ڏاهپ / اخلاقيات

ڏاھيون ڏک ڏسن

سقراط پنھنجي گھر ٻار، خاندان جي سک چين کان بي نياز رستي ويندي ھر نوجوان کي پڪڙي ساڻس علم، فلسفي، ادب، تاريخ ، سياست، سچ ۽ ڪوڙ جي نظرين تي بحث ڪندو ھو. ھن جي ارد گرد پڙھيل امير زادن جو گهيرو رھندو ھو. ڪي کيس پنھنجي بيٺڪ تي دعوت ڏئي سڏائيندا ھئا ۽ ڪي وچ بازار ۾ بيٺي ساڻس مناظرو ڪندا ھئا. تقريبن چوويھه سئو سال گذري چڪا آھن پر سقراط جي يونان جي چڱن مڙسن آڏو ھيءَ دانھن، ھيءَ تقرير، ھيءَ شڪايت ۽ پنھنجي ويچارن کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ پيش ڪرڻ لاءِ وڪالت اڄ جي دور ۾ بہ ھڪ پڙاڏو آھي

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 11
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سقراط
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڏاھيون ڏک ڏسن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران يونان جي مشھور فيلسوف ۽ ڏاھي سقراط جي قولن، حڪايتن ۽ ڏاھپ ڀريل ڳالھين تي مشتمل ڪتاب ”ڏاھيون ڏک ڏسن“ اوھان اڳيان پيش آھي. سقراط پاڻ ڪجهہ بہ نہ لکيو پر سندس شاگرد افلاطون سندس ڳالھيون لکي پيش ڪيون. ھن ڪتاب جو سنڌيڪار ڊاڪٽر گُل آھي.
سقراط پنھنجي گھر ٻار، خاندان جي سک چين کان بي نياز رستي ويندي ھر نوجوان کي پڪڙي ساڻس علم، فلسفي، ادب، تاريخ ، سياست، سچ ۽ ڪوڙ جي نظرين تي بحث ڪندو ھو. ھن جي ارد گرد پڙھيل امير زادن جو گهيرو رھندو ھو. ڪي کيس پنھنجي بيٺڪ تي دعوت ڏئي سڏائيندا ھئا ۽ ڪي وچ بازار ۾ بيٺي ساڻس مناظرو ڪندا ھئا. تقريبن چوويھه سئو سال گذري چڪا آھن پر سقراط جي يونان جي چڱن مڙسن آڏو ھيءَ دانھن، ھيءَ تقرير، ھيءَ شڪايت ۽ پنھنجي ويچارن کي بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ پيش ڪرڻ لاءِ وڪالت اڄ جي دور ۾ بہ ھڪ پڙاڏو آھي
ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 2003ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي