اٺين ڪٿا
موهن ڪلپنا سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن سهڻي سنڌي ٻولي کي شاهڪار ناول ۽ ڪھاڻيءَ جا ڪتاب ڏنا آھن. جڏهن موهن ڪلپنا کي پڙهبو آهي تہ ان ۾ ڪردارن جي بيچيني ۽ رولاڪي ڏسي محسوس ڪبو آهي تہ اها سموري تخليقي اڻت موهن ڪلپنا جي روح جي آس پاس جي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو قبول ڪيو ويو آهي تہ تخليق ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح تخليڪار موجود هوندو آهي، ان ڪري سنڌ جا پڙهندڙ ائين محسوس ڪندا رهندا آهن تہ موهن جي لکڻيءَ ۾ جيڪا بہ ڪردارن جي چرپر آهي، ان جي پٺيان دراصل سندس ئي موجودگي آهي.