تصوف

عشق بي حجاب

ھي ڪتاب صوفياڻي ۽ مجازي شاعريءَ تي مشتمل ڪلام جو مجموعو آھي. ھيءَ شاعري پڙھڻ کانپوءِ پيو پوي ٿو تہ ھن فقير کي بہ برھہ جي باز جهڙپ ڏئي، جهٽي دلڙي چنبن ۾ چائي انھيءَ کي اونھي ملڪ جي اسرارن جو مشاھدو پئي ڪرايو آھي. 

Title Cover of book عشق بي حجاب

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران صوفي شاعر ”سڪايل“   فقير غلام قاسم ڏاھريءَ جي ڪلام تي ٻڌل ڪتاب ” عشق بي حجاب“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھن ڪتاب جو مرتب  ڪندڙ علي نواز ڏاھري آھي.
ھي ڪتاب صوفياڻي ۽ مجازي شاعريءَ تي مشتمل ڪلام جو مجموعو آھي. ھيءَ شاعري پڙھڻ کانپوءِ پيو پوي ٿو تہ ھن فقير کي بہ برھہ جي باز جهڙپ ڏئي، جهٽي دلڙي چنبن ۾ چائي انھيءَ کي اونھي ملڪ جي اسرارن جو مشاھدو پئي ڪرايو آھي. 
هي ڪتاب 2018ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ پاران ڪنول پبليڪيشن  وٽان ڇپايو ويو.  ٿورائتا آھيون علي نواز ڏاھريءَ جا جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com