڻي سنڌ جي جواني، اها به پڙهيل لکيل جواني زندگيءَ جي رنگن کي رد ڪري موت جو ڪارو اونداهو رنگ ڇو ٿي پهرڻ چاهي؟ هي خودڪشيون ايتريون عام ڇو ٿي ويون آهن؟
”زندگی جب سمجھ میں آنے لگتی ہے
تو ختم ہونے لگتی ہے۔“

ڪنهن ڏاهي چيو هو ته ”آتم هتيائون دراصل اڻ سڌي طرح ٿيندڙ قتل آهن.“ اسان جا رويا قاتل آهن، اسان جا قدر قاتل بڻجي ويا آهن. سماج جي اهڙي ئي رويي تي دلبرداشته ٿي ساغر صديقي جهڙي درويش صفت شاعر به هي چئي ڏنو هو ته:
”پھر نہ مانگیں گے زندگی یا رب
یہ گناہ ہم نے ایک بار کیا۔“

ڪنهن غريباڻي گهر ۾ ڪا ناري گهريلو پريشانين کان، روين کان تنگ اچي پکي ۾ ٽنگجي پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ٿي، ڪا شاگردياڻي، استادن، انتظاميه جي روين کان دلبرداشته ٿي پنهنجون رڳون ڪٽي آپگهات جو عمل ڪري ٿي. ڪا ناري جيت مار دوا پي پنهنجو انت آڻي ٿي، ڪو نوجوان وچ چوڪ تي بيهي پاڻ تي پئٽرول هاري پاڻ کي باهه ڏئي ٿو ڇڏي، ڪو شخص زندگيءَ جا سڀ دروازا بند ڏسي پستول لوندڙي تي رکي ٽريگر دٻائي هڪ گولي سان ساهه جي پکيءَ کي اڏائي ٿو ڇڏي... مطلب ته خودڪشي ڪهڙي به طريقي سان ڪئي وڃي ٿي، سبب ان جو اسان جا رويا ئي هجن ٿا جن جي ڪري اهڙي دلفريب زندگي جو خاتمو ماڻهو پاڻ ئي آڻي ٿو ڇڏي. حسن درس لکيو هو ته:
”زندگي ڀلي اهڙي، ٽُڪ تي رليءَ جهڙي
مان وڇايان تون نه ويهين ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان.“

ٽُڪ جي رليءَ جهڙي سهڻي زندگيءَ تي جڏهن خوشيون نه ٿيون اچي ويهن تڏهن ماڻهو مايوس ٿي اها رلي ويڙهي ڇڏي ٿو.
زخم جو ناسور ٿيڻ کان اڳ علاج ٿيڻ هاڻي انتهائي ضروري ٿي پيو آهي. اهي رويا، جيڪي اڄ تائين رڳو عام دنياوي وهنوار تي اثر انداز ٿي ماڻهو کي پاڻ مارڻ ت يمجبور ڪندا هئا، سي هاڻي درسگاهن ۾ داخل ٿي چڪا آهن، تن کي روڪڻ جي ضرورت اهي. اهڙي حڪمت عملي جوڙي تعليمي ادارن ۾ رائج ڪئي وڃي جيئن سنڌ جي نوجوان نسل کي زندگي ڪا ڇيڳري ڇوڪري نه پر پرستان جي پري لڳڻ لڳي، جنهن کي ماڻڻ لاءِ هر جتن ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان تعليمي ادارن ۾ نصاب طور نوجوانن کي هر حال ۾ هر ماحول ۾ جيئڻ ۽ مضبوط شخصيت بڻجڻ جي به تعليم ملڻ گهرجي، جيئن ڪابه صورتحال، ڪوبه رويو، ڪوبه جبر ڪابه زيادتي هنن کي زندگيءَ کان بيزار نه ڪري سگهي.
”ہمارے لہجے میں توازن بڑی صعوبت کے بعد آیا
کئی مزاجوں کے دشت دیکھے،
کئی رویوں کی خاک چھانی۔“
سو اهي صعوبتون، اهي مصيبتون، اهي پريشانيون اسان جي زندگي ۾ اينديون آهن اسان کي زندگي سان روشناس ڪرائڻ لاءِ، انهن جي اچڻ سان اسان جي زندگيءَ ۾، طور طريقي ۾، لهجي ۾، رويي ۾ توازن پيدا ٿيڻ گهرجي، نه ڪي توازن بگڙجڻ گهرجي.

هڪ مهم جوءِ جي سفاڪي

جيتوڻيڪ دنيا کيس هڪ عظيم جھاز ران طور تسليم ڪري ٿي. هن جنھن جمھوريه جينيوا ۾ جنم ورتو ۽ جمھوريه جينيوا جو شھري هوندي به کيس اسپين جي ڪيٿولڪ بادشاھن جي خاص سرپرستي حاصل هئي جن جي سرپرستي ۾ هن بحريه اوقيانوس جي پار چار بحري سفر مڪمل ڪيا. نئين دنيا ۾ نئين آبادين ۽ مھم جوئي لاءِ سندس ڪوششون ساراھ جوڳيون آھن، هو هڪ ڪامياب ۽ جاکوڙي سياح ضرور هيو پر سندس شخصيت ٻيو پاسو هڪ ظالم ۽ احسان فراموش شخص وارو هيو۔جنھن جي ڪيترن ئي مٽالن مان هڪ مثال هي به آھي ته هو هڪ سفر تي پنھنجن ساٿين سميت نڪتل هيو ته Bahamas جزيري ۾ پھچي جڏھن سندس بحري جھاز سان حادثو پيش آيو ته اتان جي مقامي آبادي جا ماڻھو ترت بحري جھاز جي مسافرن جي مدد لاءِ پھچي ويا ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن جي محنت سان جھاز جي مسافرن توڙي سندن سامان کي بچائي ورتو. پر هن سندن احسان مند هئڻ بدران انھن محسنن کي غلام بنائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته انھن کي غلام بڻائي کانئن ڪوبه ڪم وٺي سگھجي ٿو ڇو ته هي اهڙا سادا ماڻھو آھن جيڪي ڪنھن به قسم جي مزاحمت نه ٿا ڪري سگھن۔ ايتري قدر جو هن انھن کي آدم خور قرار ڏيندي سندن خلاف گھڻو ئي زهر اوڳاڇيو.
اسپين جي هڪ بادشاھ ۽ سندس راڻي کي سون جو خزانو ڏيڻ جو واعدو ڪري انھن اسپيني آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ھن سفاڪي جي تاريخ رقم ڪندي هزارين مقامي باشندن کان حياتيون کسي ورتيون.
اهو ڪرسٽوفر ڪولمبس هيو جنھن کي جيتوڻيڪ آمريڪا دريافت ڪندڙ مڃيو وڃي ٿو پر ان تي به تاريخ ۾ اختلاف موجود آھن جيڪو هڪ الڳ بحث آھي.
**

تاثر : ايوب گُل

لاڙڪاڻي آئون زندگيءَ ۾ ڪي چار پنج دفعا ويو هوندس پر منهنجي يارن جي لسٽ ۾ گهڻائي لاڙڪاڻي وارن جي آھي! سڪندر عباسي به لاڙڪاڻي جو آھي پر هُن جي اٿي ويٺي، شخصيت ۽ مزاج مان ڪير اهو اندازو نه لڳائي سگهندو! سندس مزاج جي نفاست ۽ نهٺائي اهڙي آھي ڄڻ لاڙ يا ٿر جو ڪو شاهه سائين جو حافظ ھجي! هُو پنهنجي ذات ۽ تخليق ۾ بلڪل هڪجيترو سٻاجهو آھي! ڪي ٽي اين ۾ اسڪرپٽ ايڊيٽر هئس تڏهن اسان جي ملاقات ٿي ۽ پهرين ملاقات ئي گهاٽي دوستي ۾ بدلجي وئي. جيڪو سڪندر عباسي جي مزاج جو ڪمال آھي جو مون جهڙي اڍنگي ماڻھو کي هڪ ئي ملاقات ۾ هُن پنهنجي دوستيءَ جي ڍنگ ۾ آڻي ڇڏيو! بهرحال انهي عرصي دوران مون کان ڪيئي ڀيرا ڪوتاهيون ٿيون هونديون پر هُن ڪڏهن مُنهن ۾ سَرُ ڪونه وڌو!

”ڪڏهن ڪوسا ڪين ٿيا ڏوراپو ڏيئي!
ساڄن سڀيئي. ڍڪيم ڍول ڍِلايون“

سڪندر عباسي ڊراما نگار آھي. ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس ۽ شاعر آھي. مون سندس ڊراما گهڻا پڙھيا آھن، جن جي هر ڪردار ۾ ھُو هڪ مڪمل آرٽسٽ طور پاڻ شامل ملندو آھي. سندس شاعري ۾ گلزار واري نفاست آھي، ۽ سندس هر اخباري ڪالم نج احساساتي هوندو آھي، پر هِن ڪتاب ۾ شامل لکڻين ۾ مونکي هڪ ٻيو سڪندر عباسي مليو. جيڪو محقق به آھي. هُن کي پنهنجي ڪم سان جيترو عشق آھي ايترو ئي هُو پاڻ منهنجو محبوب آھي! مونکي يقين آھي ته هي ڪتاب جيتري محبت سان لکيو ويو آھي ان کان وڌيڪ محبت سان پڙھيو به ويندو!

ايوب گل
سانگهڙ
12.11.2020