هڪ حساس ڪوتاڪار جي روپ ۾ رحيمداد جوڳيءَ جا سڏ پڙاڏا ان وقت احساسن جي صليب ڀاسين ٿا جڏهن سندس قلم جي جنبش ڪاغذي ڪئنواس تي پنھنجا رنگ ڇڏي هر پڙهندڙ اکڙين ۾ گهر ڪرڻ لڳن ٿيون، سونھن، سڪ، پرت، پيار، وڍ، وڇوڙا، موھ، ميلاپ، چاھ ۽ چاشني جي من کي ڇھندڙ احساساتي لمس يا تڙپ هن ڪتاب ۾ شامل هر نثري نظم جي ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ ۾ ليئاڪا پائيندي نظر ايندي. ڪوتاڪاڪ جي رمتي جوڳيءَ رحيمداد جوڳيءَ جا نثري نظم سندس اندر جو اهڙو آئينو آهن، جن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي اسان پنهنجو اولڙو بہ پسيون ٿا تہ معاشرتي منفي ۽ مثبت پھلوئن کي ڳولي بہ لھون ٿا.
شاعري
صحرا جي ڀاڪُر ۾
- 0/5.0
- 5
- 1
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صحرا جي ڀاڪر ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري شاعر رحيمداد جوڳيءَ جي نثري نظمن جو مجموعو آھي.
هڪ حساس ڪوتاڪار جي روپ ۾ رحيمداد جوڳيءَ جا سڏ پڙاڏا ان وقت احساسن جي صليب ڀاسين ٿا جڏهن سندس قلم جي جنبش ڪاغذي ڪئنواس تي پنھنجا رنگ ڇڏي هر پڙهندڙ اکڙين ۾ گهر ڪرڻ لڳن ٿيون، سونھن، سڪ، پرت، پيار، وڍ، وڇوڙا، موھ، ميلاپ، چاھ ۽ چاشني جي من کي ڇھندڙ احساساتي لمس يا تڙپ هن ڪتاب ۾ شامل هر نثري نظم جي ڪنھن نہ ڪنھن ڪنڊ ۾ ليئاڪا پائيندي نظر ايندي. ڪوتاڪاڪ جي رمتي جوڳيءَ رحيمداد جوڳيءَ جا نثري نظم سندس اندر جو اهڙو آئينو آهن، جن ۾ ڪٿي نہ ڪٿي اسان پنهنجو اولڙو بہ پسيون ٿا تہ معاشرتي منفي ۽ مثبت پھلوئن کي ڳولي بہ لھون ٿا.
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. مھرباني يوسف جميل لغاريءَ جي جنھن ڪتاب سنڌ سلامت لاءِ ايميل ڪيو. مھربانيون رحيمداد جوڳيءَ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ رحيم داد جوڳي
- ڇپيو ويو 2021
- ڇپائيندڙ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 24/Jun/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 1 ڀيرا