سنڌ جي ويجهي تاريخ جي ڪھاڻي بابت ھي ڪتاب ھڪ اھميت وارو دستاويز آھي. ڪتاب ۾ ٽالپر دور کان انگريز دور ۽ انگريز دور کان پاڪستان ٺھڻ تائين ۽ پاڪستان ٺھڻ کان ون يونٽ جي دور ۽ پوءِ بابت بيحد اھم سياسي ۽ تاريخي معلومات شامل آھي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي اھا سڄاڻ ھستي آھي جنھن پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿاريو ۽ تحريڪون ھلايون. انھن سڀني حالتن جيئن ون يونٽ خلاف تحريڪ، سائين جي ايم سيد جي علمي ادبي خدمتن، ڌارين جي آبادڪاري خلاف تحريڪ، ۽ سنڌ جي علحدگي جي تحريڪ بابت سائين جي ايم سيد جي ڪردار کي ھن ڪتاب ۾ چٽيءَ طرح نروار ڪيو ويو آھي.
تاريخ، فلسفو ۽ سياست
سنڌ ڪھاڻي ۽ جي ايم سيد
- 5.0/5.0
- 24
- 1
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ڪھاڻي ۽ نامياري قومپرست سياستدان سائين جي ايم سيد جي ڪردار، سياسي، سماجي، مذھبي، ادبي ۽ انساني خدمتن بابت خادم سومري جو لکيل ڪتاب ”سنڌ ڪھاڻي ۽ جي ايم سيد“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سنڌ جي ويجهي تاريخ جي ڪھاڻي بابت ھي ڪتاب ھڪ اھميت وارو دستاويز آھي. ڪتاب ۾ ٽالپر دور کان انگريز دور ۽ انگريز دور کان پاڪستان ٺھڻ تائين ۽ پاڪستان ٺھڻ کان ون يونٽ جي دور ۽ پوءِ بابت بيحد اھم سياسي ۽ تاريخي معلومات شامل آھي. سائين جي ايم سيد سنڌ جي اھا سڄاڻ ھستي آھي جنھن پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿاريو ۽ تحريڪون ھلايون. انھن سڀني حالتن جيئن ون يونٽ خلاف تحريڪ، سائين جي ايم سيد جي علمي ادبي خدمتن، ڌارين جي آبادڪاري خلاف تحريڪ، ۽ سنڌ جي علحدگي جي تحريڪ بابت سائين جي ايم سيد جي ڪردار کي ھن ڪتاب ۾ چٽيءَ طرح نروار ڪيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 2015ع ۾ انڊس پرنٽرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي جيئمسٽ فڪري پورھيي جي سٿ جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي. ٿورائتا آھيون خادم سومري صاحٻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف خادم حسين سومرو
- ڇپيو ويو 2015
- ڇپائيندڙ انڊس پبلشرز ڪراچي
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 29/Jun/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا