ناول

کاهوڙي کجن

ڪامريڊ ساقيءَ جو ناوليٽ ”کاهوڙي کِجن“ هڪ اهڙي انقلابيءَ جي ڪٿا آهي، جيڪو پنھنجي وطن ۽ ديس واسين جي نجات لاءِ جدوجھد ڪري ٿو، ظلم آڏو جهڪي نٿو ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ لاءِ انقلابي طريقو اپنائيندي روپوشي واري زندگي گذاري ٿو. ڪامريڊ ڄام ساقي ناول ۾ روپوشي واري زندگي گذاريندڙ مرڪزي ڪردار جانب عليءَ جي ڪَٿا، اهڙيءَ ريت چِٽي آهي، جو ائين محسوس ٿئي ٿو تہ اهو انقلابي ڄڻ ڪامريڊ ساقي پاڻ هجي. هي ناوليٽ، ڪو تصوراتي ناوليٽ ڪونھي. هي هڪڙي سياسي دور جي ڪَٿا آهي، جڏهن آواز تي پابندي هئي، ان جي باوجود سرخ سويرن ڏانهن سفر ڪندڙ مسافر اٽل ارادن ۽ سچائين سان اڳتي وِکون کڻي رهيا هئا. 

  • 4.5/5.0
  • 8
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book کاهوڙي کجن

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سياستدان ۽ اديب ڄام ساقيءَ جو لکيل ناوليٽ ”کاھوڙي کِجن“ اوهان اڳيان پيش آهي.
ڪامريڊ ساقيءَ جو ناوليٽ ”کاهوڙي کِجن“ هڪ اهڙي انقلابيءَ جي ڪٿا آهي، جيڪو پنھنجي وطن ۽ ديس واسين جي نجات لاءِ جدوجھد ڪري ٿو، ظلم آڏو جهڪي نٿو ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ لاءِ انقلابي طريقو اپنائيندي روپوشي واري زندگي گذاري ٿو. ڪامريڊ ڄام ساقي ناول ۾ روپوشي واري زندگي گذاريندڙ مرڪزي ڪردار جانب عليءَ جي ڪَٿا، اهڙيءَ ريت چِٽي آهي، جو ائين محسوس ٿئي ٿو تہ اهو انقلابي ڄڻ ڪامريڊ ساقي پاڻ هجي. هي ناوليٽ، ڪو تصوراتي ناوليٽ ڪونھي. هي هڪڙي سياسي دور جي ڪَٿا آهي، جڏهن آواز تي پابندي هئي، ان جي باوجود سرخ سويرن ڏانهن سفر ڪندڙ مسافر اٽل ارادن ۽ سچائين سان اڳتي وِکون کڻي رهيا هئا. 
ھن ناوليٽ جو پھريون ڇاپو 1973ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 2018ع ۾ پارڪر پبليڪيشن آڌيگام _ ٿرپارڪر پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون پارڪر پبليڪيشن جي سرواڻ ايشور لال سوجاڻيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي ۽ مھربانيون ڀيڻ بختاور ڄام جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: کاهوڙي کجن
موضوع: ناوليٽ
ليکڪ: ڄام ساقي
ڇاپو پهريون: 1973ع
ڇاپو ٻيو: 1985ع
ڇاپو ٽيون: 2018ع
ڪمپوزنگ: ارجن ڪمار
ڇپيندڙ: پارڪر پبليڪيشن آڌيگام_ٿرپارڪر
03333897754
قيمت: 160 روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

هر انھيءَ فرد جي نالي،
جيڪو تاريخ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري.



کاهوڙي کِجن، پسيو پورهيت ويسرا،
ڏوٿيئڙا ڏور ويا، رُڃن منجهه رهن،
ڪا مُل آهي تن، مون پريان جي ڳالھڙي.

(شاهه لطيف)

پبلشر نوٽ

اها ڳالهه آئون پنهنجي ڪيترين تحريرن ۾ لکي چڪو آهيان ته مون کي حقيقي علم، عقل ۽ جدوجهد جون راهون ڏيکاريندڙ شخص، منهنجو پيارو دوست ڪامريڊ سليم جمالي آهي. هن ئي شخص مون کي ساهت واري شاهراهه تي سفر ڪرڻ سيکاريو آهي. هاڻي ته هن شاهراهه تي پنڌ ڪرڻ ۾ ايڏو سڪون ملندو آهي، جو هر وقت دل ۾ اها آنڌ مانڌ هوندي آهي ته ڊگهي رڃ ۽ سڃ ۾ وڪوڙيل سماج ۾ ڪا ڪُوڪ ڪجي، جيڪا صحرا تي پهرين وسڪاري جيان هجي.
انهيءَ حوالي سان مون ۽ منهنجي آدرشي ساٿين پارڪر پبليڪيشن جوڙي ۽ سڀ کان پهرين سنڌ جي سهڻي آرٽسٽ حسن درس کي درٻارين ۽ مجاورن کان بچائي، ان جي روشن خيال فڪر سان سينگاريل شاعريءَ کي سنڌي عوام تائين پهچايو.
پارڪر پبليڪيشن پاران شايع ٿيل ڪتاب ”ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ هڪڙي اهڙي حسن درس جي سڃاڻپ آهي، جيڪو ڪاڪ ڪويتا جو راڻو آهي، جيڪو اونداهين سان الجهي ۽ اٽڪي ٿو، جيڪو آواره گرد آدمي بڻجي ڪانڊيري ۽ پريمو ڪولهي سان ڪچهريون ڪري ٿو، جيڪو وهيءَ کي وهاڻو ڏيڻ لاءِ عشق ڪري ٿو، جيڪو کل جهڙا پيار ڪري ٿو، سمنڊ سان سندس پراڻي ياري آهي، جيڪو آبشارن جي ڪنارن تي ويهي، پوري ڪائنات جو حُسن ڏسي ٿو، پوءِ ڪينواس تي چٽي ٿو. جنهن وٽ سنڌ پرين جو پاڇو آهي ۽ ڪراچي سج آهي.
اهڙي ريت آواره گرد حسن کي جڏهن اسان هڪڙي مخصوص ٽولي کان بچائي، نوجوان نسل حوالي ڪيو ته ڪجهه هُل برپا ٿيو، پر هن هُل کي نظرانداز ڪندي، اسان دوستن پارڪر پبليڪيشن جي پليٽ فارم تان هڪڙو ٻيو انقلابي قدم کنيو هو. اسان سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست جي انتهائي متحرڪ انقلابي ڪردار ڪامريڊ ڄام ساقي، جيڪو نئين نسل کان مڪمل طور وسري ويو هو، ان ڪامريڊ ساقي کي ”ضمير جو قيدي“ نالي ڪتاب ذريعي هڪڙو ڀرپور ٽربيُوٽ پيش ڪيو هو. هن ڀيٽا کان پوءِ ڪامريڊ جي چپن تي مرڪون موٽي آيون هيون ۽ هو سُرخ گلاب جيان سنڌ جي فضائن ۾ ٽڙڻ لڳو هو. . . .
ڀلي ڪو ”شخص“ ڇا به چوي، پر اها حقيقت روشن سج جيان چٽي آهي ته پارڪر پبليڪيشن پاران ڪامريڊ سليم جمالي جو ڪتاب ”ضمير جو قيدي“ هڪڙي وڃائجي ويل انقلابي سان ملاقات هئي. هڪ اهڙي ملاقات، جنهن ۾ سنديون کامڻ خبرون مليون، جنهن ۾ وڃائجي ويل ماضي مليو، جنهن ۾ انقلابي خوشبو ملي ۽ ان سان گڏوگڏ ڪيترائي زرد چهرا ۽ سوال مليا، جن تي وڏي عرصي تائين بحث مباحثا ٿيندا رهندا. سچ پڇيو ته عقيده پرست ۽ تنگ نظر معاشري ۾ ڪامريڊ سليم جمالي جو ڪتاب ”ضمير جو قيدي“ مزاحمتي ادب ۾ هڪ شاندار اضافو هو، جنهن مون جهڙن ڪيترن ڄڀ ڪپيل سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن کي ڳالهائڻ لاءِ زبانون ڏنيون، اظهار لاءِ لفظ ڏنا ۽ سوچڻ لاءِ گس ڏنا هئا.
گذريل هفتي پارڪر پبليڪيشن سٿ ٻيهر فيصلو ڪيو ته ڪامريڊ ساقي جي وڇوڙي کان پوءِ ٻيهر ضمير جي قيدي کي هڪ اهڙي ڀيٽا پيش ڪجي، جيڪا انقلابي لاڀ ڏيندڙ هجي. انهي حوالي سان اسان پورهيت ساٿين فيصلو ڪيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جو ناوليٽ ”کاهوڙي کجن“ جو ٽيون ايڊيشن ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آڻيون، ته جيئن خاص طور تي اڄ جو نوجوان ڪامريڊ جي تخليقي پورهئي مان به فيضياب ٿئي.
ڪامريڊ ساقي جو ناوليٽ ”کاهوڙي کجن“ هڪ اهڙي انقلابي جي ڪٿا آهي، جيڪو پنهنجي وطن ۽ ديس واسين جي نجات لاءِ جدوجهد ڪري ٿو، ظلم آڏو جهڪي نٿو ۽ جدوجهد کي جاري رکڻ لاءِ انقلابي طريقو اپنائيندي روپوشي واري زندگي گذاري ٿو. ڪامريڊ ڄام ساقي ناول ۾ روپوشي واري زندگي گذاريندڙ مرڪزي ڪردار جانب علي جي ڪٿا، اهڙي ريت چٽي آهي، جو مون کي ائين محسوس ٿيو ته اهو انقلابي ڄڻ ڪامريڊ ساقي پاڻ هجي. اها ڳالهه مون ڪامريڊ سليم کان به پڇي هئي ته، ”ڪامريڊ! مون کي ناول جو مرڪزي ڪردار، ڄڻ ڪامريڊ پاڻ پيو محسوس ٿئي!؟“
منهنجي هن سوال تي ڪامريڊ جمالي ڏاڍو سهڻو جواب ڏنو هو ته، ”هر تخليقڪار وٽ ڊگهيون داخلي ۽ خارجي ڪيفيتون، اُمنگون ۽ مشاهدا هوندا آهن. سو ٿي سگهي ٿو ته ڪي قصا ڪامريڊ ڄام جي شخصيت سان لاڳاپيل هجن، ڪي ٻين ڪارڪنن جون ڪٿائون هجن ۽ انهن سمورن ڇڙ وڇڙ ڪٿائن کي جوڙي، ڪامريڊ ناوليٽ جو روپ ڏنو هو.“
خير، ڄام ساقي جو هي ناوليٽ، ڪو تصوراتي ناوليٽ ڪونهي. هي هڪڙي سياسي دور جي ڪٿا آهي، جڏهن آواز تي پابندي هئي، ان جي باوجود سرخ سويرن ڏانهن سفر ڪندڙ مسافر اٽل ارادن ۽ سچائين سان اڳتي وکون کڻي رهيا هئا.
بهرحال آئون سرهائيءَ محسوس ڪري رهيو آهيان ته اسان جو پورهيت ادارو هڪڙي ڪتاب ذريعي خاص ڪري نوجوان نسل کي هڪ اهڙي دور سان ملاقات ڪرائڻ وڃي رهيو آهي، جنهن تي اسان پورهيت فخر ڪري سگهون ٿا. آخر ۾ آئون فقط ايترو چوندس ته مون کي پڪ آهي ته ”پارڪر پبليڪيشن“ جو هي ڪتاب ”کاهوڙي کجن“ به توهان دوستن کي ضرور پسند ايندو ۽ ان سان گڏوگڏ آئون پنهنجي سٿ جي سمورن سڄڻن جو ٿورائتو آهيان، جن هن انقلابيءَ ۽ علمي ڪم لاءِ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو.


ايشور لال سُوجاڻي
آڌيگام_ ٿرپارڪر
0333-3897754
10 جولاءِ 2018ع

هڪڙي روپوش کاهوڙيءَ سان ملاقات

20هين صدي!!
جنگ، جدل، جدوجهد، فتح، مايوسيون، ناڪاميون، گوڙ گهمسان واري صدي. هن صدي جي نقشي کي اڄ جو نوجوان گوگل واري اک سان ڏسندو، ته جتي کيس دنيا ڌوڏيندڙ عظيم انقلابي ليڊرن ۽ ڪارڪنن جي ڊگهي فهرست ملندي، اتي انقلابي ۽ مزاحمتي شعور جون بلنديون طئه ڪندڙ عظيم شاعرن جي به هڪڙي ڊگهي قطار ملندي.
هن سهڻي قطار ۾ توهان کي شيخ اياز به ملندو، جنهن جي شاعري جو هڪ حصو، جنهن ۾ سُندرتا آهي، جنهن ۾ انقلابيت وارو رنگ آهي، جنهن ۾ سوين ڪائناتون سمايل آهن، جنهن ۾ سوين چنڊ ساٿي آهن، جنهن ۾ ڪتين جا سوين قافلا رهگذر ۾ آهن، جنهن ۾ ازل کان ابد تائين سک جون براتون آهن، جنهن ۾ سوين سازن جي لاءِ آواز آهن. ان شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ هڪ يادگيري لوڪ سان ونڊيندي لکيو هو ته، ”ٻه سال اڳ مان حيدرآباد جي اوريئنٽ هوٽل ۾ چانهه پيئي رهيو هئس، ته اوچتو هڪ سنڌي نوجوان ڪرسي ڇڪي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. هن ويهڻ سان لينن جو ڪتاب ”On Religion“ ميز تي رکيو ۽ مون کي چيائين؛ ”مون کي اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“ هن کي کاڌيءَ جا کهرا ڪپڙا پاتل هئا ۽ پيرن ۾ چمڙي جو ٿلهو گهيتلو پيو هو ۽ پنهنجي ڊيل ڊول، قد ڪاٺ ۽ ٻول چال مان گورڪيءَ جي ناول ”ماءُ“ واري ڪردار پاويل وانگر ٿي لڳو. اڄ هن تي پاولوف نالو پئجي چڪو آهي ۽ هو شاگرد تحريڪ جو نهايت بيباڪ رهنما آهي. هن جو اصل نالو ڄام ساقي آهي.“
هن ئي ڪتاب ۾ شيخ اياز هڪ هنڌ اهو به لکيو هو ته، ”شاعر سياستدان ته نه هوندو آهي، پر جي هو واقعي انقلابي شاعر هوندو آهي، ته هن جي اندرين اک سياستدان کان اڳ ۾ سماجي جوالا جي اندروني چرپر ڏسي وٺندي آهي.“ اهڙي ريت اياز به ڦوهه جواني ۾ قدم رکندڙ ڄام ساقي جي اندر جي ڪائنات ڏسي ورتي هئي، سندس شعور جي بلندين کي ماپي ورتو هو، تڏهن ته هن ڊگهي اڳڪٿي ڪندي، دنيا جي انيڪ زبانن ۾ ترجمو ٿيندڙ ناول ”ماءُ“ (Mother) جي مرڪزي ڪردار پاويل جو نالو مٿس رکيو هو.
پاويل جيڪو پيڙهيل طبقي مان نڪتل هڪڙو اهڙو ڪردار آهي، جيڪو پورهيت کي هن ڪائنات جو پالڻهار سمجهي ٿو، جيڪو پورهيت جي پگهر جي ڦڙي ڦڙي کي امرت سمجهي ٿو، ان سان محبت ڪري ٿو ۽ ان جي پگهر مان محل ماڙيون ٺاهيندڙن سان نفرت ڪري ٿو. ساڳي ريت سنڌ جي پاويل جو به اهو عزم هو ته محنت جي نجات تائين جدوجهد جاري رهندي ۽ پرائي پورهئي مان پنهنجا ڀڀ ڀريندڙن کي مات ڏيڻي آهي.
انهي ئي عزم، انهي مڪتبِ فڪر سنڌ جي پاويل ڄام ساقي کي هڪ اهڙو فولادي شخص بڻائي ڇڏيو هو، جو برصغير جا ٽي ڄاتل سڃاتل هٿياربند راڪشسٽ شڪست کائي ويا، پر اُهي سنڌ جي پاويل کي مات نه ڏيئي سگهيا هئا. هو هر رهزن جي سامهون بيهي رهندو هو، پوءِ ڊگهيون روپوشيون، جيل ۽ ٽارچر سيل سندس حصي ۾ ايندا هئا.
منهنجي خيال ۾ ڄام ساقي سنڌ وطن جو پهريون کاهوڙي سياستدان هو، جنهن لڳ ڀڳ 10 سال روپوشي ۽ 12 سال قيد ۾ گذاريا، پر پوءِ به هن کاهوڙي کي ڪوبه جابر پورهيت طبقي کان ڌار نه ڪري سگهيو هو. وڏي ڳالهه اها ته اياز جو پاويل جسماني طور موڪلائي، جڏهن مٽي سان ملاقات ڪرڻ لاءِ هليو ويو، ته ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم نعرا هڻي رهيو هو؛ ”تنهنجو ساٿي، منهنجو ساٿي، ڄام ساقي ڄام ساقي.“
سو هي ناوليٽ ”کاهوڙي کجن“، انهيءَ ڄام ساقي جو لکيل ناوليٽ آهي، جنهن انقلاب ۽ آزادي لاءِ ڊگهي ويڙهه ڪئي هئي، جنهن لاءِ انقلاب ڊگهي اڙانگي ويڙهه جو نالو هو ۽ هو پاڻ چوندو هو ته، اها ويڙهه صرف ئي صرف پيڙهيل طبقو ئي وڙهي سگهي ٿو. تڏهن ته هو سڄي دنيا جي پيڙهيل ۽ ڦرلٽ جو شڪار قومن ۽ طبقن کي پورهيت جي اک سان ڏسندو هو.
هو پورهيت ليڊر هو. هو پورهيت ليکڪ هو. هن ڪڏهن به دل وندرائڻ لاءِ يا ڪمرشل بازار ۾ قدم رکڻ لاءِ نه تحرير لکي، نه تقرير ڪئي هئي، اهو ئي سبب هو ته سندس تحرير ۽ تقرير ۾ لفظن جي لٻاڙ بدران انقلابي سهڻائپ سمايل هوندي هئي. ان جو وڏو ثبوت ”کاهوڙي کجن“ ناوليٽ آهي.
هي ناوليٽ جتي هڪڙي روپوش کاهوڙي جي ڪٿا بيان ڪري ٿو، اتي هڪ لٽڪيل دؤر جي ڪهاڻي به آهي. هڪ اهڙو دؤر، جنهن ۾ هر باشعور ماڻهو روپوشي، جيل ۽ ٽارچر سيل واري زندگي گذاري رهيو هو.
سچ پڇيو ته ناوليٽ پڙهندي، آئون 48 سال پوئتي هليو وڃان ٿو ۽ منهنجي اکين آڏو هڪڙي رنگيلي ڊڪٽيٽر جي ڀوائتي شڪل اچيو وڃي ٿي، جنهن سڄي ملڪ کي فوجي لاڪپ ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو. هو ڇتو ٿي پيو هو. هو ٽڪا خان جهڙن ساٿين سان گڏجي هيڻن بنگالين جي رت جو درياهه واهي، نيرو جيان بانسري وڄائي رهيو هو. ٻئي طرف بقايا پاڪستان ۾ به هر باشعور ماڻهو تي جاسوس اکين جو پهرو هو. اهڙي دهشت ۽ سانت واري فضا ۾ ڪجهه مٿو ڦريل آدرشي ڪارڪنن جي هلچل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪي ڄڻ دهشت ۽ ڊگهي ماٺ کي شڪست ڏيئي، وقت جي گهڙيال کي زندگي بخشين ٿا، جيڪي ارتقا جي ڦيٿي کي اڳتي ڌڪين ٿا، جيڪي موت جي چادر اوڍيل ماڻهن، عمارتن ۽ رستن ۾ ساهه ڦوڪين ٿا.
ناول جو مرڪزي ڪردار جانب علي اونداهين سان وڙهندڙ هڪڙو اهڙو انقلابي ڪردار آهي، جيڪو سج جو ساٿي آهي، جيڪو سج جي آزادي لاءِ روپوشي واري زندگي گذاري ٿو، ته جيئن هو راڪشسٽ ٽولي جي ڀوائتي شڪل کان بچي، ستارن سان گڏجي اونداهين کي مات ڏيئي سگهي.
آزادي ۽ انقلاب جي جهان ۾ روپوشي به گوريلا ويڙهه جو هڪڙو طريقو آهي، تنهن ڪري سڄي ناول جو تت ئي اهو آهي ته ڀلي ظالم قهري هجي، حالتون ڪيڏيون نه خراب هجن، پر پوءِ به محبت، بغاوت ۽ آزادي جي ڏيئي کي زندگي بخشي سگهجي ٿي، جدوجهد جاري رکي سگهجي ٿي، ته جيئن ماڻهو ارتقا جون اعليٰ منزلون طئه ڪري سگهي.
منهنجي خيال ۾ ڪامريڊ ساقي جو هي ناوليٽ، هن رينگٽ کي مڪمل طور رد ڪري ٿو ته؛ ”في الحال حالتون سازگار ڪونهي، سو ماٺ ڀلي آهي.“
اهڙن سست، ڪاهل ۽ نااهل ڪردارن کي ڪامريڊ ساقي جو هي ناوليٽ، ڄڻ ڪن مان جهلي سمجهائي ٿو ته؛ ”هلي پاڻ نه سگهي، لک لعنتون گوڏن کي.“
سنئين سڌي ڳالهه آهي ته ابا!!حالتون جي حق ۾ هونديون، پوءِ جدوجهدن جي ڪهڙي ضرورت...!! تحريڪون ته هميشه بي ترتيب سماجن جي ڪک مان جنم وٺنديون آهن، تنهنڪري ماٺ ڪري ويهڻ ماڻهپي کي شرمائڻ برابر آهي. هونئن به ڪميونزم؛ انقلابي سوچ، فڪر ۽ مسلسل جدوجهد جي سنگم جو نالو آهي. جيڪو شخص پنهنجي سوچ ۾ تنگ نظر، فڪر ۾ ڪمزور ۽ جدوجهد جي ميدان کان پري ڀڄندڙ آهي، ان کي ڪميونسٽ سڏائڻ جو ڪوبه حق ڪونهي.
خيالي پلاءُ پچائڻ ۽ لفظن جي راند کان پري ڀڄندي، ڪامريڊ ڄام پنهنجي هن ناوليٽ ۾ انتهائي سادي انداز ۾ کوڙ اهڙيون ڳالهيون به تحرير ڪيون آهن، جيڪي سندس مڪتبِ فڪر کي چٽو ۽ واضح ڪن ٿيون. جهڙوڪ پئرس ڪيمون وارو واقعو بيان ڪندي ليکڪ هڪڙي ڊائلاگ ۾ نوريءَ نالي ڪردار سان مخاطب ٿي، پنهنجي من جي ڳالهه ڪري ٿو ته پئرس ڪيمون جي ناڪامي جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو به هو ته هارين کي شامل نه ڪري سگهيا هئا. هن ڳالهه مان اها ڳالهه واضح ۽ چٽي طور سمجهه ۾ اچي ٿي ته ڪامريڊ ڄام ساقي پورهيت انقلاب بابت هن موقف جو شديد مخالف هو، ته انقلاب صرف فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ مزدور آڻي سگهن ٿا.
هتي اها ڳالهه آئون ان ڪري به ڪريان پيو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ هڪڙو وڏو حلقو اهڙن سريال ڪامريڊن جو به رهيو آهي، جيڪي لڪير جا فقير بڻجي انقلاب جي قوت هاري نه، مزدور واري نعري تي ڳنڍ ٻڌي بيٺل رهيا. هن موقف پاڪستان جي ڪميونسٽ سياست کي لاتلافي نقصان پهچايو ۽ اهو ئي بنيادي سببن مان هڪڙو سبب هو ته ڪميونسٽ سياست ٻنين تائين نه پهچي سگهي ۽ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولوي نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙا ڪردار نظرانداز ڪيا ويا هئا.
هڪ ڪميونسٽ لاءِ طبقاتي مطالعو، ڪرنگهي جي هڏي برابر حيثيت رکي ٿو. سو ناوليٽ پڙهندي، جتي ناول نگار جو وسيع طبقاتي اڀياس نظر اچي ٿو، اتي ڪردار ۽ واقعن جي چونڊ کان ويندي رومانويت ۽ حقيقت پسندي جو نهايت سهڻو ۽ نرالو رنگ به ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. اهو ئي رنگ ناوليٽ کي چار چنڊ لڳايو ڇڏي.
اهڙي ريت سمورو ناوليٽ هڪڙي روپوش انقلابي جي جدوجهد، ڏکن، ڏوراهن، محبتن ۽ فراق جي قصن سان ڀريل آهي. قصن ۾ ايڏو درد ۽ انقلابي خيالن جي چانڊاڻ سمايل آهي، جو منهنجي دل جي ڳالهه اها آهي ته هي ناوليٽ جتي هر سوچيندڙ نوجوان ذهن جي اندر جي اونداهين کي مات ڏيئي سگهي ٿو، اتي سوچ ۽ فڪر جي سگهه ۾ واڌارو ڪندي، نوان رستا ڏيئي سگهي ٿو. بس رڳو ناوليٽ کي پورهيت دل رکندڙ ماڻهو جي اک سان پڙهجي.
آخري ڳالهه اها ته ناوليٽ جي پڄاڻي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي تخليقي صلاحيتن جي روشني سان ناوليٽ جي پڄاڻي انتهائي شاندار ۽ فڪري نموني سان ڪئي آهي. ناوليٽ جي پڄاڻي مهل سنڌ جو پاويل ڪجهه هيئن چوڻ پيو چاهي؛
منهنجي ديس جا باشندؤ!
جيڪڏهن توهان وٽ دل آهي،
احساس آهن، ماڻهپوءَ آهي،
۽ توهان هر ماڻهو جي چپن تي سُندر مرڪ ڏسڻ ٿا چاهيو،
ڪابه دل بيقرار نٿا ڏسڻ چاهيو،
ته پوءِ انقلابي فڪر سان هٿياربند ٿي،
پنهنجي زرعي ديس جي ٻهراڙين ڏانهن پنڌ ڪريو.
ٻهراڙيون! جتي هاري آهن،
جتي بک، مفلسي، محرومي، جبر، ڏاڍ ۽ محڪوميت آهي
۽ جتي هڪڙي ڪاوڙ به موجود آهي،
ان ڪاوڙ جي وارثي ڪريو،
ته جيئن ان چڻنگ کي دکائي سگهجي.

سليم جمالي
ڪڍڻ شهر، ضلع بدين
10 جون 2018ع
0333-2547781

ٻه اۡکر

سوچيان پيو ته ڳالهه ڪجي، ته ڪٿان ڪجي. هن جي ڪهڙي پاسي تي بيهي احوال اورجي. هو ته سراپا انقلاب هو. هن پنهنجي سموري ڄمار پورهيتن کي سجاڳ ڪندي گذاري ڇڏي، ايستائين جو خلائي مخلوق کان روپوش رهندي به هن جو ناتو عوام سان جڙيل رهندو هو. هو پيرين اگھاڙن ماڻهن جو ڄام هو، هو پيرين اگھاڙن ماڻهن جو ساقي هو. شايد ئي ڪو منافق هن ڳالهه جو انڪاري هجي، ته ڄام ساقي وٽ پورهيت دل نه هئي!!
بهرحال ڪامريڊ ڄام ساقي جي هن ناوليٽ ۾ جتي روپوشي جي عالم ۾ ڪيل جدوجھد جو عڪس ملندو، اتي انقلابي ڪارڪنن جي رومانوي داستانن جي مختصر جھلڪ ڏسڻ لاءِ پڻ ملندي. هي ناوليٽ ڄڻ ته هڪڙي پورهيت سياسي اڳواڻ جي ڪٿا آهي، جيڪو روپوشي جھڙي سخت ماحول ۾ به پنهنجي عوامي پارٽي سان جڙيل رهي ٿو، جيڪو نفرت واري فضا ۾ به محبت جا گيت گنگنائي ٿو. آخر ۾ سليم جمالي ۽ ايشور لال سوجاڻي جس لهڻي، جن هڪ وڏي عرصي کان پوءِ ناول جو ٽيون ايڊيشن آڻي، ڪامريڊ ڄام ساقي سان محبت جو بهترين اظهار پيش ڪيو آهي. هي ساٿي شروع کان وٺي ڪامريڊ ڄام سان بي لوث محبت ڪندڙ ساٿي رهيا آهن. هي ڪتاب ان جو بهترين ثبوت آهي. اميد ته محبت جو اهو سلسلو قائم و دائم رهندو.

سارنگ ڄام
حيدرآباد

پيش لفظ (ٻئي ايڊيشن لاءِ)

شاعريءَ ۾ اها سهولت آهي ته ڪيترو به اڳ ڪئي وئي هجي، ان ۾ مشڪل سان ئي ڪنهن تبديلي جي ضرورت محسوس ٿيندي. پر ناول يا ناوليٽ جو معاملو ڪجهه نرالو آهي، جنهن دور جي باري ۾ لکيو ويندو آهي، اهو جيڪڏهن تمام ويجهڙائي وارو زمانو آهي ته احساس اڀرندو آهي ته اهو اڃا ڪجهه دير سان لکيو وڃي ها، ته جيڪر ڪن معاملن جو مفصل اپٽار ڪري سگهي ها. مثال طور کاهوڙي کجن جي پيش لفظ ۾ مون 1972ع واري ٻولي وارن جهڳڙن جو مختصر حوالو ڏنو هو، ان وقت ان ڳالهه تي فخر محسوس ٿيو هو، ته جون ۾ ٿيندڙ جهڳڙن جو مون مارچ ۾ اندازو لڳائي ورتو هو ۽ يارن دوستن کي خط لکي ان خطري کان آگاهه ڪيو هئم. انهن خطن لکڻ وقت (مارچ 1972ع) ۾ رڳو اهو اندازو لڳايو هئم ته واعدي وارن زرعي سڌارن کان بچڻ (واعدو هو ته هارين کي پهرين جولاءِ 1972ع تائين زمينون ملي وينديون) ۽ رپئي جي قيمت ۾ ڪميءَ ڪري نئين بجيٽ سان وڌايل مهانگائي کان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهي جهڳڙا ڪرايا ويندا. (ان کان اڳ جنوري ۽ فيبروري 1970ع ۾ پڻ اليڪشن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ فوجي حڪومت ٻولي وارا جهيڙا ڪرايا هئا.) پر پوءِ 1977ع ۾ اها صورتحال صاف ٿي سامهون آئي ته ٻولي وارا فساد ڪرائيندڙ عالمي توڙي ملڪي ادارا ٻيا هئا. وقت جي نيم حاڪم تنظيم پيپلز پارٽي (نيم حاڪم ان ڪري جو ان وقت به هٿياربند ٽولو حڪومت ۾ اڌ کان وڌيڪ ڀاڱي ڀائيوار هو. ايتري قدر جو 1972ع ۾ ملتان جيل ۾ منهنجي خطن کي سنسر ڪرڻ لاءِ فوجي آفيسرن جو گروپ ويهاريو ويو هو ۽ جيل عملدارن ڏانهن مرڪزي وزير اطلاعات ڪوثر نيازي ائين ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو.) کي ته رڳو دلبو ڏنو ويو ته اهي فساد اوهان کي زرعي سڌارن ۽ مهانگائي خلاف ردعمل کان بچائڻ لاءِ پيا ڪرايون. جڏهن ته دراصل فساد ڪرائيندڙ ادارن شهري آبادي جي وچين طبقن (جن لاءِ ٻولي اهم مسئلو هوندي آهي) کي 1977ع واري صورتحال ۾ چونڊيل نيم خودمختيار حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ پئي چاهيو.
هڪ ماڻهو ڪيترو به ذهين ڇو نه هجي، ادارن جو مقابلو ڪرڻ هن جي وس کان ٻاهر هوندو آهي. ادارن جو مقابلو به ادارا ئي ڪري ٿا سگهن. ڀٽو شهيد تمام ذهين هو، پر پيپلز پارٽي منظم جماعت ڪانه هئي. اهو هڪ الڳ مسئلو آهي ته ان ۾ مفاد پرست نوان توڙي پراڻا، اندران يا ٻاهران مسلم ليگي به موجود هئا.
سو سائين عالمي ادارن جو مقابلو به عالمي ادارا ئي ڪري ٿا سگهن ۽ ملڪي بنيادن تي منظم ملڪي ٽولي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ملڪ گير تنظيم به کپي. ديسي ۽ عالمي دشمنن جو اتحاد آهي ته ان سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ عالمي ديسي دوستن جو اتحاد به اڻٽر آهي.
ڪنهن حد تائين 1977ع واري انديشي کان آگاهه ٿي، اسان 1975ع کان ”مهانڊو نه، پر معاشرو مٽائڻ“ جي وائي ورجائيندا رهيا آهيون. مطلب ته ڪيترن ئي واقعن کي ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ ئي وڌيڪ صاف طرح ڏسي ٿو سگهجي. ان کان سواءِ عمر ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انسان جي سمجهه ۽ ساڃاهه ۾ اضافو ٿيندو ٿو رهي. سو ڪيترائي اديب ذهن 15 سالن کان پوءِ به ڪو ڪتاب وري لکڻ ويهن، ته جيڪر ان کي الاهي بهتر بڻائين. هڪ ڪتاب لکيئي تيرنهن سال ٿيا آهن سو سوچيان ٿو ته اهو ڪتاب اڄ لکان ها، ته جيڪر ڪافي بهتر بڻايان ها.
هيءَ ڪچو ڦڪو ڪتاب اڳ به 2000 ڪاپيون شايع ٿيون هيون ۽ هاڻ ان جي طلب رڳو اهو ثابت ٿي ڪري ته،
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهائيو.
(ڀٽائي)
ادب ته آخر ادب آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون صاف چٽيون نٿيون چئي سگهجن. سماجي سائنس ۾ جيڪي مڪان ۽ زمان آهن، ادب ۾ اهي سونهن ۽ سچائي آهن. سو ڪجهه انهن آدابن جو خيال رکڻو ئي پوي ٿو.
بهرحال جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.


ازل کان اوهان جو ڄام ساقي

پيش لفظ

جيڪڏهن توهان ڪڏهن ائين محسوس ڪيو آهي ته توهان وٽ چوڻ لاءِ اڻ کٽ ڳالهيون آهن، پر مناسب لفظ نه ملن ته توهان ان وقت شايد منهنجي ذهن جي حالت کي به سمجهي سگهو. مون کي اڄ معلوم ٿيو آهي ته پيش لفظ لکڻ رڳو رسم ڪونهي، پر اوکو ۽ اشد ضروري آهي.
جيڪڏهن توهان اهو ناوليٽ پڙهڻ وقت اهو محسوس ڪيو ته دراصل هي هڪ وڏي ناول جو پلاٽ آهي ته توهان درست محسوس ڪيو آهي. جڏهن آئون ڪتاب جا ٻه باب لکي چڪو هئس ته سنڌ ۾ فرقه وارانه لساني (سنڌي مهاجر) فساد شروع ٿي ويا هئا. ان وقت ماڻهو جيل جي بيوسي جي زندگي ۾ ڇا ٿو محسوس ڪري، ان جو ڪو حصو به محسوس ڪندو ته توهان کي سولائي سان سمجهه ۾ اچي ويندو ته ان کان پوءِ ڪافي وقت تائين آئون نه ڪجهه لکڻ جي قابل هئس ۽ نه اهو ڪجهه ۽ ايترو ڪجهه لکي سگهيم جو لکڻ ٿي چاهيم.
منهنجي نظر ۾ جيئن ناول هڪ دور جي ڪهاڻي هوندي آهي، تيئن ناوليٽ دور جي هڪ اهم حصي جي ڪهاڻي هوندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي اها شڪايت پيدا ٿئي، ته هي ڪهاڻي مڪمل نه آهي، ته ان لاءِ آئون اهو ئي چئي ٿو سگهان ته دور جي ڪهاڻي ۾ واقعي مان واقعو پيدا ٿيندو رهندو آهي ۽ لاٽ مان لاٽ ٻرندي رهندي آهي. ان ڪري جيئن عام عشق محبت جي ڪهاڻي ختم ٿي ويندي آهي، اهڙي طرح هن ڪهاڻي جي خاتمي جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. ڪير ڄاڻي هي ڪهاڻي ڪيسين هلندي، شايد رهندي دنيا تائين.

ڄام ساقي

ناوليٽ

---

1

جڏهن کان جانو خانصاحب محمد شفيع جن جي بنگلي تي نوڪر ٿيو هو، گهر ۾ ڪنهن کي به هن کان ڪا شڪايت ڪانه پيدا ٿي هئي. هو ڊُڪي ڊُڪي هر ڪم ڪندو هو ۽ هن ڪڏهن به ٿڪ جي شڪايت ڪانه ڪئي هئي. بازار مان سودو سلف وٺي ايندو هو، ٿانو مليندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن صبح جو ننڍي سانئڻ کي ڪاليج ۾ ڇڏي ايندو هو، منجهند مهل وڏي سانئڻ کي گهر آڻڻ لاءِ ڪار ڪاهي ويندو هو.
گهر ۾ گهڻو ڪري ملڪ جون سڀ مشهور اخبارون اينديون هيون ۽ هو ڪونه ڪو موقعو ڪڍي گهر وارن کان اک بچائي ڪانه ڪا اخبار پڙهي وٺندو هو. هونئن ته اخبار ڏسڻ ۾ مڙيوئي خير هو، پر ته به هن کي ته پنهنجي طور تي سنڀال کان ڪم وٺڻو پوندو هو. ”متان ڪير اهو سوچي ته هن کي اخبار ۾ ڪا خاص دلچسپي آهي ڇا؟“ ۽ متان ڪو انگريزي اخبار تي نظر وجهندي ڏسي وٺي! هن هتي ته اهو ئي ٻڌايو هو ته هو ٻه ٽي درجا پڙهيل آهي.
ننڍو صاحب ته گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ئي ايندو هو، نه ته گهڻو ڪري ڊيوٽي تي ئي رهندو هو. هو حيدرآباد ۾ انڪم ٽيڪس آفيسر هو.
بنگلي جي احاطي اندر نوڪرن جا ڪوارٽر هئا. هڪ وڏيرڙو ڪوارٽر جنهن ۾ هڪ ڪمرو، ٿورو آڳنڌ ۽ الڳ چوديواري هئي، ان ۾ رحمان ڊرائيور رهندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ڇهه ٻار به هئا. ان سان لاڳيتو پاسي ۾ ٽي ڪوٺڙيون هيون، جن مان هڪ ۾ جانو رهندو هو. ٻيءَ ۾ فيضو مالهي رهندو هو ۽ ٽينءَ ۾ نوري رهندي هئي، جا بورچياڻي هئي. اڳي ته هوءَ رات وڃي پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ گذاريندي هئي، پر جڏهن کان سندس پوڙهو پيءُ گذاري ويو هو، هوءَ به هِتي ئي رهي پيئي هئي. سٺ روپيه پگهار، پيٽ جي ماني ۽ اجهو. اهڙي نوڪري نوريءَ کي ملڻ مشڪل هئي، ته خانصاحب جن کي به ايتري گهٽ پگهار تي اٺ ئي پهر گهر ۾ رهي خدمت ڪرڻ واري نوڪرياڻي سولائي سان نٿي ملي سگهي. نوريءَ کي سندس خاندان مان کيس باقي رڳو چاچو سُجهندو هو، جيڪو پڻس سان اُن وقت شهر آيو هو، جڏهن هو ٻئي ڀائر زمين تان بيدخل ٿيا هئا. حادثي ۾ پڻس جي ڄنگهه ڀڄڻ کان پوءِ لاچار ٿي، نوريءَ کي خانصاحب جي بنگلي تي ڪم ڪرڻو پيو هو. چاچس شهر ۾ اچي روزگار لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، روزگار نه مليس ته کيسا ڪٽڻ شروع ڪيائين ۽ گرفتار ٿي ويو. ٻاهر آيو ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ وري گرفتار ٿي ويو ۽ ائين هن جو گهڻو وقت جيل ۾ گذرڻ لڳو.
بنگلي اندر ننڍي صاحب عبدالوحيد جو ڪمرو گهڻو ڪري بند ئي رهندو هو. خانصاحب جيڪو رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر هو، سو ڪافي وقت پنهنجي ڪمري ۾ ئي گذاريندو هو. عام طرح شام جي چانهه تي ٻاهر ڇٻر تي ايندو هو، نه ته باقي اڪثر وقت نماز ۽ وظائف ۾ گذاريندو هو، جيئن گهڻو ڪري اڪثر رٽائرڊ سرڪاري ملازم ڪندا آهن. صبح جو البته ڇٻر ۾ هواخوريءَ لاءِ چڪر ڏيندو هو، پوءِ جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي ڊائيننگ روم ۾ نيرن لاءِ گڏ ٿيندا هئا، تڏهن هو به سڀ کان آخر ۾ وڃي سهڙندو هو. ٽيبل تي ويهڻ کان اڳ اها مخصوص کنگهڪار ڪندو هو، جيڪا نوڪريءَ واري وقت ۾ اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ (جن ۾ سندس ماتحت ويٺل هجن) يا آفيس ۾ ملاقاتين کي گهرائڻ وقت ڪندو هو، پر هاڻ ته اها مهمان اچڻ وقت ڊرائنگ روم لاءِ، نه ته ڊائيننگ روم لاءِ مخصوص رهجي ويئي هئي.
گهر ۾ صحيح معنيٰ ۾ وڏيءَ سانئڻ جي حڪومت هئي. هوءَ خانصاحب جي نوڪريءَ واري وقت ۾ به گهر ۾ حاڪم هئي. صاحب جي پينشن تي لهڻ کان پوءِ انهي حڪومت ۾ اضافو ئي ٿيو هوس. هوءَ چاليهارو سالن جي هئي، جسم جي ڀريل ۽ رنگ جي گوري، اڃا تائين گلي ۾ لاڪيٽ، هٿن ۾ ٻه ٽي سونيون چوڙيون، هڪڙي منڊي، هلڪو ڪجل ۽ هلڪي گلابي لپ اسٽڪ استعمال ڪندي هئي. سندس منهن تي مرڪ رڳو مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ وقت ئي نظر ايندي هئي. گهر جي ڀاتين سان برابريءَ واري لهجي ۾ ڳالهائيندي هئي، پر نوڪرن سان ڳالهائڻ وقت منهن ۾ شور وجهي يا گهٽ ۾ گهٽ نراڙ تي گهنج وجهي ڳالهائيندي هئي.
ننڍي سانئڻ شهناز ڪاليج کان موٽڻ سان ئي ماني کائي پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن شام جو شاهده جي گهر ويندي هئي. جا سندس واحد سهيلي هئي، نه ته گهڻو ڪري ڪيڏانهن ٻاهر نه نڪرندي هئي. هن زندگي جي ارڙهين سال ۾ پير پاتو هو، ان ڪري اڃا زماني جي لاهين چاڙهين کي نه ڏٺو هئائين، سو نوڪرن سان سندس رويو نرم ۽ قربائتو هوندو هو. وڏين ننڊاکڙين اکين، سنهڙي جسم ۽ گوري رنگ سان جيڪڏهن هن کي پريءَ سان تشبيهه ڏيڻ مناسب نٿي لڳو، ته به هوءَ خوبصورت ضرور هئي. هوءَ ضرورت کان ٻه اکر گهٽ ڳالهائيندي هئي ۽ سڄو ڏينهن پڙهندي رهندي هئي. ڪنهن مهل ڪاليج جي ڪتابن کان فارغ ٿيندي هئي، ته ڪونه ڪو رسالو، اخبار يا ڪتاب کڻي ويهي پڙهندي هئي. اهو سندس ئي ضد هو، جنهن جي ڪري گهر ۾ هالن جون جنڊيءَ تي ٺهيل ڪرسيون، گلدان ۽ اجرڪن ۽ لونگين جا پردا لڳل هئا. هوءَ ڪاليج ۾ بي_اي جي ٻئي سال ۾ پڙهي رهي هئي.
گهر ۾ باقي ته سڀ مالڪ، رحمان ۽ سندس گهر واريءَ ڇهن ٻارن ۾ قابو، يا فيضو مالهي هو، جيڪو ڇٻر تي مشين هلائيندي نظر ايندو هو يا مينديءَ جي ٻوٽن تي قئنچي هلائيندي، نه ته گهڻو ڏينهن جو پنهنجي ڪوٺڙي ۾ ٻيڙين جا سوٽا هڻندو جهونگاريندو رهندو ۽ ڇنل کٽ تي پيو هوندو هو ۽ رات وڃي پنهنجي گهر سمهندو هو. ان ڪري نوريءَ کي ڪو ڏک سور اورڻ وارو به ڪونه هو. جانو پنهنجي عادت ڪري هن جا ڏک سور ٻڌندو هو ۽ کيس دم دلاسو ڏيندو هو ته نوريءَ جي زندگي اڳي کان گهڻي سکي ۽ سهنجي ٿي پيئي. انهيءَ سبب ڪري جانو کيس فرشتو لڳندو هو. جانو رحمان جي ننڍڙن ٻارڙن کي به ڏاڍو پيار ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو پاڻ به ان تي سوچيندو هو ته ننڍڙا ٻار کيس ايترا پيارا ڇو لڳندا آهن...!! روپوشيءَ جي زندگي جي سختين جي وچ ۾ گلن جهڙي نرماڻ جي ڪري، معصوميت جي ڪري يا مستقبل جي علامت آهن ان ڪري!؟ مستقبل جيڪو يقينن روشن آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن فوٽ پاٿن تان ريڙهي وارن کان چڱا چڱا ڪتاب چونڊي وٺي ايندو هو ۽ بچيل وقت ۾ پنهنجي ڪوٺڙي ۾ يا ڇٻر جي چوڌاري لڳل مينديءَ جي ٻوٽن جي واڙ جي ڪنڊ ۾ ويهي پڙهندو هو، جتي بنگلي واري طرف کان ڏاڙهون بيٺل هئڻ ڪري ٿوري گهڻي اوٽ به هئي.
هڪ ڏينهن منجهند تائين ڪم ڪار سبب هن کي اخبار پڙهڻ جي فرصت نه ملي، ٻه ٽي منٽ بچيس به ته اوڏيءَ مهل وڏي سانئڻ اتي موجود هئي. منجهند تائين اخبارون وڏي سانئڻ جي ڪمري ۾ اچي وينديون هيون، ڇاڪاڻ ته خانصاحب ناشتي کان فورن بعد ئي اخبارون ڏسي وٺندو هو. ان ڏينهن وڏي سانئڻ مٿي ۾ سور هئڻ سبب ڪمري مان ئي نه نڪتي. شهناز ڪاليج مان موٽي ته اخبارون پنهنجي ڪمري ۾ کڻي ويئي. نوري ماني گرم ڪرڻ لڳي ته شهناز جانو کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيو. جانو بوتل ۽ گلاس کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته نظر وڃي مٿان پيل انگريزيءَ اخبار جي سرخي تي پيس؛ ”هوچي منهه گذاري ويو.“ هن جي هٿن مان بوتل ۽ گلاس ٻئي ڪري پيا. ڪائي جي ٽٽڻ جي جهڻڪار تي شهناز ڇرڪ ڀريو، ته هن جانو جي ڀڻ ڀڻ ٻڌي:
”اُف هوچي منهه!....“ شهناز کي بوتل ۽ گلاس ٻئي وسري ويا. ”تون انگريزي ڄاڻين ٿو؟“ هن جانو کان پڇيو.
”جي!؟“ جانو کان ڇرڪ نڪري ويو. “ٻه ٽي درجا خيراتي مدرسي ۾ پڙهيا هئم.“
”ڏاڍو سٺو، پوءِ؟“ شهناز وري پڇيو.
”وري ناپاس ٿي پيس، ته هنن ڪڍي ڇڏيو.“
”پر تو ته چيو هو، تون خيرڪارن وٽ...“
جانو گهٻرائجي شهناز جي ڳالهه ڪٽيندي چيو؛ “وچ مان ٽي چار سال ڀڄي نڪتو هوس.“
”چڱو خير ٿيو جو امان جن ننڊ ۾ آهن، نه ته خبر اٿيئي! هاڻي هي شيشي جا ٽڪرا ميڙي ٻاهر ناليءَ ۾ اڇلائي ڇڏ ۽ ٻيو پاڻي کڻي آ.“
ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن شام جو 4 بجي ڌاري جانو مينديءَ جي ٻوٽن ۾ ويهي، ”اينٽي ڊوهرنگ“ ڪتاب پڙهي رهيو هو ته شهناز اچي مٿانئس بيٺي. اڄ هوءَ ننڊ مان روزمره کان ٿورو اڳي اُٿي هئي ۽ ڇٻر تي پسار ڪري رهي هئي.
”ڇا پيو پڙهين جانو؟“
جانو ڇرڪ ڀريو ۽ سندس منهن جو پنو لهي ويو، ”آئون... آئون ننڍي سانئڻ! ڪلهه هي ڪتاب ريڙهي واري کان اٺين آني ۾ وٺي آيو هوس.... مون سمجهيو هن ۾ سٺيون سٺيون تصويرون هونديون، جي اهي نه هونديون ته به ڪي سوليون ٺاهوڪيون آکاڻيون هونديون.“
”ايترو غور سان پئي پڙهيئه؟“ هن جي سوال ۾ حيرت سان گڏوگڏ ٿوري ٽوڪ به هئي.
”گهڻوئي ڏٺم ننڍي سانئڻ، پر هن ۾ ته ڪا آکاڻي نظر ئي ڪانه ٿي اچي، منهنجا ته اٺ ئي آنا پاڻيءَ ۾ ويا.“ ۽ شهناز کلندي کلندي واپس ويئي. هو ان ڏينهن کان وٺي وڌيڪ محتاط ٿي ويو.
رحمان پنهنجي ڀاءُ جي شاديءَ تي ستن ڏينهن جي موڪل تي ويل هو، ان ڪري اڄڪلهه جانو رحمان جي جڳهه تي به ڪم ڪندو هو. شهناز شام جو سهي سنڀري خريد و فروخت لاءِ بازار ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ته جانو ئي سندس لاءِ گاڏي ڪاهي آيو. هونئن ته ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پاڻ به ڊرائيونگ ڪندي هئي، پر ان ڏينهن کيس ڪافي سامان وٺڻو هو. ان کي کڻي دڪان دڪان تي ڦرڻ هن کي خراب ٿي لڳو، سو جانو کي گڏ کنيائين. ڇهه ست دڪان ڦري هن ڪجهه ڪپڙو، پائوڊر، ڪافي ڪتاب ۽ رسالا ورتا ۽ هي گاڏي ڏانهن موٽڻ لڳا. هي اڃا ٻه ٽي وکون ئي اڳتي هليا هئا ته پٺيان ڪنهن آواز ڏنو؛ ”جاني!.. جاني!!.... او جاني!“ جانو ڇرڪ ڀري پوئتي نهاريو ته شمع ايندي نظر آيس. شهناز به آواز ٻڌي بيهي رهي. جانو وري هلڻ لڳو ته شمع تکو تکو اچي، سندس ڪلهي تي هٿ رکيو؛ ”مون کي سڃاڻين به نٿو جاني!“ هن چيو.
”هائو سانئڻ ڇو نٿو سڃاڻان.“ ۽ شهناز ڏانهن منهن ڦيريندي چيائين؛ ”توهان کان پهرين آئون سانئڻ جن جو نوڪر هوس.“
”نوڪر!؟“ شمع حيران ٿي چيو.
جانو دل ئي دل ۾ کاڄي ويو ته اجهو ٿو ڦاٽ ڦاٽي، پر منهن پڪو ڪري شمع ڏانهن نهاريندي کيس اک ڀڃي چوڻ لڳو؛ ”اهو ته توهان جو قرب هو جو نوڪر نه، پر گهر جو ڀاتي ڪري سمجهندا هئا، نه ته هوس ته نوڪر ئي.“
شمع جو پيلاڻ مائل سفيد چهرو شرمائڻ ڪري ڳاڙهو ٿي ويو.
”اهو ته تنهنجو پنهنجو اخلاق هو جاني!“ شمع به ڳالهه کي سندو ڏيئي ويئي.
”ادي تڪليف معاف ڪري ٻه منٽ ڪٿي ويجهو چانهه پيون.“ شمع صورتحال کي سمجهي، شهناز کي آڇ ڪئي. ”هونئن ته منهنجو گهر به ڪو پري ڪونهي، اتي هلو ته وڏا ڀاڳ سمجهان.“
شهناز وراڻيو؛ ”نه ادي، گهر دير ٿي ويندي، پر چڱو پاسي واري هوٽل ۾ ٿا هلون.“ هوءَ نوڪر جي واقفيت تي ڪنهن جي گهر وڃڻ لاءِ ته تيار نه هئي، پر قربائتي آڇ ٺڪرائي به نه سگهي.
جڏهن هو هوٽل جي ڪئبن ۾ چانهه پي رهيا هئا، ته شهناز جي ذهن ۾ رکي رکي سوال پئي اٿيو ته آخر هنن جانو کي هيترو قرب هوندي به ڇو ڇڏي ڏنو؟ آخر هن کان رهيو نه ٿيو ۽ کڻي پڇيائين، جانو ورندي سوچي ئي سوچي تيستائين شمع چيو؛ ”ادا قاسم کي نوڪري ملي ته سرڪاري نوڪر به مليس ۽ هي بنا ضرورت جي رهڻ لاءِ تيار نه هو، سو نوڪري ڇڏي هليو ويو.“
”قاسم صاحب ڪهڙي نوڪريءَ ۾ آهن؟ شهناز پڇيو.
”ننڍو صاحب ڊاڪٽر آهي.“ جانو جواب ڏنو.
ٻن منٽن جي خاموشيءَ کان پوءِ جانو شمع کي مخاطب ٿي چيو؛ ”سانئڻ! توهان جي گهر ويجهو ڪيئن آهي توهان ته....“ هو پاڻ ئي ماٺ ٿي ويو.
شمع ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چيائين؛ ”ادا به اڄڪلهه ڪراچي ۾ ئي آهي، پر منهنجي شادي ٿي ويئي آهي.“ ۽ هن جو ڪنڌ لڄ وچان لڙي پيو.
”ڪنهن سان؟ معاف ڪجو، منهنجو مطلب آهي ڪٿي؟“ جانو اتاولائي مان پڇيو.
شمع جو ڪنڌ بدستور هيٺ هو ۽ هن آهستي وراڻيو؛ ”هڪ پوڙهي سيٺ سان، جنهن کي اولاد ڪونهي ۽ اڳين گهر واري گذاري ويئي هئس.“
هاڻي جانو جو به ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. ٿوري دير کانپوءِ هو اُٿي روانا ٿيا.
واپسي مهل شهناز پڇيو؛ ”تو اهو سڀ اڳي ڇو ڪونه ٻڌايو هو؟“
”ڳالهه هيءَ هئي سانئڻ، جو اوهين هروڀرو ٻڏتڙ ۾ پئجي وڃو ها، ته الائي ڇو اڳين نوڪري ختم ٿي. پراڻن سراڻن ڪپڙن پاتل غريب ماڻهوءَ جي ڳالهه تي اعتبار ڪريو ها الائي نه!؟“
”توکي ته خبر آهي، ته آئون انسانيت جو جذبو رکندڙ ۽ رحمدل آهيان.“ شهناز چيو.
”هائو سانئڻ، پر تڏهن ته مون کي اها خبر ڪانه هئي ۽ ان کان سواءِ نوڪري جو معاملو ته گهر جي وڏن جي وس هو.“ جانو چيو.
”چڱو ٺيڪ آهي، پر گاڏيءَ جي رفتار ٿوري وڌاءِ اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي.“
”جي!“ جانو وراڻيو ۽ ايڪسيليٽر تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيائين.
جڏهن کان جانو لِڪي ڇُپي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا هئا، نوريءَ کي پهرين ته ڪتابن تي ڏاڍي چڙ ايندي هئي؛ ”هنن مئن ۾ رکيو ڇا آهي؟“ اڪثر هوءَ ناراض ٿي چوندي هئي. پر پوءِ آهستي آهستي برداشت ڪرڻ شروع ڪيائين.
”هي اڄ ڇا پيو پڙهين؟ اٺ ئي پهر جيڪا ٿي واندڪائي مليئي، تون ڪتابن ۾ گهڙيو وڃين.“ نوريءَ شام جي چانهه کان فارغ ٿي، جانو کي سندس ڪوٺڙيءَ ۾ اچي ورتو.
”هن ۾ هڪڙي ٺاهوڪي آکاڻي آهي، سا پيو پڙهان.“ جانو چيو.
”مون کي به ٻڌاءِ!“ نوري اشتياق مان چيو.
”عمر گهڻي اٿيئي؟“
”ابو مرحوم چوندو هو، 15 سال عمر اٿيئي.“
”ان کي ڪيترو وقت ٿيو؟“ جانو وري پڇيو.
”ٻه سال!“ نوري ورندي ڏني.
”پوءِ ته سترهن سال عمر اٿيئي، هيڏي ساري ٿي آهين، اڃا ٻارن وانگي ٿي آکاڻي ٻڌين!“ جانو ٽوڪ واري نوع ۾ چيس.
”تنهنجي عمر گهڻي آهي؟“ نوري اٽلندو کانئس پڇيو.
”ڇويهه سال، پر ڇو؟“ جانو پڇيو.
”پوءِ تون ڪو ٻار آهين، جو آکاڻيون ٿو پڙهين.“
جانو لاجواب ٿي ويو ۽ چيائين؛ ”جنڙي ڳالهه هي آهي ته آکاڻي تمام مزيدار آهي، آئون ڇا ڪريان.“ ”پوءِ ته مون کي کڻي ٻڌاءِ.“ نوري اتساهه مان جنڙي جو لفظ نظرانداز ڪري ويئي، جنهن تي هوءَ چڙندي هئي.
”مالڪن کي ٻڌائيندين ته ناراض ٿيندا. توتي نه رڳو ناراض ٿيندا، پر مون کي ته نوڪريءَ مان ئي ڪڍي ڇڏيندا.“ جانو تنبيهه واري نوع ۾ چيس.
”واهه! آئون ڪا چغل خور آهيان.“ نوري ميار ڏيندي چيس.
”چڱو پوءِ ٻُڌ.“ جانو ”پئرس ڪميون“ تي ڪتاب پڙهي رهيو هو، سو نوريءَ کي ٿورن اکرن ۽ اثرائتي نموني ۾ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. ڳالهه ختم ٿي ويئي، ته به نوري جي محويت قائم رهي ۽ هوءَ ماٺ رهي.
”نوري! نوري!! ماٺ ڇو آهين؟“
نوري ڪنڌ مٿي کنيو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا. ”هيترا سارا لکين مزور به سوڀارا نه ٿيا! مٿن هيترو ويل وهيو!! ڀلا ڇو سوڀارا نه ٿيا؟“
”هارين کي جو نه ملائي سگهيا.“ جانو چيو.
”سچ ٿو چئين، هاري ته گهڻا هوندا آهن نه! ڀلا جي رڳو هاري ائين ڪن ها ته؟“ نوريءَ کي پڻس ۽ چاچس جي بيدخلي ياد آئي.
”جرمنيءَ ۾ ائين به ڪيو هئائون، پر ناڪام ٿيا.“ جانو جواب ڏنس.
”پوءِ!“ نوريءَ جي انهيءَ هڪ اکر ۾ هڪ سوال ۽ هڪ درد هو.
”جڏهن به انهن ٻنهي گڏجي ائين ڪيو آهي ته سوڀارا ٿيا آهن.“ جانو جي انهي وراڻيءَ تي نوري ماٺ ئي رهي. ڪجهه دير کان پوءِ هن اٿندي چيو؛ ”خدا ڪري....“ ۽ هوءَ اٿي وڃي ڪم ڪار کي لڳي.
آچر جي ڏينهن شهناز وري شاپنگ لاءِ بازار ڏانهن نڪتي. رحمان اڃا تائين نه موٽيو هو، ان ڪري هوءَ جانو کي ساڻ ڪري ويئي. بوهري بازار ۾ گهمي ڦري شهناز ڪپڙن جو جوڙو ورتو، درزيءَ کي ڏنائين. اڳتي هلي، سئنيما واري ڪنڊ تان هن شام جون اخبارون ۽ هڪ ٻه رسالا ورتا. رسالا وٺي بوهري بازار ڏانهن مُڙيا، شايد شهناز کي وري ڪا شئيءِ وٺڻ ياد اچي ويئي، هو رستو اورانگهي اڃا ٻه ٽي وکون ئي اڳتي هليا ته پٺيان ڪنهن آواز ڏنو؛ ”جاني! او جاني!!“ جانو ٿورو گهٻرائڻ جي باوجود هلندو رهيو. هن ڊاڪٽر قاسم جو آواز سڃاڻي ورتو هو. ”جاني!!“ پٺيان ڏاڍيان رڙ ٿي، پر جانو ٻڌڻ کان نابري واري ڇڏي. شهناز پوئتي نهاريو. ايتري ۾ ڪنهن اچي جانو کي ڪلهن کان ورتو؛ ”واهه جاني واهه! سڃاڻين به نٿو؟“
”جي!“ جانو کان جلدي ۾ ڪا ڳالهه ڪونه اُڪلي، ”واهه پٽ، نئين شادي ڪئي اٿئي ته هيڏو مغز خراب!“ قاسم ٽوڪ ۽ ميار واري نوع ۾ چيو.
”بيوقوف، هي منهنجي سانئڻ آهي، آئون هنن جو نوڪر آهيان.“ جانو چڙ مان چيو.
”ڇا جو نوڪر! ڪو مئنيجر ٻئنيجر آهين ڇا؟“ قاسم جانو جي اک جي اشاري کي نظرانداز ڪندي، پنهنجي ڳالهه تي اٽ هڻي بيهي رهيو.
”قاسم صاحب! آئون هنن جي گهر ۾ سودو سلف آڻيندو آهيان، ڪنهن مهل ڊرائيوري به ڪندو آهيان، ستر روپيه پگهار اٿم.“ جانو ستر روپين تي زور ڏيندي، چپ ڀيڙي اشاري طور سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر قاسم جو ٻه سال ايف.آر. سي.ايس ڪرڻ لاءِ ولايت ۾ رهي تازو آيو هو، تنهن کي صورتحال جي نزاڪت جو احساس نه ٿيو يا گهٽ ۾ گهٽ اوڏيءَ مهل هن کي ياد نه آيو، سو چيائين؛ ”تون.... ايم.اي، ايل.ايل.بي، ستر روپيا!!!.“
”قاسم، تون اڃا ڇسو آهين، صفا ڀوڪ بصر، الائي ڪهڙن احمقن توکي پاس ڪيو آهي.“ جانو جي ڪاوڙ پنهنجي عروج تي هئي. ”چڱو هل ته ڪنهن هوٽل جي ڪئبن ۾ هلي چانهه پيئون، سانئڻ هلون؟“ هن قاسم کان پوءِ شهناز سان مخاطب ٿي چيو.
شهناز اڃا تائين حيرت مان ڪنهن مهل قاسم ڏانهن، ته ڪنهن مهل جانو ڏانهن نهاري رهي هئي. ”هلو“ هن هيپناٽائيز ٿي معمول جيان چيو.
ڊاڪٽر قاسم پنهنجي ڪار ۾ ويٺو ۽ شهناز جي گاڏي پٺيان پٺيان هلڻ لڳي. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن شهناز جي حيرت ڪجهه جهڪي ٿي، تڏهن چيائين؛ ”سو تون ..... منهنجو مطلب آهي، توهان ايم.ي، ايل.ايل.بي آهيو!“ هاڻي کيس انگريزي اخبار ۽ ڪتاب واري ڳالهه ياد اچي رهي هئي. جانو پنهنجي پريشاني ۾ گم هو. هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، هاڻي هن جي سامهون صورتحال ئي نئين هئي. قاسم جي هڪڙي جملي نه رڳو هن جو اجهو غير محفوظ ڪري ڇڏيو هو، پر آئينده لاءِ به انديشه پيدا ڪري ڇڏيا هئائين.
هي هوٽل جي ڪئبن ۾ وڃي ويٺا، پر بيري جي اچڻ تائين ته هنن مان ڪوبه ڪونه ڪُڇيو. بيرو آيو ته قاسم شهناز کان پڇيو؛ ”ڇا پيئندو؟ ٿڌو يا گرم؟“
”مان ته شام جو چانهه ئي پيئندي آهيان، جانو تون... مطلب آهي ته توهان؟“ گذريل هڪ گهڙي شهناز جو رويو بدلائي ڇڏيو هو ۽ اڃا هن جي چهري تان حيرت جا آثار غائب نه ٿيا هئا.
”جاني ته چوويهه ڪلاڪ چانهه پيئڻ لاءِ تيار رهندو آهي.“ قاسم مرڪندي چيو ۽ بيري کي چانهه آڻڻ لاءِ چيائين.
بيري جي وڃڻ کان پوءِ جانو قاسم کان پڇيو؛ ”ڪمال آهي يار، تو مون کي سڃاتو ڪيئن؟“
قاسم کلي وراڻيو؛ ”واهه، آئون ۽ توکي نه سڃاڻندس! ڪجهه بدن ۾ هلڪو سو ضرور ٿيو آهين، پر تنهنجي هٿ جي لوڏ، تنهنجو ماني جهڙو مٿو، تنهنجي چال، مطلب ته تنهنجي هر ڳالهه وڏي واڪي پئي تنهنجي سڃاڻپ ڪرائي.“
”هاڻي مون سان ته پوري واقفيت ڪرايو!؟“ شهناز قاسم کي مخاطب ٿي چيو.
جانو ڪجهه ڪڇي ئي ڪڇي، تنهن کان اڳ قاسم چيو؛ “توهان کي سچ پچ جانب علي بابت ڪا خبر ڪانهي!؟“
”جانب علي!“ شهناز کان رڙ ٿيندي ٿيندي رهجي ويئي. ”انقلابي! جيڪو روپوش آهي ۽ جنهن تي ڏهه هزار روپيه انعام آهي!!“
”جي!“ هن، جي تي زور ڏيندي جانب کان پڇيو؛ ”انعام به اٿيئي ڇا؟“ وري شهناز ڏي نهاريندي چيائين؛ ”پوءِ جي حالتن جي مون کي وڌيڪ خبر ڪانهي، آئون ٻه سال انگلينڊ ۾ ايف.آر.سي.ايس لاءِ ويل هئس.“
جانب ڏک مان چيو؛ ”قاسو، تو ته ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو! رهي کهي ڪسر به ڪڍي ڇڏيئه!!“
”ڇو؟“ قاسم حيران ٿي پڇيس.
”دوستن جو مشورو هو ته ڇهه اٺ مهينا پنهنجي منهن سنهن گم رهجي، سو هتي آرام سان رهيو پيو هوس، پر هاڻي ته هتي نٿو رهي سگهجي“
”ڇو؟“ شهناز پڇيو.
”ڀائي، ڳالهه هي آهي ته متان ڀُل سل ۾ ڪنهن سهيليءَ سان ڳالهه نڪري پوي يا ڪير ڄاڻي ڪيڏي مهل شاپنگ ڪندي، ڏهن هزارن جو چيڪ ڪيش ڪرائڻ لاءِ طبيعت چاهي!؟“
”جي!!“ شهناز ڏک مان ڇرڪ ڀريو ۽ اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي؛ ”توهان.. مون کي... ايڏي.... ڪميڻي... ٿا.... سمجهو؟“ هن روئيندي چيو.
جانب پريشان ٿي ويو. ”پوءِ ڀلا آئون ڇا ڪريان؟“
”تون مون وٽ هلي رهه.“ قاسم چيو، پر جانب چپ رهيو.
ٿوري دير گذري بيرو چانهه به کڻي آيو ۽ رکي موٽي ويو، پر شهناز سڏڪندي ئي رهي. آخر جانب ڪلهن تي هٿ رکي چيس؛ ”مون چرچو پئي ڪيو سانئڻ، هاڻي معاف ڪيو.“
”آئون... آئون سوچي به نٿي... سگهيس.“ اڃا هن جا سڏڪا بند نه ٿيا هئا. قاسم اکين ئي اکين ۾ جانب کي اشارا ڏيڻ لڳو ته سڀ ڳالهه ڇڏ، هاڻي پرچائينس، پر ڪڇيو ته چيائين؛ ”تو به واقعي ظلم ڪيو آهي جاني، ائين به سوچبو آهي.“
جانب پريشانيءَ وچان ڪنهن مهل شهناز جي ڪلهن تي ٿي هٿ رکيو، ته ڪنهن مهل پٺن تي. آخر چيائين؛ ”ڀلا پرچڻ جو به ڪو شرط آهي؟“
شهناز اڃا به روئڻ بند نه ڪيو. جانب وري چيو؛ ”آئون واعدو ٿو ڪريان شهناز ته توهان جي اجازت کان سواءِ توهان جو گهر ڇڏي نه ويندس، هاڻي ته ماٺ ڪريو... ڇا اڃا به ڪاوڙ اٿؤ؟“ نيٺ آهستي آهستي وڃي سندس ڪاوڙ لٿي ۽ هن روئڻ بند ڪيو، تيستائين چانهه ٿڌي ٿي چڪي هئي. هنن بيرو سڏي ٻيهر چانهه گهرائي. شهناز چانهه ٺاهڻ لڳي ته هي وري ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف ٿي ويا. قاسم پڇيو؛ ”ڀلا تون لڪو ڇو گهمين! الاهي دفعا جيلن مان ٿي آيو آهين، تڪليفون سٺيون اٿيئي، پوءِ هروڀرو لڪڻ ۾ ڇا رکيو آهي، ظاهر ٿي، وڌ ۾ وڌ ٻڌندا، ٻيو ڇا ڪندا؟“
جانب مرڪي چوڻ لڳو؛ ”ڳالهه ائين ئي آهي پيارا، جو اهو به ڪم جو طريقو آهي. انقلابي لاءِ ته سوري به سيج هوندي آهي، پر ڪم ۾ ته وقت نه وڃائبو آهي. اهو ڪم ڪرڻ جو گوريلا طريقو آهي، پوءِ دنيا سڄيءَ جا آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ گوريلا ڊڄڻا آهن ڇا؟“
”گوريلا (ڇاپه مار) طريقو ڪيئن!؟“ قاسم پڇيو.
”مٺا سائين! اها چوڻي ڪونه ٻڌي اٿيئي، ته سياست جنگ جي ابتدائي شڪل آهي ۽ جنگ سياست جي انتهائي شڪل آهي. جنگ ۾ دشمن جي فوج تي راتاهو هڻي ڦٽي وڃبو آهي ته روپوشي وري سياست جو ڇاپه مار طريقو آهي، هونئن به سپاهي ته جنگ جي ميدان ۾ مارڻ لاءِ ويندو آهي، نه مارجڻ لاءِ. پوءِ جي اچي ويو واري ۾ ته ڇُٽو، پاڻهي پويان گاڏي کي گهليندا. هينئر اهو دور ٿوروئي آهي، جنهن ۾ ابراهيم لوڌي پاڻيپٽ ۾ ويٺو آهي، ته بابر به اتي اچي جنگ ڪندو. هي دور ته هٿيارن سان گڏوگڏ فني ۽ جنگ جي مختلف طريقن، عقل ۽ دانائي سان ويڙهه جو دور آهي.“ جانب چڱو خاصو تفصيلي جواب ڏنس.
”هائو يار، چئين سچ ٿو.“ قاسم مطمئن ٿيندي چيس. تيستائين هو چانهه به پي چڪا هئا، سو قاسم بيري کي سڏي بل ڏنو ۽ گهر ڏانهن روانا ٿيا.
رستي ۾ بيڪ ويو آرسيءَ ۾ جانب ڏٺو ته شهناز مسلسل ڏانهس ڏسي رهي هئي. ”هڪ ڳالهه چوان؟“ شهناز آخرڪار ڳالهايو.
”فرمايو!“ جانب انتظار مان پڇيس.
”آئينده توهين مون کي سانئڻ بدران شهناز سڏيندا ڪيو.“
”جي، ڇا چيو؟“ جانب سمجهندي به نه سمجهيو.
”۽ توهان بدران تون چوندا ڪيو.“ شهناز پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
ٿوري دير ماٺ رهي جانب چيو؛ ”توهان جيڪي چيو، ان جو مطلب چڱي طرح سمجهو ٿا.“
”جي.“ شهناز شرمائيندي، مختصر جواب ڏنو، سندس چهري تي لالاڻ اچي ويئي هئي.
”پر آئون ته ڪيڏيءَ به مهل موت جي منهن ۾ وڃي سگهان ٿو.“
”خدا خير ڪري“ شهناز مخصوص عورتن واري لهجي ۾ خير کي ڊگهو ڪندي چيو.
”ڪڏهن ڪڏهن خير نه به ڪندو آهي.“
”مون کي ان جي پرواهه نه رهندي!“
”ڪير ڄاڻي منهنجي زندگي اڃا ڪيترا سال ائين گذري.“ جانب چيو.
”آئون سڄي عمر انتظار ڪري سگهان ٿي. آئون ته هن حال ۾ به گڏ هلي سگهان ٿي.“ شهناز جذباتي ٿي رهي هئي.
”توهان Adventuristic Romanticism (حادثاتي رومانويت) جو شڪار ٿي رهيا آهيو.“ جاني آهستگيءَ سان چيو، ”ٻه ٽي ڏينهن ٿڌي دماغ سان سوچيو، پوءِ هن موضوع تي کڻي وري ڳالهائينداسين.“ جانب وري چيو ۽ هو وڃي گهر ۾ داخل ٿيا.
ان ڏينهن کان پوءِ جڏهن به ڪو موقعو ملندو هو، هو سياست تي ڳالهائيندا هئا. جانب هن کي چارٽرسٽ تحريڪ کان وٺي انقلابِ فرانس، اسپين جي خانه جنگي، پئرس ڪميون ۽ آڪٽوبر انقلاب تائين هر ڳالهه تفصيل سان سمجهائيندو هو. هوءَ پاڻ به بازار مان انقلابي ڪتاب وٺي ايندي هئي ۽ پڙهندي هئي. ڀاڻس کي اها ڳالهه ناپسند ته هئي، پر هو ان کي اڄڪلهه جو فئشن سمجهي درگذر ڪندو هو.

2

هن کي خانصاحب جي بنگلي تي نوڪري ڪندي ٽي چار مهينا ٿي ويا هئا، پر ان وچ ۾ هن ڪڏهن به موڪل ڪانه ورتي هئي. سو هن دفعي جڏهن هن ٻن ڏينهن جي موڪل لاءِ چيو ته وڏي سانئڻ ڏاڍو ڪيٻايو. آخر جانب جي ضد ڪرڻ تي مس مس موڪل ڏنائينس. هو رات جو ويگن ۾ حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو، جتي سندس سنگتين ميٽنگ گهرائي هئي. ان جو اطلاع هن کي حبيب ٽي چار ڏينهن اڳ ڏيئي ويو هو. اهي ٽي چار ڏينهن هن جهڙا اوکا ڪاٽيا، اهڙا اوکا هن ڪڏهن به نه ڪاٽيا هئا، ڇاڪاڻ ته حبيب ئي کيس انور بابت اطلاع ڏنو هو، جيڪو ٽي چار ڏينهن اڳي گرفتار ٿيو هو، نه رڳو اهو پر پوليس کيس ڏاڍو ماري رهي هئي ۽ هو هينئر ئي اٿڻ ويهڻ کان لاچار هو، هو لاڪپ ۾ پٽ تي پيو هوندو هو، جتان رات جو پوليس ڪڍي وڃي ماريندي هئس.
هونئن ته اڃا به جانب گهر جي ڪم ڪار ۾ مصروف رهندو هو، پر هينئر ويگن ۾ ويندي ته رڳو اهي ئي پور هئس. هن کي پڪ هئي ته انور مرڻ مري ويندو، پر نه رڳو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍندو، پر معافي نامو به مور نه لکندو ۽ هن جو نه جهڪڻ جدوجهد جي راهن کي وڌيڪ روشن بنائيندو. پر هن وقت ايڏي مار الائي ڪيترن همراهن جي هانؤ کي هيڻو ڪري وجهندي. مٿان وري انور بت جو ڪمزور، سستين هوٽلن تي ماني کائڻ ۽ ٽي ٽي، چار چار ويلا لنگهڻ ڪڍڻ ڪري ڪڏهن هڪ بيماري جو نشانو هوندو هو ته ڪڏهن ٻيءَ جو، سو الائي... اُف! انهي احساس کي هو ڪو نالو به ته نٿي ڏيئي سگهيو. هن محسوس ڪيو ته هن گهاؤ جي ڀيٽ ۾ ترار جي گهاؤ جي ڪهڙي حيثيت هئي ۽ هن آڳ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي آڳ هئي، جا جلائي سگهي ها. هو پاڻ به الائي دفعا جيل جي ڪارين ڪوٺين ۾ رهي آيو هو، هن پاڻ به پوليس جا عذاب سٺا هئا. پر هيءُ ڪهڙو عذاب هو!! ايڏو ته هن اڳي ڪڏهن به محسوس نه ڪيو هو. شايد اهو ئي دستور آهي؛ پاڻ تي ڪيترو به ظلم سهي سگهجي ٿو، پر ڪنهن پياري تي سهڻ ڪيڏو نه اولو آهي.... رکي رکي انور تي ڪاوڙ به پئي آيس؛ جي چريو! روپوش هو، تڏهن به رات جو ٻارهين کانپوءِ ٻاهر نڪرڻ جي ڪهڙي لوڙ پيئي هئس، هن نه رڳو پنهنجو پاڻ کي سختين ۾ وڌو هو، پر سڄي سنگت کي ارمان ۽ ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو هئائين. هن کي ماستر خدا بخش ياد آيو، جيڪو ڪنهن به دوست تي ٿوري گهڻي عذاب جو ٻڌي روئي ويهندو هو.
وري ٻيو پور پيس، ”اڃا هيءَ ڌرتي الائي ڪيترن دودن ۽ ڪيترن ناصرن جا سر گهرندي.“ هن ڀڻڪيو.
”ڪير ناصر، ڪهڙو دودو، ڀائو ڇا پيو چئين؟“ پاسي واري همراهه ٺونٺ هڻي پڇيس.
”جي! ادا، دودو منهنجو سوٽ هو ۽ ناصر ادي جو دوست هو.“ شڪر جو موقعي تي ڳالهه سجهي آيس.
”ڇو، ڇا ٿين؟!“ شايد همراهه جي تشويش نه لٿي.
”ادا، ٽرڪ جي حادثي ۾ شهيد ٿي ويا.“ هو اهو ته نٿي چئي سگهيو ته اهو ظلم ۽ ڏاڍ جو ٽرڪ هو.
”ڀائي صاحب! الله تعاليٰ جي رضا اها هئي، منهنجا ٻه ڀاءُ بنگال ۾ فوج ۾ هئا، هڪ شهيد ٿي ويو.“ سيٽ تي ويٺل ٽئين چوڌري صاحب دلداري ڏنيس.
”ڪاش! ٻئي گڏ هجن ها.“ هن ٻٽيءَ معنيٰ ۾ چيو.
”ادا، بس الله جي رضا.“ چوڌري صاحب صرف هڪ ئي مطلب سمجهي وراڻيو.
”هائو، پر عوام جي رضا اها آهي.“ هن دل ۾ سوچيو ۽ حيدرآباد کان اورتي بيٺل هاءِ وي ٽيڪس وصول ڪرڻ واري چوڪيءَ جي ڳاڙهين، ساين بتين ۽ وچين ڪارين ڏانهن ڌڪار مان نهاريو، ڄڻ بنگال کان وٺي انور جي گرفتاريءَ تائين سڄو ڏوهه انهيءَ چوڪي ۽ انهن ڳاڙهين، ساين ۽ ڪارن رنگن جو هو. ويگن شهر ۾ پهتي ته هن لهي رڪشا ڪئي ۽ وڃي صديق جي گهر پهتو، جتي سڀ سنگتي کانئس اڳي آيا ويٺا هئا. ميٽنگ ته رات جي ماني کان پوءِ 09 بجي شروع ٿيڻي هئي، ان ڪري هو پاڻ ۾ ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا. اتي هن کي انور کان پوءِ نواز ۽ عنايت جي گرفتارين ۽ انهن جي طربيه ۽ الميه پهلوئن جي خبر پيس. ٿيو هيئن هو، جو هو ٻئي انور سان ملڻ لاءِ ٿاڻي تي ويا. عنايت ٻاهران ٿي بيٺو ۽ نواز اندر ويو. جيئن ئي هن صوبيدار کان پڇيو؛ ”انور ڪٿي آهي؟ آئون ساڻس ملڻ آيو آهيان.“
صوبيدار يڪدم کانئس پڇيو؛ ”نالو ڇا اٿئي؟“
”نواز علي“ هن صوبيدار تي رعب وجهڻ لاءِ سوٽ تي پيل فرضي دز لاهڻ لاءِ آڱر سان ڇنڊڪو ڏنو.
”اوهو! سائين ڀلي ڪري آيا، اوهان کي انور صاحب سان يڪو ملائڻو آهي، اوهان جو وارنٽ آهي.“ ۽ پوءِ پوليس وارن کي سڏي کيس هٿڪڙيون هڻائي، جيپ ۾ ويهاري ايس.پي آفيس ڏانهن روانا ٿيا. دروازي مان گاڏي نڪتي ته نواز رڙ ڪئي؛ ”چڱو عنايت، جيئي پورهيت! جيئي سنڌ!!“ صوبيدار يڪدم جيپ روڪائي، عنايت کي سڏ ڪيو؛ ”عنايت توهان جو نالو آهي؟“
”جي!“ هن جي تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ نواز تي ڪاوڙ ڀريل نظر وڌي، جيڪو سندس خيال موجب اڪيلو انور سان ملڻ وڃي رهيو هو. پر صوبيدار ئي سندس نالي جي رعب ۾ اچي گاڏي بيهاري هئي. ”اچو جناب، توهان جو وارنٽ آهي.“ صوبيدار چيس. تيستائين هن جي نواز جي هٿڪڙين تي نظر پئجي ويئي هئي، پر هاڻ کسڪڻ جون سڀ واهون بند هيون ۽ پوءِ جيڪا مار عنايت کي سهڻي پيئي، اها ٻئي ڪنهن جي به حصي ۾ نه آئي هئي، ڇاڪاڻ ته پوليس صرف مائٽن کي ئي ٿي ملڻ ڏنو، پر عنايت ويچاري جا ماءُ پيءُ گذاري ويا هئا، ڀاءُ هوس ڪونه، هن ته وطن کي ئي ماءُ پيءُ بنايو هو، پر هينئر ته وطن به ڳرن بوٽن هيٺان چڀاٽجي رهيو هو.
نائين بجي ميٽنگ شروع ٿي ته پهرين صورتحال تي ڏي وٺ شروع ٿي.
جميل چوڻ شروع ڪيو؛ ”ساٿيو! بنگال جي عوام جي جدوجهد اڄ جي دور جو روشن ترين باب آهي، انهن جي ويڙهه دشمن کي دهلائي ڇڏيو آهي. هن لڙائي ثابت ڪيو آهي ته نام نهاد بندوق جي نالي مان انقلاب آڻڻ وارا پروچين جي نالي ۾ وايا پنڊي ٿي يا اسلامي سوشلزم جي نالي ۾ اڄ به عوام دشمنن سان شامل آهن. بنگالين نام نهاد مارشل ريس (ويڙهاڪ نسل) جي نظرئي کي پاڙون پٽي ڇڏيو آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته ”جا به ڌرتي جاڳي، تنهن ۾ ڪائي نه ڪونڌرن ڪال“ وانگر سانورا ۽ ننڍي قد وارا بنگالي اڄ ٻري اُٿيا آهن. هن وقت اسان کي به وڌ کان وڌ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته نه رڳو اهو مسئلو آهي، جو اتي عوام کي ظالم چيڀاٽي رهيا آهن ۽ انهن جون لڄون لٽي رهيا آهن، پر اسان جي به مستقبل جو سوال آهي. اسين سڄي ملڪ جا پورهيت، سنڌي، ٻروچ ۽ پٺاڻ به ساڳئي گهاڻي ۾ پيا پيڙهجون، بنگالي اسان جي جنگ پيا وڙهن. اسين بروقت ڪو موثر آواز نه اٿاري سگهياسين ته سڀاڻي جڏهن بنگال وانگر اسان تي ٿيندڙ ظلمن ۾ بنگال جيتري شدت ايندي، جنهن جي شروعات شايد بلوچستان کان ٿئي يا اسان کان ئي ٿئي، تڏهن اسان لاءِ به شايد بروقت ڪو موثر آواز نه اڀري سگهي. آئون ڀانيان ٿو ته پٺاڻن تي حملو سڀ کان آخر ۾ ڪندا، جو فوج ۾ ڪجهه پٺاڻ به آهن ۽ ائين اڪيلو اڪيلو ڪري ڏاڍ جي گهاڻي ۾ پيڙهيندا. بهرحال هينئر رڳو ٻه ٽي بيان يا ڀتين تي لکڻ ڪافي نه آهي، پر پمفليٽ به ڪڍڻ گهرجن. ٿي سگهي ته سانگهڙ ۽ بدين واري پاسي زمين تي قابض فوجين کي به تازو ڪرڻ گهرجي.“
ڊاڪٽر تجويز ڏني؛ ”ساٿيو! منهنجي راءِ آهي ته ان لاءِ اسان کي هڪ وسيع قسم جو متحده محاذ ٺاهڻ گهرجي، جنهن ۾ مڙني محب وطن ۽ ايماندار سياسي ڪارڪنن ۽ قوم پرستن کي شامل ڪرڻ گهرجي.“
محمود چيو؛ ”ادا! پر هڪڙا سياسي ڪارڪن ته آهن پيپلا، انهن جي چاچي ته بنگال جي عوام جي قتل عام تي الله جو شڪر بجا آندو آهي، باقي ڪجهه قوم پرست سو آهن، انهن مان ٻن سان ته مون ڳالهايو آهي. عظيم شاعر ته چيو، بابا توهان کي سلام آهي، ڪجهه ڪريو، باقي پاڻ ۾ ايتري همت ڪانهي. ”عظيم دانشور“ صاحب، جيڪو تمام عزم واريون ۽ ڊگهيون تقريرون ڪندو آهي، صفا جواب ڏنو. چيائين: ”ميان مارائيندؤ ڇا؟“ محمود مايوسيءَ مان چيو ۽ ٿڌو ساهه ڀري چپ ٿي ويو.
جانب پهرين ته محمود ڏانهن چتائي ڏٺو، پوءِ چيائين؛ ”ڪامريڊ وڏا! پيپلن ۾ به ڪيترائي ايماندار ماڻهو آهن، جي رڳو خوشفهميءَ جي ڪري پيپلز پارٽي ۾ آهن، باقي الاهي قوم پرست اڳواڻ ۽ نوجوان آهن، جيڪي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ ضروري راضي ٿيندا، ڪيئن ساٿيو!“ هن امداد علي ڏانهن ڏٺو، پر امداد ڪڇي ئي ڪڇي، ان کان اڳ محمود وري چيو؛ ”جاني، ڳالهه هي آهي ته...“
”سڀني ساٿين سان مخاطب ٿي پيارا!“ امداد وچ ۾ ٽوڪيس.
”چڱو، ته ساٿيو! مون ته اهو ڏٺو آهي ته اڪثر اديب ذهني مونجهاري جو شڪار آهن. ڪيترائي ته صفا..“ هن حسب عادت جملو اڌ ۾ ڇڏيو ۽ ٻيهر چيائين؛ ”شاگرد به 27 مارچ واري جلوس کان پوءِ ماٺ آهن، سندن وڏو حصو فرسٽيٽيڊ آهي.“
”ادا سنڌي ۾!“ جانب سڄڻ خان ڏانهن اشارو ڪندي ٽوڪيس.
”ها، ساٿي! معاف ڪجو، منهنجو مطلب آهي شاگرد مونجهاري جو شڪار آهن. هو مايوسي ۽ مونجهاري جي ذهني عذاب کان بچڻ لاءِ رڳو فلمون ڏسڻ تي زور ٿا رکن يا جاسوسي ناول پڙهڻ تي، ڇا هيءَ قوم اٿندي؟! ساڳئي ملڪ ۾ هيڏي ساري قتل عام ۽ عصمت درين تي به جنهن قوم اک نه کولي ۽ ان مان پنهنجو آئيندو نه پروڙيو ته اها قوم وري ڪهڙي ڏينهن اٿندي ۽ حق حاصل ڪندي! ڪيڏي ڪيڏي مهل ته مون کي اهو ٿو ذهن ۾ اچي ته ريڊ انڊين ۽ آمريڪي شيدين جي حيثيت واري لسٽ ۾ هڪ ٻيءَ قوم جو به اضافو ٿيندو ۽ اها سنڌي قوم هوندي. شايد هي قوم اسان کي هميشه چريو سمجهي، اسان کي وهه جون وٽيون پياري، اسان تي پٿر اڇلائي تان جو پاڻ وڃي تاريخ جي عجائب گهرن جي دفترن ۾ داخل ٿيندي.“ محمود جي مايوسي ڪافي وڌيل هئي.
جانب پهرين سڀني سنگتين ڏانهن چتائي ڏٺو، پوءِ محمود ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيائين؛ ”ساٿيو! آئون سمجهان ٿو ته ساٿي محمود صورتحال جو صرف هڪڙو ۽ عارضي رخ پيش ڪيو آهي. اڄ اهو دور ئي ڪونهي، جنهن ۾ ڪنهن قوم کي ريڊ انڊين وانگر بنائي سگهجي ۽ اڄ ته آمريڪا جا شيدي ۽ ريڊ انڊين به پنهنجن حقن لاءِ بهادري سان وڙهي رهيا آهن ۽ اهي به ضرور پنهنجا حق وٺي رهندا ۽ اسين هيمون ۽ هوشو جا وارث، دودي ۽ دريا خان جا ديسي، بلاول ۽ بختاور جا ڀاءُ ڇو مايوس ٿيون. اسان جي ڪارخانن ۾ مزدور اڄ به ڦٿڪي پيو، اسان جي هاريءَ ۾ اڄ به گاهه تي يا ٻنيءَ جي جڙ تي مٿو ڏيڻ جي مردانگي موجود آهي، رڳو ان همت جو رخ سڌو ڪرڻ، رڳو ان غيرت کي وسعت ڏيڻ جي ضرورت آهي. منهنجا مٺا! داڻن جو مڻ اپائڻ لاءِ به ڀاڻ ۽ ريج جي گهرج پوندي آهي، آزادي اپائڻ لاءِ ته نسن جو ڀاڻ ۽ رت جو ريج ئي ڏيڻو پوندو آهي. هرڪا قوم پنهنجي تحريڪ پهرين ننڍين ميٽنگن ۽ پمفليٽن کان ئي شروع ڪندي آهي، پوءِ به تشدد ته حاڪم ۽ ظالم ئي وڌندڙ سجاڳيءَ کي ڏسي شروع ڪندا آهن. عوام ته رڳو جوابي ڪارروائي ڪندي آهي ۽ ان ئي ذريعي ڇوٽڪارو حاصل ڪندي آهي. اوهين ويٽنام کي ڏسو، الجزائر کي ڏسو، اڃا تازو مثال بنگلاديش کي ڏسو، بنگالي سادا سودا، جن مان ڪيترن بندوق جي شڪل به پري کان ڏٺي هئي، اُهي به اڄ غاصبن کي ٽوٽا چٻائي رهيا آهن. اسان جو ڪو ماڻهو ته اڄ به هن رڃ مان رڙ ڪري ٿو، اسان جي ڪيترن ئي شاعرن هينئر به واهه جا نظم لکيا آهن. اسان جو سنهڙو سڪل ۽ بيمار هڪڙو ماڻهو انور اڄ به هيڏي ساري پوليس ۽ حڪومت جي مشينري جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ٿو ڪري. اسين ڇو مايوس ٿيون پيارا! اسين ڇو مايوس ٿيون!!“ جانب ڏاڍو جذباتي ٿي ويو هو.
آخرڪار ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ هن نتيجي تي پهتا ته گڏيل محاذ ٺاهجي، پمفليٽ ڪڍجن، ڀتين تي نعرا لکڻ جو ڪم شروع ڪجي، ڪچهرين ۾ پنهنجو نقطه نظر پهچائجي، ادبي سنگت کي وري متحرڪ ڪجي ۽ انهن سڀني ڪمن کي هلائڻ لاءِ پنجن پنجن دوستن تي مشتمل گروپ قائم ڪيا وڃن.
رات جو ته دير سان ميٽنگ ختم ٿي هئي، ان ڪري سڀ اتي ئي سمهي پيا، پر صبح جو سڀ اٿي روانا ٿي ويا، رڳو جانب ترسي پيو جو شام جو ڪجهه دانشورن ۽ نوجوانن سان ڪچهري ڪرڻ جو خيال هوس.
رات ٿي ته هو ڪجهه نوجوانن سان مليو، جن پمفليٽ ڪڍڻ ۽ ورهائڻ ۾ مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو، نثار ۽ امداد علي ادبي سنگت جي ڪچهرين کي باقاعده شروع ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو.
ان رات به دير ٿي ويئي، ان ڪري جانب ڪراچي ڏانهن موٽي نه سگهيو؛ اڃا ته موڪل به هئس، ان ڪري ٻئي ڏينهن شام جو ڪراچي وڃڻ واري ويگن ۾ سوار ٿيو. هن ڀيري سندس سيٽ تي ويٺل هڪڙو همراهه ته نظريه پاڪستان جو بنهه پڪو حامي ٿي لڳو. ويگن هلڻ شرط هن پنهنجي تبليغ شروع ڪئي؛ ”ڀائو خبر اٿيئي، مجيب واڻئي جو پٽ آهي. شيخ آهي نه! سندس پيءُ جو نالو شامداس آهي.“
جانب اندر ئي اندر ۾ پچڻ ۽ پڄرڻ جي باوجود به ”جي هوندو“ چوڻ کان سواءِ ڪجهه به ڪڇي نه سگهيو. هو اهو به ته نٿي ٻڌائي سگهيو ته مجيب ته مولوي لطف الرحمان جو پٽ آهي، پر جي واڻئي جو پٽ به هجي ها ته ڇا ٿيو؟ هن وقت ته هو بنگال جي عوام جي آرزوئن ۽ اُمنگن جو مظهر آهي. روپوشيءَ جي زندگيءَ جون ڪي ڪي پابنديون ته ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڪڪ ڪنديون آهن. هن کي ياد آيو ته 27 مارچ تي جڏهن هو اڃا روپوش نه ٿيو هو، تڏهن بس ۾ هڪڙي همراهه هڪل ڪئي، ”بس ۾ ڪو بنگالي ٻنگالي ته ڪونهي“ ۽ اڪثر پئسينجر کلڻ لڳا. هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن کان رهيو نه ٿيو، سو اٿي بيهي چيو هئائين؛ ”مان بنگالي آن، ڪهڙو ڪم اٿيئي؟“ سڀني هن جي ڇهه فُٽي قد ۽ ڳوري رنگ کي ڏٺو، جيڪو بنگالي نٿي لڳو، پر ماٺ ٿي ويئي ۽ هينئر! هن وري پاسي واري همراهه ڏانهن ڏٺو، جيڪو اڃا ڳالهائي رهيو هو؛ ”ڀائي صاحب! هي سڄي بدمعاشي روس ۽ هندستان جي آهي، هتان به هو غدار جانب علي هندستان هليو ويو ۽ اتان ملڪ جي خلاف تقريرون پيو ڪري.“
جانب مرڪيو ۽ سوچيائين؛ ”هي ته ڪو بنهه جاهل ٿو ڏسجي، مظلوم جي مدد ڪرڻ تي به مذمت!“ پر هو سوچي ئي ٿي سگهيو، هن کي سچل جو بيت ياد آيو:
ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر
انهيءَ وائي ور، ڪو سمجهي سچيڏنو چوي!
اهي ٽيئي ڪلاڪ ڏاڍي انتظار وارا گذريا، تان جو گاڏي وڃي لالوکيت واري اسٽاپ تي بيٺي، اتان لهي هو سچل جي وائي جي ورکي سوچيندو سوچيندو وڃي گهر پهتو.

3

اڄ گهر ۾ ڪم جي ڏاڍي تڙڀيڙ هئي، وڏي سانئڻ کي ٽاڪ منجهند جو ياد آيو ته گهر ۾ پيل انب شايد چانهه پارٽي لاءِ پورا نه ٿين، سو ياد اينديئي جانب کي ٽوڪريءَ ۽ ڏهه روپيا ڏيئي ڀڄايائين ته وڃي مارڪيٽ مان ٻه ٽي سير انب وٺي اچي. جانب ان ئي ڏينهن اخبار ۾ پنهنجي جيڪب آباد جي ساٿين جي گرفتاري جي خبر ڏٺي هئي ۽ هو ڏاڍو وياڪل هو، ايتري قدر جو روڊ ٽپڻ مهل کاٻي پاسي کان ايندڙ ٽرڪ هن جي ذهن مان ئي نڪري ويئي، جيڪا تيزي سان اچي رهي هئي. ٺا... ٽرڪ ٽڪر هڻي هن جي ران جو گوشت چٿي ڇڏيو. ٽنگ ٽڪر سان واپس ٿي ويئي ۽ هو بي سرت ٿي ڪري پيو. ٽرڪ وارو ته ٽرڪ ڀڄائي نڪري ويو. جانب تي گلو جي نظر پئجي ويئي، جيڪو پاسي واري بنگلي ۾ ڪم ڪندو هو. گلو اوڏي مهل ئي جانب کي ٽيڪسي ۾ کڻائي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ۽ اچي بنگلي تي اطلاع ڏنائين. بنگلي تي هر ڪنهن جو رد عمل نرالو هو. وڏي سانئڻ منهن گهنجائي چيو؛ ”هن نڀاڳي کي اڄ ئي مرڻو هو. انب به رهيا، ڏهه روپيا به حرام، پڪ چوندو حادثي جي جاءِ تي ٿيل ميڙاڪي ۾ ڪو ڪڍي ويو هوندو ۽ ڊڪ ڊوڙ لاءِ به الائي ڪيترائي ڏينهن ٻيو نوڪر رکڻو پوندو.“
ننڍي سانئڻ شهناز کان پريشاني لڪائي نه ٿي، آخر ماڻس کان پڇيائين؛ ”امان! گلو ڇا ٿي چيو، جانو جي حالت هينئر ڪيئن آهي؟“
”پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو.“ ماڻس ٿورو چڙ مان وراڻيو. کيس نوڪرن جي باري ۾ فڪر ڪرڻ وڏ ماڻهپي جي خلاف نظر ايندو هو.
شهناز پنهنجي ڪمري مان چڪر ڏيئي ٻه ٽي ڪتاب کڻي موٽي ۽ ماڻس کي چيائين؛ ”امان، آئون شاهده کان ٿي اجهو ٿي موٽان.“
”هينئر نٽهڻ اُس ۾؟“ ماڻس پڇيو.
”ٻه ٽي ڪتاب هن کي واپس ڪري، پنهنجا ڪتاب کڻڻا اٿم، اڄ گهر لاءِ ڪافي ڪم مليو آهي، سو ڪرڻو اٿم، ڪاپي به بدلجي ويئي آهي.“
”چڱو پٽ! پر جلدي موٽجانءِ، جانو هجي ها ته ان کي موڪليون ها، هاڻي ٻيو ڇا ڪريون.“
”نه امان، چار چونڪ ڳالهين جا به ڪري اينديس.“ شهناز وراڻيو.
”هائو پٽ! پر ورڻ جي ڪجئين.“
”چڱو امان!“ هوءَ ٻاهر نڪتي ۽ گاڏي گئراج مان ٻاهر ڪڍڻ لڳي. هن گاڏي دروازي تي آندي ته نوري به سهڪندي اچي پهتي؛ ”ننڍي سانئڻ مون کي اسپتال ڇڏيندؤ؟ واٽ تي ته آهي.“ شهناز پهرين ته ٿورو هٻڪي، پر پوءِ چيائين؛ ”چڱو اچ.“ رستي ۾ چيائينس؛ ”نوري آئون به اسپتال ڏانهن ئي پئي ويس، پر امان کان ڊڄندي، شاهده جو بهانو ڪيو اٿم.“ نوري ڇرڪ ڀري ڏانهنس نهاريو، پر شهناز کي نوڪرياڻي سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪوبه عار ڪونه هو. ”جانو جي حالت هينئر ڪيئن آهي، ڊاڪٽر صاحب؟!“ ايمرجنسي وارڊ ۾ گهڙنديئي، ٻنهي جي وات مان بي اختيار نڪتو. ڊيوٽي تي ويٺل ڊاڪٽر ڇرڪ ڀري ڪنڌ کڻي ڏٺو ۽ پڇيو؛ ”ڪير جانو؟“
”جيڪو ٿوري دير اڳي ايڪسيڊنٽ ۾ ڦٽجي هتي داخل ٿيو آهي.“ شهناز وراڻيو.
”او! ها 62 نمبر!“ اسپتالن ۾ نالو ته رڳو خاص ڪمري واري جو هوندو آهي، باقي مريض ته بستري جي نمبر سان ياد ڪيا ويندا آهن. ”پٽي ڪئي اٿئون، پر رت تمام گهڻو نڪتو اٿس، انڪري....“
”جانو کي بچايو ڊاڪٽر صاحب، مان ڪيترا به روپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“ شهناز اتاولائي مان چيو.
”محترمه! مريض کي صرف ”بي“ گروپ جي رت جي ضرورت آهي.“ ڊاڪٽر چيو.
”پوءِ؟“ شهناز سوال ڀرين اکين سان ڊاڪٽر ڏانهن ڏٺو.
”اتفاق سان هن وقت ”بي“ گروپ جو رت بلڊ بئنڪ ۾ محفوظ نه آهي ۽ نه ئي ”او“ گروپ جو رت ايتري مقدار ۾ آهي جو....“
”ڊاڪٽر صاحب! منهنجو رت ڏسو، ٺيڪ هجي ته سمورو ڪڍي وٺو، پر جانو کي بچايو.“ نوري چيو ۽ هاڻي شهناز کان ڇرڪ نڪري ويو. ٿوري ئي دير ۾ نوري جانب جي پلنگ جي ڀرسان ٻئي پلنگ تي ليٽي پئي هئي ۽ رت جيڪو خوشقسمتي سان ساڳئي گروپ جو هو، سو ڦڙو ڦڙو نوري جي جسم مان نڪري جانب جي جسم ۾ داخل ٿي رهيو هو.
ٿوري ئي دير ۾ نوريءَ جو مغز چڪر کائڻ لڳو، پر بيهوش جانب اڳي جي ڀيٽ ۾ آرام سان ساهه کڻي رهيو هو.
شام تائين جانب جي حالت بهتر ٿي ويئي. جڏهن نوري ملاقات جي وقت تي آئي، تڏهن هو ڪمزوري جي باوجود ڳالهائڻ جهڙو هو. ڊاڪٽر به نوري ۽ شهناز جي اچڻ کان پوءِ چڱي طرح پر گهور لڌي هئي ۽ رت ڏيڻ کان وٺي سندن ڪيل گفتگو تائين سڀ ڪجهه ٻڌايائينس جو کيس معلوم ٿي چڪو هو ته هي لاوارث قسم جو مريض نه آهي.
جانب جڏهن ٿورائتين اکين سان نوري ڏانهن نظر ڪئي، تڏهن نوري مرڪندي شرمائجي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. ٿورو ڳالهائيندڙ نوري، اڻ پڙهيل نوري هڪ نظر ۾ ۽ شرمائجڻ ۾ گهڻو ڪجهه چئي ويئي، جيتوڻيڪ هوءَ جانب جي ٿورائتين اکين مان، احسان مندي، قرب ۽ مجبوريءَ مان صرف قرب ئي سمجهي سگهي.
ڏينهن مٿان ڏينهن گذرندا ويا. جانب جي حالت بهتر ٿيندي ويئي، تان جو ويهارو ڏينهن کان پوءِ کيس اسپتال مان خارج ڪيائون ۽ هو چاڪ ٿي نڪتو، جيترا ڏينهن هو اسپتال ۾ رهيو. شهناز ڪاليج مان پهرئين پيرڊ جي حاضري ڀرائي مارڪيٽ مان ميوي جي ٽوڪري وٺي اچي اسپتال پهچندي هئي. هو ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا. جانب کيس پنهنجي ملڪ توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هلندڙ انقلابي جدوجهد ۽ حڪمران ڦورو طبقن جي ڦر ۽ ظلمن بابت خبرون چارون ٻڌائيندو هو ۽ هوءَ ان تي ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پيار ۽ قرب جي ڳالهه به ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن خانصاحب به شام جي وقت ايندو هو. عام طرح جيڪڏهن گهر جي ڪم ڪار ۾ ڦاٿل نه هوندي هئي ته نوري به روز شام جو ملاقات جي وقت تي ايندي هئي.
جانب جڏهن گهر موٽي آيو، تڏهن هن نوري ۽ شهناز جي وچ ۾ هڪ اڻ ليکي ڇڪتاڻ محسوس ڪئي، پوءِ اها رقابت هئي يا احساس ملڪيت ۽ قرباني جي ڪشمڪش، ان جو فيصلو ڪير ٿي ڪري سگهيو. بهرحال، گهر جو ڪاروبار بظاهر ڏاڍي سڪون سان هلي رهيو هو.
شام جي چانهه کان پوءِ جانب ڇٻر جي ڪنڊ تي ڏاڙهون جي پٺيان اچي پڙهڻ ويٺو ئي هو، ته نوري اچي پهتس.
”ڇا پيو پڙهين؟ وري ڪتاب ۾ منهن!“ نوري اچڻ شرط چيو.
”اي ٺهيو! هاڻي وڃي ڪم کي لڳ، هاڻ پڙهڻ ڏي، ڪافي ڏينهن کان پوءِ ته ڪتاب کڻڻ جو موقعو مليو آهي.“
”هائو سائين! توتي ننڍي سانئڻ جا قرب آهن، ته پوءِ مون سان ڪٿي سڌي منهن ڳالهائيندين.“ نوري ناراضگي واري نوع ۾ چيس.
”تون ته چري آهين.“ جانب چيو.
”منهن تي ئي پيو ڇڙٻون ڏين، خدا نه ڪري جي چلهه تي نه هونداسين ته ڪٿي دل تي آڻيندين.“ نوري ميار ڏيندي چيس.
جانب جو خيال ڪتاب مان صفا نڪري ويو، چيائينس؛ ”نوري! توسان شهناز جي ڪهڙي ڀيٽ آهي، آئون ڌڪيس ته شهناز ته علاج لاءِ صرف پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ٿي، تو ته پنهنجو رت، پنهنجي جان ڏني آهي.“
نوري جانب جو هٿ پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهليو ۽ کڻي پنهنجي اکين تي رکيائين. جانب ٻڏتر ۾ پئجي ويو. ڇرڪ تڏهن ڀريائين، جڏهن ڏاڙهون جي پرين ڀر سڏڪن جو آواز ڪن تي پيس. هن اٿي ڏٺو ته اتي شهناز بيٺي هئي، جا شايد پسار ڪرڻ آئي هئي ۽ هنن کي ڳالهائيندو ٻڌي، اچي ڏاڙهون جي پرئين ڀر بيهي رهي هئي ۽ سندن گفتگو ٻڌي ڏکوئجي ويئي هئي. ”شهناز تون آهين؟ هيڏي آئون.“ جانب چيو.
”جي!“ هن وراڻيو ۽ سڏڪندي اچي سندن پاسي ۾ ويٺي.
”روئين ڇو ٿي؟ هي ڪهڙي بيوقوفي آهي!“
”اڄ مون کي معلوم ٿيو ته منهنجي حيثيت ڇا آهي!“ شهناز مشڪل سان چئي سگهي.
جانب ٿوري دير ماٺ رهيو، پوءِ انگريزي ۾ چيائينس؛ ”تون سچ پچ چري آهين شهناز! مون کي اهو احساس آهي ته توکي اندر جي سچي اُڪير آهي، پر مون چيو سو به سچ آهي، ڇاڪاڻ ته توهين ٻئي پنهنجي پياري ۾ پياري چيز قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويون. تون اهڙي طبقي سان تعلق رکين ٿي، جتي سڀ کان پياري شئي پنهنجي جان، پنهنجو رت آهي، پر هن رڳو پنهنجي ذاتي قرب جي ڪري قرباني ڏني ۽ توکي ذاتي قرب به آهي، تون مون کي چڳي طرح سڃاڻين به ٿي، ان کان سواءِ مقصد سان به همدردي اٿيئي، هوڏانهن هن کي منهنجي صحيح نالي جي به خبر ڪانهي، پوءِ به تون هن کان اڳتي نڪري نه سگهين، ڇا آئون غلط ٿو چوان؟“
”توهين درست ٿا چئو.“ شهناز ڀريل گلي سان آهستي چيو.
”تون هن جو مطلب غلط نه سمجهه شهناز! آئون سچ پچ توهان ٻنهي مان ڪنهن کي ترجيح ڏيئي ئي نٿو سگهان. مون کي جان کان وڌيڪ عزيز آهيو. تون هڪ لحاظ کان ٻه رتيون سو ڪثر آهين، جو تنهنجو ذهن وڌيڪ روشن آهي، موقعا اٿيئي ۽ ڪجهه ڪرڻ جي نيت اٿيئي.“
هو ٿورو ترسيو، وري چوڻ لڳو؛ ”چري شاني! هن جي زندگي ۾ آئون واحد خوشي آهيان. منهنجي ٻه اکر ڳالهائڻ سان هيءَ ٽڙي پوي ٿي، ڇا توکان اهو به برداشت نٿو ٿئي؟ ڇا تون هن کان اها اميد جي مرڪ به کسڻ ٿي چاهين؟“
”چڱو توهان جي مرضي.“ شهناز هن دفعي سنڌي ۾ چيو ۽ ٿوري دير ماٺ رهڻ کان پوءِ هي اتان اٿي ويا.

4

جڏهن کان ملڪ ۾ مارشل لا جو نئون دؤر شروع ٿيو هو، ڪاليجن ۾ يونين ٺاهڻ يا انهن جي چونڊن تي پابندي وڌي ويئي هئي. ان ڪري ڪاليجن ۾ چپ چاپ هئي. پڙهائي تي وڌيڪ زور شور رکيو ويو هو، جيتوڻيڪ ڪاليج جي ڇٻر تي يا ڪئنٽين ۾ ٿوري گهڻي سس ڦس ٿيندي رهندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن جوش ۾ مظلوم بنگال جي عوام سان وهندڙ ويل تي به مخالفانه يا موافقانه تبصرا به ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ اولهه پاڪستان جي مختلف ليڊرن تي به عجيب عجيب قسم جي راءِ زني ٿيندي هئي.
گذريل ڪجهه ڏينهن کان شهناز به هن قسم جا تبصرا ڪندڙ ڇوڪرين سان گڏ وڃي ويهڻ شروع ڪيو. هوءَ دٻيل اکرن ۾ فوجي ڊڪٽيٽرشپ جي خلاف تبصرن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳي ۽ ڪيتريون ئي ڇوڪريون هن جون ساهيڙيون بڻجي ويون.
هڪ ڏينهن ڪئنٽين ۾ چانهه پيئندي هن تجويز پيش ڪئي ته ڇو نه يونين جي چونڊن لاءِ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪجي. ڪافي بحث مباحثي کانپوءِ هو هن نتيجي تي پهتيون ته هن لاءِ دستخطي مهم هلائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ سياسي بيان ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي ٿي اخبارن ۾ ڇپجي سگهيو. هنن ڇهن شاگردياڻين تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي، جنهن ۾ شهناز، شاهده ۽ چار ٻيون ڇوڪريون شامل هيون، انهن ۾ حميده به هئي، جيڪا بنگال ۾ فوجي قتل عام جي حق ۾ هئي، جنهن چيو؛ ”ملڪ کي بچائڻ لاءِ غدارن جو قتل ضروري آهي ۽ لڄون لٽڻ وارا واقعا يا ته بي بي سي ۽ آل انڊيا ريڊيو جا من گهڙت قصا آهن، جي سچ آهن ته به وڏي پيماني جي جنگ ۾ ڪو اهڙو هڪ ٻه واقعو ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي.“ هن سوچ هوندي به هوءَ پنهنجي ڪاليج ۾ يونين هجڻ جي حق ۾ هئي ۽ ان لاءِ ڪجهه پاڻ پتوڙڻ کي به جائز ٿي سمجهيائين.
ٻئي ڏينهن هنن ڪاغذ ٽائيپ ڪرايا، جن ۾ مٿان ٻن سٽن ۾ لکيل هو؛ ”اسين هيٺ صحيح ڪندڙ شاگردياڻيون مطالبو ٿيون ڪريون، ته يونين ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي.“
هنن جي دستخطي مهم مهينو کن هلي، جنهن ۾ کين ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون. ڇوڪريون عجيب عجيب قسم جا سوال پڇنديون هيون؛ ”ائي هي سياست ته ناهي؟“، ”جيل ۾ ته نه ڏيارينديون؟“، ”ليڊريءَ جو شوق ته نه اٿؤ؟“ پهرين پهرين ته هي ڏاڍو گهٻرائينديون هيون، پر پوءِ آهستي آهستي هري ويون ۽ آرام سان سمجهائڻ لڳيون، تان جو جڏهن هنن جي مهم ختم ٿي، جنهن ۾ ڪاليج جي 90 سيڪڙو شاگردياڻين صحيحون ڪيون، تيستائين شهناز جيڪا اڳي تمام گهٽ ڳالهائيندي هئي، سا چڱو خاصو ڳالهائڻ لڳي ۽ هن وچ ۾ هن جهڙي اڪيلي رهندڙ خاموش طبع ڇوڪريءَ جون به بيشمار شاگردياڻيون سهيليون ٿي ويون.
صحيحون ٿيل رول هنن پرنسيپال جي حوالي ڪيو. ڪجهه ڏينهن گذري ويا، پر ڪو اثر نه ٿيندو ڏسي، ڇوڪرين ۾ چڻ ڀڻ ٿي ۽ هڪ ڏينهن وري ڪئنٽين ۾ گڏ ٿي فيصلو ڪيائون ته ٻين ڪاليجن ۾ به اها مهم هلائجي ۽ شاگردن جي ڪاليجن ۾ به جن ڇوڪرين جا ڀائر يا ٻيا عزيز پڙهندا هجن، اهي اها مهم پهچائين ۽ جتي ڪو تعلق نه نڪري اتي ٽائيپ ٿيل فارم جي ڪاپي ۽ ٻه ڪنگڻ اتان جي سابق جنرل سيڪريٽري جي نالي پارسل ڪري موڪلجن، ڇاڪاڻ ته سيڪريٽري ته اڃا ڪاليج جو شاگرد هوندو.
ٿورن ئي ڏينهن ۾ شهر توڙي ٻاهر جي اڪثر ڪاليجن ۾ دستخطي مهم به شروع ٿي ويئي، ته سي آءِ ڊي به چرپر ۾ اچي ويئي ۽ ”شرپسندن“ کي ڳولڻ لڳي. ڪڏهن ڪڏهن اخبار جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ننڍڙي خبر به اچي ٿي ويئي، ”..... ڪاليج جي .... سئو شاگردن جي صحيحن سان هڪ رول پرنسيپال جي حوالي ڪيو ته ڪاليج ۾ يونين جون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ انهن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي.“
شهناز جي هاڻي گهڻو ڪري شهر جي هر ڪاليج ۾ واقفيت هئي ۽ هر ڪاليج ۾ ٻه ٽي سهيليون هئس.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هنن عورتن جو ادبي حلقو ٺاهيو ۽ هر پنڌرهين ڏينهن ان جون گڏجاڻيون ڪرڻ لڳيون. سي آءِ ڊي وارن ”بزرگن“ کي ان مان خطري جي بوءِ ته ايندي رهي، پر مشرقي ملڪ ۾ ڇوڪرين تي هٿ وجهڻ به ڏکيو ڪم هو. اها ڳالهه بهرحال هنن جي وهم گمان ۾ به ڪانه ٿي اچي سگهي، ته هن ۾ ڪو جانب علي جو هٿ هوندو. ٿورو گهڻو شڪ ڪن به ها ته به ايس. پي جي گهر جانب جي موجودگي جي باري ۾ ڪير ٿي سوچي سگهيو.
نوريءَ به سليٽ پين ورتا ۽ جيڪا سا واندڪائي ملندي هئس، ان ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين. ڪڏهن ڪڏهن وڏي سانئڻ ٽوڪ به ڪندي هيس؛ ”بلي! هاڻي هيءَ به ٿي پڙهي!“ پر هوءَ پنهنجي ڌُن ۾ لڳي رهي. جانب جيڪي چار اکر ڏيندو هئس، اهي سکڻ ۾ هن ڪڏهن ڪوتاهي ڪانه ڪئي.
هاڻي جانب ۽ شهناز ڪيڏي مهل ڪو صلاح مشورو ڪرڻ ويهندا هئا، ته نوري به اچي ٻڌندي هئي. هڪ ڏينهن شهناز چوڻ لڳي؛ ”ڇو نه سنڌي ٻولي کي سرڪاري ۽ قومي ٻولي مڃائڻ لاءِ ڪجهه ڪجي؟“
”ڳالهه ته ٺيڪ آهي، پر جيسين انڌي منڊي جمهوريت بحال نه ٿيندي، تيسين ماڻهو انهيءَ مسئلي تي ڏکيو اٿندا.“ جانب ڪجهه سوچيندي چيو.
نوري ڪجهه سوچيندي جانب ڏانهن نهاريو ۽ چيائينس؛ ”ڀلا هي مهانگائي جو ايتري وڌي ويئي آهي، ان لاءِ ڪجهه ٿي سگهندو؟“
”واهه جي ڳالهه ياد ڏياري اٿيئي.“ جانب خوش ٿيندي چيو؛ ”ڀلا، تون ڪجهه هن باري ۾ ڪري سگهندينءَ شهناز!“
شهناز ٿورو رکي چوڻ لڳي؛ ”مون کي ته مشڪل ٿو لڳي، اڪثر ڇوڪريون ته هار سينگار ۽ شادي جي متعلق ئي سوچينديون ۽ ڳالهائينديون آهن، گهڻو ٿيو ته ڪنهن فلم يا ڪاليج جي ڪنهن ڳالهه تي ڳالهائينديون.“
جانب وري چيس؛ ”ٻيهر سوچ، سڀ رئيسن ۽ خانصاحبن جون ڌيئون ته نه هونديون، ڪي ته وچولي طبقي مان به هونديون.“
”آهن ته سهي، پر آئون ڀانيان ٿي ته هوءَ هن ڳالهه کي گهٽ ڪن ڏينديون.“
”تنهنجي ادبي حلقي ۾ هن ڀيري ڪيتريون ڇوڪريون آيون هيون؟ جانب پڇيس.
”ٽيهارو کن ته هيون، پر هن ڳالهه جو ان سان ڪهڙو واسطو؟!“ شهناز چيس.
”واسطو ٻڌايانءَ ٿو، تون اهو ٻڌاءِ ته ان مان ڪيتريون ڇوڪريون ٺيڪ ٺاڪ ٿي سمجهين ۽ ڪيتريون ڇوڪريون ذاتي طرح تولاءِ ڀروسي جوڳيون آهن؟“
”ذاتي ڀروسي جوڳيون ته شاهده ۽ امينه آهن، پر هونئن خيالن ۽ انقلابي ڪتابن جي پڙهائي جي لحاظ کان ڇهه ست ڇوڪريون آهن.“ شهناز ورندي ڏني.
”تون انهن مان وڌيڪ نه، تڏهن به چار ڇوڪريون چونڊي، انهن سان وڌيڪ ڪچهريون ڪر ۽ پوءِ کين ٻڌاءِ ته مهانگائي جي باري ۾ ڪيئن اوڙي پاڙي ۾ ڳالهائين، پوءِ ڏسنداسين. هن مسئلي تي ته جلوس به نڪري سگهن ٿا“ جانب چيو.
”ٺيڪ آهي، ايئن ئي ڪنديونسين، پر انهن مان ٻه ٽي ڇوڪريون ٻولي ۽ ٻن ايوانن جي مسئلي تي ڏاڍو حساس آهن، اهي متان هن ڳالهه تي ڌيان نه ڏين.“ شهناز انديشو ظاهر ڪيو.
جانب وراڻيس؛ ”اهو ته ٺيڪ آهي، پر انهن چرين ڇوڪرين کي سمجهاءِ ته جيسين بنگال جو مسئلو حل نه ٿيندو، تيسين هن قسم جو ڪو ٻيو مسئلو اڀري ئي نه سگهندو.“
”چڱو!“ شهناز وراڻيو ۽ هو اٿي ڪم ڪار کي لڳي ويا ۽ شهناز پلنگ تي ليٽي ڪتاب پڙهڻ لڳي.

5

شاگردن جي يونين لاءِ چرپر بيٺل پاڻي ۾ ننڍيون ننڍيون لهرون پيدا ڪري رهي هئي. ان جي باوجود ملڪ جي الهندي حصي ۾ بظاهر ڳچ وقت تائين ائين محسوس ٿيندو رهيو، ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي.
ان ساري عرصي ۾ بنگال ۾ باهه ٻري رهي هئي، ماڻهو پٿرن، لٺين ۽ بندوقن سان جرنيلن جي ٽولي سان وڙهي رهيا هئا. تڏهن ان سلسلي ۾ اولهه پاڪستان ۾ فوجي ٽولي خلاف ڪا وڏي جدوجهد ڪانه هلي، جيڪا جيڪر ملڪ کي بچائي سگهي ها. البته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وطن دوست جو ڪو بيان، ڪو خط ڪنهن غير ملڪي اخبار ۾ ڇپجندو هو ۽ ان جي حوالي سان بي بي سي، آل انڊيا ريڊيو يا ماسڪو ريڊيو تان ايندو هو، نه ته ٿيو خير.
آخر اها ماٺ ٽرڪ جي ڊرائيورن ٽوڙي. ٿيو هيئن جو ڌاڙيلن شاهي رستي تي پنج اٺ ٽرڪ ڦريون، ته ٽرڪن وارا اتي ئي بيهي رهيا ۽ جڏهن پوليس اتي ڦر کان چار ڪلاڪ پوءِ دستور موجب پهتي، تڏهن ڊرائيورن هڙتال ڪئي ۽ اتان ٽرڪ هٽائڻ کان انڪار ڪيائون. چيائون: ”اسين ٽئڪس ڏيون ٿا، ان مان پوليس پگهارون وٺي ٿي، پر اسان جي حفاظت نٿي ڪري.“ پوليس جا وڏا وڏا آفيسر آيا، سکر جو ڊپٽي ڪمشنر آيو، پر همراهه پنهنجي ڳالهه تان انچ به نه هٽيا. آخر ڊپٽي ڪمشنر کين تڙي ڏيئي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هنن ”پوليس راڄ مرده باد“ جا نعرا هنيا. ان تي ڊپٽي ڪمشنر فائرنگ جو حڪم ڏنو، جنهن ۾ هڪ ڊرائيور شهيد ٿي ويو ۽ ڪيئي زخمي ٿيا. هڙتال ته ٻئي ڏينهن ختم ٿي ويئي، پر اها موت جهڙي ماٺ ۾ چڱي موچاري گجگوڙ پيدا ڪري ويئي.
ڪٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي محب وطن ڪڙهيا به ٿي، ته به اُهي آسائتيون اکيون کڻيو سنڌ يونيورسٽي ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ڏانهن ڏسي رهيا هئا. پر اتي پهرئين چمڪاٽ کان پوءِ جيڪو اتي جي شاگردن 26 مارچ تي يعني بنگال جي عوام تي حملي جي ٻئي ڏينهن جلوس ڪڍي ظلم جي مذمت ڪئي هئي ۽ جيئي بنگال جا نعرا هنيا هئا، ٻيو ڪوبه روشني جو اهڙو ڪرڻو نه هو، جيڪو هن ڏس ۾ ملڪ جي ماڻهن جي رهنمائي ڪري سگهي.
ٽرڪ ڊرائيورن واري واقعي کان ٻه ٽي ڏينهن پوءِ جانب، شهناز، نوري، شاهده ۽ شمع، شهناز جي گاڏي شهر کان ڪڍي ڪلفٽن جي ويجهو بيهاري، ان ۾ ويهي ميٽنگ ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ هاڻي شاهده کان سواءِ شمع به شريڪ ٿيڻ لڳي هئي. شاهده کي سندس سوچ جي ڪري هنن پنهنجين گڏجاڻين ۾ ويهارڻ شروع ڪيو هو، پر شمع جانب جي چوڻ ڪري شريڪ ٿيڻ لڳي هئي. جانب جو خيال هو ته جيتوڻيڪ هوءَ اڃا بلڪل ائين ته نٿي سوچي، جنهن کي انقلابي سوچ چئي سگهجي، پر هوءَ ڪنهن حد تائين ترقي پسند قوم پرست ضرور هئي. ان کان سواءِ پاڻ هن معاشري جي ماريل هئي ۽ جانب کي ذاتي طرح به هن تي اعتماد هو ته هوءَ گهٽ ۾ گهٽ ڪو نقصان نه ڏيندي. گڏجاڻي شروع ٿي ته هنن ٽرڪ ڊرائيورن واري واقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڪافي دير کان پوءِ هن نتيجي تي پهتا ته اهو واقعو درحقيقت مهانگائي، معاشي دٻاءُ ۽ مارشل لا جي گُهٽ جي خلاف پورهيت طبقي جو اظهار آهي، ڇاڪاڻ ته هن کان اڳي به ڪن ڪارخانن ۾ اهڙيون ننڍيون ننڍيون هڙتالون ٿي چڪيون هيون.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شاهده جو ننڍو ڀاءُ پوري سنڌ صوبي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن جو چڪر ڏيئي آيو. هن جي واپس پهچڻ کان هفتو کن پوءِ پهريون دفعو سڄي صوبي ۾ هڪ ئي وقت سائيڪلو اسٽائيل ٿيل پمفليٽ نظر آيا. اهي پمفليٽ ڪٿي اسڪولن، ڪاليجن ۽ هاسٽلن ۾ پيل نظر آيا، ته ڪٿي وري صبح جو اٿڻ مهل گهرن ۾ نظر آيا ۽ ڪن جاين جي ڀتين تي به لڳل نظر آيا. انهن ۾ بنگال ۾ وهندڙ ويل کي ننديو ويو هو، ته ماڻهن جي ٻين روزمره جي دقتن جو به ذڪر هو.
پهريون دفعو ماڻهن ۾ ڏاڍو چوٻول ٿيو. ڪن منهن گهنجايو به، پر گهڻن جا منهن سرها ٿيا. ڪو ڪنهن ڳالهه تي متفق هو ته ڪو ڪنهن تي. ٻئي مهيني وري ساڳي تاريخ تي سڄي صوبي ۾ پمفليٽ نظر آيا. انهن ۾ بنگال جي معاملي کان سواءِ روزمره جا مسئلا به هئا، ته قومي حقن جي باري ۾ به ڪافي ڪجهه لکيل هو. ٽئين مهيني ماڻهن ساڳي تاريخ تي وري انتظار ڪيو. پوليس به اها سڄي رات شهرن ۾ پهرو ڏيندي گذاري، پر نه ته ڪو ماڻهو هٿ آين ۽ نه ئي ڪو پرچو. هفتي کن کان پوءِ وري پمفليٽ نظر آيا.
ان کان پوءِ ته اهو دستور ٿي ويو. پندرهين ويهين ڏينهن ڪونه ڪو پمفليٽ گهرن، گهٽين، مدرسن ۽ مسجدن ۾ نظر ايندو هو. جتي پمفليٽن سان محب وطنن جو من ٿڌو ٿيندو هو ۽ ماڻهن ۾ ڪا سجاڳي، ڪا چڻ ڀڻ پيدا ٿيڻ لڳي هئي، اتي حڪومت ان تي ڏاڍو پچرندي هئي، آخر ٻيو نه پڳو ته اها پروپئگنڊا شروع ڪئي ويئي ته اهي پمفليٽ هندستان مان پيا نڪرن. پر ماڻهو وڏي شئيءِ آهن، اهي پنهنجي طور تي اهو سمجهي پئي سگهيا ته ڏهه پندرهن شاگرد رڳو پنهنجي کيسي جي خرچي به خرچ ڪن ته به پمفليٽ ڪڍڻ انهن لاءِ ڪو ڏکيو ڪم نه هو.
ڪٿي ڪٿي ڪي بي احتياطيون به ٿيون، ان ڪري جيڪب آباد ۽ ڪراچي ۾ ڪجهه همراهه گرفتار به ٿيا، پر انهن مان ڪنهن به خاص سر نه ڏني. جانب جي ته خير، خبر ئي ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ کي هئي، پر ڪنهن شاهده جي ڀاءُ اڪبر جو نالو به نه ورتو.
اها چڱي موچاري ڪاميابي هئي، جو گرفتارين جي باوجود پمفليٽ نڪرڻ بند نه ٿيا ۽ نه ئي ڪجهه همراهن جي ڪمزور پوڻ جي باوجود حڪومت جانب وارن جي گروپ تائين پهچي سگهي، ڇاڪاڻ ته ان حد تائين ڪمزور پوڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو.

6

جنهن ڏينهن خانصاحب جو سوٽ عبدالله جيڪو نواب شاهه ۾ رهندو هو ۽ دادو ۾ ايس پي هو، سو هڪ روزه پوليس پريس ڪانفرنس تي ڪراچي آيو. ان ڏينهن جي اخبارن جي خاص خبر اها هئي ته، ”مشهور انقلابي اڳواڻ جانب علي مارجي ويو“ اڳتي تفصيل ڏنا ويا هئا ته جانب علي گم ٿيڻ کان پوءِ وڃي مبين ڏاهري جي ٽولي ۾ شامل ٿيو هو ۽ تازي مقابلي ۾ مارجي ويو، سندس لاش کي سڃاڻپ کان پوءِ دفن ڪيو ويو هو.
عبدالله خان، خانصاحب، شهناز ۽ سندس ماءُ جڏهن ڇٻر تي شام جي چانهه پيئڻ ويٺا، تڏهن شام جون اخبارون ٽيبل تي هيون ۽ هنن جو موضوع گفتگو جانب علي هو. شهناز ڀاڻس کان پڇيو؛ ”ادا چئبو، جانب علي مارجي ويو، ائين نه؟“
ڀاڻس خفگيءَ مان وراڻيو؛ “ هو ايترو غيرت وارو ناهي، جو ائين ئي جلدي مري وڃي.“
”ڇو؟ هٿ نه آيو ڇا؟“
”ڪٿي ٿو هٿ اچي، حرامي الائي ڪٿي ڪٿي گهمندو هوندو.“ هن چانهه جو ڍڪ ڀريندي چيو.
”پوءِ هي جو اخبارن ۾ آيو آهي سو؟“ ماڻس پڇيو.
”اهو ته ائين ئي ڏنو اٿئون، جيئن هو سمجهي ته اسين کيس مئل پيا سمجهون، هو ٻر مان نڪري ته کيس ٻڌون.“
”۽ پوءِ کيس واقعي ماري ڇڏيون.“ شهناز پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏيندي، ڄڻ سليم جو جملو پورو ڪيو.
”جي!“ عبدالله کان ڇرڪ نڪري ويو. ”توکي ڪنهن ٻڌايو؟“ هن شهناز کان پڇيو.
”مون کي ڪير ٻڌائيندو ادا! اهو ته اخبارن جي خبر مان ئي نظر اچي پيو، مون غلط چيو ڇا ادا؟“ شهناز مرڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. هن جي چهري تي پريشاني جا آثار بکي رهيا هئا.
”تون تمام هوشيار ٿي ويئي آهين ڇوري!“ هن پيار مان هلڪي ٿف هڻندي چيس؛ ”شايد اهو منصوبو آهي، پڪ مون کي به ڪانهي، پر سمجهان ائين ٿو.“
جانب علي جي مارجڻ جي خبر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سجاڳ محنت ڪشن ۽ قومي حقن لاءِ ڪڙهندڙن لاءِ رڻ ٻاري ڇڏيو. اهي اڌ سجاڳ پورهيت جي، هن کي رڳو قومي حقن لاءِ وڙهندڙ سمجهندا هئا ۽ اهي اڌ سجاڳ قوم پرست جي هن کي رڳو پورهيتن جي بين الاقوامي مفاد جو نمائندو سمجهندا هئا، هن کي پنهنجو پنهنجو سڄڻ قرار ڏيڻ لڳا. اخبارون ۽ جلسا جلوس ته بند هئا، پر عام ڪچهرين ۾ ڄاتل سڃاتل ماڻهو، جن مان ڪيئي هن تي اجايا الزام هڻندا هئا ۽ تهمتون مڙهيندا هئا، سي به پنهنجو پاڻ کي هن جو جان نشين سڏائڻ لڳا.
جانب جي گهر وارن اها خبر پڙهي ته ڏاڍا پريشان ٿيا، پر پوءِ گهر جي دروازي تي ٻن نون سي آءِ ڊي وارن جو اضافو ڏسي، ڪجهه پريشاني گهٽ ٿين، جو اندازو لڳايائون ته هيءَ پروپئگنڊا آهي. پر پوءِ به ٽي چار ڏينهن هنن کان آرام سان ٽڪر کاڌو نه ٿيو، تان جو هڪ ماڻهو اچي ڀاڻس کي ڪن ۾ ڳالهه ڪئي ته هن کي هڪ تمام ذميدار آفيسر، جيڪو جانب جو همدرد آهي، تنهن موڪليو آهي ۽ چيو اٿائين ته اهو ڪوڙ آهي، ته ڪو جانب علي مارجي ويو آهي. هو اڃا تائين جتي به آهي، خير سان آهي.
ان وقت جيڪب آباد ۽ ڪراچي جا همراهه پوليس وٽ هئا. پوليس تمام ڊگهو رمانڊ ورتو هو. هيءَ خبر اخبارن ۾ آئي ته همراهن جا ڇهه ئي ڇڄي پيا. ”آه! هاڻي ڇا ٿيندو؟“ هنن جي ذهن ۾ ڏک سان گڏ سوال به هو. هڪ همراهه ٻين کان صلاح پڇي ته، ”ڪيئن هاڻي وڌيڪ مارن کان بچڻ لاءِ پوليس کي ٻڌايون ته هيءَ پمفليٽن وارو ڪم جانب ڪرائي رهيو هو.“ پر نواز چيو؛ ”قطعي نه! اهو خراب مثال به ٿيندو ۽ وڌيڪ ڦاسي وينداسين، پاڻ واريون اصلي سهي جون ٽنگون ٽي، پاڻ کي ڄڻ ڪا خبر ئي ڪانهي.“
سڀ کان وڌيڪ پريشان به اهي همراهه ٿيا، ته سڀ کان پهرين اندازو به هنن لڳايو ته جانب جي مارجڻ جي خبر ڪوڙي آهي. ڇاڪاڻ ته پوليس هنن کان نئين سر پڇا ڳاڇا شروع ڪئي هئي، جنهن جو مکيه سوال هي هو ته؛ ”جانب علي ڪٿي آهي؟“
هن دفعي شاهده جو ڀاءُ اڪبر جڏهن پمفليٽ ڏيڻ لاءِ اندرون سنڌ جي چڪر تي ويو ته هر ڪو دوست فڪرمند هو ۽ کيس اهو چوڻو پيو ته جانب علي خيريت سان آهي. ڇاڪاڻ ته هو انهن سان پهريون دفعو جانب علي جي حوالي سان مليو هو ۽ هن دفعي صورتحال جو اندازو ڪري شاهده پرچا ڏيڻ وقت چيو هئس ته جيڪو به کانئس پڇي، ان کي جانب جي خيريت جي خبر ڏئي.
عبدالله خان جي وڃڻ کان هفتو کن پوءِ سندس پٽ حميد به اچي خانصاحب جن جي گهر سهڙيو. هو خانصاحب جي سوٽ جو پٽ هو. حيدرآباد ۾ رهندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو. هو ويجهن مائٽن ۾ هڪ ئي هن عمر جو ڇوڪرو هو، ان ڪري اڃا تائين ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيڻ جي باوجود شهناز جو آئنده جو مڱيندو سمجهيو ويندو هو.
حميد اچڻ شرط گهمڻ ڦرڻ جو پروگرام ٺاهيو. ڪنهن ڏينهن ڪلفٽن ته ڪنهن ڏينهن هاڪس بي، ڪنهن مهل هل پارڪ ته ڪنهن مهل وري گانڌي گارڊن.
هُن هِن ساري عرصي ۾ شهناز جي رويي مان هلڪڙي رکائي محسوس ڪري ورتي، سو هڪ ڏينهن چيائينس؛ ”ڇا ڳالهه آهي شهناز! تون آخر بيزار ڇو ٿي رهين؟ مون کان ناراض آهين ڇا؟“
”نڪو، ناراض ڇو ٿينديس.“
”پوءِ جيڏانهن آئون گهليان ٿو ته هلين ٿي، نه ته پنهنجي طور تي ڪو تفريح جو پروگرام ڪونهي، ڇو؟“
”بس ائين ئي، اسين ڪراچي ۾ رهون ٿا، ان ڪري هتي جي ڪنهن جڳهه ڏسڻ جو ڪو خاص شوق ڪونهي، هر شئي، هر جڳهه ننڍي لاڪر گهڻي ئي دفعا ڏٺي اٿم.“ شهناز ڌيرج سان جواب ڏنس.
”مون ٻڌو آهي، تون سياست ۾ حصو وٺڻ لڳي آهين، ڪٿي اهو سبب ته نه آهي؟“ حميد وري پڇيس.
”سياست ۾ ٿورو گهڻو حصو ته وٺان ٿي، پر اها ڪا خراب ڳالهه ته ڪانهي!“ شهناز هاڻي اڳي کان وڌيڪ سنجيده هئي ۽ سندس جواب ۾ ضد جو عنصر به حميد محسوس ڪري ورتو. وڌيڪ ڇيڙڻ مناسب نه سمجهي چيائين؛ ”نه! ڪجهه نه ڪجهه حصو وٺڻ ته اڄڪلهه جو فئشن آهي، پر ماڻهو مرڳو سياست جو نه ٿي وڃي.“ اها ٻي ڳالهه هئي ته هو سنڌ يونيورسٽي ۾ احمد خان وارن کي حقارت جي نظر سان ڏسندو هو. چئين: ”ڇورا سياست جي بکيڙڻ ۾ پئي پنهنجي زندگي پيا وڃائين.“ ۽ هو سينڌ سرما ڪريو، وقت جو وڏو حصو ڇوڪرين جي ڇٻر يا ڪامن روم جي سامهون گذاريندو هو. شهناز کي خبر ته ڪانه هئي، پر اندازو ضرور هوس، سو چيائين؛ ”هر ڪنهن جو پنهنجو ذوق ۽ شوق آهي، پنهنجي پسند ۽ پنهنجو شغل آهي. آئون ڪڏهن به اها ڳالهه قبول نه ڪنديس، ته ڪير منهنجي ڪنهن به ڳالهه تي اعتراض ڪري.“
حميد ٻه ٽي منٽ ماٺ رهيو، پر پوءِ ماٺ کي وڌيڪ منجهائيندڙ ۽ هاڃيڪار سمجهي ڳالهه کي چرچي ۾ ٽاريندي چيائين؛ ”ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ اسان کي هڪ ٻئي تي اعتراض ڪرڻ جا حق ملي وڃن.“
”سوال ئي نٿو پيدا ٿئي، قطعي نه!“ شهناز جي پڪائي، ضد ۽ رکائي پنهنجي انتها تي هئا. حميد وڌيڪ ڳالهه ٻولهه تي ماڳهين قصو خراب ٿيندو ڏسي چپ ٿي ويو.

7

اڄ ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ حبيب کيس ملڻ آيو. ڏينهن جو ته بنگلي تي ڪم جي وٺ وٺان رهندي ئي هئي، ان ڪري هو ڪجهه به ڳالهه ٻولهه ڪري ئي نه سگهيا، سو جانب کيس پنهنجي ڪوٺڙي ۾ ترسائي ڇڏيو. رات جو ڪم ڪار کان واندو ٿيڻ کان پوءِ هي پنهنجي ڪمري ۾ آيو. حبيب کيس ڪافي حال احوال کان واقف ڪيو. پمفليٽ باقائدگي سان نڪري رهيا هئا. ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀتين تي ”فوجي ڊڪٽيٽرشپ تي لعنت“، ”قومي حق بحال ڪريو“، ”بنگلاديش جي عوام جو قتل عام بند ڪريو“ ۽ ”اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن کي ڏيئي جمهوريت بحال ڪريو“ جا نعرا لکيل هئا. سنڌي ادبي سنگت جا اجلاس هاڻي باقائدي ٿيڻ لڳا هئا، جن دانشور طبقي جو مونجهارو دور ڪرڻ ۽ کين زنده ۽ متحرڪ هجڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪيا هئا. انهيءَ ڪچهري کان پوءِ حبيب کيس محمود جو خط ڪڍي ڏنو، هن لکيو هو:
جيئي پورهيت _ جيئي سنڌ
مٺا جانب، شال جيئين!
آئون پنهنجي موجوده زندگي کان ڪافي عرصي کان وٺي غير مطمئن هئس. ان جي باوجود مون پنهنجو پاڻ کي گهلڻ جي ڪوشش جاري رکي. مون هن دور ۾ ڀڄڻ نٿي چاهيو، پر آئون محسوس ڪريان ٿو ته جنهن قوم لاءِ سر جون سٽون ڏجن، هر وقت سر تريءَ تي رکي ڪم ڪجي، اها قوم پوءِ به ان جي بدران ساٿ نه ڏئي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ منهنجي وس کان ٻاهر آهي، جو پوءِ به ائين ئي ڪم ڪندو رهان. توهان کي شابس هجي جو پوءِ به اڃا مايوس نٿا ٿيو ۽ لاٽ ٻاريو اچو. آئون ڳوٺ وڃي رهيو آهيان، جتان شايد ڪڏهن به نه موٽان. مون توکي اهو به ٻڌايو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ته خودڪشي ڪرڻ جا خيال به ايندا اٿم، پر ان تي تون چڙي پيو هئين. ميٽنگ ۾ ته برابر تنهنجو رويو ٺيڪ ۽ سمجهائڻ وارو هوندو آهي، پر ان کان ٻاهر انفرادي طرح تون ڪڏهن ڪڏهن چڙي پوندو آهين، شايد منهنجي ٿڪجي ويهڻ ۾ ٻين ڪيترن ئي سببن سان گڏ تنهنجو ڪڏهن ڪڏهن چڙڻ به هجي. ٿي سگهي ٿو ته تو اهو بي تڪلفيءَ ڪري ڪيو هجي يا روپوشي جي زندگي ۾ ۽ جيل ۾ ماڻهو وڌيڪ حساس ۽ ڪجهه چيڙاڪ ٿي پوي ٿو، پر توکي بهرحال اهو درست ڪرڻ گهرجي، متان ڪنهن ٻئي سنگتي تي به ان جو خراب اثر پوي. مون کي خبر آهي ته تون ان جو پنهنجي مخصوص انداز ۾ تجزيو ڪندين، ان ۾ منهنجي گهريلو حالتن، والد جو وڏيرو هجڻ، منهنجو انقلابي ادب نه پڙهندو رهڻ ۽ منهنجي ڪجهه جسماني ڪمزورين کي ئي سبب ٺهرائيندين. تو اهو ته اڳي به چيو هو ته بيمارين جو علاج ڪراءِ ۽ لٽريچر پڙهندو رهه، نه ته عوام کي گاريون ڏيئي ويهي رهندين. آئون ڀانيان ٿو جيڪڏهن عوام جاهل نه آهي، ته به گهٽ ۾ گهٽ آئون انهي لائق ناهيان جو اهي ڏونگر ڏاري سگهان. شايد توڏانهن هي منهنجو آخري خط آهي، منهنجي سڀني مايوسين ۽ شڪايتن جي باوجود يا ڪنهن ٻئي ساٿي لاءِ منهنجي پيار ۾ ڪمي نه آئي آهي، شايد وري ڪنهن زندگيءَ جي موڙ تي ملون.
چڱو جيئي سنڌ
تنهنجو محمود
هن خط پڙهي پورو ڪيو ته ڪاغذ سندس هٿ مان ڪِري پيو. هن وري اهو کنيو، وهاڻي هيٺ رکيائين ۽ حبيب ڏانهن ڏسڻ لڳو. ٿوري دير هو هڪ ٻئي کي ڏسندا ئي رهيا. آخر حبيب چيو؛ ”مٺا! هن قافلي ۾ ته ڪيئي مسافر ايندا ۽ ويندا رهندا آهن. هن وقت اسين اڳي کان چار وکون اڳتي آهيون، مسافرن جو تعداد به اڳي کان اڳرو آهي، پوءِ به تون ايترو ملول ڇو آهين؟ پوئين ميٽنگ ۾ به ته محمود ڪيتري نه مايوسيءَ جو اظهار ڪيو هو، ياد اٿيئي نه! پوءِ ڇو ملول ۽ ماٺ ۾ آهين؟ جانب چيو؛ ”پيارا! سو ساٿين جي سنڀرڻ جي خوشي ته فطري آهي، پر هڪ دوست جي واٽ هلندي ويهي رهڻ تي من مانڊاڻ ۾ باهه لڳڻ به فطري آهي ۽ محمود....“ هو ٿوري دير ماٺ رهيو، وري ڀريل گلي سان چوڻ لڳو؛ ”محمود ته ڪيترين ئي اوکين ۽ اتانگهين گهڙين تي به ڪمزور نه ٿيو هو. ڪيترا ڀيرا ته مون سان گڏ جيلن ۾ رهيو آهي. هن پوليس جا به ته ڪيترا عذاب سٺا آهن. هو ٽنڊو ڄام ياد اٿئي...“ ۽ هو ٿڌو ساهه کڻي ماٺ ٿي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ جڏهن بجلي وسائي هڪ ئي کٽ تي سمهڻ لڳا، تڏهن حبيب چيو؛ ”۽ هو خبر اٿيئي، صفيه کي پير بخش ڪڍي ڇڏيو آهي، کيس هڪ ڪڪي به آهي.“
”جي!!“ جانب ڇرڪ ڀريو ”ڪڏهن؟“
”هفتو کن ٿيندو.“
”شايد اهو ئي اهو آخري وار هو، جنهن محمود کي مايوس ڪري ويهاري ڇڏيو.“ جانب چيو.
پوءِ هنن مان ڪير به ڪونه ڪڇيو. جانب منهن ورائي سمهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ننڊ ڪٿي هئي. هن کي ويل وقت ورائي ورائي ونگ وجهي رهيو هو. آخر هن عاجز اچي خيالن جي وهڪري کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو. هن کي ياد آيو.... اف! صفيه جنهن پنهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي.
هرڻ جهڙين اکين، ڳاڙهاڻ مائل اڇي رنگ، روايتي پدمڻي جيڏن وارن، سنهڙي نڪ ۽ موتين جي قطار جهڙن ڏندن واري صفيه! معصوم ۽ مرڪندڙ صفيه، سادي سودي رهندڙ پر ذهين صفيه، هن جي دوست محمود جي ڀيڻ هئي. هن مئٽرڪ سائنس ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ ڪئي هئي، پر هن جو لاڙو ادب ڏانهن هو، سو ڪاليج ۾ آرٽس کنيائين ۽ پهرئين سال ۾ پڙهندي هئي. هوءَ سياست ۾ به ٿوري گهڻي دلچسپي رکندي هئي. اهو ئي سبب هو جو گهر ۾ چڱو خاصو پردو هوندي به هن ڀاڻس کي زور ڀريو ته هو کيس جانب سان ملائي.
جانب کي اڃا تائين پهرين ملاقات جي به گهڙيءَ گهڙي ۽ اکر اکر ياد هو. ان ڏينهن محمود جا ماءُ پيءُ ڪنهن مائٽ جي شادي تي ٻاهر ويل هئا ۽ گهر ۾ ڀاءُ ڀيڻ اڪيلا هئا، سندن وڏو ڀاءُ نوڪري جي سلسلي ۾ ٻاهر هو. جيئن ئي هو ۽ محمود گهر ۾ داخل ٿيا ۽ ڊرائنگ روم ۾ ويٺا ته صفيه پاسي واري ڪمري جو پردو هٽائيندي چانهه کڻي اچي سهڙي. ”سلام عليڪم“ هن اچڻ سان ئي چيو.
”وعليڪم سلام“ جانب ۽ محمود وراڻيو. هوءَ چانهه رکي بيهي رهي. ”ويهو ادي!“ جانب چيو ۽ هوءَ ويهي چانهه ٺاهڻ لڳي. ٿوريءَ دير خير و عافيت پڇڻ ۽ موسم جي حال جي ڏي وٺ کانپوءِ جانب پڇيس؛ ”بي تڪلفي“ معاف ڪجو ادي، توهين پنهنجو پاڻ کي عورتن ۾ شمار ٿا ڪريو يا شاگردن ۾؟”
”ادا! فائدي جي ڳالهه هجي ته ليڊيز فرسٽ (پهريان عورتن جو وارو) چئي عورتن ۾ ۽ جي نه ته شاگردن ۾، بس سمجهو ته اُٺ پکي وارو حال آهي! بار ڍوئڻو هجي ته پکي، اڏامڻ جو ڪم هجي ته اُٺ!“ هن ڪنڌ هيٺ ڪندي مرڪندي چيو ۽ جانب اوڏيءَ مهل ئي سمجهي ويو ته هوءَ خوبصورت ۽ ذهين سان گڏوگڏ چنچل به هئي.
”توهان ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهيا آهيو؟“ جانب پڇيس
”ادا وٽ جيڪي به ڪتاب آهن، انهن جو وڏو حصو پڙهي چڪي آهيان.“ صفيه ورندي ڏني.
”پوءِ ڀلا هن باري ۾ به ڪجھ سوچيو اٿو ته هن معاشري کي جنهن ۾ عورتن کي برابر جا حق ته نه آهن، پاڻان گهڻو مظلوم آهن، قومون جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيون پيڙهجن، جتي ڪروڙين پورهيت پيڙهجي رهيا آهن ۽ لکين معصوم علم جي دولت کان محروم آهن، ان کي بدلائڻ جي باري ۾ به سوچيو اٿو؟“
”منهنجي وس ۾ هجي ادا ته آءُ جيڪر اڄ ئي بدلائي ڇڏيان، باقي وڌيڪ هٿ پير ٻين کي هلائيندي ڏسان ته جيڪر خوش ٿيان.“ صفيه شرارت گڏيل سنجيدگيءَ سان چيو.
”ادي! هي معاملو ته ڀٽائي جي بيت وانگي آهي ته:
پاڻهي ايندم هوت، پر آءُ به ڪجھ اڳڀري ٿيان،
متان چوي بلوچ، ته ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو!
سوڳالهه پنهنجو فرض پورو ڪرڻ جي آهي، باقي هن سماج کي اڳي ڪير بدلائڻ کان روڪي سگهيو آهي.“ جانب چيو.
”لکڻ پڙهڻ جي حد تائين ته ٺيڪ آهي، باقي رهيو وڌيڪ ڪم، سو جيئن پهرين عرض ڪيومانو ته ٻيا ڪن ته ٺيڪ، آئون ڪم ڪندڙن کي ڏسي ڏاڍي سرهي ٿيندي آهيان؛ اهو ئي سبب آهي جو ادا کي چيم ته توهان سان ملائي.“ صفيه وراڻيو.
”پوءِ ته مون وارو ملڻ به ادي، آئنده شايد ڏکيو ٿي سگهي، فرصت به گهٽ ملندي آهي.“
”توهان ملندا رهو ته ضرور فرق پوندو، پٿر تي به گهڻا ڏينهن پاڻي پوندو رهي ته سوراخ ٿي ويندو آهي، آئون ته انسان آهيان!“ هن دفعي صفيه جي لهجي ۾ شرارت گهٽ هئي.
ان کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن هو محمود سان ملڻ ويندو هو ته صفيه به موقعو ڪڍي ملندي هئس. هن جي والدين کي جانب سان ملڻ ۾ ڪو اعتراض نه هو، سندس پيءُ نظرياتي طرح ته جانب کي ناپسند ڪندو هو، پر هن کي خبر هئي ته جانب شريف ڇوڪرو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته محمود جو گهاٽو دوست آهي. صفيه کي سندس ماٽيلي ماءُ ڪنهن ڪنهن مهل جهڻڪيندي هئي، چوندي هئي: ”ڇوري ڪو حياءُ ڪر، ڪاليج ۾ ٿي پڙهين، ان جو اهو مطلب ٿورو ئي آهي ته ائين منهن اگهاڙي وڃيو غيرن سان ڳالهائين.“ پر محمود ماٽيلو ڀاءُ هوندي به تمام گهڻو ڀائيندو هئس، انڪري هوءَ ماڻس کان هروڀرو ايترو نه ڊڄندي هئي.
آهستي آهستي جانب اهو محسوس ڪرڻ لڳو ته صفيه هاڻي کيس مخاطب ڪرڻ وقت ادا نه چوندي هئي، هر وقت ڏانهس نهاريندي هئي ۽ ڪنهن مهل ڪا ڳالهه ڪندي هو ڏانهنس نهاريندو هو ته هوءَ شرمائجي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندي هئي ۽ چپن ئي چپن ۾ مرڪندي رهندي هئي. جانب محمود جي گهر وڃڻ گهٽ ڪري ڇڏيو. پر ڪڏهن جي وڃڻو پئجي ويندو هو ته صفيه ڏاڍيون ميارون ڏيندي هئس ۽ هو ڳالهين مان ڳالهه ڪڍي کيس ٻڌائيندو هو ته سندس زندگي تمام ڏکي ۽ هر وقت خطري ۾ ٿي گذري، سک جو ڪو ساهه مشڪل ئي نصيب ٿيندو آهي. ان کانسواءِ ڪو پراڻو سراڻو يا ميرو ڪپڙو لٽو به پائي سندن گهر ويندو هو، پر صفيه تي ان جو ڪو اثر ڪونه پيو، اٽلندو ”چري ڪيئن چاڪ، چي ويران وير وڌ.“
هڪ ڏينهن هو محمود جي گهر ويو ته سندن گهر ۾ صفيه کانسواءِ ڪير به نه هو. صفيه ٿوري دير هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ چيو؛ ”توهان کي ڪلام ٻڌايان؟“
”توهان جي مرضي!“ جانب چيو.
ٻيو هو ڇا ٿي چئي سگهيو ۽ هوءَ ڀٽ ڌڻيءِ جي ڪافي ڳائڻ لڳي؛ ”پيرين پوندي سان.......“
هن ڳائي بس ڪيو ته جانب ماٺ رهيو، ٻه ٽي منٽ خاموش رهڻ کانپوءِ جانب کي نه ڳالهائيندي ڏسي صفيه پڇيس؛ ”ڪئين لڳو؟ خراب ٿي ڳايان ڇا؟ چُپ ڇو آهيو؟“
جانب اڃا تائين هن جي جرئت تي حيران هو. هن جواب ڏنو؛ ”نڪو! ڪير ٿو چوي ته توهان خراب ٿا ڳايو!؟“
”پوءِ توهان چُپ ڇو هئا؟ ڪهڙي سوچ ۾ هئا؟“
”آئون ڪهڙي سوچ ۾ هوندس! بس ائين ئي....“ هو وري چُپ ٿي ويو.
”هڪ ڳالهه چوان؟“ صفيه ڪنڌ هيٺ ڪري هوريان چيو.
”فرمايو.“ جانب انتظار مان پڇيس، سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي.
”مون توهان جي....رويي ۽ اکين مان... ڪجھ محسوس ڪيو آهي.“ صفيه اڃا به ڳالهه منجهيل رکي. جانب ڪجھ سمجهندي، ڪجھ نه سمجهندي پڇيو؛ ”معاف ڪجو؛ مون نه سمجهيو؛ توهان ڇا محسوس ڪيو آهي؟“
صفيه هٻڪندي هٻڪندي جواب ڏنو؛ ”مون محسوس ڪيو آهي.... منهنجو مطلب آهي ته توهان مون سان... يعني مون کي چاهيو ٿا؟“
”ڇو نه! آخر توهين منهنجي دوست جي ڀيڻ آهيو.... آئون توهان کي پنهنجي سڳي ڀيڻ کان وڌيڪ ٿو چاهيان.“
”نه! منهنجو مطلب هو، اها چاهت جيڪا هڪ مرد کي عورت سان هوندي آهي.“ صفيه جو ڪنڌ بدستور هيٺ هو ۽ هوءَ اکر اکر کي چٿي ڳالهائي رهي هئي.
”ڪمال ٿا ڪريو توهين! آئون ڀلا ائين سوچي سگهان ٿو.“ جانب کي چڙ سان گڏوگڏ ڏک ۽ حيرت به هئي. هو سوچي به نٿي سگهيو ته هوءَ ايڏو جلدي ايڏي وڏي ڳالهه ڪندي، پر صفيه جا سڪون سان ڳالهه ڪري رهي هئي، تنهن خفگيءَ سان چيو؛ ”ڇونه! توهان مرد نه آهيو ڇا؟ آئون ڪا ايتري بدصورت آهيان ڇا؟ آخر اها ڳالهه فطرت جي خلاف ته نه آهي.“ هاڻي هوءَ حجت تي لهي آئي هئي.
”پر.... آئون ته توهان کي ادي چوندو آهيان؟“
”پوءِ ڇاهي، چاچي مامي جي ڌيءَ کي عمر سڄي ادي چئبو آهي، پوءِ ان سان شادي به ٿي ويندي آهي.“ صفيه چيو. هاڻي هن جي لهجي ۾ هٻڪ کان وڌيڪ ضد هو.
”پر هڪ ڳالهه ته هي آهي، آئون ادي چوان ٿو ته محسوس به ائين ئي ٿو ڪريان. ٻيءَ ڳالهه هي آهي ته محمود منهنجو دوست آهي، آئون ان جي ڀروسي کي ڪڏهن به ڀڃڻ نه چاهيندس، ان کانسوءِ مون کي شادي ڪرڻ جو في الحال ته ڪو ارادو به ڪونهي ۽ شايد ٿي به نه سگهي.“ جانب وراڻيو.
”آئون شادي جي ڳالهه ته ڪانه ٿي ڪريان، پيار جو مطلب ڪو شادي ته ضروري نه آهي، چاهت ته روح جي راحت ۽ دل جو سهارو هوندي آهي.“ صفيه ڏکويل لهجي ۾ چيو.
”پر آئون پنهنجي احساس کي ڇا ڪريان، جيڪو قطعي ٻئي قسم جو آهي.“ جانب سڪون سان وراڻيو.
”توهان ڪوڙ ٿا ڳالهايو! توهين بزدل آهيو، توهين پنهنجو پاڻ سان به دوکو پيا ڪريو.“ هوءَ ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿي ويئي.
”آئون درست ٿو چوان، مون کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت نه آهي.“ جانب ڏک مان چيو.
”آئون اهو ڪانه ٿي چوان ته ڪو توهان کي ڪوڙ جي عادت آهي، پر هن وقت بزدليءَ جي ڪري ڪوڙپيا ڳالهايو، نه ته توهين بلڪل پيار ڪريو ٿا.“
”مون پنهنجي ڳالهه ته ڪئي، پر توهين پنهنجي ڳالهه ڪريو ڇا توهين...؟“
”بلڪل توهان کي چاهيان ٿي، اها ڳالهه غير فطري نه آهي. آئون توهان وانگر بزدل نه آهيان.“ هن ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو، جيتوڻيڪ اڃا تائين هن جي لهجي مان ڪاوڙ ۽ ڏک ظاهر هئا.
”آئون توهان کي ڪيئن ٿو يقين ڏياري سگهان، ڀلا اهڙو به ڪو احمق هوندو جنهن کي اها ڳالهه پسند نه هوندي ته ڪوساڻس پيار ڪري، پر ان جي باوجود آءُ توهان سان صاف ڳالهه پيو ڪريان.“ جانب چيو.
”ان جي معنيٰ آئون توهان کي پسند آهيان.“ صفيه اميد ڀريي لهجي ۾ چيس.
”بلڪل پر ٻي حيثيت ۾!“ جانب اڃا تائين اڏول هو.
”آئون چوان ٿي اڃا به مڃو ته توهين مون کي چاهيو ٿا، جي اهو نه ته به ايترو مڃو ته پسند ڪريو ٿا. آئون شادي ڪانه ٿي گهران، نڪا جنس جي بُکي آهيان، مون کي صرف دل جو سهارو کپي، آئون وري به چوان ٿي مڃو نه ته پڇتائيندؤ؟“
”توهان ڇا ڪندو؟ وڌ ۾ وڌ مون تي ڪو اجايو الزام هڻي مون کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو! پر ياد رکو توهان جو سڳو ڀاءُ به توهان تي اعتبار نه ڪندو.“ (جانب کي چڙ وٺي ويئي) ”ڏسان توهين مون کي ڇا ٿا ڪري سگهو.“ ٿورو رکي هن وري چيو.
صفيه ٿورو اداس ٿي ويئي ۽ چيائين؛ ”آئون توهان تي ڪو الزام نه رکنديس توهان کي ڪا تڪليف به نه ڏينديس. توهان عورتن جي فطرت کان واقف نه آهيو، توهين ياد ڪندؤ! تڙپندؤ! پر اوڏيءَ مهل ڪجهه به ڪري نه سگهندؤ، آئون بدلو ضرور وٺنديس، توهان مون کي حقير سمجهي ٺڪرايو آهي. توهان پنهنجو پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجهو، پر وقت ايندو جڏهن توهان روئيندؤ! ۽ تسليم ڪندؤ ته توهان جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مون لاءِ قرب موجود هو.“ هن ڏکويل لهجي ۾ چيو ۽ جانب اُٿي روانو ٿي ويو. هوءَ هن کي ويهڻ لاءِ به نه چئي سگهي. البته دروازي مان نڪرندي وري جانب ٻڌو؛ ”ياد رکو! تڙپندؤ! ياد ڪندؤ!“
هو هليو ته ويو، پر دل ئي دل ۾ ڏاڍو ڊڄي ويو ته، ”صفيه نوجوان آهي، ماءُ ماٽيلي اٿس، جذباتي آهي، متان خودڪشي ڪري.“ سو سوچيائين ته ڀاڻس سان ڳالهائي جيڪڏهن هن کي ڪو اعتراض نه هجي ته هو صفيه سان پسنديدگي جو اظهار کڻي ڪري.... پر پوءِ هو ڊڄي ويو ته محمود الائي ڇا سمجهي!
پر صفيه خودڪشي ڪانه ڪئي، ڪاش هوءَ ان کان خودڪشي ئي ڪري ها..... جانب جي ڇاتيءَ ۾ جهڙوڪر هٿ جيڏي ڪهاڙي لهي ويئي، اها ياد ئي ايڏي ڪڙي هئي.
جانب سڄي دنيا ۾ ڪنهن سان ايڏي نفرت نه ڪندو هو، جيڏي پير بخش سان. ڳالهه به هئي پيربخش پنهنجو پاڻ کي انقلابي سڏائيندو هو، پر تحريڪن جي خاتمي جي ڪوشش ڪرڻ، نوجوانن کي نشو پتو سيکارڻ ۽ ڇوڪرين کي برغلائي، سندن عصمتون لٽي پوءِ ٿڏي ڇڏڻ سندس ڌنڌو هو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن جانب گرفتار ٿي ويو ۽ جيل ۾ هو ته خبر پيس ته صفيه گهران نڪري وڃي، پير بخش وٽ ويٺي آهي. ان کان ٽي چار ڏينهن پوءِ ئي صفيه جو خط پهتس، جنهن ۾ فقط ٻه ٽي اکر لکيل هئا. اهي ٻه ٽي اکر هينئر به سندس ڪنن ۾ ٻري اٿيا. ”الائي ڪنهن جا جانب، پر مون لاءِ صاحب! بدلو ڪيئن رهيو؟“
۽ پوءِ هو هميشه پڇتائيندو رهيو ته، ”محمود ڇا به سمجهي ها، ڪاش آئون پسند جو ئي کڻي اظهار ڪريان ها. هينئر الائي هوءَ ڪٿي هوندي، هاڻي هوءَ گهر جي به ڪٿي رهي هوندي ڪاش...“ هن ڏک مان سوچيو.
زندگيءَ جو قافلو انهن ڏکن، ڏوراپن، محبتن ۽ ميارن سميت اڳتي وڌندو رهيو.

8

شهناز جن جي قائم ڪيل ادبي انجمن ۾ به ميٽنگ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍا دلچسپ بحث ڇڙي پوندا هئا. جانب جي مارجڻ جي خبر کان پوءِ واري هڪ ميٽنگ کان پوءِ ڪنهن ڇوڪريءَ چيو؛ ”اديون هي ڳالهه ڪيئن آهي، جيڪڏهن هو واقعي ائين ٻيلي ۾ وڙهندي مارجي ويو آهي ته هو واقعي بيزار ٿي ڌاڙيل ته نه ٿي ويو هو؟“
نسيم چانهه جو ڪوپ هيٺ رکي چوڻ لڳي؛ ”تون به ڪمال ٿي ڪرين ادي، هو ڌاڙيل ٿي سگهي ٿو!؟ ها اهو ٿي سگهي ٿو ته هن سنڌ ۾ گوريلا جنگ جي شروعات ڪئي هجي، ڪيئن شهناز؟“ سڀ ڇوڪريون شهناز ڏانهن ڏسڻ لڳيون، ته هوءَ ڇا ٿي چوي. شهناز بلڪل صحيح ڳالهه ته نٿي ٻڌائي سگهي، جو جانب سندس گهر ۾ موجود هو. سو هن پهرين ڪوپ ۾ پيل چانهه جو آخري ڍڪ ڀريو، پوءِ عينڪ لاهي، ان کي صاف ڪيائين ۽ پوءِ چوڻ لڳي؛ ”اديون! آئون سمجهان ٿي ته ٻه ئي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هڪ اها ته هن کي گرفتار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو اٿن يا هو اڃا گم آهي. هي رڳو عوام جي حوصلن کي هيڻو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، باقي رهيو گوريلا لڙائي يا ڇاپه مار جنگ سو آئون ته ڀانيان ٿي ته سنڌ ۾ اڃا ان جو وقت نه آيو آهي. جيتوڻيڪ هي بهترين موقعو هو، بنگال ۾ رڌل ظالمن کي هن محاذ تي تکو ڪجي ها، ته بنگالين جي به مدد ٿئي ها ۽ اسان جي به جند آساني سان ڇٽي ها، پر...... خير سو اها ڳالهه آهي.“
نسيم وري پڇيو؛ ”پر ادي گوريلا جنگ جو وقت ڇو نه آيو آهي؟“
شهناز وراڻيو؛ ”ڀيڻ گوريلا جنگ ۽ دهشت پسندي ۾ ٿورو ئي فرق هوندو آهي. جيڪڏهن ملڪ يا قوم جي آبادي جي اڪثريت ساڻ آهي يا همدرديون آهن يا ان کي سياسي قدم سمجهي اڀرڻ جي گنجائش موجود آهي، ته ڪو به اهڙو قدم جهڙوڪ حملو، ريل جي پٽڙي اکيڙڻ يا ڪو ٻيو قدم گوريلا جنگ آهي، پر آبادي جي اڪثريت ان عمل کان عملي توڙي سياسي طرح ڪٽيل آهي ته اهو ساڳيو قدم دهشت پسندي آهي. اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪو قدم پنج ماڻهو کڻن ۽ اهو گوريلا جنگ جو قدم هجي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهو ساڳيو قدم پنجاهه ماڻهو کڻن، پر اها دهشت پسندي هجي. بنياد رڳو اهو آهي ته آبادي جي اڪثريت ڪيئن ٿي سوچي. اهو ئي سبب آهي جو دهشت پسندي شروع ڪندڙ عارضي جوش پيدا ڪرڻ جي باوجود ختم ٿي ويندي آهي، پر گوريلا جنگ صرف فتح ٿيڻ تي ئي ختم ٿيندي، ڇاڪاڻ ته دهشت پسند پنجاهه مان پنج ماريا، ته اهي گهٽيا ۽ پنجن گوريلن مان چار ماريا، ته عوام چار سئو ٻيا گوريلا پيدا ڪندو.“
ايتري ۾ سڀني چانهه پي ختم ڪئي هئي، سو هي سڀ اٿي پنهنجي گهرن ڏانهن روانيون ٿي ويون.
ان وچ ۾ بنگال ۾ تاريخ تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي هئي. ڪڏهن هي ٿي خبر آئي ته سلهٽ مان شرپسند ٽي لک مڻ اناج کڻي ويا، ته ماڻهن سوچيو ٿي ته آخر ٽي لک مڻ اناج پيادل ماڻهن کنيو هوندو، ته به ٻه لک ماڻهو هوندا ۽ جي ٽرڪن ۾ کنيو هوندائون، ته به ٻه هزار ٽرڪون هونديون، پوءِ جتان ٻه لک ماڻهو يا ٻه هزار ٽرڪ آرام سان لنگهي ٿي سگهيا، اتي ظاهر هو ته قبضو ئي انهن جو هو.
ڪڏهن ڪنهن زوري موڪليل پوليس جي سپاهي جو خط ٿي آيو ته پگهارون ته بند آهن، پر ڦرمار جي عام اجازت آهي، ان ڪري ايماندار ماڻهو لنگر جي دال تي ئي پچي رهيا آهن.
ڪڏهن ڪنهن شرپسندن جي ننڍڙي ٽولي سان جهڙپ جي خبر ٿي آئي ته، ڪجهه ماريا، ڪافي ڀڄي ويا، باقي پنجاه شرپسند گرفتار ٿيا. هن مان ئي مڪني فوج جي ننڍڙي هجڻ جي خبر پئجي ٿي ويئي. هاڻي هتي به ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿي رهيو هو ته، ”خدا نخواسته هي جرنيلن جو ٽولو اڃا به ڪرسي سان چنبڙيو رهيو، ته باقي ملڪ، خاص ڪري ننڍين قوميتن جو ڇا ٿيندو!؟“
جانب وارن هن موقعي تي سائيڪلو اسٽائيل ٿيل زير زمين اخبار چڻنگ ڪڍي، سا ڏاڍي مقبول ٿي.
جانب جن کي پئسي جي کوٽ ته هئي ڪانه، پنهنجي سنگت مان ڏهه ويهه روپيا ٿي ويندا هئا، اڃا به ضرورت هئي ته جانب شاهده جي ڀاءُ کي پنهنجي ڪنهن جهوني ذاتي يا نظرياتي سنگتي ڏانهن چٺي لکي ڏيندو هو، ته پئسا ملي ويندا هئا. هن ڏس ۾ پير ڪرم الحق سندس ڏاڍي مدد ڪئي. اخبار ۾ هو بنگال جي باري ۾ بي بي سي، آل انڊيا ريڊيو تان ورتل خبرون ۽ سنڌ جي مختلف مسئلن تي تبصرا شايع ڪندا هئا. حڪومت کي اخبار جي خبر ضرور پيئي، پر ڳولا جي باوجود کين ڪوبه پرچو ملي ڪونه سگهيو. حالانڪه اها اخبار محب وطنن کي گهڻو ڪري گهر ويٺي، هر هفتي قيمتن ملي ويندي هئي.

9

ڏينهن مٿان ڏينهن لنگهندا ويا، وقت بيهي نه رهيو هو. وقت ملڪن ۽ ماڻهن، دور ۽ دلين تي نشان ڇڏيندو گذري رهيو هو، تان جو 12 نومبر اچي پهتي.
12 نومبر جي ڏينهن ان دور جي آمر يحيٰ خان جي تقرير هئي. جانب، شهناز ۽ شمع شاهده جي گهر تقرير جي وقت گڏ ٿيا. شاهده جو ڀاءُ به موجود هو، پر نوري گهر جي ڪم ڪار سبب اچي نه سگهي هئي. تقرير ۾ ڀارت جي جارحيت جي ذڪر سان گڏوگڏ هنگامي حالتن جو اعلان هو.
هي ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ هن نتيجي تي پهتا، ته فوجي نظام هاڻي بنگلاديش ۾ شڪست کائي چڪو آهي، پر ان کي شرافت سان ڇڏي عوام کان شڪست مڃي پاڪستان جي عوام جا حوصلا بلند ڪرڻ جي بجاءِ هندستان سان جنگ ڪري اهو تاثر ڏيندا ته، ”پنجوڻي طاقت جي مڪار دشمن بنگال تي قبضو ڪري ورتو.“
انهن ئي ڏينهن ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي ڪارڪنن جي فوجي ڊڪٽيٽرشپ جي خلاف چرپر جي ڪري حڪومت پارٽي تي بندش وجهي ڇڏي.
ٿورن ئي ڏينهن ۾ يعني 3 ڊسمبر ڌاري اعلانِ جنگ ٿي ويو.
جنگ جا ڏينهن ڏاڍا عجيب هئا. پاڪستان ريڊيو، بي بي سي ۽ آل انڊيا ريڊيو جون مختلف خبرون، مرڪندڙ چهرا، مرجهايل چهرا، بمباري ۽ توبن جا ٺڪاءُ، روح کي ريجهائيندڙ خبرون ۽ من منجهائيندڙ خبرون.
جهڙي ٻاٽ اونداهي ملڪ جي سياسي صورتحال ۾ هئي، اهڙي اونداهه بليڪ آئوٽ جي ڪري راتين ۾ به ٿي ويئي هئي. هڪ هڪ گهڙي انتظار جي گهڙي، واضح فيصلي جو انتظار، جيڪو فيبروري ۾ ئي ٿي چڪو هو، ملڪ کي ڪٽڻ جو فيصلو، اڪثريت کي زوريءَ ڌڪي ڌار ڪرڻ جو فيصلو.
16 ڊسمبر شام فيصلو به ٿي ويو، پر اهو ته صرف بنگال جي قسمت جو فيصلو هو، جيڪو هاڻي بنگلاديش بڻجي چڪو هو. باقي ملڪ اڃا تائين مايوسين ۽ محرومين جو شڪار هو، پر هڪ ڳالهه ضرور صاف هئي ته هيڏي وڏي شڪست کان پوءِ جرنيلن جو ٽولو اقتدار تي صفا سنئون سڌو قابض رهي نٿي سگهيو.
چوٿين ڏينهن 20هين تاريخ ٻه بجي جي خبرن ۾ آيو ته ذوالفقار علي ڀٽي صدارت ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي چارج سنڀالي آهي. ماضي ڪجهه به هو، پر هو باقي بچيل پاڪستان ۾ اڪثريتي پارٽي جو ليڊر هو.
ڀٽي صاحب رات جو تقرير ڪئي، پنهنجي انقلابي هجڻ جو اعلان ڪرڻ سان گڏوگڏ نيشنل عوامي پارٽي تان پابندي هٽائڻ جو اعلان به ڪيائين، پر ٻئي ڏينهن هن جيڪي ٻه چار فرمان جاري ڪيا، انهن مان هڪ اهو به هو ته جانب علي جي گرفتاري تي ڏهن هزارن مان وڌائي پنجويهه هزار روپيا انعام رکيائين........
اُن ئي ڏينهن شام جو جانب کي سندس سنگتين جو نياپو مليو ته هو ڪراچي ڇڏي هڪدم ٻهراڙي ڏانهن هليو اچي، ڇاڪاڻ ته شهر ۾ نه رڳو انديشه وڌي ويا هئا، پر ٻهراڙيءَ ۾ به ڪم جي تمام گهڻي ضرورت هئي. هن وڏيءَ سانئڻ کي نوڪريءَ ڇڏڻ جو ٻڌايو ته پهرين ته هوءَ ڏاڍو پريشان ٿي، پر پوءِ چيائينس ته؛ ”چڱو ڀلي وڃ.“
ٿوري دير کان پوءِ هو جڏهن ڪپڙن جي هڙ کڻي ٻاهر نڪري رهيو هو ته شهناز ۽ نوري ٻئي کانئس موڪلائڻ دروازي تائين آيون. نوري جي اکين ۾ ڳوڙها هئا، هن چيو؛ ”هاڻي ته غريبن جو ڀلو چاهيندڙ عوامي حڪومت آئي آهي، پوءِ اڃا توهان تي وارنٽ ڇو آهي؟“
”عوامي!؟“ شهناز جون اکيون آليون هجڻ جي باوجود هن جي چپن تي طنزيه مرڪ اچي ويئي ۽ جانب علي ڀريل گلي سان کانئن موڪلايو. هن وٽ چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هجڻ جي باوجود به ڪجهه ڪونه هو.
نيون اميدون ۽ نيون امنگون ساڻ ڪري وري هڪ دفعو ٻهراڙي ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي هاري هئا، جتي گهڻو ڪجهه هو....