سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران صنوبر سيد جي ڪھاڻين جو مجموعو ”توکان ٿيندي ڌار“ اوھان اڳيان پيش آھي.
صنوبر سيد جي ڪھاڻين جا ڪردار اسان جي آسپاس جا جا ئي ڀاسجن ٿا. صنوبر سيد ڪھاڻين جي ڪردارن جي يا وري ڪھاڻين جي عنوان جي چونڊ بہ زبردست ڪئي آھي. اعجاز منگي لکي ٿو ”صنوبر سيد ڪڏهن تہ پنهنجي افساني ۾ ڪاڇي جي ڪونج لڳي ٿي، مون کي پنهنجي من جي هڪڙي مونجهه لڳي ٿي، ڪڏهن ڪويتا جي ڪڙتي ۾ هوءَ بسنتي باک لڳي ٿي، جنهن جي ماٿي مٿ وهائو بنديا وانگي چمڪي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خيال ۾ مونکي هوءَ سمورو سچ لڳي ٿي.
ھي ڪتاب 1994ع ۾ نيو ٿنڪرس فورم، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي