
سنڌ جي درٻار
هن ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيمس برنس هي ڪتاب خاص انھيءَ مقصد سان لکيو هو تہ پنهنجن بالا عملدارن (انگريز حاڪمن) کي سنڌ بابت معلومات ڏئي. سنڌ تنھن زماني ۾ اڃا انگريزن جي قبضي هيٺ نہ آئي هئي .ان ڪري ان تي حملي ڪرڻ کان اڳ هنن کي سنڌ ملڪ بابت هر قسم جي معلومات گهربل هئي، جيئن تہ جيمس برنس کي پنهنجي بالا عملدارن جي خوشنودي درڪار هئي، ان ڪري سنڌ جي ٽالپر حاڪمن ڏانھن سندس رخ همدرديءَ وارو نہ هو. ڪتاب ۾ سنڌ جي درٻار :تمهيدي خط ،سنڌ جي درٻار جو احوال، سڪندر جي رستي تي تبصرو، ڪڇ جي تاريخ، انگريزن جي اچڻ کان اڳ ڪڇ جي مختصر تاريخ جو تمهيدي احوال، انگريزن جي لاڳاپي جي شروعات کان وٺي 1816ع جي عهدنامي تائين، 1816ع جي عهدنامي کان وٺي 1819ع جي عهدنامي تائين ۽ ڀڄ جو احوال شامل آھن. .