شاعري

خاموش مسافر

فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 11
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خاموش مسافر

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران فياض ”مسافر“ بروھيءَ جي غزلن جو مجموعو ”خاموش مسافر“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.
ھي ڪتاب سرسوتي ساھت گهر ڏوڪريءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون عيسيٰ ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: خاموش مسافر
شاعر: فياض ”مسافر“ بروهي
صنف: شاعري
ڇاپو: ٻيون
تعداد: 500
ڇاپي جو سال: 2020ع
ڪمپوزنگ: علي پٺاڻ
ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ: مصور منگي
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساگت گهر، ڏوڪري _ لاڙڪاڻو
قيمت: 150
ڪتاب نمبر: 59

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

لکپڙهه لاء
عيسيٰ ميمڻ
سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
03337555986

ارپنا

جيجل ماءُ سبحان خاتون جي نانءُ
جنهن جي سهاري
هن منزل تي پهتو آهيان.
جنهن جي
دعائن
منهنجي راھ ۾
هر رڪاوٽ
دور ڪئي آهي.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران فياض ”مسافر“ بروھيءَ جي غزلن جو مجموعو ”خاموش مسافر“ اوهان اڳيان پيش آهي.
فياض بروھيءَ جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي تہ لڪائي نہ سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي تہ بہ ٻڌائي نہ سگهي. ”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ بہ پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.
ھي ڪتاب سرسوتي ساھت گهر ڏوڪريءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون عيسيٰ ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران

فياض بروهيءَ جو هڪ تعارف ته شاعر وارو به آهي. هن جي شاعري انساني احساسن جي ڀرڀور ترجماني ڪندي رهي آهي. اهي احساس، جيڪي اظهارڻ لاءِ لفظن جي ترتيب گهرن ٿا، اهي احساس جيڪي انسان لڪائڻ چاهي ته لڪائي نه سگهي ۽ ٻڌائڻ چاهي ته به ٻڌائي نه سگهي. انسان جي هڪ وڏي آبادي اهڙن احساسن جو اظهار نه ٿي ڪري سگهي پر اهو هڪ شاعرئي هوندو آهي جيڪو اهڙو ڏانءُ /گُر ڄاڻي ٿو. فياض بروهي اهڙين خوبين سان سرشار رهيو آهي. هي جڏهن سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند سياست ۾ سرگرم هو تڏهن به هن سياست جي، سماج جي بي پهچ انسانن جو ترجمان بڻيل هو. هن ترقي پسند ۽ روشن خيال سياست جي وسيلي سماج ۾ تبديلي آڻڻ چاهي هئي. اها حقيقي تبديلي جيڪا غريب، مسڪين ۽ بي پهچ انسانن جي سماجي ۽ معاشي بيهڪ کي تبديل ڪري سگهي. هي پنهنجي قلم جي وسيلي مسلسل اخبارن ۽ رسالن ۾ عالمي ۽ علائقائي حالتن تي تجزيا ڪندو رهيو آهي. هن جا اهي ڪالم پڻ تاريخ جي اٽوٽ باب آهن. هن جي انهن ڪالمن ۾ سدائين مظلومن جي طرفداري شامل رهي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جو قلم ڪڏهن به بازار جو وکر نه رهيو آهي.
فياض جو هي شاعريءَ جو ڪتاب ”خاموش مسافر“ سنڌي شاعري ۾ هڪ زبردست اضافو آهي، جنهن جي پيش ڪش ايتري سادي ۽ سولي آهي جو هر پڙهندڙ کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي. هن وٽ پنهنجي خيالن، سوچن ۽ جذبن کي پيش ڪرڻ جو هڪ اهڙو فن آهي جيڪو فن تمام گهٽ ماڻهن جي حصي ۾ ايندو آهي. سرسوتي ساهت گهر- ڏوڪري پاران هي 59 هون ڪتاب يقينن اوهان کي پسند ضرور ايندو. اوهان جي راءِ جو هميشه وانگر اوسيئڙو رهندو.

عيسيٰ ميمڻ
چيئرمين
سرسوتي ساهت گهر-ڏوڪري
ضلعو لاڙڪاڻو

مهاڳ : غزل جي ميدان جو شهسوار

فياض ”مسافر“ غزل جي مشق ۾ جديد ۽ قديم ٻوليءَ جو سنگم ڪري غزل جي سخن آرائيءَ جو بهترين اظهار ڪيو آهي. فلسفي جي لحاظ کان نج نبار، اميد ڀريو پيغام پهچايو آهي. غزل جي ميدان ۾ سنڌ هن وقت برصغير جي ٻئي نمبر تي بيٺل سرزمين آهي. ٻوليءَ جي حوالي سان اردوءَ کان بعد ۾ سنڌي ٻولي اوچي پد تي غزل گو ٻولي آهي. جديد غزل جا لوازمات فياض ”مسافر“ جي غزل ۾ موجود آهن. فياض جو ترڪيبي انداز منفرد آهي. جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي حصي ۾ هڪ انوکو تجربو به آهي. شاعري ادب جي ماءُ آهي. قديم تاريخي سمورا دستاويز شاعريءَ ۾ آهن. نثر شاعريءَ جو پيٽ ڄايو پُٽ آهي. لوڪ ادب جو سفر جي هلي پورو ٿيو، اتان فني سفر جو آغاز ٿيو. فن جي ميدان ۾ فنڪارن ايترو ته پاڻ کي موکيو جو هر هڪ شعبي جو بنياد پيو. شعري صنفن ۾ ورهائي وئي.عروضي شاعريءَ جي ارتقا پڻ دنيا جي فن پارن تي محيط آهي. فياض ”مسافر“ جو ڪلام جيئن ته عروض جي ڪلاسيڪل صنف غزل تي آڌاريل آهي، تنهن ڪري عروض جي فن جو تاريخي پسمنظر ڏيڻ به ضروري سمجهان ٿو. غزل، قوالي ۽ مثنويءَ جو بنياد خليج جي استاد رکيو. فردوسي. حافظ ۽ مولانا رومي پنهنجو پاڻ انهن صنفن ۾ ملهايو آهي. قوالي ۾ روميءَ پنهنجو ثاني دنيا ۾ ناهي ڇڏيو. ته غزل ۾ حافظ دنيا جو وڏو ڪلاسيڪل شاعر آهي ۽ فردوسي مثنويءَ ۾ شاهه نامو لکي دنيا کي ڏندين آڱريون پارائي ڇڏيون.
غزل بر صغير جو معراج ماڻيو ته قوالي به بر صغير ۾ وجد ۽ ڪيف جون محفلون خوب گرم ڪيون. مثنوي بغداد شام کان مصر تائين وڃي پهتي، جتان مثلث نظم کان وٺي اثنا عشر نظم تائين نظم جا انيڪ روپ دنيا جي سامهون آيا. عربڪ شاعري، قصيدي، مرثئي ۽ حدي کان ٻاهر نڪري نوشيروان جي نقش پاوارين صنفن ڏي موٽ کاڌي.
”خاموش مسافر“ غزل جو اهو ڳٽڪو آهي، جنهن ۾ ڪلاسيڪل، جديد ۽ روايتي غزل جا ٽئي نيم اوهان کي نظر ايندا. حالتن پٽاندر هڪ ليکڪ پنهنجو پاڻ ادب کي ارپيندو آيو آهي، ايئن ئي فياض ”مسافر“ به پنهنجو پاڻ کي حالتن حوالي ڪيو آهي.
ڪجهه شباب جون ڳالهيون:

اوهان جي قرب جي خوشبو، ڪڏهن جنهن ۾ سمايل هئي،
وفـــــــــــــــــائــــــــن جــــــــو اهـــو ڀاڪـــــر، جفائن ۾ پرين گم آ.

وئين مسافر کي وفا جي راهه ڏيکاري صنم،
ســــاهه ڏيل راهه وفا آ، ساهه ۾ سانڍيل پرين.

هــــــــــــن مسافر سان نهه نهه ڪندي نيٺ اڄ،
هـــــــــن جــــــي نيڻن ۾ اقـــــــرار جو گل ٽڙيو.

هئي هـــــــــوا ســـــــرد اونڌاهه هڪ رات هئي،
تنهنجي زلفن ســــان منهنجي ملاقات هئي.
تنهنجي چهري ڪئي مون تي چانڊاڻ هئي،
تو ڏني مون کي ٽهڪن جي سوغات هئي.

غزل آهي ئي شباب آدميت جو معراج. تنهن ڪري غزل ۾ جواني، حسن، خوشبو، وفا، جفا، الهڙ پڻو، بي رُخي ۽ ٻيون انيڪ حياتيءَ جون، حسن جون، عشق جون وارتائون آهن. فياض ”مسافر“ به پنهنجي وس واڪ آهر اهي محبوب صفتون پنهنجي ڪلام ۾ آنديون آهن. ”خاموش مسافر“ وفا جي راهه تي هلندي، ڪٿي سور سَلي ٿو ته ڪٿي ڪي سوال ٿو ڇڏي وڃي. ڪٿي حسن ۽ جوانيءَ جون البيلايون ٿو بيان ڪري ته ڪٿي حالت جو تجزيو:

ملي وئي ڪوڙ جي ڪارٺ، هتي ڀي سچ جي چهري تي،
“مســــافـــر” ڪــــــوڙ نه لــــک شـــــــاعري بدنام ٿي ويندي.

جي گهاوَ رَسيا مون کي ڪنهن ڪنهن کان لڪائيندس،
دل روح ٻــــــئي گهــــايـــــل مــــــــــان ڪيئن وســـــاريندس.

سوچم ۾ تلاطم آ ۽ دل جي عجب حــالت،
مان پاڻ سنڀاليندس يا دل کي سنڀاليندس.

ڪشتي هي ”مسافر“ جي الفت جي بحر ۾ آ،
طــــــــوفان جيان تون ڀي رفتار ڪرين ڇو ٿو.

ها لڙڪ لڇن ٿا منهنجي شب روز صدا ۾،
ڇو ڪونه رهيو ڪو به اثر منهنجي دعا ۾.

ڪنهن جي حسرت ڪٺي رات پوئين پهر،
ٿـــــــــــــي قتل زنــــــــدگي رات پـــوئين پهر.

سونهن لٽجي وئي ٿيون ختم خواهشون،
ڪــــــــــــــا ٽُــــــــٽي آرســــي رات پوئين پهر.

تــــــو بنا منهنجا جذبا پيا سوڳ ڪن،
منهنجي اندر جا اڌما پيا سوڳ ڪن.

ويس ڪارا ڪيا رات تولئه مـــــگر،
ڏينهن جا هي اجالا پيا سوڳ ڪن.

اڏيم سمنڊ جي ڀر ۾ سڪ جا ديار،
هيـــون پـــــر تعاقب ۾ ويرون هزار.

چراغ محبت جـــي ٻاريون ٿا هت،
ته سامهون هوائون اچن بي شمار.

”مسافر“ تون جيون سفر ڪيئن ڪندين،
آ راهــــن ۾ نفرت جــــــــــي گـــــــــرد و غبار.

زماني گرديءَ ۾ انسان جو رت ۽ ست گڏجي جديد ائٽمي دور تائين پهتو آهي. هن مثالي ترقيءَ جو سفر جاري ۽ ساري آهي. جتي گوربا چوف جهڙي صوفي منش سرواڻ ورلڊ آرڊر تي صحي ڪري اٺ رياستون آزاد ڪيون ۽ انهن کي حق خود اراديت ۽ حق حڪمراني جهڙا اختيار ارپي ڇڏيا، اتي هٽلر جي نقش قدم تي هلندي سرمائيدار بلاڪ نام نهاد دهشت گردي جو ڍونگ رچائي عالم اسلام ۾ تباهه ڪاري جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ترقي يافته ملڪن جي نسبتي ڀيٽ ڪبي ته فرانس، دنيا جو اهو سرمائيدار ملڪ آهي، جنهن ترقي پذير ملڪن جي ترقيءَ ۾ دلچسپي وٺي لبيا، پاڪستان ۽ ايران جهڙن ملڪن کي ائٽمي انرجي فراهم ڪئي. فرانس جو جمهوري انقلاب ئي حقيقي جمهوري انقلاب آهي. ۽ ايئن ئي سوشلسٽ جمهوريت جو باني مباني روس خود اراديت جو علمبردار آهي. عالمي سرمائيدار منڊيءَ کي پورهيت انقلابي چين شهه ڏيڻ ۾ مصروف آهي.
فياض ”مسافر“ ۽ اهڙا انيڪ شاعر سمنڊ جي ڪناري محبت جا ديار اڏيندا رهن ٿا ۽ اڏيندا رهندا. سنڌ جي سونهن ڪاروڪاري جي رسم کان وٺي، چراغ محبت جا شيدائي پنهنجو تخليقي عمل جاري ساري رکيو پيا اچن. ”قلمڪار پبلڪيشن لاڙڪاڻي“ انهن سرجڻهارن جو قدر ڪندي پنهنجو تاريخي فرض نڀائي رهي آهي. ”خاموش مسافر“ پهرين ڪڙيءَ طور اوهان آڏو آهي، جيڪو هڪ حساس ترين فرد جي جذبن جو اظهار آهي.
مايوسي ۽ ڏک جو احساس ڪوئي قطئي عمل ناهي، تڏهن به ان جو ادب تي گهرو اثر ٿئي ٿو. اهڙن جذبن جو اظهار فياض جي غزل جو حصو ضرور آهي. پر غزل جي مواد ۾ تغزل ۽ تخيل جو اعليٰ استعمال ڀرپور نموني غزل کي غزل دنيا ۾ اهميت ٿو بخشي.
غزل جي ڪلاسيڪل مواد ۾ پڻ ”خاموش مسافر“ جو مواد پنهنجي فني آرستگي سان نمايان سنواريل آهي.

وڻن پنن ۾ شور ايئن آ، ڄڻ تنهنجي پايل جي ڇم ڇم،
ڪيڏو نه تـــــــن جـــــــو مــــــڌر آ پيار ڀريو سنگيت رڌم.

ڪلاسيڪل ادب اهڃاڻي ۽ علامتي هجڻ ڪري سڀني طبقن ۾ مقبول عام آهي. هن معياري دور ۾ منهنجي ذاتي راءِ آهي ته معياري ادب کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ڪلاسيڪل ادب جو دور تاريخ جو حصو ضرور آهي پر هن وقت معياري ادب جي هڪ سوڌيل سِٽ وڏن وڏن بياضن تي فوقيت رکي ٿي. ڇو ته هن دور جا مسئلا ڳنڀير آهن. تنهن ڪري مظلوم ڌر جو پاسو کڻڻ گهرجي. ورنه اڄوڪي دور جي ادب کي به غلط پيش ڪرڻ ۾ هاڻو طبقا وسان ڪونه گهٽائيندا.
فياض ”مسافر“ غزل جي ميدان جو شهسوار ٿي اڀريو آهي. سندس قلم جي مشق مان جيڪا مٽيءَ جي خوشبو فضا “ اڏي آهي، اها پنهنجي واس وٽ سان معطر آهي. مٽيءَ جو مان مٿانهون آهي. غزل جي ترتيب ۽ تغزل جي خوشبو سنڌ جي سر زمين کي واسڻ ۾ ڪٿي ڪائي اوپرائپ نه ٿي محسوس ڪرائي. اهو مسافر جي سخن آرائيءَ جو نمونو آهي، جيڪو هن خطي ۽ ٻوليءَ کي جلا بخشي ٿو. فياض ماتا جي ٿڃ ملهائي آهي. سنڌ کي هڪ سپوت پٽ طور وڏي مرتبي ۽ مان جي ڀيٽا ڏني آهي.

قوم ئي زندهه رهي پر جي زبان زندهه رهي

فياض سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪي خدمتون ڪيون آهن ۽ ڪندو رهي ٿو اهي ساراهه لائق آهن.

سرمد چانڊيو
ميراڻي محلو لاڙڪاڻو

تعارف: جديد ٽهيءَ جي جديد شاعري

ان من البيانِ لسحرَا وَ ان من الشَعر لحکمته (حديث ترمذي) بعض بيان (تقريرون ۽ تحريرون) جادو ۽ بعض اشعار حڪمت آهن.
هن حديث مقدس مان ثابت آهي ته ڪن تقريرن ۽ تحريرن ۾ اسلوب بيان جو جادو هوندو آهي. جو لحن و آواز يا واقعي مطابق غم، خوشي يا غصي مطابق لهجو پيدا ڪرڻ ۽ خطاب دوران اعضاء کي لهجي ۽ جذبات بنسبت متحرڪ ڪرڻ سان عوام الناس کي جنوني جذبات ۽ جوس ڏيڻ ۾ ڪامراني حاصل ٿيئي ٿي. انهيءَ راز وَ رموز جي ڪري ڪيئي مذهبي، سياسي، سماجي مقرر ۽ پروفيسر، عالم، اديب ۽ شاعر تاحيات و بعد الممات ماڻهن ۾ مقبول آهن. اهڙي طرح گائڪ ۽ ڪلاڪار پنهنجي بلند آواز کي موسيقيءَ جي ستن سُرن سان هم آهنگ ڪندي دنيا ۾ نالو ڪڍيو آهي.
ان من الشَعر لحکمته (بعض شعر حڪمت آهن)
ان حديث جي هن ٻئي حصي ۾ مسلم آهي ته بعض اشعار حڪمت آهن. انهيءَ تحرير مطابق شاعر حڪيم الامت، قوم وَ ملت جي حيثيت سان، دور دوران قوم کي احساس محرومي ۽ مشڪلاتن جو شڪار ٿيندي ڏسي ٿو ته قوم تباهيءَ ۽ غلاميءَ جي طرف ڌڪجي رهي آهي ته اهڙين حالتن ۾ قوم جي رهبريءَ طور پاڻ پنهنجي عقل و فهم، فڪر و علم، ڏاهپ ۽ حڪمت سان قوم جي بگڙيل حالات، نصيب ۽ قسمت کي نئين سر سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ دانائي ۽ حڪمت ڀريا اشعار پنهنجي شاعريءُ ۾ قوم کي سجاڳيءَ لاءِ پيش ڪري ٿو ۽ وقت جي فرعون کي مزاحمتي شاعري سان للڪاري ٿو. اهڙو شاعر زمان ۽ مڪان کان ٻاهر پر پنهنجي پر ۾ زنده ضمير جي ظرف ۾ غيرتمند، مزاحمتي گوريلو، سرويچ سپاهي، انقلابي سوريهه، قوم جو محافظ، ادب جو ضامن ۽ وطن جو فدائي هوندو آهي. انهيءَ پٽاندر جديد ٽهيءَ جي جديد شاعريءَ ۾ سماجي، معاشي، معاشرتي، سياسي، قومي، ادبي ۽ انقلابي مواد ڀرپوريت سان شامل آهي. اهڙا عالم، مفڪر، اديب ۽ شاعر ئي قوم، ڌرتي ۽ تهذيب و ثقافت جا اهڃاڻ هجن ٿا. جيڪي صدين جي تاريخ تي محيط آهن. ثقافت جي زمري ۾ فنون لطيفه جيئن مصوري، سنگتراشي، ڪاشيگري، تعميراتي فن ۽ شاعري و موسيقي پڻ اچي ٿي.
”شاعري لفظ جي اختصار سان موسيقي جو روپ ڌاري حسن جي رنگين تخليقي وجود ۾ جذباتي رقص جو تصور بخشي ٿي.“
شاعري فنون لطيفه جي ماءُ آهي. شاعريءَ جي ٻين اسمن جي ڀيٽ ۾ غزل جي وسعت وڌيڪ آهي. غزل تال، سُر ۽ لفظن سان گڏجي هڪ مخصوص فضا کي جنم ڏئي ٿو. جو جمالياتي طور ذهني خواهه جذباتي سُڪون بخشي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾غزل جي صنف علم عروض جي قوائد و ضوابط پٽاندڙ ٿئي ٿي. تاريخي اطتبار کان هي ايراني صنف آهي. عربي لغت ۾ غزل جي معنيٰ عورت سان ڪلام ڪرڻ آهي. عام اصطلاحي معنيٰ ۾ غزل جي اندر عشق جو راز و نياز مضمر آهي. شاعرن غزل ۾ حسن و جواني، پريمي يا پريميڪا جي سونهن. صورت و سيرت، ڪردار و گفتار، ناز و انداز، وصل و فراق کي نهايت ادب جي اُفق تي رسائڻ لاءِ نون استعارن، تشبيهن ۽ تمثيلن جو سهارو ڏيئي، فصاحت، بلاغت ۽ سلاست سان ڪمال لازوال جو مظاهرو ڪيو آهي. اڄ ڪلهه غزل کي اڃا به وسعت ڏيئي سماجي، اخلاقي، قومي، مذهبي،ادبي، انقلابي، ۽ آفاقي معاملات کي ڀي غزل جي پيراهن ۾ آندو وڃي ٿو. آواز جي پڙاڏي جيان سنڌي غزل به ايراني تتبع جي تابع آهي. ليڪن غزل کي تغزل ۾ لکڻ وارا شاعر تمام ٿورا آهن، جئين جواد جعفري، وشال شيخ،سعيد ميمڻ، سعيد سومرو غزل کي تغزل سان ڀريو آهي. تيئن ”مسافر“ جو هر غزل تغزل کان ٻاهر نه آهي. ويتر غزل کي نازڪ تخيل سان اشعارن، استعارن، ڪناين، تشبيهن، تمثيلن ۽ علامتن جي رنگين صورت ۾ آفاقيت جا ويس وڳا پهرائي تغزل کي باوقار ڪيو اٿس. شاعريءَ ۾ ندرت، سلاست ۽ رواني به غضب جي آهي.
تغزل جي دنيا جو هي نئون شاعر فياض احمد ”مسافر“ ولد نور محمد بروهي 18 جنوري 1968ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول علي گوهر آباد مان 1980ع ۾ پاس ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ 1985ع ۾ ڏنائين. انٽر ڪلاس گورنمينٽ سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ 1988ع ۾ پاس ڪيائين. بي ايس سي جي تعليم ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو (شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس سنڌ) مان حاصل ڪيائين. ملازمت جي لحاظ کان گورنمينٽ ميونسپل هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو ۾ 1995 کان استاد آهي. ملازمت دوران بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان 1998ع ۾ حاصل ڪيائون. سندس شاعريءَ جي شروعات 90_1989ع کان ٿي. شاعريءَ جي سکيا عنايت الله ”واصف“ وڳڻ ۽ روشن علي ”روشن“ سولنگي جن کان حاصل ڪيائين.
ان کان علاوه 2004ع کان وٺي عوامي آواز اخبار ۽ روزاني ڪوشش اخبار ۾ ڪالم نگاري سر انجام ڏئي رهيو آهي. ان سان گڏو گڏ آڪٽوبر 2006ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي پروگرام ۽ ڪمپيئرنگ جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو هي پهريون مجموعو آهي.



جي ايم ”رئيساڻي“ مدئجوي
عيد گاهه محلو مدئجي شڪارپور، سنڌ

پنهنجي پاران

شاعريءَ جي ذريعي پنهنجي پيغام، فڪر، نظرئي، فلسفي، جذبن، تمنائن ۽ آرزوئن کي عوام الناس تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي آهي. فڪر رسانيءَ لاءِ شاعري بهترين مـﺂثر ۽ طاقتور ذريعو آهي. آئون ته ان ۾ انفرادي ۽ اجتمائي ڏکن ۽ سُکن کي شاعراڻي رنگ ۾ رنڱي پيش ڪيو اٿم. ”مسافر“ تخلص جو ڪارڻ ته دنيا مسافر خانو ۽ هر انسان مسافر آهي.
آئون ڪن سببن ڪري خاموش دنيا ۾ پئي رهيس، ليڪن قلمڪار پبلڪيشن جي سٿ ساٿ ڏنو، جنهن جي ڪري اوهان جي هٿن ۾ منهنجو پهريون غزلن جو مجموعو ”خاموش مسافر“ آهي. اميد آهي ته قلمڪار پبلڪيشن اهڙن نوجوان ۽ معمر شاعرن ۽ قلمڪارن کي اڳتي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهندو. جيڪي لکن ته تمام سٺو ٿا پر خاموش دنيا جا مسافر آهن.
”خاموش مسافر“ ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ ۾ جن دوستن اهم ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ علي گل مڱريو، جي ايم رئيساڻي مدئجوي، فقير محمد سنڌي، شيخ نهال جنڊائي آهن.
آئون ٿورائتو آهيان سنڌ جي نامياري شاعر، اديب محترم سائين سرمد چانڊيو جن جو، جنهن ڪتاب لاءِ مهاڳ لکي ڏنو آهي. ۽ انهن جو شڪر گذار آهيان، جن تعارف، تاثرات ۽ رايا وقت سر لکي ڏنا. آخر ۾ آئون قلمڪار پبلڪيشن جي نگران ۽ اداري جو بيحد ممنون و مشڪور آهيان، انهيءَ کانسواءِ سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آڻي پڌرو ڪيو.


فياض ”مسافر“ بروهي

رات جو درد

فياض احمد ”مسافر“ جو پهريون شعري مجموعو غزلن تي مشتمل آهي. غزل هڪ ڪلاسيڪل صنف آهي. ”مسافر“ پنهنجي غزلن ۾ معاشري جي عڪاسي، نوان موڙ، تشبيهه ڀريون سٽون سرجيون آهن. فياض جي غزلن ۾ ڌرتيءَ لاءِ سِڪَ جو جذبو موجود نظر اچي ٿو. غزل کي تمام گهڻين بلندين تي پهچايو اٿس:
غريبيءَ جي هئي چادر ۾ ويڙهيل دوستو الفت،
اميرن کي غريبن جي، تمنا پئي مهانگي آ.

ڏينهن آ منتظر رات پل پل پڪار،
اوج تي اي ”مسافر“ تنهنجي تات آ.

منهنجي دل آ سنڌڙي هوءَ سنڌوندي آ،
نظارن کي جنهن کان هي رنگت ملي آ.

ساهه منهنجي ۾ هُٻڪار جو گل ٽڙيو،
دل جي ڌرتيءَ مٿان، پيار جو گل ٽڙيو.

فياض جا غزل امر بڻيل آهن، جيسيتائين سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي موجود آهي ۽ رهندي تيسيتائين فياض جا غزل به ان جو حصو رهندا ايندا. هن جي شاعريءَ ۾ انسانيت ۽ موضوع جي چونڊ پنهنجو الڳ مقام رکي ٿي. فياض ٻين ٻولين جا الفاظ پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ريت استعمال ڪيا اهن، جو محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته هي ڪو ڌاريو لفظ آهي. اميد ته اڃا به وڌيڪ محنت ڪندو ۽ پنهنجي قوم کي نوان ڪتاب ڏيندو رهندو.

ڊاڪٽر زيب لاشاري

تغزل جو معراج

فياض احمد ”مسافر“ پنهنجي شاعريءَ کي لفظن جي روپ ۾، پوپٽ جي نازڪ نفيس رنگن جيان، سنگيت جي ڪومل ۽ تيور ستن سُرن کي سموهي، ادبي دنيا جي انتها کان عروج ڏانهن پرواز ڪندي، ڪيترن ئي هم عصر شاعرن کي غزل گوئيءَ ۾ پوئتي ڇڏي، پاڻ تغزل جو معراج حاصل ڪري چڪو آهي.
سندس سموري شاعريءَ ۾ ”پيار“ کي زندگيءَ لاءِ هڪ زبردست معجزانه ترياق ڪري پيش ڪيو اٿس. ڇو ته ”پيار“ باهه ۾ سڙندڙ دوستي ۽ لامتناهي درگذر جو نانءُ، هر دل جي سحر زده صبح ۽ موسيقيءَ سان هم آهنگ لطف افزا دل جي جبلت جو جذباتي رنگ آهي.
هر غزل ۾ تغزل جون سڀئي خوبيون يڪجاءِ ڪيل آهن.


ابو القاسم محمد هاشم رئيساڻي
عيد گاهه محلو مدئجي شڪارپور، سنڌ

تڙپندڙ روح

سنڌ جي تهذيب جو شاهڪار عجوبو ”موهن جو دڙو“ جي شهر لاڙڪاڻي جي ادبي دنيا ۾ ليئو پائي ڏسبو ته ادب جي اُفق تي فياض احمد ”مسافر“ ستاري جيان چمڪندو نظر ايندو. پاڻ نه فقط شاعر آهي بلڪه ڪالم نگاريءَ ۾ الهامي تجزيه نگار جي قوت رکي ٿو. شاعريءَ ۾ محبوب يا محبوبه جي اکين جي سمنڊ جي پاتال مان ٿيندو، دل جي ڌڙڪن مان گذري، ادائن جي صحن تي سجدن جا نشان ڇڏي، پرينءَ جي زلفن کي سلجهائيندي، ديس جي دردن کي تڙپندڙ روح سان قلمبند به ڪيو آهي.
لاش چچريل، روح گهايل، بيوسي هاءِ بيوسي،
ديس جي آهه و بُڪا آ ساهه ۾ ســـانـــڍيــل پرين.
اميد آهي ته ادبي ڪتابن ۾ سندس هي پهريون ڪتاب لاجواب ثابت ٿيندو ۽ آسائتا آهيون ته آئنده به اهڙيءَ طرح ادب جي خدمت ڪندي، قوم کي ادبي تحفا پيش ڪندو رهندو.

شيخ رياض
محلو غريب آباد، مدئجي

غزل

---

وفا جي سرمي کي نيڻن جي، تمنا پئي مهانگي آ،

وفا جي سرمي کي نيڻن جي، تمنا پئي مهانگي آ،
ڦٽن کي ڀي دوائن جي، تمنا پئي مهانگي آ.

غريبيءَ جي هئي چادر ۾ ويڙهيل دوستو الفت،
اميرن کي غريبن جي، تمنا پئي مهانگي آ.

ڇهڻ چاهيو فلڪ سج هوندي، ٺاهي ميڻ جي ڏاڪڻ،
مگر دل جي اوچائن جي، تمنا پئي مهانگي آ.

جليو دامن بچائيندي، ها اوسيئڙي جي ڏيئن کي،
صبح کي پر هوائن جي، تمنا پئي مهانگي آ.

تنهنجي چاهت جي ٽارين تي، اميدن جا ها آکيرا،
گهرن کي پيار شاخن جي، تمنا پئي مهانگي آ.

اکين جي چائنٺ تي سپنا، بيهي تعبير لاءِ سوچن،
ڇو خوابن کي تعبيرن جي، تمنا پئي مهانگي آ

جتن ڪيڏا ڪري ٿي، ناوَ ساحل جي تمنا ۾،
بتيلي کي ڪنارن جي ، تمنا پئي مهانگي آ.

”مسافر“ گردش دوران ۾ ارمان، خواهشون، چاهت،
ته ڇا لڙڪن کي ٽهڪن جي، تمنا پئي مهانگي آ.

مدت گذري وئي اي دل، حجابن ۾ پرين گم آ،

مدت گذري وئي اي دل، حجابن ۾ پرين گم آ،
منهنجي هر آس ڇو تنهنجي سوالن ۾ پرين گم آ.

ڪيون ڪُوڪون مون مسجد ۾، مقدر ٺاهه اي مالڪ!
منهنجي هر آهه مسجد جي، مينارن ۾ پرين گم آ.

مون سمجهيو پيار جي خوشبوءَ سان مهڪي جڳ سڄو پوندو،
اها سرهاڻ نفرت جي، هوائن ۾ پرين گم آ.

صدين جي هي ٿڪاوٽ، منهنجي اکڙين ۾ لهي آئي،
منهنجي جيون جو هر پل، انتظارن ۾ پرين گم آ.

ڏکن خيما هنيا هن رات جي سيني تي سالن کان،
تڙپ هر رات جي تپش اوجاڳن ۾ پرين گم آ.

اوهان جي قرب جي خوشبو ڪڏهن جنهن ۾ سمايل هئي،
وفائن جو اهو ڀاڪر، جفائن ۾ پرين گم آ.

نه جڳ جي ڄاڻ هئي مون کي، نه آهي بس منهنجي دنيا،
تنهنجي نيڻن ۽ زلفن جي پناهن ۾ پرين گم آ.

کڻي ڏيئا هٿن ۾ ڇو، انڌيرن ۾ پيو ڳولهين،
”مسافر“ ڏينهن جي اڄ ڀي، اجالن ۾ پرين گم آ.

نه ڇيڙيو مست کي ديوانگي، بدنام ٿي ويندي،

نه ڇيڙيو مست کي ديوانگي، بدنام ٿي ويندي،
زخم دل ڪر نه ظاهر دل لڳي، بدنام ٿي ويندي.

آ قسمت خاڪ جي هن ڍير وانگي ٻار همدم تون،
ڪرم جا ديپ هي بدقسمتي، بدنام ٿي ويندي.

هي تنهائي جو چهرو ڏک جي دز ۾ ڀريل مان لڙڪن سان،
ڌوئان ٿو ورنه تنهنجي بي حسي، بدنام ٿي ويندي.

هجر جي رات رت جا لڙڪ ڳاڙي ٿي سڙي ٿو ڏينهن،
نه ايندين تون جدائي جي گهڙي، بدنام ٿي ويندي.

ڪجل وانگي وفا نيڻن ۾ پکڙيل آ جي ڳوڙها ٿين،
بزم ۾ بي وفائي هي تنهنجي، بدنام ٿي ويندي.

لکان واريءَ جي ذرڙن سان، وفا ميلاپ حسرت جي،
قبر تي ورنه تنهنجي سنگدلي، بدنام ٿي ويندي

ملي وئي ڪوڙ جي ڪارٺِ هتي ڀي سچ جي چهري تي،
”مسافر“ ڪوڙ نه لک شاعري، بدنام ٿي ويندي.

صبا جنهن ڏينهن کي سک جو، هڻان جهومر ڪڏهن ملندو،

صبا جنهن ڏينهن کي سک جو، هڻان جهومر ڪڏهن ملندو،
خوشين سان ٻهڪي هي جوڀن، سو پل آخر ڪڏهن ملندو.

ٽٽل ارمان هان ڪنهن رت جو ڪنهن صحرا جي مان ڪا دانهن،
۽ گل جي من جو شعلو هان، مون کي ساٿر ڪڏهن ملندو.

جلايان دل جي قبرستان ۾ ، يادن جي مڙهه کي ٿو،
ها سڙندڙ لاش کي نئين زندگيءَ جو ڪٿر ڪڏهن ملندو.

ٻڏل ٻيڙي کان هر ماڻهو، پڇي ٿو ڪٿ ڪنارو آ،
ٻڌايو تنهن کي ڪنهن ساحل، جو ڪو آسر ڪڏهن ملندو.

جلايا داغ سڀ دل جا، ڪيو روشن مون شامِ غم،
اداسي شام کي يارو، خوشين جو ور ڪڏهن ملندو.

وري شيشي جي ڏوليءَ ۾ ، کنئي سپنن جي مون بارات،
وري هن جي هٿان ڏوليءَ کي، ٻيو پٿر ڪڏهن ملندو.

خزان جي هنج ۾ ويهاري ، بهارن ۾ هلي وئي هو،
بهارن جي ته آنچل ۾ ستل همسر ڪڏهن ملندو

وساميل هر ستارو چنڊ پڻ زنجير ۾ جڪڙيل،
چِٽيو رت سان هو جنهن موسم کي، سو منظر ڪڏهن ملندو.

صنم هر رت جي محرومين، کي زلفن جي ڏني پڻ ڇانوَ،
منهنجي نيڻن کي پاڇو، ننڊ لئه ٻيهر ڪڏهن ملندو.

مرڻ کان پوءِ ڀي ڏيئي ۽ قبر مان هيءَ اچي ٿي دانهن،
اڃا دل ٿي ڀري آهون، وري دلبر ڪڏهن ملندو.

پريشان هن ٿڪل رستا، سڪل پن جان اڏن ٿا خواب،
”مسافر“ ٺاهي آسان راهه، سو رهبر ڪڏهن ملندو.

تنهنجي هر قاتل ادا آ، ساهه ۾ سانڍيل پرين،

تنهنجي هر قاتل ادا آ، ساهه ۾ سانڍيل پرين،
بي حسي تنهنجي مٺا آ، ساهه ۾ سانڍيل پرين.

لوڻ ٻُرڪي ٿي منهنجي گهاون تي تنهنجي بي رخي،
جهير ڏيندڙ هر جفا آ، ساهه ۾ سانڍيل پرين.

سڀ اميدون بي وسيءَ جي، دز ۾ ايئن لٽجي ويون،
پر انهن جي هر صدا آ. ساهه ۾ سانڍيل پرين.

لاش چچريل، روح گهايل، بي وسي هاءِ بي وسي،
ديس جي آهه و بُڪا آ، ساهه ۾ سانڍيل پرين.

تنهنجي مرڪن ساڻ پويل، پيار جون ساروڻين،
تو وساريو، اڃا آ، ساھ ۾ سانڍيل پرين.

وئين ”مسافر“ کي وفا جي، راھ ڏيکاري صنم،
سا ڏسيل راھِ وفا آ، ساھ ۾ سانڍيل سپرين.

مان چپ هيس پر هڪ لڙڪ ڏڪي چيو لڙڪن ۾ خواب سڙن ٿا،

مان چپ هيس پر هڪ لڙڪ ڏڪي چيو لڙڪن ۾ خواب سڙن ٿا،
حسرت سان ڀريل ۽ اجڙيل پنهنجي نيڻن ۾ خواب سڙن ٿا.

مون وانگي به ڪنڊن چاهيو ڪاش اسان گلشن جا گل ٿيون ها،
ڪنهن کي ڇا خبر ڪنڊن جا گلن جي دامن ۾ خواب سڙن ٿا.

سڀ ڪجھ پاڻ وڃائي پن ڇڻ ۾ خواب ڏٺا ها بهارن جا،
پر مون کي ڪهڙي ڄاڻ هئي، ته بهارن ۾ خواب سڙن ٿا.

هن جي سپنن سان ڀريل ٻيڙي کي ڪنهن ٻوڙيو ڪوئي ٻڌائي،
لهرون تڙپي چئي رهيون هيون هن، ته ڪنارن ۾ خواب سڙن ٿا.

ڌرتي تي ويهي ماڪ ڦڙن سان خواب اڻيا فلڪ سهاري،
حيرت آ يارو جو منهنجا، آڪاشن ۾ خواب سڙن ٿا.

تنهنجا پيرا کڻندي گذري، عمر “مسافر” پر توکي خبر،
ڪهڙي منهنجا تنهنجي قدمن، جي نِيشانن ۾ خواب سڙن ٿا.

هن عشق ۾ اهڙو آ، مستان بڻايو تو،

هن عشق ۾ اهڙو آ، مستان بڻايو تو،
وئي ساھ سان محبت، بي جان بڻايو تو.

مان سونهن تنهنجي ۾ ئي غلطان رهيس ايڏو،
دلدار کسي دلڙي حيران بڻايو تو.

پيڪر به وفا جو تون ۽ چاهت جو ترانو تون،
هن جڳ ۾ محبت کي، ايمان بڻايو تو.

هن تنهنجي محبت جو پيارا هي اثر آهي،
دراصل سڄڻ مون کي، انسان بڻايو تو.

هن عشق “مسافر” کي شاعر بڻايو آ.
دل منهنجي کي شاعر جو، ديوان بڻايو تو.

بي ڏوھ رُسي ساجن، تون مون کي ستائين ٿو،

بي ڏوھ رُسي ساجن، تون مون کي ستائين ٿو،
ناراض نه ٿي مون کان، مون کي ڇو ڀُلائين ٿو.

هي ناز اجائي ٿي، ڪجھ سوچ ته ڪر پيارا،
محبوب ڪري ماڻا، دل منهنجي ڏکائين ٿو.

ڇو ڏور رهين ٿو ، هي ٺيڪ نه آ دوري،
ڇو ڏور رهي مون کان، دل منهنجي جلائين ٿو.

مجبور جي مجبوري، جو وٺ نه غلط مطلب،
ڪري ناز جواني تي، در تان تون ڌڪارين ٿو.

اي يار ”مسافر“ هي محبت جو گداگر آ،
در در تي گداگر کي، ڇا لاءِ رلائين ٿو.

رسوا نه ڪبو حسن کي سنسار ٻڌي ڇڏ،

رسوا نه ڪبو حسن کي سنسار ٻڌي ڇڏ،
ناهي ٿيو شمع کان ، پتنگ ڌار ٻڌي ڇڏ.

ڪيڏا ڀي ستم ڪر ۽ زخم ڏي اي زمانا،
نروار ڪبو نيٺ پڪو پيار ٻڌي ڇڏ.

بنجر هي پنهنجي دل جي زمين نيٺ ته ٿيندي،
سرسبز هئي شاداب ۽ ڦولار ٻڌي ڇڏ.

هي وِهه جو پيالو ٿا پيئون روز ٻئي گڏ،
مرندو نه آ دنيا ۾ ، امر پيار ٻڌي ڇڏي.

هي راهه ”مسافر“ ته جوان آهي زمانا،
ڊڄبو نه توکان ظلم ، جي تلوار ٻڌي ڇڏ.

منهنجي دل آ سنڌڙي هوءَ سنڌوندي آ،

منهنجي دل آ سنڌڙي هوءَ سنڌوندي آ،
نظارن کي جنهن کان هي رنگت ملي آ.

هوا تنهنجي چهري جا رنگ ڇو اڏي ويا،
ڇا ساجن جي طرفان خبر ڪا بري آ.

ٽُٽي جا ڪڏهن نه، اها پت هجان مان،
دعا مون خدا کان، اها ئي گهري آ.

هو ساگر آ چاهت ، لهر مان ڪنارو،
لهر ڪاڻ ساحل جي، الفت وڌي آ.

هو گل آ مان سرهاڻ ان جي ”مسافر“،
تڏهن ان جي مون سان رفاقت ٺهي آ.

غم جي هوندي گيت خوشيءَ جا ڳائيندا رهياسين،

غم جي هوندي گيت خوشيءَ جا ڳائيندا رهياسين،
موت جي شهر ۾، جيون گل پوکائيندا رهياسين.

گيت غزل مرجهائجي ويا ۽ ساز ڀي چپ هئا،
گلشن ۾ پر آس جا، ساز وڄائيندا رهياسين.

جيئن ڪينجهر جي آغوش ۾، تارا هيٺ لهي پيا ٽمڪن،
تيئن نيڻن ۾ ڪجھ ڳوڙهن کي ، ٽمڪائيندا رهياسين.

جيون تون ڀلجي به اسان ڏي ڪين ڏٺو پر،
پوءِ به اسان تنهنجي عظمت لئه سر ته ڪپائيندا رهياسين.

يادن جا گيسو تيز هوا، ۾ اڏرن پيا،
تنهنجون ”مسافر“ ڳالهيون دل کي ٻڌائيندا رهياسين.

هن اکين ۾ تنهنجون عادتون رهن ٿيون،

هن اکين ۾ تنهنجون عادتون رهن ٿيون،
عادتن ۾ تنهنجون، شفقتون رهن ٿيون.

دل جي هن عجائب گهر ۾ منهنجون اجڙيل،
مورتون، اميدون، حسرتون رهن ٿيون.

هن اکين جيان در تنهنجا ٿو ڏسي خواب،
خواب ۾ تنهنجون ئي، صورتون رهن ٿيون.

ايئن ڇڪي ٿو چهرو، تنهنجو ڄڻ آ چقمق،
حسن جي ڪشش ۾ چاهتون رهن ٿيون.

ستم تنهنجي کان سواءِ، منهنجي زندگيءَ جون،
اي پرين اڃا ڪجھ، ساعتون رهن ٿيون.

وٺ وٺان جي هن نئين دور ۾ ”مسافر“،
ڪنهن جي لئه نه ڪنهن کي ، فرصتون رهن ٿيون.

دنيا ۾ آس منهنجي، صحرا جو آ نمونو،

دنيا ۾ آس منهنجي، صحرا جو آ نمونو،
هي منهنجي دل آ چاهت، جو ڪو ڀڳل آئينو.

لب هن منهنجي پرينءَ جا، پارس جيان ته يارو،
هر مرڪ آ چپن تي، منڊيءَ مٿان نگينو.

محبوب جي پريشان زلفن ۾ دلڙي ڦاٿي،
طوفان جي ڪنن ۾ ڦاٿل هجي سفينو.

شبنم جيئن گلن کي ، هڪ زندگي ٿي بخشي،
تيئن مون کي تازگي ٿو بخشي، محبوب جو پسينو.

يادن جي آهٽن سان، ايئن نيڻ ٿا وسن ڄڻ،
اکڙيون ڪڪر ۽ هي دل، سانوڻ جو آ مهينو.

پيو ٿو سڙان ”مسافر“ تنها ايئن هجر ۾،
صحرا ۾ ڄڻ لڪل آ، قارون جو خزينو.

اي سج تون روشني کي ايڏو جوان نه ڪر،

اي سج تون روشني کي ايڏو جوان نه ڪر،
مجبور جي شرم کي، اڀري عيان نه ڪر.

ڪاري ڪري ڪهن ٿا، مارئي کي بي ڪفن،
ان لاش تي ڀي ڪرڻا، ايڏو زيان نه ڪر.

بازار ۾ ٽڪن تي عورت وڪامجي،
اي وقت ظلم کي تون ايڏو روان نه ڪر.

تهذيب تنهنجي پردي، ڪُسجي نه زندگي،
تون هم ڪنار جيون، جو امتحان نه ڪر.

هن ظلم تي ”مسافر“ ڪجھ سوچ لوچ ڪر،
مومل جي پيار تي تون ايڏي هلان نه ڪر.

دل منهنجي جي زمين تي ٿا روز زخم نسرن

دل منهنجي جي زمين تي ٿا روز زخم نسرن،
زخمن مٿان وري يادن جا گلاب اُسرن.

چهري تي نا اميدي، جا داغ هن لڳل پر،
لڙڪن منجهان خوشيءَ جا، هر پل ٿا ٽهڪ اُڀرن.

غم صورتون مٽائي هر قدم تي مليو آ،
رستو ڇڏيو مٽائي، هاڻي اوهان جي فڪرن .

هر شخص جا هي سپنا گل خواب ڄڻ پتيون هن،
قسمت جي تيز طوفان، ۾ روز پيا ٿا وکرن.

ڌرتي کي آهي روشن ڪيو ايئن چاهه وارن،
ڏس رات کي ڪيو آ، روشن هي چنڊ ڪرڻن.

بدصورتون جفا جون، هر پل ڏسي ٿي ڌرتي،
ڌرتي کان اي ”مسافر“، چهرا نه ٿا سي وسرن.

شام جو مايوس مان دڳ آهٽن جي آهي ڳولها،

شام جو مايوس مان دڳ آهٽن جي آهي ڳولها،
هي ستارا سڀئي وسيل ۽ سجن جي آهي ڳولها.

هو جو دريا باهه جو گذري ويو سڀني دڳن کان،
مان شهر واريءَ جو مونکي، بارشن جي آهي ڳولها.

تون بهاني مينهن جي ڇائنجي وئين هن آسمان تي،
ڄار تنهنجي کي صنم هاڻي پکين جي آهي ڳولها.

تو ڪيو رسوا صنم هر بار محفل ۾ ئي مون کي،
هاڻي تو کي ٿي نون ڇو، محفلن جي آهي ڳولها.

هن ”مسافر“ جي ٻيڙي ڦاٿل بحر ۾ تون ڪُنن جي،
آهه ڳولها ۾ ۽ مونکي ساحلن جي آهي ڳولها.

ناهي دل ٻار ان کي ڌتاري ڇڏيان،

ناهي دل ٻار ان کي ڌتاري ڇڏيان،
قول ڪاغذ ته ناهن جو ساڙي ڇڏيان.

اي پرين ياد تنهنجي نه آهي لباس،
جنهن کي مان جسم تان، هاڻ لاهي ڇڏيان.

ياد تنهنجيءَ کي لڙڪن سان مان هر گهڙي،
روح پنهنجي سان ڌوئي اُجاري ڇڏيان.

ها ذهن جي ته هن، ماٿري کي مان ٿو،
تنهنجي سوچن جي خوشبوءَ سان واسي ڇڏيان.

پيار واريون اميدون نه آهن پکي،
جو ”مسافر“ انهن کي اُڏاري ڇڏيان.

اکين آلين جي بدران بس، سڪل نيڻن جا پاڇا هن،

اکين آلين جي بدران بس، سڪل نيڻن جا پاڇا هن،
انهن اکڙين جي ڳوڙهن ۾، رڳو درشن جا پاڇا هن.

ڪڏهن ٽمڪيا هئا ڏيئن ۾، سپنا منهنجي جيون جا،
انهن ڏيئن ۾ هاڻي بس، انهن سپنن جا پاڇا هن.

ڪڏهن بادِ صبا پيغام ڏيندي هئي ته گڏجڻ جو،
هوا ۾ هاڻ غمگين صبح جي پرڙن جا پاڇا هن.

پرينءَ جي آجيان ٿيندي هئي، نيڻن ۽ مرڪن سان،
اڱڻ ۾ ان جي نيڻن جا ۽ بس مرڪن جا پاڇا هن.

خطن مان لفظ منهنجا چاهتون ڏيئي نڪرندا هئا،
رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ هاڻ تن خطڙن جا پاڇا هن.

جيئن گلڙا ٿا جهومن، ان جون يادون ايئن ٿيون جهومن،
ذهن منهنجي تي لڏندڙ ان جي ئي وهمن جا پاڇا هن.

بي پاڙي ڏک جي ڇانئي آ، منهنجي هن آس جي وڻ تي،
”مسافر“ هاڻِ راهن ۾ رڳو دردن جا پاڇا هن.

پرين تولئه هي ٿڌڙي هير بادل منتظر آهن،

پرين تولئه هي ٿڌڙي هير بادل منتظر آهن،
گسن کي آس تنهنجي آ ۽ هي پل منتظر آهن.

تنهنجي چاهت جي لهرن ڪاڻ ترسيا هن ڪنارا ڀي،
ها ويرن لئه اميدن جا هي ساحل منتظر آهن.

ٽڙيا گل ڦل ڪچي ڪاڇي ۾ ڪڻڪون ڀي پڪيون آهن،
ڪَلين کي آرزو تنهنجي ۽ گل ڦل منتظر آهن.

ولر ڪونجن جا موٽن ٿا، پنهنجي ماڳ طرف ساجن،
هي ناسي شام ۽ ڪونجن جا ڀي هُل منتظر آهن،

محبت جي نئين موسم، نئين انداز ۾ آئي،
منهنجا جذبا هي اکڙيون، پيار لب، ڳل منتظر آهن.

اکيون تنهنجي اکين کي ئي، ڏسي هاڻي اکيون ٿيون هِن،
”مسافر“ آجيان لئه لڙڪ بيٺل منتظر آهن.

دليون گلڙن جون ڌڙڪيون جا بجا تنهنجي اچڻ سان يار،

دليون گلڙن جون ڌڙڪيون جا بجا تنهنجي اچڻ سان يار،
ڪلين جا ڀي هٽڻ گهونگهٽ، لڳا تنهنجي اچڻ سان يار.

پنن ڪيا رقص ٽارين ڀي، پکين ڳايا خوشيءَ جا گيت،
لڳي موتي وسائڻ هي، فضا تنهنجي اچڻ سان يار.

تنهنجي قدمن جي آهٽ سان، ٿي سرگوشي گلن ۾ هئي،
وڻن نِوڙت ۾ هن سجدا ڪيا، تنهنجي اچڻ سان يار.

جهَڪي ٿي ڪوڪ ڪوئل جي، تنهنجي آواز جي آڏو،
ختم ٿي هر پکيءَ جي هر ادا، تنهنجي اچڻ سان يار.

اندر جي هير جي خوشبو ۽ ٿڌ سان پئي چمن مهڪيو،
شرم ۾ وئي ته شرمائي، هوا تنهنجي اچڻ سان يار.

”مسافر“ آجيان لئه ٿي هي ڌرتي ڀي وڇائي دل،
اچڻ واري گهڙي ٿي پئي، فدا تنهنجي اچڻ سان يار.

اکين ۾ اوجاڳن، جا ڏيئا جلايا،

اکين ۾ اوجاڳن، جا ڏيئا جلايا،
سڄي رات يادن جا ڏيئا جلايا.

صبح جو قدر تَنِ کي ٿيندو پرين جن،
سڄي رات دردن جا ڏيئا جلايا.

ڀنل پنهنجي نيڻن جي ساجن درين ۾،
تنهنجي انتظارن جا ڏيئا جلايا.

مايوسيءَ سان رنڱيل صبح شام جي ڀي،
دلين ۾ اُمنگن جا ڏيئا جلايا.

جفائن جو آ ڌنڌ پوءِ ڀي گسن تي،
”مسافر“ وفائن جا ڏيئا جلايا.

آس جي شڪل ٿي وئي آ گهر جي صورت،

آس جي شڪل ٿي وئي آ گهر جي صورت،
منتظر تنهنجي لئه آهي دَر جي صورت.

بن تنهنجي پريشان مان رڳو ته ناهيان،
پر اداس آهي، اڄ سحر جي صورت.

ياد تنهنجي ۾ مان ٿي غرق ويس جو،
اجنبي لڳي ٿي شهر جي صورت.

هي آواز منهنجو ٿي امر سگهي ٿو،
ڪاش ٿي وڃن ساجن جي دُرَ جي صورت.

لڙڪ ٿي سگهن ٿا، سڀ عطر جي ڳوڙها،
ٿي وڃن ”مسافر“ جي پگهر جي صورت.

راتو ڏينهان پئي لُڇي توڪاڻ سانول آرزو،

راتو ڏينهان پئي لُڇي توڪاڻ سانول آرزو،
بي وسيءَ جي بي رحم خنجر سان گهايل آرزو.

رحم ڪر جذباءِ الفت، حال منهنجي کي ڏسي،
موت ڏي گهلي رهي آ، مونکي پاڳل آرزو.

درد جي راهن ۾ منهنجي آرزوءَ تي دَز چڙهي،
چمڪندڙ تارن جيان پر تنهنجي چمڪيل آرزو.

حسرتن جو گل ڪريو اڄ باغبان مايوس ٿيو،
هر ڪلي هر گل شجر جي آ اڃايل آرزو.

ڪو ته ڄڻ پيغام ڏي ٿي، اڄ وفا جي ٽياس تي،
اي ”مسافر“ ماتمي ڪپڙن ۾ ويڙهيل آرزو.

گم ٿيل سُڪون جو هي، چهرو اداس آ،

گم ٿيل سُڪون جو هي، چهرو اداس آ،
نيڻن ۾ اڄ ڪو سُندر، سپنو اداس آ.

جنهن پيار واري جذبي ۾ وئين تون پوئجي،
اڄ تو بنا پرين سو جملو اداس آ.

ٽهڪن تنهنجن سان جو ڪمرو ٻهڪندو هيو،
توکان سواءِ اهو اڄ ڪمرو اداس آ.

گيتن منهنجن ۾ شامل، تون اچ سنگيت ٿي،
سالن کان چاهه وارو نغمو اداس آ.

تون چنڊ ٿي ”مسافر“ اچ اڱڻ تي ڪڏهن،
دردن جي رات وارو، لمحو اداس آ.

سوالن ۾ فرق آهي، جوابن ۾ فرق آهي،

سوالن ۾ فرق آهي، جوابن ۾ فرق آهي،
سڀن جي سمجهه سوچن ۾، خيالن ۾ فرق آهي.

هجي ڪارو، هجي ڀورو مڙين جو خون هڪجهڙو،
هتان جي ريت رسمن ۾ ڇو ماڻهن ۾ فرق آهي.

هزارن ڪوششن کان پوءِ گڏجي ڇو سگهيا ناهيون،
تنهنجي ۽ منهنجي قسمت جي، ستارن ۾ فرق آهي.

ڪڏهن تنهنجي اکين ۾ بس، سمايل هئي منهنجي تصوير،
مگر ڇو اڄ پرين تنهنجي، نگاهن ۾ فرق آهي.

منهنجي بچپن جا لمحا کِل، خوشيءَ، چاهت سان ها واسيل،
نگاهون ڦير ماضيءَ ڏي، زمانن ۾ فرق آهي.

هتي سڀ ڪو ”مسافر“ آ، نه ڪو ڪنهن جو ماڳ هت آهي،
حياتي ناهي هڪجهڙي، ڏهاڙن ۾ فرق آهي.

دامن خوشين جا دردن سان داغدار هن،

دامن خوشين جا دردن سان داغدار هن،
۽ ٽهڪ چپ جي تالن، سان داغدار هن.

سپنن جا ميڙ ها نيڻن جي گهٽين ۾ پر،
اڄ سي ڳليون ويرانن سان داغدار هن.

منهنجي صبح ۽ شام جي چهري تي هي لکيل،
مرڪون اداس لڙڪن، سان داغدار هن.

اڱرن جيان هي سڙندڙ تنهائيون پرين،
يادن جي سخت تلخين، سان داغدار هن.

مسجد، ڪليسا، مندر آهن امن جا گهر،
اڄ ٿيون امن جي ويرين سان داغدار هن.

سچائيون ”مسافر“ ڪٿ هن مئل بي موت،
ڪٿ ٿيون انڌن عقيدن، سان داغدار هن.

ڪنهن جا گهر پئي سڙيا، لوڪ ڏسندو رهيو،

ڪنهن جا گهر پئي سڙيا، لوڪ ڏسندو رهيو،
ظلم جي انتها، لوڪ ڏسندو رهيو.

دشت هو باهه رت جو دريا پوءِ به هن،
علم اونچا ڪيا، لوڪ ڏسندو رهيو.

رات ڪاري ۾ خون جگر سان امن،
جا جلايا ڏيئا، لوڪ ڏسندو رهيو.

آرزو هئي ٽنگيل، وحشتن جي هٿان،
ڪنهنجا جذبا ڪُٺا، لوڪ ڏسندو رهيو.

هيون سدا سوچ تي، لوچ تي بندشون،
پئي وَسيا رت ڦڙا، لوڪ ڏسندو رهيو.

هن ”مسافر“ جو سڏ ڪنهن نه ورنايو پر،
بس ڪُسڻ جي ادا، لوڪ ڏسندو رهيو.

وڻن پنن ۾ شور ايئن آ، تنهنجي پايل جي ڇم ڇم،

وڻن پنن ۾ شور ايئن آ، تنهنجي پايل جي ڇم ڇم،
ڪيڏونه تن جو مڌر آ، پيار ڀريو سنگيت رڌم.

پرهه جي لالاڻ ڀري، چهري کي ڏسي ايئن لڳندو آهي،
ڄڻ ته هجي ڪاوڙ ۾ ڪجهه، چاهت ۾ يارو منهنجو صنم.

لذت غم جانا روز بروز جدائيءَ ۾ وڌندي ٿي رهي،
جو عرصي کان سپرين تو لئه، سُرمئي اکڙيون آهن پُر نم.

منهجي نيڻن جا لباس، تنهنجا سپنا خواب تنهنجون يادون هن،
جيئن ڌرتيءَ جو آ لباس پرين، ساوڪ ۽ ڦولار جي موسم.

رات هوا کي مون چيو اي، تيز هوا تون هوري هوري گهُل،
ڇو منهنجي جهوليءَ ۾ لڳائي آ، اڄ چڻنگ وري همدم.

ٽاڪ منجهند جان تون ”مسافر“ تي ايڏو ظلم نه ڪندي ڪر،
چاهت جي برکا ٿي وس يا ته وري تون ٿيندي ڪر شبنم.

خواب ايئن هن ٽُٽل، ڄڻ ڪو رستو هجي،

خواب ايئن هن ٽُٽل، ڄڻ ڪو رستو هجي،
پيار تون ايئن ڪيو، ڄڻ ڪو سپنو هجي.

تنهنجي چهري تي ڪاوڙ ايئن ٿي لڳي،
چنڊ کي مَنڊُ ڪو ڄڻ لڳي ويو هجي.

رت ۾ دامن اميدن جو ائين آ ٻُڏل،
ڄڻ ته هوليءَ سان ڪنهن پاڻ رڱيو هجي.

پيار لهرن کي يادن آ، ايئن مست ڪيو،
چنڊ ويرن کي مدهوش ڄڻ ڪِيو هجي.

چوطرف ٿا ڏکن جا ته دونهان دُکن،
اي ”مسافر“ دڳن تي ڪو رائو هجي.

رات اونداهه، تنهنجي زلفن جيان،

رات اونداهه، تنهنجي زلفن جيان،
سج ۾ آ چمڪ، تنهنجي نيڻن جيان.

منهنجي تقدير جي بحر ۾ خواهشون،
۽ اميدون ٿيون، پاڻيءَ ڦوٽن جيان.

تنهنجي يادن جي جهوٽي سان اي پرين،
روح جهومي ٿو منهنجو گلڙن جيان.

بد نصيبي ڪيڏي آ پنهنجي سڄڻ،
آ هجر، سج کان وڇڙيل ڪرڻن جيان.

ڏک ختم ئي نٿا ٿين ڪوشش هوندي،
درد وچڙي ويا، ٻير جي ڍنگرن جيان.

اي ”مسافر“ ڪيئن ڏيکاريان لڙڪ مان،
ٿا ٽِڪن ڪين ڳوڙها، جوڳين جيان.

هوري هوري آ دنيا جي ڄاڻ ٿي ويئي،

هوري هوري آ دنيا جي ڄاڻ ٿي ويئي،
دل منهنجي يارو دردن جي کاڻ ٿي ويئي.

سونهن جي موتين کي ملائي تنهنجي صورت ٺاهي،
هر سو تنهنجي حسن جي چانڊاڻ ٿي ويئي.

يادن جي لباس کي لڙڪن سان ايئن اُڻيو،
ڪنهن جي هٿ جي ٺهيل ڄڻ ڪا پهراڻ ٿي ويئي.

ڪالهه هيون تنهنجي سنگت ۾منهنجون ڳالهيون.
اڄ سا ڪهاڻي تولئه ڄڻ ته پراڻ ٿي ويئي.

هي شهر آهي پٿرن جو تون ڪر نه شڪايت،
تو کان ته ”مسافر“ قسمت اڻڄاڻ ٿي ويئي.

اکيون پُر نور هر چهرو پري هن ديس منهنجي ۾،

اکيون پُر نور هر چهرو پري هن ديس منهنجي ۾،
رهي ٿي سونهن ۾ ڀي تازگي، هن ديس منهنجي ۾.

ڀري پاڻيءَ جي گهاگهر ياد ساجن کي ڪري ٿي ۽،
خوشيءَ ۾ گيت ڳائي سانوري، هن ديس منهنجي ۾.

ڪِري ٿي ماڪ رحمت جي، وَسي بارش محبت جي،
رهي هر دل ٿي چاهت ۾ چري، هن ديس منهنجي ۾.

آ مرڪز علم جو، تهذيب ۽ فن جي علامت ڀي،
پَلي انسانيت جي زندگي، هن ديس منهنجي ۾.

جڏهن اڀري وفا جو نور پلجي ٿي ۽ نکري سونهن،
ڪري ٿو سج زمين سان دل لڳي، هن ديس منهنجي ۾.

”مسافر“ اڄ ڏکيو آ وقت پر ايئن تون نه ٿي بي چين،
سڀاڻي ٻهڪندي دل جي ڪَلي، هن ديس منهنجي ۾.

جي گهاءَ رَسيا مون کي. ڪنهن ڪنهن کان لِڪائيندس،

جي گهاءَ رَسيا مون کي. ڪنهن ڪنهن کان لِڪائيندس،
دل، روح ٻئي گهايل، مان ڪيئن وِساريندس.

هي دل آ تو تي عاشق، تڏهين ٿي زخم کائي،
ڪجهه سوچ ته ڪر سهڻا، ڪيئن دل کي ڌتاريندس.

لرزن ٿيون منهنجون سوچون، هن وقت ٻه واٽي تي،
ڪيئن ذهن جي سانچي ۾، ساڀيان کي ڍلائيندس.

سوچن ۾ تلاطم آ ۽ دل جي عجب حالت،
مان پاڻ سنڀاليندس يا دل کي سنڀاليندس.

رستو تون مٽائي ڇڏ يا نقش تون ڊاهي ڇڏ،
مان راهه ”مسافر“ ٿي ڪنهن ماڳ رسائيندس.

ساهه منهنجي ۾ هُٻڪار جو گل ٽڙيو،

ساهه منهنجي ۾ هُٻڪار جو گل ٽڙيو،
دل جي ڌرتيءَ مٿان، پيار جو گل ٽڙيو.

ها صدين کان وٺي نا اميدي هئي،
ان جي چاهت ۾ اسرار جو گل ٽڙيو.

سونهن جي سادگيءَ تي پئي جو نظر،
منهنجي چهري تي سينگار جو گل ٽڙيو.

چاهه مون تي ڇڏيا نقش راهيءَ جيان،
دل جي هر تار ۾، سار جو گل ٽڙيو.

هن ”مسافر“ سان نهه نهه ڪندي نيٺ اڄ،
هن جي نيڻن ۾ اقرار جو گل ٽڙيو.

سڪون گم ٿيل جو جهومر پرهه جي مُک تي سجايو آ،

سڪون گم ٿيل جو جهومر پرهه جي مُک تي سجايو آ،
ڏکن جي روح کي ڀي مون هوائن ۾ سمايو آ.

هئي لٽڪيل جواني چوڪ تي منهنجي ستم گر ئي،
منهنجي هر شوق، چاهت، آس کي هر هر ڪُهايو آ.

منهنجي اندر جي ٿڌڙي هير اڄ سڏڪن جا سُر ڇيڙي،
ڏِسو مايوس خوشبوءَ جو، چمن هڪڙو اَڏايو آ.

صنم هر آس واري شبنمي قطرن کي هاڻي مون،
ڏکن واري نگاهن مان، اجايو مون وَهايو آ.

جسم منهنجي تي اڪثر هن زخم پوکيا الائي ڇو،
”مسافر“ پوءِ زخمن جو فصل دل ۾ اُپايو آ.

ظلم جي جَنڊ ۾، پيسجي انگ ويو،

ظلم جي جَنڊ ۾، پيسجي انگ ويو،
عشق کان حسن جو، ڪو کسي چنگ ويو.

مون کان سوچن جي هن ڪوهيڙي ۾ پرين،
زندگيءَ کي گذارڻ جو هر ڍنگ ويو.

وقت ٻُڪ مان اُڏامي ويو پوپٽ جيان،
پر هٿن تي ڇڏي، پنهنجو هر رنگ ويو.

ها اکين ۾ ڪي سپنا ڀي جهمڪيا هئا،
ڪَٽجي نيڻن کان خوابن جو هي سنگ ويو.

ها خوشيون سڀ اوهان تي ختم ٿيون پرين،
۽ ڏکن جو ”مسافر“ تي ٿي دنگ ويو.

هئي هوا سرد اونداهه هڪ رات هئي،

هئي هوا سرد اونداهه هڪ رات هئي،
تنهنجي زلفن سان منهنجي ملاقات هئي.

تنهنجي چهري ڪئي، مون تي چانڊاڻ هئي،
تو ڏني مون کي ٽهڪن جي سوغات هئي.

منهنجي دل، تنهنجي دل پيئي ڌڪ ڌڪ ڪري،
دل جي ڌڙڪن جي ڌڙڪن سان ٿي بات هئي.

تنهنجي نيڻن جو مون ڏانهن گهوري ڏٺو،
منهنجي نيڻن جي هڪ پل ۾ ٿي مات هئي.

تنهنجي چوڙين جي ڇم ڇم هئي رات ۾،
پيار جي راڳ جي، ٿي شروعات هئي.

مهل آئي ”مسافر“ هجر جي جڏهن،
پوءِ اکين مان ٿي ڳوڙهن جي برسات هئي.

ماضيءَ جو اڳيان آيو، محبت جو فسانو ڪو،

ماضيءَ جو اڳيان آيو، محبت جو فسانو ڪو،
اڄ رات ڏٺو آهي، مون خواب سهانو ڪو.

هن جام محبت جو، اکڙين مان ڏنو اوتي،
پيتو آ منهنجي اکڙين، الفت جو پيمانو ڪو.

باغن ۾ بهارن ۾، هٿ هٿ ۾ ڏئي مون سان،
هن پيار ڀريو گڏجي، ڳايو هو ترانو ڪو.

روڪيو هو جڏهن هن کي، بي درد زماني ڀي،
دنيا کان لِڪي هن ڪِيو گڏجڻ جو بهانو ڪو.

زلفن ته ڪئي اس ۾ هئي ڇانوَ سڄڻ مون تي،
منهنجو به ته زلفن ۾ گذريو هو زمانو ڪو.

يڪدم جو کُلي منهنجي، هي اک ته نڀاڳي ٿي،
ڏيئي ويو هو ”مسافر کي“ يادن جو خزانو ڪو.

نفرت جو نگاهن سان اظهار ڪرين ڇو ٿو،

نفرت جو نگاهن سان اظهار ڪرين ڇو ٿو،
هن روح منهنجي گهايل، تي وار ڪرين ڇو ٿو.

ايندو آ شمع تي جيئن پروانو هميشه کان،
هن شمع کان پرواني کي ڌار ڪرين ڇو ٿو.

تون دل ته مون کي ڏيڻ جو، اقرار ڪيو هو پر،
اقرار ڪري مون سان، انڪار ڪرين ڇو ٿو.

آ چنڊ تنهنجو چهرو، مان رات جي اونداهي،
هن رات کان چانڊوڪي، تون ڌار ڪرين ڇو ٿو.

ڪَشتي هي ”مسافر“ جي، اُلفت جي بحر ۾ آ،
طوفان جيان تون ڀي رفتار ڪرين ڇو ٿو.

هتي چاهه جا هار ٽٽندي ڏٺاسين،

هتي چاهه جا هار ٽٽندي ڏٺاسين،
۽ چاهت جا چارا به ڊهندي ڏٺاسين.

ڪُٺو سچ کي هر ڪنهن وڏي ناز سان هِت،
دغا باز ڪوڙا، ته ڪُڏندي ڏٺاسين.

هي محلن مٿان محل ٺاهيا اميرن،
هتي جهوپڙا ڪيئي، ڊهندي ڏٺاسين.

محبت کي نفرت ٿي اڪثر ملي هِت،
هتي پيار وارا به ڪسندي ڏٺاسين.

هتي ساٿي دولت جا سڀئي رهن ٿا،
۽ رشتا لَهوءَ جا، ڦٽندي ڏٺاسين.

”مسافر“ تون ڪنهن سان ڪندي هت شڪايت،
هي ڪَن ٻُڌڻ وارا ته ڦرندي ڏٺاسين.

هر طرف منهنجي آڏو، درد غم جا جلسا هن،

هر طرف منهنجي آڏو، درد غم جا جلسا هن،
هن هجوم دردن جي ۾ اُمنگ تنها هن.

رات جو تڪن تارا، ٿا رهن بي چينيءَ ۾،
هي جي ٿا مٽائن پاسا، اندر جا اڌما هن.

تنهنجي مُک ڏسڻ لئه يادن جو هڪ سهارو آ،
اي پرين تنهنجون يادون منهنجي لئه آئينا هن.

درد زخم سوچون ناڪام حسرتون يادون،
زندگيءَ کي گهارڻ جا هي سڀئي سهارا هن.

تون وفا جي نالي کان ڀي نا آشنا ٿي وئين،
خط گهٽيون وفا وارا، نقش تنهنجا پيرا هن.

هت ته رسم مقتل ۾، سڀ خوشيون ويون ڪُسجي،
سڪ جي گهر ”مسافر“ هت بس رڳو سڏڪا هن.

جنهن دم ٿڌڙي هير لڳي ٿي،

جنهن دم ٿڌڙي هير لڳي ٿي،
دل کي تنهنجي اُڪير لڳي ٿي.

دردن ۾ اڄ مون کي منهنجي،
اجڙيل ڪا تصوير لڳي ٿي.

تنهنجي يادن جو موتي آڻي،
ساگر جي ڄڻ وير لڳي ٿي.

لڙڪ ڳلن تان ايئن وهن ٿا،
اجرڪ تي ڄڻ کير لڳي ٿي.

تنهنجي صورت مون کي ساجن،
شاهه جي ڪا تحرير لڳي ٿي.

منزل راهه ”مسافر“ جي تون،
چاهت ۾ تقدير لڳي ٿي.

تنهنجو چهرو پرين ڄڻ ته پرڀات آ،

تنهنجو چهرو پرين ڄڻ ته پرڀات آ،
مُرڪ تنهنجي محبت جي ڪا بات آ.

ڇانوَ زلفن جي ۽ ٽمڪندڙ نيڻ ائين،
ڄڻ لڳي ٿو ڪا تارن ڀري رات آ.

پهريون ڪک هُيس، جنهن کي لوڙهيو نديءَ،
سا ته مون لاءِ قسمت جي سوغات آ.

فرش تنهنجي تي ناهن هي شيشا ٽُٽل،
اي پرين، منهنجي وکريل هي جذبات آ.

مان ٻنهي کي نه سمجهي سگهيس زندگي،
ها عجب تنهنجي ۽ عشق جي ذات آ.

ڏينهن آ منتظر رات پل پل پڪار،
اوج تي اي ”مسافر“ تنهنجي تات آ.

سڙي ديپ جيئن دل، مٺا تون ڏسي ڇڏ،

سڙي ديپ جيئن دل، مٺا تون ڏسي ڇڏ،
آ ڪيڏي نه اوکي، وفا تون ڏسي ڇڏ.

چيو درد دل جي، توکي آ گهڻو پر،
ٻڌي هڪ نه ان جي، صدا تون ڏسي ڇڏ.

ڏنا اُس تکا ڏک، ڪيو پر نه تنها،
مگر ٿيو هي پاڇو، جدا تون ڏسي ڇڏ.

ها مدت کان خاموش شعلا رهيا پر،
ملي تن کي هاڻي، هوا تون ڏسي ڇڏ.

ڏنل سور منهنجي سڄي روح جي هن،
وسعت ۾ پکڙجي ويا تون ڏسي ڇڏ.

”مسافر“ آ يادن جي موتين سان پوئي،
آ لڙڪن جي مالها، اها تون ڏسي ڇڏ.

گهمندي مون کي ٿيو راهن ۾،

گهمندي مون کي ٿيو راهن ۾،
تنهنجو درشن دل درپن ۾.

هي مون تي ڪيڏو ظلم نه آ،
جو چنڊ لڪل آ ڪوٽن ۾.

يادون دل ۾ ايئن سانڍيل،
گل جيئن هجي گلدانن ۾.

مان ڏورانهون آواز سهي،
نيٺ ته گونجندس تنهنجي ڪنن ۾.

شايد ڪوئي لڙڪ هيس جو،
نه رهي سگهيس مان نيڻن ۾.

منهنجا نيڻ ايئن تر هن،
جيئن مَئي آ ڀريل پيمانن ۾.

اي راهه ”مسافر“ اڄ تنهنجي،
حسرت ٿي لٽجي واعدن ۾.

ڪنهن جي حسرت ڪٺي، رات پوئين پهر،

ڪنهن جي حسرت ڪٺي، رات پوئين پهر،
ٿي قتل زندگي، رات پوئين پهر.

آ حنا ڄڻ لهو، ڪنهن جي حسرت ڪجل،
ٿي لڇي سانوري، رات پوئين پهر.

ها اميدن جا شيشا پيا سڀ ٽُٽي،
آس سوليءَ چڙهي، رات پوئين پهر.

ڪنهن جا جذبا ڪٺا، وحشتن جي ڇري،
بي ڪفن وئي لڙهي، رات پوئين پهر.

آرزوئن لڌيون لائون هينءَ درد سان،
سون ۾ وئي تُري، رات پوئين پهر.

پيار هيسيل هيو، ظلم جو دور هو،
اولڙي کان ڊني، رات پوئين پهر.

سونهن لٽجي وئي، ٿيون ختم خواهشون،
ڪا ٽُٽي آرسي، رات پوئين پهر.

آس دل ۾ رکي، ويس ”مسافر“ ملڻ،
بند ٿي وئي دري، رات پوئين پهر.

اي دل تون خوشي ڪر، هي غم جلد وڃڻ جو آ،

اي دل تون خوشي ڪر، هي غم جلد وڃڻ جو آ،
دلدار ڪيو مون سان، اقرار اچڻ جو آ.

هن گهر کي ڀي روشن ڪر، پاڙي کي به روشن ڪر،
ڪر خوب خوشي هاڻي، هي وقت ملڻ جو آ.

سرها به ٿين ٿا هت گل ڦل هي ويرانا،
ڪو سُر به محبت جو، هاڻي ته وڄڻ جو آ.

هي نيڻ به ٻهڪن ٿا، جهومن هي خوشيءَ ۾ ٿا،
نيڻن جو به نيڻن سان، منظر ته ڏسڻ جو آ.

هاڻي ته ”مسافر“ کي ڪو ڏک نه رهي دل ۾،
هن راهه ۾ توسان گڏ، همراز ملڻ جو آ.

خوشيءَ جي دنيا ۾، بڻيا ڏک سهارا،

خوشيءَ جي دنيا ۾، بڻيا ڏک سهارا،
مون کان ڏور تون جيئنءَ، سنڌوءَ جا ڪنارا.

هي وکريل، ٽُٽل منهنجا سپنا فضا ۾،
ڏسي سڀ پيا ڪن، ٿا ماتم نظارا.

مان هر پل پچان ٿو، ڏکن جي بٺيءَ ۾،
۽ شعلئي ستم تي، سڙن ٿا ستارا.

بدن جي لهوءَ مان ۽ زخمي جگر مان،
تنهنجي لاءِ ٺهندا، اچڻ جا ڪي چارا.

وفا جي ته هر جوت مان چاهه وارا،
رڳو روشنيءَ جا ته ٺهندا منارا.

تون راهن ۾ خاموش گم آن ”مسافر“،
هي جيون آ ساگر، جي هڪ تيز ڌارا.

من جو من سان، ميل ضروري،

من جو من سان، ميل ضروري،
توبن آ، برسات اڌوري.

دل جي ڪوئل، ڳائي ٿي پئي،
هن رت ۾ ڇو، ايڏي دوري.

سڪ جا بادل، ڇانيل من تي،
محبت سان دل ڌوءُ تون پوري.

موٽي آءُ تون ساجن سائين،
عمر به ماڻهوءَ جي آ ٿوري.

تڙپي تو لئه راهه ”مسافر“،
ٺيڪ نه آهي سينا زوري.

ٿا لڙڪ لڇن منهنجي شب روز صدا ۾،

ٿا لڙڪ لڇن منهنجي شب روز صدا ۾،
ڇو ڪونه رهيو ڪوبه، اثر منهنجي دعا ۾.

اڄ رات اها ياد ڏياري ٿي پئي بجلي،
ڄڻ نانگ جدائيءَ جو، ڏنگي ٿو پيو گهٽا ۾،

يادن جي شمع دل جي، چائنٺ تي مون ٻاري،
چاهت ۽ حياتي آ بجلي جي ادا ۾.

ساحل تي بيهي آيو، ڇو آب اکين ۾،
ڳوڙها ها لڪل منهنجي هن صبح فضا ۾.

روڪي تون نه سگهندين، منهنجي پيار جي خوشبوءِ،
خوشبوءِ آ ”مسافر“ جي، هٿڙن جي حنا ۾.

تنهنجي نفرت جي خنجر سان منهنجي چاهت وڍيل آهي

تنهنجي نفرت جي خنجر سان منهنجي چاهت وڍيل آهي،
ايئن ڇو واسطو دل جو ئي مدت کان ڪٽيل آهي.

منهنجي شامِ غم ترسي پئي ٿي روشنيءَ جي لئه،
چراغن جي سموري شهر ۾ محفل متل آهي.

اگر تون رات جو راهي، ٿڪيل آهي ڪڏهن کان ئي،
تو لئه منهنجي ڇپرن تي ستارو ڀي رڪيل آهي.

مقدر ۾ لکيل آهن فقط ناڪاميون منهنجي،
منهنجي دل جي زمين جي ڳڀ تي ڏک جو تهه چڙهيل آهي.

منهنجي هن عشق جي هر روشنيءَ جو هر اهو ڪرڻو،
تنهنجي انگ تي ڪرڻ کانپوءِ اهو ڪرڻو رليل آهي.

”مسافر“ جن گهٽين ۾ ئي، هوا بڻجي رهيو ڦرندو،
شهر ٿيو خاڪ هاڻي ربط، ان جو ئي ڪٽيل آهي.

ٻاٽ ۾ گم ٿيل اشارا ڳولهيان،

ٻاٽ ۾ گم ٿيل اشارا ڳولهيان،
هاڻي پاڇن جا سهارا ڳولهيان.

آس ۾ ڪو منتظر، مجبور آ،
مان خلا ۾ ٿو ڪنارا ڳولهيان.

سر برهنا ٿي وفا دانهون ڪيون،
سي رڙيون راهن ۾ پيارا ڳولهيان.

گم گسن ۾ ٿيس وڃايا سڀ نشان،
گم ٿيل گهر جا سي چارا ڳولهيان.

درد جي پاڇن صبح کي ايئن ڍڪيو،
ڏينهن ۾ ٿو پيو ستارا ڳولهيان.

خار نه پر گل جون پتڙيون ٿيون چُڀن،
زندگي گل خار وارا ڳولهيان.

سج منهنجي قسمت جو اڄ ايئن ٿو چوي،
اي ”مسافر“ تو لئه انڌيرا ڳولهيان.

دل منهنجي ته يادن جو خاموش شهر آهي،

دل منهنجي ته يادن جو خاموش شهر آهي،
هن ڪونج کان وڇڙيل ڄڻ ڪونجن جو ولر آهي.

شرنائي ۽ آ رسم بارات مگر منهنجي،
هٿڙن جي حنا جو رنگ، ڄڻ خونِ جگر آهي.

ساقي هوندي محفل ۾، لب تشنا رهن ٿا پر،
مليو آ ڇو جامِ الفت بدران هي زهر آهي.

ها مان تنهنجي سيني ۾، شامل ٿو رهان پوءِ ڀي،
مدت کان جيئن پياسي، ساگر ۾ لهر آهي.

گلشن هي ”مسافر“ جو، ٻي ڪنهن نه ڦٽايو آ،
هي ڏوهه خزان جو نه، مالهيءَ جو قهر آهي.

اچي سرهاڻ گل مان نه، اهو گل پوءِ صفا ناهي،

اچي سرهاڻ گل مان نه، اهو گل پوءِ صفا ناهي،
وفا تنهنجي جدائي ڏي، اها تنهنجي وفا ناهي.

جهلڪ ان جي ڏٺي مون کي، زمانا ٿي ويا آهن،
جدا هوندي اها مون کان، تڏهن پوءِ ڀي جدا ناهي.

ڪيون آهون ڪيڏيون دانهون، هجر ۾ ڀي دلِ نادان،
خدائيءَ کي نه ڌوڏي جا، اها منهنجي صدا ناهي.

مهڪ شامل آ تنهنجي گلستان جي هن بهاري ۾،
فضا جنهن ۾ تنهنجي خوشبو نه آ شامل فضا ناهي.

”مسافر“ آ هتي هر ڪو، نه ڪر بانور حياتيءَ تي،
رسڻ وارا رسين ڇو ٿو، رسڻ توکي رَوا ناهي.

جيون جا سڀ خواب اڌورا،

جيون جا سڀ خواب اڌورا،
ارمان ٿي ويا ڀورا ڀورا.

تون مان ويتر ڏور ٿياسين،
ميلا رهجي ويا اڻ پورا.

وسيا بادل محبت وارا،
بنجر من لئه هئا سڀ ٿورا.

ياد ۾ تنهنجي روئي روئي،
ڌنڌلا ٿي ويا اکين جا تارا.

وڇڙيل خاطر روءُ نه ”مسافر“،
لکيل ڪاغذ ٿي ويا ڪورا.

چمن ۾ چوطرف ڳولهيو ۽ گلڙن جي قطارن ۾،

چمن ۾ چوطرف ڳولهيو ۽ گلڙن جي قطارن ۾،
نگاهون منتظر آهن، نه آئين ڇو بهارن ۾.

ڪيم آهون، ڪيڏيون دانهون وڇوڙي وقت مان تو لئه،
جهري جيئڙو پيو منهنجو، متو ماتم نظارن ۾.

ڊگهي ديوار ڇو ٺاهيئي، هجر جي دلربا مون لئه،
مهينا سال ۽ ڏينهڙا، ڪٽيان ٿو انتظارن ۾.

اڌوري ٿي رهي خواهش ۽ محفل تو بنا همدم،
اياڻو ٿو رهان توبن، سدا محفل دُلارن ۾.

ڪيم ٿي روشني مان ڀي، جلائي من به پنهنجي کي،
”مسافر“زندگي تاريڪ آ روشن منارن ۾.

اي دل تنهنجي تات اجائي،

اي دل تنهنجي تات اجائي،
يار ملڻ جي بات اجائي.

گلشن ۾ بهار نه اچڻو آ،
بلبل تنهنجي لات اجائي.

آشائن جا ڏيئا ٻاري،
جاڳڻ ساري رات اجائي.

تڙپين ڇو ٿو ياد سڄڻ ۾،
ڳوڙهن جي برسات اجائي.

ڇو ٿو ڦٿڪين راهه ”مسافر“،
ڪاٽين ٿو فڪرات اجائي.

جيون جيون سڏڪا سڏڪا،

جيون جيون سڏڪا سڏڪا،
وِک وِک تي هن ڌوڪا ڌوڪا.

الفت بدران نفرت ڏين ٿا،
درد منجها دل ٿي ڪري واڪا.

زخمن تي هت لوڻ وجهن ٿا،
تن من تي مون کاڌا ڦٽڪا.

مطلب نڪرڻ کان پوءِ يارو،
سڀ ڏين ٿا پيا، بي درد ڌڪا.

گهر نه ”مسافر“ ساٿ سڄڻ جو،
ڏکڙن ۾ هلي، هت گڏ ڪاڪا.

نظرن جي وار ۾ مڌهوش ٿي ويس،

نظرن جي وار ۾ مڌهوش ٿي ويس،
زلفن جي ڄار ۾ مڌهوش ٿي ويس.

رابيل گل جيان، هن آ سنواريو،
ان جي سينگار ۾، مڌهوش ٿي ويس.

لڙڪن جي مئي هئي، ساقي صنم جي ياد،
مان انتظار ۾، مڌهوش ٿي ويس.

سوچن اچي ذهن جو کڙڪايو ڪڙو،
وسريل ويچار ۾، مڌهوش ٿي ويس.

منهنجي وجود جي رڻ کي نه هو مليو،
پر اعتبار ۾، مڌهوش ٿي ويس.

گيتن ۾ ”مسافر“ ان کي ساريو،
لفظن جي سار ۾، مڌهوش ٿي ويس.

ياد جي فضا ۾ پکي ٿي ڦران ٿو،

ياد جي فضا ۾ پکي ٿي ڦران ٿو،
بي خبر ٿي سفر، ايئن ڇو مان ڪيان ٿو.

هن ڀنل شام جي چائنٺ تي آءٌ ويهي،
پنهنجي دل جي ڏُکڻَ جو سبب ڳوليان ٿو.

هر نئين درد جي، پرهه شاخون ڪڍي ٿي،
آس جي درد تي پوءِ ڀي خوشيءَ لئه بيهان ٿو.

جيئن گلشن کي سرهاڻ گل ئي ڏين ٿا،
پنهنجي جذبن کي خوشبو تنهنجي مان ڏيان ٿو.

چاهه جي وڻ کي سائي ڪرڻ لئه ”مسافر“،
رت ۽ لڙڪن جو مان، ريج ڏيندو رهان ٿو.

وڻن کان ڪرڻ مهل پن آههَ ڪن ٿا،

وڻن کان ڪرڻ مهل پن آههَ ڪن ٿا،
ايئن لڙڪ ڀي وهڻ پل دانهن ڪن ٿا.

ٽٽل ٺاهه وانگي، جيون پنهنجو پر،
نئين سِر ٻين سان، اهي ٺاهه ڪن ٿا.

اميدن کي پائمال ايئن آ ڪيو هن،
ها فصلن جي ماڻهو، جيئن ڳاهه ڪن ٿا.

جنم درد چاهت، جي ڪک مان وٺن ٿا،
تڏهن ڏک سان عشق، سڀئي چاهه ڪن ٿا.

ٿو ڄاڻان ”مسافر“ نه اچڻو آ هو پر،
مگر پوءِ به رستا ڇو ويساهه ڪن ٿا.

چاهه جو مان ڪو ٽٽل اقرار هان،

چاهه جو مان ڪو ٽٽل اقرار هان،
سونهن جو ڀي ڪو ڦٽل آثار هان.

تنهنجي محفل جي مهڪ اڄ ناهيان،
مان ته ڄڻ ماضيءَ جو وسريل پيار هان.

مان رڳو تو کان الڳ ناهيان ٿيو،
آرسيءَ جي هر ٽُڪر ۾ ڌار هان.

ٿي رڙي مون سان اڪيلائي به گڏ،
لڙڪ تنهائي جي آهه و زار هان.

جسم يادن جو ڏکن جو روح آ،
مان ڏکن، سورن جي پيداوار هان.

تنهنجي نظرن کان ايئن گم ٿي ويس،
ڄڻ ته زلفن مان ڪريل ڪو وار هان.

اي ”مسافر“ ڪير اڄ چاهي مون کي،
زندگيءَ جو گم ٿيل ڪردار هان.

تو بنا منهنجا جذبا، پيا سوڳ ڪن،

تو بنا منهنجا جذبا، پيا سوڳ ڪن،
منهنجي اندر جا اُڌما، پيا سوڳ ڪن.

ويس ڪارا ڪيا، رات تو لئه مگر،
ڏينهن جا هي اُجالا، پيا سوڳ ڪن.

مون کي قلمي زهر جو نشانو ڪيئي،
سي لڳل سڀ نشانا، پيا سوڳ ڪن.

چنڊ چهرو وڻن ۾ لڪائي رُنو،
تن اکين جا ڪنارا، پيا سوڳ ڪن.

باهه تقدير جي ۾ سڙن خواب ٿا،
هي سڙيل خواب سهڻا، پيا سوڳ ڪن.

اڻ ڇپيل ئي رهيو زندگيءَ جو ڪتاب،
اي ”مسافر“ پنا ٿا، پيا سوڳ ڪن.

وچن الفت وفا جا هن، سڀئي ٽوڙي ڇڏيا چپ چاپ،

وچن الفت وفا جا هن، سڀئي ٽوڙي ڇڏيا چپ چاپ،
۽ ڪنهن منظر جيان مون کان، اهي مٽجي ويا چپ چاپ.

پيڙائون ان جي ئي تصوير وانگي ساڻ هن مون سان،
هي سک ڪنهن بي وفا وانگر، پري ٿيندا رهيا چپ چاپ.

صنم منهنجي ذهن جي اڱڻ تي يادون ۽ تنهنجا خيال،
انڌيري رات ۾ جگنو ٿي پئي هر هر آيا چپ چاپ.

مان لڙڪن سان پسائڻ ان جا رستا نه ٿي چاهيا،
الائي ڇو ايئن هي اوچتي بادل وسيا چپ چاپ.

ڏنيون جيڪي نشانيون پيار جون، مان ان کي اي يارو،
انهن تي ڀي آهستي زنگ ٿي چڙهندا رهيا چپ چاپ.

ڪڏهن چڙهندا ها تصوير تي هر هر گلن جا هار،
”مسافر“ هاڻ ان تصوير تي ڄارا چڙهيا چپ چاپ .

اوهان جو عطائون دعا ڪن ٿيون،

اوهان جو عطائون دعا ڪن ٿيون،
ڏنل چاهنائون، دعا ڪن ٿيون.

مان شايد هيس راهه جو ڪو پٿر،
ها پوءِ ڀي سزائون، دعا ڪن ٿيون.

گلن تي پَوَن پير تنهنجا جڏهن،
پَتين جون صدائون، دعا ڪن ٿيون.

تنهنجو نقش نيڻن،جي پردن تي پيو،
اکين جون ردائون، دعا ڪن ٿيون.

هوائن ۾ خوشبو آ شامل تنهنجي،
صنم هي هوائون، دعا ڪن ٿيون.

دوا ڀي شفا ڀي، ”مسافر“ جي تون،
دوائون شفائون، دعا ڪن ٿيون.

هن جي ظلم جي وستيءَ ۾ ٿيا ڪيس دُلاري سان،

هن جي ظلم جي وستيءَ ۾ ٿيا ڪيس دُلاري سان،
لٽجي پئي ٿي هر ڪا دل پنهنجي ئي واري سان.

ان جي ته اڱڻ تي جي ڳوڙها ها ڪريا منهنجا،
تن کي ٿي ٻُهاريو هن، بي درد ٻهاري سان.

مان سمنڊ جي هڪ اهڙي لاچار لهر وانگي،
جيڪا نه سگهي ٽڪرائجي، ڪڏهن ڪناري سان.

چاهت جي ته هر وِک سان، سنسار اندر يارو،
سرهاڻ ٿيندي دنيا، الفت جي نظاري سان.

نيڻن جو فقط گهايل، ناهين تون ”مسافر“ پر،
قتلام ڪيا ڪيئي، هن اک جي اشاري سان.

وري آ وري ياد تنهنجي وري آ،

وري آ وري ياد تنهنجي وري آ،
پرين تنهنجي صورت اکين ۾ تري آ.

جدائيءَ جي جنبش ته ايڏي وڌي آ،
ذهن ۾ تلاطم ۽ دل ٿي چري آ.

منهنجي من ۾ جهاتي، پرين ڏس تون پائي،
کليل منهنجي مدت کان دل جي دري آ.

ايئن مون اکين ۾، آ ڳوڙهن کي سانڍيو،
جيئن داڻي کي سانڍيو، مٽر جي ڦري آ.

ٿي بجليءَ جي رفتار مون ڏي صنم اچ.
”مسافر“ جي تو بن نه ساعت سري آ.

زمين ساڳي فلڪ ساڳيو، مگر تقدير وئي مٽجي،

زمين ساڳي فلڪ ساڳيو، مگر تقدير وئي مٽجي،
اڳي جيڪا هئي معطر ۾، سا ٿڌڙي هير وئي مٽجي.

مدت کان پوءِ ڏٺو جو عڪس آئيني ۾ مون پنهنجو،
هيو آئينو ساڳيو پر، منهنجي تصوير وئي مٽجي.

نظر جي نوڪ سان هن دل جي ڪاغذ تي لکي چاهت،
پنو دل جو ته ساڳيو آ، اها تحرير وئي مٽجي.

اڳوڻي دور ۾ همدم، هيو جو رنگ چاهت ۾،
”مسافر“ ڇو محبت جي، اها تاثير وئي مٽجي.

تو تي جلاد، ڪومل روح جي ڦٽڪار ٿي هوندي،

تو تي جلاد، ڪومل روح جي ڦٽڪار ٿي هوندي،
تو لئه ظالم، منهنجي وڍيل، زبان تلوار ٿي هوندي.

ٺٽي ۾ رقص ڪندڙ ڀي، هوائن کان پڇي ڏس تون،
شهيدن جي لهوءَ جي سنڌ ۾ هُٻڪار ٿي هوندي.

ڏنئي هر ماءُ جي جهوليءَ ۾ ٽهڪن جي تو عيوض لڙڪ،
تو تي لعنت جي هر هڪ ڳوٺ ۾، وسڪار ٿي هوندي.

ڪراچيءَ ۾ ڪيئي انسانيت جي جسم تي سوراخ،
مئل جسمن مان خوشبوءَ جي، تو کي للڪار ٿي هوندي.

ڪريل لاشن جي چهري تي، هي معصوميت جون ريکائون،
ستم جي رات ۾ ڪرڻن جي ڀرمار ٿي هوندي.

اسان پنبڙين سان ڪنڊا راهه جا چونڊيا ”مسافر“ لئه،
اٿو ساٿيو اوهان لاءِ، راهه ڀي هموار ٿي هوندي.

هوري هوري محبت جو ٿي ويو اثر،

هوري هوري محبت جو ٿي ويو اثر،
زندگي موت کان ٿي پئي بي خبر.

تنهنجي زلفن جي، سنگيت ڇيڙي ڇڏيو،
جو وهامي ويا، ڪيئي شام و سحر.

دوبدو ديد ۾، ٿي ويس مان غرق،
جيئن حياتي غرق، ٿو ڪري ڪو بحر.

عشق جي باهه جي، چڻگ اهڙي لڳي،
هوش اڏري ويو، ذهن ٿيو در بدر.

ڪيئن وهامي وئي، هت ”مسافر“ عمر،
ڄڻ لڳي ٿو ته گذري ويو هڪ پهر.

ماضيءَ جو اڳيان آيو، محبت جو فسانو ڪو،

ماضيءَ جو اڳيان آيو، محبت جو فسانو ڪو،
اڄ رات ڏٺو آهي، مون خواب سهانو ڪو.

هن جام محبت جو، اکڙين مان ڏنو اوتي،
پيتو آ منهنجي نيڻن، الفت جو پيمانو ڪو.

روڪيو هو جڏهن هن کي، بي درد زماني ڀي،
دنيا کان لڪي هن ڪيو، گڏجڻ جو بهانو ڪو.

زلفن ته ڪئي اس ۾، هئي ڇانوَ سڄڻ مون تي،
منهنجو به ته زلفن ۾، گذريو هو زمانو ڪو.

يڪدم جو کُلي منهنجي هيءَ اک ته نڀاڳي ٿي،
ڏيئي ويو هو ”مسافر“ کي يادن جو خزانو ڪو.

اڏيم سمنڊ جي ڀر ۾، سڪ جا دَيار،

اڏيم سمنڊ جي ڀر ۾، سڪ جا دَيار،
هُيون پر تعاقب ۾، ويرون هزار.

چراغِ محبت ٿا ٻاريون جي هت،
ته سامهون هوائون، اچن بي شمار.

جي ميلاپ جي مان، ٿو ڪوشش ڪيان،
ٿي رسمِ زمانا، ڪري مون کي ڌار.

ڪُڇي ظلم تي ٿي، جي منهنجي زبان،
کڄي ٿي به ان تي، سدا پئي ترار.

جي گهوڙا هجن هي، سڄڻ خواهشون،
هتي هر ڪو ماڻهو، ٿئي شهسوار.

”مسافر تون جيون سفر ڪيئن ڪندين،
آ راهن ۾ نفرت، جي گرد و غبار.

تصور ۾ پيو تنهنجي تصوير ڏسان ٿو،

تصور ۾ پيو تنهنجي تصوير ڏسان ٿو،
ڄڻ پنهنجي مقدر جي تعمير ڏسان ٿو.

تون مون کان رسين ٿي تان، تقدير رُسي ٿي،
مان تنهنجي ئي ٻانهن ۾ تقدير ڏسان ٿو.

هي خواب رهن منهنجا، ٿا تنهنجي اکين ۾،
مان پنهنجي ئي خوابن جي تعبير ڏسان ٿو.

زنجير جيان جڪڙيو، مون کي تنهنجي زلفن،
ماڻ پاڻ ئي قسمت جي تحرير ڏسان ٿو.

تو وار ڪري ماريو، اکڙين سان ”مسافر“ کي،
هن دل تي لڳڻ نيڻن جا تير ڏسان ٿو.

ڪالهه به ساڳيا سپنا هئا،

ڪالهه به ساڳيا سپنا هئا،
سور زخم ۽ صدما هئا.

ڏور ويا جي نظر کان سي،
ڪارا بادل وسڻا هئا.

تنهنجي ياد جو چنڊ چڙهيو،
چوڏس ٿي ويا، چمڪا هئا.

محنت مون ڏاڍي ڪئي پر،
نفرت- نقش نه ڊهڻا هئا.

جن دل کي هو جرڪايو،
چاهت جا ڪي ڪرڻا هئا.

رڻ ۾ ”مسافر“ ڀٽڪيا پئي،
اندر جا ڪي اُڌما هئا.

احوال منهنجي دل جو، بس دل ۾ رهجي ويو،

احوال منهنجي دل جو، بس دل ۾ رهجي ويو،
سارو خيال ان جي، محفل ۾ رهجي ويو.

ان جي اکين ته مون لئه، ڳوڙها نه ڳاڙيا،
حسرت ڪُٺي ستم ٿيو، غم دل ۾ رهجي ويو.

ويران ڪئي تو وستي، موهن دڙي جيان،
نقشو وفا جو قاتل، مقتل ۾ رهجي ويو.

ٻيڙي وفا جي ڪُن مان، ٻاهر نه ٿي سگهي،
جو وقت ويو سو حسرت ساحل ۾ رهجي ويو.

آهي عجب ”مسافر“ کي ان جي چال تي،
جيون سڄو اسان جو، هل چل ۾ رهجي ويو.

زندگيءَ کي هر نموني گهارجو،

زندگيءَ کي هر نموني گهارجو،
۽ مون کي تنهائيءَ ۾ نه سارجو.

جي ڪري ڳوڙها چِٽن نقشو سندم،
ڪنهنجي نظر کان اڳي ميسارجو.

جيءُ جهري تنهنجو اگر هن ڪوٽ م،
پوءِ نه ايئن دانهون ڪري پُڪارجو.

بندگيءَ ۾ اوچتي ڳوڙها ڳڙن،
۽ مٿي جهولي کڻي پوءِ نهارجو.

ڇائنجي سنڌ جي مٿان جنهن دم بهار،
پوءِ خوشيءَ مان پاڻ کي سينگارجو.

جيڪڏهن مان راهه ۾ گم ٿي وڃان،
پوءِ ”مسافر“ کي ڪڏهن نه سارجو.

سونهن ٿيندي ته ناهي ڪڏهن بي رحم،

سونهن ٿيندي ته ناهي ڪڏهن بي رحم،
دل جي ڌرتيءَ مٿان ڇو لڻان ٿو زخم.

مهل ڏانڊاڻي بڻي مون لئه پرڀات جي،
ماڪ ڀي باهه جيان ٿي سٽي دم بدم.

هڪ ته دل پئي غمن ۾ ٿي اڳ ۾ دُکي،
راڳ ديپڪ ڪيو، مون تي ويتر ستم.

دل جي شيشي کي هيري سان ٽڪرايو مون،
زخم گهرا رسيا، ٿيون اميدون ختم.

مان ته نقشا وفا جا لهوءَ سان چِٽيا،
آس پوري نه ٿي ۽ سڙي ٿيا ڀسم.

چنڊ جي روشنيءَ کي ”مسافر“ ڏسي،
آ چڪوري ڪيو وقف پنهنجو جنم.

چوڏس چراغ ۾ ٿيون هر دم رهن اکيون،

چوڏس چراغ ۾ ٿيون هر دم رهن اکيون،
ڇا لئه ٻڌن نه ٿيون پيون، منٿون ۽ ميڙ زاريون.

ميدان آ حشر جو، حسرت ڪري ٿي ماتم،
ماتم تي ڀي کڄن ٿيون، هاڻي هتي ڪٽاريون.

هت هر گهڙي نئين سر، برپا ٿين ٿا محشر،
دل تان لهن نه جيڪي، سي ڪيئن ستم وساريون.

اونداهه رات آ ناوَ، دردن واري بحر ۾،
پوءِ ڀي سپن جيان ٿا، خورشيد نئو نهاريون.

شهرِ خموشان وانگر، هي دل اداس آهي،
پوءِ ڀي پيا ”مسافر“ آشا جا ديپ ٻاريون.

مون کي تنهنجي فراق جي سڪرات ٿي ماري،

مون کي تنهنجي فراق جي سڪرات ٿي ماري،
لڙڪن جي بي پناهه هي برسات ٿي ماري.

سڏڪن ڀريل ٽهڪ سان، مان زخمن کي ڍڪيان ٿو،
رڪجي نٿي سا دل جي، هي جذبات ٿي ماري.

لفظن جي وچ ۾ ڪي ته لڪيل راز هئا پر،
سمجهي نه هوءَ سگهي سا، مون کي بات ٿي ماري.

جيون جي هن ڪتاب ۾ آ درد ڪهاڻي،
سوچن جي هر ورق سان ملاقات ٿي ماري.

دشتِ الم ٿي ترسي، ڦڙي ڪاڻ صدين کان،
مَٽجي نه ٿي ”مسافر“، جا حالات ٿي ماري.

نيڻن جي زبان ڪوئي سمجهي نه ته پوءِ، ڪيئن سمجهايان ڪنهن کي،

نيڻن جي زبان ڪوئي سمجهي نه ته پوءِ، ڪيئن سمجهايان ڪنهن کي،
پر ڪوئي پنهنجي ضد تان نه لهي، پوءِ ڪيئن پرچايان ڪنهن کي.

اي ڪانگل تو کان خبرون پڇندڙ، همدم کي وسري ويو هان،
ڪان ڪان تون ڇو ٿو ڪرين، مان هاڻ نياپو موڪليان ڪنهن کي.

سپرين آ هن دل کي چيريو،هر بار ستم جي خنجر سان،
مان ڪيئن جفائن جي ڌاڳن سان، سبيل دل ڏيکاريان ڪنهن کي.

آهي تنهائيءَ جو گريبان چاڪ، وفا بي آبرو پر هت،
دل بڻجي وئي دردن جو ساگر، ڪيئن سور سڻايان ڪنهن کي.

زلف پريشان، پير پٿون، وکريل وار، پرينءَ جي ڳولها ۾،
هو ”مسافر“ پنهنجي انا ۾ گم آ، راهن ۾ ڳولهيان ڪنهن کي.

هن سڄي جهان ۾ ناهي خوشي اسان جي ڇو،

هن سڄي جهان ۾ ناهي خوشي اسان جي ڇو،
ڏور ٿي رهي پنهنجي زندگي، اسان جي ڇو.

هن ڀنل اکين ۾ ڳوڙها ڪي ٿا پيا ٽمڪن،
سوچ ۾ رهي گم سم، سانوري اسان جي ڇو.

ناهي هت وفا ڪنهن دوست ۽ پيار وارن ۾،
هاڻ ٿي ستائي هيءَ، سادگي اسان جي ڇو.

الفتون به دولت جي ماپ تي پيا تورين،
ٿي وڪامجي ايئن هت مائٽي اسان جي ڇو.

ظلم جي جهان ۾ سڀ ٿا ڏنگين اسان کي پر،
ٿي ڏنگي ”مسافر“ اڄ دوستي اسان جي ڇو.

ٿي وسي برکا، جتي آهي بهاري ات سدا،

ٿي وسي برکا، جتي آهي بهاري ات سدا،
دل جي ڌرتيءَ تي محبت جا ڪڪر ناهن وسيا.

تنهنجي دوري ظلم وانگي، دل کي جهوري ٿي پئي،
فاصلا ڪر تون ختم بڻجي پرين وڃ اڄ هوا.

رقص پئي ٿي ڇو ڪري سڏڪن جي هن سُر تي هوا،
۽ ڏکن واري ته دونهي سان وئي ڍڪجي فضا.

چنڊ نڪتو آ خوشيءَ جو، خوش لڳن چهرا سڀئي،
هر خوشي مون کي ڏنگي ٿي، آرسي هيءَ تو بنا.

اي ”مسافر“ عيد ڪهڙي، درد وارن جي هتي،
آ حقيقي عيد ان جي ساڻ جنهن سان دلربا.

شوق وصال آهي، ارمان بڻيو مون لئه.

شوق وصال آهي، ارمان بڻيو مون لئه.
هي شهر حادثن جو، زندان بڻيو مون لئه.

چهري جي ان تي جيڪا تحرير حسن جي آ،
تحرير حسن واري، قرآن بڻيو مون لئه.

هن سور مون کي ڏاڍو بي چين آ ڪيو پر،
ناسور ٿي زخم هي، درمان بڻيو مون لئه.

حسرت جي هر ڏياٽي سالن کان آ بچائي،
هڪڙو هوا جو جهوٽو، طوفان بڻيو مون لئه.

هن کي چئو ته مون ڏي جلدي آ ”مسافر“
تنهنجو پرين وڇوڙو، انومان بڻيو مون لئه.

حسن پنهنجي کي ايڏو ڀي، پڏائڻ ڪو سٺو ناهي،

حسن پنهنجي کي ايڏو ڀي، پڏائڻ ڪو سٺو ناهي،
رکي ياري سڄڻ پوءِ، ايئن ڦٽائڻ ڪو سٺو ناهي.

نه ڪر ايڏا ستم سهڻا، ستم ڪنهن تي چڱو ناهي،
خدارا رحم ڪر دلبر، ستائڻ ڪو سٺو ناهي.

بڻايا جي سٺا سپنا، سڄڻ پنهنجي حياتيءَ لئه،
رقيبن سان ملي سينا،ڀڃائڻ ڪو سٺو ناهي.

بڻايو هو محل جيڪو، خيالن جو سڄڻ تو مان،
صنم ان کي پنهنجي هٿ سان، جلائڻ ڪو سٺو ناهي.

ڇڏي گهر ٻار هي سنسار، مان بڻجي ويس راهي،
”مسافر“ کي ته راهن ۾، رُلائڻ ڪو سٺو ناهي.

ڏور ڇو آ زندگي، اڀريو سوال،

ڏور ڇو آ زندگي، اڀريو سوال،
اوچتي تنهائيءَ ۾ آيو خيال.

تشنگي لاهڻ ويس ميخاني ڏانهن،
باهه ٻاري هت پيالن ۾ ڪلال.

هڪ ته ڪشتي اڳ ڪئي ويرن تباهه،
ٻيو وري طوفان کي آيو ڇو جلال.

زلزلي وانگي مٽايو دل جو گهر تو،
آهي بيشڪ هي وڏو تنهنجو ڪمال.

پير ڦٽيل ۽ بدن زخمن کان چور،
۽ ”مسافر“ هلڻ کان ٿيو بي حال.

لٽجي ويو ته اهڙو آرام زندگيءَ جو،

لٽجي ويو ته اهڙو آرام زندگيءَ جو،
جو ياد ناهي مون کي، اڄ نام زندگيءَ جو.

تو کي وڻان نه ٿو جو، تنهنجي هٿان پرين مان،
پيئان ٿو آخري ڀيرو، جام زندگيءَ جو.

هڪ زندگيءَ هٿان ڪسجي، زندگي هتي ٻي،
ٻيڙي ٻڏي وئي ڏس، انجام زندگيءَ جو.

ناڪاميون، اميدون،ارمان، خواب، سپنا،
سڀئي لٽيل مليو هي، انعام زندگيءَ جو.

مشڪل سفر ”مسافر“، دوکي، مڪر ڏکن جي،
دز سان ته ڍڪيل هت، هر گام زندگيءَ جو.

پيار واري هن سفر جي آرزو آهي ٿڪل،

پيار واري هن سفر جي آرزو آهي ٿڪل،
آس واري هر پهر جي، آرزو آهي ٿڪل.

ٿا ملن مهڻا ولر کان، ڌار ٿي ويل ڪونج کي،
ڪونج هڪ ڇا هت ولر جي، آرزو آهي ٿڪل.

مان اميدن سان ڪيو، روشن صبح هر رات کي،
پر هتي شام و سحر جي، آرزو آهي ٿڪل.

آرزوئن، خواهشن جي ناوَ پهچي ڪپ تي ڪيئن،
هت بحر، ڪپرن لهر جي، آرزو آهي ٿڪل.

ها پرين تنهنجي اچڻ جو، آسرو لاٿو سڀن،
سڀ گسن جي گهر ۽ در جي، آرزو آهي ٿڪل.

اي ”مسافر“ پنڌ مشڪل، هر طرف تنهائي آ،
ساٿ ڏيندڙ همسفر جي، آرزو آهي ٿڪل.

ڏور ٿي پاڻ کان، زندگي ڇو ڀلا،

ڏور ٿي پاڻ کان، زندگي ڇو ڀلا،
وئي رُسي ايئن اسان، کان خوشي ڇو ڀلا.

تون نه سمجهي سگهين پيار منهنجو پرين،
پر ڪري نا سگهين دل لڳي ڇو ڀلا.

تو وساريو مگر حال ڏس اڄ ڪري،
ئي نٿي ياد بد قسمتي ڇو ڀلا.

رات ٽانڊاڻي، ڏينهن آڙاهه ٿيو،
ايتري بي قراري وڌي ڇو ڀلا.

مان ڪڏهن اک تنهنجيءَ جو به تارو هيس،
اڄ ٿي ايڏي مون کان بي رخي ڇو ڀلا.

راهه موڙي ويا، منهن پنهنجا دوستو،
ٿي وئي ڏور آوارگي ڇو ڀلا.

نيڻ رستا ”مسافر“ پلي پاڻ ويا،
پر چري دل مڃي ئي نٿي ڇو ڀلا.

اي پرين تنهنجي وساريل ، چاهتن جو عڪس هان،

اي پرين تنهنجي وساريل ، چاهتن جو عڪس هان،
زندگيءَ پاران مليل سورن ڏکن جو عڪس هان.

تنهنجي چهري تي لکيل هن پيار جا جملا صنم،
آرسيءَ ۾ ڏس لکيل سڀني سٽن جو عڪس هان.

انتظاري بيقراري ۾ پڪاريو هو جڏهن،
مان تنهنجي هر آهه ڇا سڀني سڏن جو عڪس هان.

تون ڀلي ڪر ڌار مون کي، اَڏِ جدائيءَ جي تون ڀت،
روح تنهنجو ڇا مان تنهنجي تن من جو عڪس هان.

تو قدر ناهي ڪيو لڙڪن جو، ڏس هي بي حسي،
سار تنهنجي م ڪريل ڳوڙهن انهن جو عڪس هان.

واعدن جي الجهنن ۾، زندگي الجهي وئي،
مان تنهنجي ڪوڙن دلاسن، آسرن جو عڪس هان.

منهنجو جيون مينهن جي پهرين ڦڙي جيان ٿيو ختم،
ان ڦڙي جي دانهن ڏک صدمن ڦٽن جو عڪس هان.

مون اڏيا خوابن خيالن ۾ وفا الفت جا گهر،
وقت جڳ ۽ تو مٿان ڊاهيل گهرن جو عڪس هان.

اي ”مسافر“ تو مٽايا، پنهنجي قدمن جا نشان،
تن نشانن تنهنجي پيرن، پيچرن جو عڪس هان.