آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 47
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”زندگيءَ جون ڪٿائون ۽ ساروڻيون“  اوهان اڳيان حاضر آهي. يادگيرين، آتم ڪٿا ۽ ساروڻين تي ٻڌل ھي ڪتاب نامياري اديب رئوف نظاماڻيءَ جو لکيل آھي. 
سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ رئوف نظاماڻيءَ جي آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي تہ ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي تہ اھا ڪراچيءَ جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي تہ اھا ڪٿا صرف ڪراچيءَ جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال بہ آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضيءَ جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.  ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچيءَ جي ادبي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو احوال بہ آھي. ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو. 
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري اڃا تائين ناھي ڇاپيو، پر سائين رئوف نظاماڻيءَ قرب ڪري ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون. مھربانيون سائين حبيب سنائيءَ جون جنھن ڪمپوز ٿيل مواد کي سنواري ۽ مھاڳ لکي ڪتاب سنڌ سلامت ڏانھن ايميل ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پيش لفظ

پياري رئوف نظاماڻي کي جڏھن سندس ھن آتم ڪٿائي ڪتاب جي اليڪٽرانڪ ايڊيشن لاءِ پيش لفظ لکڻ جي صلاح ڏنم ته يڪدم چيائين اوھان ئي کڻي لکو، ڇو ته اوھان به منھنجي علمي ادبي سرگرمين ۽ تخليقن کان ڪافي عرصي کان واقف آھيو. دل ۾ سوچيم ته ڪٿي رئوف صاحب، ڪٿي حبيب سنائي. خيال آيو ته اجايو کيس صلاح ڏنم. بھرحال قلم ھٿ ۾ کنيو اٿم.
اسان جيڪي گذريل صدي جي اسي ۽ نوي واري ڏھاڪي ۾ علم و ادب توڙي سياست سان واڳيل رھيا آھيون، تن واسطي رئوف نظاماڻي ھڪ اھم شخصيت جي حيثيت پيو رکي. مون کي ياد آھي ته اسي واري ڏھاڪي ۾ اسان تازو تازو ادب جي وسيلي سياست سان لاڳاپيا ھئاسين، تڏھن رئوف نظاماڻي ۽ ڪن ٻين جي لکڻين جي پڙھڻ جو جنون ھوندو ھو. سندس اوائلي ڪتاب فلسطين ۽ سامراج اسان کي عالمي سياست کي سمجهڻ لاءِ سونھون ٿيو. ائين ان کانپوءِ سندس ٻيون لکڻيون به اسان کي عالمي توڙي ملڪي حالتن جو صحيح رخ ڏيکاري، اسان کي پنھنجي راءِ جوڙڻ ۾ سھائتا ڪنديون رھيون آھن.
بھرحال خوشقسمتي سان جڏھن مون روزگار جي سلسلي ۾ سال 1985 ڌاري ڪراچي ۾ رھائش اختيار ڪئي. تڏھن ڪجهه مھينن کان پوءِ اوچتو پيارو جان خاصخيلي صدر ۾ ملي ويو. ھن صاحب ٻڌايو ته ھو به روزگار سانگي ڪراچي ۾ ٽڪيل آھي ۽ وڌيڪ ھن اھا ڄاڻ ڏني ته رمپا پلازا ۾ ھر خميس تي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي ٿيندي آھي، جنھن ۾ ھو شريڪ ٿيندو آھي. ھن مونکي به ان ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. سنڌي ادبي سنگت سان ساٿ ته 1981 کان وٺي شروع ٿيو ھو، جڏھن قاضي معصوم ھالائي صاحب مونکي ۽ عرفان مھدي کي ھمٿائي ھالاپراڻا جي شاخ وري سرگرم ڪرائي. ان زماني ۾ اسان لاءِ ڪراچي سنگت پنھنجي ڪارڪردگي جي ڪري ھڪ وڏي اتساھ جو سبب ھئي.
ائين 1985 جي آخر ۾ آئون سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي ھفتيوار گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيس. اتي سخت تنقيدي معيار کي ڏسي ڪري رڳو ھڪ اڌ ڪھاڻي پيش ڪري سگھيس. بھرحال اتي باقاعدہ شرڪت جي ڪري ٻين ساڻ نظاماڻي برادران يعني رئوف، شڪور ۽ حسن منصور سان ڏيٺ ويٺ ٿي. ان کان علاوھ جان خاصخيلي ۽ رحمان خاصخيلي سان گڏجي ڪافي ڀيرا رئوف صاحب جي لي مارڪيٽ پاسي واري گھر وڃڻ ٿيو، جتان ڪافي ڪتاب پڙھن لاءِ ورتاسين، اھا ٻي ڳالھ آھي ته سڀ نه پڙھيا ھونداسين.
ھن کان اڳ ۾ مون وٽ رئوف صاحب جو تصور سياسي ۽ اقتصادي موضوعن جي ليکڪ طور ھو، پر سنگت ۾ سندس سرگرمي مان سندس سٺي ادبي نقاد طور شناسائي ٿي. رئوف صاحب جا ليک گھڻ موضوعاتي ھوندا آھن. ڪڏھن ھو ملڪي سياست کان وٺي عالمي سياست تي رائي زني ڪندو آھي، ته ڪڏھن اقتصاديات تي پيو لکندو آھي. ڪڏھن وري سندس روءِ سخن علم و ادب ھوندو آھي.
گذريل ڪافي سالن کان ھو جيڪي علمي، سياسي يا ادبي ڪتاب پڙھي ٿو، تن جو وچور اسان سان ونڊي اسان جي علمي غربت کي گھٽائڻ ۾ به ھڪ اھم رول ادا ڪري رھيو آھي.
سال ڏيڍ اڳ ڪاوش دنيا ۾ سندس آتم ڪٿا ڇپجڻ شروع ٿي. سندس آتم ڪٿا ٻين سنڌي ڪٿائن کان ان ڪري منفرد آھي ته ھن ۾ سندس پنھنجي ذات جو غير ضروري تذڪرو ڪونھي. ائين کڻي چئجي ته اھا ڪراچي جي تاريخ يا اڀياس آھي. ائين ڪونھي ته اھا ڪٿا صرف ڪراچي جي چوڌاري ڦري ٿي، پر اھا ڪٿا اسان کي ليکڪ سان واسطي ۾ آيل ڪيترن نامور شخصيتن جھڙوڪ امام علي نازش، ڊاڪٽر فيروز احمد فيروز، رسول بخش پليجو، ڄام ساقي، جمال نقوي، عبدالرحمان نقاش وغيرھ جا احوال به آڇي ٿي، جنھن سان اسان کي ويجهي ماضي جي سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
رئوف صاحب جي ھن آتم ڪٿائي ڪتاب کي 65 مضمونن ۾ ورھايو ويو آھي. ڏھاڪو کن مضمون سندس خاندان جي حوالي سان آھن، باقي مضمونن ۾ ڪراچي جي سياسي سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصتين جو احوال به آھي. جيئن مون اڳ ۾ لکيو آھي ته ھيءُ ڪٿائي ڪتاب آتم ڪٿا کان وڌيڪ ڪراچي جي تاريخ ۽ سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تاريخ لاءِ بنيادي مواد فراھم ڪري ٿو.
ھي ڪتاب ھڪ لحاظ کان آتم ڪٿا جو پھريون جلد آھي. اميد تہ رئوف سائين جلدي ٻيو جُلد به لکي وٺندو.

حبيب سنائي،
ھالاپراڻا،
ا مئي، 2021

هڪ صدي اڳ ڪراچيءَ آيل اسانجو خاندان ۽ منهنجي تعليم

زندگيءَ جو هر دور هڪٻئي سان ڳنڍيل به هوندو آهي ته ڌار به. ماڻهو پنهنجي هڪ دور جي گھڻين ڳالهين تي فخر به ڪندو آهي، ته گھڻيون ڳالهيون سندس لاءِ پشيماني جو به باعث هونديون آهن ۽ هو ڪوشش ڪندو آهي ته نه رڳو ٻين کان سندس اهي ڳالهيون لِڪل رهن، پر ساڳئي وقت سندس اهي ذهن تان به ميسارجي وڃن، ان ڪري لکڻ جو اهو عمل جڏهن شروع ٿيندو آهي ته گھٽ يا وڌ هرڪو پاڻ کي سنسر ڪندو آهي، پر ان سنسر جو مطلب به اهو هوندو آهي ته، اهي سندس ذهن جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ موجود آهن. هونئن به اڻ وڻندڙ شين جو وسرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. شايد ان ڪري ئي چيو ويندو آهي ته، ’يادِ ماضي عذاب آهي يا رب.‘
هيءَ ڳالهه اڄڪلهه جي گھڻن سنڌين کي عجيب لڳندي آهي ته، ’ڪراچيءَ ۾ به ڪي اهڙا سنڌي خاندان رهندا آهن، جن کي هتي رهندي هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي.‘ اسانجو خاندان اهڙن خاندانن مان هڪ آهي، جن کي ڪراچيءَ ۾ رهندي اٽڪل هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. منهنجو ڏاڏو پنهنجي جوانيءَ ۾ جڏهن (کهڙا مان) هت آيو هو ته، ان وقت، کانئس اڳ ۾ ئي سندس چاچو هتي رهندو هو. ڏاڏي هتان، ڪراچيءَ جي مقامي سنڌين مان شادي ڪئي. انهن جي قدامت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته، ”سندس ناني سائين عبدالرحيم آخوند، جنهن جو ذڪر ان وقت جي سنڌي نصاب جي ڪتابن ۾ هوندو هو، ڪراچيءَ جي ڪنهن انگريز ڪاموري کي سنڌي پڙهائي هئي، جنهن کيس خوش ٿي چيو هو ته ’موجوده ڊينسو هال کان گھوڙو ڊوڙاءِ، جتي اهو بيهندو اها زمين توکي لکي ٿا ڏيون.“
ان درويش ان آڇ کي رد ڪندي کيس جواب ڏنو ته، ”سائين الله اسان کي گنج ڏنو آهي. مون کي ان سڀ ڪجهه جي ضرورت ناهي.“
اها ته منهنجي سانڀر جي ئي ڳالهه آهي ته، بابا اسان کي جڏهن ڪنهن وڏي ننڍي ڏينهن تي قبرستان وٺي ويندو هو ته، پهرين ان قبرستان وڃبو هو، جيڪو ميوه شاه جي مزار جي سامهون هوندو هو ۽ جتي ڏاڏا آخوند جي قبر هوندي هئي. پوءِ لينڊ مافيا زمينن تي قبضي جو جيڪو معاملو شروع ڪيو، انهن کان اسان جا قبرستان به محفوظ نه رهيا آهن. هن وقت اهو قبرستان ختم ٿي چڪو آهي.
ڏاڏي جو هڪ ڀاءُ پويان ڳوٺ ۾ ئي رهندو هو. اهو خاندان ماني مڇي وارو هو. ڪورڪو ڪم ڪندو هو، پر وٽس ڪا زرعي زمين وغيره نه هئي. ڏاڏو پنهنجو گھر به ڀاءُ جي حوالي ڪري آيو هو، ان ڪري پويان وٽس ڪا ملڪيت نه رهي هئي. سندس خاندان جو ڳوٺ سان تعلق ختم ٿي وڃڻ جو شايد اهو به هڪ ڪارڻ هو. جيتوڻيڪ هن پنهنجن ٻن پٽن جي شادي پنهنجي خاندان مان ڪرائي، پر هڪ ته، اهي به ڪراچيءَ ۾ ئي آباد هئا ۽ ٻي ڳالهه ته اهي شاديون پڻ مختلف خانداني سببن جي ڪري گھڻو عرصو نه هلي سگھيون. انهن جيِ ٻي شادي وري ڪراچيءَ جي مقامي ماڻهن مان ئي ڪرائڻي پئي. اهڙي ريت اسان جو ڳوٺ سان تعلق رڳو هڪ مهمان وارو ئي وڃي رهيو. ان بعد سال ۾ اٽڪل هڪ ڀيرو بابا جي سئوٽ جي گھر مهمان ٿي وڃبو هو. ڳوٺ ۾ ٻين مِٽن مائٽن سان ملڻ سان گڏ هڪ جاءِ تي وڃڻ ضروري هوندو هو ۽ اها هئي ڏاڏي نظام جي قبر، جتي حاضري ڏبي هئي.
اسان هن وقت ڄڻ ڏاڏي جي ستين پيڙهي آهيون. اها قبر پير ڪٽپر واري قبرستان ۾ هئي، جيڪو کهڙا شهر کان گھڻي مفاصلي تي آهي. هن وقت ته ڳوٺ جو قبرستان شهر جي ويجھو ئي آهي، پر بابا ٻڌائيندو هو ته، پهرين هتي اچبو هو.
هن قبر جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته هر سال وڃڻ جي باوجود ان کي ڳولڻ لاءِ اُتان پنهنجي هڪ مائٽ کي گڏ کڻڻو پوندو هو، جنهن کي قبرستان جي ڄاڻ هوندي هئي. ڪيترا ڀيرا ته ائين به ٿيو ته ايستائين ته اسان جي ان سونهين کي به ناڪام موٽڻو پيو. اها عام قبرن جي ڀيٽ ۾ ڊيگهه ۾ ننڍي هئي ۽ ان کي ڪنهن ڪارڻ پڪو نه ڪيو ويو هو. ٻي ڳالهه ته جھنگ صاف ڪرڻ جي باوجود ڪجهه عرصي ۾ اها وري جھنگ جي وچ ۾ اچي ويندي هئي. بهرحال ڏاڏا ۽ سندس ڳوٺ جي ويجھن مائٽن جي وفات کانپوءِ ڳوٺ وڃڻ جو سلسلو آهستي آهستي گھٽبو ويو ۽ هن وقت اهو اٽڪل نه هئڻ برابر وڃي رهيو آهي. بابا کانپوءِ اسانو ننڍو چاچو ان قبر جي سار سنڀال ڪندو ھو پر سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ شايد ئي اسان ڀائرن ۽ سوٽن مان ڪو رڳو اتي ائين ٿيڻ لاءِ ويندو ھجي. آئون سمجهان ٿو ته ڏاڏا جي يادگيري شايد اسان جي نسل تائين رھي، پوءِ جا ايندڙ نسل پنھنجي بنياد جي ڳولھا ۾ ايڏي گھڻي دلچسپي نه وٺن.
ان سلسلي ۾ هڪ اهم مشاهدي جو هتي ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. ان وقت تاثر اهو هوندو هو ته، ’ڪراچيءَ ۾ سڀ مهاجر رهن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو به رهي ٿو ته، اهو به جلد يا بدير انهن جهڙو ئي ٿي ويندو.‘ هڪ ڀيري اسان بابا جي سئوٽ جي راڻيپور واري دڪان تي ويٺا هئاسين ته، هن پنهنجي هڪ واقف سان اسان جو تعارف ڪرائيندي چيو ته، ”هي منهنجي سئوٽ جا پٽ ڪراچيءَ مان آيا آهن ۽ جلدئي اهي مهاجر ٿي ويندا.“ ان وقت اها ڳالهه اسان کي سمجهه ۾ نه آئي ته، ان جو مطلب ڇا هو، پر هاڻي خبر پئي ٿي ته، ان جو مطلب هو ته، ”اهي ماڻهو پنهنجو ڪلچر، ٻولي ۽ طور طريقا وساري ويهندا ۽ اسان لاءِ بلڪل اوپرا ٿي ويندا.“ اهو خدشو صحيح به هو، ڇاڪاڻ ته اسان جي چوڌاري گھڻا خاندان ان واٽ تي هلي پيا هئا. اسان جو پاڻ کي بچائڻ ان ڪري ممڪن ٿي سگھيو جو اسان اتفاق سان سنڌي ميڊيم ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪئي هئي.
منهنجي امان جو واسطو به ڪراچيءَ جي مقامي سنڌي ميمڻ خاندان سان هو. منهنجي نانِي بروهي خاندان مان هئي، جيڪي حبَ جي ويجھو لڪي جي علائقي ۾ رهندا هئا. امان يا سندس خاندان پاران جيتوڻيڪ ڪڏهن سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر سان پنهنجي تعلق جو ذڪر نه ڪيو ويو، پر هوءَ اهو ٻڌائيندي هئي ته، ’سچل سائين سندن مرشد آهن ۽ اتي درگاهه جي اڱڻ تي سندن خاندان جو ڪو فرد به دفن آهي.‘ اهڙي ريت ڳوٺ وڃڻ جي صورت ۾ امان جو درگاهه تي وڃڻ لازمي هوندو هو، جنهن ڪري اسان جو ڄڻ ته ان سان هڪ جذباتي ناتو جڙي ويو هو.
شروعات ۾ اسان اڇي قبر وٽ رهندا هئاسين. اها بابا نور شاه غازي جي مزار آهي، جنهن تي اڇي رنگ جي ڪري ان تي ”اڇي قبر“ جو نالو پئجي ويو. اهو ”مٺي در“ جو علائقو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته، لياري ندي پنهنجو رخ بدلائڻ کان اڳ ۾، هتان اچي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ساڳئي ريت جتي سمنڊ جو پاڻي ايندو هو، اهو علائقو ”کارادر“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. هن علائقي کي لياري ۽ پسگردائيءَ جا ماڻهو ”شهر“ به چوندا هئا.
ڏاڏي جو مون سان پيار، مون کي اڃا ياد آهي. هن خاص طور منهنجي لاءِ پنهنجي سائيڪل ۾ اڳتي گادي لڳرائي هئي. کيس هونئن ئي ٻارن سان وڌيڪ انسيت هوندي هئي. عيد وغيره جي موقعي ته هو سڀني ٻارن کي شهر جي ڪنهن تفريحي جاءِ تي وٺي ويندو هو، جنهن ۾ رڳو خاندان جا نه، پر پاڙي جا ٻار به شامل هوندا هئا، خا ص طور مون کي ياد آهي ته جڏهن ڪراچيءَ ۾ سرڪلر ريلوي شروع ٿي هئي، تڏهن اسان سڀ ٻار، سندس اڳواڻيءَ ۾ وزير مينشن تان ريل ۾ سوار ٿيا هئاسين ۽ ڊرگ روڊ تي لهي، اسٽيشن جو چڪر هڻي، وري واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو هئوسين.
اسان جي گهر جي هيٺان ملباري جو چانهه جو ننڍڙو هوٽل هوندو هو. سندس نالو ته الائي ڇا هو، پر کيس سڀئي ”مامون“ جي نالي سان سڏيندا هئا. سندس مرڪندڙ چهرو، پيار سان ڳالهائڻ ۽ ملائيءَ واري چانهه اڃان منهنجي ذهن تي نقش آهي.
خاندان جي وڌي وڃڻ ڪري اڇي قبر وارو گھر سوڙهو ٿي پيو. ان وقت اڃان ڌار رهڻ جو رواج پيدا نه ٿيو هو، ان ڪري اسان کي نوآباد جي علائقي ۾ شفٽ ٿيڻو پيو. منهنجا ٻه وڏا ڀائر اڳ ۾ ئي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيا هئا، جڏهن ته منهنجي تعليم نوآباد، لياري شفٽ ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي. ان وقت به خانگي ۽ سرڪاري اسڪول؛ ٻيئي هوندا هئا، پر تعليم اڃا ڪمرشيلائيز نه ٿي هئي ۽ خانگي اسڪول گھڻي ڀاڱي فلاحي ادارن ۽ ٽرسٽ وغيره وٽ هوندا هئا. ٻار پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيندو هو، جنهن ڪري ماٽٽن کي ڪا گھڻي مٿاڪٽ نه ڪرڻي پوندي هئي. سڌو وڃي کيس استاد جي حوالي ڪيو ويندو هو. پرائمري تعليم لاءِ مون کي ڏيپچند ٽي اوجھا اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جيڪواسان جي گھر جي بلڪل سامهون هو.
اهو ايوب خان جو دور هو ۽ پاڪستان جا آمريڪا سان ناتا سٺا هئا. ان جي ڪري شاگردن لاءِ خاص طور تي آمريڪا پاران کير ۽ گيهه موڪليو ويندو هو. اڄ وانگر اهو سڀ ڪجهه استادن جي گھرن ۾ نه، پر شاگردن ۾ ورهايو ويندو هو. هاف ٽائيم ۾ روزانو کير جي گلاس سان گڏ هفتي ٻئي هفتي گيهه جو سيل ٿيل دٻو ملندو هو، جيڪو شاگرد پنهنجي گھر کڻي ويندا هئا. اهو سنڌي ميڊيم اسڪول هو، جتي چار درجا پڙهيو هيم. ان اسڪول جي گھڻي يادگيري ته ناهي، پر قاضي صاحب، جنهن جو پڻ پورو نالو ذهن تي نه پيو اچي، جي ڪتابن کانسواءِ اٿڻ ويهڻ جي طور طريقن جي تربيت جا ڪجهه عڪس اڃا ذهن تي نقش آهن. سائينءَ سان منهنجي گھڻو عرصو پوءِ به ملاقات ٿيندي رهي ۽ هو پنهنجن واقفڪارن کي منهنجي لاءِ ٻڌائيندو هو ته، ’منهنجو هڪ شاگرد اسٽيٽ بينڪ ۾ ڪم ڪري ٿو.‘
ان کانپوءِ حاجي عبدالله هارون سيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتم. انگريزيءَ جي پڙهائي هڪ مضمون جي طور پنجين درجي کان شروع ٿيندي هئي. اهو اسڪول جيتوڻيڪ ان وقت خانگي هو ۽ هارون خاندان جي ملڪيت هو، پر ان کي بلڪل ويلفيئر جي حوالي سان هلايو ويندو هو. نالي ماتر في هوندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن خاندان جا هڪ کان وڌيڪ ڀائر داخل هوندا هئا ته، انهن مان ڪجهه جي في معاف ٿي سگھندي هئي، جڏهن ته گھڻن غريب ٻارن جي في هونئن ئي معاف هوندي هئي.
ساڳئي اسڪول جي ڪمپائونڊ ۾ يتيم خانو به هوندو هو، جنهن کي پڻ هارون فيملي هلائيندي هئي. ان سان گڏ ئي خيراتي ڊسپينسري پڻ هوندي هئي، جنهن جو انتظام به هارون فيميلي وٽ هوندو هو. اسڪول ۾ ٽي ميڊيم: سنڌي، گجراتي ۽ اڙدو هوندا هئا. سنڌي ميڊيم جي ڪلاسن ۾ سنڌي ٻارن کانسواءِ ڪاٺياواڙي ۽ بلوچ به هوندا هئا. انهن ٻارن جو تعداد ايترو وڌيڪ هوندو هو جو هر ڪلاس کي ٽن چئن حصن ۾ ورهائڻو پوندو هو ۽ هر حصي ۾ چاليهه کان پنجاهه ٻار هوندا هئا.
اسڪول ۾ مختلف استادن سان واسطو پيو. سائين خير محمد سومرو، جيڪو هيڊ ماسٽر به هو، اهو الجبرا پڙهائيندو هو. کيس پنهنجي سبجيڪٽ تي ايتري ته مهارت حاصل هوندي هئي جو سندس ان موضوع تي ڪتاب پڻ لکيل هو. نهايت سلڇڻي طبيعت جو مالڪ ۽ ڪڏهن به ٻارن تي سختي نه ڪندو هو. سائين تاج محمد سمون جو ڪم ٻارن ۾ سنڌي ادب لاءِ شوق پيدا ڪرڻ هو ۽ ان مقصد لاءِ ان وقت نڪرندڙ ”اديون“ رسالو وڪري لاءِ پڻ کڻي ايندو هو، جنهن جي قيمت اٺ آنا هوندي هئي. نهايت سادو سٻاجھڙو ماڻهو. مون سان سندس آخري ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن آئون ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هوس ۽ هارون ڪاليج پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ملهائجندڙ ورسيءَ ۾ شرڪت لاءِ اتي ويو هوس.
ان وقت روزاني هلال پاڪستان جي، شاگردن جي صفحي ۾ منهنجا ليک ڇپجندا هئا. سائين نه رڳو اهي پڙهندو هو، پر کيس اها به ڄاڻ هئي ته هي منهنجو ئي شاگرد آهي. منهنجي پٺي ٺپريندي مون کي تاڪيد ڪيائين ته، پنهنجي ڪم کي جاري رکان. سائينءَ سان پوءِ منهنجي ملاقات ته نه ٿي، پر جڏهن به ڪجهه واسطيدار ماڻهن کان معلوم ڪيو ته، خبر پئي ته سائين ڪافي عرصي کان گم هو ۽ ڳولا جي باوجود به سندس متعلق ڪجهه به معلوم نه ٿي سگھيو هو.
انهن استادن سان گڏ اهڙا استاد پڻ هوندا هئا، جن کي ٻارن کي اذيت ڏيڻ ۾ مزو ايندو هو. سندن طريقو رڳو ’مولا بخش‘ يعني لڪڻ جي استعمال جو نه هوندو هو، پر ٻارن هٿان ذليل ڪرائڻ ۽ ايستائين جو ٻين ٻارن کان ان کي ٿُڪون هڻائڻ کان به نه گسندا هئا. ان سلسلي ۾ وهاب نالي هڪ استاد ڪافي بدنام هو. ڏهڪاءَ وارو طريقو سائين ابراهيم لاسيءَ جو به هوندو هو. ايستائين جو سندس ننڍو ڀاءُ موسيٰ، جيڪو منهنجو ڪلاس فيلو هو، سدائين کانئس هيسيل رهندو هو. سائين جڏهن وڃي پوليس ۾ انسپيڪٽر ٿيو ته، سڀني شاگردن شڪر ادا ڪيو.
آئون ڪو ايڏو هوشيار شاگرد نه هوس. اٺين درجي تائين بس ائين ئي پاس ٿي ويو هئس. ان جي باوجود مون ڪو ڪلاس رپيٽ نه ڪيو هئو. اٺين ڪلاس جي، اسڪول جي امتحانن ۾ منهنجي پهرين پوزيشن هئي، جنهن جي مڃتا ۾ مون کي اسڪول پاران ڪتابن جو هڪ سيٽ ڏنو ويو، جيڪا ڳالهه گھڻن ٻين سان گڏ منهنجي لاءِ پڻ حيران ڪُن هئي. ان انقلاب جو سبب منهنجو هڪ اوکائي ميمڻ دوست ۽ ڪلاس فيلو آدم هو، جنهن جي ڪري مون ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان کي ’همدرد نونهال‘ ۽ ٻارن جي ٻين رسالن ۾ سوالن جا جواب، فوٽو ۽ مختلف ليک موڪلڻ جو شوق هوندو هو. ان سان گڏ مختلف لائبريرين ۾ اخبارن ۽ اسڪول جي مطالعي لاءِ وڃڻ به سندس هڪ مشغلو هوندو هئو. هن مونکي به ان لائين سان لڳائي ڇڏيو. پوءِ منهنجي لاءِ ڄڻ اڳتي وڌڻ جي هڪ واٽ کلي پيئي. ان شخص کي آئون اڄ به ڏاڍي پيار ۽ ٻاٻوهه مان ياد ڪندو آهيان. مون نائين درجي ۾ سائنس بدران آرٽس جي چونڊ ڪئي هئي. پڙهائيءَ ۾ منهنجو شوق انڪري به ممڪن ٿيو هو جو ان وقت پاڙي ۾ منهنجا جيڪي ننڍپڻ جا دوست هئا، انهن جون دوستيون ٻئي پاسي منتقل ٿي ويون هيون ۽ آئون ڄڻ ته اڪيلو ٿي ويو هوس. ان جي نتيجي ۾ ڪلاس ۾ منهنجي ڪارڪردگي وڌي ويئي ۽ ميٽرڪ جي امتحان ۾ مون فرسٽ ڊويزن حاصل ڪئي. ان کان پوءِ پوئتي مُڙي ڏسڻ جو ڪو سوال ئي نه هو. منهنجي تعليمي ڪارڪردگي ۽ غير تعليمي سرگرمين خاندان ۽ دوستن ۾ منهنجي عزت ۽ اهميت کي وڌائي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي اڃا وڌيڪ حوصلي افزائي ٿي.
تڏهن ان اسڪول ۾ ميٽرڪ تائين تعليم هوندي هئي. آئون اڃان اسڪول ۾ ئي هئس ته هارون فيميلي اسڪول سان لڳ ئي هارون ڪاليج جو قيام عمل ۾ آندو. اردو جي مشهور شاعر فيض احمد فيض، جنهن جا هارون خاندان سان سٺا ناتا هئا، کي ان ڪاليج جو پهريون پرنسپل مقرر ڪيو ويو. فيض صاحب پاران ڪاليج ۾ جيڪي استاد مقرر ڪيا ويا، اهي نه رڳو ڪراچي، پر انهن ۾ ڪي ڪي ته ملڪ جا مڃيل استاد هئا، جن ۾ مارڪسي دانشور ڊاڪٽر م.ر. حسان به شامل هو، جيڪو پوءِ ڪاليج جو پرنسپل به ٿيو. ميٽرڪ ۾ سٺن نمبرن سان پاس ڪرڻ کانپوءِ مون هارون ڪاليج ۾ ئي داخلا ورتي. هڪ ته اهو ڪاليج اسان جي گھر جي ويجھو هو ۽ ٻيو ته اسڪول جي ايڪسٽينشن هئڻ ڪري هتان جو ماحول مانوس هو. ڪاليج ۾ اچڻ کانپوءِ پڙهائي ڏانهن منهنجو ڌيان اڃان وڌي ويو.

ڪراچي يونيورسٽي، شاگرد سياست ۽ لياريءَ جو تبديل ٿيل سياسي ماحول

هارون ڪاليج مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ مون کي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ جو شوق ٿيو. تيستائين ان علائقي جا گھٽ ئي ڇوڪرا يونيورسٽيءَ واري پاسي ڌيان ڏيندا هئا. هڪ عام غلط فهمي اها هوندي هئي ته گڏيل تعليم ۽ ڇوڪرين جي تعداد وڌيڪ هئڻ جي ڪري ڇوڪرن جي خراب ٿيڻ جو امڪان گھڻو هو، پر يونيورسٽيءَ ۾ وڃڻ جو مطلب هڪ لحاظ کان ڄڻ ته شهر سان ڳنڍجڻ ۽ ٻين علائقن جي شاگردن ۽ استادن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ هو. منهنجي لاءِ خاص طور اهو ان ڪري به اهم هو ته، هيستائين منهنجي سڄي تعليم لياريءَ جي ماحول ۾ ٿي هئي، جيڪو هڪ لحاظ کان باقي شهر کان ڄڻ ته الڳ ۽ ڌار علائقو هئو. مون کي معاشيات ۾ ماسٽرس ڪرڻ جو شوق هو، پر ڪجهه واقفڪارن ۽ مائٽن پاران تنبيهه ڪئي ويئي ته، اهو سبجيڪٽ ڏکيو ۽ محنت طلب آهي، ان ڪري سوچي سمجھي پوءِ ڪو فيصلو ڪيان. بهرحال آئون پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيس.
مون کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي معاشيات جي شعبي ۾، انٽر ۾ سٺن نمبرن هئڻ ڪري بي اي آنرز ۾ آسانيءَ سان داخلا ملي ويئي. اهو ڄڻ ته منهنجي لاءِ هڪ بلڪل نئون دور هو. هڪ نئون ماحول. نوان ماڻهو. نيون ڳالهيون.
يونيورسٽيءَ ۾ پهچي اها خبر پيئي ته شهر ۾ شاگردن جا ٻه گروپ آهن: هڪڙا اُهي جن عام اسڪولن يا سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيو آهي، انهن کي اڙدو ميڊيم جي نالي سان سڏيو ويو ٿي، ۽ جن شاگردن سٺن انگريزي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، انهن کي انگريزي ميڊيم چيو ويو ٿي. يونيورسٽيءَ ۾ ميڊيم انگريزي هو.
ڪاليج ۾ جيتوڻيڪ بي ايس او، جيئي سنڌ ۽ ٻين مختلف قوم پرست شاگردن جا گروپ سرگرم هوندا هئا، پر آئون انهن مان ڪنهن ۾ به سرگرم نه هوس. ساڳيءَ ريت يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندي ئي مختلف گروپ رابطي ۾ اچڻ لڳا. ان وقت هتي هڪ ته اسلامي جميعت سرگرم هئي ۽ ٻيون جميعت مخالف جماعتون هيون، جيڪي خاص طور شاگرد يونين جي چونڊن جي وقت پروگريسو الائنس ۾ گڏجي وينديون هيون.
يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي رهڻ جي چئن سالن جي عرصي ۾ رڳو هڪ سال پروگريسو الائنس چونڊون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيو هئو، جنهن کي پڻ اڳوڻي صدر شفيع نقي جامعي جي، سندس دور ۾ ٿنڊر اسڪواڊ ٺاهڻ جو ردعمل قرار ڏنو پئي ويو، جنهن جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ميل جول کي محدود ڪرڻ هو. پر جميعت کي شاگردن اهو پيغام ڏئي ڇڏيو ته ووٽ ڏيڻ تائين ته ٺيڪ آهي، پر اهي انهن پابندين کي قبولڻ لاءِ تيار ھئا. ان کان پوءِ واري سال جميعت پنهنجو هوم ورڪ ڪيو. ان سال يونين جو صدر شفيع نقي جامعي يونيورسٽي ڇڏي وڃي چڪو هو.
شفيع پوءِ بي بي سي جوائن ڪئي هئي. هو هر لحاظ کان هڪ قابل شاگرد هو ۽ نه ٿو چئي سگھجي ته هن صدر ٿيڻ لاءِ جميعت کي استعمال ڪيو يا جميعت سندس شخصيت ۽ شاگردن کي متاثر ڪرڻ واري سندس صلاحيت مان فائدو ورتو.
اهو ضياءَالحق جي حڪومت جو شروعاتي دور هو ۽ اڃا شاگرد سياست تي پابنديون نه لڳيون هيون ۽ نه مختلف جماعتن کي هٿياربند ڪري تعليمي ادارن ۾ تشدد کي ڦهلايو ويو هو. الطاف حسين جي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (اي پي ايم ايس او) جو وجود نه هئڻ برابر هو. ڪراچي يونيورسٽي ته جتي هينئر آهي، اتي ئي هئي، پر شهر اڃا ايترو نه ڦهليو هئو. ان وقت جنگ اخبار ۾ يونيورسٽيءَ جي سرگرمين متعلق هڪ ڪالم ايندو هو، جنهن جو عنوان هوندو هو، ”شهر سي باره ميل پري.“ هڪ ته شهر جي مختلف هنڌن تان يونيورسٽيءَ جون پوائنٽ بسون هلنديون هيون، ٻيو گرو مندر تان بسون هلنديون هيون. پراڻي سبزي منڊي کانپوءِ حسن اسڪوائر ايندو هو ۽ پوءِ هڪ ڊگھي پنڌ بعد اڙدو سائنس ڪاليج، نيپا، محڪمه موسميات ۽ پوءِ يونيورسٽي ايندي هئي، جنهن کانپوءِ ٽي بي جي مريضن لاء ٺهيل اوجھا سينيٽوريم هو.
مطلب اهو ته ان سڄي علائقي ۾، جتي هاڻي فليٽن جا جھنگ آهن، اتي مختلف ڳوٺ ھوندا ھئا ۽ ھيئر وانگر ماڻهن جي رهائش نه هئي. 1978ع جي آخر ڌاري جڏهن منهنجو يونيورسٽيءَ ۾ آخري سال هو، تڏهن گلشن اقبال جي تعمير اڃا مس شروع ٿي هئي. هاڻي، جنهن يونيورسٽيءَ کي شهر کان ”ٻارنهن ميل پري“ چيو ويندو هو، اها شهر جي بلڪل وچ ۾ اچي ويئي آهي. هڪ پاسي يونيورسٽيءَ ڪيمپس جي آرٽس فيڪلٽي هوندي هئي، ته ٻئي پاسي سائنس فيڪلٽي. وچ ۾ وڏوميدان هئو، جتي ايڊمنسٽريشن بلاڪ هوندو هو ۽ جتي مختلف تنظيمون داخلائن جي ڏينهن ۾ پنهنجا پنهنجا اسٽال لڳائينديون هيون.
جميعت کي اهڙو پيغام ڏيڻ ۾ پنجاب يونيورسٽي جي شاگردن دير ڪري ڇڏي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جمعيت کي ختم ڪرڻ ۾ مهاجر سياست جي اڀرڻ جو وڏو هٿ آهي، جيڪو عنصر پنجاب ۾ موجود نه هو.
اها ڳالهه به ٿي سگھي ٿي ته، اتي اي پي ايم ايس او جهڙي ڪا تنظيم نه اڀري سگھي، جيڪا سڀڪجهه ٻهاري کڻي وڃي ها. ساڳئي وقت اها ڳالهه به آهي ته ان وقت تائين ته ضياءُ الحق پاران شاگرد يونين تي پابندي لڳائي ويئي ۽ پنهنجي پسند جي تنظيمن، جن ۾ جمعيت به شامل هئي، جي تعليمي ادارن تي قبضي لا، همت افزائي ڪئي ويئي. مون سان جمعيت وارن پاران به رابطو ڪيو ويو، پر کين جلد ئي اهو احساس ٿي ويو ته کين هتان ڪجهه ورڻو نه هو. ان جو هڪ ڪارڻ شايد اهو به هو ته ان وقت تائين ڀٽو فيڪٽر جو ڪراچيءَ جي سنڌي ماڻهن تي وڏو اثر هو ۽ اها به ڄاڻ هئي ته، جماعت اسلامي، ڀٽو مخالف هڪ جماعت هئي.
1977 جي چونڊن کان اڳ ۾ لياري ڄڻ سياسي لحاظ کان ٻن خاندانن: هارون ۽ گبول خاندانن ۾ ورهايل هئي. هاڻي گبول ته پيپلز پارٽي سان گڏ هئا، جڏهن ته هارون مقابلي ۾ هئا. 1970ع جي چونڊن ۾ يوسف هارون پاران نهايت سرگرميءَ سان پنهنجي ننڍي ڀاءُ سعيد هارون جي چونڊ مهم هلائي ويئي، پر سندس طريقو اهو ساڳيو راڄوڻو ۽ مختلف برادرين جي وڏن بزرگن سان رابطي وسيلي ووٽ وٺڻ وارو هو، جڏهن ته ان وقت باقي سڄي سنڌ جيان لياري پڻ تبديل ٿي چڪي هئي. سياست، جنهن سان اڳ عام ماڻهوءَ جي ڪا گھڻي دلچسپي نه هوندي هئي، هاڻي ڄڻ سياست انهن جي روزمره جي ڳالهه ٿي پئي هئي.
يوسف هارون جي چونڊن جي مهم جي حوالي سان مون کي هڪ واقعو ياد آهي. ٽوپي ۽ پڳ کي ماڻهوءَ جي عزت سمجھيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو وڏو ماڻهو پڳ جو واسطو ڏئي يا اها اوهانجي قدمن ۾ رکي، ته باقي سڀ ڳالهيون ختم ٿي وينديون هيون. ان سلسلي ۾ يوسف هارون گھڻيون ٽوپيون ورتيون هيون ۽ جتي ويندو هو، اتي لاٿل ٽوپي اتي ئي ڇڏي ويندو هو. اهڙي ٽوپي هو منهنجي ڏاڏي جي پيرن ۾ به رکي ويو هو، پر انهن طريقن مان به کيس ڪجهه حاصل نه ٿي سگھيو. نوجوانن جي ته ڳالهه ئي ڌار هئي. جڏهن اسان پنهنجي ڏاڏي کان پڇيو ته، ”بابا، اوهان ڪنهن کي ووٽ ڏيندا؟“ ته سندس سڌو جواب هو ته، ”بابا آڏي لٺ کي،“ معنيٰ تلوار کي، جيڪو پيپلز پارٽي جو انتخابي نشان هو.
جيتوڻيڪ گبول خاندان ڪنهن نه ڪنهن ريت اڃا پارٽي سان لاڳاپيل آهي، پر انهن اڳواڻن جي، ماڻهن آڏو هڪ جوابدهي شروع ٿي ويئي ، جيڪا اڳ نه هئي ۽ ماڻهو هڪ لحاظ کان پاڻ کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار سمجھڻ لڳا.
منهنجي سياسي تربيت گھڻي ڀاڱي يونيورسٽيءَ کان ٻاهر ئي ٿي، ڇاڪاڻ ته هتان جي ترقي پسند سياست تنظيمي لحاظ کان ڇڙوڇڙ هئي ۽ اهڙي طرح متحرڪ نه هئي، جيئن جمعيت هئي، ان ڪري گھڻن ٻين ڪارڪنن وانگر منهنجي پنهنجي تربيت به ٻاهر ئي ٿي. ان وقت ڪراچيءَ جا ڪي اهڙا مقامي سنڌي شاگرد هئا، جيڪي سنڌ جي معاملن سان گڏ مقامي معاملن ۾ پڻ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن نالي تنظيم هيٺ سرگرم هوندا هئا. انهن ۾ هڪ قمر جماڻي نالي به شاگرد هو، جيڪو منهنجي وڏي ڀاءُ، جو دوست هو. ان تنظيم جي شاگردن مان ڪجهه پوء، جيئي سنڌ ۽ ڪجهه ٻين مک جماعتن ڏانهن هليا ويا. قمر شروع ۾ جيئي سنڌ سان گڏ هو، پر جي ايم سيد جي پير علي محمد راشدي وغيره سان ٺاهه جي ڪري جيڪو گروپ ڌار ٿيو، قمر جماڻي به ان ۾ شامل هو. قمر سان منهنجو رابطو ان وقت ٿيو، جڏهن هن رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ جيل ياترا به ڪري آيو هو، خاص طور تي هارون ڪاليج جي معاملي تي عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي ته، اتي ڪنهن جو راڄ هجي. ان وقت تائين ڳالهه هٿيارن ۽ تشدد تائين نه پهتي هئي، ان ڪري معاملو گھڻو ڪري زباني ڪلامي تڪرار تائين محدود هوندو هو.
اُن وقت لياريءَ ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي ٻن گروهن وچ ۾ هڪ ذاتي نوعيت جي ڇڪتاڻ هلندڙ هئي، جنهن ڪري ٻنهي مان هر گروپ جي اها ڪوشش هوندي هئي ته اهو پارٽيءَ ۾ پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪري پيش ڪري ۽ ٻئي جي ڪارڪردگي کي گھٽ. سمجهڻ ۾ سهولت لاءِ انهن ٻنهي گروپن کي قمر جماڻي ۽ سوز سمون جي گروپن جي حوالي سان سڏي سگھجي ٿو. منهنجي انهن ٻنهي سان دوستي هوندي هئي ۽ ٻنهي جي، پنهنجي ليکي اها ڪوشش هئي ته پارٽيءَ ۾ مون کي متعارف ڪرائڻ جو ڪريڊٽ کين ملي. پر جڏهن به هڪ گروپ پاران ائين ڪيو ويندو هو ته، ٻئي پاران فوري طور ان جي مخالفت ڪئي ويندي هئي. ڪڏهن مون کي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف) ته ڪڏهن، ايستائين جو اسلامي جمعيت طلباء سان ڄاڻايو ويندو هو. انهن دوستن جي اختلافن لياري سنڌي ادبي سنگت ۾ هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ڪري وڌي هئي.
هڪ ڀيري ٿيو ائين ته چاڪيواڙي جي فوٽ بال هائوس ۾ سنگت جي گڏجاڻي ٿي رهي هئي. سنگت جي سيڪريٽري سوز سمون کي گڏجاڻيءَ ۾ پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ويئي. قمر جماڻي، سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ ان ڏينهن، گھڻي عرصي کانپوءِ آيو هو. کيس سوز سمون جي گڏجاڻيءَ ۾ دير سان اچڻ تي ڪاوڙ هئي، پر شايد سندس اها ذاتي ڪاوڙ هئي، جنهن کي ان صورت ۾ هڪ بهانو ملي ويو هو. هن سوز سمون جي، هال ۾ گھڙڻ سان ئي، ڄڻ پنهنجي سڄي ڪاوڙ کي اوتي ڇڏيو ۽ ايترو شور ڪيائين جو ڳالهه هٿين پوڻ تائين پهچي ويئي – جنهن ڪري هال کان ٻاهر، مشق ڪندڙ باڪسرن کي وچ ۾ پيئي صورتحال کي سنڀالڻو پيو.
لياري سنگت ۾ سليمان جوڻيجو جي نالي سان هڪ بزرگ شاعر هوندو هو، جنهن جي خاصيت اها هوندي هئي ته، هو هر هفتي گذريل گڏجاڻيءَ ۾، سندس تخليق تي ٿيل تنقيد جي روشنيءَ ۾ پنهنجي نئين تخليق کڻي ايندو هو. سنگت ۾ ٿيل ان واقعي جي حوالي سان هو ٻئي هفتي پنهنجي نئين تخليق کڻي آيو، جنهن جو هڪ شعر هن ريت هو ته: ”ويو جي سوز ساٿين مان اسان جو حال ڇا ٿيندو.“ مون کي ان تفصيل جي خبر ان وقت پئجي سگھي، جڏهن هڪ ڀيري مولوي عثمان پارڪ لائبرري ۾ لياري سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ آزاد بلوچ، جيڪو ان وقت ڪراچيءَ ۾ عوامي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو، مون کي پاڻ ساڻ پنهنجي گھر وٺي ويو، جتي هن مون کي ان سڄي تفصيل ٻڌائڻ کانپوءِ چيو ته، پارٽيءَ پاران مٿس اهو ڪم رکيو ويو هو ته، هو مون سان رابطي ۾ اچي. سندس چوڻ هو ته، کيس منهنجي سڀني ڳالهين جي خبر هئي ۽ هن رڳو اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي ته، آيا آئون پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو يا نه؟ آئون ته ان لاءِ گھڻي عرصي کان تيار هوس، سو مون فوري طور ان لاءِ هاڪار ڪئي. اهڙي ريت منهنجي سياسي سفر جي باقاعدي شروعات ٿي.
اها واقعي حقيقت هئي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايس اين ايس ايف جي پهرئين صدر ايوب لغاري سان منهنجي دوستي هوندي هئي، پر اها رڳو ان حد تائين ئي هئي. تنظيمي طور منهنجو ان سان ڪوبه واسطو نه هو. ٻي ڳالهه ته ايوب لغاري پاڻ به ان وقت تنظيمي طور گھڻو سرگرم نه هو ۽ نه ئي هن مون کي پنهنجي تنظيم ۾ شموليت لاءِ زور ڀريو يا قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان جي باوجود ته نذير عباسي ۽ ٻين ڪارڪنن سان سندس اڃا دوستيءَ وارا ناتا هوندا هئا. ان وقت عوامي تحريڪ تنظيمي طور پاڻ کي ٺاهڻ ۾ مصروف هئي. تحريڪ پاران مولابخش کوسي جي اڳواڻي ۾ سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر ان جي اڳواڻن ترت ئي، ماڳهين پارٽيءَ کان ئي بغاوت ڪري ڇڏي ۽ تنظيم کي به پاڻ سان کڻي ويا. اهڙي ريت پارٽي ماڳهين ان تان هٿ کڻي ويئي ۽ نئين سر ان سلسلي ۾ ڪوششون شروع ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ وجود ۾ آئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شاگردن جي تنظيمن جي موجودگي نالي ماتر به نه هئي. عوامي تحريڪ سان هوندي به، شاگرد تحريڪ ۾، منهنجي گھڻي سرگرمي جو مرڪز پارٽي ئي هئي. سياسي طور سرگرم ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد گھڻو ڪري ٻين تنظيمن جي پليٽ فارم تي ڪم ڪندا هئا. ساڳئي ريت منهنجي پنهنجي تنظيمي سرگرمي به ٻاهر ئي هوندي هئي.
ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو سربراهه سائين اياز قادري هو، جنهن جو نالو يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جي هڪ معتبر استاد طور ٻڌل هو. جيتوڻيڪ سنڌي منهنجو مضمون نه هو، پر سائينءَ سان ملڻ جي شوق ۾ ان پاسي جو رخ ڪندا هئاسين. هو هڪ قربائتو استاد ۽ سٺو ماڻهو هو. ساڻس هڪ ٻيو رشتو اهو به جڙي ويو جو سندس پٽ افتخار منهنجو نهايت سٺو دوست بڻجي ويو هو. اسان ٽن ماڻهن: ايوب لغاري، مون ۽ افتخار، پوءِ گڏجي يونيورسٽيءَ ۾ جيڪا ٽن ڏينهن واري سنڌي اخبارن جي نمائش ڪرائي هئي، ان ۾ اسان سان سنڌي شعبي جي استادن جو پورو سهڪار رهيو هو. قادري صاحب ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ موجود پنهنجو سڄو ريڪارڊ اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو هئو، جڏهن ته سائين سليم ميمڻ جي ڪمري ۾ اسان جو سڄو ريڪارڊ پيل هوندو هو.
يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي داخل ٿيڻ جي هڪ سال کانپوءِ سيمسٽر سسٽم لاڳو ڪيو ويو. ان کان اڳ ۾ ايڪنامڪس ۾ فرسٽ ڊويزن کڻڻ اٽڪل ناممڪن هوندو هئو، ايستائين جو پوزيشن کڻڻ واري کي به سيڪنڊ ڊويزن ئي ملندي هئي. ٻي ڳالھه ته ان نئين سسٽم ۾ استاد سان سڄو سال رابطو هوندو هو.

اسان جي ننڍپڻ جي زندگي

اسان جي ننڍپڻ جي زندگي اڄ جي ٻارن کان بلڪل مختلف هوندي هئي. نه ڪتابن جو بار هوندو هو ۽ نه ٽيوشن وغيره جو ڪو رواج هو. ماءُ پيءُ کي به اهو ڪريز نه هوندو هو ته، سندن ٻار ڄمندي ئي ڪي ڪارناما انجام ڏئي، ميڊل ۽ انعام کڻي اچي ۽ آئن اسٽائن بڻجي وڃي يا وڏو ڪو آفسر ٿي وڃي. ٻارن جو اسڪول کان پوءِ گھڻو وقت پنهنجي لاءِ هوندو هو، جنهن ۾ هو گھڻو ڪري گھٽين ۾ ئي ٻين ٻارن سان گڏ راندن ۾ مصروف هوندا هئا ۽ رات جو دير سان اچي، ٿڪجي پنهنجن هنڌن ۾ سمهندا هئا. مائٽن کي ڪو الڪو ۽ڪو فڪر نه هوندو هئو ته سندن ٻارَ ڪٿي ۽ ڪنهن جي گھر ۾ آهن. مون کي ياد ٿو پئي ته رڳو مئٽرڪ ۾ مون پنهنجي مئٿميٽڪس جي استاد جا ڪجهه مهينن لاءِ، ڪوچنگ ڪلاس اٽينڊ ڪيا هئا، جيڪو مهيني جي ڏهه روپيا في وٺندو هو.
اسان جي علائقي جون گھٽيون ويڪريون هونديون هيون، جتي ٻار آرام سان مختلف رانديون ڪري سگھندا هئا. ان کانسواءِ اسان جي گھر جي سامهون ئي ڏيپچند ٽي اوجھا اسڪول هوندو هو، جتي مون پرائمري تعليم حاصل ڪئي آهي.
ڪاٺ سان ٺهيل اسڪول سان گڏ وڏو ميدان هوندو هو، جنهن جي چوڌاري ننڍي ديوار ڏنل هوندي هئي، ان مان ٽپي اندر وڃي سگھبو هو. هتي اڪثر علائقي جي وڏين ٽيمن جا فوٽبال ميچ ٿيندا هئا ۽ اسان ٻار به اڪثر ڏينهن جي ڪنهن به حصي ۾ پنهنجا بيٽ ۽ بال وغيره کڻي ديوار ٽپي ميدان ۾ داخل ٿي ويندا هئاسين. اسڪول جي سارسنڀال ڪندڙ رحمت چوڪيدار جو به اتي ئي هڪ ڪنڊ ۾ گھر هوندو هو، پر هو ٻارن يا ٻئي ڪنهن تي گھڻي روڪ ٽوڪ نه ڪندو هو. هن وقت ميدان جي چوڌاري هڪ وڏي ديوار ڏنل آهي ۽ اندر ڪجهه ٻين اسڪولن کي شفٽ ڪيو ويو آهي. علائقي جي ماڻهن ۽ ٻارن لاءِ ڄڻ اهو هڪ ممنوعه علائقو بڻجي چڪو آهي.
ڪرڪيٽ ۽ فٽبال وغيره جون مختلف ٽيمون ٺهنديون هيون، جيڪي علائقي ۽ شهر جي ٻين مختلف ٽيمن سان ميچ وغيره رکنديون هيون. ان وقت ماري پور روڊ تي هڪ وڏو ميدان هوندو هو، جنهن کي رد جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هتي خاص طور موڪل جي ڏينهن ڪرڪيٽ جون گھڻيون ٽيمون ميچ کيڏنديون هيون. ان ميدان جو نالو هاڻي پيپلز گرائونڊ آهي ۽ ان جي چوڌاري به وڏين ديوارن جو حصار آهي. ساڳي ريت مشهور ڪڪري گرائونڊ آهي، جنهن جي ڪجهه حصي کي به فاروق ستار جي ميئر هئڻ جي دور ۾ ڪتيانه ميمڻ جماعت جي هال وغيره لاءِ ان جماعت جي حوالي ڪيو ويو هو.
هڪ ڀيري اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم ناظم آباد جي ڪنهن ٽيم سان ڪرڪيٽ ميچ رکيو هو ۽ اسان اهو ميچ کيڏڻ لاء ناظم آباد ويا هئاسين. ان وقت اهو اصول هوندو هو ته جيڪا ٽيم بيٽنگ ڪندي هئي، ايمپائر ان ٽيم مان ئي هوندو هو. منهنجو وڏو ڀاءُ اسان جي ٽيم جو اهم رانديگر هئو، جيڪو پنهنجي تيز ۽ جارحاڻي بيٽنگ جي ڪري سڃاتو ويندو هو. هن بيٽنگ پئي ڪئي ته هڪ بال تي مخالف ٽيم پاران ايل بي ڊبليو جي زبردست اپيل ڪئي ويئي. اها اهم وڪيٽ هئي ۽ ايمپائر نه ٿي چاهيو ته هو آئوٽ ڏئي. ان ڪري اسان جي ٽيم جي بيٺل ايمپائر بجاءِ ها يا نه ۾ ڪنهن جواب ڏيڻ جي، ماڳهين مُنهن ڦيري ڇڏيو. انتهائي کل جوڳو عمل هو. مخالف ٽيم جي رانديگرن جو اهو ئي چوڻ هو ته ايمپائر ڀلي آئوٽ نه ڏئي ها، پر ائين مُنهن ته نه ڦيري ڇڏي ها. هن وقت به اهو دوست جڏهن مون کي ملندو آهي ته، مون کي اها ڳالهه ياد اچي ويندي آهي.
هڪ خانداني تقريب ۾ ويٺا هئاسين ته منهنجي وڏي ڀاءُ، جيڪو ايڊيشنل سيشن جج جي عهدي تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هاڻي وڪالت ڪندو آهي، ان هڪ واقعو ٻڌايو. سندس چوڻ هو ته، هو جڏهن شريف الدين پيرزادي سان گڏ ڪم ڪندو هو ته، هڪ ڏينهن هڪ همراهه آفيس ۾ آيل هڪ همراهه سان کيس متعارف ڪرائيندي چيو ته، ”اوهان اڇي قبر جا آهيو ۽ هي همراهه به اتي ئي رهندو هو.“ جڏهن منهنجي ڀاءُ کيس ٻڌايو ته، ”فلاڻي جاءِ تي اسان جو گھر هوندو هو،“ ته ان همراهه کڻي کيس ٻک وڌو ءِ ٻڌايو ته، ”ان جي سامهون شريف منزل ۾ اسان رهندا هئاسين.“ هن ٻڌايو ته، ”منهنجي ماءُ گذاري ويئي هئي ۽ منهنجو ڀاء بلڪل ننڍو هو، جنهن کي اسان ڏينهن ۾ سامهون واري گھر ۾ هڪ اڇي رنگ جي سهڻي عورت، جنهن وٽ ڳئون هونديون هيون، وٽ ڇڏي ويندا هئاسين.“ کانئس ان عورت جو نالو وسري ويو هو.
منهنجي ڀاءُ کيس ٻڌايو ته، ”ان عورت جو نالو ساران هو ۽ اها منهنجي ڏاڏي هئي.“ ان همراهه ٻڌايو ته، ”ورهاڱي کانپوءِ جڏهين اسان هتان وڃي رهيا هئاسين ته، منهنجي پيءُ جاءِ جون چاٻيون اچي اوهان جي ڏاڏي جي هٿ ۾ ڏنيون هيون ۽ چيو هئائينسِ ته جيڪڏهين اسان موٽي آياسين ته ان جاءِ ۾ رهنداسين، نه ته اها اوهان جي آهي، پر اوهان جي ڏاڏي چاٻين وٺڻ کان انڪار ڪيو.“
ان همراهه منهنجي ڀاءُ کي چيو ته، ”هو کيس پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏا سان ملائي،“ پر منهنجي ڀاءُ کيس ٻڌايو ته، ”انهن ٻنهي جي وفات ٿي چڪي آهي.“ بهرحال منهنجي ڀاءُ کيس بابا، جيڪو ان وقت حيات هو، سان ملايو. ان همراهه ٻڌايو ته، ”سندس ننڍو ڀاءُ، جنهن کي اوهان جي ڏاڏي سنڀاليندي هئي، اهو هاڻي وڏو ۽ ٻارن ٻچن وارو آهي، ۽ اولهه بنگال ۾ پنهنجي زال سان رهندو آهي. وٽس مال ملڪيت، سڀڪجهه آهي، پر کيس اولاد ناهي.“
منهنجي ڀاءُ ٻڌايو ته، اهو همراهه بنگالي زال هئڻ ۽ بنگال ۾ رهڻ جي باوجود نهايت ئي سٺي سنڌي ڳالهائي رهيو هو.

ڪراچي يونيورسٽيءَ جا ڏينهن ۽ ٻوليءَ وارا جهيڙا

مون کان اڳ ۾ جيتوڻيڪ منهنجي وڏي ڀاءُ گريجويشن ڪئي هئي، پر هن ڪاليج مان ئي تعليم حاصل ڪئي هئي. اهڙي ريت اسان جي خاندان جي ڪنهن به فرد هڪ ريگيولر شاگرد طور يونيورسٽي مان تعليم حاصل نه ڪئي هئي. ڪراچي يونيورسٽي جي معاشيات جي شعبي ۾ منهنجي، هڪ ريگيولر شاگرد طور داخلا بي اي آنرز ۾ ٿي هئي. ان جي ٽن سالن جي ڪورس ۾ ٻن سالن لاءِ مک مضمون کانسواءِ انگريزي ۽ اڙدو جي لازمي مضمونن سان گڏ ٻه ٻيا ضمني مضمون به کڻڻا پوندا هئا. مون شروع ۾ جنرل هسٽري ءِ سياسي نظرين جي مضمونن جي چونڊ ڪئي هئي، پر ٿوري عرصي کانپوءِ جنرل هسٽري جي جاءِ تي مون سوشيالوجي جو مضمون کنيو.
اهو 1972 جو سال هو. ڪجهه وقت کانپوءِ جيتوڻيڪ ٻوليءَ جي بل جي منظور ٿيڻ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ سنڌي مهاجر فساد شروع ٿي ويا هئا ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌالاجي وغيره تي ان جو اثر پيو هو، پر ڪراچي يونيورسٽي ان وقت، ان کان گھڻو متاثر نه ٿي هئي. منهنجن؛ اردو ڳالهائيندڙ دوستن ۽ ڪجهه استادن کي منهنجي سنڌي هئڻ جي خبر هئي، پر انهن ان سلسلي ۾ مون سان ڪو به امتيازي سلوڪ روا نه رکيو ۽ نه ئي اهڙو ڪو تاثر ڏنو. ان جو ڪارڻ اهو به ٿي سگھي ٿو، ته ان وقت يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جو تعداد آڱرين تي ڳڻڻ کان به گھٽ هو،.ائين کڻي چئجي ته پنهنجي ڪلاس ۾ آئون اڪيلو سنڌي هوس، پر پوءِ به ماڻهوءَ جا رويا گھڻو ڪجهه ٻڌائيندا آهن، جيڪا ڳالهه مون کي گھٽ ۾ گھٽ ان وقت نظر نه آئي. ان لحاظ کان ان وقت ڪراچي شهر، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کان مختلف هو، جيڪو هاڻي به آهي.
ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي خاص ڳالهه، جنهن گھٽ ۾ گھٽ ان کي سنڌ يونيورسٽيءَ کان مختلف بڻايو ٿي، اها هئي ته اتي نسلي ۽ لساني امتياز جو ماحول نه هو. قوم پرست تنظيمن جي هوندي به يونيورسٽي جي سياست گھڻو ڪري نظرياتي بنيادن تي ورهايل هوندي هئي، جنهن ۾ ٻنهي پاسي مختلف ٻولين، علائقن ۽ نسلن سان واسطو رکندڙ شاگرد شامل هوندا هئا. منهنجي خيال ۾ اڄ به پُلن جي هيٺان گھڻي پاڻي وهي وڃڻ ۽ خاص طور تي ايم ڪيوايم جي نسلي بنياد تي ٿيندڙ سياست جي زور وٺڻ جي باوجود ڪراچي يونيورسٽي ۾ اهو ماحول، گھڻي حد تائين برقرار آهي.
ان وقت هونئن ئي تعليمي ادارن کي سرڪاري ملڪيت ۾ ورتو ويو هو ۽ يونيورسٽين جي خانگي شعبي ۾ هئڻ جو ڪو تصور نه هو. في معمولي هئي. شايد سالياني في ٻه اڍائي سئو روپيا کن هئي، جنهن ڪري اسان جهڙن گھٽ وسيلن وارن ماڻهن لاءِ به اتي پڙهڻ ممڪن هوندو هو، پر تعليمي معاملن ۾ حڪومت جي گھڻي مداخلت نه هوندي هئي.
مون ايستائين اسڪول ۽ ڪاليج ۾ جيڪا تعليم حاصل ڪئي هئي، اها Co-Education نه هئي. ان لحاظ کان يونيورسٽيءَ جو ماحول بلڪل ئي مختلف هو. هتي اسانجي ڪلاس ۾ اڌ کان وڌيڪ شاگردياڻيون هونديون هيون. ايستائين جو مون سياسي نظرين جو جيڪو ضمني مضمون کنيو هو، ان جي ويهه پنجويهه ڄڻن جي ڪلاس ۾ اسان رڳو ٻه شاگرد هئاسين. استادن ۾ پڻ مڙد ۽ عورتون؛ ٻيئي شامل هوندا هئا. اهڙي ريت شروع ۾ مون ۾ جيڪا shyness هئي، ڪجهه عرصي ۾ اها گھڻي حد تائين گھٽجي ويئي.
يونيورسٽين کي هڪ Melting pot طور ليکي سگھجي ٿو، جتي مختلف علائقن ۽ تعليمي ادارن سان تعلق رکندڙ، مختلف سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر رکندڙ شاگرد گڏ ٿين ٿا ۽ هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا. اها ساڳي صورتحال ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ به هئي، پر اسان جي ڪلاس ۾ شاگردن جو واسطو گھڻي ڀاڱي ڪراچيءَ جي ئي مختلف علائقن ۽ تعليمي ادارن سان هو. انهن ۾ ڪجهه ڄڻن انگريزي ميڊيم اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ ڪجھه ڄڻن اسان جهڙن عام اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، جن کي انگريزي ميڊيم وارا شاگرد اڙدو ميڊيم چئي پاڻ کان گھٽ سمجھندا ۽ ڌار ڪندا هئا.
منهنجو انٽرميڊئيٽ ۾ آرٽس جو پسمنظر هو ۽ ميٿيميٽڪس جو مضمون مون وٽ نه هو، پرمعاشيات جي چونڊ ڪرڻ کانپوءِ اڳتي هلي مون کي خبر پيئي ته ان مضمون ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ميٿيميٽڪس ۽ اسٽيٽسٽڪس جا مضمون ڪيترو نه ضروري آهن. گھڻن سائنس جو پسمنظر رکندڙ شاگردن ضمني مضمونن طور انهن ٻن مضمونن جي چونڊ ڪئي هئي. هونئن به جيئن ماڻهو اڳتي وڌي ٿو، تيئن معاشيات ۾ انهن ٻن مضمونن جو عمل دخل وڌندو وڃي ٿو. اها ڳالهه ڪڏهن ڪڏهن اڃا به مون کي تنگ ڪندي آهي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ اچڻ جو وڏو فائدو اهو به ٿيو ته هتي شهر جي اٽڪل سڀني علائقن ۽ ملڪ جي مختلف علائقن جي تعليمي ادارن سان واسطو رکندڙ شاگردن ۽ استادن وغيره سان واسطو پيو. اهڙي ريت انهن علائقن ۽ ان جي ماڻهن سان شناسائي ٿي ۽ انهن متعلق نئون نڪته نظر ۽ نوان خيال مليا.
يونيورسٽيءِ جي شاگردن لاءِ اها سهولت هوندي هئي ته، شهر جي مختلف علائقن مان يونيورسٽيءَ لاءِ ايس آر ٽي سي يا ڪي ٽي سي جون پوائنٽ بسون هلنديون هيون، جڏهن ته گرومندر کان يونيورسٽي تائين يونيورسٽي جون پنهنجيون بسون هلنديون هيون. حسن اسڪوائر آخري آبادي هوندي هئي. ان کانپوءِ اڙدو ڪاليج ۽ محڪمه موسميات هوندو هو. اين اي ڊي ڪاليج / يونيورسٽي اڃا شهر ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي ڀرسان واقع هئي ۽ اها موجوده جاءِ تي منتقل نه ٿي هئي.
ڪراچي يونيورسٽيءَ سان لڳ ئي اوجھا ٽي بي سينيٽوريم هو، جيڪو اڃا به اتي ئي آهي. ان کان اڳتي ڳوٺ هوندا هئا، پر ڪا شهري آبادي نه هئي. پوائنٽ بسون ڏينهن جو ٻارنهين وڳي کانپوءِ ڪلاڪ ڪلاڪ جي وقفي سان شام تائين مختلف علائقن ڏانهن واپسي لاءِ روانيون ٿينديون هيون ۽ شاگردن کي پنهنجن گھرن تائين پهچائينديون هيون. شاگردن لاءِ ڀاڙو ڏهه يا پندرنهن پئسا هوندو هو. آئون گھڻو ڪري ٽاور ۽ ڪڏهن ڪڏهن واپسي لاءِ ليمارڪيٽ جي بس استعمال ڪندو هوس.
ان وقت کارادر ۾ اسماعيلين جي قائم ڪيل هاسٽل، جتي هاڻي آغا خان ليباريٽري جي شاخ آهي، ۾ گلگت بلتستان جا ڪجهه شاگرد رهندا هئا، جن سان واٽ تي، ايندي ويندي ملاقات ٿيندي هئي. اهي گھڻو ڪري فارسي ۽ اڙدو وغيره جهڙن شعبن ۾ هوندا هئا ۽ سندن چوڻ هوندو هو ته، سندن لاءِ رڳو ڪنهن به شعبي ۾ ڊگريءَ جو حصول اهم هو، جڏهن ته ان کانپوءِ نوڪري حاصل ڪرڻ ان ڪري سندن لاءِ مسئلو نه هو جو سندن علائقي ۾ تعليم گھٽ هئڻ ڪري نوڪرين لاءِ گھڻي چٽاڀيٽي نه هوندي هئي. انهن مان هڪ ٽوئرسٽ گائيڊ به رهي چڪو هو ۽ چترال، خاص طور ڪافرستان وغيره جي حوالي سان عجيب و غريب قصا ٻڌائيندو هو، جن مان گھڻا پوءِ اخبارن وغيره ۾ به ڇپجندا رهيا. اهي ڪنهن سياسي جماعت ۽ نظرئي وغيره جي حوالي سان نه ڳالهائيندا هئا، پر سندن سوچڻ جو انداز سيڪيولر هوندو هو.
بسن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي ٻين مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ شاگردن سان به ملاقات ٿيندي هئي ۽ سندن سرگرمين جي ڄاڻ ملندي هئي. ان وقت اسان جي سڄي پاڙي مان، يونيورسٽيءَ ۾، مون کانسواءِ پڙهندڙ ٻيو ڪوبه شاگرد نه هو. ان لحاظ کان منهنجي اهميت ڄڻ وڌي ويئي هئي. ڪاليجن ۾ پڙهندڙ مختلف شاگردن کي يونيورسٽيءَ جي حوالي سان جيڪي ننڍا وڏا ڪم هوندا هئا ته، انهن کي به منهنجو ڏس ملندو هو.
هيستائين مون جيڪا تعليم حاصل ڪئي هئي، اها گھر جي ويجھو تعليمي ادارن مان ئي ڪئي هئي ۽ اتي پڙهندڙ ٻيا شاگرد به گھڻو ڪري ان ئي علائقي جا هوندا هئا.
ڪراچي يونيورسٽي جي سڄي رونق آرٽس فيڪلٽي ۾ هوندي هئي. صبح جو پوائنٽ بسون جيئن ئي يونيورسٽيءَ جي حدن ۾ داخل ٿينديون هيون ته، اتي پهرئين ئي اسٽاپ تي مختلف شاگرد تنظيمن جا ڪارڪن مختلف مسئلن ۽ هڪٻئي جي خلاف لکيل پمفليٽ هٿن ۾ کنيو ورهائڻ لاء بيٺا هوندا هئا. جلسا ۽ ٻيون سرگرميون گھڻو ڪري هتي ئي ٿينديون هيون. ان جو هڪ ڪارڻ ته شايد اتي ڪشادي جاءِ ۽ آڊيٽوريم وغيره جو هئڻ هو، جڏهن ته ٻيو ڪارڻ اهو به ٿي سگھي ٿو ته، هتان جي شاگردن تي سائنس فيڪلٽي جي شاگردن جي ڀيٽ ۾ پڙهائيءَ جو دٻاءُ گھٽ هوندو هو، ان ڪري اهي ٻيون سرگرميون ڪري سگھندا هئا.
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻين مختلف شعبن ۾ جيڪي سنڌي شاگرد هئا، انهن سان رابطو ٿيو. معاشيات جي شعبي سان لڳ علم سياسيات جو شعبو هوندو هو. جتي ڪلري، لياري سان ئي واسطو رکندڙ عثمان هڱورو ۽ لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ روشن شيخ پڙهندا هئا. عثمان؛ مولانا نوراني جي جماعت ۽ نظرئي سان لاڳاپيل هو. ساڻس وقت بوقت ٽاڪرو ٿيندو رهندو هو، پر هو گھڻين ڳالهين کي کِلي ٽاري ڇڏيندو هو. سندس ننڍو ڀاءُ، جيڪو سنڌي عوامي تحريڪ جو ڪارڪن هو، سان به منهنجي دوستي هئي. سنڌي شعبو ٿورو عرصو اڳ قائم ٿيو هو. ايس ايم ڪاليج ۾ سنڌي جي ليڪچرار ۽ ڪهاڻيڪار طور سائين ايازقادري جو نالو گھڻو ٻڌل ۽ ڪراچي جي سنڌين لاءِ ڄاتل سڃاتل هو. ڪراچيءَ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي قائم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار هو. ان وقت هن شعبي ۾ نوازعلي شوق ۽ سليم ميمڻ به استاد هوندا هئا. شاگردن جو تعداد به گھٽ هو، پر هي ڄڻ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي سنڌي شاگردن جي گڏجڻ جو هڪ مرڪز به هوندو هو.
مون کي خاص طور تي سنڌي شعبي ۾ پڙهندڙ مريم ۽ جعفري ياد آهن. نهايت محبت ڪرڻ وارا ۽ ملنسار ماڻهو. انهن پوءِ پاڻ ۾ شادي به ڪئي. جعفري سان پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن رستي پنڌ ملاقات ٿي ويندي هئي، جڏهن ته مريم پوليس کي جوائن ڪيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن روڊن ۽ چوواٽن تي پوليس ورديءَ ۾ پوليس وارن سان گڏ بيٺل نظر ايندي هئي.

جڏهن اسان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي اخبارن جي نمائش جو بندوبست ڪيو!

ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پنهنجن چار سالن جي دور ۾ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو هڪ اهم ڪم ايوب لغاري ءِ افتخار قادري سان گڏجي ٽن ڏينهن جي سنڌي اخبارن جي نمائش جو انعقاد هو. ان جو ڪجهه ذڪر اڳ ۾ به ڪيو آهي، پر وڌيڪ اهو ٻڌائجي ته ان نمائش جو مقصد تاريخي حوالي سان سنڌي صحافت کي، ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن ۾ متعارف ڪرائڻ هو. ان سلسلي ۾ پراڻين ۽ نين اخبارن جي حصول لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مختلف اخبارن جي ايڊيٽرن ۽ مالڪن سان ملياسين، جن سڀني پاران نهايت سٺي موٽ ملي. ان طرح اسان اخبارن جو هڪ چڱو ريڪارڊ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.
ايوب لغاريءَ جو ايس اين ايس ايف (سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن) جي حوالي سان حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي گھڻن ماڻهن سان واسطو هو. ان دوران هڪ رات سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ نذير عباسي سان به گڏ رهڻ جو موقعو مليو هو. هُو بلڪل عام ماڻهن جيان مليو. مون کي منجھس روايتي شاگرد اڳواڻن واري ڪا ڳالهه نظر نه آئي. هو اسان کي ٻڌائي پيو ته، هو پاڻ رات جو ديوار تي اهي نعرا لکندو هو ته، ’نذير عباسي جا وارنٽ رد ڪيو.‘ ساڳئي وقت هن رات جو سمهڻ لاء مون کي پنهنجو وڳو پڻ ڏنو هو. نذير سان منهنجي اها پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.
سنڌي اخبارن جي نمائش جي سلسلي ۾ سنڌي شعبي جي سڀني استادن، خاص طور سائين اياز قادريءَ گھڻو سهڪار ڪيو هو. لاڙڪاڻي ۾ جيڪو به سندس ريڪارڊ هو، اهو سڀ اسان جي اختيار ۾ ڏيئي ڇڏيائين. اها نمائش آرٽس فيڪلٽي ۾ آڊيٽوريم جي ڀرسان منعقد ڪئي ويئي هئي، جنهن کي يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن پاران نهايت مثبت موٽ ملي هئي.
ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ هڪ نئون ليڪچرار- عبدالرحمان چنا مقرر ٿيو هو. هُو به لياريءَ جو رهاڪو هئو، ان حوالي سان چنا صاحب سان اسان جو تعلق ته ٺهيو ٿي، پر ان کانسواءِ سندس واسطو منهنجي ڏاڏي جي مائٽن سان به هو ۽ سندس موقعي مهل جي حساب سان اسان جي گھر به اچڻ وڃڻ هوندو هو. ان حوالي سان ۽ عمر ۾ وڏي هئڻ جي ڪري سندس ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته انهن ٻارن، ان وقت تائين شڪور به يونيورسٽي ۾ اچي چڪو هو، جو خيال ڪرڻ ۽ کين ڪنهن خراب ڳالهه کان پري رکڻ سندس فرض هو. بهرحال اسان به سندس محبت جو جواب اهڙي ئي ريت ڏيندا هئاسين ۽ ڪوشش هوندي هئي ته اسان جي ڪنهن ڳالهه مان کيس تڪليف نه پهچي.
انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان وڌيڪ هوندو هو. ساڳئي وقت ڪنهن سان سندن ملڻ وغيره جي حوالي سان به ڪي پابنديون نه هونديون هيون. ان سلسلي ۾ جميعت جي، جيئن هن وقت پنجاب يونيورسٽي ۾ پاليسي آهي ته، هڪ ته يونيورسٽي ۾ پنهنجي مٿڀرائپ قائم رکجي، پوءِ ڀلي ان لاءِ شاگردن ۽ استادن تي تشدد جو استعمال ڇو نه ڪرڻو پئي ۽ ٻيو ته ڏهڪاءَ جو ماحول پيدا ڪري شاگردن ءِ شاگردياڻين جي رابطن کي محدود ڪيو وڃي. ان وقت اي پي ايم ايس او جهڙين نين شاگرد تنظيمن ۽ الطاف حسين جهڙن شاگرد اڳواڻن سان اهو ورتاءُ ڪيو ويندو هو. کين نه داخلا جي وقت اسٽال وغيره لڳائڻ ڏنا ويندا هئا ۽ نه ٻي ڪا سرگرمي ڪرڻ ڏني ويندي هئي. هڪ لحاظ کان ڄڻ يونيورسٽي ۾ سندن داخل ٿيڻ تي پابندي هئي. ان جو مک ڪارڻ اهو به هو ته جميعت جي بنياد ۽ طاقت به مهاجر شاگرد ئي هوندا هئا، جنهن کي اهي برقرار رکڻ چاهيندا هئا.
مون اڳ ۾ به بيان ڪيو هو ته بي بي سي جو هاڻوڪو صحافي شفيع نقي جامعي سياسيات جي شعبي جو شاگرد هو ۽ بهترين مقرر طور ڄاتو ويندو هو. جمعيت جي پٺڀرائي ۽ پنهنجي ذاتي خاصيتن جي ڪري هو جمعيت پاران صدر چونڊجي آيو هو. سندس دور ۾ جميعت جو ٿنڊر اسڪواڊ، جنهن جو ڪم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ملڻ جلڻ کي ڏهڪاءَ ۽ تشدد وسيلي محدود ڪرڻ ۽ ٻين شاگرد تنظيمن سان ٽڪراءَ واري ڪيفيت کي برقرار رکڻو هوندو هو، وڌيڪ سرگرم ٿي ويو.
ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ان وقت اها هڪ مثبت ڳالهه هئي ته اهڙي ڏهڪاءَ واري سياست خلاف شاگردن ۾ عام طور تي هڪ مزاحمت موجود هئي ۽ اهي خاص طور پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪنهن اڻ سهائيندڙ مداخلت کي پسند نه ڪندا هئا، انڪري جمعيت جي اهڙين پاليسين کي عام طور قبوليت حاصل نه ٿي - ۽ ٻئي سال ئي سردار رحيم جي اڳواڻيءَ ۾ پروگريسو الائنس جو پينل چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو. جيتوڻيڪ اهي پنهنجي ان سوڀ جي تسلسل کي برقرار نه رکي سگھيا ۽ ٻئي سال جمعيت وري چونڊون کٽي ويئي، پر ان کي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي حوالي سان پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پئي ۽ ساڳي وقت شفيع کي ڪنهن بهاني سان جمعيت مان نيڪالي ڏني ويئي.
يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجيون لائبريريون هونديون هيون، پر يونيورسٽيءَ جي مرڪزي لائبريري هڪ ڌار عمارت ۾ هوندي هئي، جتي مختلف موضوعن تي ڪتابن جو هڪ سٺو ذخيرو ۽ پڙهڻ لاءِ ڪشادي جاءِ ۽ سٺو ماحول ميسر هوندو هو. منهنجو گھڻو فارغ وقت اُتي گذرندو هو. اُتي خاص طور انگريزي شعبي جو هڪ شاگرد مستقل ويٺو پڙهندو ۽ ڪتابن مان نوٽ وٺندي نظر ايندو هو. ساڻس اڪثر گپ شپ به ٿيندي هئي. لائبريري ۾ شاگردن جو تعداد گھٽ ئي نظر ايندو هو. گھڻا شاگرد ڪينٽين، چانهه جي اسٽالن ۽ ٻين هنڌن تي ڪچهريون ڪندي نظر ايندا هئا.
ان وقت جيئن ته اوڀر بنگال کي ڌار ٿئي اڃا ٿورو عرصو ئي ٿيو هو، ان ڪري هتي ڪجهه اهڙا بنگالي موجود هئا، جيڪي ڊپ ۽ هراس جي ڪيفيت ۾ هتي رهيل هئا ۽ قانوني يا غير قانوني طريقي سان هتان بنگال وڃڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هئا. يونيورسٽيءَ جي هڪ بنگالي شاگرد سان منهنجي دوستي هئي، جيڪو گھڻو ڪري الڳ ٿلڳ ئي رهندو هو، پر مون سان پنهنجي دل جا حال اوريندو هو. هڪ ڏينهن هن مون کي اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايو ته، رات جو هُو هتان وڃي رهيو آهي. ان کانپوءِ چاليهه پنجيتاليهه سالن جي عرصي گذرڻ بعد به ساڻس ڪو رابطو نه ٿيو آهي.
منهنجو هڪ ڪلاس فيلو اسٽيٽ بينڪ جي پريڊي اسٽريٽ وارن فليٽن ۾ رهندو هو. اسان پنج ڇهه ڄڻا اڪثر سندس گھر ۾ گڏيل پڙهائي لاءِ گڏ ٿيندا هئاسين. جڏهن 1977 ۾ ضياءَ الحق جي مارشل لاء لڳي ته ان وقت به آئون سندس گھر ۾ ئي موجود هئس. اهو ڄڻ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو آخري سال هو، پر هن دوست سان پوءِ به مختلف سرويز ۾ گڏ رهيس ۽ هُو بعد ۾ اسٽيٽ بينڪ ۾ منهنجي ملازمت دوران به مون وٽ ايندو رهندو هو.

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر AERC

منهنجو واسطو هڪ وچولي طبقي سان رهيو آهي. پنهنجي ذاتي گھر کانسواءِ ٻي ڪابه مال ملڪيت، زمين، جائداد اسان جي خاندان ۾ ڪڏهن به نه رهي آهي. ڏاڏو جڏهن ڳوٺ مان ڪراچيءَ آيو هو ته هُو هتي محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجن ٻارن جو پيٽ پاليندو هو. ساڳي ريت منهنجو بابا پنهنجي محدود آمدنيءَ مان ڏهن ڀاتين تي مشتمل گھر هلائيندو هو. ان سان گڏ پنهنجن ٻارن جي پڙهائيءَ جو پڻ خيال ڪندو هو. هُو پنهنجن ٻارن کي هڪ ڳالهه چوندو هو ته، ”پنهنجي پڙهائيءَ ۾ پوري دلچسپي وٺو ۽ پنهنجو وقت ۽ منهنجو پئسو زيان نه ڪريو.“
ايم اي تائين سورنهن سال، مون اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ هڪ ريگيولر شاگرد جي طور تعليم حاصل ڪئي. مون کي جيتوڻيڪ ڪڏهن به پنهنجي پڙهائيءَ جي خرچن جي سلسلي ۾ ڪنهن ڏکيائيءَ کي مُنهن ڏيڻو نه پيو، پر مون کي اهو احساس هر وقت هوندو هو ته جلد ئي تعليم مان فارغ ٿي ڪنهن روزگار سان لڳان ۽ گھر جي خرچ ۾ هٿ ونڊايان.
ان وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر حفيظ پاشا جي سربراهي ۾ اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر AERC قائم ٿيو هو، جنهن جو ڪم ريسرچ اسڪالرز جي تعليم، تربيت ۽ مختلف عالمي ادارن جي سهڪار سان ملڪي معيشت جي مختلف شعبن متعلق ريسرچ رپورٽون تيار ڪرڻ هو. منهنجي ايم اي ڪرڻ ۽ يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ان اداري پاران اسان جي استاد ڊاڪٽر سرور ۽ هڪ آمريڪي پروفيسر مائيڪ ويلس، جيڪو پڻ ايم اي جي آخري سال ۾ اسان جو استاد رهيو هو، جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻن تعلقن: سڪرنڊ ۽ هالا ۾ ڪپهه جي اپت ۽ ان سان لاڳاپيل مختلف مسئلن جي حوالي سان مخلتف مرحلن ۾ هڪ سروي شروع ڪيو ويو. ان سروي ٽيم ۾ ٻين ڇهن ستن همراهن سان گڏ آئون به شامل هوس.
ان کان اڳ آئون جيتوڻيڪ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مختلف حوالن سان ويندو رهيو هوس، پر عام ماڻهن ۽ وڏن زميندارن سان ملڻ جو اهو هڪ انوکو ۽ پهريون تجربو هو. اهو ان ڪري به اهم هو جو تازو ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري کيس ڦاهي تي چاڙهيو ويو هو. سنڌ جي ٻهراڙين ان وقت جيتوڻيڪ ڪو وڏو احتجاج نه ڪيو هو ۽ ماڻهو بظاهر چپ هئا، پر پوءِ به سندن ردعمل اهم هو، جنهن کي هو پنهنجين ڳالهين ۽ ڪچهرين مان ظاهر ڪندا هئا. اها ڳالهه ته برابر هئي ته ڀٽو حڪومت جيڪي زرعي سڌارا آندا هئا، انهن تي موثر طور تي عمل نه ٿيو هو. ان جي هڪ جھلڪ اسان کي سڪرنڊ جي هڪ ڳوٺ ۾ نظر آئي، جتي اسان کي مختلف ماڻهن کان انٽرويو ڪرڻو هو. اسان کي اتي زميندار جي اوطاق تي ويهاريو ويو، جيڪو ٿوري دير کان پوءِ ننڊ مان اٿي اچي اسان سان ويٺو. اسان کيس ٻڌايو ته اسان کي فلاڻن ماڻهن سان سروي جي حوالي سان ملڻو آهي. سندس جواب هو ته، ”اهي سڀ سندس نوڪر هئا. منجھانئن ڪو ڊرائيور، ڪو باورچي، ته ڪو سندس گھر جو ڪم ڪار ڪندو هو. اهڙي ريت انهن جو ٻني ٻاري سان ڪو واسطو نه هو ۽ نه ئي کين ان متعلق ڪا جوڳي خبر چار هئي، ان ڪري اوهان کي سندن متعلق جيڪي به معلومات گھرجي، اها مون کان وٺي سگھو ٿا.“
خبر اها پيئي ته رڳو کاتن ۾ تبديلي ٿي هئي، جڏهن ته ملڪيت اڳ جيان ساڳين ماڻهن جي هٿ ۾ هئي، پر ساڳئي وقت، ان هوندي به زميندارن ۽ آسودن ماڻهن کي ذوالفقار علي ڀٽي کان وڏي شڪايت اها هئي ته، هن عام ماڻهن ۽ هارين جو مٿو ڦيرائي ڇڏيو هو. اڳ جيڪي ماڻهو ساڻن ڪنڌ کڻي نه ڳالهائي سگھندا هئا، اهي هاڻي سندن منهن سامهون ٿي ٿا بيهن ۽ اکين ۾ اکيون وجھي ٿا ڳالهائين. اهڙي ريت سندن ڄڻ ته ڪا عزت ئي ناهي رهي. جڏهن ته عام ماڻهن ۽ هارين اها ساڳي ڳالهه مختلف انداز ۾ ٿي ڪئي. سندن چوڻ هو ته وڏيرا اڳ بلڪل بي لغام هئا ۽ هارين ۽ عام ماڻهن تي ڪتن جي بڇ ڪرائڻ ۽ کين ذليل ڪرڻ هڪ عام ڳالهه هوندي هئي. ڀٽي صاحب ماڻهن کي عزت نفس ڏني آهي ۽ هاڻي پوليس، ڪامورن ۽ وڏيرن جا ظلم گھڻي حد تائين گھٽجي ويا هئا. سياسي طور تي ماڻهو بظاهر مختلف ڪارڻن ڪري چپ هئا، پر جڏهن سندن ويجھو وڃبو هو ته سندن اندر جي خبر پوندي هئي. ان وقت گھڻن ننڍن آبادگارن ۽ هارين جي گھرن ۾، اسان کي، ان جي باوجود ته سندس حڪومت ختم ٿي چڪي هئي، ديوارن تي ڀٽي صاحب جون وڏيون تصويرون لڳل نظر آيون هيون.
مقامي طور تي سروي جو انتظام وغيره ڪرڻ ان وقت سڪرنڊ ۾ قائم ڪاٽن ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر برڪت سومرو ۽ ۽ ان جي ٻين ماڻهن جي هٿ ۾ هو. سروي ۾ شامل آبادگارن سان ملائڻ کانسواءِ سندن ڪوشش اها هوندي هئي ته سروي ٽيم کي علائقي جي اهڙن اهم ماڻهن سان به ملائجي، جن جا نالا ڀلي سروي ۾ شامل نه هجن. ان سلسلي ۾ سڪرنڊ ۾ جھنڊي واري پير جي بنگلي تي، انهن اسان جي ملاقات ۽ مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو. هڪ عاليشان بنگلو هو، جنهن ۾ جديد دور جي هر سهولت موجود هئي. ميزبان پاران ست رشي طعامن ءِ مختلف موضوعن تي ڪنهن به طرح جي فرق کانسواء هڪ سٺي ڪچهري سان اسان جي آجيان ڪئي ويئي.
سروي جي پهرئين مرحلي جي ختم ٿيڻ تي مون کي اعزازي طور تي ٽي سئو روپيا ڏنا ويا، جيڪا منهنجي زندگيءَ جي پهرين ڪمائي هئي. اها سروي گھڻن مرحلن تي مشتمل هئي ۽ آئون ان جي ٽن مرحلن ۾ شامل رهيس. ان دوران آئون ساڳي وقت ٻين جاين تي پڻ نوڪريءَ جي ڳولا ڪندو رهيس. ان وقت جيتوڻيڪ نوڪرين جي حوالي سان اڄ جهڙي خراب صورتحال نه هئي، پر ان جي باوجود هڪ دورانديش استاد جي طور تي اسان جي استاد ڊاڪٽر سرور، جيڪو شاگردن سان پنهنجن ٻارن جهڙو ورتاءُ ڪندو هو ۽ کين وقت به وقت پڙهائي ۽ زندگي گذارڻ جي سلسلي ۾ مختلف صلاحون ڏيندو رهندو هو، سڀني کي چيو ته، يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ نوڪريءَ کي يقيني نه سمجھو ، ان ڪري اهو بهتر آهي ته ڪو هنر جهڙوڪ؛ اليڪٽريشن، پلمبر يا واڍڪو ڪم وغيره سکي وٺو، جيڪو اوهان کي اڳتي هلي ڪم ايندو.
ان سلسلي ۾ سندس چوڻ هو ته، جيڪي به شاگرد ان ۾ دلچسپي رکن ٿا، هو انهن جي مدد ڪرڻ لاء تيار ھو، پر آئون نه ٿو سمجھان ته ڪو گھڻن شاگردن سندس ان ڳالهه تي ڌيان ڏنو، ۽ سندس ان آڇ مان فائدو ورتو. ملازمت جي ڳولا جي سلسلي ۾ ئي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت ڪندڙ پنهنجي دوست صوبل خان بلوچ جي معرفت پلاننگ کاتي جي سربراهه عبدالقادر مغل سان ملاقات ٿي، جنهن ان وقت ئي نئين قائم ٿيل سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن (ايس آر پي او) جي زرعي شعبي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بدر سومرو سان ٽيليفون تي ڳالهايو ۽ مون کي ساڻس ملڻ لاء چيائين.
ڊاڪٽر بدر مون سان سٺي نموني مليو. جيتوڻيڪ فوري طور مون کي نوڪريءَ جو آرڊر نه ڏنائين، پر مون کي رابطي ۾ رهڻ لاءِ چيائين. آئون وٽس وقت به وقت ويندو رهيس. نوڪري ڏيڻ کان اڳ ۾ هن مون کي پنهنجي اڳواڻي ۾ ايس آر پي او پاران ٿيندڙ سنڌ زرعي سروي جي ٽيم ۾ شامل ڪيو. ان سروي ۾ درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارا سنڌ جا گھڻا شهر اچي ٿي ويا. ٽيم جي رهڻ وغيره جو بندوبست ان وقت سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري عبدالوهاب شيخ، جنهن جو ڀاءُ عبدالرشيد شيخ ان وقت ايس آر پي او جو ڊائريڪٽر هو، جي معرفت اريگيشن جي ريسٽ هائوسن ۾ ڪيو ويو هو. اهو ڄڻ ته اٽڪل سڄي سنڌ سان منهنجي متعارف ٿيڻ جو هڪ بهترين موقعو هو. سنڌ اڃا امن امان جي لحاظ کان پرامن هئي ۽ ڌاڙن ۽ اغوائن جو اهو سلسلو شروع نه ٿيو هو، جيڪو پوءِ سنڌ جي خاصيت بڻجي ويو هو. ان ڪري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ سيڪيورٽي وغيره جي انتظامن جي، رات ۽ ڏينهن جي وقت، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سفر ڪري سگھجي پيو. اسان کي سروي جي شروعات گهوٽڪي کان ڪرڻي هئي. پوءِ گڊو، ڪشمور ۽ ڪنڌ ڪوٽ کان ٿي سڄي سنڌ لتاڙي ڄامشورو پهچڻو هو. اتان سجاول ۽ ٺٽي کان ٿيندي ڪراچيءَ موٽڻو هو.

پراڻو ڪراچي، جتي اسان به جو گهر هو!

منهنجي اسڪول جي عمر تائين پهچڻ مهل اسان جو خاندان مٺا در مان لڏي ويو هو يا لڏڻ جي تيارين ۾ هو. مون کي رڳو ايترو ياد پوي ٿو ته هڪ يا ٻه ڀيرا آئون ڪنهن گھر جي ڀاتيءَ سان گڏجي ويجھو ڪاغذي بازار ۾ هڪ اسڪول ۾ ويو هوس، جنهن جون لوهه جون گول ڏاڪڻيون هيون. ان کي ”ڪاغذي بازار“ ان ڪري چيو ويندو هو جو هتي گھڻو ڪري جلد سازن ۽ ڪاغذ جو ڪم ڪندڙن جا دڪان ۽ گھر هوندا هئا. اهي ماڻهو پنهنجي نالي سان گڏ پاڻ کي لکندا ئي ”ڪاغذي“ هئا. منجھانئن پوءِ گهڻا اسان سان اسڪول ۾ به گڏ پڙهيا ۽ اسان جا دوست به ٿيا. هن وقت ان بازار جو اهو نالو ته ساڳيو آهي، پر هاڻي بازار ۾ ٻين گھڻين شين ۽ ڌنڌن جا دڪان کلي ويا آهن ۽ ڪاغذ جي ڪم ڪندڙن جو شايد ئي ڪو دڪان هاڻي ملي. تنهن ڪري اها بازار هاڻي علائقي جي مختلف شين جي بازارن جي وسيع نيٽ ورڪ جو هڪ حصو بڻجي ويئي آهي، جنهن ۾ هلندي ماڻهو هڪ بازار کان ٻي بازار ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ پنڌ ڄڻ کٽي ئي نه ٿو.
اسان جي اتان لڏڻ جو ڪارڻ اهو هو ته، اتي منهنجو ڏاڏو پنهنجي سڄي خاندان؛ ٻن ڌيئرن ۽ پنجن پٽن سان گڏ رهندو هو. ٻارن جي شادين ۽ پوءِ انهن جي خاندانن جي وڌڻ جي ڪري اهو گھر سوڙهو ٿي پيو هو. ان وقت تائين اڃا اسان جي خاندان ۾ گھٽ ۾ گھٽ اها روايت نه پئي هئي ته خاندانن ۾ سوڙهه محسوس ٿئي ته، پٽَ پنهنجن ٻارن سان وڃي پنهنجا ڌار گھر وٺن. ان ڪري پيءُ ۽ پٽن گڏجي اهو فيصلو ڪيو هو ته، هڪ اهڙو گھر وٺجي، جنهن ۾ سڀ گڏ ۽ آرام سان رهي سگھن.
ان وقت مٺا در، کارادر ۽ اڇي قبر وغيره جي علائقي کي ”اولڊ ٽائون“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جيڪو نالو اڃا به شايد ڪِن سرڪاري ريڪارڊن ۾ موجود هجي. ان علائقي کي، ويجهو واري لياري، کڏي ۽ نوآباد وغيره جا ماڻهو ”شهر“ جو نالو ڏيندا هئا. مطلب ته انهن علائقن کي پسگردائي يا شهر جي ٻاهر جي علائقن ۾ ليکيو ويندو هو ۽ اتي وڃڻ لاء چيو ويندو هو ته، ’اسان شهر ٿا وڃون.‘ منهجو خيال آهي ته، ان وقت ڪراچي شهر جي جيڪا آبادي ڳڻي ويندي هئي، ان ۾ اهي علائقا شامل نه هوندا هئا. اهو آئون ان ڪري به چوان ٿو ته انهن علائقن ۾ ان وقت سيوريج جي لاءِ اڃا کُليل ناليون هونديون هيون، جيڪي هن وقت به لياريءَ جي اندرين علائقن ۾ آهن، جڏهن ته اولڊ ٽائون کي باقاعدي رٿابندي سان ٺاهيو ويو هو ۽ اتي سيوريج جو جديد نظام موجود هو. ان جي هڪ حصي جو ”اڇي قبر“ نالو ان ڪري پيو جو هتي روڊ جي بلڪل وچ ۾ اڃا تائين به بابا نور شاه غازي جي مزار آهي، جنهن جو رنگ اڇو آهي. ان جي ويجھو اڃا به پراڻا قبرستان موجود آهن، جن مان هڪ ۾ سنڌ اسلاميا هوٽل وارن پنهنجو بورچيخانو قائم ڪيو هو. ساڳي ريت بولٽن مارڪيٽ واري ميمڻ مسجد جي هيٺان قبرستان آهي، جتي وڃڻ جو رستو به آهي ۽ ماڻهو اڃا به اتي فاتحه درود لاءِ ويندا آهن.
کارا در ۽ مٺا در بابت اهو چيو وڃي ٿو ته، ان وقت سمنڊ انهن جاين تائين هوندو هو، جڏهن ته ٻئي پاسي کان لياري نئين پنهنجو مٺو پاڻي کڻي اچي هتي سمنڊ سان ملندي هئي. چوندا هئا ته چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن سمنڊ جي وير چڙهندي هئي ته، اڇي قبر ڄڻ سمنڊ جي پاڻيءَ جي وچ ۾ هوندي هئي. بابا نور شاه غازي متعلق چيو ويندو هو ته، هن جو ٻارن سان گھڻو پيار هوندو هو. ٻار اڪثر سندن قبر تي وڃي راند ڪندا هئا، جنهن کي وڏا، ان بزرگ جي قبر جي بيحرمتي سمجھندا هئا ۽ کين ائين ڪرڻ کان منع ڪندا هئا. روايت آهي ته ان تي بابا ڪجهه وڏڙن کي خواب ۾ آيو ۽ کين چيائين ته، ”اهي ٻارن کي راند ڪرڻ کان منع نه ڪن. اهي سندس دوست آهن ۽ کيس انهن مان ڪا به تڪليف نه ٿي پهچي.“
هڪ لحاظ کان هن وقت به لياري ٽائون اتي ختم ٿي وڃي ٿو، جتي ڪڪري گرائونڊ آهي ۽ پوءِ کارادر جو علائقو شروع ٿي وڃي ٿو، جيڪو صدر ٽائون ۾ شمار ٿئي ٿو. انهن ٻنهي جي وچ ۾ سڙڪ، لياري نئين جو لنگهه هوندي هئي، جنهن کي ٻئي پاسي منتقل ڪري هتي علائقي کي آبادي جي لائق بڻايو ويو. ڪڪري گرائونڊ جو اهو نالو ئي ان ڪري پيو جو اهو سڄو ۽ جيترو هن وقت به حددخلين کان بچيل آهي، ننڊين ننڊين پٿرين سان ڀريل آهي، جيڪي نئين؛ جبلن تان پاڻ سان گڏ کڻي ايندي هئي.
اسان جي گھر جي پاسي ۾ ئي کوڙي گارڊن هوندو هو، جتي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڏا سان گڏ گھمڻ ۽ راند ڪرڻ لاءِ ويندا هئاسين. اهو ”گارڊن“ نالي ۾ جيتوڻيڪ اڄ به موجود آهي، پر مختلف ادارن ۽ ماڻهن جي حددخلين جي ڪري ان جي پراڻي حيثيت ڄڻ ختم ٿي چڪي آهي. جهونا مارڪيٽ ۽ جوڙيا بازار ان وقت به موجود هيون، جتي خاص طور تي بلوچستان، ڪراچي جي ٻهراڙي ۽ ٺٽي وغيره جا ماڻهو خريداريءَ لاءِ ايندا هئا، پر ان اڃا ويجھڙ جي علائقن جي رهائشي حيثيت کي متاثر نه ڪيو هو، جڏهن ته هاڻي اهي سڀ علائقا ڄڻ مارڪيٽ جو حصو بڻجي ويا آهن. هاڻي اُتي ماڻهن ۽ گاڏين جي ايڏي پيهه آهي جو آئون جيڪڏهن پنهنجو پراڻو گھر ڏسڻ لاءِ وڃڻ چاهيان ته ان لاءِ به مون کي گھڻي تڪليف کي مُنهن ڏيڻو پوندو، جڏهن ته هاڻي اهو گھر به مختلف فرمن جي دفترن ۽ ننڍن ڪارخانن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي ۽ سڃاڻڻ کان ٻاهر آهي. اهو گھر منهنجي ڏاڏي جي ملڪيت ۾ ئي رهيو، جنهن جي هيٺئين حصي ۾ منهنجو چاچو، ڪنفيڪشنري جو ڪارخانو هلائيندو هو ۽ جنهن ۾ آئون به ڪجهه عرصو اسڪول کان پوءِ واري وقت ۾ ڪم ڪندو رهيو هوس. ڏاڏي جي وفات کان پوءِ اهو گھر بابا کي ورثي ۾ مليو، جيڪو پوءِ ان وڪڻي ڇڏيو هو.
هن وقت جيئن ڪراچي ۾ ڪوئيٽا جي پٺاڻن جا مختلف جاين تي چانهن جا هوٽل آهن، ان وقت ڪراچي ۾ ائين ملبارين جا چانهن جا ننڍا دڪان هوندا هئا. خبر ناهي ڇو انهن سڀني ملبارين کي ”مامون“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اسان جي مٺادر واري گھر جي هيٺان به اهڙو ملباريءَ جو چانهن جو دڪان هوندو هو. اڌوڙٽ عمر جو هر وقت مرڪندڙ شخص، جنهن جا ڏند هر وقت ٻاهر نڪتل هوندا هئا، ملباري لهجي ۾ دلچسپ انداز ۾ اڙدو ڳالهائيندو هو ۽ ڏاڏا جي سڀني ٻارن کي هر وقت ملائيءَ واري چانهه پيارڻ لاء تيار هوندو هو. سندس چهرو ڄڻ اڃا به منهنجي اکين آڏو آهي. سندس نالي جي نه ان وقت ئي خبر هئي ۽ نه هاڻي ڄاڻ آهي. بس کيس سڀ ”مامون“ جي نالي سان سڏيندا هئا.
اهڙي ريت ائين چئجي ته، پنهنجيون اهي يادگيريون کڻي شهر کي ڇڏي ان جي ويجھو ئي پسگردائي واري علائقي نوآباد ۾ منتقل ٿي ويا هئاسين.

لياري، جيڪو ڪڏهن ڪنهن لاءِ اوپرو نه رهيو، اهو هاڻي تبديل ٿي چڪو آهي!

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ لياري گھڻين تبديلين مان گذريو آهي ۽ ڏسندي ڏسندي ان جو سڄو نقشو تبديل ٿي ويو آهي. جيڪڏهين ڪا شئي نه بدلي آهي ته، اُهو هِتان جو کُليل نالين وارو سيويريج يا گند جي نيڪال وارو نظام آهي. پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت لياري جي ماڻهن کي سندن گھرن جي ليز ته ڏني ۽ سيويريج جي نظام متعلق به ڪجهه عالمي ادارن سان ڳاله ٻولهه هلي رهي هئي، پر 1977 جي مارشل لا کانپوءِ اها رٿا ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن منتقل ٿي ويئي.
هڪ گڏيل آبادي وارو، پورهيت طبقي جو علائقو، جتي سڀ ٻوليون ڳالهائيندڙ گڏجي رهن ٿا، جن ۾ نسلي ۽ لساني تضادَ ڪڏهن به جھيڙن ۽ فسادن جو ڪارڻ ناهن رهيا. مڪران، تربت ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن مان آيل بلوچ، ڪڇ ۽ ڀڄ مان آيل ڪڇي، بهار مان آيل اڙدو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل ماڻهن هڪ ڊگھي عرصي جي ميل ملاپ ۾ اهڙي گڏيل ڪلچر کي جنم ڏنو آهي، جيڪو انهن ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، جيڪي انهن سڀني کي ڌار ڌار ڏسڻ جا عادي آهن. اهي راندين ۽ خاص طور فٽبال ۽ باڪسنگ سان شوق رکندڙ ماڻهو آهن.
اهو علائقو جيئن ته مک شهر جي ويجھو آهي، ان ڪري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڀارت مان آيل مهاجرن جي هڪ وڏي تعداد هن علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي. انهن مان گھڻا اتي جھڳين ۾ رهندا هئا. هتي هڪ ته ٻڌي واپار جون مارڪيٽون هيون، جتان پوري ملڪ کي هر قسم جي سامان جي سپلاءِ ٿيندي هئي. ٻيو ته بندرگاه جي ويجھو هئڻ ڪري هتي گودام وغيره قائم ڪرڻ جو لاڙو وڌيڪ هو. هتان جا جھونا ٻڌائين ٿا ته، ايوب خان جي دور ۾ هتان ماڻهن کي لڏائڻ جي اسڪيم جوڙي ويئي هئي، ته جيئن هتي گودام قائم ڪري سگھجن، پر ماڻهو پنهنجا گھر ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا. سندن پاران مزاحمت جي ڪري، جنهن جو ذڪر آزاد بلوچ به ڪندو هو، ان تي عمل نه ٿي سگھيو. ساڳي ريت شهر جي ويجھو هئڻ ڪري ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي لاءِ پڻ ان علائقي کي تجويز ڪيو ويو هو، پر هتان جي ماڻهن جي لڏڻ کان انڪار جي ڪري ان اسڪيم کي ٻئي پاسي منتقل ڪرڻو پيو.
هتي جنهن علائقي جو ذڪر ڪيون ٿا، اهو لياري جو اهو علائقو آهي، جيڪو شهر سان گڏيل آهي ۽ جتي جي آباديءَ جي گھڻائي ڪاٺياواڙي ميمڻن، ڪڇين ۽ سنڌين تي مشتمل آهي. انهن مان گھڻا پنهنجا دڪان هلائيندڙ ۽ سرڪاري ۽ نجي دفترن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو آهن. هتان جيئن اڳتي بغدادي، چاڪيواڙي، ميوه شاه ۽ ٻين علائقن ڏانهن وڌجي ٿو ته، اتي جيتوڻيڪ مختلف ٻوليون ڳالهئيندڙ ماڻهو رهن ٿا، پر انهن ۾ گھڻائي بلوچن جي آهي. ۽ انهن ماڻهن جي به گھڻائي پورهيتن تي ٻڌل آهي.
ڪي شيون ماڻهوءَ جي شخصيت جو حصو بڻجي وينديون آهن ۽ انهن جو ميسارجڻ يا انهن ۾ ڪا اڻ وڻندڙ تبديلي تڪليف جو باعث بڻجي ويندي آهي. موسا لين ۽ نوآباد جي علائقن کي لياري جي نسبتاً سکين ستابن علائقن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جتي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ جون گھڻي ڀاڱي اهي سڀ سهولتون موجود آهن، جيڪي ڪراچيءَ جي ٻين علائقن ۾ موجود آهن.
ڏاڏا جڏهن پنهنجي خاندان جي وڌڻ جي ڪري اڇي قبر يا مٺي در کان نوآباد منتقل ٿيو ته، ان وقت منهنجي عمر شايد چار يا پنج سال مس هوندي. ان وقت ڪجهه سرنديءَ وارن کي ڇڏي هتي ٻه ماڙ ۽ ٽي ماڙ عمارتن جو تصور ئي نه هو. وڏا هوادار گھر ۽ کُليل گھٽيون هونديون هيون، جيڪي به ڄڻ گھرن جو ئي هڪ حصو هونديون هيون، جتي ڏينهن جو پاڙي جون عورتون ويهي پنهنجا حال اوريندون هيون ۽ رات جو کٽون وڇائي ماڻهو سمهندا هئا. ڪوبه گھر ڪنهن جي لاءِ اوپرو نه هوندو هو. مائٽن کي پنهنجي ٻارن جو گھڻو فڪر نه هوندو هو. کين پڪ هوندي هئي ته هو پاڙي ۾ ئي ڪٿي هوندا. اهو سڀڪجهه هاڻي رڳو ماضي آهي، جڏهن ته جيڪا تبديلي آئي آهي، اها انتهائي ڏکوئيندڙ آهي.
ان علائقي ۾ هن وقت هڪ ماڙ جاءِ ڪابه مشڪل سان ئي نظر ايندي. پڳڙي سسٽم جي بنياد تي هر عمارت پنج، ڇهه ماڙ کان گھٽ نه رهي آهي. گھٽيون سوڙهيون ۽ گنديون ٿي ويون آهن، جيڪي فليٽن مان اڇلايل گند ڪچري سان ڀريون پيون هونديون آهن- ۽ جتي ڪڏهن فٽبال ۽ ڪرڪيٽ کيڏبي هئي، اتان هاڻي لنگھڻ جي جاءِ به نه ٿي ملي.
ڪجهه وقت اڳ ڏيپچند ٽي اوجھا پرائمري اسڪول واري عمارت تي امن ڪاميٽي نالي تنظيم جو به قبضو رهيو هو، جنهن ڪري علائقي جا ماڻهو ڪافي هراس ۾ رهيا هئا. اهو قبضو بعد ۾ رينجرز جي اچڻ کانپوء ختم ٿيو. اسڪول جي سامهون ئي جُھڳين جي آبادي هوندي هئي. گھڻي عرصي تائين اها آبادي هتي رهي. پوءِ حڪومت پاران انهن کي متبادل پلاٽ ڏيئي شهر جي ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن منتقل ڪيو ويو. اهو پلاٽ ”پنڃرا پور“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ ڪي ايم سي جي ملڪيت هو. ان وقت اسان ڪجھه دوستن گڏجي اخبارن وغيره وسيلي اها مهم هلائي ته ان پلاٽ تي شاه لطيف لائبرري قائم ڪئي وڃي. ان جي نتيجي ۾ شاه لطيف جو نالو ته رکيو ويو، پر ڪي ايم سي ان کي لائبرريءَ بدران شادي هال ۾ تبديل ڪري پنهنجي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو.
جيڪي ڪجھه عمارتون ان علائقي جي سڃاڻپ هونديون هيون، انهن ۾ معصومين اسپتال به هوندي هئي، جتي ٻاهرٻارنهن امامن جا نالا لکيل هوندا هئا ۽ اندر هر غريب امير کي ڪنهن تفريق کانسواءِ سستي علاج جي سهولت ميسر هوندي هئي. هاڻي تجارتي ۽ نفعي وارا مقصد فلاحي ڪمن تي حاوي ٿي ويا آهن. گھڻي عرصي کان اسپتال جي عمارت، جيڪا طرزِ تعمير جي حوالي سان هڪ ڌار حيثيت جي حامل هئي، کي ڊاٿو ويو آهي. شايد ان جي ٽرسٽين اتي جديد ۽ نئين اسپتال قائم ڪئي آهي. پر سوال وري به اهو آهي ته، ڇا اها ان پراڻي اسپتال سان وابستگي جو پورائو ڪري سگھندي يا ان جو تسلسل هوندي. ٿورو اڳتي هلجي ٿو ته، جڳ مشهور ڪڪري گرائونڊ آهي. اهو ڪنهن دور ۾ نهايت عاليشان گرائونڊ رهيو آهي، جتي فٽبال جي مئچن کانسواء باڪسنگ ڪلب وغيره جون سهولتون پڻ رهيون آهن. هي کارادر سان لڳولڳ آهي ۽ ان ئي روڊ تي علائقي جون مک اسپتالون ۽ اسڪول قائم آهن. اهڙي ريت لينڊ مافيا جي نڪته نظر کان نهايت اهم آهي.
گرائونڊ جو هڪ وڏو حصو چائنا ڪٽنگ وسيلي ڪتيانا ميمڻ جماعت کي ڏنو ويو آهي، جنهن اتي پنهنجي جماعت جي ماڻهن لاءِ ڪميونٽي هال ۽ ٻيون سهولتون قائم ڪيون آهن، جنهن سان گرائونڊ جي حيثيت، وسعت ۽ ڪشادگيءَ کي گھڻو نقصان پهتو آهي. ساڳي ريت ڪي ايم سي جي، فاروق ستار جي ميئر هئڻ واري دور ۾ ان ئي سڙڪ تي واقع تاريخي عمارت فدو ٽاور جي ڪمپائونڊ کي ڪتيانا ميمڻ جماعت کي اسپتال قائم ڪرڻ لاء ڏنو ويو هو. ان تاريخي عمارت جي اهميت جي پيش نظر ڪراچيءَ جي مختلف تنظيمن ۽ اخبارن پاران ان قدم جي مخالفت ڪئي ويئي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ان لاءِ هڪ وچين واٽ ڪڍي ويئي، جنهن ۾ ان ٽاور جي گنبذ کي قائم رکندي اتي ڪتيانا ميمڻ اسپتال قائم ڪئي ويئي.
ان ساڳئي علائقي ۾ ٻئي پاسي روڊ تي کڏي واري علائقي ۾ اچون ٿا ته، اتي جي اهم ڳالهه حاجي عبدالله هارون جا قائم ڪيل ادارا هئا. هڪ وڏو ڪمپائونڊ، جنهن کي ڪامپليڪس جو نالو به ڏيئي سگھجي ٿو، جنهن ۾ سنڌي، اڙدو ۽ گجراتي ميڊيم پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول، يتيم خانو، ڊسپنسري ۽ پوءِ فيض احمد فيض جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل هارون ڪاليج شامل هئا. ان ڪمپائونڊ ۾ باسڪيٽ بال ڪورٽ به هوندو هو، جتي شاگرد فارغ وقت ۾ راند ڪندا هئا. ان سان لڳ ئي عبدالله هارون ۽ مولوي محمد صادق کڏي واري جو گڏيل طور قائم ڪيل مدرسو مظهرالعلوم آهي. اهي ادارا نه رڳو علائقي، پر ٻاهر جي ماڻهن لاءِ به اتساه جو ذريعو هوندا هئا. هارون خاندان انهن جو گھڻو خرچ کڻندو هو ۽ اٽڪل سڄي لياريءَ جا ٻار ان مان فائدو حاصل ڪندا هئا. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نيشنلائزيشن جي قدم انهن ادارن کي وڏو نقصان پهچايو. هارون فيملي جي ان مان دلچسپي ختم ٿي ويئي ۽ پوءِ واپس ڪرڻ جي آڇ جي باوجود انهن ان کي واپس نه ورتو. ان عمارت ۾ ئي موجود هارون هال، جنهن کي علائقي جا ماڻهو شادين ۽ ٻين تقريبن لاء استعمال ڪندا آهن، امن ڪاميٽي جي قبضي ۾ هليو ويو، جيڪو به بعد ۾ رينجرز آجو ڪرايو.
ان ئي سڙڪ تي ٿورو اڳتي اوکائي ميمڻ لائبرري ۽ ريڊنگ روم هوندو هو، جنهن مان علائقي جا سڀ ماڻهو فائدو وٺندا هئا. آئون پاڻ روز شام اتي اخبار پڙهڻ ۽ امتحانن جي ڏينهن ۾ پڙهڻ لاءِ ويندو هوس. ٻين علائقن جيان هتي به ڪمرشل مفادن جي فلاحي مقصدن تي حاوي هئڻ جي ڪري ان لائبرري ۽ ريڊنگ روم کي ختم ڪري هاڻي اتي فليٽ قائم ڪيا ويا آهن، جن کي ڏسي ۽ پراڻن وقتن کي ياد ڪري، رڳو افسوس جو اظهار ئي ڪري سگھجي ٿو.
اهڙي ريت اهو چئي سگھجي ٿو ته لينڊ مافيا، تجارتي مفادن، سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن جي ملي ڀڳت سان ماضيءَ جي اهم نشانين، جيڪي هن علائقي جي سڃاڻپ هيون، کي ختم ڪري هن سڄي علائقي جي منظر کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهو عمل اڃا به هلندڙ آهي - ۽ ان جي خلاف عوامي سطح تي ڪا مزاحمت به موجود ناهي.

ڪراچيءَ ۾ خوف ۽ دھشتگردي جي شروعات

منهنجي سڄي زندگي ڪراچيءَ ۾ گذري آهي. ائين کڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته شهر ۽ آئون گڏ گڏ ئي وڏا ٿيا آهيون. جڏهن مون ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هئي ته، ان وقت جنگ اخبار ۾ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي سرگرمين متعلق ڪالم ڇپجندو هو، جنهن جو عنوان هوندو هو، ”شهر سي باره ميل پري“ اهو فاصلو اهو هو، جيڪو گرو مندر کان هلندڙ يونيورسٽي جي بسن کي يونيورسٽي پهچڻ لاءِ طئي ڪرڻو پوندو هو. ان سڄي رستي ۾ حسن اسڪوائر کان پوءِ ٻي ڪا شهري آبادي نه هوندي هئي ۽ بس اڙدو سائنس ڪاليج، نيپا ۽ موسميات کاتي کان ٿيندي اچي يونيورسٽي پهچندي هئي.
1978 ۾ جڏهن آئون يونيورسٽي مان فارغ ٿيس ته ان وقت گلشن اقبال جا ڪجهه گھر اڃا ٺهڻ مس شروع ٿيا هئا. اهڙي ريت شهر؛ صدر يا کڻي چئجي ته وڌ ۾ وڌ گرو مندر تي ختم ٿي ٿي ويو. ان وقت لالو کيت، ناظم آباد ۽ فيڊرل ايريا کي شهر کان ٻاهر ليکيو ويندو هو. ٻئي پاسي خاص طورتي لياري ءِ کارادر ۽ مٺادر وغيره جا ماڻهو رات جي ماني کائڻ کانپوءِ سائيڪلن تي ۽ پنڌِ ڪراچيءَ جي ’هوا بندر‘، جنهن کي ڪلفٽن جو نالو ڏنو ويو آهي، ڏانهن نڪري ويندا هئا - ۽ دير تائين سمنڊ ڪناري ڪچهريون ڪري گھر موٽندا هئا. اهڙيون گھڻيون راتيون مون کي به ياد آهن. ڪجهه بنگلن کانسواءِ هتي ٻي ڪا آبادي نه هوندي هئي. پوءِ 1980 جي ڏهاڪي کان هتي فليٽن ۽ گھرن جو جيڪو جھنگ ٺهيو، ان ڄڻ سمنڊ جي ڪناري کي هتان جي ماڻهن لاءِ اوپرو ڪري ڇڏيو. ڏسندي ڏسندي شهر چئني پاسن کان ائين وڌندو ۽ ڦهلجندو ويو، جو هتان جون شيون سڃاڻڻ کان ئي پري ٿي ويون.
شهر جي ان ڦهلاءَ جيتوڻيڪ گھڻين شين کي اوپرو به ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ به شهر سان هڪ پنهنجائپ وارو تعلق آهي. هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ منهنجي هڪ سڃاڻپ آهي. منهنجا گھڻا مائٽ پنهنجو ناتو سنڌ جي ان شهر سان ڳنڍيندا آهن، جتان منهنجو ڏاڏو سئو سال کن اڳ لڏي ڪراچي آيو هو، پر منهنجي لاءِ اها ڳالهه ڏکي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته مون کي اهو احساس هوندو آهي ته منهنجي شخصيت ان شهر جو ئي عڪس آهي ۽ آئون جيڪڏهن پاڻ کي ٻئي ڪنهن به علائقي يا شهر سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندس، ته اهو سراسر ڪوڙ هوندو.
ننڍي هوندي کان مون کي اڪيلي پنڌِ گھمڻ جي عادت هوندي هئي. ان جو هڪ ڪارڻ شايد اهو به هو ته ان وقت جيتوڻيڪ شهر ۾ رش ۽ ٽريفڪ گھٽ هوندي هئي، پر منهنجي لاءِ خاص طور ايم اي جناح روڊ کي پار ڪرڻ هميشه مسئلو رهيو آهي. شايد ڪجهه ماڻهن لاءِ اها ڳالهه حيرت جهڙي هجي ته، ان وقت صدر جي زينب مارڪيٽ واري پاسي، جتي ان وقت ريو ۽ ريڪس سنيمائون هونديون هيون ۽ هوٽل ميٽروپول واري علائقي ۾ سج لٿي کانپوءِ ائين سڃ ٿي ويندي هئي، ڄڻ راڪاس گھمي ويو هجي، پر ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه هوندو هو ۽ ماڻهو فلمن جو آخري شو ڏسي اطمينان سان پنهنجن گھرن ڏانهن روانا ٿيندا هئا.
اها صورتحال ان وقت به رهي، جڏهن 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سهراب ڳوٺ ۽ علي ڳڙه ڪالوني وارا واقعا ٿيا ۽ شهر وڳوڙن جي ور چڙهي ويو - ۽ شهر جي ماڻهن 1948 ۾ رتن تلاءَ وٽ گردواري ۾ ڀارت ڏانهن لڏيندڙ سکن کي جيئري ساڙڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو وڏي پئماني تي ماڻهن جو ڪوس ۽ انهن کي جيئري ساڙڻ جا منظر ڏٺا. اها ڳالهه سمجه ۾ اچڻ شروع ٿي ته، شهر تبديل ٿي ويو آهي - تبديل ٿي رهيو آهي- ۽ هاڻي ماڻهن کي انهن نين حقيقتن کي سامهون رکندي هتي رهڻو پوندو. شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪرفيو، روز جون هڙتالون، وڳوڙ ۽ ماڻهن جو ڪوس ڄڻ هڪ معمول بڻجي ويو هو. شاهه فيصل ڪالوني جهڙا ڪجهه علائقا اهڙا هئا، جتي مهينن تائين ڪرفيو لاڳو رهندو هو. شايد مون ان صورتحال جي سنگينيءَ کي محسوس نه ڪيو يا مون ان کي اڃا به پراڻي نظر سان ٿي ڏٺو، جنهن جو ڪارڻ شايد اهو هو ته ان وقت آئون لياري ۾ رهندو هوس، جيڪو ڄڻ ان سڄي هنگامي ۽گوڙ گھمسان کان پري؛ هڪ اهڙو ٻيٽ هو، جيڪو ٻولي ۽ رنگ، نسل جي فرق کانسواءِ؛ ٻين علائقن مان وڳوڙن جي ڪري ڀڄي آيلن لاء هڪ پناهه گاه هو، ان ڪري منهنجي آفيس وغيره وڃڻ جي معمولات ۾ ڪو فرق نه پيو، جيڪا ڳاله گھڻن آفيس وارن لاءِ به حيرت جوڳي هئي.
ان وقت منهنجا شهر جي جن سياسي ۽ ادبي تنظيمن سان واسظا رهيا، ان ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو شامل هئا، جن جو ترقي پسند مزدور، شاگرد ۽ ادبي تحريڪن سان واسطو هو - ۽ جيڪي سڀيئي ان صورتحال جي ڪري پريشان هئا، جنهن شهر کي ٻولي ۽ نسلي بنيادن تي ورهائي ڇڏيو هو. اها صورتحال گھٽجڻ بدران اڃا وڌندي ٿي ويئي. شهر، جيڪو اڳ ۾ شاگرد ۽ مزدور تحريڪن جو مرڪز رهيو هو ۽ هر جمهوري تحريڪ ۾ مهڙ وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو هو، اتي اهي سڀ شيون ڄڻ ته پسمنظر ۾ هلي ويون. هڪ ته انهن تحريڪن سان لاڳاپيل ماڻهن جي صورتحال کي سڌارڻ جي ڪوششن جي ڪنهن نتيجي نه نڪرڻ کانپوءِ اهي هڪ بيوسيءَ جو شڪار ٿي ويا ۽ انهن ان کي جيئن جو تيئن قبولي ورتو.
ان جو ٻيو نتيجو اهو نڪتو، جيئن چوندا آهن ته، لوڻ جي کاڻ ۾ رهي ڪا به شئي لوڻ ٿي ويندي آهي. اهڙي ريت گھڻا ترقي پسند لاشعوري طور ان صورتحال جو حصو بڻجي ويا ۽ بجاءِ پنهنجو موقف ڏيڻ جي؛ نسلي سياست جي هڪ يا ٻئي موقف جي وڪالت ڪرڻ لڳا. ان سلسلي ۾ مون کي پنهنجي دوست؛ مزدور اڳواڻ بصير نويد، جنهن کي پوءِ ڪراچيءَ جي حالتن جي ڪري ملڪ ڇڏي وڃڻو پيو هو، جي اها ڳالهه ڄڻ اندر ۾ ويهي رهي ته، ’اسان انهن حالتن متعلق اڻ ڌريو ٿي ڳالهايون ٿا، پر يار، جڏهن ايم ڪيو ايم جو نالو اچي ٿو ته، اسان جي ذهن ۾ گھنٽي وڄڻ شروع ٿئي ٿي. هن وقت اهڙا سڀيئي ماڻهو مُنهن نه ڏيئي سگھڻ يا پنهنجي موقف ۾ چٽائي نه هئڻ ڪري Depoliticize ٿي ويا آهن ۽ گھڻن ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ پناهه ڳولهي آهي، جنهن جو عملي يا نظرياتي سياست سان ڪو لاڳاپو ناهي.‘
ان وقت ۾ شهر جي گھڻن علائقن مان لڏپلاڻ ٿي هئي ۽ ڪجهه علائقن ۾ وڃڻ ۾ ڊپ به ٿيندو هو، پر اهو به ڄڻ دوستن جو معمول هوندو هو ته سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين کانپوءِ دير تائين ڪچهريون ڪري، چانهيون پي، پوءِ دوستن سان گڏجي پنڌِ، لياريءَ ۾ پنهنجي گھرَ ڏانهن روانو ٿبو هو. پنڌِ ئي پنڌِ رنڇوڙ لائين، ڀيم پوره يا ٻين مختلف علائقن مان لنگھڻ مهل اهو خيال نه هوندو هو ته، اهو علائقو گينگ وار، امن ڪاميٽي يا ايم ڪيو ايم جو آهي- ۽ هتان لنگھندي ڪنهن احتياط جي ضرورت آهي.
شهر جي حالتن متعلق اخبارن ۽ ريڊيو وغيره تان ٻڌبو هو، پر اها ڄڻ هڪ پري جي ڳالهه لڳندي هئي. ڊپ اڃا پنهنجي ذات جو حصو نه بڻيو هو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته ضياءَ الحق جي دور ۾ جڏهن بوهري بازار صدر ۾ بم ڦاٽو هو، جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو مري ويا هئا ته ان جي ٻئي ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ انٽرويو ڏيندي جڏهن ان ڌماڪي متعلق ۽ منهنجي ڄامشوري پهچڻ متعلق سوال ڪيو ويو ته، مون کين حقيقتون ٻڌايون، جنهن ۾ڪنهن ڊپ يا پريشانيءَ جو عنصر ۽ واپس موٽڻ جو الڪو نه هو. ڊپ به شايد اهڙو احساس آهي، جيڪو ماڻهوءَ جي ڄاڻڻ کانسواءِ ان جي اندر ۾ پلبو رهندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن موقعي تي نڪري نروار ٿيندو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ تائين جيڪڏهن ملڪ جي ڪنهن ٻئي شهر جو ماڻهو ڪراچيءَ جي حالتن تي تشويش جو اظهار ڪندو هو يا هتي اچڻ کان لنوائيندو هو ته منهنجي لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هوندي هئي، ڇاڪاڻ جو مون کي شهر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نظر نه ايندي هئي. پر شايد مون کي هتي رهڻ جي ڪري انهن حالتن جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ مون انهن کي محسوس نه ٿي ڪيو، جڏهن ته ٻاهر ويٺل ماڻهو ان کي معروضي طور تي ڏٺو ٿي ۽ ساڳئي وقت وٽس ان کان بچڻ لاءِ هڪ متبادل هو، جيڪو مون وٽ نه هو.
بعد ۾ خاص طور تي ان ڊپ کي پنهنجي انتهائي ويجھو ٿيندي محسوس ڪيم. پنهنجن ٻارن، دوستن ۽ مائٽن جي فڪر کانسواءِ؛ آئون پاڻ جنهن کي شهر ۾ پنڌ هلڻ مهل اها خبر نه هوندي هئي ته، اوسي پاسي ڇا پيو ٿئي، اهو هاڻي ڏهه قدم هلندي به ڏهه ڀيرا مُڙي اهو ڏسڻ لڳو هو ته، ڪير سندس پويان ته نه پيو اچي. شهر جو بي نام ۽ غير واضح تشدد، جنهن ۾ هجوم ۽ ميڙ کي نشانو بڻايو ويندو هو، پوءِ اهو هڪ واضح شڪل اختيار ڪري ويو. شهر جي پيدا ٿيل سياسي ۽ انتظامي خال ۽ مختلف سياسي ۽ غيرسياسي ڌرين ۽ مافيائن پاران ان کي مالِ غنيمت سمجھي ان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوششن جي ڪري پيدا ٿيل خال ۾ هٿيار ۽ مختلف فيڪٽرز داخل ٿي ويا.
ان دوران پهرين ڊاڪٽرن ۽ پوءِ پروفيسرن کي نشانو بڻايو ويو. اهڙي طرح سبين محمود ۽ پروفيسر وحيد رحمان جي قتل شهر ۾ هڪ نئين بحث ۽ تشويش پيدا ڪري ڇڏي. بدر ابڙو جي اها ڳالهه درست آهي ته، جيڪڏهين هاڻي ڪير اظهارراءِ جي حق کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو پنهنجي رسڪ تي ائين ڪري. اڳ ۾ ڪراچيءَ جي صحافين لاءِ چيو ويندو هو ته، اهي ايم ڪيو ايم جي ڏهڪاءَ جي ڪري ان متعلق ڳالهائيندي نهايت احتياط ڪن ٿا، پر هاڻي رڳو ايم ڪيو ايم ان ۾ شامل ناهي. ان حوالي سان مختلف گروهن ڌار ڌار پنهنجي حد مقرر ڪئي آهي ۽ ليڪ ڇڪي آهي. ان صورتحال ۾ اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته، ڪٿي ڪهڙي گروه جي ليڪ اورانگھجي ٿي ۽ ماڻهو خطري جي حد ۾ داخل ٿي وڃي ٿو.

ڪراچي شهر جون لائبريريون، جن مان ڪيتريون بند ٿي ويون!

لائبريرين جي موجودگيءَ سان ڪنهن شهر ۽ ان جي ماڻهن جي پڙهيل لکيل ۽ مهذب هئڻ جي خبر پوندي آهي. اهي ماڻهن جي تربيت جو هڪ اهم ذريعو هونديون آهن. ڪراچيءَ جي، ان لحاظ کان پنهنجي هڪ سڃاڻپ هوندي هئي. تعليمي ادارن ۾ انهن جو هئڻ هڪ لازمي امر سمجھيو ويندو هو. هارون ڪاليج، جتان مون انٽرميڊئيٽ ڪئي، جي هڪ سٺي لائبريري هوندي هئي، جتي روزاني اخبارن ۽ ڪتابن جو هڪ وڏو تعداد هوندو هو، ۽ جنهن جي سارسنڀال لاءِ ڌار عملو رکيل هو. ساڳئي ريت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، جتان مون ماسٽرس ڪئي، اُتي به هڪ بلڪل ڌار ۽ وڏي عمارت ۾ هڪ لائبريري هئي، جتي گھڻيون سهولتون موجود هيون. ڪلاسن کانسواءِ منهنجو گھڻو وقت ان لائبريريءَ ۾ گذرندو هو. اها رڳو حڪومت جي ذميواري نه هوندي هئي، پر مختلف سماجي تنظيمون وغيره پڻ شهر جي مختلف علائقن ۾ اهڙا مرڪز قائم ڪنديون هيون. پوءِ گڏيل طور اتي ڪي ڪتاب آڻي رکندا هئا، ته ڪي روزاني اخبارن جو خرچ کڻندا هئا. اهي رڳو مطالعي جا مرڪز نه، پر اهي پاڙي جي ماڻهن جي ملڻ جلڻ ۽ حال احوال ڪرڻ جا مرڪز پڻ هوندا هئا.
مون جهڙن گھڻن ماڻهن لاءِ اهي مثبت نموني وقت گذارڻ ۽ تربيت جا مرڪز پڻ هوندا هئا. لياريءَ جي علائقي- نوآباد ۾ اسان جي گھر کان ٿوري فاصلي تي ۽ حاجي عبدالله هارون اسڪول واري رستي - شاه ولي الله روڊ تي اوکائي ميمڻ جماعت وارن هڪ وڏو هالُ لائبريري لاءِ مخصوص ڪيو هو، جتي ڪتاب ۽ روزاني اخبارون اينديون هيون. هتي خاص طور تي اخبارن جي ڇڪ جي ڪري هر عمر جا ماڻهو ايندا هئا. هتان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هرڪو لائبريري کان ٻاهر دڪين ۽ فٽ پاٿن تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويهي رهندو هو. پوءِ دير تائين اهو سلسلو هلندو رهندو هو. شام جو اسان اسڪول جا ڪجهه دوست هتي گڏبا هئاسين. اخبارن وغيره پڙهڻ کانپوءِ اسان جي دلچسپي ٻارن جي مختلف رسالن، خاص طور ’همدرد‘ جي ’نونهال ڊائجسٽ‘ ۾ سوالن جا جواب موڪلڻ هوندو هو. اها جهڙوڪر منهنجي مستقل مصروفيت هوندي هئي. ان جو هڪ فائدو اهو ٿيو ته اسڪول ۾ منهنجي ڪارڪردگي، جيڪا اڳ ڪا گھڻي چڱي نه هئي، سا بهتر ٿي ويئي.
اها لائبريري ڄڻ اڃا تائين به منهنجي اندر جو هڪ حصو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ان پاسي وڃڻ ٿيو ته مون ان لائبريري واري جاءِ کي ڏسڻ ٿي چاهيو. پر اُتي جو سڄو منظر تبديل ٿيل هو. اتي فليٽ ٺهي ويا هئا ۽ لائبريريءَ جو ته ڄڻ وجود ئي نه رهيو هو. گهر کان ٿورو پرتي کارادر جي علائقي ۾ آغا خاني خوجن جو بيت العلم جي نالي سان هڪ اسٽڊي سينٽر هوندو هو، جتي ڪنهن جي به اچڻ تي ڪا بندش نه هئي. امتحانن جي تياري وغيره لاءِ اها سٺي ۽ پرسڪون جاءِ هوندي هئي، جيڪا به هاڻي شايد نه رهي آهي.
مختلف پرڏيهي قونصل خانن پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ لائبريريون ۽ ثقافتي مرڪز قائم ڪيا ويا هئا. پاڪستان چوڪ وٽ برٽش ڪائونسل، ٿورو اڳتي سرور شهيد روڊ تي گوئٽي انسٽيٽيوٽ، فريئر هال جي سامهون آمريڪي قونصل خانو، ان جي لائبريري ۽ ڪلچرل سينٽر - ۽ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ سوويت يونين جو فرينڊشپ هائوس هو جيڪو پوءِ طارق روڊ تي جھيل پارڪ وٽ منتقل ٿي ويو هو. انهن جي رڪنيت مفت هوندي هئي. جڏهن ته ميمبر هئڻ کانسواءِ به لائبريري جي سهولت حاصل ڪري سگھبي هئي. هتي مختلف ثقافتي پروگرام وغيره به ٿيندا هئا، جن ۾ مقامي ماڻهن جو سهڪار وغيره به شامل هوندو هو. ميڊيا جي حوالي سان اهڙو هڪ پروگرام سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي، گوئٽي انسٽيٽيوٽ جي سهڪار سان ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ ڪيو هو. هاڻي اهي سڀ سهولتون گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويون آهن.
رڳو برٽش ڪائونسل ڪنهن حد تائين پنهنجيون سرگرميون برقرار رکيون آهن، پر ان کي به شهر جي وچ مان، جتي ان کي اڪثر وڳوڙين کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو، ڪينٽ اسٽيشن جي پاسي ۾ هڪ ڪنڊ ۾ منتقل ٿيڻو پيو آهي.
پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز؛ ان حوالي سان هڪ ڪارائتو ادارو آهي، جتي خاص طور تي ڪرنٽ افيئرز جي حوالي سان ڏيهي ۽ پرڏيهي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب وغيره موجود هوندا آهن. ان اداري جو پنهنجو هڪ آڊيٽوريم به آهي، جتي مختلف پروگرام وغيره ٿيندا رهندا آهن. اداري جي سهولتن جي استعمال تي ڪا پابندي ناهي ۽ اتي موجود عملو پوري طرح سهڪار ڪندو آهي. ڪجهه سال اڳ پنهنجي سالياني موڪلن ۾ آئون هتي باقاعدي ويندو هوس. مون وٽ ان وقت هتان جي رڪنيت نه هئي. هڪ ڏينهن سيڪريٽريءَ مون کان پڇيو ته، ”اوهان ڇا ڪندا آهيو؟“ مون کيس پنهنجي نوڪريءَ متعلق ٻڌايو ته، هن چيو ته، ”پر اوهان ته روز هتي هوندا آهيو.“ مون کيس ٻڌايو ته، ”آئون سالياني موڪلن تي آهيان،“ ته هن مون کي چيو ته، ”ائين ڪيو، اوهان هتان جي ايسوسيئيٽ ميمبرشپ وٺي ڇڏيو، جنهن جي ڪا في وغيره ناهي.“ اهڙي ريت آئون ان اداري جو ميمبر ٿي ويس، پر ڪجهه وقت کان پنهنجين ڪجهه مصروفيتن جي ڪري آئون اتي وڃي نه سگھيو آهيان.
ڪراچيءَ ۾ لائبريرين جو احوال ڪجي، پر ان ۾ اسٽيٽ بينڪ جي لائبريري جو ذڪر نه ڪجي، ته اهو بيان مڪمل نه ٿيندو. ملڪ جي معيشت جي حوالي سان پاليسي سازي، حڪومت کي انهن معاملن تي صلاحون ڏيڻ ۽ عالمي ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ ۾ مرڪزي بينڪ جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته انهن کي معيشت جي معاملن جي پوري ريت ڄاڻ هجي. ان مقصد لاء ريسرچ ۽ شماريات جا شعبا قائم ڪيا ويا. ساڳئي وقت لائبريري قائم ڪئي ويئي، ته جيئن انهن شعبن جا آفيسر پنهنجي ڪم لاءِ ان کان مدد حاصل ڪري سگھن.
اها لائبريري 1949 ۾ قائم ڪئي ويئي هئي. شروع ۾ اها شاهين ڪامپليڪس جي سامهون ان عمارت، جتي اسٽيٽ بينڪ قائم ڪئي ويئي هئي ۽ جتي هن وقت سپريم ڪورٽ رجسٽري آهي، ۾ قائم هئي. 1961 ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي بينڪ جي نئين عمارت جي ٺهڻ کانپوءِ ان کي ان جي پنجين ماڙ تي منتقل ڪيو ويو. اٽڪل سڄو فلور لائبريري جي لاءِ هوندو هو. ان جي خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته ان جي ديوارن تي صادقين جون ٺاهيل تصويرون ۽ خطاطي هوندي هئي. ڪجهه پراڻا ماڻهو ٻڌائيندا هئا ته، صادقين هتي راتين جا اوجاڳا ڪري اهي شاهڪار تخليق ڪيا هئا. گھڻو وقت اها لائبريري ان جاءِ تي هئي. ان کانپوءِ 1995 ۾ ان کي جاءِ جي گھٽتائي وغيره جي ڪري اسٽيٽ بينڪ جي ئي ڪمپائونڊ ۾ بينڪ آف انڊيا جي عمارت، جتي هن وقت اسٽيٽ بينڪ جو ميوزيم آهي، ۾ منتقل ڪيو ويو.
ڊاڪٽر عشرت حسين جي گورنر ٿيڻ کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ ۾ گھڻيون تبديليون آيون. انهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي انيڪسي ۾ لرننگ ريسورس سينٽر جو قيام به شامل هو. ان دور ۾ بينڪ جي عملي جي تربيت جو جيڪو وسيع پروگرام شروع ڪيو ويو هو، اهو ان جو هڪ حصو هو. ان سينٽر ۾ جديد سهولتن سان آراستا آڊيٽوريم ۽ ڪلاس روم وغيره موجود آهن، جتي بينڪ جي عملي سان گڏ ڪمرشل بينڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن وغيره کي پڻ سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن. 2005 ۾ هتي لائبريري کي منتقل ڪيو ويو هو. ان عمارت جو گرائونڊ ۽ فرسٽ فلور لائبريري لاءِ مخصوص آهن. بنيادي طور تي ته هتي معاشيات ۽ بينڪنگ وغيره سان لاڳاپيل ڪتاب پيل آهن، پر ان سان گڏ اڪائونٽنگ، انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي پڻ ڪتاب موجود آهن. ان کانسواءِ ٻين مختلف موضوعن جهڙوڪ: ادب، سياست ۽ تاريخ وغيره تي به ڪتابن جو چڱو تعداد موجود آهي. سنڌي ۽ اڙدو ڪتابن جا ڌار سيڪشن آهن. هر مهيني انهن موضوعن تي خريد ڪيل ڪتابن جي فهرست شائع ڪئي ويندي آهي، جيڪاِ اسٽيٽ بينڪ جي ويب سائيٽ جي لائبريري واري سيڪشن ۾ پڻ موجود هوندي آهي.
ساڳئي ريت حڪومت ۽ عالمي ادارن جهڙوڪ؛ عالمي بينڪ ۽ آئي ايم ايف جي دستاويزن ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي رسالن ۽ اخبارن جو هڪ وڏو تعداد پڻ مطالعي لاء موجود هوندو آهي. ان ڳالهه جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي آهي ته ميمبر پنهنجي پسند جا نوان ڪتاب تجويز ڪن، جيڪي پوءِ لائبريري ڪاميٽيءَ جي منظوريءَ سان خريد ڪيا ويندا آهن. انهن ۾ اهڙا ڪتاب به شامل هوندا آهن، جيڪي پاڪستان ۾ دستياب نه هوندا آهن ۽ اهي ٻاهران گھرايا ويندا آهن. مان پاڻ گھڻا ڪتاب تجويز ڪندو رهندو آهيان، جيڪي پوءِ خريد ڪيا ويندا آهن. لائبريري جو عملو، خاص طور چيف لائبريرين لائبريري جي معاملن کان واقف، پروفيشنل ۽ هر وقت ممڪن حد تائين سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن. خاص ڳالهه اها آهي ته اها لائبريري جي سهولت رڳو بينڪ جي ملازمن تائين محدود ناهي، پر ٻاهران ماڻهو به نه رڳو اها سهولت حاصل ڪري سگھن ٿا، پر ميمبر ٿي ڪتاب وغيره به حاصل ڪري سگھن ٿا. اها لائبريري آفيس جي وقت کانپوءِ به رات جو اٺين وڳي تائين کليل هوندي آهي. هن وقت اها لائبريري پاڪستان جي ڪجهه وڏين لائبريرين ۾ ڳڻي وڃي ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل لائبريرين مان ڪجهه بند ٿي ويون آهن ۽ ڪجهه ۾ منهنجو وڃڻ گھٽجي ويو آهي، جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ جي لائبريري منهنجي اڪثر استعمال ۾ هوندي آهي، جيڪا منهنجي مطالعي جون گھڻيون گھرجون پوريون ڪندي آهي.

نئون آباد: هندستان مان لڏي آيلن جا جهوپڙا، ليلان چري ۽ ظفر پمفليٽي!

اهو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته منهنجي شعوري زندگيءَ جي شروعات نئين پاڙي ۽ نئين گھر ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي. نوآباد جو علائقو؛ جيئن هن وقت پنج ڇهه ماڙ عمارتن، سوڙهين ۽ گندين گھٽين، رش ۽ هڻ هڻان ۾ ورتل نظر اچي ٿو، ائين اڳ ۾ نه هو. گھڻو ڪري ته هڪ ماڙ وارا کُليل گھر هوندا هئا. گھر مسواڙ تي ڏيڻ جو تصور ئي نه هو. پاڻي ڇڪڻ جي مشينن يا بورنگ وغيره جو ڪنهن کي خيال ئي نه هوندو هو. بجلي وافر مقدار ۾ هئي. نه لوڊ شيڊنگ جو ڪو مسئلو هو ۽ نه ئي ماڻهن کي ڪنڍا هڻڻ جو ڪو خيال ايندو هو. فرج شايد ئي ڪنهن گھر ۾ هئي. جڏهن ته ايئر ڪنڊيشنر ڪنهن به گھر ۾ نه هو. اتي گھڻن اهڙن آسودن ماڻهن جا گھر هئا، جيڪي انهن شين جا متحمل ٿي سگھيا ٿي، پر اُنهن اِنهن شين جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ڪئي.
ان وقت سڄي پاڙي ۾ منهنجي هڪ پري جي چاچي جي گھر ٽيليفون هوندو هو. ان فون تي ڄڻ ته سڀني جو حق هوندو هو - ۽ انهن ماڻهن جو اهو وڙُ هو جو ڪنهن جو به فون ايندو هو ته، ان کي گھران وڃي سڏي ايندا هئا، جنهن ڳالهه جو هاڻي تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. ساڳي ريت ٽيليويزن به انهن ڏينهن ۾ نئين آئي هئي. ۽ اها به انهن ئي ماڻهن جي گھر ۾ سڀ کان اڳ آئي هئي. پاڙي جا سڀ ٻار پنهنجن مٽي هاڻن پيرن ۽ گندن ڪپڙن سان شام جو جيئن ئي پي ٽي وي جون نشريات شروع ٿينديون هيون، تيئن سندن گھر ۾ داخل ٿيندا هئا ۽ دير تائين اتي ويٺا هوندا هئا. پر انهن ماڻهن جي چهري تي ڪي گھنج يا ناراضگيءَ جا آثار نه ملندا هئا.
جتي اسان جو گھر هوندو هو، ان جي ڀرسان سان ئي ٻن پاسن کان هندستان مان لڏي آيل مهاجرن جا جھوپڙا هوندا هئا. رات جو جڏهن اتان لنگھڻ ٿيندو هو ته اهي ماڻهو دير تائين پنهنجن گھرن جي ٻاهران کٽن ۽ پٽ تي ويٺي پاڻ ۾ ڪچهريون پيا ڪندا هئا، پر نه ڪنهن جو نالو وٺندا هئا ۽ نه ڪنهن کي تنگ ڪندا هئا. هتي رهندڙ دائود نالي هڪ همراههُ هڪ ڀيري مون کي پي ايم اي هائوس جي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ مليو. مون جيتوڻيڪ هن کي نه سڃاتو، پر هن مون کي سڃاتو ۽ ٻڌايائين ته، ”آئون اتي جھوپڙن ۾ رهندو هوس.“ هي همراهه هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي زيارت ۾ مليو هو، جتي آئون ٻارن سان گڏ ويل هوس ۽ هو پڻ ساڳئي هوٽل ۾ پنهنجن ٻارن سان رهيل هو. جھوپڙن جي حوالي سان دائود مون کي ياد ڏياريندي چيو ته، ”جتي ايمڻان، جنهن کي ’ليلان چري‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، رهندي هئي، هو ان جي ڀر ۾ رهندو هو. ان عورت کي، جنهن کي ٻار تنگ ڪندا رهندا هئا، اها سڄو ڏينهن پٿرن جو وسڪارو ڪندي ۽ گاريون ۽ پِٽون ڏيندي رهندي هئي. ان جي لاءِ چيو ويندو هو ته، ”هو ڀر ۾ ئي رهندڙ اسو لالا نالي هڪ ماڻهوءَ جي زال هئي، جيڪو اتي پڪوڙن جي هڪ خاص قسم، جنهن کي اتي مقامي ٻولي ۾ ’بجيا‘ چيو ويندو آهي، وڪڻندو هو. اهو شخص هڪ ٻئي گھر ۾ پنهنجي ٻي زال ۽ ٻارن سان گڏ رهندو هو. اسان ڪڏهن کيس ليلان جي پرگھور لهندي نه ڏٺو.
دائود جو ٻيو حوالو سندس پاڙي ۾ رهندڙ هڪ سياسي ڪارڪن ظفر سان ويجھڙائي هئي، جيڪو هر ننڍي وڏي معاملي تي پمفليٽ ڇاپيندو هو، جنهن جي ڪري سندس نالو ئي ’ظفر پمفليٽي‘ پئجي ويو هو. هڪ ڀيري اسان ڪجهه دوست رات جو هوٽل تي چانهه پي رهيا هئاسين ته هو نهايت جوش ۾ ڄڻ رڙيون ڪندو آيو ته، ’ڪامريڊ! انقلاب در تي دستڪ پيو ڏئي. بس رڳو در کولڻ جي ضرورت آهي.‘ کانئس پڇيوسين: ”ته ڇا معاملو آهي،“ ته هن افغانستان ۾ ثور انقلاب جي اچڻ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته بس هاڻي هتي به دير نه لڳندي.
اهي جھوپڙا ۽ انهن ۾ رهندڙ ماڻهو ڪنهن به لحاظ کان محفوظ نه هئا. وقت بوقت اتان ڪنهن نه ڪنهن ڪارڻ ڪري لڳندڙ باهه جا ڀنڀٽ نظر ايندا هئا، جن ۾ گھڻن ماڻهن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويندو هو، پر اهي وري نئين سِر اتي ئي پنهنجو اجھو اڏيندا هئا. هڪ ڊگھي عرصي تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. نيٺ حڪومت پاران انهن کي نئين ڪراچي وغيره واري پاسي متبادل گھر ۽ پلاٽ ڏيئي اتي منتقل ڪيو ويو ۽ جهوپڙن واري جاءِ خالي ڪرائي ويئي. خالي ڪرايل جاءِ جو هڪ حصو هڪ وڏو ڪمپائونڊ هو، جنهن کي ’پنڃراپور‘ چيو ويندو هو. گھڻن ماڻهن پاران ڪوشش ڪئي ويئي ته ان پلاٽ تي قبضو ڪري ان کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي، پر علائقي جي نوجوانن جي هڪ گروپ، جنهن ۾ آئون به شامل هوس، پاران اختيارين آڏو اها تجويز رکي ويئي ته، هتي شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي نالي سان هال ۽ لائبريري قائم ڪئي وڃي، جنهن مان علائقي جا ماڻهو لاڀ حاصل ڪري سگھن. ان سلسلي ۾ مختلف لاڳاپيل ماڻهن سان ملاقاتن کانسواءِ اخبارن وغيره ذريعي مهم به هلائي ويئي. نيٺ ڪي ايم سي پاران ان ڳالهه تي راضپو ڏيکاريو ويو ته هتي ان نالي سان هال قائم ڪيو ويندو. اهو هال ته قائم ٿي ويو، پر جيڪو مقصد هو، اهو حاصل نه ٿي سگھيو. لائبريري وغيره قائم نه ٿي سگھي ۽ اهو اڃا تائين هڪ شادي هال جي طور تي مقامي ماڻهن جي ڪم اچي ٿو.

اسٽيٽ بينڪ جي گورنر اي جي اين قاضي ڪوٽا تي عمل ڪرايو ته سنڌين جو وڏو تعداد اسٽيٽ بينڪ ۾ اچي ويو!

جيتوڻيڪ منهنجي لکڻ وغيره جي سرگرميءَ کي ڏسندي هاڻي به گھڻا ماڻهو ائين سمجھندا آهن ته، منهنجو واسطو صحافتي پيشي سان رهيو آهي، پر ائين ناهي. حقيقت ۾ ائين کڻي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته ڪراچي يونيورسٽي مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، شروعاتي ٻن ٽن سالن کي ڇڏي، منهنجي سڄي نوڪري اسٽيٽ بينڪ ۾ رهي. اسٽيٽ بينڪ ۾ شموليت ڪرڻ کان اڳ ۾ مون صنعتي ترقياتي بينڪ ۾ پڻ انٽرويو ڏنو هو، پر اتي ڏنل آڇ تي سهمت نه ٿي سگھڻ ڪري مون اها جوائن نه ڪئي هئي. اسٽيٽ بينڪ واري نوڪري اٽڪل پنجٽيهه سال هلي. هن وقت بينڪنگ جي شعبي ۾ ايندڙ نوجوانن، جيڪي هر وقت بهتر نوڪريءَ جي ڳولا ۾ هوندا آهن - ۽ ٿوري عرصي کان پوءِ ملڪ ۾ يا ملڪ کان ٻاهر؛ هڪ نوڪري ڇڏي ٻي جوائن ڪندا آهن، انهن لاءِ اها ڳالهه سمجھڻ ڏکي آهي، ان ڪري اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين بينڪ جي پراڻن ملازمن جي خدمتن کي ساراهڻ لاءِ ڪمٽمنٽ يا اداري سان وابستگي تي ايوارڊ ڏيڻ جو خيال پيش ڪيو هو، پر بينڪ مان هن جي هليو وڃڻ جي ڪري ان تي عملدرآمد نه ٿي سگھيو. انهن مان گھڻن نوجوانن کي مون کي اهو ٻڌائڻو پوندو آهي ته، ان وقت بينڪنگ جو شعبو اڄ کان مختلف هو.
1974 ۾ ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ سڀيئي پاڪستاني بينڪون قومي ملڪيت ۾ ورتيون ويون هيون. اهڙي ريت خانگي شعبي ۾ ڪي بينڪون نه هيون ۽ پرڏيهي بينڪون به ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هيون، جيڪي وڏن شهرن ۾ محدود پئماني تي پنهنجو ڪم ڪري رهيون هيون. ان سان گڏ صنعتن وغيره جي گھڻي ڀاڱي سرڪاري شعبي ۾ هئڻ ڪري بينڪن ۾ گھڻي چٽاڀيٽي نه هئي ۽ نه ئي ملازمن تي ڊپازٽ وغيره کڻي اچڻ ۽ سڻڀا ڪلائنٽ وغيره هٿ ڪرڻ لاءِ ڪو دٻاءُ هو، ان ڪري هڪ بينڪ مان ٻي بينڪ ۾ وڃڻ لاء پگھار، مراعتن ۽ سهولتن وغيره جي لحاظ کان اهڙي ڪا خاص ڳالهه نه هئي ته، ماڻهو هروڀرو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي وڃي.
مون سنڌ حڪومت جي جنهن شعبي ۾ سال ڏيڍ نوڪري ڪئي هئي، اسٽيٽ بينڪ جو ماحول ان کان بلڪل ئي مختلف هو. اسٽيٽ بينڪ وفاقي حڪومت تحت هلندڙ ادارو هو، جڏهن ته سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن سنڌ حڪومت جو ادارو هو، ان ڪري ان شعبي ۾ چڱي خاصي تعداد ۾ سنڌي هئا - ۽ سنڌي هئڻ ڪا اوپرائپ واري ڳالهه نه هئي. جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ ۾ ان وقت جنهن ڊپارٽمنٽ ۾ آئون آيس، اتي اڳ ۾ رڳو هڪ سنڌي آفيسر هو ۽ هڪ ٻيو آفيسر ڊيپوٽيشن تي سنڌ حڪومت جي پلاننگ کاتي ۾ هو، بلڪه پراڻا ماڻهو اهو ٻڌائيندا هئا ته، ڪنهن وقت ۾ سڄي بينڪ ۾ اهو واحد سنڌي آفيسر هوندو هو، جنهن کي سنڌي هئڻ ڪري سندس نالي بدران ’سائين‘ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو.
جنهن وقت مون اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪئي هئي، ان وقت وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي ۽ ضياءُ الحق جي مارشل لا جو دور هو. ڀٽي صاحب جي دور ۾ بينڪ ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي ئي اچي سگھيو هو. ڪارڻ اهو هو ته ڪوٽا، جنهن تي ايترو شور متل هو، ان تي بينڪ ۾ ڪو به عمل نه ٿيو هو. اهو ان جي باوجود هو ته، ان دور ۾ غلام اسحاق خان، جنهن کي هڪ بااصول ۽ قانون تي عمل ڪندڙ ڪامورو ڪري ليکيو ويندو هو، اهو بينڪ جو گورنر رهي چڪو هو. اها صورتحال 1978 ۾ اي جي اين قاضي جي گورنر ٿيڻ کان پوءِ ڪافي حد تائين بدلجي ويئي. ڳالهه اها نه هئي ته، قاضي سنڌي هئڻ ڪري هروڀرو سنڌين کي فائدي ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هو، پر سندس سڄو زور بينڪ کي قاعدن ۽ قانونن موجب هلائڻ هو. هو اٽڪل اٺ سال بينڪ جو گورنر رهيو، پر ان سڄي عرصي ۾ هن قاعدن قانونن اندر رهندي ئي ڪم ڪيو ۽ مٿس ڪنهن کي ناجائز طور تي فائدن پهچائڻ يا پنهنجي ۽ پنهنجن ويجھن عزيزن وغيره لاء فائدن حاصل ڪرڻ جهڙي ڪا ڳالهه نه ٿي.
اي جي اين قاضي جي دور ۾ ڪنهن حد تائين ڪوٽا تي عمل ٿيڻ جي ڪري خاص طور هيٺئين سطح تي بينڪ ۾ سنڌين جو چڱو خاصو تعداد اچي ويو. ان کي ائين به ڏِسي سگھجي ٿو ته، ان وقت جي سياسي صورتحال جي حوالي سان جڏهن سنڌين ۾؛ ڀٽي صاحب جي حڪومت جي ختم ٿيڻ ۽ کيس ڦاهي اچڻ جي ڪري هڪ بيچيني ۽ مايوسيءَ واري ڪيفيت هئي ته، اها ڪوشش ڪئي ويئي ته نوڪرين وغيره ڏيڻ جي وسيلي سندن ان محرومي واري ڪيفيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيئن ان وقت سي ايس ايس وغيره جي اميدوارن کي به رعايتون ڏنيون ويون هيون. بهرحال ان سلسلي ۾ اداري جي سربراهه جو اهم ڪردار هوندو آهي، جيڪو رڳو موجود قاعدي قانون تي عمل ڪرڻ جي ڪري گھڻين ناانصافين ۽ بي قاعدگين کي ختم ڪري سگھيو پئي.
اسان جي گروپ ۾ ست اٺ ڄڻا سنڌي هئا، جن مان آئون ۽ هڪ ٻيو آفيسر بالترتيب؛ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري ڊوميسائل جي بنياد تي آيا هئاسين. اسان جي تقرري بينڪ جي ريسرچ ڊپارٽمنٽ ۾ ٿي هئي، جتي ملڪ جي مختلف يونيورسٽين جي معاشيات جي شعبي جي تازن فارغ ٿيل پوسٽ گريجويٽس کي ڀرتي ڪيو ويندو هو. پوءِ مختلف ڏيهي ۽ پرڏيهي تربيتي پروگرامن وسيلي سندن صلاحيتن کي وڌايو ويندو هو. جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هوندا هئاسين ته، ان وقت اِن ڊپارٽمنٽ جي؛ معاشي معاملن ۾ تحقيق وغيره جي لحاظ کان وڏو نالو ۽ هاڪ هوندي هئي. يونيورسٽي جا معاشيات جا شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ان شعبي ۾ تقرريءَ جا خواب ڏسندا هئا ۽ ان کي پنهنجي لاء هڪ اعزاز ڪري ليکيو ويندو هو، پر اسان جڏهن ان ڊپارٽمنٽ کي جوائن ڪيو ته، ان وقت بلڪل ئي مختلف ماحول هو. ڪارڻ اهو هو ته اهو سڄو ڪم گھڻي ڀاڱي بينڪ جي بنگالي آفيسرن جي ڪري هو. 1970 ۾ اوڀر بنگال جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ بنگالي آفيسرن ۽ اسٽاف، جن جو تعداد پنهنجي آبادي جي تناسب جي حوالي سان طئي ٿيل ڪوٽا جي ڪري بينڪ جي ڪل اسٽاف جي اڌ کان وڌيڪ هو، جي بينڪ مان وڃڻ کانپوءِ بينڪ ڄڻ ته خالي ٿي ويئي هئي، ان ڪري گھڻن ننڍن عهدن تي موجود ماڻهن لاءِ به، سندن لائق نه هئڻ جي باوجود وڏن عهدن تي وڃڻ جا موقعا نڪري آيا هئا، جيڪي هونئن شايد نه نڪري سگھن ها. اهڙي ريت ان جو جيتوڻيڪ ذاتي طور تي ته ڪِن ماڻهن کي فائدو ٿيو، پر مجموعي طور تي ان جو خاص طور تي معاشي تحقيق وغيره جي معيار جي خراب ٿيڻ جي حوالي سان وڏو نقصان ٿيو. ڊپارٽمنٽ جي آفيسرن کي، ان وقت به مختلف ادارن جي سهڪار سان ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ پڙهائي ۽ تربيت وغيره لاء موڪليو ويندو هو، پر ڊپارٽمنٽ جي آفيسرن پاران نه ڪي تحقيقي مقالا لکيا ويندا هئا ۽ نه ئي ڪا اهڙي سرگرمي ٿيندي هئي، جنهن سان نون ايندڙن جو هڪ تحقيقي تنقيدي نڪته نظر جڙي سگھي، جيڪا مرڪزي بينڪ جي هڪ خاصيت رهي هئي.
بينڪ مان بنگالي آفيسرن جي وڃڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان جي حوالي سان ملازمن ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراء ختم ٿي ويو هو. هتي بلوچ آفيسرن جو ته وجود ئي نه هو، جڏهن ته سنڌي ۽ پٺاڻ به اٽي ۾ لوڻ جيترا به نه هئا.
هاڻي اصل تضاد پنجابي ۽ مهاجر آفيسرشاهي جي وچ ۾ هو. ان وقت اهي سڀ ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون ۽ نه ئي خانداني پسمنظر جي حوالي سان ڪا ان قسم جي تربيت ٿيل هئي ته، ڪهڙن ڪمن ۽ ڪهڙن آفيسرن جي پاسي هئڻ جي ڪري نوڪري ۾ فائدو ملي سگھي پيو. منهنجو خيال هو ته پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ئي اڳتي وڌي سگھجي ٿو، ان ڪري منهنجو سڄو زور پنهنجي ڪم تي هوندو هو، پر اڳتي هلي منهنجو اهو خيال غلط ثابت ٿيو.
ڪجهه عرصي ۾ اها خبر پيئي ته بينڪ جي گھڻن آفيسرن جو اهو اصول هو ته، ڪم جي ته اوهان کي بينڪ پاران پگھار ٿي ملي، پر جيڪڏهن سٺي سالياني رپورٽ ۽ ٻيا فائدا حاصل ڪرڻا آهن، ته پوءِ ان لاءِ ٻيو ڪجهه ڪرڻو پوندو.
مطلب ته پنهنجي آفيسر جي خوشامد ڪرڻ، سندس ذاتي ڪم ڪرڻ ۽ وڏي ڳالهه ته ان سياسي ۽ لساني گروپ سان واسطو هئڻ، جنهن سان ان آفيسر جو واسطو هجي، ضروري شرط هئا. مون ۾ اهي گڻ شروع کان ئي نه هئا، ۽ جيڪي پوءِ به گھڻن آفيسرن جي اسرار جي باوجود نه اچي سگھيا.

اسٽيٽ بينڪ جي ٻن گورنرن: اي جي اين قاضي ۽ عشرت حسين جا دؤر

اي جي اين قاضي (آفتاب غلام نبي قاضي) صاحب اسٽيٽ بينڪ جو اهڙو گورنر هو، جيڪو اٽڪل اٺ سال ان عهدي تي رهيو. ان کي نه رڳو سندس پيشي وراڻي قابليت، پر بينڪ جي هيٺين ملازمن کي فائدن پهچائڻ جي لحاظ کان پڻ اڃا تائين سٺن لفظن ۾ ياد رکيو وڃي ٿو. مٿس ڪنهن به قسم جي اقربا پروري ۽ ڪنهن کي ڪنهن به بنياد تي ناجائز فائدي يا نقصان پهچائڻ جو الزام ڪڏهن به نه لڳو. هن لاءِ چيو ويندو هو ته، جڏهن هو واپڊا ۾ هو، تڏهن به اداري جي ملازمن سان سندس ساڳيو رويو هوندو هو. پگھار ۽ سالياني بونسن کان سواءِ هر ٻئي ٽئين مهيني ڪنهن نه ڪنهن بهاني ملازمن کي ڪو نه ڪو فائدو حاصل ٿيندو رهندو هو. ان طريقي سان هن هڪ لحاظ کان ڄڻ يونين کي بي اثر ڪري ڇڏيو هو.
يونين جي اڳواڻن جو چوڻ هوندو هو ته، قاضي صاحب کان اسان ڇا جي گھر ڪيون؟ اسان پنهنجيون جيڪي گھرون کڻي وٽس وڃون ٿا، هو ان کان اڳ ئي پنهنجو حساب ڪتاب ڪري انهن کان وڌيڪ ئي اسان کي ڏيڻ لاء تيار هوندو آهي. ڪنهن به شڪايت جي حوالي سان سندس اهو اصول هوندو هو ته، جيڪڏهن اها قاعدن قانونن جي دائري ۾ آهي، ته پوءِ ان جو ازالو ٿي ويندو هو ۽ هو اهو صاف طور تي شڪايت ڪندڙ کي اڳواٽ ئي چئي ڇڏيندو هو، ٻي صورت ۾ شڪايت ڪندڙ کي پاڻ کي شرمندگي کڻڻي پوندي هئي.
هڪ پراڻي آئي سي ايس آفيسر ۽ مرڪزي بينڪ جي گورنر هوندي کيس عام ملازمن سان ملڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿيندو هو. اسان جي ڊپارٽمنٽ پاران، پنهنجي ڪم جي حوالي سان، کانئس ڪجهه وڌيڪ اسٽاف جي گھر ڪئي ويئي هئي. هڪ ڀيري آئون پنهنجي آفيسر سان ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ سندس ڪمري ۾ ويٺو هجان ته، اوچتو قاضي صاحب اچي اتي پهتو ۽ اسان سان گڏ ئي اتي ويهي ان آفيسر کان سيڪشن جي ڪم ۽ ان جي لاءِ گھربل اسٽاف جي ضرورت متعلق سڄو تفصيل ورتائين- ۽ ان تي پنهنجو رايو ڏيندي ضروري تبديليون ڪيائين.
هونئن ته پاڪستان ۾ ڪوبه دور سياسي بيچيني ۽ بحرانن کان خالي نه رهيو آهي، پر اهو افغان جنگ ۽ ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف سياسي جدوجهد جي حوالي سان هڪ اهم دور هو. بينڪن ۽ صنعتن وغيره جي نجڪاري جو معاملو جيتوڻيڪ شروع ٿيو هو، پر اهو انهن ڪارڻن ۽ مختلف ادارن ۾ مضبوط ٽريڊ يونين هئڻ جي ڪري گھڻو اڳتي وڌي نه سگھيو هو. اسٽيٽ بينڪ ۾ ئي يونين ۽ هيٺئين اسٽاف جي مضبوط هئڻ جي حوالي سان مون کي هڪ واقعو ٿو ياد اچي.
اسان جي گروپ جي اچڻ جي ڪجهه عرصي کانپوءِ آفيسرن جو هڪ ٻيو گروپ به ڀرتي ٿي آيو هو، جنهن ۾ هڪ پٺاڻ آفيسر پڻ شامل هو. ان کي شايد اهو اندازو نه هو ته اسٽيٽ بينڪ جي آفيسري ۽ حڪومت جي آفيسريءَ ۾ وڏو فرق آهي.
بينڪ ۾ هڪ چوڻي عام هئي ته،”هتي رڳو ٻه آفيسر آهن: هڪ گورنر ۽ ٻيو پٽيوالو.“ ان ڪري کانئن جيڪڏهن ڪو ڪم وٺڻو هوندو هو ته اهو رعب تاب سان نه، پر هيٺانئين ۽ نوڙت سان وٺڻو پوندو هو. اڪثر پٽيوالا چانهه پاڻي ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيندا هئا ته، اهو سندن ڪم ناهي ۽ سندن ڪم رڳو فائل کي هڪ ڊيسڪ کان ٻي ڊيسڪ تائين پهچائڻ آهي. ظاهر آهي ته ان جو ڪارڻ کين هڪ مضبوط يونين جي پٺڀرائي حاصل هئڻ وارو هو، جيڪا انتظاميا کان پنهنجيون ڳالهيون مڃائي سگھندي هئي ۽ پنهنجن ميمبرن کي خوش رکڻ لاءِ سندن جائز ۽ ناجائز گُھرن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مون کي به ڪجهه عرصو سنڌ حڪومت ۾ رهندي پٽيوالن جي تابعداري جو اندازو هو، پر آئون ٿوري عرصي ۾ ئي ٻنهي جي ماحول جي فرق کي سمجھي ويو هوس. پر اسانجي ان آفيسر يونيورسٽيءَ مان نڪري شايد پهريون ڀيرو ڪنهن دفتر ۾ پير پاتو هو. ان ڪري کيس اهو سڀڪجهه سمجھڻ لاءِ هڪ تلخ تجربي مان گذرڻو پيو.
ٿيو ائين ته وٽس هڪ مهمان آيل هو، جنهن لاءِ چانهه آڻڻ لاءِ هن اتي موجود هڪ پٽيوالي کي چيو، جنهن مُنهن تي ئي کيس کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو. ظاهر ڳالهه آهي ته، هڪ نوجوان آفسر لاءِ، جنهن لاءِ مِٽن مائٽن ۽ دوستن يارن ۾ مشهور هجي ته، هو بينڪ ۾ هڪ وڏو آفسر آهي، اها ڪنهن ٻاهران آيل مهمان آڏو وڏي بيعزتيءَ جي ڳالهه هئي، ان ڪري پنهنجي بيعزتي محسوس ڪندي ۽ ڪاوڙ کي نه روڪي سگھندي، هن ان پٽيوالي کي هڪ زوردار چماٽ وهائي ڪڍي.
اسان سڀني اهو ڏٺو پئي، پر اسان کي اهو اندازو نه هو ته، ٿوري دير کان پوءِ ڇا ٿيڻ وارو آهي. کن پل ۾ پنجاهه سئو پٽيوالا پنهنجي يونين جي اڳواڻن سان گڏ اسان جي هال ۾ جمع ٿي ويا ۽ پوءِ کين جيڪي وات ۾ آيو ٿي، اهو سڀني ويٺلن آفيسرن کي گڏي پئي ٻڌايائون. ڪافي دير تائين اهو سلسلو هلندو رهيو، پر معاملو اتي ختم نه ٿيو. اهو آفيسر جيئن ته بينڪ جي نوڪريءَ ۾ اڃا پڪو نه ٿيو هو، ان ڪري يونين، گورنر کان گھر ڪئي ته، ان جي خلاف ڊسيپلنيري قدم کڻي سندس نوڪري ختم ڪئي وڃي. ائين ٿي به وڃي ها، پر ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر جو پٺاڻ هئڻ، ان آفيسر جي ڪم اچي ويو. هن پٽيوالي، جيڪو پڻ پٺاڻ هو، کي گھرائي چيو ته، ”جيڪڏهن تون پشاور بدلي ڪرائڻ چاهين ٿو ته، اهو ڪيس واپس وٺ.“ ان ڏي وٺ کان پوءِ اهو ڪيس واپس ورتو ويو. اهڙي ريت ان آفيسر جي جان ڇٽي ۽ گھڻن کي اسٽيٽ بينڪ جي آفيسري جي حيثيت جي خبر پئجي ويئي.
ممڪن آهي ته بينڪنگ جي صنعت، جيڪا ملڪ جي معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ۾ ٺاپر ۽ ماٺ رکڻ لاءِ قاضي صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ اها حڪمت عملي ٺاهي ويئي هجي، پر ان شئي کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته، ڀلي ڪهڙي به حڪمت عملي ۽ پاليسي اختيار ڪئي ويئي هجي، پر ان جي اڳواڻي ڪندڙ شخصيت جو اهم ڪردار هوندو آهي، ان ڪري مون کي ياد ناهي ته اي جي اين قاضي صاحب جي گورنر هوندي بينڪ ۾ ڪو احتجاج وغيره ٿيو هجي.
هڪ اهڙو شخص، جنهن کي عهدي ڇڏڻ وقت رڳو سرڪاري طور تي نه، پر بينڪ جي آفيسرن ۽ ملازمن جي مختلف ايسوسيئيشنن ۽ يونين وغيره ساڳئي نموني سان آجياڻا ڏنا ۽ عزت ۽ مانُ ڏنو، جيڪو ٻين گھڻن کي نصيب نه ٿيو هو.
ڪجهه عرصي تائين مون اهو ئي تاثر ورتو ته، بينڪ ۾ سڀ ڪم ميرٽ جي بنياد تي ٿيندو آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏ شين جي حقيقت ظاهر ٿيڻ شروع ٿي. حقيقت ۾ جيڪي مون ڏٺو آهي ته، ان ۾ اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ اندر ئي اندر پيئي هلندي آهي ۽ مختلف گروپ ۽ فرد هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن، پر سندن ڪوشش هوندي آهي ته، ماڻهن کي انهن ڳالهين جي خبر نه پوي. پر اهو طريقو ڪجهه آفيسرن، خاص طور اسان جي سيڪشن جي سربراهه، جيڪو ميانوالي جو نيازي هو، پر پنهنجي پٺاڻ هئڻ جو ڏيکاءُ ڏيندو هو، کي شايد نه ايندو هو. اسان جو سپروائزر، جيڪو ڪاٺياواڙي ميمڻ هو، اهو خاص طور تي سندس نشاني تي هوندو هو. هو وري سندس قهر کان بچڻ لاءِ ڊپارٽمنٽ جي ڊائريڪٽر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر، جيڪي ٻيئي اڙدو ڳالهائيندڙ هئا، ۾ پناهه ڳولهيندو هو، جيڪا ڳالهه نيازي صاحب لاءِ اڃا چيڙائيندڙ هوندي هئي- ۽ هو وس هلندي ڊائريڪٽر جي بيعزتي ڪرڻ ۽ ان کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ کان به نه مُڙندو هو.
ان مرحلي تي هو اڃا هيٺ تائين نه پهتو هو. ان دوران ڊائريڪٽر ڊيپوٽيشن تي ڪنهن ٻئي اداري ۾ هليو ويو ۽ ان جي جاءِ تي آئي ايم ايف ۾ ڊيپوٽيشن کان واپس آيل هڪ آفيسر اشرف جنجوعه پنهنجي سينارٽي جي بنياد تي ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر بڻجي ويو.

تبديلين جو عمل:
اسٽيٽ بينڪ جي پاليسين ۾ جيتوڻيڪ ڊاڪٽر عشرت حسين جي اچڻ کان اڳ ئي تبديلين جي شروعات ٿي چڪي هئي، پر ان ۾ گھڻي تيزي نه هئي ۽ نه ئي اها گھڻي محسوس ٿئي پئي. عشرت حسين بنيادي طور تي سول سروس جو ماڻهو هو. مون جڏهن يونيورسٽيءَ مان نڪرڻ کان پوءِ سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن کان پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪئي هئي ته، هو ان وقت اتي ايڊوائزر طور ڪم ڪري رهيو هو. ان کان پوءِ هُو ورلڊ بينڪ ۾ ڊيپوٽيشن تي هليو ويو- ۽ پوء اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طور پاڪستان موٽيو هو. هن اچڻ سان ئي ملازمن کي اهو ٻڌايو ته هو ڪهڙي نموني جي مرڪزي بينڪ چاهي ٿو.
سندس اچڻ کان اڳ جيڪڏهن ڪو ٻاهريون ماڻهو ملڻ يا ڪنهن ڪم ڪار سان ايندو هو ته، بينڪ جي فرنيچر وغيره جي حالت ڏسي ان جو پهريون تاثر ئي ڏاڍو خراب هوندو هو. مون کي ياد آهي ته، منهنجي نوڪريءَ جي شروعات ۾ هڪ دوست مون سان ملڻ آيو هو ۽ وڃڻ مهل سندس اهو تبصرو هو ته، ”يار، هيءَ مرڪزي بينڪ آهي يا مختيارڪار جي آفيس آهي؟“ سنئين ڪرسي مهمان لاءِ ته ٺهيو، پر اسٽاف جي ويهڻ لاءِ به نه هوندي هئي. جيڪڏهين ڪو آفيسر ڪنهن ڪم ڪار ۽ حاجت پوري ڪرڻ جي خيال سان اُٿندو هو ته کيس اها پڪ نه هوندي هئي ته واپسيءَ تي سندس ڪرسي پنهنجي جاءِ تي هوندي يا نه. انڪري اڪثر ڪرسيون ميزن جي ٽنگن سان ٻڌل ملنديون هيون. فرنيچر ۾ مُنگھڻ ان کانسواءِ هوندا هئا. ان سان گڏ سڄو ڏينهن ڪرسين جي ٺڪا ٺڪ لڳي پيئي هوندي هئي. عشرت حسين ان ڳالهه تي پهرين توجهه ڏنو.
اسٽيٽ بينڪ جي ڏهه ماڙ عمارت جا هيٺيان ٻه فلور ڪراچي لوڪل آفيس وٽ آهن، جتي ڪيش، پرائز بانڊ ۽ ٻيو لاڳاپيل ڪم ٿئي ٿو. ان جو انتظام ان آفيس جي چيف مينيجر جي ذمي هوندو آهي. باقي مٿيان فلور اسٽيٽ بينڪ جي مختلف شعبن جي استعمال ۾ آهن. ٽيون فلور، جتي گورنر ۽ ڊپٽي گورنر وغيره جا دفتر آهن، اهو هميشه هڪ سٺي حالت ۾ ئي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن تبديليءَ جي ضرورت نه هئي. چوٿين کان ڏهين فلور تائين واري سڄي اندروني بيهڪ کي تبديل ڪيو ويو. هڪ لحاظ کان بينڪ ڄڻ واقعي هڪ مرڪزي بينڪ جيان لڳڻ لڳي، جيڪو فرق ان ماڻهوءَ کي واضح طور محسوس ٿيندو، جيڪو عشرت حسين جي گورنر ٿيڻ کان اڳ بينڪ ۾ آيو هوندو ۽ سندس اچڻ کان ڪجهه عرصو پوءِ آيو هوندو. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي وڏي تبديلي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي (آءِ ٽي) جو وڏي پئماني تي ڦهلاءُ هو. ڪو دور هوندو هو جو، ڪنهن سڄي ڊپارٽمنٽ ۾ هڪ اڌ ڪمپيوٽر ڪو مس هوندو هو، ۽ ان جي ويجھو وڃڻ جي به هر ڪنهن کي اجازت نه هوندي هئي ته، متان خراب نه ٿي پوي. هاڻي ليپ ٽاپ ۽ ڊيسڪ ٽاپ عام ٿي ويا ۽ آفيسر ته ڇڏيو، هيٺئين اسٽاف مان به هر ڪنهن جي ميزتي ان جو پنهنجو ذاتي ڪمپيوٽر اچي ويو. بينڪ ۾ باقاعدي آئي ٽي جو ڊپارٽمنٽ کوليو ويو، جنهن لاءِ پروفيشنل ڀرتي ڪيا ويا. ان طرح سڄي بينڪ ۾ انٽرنيٽ وغيره جي سهولت کي عام ڪيو ويو.
عشرت حسين جي اچڻ کان اڳ ٽريننگ وغيره جو باقاعدي ڪو نظام موجود نه هو. چونڊيل ماڻهو ته ٻاهر؛ مختلف ٽريننگس وغيره تي ويندا رهندا هئا، پر ملڪ جي اندر اهڙو ڪو نظام موجود نه هو، جنهن ۾ تربيت وغيره جي عمل ذريعي بينڪ جي عملي کي دنيا ۾ ٿيندڙ معاشي ۽ مالياتي تبديلين سان هم آهنگ ڪري سگھجي. منهنجي پنهنجي پهرين ٽن هفتن جي ٽريننگ نوڪريءَ ۾ اچڻ جي ايڪويهه سالن کان پوءِ ٿي هئي. ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ته اسٽيٽ بينڪ جو عملو ٽيڪنيڪي ۽ علمي اعتبار سان جديد دنيا سان هم آهنگ هجي ۽ ان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلي، خاص طور تي نوجوان آفيسرن جون وڏي پئماني تي نيون ڀرتيون ڪيون ويون، پر ساڳئي وقت هڪ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ بجاءِ پراڻن ملازمن کي زوري مختلف بهانن سان فارغ ڪرڻ جي، وڏي پئماني تي انهن جي تربيت جو بندوبست ڪيو ويو.
بينڪ جي ٽريننگ ڊپارٽمنٽ کي نئين سر ترتيب ڏني ويئي. مختلف پروفيشنلس کي ان مقصد لاء آندو ويو. هڪ پاسي اسلام آباد ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بينڪنگ اينڊ فنانس) NIBAF (کي سرگرم ڪيو ويو، ته ٻئي پاسي ڪراچيءَ ۾ ان جو ڪيمپس قائم ڪيو ويو. اهي ادارا اسٽيٽ بينڪ جي اسٽاف کانسواءِ ٻين بينڪن ۽ مالياتي ادارن جي ملازمن جي تربيت جو ڪم پڻ ڪندا آهن. عشرت حسين جي ڇهن سالن جي دور ۾ مختلف حوالن سان جيڪي ٽريننگ پروگرام ٿيا، انهن ڄڻ ته سڄي اڳين پوئين ڪسر پوري ڪري ڇڏي. ان جي وڃڻ کان پوءِ معاملو آهستي آهستي وري پراڻي سطح تي اچي ويو. ساڳي ريت ان دور ۾ ئي بينڪ جي لائبريري ۾ سڌارا آندا ويا ۽ ان ۾ عام ماڻهن ۽ شاگردن لاءِ داخلا ۽ رڪنيت کي کوليو ويو ته، جيئن ان مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري سگھجي. ساڳئي ريت وقت کان اڳ رضاڪارانه رٽائرمنٽ جون مختلف اسڪيمون پڻ متعارف ڪرايون ويون، جن تحت اهڙن ملازمن کي هڪ پرڪشش پيڪيج ڏنو ٿي ويو، پر ان سلسلي ۾ به ڪا زور زبردستي نه هئي.
انهن مان گھڻا قدم اهڙا آهن، جيڪي بينڪ لاءِ خاص طور تي ڊگھي مدي ۾ فائديمند ثابت ٿيا آهن، ۽ جن مان ماڻهو هاڻي به فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ته ايندڙ گھڻي وقت تائين به فائدو حاصل ڪندا رهندا. ساڳئي وقت ڪجهه اهڙا ڪم به آهن، جن بينڪ ۾ هڪ غيريقينيءَ واري صورتحال ۽ ملازمن ۾ بيچيني کي جنم ڏنو هو. عشرت حسين جي هڪ ڳالهه اها به هئي ته، هُو پاڻ به پنهنجي پاليسين تي گھڻي عرصي تائين قائم نه رهي سگھندو هو ۽ انهن ۾ مرضيءَ موجب تڪڙيون تبديليون ڪندو رهندو هو. مقصد اهو هوندو هو ته پنهنجي پسند جي ماڻهن يا ماڻهن جي ڪنهن خاص حلقي کي فائدو پهچائجي. ان حوالي سان سندس لاڙو نون ايندڙ ماڻهن ڏانهن هو. اهڙي ريت هڪ ته ماڻهن کي پنهنجي پروموشن ۽ انڪريمنٽ وغيره متعلق ڪا پڪ نه هوندي هئي. ٻي ڳالهه ته انهن پاليسين جي ڪري خاص طور تي نون ۽ پراڻن ملازمن جي پگھارن ۽ ٻين فائدن وغيره ۾ فرق ڏينهون ڏينهن وڌندو ويندو هو. هڪ لحاظ کان، اڻ سڌي ريت پراڻن ملازمن لاءِ اهو هڪ اشارو هو ته، هُو وقت کان اڳ بينڪ کان پئسا وٺن ۽ نوڪري ڇڏين.
پروموشن جي انٽرويو هلندي عشرت حسين هڪ همراه کي چيو هو ته، ”تون هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهين. رٽئرمنٽ ڇونه ٿو وٺين؟“ جنهن تي ان همراهه کيس ٺهه پهه جواب ڏنو ته، ”مون کان ته توهان عمر ۾ وڏا آهيو ۽ پوءِ جڏهن اوهان نوڪري ڪيو ٿا ته آئون ڇو رٽائر ٿيان؟“ اهڙي ريت انهن پاليسين جا اثر سندس وڃڻ کان پوءِ به جاري رهيا ۽ ماڻهو انهن کي ڀوڳيندا رهيا.

سائو انقلاب ۽ زرعي قرض

بينڪن جي قرضن جي write off واري ڪم مان جان آجي ٿيڻ کان پوءِ مون کي زرعي ترقياتي بينڪ جي انسپيڪشن ڪندڙ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. اها بينڪ عام ڪمرشيل بينڪن جيان ناهي، جنهن جو مقصد رڳو نفعو ڪمائڻ هجي. ان کي قائم ڪرڻ جو مقصد به اهو هو ته جيئن ته ڪمرشل بينڪن پاران قرضن وغيره جي معاملي ۾ زرعي شعبي کي غير منافع بخش ۽ وڌيڪ جوکم وارو سمجھي نظرانداز ڪيو ويو هو، ان گھٽتائيءَ کي ان بينڪ جي قائم ڪرڻ وسيلي پورو ڪري سگھجي ۽ ساڳي وقت آبادگارن کي سائي انقلاب جي نتيجي ۾ متعارف ٿيل نئين زرعي ٽيڪنالوجي وغيره کان پڻ واقف ڪرائي، ان جي تربيت وغيره ڏيئي سگھجي. ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي انسپيڪٽرن سان مسئلو اهو رهيو آهي ته، کين جيڪا تربيت ڏني وڃي ٿي، اها گھڻي ڀاڱي ڪمرشل بينڪن وغيره جي ڪم جي لحاظ کان هوندي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ جيڪي مالياتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ۾ جيتوڻيڪ گھڻائي ڪمرشل بينڪن جي آهي، پر گڏوگڏ ٻيا اهڙا ادارا به آهن، جن کي ٻين مختلف مقصدن لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. ان لحاظ کان انهن کي مختلف نموني سان ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ زرعي ترقياتي بينڪ انهن مان هڪ آهي.
موسمي حالتن وغيره تي دارومدار هئڻ جي ڪري زراعت جو شعبو هميشه غير يقيني صورتحال جو شڪار هوندو آهي، ان ڪارڻ ۽ ٻين مختلف سببن جي ڪري حڪومت وقت بوقت آبادگارن جي قرضن معاف ڪرڻ وغيره جا اعلان ڪندي رهندي آهي. ساڳئي وقت بينڪ جي ان نقصان جي پورائي لاءِ بجيٽ وغيره مان ان کي فنڊ وغيره ڏيندي رهندي آهي. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته بينڪ جي معاملن کي ان وقت جو گورنر عشرت حسين به ان ساڳي اک سان پيو ڏسي، جنهن سان ڏسڻ جي انسپيڪٽر کي تربيت ڏني ويئي هئي. سندس آڏو شايد اولهه جي زراعت جو نمونو هو ۽ هو شايد اهو چاهيندو هجي ته، بينڪ کي ان طرح سان ڪمرشل بنيادن تي پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي. اسٽيٽ بينڪ هڪ لحاظ کان انهن ادارن جي سرپرست جو ڪردار ادا ڪندي آهي ۽ انهن جي مالي ۽ تيڪنيڪي معاملن ۾ مدد ڪندي رهندي آهي. ان مقصد لاءِ گورنر، بينڪ جي نئين سر اڏاوت يا ري اسٽرڪچرنگ جي نالي ۾ مختلف عالمي مالياتي ادارن وغيره سان ٺاه ڪيا ۽ اهو پڌرو ڪيو ته ڪجهه عرصي ۾ بينڪ جي نظام کي جديد بنيادن تي استوار ڪيو ويندو ۽ بينڪ جي هر برانچ ۾ ڪمپيوٽر ۽ تربيت يافته عملو هوندو.
ان عمل جي هلندي ٻه سال آئون بينڪ جي انسپيڪشن جي عمل ۾ شامل رهيس، پر سواءِ بينڪ جي نالي جي انگريزي مان اڙدو ۾ تبديل ٿيڻ جي ٻي ڪا خاصيتي تبديلي نه اچي سگھي. آئون سمجھان ٿو ته بينڪ پنهنجي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان اڄ به اتي ئي بيٺل آهي، جتي ان وقت بيٺل هئي. مک مسئلو اهو آهي ته ان وٽ قرض لاءِ ضمانت زمين جي يا مستقبل ۾ ايندڙ پوک جي هوندي آهي. انهن شين کي نقد ۾ تبديل ڪرڻ جي حوالي سان صورتحال غيريقيني هوندي آهي. هونئن ڏٺو وڃي ته بينڪ وٽ ڪروڙين اربين روپين جي زمين گروي رکيل آهي، پر جڏهن ان کي وڪڻڻ يا نيلام وغيره ڪرڻ جو سوال اٿي ٿو ته، زمين جي ملڪيت ۽ مالڪ جي سماجي ۽ سياسي حيثيت سميت گھڻا سوال ڪر کڻي بيهن ٿا. گھڻين صورتن ۾ ته بينڪ جي عملدارن کي پنهنجي نوڪري، ايستائين جو پنهنجي جان بچائڻ به ڏکيو ٿي پوي ٿو. ان حوالي سان عدالتن ۾ جيڪي ڪيس هلندڙ آهن، انهن کي سال گذري ٿا وڃن، پر انهن جو ڪو نبيرو نه ٿو ٿئي.
زرعي ترقياتي بينڪ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جون شاخون اهڙن ڏورانهن علائقن ۾ به موجود آهن، جتي ٻيون بينڪون وڃڻ جو تصور به نٿيون ڪري سگھن. مون کي ان انسپيڪشن ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪراچي شهر ۾ ملير جا ڳوٺ ۽ سامونڊي پٽي اهڙا ٻيٽ آهن، جيڪي نه رڳو شهري سهولتن کان پري آهن، پر اتي ساڳئي نموني، پر ڪِن صورتن ۾ ان کان به خراب نموني سان وڏيرن ۽ سردارن جو راڄ قائم آهي، جيئن سنڌ جي ٻين ٻهراڙين وارن علائقن ۾ آهي. بينڪ جون ڪجهه شاخون ڪراچيءَ جي انهن علائقن ۾ به آهن. ابراهيم حيدري سان لڳ سامونڊي پٽي ڄاموٽن ۽ جتن جي اثر هيٺ آهي. اهي ماڻهو مختلف وقتن تي ڪراچي شهر، سنڌ جي ٻين علائقن ۽ قومي سطح تي هتان جي ماڻهن جي نمائندگي ڪندا رهيا آهن، پر انهن علائقن ۾ نه ته تعليم جي مناسب سهولت آهي، نه صحت جون سهولتون آهن ۽ نه ئي مهاڻن کي روزگار ۽ سماجي لحاظ کان ڪي جوڳا تحفظ حاصل آهن. انهن ماڻهن کي ڪراچي جا پراڻا شهري چيو وڃي ٿو، جيڪا حيرت جهڙي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ماڻهن کي شهرين جهڙي ڪا سهولت نه ڏني ويئي آهي. هاڻي ڪراچي شهر انهن کي گھڻو پوئتي ڇڏي اڳتي وڌي ويو آهي. اها ساڳي حالت گھڻي ڀاڱي ڪراچيءَ جي ٻهراڙي جي آهي.
زرعي قرضن جو تناسب سنڌ ۾ نهايت گھٽ آهي. ان جو مک ڪارڻ اهو آهي ته هتي يا ته ننڍيون ٻنيون آهن، جن کي آبادگار پنهنجي پيٽ گذر لاءِ کيڙي ٿو، جنهن لاي کيس قرض جي ضرورت نه ٿي پئي ۽ بينڪون انهن کي قرض لائق به نٿيون سمجھن يا ته وڏيون زمينون آهن، جن جو وڏو حصو اڻ پوکيل ئي رهجي ويندو آهي ۽ زميندار جو هونئن ئي گذارو ٿي ويندو آهي. انهن ٻنين ۾ پوک جي حوالي سان زميندار جي دلچسپي نالي ماتر ئي هوندي آهي.
ان ڪري ڪجهه عرصو سنڌ ۾ گذاري انسپيڪشن ٽيم پنجاب ڏانهن رخ ڪندي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ خاص طور ڏکڻ پنجاب ۾ وچولي درجي جون ٻنيون آهن، جن مان آبادگار وڌ ۾ وڌ پيداوار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هتي ٻنيءَ جي ڪنهن ٽڪڙي کي خالي ڇڏڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هتان جي آبادگار کي وڏو فائدو اهو آهي ته هتي سنڌ جي ڀيٽ ۾ نهري پاڻي وافر مقدار ۾ موجود آهي. ٻي ڳالهه ته مينهن به گھڻا پون ٿا. ان سلسلي ۾ بهاولپور جي ويجھو يزمان جو علائقو ڄڻ ته هڪ مثال آهي. اهو درحقيقت ريگستان آهي، جتي زمين کي ٺاهي جوڙي نهري پاڻي وسيلي شاندار قسم جي پوک ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ان جي آسپاس ريگستان پوري ريت نظر اچي ٿو.
هتي زرعي ٽيڪنالوجي، ٻج، ولايتي ڀاڻ ۽ مشنيري جو ڀرپور استعمال ٿئي ٿو، جنهن ڪري في ايڪڙ پيداوار سنڌ جي گھڻن علائقن کان وڌيڪ آهي. هڪ لحاظ کان اهو علائقو ڄڻ پنجاب جي زراعت جو مرڪز آهي. هتي صنعتون گھٽ آهن، جن جو گھڻو تعداد وچولي پنجاب ۾ ملي ٿو. انهن آبادگارن کي زرعي بينڪ کانسواءِ ٻيون بينڪون به قرض ڏيڻ لاءِ تيار هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته کين ان ڳالهه جي پڪ هوندي آهي ته انهن جو صحيح استعمال ٿيندو ۽ انهن جي واپسي به وقت تي ٿي ويندي. جيتوڻيڪ اهو سرائيڪي علائقو آهي، پر انهن ذڪر ڪيل آبادگارن ۾ انهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ جيترو به ناهي. هتي وڏو تعداد انهن آبادگارن جو آهي، جيڪي ورهاڱي وقت لڏي اچي هتي رهيا هئا، جڏهن ته وچولي ۽ اتر پنجاب جا به ڪجهه ماڻهو ملندا، جيڪي لڏي اچي هت رهيا آهن.
مختلف ڊائريڪٽر ۽ انهن جا رويا
انسپيڪشن ۾ مون اٽڪل پندرنهن سالن جو عرصو گذاريو، جيڪو بينڪ جي ڪنهن به ٻئي شعبي ۾ منهنجي گذاريل عرصي کان وڌيڪ هو. ان عرصي ۾ مختلف ڊائريڪٽرن سان ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو، جن مان شروعاتي ڊائريڪٽر ظفر حسنين، پراڻن ماڻهن مان هو، جيڪو منهنجي ڊپارٽمنٽ ۾ اچڻ کان ٿورو عرصو پوءِ ئي رٽائر ٿي ويو.
انهن پراڻن ماڻهن جا پنهنجا ئي واسطا ۽ حلقا هوندا هئا ۽ اهي ڪوشش ڪري انهن ماڻهن کي ئي فائدا ڏيندا هئا. ان وقت اها ئي اهم ڳالهه هوندي هئي. ان جو اهم ڪارڻ اهو به هو ته ان وقت ڊپارٽمنٽ ايڏو متحرڪ نه هو ۽ نه ئي ان ۾ نون ماڻهن جو ڪو وڏو تعداد هو. ان ۾ ڄڻ ته تبديليءَ جو عمل اڃا اچي رهيو هو. ان جي جاءِ تي وري هڪ پراڻي همراهه؛ الطاف کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو ٿوري عرصي ۾ رٽائر ٿيڻ وارو هو، پر اهو تبديلي جي دٻائن ۽ پنهنجي طبيعت جي خرابيءَ جي ڪري ان کان به اڳ رٽائرمنٽ وٺي هليو ويو. ان کان پوءِ قاضي عبدالمقتدر، جيڪو ان وقت بينڪنگ پاليسي جو ڊائريڪٽر هو، کي انسپيڪشن جي اضافي چارج ڏيئي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، پر ٻُڌل خبرن موجب سندس معاملو شايد مئنيجمينٽ سان سٺي نموني هلي نه سگھيو، ان ڪري ٿوري عرصي کان پوءِ ئي کيس ترقي ڏيئي اسلام آباد ۾ اسٽيٽ بينڪ جي ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بينڪنگ اينڊ فنانس (NIBAF) ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ڪري پاسيرو ڪيو ويو.
ان کان پوء ڊپارٽمنٽ جي هڪ آفيسر اظهر قريشي، جيڪو هڪ ڊگھي عرصي کان اتي ڪم ڪري رهيو هو ۽ ڊپارٽمنٽ جي اسٽاف ۽ ماحول کان چڱيءَ ريت واقف هو،ِ کي ڊپارٽمنٽ جي چارج ڏني ويئي. ان سان، سندس ماتحت طور مون اڳ ۾ به ڪم ڪيو هو. بينڪ ۾ جيتوڻيڪ مون هڪ ڊگھو عرصو گذاريو، پر هن ماڻهوءَ جي طبيعت جي آفيسرن سان منهنجو واسطو گھٽ ئي پيو. هي بينڪ جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر جو پٽ هو ۽ شايد ڪجهه عرصو پاڻ بي سي سي آئي جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾، ان ۾ به ڪم ڪري چڪو هو. هڪ خوش لباس ماڻهو. سندن هڪ خاصيت اها به هئي ته، هُو پنهنجي هيٺئين اسٽاف سان هميشه نرم رويو رکندو هو، ساڻن مهذب نموني پيش ايندو هو ۽ انهن ڏانهن مثبت رويو رکندو هو. ساڳئي وقت هُو پنهنجي مٿين آفيسرن جي دٻاءَ ۾ نه ايندو هو ۽ پنهنجيءَ مرضي موجب ڪم ڪندو هو.
پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه هئڻ ڪري هيٺئين اسٽاف ۾ سندس عزت هوندي هئي، جڏهن ته مٿين سطح تي آفسر سندس روئي جي شڪايت ڪرڻ جي باوجود سندس عزت ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا هئا. سندس شخصيت جو هڪ اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته، سندس انسپيڪشن سان لاڳاپيل ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ هڪ ٽريننگ ۾ نامينيشن ٿي هئي ۽ ان دوران ئي کيس ٻئي ڊپارٽمنٽ ۾ بدلي ڪري نيب ۾ ڊيپوٽيشن تي ويل اسٽيٽ بينڪ جي هڪ آفيسر عامر عزيز کي ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو. هن رضاڪاراڻا طور اهو چئي ان ٽريننگ تان هٿ کنيو ته، اها جيئن ته سندس نئين ڪم سان لاڳاپيل ناهي ۽ ان تي نئين ايندڙ ڊائريڪٽر جو ئي حق آهي، ان ڪري ان کي ئي ان ۾ وڃڻ گھرجي. اهڙي ريت نئون ڊائريڪٽر اچڻ سان بلڪه ائين چئجي ته جوائن ڪرڻ کان اڳ ئي ان ٽريننگ لاءِ ٻاهر هليو ويو. پوءِ مٿين سطح تي بينڪ ۾ جيڪي تبديليون آيون ۽ ماحول بدليو، اظهر قريشي ان سان پاڻ کي هم آهنگ نه ڪري سگھيو ۽ رٽائرمنٽ کان اڳ ئي موڪل وٺي هليو ويو.
عامر عزيز گھڻو عرصو ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر رهيو. پوءِ ترقي ملڻ بعد به ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور ڊپارٽمنٽ سندس ماتحت رهيو، ان ڪري مون کي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو گھڻو عرصو موقعو مليو. هن جو پنهنجي اسٽاف ۽ آفيسرن سان هڪ سرگرم تعلق هوندو هو. وقت بوقت ڊپارٽمنٽ جي گڏجاڻين ڪوٺائڻ سان گڏوگڏ ڏينهن ۾ ڊپارٽمنٽ جا ٻه ٽي چڪر هڻندو هو ۽ ڪٿي به ڪنهن آفيسر سان ڪچهري ۾ بيهي رهندو هو. ائين ٻيا همراه به اتي سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندا هئا ۽ کيس هڪ لحاظ کان ڄڻ ته غير رسمي طور ڊپارٽمنٽ ۽ بينڪ ۾ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هوندو هو، ان جي ڄاڻ ملي ويندي هئي. منهنجي خاموش طبيعت ۽ آفيسرن سان گھٽ اٿ ويهه جي ڪري شروع ۾ منهنجي متعلق سندس سٺو تاثر نه هو، پر وقت گذرڻ سان جيئن ساڻس تعلق وڌيو ۽ پنهنجن مختلف ڪمن کي مون وقت سر پورو ڪيو ته، مون ڏانهن سندس روئي ۾ پڻ تبديلي آئي.
اسٽيٽ بينڪ ۾ ان وقت سالياني رپورٽ جو جيڪو نظام هو، ان ۾ ان کي مڪمل ڪرڻ کان اڳ سپروائيزر لاءِ ضروري هوندو هو ته ان تي لاڳاپيل ملازم سان ڳالهائي ۽ ان کي جيڪڏهن ان تي ڪي اعتراض آهن ۽ هو رپورٽ ڏيندڙ سان ڪن ڳالهين ۾ متفق ناهي ته، هو ان کي لکت ۾ پيش ڪري. رپورٽ ڏيڻ وقت معمول موجب عامر عزيز مون کي گھرايو ۽ مون کي چيائين ته، اوهان منهنجي توقعات کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، اوهان ۾ گھڻي صلاحيت آهي ۽ اوهان ان کي مناسب طور استعمال ڪيو.
پنهنجي ترقيءَ کانپوءِ ڊپارٽمنٽ جي پنهنجي ماتحت هئڻ جي باوجود هن معمول جي ڪمن ۽ نئين ڊائريڪٽر جي معاملن ۾ گھڻو دخل ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. نئون ڊائريڪٽر عنايت حسين بينڪ جي پراڻن آفيسرن مان هو، جن کي ڊاڪٽر عشرت حسين جي دور ۾ وڏن آفسرن سان ويجھڙائي وغيره جي ڪري جوائنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو ۽ پوء اهي ساڳي ريت ترقي ڪري ڊائريڪٽر جي عهدي تائين پهتا هئا. ان عهدي جي ماڻهوءَ ۾ جنهن توازن، ڌيرج ۽ پختگي وغيره جي ضرورت هوندي آهي، ان جي هن ۾ کوٽ محسوس ٿي ٿي. پر ٿوري ئي عرصي ۾ بينڪ ۾ مٿئين سطح تي ڄڻ هڪ وڏي تبديلي واقع ٿي. گورنر سليم رضا استعفيٰ ڏيئي ڇڏي، جنهن جي جاءِ تي ايڪٽنگ چارج ڊپٽي گورنر ياسين انور کي ڏني ويئي، جيڪو پوءِ باقاعدي گورنر مقرر ٿيو. ان وقت تائين ياسين ڄڻ سائيڊ لائين ٿيل هو ۽ بينڪ جي معاملن ۾ سندس گھڻو عمل دخل نه هو، پر سندس گورنر ٿيڻ سان پهرين وڏي تبديلي اها آئي ته قاضي عبد المقتدر کي نباف اسلام آباد مان بدلي ڪري بينڪنگ انسپيڪشن جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي عامر عزيز کي اسلام آباد بدلي ڪيو ويو. ان وقت تائين جيتوڻيڪ عامر عزيز کي انسپيڪشن مان بينڪنگ پاليسي ۾ بدلي ڪيو ويو هو، پر هن اسلام آباد وڃڻ کان اڳ انسپيڪشن جي آفيسرن جي هڪ گڏجاڻي ۾ کين چيو هو ته، هاڻي مٿن ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ۽ کين مڙس ماڻهو ٿي ان کي مُنهن ڏيڻو آهي.

هڪ رات ريگستان ۾

رحيم يار خان جي اهميت ان وقت وڌي جڏهن اهو نار جي عرب شيخن جي سڄي علائقي ۾ تلور جي شڪار جو هڪ مرڪز بڻجي ويو. هتي انهن پنهنجي رهڻ لاءِ محل ۽ هوائي اڏا وغيره ٺهرايا، جتي عام ماڻهوءَ جي پهچ ناممڪن آهي.
اسان جي ٽيم جي همراهن جو خيال هو ته شهر ۾ رهڻ دوران انهن شين کي ڏسجي، پر انهن کي رڳو پري کان ئي ڏسي سگھجي پيو. مختلف جاين تي خانگي ملڪيت جا بورڊ لڳل هئا ۽ اتي وڃڻ لاءِ منع ٿيل هئي. مقامي ماڻهن لاءِ به عربن جو، هتي شڪار لاءِ اچڻ ڄڻ سندن روزگار جو هڪ ذريعو آهي. تازو جڏهن عدالت پاران شڪار تي پابندي لڳائي ويئي هئي ته، علائقي جي ٻين مختلف شهرن جي ماڻهن سان گڏ هتان جي ماڻهن به احتجاج ڪندي حڪومت تي، اها پابندي ختم ڪرڻ لاء زور وڌو هو. انهن ئي علائقن مان اڳ ۾ ٻارن کي اُٺن جي ڊوڙ لاءِ نار جي ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو، جنهن جو مک ڪارڻ انهن ماڻهن جي غربت ۽ مفلسي آهي.
ان شهر جي اهميت وڌڻ ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر جي حيثيت اختيار ڪرڻ جي نتيجي ۾ علائقي جي ٻين شهرن جي اهميت گھٽجي ويئي آهي. ان کان اڳ خانپور ڪٽوره، ضلعي هيڊ ڪوارٽر هوندو هو، پر اهو ان حيثيت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ هڪ وڏي زرعي مرڪز هئڻ جي باوجود گھڻو پوئتي پئجي ويو آهي. خانپور ۾ اسان ماڻهن کان پڇا ڪئي ته، ”شهر جي نالي سان گڏ ’ڪٽوره‘ ڪيئن شامل ٿيو؟“ ته سندن چوڻ هو ته، ”هتي اڳ ٺهندڙ ڪٽورن جي ڪري شهر مشهور هو، جنهن جي ڪري اهو ڄڻ ان جي نالي جو حصو بڻجي ويو.“
هتي زرعي بينڪ جي برانچ جو مئنيجر جيڪب آباد جو هڪ سرڪي هو. برانچ جي بيهڪ به هڪ ڪشادي، کُليل ڳوٺاڻي گھر جهڙي هئي. اهڙين گهڻين برانچن ۾ غير مقامي اسٽاف جي رهائش وغيره جو به بندوبست هوندو آهي. اها ساڳي ڳالهه سامارو برانچ ۾ به نظر آئي هئي. خانپور ۽ ان جي ڀرپاسي وارو شهر لياقت پور وڏا زرعي مرڪز ۽ منڊيون آهن، پر هتي مناسب رهائشي هوٽلن جهڙيون شهري سهولتون موجود ناهن، جنهن ڪري ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي ڪنهن ريسٽ هائوس وغيره ۾ ئي اهڙو بندوبست ڪرڻو پوندو آهي يا صبح شام ڊگهو سفر ڪري ڪم واري جاءِ تي پهچڻو پوندو آهي.
لياقت پور ۾ برانچ جي هڪ آفيسر هفتي جي آخري ڏينهن تي اسان کي چيو ته،”اوهان کي ريگستان ۾ دراوڙ قلعو گھمايون ٿا.“ ٻئي ڏينهن موڪل هئڻ ڪري ڪم جو ڪو اونو نه هو ۽ ٻيو اهو به شوق هو ته انهن شين کي ڏسي وٺجي وري الائي اهڙو موقعو ملي يا نه. ان همراهه جيپ جو به بندوبست ڪيو هو. اهو قلعو لياقت پور کان ڪافي اڳتي ريگستان جي اندر آهي، جنهن ڪري اسان کي ريگستان کي به ڏسڻ جو موقعو مليو. هتي ريگستان جي وچ ۾ مختلف جاين تي پڪين سرن جي فرش جا ٽڪرا نظر آيا، جنهن مان لڳو ٿي ته هتي شايد ڪنهن دور ۾ آبادي هوندي. ٿر ۽ اڇڙو ٿر هونئن ئي دنيا جي ڪجهه آباد صحرائن ۾ ڳڻيا ويندا آهن، جتي مينهن پوڻ تي مختلف پوکون ٿينديون آهن ۽ ماڻهو جانور پاليندا آهن. پاڪستان جي پيڪٽ واري کير جون گھڻيون ڪمپنيون اڇڙي ٿر مان کير گڏ ڪنديون آهن. هتي پاڻيءَ جي کوٽ آهي، پرکير ايڏي گھڻي مقدار ۾ هوندو آهي، جو گھڻين حالتن ۾ اهو هتان جي ماڻهن جي پاڻيءَ جي ضرورتن جو به پورائو ڪندو آهي، پر مون کي گھٽ ۾ گھٽ دراوڙ قلعي ڏانهن ويندڙ ريگستان جو اهو حصو آباد نظر نه آيو. نه گھڻي ساوڪ هئي ۽ نه ئي گھرن جا ڪي اهڙا آثار نظر آيا، جن مان پتو پوي ته ماڻهو انهن کي عارضي طور ڇڏي ويا آهن ۽ وري اچي انهن کي آباد ڪندا.
بهرحال ڪجهه ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ اسان دراوڙ جي قلعي وٽ پهتاسين، جتي قلعي کان ٻاهر لڳل خيمي ۾ اسان کي رات گذارڻي هئي. نائين صديءَ ۾ ٺهيل اهو قلعو جيتوڻيڪ يونيسڪو جي قديم آثارن واري فهرست ۾ شامل آهي، پر اهو اڃا عباسين جي ملڪيت ئي سمجھيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ اجازت کان سواءِ اندر نه ٿو وڃي سگھجي. اسان وٽ جيئن ته اهڙو ڪو اجازت نامو نه هو، ان ڪري رڳو ٻاهران وڏي دروازي کي لڳل هڪ وڏي تالي کي ڏسي اچي پنهنجي خيمي ۾ ويٺاسين. قلعي جي ڏيک ويک ۽ مرمت تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته ان ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو عمل جاري آهي ۽ جيڪڏهين ان جي سار سنڀال تي تڪڙو ڌيان نه ڏنو ويو ته اهو اچي پَٽِ پوندو.
اسان مان ڪجهه همراهن کي شڪار جو شوق هجي. کين اهو ٻڌايو ويو ته، ’هن سڄي علائقي ۾ سخت چوڪسي هوندي آهي ۽ شيخن جي محافظن جي سڄي علائقي تي نظر هوندي آهي. ڪنهن به اوپري ماڻهوءَ کي خاص طور تي شڪار جي مقصد لاءِ انهن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي هوندي. ۽ جيڪڏهن ڪير اهڙي همت ڪندو آهي ته ان کي سختي سان منهن ڏنو ويندو آهي. هڪ لحاظ کان اهو علائقو ڄڻ ته عرب شيخن ۽ سندن ملازمن جي ضابطي هيٺ آهي.‘ پر اسان وارا همراهه ڪنهن به ريت مڙڻ لاءِ تيار نه هئا. نيٺ ميزبانن پاران کين چيو ويو ته، اوهان ماني کائي في الحال ننڊ ڪيو. پاڻ اڌ رات گذرڻ کان پوءِ اٽڪل ٻي ٽين وڳي شڪار لاءِ روانا ٿينداسين. انهن همراهن کي الائي ننڊ آئي به يا نه، بهرحال اهي پنهنجي مقرر وقت تي روانا ٿي ويا. کين مختلف تدبيرون ٻڌايون ويون، ته جيئن محافظ هوشيار نه ٿين ۽ کين ڪا ڏکيائي نه ٿئي. ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اهي همراهه جيئن ويا هئا، ائين ئي موٽي آيا. لڳو ٿي ته رڳو اونداهيءَ ۾ ئي ٿاڦوڙا هنيائون ۽ محافظن جي ڊپ کين گھڻو پري وڃڻ نه ڏنو.
ٻئي ڏينهن صبح جو واپسيءَ لاءِ سنبرياسين، پر اسان وارو همراهه، جيڪو رات شڪار تان نراس ٿي موٽيو هو، ان جي مٿي ۾ ڄڻ اڃا تائين تلور ئي سوار هو. سندس اصرار تي گاڏي، جيڪا سنئين سڌي رستي تي هلي رهي هئي، ان کي ريگستان جي اندر موڙيو ويو ۽ تلور جي موجودگيءَ جي نشانن جي ڳولا ٿيڻ لڳي. ان معاملي ۾ ڪا گھڻي ڄاڻ اسان مان ڪنهن کي به نه هئي. تلور ته ڇا ملڻو هو، پر اسان ريگستان ۾ واٽ وڃائي ويٺاسين. مٿان وري اهو ٿيو ته گاڏي جي گيئر خراب ٿي پئي. هاڻي ان ماڳيئي هلڻ کان ئي جواب ڏيئي ڇڏيو. اسان مُنجھي پياسين. انهن ڏينهن ۾ موبائل فون وغيره ايڏو عام نه ٿيا هئا. ڪنهن سان رابطي جو ڪو ذريعو نه هو.
پوءِ مڙيئي جڳاڙ سان پهرين گاڏي کي ڪنهن ريت هلائڻ جي ڪوشش ڪئي سين. ۽ جنهن همراه کي تلور جي شڪار جو شوق هو، تنهن ڪٿان رسيءَ جو ٽڪڙو هٿ ڪري، ان کي گيئر سان ٻڌي، پاڻ بونيٽ تي چڙهي ان کي جھلي ويهي رهيو. گاڏي هلي پيئي ۽ پوءِ اندازي تي صحيح دڳ تي به اچي وياسين. پر پنڌ اڃا گھڻو هو ۽ اها خبر نه هئي ته گاڏي ڪيڏي مهل جواب ڏيئي ڇڏي. هو همراه رسيءَ کي لاڳيتو جھلي ويٺو رهيو. جڏهن گاڏي لياقت پور شهر جي حدن ۾ داخل ٿي ته، اسان شڪر ڪيو. جيتوڻيڪ اتي گھٽيءَ ۾ کيڏندڙ ٻار اسان جي دوست کي گاڏيءَ جي بونيٽ تي رسي جھلي ويٺل ڏسي ٺٺوليون ڪري رهيا هئا، پر اسان شڪر ٿي ڪيو ته خيريت سان ڪنهن حادثي ۽ رڻ ۾ رلڻ کان سواءِ پنهنجي منزل تي پهچي ويا هئاسين.

ڪڏهن ڪراچي ائين به هوندو هو!

سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ شهري آباديءَ جي تناسب ۾ واڌارو ٿيو آهي. سنڌ ۾ اهو واڌارو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. هن وقت صوبي جي اٽڪل اڌ آبادي شهرن ۾ رهي ٿي. ان واڌاري جو اهم ڪارڻ ڪراچيءَ جي آبادي ۾ ٿيندڙ واڌارو آهي، جيڪو شهر جي خراب حالتن جي باوجود به لاڳيتو جاري رهيو آهي. آرڪيٽيڪٽ ۽ ڪراچيءَ جي شهري معاملن جي ماهر عارف حسن اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته، ’لاهور ۽ ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ آباديءَ ۾ ايندڙ واڌ جي ڪري ساڳيا؛ پاڻي، بجلي، ٽرانسپورٽ ۽ زمينن وغيره تي قبضي جهڙا مسئلا پيدا ٿيندا،‘ پر ڪراچي ملڪ جي ٻين شهرن کان ان لحاظ کان مختلف آهي ته هتي شهري مسئلن کان وڌيڪ شهر جي ملڪيت ۽ ان تي قبضي جو سوال آهي. اهو سوال جيتوڻيڪ پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي موجود آهي، پر وقت گذرڻ سان گڏ ان جي شدت ۾ واڌارو ايندو رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳ شهر ڄڻ ته گھرو ويڙهه جي ور چڙهي ويو هو.
گھڻي پراڻي ڳالهه ته ناهي. جيڪڏهن رڳو چاليهه پنجيتاليهه سال پوئتي وڃجي ته اڄ جي صورتحال ڏسندي ڪنهن کي به شايد يقين نه اچي ته، ٻين مهذب ملڪن جيان ڪراچيءَ ۾ به بسون پنهنجي اسٽاپ تي بيهنديون هيون ۽ انهن ۾ سوار ٿيڻ لاءِ ماڻهو قطار ٺاهيندا هئا. ساڳيءَ ريت شهر جي اعليٰ تعليم جي ادارن ۾ جيڪڏهن سياست هوندي هئي ته ان جو هڪ مقصد شاگردن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۽ ٻيو ته اها نظرياتي بنيادن تي هوندي هئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي چئن سالن واري منهنجي تعليمي عرصي دوران ان ڳالهه جا مون کي چِٽا ثبوت مليا. ان وقت ڪراچيءَ ۾ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) ۽ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي ايس ايف) وغيره جو زور ٽُٽي چڪو هو ۽ حڪمرانن جي پٺڀرائيءَ جي ڪري جماعت اسلامي جي ذيلي تنظيم اسلامي جمعيت طلبا جو يونيورسٽيءَ تي راڄ هو. شاگرد يونين جي چونڊن وقت جمعيت مخالف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمون گڏ ٿي وينديون هيون، پر سندن لاءِ جمعيت کي شڪست ڏيڻ ڏکيو هوندو هو. انهن چونڊن ۾ نظرياتي لحاظ کان لاڳاپيل شاگردن کي ڇڏي اڻ ڌرين شاگردن جو وڏو ڪردار هوندو هو، جيڪي شاگرد تنظيمن جي ڪارڪردگي ۽ انهن جي اڳواڻن جي ڪردار تي ڪرڙي نظر رکندا هئا. ان جو اندازو مون کي يونيورسٽي ڇڏڻ کان هڪ سال اڳ ٿيو، جڏهن شفيع نقي جامعي جمعيت پاران يونين جو صدر هو، جنهن جي هڪ سٺي مقرر ۽ هڪ هوشيار شاگرد جي شهرت ۽ مقبوليت مان فائدو وٺندي جمعيت پاران ٿنڊر اسڪواڊ قائم ڪيا ويا، جيڪي جاءِ جاءِ تي ڇاپا هڻي گڏ ويٺل جوڙن کي هراسان ڪندا رهندا هئا، جيئن هن وقت جمعيت پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ ڪري رهي آهي، پر شاگردن اهو سڀڪجهه گھڻو عرصو هلڻ نه ڏنو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ جمعيت کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پيا، جڏهن پروگريسو الائنس جو سردار رحيم غير متوقع طور يونين جو صدر چونڊجي ويو.
ان وقت جيتوڻيڪ سياسي طور تي سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ نظر ايندي هئي، پر اها عام شاگردن ۾ گھٽ نظر ايندي هئي. ان وقت يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمنٽ غير سنڌين کي سنڌي ٻولي سيکارڻ لاءِ ڪلاس شروع ڪيا هئا، جن ۾ شاگردن جو هڪ وڏو تعداد شريڪ ٿيندو هو.
يونيورسٽيءَ وڃڻ ۽ اتان موٽڻ جي حوالي سان نه ته مائٽن ۽ نه ئي شاگردن کي ڪو اونو هوندو هو ۽ نه ئي مائٽ کين اهڙي ڪا تاڪيد ڪندا هئا. ڏينهن جو ٻارهين کان شام تائين شهر جي سڀني علائقن ڏانهن هر ڪلاڪ کانپوءِ ايس آر ٽي سي ۽ ڪي ٽي سي جي يونيورسٽي لاءِ مخصوص ڪيل بسن جا پوائنٽ هلندا هئا. انڪري ڪڏهن ڪنهن دوست سان گڏجي ناظم آباد، ته ڪڏهن طارق روڊ ۽ ڪڏهن ڪيڏانهن ته ڪڏهن ڪيڏانهن هليو وڃبو هو. هڪ ڀيري نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي ٽيسٽ مئچ ٿي رهي هئي. اسٽيڊيم، جيئن هن وقت قلعي جيان ٺهيل آهي، ان وقت ائين نه هو.
ننڍيون ديوارون هيون ۽ ٻاهر جتي هاڻي فليٽن جو جھنگ آهي، اُتي ننڍيون ٽڪريون هونديون هيون. انهن ٽڪرين تان اسٽيڊيم جي اندر جي سڄي وارتا کي صاف طور ڏسي سگھبو هو. يونيورسٽيءَ کان موٽندي هڪ دوست سان پروگرام ٺهيو ته ٻاهران ٽڪريءَ تي ويهي مئچ ٿا ڏسون. اها مئچ منهنجي لاء ان ڪري به يادگار بڻجي ويئي جو ان ۾ ماجد خان پهرئين سيشن ۾ پنهنجي سينچري مڪمل ڪئي هئي.
اها ڳالهه پڻ حيرت جهڙي هئي ته ڪراچي، جتي سنڌ اسمبلي جي سنڌي ٻولي جي بل منظور ڪرڻ خلاف وڏا فساد ٿيا هئا، اتي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ حالتون ڄڻ معمول تي اچي ويون هيون. سنڌين جو هڪ وڏو تعداد ۽ اسان جا گھڻا دوست لالوکيت، ناظم آباد، فيڊرل بي ۽ سي ايريا ۾، اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ڪنهن ڊپ ڊاءَ کانسواءِ رهندا هئا ۽ اتي ڏينهن رات جي چوويهه ڪلاڪن ۾ اچڻ وڃڻ ۾ ڪو به مسئلو نه هوندو هو. اها ڳالهه ان ڪري آئون ايتري يقين سان ڪيان ٿو جو انهن علائقن ۾ مختلف سياسي ۽ ادبي گڏجاڻين ۽ دوستن سان ملاقاتن جي سلسلي ۾ منهنجو اڪثر وڃڻ ٿيندو رهندو هو. ان وقت فقير محمد لاشاري، حاجي مريد ڳوٺ ۾ رهندو هو، جيڏانهن وڃڻ لاءِ لالو کيت جي ڊاڪ خاني واري اسٽاپ تان وڃڻو پوندو هو، پر ڪڏهن اتي رهندي نه ته فقير کي ڪنهن ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ نه ئي ساڻس ملڻ لاءِ ويندڙ دوستن کي ڪا مشڪل پيش آئي.
مختلف علائقن مان لڏ پلاڻ جو عمل، جنهن کي ڪجهه دوست يوگوسلاويا جي صورتحال کان متاثر ٿي ethnic cleansing جو نالو به ڏيندا هئا، 1980ع جي ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي زور وٺڻ کان پوءِ شروع ٿيو ۽ شهر جا گھڻا علائقا ٻاهرين ماڻهن لاءِ نو گو ايريا بڻجي ويا - ۽ انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو اتي قيدي بڻجي ويا.
ساڳئي ريت لياري ته ڄڻ رات جو جاڳندو هو. علائقي جون هوٽلون ۽ فٽ پاٿون ماڻهن سان آباد ٿي ويندون هيون. منهنجو به اهو معمول هوندو هو ته رات جو ماني کائڻ کانپوءِ ڪڏهن سنگولين ۾ آزاد بلوچ جي گھر، ته ڪڏهن لالا لعل بخش رند وٽ هليو ويندو هوس، جتي مختلف دوست گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف مسئلن تي ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ هرڪو پنهنجن گھرن ڏانهن روانو ٿيندو هو. ان بعد جيڪا صورتحال پيدا ٿي، ان ۾ اهڙي ڳالهه جو تصور ئي نه پيو ڪري سگھجي.
لياريءَ جا اهي علائقا ڄڻ ته نو گو ايريا بڻجي ويا هئا. لياريءَ جو مسئلو نسل ۽ ٻوليءَ کان وڌيڪ امن امان جو آهي - ۽ هتي جيڪي مختلف گينگ ڪم ڪري رهيا هئا، انهن ۾ به رڳو بلوچ نه، پر سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو شامل هئا.
اهڙي ريت اهي پنهنجي شڪار جي معاملي ۾ به اها تميز نه ڪندا هئا ته ان جو واسطو ڪهڙي ٻولي، ڪهڙي علائقي يا ڪهڙي نسل سان آهي؟
ان وقت شهر ۾ برٽش ڪائونسل، گوئٽي انسٽيٽيوٽ، آمريڪن ڪلچرل سينٽر ۽ فرينڊشپ هائوس جون لائبريريون شاگردن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن لاء خاص ڌيان جو مرڪز هونديون هيون. انهن ۾ خاص طور فريئر هال جي سامهون آمريڪن ڪائونسل جي لائبريري پنهنجي ماحول ۽ بلڪل تازي مواد جي ڪري منهنجي لاءِ يونيورسٽيءَ مان فارغ ٿيڻ کان پوء ۽ نوڪريءَ دوران به وقت گذارڻ ۽ پاڻ کي اپ ڊيٽ رکڻ جو هڪ بهترين ذريعو هوندي هئي. انهن سڀني لائبريرين جي رڪنيت آساني سان ملي ويندي هئي. هونئن به اتي ٻين لاءِ به داخلا ايڏي ڏکي نه هوندي هئي. شهر جي حالتن ۽ ملڪ ۾ دهشت گرديءَ جي صورتحال جي ڪري شهر جي ذهنن جي پرورش ڪندڙ اهي سڀ ذريعا هاڻي ختم ٿي ويا آهن. لڳي ٿو ته اهو سڀ ڄڻ موجود ئي نه هو.
شهر جو ماحول ماڻهوءَ کي هڪ خول ۾ بند رهڻ ۽ پوءِ ان جي سوراخ مان سڄي دنيا کي ڏسڻ ۽ ان جي بنياد تي پنهنجو نڪته نظر ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن هڪ سياسي يا ادبي تنظيم سان واسطو آهي ته، ان جو بلڪل اهو مطلب نه هوندو هو ته، اوهان اٺ پکي وانگر واريءَ ۾ مُنهن لڪائي پاڻ کي ئي سڀڪجهه سمجھي ٻين سڀني کان ڪٽجي ڌار ٿي بيهي رهو. جيڪڏهن منهنجو ان وقت سنڌي عوامي تحريڪ سان واسطو هو ته، ساڳئي وقت نوجوان محاذ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٻين جماعتن جي دوستن سان به منهنجا لاڳاپا هوندا هئا. جيتوڻيڪ لالا لعل بخش رند، فصيح سالار، امام علي نازش، جمال نقوي ۽ ڄام ساقي وغيره سان تنطيمي طور تي منهنجو ڪو لاڳاپو نه هو، پر انهن سان ملاقات ۽ ڪچهري ڪرڻ ۽ انهن جي تجربن مان لاڀ حاصل ڪرڻ ۾ مون کي ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿيندي هئي.
ساڳي ريت آئون جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جو ڪارڪن هئس ته ان جو اهو مطلب نه هو ته منهنجو عوامي ادبي انجمن يا انجمن ترقي پسند مصنفين سان ڪو واسطو نه هجي. منهنجي نظر ۾ اهي سڀ شيون سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ جي عمل جو حصو هيون ۽ انهن هڪ ٻئي جي نفي ڪرڻ بدران هڪٻئي کي اڃا مضبوط ٿي ڪيو. آئون ارتقا فورم قائم ڪرڻ وارن بنيادي ميمبرن ۾ شامل هوس، جنهن جو مقصد اهو هو ته ملڪ ۽ خاص طور تي شهر ۾ ترقي پسند سوچ کي اڳتي وڌائڻ لاء ڪم ڪجي. اهو فورم ۽ ان پاران نڪرندڙ رسالو ’ارتقا‘ اڃا تائين پنهنجو ڪم جاري رکندا اچن پيا.
هونئن ته هن وقت شهر ۾ وڏن نالن وارا گھڻا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ٿين ٿا، پر عوامي سطح تي مختلف تنظيمن ۽ فورمن وسيلي ماڻهن جي گڏجڻ جو جيڪو عمل اڳ هوندو هو، اهو هاڻي نه هئڻ برابر وڃي رهيو آهي. هونئن ته شهر وڌي ۽ ڦهلجي رهيو آهي، پر ماڻهو ڄڻ ته جسماني ۽ روحاني طور محدود ٿي ويو آهي. ڪجهه وقت اڳ ته کانئس هلڻ چلڻ، گھمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجي راءِ جو آزاديءَ سان اظهار ڪرڻ جا حق ڄڻ کسجي ويا هئا. جمهوري عمل، جيڪو شهر جي ڪلچر جو هڪ لازمي حصو هو، اهو به ڄڻ ماضي جي ڳالهه بڻجي ويو هو. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته ڪراچيءَ کان ڄڻ ته ان جو روح کسجي ويو هو.

سنڌي ادبي سنگت ۽ مان

ون يونٽ جي ٽُٽڻ تائين سنڌي ادبي سنگت کي ترقي پسند اديبن جو گڏيل پليٽ فارم ڪري ليکيو ويندو هو، بلڪل اهڙيءَ ريت جيئن سنڌ هاري ڪاميٽي کي اهڙو پليٽ فارم سمجھيو ويندو هو، جيڪو سڀني هارين جي گڏيل حقن لاءِ جدوجهد ڪندو هو. اهي پيشيوراڻا تنظيمون هيون، جن تي نه ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي دعويٰ هئي ۽ نه ئي ڪنهن انهن کي پنهنجو کليل پليٽ فارم ڪري ليکيو ٿي، نه انهن کي پنهنجي پارٽيءَ جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ٿي. ڇا ائين چئي سگھجي ٿو ته، ان جو ڪارڻ اهو هو ته ان وقت سياسي جماعتن جي حوالي سان سنڌ سطح جي سياست موجود نه هئي ۽ سنڌي قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جا اڳواڻ پاڪستان سطح جي سياسي جماعتن جو حصو هئا، جنهن ڪري سندن انهن جماعتن جي سرگرمين ۾ ڪا خاص دلچسپي نه هئي.
بعد ۾ ون يونٽ جي ٽُٽڻ ۽ خاص طور تي اوڀر بنگال جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي قومي تحريڪ پاڪستان سطح جي سياست کان ڌار ٿي مختلف نين قائم ٿيل قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي جماعتن ۾ ورهائجي ويئي. پيپلز پارٽي سنڌ جي وچولي ۽ پورهيت طبقي جي هڪ وڏي حصي کي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪرشمه ساز شخصيت ۽ ’ڳڀي، اجھي ۽ لٽي‘ جي نعري جي زور تي پاڻ سان کڻي ويئي، جڏهن ته قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي جماعتن وٽ شاگردن ۽ دانشورن جي هڪ محدود حلقي کانسواءِ گھڻو ڪجهه نه هو، ان ڪري انهن جو ان ڳالهه تي زور هو ته، جيڪي ادارا اڳ موجود هئا ۽ جن ماڻهن ۾، پنهنجي ڪم جي لحاظ کان هڪ ساک ۽ شهرت رکي ٿي، انهن ۾ پنهنجو اثر رسوخ پيدا ڪجي ۽ پارٽيءَ جي سياسي ڪم لاءِ انهن جو استعمال ڪجي.
حيدر بخش جتوئيءَ جي وفات کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جا گھڻا همراهه ڀٽي صاحب جي سحر ۽ واعدن جو شڪار ٿي پيپلز پارٽيءَ پاسي هليا ويا هئا ۽ گھڻا ڪنهن اتساهه نه هئڻ ڪري غير سرگرم ٿي ويا هئا، جنهن ڪري سنڌ هاري ڪميٽي جي گھڻي ڇڪ نه رهي هئي. سنڌ جي جماعتن آڏو به سنڌ ۽ سنڌي هارين کان وڌيڪ پنهنجي جماعت جا مفاد وڌيڪ اتم هئا، ان ڪري سندن پاران به بجاءِ هاري ڪاميٽي کي هڪ گڏيل طبقاتي پليٽ فارم طور وري جيئارڻ جي، پنهنجا ڌار پليٽ فارم جوڙيا ويا، جيڪي هارين لاءِ ڪم ڪرڻ بدرن ڄڻ ته پنهنجي پنهنجي جماعت جي سياسي ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪٻئي سان مقابلي ۾ هئا. انهن کي چيو ئي پارٽي جو کليل پليٽ فارم ويندو هو. سنڌي ادبي سنگت جي سلسلي ۾ به اهڙيون ڪوششون ڪيون ويون ۽ مختلف نالن سان ادبي پليٽ فارم وغيره جوڙيا ويا، پر کين ڪا گھڻي موٽ نه ملي سگھي.
سنڌي ادبي سنگت پنهنجي ليکي اديبن جو هڪ گڏيل پليٽ فارم ته هئي، پر اتي مختلف جماعتن جي ڪارڪنن پاران هڪ ٻئي تي حاوي ٿيڻ ۽ ان کي پنهنجي جماعت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش لاڳيتو جاري رهندي هئي. منهنجو سنگت سان واسطو اٽڪل چاليهه سالن کان، هڪ نه ٻي صورت ۾ رهندو آيو آهي. ان عرصي ۾ مختلف شاخن ۽ مرڪز پاران گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڀيرا مختلف ادبي ۽ سياسي اختلافن جي ڪري منهنجي رڪنيت به ختم ڪئي ويئي هئي، جنهن کي وري ساڳين دوستن کي منهنجي پاران ڪنهن احتجاج يا درخواست ڏيڻ کانسواء ٻين دوستن جي اخلاقي دٻاءَ ڪري بحال ڪرڻو پيو هو.
سنڌي ادبي سنگت ۾ پنهنجي ڪم جي شروعات مون ساڳئي وقت هڪ ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن طور لياري شاخ جي ڪارڪن طور ڪئي هئي. ان وقت آئون سنڌي عوامي تحريڪ ۾ اڃا شامل نه ٿيو هوس، پر ان سان لاڳاپيل دوستن سان لاڳاپي ۾ هوس، جيڪي اتي سنگت جي شاخ قائم ڪرڻ متعلق سوچي رهيا هئا. لياريءَ جي بلوچي، سنڌي، گجراتي ۽ اردو ادب جي حوالي سان هڪ خاص حيثيت رهي آهي. ٻي ڳالهه ته ان وقت لياريءَ ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان ڪا سرگرم ادبي تنظيم موجود نه هئي، جيڪا علائقي جي ادب دوست ماڻهن کي گڏ ڪري سگھي. ساڳئي وقت عوامي تحريڪ جي دوستن جو پنهنجو مفاد به هو ته، اهڙي ريت کين اتان جي پڙهيل لکيل طبقي سان رابطي ۾ اچڻ ۽ پارٽيءَ جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو ملي ويندو.
ان وقت ڪراچي سنگت سرگرميءَ سان پنهنجيون سرگرميون جاري رکندي پئي آئي. جيتوڻيڪ لياري سنگت جي قائم ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڪراچي جيئن ته هڪ وڏو شهر آهي ۽ هر ماڻهو لاءِ اهو ممڪن ناهي ته هو باقاعدگيءَ سان ان ۾ حصو وٺي سگھي، ان ڪري شهر جي پسگرداين ۾ سنگت جي شاخن جي کُلڻ سان ادب دوستن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ ادب متعلق چاهه ۽ ڄاڻ پيدا ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ميسر ٿيندا، پر ان شاخ تي عوامي تحريڪ جي ٺپي هئڻ ڪري اهو ئي سمجھيو ويو ته، ’ان کي ڪراچي سنگت، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عوامي تحريڪ، وطن دوست پارٽي (ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ واري) ۽ ٻين مختلف جماعتن جا دوست شامل هئا، پر ڪميونسٽ پارٽي هڪ حاوي حيثيت ۾ هئي، جي ڀيٽ ۾ آندو ويو آهي.‘ ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ وقت سان گڏ لياري شاخ کي عوامي تحريڪ جي خول مان نڪري پنهنجي هڪ ڌار حيثيت قائم ڪرڻ کپندي هئي، پر ائين نه ٿي سگھيو ۽ اها شاخ ڄڻ پارٽي (عوامي تحريڪ) جو هڪ حصو بڻجي ويئي، جنهن ۾ شامل دوستن کي پارٽيءَ جي گڏجاڻين ۾ پنهنجي ادبي سنگت جي ڪارڪردگيءَ متعلق رپورٽ ڏيڻي پوندي هئي، ان ڪري پارٽي ۾ پيدا ٿيل اختلاف سنگت لاءِ به موتمار ثابت ٿيا. سيڪريٽري ۽ سندس ڪجهه دوست پارٽي ڇڏي ويا، جن پارٽيءَ سان، سنگت جي لاڳاپي کي ختم ڪرڻ لاءِ منهنجي پارٽي ۾ هئڻ ڪري، منهنجي سنگت جي بنيادي رڪنيت ئي پنهنجي ليکي ختم ڪري ڇڏي. بهرحال اهي دوست سنڌي ادبي سنگت لياري کي گھڻي عرصي تائين سرگرم نه رکي سگھيا. سنگت جي ان شاخ کي جيتوڻيڪ سرگرم رکڻ جون پوءِ به ڪوششون ڪيون ويون، پر اهي گھڻو ڪامياب نه ٿي سگھيون.
سنگت ڪراچي ۾ منهنجي سرگرميءَ جي شروعات ان کان پوءِ ٿي، پر اها ڪنهن به سياسي جماعت پاران مڙهيل ڪا ڊيوٽي نه هئي. ان وقت عوامي تحريڪ ڇڏڻ کانپوءِ ڪجهه عرصو ارباب کهاوڙ جي جماعت وطن دوست پارٽيءَ سان لاڳاپيل هوس، پر انهن جماعتن ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت نه هئڻ ءِ رڳو رينگٽ ۽ هڪٻئي خلاف سازشن، طبيعت ۾ هڪ بيزاري پيدا ڪري ڇڏي هئي. ان ماحول ۾ ادب، ادبي بحث ۽ ادب سان لاڳاپيل دوستن سان سياست سميت مختلف سماجي موضوعن تي بحث هڪ آزادي ۽ تازگيءَ جو احساس ڏياريو ٿي.
ان وقت فقير محمد لاشاري سان، هلال پاڪستان ۾ لکڻ ۽ وطن دوست ۾گڏ هئڻ جي حوالي سان لاڳاپي ۾ اچڻ جو موقعو مليو. سنڌ جي سياست ۽ سياسي جماعتن جي حوالي سان سندس اٽڪل ساڳيا خيال هئا ته، انهن جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن ۾ اها صلاحيت ناهي ته اهي سنڌ جي مسئلن کي حل ڪري سگھن ۽ انهن آدرشن کي ساڀيان ڏيئي سگھن، جن جي لاء سنڌ جي نوجوانن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جو هڪ وڏو حصو ساڻن گڏ هو. ساڳي ريت عبدالرحمان نقاش سان منهنجو واسطو عوامي تحريڪ ۽ ان کان وڌيڪ هڪ ذاتي دوست جي حوالي سان گھڻو پراڻو هو. ان وقت اهي ٻيئي دوست (فقير محمد لاشاري ۽ نقاش) سنگت ڪراچيءَ جا سرگرم ڪارڪن هئا. سندن اتساهه ڏيڻ جي ڪري مون ڪراچي سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو، جيڪي ان وقت واءِ ايم سي اي جي هال ۾ ٿينديون هيون. ائين نه هو ته سنگت جي اها سرگرمي سياسي سرگرمي جي ڀيٽ ۾ ڪنهن جوکم کان آجي هئي.
بدر ابڙي جي ’ڄام ساقي ڪيس‘ ۾ گرفتاري جيتوڻيڪ سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان نه هئي، پر سنگت سان، سندس سيڪريٽري هئڻ جي حيثيت ۾ هڪ مضبوط لاڳاپو رهيو هو. ان وقت ضياءَ الحق جي آمريت جو دور هو ۽ عملي سياست ۽ سياسي سرگرمين تي پابندين هئڻ ڪري مختلف سياسي جماعتن جي سياسي ڪارڪنن جو رخ پنهنجي اوٻر ڪڍڻ لاءِ سنگت جي دستوري گڏجاڻين ڏانهن هوندو هو. ادبي موضوع ڀلي ڇا به هجي، پر ان تي تنقيد جي حوالي سان هر شريڪ ٿيندڙ پنهنجو سياسي فلسفو ۽ تجزيو پيش ڪندو هو. اهڙي صورتحال ۾ اختيارين پاران انهن ماڻهن تي دٻاءُ پوندو هو، جيڪي سنگت کي گڏجاڻين لاءِ جاءِ ڏيندا هئا يا سندن پنهنجو ڊپ سنگت کي وقت بوقت پنهنجي جاءِ بدلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو. ڪڏهين واءِ ايم سي اي، ڪڏهن ميرينا هوٽل، ته ڪڏهن اداره امن و انصاف جو هال. ان کانسواءِ مختلف دوستن کان سي آئي ڊي جون انڪوائريون ڌار هونديون هيون ۽ آئون پاڻ انڪوائري جي اهڙي هڪ مرحلي مان گذريس. انهن ادبي سرگرمين جي ڪري هڪ دوست مون کي طعنو ڏيندي چيو هو ته، ”دنيا ۾ ماڻهو ادب کان سياست ڏانهن ويندا آهن، پر اوهان سياست کان ادب ڏانهن ڪيئن هليا آيا آهيو؟“ جڏهن ته ان کي اهو سمجھڻ کپندو هو ته هر ملڪ جو حالتون مختلف ٿينديون آهن ۽ ماڻهو ان پاسي رخ ڪندا آهن، جتي کين اتساهه ملندو آهي. سنڌ ۾ آئون اڪيلو اهڙو ماڻهو نه هوس، پر اڪثر نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن؛ سياسي جماعتن ۽ اڳواڻن کان مايوس ٿي ان پاسي جو رخ ڪيو هو، جنهن متعلق سوچڻ جي ضرورت هئي.
ضياءَالحق جي جهاز جي حادثي ۾ مري وڃڻ جي ٻئي ڏينهن خميس هئڻ ڪري رمپا پلازه ۽ ان ۾ موجود اداره امن انصاف جي آفيس بند هئڻ باوجود دوست سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي لاءِ موجود هئا، پر ان وقت پاڪستان جي سياسي صورتحال گھڻي تبديل ٿي چڪي هئي، جنهن جا اثر سڌي ۽ اڻ سڌي ريت هر اداري ۽ ماڻهو تي پوڻا هئا. ملڪ ۾ جمهرريت بحال ٿيڻ، پابندين جي ختم ٿيڻ ۽ شهري آزادين جو دور شروع ٿيڻ وارو هو. ساڳي وقت ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ سوويت يونين جي ٽُٽڻ ۽ سرد جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سڄي دنيا سان گڏ پاڪستان ۾ پڻ نظرياتي تبديلين جو هڪ دور شروع ٿيو، جنهن فردن ۽ ادارن؛ سڀني کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. ان سڄي صورتحال جو اثر سنڌي ادبي سنگت تي پڻ پيو. انهن حالتن کي مدنظر رکندي مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ اها تجويز پيش ڪئي ته، ’نئين صورتحال ۾ سنگت کي وڌيڪ موثر ڪرڻ لاءِ ان جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي وڃي، جيڪا تنظيمن جي جيئري رهڻ لاء هڪ ضروري عمل آهي.‘ ان تجويز تي ڪنهن هاڪاري بحث ۽ سنگت جي حوالي سان منهنجي ماضي کي نظر ۾ رکڻ کانسواء سنگت مرڪز پنهنجي هڪ اجلاس ۾ منهنجي تاحيات رڪنيت ختم ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ نه ته، ان اجلاس کان اڳ ۽ نه ئي پوءِ مون سان ڪو رابطو ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪا وضاحت گھري ويئي. ان ڪري مون به ان فيصلي کي غير آئيني ۽ ضابطن جي خلاف سمجھندي ان سلسلي ۾ ڪو رابطو يا لکپڙهه نه ڪئي.
سنڌي ادبي سنگت کي جنهن نموني هلايو ٿي ويو، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته ساڳئي مرڪزي باڊي هڪ ٻئي اجلاس ۾ ڪجهه دوستن جي احتجاج ڪرڻ تي منهنجي رڪنيت وري بحال ڪري ڇڏي. ان سڄي ڀڃ ڊاهه ۽ مخالفت کي ختم ڪرڻ جي لاڙي جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته هاڻي سنگت سان تعلق ڪنهن جوکم کان وڌيڪ سماجي رتبي ۾ واڌاري جو باعث هو، ان ڪري مرڪز ۽ شاخن جي عهدن لاءِ گھڻي ڀاڱي سياسي جماعتن سان وابستگيءَ جي بنياد تي اهڙن همراهن ۾ هڪ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي، جن مان گھڻن جو واسطو ادب سان بس نالي ماترئي هو ۽ جن جو بنيادي مقصد سنگت جي عهدن جي بنياد تي پنهنجن لڳ لاڳاپن کي وڌائي ان مان ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ هو.
اهڙي ريت سنگت جي حوالي سان اهو هڪ الميو هو ته اها پنهنجي ماضيءَ جي ڪردار کي وساري پنهنجي سمت وڃائي ويٺي - ۽ ان جو مقصد ادب کان وڌيڪ ڪجهه فردن ۽ جماعتن جي سياسي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ وڃي رهيو.
اهو سوال حيدرآباد ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي هڪ اجلاس ۾ پيش ٿيل رپورٽ تي مون اٿاريو هو ته، ’سنگت جو گھڻو ڌيان ادبي ڪمن جي ڀيٽ ۾ غير ادبي ڪمن تي رهيو آهي،‘ پر ان سوال تي گھڻو ڌيان نه ڏنو ويو ۽ مون کي ماٺ ڪري ويهڻ لاء چيو ويو. ان ڪري سنگت جي عهديدارن لاءِ اهو اشد ضروري آهي ته سنگت جي موثر ڪردار لاءِ بنيادي سوالن تي ڌيان ڏين.

منهنجو ڀاءُ منهنجو دوست

5 مارچ، 2020ع جي شام جو ڇهه ساڍا ڇهه وڳي جو وقت هو. آئون معمول موجب پنهنجو ڪم ڪري رهيو هئس ته هڪ دوست جو فون آيو. هن ڪنهن به ٻي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ مون کي چيو ته، ”رئوف، ايمرجنسي آهي. توهان جي ڀاءُ حسن جي طبيعت خراب آهي. کيس اسپتال کڻي ويا آهن. اوهان فوري طور پهچو.“ اسان اڃا گھر کان ٻاهر ئي مس نڪتا هئاسين ته، هڪ ٻئي دوست جو پيغام آيو ته، ”حسن گذاري ويو.“
بلڪل اوچتو، سمجهه ۾ ڳالهه نه پئي اچي ته هي ڇا ٿي ويو؟ ڇاڪاڻ جو نه ته هو بيمار هو ۽ نه ئي هن ڪڏهن ڪا اهڙي شڪايت ڪئي هئي. حسن جي گھر پهچڻ تي گھڻا مائٽ ۽ دوست موجود هئا ۽ سڀ هڪٻئي کي ڏک مان ڏسي رهيا هئا. ڪنهن جي وات مان ڪو اکر نه پيو نڪري. ڊسمبر 2007 ۾ اهڙي ئي ريت منهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات وقت حسن ئي مون کي فون تي روئندي چيو هو ته،”جلدي گھر اچو، ڀاءُ کي الائي ڇا ٿي ويو آهي.“ هن وقت اها ساڳي صورتحال حسن جي سلسلي ۾ ٿي هئي.
منهنجي لاءِ هونئن به پنهنجي ڪنهن ويجھي عزيز ۽ دوست تي فوري طور لکڻ ڏکيو هوندو آهي. جڏهن ته حسن تي لکڻ اڃا وڌيڪ ڏکيو معاملو آهي. هو اسان ڇهن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو ۽ سڀني جو پيارو هو. رڳو ننڍي هئڻ ڪري هو امان ۽ بابا کي سڀ کان پيارو نه هو، پر ان ڪري به امان جي وڌيڪ ويجھو هو جو امان هن تي پنهنجي وڏي ۽ پياري ڀاءُ، محمد حسن، جيڪو امان جي وڌيڪ ويجھو هو، جو نالو رکيو هو. مامو محمد حسن، هڪ ڊگھو عرصو گھر کان ٻاهر رهڻ کانپوءِ جڏهن موٽيو هو ته، امان سان ملڻ لاءِ اسان جي گھر اڪثر ايندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ شايد 1964 ۾ هو دل جي اوچتي دوري سبب گذاري ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ جولاءِ 1965 ۾ امان کي پٽ ڄائو، جنهن تي هن پنهنجي ڀاءُ جي سڪ لاهڻ لاءِ ان جو نالو محمد حسن رکيو.
حسن سان امان جي محبت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگھجي ٿو ته، هوءَ آخر تائين حسن ۽ ان جي ٻارن سان گڏ رهي. سندس ڄڻ حسن ۽ ان جي ٻارن ۾ ساهه هوندو هو. جڏهن مون وٽ گلشن حديد ايندي هئي ته چوندي هئي ته،”آئون هتي هفتو ڏيڍ رهنديس.“ پر هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ ئي کيس حسن جي ٻارن جو فڪر ٿيڻ شروع ٿيندو هو ۽ واپس وڃڻ لاءِ اهو چوندي اصرار ڪندي هئي ته، ”حسن جا ٻار کيس ياد ڪندا هوندا ۽ پريشان هوندا.“
بابا جنهن رات گذاري ويو هو، ان رات، آخر تائين کيس ڄڻ حسن جو ئي انتظار هو. سندس ساهه ڄڻ حسن ۾ ئي اٽڪيل هو. هو ٿوري ٿوري دير کان پوءِ پڇندو رهيو ته، ”حسن ڇو اڃا نه آيو آهي؟“ نيٺ جڏهن رات جو ٻارهين وڳي کن حسن پنهنجي ڊيوٽي تان آيو ۽ بابا سان ڳالهايائين ته، ٿوري دير کانپوءِ هن دم ڏنو. اسانجي وڏي ڀاءُ، جنهن جي ۽ حسن جي عمر ۾ اٽڪل ويهه سالن جو فرق هو، حسن کي ڄڻ پنهنجن پٽن جيان سنڀاليو هو.
اسان ڀائرن جي خاص طور وڏن پٽن ۽ حسن جي عمر ۾ ٿورو ئي فرق هو، ان ڪري اهي گھڻو ڪري سندس ويجھو هوندا هئا. هو ساڳئي وقت انهن سان پيار به ڪندو هو، ته انهن کي تنگ به ڪندو هو. سندس اها هڪ عجيب ڳالهه هوندي هئي ته هو اسان ڀائرن سان گھڻن معاملن ۾ اختلاف به ڪندو هو، پر ساڳئي وقت اها ڪوشش ڪندو هو ته، اسان جي سامهون سگريٽ نه پيئي. ان جي باوجود ته اسان کي اها خبر هئي ۽ آئون کيس اهو چوندو رهندو هئس ته، ”يار، اسان جي سامهون سگريٽ پيئڻ سان ڪو اسان جي عزت ۾ فرق ڪونه ٿو پئي،“ پر هو ان ڳالهه جو خاص خيال رکندو هو.
ڪنهن جاءِ تي گڏ ويٺا هوندا هئاسين ته هو سگريٽ پيئڻ جي خيال سان ڪو بهانو ڪري اٿي ويندو هو. هڪ اڌ ڀيرو ائين ٿيو ته سندس ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ مون کي به ڪنهن ڪم سان ٻاهر وڃڻو پيو ته، هو فوري طور سگريٽ پويان لڪائي ڇڏيندو هو، جنهن سان ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪپڙا پڻ سڙي پوندا هئا. اسان جو وڏو ڀاءُ ڳالهه ڪندو هو ته، ”جڏهن شڪارپور ۾ سندس پوسٽنگ هئي ته، حسن جڏهن ڪنهن ڪم سان ان پاسي ايندو هو ته، وٽس اچي رهندو هو. اتي هو ملازم کي چوندو هو ته، ’ڀاڀيءَ کان پئسا وٺي سگريٽ وٺي اچ، پر ڀاءُ سان اها ڳالهه نه ڪجان.‘“
آئون پنهنجن ٻين ڀائرن جي ڀيٽ ۾ کيس پنهنجي وڌيڪ ويجھو سمجھندو هئس. ڪٿي ڪنهن تقريب ۾ گڏبا هئاسين ته پاڻ ۾ پيا ڪچهري ڪندا هئاسين. ان جو ڪارڻ اهو هوندو هو ته، اسان جي دلچسپيءَ جا موضوع ساڳيا هوندا هئا. عام سياسي ۽ سماجي صورتحال سان گڏ اسانجا موضوع مختلف ڪتاب هوندا هئا. حسن جو ڪتابن جو هڪ سٺو ذخيرو هو. ساڳئي وقت سافٽ فارم ۾ وٽس هڪ سٺي ڪليڪشن هئي. مون کي هو ڊراپ باڪس وسيلي مختلف ڪتاب موڪليندو رهندو هو. تازو هڪ ٻه ڀيرا جڏهن مختلف ڪتابن جي حوالي سان ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿي ته چئي پيو ته، ”رئوف ڀاءُ، بس ان اخبار جي مصروفيت جي ڪري پڙهڻ جو وقت گھٽ ٿو ملي.“ آئون وقت بوقت حال احوال وٺڻ لاءِ کيس فون ڪندو رهندو هئس. مون کي هر وقت چوندو هو ته، ”توهان کي منهنجي ته خبر آهي ته فون وغيره جي معاملي ۾ ڪيترو لاپرواهه ماڻهو آهيان.“ آئون کيس چوندو هئس ته، ”يار، ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته آئون فون ڪيان يا تون ڪر. بس توسان ڳالهائڻ تي دل ڪندي آهي، ان ڪري فون ڪندو آهيان.“
ڪهاڻي ۽ شاعري سان گڏ حسن جو هڪ شوق فوٽوگرافي به هو. فيس بڪ تي وقت بوقت هو آسمان ۽ ڪڪرن وغيره جون تصويرون ته ڏيندو رهندو هو، پر گھر ۾ ۽ مختلف تقريبن ۾ به هو پنهنجو اهو ڪم ڪندو رهندو هو. وٽس خاص طور خاندان جي حوالي سان تصويرن جو هڪ وڏو ذخيرو هو. مون کي جڏهن پنهنجي ڪم لاءِ ڪنهن تصوير جي ضرورت پوندي هئي ته، منهنجو خيال فوري طور حسن ڏانهن ويندو هو ۽ گھڻو ڪري اها ضرورت پوري ٿي ويندي هئي. کيس سندس ٻين گھڻن دوستن جيان آئون به اها صلاح ڏيندو رهندو هئس ته، هو پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو شائع ڪرائي. هاڻي جڏهن هن پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان جي تياري شروع ڪئي ته کيس ان کي توڙ تائين پهچائڻ جو موقعو نه مليو.
اسلم خواجه پنهنجي طبيعت جي حوالي سان گھٽ ماڻهن سان ئي ٺهندو آهي، پر هن جو حسن سان خاص لڳاءُ هو. هو اڪثر گھر ايندو هو ۽ جيڪڏهن حسن ستو پيو هوندو هو يا گھر کان ٻاهر هوندو هو ته، امان سان يا اسان جي وڏي ڀاءُ سان ڪچهري ڪرڻ ويهي رهندو هو. اها واقعي منهنجي لاءِ ڏاڍي حيرت جي ڳالهه هوندي هئي. اهي ٻيئي هڪٻئي جو خيال رکندا هئا ۽ سندن اهو ناتو آخري وقت تائين هلندو آيو.
هڪ حساس ۽ آزاد طبيعت شخص. شروع کان ئي هو ٻڌندو سڀني جي هو، پر ڪندو پنهنجي هو. فيصلا ڪرڻ ۾ کيس دير نه لڳندي هئي. انٽر سائنس ڪرڻ کان پوءِ هن بي ايس سي آنرز ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جي ميٿميٽڪس ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي. اهو مضمون گھڻن جيان اسان لاءِ به ڏکيو هو، پر حسن لاءِ سولو هو. منهنجي خيال ۾ چئن سالن جي ان ڪورس ۾ هن ٻه سال مس پورا ڪيا ته اهو اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏنائين.
ڪجهه عرصي کانپوءِ کيس پاڪستان اسٽيل ملز جي ميٽلرجيڪل ٽريننگ سينٽر ۾ داخلا ملي، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ هن اهو ڪم به ڇڏي ڏنو. سندس چوڻ هو ته، ”بس مون کي صحافي ٿيڻو آهي.“ ساڳي وقت ادب سان به سندس لڳاءُ رهيو ۽ سنڌي سنگت، ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندو هو، جتي پنهنجا اسم تنقيد لاء پيش ڪندو هو. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ ڀيري هن ’وائي‘ پيش ڪئي ته، ان تي فقير محمد لاشاري ڳالهائيندي چيو هو ته، ”مون کي حيرت آهي ته هڪ شهري نوجوان سنڌي شاعريءَ جي هڪ ڪلاسيڪي صنف تي ايتري سٺي نموني طبع آزمائي ڪئي آهي.“
سندس طبيعت ۾ هڪ بيچيني ۽ اڻ تڻ هوندي هئي. ڪنهن به هڪ جاءِ تي سڪون سان نه ويهي سگھندو هو. هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات عوامي آواز ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر کان ڪئي. ساڳئي وقت ان اخبار ۾ ڪالم لکڻ پڻ شروع ڪيائين، پر جلد ئي اتان ڇڏي هلال پاڪستان ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر طور هليو ويو ۽ جڏهن اتي سندس نوڪري پڪي ٿي ته اتان استعفي ڏيئي فقير محمد لاشاريءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ ’روزاني جاڳو‘ ۾ هليو ويو. ان سان گڏ هو پنهنجي انگريزي ٻوليءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوشش ڪندو رهيو. ڏٺو وڃي ته هن پنهنجي باقاعدي صحافت انگريزي اخبارن کان ئي شروع ڪئي. ڊان گروپ جي شام جي اخبار اسٽار ۾ جڏهن هن ڪم شروع ڪيو ته کيس انور پيرزادي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. حسن گھٽ ئي ڪنهن ماڻهو مان مطمئن ٿيندو هو ۽ ان جي تعريف ڪندو هو، پر انور سان هن جو خاص لڳاءُ هو ۽ سندس پيار ۽ عزت سان ذڪر ڪندو رهندو هو. ساڳي وقت انور به هن جو، هڪ نوجوان جي طور گھڻو خيال رکندو هو ۽ سندس پيار ۽ محبت سان ذڪر ڪندو هو.
آئون سمجھان ٿو ته اسٽار ۾ هوندي هو مظهر عباس جي وڌيڪ ويجھو هو. ان کانپوءِ هن ڊيلي ٽائمز، اي ايف پي ۽ ڊان ۾ رپورٽر طور ڪم ڪيو. پنهنجين انهن نوڪرين بدلائڻ دوران ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته هو بيروزگار رهيو هجي.
اسان جيڪي ڏينهن ۾ صبج جو نائين وڳي کان شام جو پنجين وڳي تائين ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو آهيون، انهن کي لڳندو هو ته حسن جي زندگي بي ترتيب آهي. سندس نه ته ننڊ ڪرڻ جو ڪو وقت هو ۽ نه ئي جاڳڻ جو. رات جو دير تائين پيو جاڳندو، ٽي وي تي فلمون ۽ مئچ ڏسندو، ڪتاب پڙهندو ۽ پنهنجو لکڻ جو ڪم پيو ڪندو هو - ۽ ڏينهن جو دير تائين ستو پيو هوندو، پر سندس بي ترتيبي ۾ به پنهنجي هڪ ترتيب هئي. هن پنهنجي ڪم ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي ۽ پنهنجي اسائنمنٽ کي، پوءِ ڀلي اها شهر ۾ هجي يا شهر کان ٻاهر، اورچائي ۽ محنت سان پورو ڪندو هو. پنهنجي ان ڪم جي ڪري ئي هو عزت ماڻيندو هو ۽ اسان کي، ماڻهن کي اهو ٻڌائيندي سٺو لڳندو هو ته،”حسن منصور اسان جو ڀاءُ آهي.“
هڪ ٻي ڳالهه، جيڪا حسن کي گھڻن کان ڌار ڪري بيهاري ٿي، اها هئي ته هن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفاد کي فوقيت نه ڏني. هو موقعي مهل تي پنهنجن مائٽن، عزيزن، ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين ماڻهن جي مدد ڪندو رهندو هو ۽ ڪڏهن به ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪندو هو.
گھڻين خوبين جو مالڪ، هڪ يگانو ۽ منفرد ماڻهو اسان کان جلد ئي موڪلائي ويو. سندس ياد سندس سڀني دوستن ۽ عزيزن لاءِ هڪ اثاثو آهي.

منهنجا ڏاڏڻا، ناناڻا ۽ لياري ۾ رهندڙ بروهي

ڏاڏا رازڪو ڪم ڪندو هو. اڳتي هلي هن عمارتن وغيره جا ننڍا ٺيڪا پڻ وٺڻ شروع ڪيا هئا. سندس چار پٽ ان ئي ڪم سان لاڳاپيل هئا. جڏهن ته هڪ کٽمٺڙن وغيره ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. ڏاڏا جو اهو معمول هوندو هو ته روز شام جو گھر کان ٻاهر ڪرسيون رکي ويهندو هو، جتي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ مزدور ۽ مستري وغيره پنهنجي روزاني جي حال احوال ڏيڻ ۽ حساب ڪتاب لاءِ اچي گڏ ٿيندا هئا. اڳتي هلي اها هڪ باقاعدي بيٺڪ بڻجي ويئي، جتي پاڙي جا مختلف شعبن سان لاڳاپيل گھڻا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا، جتي رات جو دير تائين مختلف موضوعن تي سندن ڪچهري ٿيندي هئي ۽ ريڊيو تي خبرون ٻڌبيون هيون. ان ۾ ڪنهن به لحاظ جي ڪا تفريق نه هوندي هئي.
محرم جي ڏينهن ۾ پاسي ۾ موجود امام بارگاه مان نياز وغيره ايندو هو. محرم ۾ ئي ڀر ۾ ڪڪري گرائونڊ جي ويجھو حسينيه ايرانيان امام بارگاه تي به وڃڻ ٿيندو هو، خاص طور عاشوري جي ڏينهن ۾ اسان جي هڪ چاچي، گھر جي ٻارن کي کارادر ۾ مائٽن جي گھر وٺي ويندي هئي. ان گھر جون دريون ٻاهر سڙڪ ڏانهن کُلنديون هيون، جتان جلوس گذرندو هو. اسان به اتان بيهي اهو ڏسندا هئاسين. پوءِ اهڙو وقت به آيو جو هڪ ڀيري محرم جي ڏينهن ۾ منهنجي زال بندرروڊ تي تاج ميڊيڪل هاسپيٽل ۾ داخل هئي. عاشوري کان هڪ اڌ ڏينهن اڳ پوليس وغيره اچي ڪمري جون دريون وغيره چڪاسي اها پڪ ڪئي ته، هتان ڪنهن به طرح جي ڪا حرڪت نه ٿئي. اسان کي تڙ تڪڙ ۾، گهر وڃڻ جي موڪل ملڻ کانپوءِ اها اسپتال ڇڏڻي پيئي هئي.
عيد جي ڏينهن ۾ اهو معمول هوندو هو ته، عيد جي نماز پڙهڻ کانپوءِ بابا سان گڏ سڀني مٽن مائٽن سان عيد ملڻ ويندا هئاسين. ان ڏينهن تي هرڪو عيد ملڻ وارن جي انتظار ۾ هوندو هو ۽ سندن خاص کاڌن سان آڌرڀاء ڪيو ويندو هو. اهو سلسلو گھڻي عرصي تائين هلندو رهيو. پوءِ اڳتي هلي اهو گھٽجي ويو ۽ هاڻي ته ڄڻ بلڪل ئي ختم ٿي ويو آهي. محرم ۾ عاشوري جي ڏينهن ۾ صبوح سوير بابا سان گڏجي ميوه شاه قبرستان ويندا هئاسين، جتي مختلف جاين تي پنهنجن مٽن مائٽن جي قبرن تي فاتحه پڙهڻ کانپوءِ پنهنجي جماعت جي مک قبرستان ۾ ايندا هئاسين ۽ اتي پنهنجي ويجھن مائٽن جي قبرن تي گل پٽي رکي، پاڻي وغيره وجھندا هئاسين. ان دوارن بابا اسان کي مختلف مٽن مائٽن جي ڄاڻ ڏيندو رهندو هو.
اسان جي وڏن، مٽي مائٽيءَ جي بنياد تي ’سنڌي مومن جماعت‘ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي هئي. اها ڪنهن خاص ذات وغيره جي ماڻهن تي مشتمل نه هئي، پر ان ۾ مختلف ذاتين جا ماڻهو شامل هوندا هئا. هونئن ته جن ماڻهن اها جماعت ٺاهي هئي، اهي ۽ انهن جي خاندان وارا ان جا رڪن ليکيا ويندا هئا. جيڪڏهن جماعت کان ٻاهر ڪنهن پنهنجي ڌيءُ يا پٽ جي شادي ڪرائي ته اهي ٻاهريان ماڻهو به جماعت جا رڪن ٿي ويندا هئا. جماعت جي ملڪيت هڪ ته هال هوندو هو، جتي جماعت جون گڏجاڻيون به ٿينديون هيون، ته شادي غمي وغيره جي موقعن تي به اهو استعمال ٿيندو هو ۽ نوجوان ان کي پنهنجي وندر ۽ پڙهائي لاءِ به استعمال ڪندا هئا.
ميوه شاه جي قبرستان ۾ ڏٺو وڃي ته عام قبرون آهن، جتي ڪنهن کي به دفن ڪري سگھجي ٿو. ٻيو ته مختلف جماعتن ۽ ڪميونٽي وارن پنهنجن ماڻهن لاءِ جايون مخصوص ڪيون آهن، جتي ان جماعت ۽ ڪميونٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ئي دفن ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ريت ’سنڌي مومن جماعت‘ به پنهنجي لاءِ هڪ ڪمپائونڊ هٿ ڪيو. ان قبرستان ۾ اٽڪل هڪ صدي پراڻيون قبرون به آهن. ڪجهه قبرون انهن ماڻهن جون آهن، جيڪي 1930 جي لڳ ڀڳ ڪراچي ۾ آيل طاعون جي وبا ۾ مري ويا هئا. هن وقت رڳو ان جماعت جو نالو رهجي ويو آهي. جماعت جو هال به رڳو نالي ۾ وڃي رهيو آهي، جڏهن ته قبرستان جو معاملو اڃا هلندو اچي، پر ان جي به مناسب نموني سان سار سنڀال نه پئي ٿئي.
ڀائرن ۾ سڀ کان وڏو منهنجو بابا هو. بابا جي شادي به ڪراچيءَ جي ماڻهن مان ئي ٿي. منهنجو نانا عيساناڻي ميمڻ هو، جڏهن ته منهنجي ناني جو واسطو حب جي ويجھو لڪي جي علائقي جي بروهين سان هو. منهنجي ناني جي مائٽن جو اسان جي گھر اچڻ وڃڻ هوندو هو. اسان به موقعي مهل جي مناسبت سان لڪي ويندا هئاسين. اهي غريب ماڻهو هوندا هئا ۽ جھوپڙين ۾ رهندا هئا، پر اها ڳالهه مشهور هوندي هئي ته، ويجھو جيڪي ٽڪريون آهن، اتي خزاني سان ڀريل ديڳيون آهن، جن تي نانگ ويٺل آهي، جنهن کي ماڻهوءَ جو رت گھربل آهي. خير ان وقت ته اها هڪ ڏند ڪٿا ئي هئي، پر حب ڊيم ٺهڻ ۽ علائقي ۾ مختلف صنعتن وغيره لڳڻ ۽ ٻين ترقياتي ڪمن ٿيڻ جي ڪري اها ڳالهه ڄڻ هڪ حقيقت بڻجي ويئي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ ٻيو ته زمينن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. ان مان ظاهر ڳالهه آهي ته منهنجي ناني جو به حصو هو ۽ جنهن مان ڪجهه ان جي ڌيئن، پٽن ۽ انهن جي ٻارن کي پڻ مليو.
نانا گھڻو اڳ گذاري ويو هو. ان کي اسان جي ناني، جيڪا سندس ٽين زال هئي، مان اٺ ٻار هئا، جڏهن ته هڪ پٽ کيس پهرين زال مان به هو، جيڪا کانئس اڳ گذاري ويئي هئي. هو پنهنجي حياتيءَ ۾ منهنجي امان، جيڪا پنهنجي هڪ ڀاءُ کان ننڍي پر ناني جي ٻارن ۾ پنهنجن سڀني ڀائرن ڀينرن کان وڏي هئي، ۽ هڪ پٽ جي شادي ڪرائي سگھيو هو.
سندن وفات کانپوءِ سڄو بار نانيءَ تي اچي پيو، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين منهنجي امان ۽ بابا به سندس هٿ ونڊائيندا هئا. هوءَ ٻين ماڻهن جي گھرن جا ڪم ڪري پنهنجن ٻارن جو پيٽ گذر ڪندي هئي. سندس گھر اسان جي نوآباد واري گھر کان ٿوري مفاصلي تي بغدادي واري علائقي ۾ هو. اتي جيتوڻيڪ ان وقت بجلي نه هئي، پر هڪ ڪمري سان گڏ وڏو اڱڻ هوندو هو. آئون خاص طور اتي اڪثر رات جو وڃي رهندو هوس. اتي وڃڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به هوندو هو ته منهنجو ننڍو مامو فلم ڏسڻ جو شوقين هوندو هو. پوءِ اتي رات جو سمهڻ مهل هو فلمن جون اهي ڪهاڻيون اسان کي پنهنجي انداز ۾ ٻڌائيندو هو.
نانيءَ جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن نوي سالن کان وڌيڪ ڄمار ماڻي. پر هن تي ڄڻ عمر جو اثر نه هو. جيتوڻيڪ سندس ڌيئرن ۽ پٽن جي پنهنجن پيرن تي بيهڻ کانپوءِ کيس ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه رهي هئي، پر هوءَ هڪ جاءِ تي سانتيڪي ٿي نه ويٺي. هر وقت پنهنجن ٻارن جو حال احوال وٺڻ لاءِ ڪڏهن ڪنهن جي گھر ته ڪڏهن ڪنهن جي گھر ويندي هئي. اهڙيءَ ريت نانيءَ جي صحيح ڏس پتي جي خبر نه پوندي هئي. سندس پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان به آخر وقت تائين رابطو هوندو هو. آئون نه ٿو سمجھان ته هوءَ پنهنجي وفات کان اڳ بيمار ٿي بستري تي پيئي هوندي.
شير شاه وليج ڪراچي ۾ ڄڻ بروهين جو مرڪز هوندو هو. لياري نئين سان لڳ ان علائقي جو انتظام سيد صالح شاه جي هٿ ۾ هوندو هو، جنهن جا بلوچستان ۽ سنڌ جي بروهين سان لاڳاپا هوندا هئا. هي هڪ مهربان ۽ ٻين ماڻهن جو خيال ڪرڻ وارو شخص هو. منهنجي ناني کي هن اتي زمين ڏني ته جيئن هو اتي پنهنجو گھر ٺاهي پنهنجن پٽن سان گڏ رهي.
گھڻو عرصو منهنجي ناني ۽ ماما اتي رهيا. اسان موقعي مهل جي حساب سان سندن گھر ويندا رهندا هئاسين. پوءِ انهن سڀني پنهنجا ڌار گھر ورتا ۽ لياري جي ٻين علائقن ۾ منتقل ٿي ويا ۽ ناني به اهو گھر ڇڏي ڏنو. نانيءَ پنهنجيءَ هڪ ڀائٽيءَ سان پنهنجي پٽ جي شادي ڪرائي. سندس ان ڀاءُ جو هڪ پٽ ننڍي هوندي ئي وٽس هليو آيو هو، جتي هو سندس پٽن وانگر ئي رهيو هو.
ان وقت علائقي ۾ ڪجهه مشهور هوٽل هوندا هئا، جن ۾ ڪيفي نوآباد، ڪراچي هوٽل ۽ حاجي ولي جو هوٽل شامل هئا. حاجي ولي وارو هوٽل عمارتن جي ان جھڳٽي جو ئي حصو هو، جنهن ۾ هارون فيملي جا اسڪول، ڪاليج، يتيم خانو، جامع مسجد ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري جو مدرسه مظهرالعلوم هوندا هئا. ان هوٽل سان گڏ ٻيا مختلف دڪان به هئا.
ان عمارت جي سامهون ئي حاجي ولي جو مٺائي جو دڪان هوندو هو. حاجي ولي جي مٺائي ۽ خاص طور سوهن حلوي ۽ حبشي حلوي جي فرمائش ڪئي ويندي هئي. اهو به ڄڻ هڪ ڪامپليڪس هوندو هو. ان جي ڀر ۾ عيدگاه آهي. عيد جي نماز پڙهڻ لاءِ ان عيدگاه ۾ ئي بابا سان گڏجي اچبو هو. هڪ خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته، مولوي صادق جو پٽ حافظ اسماعيل، سنڌيءَ ۾ خطبو ڏيندو ۽ نماز پڙهائيندو هو. آئون اڃا لياريءَ ۾ ئي رهندو هوس ته سندس جماعت؛ جميعت علماء سنڌ جا ٻه همراهه، جن جو واسطو پنون عاقل سان هو ۽ جيڪي حافظ صاحب جي مدرسي سان لاڳاپيل هئا، مون سان رابطي ۾ آيا. ڪجهه ملاقاتن کانپوءِ هو مون کي حافظ صاحب سان ملاقات لاءِ وٺي ويا. خبر ناهي ڇو سندن شخصيت مون کي متاثر نه ڪري سگھي. بس هو مون کي هڪ روايتي مذهبي عالم لڳو ۽ ساڻن پوءِ ملڻ جي ڪا خواهش به نه رهي. ساڳي ريت انهن همراهن سان به رابطو ختم ٿي ويو.
علائقي جي ٻين هوٽلن ۾ رينڇوڙ لائين جو لکپتي هوٽل، چاڪيواڙي جو چمچا هوٽل ۽ بولٽن مارڪيٽ تي ڪاسائي جو هوٽل مشهور هوندا هئا. ڪاسائي جي هوٽل جي خاص ڳالهه ان جو پيالو هوندو هو. ان پيالي ۾ نان ۽ ٻڪري جا پايا ملائي ڏنا ويندا هئا، جيڪي علائقي جا ماڻهو وڏي شوق سان کائيندا هئا. کارادر ۾ هڪ علائقي کي اڃا ان جي پراڻي نالي ”پنج نمبر ٽانڪي“ سان سڏيو ويندو آهي. شايد ڪنهن دور ۾ علائقي کي پاڻي وغيره ڏيڻ لاءِ ڪي ٽانڪيون ٺاهيون ويون هجن، جن جي يادگيري مون کي ناهي. ان علائقي ۾ هڪ پراڻو ايم سليمان جي نالي سان مٺائيءَ جو دوڪان آهي.
جيتوڻيڪ ان جي مٺائي علائقي جي ٻين دڪانن جي ڀيٽ ۾ مهانگي آهي، پر ماڻهو ان جي ذائقي ۽ ڪوالٽي جي ڪري ان کي پسند ڪندا آهن. ان اڃا تائين پنهنجي ان معيار کي برقرار رکيو آهي.
رمپا پلازه، جتي گھڻو وقت سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جون هفتيوار دستوري گڏجاڻيون ۽ ماهوار پروگرام وغيره ٿيندا هئا، ان جي ڀر ۾ منظور چيمبر ۾ سائين نورالدين سرڪي جي وڪالت واري آفيس هوندي هئي. سرڪي صاحب جن جيتوڻيڪ سياست ۾ سرگرم نه هئا ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت سان سندن لاڳاپو هو، پر ماڻهن سان سندن لاڳاپو ختم نه ٿيو هو. سنڌي ادبي سنگت جا دوست مختلف پروگرامن جي حوالي سان صلاح مشوري ۽کيس دعوت ڏيڻ لاءِ وٽس ويندا هئا. سرڪي صاحب وٽ سياسي ڪارڪنن ۽ سنڌي ليکڪن جو اچڻ وڃڻ عام هوندو هو ۽ اڪثر وٽس مختلف ماڻهن سان ملاقات به ٿي ويندي هئي.

اڪيلائيءَ ذهني حالت کي تبديل ڪري ٿي ڇڏي!

اڪيلائيءَ ۾ زندگي گذارڻ ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. جيڪي الڳ ٿلڳ ۽ ٻين کان ڌار رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، اهي به ڪنهن حد تائين پنهنجي چوڌاريءَ جي زندگي سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ گھٽ ۾ گھٽ پنهنجين بنيادي ضرورتن لاءِ کين ماڻهن سان رابطي ۾ اچڻ جي ضرورت پوندي آهي. اهي ضرورتون ذهني ۽ جسماني؛ ٻيئي هونديون آهن.
ماڻهن سان گڏ رهڻ هڪ ماڻهوءَ جي بنيادي ضرورت آهي. هو اهڙي طريقي سان پنهنجيون ذهني ۽ جسماني گھرجون پوريون ڪري ٿو. ماڻهوءَ جي ان ضرورت کي محسوس ڪندي ئي اڪيلائيءَ جي قيد کي سخت سزا تصور ڪيو ويندو آهي. آمريڪا جي هڪ ڏورانهين علائقي ۾ هڪ اهڙو جيل آهي، جتي اهڙن قيدين کي رکيو ويندو آهي، جيڪي خطرناڪ سمجھيا ويندا آهن ۽ وڏن ڏوهن جهڙوڪ؛ منشيات جي اسمگلنگ ۽ دهشت گردي وغيره ۾ ملوث هوندا آهن.
هتي لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي منشيات جي وڏن نالن ۽ القاعده ۽ طالبان جي قيدين کي به رکيو ويو آهي. اتي جي خاص ڳالهه اها آهي ته قيدين کي مڪمل طور اڪيلائيءَ ۾ پنهنجين کولين ۾ بند رکيو ويندو آهي. انهن جو ٻين قيدين ۽ ٻاهر جي دنيا سان ڪو رابطو نه هوندو آهي. ڪن ڪن حالتن ۾ ڪجهه قيدين کي چوويهه ڪلاڪن ۾ اڌ ڪلاڪ لاءِ ورزش وغيره لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي. ڪجهه نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ٻه هفتا لاڳيتو اڪيلائيءَ ۾ رکيو وڃي ته ان جي ذهني حالت ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ هو پنهنجي ماحول کان لاتعلق ٿيندو ويندو آهي.
آئون پنهنجي طبيعت ۾ هڪ اڪيلائي پسند ماڻهو آهيان ۽ پنهنجي ان اڪيلائيءَ کي خاص طور تي پنهنجي لکڻ پڙهڻ، واڪ ڪرڻ ۽ ائين ئي ويهي پُورَ پچائڻ جهڙين سرگرمين ذريعي انجواءِ ڪندو آهيان، پر تازو ڪجهه عرصو مون کي اڪيلو لاهور ۾ گذارڻو پيو ته مون کي اهو احساس ٿيو ته ان ڪيفيت ۾ گذارڻ جي به هڪ حد هوندي آهي- ۽ اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه به ناهي. هوٽل جي ڪمري ۾ آئون اڪيلو رهيل هوس. هفتي جا پنج ڏينهن ته آئون آفيس ۾ هوندو هوس ۽ رات جو دير سان موٽندو هوس. ماني کائي ڪجهه دير ٽي وي ڏسي ۽ ڪتاب پڙهي سمهي رهندو هوس.
ڪنهن ويڪِ اينڊِ تي ڪراچي هليو ايندو هوس. جڏهن ته ڪجهه ويڪ اينڊ لاهور ۾ ئي گذارڻا پوندا هئا.
دفتر ۽ رهائش پري هئڻ ڪري شهر ۾ اچڻ وڃڻ گھٽ ٿيندو هو ۽ گھڻو وقت هوٽل ۾ ئي گذارڻو پوندو هو. جيتوڻيڪ ليپ ٽاپ، ڪتاب ۽ ٽي وي ڏسڻ ۾ ڪجهه وقت گذري ويندو هو، پر اهي ٻه ڏينهن خاص طور تي ان لحاظ کان نهايت سخت هوندا هئا ته، چوڌاري ڪا مانوس انساني سرگرمي نه هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو هو ته ڪٿي منهنجو ذهني توازن نه خراب ٿي پوي. مون ان مان اهو نتيجو ڪڍيو ته گھر ۾ جيتوڻيڪ آئون پنهنجي ڪم ڪار ۾ رڌل هوندو آهيان، پر مون کي اهو احساس هوندو آهي ته، منهنجي چوڌاري مانوس ماڻهن جي چرپر ۽ سرگرمي آهي، جن سان آئون ڪنهن به وقت لهه وچڙ ۾ اچي سگھان ٿو. اهڙو ماحول ان اڪيلائيءَ ۾ منهنجو مددگار هوندو آهي. جڏهن ته مڪمل اڪيلائي هڪ استشنا آهي، جنهن کي سهڻ هر انسان جي وس جي ڳالهه ناهي. رڳو ڪي ماڻهو ئي ان مرحلي مان ڪاميابيءَ سان گذري سگھن ٿا، پر انهن کي اڳتي هلي ماڻهن جي ضرورت پيش اچي ٿي.

لڏي ويل هڪ دوست جي ڳالهه ته،’يار، ڊفينس ۾ برنس روڊ وارو مزو ناهي...‘

گلشن حديد ۾ منهنجي رهائش اٽڪل ٽيويھه سالن کان وڌيڪ وقت کان آهي. جڏهن ته علائقي کان واقفيت ان جي 1984 ۾ قائم ٿيڻ جي وقت کان آهي، جڏهن منهنجا ٻه سالا، جيڪي پاڪستان اسٽيل ملز جا ملازم هئا، پنهنجن خاندانن، ٻين ڀائرن ۽ ماءُ پي سان گڏ هتي اچي رهيا هئا. ان وقت اڃا فيز ون جو ڪم مڪمل ٿيو هو ۽ فيز ٽو جو ڪم شروع ٿيڻ وارو هو يا ابتدائي مرحلن ۾ هلندڙ هو. اسٽيل ملز پاران اها ڪالوني درحقيقت پنهنجن ملازمن لاء ٺاهي ويئي هئي ته جيئن کين شهر جي ٻين علائقن مان اچڻ ۾ گھڻي تڪليف نه ٿئي۽ ساڳئي وقت ملز جي ٽرانسپورٽ جي خرچ ۾ پڻ گھٽتائي اچي سگھي. اهڙي ريت ملازمن کي ته اهي گھر گھٽ قيمت ۽ آسان قرض جي شرطن تي ڏنا ويا، جڏهن ته ٻين ماڻهن جي به انهن گھرن کي خريد ڪرڻ وغيره تي ڪا پابندي نه هئي. هڪ ته هتان جي گھرن جون قيمتون شهر جي ٻين، ساڳئي معيار جي علائقن جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گھٽ هيون . ٻي ڳالهه ته شهر ۾ خاص طور تي پاڻي ۽ بجلي وغيره جا جيڪي مسئلا هئا، اهي هتي ائين نه هئا. اهي ٻيئي سهولتون اسٽيل ملز فراهم ڪندي هئي ۽ ماڻهو ان لحاظ کان پاڻ کي شهر جي ٻين علائقن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مراعات يافته ۽ مٿانهون سمجھندا هئا.
هڪ ٻيو اهم عنصر، جنهن شهر جي گھڻن ماڻهن کي هن علائقي ڏانهن متوجهه ڪيو، اها اُن دور ۾ شهر ۾ نسلي ۽ لساني فسادن سبب خراب ٿيندڙ صورتحال هئي، جن شهر کي حقيقت ۾ نسلي ۽ لساني بنيادن تي ورهائي ڇڏيو هو ۽ ماڻهن پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي حفاظت لاءِ اهڙن علائقن قائم ڪرڻ يا اهڙن علائقن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي، جتي سندن پنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو رهندا هجن. گلشن حديد ۾ رهندڙ اهڙن ماڻهن ۾ انور پيرزادو، شاه محمد پيرزادو ۽ سندن خاندان جا ڪجهه ٻيا ماڻهو به شامل هئا. اهڙي ريت علائقي جي آبادي به وڌي ويئي ۽ ان جي گھرن وغيره جي قيمتن ۾ پڻ واڌارو اچي ويو.
هتي شروعاتي دور ۾ ڏکيائيون اهي هيون ته هفتيوار بازار کان سواءِ سودي سلف وغيره وٺڻ جو ڪو مناسب بندوبست نه هو. علائقي جي رٿابندي ڪرڻ وارن کي فيز ون ۾ ڪمرشل ايريا يا مارڪيٽ وغيره ٺاهڻ جو ڪو خيال نه آيو هو، ان ڪري ماڻهن رهائشي گھرن ۾ ئي مختلف شين جا دڪان وغيره کولڻ شروع ڪيا. ان گھٽتائيءَ کي پوءِ فيز ٽو ۾ مخلتف مارڪيٽون وغيره کولي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان ڪريِ شروع ۾ گھڻين شين وٺڻ لاء شهر جو رخ ڪرڻو پوندو هو يا شهر مان ايندڙ ڪنهن مائٽ مٽ کي ان لاء چوڻو پوندو هو. ساڳي ريت شهر اچ وڃ لاءِ ٽرانسپورٽ جو ڪو مناسب بندوبست نه هو. شروع ۾ ليمارڪيٽ کان گلشن حديد تائين ڳوٺاڻي قسم جي هڪ 51 نمبر بس هلندي هئي، جنهن لاء گھڻو وقت انتظار ڪرڻو پوندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪوسٽر سروس شروع ٿي ۽ پهرين ڪوچ ’مهراڻ’ جو روٽ ڊاڪيارڊ کان گلشن حديد هو. ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ مختلف روٽن تي اهڙِين ڪيئي ڪوچ سروسن جي شروعات ٿي ويئي. ان سروس جي شروع ٿيڻ سان علائقي جي ماڻهن لاء به سهولت ٿي پيئي ته ساڳي وقت علائقي تائين ٻين ماڻهن جي پهچ به آسان ٿي پيئي.
ان وقت جيئن ته شهر ۾ ايڏي گھڻي ٽريفڪ وغيره نه هوندي هئي۽ روڊ به صحيح حالت ۾ هئا، ان ڪري ماڻهو ڪلاڪ سوا ۾ شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهچي ويندو هو. اسڪولن ۽ ڪاليجن وغيره جي لحاظ کان جيتوڻيڪ اسٽيل ملز ۽ حڪومت جا قائم ڪيل ڪي اسڪول ۽ ڪاليج هئا، پر اهي پنهنجي معيار وغيره جي لحاظ کان اطمينان جوڳا نه هئا. ان گھٽتائيءَ کي پوري ڪرڻ ۽ علائقي جي آباديءَ جي وڌنڌڙ ضرورتن کي محسوس ڪندي هتي بيڪن ۽ سٽي سميت سوين خانگي اسڪول قائم ٿي ويا، پر خاص طور مئٽرڪ کان پوءِ جي تعليم لاءِ شاگردن جي وڏي تعداد کي وڏو سفر ڪري شهر جي مختلف تعليمي ادارن ۾ وڃڻو پئي ٿو. صحت جي سهولتن جي حوالي سان جيتوڻيڪ هتي مختلف ننڍيون وڏيون اسپتالون ۽ ليبارٽريون وغيره آهن . اسٽيل ملز جي قائم ڪيل هڪ سئو بسترن واري اسپتال به آهي، جتي چڪاس وغيره جو جديد سامان به موجود آهي، پر اسٽيل مل پنهنجي مالي بيقاعدگين، عدم دلچسپي ۽ ملازمن جي رويي جي ڪري ان اسپتال کي ان معيار تي نه آڻي سگھي آهي، جيڪا پنهنجن ملازمن ۽ علائقي جي ماڻهن کي معياري طبي سهولتون فراهم ڪري سگھي. نتيجي ۾ گھڻي ڀاڱي مريضن کي شهر جي اسپتالن ڏانهن رخ ڪرڻو پوندو آهي، خاص طور ايمرجنسي جي صورتحال ۾ وڏي فاصلي ۽ ٽريفڪ جي صورتحال جي ڪري اهو ڏاڍو ڌکوئيندڙ عمل هوندو آهي.
ڪراچي جي پراڻي شهر جو ماحول شهر جي ٻين علائقن کان بلڪل ئي مختلف آهي. هتي گھڻي وقت گذرڻ ۽ ماحول تبديل ٿيڻ جي باوجود ماڻهورات دير تائين پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندا رهندا آهن. ڪيئي ميل پري رهندڙ ماڻهن جي نالن ۽ گھر ٻار جي هڪٻئي کي خبر چار هوندي آهي. اسان جي آفيس جو هڪ دوست جيڪو برنس روڊ تي رهندو هو، ان کي ڊفينس ۾ گھر وٺڻ جو خيال ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ مون سان سندس ملاقات ٿي ته ٻڌايائين ته، ’يار ڊفينس ۾ برنس روڊ وارو مزو ناهي. هر ڪو پنهنجي ڪرت ۾ لڳو پيو آهي. ماڻهن کي هڪٻئي جي خبرچار ۽ حال احوال وٺڻ جي پرواهه ئي ناهي. سوچيان پيو ته واپس برنس روڊ ۾ گھر ۾ موٽي اچان.‘ اهڙي ريت منهنجا سالا ۽ سندن ماءُ پيءُ جيڪي شروع ۾ هتي گشن حديد ۾ اچي رهيا هئا، تن مان رڳو هڪ هتي حديد ۾ رهجي ويو، باقي چار ڄڻا مختلف وقتن تي پنهنجي ماءُ پيءُ سميت پنهنجي پراڻي پاڙي ۽ گھرن ڏانهن هليا ويا. ٻين گھڻن مائٽن به هتي جيڪي گھر ورتا هئا، اهي هتي مسواڙ تي ڏيئي پنهنجن پراڻن گھرن ڏانهن هليا ويا. ڪجهه ته اهڙا هئا، جن جا ٻار ته هتي رهندا هئا، پر پاڻ اسٽيل مل مان ڊيوٽي ڪري سڌو شهر هليا ويندا هئا ۽ ڏينهن جا ڏينهن گھر وارن کي سندن منهن ڏسڻ نصيب نه ٿيندو هو. منهنجي لاءِ خاندان جا ڪجهه فرد اهو چوندا هئا ته، ”هي پنهنجي الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلي رهڻ واري طبيعت جي ڪري اتي حديد ۾ رهي ويندو، باقي سندس ٻئي ڪنهن ڀاءُ جو هتي رهڻ ڏکيو آهي.“ اهڙي ريت 27 نومبر 1997 تي آئون پنهنجو پراڻو گھر ڇڏي گلشن حديد لڏي آيس.
گھڻو ڪجهه ڏسڻ وائسڻ کانپوءِ مون گلشن حديد فيز ٽو ۾ گھر ورتو. ان وقت اڃان بينڪن جو گھرن، گاڏين ۽ ذاتي قرضن وغيره لاءِ آسان شرطن وارن قرضن وارو معاملو شروع نه ٿيو هو، ان ڪري گھرن جون قيمتون، جيڪي ڪجھه سالن کان پوءِ آسمان تي پهچي ويون هيون، اڃا مناسب حد ۾ ۽ مون جهڙي ماڻهو جي پهچ ۾ هيون. فيز ٽو اڃا پوريءَ ريت آباد نه ٿيو هو. گھڻا گھر ڪنسٽرڪشن ڪمپني ائين ئي اڻ مڪمل ڇڏي ويئي هئي ۽ گھڻا خالي پيا هوندا هئا، جن مان ڪجھه تي قبضا ٿيل هئا، جن کي ڇڏائڻ لاءِ مالڪ ڊوڙ ڊڪ ۾ لڳل هوندا هئا.
فيز ون جي بجلي اسٽيل مل فراهم ڪري ٿي ۽ اها ئي اتي رهندڙن کي ماهوار بل وغيره موڪليندي آهي، جڏهين ته فيز ٽو، ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي ٿيل هو. ٻنهي ۾ فرق اهو هوندو هو ته، فيز ون ۾ بجليءَ جو ڪو مسئلو ۽ لوڊ شيڊنگ وغيره نه هوندي هئي، جڏهن ته فيز ٽو ۾ لوڊ شيڊنگ ۽ پاور بريڪ ڊائون وغيره عام ڳالهه هوندي هئي، ان ڪري گھڻا ماڻهو فيز ٽو جي ڀيٽ ۾ فيزون ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا هئا ۽ ان لحاظ کان اتان جي گھرن جون قيمتون به وڌيڪ هونديون هيون. آئون جڏهن هتي رهڻ آيس ته ان وقت هتي بجلي جا ميٽر لڳل نه هوندا هئا ۽ نه ئي ڪي ماهواربل وغيره ايندا هئا.
اهي ميٽر گھڻي عرصي کان پوءِ لڳا ۽ هتي رهندڙن کي ان عرصي ۾ ائين ئي بجلي ملندي رهي. سڄي علائقي کي پاڻيءَ جي فراهمي جو بندوبست اسٽيل مل جي هٿ ۾ آهي، جيڪا پنهنجي فلٽر پلانٽ وغيره وسيلي پاڻي فراهم ڪندي آهي. ان پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جو بل به اسٽيل مل ٽه ماهي بنياد تي وصول ڪندي آهي. ان پاڻيءَ جي ڪوالٽيءَ کي شهر جي ٻين علائقن ۾ فراهم ٿيندڙ واٽر بورڊ جي پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ بهتر سمجھيو ويندو آهي. ان وقت پاڻي وافر مقدار ۾ هوندو هو ۽ ان جي استعمال تي ڪا پابندي نه هئي. هر ڪنهن پنهنجن گھرن آڏو وڻ ٻوٽا ۽ لان وغيره رکيا هئا ۽ پاڻيءَ جو گھڻو ضروري ۽ غيرضروري استعمال ڪيو ويندو هو. ان وقت اها صورتحال هئي ته منهنجي گھر جي ڇت تي جيڪا واٽر ٽينڪ لڳل هئي، اها رات جو دير سان جڏهن پاڻي جي فراهمي شروع ٿيندي هئي ته بنا ڪنهن پاڻي ڇڪڻ جي، موٽر وغيره هلائڻ جي، پاڻيءَ جي پنهنجي پريشر سان ئي ڀرجي ويندي هئي ۽ گھڻي دير تائين ٽينڪ مان پاڻي ائين ئي وهندو رهندوهو. پاڙي وارا اهو سمجھندا هئا ته، شايد گھروارا پاڻيءَ جو موٽر هلائي سمهي پيا آهن.
اها صورتحال مختلف ڪارڻن ۽ خاص طور تي اسٽيل مل جي خراب ٿيندڙ معاشي صورتحال جي ڪري ساڳي نه رهي. اسٽيل مل پاران ڪي اليڪٽرڪ جي بجليءَ جي بلن جي ادا نه ڪري سگھڻ جي ڪري صورتحال اها وڃي بيٺي ته اسٽيل مل کي بجليءَ جي فراهمي بند ٿي ويئي. اسٽيل ٽائون ۽ فيز ون، جيڪي شهر جي اهڙن ڪجھه چونڊ علائقن مان هئا، جتي بجلي جي وڃڻ جو تصور ئي نه هو، اتي ڏينهن جا ڏينهن بجلي نه هوندي هئي. ساڳئي وقت جڏهن معاملا ڪجھه نبريا ته هتي صبوح شام شهر جي ٻين علائقن جيان لوڊ شيدنگ جو معمول شروع ٿي ويو. هتان جي ماڻهن سان جڏهن علائقي جي بجليءَ جي نظام کي ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪبي هئي ته اهي ڪاوڙجي پوندا هئا ۽ هڪ اڌ موقعي تي ته انهن اهڙي ڪنهن ڪوشش کي روڪڻ لاءِ مظاهرو وغيره ڪري ماڳهين نيشنل هائي وي ئي بند ڪري ڇڏيو هو. پوءِ اهڙو وقت به آيو جو انهن مان گھڻا اها گھر ڪرڻ لڳا ته، جيئن ته اسٽيل مل سندن ضرورتن کي پورو نه ٿي ڪري سگھي، ان ڪري سندن علائقي جي بجليءَ جي نظام کي ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي ڪيو وڃي.
ان دوران فيز ٽو جي بجليءَ جي صورتحال ۾ ڪافي سڌارو اچي ويو. بلن جي ادائيگي کي ڏسندي پهرين لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ گھٽتائي ڪئي ويئي ۽ پوءِ ماڳهين ان کي ختم ڪيو ويو.
جيستائين پاڻيءَ جي فراهميءَ جو تعلق آهي ته ٻه ٽي سال اڳ ۾ سڄي علائقي کي هڪ ڊگھي عرصي تائين اهڙي بحران کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن جي ڪري ايستائين جو گھڻن ماڻهن کي پنهنجا گھر ڇڏي شهر جي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻو پيو. پهريون ڀيرو علائقي ۾ واٽر ٽينڪرن جي آمد شروع ٿي. ٽئين چوٿين ڏينهن ڪجھه علائقن کي پاڻيءَ ڦڙو ملي پوندو هو. مسئلو اسٽيل مل جي لاڳاپيل آفيسرن جي نااهلي، علائقي جي مختلف صنعتي ۽ زرعي ادارن وغيره کي پاڻي وڪڻڻ تان جھيڙو ۽ ڪجه ماڻهن جي چوڻ موجب واٽر ٽينڪر مافيا سان ملي ڀڳت هئي، جڏهن ته جنهن تلاءَ مان پاڻي فراهم ٿيندو هو، اهو ڀريل ئي هوندو هو. ان سڀڪجھ لاءِ جواز اهو ڏنو ويندو هو ته، پاڻي ڇڪڻ وارين مشينن ۾ خرابي آهي ۽ يا پمپنگ اسٽيشن ۾ بجلي ناهي، پر ماڻهو اهو سمجھي سگھيا ٿي ته اها صورتحال ايتري ڊگھي عرصي تائين نه ٿي رهي سگھي. صورتحال ايتري خراب هئي جو ننڍا ٻار پاڻيءَ جا ٿانوَ کڻي گھر گھر وڃي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ منٿون ڪندا هئا.
ان طرح پاڻي علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ اڻ لڀ شئي ٿي پيئي هئي. پوءِ رات وچ ۾ اهو مسئلو ائين حل ٿي ويو ڄڻ اهو موجود ئي نه هو. چوڻ وارن جو چوڻ آهي ته، اسٽيل ٽائون ۾ رهندڙ طاقتور آفيسرن ڊگھي عرصي تائين معاملي کي ڏسڻ کان پوءِ اسٽيل مل جي لاڳاپيل ڪامورن کي چتاء ڏنو هو ته، اهي معاملن کي ٺيڪ ڪن، نه ته هو پاڻ انهن کي ٺيڪ ڪندا.
هن وقت اسٽيل مل جي حالت ڪا گھڻي چڱي ناهي. حقيقت ۾ اها بند ئي پيل آهي. علائقو جنهن جي لاءِ اسٽيل مل جي هڪ اڳوڻي چيئرمين جو چوڻ هو ته، هو ان کي اسلام آباد جهڙو ٺاهيندو، اهو نه ٺهي سگهيو. آبادي وڌي ويئي آهي.
هرڪنهن ٻه ٻه ٽي ٽي ماڙ گھر ۽ گھرن ۾ دڪان بلڪه مارڪيٽون ٺاهي ڇڏيون آهن. ايڪسٽينشن ۾ ماڻهن کي گھرن، دڪانن ۽ هوٽلن وغيره لاءِ پلاٽ ڏنا ويا آهن، جتي ماڻهن پاڻي، بجلي ۽ گئس وغيره جي سهولتن نه هئڻ ڪري غيرقانوني طور انهن جا ڪنڪشن حاصل ڪيا آهن. جيتوڻيڪ علائقي مان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل وغيره جا ڪائونسلر وغيره چونڊجن ٿا، پر اڃا اهو طئي نه ٿي سگھيو آهي ته، علائقي جي سڙڪن کي ٺاهڻ وغيره جي ذميواري آيا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي آهي يا اسٽيل مل جي؟ حالت اها آهي ته هن وقت ڄڻ علائقي ۾ سڙڪن جو وجود ئي ناهي.
جنهن علائقي کي شهر جو صاف سٿرو علائقو سمجھيو ويندو هو، اتي هن وقت جاءِ جاءِ تي ڪچري جا ڍير لڳل آهن ۽ انهن جي صفائيءَ جو ڪو بندوبست ناهي. اهو هڪ اهڙو علائقو آهي، جنهن جي هن وقت ڪا به مالڪي ناهي.

ڪجهه ريل جي سفر جي باري ۾، جتي هڪ سَٽي باز به مليو!

مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ريل جو گھڻو سفر ڪيو آهي، جيڪو مختلف طريقن سان ريل جي هر ڪلاس ۾ سفر ڪيو آهي. گھڻا سال اڳ هڪ ڀيري آئون پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مامي سان گڏ پاڪستان جي مختلف شهرن جي سير تي نڪتو هوس. ملتان، لاهور ۽ راولپنڊي گھمڻ کان پوءِ پشاور پهتا هئاسين، جتان اسان کي ڪراچيءَ موٽڻو هو. اسان مان ڪنهن کي به ان وقت اهو اندازو نه هو ته اڳواٽ بُڪنگ کانسواءِ ريل ۾ سيٽ نه ملندي آهي، خاص طور تي پشاور کان ڪراچيءَ جي اٽڪل چوويهه ڪلاڪن جي ڊگھي سفر لاءِ ته اهو اشد ضروري هو. ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهي پياسين. ڪا سيٽ خالي هجي ته اسان کي ملي. پٺاڻن جا ڪٽڪ هئا، جيڪي پشاور کان ڪراچيءَ اچي رهيا هئا. اهو سفر اسان ٽنهي لاءِ انتهائي تڪليف ده هو. مون کي ته پنجاب جي ڪنهن شهر تي لهندڙ هڪ همراهه گاڏيءَ ۾ موجود ٻين مسافرن سان وڙهي پنهنجي سيٽ الائي ڪهڙي خيال کان ڏيئي ويو، پر باقي اسان وارا ٻيئي همراهه ائين ئي پنهنجو وقت گذاري اچي ڪراچيءَ پهتا.
ان کان گھڻو وقت پوءِ 9 اپريل 2008 تي مون کي پنهنجي زال سان گڏ ملتان وڃڻو هو ۽ اسان اڳواٽ ان لاءِ بڪنگ به ڪرائي ڇڏي هئي. مون کي پنهنجي آفيس مان، جڏهن ته منهنجي گھرواريءَ کي پنهنجي گلشن حديد واري گهر مان سٽي اسٽيشن تي پهچڻو هو. ڪراچيءَ جي حالتن لاءِ ته نه ان وقت ۽ نه ئي هاڻي ڪا اڳڪٿي ڪري سگھجي ٿي ته، ايندڙ لمحي ڇا ٿيندو. ان ڏينهن به اوچتو ايم ڪيو ايم ڪنهن بهاني پنهنجو احتجاج شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ معمول جيان سڄو شهر وڳوڙن ۾ وٺجي ويو هو. ان ڏينهن ئي سٽي ڪورٽ جي ويجھو طاهر پلازه ۾ وڪيل ۽ سندن اصيل، ڪيميڪل ذريعي باهه ڏيئي ساڙيا ويا هئا. مون لاءِ ٽاور تي اسٽيٽ بينڪ کان سٽي اسٽيشن پهچڻ ڪو مسئلو نه هو، پر منهنجي زال کي ان سلسلي ۾ وڏي ڏکيائيءَ کي منهن ڏيڻو پيو. ٽئڪسي ۾ گھران نڪرڻ مهل نه ته کيس ۽ نه ئي ٽئڪسي ڊرائيور کي شهر ۾ حالتن جي سنگيني جو اندازو هو. قائد آباد پهچڻ کان پوءِ انهن کي ڪجهه اندازو ٿيو ته اڳتي حالتون صحيح ناهن.
ٽئڪسي ڊرائيور اڳتي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر منهنجي زال اهو سوچي ته، هوءَ جيڪڏهن لانڍي اسٽيشن تان ڪنهن ريل ۾ ويهندي ته اها کيس سڌو وڃي سٽي اسٽيشن لاهيندي. پر جنهن ٽرين ۾ هوءَ ويٺي ته اها به وڳوڙن جي ڪري ڊرگ روڊ جي اسٽيشن تي بيهي رهي ۽ اتان هوءَ ڪنهن طريقي سان وڌيڪ ڀاڙو ڏيئي رڪشا يا ٽئڪسي ڪري اچي سٽي اسٽيشن تي پهتي.
آئون جڏهن اسٽيشن تي پهتس ته هوءَ اڳ ۾ ئي اتي موجود هئي. پوءِ ريل جو هڪ اڻکٽ انتظار شروع ٿي ويو. گھر وارن کي اسان اطلاع ڪري ڇڏيو هو ته اسان خيريت سان اسٽيشن تي پهچي ويا آهيون، جنهن ڪري هو ڪا ڳڻتي نه ڪن. جنهن ريل گاڏيءَ کي ڇهين وڳي ڪراچيءَ کان روانو ٿيڻو هو، اها ان وقت تائين ڪراچي ئي نه پهتي هئي ۽ شهر کان ٻاهر ئي وڳوڙن جي ڪري ڪٿي بيٺل هئي. اسان وانگر ٻيا گھڻا مسافر به اسٽيشن تي پنهنجي پنهنجي گاڏيءَ جي انتظار ۾ ويٺا هئا. نيٺ رات جو اٽڪل نائين وڳي ڌاري گاڏي ڪراچي پهتي ۽ يارڊ ۾ صفائي وغيره جي عمل مان گذرڻ کان پوءِ اٽڪل ڏهين وڳي ڌاري ڪراچي کان رواني ٿي. ساڳئي ريت اسان پنهنجي منزل تي به اوترو ئي دير سان پهتاسين.
سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ ريلوي جو نظام هميشه کان وڌيڪ بهتر رهيو آهي. انهن جو شيڊول اهڙي ريت طئي ٿيل هوندوآهي جو فيصل آباد، گجرانوالا ۽ گجرات وغيره کان به ماڻهو صبح جو سوير لاهور؛ پنهنجن ڪمن ۽ دفترن ۾ پهچي سگھن ٿا. مون کي پنهنجي آفيس جي ڪمن جي سلسلي ۾ اڪثر پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وڃڻو پوندو هو ۽ ان سهولت کي مدِنظر رکندي آئون پنهنجي رهائش لاهور ۾ ئي رکندو هوس، جتان ئي اچ وڃ ڪندو هوس. لاهور کان پنڊي ويندڙ ريل ڪار مون کي صبح جو نائين وڳي کان اڳ گوجرانوالا تي لاهيندي هئي. هڪ ڀيري مون کي کاريان وڃڻو هجي ۽ مون اهو ئي سوچيو ته، صبح جو ريل ڪار ۾ سوار ٿي سڌو وڃي اتي لهبو. اتفاق سان اتي پليٽ فارم تي نان اسٽاپ نالي ٽرين به بيٺل هجي، جيڪا واٽ تي ڪٿي بيهڻ کانسواءِ سڌو لاهور کان پنڊي ويندي آهي. آئون غلطيءَ سان ريل ڪار ۾ چڙهڻ بدران نان اسٽاپ ۾ سوار ٿي ويس. جڏهن اها گجرانوالا جي اسٽيشن تي نه بيٺي ته، مون ٻين مسافرن کان پڇيو ته، ”اها اتي ڇو نه بيٺي؟“
انهن ٻڌايو ته، ”اها ريل ڪار نه، پر نان اسٽاپ آهي، جيڪا گجرانوالا تي ناهي بيهندي ۽ نه ئي وري اها کاريان تي بيهندي.“ آئون پريشان ٿي ويس ته اهو ته غلط ڪم ٿي ويو. گاڏي مون کي سڌو پنڊي وڃي لاهيندي ۽ پوءِ اتان کاريان پهچندي ته شام ٿي ويندي، پر ان ڳالهه کي اتفاق چئجي ته ٺيڪ کاريان اسٽيشن تي ئي سگنل نه ملڻ ڪري گاڏي بيهي رهي. گاڏي پليٽ فارم کان ڪجهه پرتي بيٺي. زندگيءَ ۾ شايد اهو پهريون ڀيرو هو جو مون پنهنجو سامان کنيو ۽ هيٺ پٽڙين تي ٽپي پيس ۽ پٽڙيون پار ڪري سڌو کاريان جي ريلوي اسٽيش ۽ اتان ٻاهر نڪري ويگن رستي کاريان شهر ۾ پنهنجي وقت کان اڳ پنهنجي منزل تي اچي پهتس. ان متعلق هينئر به آئون سوچيندو آهيان ته مون کي يقين نه ايندو آهي ته، واقعي ائين ٿيو هو ۽ مون پٽڙين تي ٽپو ڏنو هو.
ڪجهه عرصو اڳ هڪ دوست سان پروگرام ٺاهي لاهور لاءِ روانا ٿياسين. منهنجي اها عادت آهي ته گھڻي ڀاڱي اسٽيشن تي ريل مان نه لهندو آهيان، پر ان ڏينهن الائي ڇا ٿيو جو آئون ڪنهن شئي وٺڻ لاءِ حيدرآباد اسٽيشن تي گاڏيءَ مان لهي پيس. مون اڃا اها شئي ورتي نه ورتي ته ريل هلڻ شروع ڪيو ۽ آئون ان ۾ سوار ٿي نه سگھيس ۽ پنهنجي ان شئي سميت اتي اسٽيشن تي ئي رهجي ويس. مون سان گڏ جيڪو همراه هئو، اهو پنهنجي ليکي پريشان، پر هو ٽرين ۾ اڳتي هليو ويو. پوءِ فون تي اهو طئي ڪيوسين ته هو ڀلي لاهور پهچي اتي منهنجو انتظار ڪري. آئون پويان ايندڙ ٻي ٽرين ۾ اتي پهچان ٿو. پويان ايندڙ ٻي ٽرين ته مون کي جلدي ملي ويئي، پر اهو سفر ان دوست جي لاءِ ۽ منهنجي لاءِ ذهني اذيت ۽ تڪليف وارو رهيو.
ان سڀڪجهه جي باوجود به ريل جو سفر منهنجي لاءِ بس ۽ هوائي جهاز جي ڀيٽ ۾ هميشه وڻندڙ ۽ اتساهيندڙ رهيو آهي. آئون هاڻي به ريل جي سفر کي ترجيح ڏيندوآهيان. هونئن ته مون هوائي جهاز، ريل ۽ بس ۾ گھڻو سفر ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ هر سفر جي پنهنجي خاصيت آهي ۽ ماڻهو هر سفر ۾ مختلف تجربا حاصل ڪري ٿو، پر انهن ۾ ريل جي سفر جي هڪ پنهنجي انفراديت آهي. ان ۾ ريل جو گاڏو ڄڻ ته ڪجهه وقت لاءِ مسافرن جو گڏيل گھر بڻجي ويندو آهي ۽ اهڙا مسافر، جيڪي هونئن هڪٻئي سان ڪڏهن مليا به نه هوندا آهن، سي سفر ختم ٿيڻ تائين هڪٻئي جي انتهائي ويجھو اچي وڏا مائٽ بڻجي پوندا آهن. هونئن ته منهنجو اهڙي سفر ۾ گھڻن مختلف ماڻهن سان واسطو پيو آهي، پر ويجهڙ ۾ جڏهن هڪ ذاتي ڪم سانگي ملتان وڃڻو پيو ته، اهو ڄڻ هڪ نئين قسم جي ماڻهن سان سفر ڪرڻ جو هڪ منفرد تجربو هو.
هن وقت جيتوڻيڪ ريل جي نظام ۾ مسافرن کي سهولتن وغيره ڏيڻ ۽ وقت جي پابنديءَ جي حوالي سان گھڻو سڌارو اچي چڪو آهي، پر ساڳئي وقت ڪجهه ريل گاڏين کي نجي هٿن ۾ ڏيڻ ۽ وڌيڪ پئسن ڪمائڻ جي حوالي سان نشستن وغيره ۾ جيڪي تبديليون ڪيون ويون آهن، انهن مسافرن لاءِ ڪجهه سوڙهه،ِ تنگي ۽ ڏکيائي به پيدا ڪري ڇڏي آهي. اڳ ۾ جيڪا جاءِ ٻن ماڻهن لاءِ هوندي هئي، اتي هاڻي ٻنهي پاسن کان وچ ۾ هڪ هڪ واڌو سليپر هڻي ڇهن ماڻهن جي گنجائش ڪئي ويئي آهي. اهڙيءَ ريت ماڻهو لاءِ ڄڻ صحيح نموني ويهڻ جي جاءِ به نه ٿي هجي. ريلوي وارن جو مقصد آهي ته اهي بس ستل ئي رهن. اها صورتحال اٽڪل سڀني ريل گاڏين ۽ انهن جي سڀني ڪلاسن ۾ آهي.
آئون ڪراچي مان پنهنجي زال سان 23 سيپٽمبر تي تيزگام ۾ بزنس ڪلاس ۾ روانو ٿيس. اسان کان سواءِ اسان جي ڪوپي ۾ چار ٻيا مسافر سوار ٿيا. انهن همراهن جو ڪراچيءَ سان ئي واسطو هو. انهن اسان کي شروع ۾ چيو ته، ”اسان جي پاران اوهان کي ڪابه پريشاني نه ٿيندي.“ سندن ڳالهين مان خبر پيئي ته هو جيتوڻيڪ پاڻ ۾ دوست هئا، پر پنهنجي مزاج، عمر ۽ پسمنظر جي حوالي سان مختلف هئا. هڪ ڪاٺياواڙي ميمڻ، هڪ رنڇوڙ لائين ۾ رهندڙ سلاوٽ ۽ ٻه اڙدو ڳالهائيندڙ هئا. ميمڻ جو سڄو ڌيان پنهنجي موبائيل تي هو ۽ لاڳيتو پنهنجي گھر ۾ پنهنجي پٽ سان رابطي ۾ هو. هو ان کي ڪنهن ڪرڪيٽ ميچ ۾ سٽي جي حوالي سان هدايتون ڏيئي رهيو هو. ساڳئي وقت هو پنهنجي هڪ دوست کي اهو پڻ سمجھائي رهيو هو ته، انٽرنيٽ وسيلي انهن ميچن ۾ ڪيئن ٻولي ڏبي آهي ۽ ڪيئن سٽو کيڏبو آهي. مون دير تائين اهو سڀڪجهه ڏٺو پي.
جيتوڻيڪ ڪرڪيٽ کي آئون به فالو ڪندو آهيان، پر مون کي ذهن ۾ نه پيو اچي ته ان وقت ڪٿي ۽ ڪهڙي ميچ ٿي رهي هئي. نيٺ مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مون کانئس پڇيو ته، ”اها ڪهڙي ميچ ۽ ٽورنامينٽ آهي؟“ هن مون کي ٻڌايو ته، ”اها ڀارت جي پرڳڻي ڪرناٽڪا ۾ ٿيندڙ ڪرناٽڪا پريميئر ليگ آهي، جنهن ۾ ان پرڳڻي جون مقامي ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن.“
مون کانئس پڇيو ته، ”هو ڪهڙيءَ ريت اها راند ڪري ٿو؟“ ته هن ٻڌايو ته، ”سندس واسطو ڪنهن به ٽيم جي کٽڻ يا هارائڻ سان نه هوندو آهي.“ هن مون کي سمجھائيندي چيو ته، ”جيئن شيئرز مارڪيٽ ۾ شيئرز جي قيمت ۾ چاڙهه ۽ لاٿ جي صورت ۾ خريد و فروخت ڪري نفعو ڪمائبو آهي، ساڳي ريت هتي به ڪنهن به ٽيم جي اگهه ۾ لاٿ ۽ چاڙهه جي صورت ۾ اسان ٽيمن جي خريد و فروخت ڪندا آهيون.“ هو پنهنجي دوست کي ٻڌائي پيو ته، ”اهو ڌنڌو ڄڻ ته سندس رت ۾ شامل آهي. شروع ڏينهن کان هو اهو ڪم ڪندو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اهو دنيا جو بهترين ڌنڌو آهي.
جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ پئسو آهي ته ان کي ان ڪم ۾ شامل ٿيڻ گھرجي، پر ساڳئي وقت ان لاءِ هڪ ته ماڻهوءَ کي ان ڪم جي طور طريقن جي خبر هجي ۽ ٻيو منجھس نقصان برداشت ڪرڻ جي به سگهه هجي. پر هن جي باقي ٽن دوستن مان ڪنهن جي به ان ڪم ۾ دلچسپي نه ٿي لڳي ۽ هو ان ڪم کي چڱو نه پيا سمجھن. جڏهين ته هڪ ٻئي دوست جي وري ڳائڻ ۾ دلچسپي هئي ۽ منهنجي ۽ پنهنجن دوستن جي زور ڀرڻ تي هن پراڻن انڊين ۽ ڪلاسيڪي گانن جا ڪجهه ٽڪرا ڳائي ٻڌايا.
سلاوٽ جو چوڻ هو ته، هو مقامي چونڊن ۾ چيئرمين جي عهدي لاءِ آزاد اميدوار طور بيٺو هو، پر ايم ڪيو ايم جي اميدوار کان ڏيڍ سئو ووٽن تان هارائي ويو. سندس چوڻ هو ته، هو اهڙين چونڊن ۾ حصو وٺندو رهندو آهي ۽ برادريءَ جي ڪري سندس ووٽن جي پوزيشن به مضبوط هوندي آهي. هن ڀيري ايم ڪيو ايم، خاص طور تي برادريءَ جي حوالي سان فاروق ستار پاران مٿس گھڻو زور وڌو ويو ته هو ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ وٺي يا ايم ڪيو ايم جي اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ۽ قوم کي نه ورهائي. ايستائين جو منهنجي ساڻس ملاقات کان انڪار ڪرڻ جي باوجود هو منهنجي اليڪش آفيس ۾ هلي آيو، پر مون کي هٿ کڻائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو. سندس چوڻ هو ته سندس پنهنجو هڪ موقف آهي. هو ايم ڪيو ايم جي سياست کي پنهنجن ماڻهن لاءِ صحيح نه پيو سمجھي.
انهن ۾ سڀني کان ننڍو اساما نالي نوجوان هو، جيڪو ڳئن ۽ مينهن وغيره جي واپار جو ڪم ڪندو آهي. ان جي ڪم سانگي ئي اهي چارئي ڄڻا مال جي خريداري لاءِ ٽرين ذريعي خانيوال وڃي رهيا هئا، جتان کين جھنگ وڃڻو هو، جتي ڇنڇر تي مال جي خريد و فروخت جي بازار لڳندي آهي. چئني ڄڻن جو ريل جو ڀاڙو، کاڌي پيتي مطلب ته سفر جو سڄو خرچ مٿانئس هو ۽ هو زوريءَ کين کارائي پياري رهيو هو. هن نوجوان جي جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم سان همدردي لڳي ٿي، پر سندس شوق ڳائڻ سان هو. هن ٻڌايو ته شروع ۾ هن ان سلسلي ۾ باقاعدي تربيت وٺڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، پر سندس والد پاران کيس اجازت نه ملي، جنهن ڪري هو وڌيڪ اڳتي نه وڌي سگھيو. سندس چوڻ هو ته، هو فلمي گانا ڳائڻ پسند نه ڪندو آهي ۽ گھڻو ڪري ڪلاسيڪي راڳ ۽ ڪافين وغيره تي ڌيان ڏيندو آهي. اسان جي گھڻي اصرار تي هن ڪجهه گيت اسان کي ٻڌايا.
چوٿون اسد نالي همراه گھٽ ڳالهائڻ ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو هو. ڪنهن سياسي تنظيم ۽ سياسي اڳواڻ سان سندس ڪا جذباتي وابستگي نه هئي، بلڪه سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي سياست هڪ شهر جي حيثيت ۾ ڪراچيءَ کي تعليم ۽ شهري سهولتن جي حوالي سان گھڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ان رڳو پنهنجي ووٽ بينڪ کي وڌائڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرين ماڻهن جي رهڻ جي حوصلي افزائي ڪئي، جنهن ڪري شهري سهولتن تي دٻاءُ وڌيو ۽ شهر ۾ بيروزگاري ۽ ڏوهن ۾ واڌارو ٿيو، جنهن جو گھڻو بار پڻ مهاجرن کي کڻڻو پيو.
اهڙي ريت اهو سفر انهن دلچسپ ماڻهن جي سنگت ۾ پورو ٿيو.

رٽائرمينٽ ۽ اُن کانپوءِ......

سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻهن لاءِ سٺ سالن جي عمر کي پهچڻ کانپوءِ رٽائرمنٽ هڪ اهم مرحلو هوندو آهي. ڪن لاءِ ته جن سڄي عمر نوڪريءَ کي ئي پنهنجو سڀڪجھه سمجھيو هوندو آهي ۽ ايستائين جو گھر ۽ ٻارن جي حيثيت به انهن جي لاءِ ثانوي هوندي آهي، اهو ڄڻ هڪ وڏو صدمو هوندو آهي. مون سان گڏ بينڪ ۾ گھڻا اهڙا ماڻهو هوندا هئا، جيڪي دفتر جي مقرر وقت کان پوءِ به ڪنهن ڪم ڪار کانسواءِ مختلف ڪارڻن جي ڪري رات جو دير تائين دفتر ۾ ويٺا هوندا هئا. ڪجھه ان ڪري ويهندا هئا جو دفتر جي وقت کان پوءِ ٻن ڪلاڪن تائين ويهڻ سان گھر وڃڻ لاءِ بينڪ جي گاڏي ملي ويندي هئي. پر گھڻا ڄڻ گھر ۽ ٻارن ٻچن کان بيزار هوندا هئا. هڪ آفيسر لاءِ ٻڌائيندا هئا ته، جنهن ڏينهن سندس زال جو آپريشن هو، ان ڏينهن به هو آفيس ۾ موجود هو. اهڙن ماڻهن لاءِ زال ۽ ٻارن کي پئسا ڏيڻ ۽ سندن مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڪافي هوندو آهي. انهن لاءِ اهميت انهن کي مناسب وقت ڏيڻ جي نه، پر ان ڳالهه جي هوندي آهي ته دفتر ۾ ابتا سبتا ڪم ڪري ۽ دير تائين ويهي پنهنجي صاحب کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ڪي فائدا حاصل ڪجن. اهڙا ماڻهو پنهنجي ان سڄي ورتاءَ جي جيڪا قيمت ادا ڪندا آهن، ان جو اندازو کين ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن اهي نوڪريءَ تان رٽائر ٿي پنهنجي گھر ويهندا آهن ۽ کين گھڻو وقت پنهنجي زال ۽ ٻارن سان مجبور ٿي گذارڻو پوندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جا ٻار جيئن ته سندس موجودگيءَ جا عادي نه هوندا آهن، ان ڪري هو ڄڻ سندن لاءِ هڪ غير ضروري ۽ اڻ وڻندڙ شئي ٿي پوندو آهي.
هڪ اهڙي همراهه لاءِ ٻڌائين ٿا ته، هو هڪ ڏينهن گھر وارن کي ٻڌائي نڪتو ته، هو ڪنهن ڪم ڪار سان وڃي ٿو ۽ دير سان گھر موٽندو، پر ڪنهن ڪارڻ هو رستي مان ئي جلدي موٽي آيو. جڏهن سندس ڌيءُ گهر جو در کوليو ته، ان جي وات مان فوري طور اهي اکر نڪتا ته، ’وري اچي وئين؟‘ اهڙي ريت هڪ ٻئي همراهه جو قصو ائين آهي ته، هو رات جو دير سان گھر اچي سمهندو هو ۽ صبح جو آفيس هليو ويندو هو. رٽائرمنٽ کان پوءِ جڏهن هو گھر جي ڀاتين کي پاڻ ۾ ويهي ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ڪندي ڏسندو هو ته سندس دل به چوندي هئي ته، هو به ساڻن گڏ ويهي پاڻ کي وندرائي، پر جڏهن هو اتي انهن جي ڪچهريءَ ۾ وڃي ويهندو هو ته سڀ ڳالهائيندي ڳالهائيندي ماٺ ٿي ويندا هئا. پوءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪو نه ڪو ڪم ياد اچڻ لڳندو هو - ۽ هو اتان اٿي ويندا هئا. ائين هي همراهه ساڳيو اتي اڪيلو ويٺو هوندو هو. اهڙا گھڻا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن ته، جن ماڻهن پنهنجي زندگيءَ ۾ توازن نه رکيو ۽ سندن ليکي رڳو گھر ۽ گھر وارن جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڪافي آهي، جڏهن ته ساڻن سٺو وقت گذارڻ جي ڪا اهميت ناهي، پوءِ انهن ماڻهن کي خبر پئي ٿي ته انهن اهڙي ريت رڳو ڦلهار ۾ ڦوڪون ڏنيون ۽ هڪ سراب پويان ڊوڙندي گھڻو ڪجهه وڃائي ڇڏيو.
پنهنجي سڄي نوڪري دوران منهنجي اها عادت هوندي هئي ته وقت جي پوريءَ ريت پابندي ڪندو هئس. ليمارڪيٽ ۾ رهندي آئون گھڻو ڪري پنڌ ئي آفيس ايندو ويندو هئس. صبح جو نائين کان اڳ ۾ آفيس ۾ هوندو هئس ۽ شام جو، جيڪڏهن ڪو انتهائي ضروري ڪم نه هوندو هو، جنهن کي ٻئي ڏينهن تي نه پيو ٽاري سگھجي، ته آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ سان ئي نڪري ويندو هئس. گھر جي مصروفيتن کان سواءِ شهر ۾ ٿيندڙ مختلف ادبي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ منهنجي شموليت هوندي هئي. ان سان گڏوگڏ لکڻ پڙهڻ جو ڪم هو، جنهن لاءِ به وقت گھربل هوندو هو. پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه ڪرڻ، پر ساڳئي وقت آفيس ٽائيم کان پوءِ ويهي پنهنجو وقت ضائع ڪرڻ منهنجي عادت نه هئي. منهنجو اهو روٽين اٽڪل پنجٽيهه سالن جي نوڪري دوران رهيو، پر ڪنهن به آفيسر کي اهو موقعو نه مليو ته، هو منهنجي ڪم متعلق ڪا شڪايت ڪري.
رٽائرمينٽ کان ڇهه مهينا اڳ ئي جنوري 2014 ۾ آئون رٽائرمنٽ کان اڳ واري ڇهه مهينن جي موڪل تي هليو ويو هئس. ان وقت مون بابر اياز جي انگريزي ۾ ڇپيل ڪتاب What is Wrong with Pakistan جو ترجمو پئي ڪيو. ان ترجمي ۽ ان جي پروف ريڊنگ وغيره جو ڪم مون فيبروري 2014 ۾ مڪمل ڪري ليکڪ جي حوالي ڪيو، پر اهو ڪتاب ليکڪ سان لاڳاپيل مختلف ڪارڻن جي ڪري ان وقت ڇپجي نه سگھيو. ان دوران مون صبح جو سويل اٿڻ، واڪ ڪرڻ، گھر اچي نيرن ڪري، ليپ ٽاپ کڻي ڏيڍ ٻه ڪلاڪ پنهنجو ڪم ڪري اٽڪل يارهين وڳي تائين فارغ ٿيڻ ۽ پوءِ جيڪڏهن گھر ۾ ڪنهن ڀاڄي وغيره جي ضرورت هئي ته، اها وٺي اچڻ جو معمول ٺاهي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ به گھڻو وقت هوندو هو.
ان دوران مون اها ڪوشش ڪئي ته منهنجا سنڌي، اڙدو ۽ انگريزي ۾ جيڪي مضمون هئا، انهن کي ترتيب ڏيئي ڪتابن وغيره جي صورت ڏجي. ڪنهن حد تائين اهو ڪم ڪري سگھيس. پر هتي هڪ ته پبلشرن جا پنهنجا مسئلا آهن، جڏهن ته مون پنهنجي هڪ ڪتاب ڇپرائڻ جو تجربو ڪيو هو، جيڪو ايڏو وڻندڙ نه هو. ڪجھه دوستن ان حوالي سان سهڪار ڪرڻ جا واعدا به ڪيا هئا، پر مون اهو محسوس ڪيو ته رٽائرمنيٽ کان پوءِ گھڻن دوستن جا رويا به تبديل ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ هو پنهنجي واتان ائين چوندا ناهن، پر محسوس ضرور ڪرائيندا آهن. اهڙيءَ ريت ڪن دوستن مسودا به ورتا، پر اهي يادگيري ڪرائڻ جي باوجود هاڻي انهن وت شايد ئي موجود هجن.
مون کان ڪجھه عرصو پوءِ رٽائر ٿيل هڪ دوست کان مون پڇيو ته، ”سندس وقت ڪيئن پيو گذري؟“ ته هن پنهنجي روٽين جو تفصيل ٻڌائيندي چيو ته، ”يار باقي ته سڀ ٺيڪ آهي، باقي انهن ڪم ڪرڻ وارين ماسين ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. گھر ۾ جتي به ڪو ڪتاب يا اخبار وغيره کڻي وڃي ويهان ٿو ته، منهنجي زال، ڪم واري ماسيءَ سان اتي پهچي وڃي ٿي ۽ مون کي اتان اٿي ٻي جاءِ تي وڃڻو پوي ٿو. اهڙي ريت پاڻ کي مصروف رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود ڏينهن جو گھڻو وقت هوندو آهي، جنهن لاءِ باقاعدي مصروفيت درڪار هوندي آهي.“
ان طرح رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا به پنهنجا هوندا آهن، خاص طور انهن کي پنهنجي Dues ۽ پينشن وغيره جي حوالي سان جيترو تنگ ڪيو ويندو آهي، ۽ ان لاءِ هڪ وڏي رقم، رشوت طور گھري ويندي آهي، جنهن ڳالهه جي سڄي جڳ جهان کي خبر آهي. ان حوالي سان رشوت نه ڏيڻ وارن جي زندگي جنهن ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذري آهي، ۽ گذرندي آهي، ان جون خبرون روز ميڊيا ۾ اچن ٿيون، پر عام ماڻهن سان ٿيندڙ ٻين گھڻين ناانصافين جيان ان جو به ڪو تدارڪ نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اهو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. ساڳي ريت مختلف ادارن ۾ ملازمن کي زوريءَ رٽائرڪيو يا ڪڍيو ويو آهي ۽ اهو سلسلو به لاڳيتو جاري آهي، جيڪا ڳالهه به ڪنهن کان لڪل ناهي.
ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ هڪ منفرد ادارو آهي. ملازمن کي پنهنجن آفيسرن وغيره کان سالياني رپورٽن ۽ پروموشن وغيره جي حوالي سان شڪايتون ٿي سگھن ٿيون، پر هڪ اداري جي حيثيت ۾ ان جو پنهنجن ملازمن سان هڪ بهتر ۽ مهذب ورتاءُ رهيو آهي. هتي گولڊن هينڊ شيڪ ۽ وقت کان اڳ رٽائرمينٽ جون مختلف اسڪيمون وغيره اينديون رهيون آهن، پر انهن ۾ زوري ڪڍڻ ۽ هراس ڪرڻ وارو عنصر گھٽ ئي رهيو آهي. ٻه اسڪيمون ته بينڪ جي پاليسيءَ جو مستقل حصو آهن، جن ۾ ملازم 55 ۽ 58 سالن جي عمر ۾ پنهنجي جمع ٿيل موڪلن وغيره کي ڪيش ڪرائي رضاڪاراڻي طور رٽائر ٿي سگھي ٿو. انهن اسڪيمن هيٺ گھڻا ملازم پنهنجي مرضيءَ سان رٽائرمينٽ وٺي ويندا آهن.
ڊاڪٽر عشرت حسين جڏهن اسٽيٽ بينڪ جو گورنر هو ته هو مختلف موقعن ءِ گڏجاڻين ۾ اها ڳالهه ڪندو هو ته، اسٽيٽ بينڪ جي رٽائرڊ ملازم کي ان جي بينڪ مان وڃڻ وقت ايترو ڪجھه ملڻ گھرجي جو هو آرام ۽ اطمينان سان پنهنجي باقي زندگي گذاري سگھي ۽ سندس ڪسمپرسي واري حالت کي ڏسي، ڪنهن کي اهو چوڻ جو موقعو نه ملي ته، هي اسٽيٽ بينڪ جو ملازم رهيو آهي. باقي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن پئسن کي ضائع ڪري ٿو ۽ پوءِ پريشانيءَ واري حالت ۾ اچي وڃي ٿو ته، اها هڪ ڌار ڳالهه آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن وغيره جو اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان سان ڪو واسطو ناهي. اها پنهنجي ليکي هڪ خودمختيار اداري طور پنهنجا سڀ مالي معاملا پاڻ طئي ڪندي آهي. منهنجو ذاتي تجربو اهو آهي ته، هتي رٽائرڊ ملازم سان ٻيا ملازم، جن سان هن هڪ ڊگھو وقت سڌي يا اڻ سڌي ريت گذاريو هوندو آهي، هڪ خاص ورتاءُ ڪندا آهن. سندن اها ڪوشش هوندي آهي ته، ان کي گھڻي تڪليف نه اچي ۽ گھڻي ڀڄ ڊڪ نه ڪرڻي پوي. ڪاغذ وغيره هو اڳ ۾ ئي تيار ڪري وٺندا آهن ۽ گھڻو ڪري رٽائر ٿيڻ واري ڏينهن يا وڌ ۾ وڌ هفتي جي اندر چيڪ ان جي هٿ ۾ ڏيندا آهن. جيڪڏهن اڃا به ڪا ٿوري گھڻي رقم رهيل هوندي آهي ته، اهي فون وسيلي رابطي ۾ هوندا آهن. ممڪن آهي ته ڪي ٻيا ادارا به پنهنجن ملازمن سان اهڙو ورتاءُ ڪندا هجن، پر موجوده صورتحال ۾ ان جو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي.
ادبي، سياسي ۽ ثقافتي ماحول ۾ گھڻي تبديلي اچڻ ۽ اڪيلي رهڻ واري عادت وغيره جي ڪري منهنجو گھڻو وقت گھر ۾ ائين ئي گذرندو هو. مختلف مالي ادارن کي اسٽيٽ بينڪ سان لهه وچڙ جي ڪري خاص طور بينڪ جي رٽائرڊ ملازمن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي مختلف معاملن ۾ سندن مدد ڪري سگھن. منهنجي رٽائر ٿيڻ جي اٽڪل چئن ساڍن چئن مهينن کان پوءِ بينڪ ۾ منهنجي هڪ دوست، جنهن کي اها خبر هئي ته، آئون في الحال واندو آهيان، مون کي فون ڪري چيو ته، ”هڪ ايڪسچينج ڪمپنيءَ کي هڪ ماڻهوءَ جي ضرورت آهي. تنهنجي دلچسپي هجي ته انهن سان رابطي ۾ اچ.“ اهڙي ريت مون اها ايڪسچينج ڪمپني جوائن ڪئي. جيتوڻيڪ انهن ڪمپنين کي اسٽيٽ بينڪ جو لائسنس مليل هوندو آهي ۽ ان جي قاعدن قانونن موجب ڪم ڪنديون آهن، پر انهن تي نه رڳو اسٽيٽ بينڪ پر ايف آءِ اي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به مني لانڊرنگ وغيره جي حوالي سان ڪڙي نظر هوندي آهي. وقت بوقت انهن خلاف مختلف قدم کنيا ويندا آهن، جنهن جي ڄاڻ سڄي جهان کي پوندي آهي. انهن ڪمپنين جي ڪم جي ته مون کي ڄاڻ هئي، پر اها مون کي اسٽيٽ بينڪ جي حوالي ۽ ان جي نقطه نظر سان هئي. هاڻي ڳالهه مختلف هئي ۽ شين کي ٻئي پاسي کان ڏسڻو هو. ان لحاظ کان اهو ڄڻ هڪ نئون تجربو هو. ان کانسواءِ ان اداري جي خاص ڳالهه اها هئي ته، هتي اڳ ئي ڪم ڪندڙ هڪ اڌ ملازم کي شروع ڏينهن کان اهو شڪ اچي ويٺو ته، هن نئين همراهه جي اچڻ جي ڪري ڪٿي سندس نوڪري نه خطري ۾ پئجي وڃي، ان ڪري هن شروع کان ئي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ مون کي تنگ ڪيو وڃي. منهنجي پنهنجي صلاح مصلحت ۽ ٺهي هلڻ واري عادت جي ڪري اهو معاملو هلندو رهيو.
اٽڪل هڪ سال اتي گذارڻ کانپوءِ هڪ دوست فون ڪيو ته، ”هڪ نئين بينڪ کي ماڻهوءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن تنهنجي دلچسپي آهي ته فلاڻي ماڻهوءَ سان وڃي مل.“ ٻئي ڏينهن ان ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ٿي. ڪم جي نوعيت جيڪا ان مون کي ٻڌائي، اها اسٽيٽ بينڪ جي حوالي سان مختلف معاملن ۾ بينڪ جي مدد ڪرڻ هو. دراصل ڪمپنيءَ جي ماحول مون کي ذهني طور ايتري ڇڪتاڻ ۾ وجھي ڇڏيو هو، جو مون کي بس اتان نڪرڻ جي ڪا واٽ گھربل هئي. پگھار وغيره متعلق ڳالهه ٻولهه ڪري مون کيس هائوڪار ڪري ڇڏي ۽ ڪمپني ۾ استعفيٰ ڏيئي مهيني جو نوٽيس ڏيئي ڇڏيو. اهڙي ريت مهيني کانپوءِ مون بينڪ جوائن ڪئي. هتي اهي مسئلا موجود نه هئا، جيڪي ايڪسچينج ڪمپني جي نوڪريءَ ۾ هئا، پر ساڳي وقت ان ڳالهه جي باوجود ته اسٽيٽ بينڪ ۾ بينڪ جي ڪم جي حوالي سان جن شعبن سان منهنجو واسطو رهيو ٿي، اهي سڀ يا ته منهنجا دوست يا واقفڪار هئا ۽ ان ڪم جي حوالي سان ممڪن حد تائين سهڪار ڪندا هئا، پر اها ڳالهه پوءِ به پنهنجي جاءِ تي هئي ته آئون هتي به هاڻي ٻئي پاسي ئي هئس. بينڪن ۽ ٻين مالي ادارن تي حڪم جي بدران هتي منهنجي حيثيت بينڪ جي نمائندي ۽ ملازم جي هئي، جيڪو پنهنجن مختلف ڪمن لاءِ رڳو درخواست ئي ڪري سگھيو ٿي. اهو احساس ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڏکوئيندڙ هوندو آهي، پر اها ئي زندگي آهي ۽ اهي سڀ ڳالهيون به زندگيءَ جو ئي حصو آهن، جن سان ٺهڪي هلڻو پئي ٿو.

لياريءَ جون مختلف برادريون ۽ سماجي خدمت وارا سندن ڪم

کارادر ۽ نوآباد جي علائقي ۾ اسماعيلي خوجن ۽ ڪاٺياواڙي ميمڻن جو هڪ وڏو تعداد رهي ٿو. انهن خاص طور پنهنجي ڪميونٽيءَ جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ مختلف ادارا قائم ڪيا آهن، جن مان علاقي جا ٻيا ماڻهو به فائدو حاصل ڪندا آهن. کارادر ۾ پنج نمبر ٽانڪي جي ويجھو غلام حسين خالقڏنو جي نالي سان هڪ پراڻو اسڪول آهي، جيڪو لاڳيتو پنهنجو معيار برقرار رکندو اچي. ان اسڪول جي هڪ شاخ ماريپور جي علائقي ۾ به آهي. ٿورو اڳتي هلجي ٿو ته ڪڪري گرائونڊ جي سامهون بانٽوا اسپتال آهي، جنهن جو انتظام بانٽوا ميمڻ جماعت وٽ آهي. عبدالستار ايڌي صاحب جو واسطو به بانٽوا جماعت سان ئي هو. ان ئي سڙڪ تي اڳتي هلجي ٿو ته ڪنڊ تي آغا خاني جماعت خاني جي سامهون فدو ٽاور جي ڪمپائونڊ ۾ ان ٽاور سان گڏ ئي ڪتيانه جنرل اسپتال آهي. سڙڪ جي ٻئي پاسي سيمينٽ اسپتال جي نالي سان هڪ پراڻي اسپتال هئي، جنهن جو هاڻي نالو بدلائي ’کارادر جنرل اسپتال‘ رکيو ويو آهي. اڳتي موسا لين ڏانهن وڃجي ٿو ته، آغا خاني خوجن جو قائم ڪيل جان ڀائي ميٽرنٽي هوم آهي، جنهن جو هاڻي نالو بدلائي ’آغا خان اسپتال‘ ڪيو ويو آهي. اڳتي معصومين اسپتال آهي، جنهن جو ذڪر اڳ ٿي چڪو آهي.
ساڳي ريت هتي ڪتيانا ميمڻ ايسوسيئيشن جا مختلف اسڪول ۽ ڪاليج ۽ آغا خان اسڪول آهي. انهن ادارن جي معيار ۽ مناسب فين جي ڪري علائقي جا گھڻا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي هتي پڙهائيندا آهن. علائقي ۾ سنڌين جو هڪ وڏو تعداد آباد آهي، جن مان گھڻا سکيا ستابا آهن، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي پنهنجي ۽ عام ماڻهن لاءِ اهڙا ڪي ادارا قائم نه ڪري سگھيا آهن.
بولٽن مارڪيٽ تي سنڌ اسلاميه هوٽل ڪراچي جو پراڻو ۽ مشهور هوٽل رهيو آهي. اهو هوٽل سنڌي مومن جماعت جي ئي قائم ڪرڻ وارن مان هڪ محمد رمضان قائم ڪيو هو. ان کانپوءِ ان جي پٽن حاجي عبدالرحمان ۽ ان جي ڀائرن ان کي سنڀاليو، جن جو به ان جماعت جي معاملن ۾ اهم ڪردار هو. پوءِ خانداني وراثت جي ڪري ان جي ملڪيت بدلجي ويئي، پر هوٽل جو نالو اڃا ان جي ساک جي نشاني آهي ۽ اهو ساڳيو نالو هلندو اچي. بولٽن مارڪيٽ ۾ اسٽيٽ بينڪ جي سامهون گھٽيءَ ۾ پلاسٽڪ مارڪيٽ ۾ هندو جو هوٽل آهي، جيڪو پنهنجي سادي گھر جهڙين ڀاڄين ۽ ماني جي ڪري مشهور آهي. بازار ۽ دفترن جا گھڻا ماڻهو اتي ٻنپهرن جي ماني کائڻ لاءِ ايندا آهن. ٿورو اڳتي هلجي ٿو ته ميمڻ مسجد جي پويان ڪپڙا مارڪيٽ واري گھٽيءَ جي ڪنڊ تي صديق حلوائي جو دوڪان آهي. ان جي مٺاين ۾ گجر جو حلوو ۽ رس ملائي، خاص طور حلوو پوري ۽ ان سان گڏ ترڪاري ماڻهو شوق سان کائين ٿا. اها حلوه پوري رڳو نيرن ۾ صبح جو نه، پر سڄو ڏينهن پيئي هلندي آهي ۽ گھڻا منجهند جي ماني به اُتي اچي کائيندا آهن.
لياريءَ جي علائقي ۾ ان وقت ملبارين جا ريزڪي سامان يا ڪرياني جا گھڻا دوڪان هئا. اهي نرم ۽ ملباري لهجي ۾ اڙدو ڳالهائيندا هئا. انهن جي اصلوڪن نالن جي گھٽ ماڻهن کي ڄاڻ هوندي هئي ۽ گھڻو ڪري انهن کي ”مامون“ جي نالي سان ئي سڏيو ويندو هو. الظاف شيخ پنهنجي ملائيشيا جي هڪ سفرنامي ۾ لکيو آهي ته، ”اتي به جيڪي ملباري رهن ٿا، انهن کي ’مامون‘ سڏيو وڃي ٿو.“ ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟ ان لاءِ جيتوڻيڪ مون الطاف شيخ کان پڇا ڪئي هئي، پر ڪا ڄاڻ نه ملي سگھي.
بغدادي ۾ اسان جي پراڻي گھر سان لڳ ليمارڪيٽ جي ويجھو پراڻو ڪمهار (ڪنڀار) واڙو آهي. اهو ڪمهار واڙو اڳ ۾ اڳوڻي لائٽ هائوس سنيما ويجھو گاڏي کاتي ۽ ڪڇي گھٽي وٽ هو، جنهن کي اتان ان ڪري منتقل ڪيو ويو جو اتي سرڪاري دفتر هئا، جن کي ڪنڀارن جي بٺين جي دونهين تنگ ڪيو ٿي. ساڳيءَ ريت ان کي ان ڪارڻ ئي ليمارڪيٽ جي ويجھي هئڻ ڪري لياري جي اندرين علائقن؛ چاڪيواڙي کان اڳتي سنگولين وغيره پاسي منتقل ڪيو ويو، پر ڪنڀار ان علائقي کي پنهنجو نالو ڏيئي ويا ۽ نئون علائقو ”نئون ڪمهار واڙو“ سڏجڻ لڳو. هن وقت انهن مان گھڻن کي اتان به نيو ڪراچي وغيره واري پاسي منتقل ڪيو ويو آهي. اهي ڪنڀار گھڻو ڪري ڪڇي آهن، جيڪي گھڻو اڳ ڪڇ ۽ ڀڄ وغيره مان لڏي اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا هئا. انهن ڪنڀارن مان گھڻا ٿانون ٺاهڻ سان گڏ ماڻهن جي هڏين وغيره کي جوڙڻ جو ڪم به ڪندا آهن، ۽ اهڙا ڪنڀار شهر جي مختلف حصن ۾ به ملندا.

ن.م.دانش
ن. م. دانش لياري ۾ رهندڙ هڪ بلوچ آهي، پر هن اڙدو ۾ ماسٽرس ڪئي هئي. اڙدو ڪاليج ۾ اڙدو جو ليڪچرار هو. گڏوگڏ اڙدو جو مشهور شاعر به هو. اسان اٽڪل روز شام جو ڪجھه دوست، اسان جي گھر کان ٿوري فاصلي تي پنهنجي هڪ ڪلاس فيلو ۽ دوست غلام نبي بصر جي ڌوٻي جي دوڪان تي گڏ ٿيندا هئاسين. دانش جو گھر به ان ئي گھٽيءَ ۾ هو. ساڻس اڪثر اتي ملاقات ٿيندي هئي. هو جيتوڻيڪ هڪ روشن خيال ماڻهو هو ۽ علائقي ۽ شهر جي ادبي ۽ سياسي ماڻهن سان سندس واسطا هوندا هئا، پر سندس ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو نه هو. هو عوامي ادبي انجمن وغيره جي گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيندو هو.
لياري ۾ جيئن ته گھرن ۽ گھٽين وغيره تي ٻين علائقن جيان نمبر لڳل نه هوندا آهن، پر ماڻهن کي هڪٻئي جي ڄاڻ هوندي آهي، ان ڪري دانش جو لياريءَ کان ٻاهر جي دوستن کي پنهنجي گھر جو پتو ڏيڻ جو هڪ خاص انداز هوندو هو. هو کين چوندو هو ته، اوهان بغدادي پوليس ٿاڻي تي اچي ڪنهن به ماڻهوءَ کان پڇندو ته، دانش ڪٿي ٿو رهي، ته هو سڌو اچي اوهان کي منهنجي گھر پهچائيندو. هن وقت هو پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ آمريڪا ۾ آهي.

صبا دشتياري
بلوچيءَ جو نالي وارو شاعر ۽ ليکڪ صبا دشتياري به اتي ئي رهندو هو. شلوار ڪرتو ۽ مٿان وڏي چادر سندس خاص لباس هو. ماڻهن سان سندس گھڻو ميل جول نه هوندو هو ۽ پنهنجن ئي پُورن ۾ هوندو هو. هي بلوچيءَ جي استاد شاعر ظهور هاشمي جو پوئلڳ ۽ شاگرد هو. ان جي نالي سان ملير ۾ هڪ لائبريري به قائم ڪئي هئائين. چوندا هئا ته، هو پنهنجي پگھار جو اٽڪل اڌ ان لائبريري تي خرچ ڪندو هو. بلوچستان يونيورسٽي ۾ نوڪري دوران کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو. هن شخص جي ان انت تي مون واقعي هڪ دلي ڏک محسوس ڪيو هو. هڪ اهڙو معصوم شخص، جيڪو بس ائين تاريڪ راهن ۾ مارجي ويو! ۽ اها خبر نه پئجي سگھي ته نيٺ ساڻس ائين ڇو ٿيو؟ سندس قائم ڪيل لائبريري اڃا به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي.

لياريءَ وارا جيستائين پاڻ چنڊ نه ڏسندا هئا، تيستائين نه روزو رکندا ۽ نه عيد ڪندا هئا:
چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ايوب دور ۾ ئي قائم ٿي هئي. مون کي ياد آهي ته ان کان اڳ پاڙي جا گھڻا ماڻهو کليل جاين تي گڏ ٿيندا هئا. پوءِ اتي پاڻ چنڊ ڏسندا ۽ ٻين کي ڏيکاريندا هئا. جيڪڏهن اکين سان چنڊ نظر نه ايندو هو ته روزو يا عيد نه ٿيندي هئي. پوءِ جڏهن سرڪار پاران چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي قائم ڪئي ويئي ته گھڻا ماڻهو ان ڪاميٽي جي فيصلي کي به ڪا اهميت نه ڏيندا هئا، جيستائين پاڻ اکين سان چنڊ نه ڏسن. گھڻي وقت کانپوءِ ئي ماڻهو پاڻ چنڊ ڏسڻ ڇڏي سرڪاري اعلان تي روزا رکڻ ۽ عيد ڪرڻ لڳا.

گلشن حديد جو سفر ۽ ان جو آئيندو؟

آئون جڏهن گلشن حديد ۾ رهڻ آيس ته، منهنجو وڏو پٽ طاهر، گلستان شاه عبد اللطيف اسڪول ۾ مئٽرڪ جو شاگرد هو، جڏهن ته ٻيو پٽ اڃا ابتدائي ڪلاسن ۾ هو ۽ ڌيءُ اسڪول وڃڻ جيتري عمر جي نه ٿي هئي. ان وقت هتي اسڪول ۽ آفيسن وغيره وڃڻ لاءِ ڪنهن ڪنٽريڪٽ وغيره جي وين يا بس جو بندوبست نه هوندو هو. ان لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو ئي استعمال ڪرڻو پوندو هو. اهڙي ريت آئون ۽ منهنجو وڏو پٽ؛ ٻيئي آفيس ۽ اسڪول وڃڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو استعمال ڪندا هئاسين. طاهر ته ڪجھه مهينن کانپوءِ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري اسڪول مان فارغ ٿي ويو، جڏهن ته منهنجو سفر جاري رهيو. ان وقت قائد آباد کان پوءِ گھڻي آبادي نه هوندي هئي ۽ نه روڊن تي گھڻي رش هوندي هئي.
ساڳي ريت سڙڪن جي حالت به بهتر هئي ۽ ٽرانسپورٽر به گھڻو تنگ نه ڪندا هئا. ان ڪري اچ وڃ ۾ گھڻي دير نه لڳندي هئي ۽ ماڻهو سوا ڏيڍ ڪلاڪ ۾ ٽاور کان گلشن حديد جو فاصلو طئي ڪري وٺندو هو، پر ڪجھه عرصي ۾ ئي اها صورتحال تبديل ٿي ويئي. قائد آباد ۽ گلشن حديد وارو سڄو علائقو ڪچين ۽ پڪين آبادين سان آباد ٿي ويو. سڙڪن تي رش وڌي ويئي. مختلف ٽرانسپورٽرن جي گروپن ۾ اختلافن ۽ جھيڙن جي ڪري ٽرانسپورٽ جي سهولت گھٽجي ويئي ۽ اچ وڃ جو وقت ٻيڻو ٿي ويو. ان سان گڏ، خاص طور تي ٽينڪرن، ٽرالن ۽ ٻين وڏين گاڏين جي هلڻ جي ڪري مين نيشنل هاءِ وي ڄڻ ختم ئي ٿي ويو. رڳو ان ڳالهه جي ڪري حادثا ٿيندا هئا، گاڏيون ڪلٽي ٿي وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام هوندي هئي.
هتي اسٽيٽ بينڪ،ِ ٻين ڪمرشل بينڪن ۽ ٻين سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ملازمن جو چڱو خاصو تعداد رهندو آهي. انهن مان ڪجھه دوستن انهن ڏکيائين کي محسوس ڪندي ڪوشش ڪري ٽاور تائين ڪانٽريڪٽ بس جو بندوبست ڪيو، جيڪا اٽڪل پندرنهن سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ کانپوءِ مختلف مرحلن مان گذرندي اڃا هلي رهي آهي. ان صورتحال ۾ لاڳيتو هتان شهر جي ڪنهن ٻئي علائقي ۾ لڏي وڃڻ جو خيال ايندو هو ۽ ان لحاظ کان مختلف علائقن ۾ گھرن جو جائزو به ورتو، پر هڪ ته هر علائقي جا پنهنجا مسئلا ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ڪٿي ڪو گھر مناسب لڳي پيو ته، ان جي قيمت پنهنجي گنجائش کان وڌيڪ هئي. اهڙي ريت هتي ئي رهندا آياسين. بهرحال ماڻهن انهن مسئلن جا پنهنجي ليکي حل ڪڍيا. هن وقت هڪ وڏي تعداد ۾ ڪانٽريڪٽ جون گاڏيون ماڻهن کي شهر جي تعليمي ادارن ۽ دفترن ۾ پهچائين ٿيون ۽ شام جو اتان واپس وٺي اچن ٿيون. ان سان گڏوگڏ تازو سي پيڪ تحت يا سنڌ حڪومت پنهنجي ليکي هاءِ وي کي ايترو سٺو ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن سان ماڻهن کي گھڻي سهولت ٿي پيئي آهي ۽ سفر جي تڪليف گھٽجي ويئي آهي.
نسلي ۽ لساني فسادن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي جيڪا ان بنياد تي ورهاست ٿي هئي، ان ۾ هر علائقي ۾ مختلف سياسي ۽ غير سياسي گروهن هٿيارن جي زور تي ماڻهن جي حفاظت جي نالي ۾ اتي ڄڻ پنهنجو راڄ قائم ڪري وڌو هو ۽ ماڻهن کان ڀتو ڄڻ پنهنجو حق سمجھي وصول ڪيو ويندو هو. هتي جيتوڻيڪ مختلف ٻولين سان واسطو رکندڙ اهڙن گروهن جنم ورتو ۽ انهن جو اثر رسوخ به هو، پر هتان جي هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته هيءُ ڪنهن هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ يا ڪنهن هڪ سياسي گروه سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو علائقو نه هو ۽ نه ئي آهي، ان ڪري ڪڏهن ڪنهن هڙتال يا شٽرڊائون وغيره کانسواءِ ڪنهن وڏي پريشانيءَ کي منهن نه ڏيڻو پوندو هو، جڏهن ته هاڻي گھڻي عرصي کان اها ڳالهه به ناهي رهي.
هتي گھڻو وقت اڳ يونين ڪائونسل جي دفتر ۾ ملير جي صحافين پنهنجو ڪلب قائم ڪيو هو. هڪ لحاظ کان اهو ڪلب ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين وغيره جو مرڪز هوندو هو، جتي سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون تنظيمون ڪلب جي سهڪار سان پنهنجا پروگرام ڪنديون رهنديون هيون، جن ۾ سنڌ جي گھڻين ناميارين شخصيتن کي پڻ گھرايو ويندو هو. آئون پاڻ جڏهن اڃا هتي مستقل رهڻ نه آيو هوس ته انهن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هتي ايندو هوس. يونين ڪائونسل جي سرگرمين جي وڌي وڃڻ ۽ ان عمارت ۾ نادرا وغيره جي دفتر قائم ٿيڻ جي ڪري پريس ڪلب هاءِ وي تي پپري موڙ وٽ منتقل ٿي ويو ۽ اهڙي ريت هتي سڀ سرگرميون ختم ٿي ويون. بهرحال ان نئين جاءِ تي به هن وقت مختلف ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون وغيره ٿينديون رهنديون آهن. هتي سنگت جي شاخ جيتوڻيڪ گھڻي سرگرم ته ناهي، پر اها مختلف پروگرام وغيره ڪندي رهندي آهي. ان شاخ جي دوستن جو چوڻ آهي ته اها سنڌ جي واحد شاخ آهي، جنهن وٽ پنهنجي آفيس آهي.
هن وقت اسٽيل مل جو معاملو وچ ۾ اٽڪيل آهي. حڪومت پاران ان جي نجڪاري جو عمل ممڪن آهي ته ڪجھه عرصي ۾ حل ٿي وڃي، پر اصل غير يقيني صورتحال مل سان لاڳاپيل علائقن جي آئندي جي انتظام ۽ ملڪيت وغيره متعلق آهي. سنڌ حڪومت جي پنهنجي دعويداري آهي، جڏهن ته وفاق جو پنهنجو موقف آهي. ڏسجي ته هاڻي اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي ۽ بجلي، پاڻي ۽ گئس وغيره جي سهولتن جي انتظام جو ڇا ٿو ٿئي.

جهنگ ۾ چيو ويو، ’هير بابت سوچي سمجهي ڳالهائجو!“

شاپنگ مايون ڪري ڄاڻن!

بازار وڃڻ ۽ شاپنگ وغيره ڪرڻ هميشه مون کي تنگ ڪندي آهي. منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته ان ڪم کان جيترو پري رهجي، اوترو چڱو. گھڻو ڪري منهنجي پنهنجي ضرورت جون شيون به ٻيا وٺي ايندا آهن. اسان جي بازارن ۾ اهو معمول آهي ته فڪسڊ پرائس جو بورد لڳل هوندو آهي پر پوءِ به دڪاندار سان ڏي وٺ کانسواءِ ڪم نه ٿيندو آهي. اها ڳالهه مون کان نه ٿيندي آهي ۽ ٿوري ڏي وٺ کانپوءِ شئي وٺڻ تي اندر اهو خيال پيو تنگ ڪندو آهي ته دڪاندار ٺڳي ڪري ويو آهي.
ڪڏهن دوستن سان ڪراچي کان ٻاهر وڃڻ ٿيندو آهي ته اهو مون ڏٺو آهي ته انهن مان گھڻن جو شوق ڪنهن قسم جي خريداري کان وڌيڪ بازارون گھمڻ ۽ دڪاندارن کان مختلف شين جا اگھه معلوم ڪرڻ هوندو آهي. مون کي اها ڳالهه اڃا وڌيڪ تنگ ڪندي آهي. ساڳيءَ ريت عورتون جيڪڏهن ڪنهن نئين شهر ۾ وڃن ۽ اتان جي بازار نه ڏسن ته ڄڻ انهن ڪجھه ڏٺو ئي نه. ائين جڏهن پنهنجي زال سان ڪراچيءَ کان ٻاهر وڃڻ ٿيندو آهي ته، اتان جي بازار جو چڪر ضرور لڳندو آهي. ان ۾ نه چاهيندي به زال سان گڏ وڃڻو پوندو آهي. اهو واقعي هڪ بيزاريءَ جو وقت هوندو آهي. هن جو دڪاندارن سان قيمتن جي ڏي وٺ جو پنهنجو طريقو هوندو آهي. جيڪڏهين دڪاندار ڪنهن شئي جا سئو روپيا ٻڌايا ته هوءَ فوري طور هُن کي ڏهه روپيا چوندي. مون کي لڳندو ته دڪاندار ڪاوڙ ۾ اچي وڙهندو، پر اهي دڪاندار به عورتن جي ان عادت کان واقف هوندا آهن ۽ گھڻي هڻ هڻان ۽ ڏي وٺ کانپوءِ معاملو ڏهه رپين ۽ سئو جي وچ ۾ طئي ٿي ويندو آهي.
’هير‘ جي مزار تي
سرڪاري ڪم سانگي ڪجھه عرصو پنجاب جي شهرن شورڪوٽ ۽ ان جي ويجھو جھنگ ۾ رهڻ ٿيو. شور ڪوٽ ننڍو ۽ ڳوٺاڻي نموني جو شهر آهي، جتي اسان جي رهائش هئي، ان جي چوڌاري به ٻنيون هيون، جتي عورتون ۽ مرد پيا ڪم ڪندا هئا ۽ جانور پيا گھمندا هئا. هتي نئون ماڻهو فوري طور نظر ۾ اچي وڃي ٿو. سڄي رونق ٿوري مفاصلي تي ڪينٽ جي علائقي ۾ آهي، جتي ريلوي اسٽيشن ۽ شاپنگ سينٽر وغيره آهن.
جھنگ وڏو شهر آهي ۽ ان جي هڪ خاص ڳالهه اتي هير جي مزار جو هئڻ آهي. جھنگ ۾ سيال وڏي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ جيئن ته هير به سيال هئي، ان ڪري اهو معاملو انهن جي لاءِ ڪافي حساس آهي. اسان کي شروع ۾ ئي مقامي دوستن اهو چيو هو ته، هتي هير متعلق ڳالهائڻ ۾ احتياط ڪجو. بهرحال اسان کين چيو ته، اسان هير جي مزار ڏسڻ چاهيون ٿا.
مزار اوچي جاءِ تي هئي. ڏاڪڻين تان چڙهي مٿي وڃڻو پيو ٿي. هن جي لاءِ به ساڳي ڏندڪٿا ٻڌائي وڃي ٿي، جيڪا سسئي پنهون ۽ ٻين گھڻين لوڪ ڪهاڻين لاءِ آهي ته، ’ٻنهي جي ملڻ وقت ڌرتي ڦاٽي پيئي ۽ ٻيئي اندر هليا ويا.‘
هڪ خاص ڳالهه اها هئي ته اتي وڻ ۾ مختلف رنگن جون اڳڙيون ٻَڌل هيون. مجاور ٻڌايو ته، هتي محبت ڪندڙ نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اچن ٿا، باس باسين ٿا ۽ پنهنجين مَن جي مرادن جي پوري ٿيڻ لاءِ ڪپڙن جون اڳڙيون ٻَڌي وڃن ٿا. پوءِ جڏهن سندن اهي تمنائون پوريون ٿين ٿيون ته اهي وري هت اچن ٿا. اهڙيءَ ريت هڪ لحاظ کان اها ڄڻ پيار ڪندڙن جي پيرڻي آهي. مزار جي هيٺان مختلف ڪمرا ٺهيل هئا، جتي اسان کي اندر وڃڻ نه ڏنائون، پر درين مان اندر جو منظر نظر آيو ٿي. ٻڌائين پيا ته هتي مختلف وقتن تي ماڻهو چلي وغيره لاءِ به ايندا رهيا آهن.
پشاور پاسي..
ڪجھه عرصو اڳ پشاور ۾ صبوح جو آفيس ويندي دوستن صلاح ڪئي ته واٽ تي ميوزيم آهي، ان جو چڪر هڻجي. ان کان ٻي سٺي ڳالهه ڪهڙي پئي ٿي سگھي. ميوزيم ۾ داخلا وغيره جي ڪا ٽڪيٽ نه هئي. اهو سڄو علائقو، جنهن ۾ اتر پنجاب، ڪي پي ۽ افغانستان اچي وڃن ٿا، ٻڌمت جو مرڪز رهيو آهي، جتي جابجا ان جا آثار ملن ٿا. ظاهر ڳالهه آهي ته ميوزيم ۾ به انهن شين مان ڪجھه کي نمونن طور محفوظ ڪيو ويو آهي. ميوزيم ۾ گھڻي ڀاڱي ٻڌ مت جي حوالي سان ئي شيون موجود هيون.
ڪجھه وقت اتي گذارڻ کانپوءِ مون پاڻ سان گڏ آيل پٺاڻ دوست کي چيو ته، ”مون کي سوات جي حوالي سان به خبر آهي ته ان سڄي علائقي ۾ به ٻڌمت جو نهايت گھڻو اثر رهيو آهي. ڇا اسلام جي اچڻ سان اهي سڀ مسلمان ٿي ويا ۽ هاڻي ان ڌرم جو ڪو به پوئلڳ نه رهيو آهي؟“ سندس چوڻ هو ته، ”اسان جا وڏا ٻڌائيندا هئا ته اهڙا ماڻهو هتي رهندا هئا ۽ پوءِ خبر ناهي ته ڪيڏانهن هليا ويا. جڏهن ته جيڪي ماڻهو اڄ انهن علائقن ۾ آباد آهن، اهي شروع کان مسلمان آهن.“ مون کي سندس اها ڳالهه عجيب ته لڳي، پر ساڳئي وقت هڪ سنڌي هئڻ جي ناتي مانوس به لڳي ۽ حيراني نه ٿي. سنڌ ۾ سنڌي مسلمانن ۾ شايد ئي ڪو اهڙو هجي، جيڪو پنهنجو ناتو عرب، ايران ۽ توران سان نه ڳنڍيندو هجي. هڪ لحاظ کان سندن به اهو ساڳيو مطلب ٿيو، جيڪو منهنجي پٺاڻ دوست جو هو ته سندن وڏن جي هتي اچڻ سان، اڳ هتي جيڪي ماڻهو رهندا هئا ۽ جن جو مذهب کانئن مختلف هو، اهي بجائي مذهب بدلائي نئون مذهب اختيار ڪرڻ جي اتان لڏي ڌرتي خالي ڪري سندن حوالي ڪري ويا. هڪ لحاظ کان پنهنجي ماضيءَ کان انڪار ۽ پاڻ کي فاتحن جو وارث قرار ڏيڻ خاص طور ننڍي کنڊ جي مختلف علائقن جي ماڻهن ۾ هڪ عام ڳالهه آهي.

ڪراچيءَ ۾ رهندڙن به ڪراچي ناهي گهمي!
ڪراچيءَ ۾ گھڻا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي شهر ته ٺهيو، پر پنهنجي پاڙي کان به ٻاهر نه نڪتا آهن. هڪ دوست ڳالهه ڪندو هو ته، ”سندس هڪ مائٽ لياري جي علائقي ميران ناڪي تي رهندو هو. هو پنهنجي پنجاهه سٺ سالن جي زندگي ۾ پنهنجي گھر کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري ليمارڪيٽ تائين به نه آيو هو.“ هاڻي اهي ته ويچارا سادا ۽ اڻپڙهيل ماڻهو هئا، جن کي روڊن رستن ۽ گاڏين بسن وغيره جي گھڻي ڄاڻ نه هئي، پر شهر جي گھڻن پوش علائقن ۾ رهندڙ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو حال به گھڻو مختلف ناهي.
ڪجھه عرصو اڳ مون ڊان ۾ ڊفينس ۾ رهندڙ هڪ همراهه جو ليک پڙهيو هو، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته، ”هو شهر ۾ بلوچ ڪالوني جي پل کان اڳتي ناهي ويو.“ ان تي هڪ ٻئي همراهه کانئس سوال پڇيو ته، ”اوهان ايئرپورٽ ته ضرور ويندا هوندا؟ ۽ اهڙي ريت اوهان کي بلوچ ڪالوني کان اڳتي وارن علائقن مان به گذرڻو پوندو هوندو؟“ ان جو ظاهر آهي ته وٽس ڪو جواب نه هو.
مون کي حيرت ان وقت ٿي جڏهن مون سان راشد منهاس روڊ تي دفتر ۾ گڏ ڪم ڪندڙ هڪ دوست، جيڪو نيو ڪراچي ۾ رهندو آهي، چيو ته، ”کيس خبر ناهي ته ڪالا بورڊ ڪٿي آهي“، جيڪو سندس آفيس کان رڳو ٻه ٽي ڪلوميٽر پري آهي. انهن مان گھڻا ماڻهو ملڪ ۽ دنيا جي مختلف حصن ۾ گھمڻ ڦرڻ ته وڃن ٿا، پر پنهنجي شهر جي جاگرافي ۽ چوڌاري علائقن جي کين ڪا ڄاڻ ناهي ۽ ان جو اهي وڏي واڪ اظهار به ڪن ٿا. شايد ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ڪجھه عرصو اڳ ڪنهن اين جي او شهر جي پوش علائقن جي ماڻهن لاءِ، ”اچو ته شهر کي ڏسون،“ جهڙو پروگرام شروع ڪيو هو، جيڪو شهر جي پراڻن علائقن تائين محدود هو ۽ ٻه ٽي ڀيرا هلڻ کانپوءِ بند ٿي ويو.
ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته شهر کي جيڪي ماڻهو پنهنجو سمجھن ٿا ۽ ان جي مالڪي جي دعويٰ ڪن ٿا، انهن کي گھٽ ۾ گھٽ شهر جي علائقن، ان جي جاگرافي، ماڻهن ۽ مسئلن جي ڄاڻ هئڻ گهرجي.

ڪي دوست ڪي ملاقاتون

آئون پنهنجن دوستن جي عزت ڪندو آهيان. ساڻن اختلاف به ڪندو آهيان، پر ساڳي وقت سندن راين جو احترام به ڪندو آهيان. اهڙي ريت آئون پاڻ به ان ڳالهه کي پسند نه ڪندو آهيان ته ڪو دوست مون تي پنهنجي راءِ مڙهي ۽ زوري مون کي اها مڃڻ تي مجبور ڪري. اهو معاملو گھڻي عرصي تائين نه ٿو هلي سگھي. هتي ڪجهه دوستن جو ذڪر ڪجي ٿو.

شمس الدين خواجه
پنهنجي ادبي ۽ سياسي سرگرمين جي حوالي سان گھڻن ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. انهن مان ڪجھه سان وڌيڪ ويجھڙائپ ۽ ذهني هم آهنگي هوندي آهي، جيڪا اڳتي هلي ذاتي دوستي ۾ به بدلجي وڃي ٿي ۽ گھڻي عرصي تائين هلي ٿي. منهنجي انهن دوستن مان شمس الدين خواجه به هڪ آهي. شمس جو واسطو ٽنڊو باگو سان آهي. هڪ ڊگھو عرصو پاڪستان اسٽيل مل ۾ انجنيئر جي نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هن ان ملازمت تان ان وقت استعفيٰ ڏيئي پنهنجو ذاتي ڪم شروع ڪيو، جڏهن مل پنهنجي عروج تي هئي. شمس سان منهنجو واسطو عوامي تحريڪ جي حوالي سان پيو. هو پارٽيءَ جي انهن ڪارڪنن مان هو، جيڪي پنهنجو موقف ڪنهن دٻاءَ ۽ ڊپ ڊاءَ کانسواءِ رکندا آهن. آئون سمجھان ٿو ته پارٽيءَ ۾ ٿيندڙ ٽوڙ ڦوڙ جو اسان جي دوستيءَ تي ڪو اثر نه پيو.
جيتوڻيڪ لکڻ سان سندس واسطو ناهي رهيو، پر سنڌ جي لکندڙن، اديبن ۽ شاعرن جي کيس چڱي ڄاڻ آهي. هو ساڳئي وقت سندن عزت به ڪندو آهي ۽ ساڻن مختلف معاملن تي بحث ۽ اختلاف به ڪندو آهي.
اسٽيل مل ۾ نوڪري هئڻ جي باوجود هن پنهنجي رهائش شهر ۾ ئي رکي هئي. ڪلفٽن ۾ دوست اڪثر سندس گھر ۾ گڏ ٿيندا هئا. ساڳي ريت لسٻيلي جي پل وٽ ٺهيل اسماعيلين جي فليٽن ۾ به وٽس وڃڻ ٿيندو هو. اتي جڏهن سندس ٻار گھر ۾ نه هوندا هئا ته هو اتي ڪمپائونڊ ۾ جماعت خاني مان دوستن لاءِ ماني وٺي ايندو هو. اسٽيل مل جي اسٽيل ٺاهڻ واري پلانٽ ۾ آئون ساڻس پهريون ۽ اڃا تائين شايد آخري ڀيرو ويو هوس. سندس ڳوٺ ٻه ڀيرا وڃڻ ٿيو هو. انهن مان هڪ ڀيرو اتان جي سنگت فقير محمد لاشاري جو ليڪچر رکيو هو، جنهن ۾ وڃڻ ٿيو هو.
شمس سان ملاَقات هونئن ئي گھٽ ٿيندي هئي، پر هاڻي هو پنهنجي ٻارن سميت آمريڪا ۾ وڃي رهيو آهي. فيس بڪ ساڻس رابطي جو اهم ذريعو آهي. پري هئڻ باوجود سندس لاءِ اهو ئي قرب ۽ محبت محسوس ٿيندي آهي. جتي به هجي، شال خوش هجي.

ف.م لاشاريءَ سان آخري ملاقات
شايد 18 مئي 1993 جي ڳالهه آهي. بدر ابڙي مون کي فون ڪيو ته، فقير محمد لاشاري جي طبيعت ٺيڪ ناهي. ان سان ملاقات لاءِ هلڻو آهي. فقير ان وقت معمار ڪامپليڪس جي ويجھو رهندو هو. اسان پروگرام ٺاهي گڏجي فقير جي گھر پهتاسين. ساڻس بلڊ پريشر جو مسئلو هو. همراهه، جنهن کي گھر ۾ سک نه ايندو هو، اهو بيماريءَ جي ڪري گھر ۾ قابو ٿي ويو هو. ان وقت طبيعت بهتر هئس. اسان وٽس ڪافي دير ويٺاسين. ڪچهري به ڪئيسين ۽ ماني به کاڌيسين.
ساڳئي وقت کيس پنهنجو خيال رکڻ جي تاڪيد به ڪئيسين. اها اسان جي آخري ملاقات هئي. ٻه مهينا پوءِ 18 جولاءِ 1993 تي آئون جيئن صبح جو آفيس وڃڻ لاءِ گھران نڪتس ٿي ته، بابا، جنهن جي هٿ ۾ هلال پاڪستان هئي، ٻڌايو ته، توهان جو دوست گجر خان وٽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو آهي.

نور محمد شيخ
نور محمد شيخ منهنجي دوستن ۾ هڪ منفرد ۽ رک رکاءَ وارو شخص آهي. هو جيتوڻيڪ هڪ سياسي شعور رکندڙ شخص ۽ ڊاڪٽر م. ر حسان جو پوئلڳ ۽ شاگرد رهيو آهي، پر بنيادي طور هو هڪ ادبي ڪارڪن آهي. هڪ ڊگھي عرصي تائين عبدالله هارون ڪاليج، لياريءَ ۾ اڙدو جو ليڪچرار ٿي رهيو ۽ هن وقت رٽائرڊ آهي. هو ساڳي وقت اڙدو ۽ سنڌي؛ ٻنهي ٻولين ۾ لکندو آهي. سنڌي ادبي سنگت ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين سان به سندس تعلق رهيو آهي، پر هن جو عوامي ادبي انجمن سان هڪ باقاعدي تعلق رهيو آهي.
ان جي گڏجاڻين لاءِ هو نه رڳو دوستن سان ذاتي طور رابطو ڪندو هو، پر انهن کي باقاعدي دعوت ناما به موڪليندو هو. ساڳئي وقت اها ڪوشش ڪندو هو ته گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندڙن جي چانهه بسڪٽ سان ضرور تواضع ڪجي. ايستائين جو جتي هوٽل تان چانهه جو انتظام نه ٿي سگھندو هو ته، گھران چانهه جو هڪ وڏو ٿرماس، ڪپ ۽ بسڪوٽ وغيره کڻي ايندو هو. هو شروع ۾ لياري ۾ علي محمد محلي ۾ رهندو هو. سندس گھر منهنجو اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. سندس سڄو ڪمرو اخبارن، ڪتابن ۽ رسالن سان ڀريو پيو هوندو هو. ترتيب سان رکيل انهن شين جي سلسلي ۾ سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته، ڪا شئي ضائع نه ٿئي. ساڳئي وقت هو دوستن کي ڪتاب وغيره ڏيڻ جي معاملي ۾ ڪافي حساس آهي ۽ ڪتاب واپس نه ڪرڻ تي دوستن کان ناراض به ٿي ويندو آهي. هن وقت هو نوآباد ۾ رهي ٿو.

پي آءِ اَي جي پائلٽ جون ڳالهيون
هڪ ڀيري آئون اسلام آباد وڃي رهيو هوس. منهنجي ڀر ۾ پي آءِ اي جو هڪ آف ڊيوٽي پائلٽ اچي ويٺو، جيڪو صبح جو ڪراچيءَ ويو هو ۽ هاڻي واپس اسلام آباد وڃي رهيو هو. ڪلاڪ ڏيڍ جي سفر دوران حال احوال ٿيندا رهيا. سندس ڳالهين مان مون کي اندازو ٿيو ته هي ماڻهو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن ۽ ماحول کان ڪيترو نه ڪٽيل آهن. مون کان پڇيائين ته، ”اوهان ڪٿي ڪم ڪندا آهيو؟“ مون کيس اسٽيٽ بينڪ جو ٻڌايو. منهنجو خيال هو ته اهو اهڙو ادارو آهي، جنهن جي پاڪستان جي ته سڀني ماڻهن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي، پر مون کي حيرت ان وقت ٿي، جڏهن هن پنهنجي لاعلمي جو اظهار ڪيو. هن ٻڌايو ته، ”کين ڊالر ۾ پگھار ڏني ويندي آهي ۽ گھڻا پائلٽ جن کي آمريڪا وغيره ۾ سٺي آڇ ٿيندي آهي، اهي هتان نوڪري ڇڏي هليا ويندا آهن. پاڪستان سان ان جو واسطو ڄڻ نالي ماتر هوندو آهي.“ سندس چوڻ هو ته، ”اسلام آباد جي ڪا سماجي زندگي ناهي. هتي ماڻهو گھڻو ڪري گھر اندر ئي پنهنجي دلچسپي جون سرگرميون پيدا ڪندا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور وغيره ۾ گھر کان ٻاهر جي زندگي آهي.

ڊاڪٽر اشوڪ سان ملاقات
اٽڪل ٽي ڏهاڪا اڳ جي ڳالهه آهي. هڪ ڀيري آئون ڪجھه دوستن سان گڏجي پنهنجي هڪ دوست جي عيادت لاءِ صدر ۾ سيونٿ ڊي ايدوينٽسٽ اسپتال ويو هوس. اوچتو ڊاڪٽر جو گائون پاتل هڪ نوجوان ڊاڪٽر اچي آڏو بيٺو. مون کان پڇيائين ته، ”اوهان فلاڻا آهيو؟“ مون چيس، ”ها، پر اوهان مون کي ڪيئن سڃاتو، جڏهن ته هيءَ پنهنجي پهرين ملاقات آهي.” هن ٻڌايو ته، ”منهنجو نالو ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار آهي ۽ آئون اوهان کي سڃاڻان ٿو.“
بهرحال اها پهرين ملاقات هڪ پڪي دوستي ۾ بدلجي ويئي. ٿوري وقت کانپوءِ منهنجي زال ان اسپتال ۾ داخل ٿي. اسپتال جي قاعدن موجب مريض سان گڏ ڪنهن اٽينڊنٽ جي اجازت نه هئي، پر ڊاڪٽر اشوڪ مون کي اها گھٽتائي محسوس ٿيڻ نه ڏني ۽ منهنجي زال ۽ نئين ڄاول ڌيءُ جو پورو خيال رکيائين. ڪجھه وقت کانپوءِ هو اها نوڪري ڇڏي لاڙڪاڻي هليو ويو. ڪجھه عرصو ته اسان هڪٻئي سان رابطي ۾ رهياسين، پر هاڻي گھڻو وقت ٿي ويو آهي جو اسان جو پاڻ ۾ رابطو نه ٿي سگھيو آهي.

ڪراچي جو سنيما ڪلچر

سافٽ ڪلچر، جنهن ۾ شاعري، فڪشن، ٿئيٽر ۽ سينيما وغيره اچي وڃن ٿا، شهر ۽ ان جي ماڻهن جو مزاج ٺاهيندا ۽ ان جا عڪاس هوندا آهن. ان لحاظ کان ڪراچي ڪجھه عرصو اڳ تائين هڪ شاهوڪار شهر رهيو آهي، خاص طور رڳو سنيمائن جي حوالي سان ئي ڏسجي ته هتي وک وک تي سنيما هوندي هئي. ماڻهو انگريزي، اڙدو، سنڌي، گجراتي، پشتو ۽ پنجابي فلمن جون ڳالهيون ڪندا هئا. هتي ڪجھه فلم اسٽوڊيوز هئا، جتي ماڻهو فلمن جي شوٽنگ ۽ فلمي اداڪارن کي ڏسڻ لاءِ ويندا هئا. اسان پنهنجي گھر کان اڃا نڪرندا هئاسين ته سنيمائن جو سلسلو شروع ٿي ويندو هو. ليمارڪيٽ ۽ نپيئر روڊ جي علائقي ۾ شروع ۾ ڪمار سنيما ايندي هئي، جڏهن ته سامهون گھٽي ۾ راڪسي، سپر ۽ نورمحل سنيمائون هونديون هيون. اڳتي ايم اي جناح روڊ ۽ سٽي ڪورٽ ڏانهن ويندي ڪنڊ تي نگار سنيما هوندي هئي. اهو علائقو ڳائڻ وڄائڻ ۽ جسم فروشي جي بازار جي ڪري به ڄاتو ويندو هو. اتان لنگھندي، خاص طور اوسي پاسي جي گھٽين ۾ گھڻو احتياط ڪرڻو پوندو هو. دعوت ڏيڻ وارا مختلف جاين تي بيٺا هوندا هئا، جنهن ڪري ڏاڍي احتياط سان انهن کان لنوائي وڃڻو پوندو هو. اها بازار اڳتي هلي بند ٿي ويئي.
اڳتي رينڇوڙ لائين ڏانهن وڃبو هو ته ٽمبر مارڪيٽ واري گھٽيءَ ۾ اڙدو ڪاليج جي ويجھو قسمت سنيما هوندي هئي. رينڇوڙ لائين کان ايم اي جناح روڊ ڏانهن ايندي جوبلي سنيما هوندي هئي. اها ڄڻ ان سڄي علائقي جي سڃاڻپ هئي. ان علائقي جون ڪپڙي ۽ ٻين شين جون بازارون وغيره ان نالي سان ئي سڃاتيون وينديون هيون. ان جي سامهون ڪوه نور سنيما هئي. ان گھٽي ۾ ئي اڳتي هلبو هو ته چوڪ تي ريوالي، نشيمن، قيصر ۽ گوڊين سنيمائون هيون.
ليڊي ڊفرن اسپتال ۽ لنڊا بازار کان ٿيندي ماڻهو ايم اي جناح روڊ تي پهچي ٿو ته ڄڻ پراڻي شهر کان نڪري هڪ نئين ماحول ۾ داخل ٿئي ٿو. ڪي ايم سي جي هيڊ آفيس سان گڏ لائٽ هائوس سنيما هئي. سول اسپتال کان اڳتي هڪ پاسي رٽز ۽ ٻئي پاسي ميجسٽڪ سنيمائون هونديون هيون. اڃا ٿورو اڳتي هلبو هو ته ريڊيو پاڪستان جي سامهون ٿيوسوفيڪل هال سان گڏ تاج محل سنيما هئي، جتي سنڌي فلمون به هلنديون هيون. اڳتي رمپا پلازه جي سامهون پلازه سنيما هئي. ٿورو ئي اڳتي ناز ۽ ان جي سامهون نشاط سنيمائون هيون. نشاط سنيما جي ڪنڊ تي ڪانڊا والا بلڊنگ آهي، جنهن جي ڀر ۾ پي ايم اي هائوس ۽ آئي بي اي جو ڪيمپس آهي. ان جي سامهون سڙڪ جي ٻئي پاسي انڪلسريا اسپتال آهي، جنهن جي سامهون رينو سنيما هوندي هئي. جڏهن ته نشاط جي سامهون صدر ڏانهن ويندڙ سڙڪ جي شروع ۾ ئي ليرڪ، بمبينو ۽ اسٽار سنيمائون وغيره هونديون هيون.
ان گھٽي مان اڳتي اچبو هو ته اوڊين سنيما هوندي هئي. ان کان ٿورو فاصلي تي ريگل سنيما هوندي هئي. اهو سڄو علائقو ريگل سنيما جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو، بلڪه اڃا به سڃاتو وڃي ٿو. اڳتي ڪيپيٽل سنيما هوندي هئي، جنهن جي ڪنڊ تي فٽ پاٿ تي ڪتابن ۽ اخبارن جو اسٽال هوندو هو، جيڪو خاص طور سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو. ان کان ٿوري فاصلي تي پيراڊائيز سنيما هئي. اهو علائقو سنيمائن سان گڏوگڏ ليکڪن وغيره لاءِ ڪيفي جارج ۽ ڪافي هائوس جي چانهه، سموسن ۽ پيٽيز وغيره لاءِ پڻ سڃاتو ويندو هو.
صدر جي ان رونق کي ڇڏي اڳتي وڌبو هو ته ريڪس سنيما ايندي هئي. ان جي پويان ريو سنيما هئي، جتي مون آخري ڀيرو ان جي آڊيٽوريم ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ اسلم اظهر جي ٿئيٽر گروپ پاران اسٽيج ڪيل ”گليليو“ ڊرامو ڏٺو هو. هوٽل ميٽروپول جي پويان وليج هوٽل جي ڀر ۾ ۽ شاهراه فيصل شروع ٿيڻ واري پوائنٽ تي ئي پيلس سنيما هوندي هئي.
اهو سڄو علائقو ان وقت ڪراچي شهر هوندو هو. پسگردائي ۽ نون آباد ٿيل علائقن ۾ ڌار سنيمائون هيون، جيئن لسٻيلي چوڪ ۽ تين هٽي وٽ فلمستان ۽ ناولٽي سنيمائون هيون. ماري پور روڊ تي ڪرائون سينيما آهي. اهڙي ريت اڳتي تين هٽي جي پل پار ڪرڻ کانپوءِ لالو کيت ۾ ڪجه سنيمائون هونديون هيون. نرسري ۽ طارق روڊ وغيره، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جا آباد ٿيل علائقا آهن. هتي نرسري تي مشهور خيام سنيما هوندي هئي، جڏهن ته طارق روڊ تي جھيل پارڪ وٽ سوسائٽي سنيما هئي. اڳتي ملير، قائد آباد ۽ لانڍي وغيره جي علائقي ۾ به ڪجھه سنيمائون هيون. ان پسگردائي ۾ ڊرائيو اِن سنيما ڪراچي جي هڪ منفرد سنيما هئي. نيشنل اسٽيڊيم ۽ ڊالميا سيمينٽ فيڪٽري کان اڳتي اچبو هو ته، هن وقت جتي ملينيم مال آهي، ان جي ڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل اها سنيما هئي، جتي ماڻهو پنهنجي ڪار ۾ ويهي فلم ڏسي سگھندو هو.
انهن سنيمائن جو هڪ خاص مزاج هو. هر قسم جي ماڻهو لاءِ ان جي کيسي موجب ٽڪيٽ جي گنجائش هوندي هئي. شروع ۾ ويٺل تماشبينن لاءِ گھٽ پئسن واري ٽڪيٽ هوندي هئي ۽ کين اها ڇوٽ هئي ته هو فلم جي ڪنهن به سين تي گوڙ ڪري سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائي سگھن ٿا. جيڪڏهين ڪا نئين ۽ سٺي فلم وغيره هوندي هئي، ته ماڻهن جي رش هوندي هئي - ۽ ڪنهن هنگامي ٿيڻ جو انديشو هوندو هو ته پوءِ سنيما جا ملازم لاٺي چارج وغيره ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا. ظاهر آهي ته ان ڪم لاءِ سخت قسم جي ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي ۽ ان ڪم لاءِ لياري جي ماڻهن کي مناسب سمجھيو ويندو هو. سنيما جي ملازمن ۾ هيٺ کان مٿي تائين لياري جي ماڻهن جي گھڻائي هئي. سنيما جي ملازمن جي باقاعدي يونين هوندي هئي. ان سلسلي ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اسانجو دوست رحيم بخش آزاد، جيڪو آزاد بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، اهو ان يونين جو عهديدار هو.
ماڻهن کي انگريزي فلمن جو خاص شوق هوندو هو. ان ۾ گھڻائي اهڙن ماڻهن جي هئي، جيڪي مزدور هوندا هئا ۽ گھڻو پڙهيل ڳڙهيل نه هوندا هئا. بهرحال اهي ماڻهو انهن فلمن مان پنهنجو مطلب ڪڍي ويندا هئا ۽ مزي سان اهي پنهنجن دوستن ۽ مائٽن کي ٻڌائيندا هئا. کين انهن فلمن جي اداڪارن ۽ اداڪارائن جي ايتري ڄاڻ هوندي هئي ڄڻ اهي سندن مائٽ هجن. ان جو وڏو ڪارڻ اهو هو جو انهن مان گھڻا ماڻهو بندرگاه تي ڪم ڪندا هئا، جتي سندن واسطو مختلف پرڏيهي ماڻهن سان پوندو هو، جيئن مشهور اداڪار عبداللطيف عرف ساقي، جنهن کي بندرگاه تي ڪم ڪرڻ ڪارڻ ڪيئي ٻوليون اينديون هيون.
منهنجو پنهنجو فلمن ڏسڻ جو هڪ معمول هوندو هو. هر پندرهين ڏينهن ڪا نه ڪا فلم ڏسڻ ويندو هوس. پوءِ ڪڏهن اڪيلو، ته ڪڏهن ڪنهن دوست سان گڏ. جيڪڏهن ڪنهن نئين فلم جي ڪنهن ويجھي سنيما تي بڪنگ نه ملندي هئي ته، طارق روڊ جي سوسائٽي سنيما تائين به سفر ڪري وڃبو هو. آهستي آهستي زندگي ۾ ٻيون مصروفيتون وڌنديون ويون ۽ اهو شوق پسمنظر ۾ هليو ويو.
آهستي آهستي اهو سڀڪجھه به ختم ٿي ويو. ان جا گھڻا ئي ڪارڻ آهن. پهرين ڳالهه ته ڪراچي جي فلم انڊسٽري ختم ٿي ويئي. اسٽوڊيو گودامن ۾ تبديل ٿي ويا. سڄو ڪم لاهور منتقل ٿي ويو. هتي فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون. ان جو وڏو نقصان خاص طور سنڌي فلمن کي ٿيو. ڪراچيءَ ۾ فلمي صنعت هئڻ ڪري ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي فلمون ٺهنديون هيون ۽ ماڻهو وڏي شوق سان اهي ڏسندا هئا، پر لاهور منتقل ٿيڻ کانپوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو. جڏهن ته هاڻي لاهور ۾ به ڪجھه نه بچيو آهي. هونئن به سنيمائن کي انڊين ۽ انگريزي فلمن جو وڏو آسرو هوندو هو. 1965 جي پاڪ ڀارت جنگ کانپوءِ انڊين فلمون اچڻ بند ٿي ويون. اهڙي ريت سنيمائون پنهنجي هڪ اهم ذريعي کان محروم ٿي ويون.
گھڻا ماڻهو ان خيال جا آهن ته وي سي آر ۽ ڪيبل وغيره جي ڪري سنيمائن تي اثر پيو آهي، پر آئون سمجھان ٿو ته اهو مڪمل طور صحيح ناهي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ شيون ته ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ به آهن، پر اتي سنيما تي ايڏو خراب اثر نه پيو آهي، جيترو پاڪستان ۾ پيو آهي. ان جي اندروني ڪاراڻن کي ڳولڻ گھرجي. سماج ۾ سرايت ڪيل شدت پسندي به سافٽ ڪلچر جي ان هڪ اهم پاسي کي وڏو نقصان پهچايو آهي. هن وقت اهو سڀڪجھه ڄڻ ماضيءَ جي هڪ وڻندڙ ياد بڻجي چڪو آهي. گھڻيون سنيمائون انهن ساڳين نالن سان رهائشي اپارٽمنٽس ۽ شاپنگ مالز ۾ تبديل ٿي چڪيون آهن. ان طرح ڪراچي شهر جي هڪ اهم سڃاڻپ، جيڪا سنيمائن واري هئي، سا هاڻي ختم ٿي چڪي آهي.

ڪراچي شهر ۾ ڳوٺاڻي زندگي

مليرکي پنهنجن ڳوٺن، ٻنين ۽ مال جي ڪري شهري علائقن سان گڏجي وڃڻ جي باوجود اڃا ڳوٺاڻو علائقو ليکي سگھجي ٿو. پر اڃا تائين به گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر ۾ ڳوٺاڻي زندگي جا آثار ملن ٿا. ڪڏهن ائين سڙڪ تان ويندي مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ اوچتو رستي تي اچي ويندا آهن ۽ سڙڪ ڪجھه وقت لاءِ بلاڪ ٿي ويندي آهي. ظاهر ڳالهه آهي ته اهو مال سنڀالڻ وارن جا ويجهو ئي گھر ۽ ڳوٺ هوندا. جيتوڻيڪ هتان جا صفوران ۽ حاجي ليمون گبول ڳوٺ وغيره شهري زندگي جو حصو ٿي ويا آهن، پر انهن جي سڃاڻپ ساڳي ڳوٺ واري آهي.
گھڻو عرصو اڳ جي ڳالهه ناهي. لالو کيت جي وچ ۾ ڳوٺ هوندا هئا. اسان جو دوست ف. م لاشاري اهڙي ئي هڪ ڳوٺ ۾ رهندو هو ۽ سندس گھرِ، ڊاڪخاني يا تين هٽيءَ کان ٿورو اڳ فلمستان سنيما وٽان وڃبو هو. جيتوڻيڪ انهن ڳوٺن ۾ ٻني ٻارو نه هوندو آهي، پر اهي ڳوٺن جي حيثيت ۾ قائم هئا، جن کي ڪي شهري سهولتون هيون ۽ ڪي نه هيون.
ان کان اڳ ۾ جڏهن اسان جو خاندان نوآباد، لياريءَ ۾ اچي رهيو هو، جنهن کي هڪ شهري علائقو ڳڻيو ويندو هو، اُتي به جانور ۽ خاص طور ڳئون ۽ ٻڪريون وغيره پالڻ هڪ عام ڳالهه هئي. ڪي گھر، جيڪي ڳئون رکندا هئا، اهي ساڳئي وقت کير جو ڪاروبار به ڪندا هئا ۽ ان حوالي سان سڃاتا ويندا هئا. فليٽ سسٽم نه هئڻ ۽ زمين جي گھرن هئڻ ڪري انهن جانورن کي رکڻ سولو ڪم هوندو هو. صبح جو ڌنار مختلف گھرن جون، خاص طور تي ٻڪريون گڏ ڪري کڻي ويندو هو ۽ شام جو اهي موٽائي آڻيندو هو - ۽ مهيني جي ختم ٿيڻ تي مالڪن کان پنهنجو اجورو وٺندو هو.
ڳئون جيڪي ائين رستن تي پيون گھمنديون هيون، انهن کي سرڪاري عملدار، جن کي ڍڪ وارا چيو ويندو هو، وڃي بند ڪندا هئا ۽ پوءِ مالڪ ڏنڊ ڀري اهي ڇڏائي ايندا هئا. انهن علائقن مان ته اهو سڀڪجھه ختم ٿي ويو آهي، پر اڃا شهر جي گھڻن علائقن ۾ ڪٿي گھڻا، ته ڪٿي ٿورا ڳوٺاڻي زندگي جا آثار باقي آهن.

ٻاراڻو ضد
اڃا اها ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه لڳي ٿي، جڏهن منهنجو پٽ طاهر منهنجي آفيس مان اچڻ کانپوءِ شام جو مون کي چوندو هو ته، ”بابا مون کي ڳئون ۽ اٺ ڏسڻا آهن.“ ان وقت آئون بغدادي، لياريءَ ۾ رهندو هوس ۽ ٿورو پرتي ليمارڪيٽ وٽ اهي جانور آرام سان ويٺا هوندا آهن. کيس اتي وٺي وڃڻ لازمي هوندو هو ۽ پوءِ جڏهن گھر موٽندو هو ته وري سندس ضد هوندو هو ته، ”بابا مون انهن کي هٿ ته لاٿو ئي ڪونه. هاڻي مون کي وري وٺي هلو.“ ٻيو ڀيرو هٿ لاهي موٽندو هو ته، وري ضد ته، ”بابا آئون انهن تي ويهندس.“ پوءِ کيس سمجھائڻو پوندو هو ته، ”يار، اهو ڪم هاڻي تون سڀاڻي ڪجانءِ.“ ان تي ڪڏهن هو مُڙي ويندو هو ۽ ڪڏهن وري ٽيون ڀيرو به ساڻس وڃڻو پوندو هو. سندس اصل مقصد گھر کان ٻاهر چڪر هڻڻ هوندو هو.
7 سيپٽمبر2007 تي سندس شادي تي سندس شادي ٿي ۽ هن وقت هو چار ٻارن جو پيءُ آهي. آئون اڃا به ڪڏهن ڪڏهن کيس اهي پراڻيون ڳالهيون ياد ڏياريندو آهيان. شل هو پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي زال ۽ ٻارن سان سکيو ۽ آباد رهي.

جهاز وارو سج ۽ زمين وارو سج
سج لهڻ جو نظارو هونئن زمين تي ۽ خاص طور تي سمنڊ جي ڪناري نهايت دلڪش ۽ وڻندڙ هوندو آهي، پر خاص طور تي جڏهن ماڻهو هوائي سفر ۾ زمين کان ڇٽيهه هزار فوٽن جي اوچائي تي هجي ته، ان نظاري جي نوعيت وري ٻي ٿي ويندي آهي. لهندڙ سج جڏهن هيٺ ڪڪرن سان لهه وچڙ ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته پرتي پاڻيءَ جون ڍنڍون آهن ۽ ڪڏهن ڄڻ آسمان ۾ جبل هجن، جن مان باهه نڪري رهي هجي. مٿي سج، زمين تي سج جي لهڻ کان اٽڪل ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ لهندو آهي. هڪ ڀيري ائين ٿيو ته رمضان شريف جو مهينو هجي. آئون اسلام آباد مان ڪراچي موٽي رهيو هجان. روزي کولڻ جو وقت جهاز جي لينڊ ڪرڻ کان اڳ ٿيڻو هو، ان ڪري جهاز جي عملي پاران وقت تي مسافرن کي روزي کولڻ جا باڪس ڏنا ويا. وقت ٿي ويو، پر پائلٽ اعلان ڪيو ته هيٺ زمين تي روزو کُلي ويو آهي، پر مٿي جيئن ته سج اڃا نه لٿو آهي، ان ڪري روزو نه ٿو کولي سگھجي. مسافر دٻا هٿن ۾ کنيو بيچيني سان جهاز جي درين مان سج ۾ اکيون وجھيو ويٺا هئا ته، اهو ڪڏهن ٿو لهي- ڪڏهن سندن انتظار ٿو ختم ٿئي. پر زمين جي سج جي ابتڙ هتان جي سج جي لهڻ جو ڪو وقت ڏنل نه هو ۽ پائلٽ پاران ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ساڳيو اعلان ورجايو پئي ويو. نيٺ جڏهن جهاز هيٺ لهڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن کي اهو ٻڌايو ويو ته، اهي هاڻي ان حد مان نڪري آيا آهن ۽ هاڻي روزو کولي سگھن ٿا ته، انهن روزو کوليو. واقعي اها حقيقت آهي ته وقت ۽ مقام هر شئي جي حقيقت کي بدلائي ڇڏيندا آهن.

آصف فرخي، سرور جاويد. ڊاڪٽر ٻوهيو ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سائيڪل ريلي

پنهنجي ڪنهن ويجھي ۽ پياري ماڻهوءَ جي گذاري وڃڻ تي فوري طور لکڻ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. هڪ جذباتي صدمي کي لفظن جو روپ ڏيڻو پوندو آهي. آصف فرخي جي وفات جي خبر واقعي منهنجي لاءِ هڪ اوچتي ۽ ڇرڪائيندڙ خبر هئي. ساڻس آئون ڪنهن ويجھي تعلق جي دعويٰ ته نه ٿو ڪري سگھان، پر جيڪو ٿورو گھڻو تعلق رهيو، اهو سٺين ۽ خوشگوار يادن تي ئي ٻڌل آهي. گھڻو عرصو اڳ شاهه محمد پيرزادو سان گڏجي ڪنهن ادبي گڏجاڻيءَ ۾ آئون گلشن اقبال ۾ سندس گھر ويو هوس. منهنجي ساڻس اها پهرين ملاقات هئي، پر اها ڄڻ آئندي جي ويجھن ناتن جو ذريعو بڻجي ويئي هئي. هو پنهنجي ماءُ پي سان گڏ رهندو هو. سندس پيءُ ڊاڪٽر اسلم فرخي ڪراچي يونيورسٽي ۾ هوندو هو. هڪ خاموش طبيعت ۽ پنهنجي علمي ڪم ۾ مصروف شخص.
آصف سان پوءِ شيخ اياز تي مختلف ليکڪن جي مضمونن جي مجموعي ۽ ايٽمي ڌماڪي جي سلسلي ۾ ضمير نيازي جي ترتيب ڏنل مضمونن جي سلسلي ۾ رابطو رهيو. ڪڏهن سندس ترتيب ڏنل رسالو دنيازاد ۽ پبليڪيشن هائوس؛ شهرزاد پاران شائع ڪيل ڪي ڪتاب ملي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪنهن مضمون تي فيڊ بيڪ جي حوالي سان ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ويندي هئي.
آئون گھڻي عرصي کان ادبي ميلن وغيره کان پري رهيو آهيان. ڪي ايل ايف، ادب فيسٽيول ۽ ٻئي ڪنهن به اهڙي پروگرام ۾ شامل نه رهيو آهيان. ان جا ڪارڻ ڪهڙا به ٿي سگھن ٿا. بهرحال ان ڪري به گھڻن دوستن ۽ خاص طور آصف، جيڪو انهن پروگرامن جو روح روان هوندو هو، سان ملاقاتون محدود رهيون آهن. اهڙي ريت آصف جو حال احوال شاهه محمد سان ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ملي ويندو هو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آصف سنڌي اديبن ۾ هڪ مقبول نالو هو. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ ڀيري ملاقات ۾ مذاق ڪندي چيو هئائين ته، ”يار آئون ته انهن سنڌي ليکڪن مان اڙجي ويو آهيان، جن جي، روز گھر تي مختلف ڪتابن ۽ مهاڳن ۽ تبصرن لکڻ وارين فرمائشن جو انبار هوندو آهي.“ بهرحال سندس سنڌي ادب ۽ ليکڪن سان هڪ محبت وارو ناتو هو. اياز ۽ امرجليل وغيره سان سندس خاص تعلق هوندو هو.
آصف هڪ روشن خيال انسان ۽ ليکڪ هو، پر ساڳئي وقت هو ڪنهن نظرئي سان لاڳاپيل نه هو. سندس پنهنجا ادبي حلقا ۽ دائرا هوندا هئا ۽ گھڻو ڪري اتي ئي سندس ڪچهريون ٿينديون هيون. باقي سندس شهر جي مين اسٽريم ادبي تنظيمن جهڙوڪ؛ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ عوامي ادبي انجمن وغيره ۾ اچڻ نه هوندو هو. يقيناً مٿس پنهنجي پيءُ اسلم فرخي، جيڪو پاڻ هڪ وڏو عالم هو، جو وڏو اثر هوندو. ساڳئي وقت هو ادبي لحاظ کان حسن عسڪري ۽ انتظار حسين جو پوئلڳ ته هو، پر منهنجي خيال ۾ هو پنهنجي چاچي انور احسن صديقي جي پڻ گھڻو ويجھو هو ۽ ان جو به مٿس گھڻو اثر هو. انور احسن ترقي پسند خيالن جو شخص هو. هو ڪراچيءَ جي مزدور تحريڪ ۽ سياسي ۽ ادبي حلقن جي هڪ سرگرم شخصيت هو. صاف، کرو ۽ ساڳئي وقت محبت ۽ شفقت سان پيش ايندڙ شخص. ساڻس اڪثر مختلف ادبي پروگرامن ۾ ملاقات ٿيندي هئي. لالا لعل بخش رند ۽ فصيح سالار وغيره سان سندس ويجھڙائي هوندي هئي. سندس ڪجھه ڪتاب وغيره پڻ لکيل آهن.
آصف جو سنڌي ۽ اڙدو اديبن ۾ لاڳاپن جي حوالي سان يقيناً هڪ سرگرم ڪردار آهي، پر ساڳئي وقت کيس هڪ اڪيلي شخص طور نه وٺڻ گھرجي. هو ان سڄي عمل جو هڪ حصو هو، جيڪو مختلف لاهين چاڙهين سان لاڳيتو هلندو آيو آهي. ان ۾ ڪنهن جو گھٽ ۽ ڪنهن جو گھڻو ڪردار رهيو آهي، پر ان سلسلي ۾ ٿورو گھڻو ڪردار گھڻن ماڻهن جو ادا ڪيل آهي، جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. اهو عمل جاري رهڻو آهي ۽ آصف ان سلسلي ۾ هڪ اهم نالي طور ياد رکيو ويندو.

سرور جاويد
سرور جاويد به گذاري ويو. هو اڙدوءَ جي انهن ڪجھه اديبن مان هڪ هو، جيڪي ڪنهن دور ۾ ترقي پسند سياست سان لاڳاپيل رهيا هئا ۽ خاص طور شاگرد سياست ۾ انهن جو ڪردار هو. هو پنهنجي ان تسلسل کي ترقي پسند ادبي تنظيمن ذريعي جاري رکندا ٿي آيا. سرور ڪنهن دور ۾ ڪاليج يونين جو پڻ عهديدار رهيو هو. هو پيشي جي لحاظ کان صحافي هو، پر ادبي حلقن ۾ هڪ سٺي شاعر طور سندس سڃاڻپ هئي، خاص طور عوامي ادبي انجمن ۾ سندس شرڪت باقاعدي هوندي هئي. سندس دوستن کي اها خبر هوندي هئي ته هو هڪ جذباتي ماڻهو آهي ۽ ڪاوڙ ۾ اچڻ کانپوءِ پرچي به جلدي ويندو آهي. ڪجھه سال اڳ سنڌي ادبي سنگت ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران گڏيل طور لاڙڪاڻي ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو هو. آئون اتي انجمن جي نمائندي طور ويو هوس، پر سنگت پاران جوڳي بندوبست نه هئڻ ۽ موضوع تي ڪنهن موزون ماڻهوءَ جي تياري ڪري نه اچي سگھڻ جي ڪري مون کي چيو ويو ته، اوهان سنگت پاران پنهنجو پيپر پيش ڪيو، جيڪو مون ڪيو.
ان پروگرام ۾ سرور جاويد پنهنجي ٻي زال سان ڪراچيءَ جي وفد سان گڏ آيو هو. اها شادي هن پنهنجي پهرين زال، جيڪا پاڻ شاعره هئي ۽ ادبي پروگرامن ۾ سرور جاويد سان گڏ شريڪ ٿيندي هئي، جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ڪئي هئي.
ڪراچيءَ مان آيل مهمانن جي لاءِ سمبارا اِن هوٽل ۾ رهائش جو انتظام ڪيو ويو هو. موهن جو دڙو جا آثار ڏسڻ، ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ۾ مانجھاندي ڪرڻ سان گڏ پنهنجي دوست منٺار سولنگي جي گھر چانهه به پيتي هئي سين.
پهرين رات مشاعرو به ان پروگرام جو حصو هو، جنهن ۾ روايتي لحاظ کان شاعرن جي مرتبي وغيره جو گھڻو خيال رکيو ويندو آهي، خاص طور اڙدو جا شاعر ان معاملي ۾ گھڻا حساس آهن. ان سلسلي ۾ اتان جي منتظمين کي شايد ڪا گھڻي ڄاڻ نه هئي ۽ انهن پنهنجي ليکي پروگرام هلايو پئي. اوچتو سرور جاويد اٿي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”اوهان کي ڪو احساس ناهي ته ڪراچيءَ مان اوهان جيڪي مهمان گھرايا آهن، انهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ انهن کي ڪيئن عزت ڏني وڃي؟“ بهرحال دوستن منٿ ميڙ ڪري کيس راضي ڪيو ۽ پروگرام هلي پيو. سرور جاويد ائين ئي هوندو هو. بهرحال دوست به ساڻس نڀائيندا هئا ۽ هو به انهن کانسواءِ رهي نه سگھندو هو.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
ڊاڪٽرالهداد ٻوهيو جي سڃاڻپ سندس علمي ڪم آهي. ان ماڻهوءَ سان واقفيت ۽ ڪجھه وقت گذارڻ منهنجي لاءِ واقعي هڪ خوش قسمتي ۽ منهنجي زندگيءَ جو هڪ اثاثو آهي. هو هڪ نفيس طبيعت جو ماڻهو هو، جيڪو ٻين جو ايترو خيال ڪندو هو جو ماڻهوءَ کي لڄ پيئي ايندي هئي. بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومتي دور دوران لاهور ۾ ٿيل جمهوريت پسند ليکڪن جي ڪانفرنس ۾ مون کي ذاتي طور اهو فائدو ٿيو ته ٻوهيو صاحب سان هوٽل جو روم شيئر ڪرڻ جو موقعو ميسر آيو. ان کان اڳ به ساڻس منهنجي ذاتي واقفيت هئي. ف. م لاشاري ۽ پاڻ ڪراچيءَ جي عزيز آباد جي ماڊل اسڪول ۾ استاد هوندا هئا. لاشاريءَ سان سندن نهايت ويجھو ۽ قرب جو ناتو هو.
ان وقت ٻوهيو صاحب جي رهائش ناظم آباد ۾ گول مارڪيٽ جي ويجھو هوندي هئي، جتي منهنجو لاشاري سان گڏجي ٻه ٽي ڀيرا وڃڻ ٿيو هو. هو پنهنجن مهمانن جي تواضع چانهه بسڪٽ سان نه پر پستن ۽ بادامن سان ڪندو هو. سندن حيدرآباد منتقل ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو سنڌي ادبي سنگت جي ڪنوينشن جي موقعي تي اتي وڃڻ ٿيو هو. ٻوهيو صاحب جي دعوت تي ۽ ٻيو ته لاشاريءَ سان سندس گھر ۾ اچڻ وڃڻ وارو تعلق هو، ان ڪري اها رات اسان سندس گھر مهمان هئاسين. لاشاري ته لت کوڙي سمهي پيو هو، پر آئون ساڻن رات جو دير تائين ڪچهري ڪندو رهيس.
لاهور ۾ ريل گاڏيءَ جي سفر ۾ هو اسان سان گڏ ئي هو. ان سڄي سفر ۾ اسان سڀني سان سندس اهڙو ورتاءُ هو، ڄڻ هو اسان جي خاندان جو ئي هڪ فرد ۽ اسان جو وڏو هجي. سندس صلاحون ڏيڻ ۽ ڪنهن ڳالهه تي ٽوڪڻ، ڪڏهن ڪنهن کي خراب به لڳندو هو، پر ان سڀڪجھه ۾ هڪ پنهنجائپ ۽ محبت شامل هوندي هئي. ان ڪانفرنس جو اهو فائدو ٿيو هو ته ملڪ جي ٻين ٻولين جي اديبن سان لهه وچڙه ۾ اچڻ، خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ مختلف ٻولين جي مسئلن کي سمجھڻ جو موقعو مليو هو، پر ساڳئي وقت نوجوان سنڌي اديبن کي سوڀو ۽ ڊاڪٽر ٻوهيو سان گھڻو وقت گذارڻ ۽ کين سمجھڻ ۽ کانئن سکڻ جو موقعو به ملي ويو.
ٻوهيو صاحب ڪنهن ادبي لابيءَ سان لاڳاپيل نه هو. هو جيتوڻيڪ هڪ روشن خيال ماڻهو هو، پر ڪنهن سياسي نظرئي وغيره سان لاڳاپيل نه هو.

ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سائيڪل ريلي
شايد 1990ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي ته هڪ ڀيري اسلم خواجه مون کي ۽ ڊاڪٽر شمس سومرو کي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڪوئيٽا کان سبي تائين سائيڪل ريلي ۾ هلڻ جي دعوت ڏني هئي. هتي ايمنسٽي گھڻو ڪري ميڊيڪل ڊاڪٽرن تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر شير شاهه ۽ ٻيا ڊاڪٽر ان ۾ سرگرم هئا. اسان ٻيئي گڏجي پي ايم اي هائوس پهتاسين، جتان اسان کي بسن ذريعي ڪوئيٽا لاءِ روانو ٿيڻو هو. ان ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن کانسواءِ گھڻن ڊاڪٽرن پنهنجين زالن ۽ ٻارن کي به آندو هو. ايستائين جو هڪ ڊاڪٽر پنهنجو ڪتو به گڏ کنيو هو.آر سي ڊي هاءِ وي ذريعي ڪوئيٽا پهتاسين، جتي اسان کي هوٽل ۾ رهايو ويو.
هڪ ٻه ڏينهن ڪوئيٽا جون بازارون، حنا ڍنڍ ۽ اڙڪ وغيره گھمياسين. سائيڪل ريلي واپسيءَ ۾ شروع ٿي، جنهن ۾ ايمنسٽي جا ڪي پرڏيهي نمائندا به شامل هئا. بسون سائيڪل وارن جي پويان، انهن جي رفتار سان هلنديون ٿي ويون. بولان لڪ مان گذري مختلف جاين تي خاص طور تي پاڻي جي چشمن وٽ فطرت جو مزو وٺڻ، آسيس وٺڻ ۽ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ بيٺاسين ٿي. بس وارن لاءِ پوءِ به سائيڪل وارن تائين پهچڻ ڪو مسئلو نه هو. ان ريليءَ ۾ ايمنسٽي جو پرڏيهي نمائندو سڀ کان تيز هو ۽ سڀني کان گھڻو اڳ سبي پهچي ويو هو. اتي ضلعي انتظاميا پاران ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي رهائش ۽ ماني ٽڪي وغيره جو بندوبست ڪيو ويو هو. رات سبي ۾ گذارڻ کانپوءِ اهو قافلو، جيڪو بلوچستان رستي ڪوئيٽا ويو هو، سنڌ جي مختلف شهرن مان ٿيندو واپس ڪراچي پهتو

ڪراچي ۽ پشاور شهر ۾ مينهنِ جا ڏينهنَ ۽ ماڻهن جا الڳ الڳ رويا

سنڌ ۾ مينهن گھٽ پوندا آهن ۽ ڪراچي ۾ ته اڃا به گھٽ پوندا آهن. اهڙو وقت به آيو هو جو شهر ۾ لاڳيتو ٻه ٽي سال مينهن نه پيو هو ۽ گھڻن ماڻهن ته ڪراچيءَ کي رڻ پٽ جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو. ان سان اختياري وارن ۽ شهر جي ماڻهن اهو نتيجو ڪڍيو ته هن شهر ۾ مينهن نه پوندا، ان ڪري پاڻيءَ جي نيڪال جو ته ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. نتيجي ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جا جيڪي رستا، نالا ۽ نيون هيون، انهن تي ماڻهن قبضا ڪري ورتا. اتي نه رڳو ڪچا ۽ پڪا گھر ٺاهيا ويا، پر بينڪن ۽ ٻئي بزنس جون آفيسون پڻ قائم ٿيون. ڪنهن پڇا ڳاڇا نه ڪئي ته، بابا هي ڇا ٿا ڪيو؟ شهر جي سڄي نظام کي ائين برباد ڇو ٿا ڪيو؟
اهو ته ممڪن ئي نه هو ته، مينهن ماڳهين نه پون. پوءِ ائين ٿيندو هو ته ٿورو به وسڪارو ٿيندو هو ته، پاڻيءَ کي نيڪال جو رستو نه ملڻ ڪري نديون نالا اٿلي پوندا هئا ۽ پاڻي شهر جي رستن کي ٻوڙي ۽ هيٺانهين وارن علائقن جي گھرن ۾ داخل ٿي ويندو هو. نتيجي ۾ سڄي شهر جو ڪاروهنوار بيهي رهندو هو. آءِ آءِ چندريگر روڊ، نرسري، شاهراه فيصل، ڪورنگي ۽ شهر جي ٻين اهم رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺو هوندو هو.
ڪلاڪن تائين ٽريفڪ جام هوندي هئي. اهڙي صورتحال ۾ ڦرن جا واقعا به ٿيندا هئا. ماڻهن کي گھر موٽڻ ۾ صبح به ٿي ويندو هو. ٻه ٽي ڀيرا آئون پاڻ ان صورتحال جو شڪار ٿيس ۽ پنجين وڳي جو اسٽيٽ بينڪ جي آفيس مان نڪتل رات جو ٻي اڍائي وڳي گلشن حديد ۾ پنهنجي گھر پهچندو هوس.
اهڙي ئي مينهن جي هڪ مند ۾ مون کي پنهنجو هڪ سفر ياد ٿو پئي. مون کي سرڪاري ڪم سان پشاور وڃڻو هو. ان وقت اٽڪل سڄي ملڪ ۾ مينهن پئجي رهيا هئا. جهاز ڪراچي کان ته اڏاڻو، پر خراب موسم جي ڪري ان کي لاهور ۾ ئي لينڊ ڪرڻو پيو. ان وقت اتي ايئر پورٽ تي شيخ رشيد، جيڪو ان وقت به ريلوي جو وزير هو، ۽ سيد خورشيد شاه به موجود هئا. شيخ رشيد کي پنڊي، جڏهن ته خورشيد شاه کي سکر وڃڻو هو.
خورشيد شاه کي ته ايئرپورٽ وارن چئي ڇڏيو ته، سکر ايئر پورٽ تي لائيٽ نه هئڻ ڪري رات جي ڪابه فلائيٽ ناهي. ايئرپورٽ جي عملي سان سندس وڙهڻ ۽ رڙيون ڪرڻ جو هُنن تي ڪو به اثر نه پيو، جڏهن ته شيخ رشيد ٿوري وقت کانپوءِ اتان هليو ويو.
اسان کي انهن ڪافي دير کانپوءِ اسلام آباد جي فلائيٽ ۾ ويهاريو، جتان پي آءِ اي جي بس رات جو اٽڪل ٻي وڳي پشاور ايئرپورٽ پهچايو. اتي به مينهن لڳاتار وسي رهيو هو.
اهڙي صورتحال ۾ منهنجي لاءِ پهريون مسئلو ڪا سواري ڳولڻ ۽ هوٽل تي پهچڻ هو. منهنجي ذهن ۾ ڪراچيءَ جي صورتحال هئي، جنهن ڪري ڪنهن به وارتا جي ٿيڻ جو ڊپ هو. ايئرپورٽ کان ٻاهر هڪ رڪشا ملي ويو. مون کيس ڪنهن به هوٽل تي هلڻ لاءِ چيو ته جيئن رات گذاري صبح جو پنهنجي ٽيم سان هوٽل ۾ وڃي رهان. ٻن ٽن هوٽلن تي پڇا ڪرڻ کانپوءِ هن نيٺ مون کي هڪ هوٽل تي اچي لاٿو. مون کان سئو روپيا ڪرايو ورتائين، جيڪو منهنجي اندازي موجب عام حالتن جي لحاظ کان به گھٽ هو. اُتي رات گذاري صبح جو نيرن ڪري جڏهن هوٽل واري کي نيرن جا پئسا ڏيڻ لڳس ته هو چئي ته، ”اوهان اسان جا مهمان آهيو. اوهان کان پئسا نه وٺنداسين.“ نيٺ مون ان کي پئسا ڏنا ۽ اچي پنهنجي جاءِ تي پهتس.
اهو هونئن ته هڪ يادگار سفر هو، پر خاص طور رڪشا ۽ هوٽل واري همراهه جو جيڪو ورتاءُ هو، اهو ڪراچيءَ جي حوالي سان بلڪل ئي غير متوقع ۽ هميشه ياد رهندڙ هو.
فطرت جي تباهيءَ سان انسان جي ڀوڳڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي!
ڪجهه وقت اڳ حيدرآباد وڃڻ ٿيو. سنڌو درياهه تي، ڄامشوري واري پل تان لنگھندي درياهه تي نظر وجھڻ ڄڻ عادت ۾ شامل ٿي ويو آهي. درياهه جي هِن حصي ۾ پاڻيءَ جو گھٽ هئڻ ۽ واري جو اڏامڻ ته معمول جي ڳالهه آهي. ساڳئي وقت درياهه جي ان ويرانيءَ جو فائدو وٺندي مختلف ٽرڪون اتان مٽي ڪڍي رهيون هيون، جيڪا شهرن ۾ تعميراتي مقصدن لاء استعمال ڪئي ويندي. اهو سڀڪجهه سنڌو درياهه سميت دنيا جي سڀني وڏن ۽ ننڍن درياهن ۽ نئين سان ٿي رهيو آهي. وڏن شهرن، ڊيمن ۽ ٻين تعميراتي رٿائن درياهن کي وڏو نقصان پهچايو آهي. ان لاڙي کي ضابطي ۾ آڻڻ ڏکيو آهي. گھڻيون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. هڪ لحاظ کان انساني تهذيب جي ترقيءَ جو مطلب فطرت جي تباهي آهي، جنهن جا نتيجا اڳتي هلي ٻي جيوت سان گڏ انسان کي به ڀوڳڻا پوندا ۽ شايد اهو عمل هاڻي شروع ٿي چڪو آهي.

فطرت خلاف کنيل قدم: ساهه ٻوساٽجي ٿو!
ڪراچي جي آبادي جيئن وڌي رهي آهي ۽ نوان علائقا شهر ۾ شامل ٿي رهيا آهن، تيئن فطرت جا رنگ ختم ٿي رهيا آهن - ۽ ٻي جيوت لاءِ حياتي تنگ ٿي رهي آهي. هڪ اهڙو وقت هوندو هو جو ملير ته پري جي ڳالهه، جتي رڳو ڳوٺ ۽ قدرت جا رنگ هوندا هئا، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ به مختلف پکين جي لات، چيڪو، بادام ۽ ٻيرين جا وڻ هوندا هئا. نوريئڙن کي ڊوڙون پائيندي ۽ وڻن تي لهندي چڙهندي ڏسبو هو. اهي منظر گھڻو اڳ غائب ٿي ويا.
گلشن اقبال ۽ گلستان جوهر ۾ مختلف ڳوٺن جا بس هاڻي رڳو آثار ئي ملن ٿا، باقي فطرت جو ڪو رنگ باقي ناهي رهيو. ايستائين جو ملير جو علائقو سڄو شهر جو حصو بڻجي ويو آهي. اڳ ۾ ماڻهو اتي ڳوٺن ۽ باغن ۾ ڪڏهن ڪڏهن پڪنڪ ملهائڻ ۽ ٿوري آسيس وٺڻ لاءِ ويندو هو، پر هاڻي اهو آسرو به باقي ناهي رهيو.
گلشن حديد شهر کان اٽڪل چاليهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. شروع ۾ ڊاڪٽر خاص طور تي ساهه جي مريضن کي اتي رهڻ جي صلاح ڏيندا هئا، پر اتان جو ماحول به بلڪل بدلجي ويوآهي. مون کي هتي رهندي اٽڪل ٽيويهه سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. ان وقت، جڏهن آئون هتي رهڻ آيو هوس ته علائقي ۾ وڻڪاري ۽ ساوڪ گھڻي هوندي هئي. علائقو صاف سٿرو هوندو هو. صبح جو ماڻهن کي پکين جون لاتيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. هاڻي اهو سڄو ماحول بدلجي ويو آهي. علائقي جي آبادي وڌي ويئي آهي. وڻ ٽڻ ۽ ساوڪ بس نالي ماتر وڃي رهي آهي. گندگي ۽ ڪچرو ايترو وڌي ويو آهي، جو ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ آئون پنهنجي گھر جي ٻاهران ويٺو هوس ته مون کي وڻ تان هڪ نوريئڙو لهندي نظر آيو. گھڻي دير تائين اهو وڻ تان لهندو چڙهندو ۽ هڪ وڻ کان ٻئي وڻ ڏانهن ويندو رهيو. آئون لاڳيتو ان کي ڏسندو رهيس. گھڻي عرصي کانپوءِ مون اهو ڏٺو هو ۽ ان ڄڻ مون ۾ هڪ اتساهه ڀري ڇڏيو هو. آئون تيستائين ان کي ڏسندو رهيو هيس، جيستائين اهو ڪنهن وڻ ۾ غائب نه ٿي ويو هو.
فطرت ۽ جيوت جا رنگ ماڻهوءَ کي هڪ نئون اتساهه ڏيڻ سان گڏ شهري زندگيءَ جي دٻاءَ کي گھٽ ڪرڻ ۾ پڻ هڪ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، پر ڇا ڪجي، پنهنجي حرص ۽ لالچ جي ڪري ماڻهن پاڻ، پاڻ کي ان نعمت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي شهر ۾ وقفي وقفي سان گھڻن علائقن ۾ اهڙي بدبوءِ ڦهلجي ويئي هئي، جنهن جو ڪو واضح ڪارڻ سامهون نه آيو هو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته، اها سمنڊ ۾ گھڻي تعداد ۾ مڇين جي مرڻ جي ڪري ٿي آهي، پر اها ڪا حتمي ڳالهه نه هئي. ڪجهه وقت اڳ بي بي سي جي ڏنل هڪ رپورٽ موجب ايران جو شهر تهران اهڙي بدبوِ جو شڪار ٿيل آهي. ان متعلق به گھڻا انومان ظاهر ڪيا پئي ويا. ڪِن جو چوڻ هو ته اها مڇين جي مرڻ جي ڪري آهي، جڏهن ته ڪي ان کي گٽر لائين جي ڦاٽڻ جو نتيجو قرار ڏين ٿا، پر ڪا ڳالهه حتمي طور طئي نه ٿي سگھي آهي. جڏهن ته حڪمرانن چيو هو ته، ان ۾ ڳڻتيءَ جي ڪا ڳالهه ناهي، تنهن هوندي به شهري پريشان هئا. ڇا اهي سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ پراسرار تبديليون ڪٿي ماحول ۾ ايندڙ تبديلي جو نتيجو ته ناهن؟

رڳو ريفريشمينٽ لاءِ ايندڙ ماڻهو! ۽ هڪ حل
ادبي تقريبن ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به ايندا آهن جن جو مقصد اصل تقريب کان وڌيڪ ريفريشمنٽ هوندو آهي. پوءِ ان جي انتظار ۾ کين پروگرام ۾ آخر تائين ويهڻو پوندو آهي. سڀ تقريرون وغيره به کين ٻڌڻيون پونديون آهن. اسان جي هڪ دوست نرگس هودڀائي اهڙن ماڻهن جي تڪليف ۽ بيچينيءَ کي محسوس ڪيو ۽ ان جو هڪ حل به ڪڍيو. هن پنهنجي تنظيم پاران گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪيو هو. پروگرام جي شروع ٿيڻ کان اڳ هن اعلان ڪيو ته، ريفريشمنٽ تيار آهي. پهرين اوهان اهو ڪري وٺو ته جيئن پوءِ اسان پنهنجو پروگرام انهن ماڻهن سان شروع ڪري سگھون، جيڪي خاص پروگرام جي حوالي سان آيا آهن. اهڙي ريت هن پنهنجي پروگرام جي ترتيب اهڙي ٺاهي، جنهن ۾ رڳو پروگرام ۾ دلچسپي رکندڙ سنجيده ماڻهو ئي شريڪ ٿي سگھن. ڇا ان مثال کي عام طور استعمال ڪري سگھجي ٿو.؟

نرگس هودڀائي، سندس هڪڙي شڪايت

نرگس هودڀائيءَ سان منهنجي واقفيت ڊاڪٽر فيروز احمد جي حوالي سان ٿي هئي. اُن وقت هوءَ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي باٽني ڊپارٽمينٽ ۾ هوندي هئي ۽ آئون ايڪنامڪس ۾ هئس. يونيورسٽيءَ کان پوءِ به اهو سلسلو هلندو آيو. انگريزي اخبارن ۾ ته هوءَ لکندي هئي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ هن سنڌيءَ ۾ هلال پاڪستان ۾ به ڪالم لکڻ شروع ڪيا. هوءَ جيتوڻيڪ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) ۾ رهي هئي، پر سندس ڪالمن جو موضوع سياست نه، پر صوفي خيال هوندا هئا. ان وقت منهنجو ڀاءُ شڪور به هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪندو هو. ڪجهه عرصو ڪالم لکڻ کانپوءِ کيس انهن کي ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪرڻ جو خيال آيو. ان سلسلي ۾ هوءَ شڪور کان مدد وٺڻ لاءِ اسان جي بغداديءَ واري گھر ايندي هئي. اتي هوءَ، امان ۽ گھر جي ٻين ماين سان ائين ويهي ڪچهري ڪندي هئي، جيئن عام مايون ڪنديون آهن. لکڻ سان گڏ کيس صوفي راڳ جو به شوق هوندو هو. سنڌي ادبي سنگت، ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ به ٻه ٽي ڀيرا هن پنهنجي ان شوق جو مظاهرو ڪيو هو.
نرگس جيتوڻيڪ سياسي طور سرگرم نه هئي، پر سماجي ۽ ادبي حوالي سان سندس هڪ ڪردار هو. هن جا ڪم ٻين کان مختلف ئي هوندا هئا.
نرگس ڪجهه وقت کانپوءِ ”گل بهائو“ جي نالي سان هڪ اين جي او قائم ڪئي هئي. ان جي ٺهڻ جي شروعاتي مرحلي ۾ آئون به ساڻس گڏ هئس. ان جو ڪم ماڻهن جي گھرن مان سُڪو ڪچرو، پئسن تي خريد ڪرڻ هوندو هو. ان جو نعرو اهو هو ته، ”ڪچرو ڏيو ۽ سون ڪمايو.“ ان اين جي او کي هن گھڻو عرصو هلايو. آئون سمجھان ٿو ته هن ان تي هڙان وڙان خرچ ڪيو ۽ گھڻي ڀاڱي اڪيلي سر ئي اهو ڪم پئي ڪندي هئي. ان مان کيس ڇا حاصل ٿيو، آئون نه ٿو سمجھان ته ٻين اين جي اوز وانگر هن ان مان ڪي فائدا حاصل ڪيا هوندا.
نرگس، لطيف چوڌري سان شادي ڪئي هئي. اهي ٻيئي ڪنهن وقت ۾ اين ايس ايف ۾ گڏ ڪم ڪندا هئا. لطيف سان به منهنجو محبت ۽ دوستيءَ وارو ناتو هو. اسان ٻيئي ’اداره امن و انصاف‘ جي رسالي ’جفاڪش‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جا ميمبر هئاسين. ان جي وقت بوقت ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ ملاقات ۽ ڪچهري ٿيندي هئي. لطيف، اسٽيٽ لائف انشورنس ۾ ڪم ڪندو هو ۽ سندس آفيس اسانجي آفيس جي ويجھو هئي، ان ڪري ساڻس رستي پنڌ به ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿي ويندي هئي. هڪ اڌ ڀيرو گارڊن ۾ جماعت خاني جي ويجھو سندن گھر به منهنجو وڃڻ ٿيو هو.
نرگس کي پنهنجن گھڻن سنڌي دوستن کان اها شڪايت هوندي هئي ته، ’اهي ڪراچيءَ جي اسماعيلي خوجن کي سنڌي نه ٿا سمجھن ۽ اسان سان بلڪل ڌارين وارو ورتاءُ ٿا ڪن، جڏهن ته اسان سنڌي ڳالهايون ٿا ۽ سنڌيءَ ۾ لکون پڙهئون ٿا،‘ پر اها ساڳي شڪايت مون سميت ڪراچي جي گھڻن ٻين سنڌين کي به رهي آهي.

پراڻو ڌوٻي گهاٽُ
بابا جڏهن لياريءَ جي نوآباد مان لڏي اچي ڊي ڊي چوڌري روڊ بغدادي ۾ پنهنجو گھر ٺاهيو ته اهو علائقو ان وقت پرسڪون سمجهيو ويندو هو. گھر جي سامهون ئي پراڻو ڌوٻي گھاٽ هوندو هو. جيتوڻيڪ نئون ڌوٻي گھاٽ، گارڊن واري پاسي قائم ٿيو هو، پر هتي اڃا ڌوٻي رهندا هئا ۽ ڪي پنهنجو ڪپڙن ڌوئڻ جو ڪم به ڪندا هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ انهن به پنهنجو ڪم بند ڪري ڇڏيو هو، پر اڃا اتي انهن جا گھر هوندا هئا. اها زمين انهن ڌوٻين جي ملڪيت هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ ڌوٻين علائقي جي مختلف ٺيڪيدارن سان ڳالهايو ۽ اتي ڏسندي ڏسندي گھڻيون، ڪيئي ماڙ عمارتون ٺهي ويون. جن ۾ ننڍا، کُڏين جيترا سوين فليٽ آهن. اهي هن وقت سڀ آباد آهن ۽ انهن جي هيٺان مختلف شين جا دڪان آهن.
ڪجهه وقت کانپوءِ ان روڊ تي ليمارڪيٽ ٽيليفون ايڪسچينج قائم ٿي، جنهن جي قائم ٿيڻ سان ماڻهن کي سهولت ته ملي، پر ساڳئي وقت هو ڏچي ۾ به اچي ويا. شايد لائنون وڇائيندي سيوريج جي لائينن کي ڪو نقصان پهتو هو، جنهن ڪري سڄو علائقو گندي پاڻي سان ڀرجي ويو. اها ڪا هڪ اڌ ڏينهن يا ڪجهه وقت جي ڳالهه نه هئي، پر لاڳيتو مهينن تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. ماڻهو نه رڳو پنڌ هلي نه سگھندو هو، پر ڪو رڪشا وغيره به اچڻ لاء تيار نه هوندو هو. گھڻي وقت کانپوءِ اهو مسئلو وڃي حل ٿيو. اهو علائقو هن وقت ساڳيءَ ريت تنگ ۽ شور سان ڀريل آهي، جيئن اوسي پاسي جا ٻيا علائقا آهن.

پراڻي ڪراچي جو ’ڏيلو‘
پراڻي ڪراچي شهر جي گھڻن علائقن ۾ اهڙا وڏا ڪمپائونڊ آهن، جن کي ’ڏيلو‘ چيو ويندو آهي. اهو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ’ويڙهي،‘ جنهن ۾ مائٽن جا ئي گھر هوندا آهن، کان مختلف آهي. اهو ڀارت جي گجرات، ڪڇ ۽ ڀڄ وغيره جي علائقن سان گھڻي هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ هتي گھڻو ڪري انهن ماڻهن جي آبادي آهي، جيڪي ورهاڱي کان اڳ اُتان جي علائقن مان هتي اچي آباد ٿيا آهن.
هتي رڳو گھر نه، پر ننڍا گھڻ ماڙ فليٽ پڻ ٺهيل آهن، جيڪي سوَنِ جي تعداد ۾ آهن. اهي ماڻهو ضروري ناهي ته هڪٻئي جا مائٽ هجن، پر هرڪو هڪٻئي کان واقف ۽ هڪٻئي جو خيال رکڻ وارو هوندو آهي. ڪنهن اوپري ۽ ڌارئي ماڻهوءَ جو ’ڏيلي‘ ۾ اندر داخل ٿيڻ ڏکيو ڪم هوندو هو. ان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ کانسواء ڪيترن سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا هئا.

ڪوئيٽا ۾ سَت ڏينهن

تڏهن بلوچستان جون حالتون ايتريون خراب نه هيون، خاص طور ڪوئيٽا وڃڻ ڪا ايڏي جوکم جي ڳالهه نه هئي. جنوريءَ جو مهينو هجي. ظاهر آهي ته ڪوئيٽا ۾ اها سيءَ جي مند هئي. سرڪاري ڪم سانگي اٽڪل هڪ هفتي لاء ڪوئيٽا ۾ رهڻو هو. اڳ ۾ ڪڏهن انهن ڏينهن ۾ ڪوئيٽا وڃڻ نه ٿيو هو، ان ڪري پوريءَ ريت سيءَ جو اندازو نه هو.
پنهنجي لحاظ کان ڪجهه اوڇڻ کنيا هئا. صبح جي فلائيٽ هئي. جهاز اٽڪل يارهين وڳي ڪوئيٽا ۾ لينڊ ڪيو. ٻاهر سج چمڪيو پئي، جنهن سان مون کي اها غلط فهمي ٿي ته موسم نارمل هوندي، پر ائين نه هو. ٻاهر نڪرندي ئي ٿڌ جو احساس ٿيو. خير ڏينهن جو وقت هو. هوٽل تي سامان رکي پنهنجي ڪم تي هليو ويس. ڪوئيٽا هڪ مختلف شهر آهي. ڪاروبار وغيره جي لحاظ کان بلوچن ۽ بروهين وغيره جو ڪو نالو نشان نه ٿو ملي. پٺاڻ ۽ خاص طور افغاني سڄي شهر تي حاوي آهن. اهي ڪم ائين ٿا ڪن، جيئن قبائلي علائقن ۾ ٿيندو آهي. جيڪو اسان جو ڪم هو، ان لحاظ کان اهو اڃا وڌيڪ ڏکيو هو. اسٽيٽ بينڪ تازو مني ايڪسچينج ڊيلرز کي لائسنس جاري ڪيا هئا.
اسان جو ڪم اهو ڏسڻ هو ته، اهي قانون موجب ڪم ڪن پيا يا نه. جيتوڻيڪ ان وقت حالتون ايتريون خراب نه هيون، پر اسان کي پنهنجن مقامي واقفڪارن پاران چيو ويو هو ته، ’ڪوشش ڪري هتي پينٽ شرٽ پائڻ کان پرهيز ڪجو. ٻي ڳالهه ته، بازارن ۾ گھڻو گھمڻ ڦرڻ نه وڃجو.‘
اهو سڀڪجهه ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪوئيٽا جو سُڪو سيءُ، جنهن تي سج جو ڪو اثر نه ٿي پيو، اهو ڄڻ ته اندر ۾ ٿي گھڙيو. بس رڳو پنهنجي آفيس ۽ هوٽل ۾ ئي هوندا هئاسين. هوٽل ۾ ٻن ڪمبلن ۽ هيٽر جي به هوندي سيءُ نه جھلبو هو. رات جو يارهين وڳي کن هوٽل وارا هيٽر به بند ڪري ڇڏيندا هئا، ڇاڪاڻ جو اهڙا واقعا ٿي چڪا هئا، جنهن ۾ ڪمري ۾ گيس ڀرجي وڃڻ ڪري ڪجهه همراهه، جن ۾ اسٽيٽ بينڪ جو هڪ نوجوان آفيسر ۽ سندس وني شامل هئا، سي ڪوهه مريءَ ۾ هني مون ملهائيندي، ساهه ٻوساٽجڻ ڪري مري ويا هئا.
مسئلو اهو هو ته هتي پورو هفتو گذارڻو هو، جيڪو هڪ پيڙا ۽ عذاب کان گھٽ نه پئي لڳو. ان جي باوجود ماڻهو ٻڌائين پيا ته، سيءُ گھٽجي ويو هو. منهنجو وڏو ڀاءُ، جيڪو نوڪريءَ سانگي ڪجهه عرصو ڪوئيٽا ۾ رهي آيو هو، اهو ٻڌائيندو هو ته، ’ٿڌ جي ڪري پاڻي برف ٿي ويندو هو ۽ پاڻيءَ جا نلڪا ڦاٽي پوندا هئا.‘ الائي اهو لطيفو آهي يا صحيح ڳالهه، ته ماڻهو چوندا آهن ته، ’هڪ ٽريفڪ ڪانسٽيبل، جيڪو پنهنجي ڊيوٽي ڏيئي رهيو هو، ان جڏهن گاڏين کي اشاري ڪرڻ لاءِ هٿ مٿي کنيو ته سيءَ جي ڪري سندس ٻانهن اتي ئي ڄمي ويئي.‘
هن وقت جيڪي موسمياتي تبديليون آيون آهن، انهن ڪوئيٽا جي موسم کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ۾ هتي گرمين ۾ به پکن جي ضرورت نه پوندي هئي ۽ سنڌ جا ماڻهو خاص طور گرمين جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي ايندا هئا، پر هاڻي گھرن ۽ هوٽلن ۾ پکا لڳي ويا آهن. مينهن ۽ برفباري گھٽجي ويئي آهي. ڪو ڪو سال ته اهڙو به ايندو آهي جو مينهن ۽ برفباري ماڳهين نه ٿيندي آهي! جڏهن اسان ڪوئيٽا ۾ هئاسين ته، حنا ڍنڍ ۽ اڙڪ جا چشما سُڪا پيا هئا. انهن جي پاڻيءَ جو ذريعو مٿي جبلن تي پوندڙ مينهن ۽ برفباري هوندو آهي.
شهر جي چوڌاري صوفن ۽ ٻين مختلف ميون جا باغ آهن. اوهان جيڪڏهن چاهيو ته، باغ جي مالڪ کان صوف وغيره خريد ڪري سگھو ٿا. انهن کي چشمن وغيره مان پاڻي پهچائڻ لاء نالين جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ ٺهيل آهي، جنهن کي ’ڪاريز‘ چيو ويندو آهي. انهن جو دارومدار به جبلن تي ٿيندڙ برفباري ۽ مينهن تي آهي. مون کي اهو محسوس ٿيو ته ڪوئيٽا ۾ پشاور کان به وڌيڪ حڪومتي ادارن ۽ خاص طور انهن لاءِ، جن جا اختيار محدود هجن، ڪم ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي. انهن ماڻهن جا، پوءِ ڀلي اهي مقامي هجن يا افغاني، سرحد پار افغانستان سان ناتا آهن ۽ اهي وقت بوقت، پوءِ ڀلي مذاق ۾، اهو احساس ڏياريندا رهندا ته، اوهان کي سرحد جي ٻئي پاسي پهچائي ڇڏينداسين. جناح روڊ، ڪوئيٽا جو اهم تجارتي مرڪز آهي. جن مني چينجرز وٽ قانوني طور ڪاروبار ڪرڻ جو لائسنس آهي، اهي هڪ يا ٻه مس آهن، پر جناح روڊ تي اهڙا ڪيئي دڪان ملندا، جيڪي اهو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. کين ان ڳالهه جي پرواه نه هوندي آهي ته، سرڪاري عملدار ويجهو ئي موجود آهن. هڪ اڌ ڀيرو ته ائين ٿيو جو انهن عملدارن کي پنهنجي کل بچائي لڪي اتان ڀڄڻو پيو.
بهرحال اهي سڀ ڳالهيون ته ڪم جو حصو هيون، باقي سيءُ اهڙو هو، جنهن ڄڻ هڪ ٿڌي دوزخ ۾ وجھي ڇڏيو هو. اسان لاءِ اتي ست ڏينهن گذارڻ وڏو مسئلو بڻجي ويو هو. اتان مون کي اسلام آباد ۽ پوءِ پشاور وڃڻو هو، پر هڪ ٻي غيريقيني صورتحال اها هئي ته، هتي اچڻ ۽ وڃڻ وارين اڏامن جي ڪا پڪ نه هوندي هئي، ۽ اهي اڪثر عين وقت تي ڪينسل ٿي وينديون هيون.
ڪوئيٽا جو ايئر پورٽ بس جي اڏي جيان هو. اتفاق سان جهاز پنهنجي وقت تي آيو ۽ وقت تي آئون اسلام آباد پهتس. ائين پئي لڳو ڄڻ هڪ ٿڌي دوزخ مان نڪري آئون هڪ نارمل دنيا ۾ پهچي ويو هوس. هتي رات گذاري صبح سوير ئي پشاور لاءِ روانو ٿي ويس.

لالا، جيڪو لياريءَ کي بچائڻ وارن ۾ شامل هو!

زندگي رڳو ٺوس خيالن ۽ نظرين جو نالو ناهي، پر اهو ساڳئي وقت احساسن ۽ جذبن جو به نالو آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جي خيالن ۽ نظرين سان سهمت نه هوندي به ان سان رڳو ان ڪري تعلق رکڻ ضروري هوندو آهي جو ان ۾ پنهنجائپ، قرب، احساس ۽ عزت هوندي آهي ۽ هو ڪنهن کي رڳو ان ڪري رد نه ڪندو آهي ته، اهو سندس خيالن يا نظرين سان اختلاف ٿو ڪري يا انهن جو پوئلڳ ناهي. اها دراصل خاندان ۽ راڄن جي وڏن جي خاصيت هوندي آهي، جيڪا ان خاندان ۽ راڄ جي سڀني فردن کي سندن انفرادي خاصيتن، خوبين ۽ خامين کي مدنظر رکندي گڏ رکڻ ۽ گڏي هلائڻ لاءِ ضروري هوندي آهي. ڪجهه اهڙا ماڻهو جڏهن پنهنجي سرگرم سماجي ۽ سياسي زندگيءَ ۾ داخل ٿيندا آهن ته، اهي خاصيتون، جيڪي ڄڻ ته سندن شخصيت جو فطري طور تي هڪ حصو هونديون آهن، اهي اتي به استعمال ڪندا آهن.
لعل بخش رند، جيڪو پنهنجن دوستن، يارن، ننڍن وڏن ۽ ملڪ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست ماڻهن ۾ ”لالا“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، اهو اهڙي ئي هڪ شخصيت هو. هڪ اهڙي قد آور شخصيت، جنهن جي لاءِ بجا طور چئي سگھجي ٿو ته، هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار ذريعي عزت ڪمائي. اهڙو ماڻهو، جنهن جي لاءِ اهو نه ٿو چئي سگھجي ته، کيس سياست ۾ مال ميڙڻ جا موقعا ميسر نه آيا، پر هو پنهنجن اصولن تي قائم رهيو ۽ جيل ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ سختيون به سٺائين. هڪ اڳواڻ هوندي به هو ڪارڪنن سان ئي گڏ هوندو هو، جيڪي هڪ لحاظ کان سندس دوست به هوندا هئا ۽ سندس عزت به ڪندا هئا. سندس خاندان گھڻو عرصو اڳ سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر مان لڏي اچي لياريءَ جي بغدادي واري علائقي ۾ آباد ٿيو هو. اهي مالوند ماڻهو هئا ۽ انهن مان ڪجهه اڃا به جانور پالڻ ۽ کير جو ڪاروبار ڪندا آهن.
لياري، جنهن کي ڪجهه وقت اڳ، جيئن ميڊيا پاران پيش ڪيو ويو هو، اهو رڳو گينگ وار، عزير بلوچ، سردار رحمان، ڪالا ناگ ۽ منشيات جي واپارين جو علائقو نه رهيو آهي، پر اهو هميشه کان ثقافتي، سياسي ۽ سماجي حوالن سان هڪ شاهوڪار علائقو رهيو آهي، جنهن جو ثبوت هاڻي به مختلف شعبن ۾ نوجوانن جي بيمثال ڪارڪردگيءَ مان ملي ٿو. ان جي گھٽي گھٽيءَ ۾ باڪسنگ ۽ فٽ بال جا ڪلب، مختلف ميوزيڪل گروپ ۽ قوم پرست ۽ ترقي پسند سياست جا مختلف رنگ اڃا به نظر ايندا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بظاهر هڪٻئي کان ڌار نظر ايندڙ انهن شعبن جا ماڻهو هڪ ٻئي سان مضبوطي سان ڳنڍيل هوندا آهن. لالا، جيڪو لياريءَ جي سياسي ڪارڪنن لاءِ هڪ معتبر سياسي استاد جي حيثيت رکندو هو ۽ کين مختلف موضوعن تي ليڪچر وغيره ڏيندو هو، اهو ساڳئي وقت لياريءَ ۾ باڪسنگ ۽ فٽبال کي ترقي وٺائڻ لاءِ پڻ ڪوشان هوندو هو.
لياري سياسي، سماجي ۽ ادبي لحاظ کان هڪ گلدستو رهيو آهي. هتي ڪنهن به ماڻهو لاءِ اهو ممڪن ناهي هوندو ته هو ٻين کان ڌار رهي رڳو پنهنجي ليکي ڪم ڪري يا پنهنجي خاص ادبي ۽ سياسي گروپ سان لاڳاپيل رهي. اهي ماڻهو هڪ ٻئي سان اختلاف به ڪندا، بحث به ڪندا، پر مختلف هوٽلن، پارڪن ءِ ٻين عوامي جاين تي هڪ ٻئي سان نه رڳو ملڻ پر مختلف پروگرامن ۾ هڪٻئي جي سهائتا ڪرڻ ۽ هٿ ونڊائڻ پڻ سندن لاءِ ضروري هوندو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ ڪنهن شخص تي رڳو ڪميونسٽ ۽ قوم پرست جو ليبل هڻي کيس ڌار ڪري ڇڏڻ ڏکي ڳاله هوندي آهي.
ممڪن آهي اهو لياري، جتي هڪ ڊگھي عرصي کان مختلف ٻولين ۽ نسلن سان واسطو رکندڙ پورهيت هڪٻئي سان سهڪار ڪندي گڏجي رهي رهيا آهن ۽ جتي اڃا تائين انهن ۾ انهن بنيادن تي ڪا ڇڪتاڻ پيدا نه ٿي آهي، جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفسيات جي ڪري هجي.
لالا انهن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مان نه هو، جيڪي پنهنجي ماحول ۽ ماڻهن کان ڪٽيل هوندا آهن ۽ رڳو وڏيون ڳالهيون ڪرڻ سندن ڪم هوندو آهي. پاڪستان ٺهڻ جي شروعاتي سالن ۾ جيڪڏهن لياريءَ جي ماڻهن کي لالا، اڪبر بارڪزئي، يوسف نسقندي، رحيم بخش آزاد ۽ ٻين سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي مدد ۽ پٺڀرائي حاصل نه هجي ها ته، اتي هن وقت يا ته بندرگاه جي سامان رکڻ جا گودام نظر اچن ها يا ڪا هائوسنگ سوسائٽي هجي ها ۽ هتان جا ماڻهو، ڪراچيءَ جي ٻين گھڻن ڳوٺن جي ماڻهن جيان ڇڙوڇڙ ٿي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهن ها. ايوب خان جي دور ۾ لياري لاءِ، پهرين هتي گودامن ٺاهڻ جي رٿابندي ڪئي ويئي هئي ۽ پوءِ ڪي ڊي اي اسڪيم 17 جو اعلان ڪيو ويو هو ته، شهر جي ايليٽ جي لاءِ شهر جي ويجھو رهڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. ان اسڪيم تحت لياريءَ جي سڀني ماڻهن کي شهر جي وچ ۽ بندرگاه جي ڀر مان ڪڍي شهر جي ڏورانهن نين آباد ٿيل وستين؛ نيو ڪراچي ۽ نارٿ ڪراچي وغيره ۾ ڦٽو ڪرڻ هو. ٻين علائقن جي ماڻهن جي ابتڙ هتان جي ماڻهن ان ڳالهه جي مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجن اباڻن پٽن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. ان تحريڪ ۾ نوجوان ۽ شاگرد اڳتي هئا. جن ماڻهن ان جي اڳواڻي پئي ڪئي، انهن ۾ لالا ۽ سندس مٿي ذڪر ڪيل دوست مهڙ ۾ هئا. ان احتجاج جي ڪري ئي حڪومت کي ان اسڪيم کي واپس وٺڻو پيو ۽ هتان جي ماڻهن کي پنهنجن گھرن ۽ پنهنجي ماحول کان محروم ٿيڻو نه پيو.
جيتوڻيڪ لالا ۽ منهنجي گھر جي وچ ۾ ڪو گھڻو فاصلو نه هو ۽ آئون دوستن جي حوالي سان کانئس واقف به هوس، پر منهنجي ساڻس ذاتي ڏيٺ ويٺ ۽ واقفيت گھڻو پوءِ ٿي. ان واقفيت جو ڪارڻ نور محمد شيخ هو، جيڪو ان وقت عوامي ادبي انجمن هلائيندو هو ۽ اڃا به ان ڪرت کي جاري رکندو اچي. انجمن ۽ نورمحمد شيخ؛ ٻيئي ان وقت ڊاڪٽر م.ر. حسان جي جماعت؛ ڪميونسٽ ليگ سان لاڳاپيل هئا. اها جماعت پوءِ عابد حسن منٽو جي جماعت سان گڏجي ويئي هئي.
انجمن جي گڏجاڻين ۾ ڪراچيءَ جي گھڻين ادبي ۽ سياسي شخصيتن سان گڏ لالا، جيڪو پاڻ به ان وقت ڪميونسٽ ليگ ۽ عابد حسن منٽو جي جماعت سان لاڳاپيل هو، باقاعدي شريڪ ٿيندو هو. رمپا پلازه ۾ اداره امن و انصاف جي هال ۾ ٿيندڙ انهن گڏجاڻين جي ختم ٿيڻ کان پوءِ لياري ۾ رهندڙ ڪجهه دوست، جن ۾ لالا به شامل هو، پنڌ، ڪچهري ڪندا پنهنجن گھرن ڏانهن روانا ٿيندا هئاسين. سينيئر ۽ عمر ۾ وڏي هئڻ جي باوجود لالا دوستن کي ان ڳالهه جو بلڪل احساس ٿيڻ نه ڏيندو هو ۽ ان ڳالهه ٻولهه ۾ برابريءَ جي سطح تي شريڪ ٿيندو هو.
جيتوڻيڪ سياسي طور آئون لالا جي سياسي جماعت جو حصو نه هئس، پر اسان ۾ ايتري هم آهنگي پيدا ٿي ويئي جو اڪثر هڪٻئي جي گھر ڪچهري ڪرڻ لاءِ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. رات جو اڪثر لالا جي اوطاق يا گھر جي ٻاهران ٺهيل ٿَلهي تي دوست گڏ ٿيندا هئا ۽ پوءِ دير تائين ڪچهري ڪري پنهنجن گھرن ڏانهن موٽندا هئا. ان شخص ۾ مون کي هڪ خاص ڳالهه اها نظر آئي ته ملڪ جي ٻين گھڻن دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن جيان هو پنهنجي علميت ۽ ليڊري جو رعب نه وجھندو هو ۽ نه ئي ان مقصد لاءِ پنهنجي جدوجهد سان ڀرپور ماضيءَ جي نمائش ڪندو هو. هو پنهنجن گھڻن جونيئر دوستن سان ائين نوڙت سان پيش ايندو هو، ڄڻ کيس ڪجھه به نه ٿو اچي ۽ سڀڪجھه کانئن سکڻ ٿو چاهي. ان موقعي تي ڪڏهن ماڻهو ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندو هو ۽ ڪڏهن سندس حيثيت کي ڏسندي ۽ محسوس ڪندي شرمندگي پڻ ٿيندي هئي.
لالا جو بلوچ قومپرست سياست سان شروع کان ئي لاڳاپو هو. غوث بخش بزنجو، مري ۽ عطاءُ الله مينگل ڄڻ ته سندس ذاتي دوست هئا ۽ جن جو لالا جي گهر باقاعدي اچڻ وڃڻ هوندو هو. بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جي حڪومت جي دور ۾ هو بلوچستان آرٽس ڪائونسل جو چيئرمين ۽ گورنر غوث بخش بزنجو جو صلاحڪار به رهيو.
نتيجي ۾ نعپ جي حڪومت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ جيل ۽ سختيون به ڀوڳيائين. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ جي لياريءَ جي اڳواڻن مان گھڻن سان سندس دوستاڻا ناتا هئا، پر هو چوندو هو ته، جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ ۽ خاص طور تي لياريءَ جي ماڻهن لاِ ڪجهه ناهي ڪيو ته پوءِ اهي ان جي پويان ڇو چريا ٿيا آهن ۽ هر ڀيري ان کي ووٽ ڏين ٿا. عجيب شخص هو! هڪ اهڙي دور جو نمائندو هو، جڏهن ماڻهن لاءِ اقتدار جو مقصد به پنهنجين نظرين ۽ آدرشن جو حصول هوندو هو ۽ نه پنهنجي ذات ۽ پنهنجي خاندان لاءِ ڪي فائدا حاصل ڪرڻ. پنهنجي زندگيءَ جي آخر وقت تائين اهو شخص پيادل ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ئي سفر ڪندو رهيو ۽ لياري ۾ پنهنجي اباڻي گھر ۾ ئي رهيو.

منهنجو دوست بدر قريشي

مون کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جن اهم ماڻهن سان متعارف ڪرايو، انهن ۾ بدر قريشي هڪ اهم نالو آهي. بدر پابند ۽ روايتي شاعريءَ جو هڪ سٺو شاعر هو. ڪراچيءَ ۾ ان وقت روايتي شاعريءَ جون جيڪي مختلف تنظيمون جهڙوڪ؛ ”بزمِ طالب الموليٰ“ ۽ ”بزمِ جمن هالو“ وغيره هيون، بدر انهن ۾ سرگرم هوندو هو.
انهن تنظيمن جا مرڪز گھڻو ڪري لياري ۾ هوندا هئا، جتي ئي مشاعرا وغيره ٿيندا هئا، ۽ جن ۾ گجراتي، اڙدو، بلوچي ءِ ٻين ٻولين جا شاعر به شريڪ ٿيندا هئا. ان وقت تائين اهو دائرو شهر جي ٻين علائقن تائين نه ڦهلجي سگھيو هو ۽ نه ئي انهن جو شهر جي ٻين علائقن جي خاص طور تي اڙدو اديبن سان ڪو سرگرم واسطو هو.
هتان جي گھڻن شاعرن کي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ پڻ مدعو ڪيو ويندو هو. ان لحاظ کان ان وقت لياري سنڌي، گجراتي، اڙدو ۽ بلوچي ادب ۽ شاعري جو ڄڻ مرڪز هو، ان ڪري شاعريءَ سان شوق رکندڙ بدر قريشي ۽ تاج بلوچ وغيره جهڙن نوجوان شاعرن لاءِ به هتي اچڻ ضروري هوندو هو، جتي سندن خاص طور پابند شاعريءَ جي سکيا ٿيندي هئي ۽ سينئر شاعرن سان ملڻ جو کين موقعو ملندو هو. هتان جي روايتي شاعري ۽ شاعرن تي فڪري حوالي سان کڻي ڪيتري به تنقيد ڪئي وڃي، پر ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته، پابند شاعريءَ جي قاعدن کي نوجوان شاعرن تائين پهچائڻ ۾ انهن جو وڏو ڪردار هو.
انهن پراڻن شاعرن ۾ اڃا به غلام احمد نظامي، محمد جمن هالو ۽ ٻين شاعرن کي ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ سندن شاعري ڳائي وڃي ٿي. تاج بلوچ سان بدر جي واقفيت ان دور ۾ ٿي ۽ هو تاج بلوچ سان پنهنجي دوستي ۽ گڏيل شرارتن متعلق ٻڌائيندو هو. علائقي جون مختلف جايون جهڙوڪ، معصومين اسپتال ۽ ڪڪري گرائونڊ وغيره کيس ياد هوندا هئا ته، هُو ڪيئن اسپتال جي ننڍي ڀت تي وڃي ويهندا هئا ۽ اتي ڪچهري ڪندا هئا.
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو هڪ پنهنجو ۽ ڌار ڪلچر هو. سڀ دوست سنڌ جي مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي گروهن سان لاڳاپيل هوندا هئا ۽ چونڊن وقت هر ڪنهن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته سندن گروه جي مٿڀرائپ رهي، پر اهو معاملو ايستائين رهندو هو ۽ چونڊن کانپوءِ اهي سڀ پاڻ ۾ دوست هوندا هئا، گڏجي سنگت جي لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ انهن سڀني جو گڏ هئڻ ان ڳالهه جو ثبوت هو.
بدر جو والد شايد سرڪاري آفيسر هو ۽ ساڳئي وقت شاعري وغيره سان به شغف رکندو هو. بدر جي ان پاسي ڏانهن لاڙي رکڻ ۾ سندس والد جو پڻ ڪردار هو. هو ڪراچيءَ جي نرسريءَ واري علائقي ۾ مسواڙ جي گھر ۾ رهندو هو. گھڻي عرصي کان سنگت جي ورڪنگ ڪاميٽي جون گڏجاڻيون سندس گھر تي ٿينديون هيون.
سنگت وٽ پنهنجي دستوري گڏجاڻين وغيره لاءِ ته ڪا مستقل جاءِ نه هئي، پر ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻين لاءِ بدر جو گھر ڄڻ هڪ مستقل جاءِ هئي. ان جو خاص ڪارڻ اهو هو ته اها سئو سيڪڙو پڪ هوندي هئي ته، بدر گھر تي ئي هوندو. اهو ان ڪري ته ڪجهه سال اڳ رات جو هو موٽر سائيڪل تي گھر اچي رهيو هو ته نشي ۾ ڌت هڪ ڪار ڊرائيور کيس ٽڪر هنيو هو، جنهن ڪري سندس ڪرنگھو متاثر ٿيو هو ۽ پوءِ هو کٽ تائين محدود ٿي، هلڻ چلڻ کان ويهي رهيو هو. جوانيءَ ۾ اهو نه رڳو سندس ذات، پر سندس مائٽن ۽ دوستن لاءِ به هڪ وڏو صدمو هو. ان صورتحال ۾ پنهنجي همٿ ۽ دوستن ۽ مائٽن جو ساٿ هڪ وڏو سهارو هوندو آهي.
ستار پيرزدو ۽ قاضي منظر حيات سندس گھڻو ويجھو هوندا هئا ۽ سندس خيال رکندا هئا. هو ٻڌائيندو هو ته، حادثي کانپوءِ جڏهن سندس مڱ کيس ڏسڻ ايندي هئي ته، هو کيس چوندو هو ته، ”تون ڀلي ڪٿي شادي ڪري ڇڏ، پر هوءَ ائين ڪرڻ کان انڪار ڪندي هئي.“
سنگت ڪراچي جي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊجڻ جي ٻئي ڏينهن بدر جي گھر سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ سيڪريٽري فقير محمد لاشاريءَ کانسواءِ هدايت منگي، انور پيرزادو، عبدالرحمان نقاش ۽ ٻيا دوست شامل هئا. سنگت ڪراچي ۾ اهي سڀ دوست ڪافي عرصي کان گڏ ڪم ڪري رهيا هئا، جڏهن ته منهنجو انهن مان گھڻن سان ذاتي دوستي وغيره جي لحاظ کان تعلق هو. آئون به ڪجهه عرصي کان سنگت جي دستوري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو هوس، پر تنظيمي لحاظ کان آئون پهريون ڀيرو باقاعدي طور سنگت ڪراچي جي ان سٿ ۾ شامل ٿيو هوس.
سنڌي ادبي سنگت، سڄي سنڌ ۾ هڪ ڊگھي عرصي کان غير سرگرم هئي. ڪراچي سنگت جي سرگرمين ڄڻ سڄي سنڌ ۾ هڪ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو هو. دستوري گڏجاڻين کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت، مختلف شخصيتن سان سندن شخصيت ۽ فن جي حوالي سان ماهوار پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا هئا، جن ۾ ٻين اديبن ۽ ليکڪن سان گڏ سنگت جا پنهنجا ڪارڪن پڻ شامل هوندا هئا. ان سلسلي ۾ خاص طور عبدالرحمان نقاش ۽ بدر قريشيءَ جا مثال ڏيئي سگھجن ٿا. بدرکي پروگرام واري جاءِ تي آڻڻ لاء سنگت خاص اهتمام ڪيو هو ۽ کيس مانُ ڏنو هو.
ان عرصي ۾ ملڪي سطح تي ڪجهه وڏا پروگرام جهڙوڪ 1986 ۾ ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۽ 1989 ۾ لاهور ۾ جمهوريت پسند مصنفين جي ڪانفرنس ٿيا هئا. سنڌي اديبن جي حوالي سان انهن پروگرامن جي ذميواري سنگت ڪراچيءَ وٽ هئي ته، اها نه رڳو انهن پروگرامن جي تياري ۽ ترتيب ۾ ٻين ادبي تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري، پر سنڌ جي ٻين اديبن کي به متحرڪ ڪري. ان کانسواءِ سنگت ڪراچي ان دور ۾ هڪ خبرنامو پڻ شائع ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان سڄي ڪارگذاري ۾ هونئن ته سڄي ڪاروباري ڪاميٽي سرگرم هوندي هئي، پر ان ۾ نوجوان ڪارڪنن جو وڏو ڪردار هو. اها سڄي رٿابندي بدر جي گھر ئي ٿيندي هئي، جنهن ۾ بدر جون ڪارائتون صلاحون شامل هونديون هيون.
بدر قريشي هڪ لحاظ کان ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي جونيئر ڪارڪنن جو ڀرجھلو هوندو هو. انهن کي خاص طور انور، فقير ۽ بدر ابڙي کان اها شڪايت هوندي هئي ته، اهي گڏجاڻين ۾ وقت جي پابندي نه ٿا ڪن، دير سان اچن ٿا ۽ پوءِ سنگت تي پنهنجا فيصلا مڙهين ٿا، پر ڪيرکين منهن تي اها ڳالهه چئي نه سگھندو هو ۽ انهن سڀني جي ترجماني بدر قريشي ڪندو هو، جيڪو انهن سڀني سان بي تڪلف هوندو هو، جنهن ڪري کين ست سريون به ٻڌائيندو هو.
بدر قريشي پنهنجي دوستن سان ڪڏهن به پنهنجي تڪليف، بيماري ۽ ٻي ڪنهن ڏکيائيءَ جو ذڪر نه ڪندو هو. هر وقت سندس منهن تي مرڪ هوندي هئي ۽ دوستن سان ڳالهه ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ پيو ڏيندو هو. جنوري 1990 ۾ کيس بيماريءَ جي ڪري اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ ٿوري وقت کانپوءِ سندس وفات ٿي ويئي. کيس سوسائٽي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
بدر قريشي ڪجھه اهڙن ماڻهن مان هو، جن کي جسماني طور گڏ نه هوندي به ماڻهو پاڻ کان پري محسوس نه ڪندو آهي. هو پنهنجي پيار، محبت ۽ هڪ شفيق دوست جي حيثيت ۾ هميشه ياد رهندو آهي.

حاجران ماسي، ناني ڪنوار ، موسو مستري ۽ ڪي ٻيا ڪردار

منهنجي پرائمري اسڪول ۾ هئڻ وقت پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پي ايل 480 سميت تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي وغيره جي سلسلي ۾ مختلف پروگرام هلندڙ هئا، جن مان ڪنهن پروگرام تحت ٻارن کي اسڪول جي هاف ٽائم واري وقفي ۾ کير پياريو ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي گيهه جا سيلِ ٿيل دٻا پڻ ڏنا ويندا هئا، جن تي پاڪ آمريڪا دوستي جو نشان ۽ آمريڪا جو جھنڊو هوندو هو. آئون سوچيان ٿو ته هن وقت جيڪڏهن اهڙو ڪو پروگرام هلندڙ هجي ها ته، ان کير ۽ گيهه مان شاگردن کي ڪيترو حصو ملي ها ۽ ڪيترو استادن ۽ تعليم کاتي جي ٻين عملدارن جي گھر وڃي ها؟ ڪيترو مارڪيٽ ۾ وڪامي ها؟
هن نئين پاڙي ۾ هر ڪنهن کي رڳو پنهنجي گھر جو نه، پر ڄڻ سڄي پاڙي جو اونو هوندو هو. پاڙو ڄڻ هڪ وڏي گھر مثل هو! حاجران ماسي، جيڪا پنهنجي گھر جي ٻاهران ويهي شيون کپائيندي هئي، پاڙي جي ٻارن سان گڏ هر ايندڙ ويندڙ تي پڻ نظر رکندي هئي. جيڪڏهن کيس پاڙي ۾ ڪو اوپرو ماڻهو هرو ڀرو چڪر هڻندو نظر ايندو هو ته، هڪ ٻه ڀيرا ڏسڻ کان پوءِ ان کي سڏ ڪري پڇندي هئي ته، ”هتي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي ۽ ڪنهن سان ملڻو آهي؟“ جيڪڏهن هو ڪو تسليءَ جوڳو جواب نه ڏيئي سگھندو هو ته، کيس شرمندو ٿي پنهنجي واٽ وٺڻي پوندي هئي.
رات جو ٻاهر گھٽيءَ ۾ کٽون وجھي سمهڻ جو عام رواج هو. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو ته پاڙي جون ڇوڪريون جڏهن ڪنهن شادي مرادي وغيره مان رات جو دير سان موٽنديون هيون ۽ ڪنهن کي سُتل ڏسنديون هيون ته کين شرارت سُجھندي هئي ۽ گھٽيءَ ۾ پيل ڪا سِر يا پٿر کڻي ان جي پيٽ تي رکنديون هيون ۽ جيسين همراهه جاڳي ۽ سامت ۾ اچي، تيسين اهي ڇوڪريون پنهنجي گھر هونديون هيون. پنهنجا ٻار سمجھي ان وقت انهن سڀني شرارتن کي ماڻهو برداشت ڪري ويندا هئا.
حاجران ماسي جي گھر کان ٻه ٽي گھر پرتي ئي ناني ڪنوار جو گھر هوندو هو. خبر ناهي ته کيس ان نالي سان ڇو سڏيو ويندو هو، پر سڄي پاڙي ۾ هوءَ ان نالي سان ئي سڃاتي ويندي هئي ۽ شايد ئي ڪنهن کي سندس اصلي نالي جي خبر هوندي. ان گھر جي خاص ڳالهه اُتي موجود بدڪون هيون، جيڪي سڄي گھر ۽ پاڙي ۾ ڪنهن ڊپ ڊاءَ کانسواءِ پيون هلنديون هيون. ساڳئي ريت پاڙي جي ٻارن تي پڻ ان گھر ۾ اچڻ تي ڪا پابندي نه هوندي هئي.
هتي روهڙيءَ جي قاضين جو هڪ خاندان رهندو هو، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته، اهي امر جليل جا مائٽ آهن ۽ امر جليل پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ هتي انهن سان ملڻ به ايندو هو. هتي محمد قاسم ڪاپائي نالي هڪ شخص هوندو هو. مون کي خبر ناهي ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ان ذات (ڪاپائي) جا ماڻهو موجود آهن يا نه، پر هتي هڪ وڏو خاندان ان نالي سان سڃاتو ويندو آهي، جيڪو سکيو ستابو آهي ۽ مڇيءَ جو ڪاروبار ڪندو آهي. ان خاندان جا وڏا شايد ٺٽي جي ڪنهن علائقي مان لڏي اچي هتي آباد ٿيا هئا. محمد قاسم هڪ خاموش طبيعت جو سنجيدو ماڻهو هو ۽ مقامي سطح جي سياست سان لاڳاپيل هو.
آئون کيس ان دور کان ڏسندو ٿي آيس، جڏهن ايوب خان ”بنيادي جمهوريت“ جو نظام متعارف ڪرايو هو ۽ ايوب خان ۽ مس فاطمه جناح جي وچ ۾ صدارتي چونڊون ٿيڻيون هيون. هو ان وقت به مس فاطمه جناح جي نشان ”لالٽين“ تي چونڊن ۾ بيٺو هو.
انهن چونڊن ۾ سندس مقابلي ۾ موٽر ميڪينڪ موسو مستري بيٺو هو. جيتوڻيڪ شخصيت جي لحاظ کان قاسم سان سندس ڪا ڀيٽ ئي نه هئي، پر حسين سيٺ جي پٺڀرائي هئڻ ڪري هو اهي چونڊون کٽي ويو هو! ان کان پوءِ به مون کيس گھڻي ڀاڱي اپوزيشن جي پاسي ئي ڏٺو. جيتوڻيڪ ان دوران گھڻيون تبديليون آيون ۽ گھڻين مالي منافعن ۽ سياسي لالچن جا دور آيا، پر ان ماڻهوءَ پنهنجو طور طريقو ۽ سڀاءُ نه بدلايو. پاڙي جي سماجي تقريبن ۽ مرڻي پرڻي ۾ باقاعدي شريڪ ٿيندو هو. سندس هڪ خاص ڳالهه جنهن کي هرڪو محسوس ڪندو هو، اهو سندس لباس هو. هر وقت اڇن ڪپڙن ۾ نظر ايندو هو، جنهن ڪري پاڙي ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن سندس نالو ئي ”وائٽ هائوس“ رکي ڇڏيو هو. اهڙو ماڻهو جنهن مان نه ”سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو.“ تازو سندس وفات ٿي آهي.
شام جو مختلف جاين تي ماڻهن جو ڪچهريون لڳنديون هيون، جيڪي رات جو دير تائين هلنديون هيون. انهن مان هڪ حسين سيٺ جي گھر ٻاهران ٿيندڙ ڪچهري به هئي. هو مڇيءَ جي واپار سان لاڳاپيل هو ۽ کيس پنهنجون لانچون وغيره هيون، جيڪي شايد اڃا به سندس اولاد وٽ آهن. مقامي سطح جي سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ پنهنجي گروپ جي اميدوارن جي پٺڀرائي ڪرڻ سندس ڪم هو. هو گھڻي ڀاڱي حڪومتي ڌر جي پاسي هوندو هو. سڄي پاڙي ۾ بلڪه آئون سمجھان ٿو ته سڄي علائقي ۾ سندس بنگلي نما ٺهيل اهو واحد گھر آهي، جيڪو اڄ به پنهنجي ساڳي شڪل ۾ موجود آهي. پنهنجي سانڀر ۾ سندس ڪچهرين ۾ هڪ اڌ ڀيرو مون علي احمد بروهيءَ کي به ايندي ڏٺو هو.
ٻي ڪچهري اسانجي گھر ٻاهران منهنجي ڏاڏي وٽ لڳندي هئي، جيڪو هونئن ته پوڙهو ٿي ويو هو، پر پنهنجي ڪم وغيره جي حوالي کان اڃان سرگرم هوندو هو ۽ پنهنجي ان اولاد کي، جيڪي ڪم سان لاڳاپيل هوندا هئا، کي صلاحون وغيره ڏيندو رهندو هو. انهن ڪچهرين ۾ پاڙي جي خبر چار به پوندي هئي ۽ هڪٻئي سان ملاقات به ٿي ويندي هئي. اهي ڪچهريون رات جو دير تائين هلنديون هيون، جن ۾ اسان به شريڪ ٿيندا هئاسين. وڏن جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين ۽ ڪڏهن پاڻ به ڪو جملو چوڻ جي همت ڪندا هئاسين. مون کي چڱيءَ ريت ياد آهي ته سياري جي مند ۾ مچ ٻاريو ويندو هو. ڪراچيءَ ۾ هن وقت ٿڌ جي حوالي سان جيڪا صورتحال آهي، ڄڻ اها مختلف ڪارڻن جي ڪري بلڪل ختم ٿي ويئي آهي، پر ان وقت ائين نه هو ۽ ٻه ٽي مهينا شهر ۾ باقاعدي طور ٿڌ هوندي هئي.

ڪي ڪردار ڪي ڳالهيون

بزنجي صاحب پليجي صاحب جي موڪليل بيان تي صحيح نه ڪئي!
غوث بخش بزنجي پنهنجي نئين سياسي جماعت - پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهي هئي. ڪراچيءَ جي گوليمار جي علائقي ۾ ان جو ڪنونشن ٿي رهيو هو. ان وقت آئون عوامي تحريڪ سان گڏ هوندو هئس. رسول بخش پليجي ڪنهن مسئلي جي حوالي سان بيان تيار ڪري ان تي مختلف سياسي اڳواڻن جون صحيحون پئي ورتيون. مون کي هن چيو ته، ”توهان ان ڪنونشن ۾ وڃو ۽ بزنجو صاحب سان ڳالهائي کيس ان بيان تي صحيح ڪرڻ لاءِ چئو.“
سندس چوڻ موجب آئون اتي پهتس. بزنجو صاحب جڏهن پنڊال ۾ آيو ته وٽس هلي ويس ۽ چيم ته، ”پليجي صاحب اوهان کي سلام ڏنا آهن ۽ هن بيان تي صحيح ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“
هن منهنجي هٿ مان اهو بيان وٺي پڙهيو ۽ مون کي موٽائي ڏيندي چيائين، ”اسان ان مسئلي تي پاڻ پنهنجو موقف ڏينداسين، ڪنهن ٻئي جي تيار ڪيل بيان تي صحيح نه ڪنداسين.“

علي ياور جي ياد
علي ياور سان اٽڪل چاليهه سال پراڻي واقفيت هئي. ان وقت آئون سنڌي عوامي تحريڪ سان گڏ هئس. پليجي صاحب جو ڪراچيءَ جي جن ’چين نواز گروپن ۽ فردن‘ سان واسطو هو، اسان به انهن سان رابطي ۾ هوندا هئاسين. علي ياور پاڪستان نوجوان محاذ جو اڳواڻ هو. ساڻس ان وقت جيڪي دوست گڏ هئا، انهن ۾ ڪليم دراني، احمد ڪامران ۽ ذوالفقار ڪاظمي به شامل هئا، جن سان اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. پاپوش نگر ۾ انهن جو ٺڪاڻو هوندو هو، جتي اڪثر وڃڻ ٿيندو هو. ان کانسواءِ هڪ ٻه ڀيرا ان وقت نيشنل اسٽيڊيم جي ڀرسان ياور جي گھر پڻ ڪجهه گڏجاڻين ۾ وڃڻ ٿيو هو. پوءِ ياور ڪلفٽن منتقل ٿي ويو ته ساڻس ملاقات ٿيڻ گھٽجي ويئي.
ٻين دوستن ۾ احمد ڪامران سان فيصل بينڪ جي انسپيڪشن دوران، جتي هو ڪنهن وڏي عهدي تي هو، ملاقات ٿيندي هئي. هو هاڻي دبئيءَ ۾ آهي ۽ ساڻس فيس بڪ وغيره وسيلي رابطو رهندو آهي. ذاولفقار ڪاظمي سي ايس ايس ڪري ڪسٽم ۾ هليو ويو هو. ساڻس آخري ڀيرو شيخ اياز جي پرنس ڪامپليڪس واري فليٽ تي ملاقات ٿي هئي، جتي هو شيخ اياز جي ڪنهن ڪم لاءِ آيو هو. ڪليم دراني اهو واحد ماڻهو آهي، جنهن سان لاڳيتو رابطو رهندو آهي. هو جڏهن پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ لاهور ۾ هو ته اتي به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ۽ هتي ڪراچيءَ ۾ به مختلف حوالن سان ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي.
ياور پنهنجي بيماري وغيره جي ڪري گھڻي عرصي کان گھر تائين محدود هو، پر دوستن وغيره ذريعي سندس متعلق خبر چار ملندي رهندي هئي. نرم ڳالهائڻ وارو، پر پنهنجي موقف تي ڪمپرومائز نه ڪندو هو. اها هڪ مثبت ڳالهه آهي ته هو پنهنجي زندگيءَ جي آخري وقت تائين جنهن نظرئي ۽ موقف سان، شروع کان لاڳاپيل هو، ان تي قائم رهيو.

نيٺ ڊاڪٽر ڪلنڪ بند ڪري وڃي گهرِ ويٺو!
عوامي تحريڪ ۾ اسان سان گڏ ڊاڪٽر عمر جاگيراڻي هوندو هو. آئون ان وقت سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن ۾ ڪم ڪندو هئس. ڊاڪٽر صاحب سنڌ حڪومت جو ميڊيڪل آفيسر هو، جيڪو اسان جي آفيس جي سامهون سنڌ اسميبلي بلڊنگ ۾ ڊسپنسريءَ ۾ ويهندو هو. اتي وٽس ڪڏهن دوا وٺڻ ۽ ڪڏهن ائين ملاقات لاءِ ويندو رهندو هئس. ان کانسواءِ ڊاڪٽر صاحب شام جو لياري جي علائقي ’ميران ناڪي‘ تي پنهنجي ذاتي ڪلينڪ به هلائيندو هو، جتي اڪثر منهنجو وڃڻ ٿيندو هو. ڊاڪٽر جو مقصد علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ هوندو هو. هو ماڻهن کان نهايت نالي ماتر پيسا وٺندو هو. هو گارڊن ۾ سنڌ حڪومت جي سرڪاري فليٽن ۾ رهندو هو ۽ اتان شام جو پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ پنهنجي ڪلينڪ تي ايندو هو. هڪ ڀيري آئون سندس ڪلينڪ تي ويس ته، مون کي چيائين، ”ادا آئون هيءَ ڪلينڪ هاڻي بند ٿو ڪيان.“
مون پڇيس، ”سائين، خير ته آهي؟“ چيائين، ”ڳالهه اها آهي ته پاسي ۾ هڪ ڪمپائونڊر ڪلينڪ کولي آهي. هو روز سوٽ بوٽ ۾ پنهنجي ڪار ۾ ڪلينڪ اچي ٿو ۽ ماڻهن کان چڱي خاصي في وٺي ٿو. منهنجا گھڻا مريض هاڻي ان کان دوا وٺن ٿا ۽ منهنجي لاءِ هو چون ٿا ته، هي ڪهڙو ڊاڪٽر آهي، جيڪو شلوار قميص ۾، بس ۾ سوار ٿي ڪلينڪ تي اچي ٿو. اسان کان حال احوال به وٺي ٿو ۽ في به بلڪل معمولي ٿو وٺي. ان مان اسان کي ڪهڙو فائدو پوندو.؟“
سو غريب کي متاثر ڪرڻ، سندس جهڙو ٿيڻ نه، پر کانئس مختلف ٿيڻ ۽ ٺٺ ٺانگر ڪرڻ ضروري آهي. نيٺ ڊاڪٽر صاحب پنهنجن ماڻهن جي خدمت جي ان جذبي کي پاڻ وٽ رکي ڪلينڪ بند ڪري وڃي گھر ويٺو.

اسان جو هڪ استاد
حاجي عبدالله هارون سيڪنڊري اسڪول ۾ عبدالرزاق ڀنڊ نالي هڪ استاد هوندو هو، جيڪو اسان کي سنڌيءَ جو مضمون پڙهائيندو هو. سائينءَ کي پنهنجن اکرن سان گھڻو پيار هوندو هو، تنهن ڪري چاهيندو هو ته، سندس شاگرد سندس اکرن جي تعريف ڪن.
ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ سان بليڪ بورڊ تي مختلف اکر لکي شاگردن ڏانهن ڏسندو هو، جنهن مان شاگرد سمجهي ويندا هئا ته، سائين ڇا ٿو ٻڌڻ چاهي. پوءِ هو وڏي واڪ چوندا هئا، ”سائين اوهان جا اکر ته هيرا آهن.... اهي موتي آهن.... سائين اهي اسان کي ڏيو ته گھر ۾ شوڪيس ۾ سجائي رکون....“ ڪي شاگرد ته پنهنجي ڊيسڪ تان اٿي بليڪ بورڊ تائين هليا ويندا هئا ۽ اکرن تي پيا هٿ هڻندا هئا.
هڪ ڀيري ائين ٿيو ته، سائين ڪلاس وٺي رهيو هو ۽ اسان جو هڪ ڪلاس فيلو دير سان آيو. هن ڪلاس روم جي در وٽ بيهي اجازت گھرندي چيو، May I come in Sir –
سائين اهو ٻڌي ماڳهين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. رڙ ڪري ان کي چيائين، ”اڙي هڪ دير سان آيو آهين ۽ ٻيو وري انگريزي ٿو ڳالهائين؟“ اهو چئي سائين ڪلاس ڇڏي ان ڇوڪري پويان ڀڳو ۽ ان کي اسڪول کان ٻاهر ڇڏي پوءِ موٽيو.

دوستن کان غلطيون ائين به ٿينديون آهن!
ڪجهه وقت اڳ ۾ آئون آفيس ۾ ڪم ڪري رهيو هئس ته موبائل فون تي امير ابڙي جو فون آيو. مون کي اها خبر هئي ته هو پاڪستان آيل آهي. مون فون اٽينڊ ڪيو. ٻئي پاسي کان امير جو مانوس آواز آيو ته، ”رئوف ڀائي مين امير ابڙو لندن والا بات ڪررها هون. آپ سي ايک ضروري بات ڪرني هي.“
مون کي امير جي مذاق ڪرڻ واري عادت جو اندازو هو، تنهن ڪري مون ساڳئي انداز ۾ کيس جواب ڏيندي چيو ته، ”يار اس وقت مين مصروف هون، آڌي گھنٽي مين تمهين فون ڪرتا هون.“ سندس اصرار هو ته نه، هينئر ئي ڳالهائجي، پر مون کيس اڌ ڪلاڪ کانپوءِ فون ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو. اتفاق سان آئون جلدي فارغ ٿي ويس ۽ فوراً ئي کيس فون ڪيم. چيائين ته، ”تو ۾ هڪ ڪم هو.“ مون چيس ته، ”چئه.“ چيائين، ”انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ منهنجو جيڪو دوڪان آهي، ان جي مسواڙ گھڻي ملندي؟“
منهنجي لاءِ سندس اهو سوال بلڪل ئي غير متوقع هو. مون کيس چيو، ”يار، منهنجو ان ڪم سان ڪڏهن به ڪو واسطو نه رهيو آهي ۽ مون کي ان جو ڪو اندازو به ناهي.“ تڏهن کيس اندازو ٿيو ته هو غلط ماڻهوءَ سان ڳالهائي رهيو هو. مون کي چيائين ته، ”يار، مون مارڪيٽ جي ڪنهن رئوف کي فون ڪرڻ پئي چاهي، اتفاق سان تنهنجو نمبر آڏو اچي ويو.“ مون چيس، ”ڪا ڳالهه ناهي، ان بهاني پاڻ هڪ ٻئي سان حال احوال ڪري سگھون ٿا، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ايتري ويجھڙائي ۽ ايتري گھڻي دير تائين ڳالهائڻ جي باوجود تو منهنجو آواز نه سڃاتو.“
بهرحال ڪجهه رسمي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کانپوءِ مون سندس پاران غلطيءَ جو اعتراف ڪرڻ تي ٿورو مڃيو. بهرحال سندس لاءِ نيڪ خواهشون آهن.

ڊاڪٽر فيروز احمد

ڊاڪٽر فيروز سان وابستگيءَ منهنجي ذهني اوسر تي تمام گهڻو اثر وڌو آهي. جيڪڏهن ائين چئجي ته عوامي تحريڪ سان منهنجي تعلق جو اهو هڪ نهايت اهم پاسو ۽ حاصل آهي ته بيجا نه ٿيندو. فيروز ۽ مون ۾ هڪ گڏيل ڳالهه اها به هئي ته اسان ٻيئي ڪراچيءَ جا پراڻا رهاڪو آهيون ۽ اسان جو تعلق ابن ڏاڏن کان ڪراچيءَ سان رهيو آهي. هو ٻڌائيندو هو ته، پراڻي دور ۾ ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ سندس ڏاڏي جي تصوير لڳل هوندي هئي. هو پنهنجي شاگرديءَ جي دور ۾ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (اين ايس ايف) سان لاڳاپيل هوندو هو.
ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيمسٽري ۾ ايم ايس سي ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا هليو ويو، جتي هن سوشيالوجي ۾ پي ايچ ڊي ڪئي. ساڳئي وقت هو اتي ويٽنام جي جنگ خلاف ۽ ٻين سياسي تحريڪن ۾ شامل پڻ رهيو. هن اتان انگريزيءَ ۾ پاڪستان ۽ عالمي مسئلن متعلق هڪ رسالو ’پاڪستان فورم‘ پڻ ايڊٽ ڪيو هو. جڏهن هو پاڪستان موٽيو ته ان وقت هو آمريڪا ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پڙهائي رهيو هو. هتي ڊاڪٽر غلام علي الانا پاران کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوشيالوجي ڊپارٽمنٽ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر جي عهدي جي آڇ ڪئي ويئي، پر هن چيو ته هو جيئن ته آمريڪا ۾ به اسسٽنٽ پروفيسر هو، ان ڪري هتي به ساڳي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪندو ۽ کيس ڪا به وڏي حيثيت نه گھرجي.
سنڌ جي تعليمي ۽ تحقيقي ادارن ۾ شايد اها صلاحيت ناهي ته اهي قابل، ذهين ۽ ايماندار ماڻهن کي هضم ڪري سگھن ۽ انهن جي صلاحيتن مان فائدو وٺي ڪو جوڳو ۽ ڪارائتو ڪم ڪري سگھن. فيروز ٿورو عرصو ئي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هلي سگھيو. نيٺ کيس نوڪري ڇڏڻي پئي. اهو شايد الياس ابڙو جي وائس چانسلر هئڻ وارو دور هو. هو ٻڌائيندو هو ته، اتي علمي ڪم کان وڌيڪ سازشن، خوشامد ۽ هڪ ٻئي جي ٽَنگن ڪڍڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو وڃي ٿو، جنهن ڪارڻ اهڙي ماحول ۾ اهڙي ماڻهوءَ جو رهڻ ڏکيو هو، جيڪو واقعي علمي ڪم ڪرڻ ۽ شاگردن جي ذهني تربيت ڪرڻ چاهيندو هجي.
پاڪستان موٽڻ کان پوءِ هن پنهنجي سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ سڌاري آڻڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو هو. هو باقاعدي پنهنجي ڪچهرين ۽ لکڻين ۾ دوستن جي صورتخطي ۽ گرامر وغيره جي غلطين جي نشاندهي ڪندو هو. عوامي تحريڪ جي ترجمان ’تحريڪ‘ رسالي ۾ محمد وريل شاه جي قلمي نالي سان سندس مضمون شائع ٿيندا هئا. ڪراچيءَ جي علائقي گارڊن ۾ سندس گھرُ، پارٽيءَ جي ننڍن وڏن؛ سڀني ڪارڪنن لاءِ کُليل هوندو هو. ڪراچيءَ کان ٻاهر کان آيل ڪي ڪارڪن ته اتي راتين جو به ٽِڪي پوندا هئا. مهمان نوازي ته هميشه ٿيندي هئي. عيد ۽ ٻين ڏينهن جي موقعي تي خاص اهتمام هوندو هو. گھر جي ڪم جو ذمو رڳو سندس گھر واري نادره بلي نه هوندو هو، پر هو پاڻ به ڪم ۾ برابريءَ جي بنياد تي شامل هوندو هو. اهڙن دوستن لاءِ جيڪي ڊگھي عرصي تائين گھر ۾ قيام ڪندا هئا، اهو اصول هوندو هو ته، اهي پنهنجو ڪم ڪن ۽ گھر جي رڌ پچاءَ ۽ ٻئي ڪم ۾ به هٿ ونڊائين.
هو دوستن کي نه رڳو پڙهڻ لاءِ مختلف ڪتاب ٻڌائيندو هو، پر پنهنجي ذاتي لائبريري مان انهن کي پڙهڻ لاءِ به ڪتاب ڏيندو هو. ساڳئي وقت هو ان ڳالهه جو به خاص خيال رکندو هو ته ڪتاب پڙهيو وڃي، نه ڪي ان تي ٻوڙ هاريو وڃي ۽ ان کي نقصان پهچايو وڃي.
پنهنجي راءِ ايمانداريءَ سان رکڻ ۽ ڪنهن سياسي مخالف جي اجائي ۽ ذاتي مخالفت کان پاسو ڪرڻ سندس خاصيت هئي. ان جو هڪ مثال مون کي مرحوم هدايت منگيءَ ٻڌايو هو. اهو ان دور جو واقعو آهي، جڏهن ڊاڪٽر فيروز احمد عوامي تحريڪ ڇڏي چڪو هو ۽ آئون اڃا ان سان گڏ هوس. هدايت جو چوڻ هو ته، دادوءَ ۾ جڏهن هڪ پروگرام دوران دوستن کانئس اهو پڇيو ته، ”رئوف جي لياري سنگت مان رڪنيت ختم ڪرڻ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟“ ته سندس چوڻ هو ته، اهو غلط ۽ سنگت جي آئين جي خلاف ٿيو آهي. ان وقت اهي دوست به ساڻس گڏ هئا، جن اهو ڪم ڪيو هو، پر هدايت سنڌ جي عام سياسي روايتن کي نظر ۾ رکندي اهو نتيجو ڪڍيو ته، رئوف، فيروز جو ماڻهو آهي، جنهن جو هن مون سان ذڪر پڻ ڪيو. هو جيستائين عوامي تحريڪ سان گڏ رهيو، تيستائين پنهنجو ڪم سرگرميءَ سان انجام ڏيندو رهيو. رسول بخش پليجي صاحب سان سندس اختلافن ۽ عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ به مختلف موقعن تي هو اها ڳالهه ڪندو هو ته، سنڌ ۾ رسول بخش پليجو وڏين صلاحيتن وارو ماڻهو آهي، پر هو انهن کي صحيح مقصدن لاءِ استعمال نٿو ڪري.
مون کي ائين لڳي ٿو ته، پاڪستان اچڻ جو سندس مقصد سنڌ جي سياست کي هڪ دانشوراڻي ۽ نظرياتي بنياد فراهم ڪرڻ هو، جنهن جي لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي ۽ عوامي تحريڪ جي چونڊ ڪئي. پارٽي کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ نه ته هن پارٽي ۽ ان جي اڳواڻ خلاف ڪا پروپئگنڊا ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۾ باقاعدي شامل ٿيو يا ڪو ٻيو گروپ يا پارٽي جوڙيائين، جيئن پاڪستان جي کاٻي ڌر ۾ عام لاڙو آهي ۽ جنهن لاءِ وٽس وڏي گنجائش پڻ هئي. ان جي بدران هن پنهنجو سڄو ڌيان لکڻ پڙهڻ ۽ ماڻهن جي ذهنن ٺاهڻ جي ڪم تي ڏنو. ان وقت به هو سنڌ ۾ مختلف علائقن جا دورا ڪندو رهندو هو، مختلف سياسي ڌرين جي ماڻهن سان واسطي ۾ هوندو هو ۽ انهن جي ليڪچر پروگرامن وغيره ۾ شريڪ ٿيندو هو.
’پاڪستان فورم‘ کي ڪراچيءَ مان اڙدو ۾ جاري ڪرڻ جو مطلب ان کي ڪنهن سياسي جماعت جي ترجمان يا نئين سياسي جماعت لاءِ زمين هموار ڪندڙ رسالي طور پيش ڪرڻ نه هو، پر اهو پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جو هڪ آزاداڻي نقطه نظر پيش ڪندڙ ۽ ضياء الحق جي آمريت جي دور ۾ جمهوري قدرن جي ترجماني ڪندڙ هو. ان لاءِ هڪ فرد جي طور کيس گھڻين ڏکيائين کي منهن به ڏيڻو پيو. رسالي ۽ ان جي ايڊيٽر جي خيالن جي نوعيت کي ڏسندي ان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي اشتهارن يا ٻي ڪنهن مالي مدد جو ته سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو.
هونئن به ڪنهن قسم جي مالي منفعت کان وڌيڪ رسالي جو مقصد پنهنجي ڪاز کي اڳتي وڌائڻ هو. انهن مالي رڪاوٽن کانسواءِ سرڪار جو دٻاءُ ان کان ڌار هو، جنهن جو اندازو اهي ماڻهو ئي ڪري سگھن ٿا، جيڪي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هئا، خاص طور تي اهي جيڪي ظاهر يا لڪل نموني ڪنهن قسم جي پبلشنگ جو ڪم ڪندا هئا.
گھڻي عرصي تائين ان ڪم کي جاري رکڻ کان پوءِ ڊاڪٽر فيروز احمد نيٺ پنهنجي گھر واريءَ سان گڏ آمريڪا موٽي ويو. ان کان پوءِ هو هتي مختلف وقتن تي ڪجهه ڏينهن لاءِ ته ايندو هيو، پر مستقل رهائش لاءِ نه آيو. جڏهن هو هتي ايندو هو ته، گارڊن تي پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان گڏ رهندو هو، جڏهن ته سندس گھر واري پاپوش نگر، ناظم آباد ۾ پنهنجن مائٽن وٽ رهندي هئي. هو پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪراچي ۽ ان کان ٻاهر سڀني دوستن کي ڏيندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته انهن سان سندس ملاقات ٿئي.
هڪ ڀيري ٺٽي ۾ لکانو بهراڻي ۽ مير پور ساڪرو ۾ ڪجهه دوستن سان ملاقات لاءِ آئون ۽ آزاد بلوچ به ساڻس گڏ هئاسين. اهي ملاقاتون گھڻي ڀاڱي ذاتي حوالي سان هونديون هيون. جڏهن گارڊن واري سندس ڀاءُ واري گھر تي ساڻس ملڻ وڃبو هو ته، هو ڀوڳ ڪندي پنهنجي ڀاءُ، جيڪو ڊان اخبار ۾ مختلف موضوعن تي ايڊيٽر ڏانهن خطن واري ڪالم ۾ خط لکندو رهندو هو، متعلق چوندو هو ته، ”منهنجو ڀاءُ سمجھي ٿو ته آئون آمريڪا مان هتي رڳو سندس اهي خط پڙهڻ اچان ٿو. اهڙي ريت هو منهنجي اچڻ سان ئي سڀني خطن جو فائل کڻي اچي منهنجي اڳيان رکي ٿو.“
آمريڪا ۾ هوندي سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته هو سنڌ جي حالتن کان آگاهه رهي ۽ دوستن سان لاڳاپي ۾ رهي. دوستن جي لکڻين تي پنهنجن خيالن جي اظهار ڪرڻ کانسواءِ مختلف دوستن هٿان پنهنجيون لکڻيون ان مقصد کان موڪليندو هو ته انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هتي ڇپرايو وڃي. انهن لکڻين کي ٻين دوستن سان گڏ خاص طور مرحوم رحمان خاصخيلي ڏاڍي شوق سان ترجمو ڪندو هو ۽ انهن کي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز ۾ ڇپرائبو هو. مهاجر عليحدگي پسندي تي سندس هڪ اهم ۽ ڊگھي مضمون (جيڪو پوءِ اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ پڻ شائع ٿيو) کاٻي ڌر جي حلقن ۾ هڪ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو ۽ گھڻن غير سنڌي حلقن، جن ۾ سندس دوست پڻ شامل هئا، کيس هڪ سنڌي قومپرست ڪري پيش ڪرڻ شروع ڪيو هو.
ڊاڪٽر فيروز احمد سگريٽ گھڻا ڇڪيندو هو ۽ شايد ان ڪري ئي کيس ساهه جي ۽ ان جي نتيجي ۾ دل جي تڪليف ٿي پيئي هئي. آخري ڀيرو جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته ان وقت هن ٻڌايو ته آمريڪا ۾ آپريشن ڪري سندس دل ۾ پيسر لڳايو ويو هو. ان وقت هن شايد سگريٽ به گھڻي ڀاڱي ڇڏي ڏنا هئا ۽ پنهنجي صحت جو به گھڻو خيال رکڻ لڳو هو. نومبر 1997 ۾ جڏهين آئون لياريءَ ۾ پنهنجي پراڻي گھر کان گلشن حديد اچڻ جي تيارين ۾ هوس ته، هڪ دوست جو فون آيو ته، فيروز جو آمريڪا ۾ انتقال ٿي ويو آهي. سندس تدفين به اتي ئي ٿي. اهڙي ريت آئون هڪ سٺي دوست ۽ استاد - ۽ سنڌ پنهنجي هڪ هونهار پٽ کان محروم ٿي ويئي.

اسلم خواجه، جنهن پنهنجي رولاڪين کي تخليق جو ذريعو بڻايو!

ڪجهه وقت اڳ مون هن کان پڇيو ته، ”پنهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي هئي؟“ ته هن مون کي جواب ڏنو ته، ”شايد 1978 ۾ هڪ گڏيل دوست جي گھر ۾.“ دوستن سان دوستيءَ جي عرصي ۽ سن کي ياد رکڻ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي لاءِ ڏکيو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ناتو ئي اهڙو آهي، جو وقت جي حساب رکڻ جو موقعو ئي نه ملندو آهي، پر هن کي اهو سڀڪجهه ياد هو. مون کي حيرت ٿي ته، اسلم خواجه سان منهنجي دوستيءَ کي اٽڪل ٽيتاليهه سال ٿيڻ وارا آهن ۽ اها ڄڻ اڃا ڪالهوڪي ڳالهه لڳي ٿي.
ان وقت اسان ڪجهه دوست عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيا هئاسين، جڏهن ته اسلم ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي ايس ايف) سان لاڳاپيل هو. ان کان پوءِ مختلف موقعن تي اسلم سان ملاقاتون ٿينديون رهيون.
حقيقت اها آهي ته ان وقت هو منهنجي لاءِ اهڙن نوجوان سياسي ڪارڪنن جيان هو، جيڪي سياسي تنظيمن سان لاڳاپيل هوندي به هڪ ڇڙواڳ زندگي گذاريندا هئا. کين پنهنجي سمهڻ، اٿڻ ۽ کائڻ پيئڻ وغيره جي گھڻي پرواهه نه هوندي هئي، ان ڪري شروع ۾ آئون کيس گھڻي سنجيدگيءَ سان نه وٺندو هوس ۽ نه ئي اسان ۾ ڪا گهڻي ويجھڙائپ هوندي هئي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هوندو هو ته هڪ اڌ موقعي تي مون کي اهو محسوس ٿيو ته يا ته هي گھڻو حساس آهي، يا احساسِ ڪمتري جو شڪار آهي.
هڪ ادبي تقريب ۾ آئون ڪنهن دوست سان بيٺو هوس ته اسلم به اتي آيو. آئون شايد کيس ان وقت غيرارادي طور پورو ڌيان نه ڏيئي سگھيس ۽ ان دوست سان ئي ڳالهين ۾ لڳل رهيس. نه رڳو هن اها ڳالهه مون کي ان وقت چئي ڏني، پر گھڻو عرصو مون کان پري به رهيو.
مون تي سندس نئون روپ ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن مون هلال پاڪستان ۾ سندس ڪالم پڙهڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ لکڻ جي حوالي سان اها شايد اڃا سندس شروعات هئي، پر هو منهنجي آڏو هڪ پڪو پختو ۽ منفرد ليکڪ هو، جنهن وٽ زندگيءَ جا تجربا، نيون ڳالهيون ۽ نئون اسلوب هو. اهو سڀڪجهه اسلم بابت منهنجي راءِ کي بدلائڻ لاءِ ڪافي هو. هو شايد اهڙن ٿورن سياسي ڪارڪنن مان هو، جن پنهنجي رولاڪيءَ کي هڪ مثبت نموني استعمال ڪندي، ان کي تخليق جو ذريعو بڻايو هو. سندس انهن ڪالمن کي جيتوڻيڪ گھڻو پسند ڪيو ويو، پر هو ان کي گھڻي عرصي تائين جاري نه رکي سگھيو.
پنهنجي درويشاڻي هلت چلت جي باوجود هو وڏي ۾ وڏي ادبي ۽ سياسي حيثيت واري ماڻهوءَ سان به برابريءَ واري حيثيت ۾ پيش ايندو آهي. پنهنجي آزاد حيثيت تي هو ڪنهن به مصلحت کان ڪم نه وٺندو آهي، ان جو ڪارڻ شايد اهو آهي ته هو ڪنهن جي حيثيت مان به ڪو فائدو حاصل ڪرڻ ناهي چاهيندو. مون کي ياد ٿو پئي ته هڪ ڀيري هن مون کي ۽ ڊاڪٽر شمس سومرو کي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڪوئيٽا کان سبي تائين سائيڪل ريلي ۾ هلڻ جي دعوت ڏني هئي. ان ريليءَ ۾ ڊاڪٽر شير شاه سيد ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل سان لاڳاپيل ڪراچيءَ جا ٻيا ڊاڪٽر ۽ سندن ٻار به شامل هئا. اسان ڪراچيءَ کان ڪوئيٽا پهتاسين، جتي ڪنهن هڪ اڌ گھمڻ جي پروگرام ۾ شمس کي ۽ مون کي نه چيو ويو. خير اسان جي لاءِ ته اها ڳالهه ڪا گھڻي اهميت جي حامل نه هئي، پر اسلم ان کي گھڻو محسوس ڪيو ۽ ان ريلي جي منتظمين کي پڻ اهو احساس ڏياريائين، جن نه رڳو ساڻس، پر اسان سان به معذرت ڪئي.اسلم منهنجي انهن ڪجهه دوستن مان آهي، جن کي خانداني دوست چئي سگھجي ٿو. اسان سڀني ڀائرن سان سندس ڪنهن نه ڪنهن نموني جو تعلق رهيو آهي. حسن منصور سان ته سندس نهايت ئي ويجھي دوستي هئي، پر منهنجو وڏو ڀاءُ، جنهن جو ادب سان هڪ پڙهندڙ وارو تعلق هو، اهو به اسلم جي گھڻو ويجھو هوندو هو. جيتوڻيڪ سندس وفات کي اٽڪل تيرنهن سال ٿي ويا آهن، پر اسلم اڃا به مختلف موقعن تي کيس ياد ڪندو آهي. هو نه رڳو مختلف معاملن تي اسلم سان ڳالهائيندو هو، پر سندس ڪالم به پڙهندو هو ۽ انهن تي لکت ۾ تنقيد به ڪندو هو. ڪڏهن گھر ۾ جيڪڏهن حسن نه هوندو هو ته اسلم امان سان ڪلاڪن تائين پيو ڪچهري ڪندو هو ۽ پوءِ امان اهي احوال اسان سان ڪندي هئي.
رولاڪي اڃان تائين به اسلم جي شخصيت جو حصو آهي. وٽس ڪو باقاعدي روزگار يا نوڪري ڪونهي. لکڻ پڙهڻ ڄڻ سندس روزگار به آهي ته سندس زندگي گذارڻ جو طريقو به. ڪجهه عرصو اڳ هن حارث گذدر سان سندس ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ ڪن پروجيڪٽس تي ڪم ڪيو هيو. مختلف ڪتابن ۽ مضمونن وغيره جي ترجمي وارو ڪم هن لاءِ نه رڳو روزگار جو ذريعو آهي، پر اهو ساڳئي وقت هن جي ادبي ۽ سياسي مقصدن جو پورائو پڻ ڪري ٿو.
ڪجهه عرصو اڳ هڪ شاديءَ ۾ ٿيل ملاقات جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي مون کيس چيو ته، ”اسان جي ڀيٽ ۾ تنهنجي زندگي گھڻي بي ترتيب ۽ غير منظم آهي، جيڪا تنهنجي ڪم ۾ به رنڊڪ جو باعث بڻجي ٿي.“ ان تي سندس جواب ڏاڍو منفرد ۽ منطقي هو. سندس چوڻ هو ته، ”ڳالهه ان جي ابتڙ آهي. توهان پنهنجو سڄو ڏينهن پنهنجي دفتر ۾ گذاري گھر اچو ٿا ۽ پوءِ گھر وارن کي وقت ڏيڻ کان پوءِ ڪلاڪ ٻه مشڪل سان پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي ڏيئي سگھو ٿا، جڏهن ته مون تي اهڙي قسم جي ڪابه پابندي ناهي. آئون پنهنجي مرضيءَ موجب جيڏي مهل چاهيان، پنهنجو ليپ ٽاپ کڻي، ڪٿي به ويهي پنهنجو ڪم ڪري سگھان ٿو.“
منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن سندس ڪيل ڪم تي نظر وجھجي ته سندس اها ڳالهه حقيقت لڳي ٿي. نه رڳو هن ڪيترن ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي، پر گھڻا ڪتاب سندس پنهنجي تحقيق جو نتيجو به آهن. انهن مان گھڻا ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن ۾ اچي چڪا آهن. ڪجهه وقت اڳ انگريزي ۾ پاڪستان جي عوامي تحريڪن جي حوالي سان سندس اهم ڪتابPeople’s Movements in Pakistan ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن کي سڄي ملڪ ۾ گھڻو ساراهيو ويو آهي. هن ڪتاب متعلق هن گھڻو اڳ مون سان ذڪر ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته ان ڪتاب لکڻ جو محرڪ سندس اها ڪاوڙ آهي ته، ملڪ ۾ ٻيو ڪو ان اهم موضوع تي قلم کڻڻ لاءِ تيار ناهي. مون کيس چيو هو ته، جيڪڏهن ڪاوڙ تخليق جو ڪارڻ بڻجي ٿي ته، اهڙي ڪاوڙ اسان گھڻن کي اچڻ گھرجي.
اسلم جيتوڻيڪ اهو ڏيکاءُ نه ڏيندو آهي، پر سندس دوستي ۽ واسطا پاڪستان جي گھڻن ناليوارن ترقي پسند شخصيتن سان رهيا آهن ۽ انهن مان گھڻا عزت سان سندس ذڪر ڪندا آهن. هو هڪ آزاد منش ۽ هر ڪنهن کي منهن تي چئي ڏيندڙ آهي، پوءِ ڪنهن کي سندس اها ڳالهه وڻي يا نه. سندس اها عادت گھڻن کي نه به وڻندي آهي ۽ گھڻا ان ڪري سندس ويجھو به نه ايندا آهن. شايد اهو به هڪ ڪارڻ آهي جو هو پنهنجي گھڻي تحقيقي ۽ تخليقي ڪم جي باوجود جُوڳي مڃتا نه ماڻي سگھيو آهي. منهنجو خيال آهي ته کيس ان جي ڪا گھڻي پرواهه به ناهي. هو بس پنهنجي ڪم سان ڪميٽيڊ آهي، جيڪو سندس لاءِ مڃتا ۽ اطمينان آهي.

قبائلي علائقن جو چڪرُ

هڪ ڀيري جڏهن اسان پشاور ويا هئاسين ته خيبر ايجنسيءَ ۾ ان وقت منگل باغ ۽ ٻين هنڌن تي طالبان جو گھڻو زور نه هو ۽ ماڻهو شهر ۾ ۽ اوسي پاسي آرام سان گھمي سگھندو هو. اسان جي ميزبانن اسان کي طورخم جي سرحد تي وٺي هلڻ جو پروگرام ٺاهيو. صبح جو سويل اسان پنهنجي هوٽل مان نڪتاسين. هن علائقي ۾ گھڻي ڀاڱي آفريدي قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا. بابِ خيبر پار ڪرڻ کان پوءِ ڄڻ دنيا ئي ٻي ٿي ويئي.
پشاور جون شهري عمارتون ۽ سهولتون سرحد جي هن پار رهجي ويون هيون. ٻنهي پاسن کان وڏا جبل، ورن وڪڙن وارا رستا ۽ کاهيون هيون. انهن رستن تان هلڻ هڪ تجربي ڪار ۽ ڄاڻو ڊرائيور جو ئي ڪم هو. هتي ٿوري ئي فاصلي کان پوءِ علائقي جي مَلڪن جا مٽي جي وڏين ديوارن وارا، وسيع اڱڻن سان قلعي نما وڏا گھر هئا، جن جي مٿان چوڪيون ۽ مورچا ٺهيل هئا. روڊ تي پاڪستان کان افغانستان سامان کڻي ويندڙ ٽرڪن جو هڪ اڻکٽ سلسلو هو. باڙا ۽ لنڊي ڪوتل وغيره کان ٿيندا اسان طورخم جي سرحد تي پهتاسين. اسان کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه قدمن جي فاصلي تي جيڪا ٽڪري نظر اچي رهي آهي، اها ٻنهي ملڪن جي سرحد آهي.
جيتوڻيڪ اتي چوڪي ٺهيل هئي ۽ عملدار به موجود هئا، جيڪي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي ڪاغذن وغيره جي جاچ پڙتال ڪري رهيا هئا، پر سرحد پار ڪندڙ ماڻهن جي تعداد مان ائين لڳو ٿي ته اها مڙيئي رسمي ڪارروائي هئي ۽ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي سرحد پار ڪرڻ تي ڪا خاص پابندي يا سختي نه هئي. هونئن به ٻنهي پاسن جي ماڻهن جي اچ وڃ جي حوالي سان اها هڪ نرم سرحد رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مختلف قبيلن جا ماڻهو سرحد جي ٻنهي پاسن رهن ٿا.
پشاور ۾ رهندڙ ڪجهه پٺاڻ دوستن پنهنجي ذاتي تجربي جي بنياد تي ڳالهه ڪئي ته افغانستان وڃڻ لاءِ خاص طور تي پٺاڻن کي عام طور ڪنهن ڪاغذ پٽَ جي ضرورت نه پوندي آهي ۽ هُو پاڻ به ان نموني سان ڪابل وغيره جو چڪر هڻي آيا هئا.
اتي ٿوري دير ترسي واپس ٿياسين. ٿورو اڳتي وياسين ته روڊ بلاڪ هو. خبر پيئي ته علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن کان بجلي نه هئڻ ڪري ماڻهن روڊ بند ڪري ڇڏيو هو. مون سان مسئلو اهو هو ته شام جو منهنجي لاهور جي فلائيٽ هئي ۽ صورتحال مان ائين لڳو پئي ته ايئرپورٽ نه پهچي سگھبو. بهرحال ڪجهه دير ترسڻ کان پوءِ جڏهن روڊ کلڻ جو ڪو امڪان نظر نه آيو ته اسان ٻه ڄڻا گاڏيءَ مان لهي پنڌ اڳتي وياسين ته متان اتان اڳتي وڃڻ لاءِ ڪا گاڏي ملي پئي. اڳتي هڪ گاڏيءَ واري ڪجهه پئسا وٺي اسان کي ويهاريو ۽ ڪنهن نموني سان پنهنجي گاڏيءَ کي اتان ڪڍڻ ۾ ۽ اسان کي وقت تي ايئرپورٽ ڇڏڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
ٻئي ڀيري ميزبانن اسان کي دره آدم خيل، جتي سندن پنهنجو گھر به هو، گھمائڻ جو پروگرام ٺاهيو. اهو پشاور جي بلڪل ويجھو آهي ۽ هتي به گھڻو ڪري آفريدي قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا. هتي بازار ۾ دڪاندار چرس ۽ هٿيار ائين وڪڻي رهيا هئا، جيئن هٽ تي کٽمٺڙا وڪامندا آهن. اتي هڪ ته مختلف ملڪن جي هٿيارن جا نقل ۽ ٻيو مختلف دورن جا هٿيار موجود هئا، جن متعلق دڪاندارن اسان کي ٻڌايو. اتي ئي اسان کي هڪ روايتي هٿيارن ٺاهڻ جي ڪارخاني ۾ وٺي ويا، جتي ڪاريگرن مختلف هٿيارن جي ٺهڻ متعلق ٻڌايو ۽ ساڳئي وقت ڪلاشنڪوف سميت مختلف هٿيارن جو عملي مظاهرو به ڪري ڏيکاريو. هتان جا، خاص طور تي چپلي ڪباب به ڏاڍا مشهور آهن. ميزبانن اهي به اسان کي کارايا ۽ اهو به ٻڌايو ته اهي ڪباب هتان پرڏيهه ۽ خاص طور نار جي ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا آهن.
هتي قبائلي ايجنسين ۾ بجليءَ جو استعمال تمام گھڻو آهي. رڌ پچاءُ ۽ ٻيو گھڻو ڪم ڪار، جنهن ۾ توانائيءَ جي ضرورت هوندي آهي اهو بجلي تي ئي ڪيو ويندو آهي. ان جو وڏو ڪارڻ اهو آهي ته هتان جا ماڻهو سمجھن ٿا ته، بجلي مفت جي آهي، جنهن لاءِ کين ڪجهه به نه ڏيڻو پوندو. ان ڳالهه جو پس منظر اهو آهي ته هتان جي ماڻهن ۾ اها ڳالهه مشهور آهي ته جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح هتي آيو هو ته هن هتان جي ماڻهن کي چيو هو ته سندن لاءِ بجلي مفت هوندي، ان ڪري ان معاملي تي انهن ماڻهن جو حڪومت ۽ بجليءَ جي اختيارين سان جھيڙو هلندو رهندو آهي - ۽ علائقي ۾ بجليءَ جا ميٽر وغيره لڳائڻ تي مزاحمت ڪئي ويندي آهي.
دره آدم خيل جي ويجھو ئي هڪ سرنگھه آهي، جيڪا ان کي ڪوهاٽ سان ڳنڍي ٿي. هتان واپس ايندي اسان ان سرنگھه جو به چڪر هنيو. اها سرنگهه جاپاني انجنيئرن جي مدد سان ٺاهي ويئي آهي ۽ واقعي اسٽيٽ آف آرٽ آهي. اتان جي ماڻهن جو چوڻ هو ته اڳ ۾ ڪوهاٽ وڃڻ لاءِ جبلن مان هڪ ڊگھو رستو اختيار ڪرڻو پوندو هو، جڏهن ته ان سرنگھه جي ڪري اهو رستو ڪلاڪن مان گھٽجي منٽن جو وڃي رهيو آهي. سرنگھه جو چڪر هڻي موٽڻ ۾ اسان کي ٿورو ئي وقت لڳو.
قبائلي علائقن ۽ شهرن ۾ ماڻهن جي اچ وڃ تي ڪا پابندي ناهي، پر ٻنهي علائقن ۾ ڌار ڌار قانون هئڻ جو اثر اهو پيو آهي ته جڏهن انهن علائقن جا ماڻهو پشاور ۽ ٻين شهرن وغيره ۾ وڃن ٿا ته اتي به سندن نفسيات ساڳي هجي ٿي ۽ ساڳئي نموني سان اتي هلڻ چاهين ٿا. اها ڳالهه خاص طور تي پرڏيهي ڪرنسي جي ڪاروبار ۾ اوهان کي عام جام ملندي. هڪ پاسي ڪرنسي جو قانوني ڪاروبار ڪندڙ دوڪان آهن، جن تي ملڪ جا سڀ قانون لاڳو ٿين ٿا ۽ انهن تي باقاعدي ملڪ جي مختلف ادارن پاران نظر رکي وڃي ٿي ۽ ساڳئيي وقت انهن دڪانن جي بلڪل ٻاهران خاص طور چوڪ يادگار ۾ هڪ ڊگھي لائين ۾ ويٺل غير قانوني طور ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙن جا اسٽال آهن، جن جو ڪو نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي. قانوني ڪاروبار ڪندڙن کي اها ئي شڪايت هوندي آهي ته انهن کي ڪير ڪجهه به نٿو چئي، جڏهن ته سڀ پابنديون سندن لاءِ آهن. ان غير قانوني ڪاروبار جي وسعت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته لاهور، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ ڪرنسي جو ڪم ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڊالر جو اگھه پشاور جي مارڪيٽ ۾ طئي ٿيندو آهي.
هڪ دوست مون کي ٻڌايو ته هتي پاڪستاني رپئي جو جعلي نوٽ به عام جام وڪامي ٿو ۽ ان جو اگھه ان جي ڪوالٽي مطابق طئي ٿئي ٿو. ساڳئي وقت اها به ڳالهه آهي ته پشاور مان ڪرنسي اسمگل ٿي ڪابل ۽ اتان دبئي وڃي ٿي، جنهن جو اثر خاص طور ملڪي معيشت تي پوي ٿو.

1977 واريون چونڊون

پاڪستان قومي اتحاد 1977 ۾ قومي اسمبلي جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي لڳايل الزامن کان پوءِ صوبائي اسمبلي جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو. پر عوامي تحريڪ، جيڪا سنڌ اسمبلي جي ڪجھ نشستن تي چونڊ وڙهي رهي هئي، ان انهن چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو. اسماعيل سوهو کي پارٽي پاران ميرپور بٺورو مان صوبائي اسمبلي جي نشست تي بيهاريو ويو هو. ٺٽي ۽ پسگردائي جي علائقن کي پارٽي جو ڳڙه سمجھيو ويندو هو، جتي مختلف حوالن سان ۽ خاص طور تي هاري فرنٽ تي گھڻو ڪم ٿيل هو. پارٽي جو اهو خيال هو ته هتي پيپلز پارٽي کي اسان ٽف ٽائيم ڏينداسين ۽ ممڪن آهي ته سيٽ کٽي به وڃون.
سڄي سنڌ مان پارٽي جا گھڻا ڪارڪن اليڪشن جي ڊيوٽي ءِ ورڪ ڪرڻ لاء بٺوري پهچي ويا هئا. آئون به قمر جماڻي سان گڏجي اتي پهتو هوس. ڪارڪنن ۾ گھڻو جوش ۽ اميد هئي ۽ سڀني کي اهو لڳو ٿي ته شايد اسماعيل اها چونڊ کٽي وڃي. پر اڃا اڌ وقت ئي مس گذريو هو ته پيپلز پارٽي جي اميدوار تي ڌانڌلي ءِ بيقاعدگين جا الزام هڻي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت سڀ نراس ٿي پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي ويا. هن وقت آئون سوچيان ٿو ته پيپلز پارٽي جي اميدوار پاران ڌانڌلي ۽ دٻڙ دوئنس جا الزام صحيح ٿي سگھن ٿا، پر جيڪڏهين ائين نه به هجي ها ۽ چونڊ صحيح نموني ٿئي ها ته به پيپلز پارٽي اها نشست کٽي وڃي ها. ڇاڪاڻ ته عوامي تحريڪ وٽ ڪارڪن ۽ علائقي ۾ ڪيل سياسي ڪم ته هو پر ان وٽ ووٽ نه هئا، جيڪي چونڊ کٽڻ لا ضروري هوندا آهن.

اداره امن و انصاف جيڪو هڪ المئي جو شڪار ٿي ويو

اداره امن و انصاف جيتوڻيڪ عيسائين جي هڪ اين جي او هئي جنهن کي گرجائن جي هڪ تنظيم هلائيندي هئي پر ان جي خاصيت اها هوندي هئي ته انهن پاڪستان جي مذهبي ٿوراين جي هڪ عام لاڙي جيان بجائي پاڻ کي مک ڌارا کان ڌار ڪري ڏيڍ سر جي ڌار مسجد ٺاهڻ جي شروع کان ئي پاڻ کي ملڪ جي ترقي پسند لڏي سان ڳنڍيو. سندن موقف هوندو هو ته پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي جنهن ۾ ڪنهن مذهب، فرقي، نسل ۽ ٻولي جي فرق کانسواء سڀني کي هڪ شهري جي طور تي هڪ جيترا حق حاصل آهن ۽ ساڳي وقت سڀني تي اهو فرض پڻ عائد ٿئي ٿو ته اهي ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاء گڏجي ڪم ڪن. ساڳي وقت ٻين تبليغي ۽ مشنيري ادارن جيان اداري جو مقصد عيسائيت جي تبليغ يا ان جو ڦهلاء نه هو. ماڻهن سان سندن واسطو غيرمذهبي ۽ سيڪيولر بنيادن تي هوندو هو. ممڪن آهي ته لاطيني آمريڪا ۾ ڪيٿولڪ پادرين جي پاڻ کي آمريتن خلاف جدوجهد ۾ اتان جي ترقي پسند قوتن سان ڳنڍڻ واري تحريڪ، جنهن جو اداري جا اڳواڻ اڪثر تعريفي انداز ۾ ذڪر ڪندا رهندا هئا، جو مٿن اثر هجي. ان اداري جي پاليسي ان پاران نڪرندڙ ماهوار رسالي جفاڪش ۾ شائع ٿيندڙ مواد مان ئي واضح هئي. مجموعي طور تي ان جو مقصد پاڪستان ۾ جمهوري قدرن جو فروغ ۽ مزدورن، هارين، مذهبي ٿوراين ۽ سماج جي ٻين مظلوم طبقن جي مسئلن کي کڻڻ ۽ ساڻن مختلف حوالن سان ٿيندڙ زيادتين کي سامهون آڻڻ ۽ انهن تي احتجاج ڪرڻ هو. ان جي ڪجھ ايڊيٽرن جي نالن تي نظر وجھڻ سان ئي ان جي پاليسي جو اندازو ٿي وڃي ٿو. انهن ۾ احمد سليم، رحيم بخش آزاد ۽ توقير چغتائي جا نالا شامل آهن جن جي ڪنهن وڌيڪ تعارف جي ضرورت ناهي.
ان کانسواء اداري پاران سماجي ڪارڪنن جي اهڙي ٽيم پڻ تيار ڪئي ويئي هئي جن کي ڪراچي جي مختلف ڪچي وستين ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۽ اتان جي مسئلن کي لاڳاپيل سرڪاري ادارن وغيره تائين پهچائڻ جي تربيت ڏني ويندي هئي. انهن ڪارڪنن کي باقاعدي اداري پاران ماهوار پگھار ڏني ويندي هئي ۽ اهي وقت بوقت پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي جي رپورٽ پڻ پيش ڪندا هئا.
بهرحال اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ادارو مڪمل طور غير مذهبي بنيادن تي هلايو ٿي ويو. اداري پاران جيڪي ساليانا ڊنر ۽ ٻيا فنڪشن وغيره ڪرايا ويندا هئا انهن ۾ رڳو عيسائي هئڻ ڪري گھڻن ماڻهن جي شرڪت هوندي هئي. فادر آرنلڊ هيريڊيا، جيڪو اداري جو سربراه هوندو هو ۽ جنهن جو ان جي پاليسي کي ٺاهڻ ۽ ان کي هلائڻ ۾ بنيادي ڪردار هوندو هو، ترقي پسند لاڙن رکڻ باوجود پنهنجي مذهب تي ڪاربند هوندو هو ۽ عيسائي مذهبي ادارن ۾ مذهب جي تعليم ڏيندو هو.
مون کي اهو اعزاز حاصل آهي ته آئون هڪ ڊگھي عرصي تائين اداري سان لاڳاپيل رهيس. خاص طور تي آئون جفاڪش جي ايڊيٽوريل بورڊ جو رڪن،ِ ان جي پاليسين کي ٺاهڻ ۽ مختلف ايڊيٽرن کي مقرر ڪرڻ جي عمل ۾ شامل رهيس. هڪ ڊگھي عرصي تائينِ ان ۾ مختلف موضوعن تي منهنجيون لکڻيون پڻ لاڳيتو شائع ٿينديون رهيون. پنهنجي پاليسي تحت اداري ملڪ جي ترقي پسند ڌرين سان پنهنجن ناتن کي استوار ڪيو هو جنهن ۾ سياسي ڌريون، اديبنِ، مزدورن ۽ هارين وغيره جون تنظيمون شامل هونديون هيون. حالتن ۽ حڪومتي ادارن جي دٻاء جي ڪري سنگت ڪراچي لاء شهر ۾ ڪنهن هڪ جاء تي ڊگھي عرصي تائين گڏجاڻيون ڪرڻ ممڪن نه رهيو هو. پر بندرروڊ تي رمپا پلازه ۾ ٽين ماڙ تي اداري جو جيڪو هال هو ان ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون جنهن جي لاء اداري پاران هڪ نالي ماتر في ورتي ويندي هئي پر انهن گڏجاڻين جي متعلق سندن پاران ڪڏهين به ڪوبه اعتراض نه ڪيو ويو ۽ نه ئي سنگت کي جاء نه ڏيڻ جي لاء سرڪار جي دٻاء جو ذڪر ڪيو ويو يا ٻيا مختلف بهانا ڪيا ويا جيئن ٻين مختلف هنڌن تي ڪيو ويندو هو. سنگت کانسواء ٻيون ادبي، سياسي ۽ پورهيتن جون تنظيمون پڻ پنهنجن مختلف پروگرامن لاء ان هال جو استعمال ڪنديون هيون.
اداري پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ورڪشاپ ۽ سيمينار وغيره ڪرايا ويندا هئا جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ملڪ جي ناميارن نالن کي مدعو ڪيو ويندو هو. مون کي اداري پاران ملتان ۾ ترقي پسند تحريڪ جي مختلف پاسن تي ڪرايل هڪ ورڪشاپ ياد آهي جنهن ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي مينيجنگ ڊائريڪٽراسلم اظهر، اڙدو جي نامياري شاعر قمر هاشمي، جيڪو ريل ۾ ڪيل ان سڄي سفر ۾ ايندي ۽ ويندي پنهنجن لطيفن ۽ چٽڪلن سان سڀني کي محظوظ ڪندو ٿي آيو، فقيرمحمد لاشاري۽ رحيم بخش آزاد سميت اڙدو، پنجابي ۽ سنڌي جي مختلف ليکڪن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي هئي..
اداري جي ڪارڪنن خاص طور تي جاني، مظفر ۽ مشتاق وغيره سان ڄڻ خاص ناتا قائم ٿي ويا هئا. منجھانئن ڪي ته رڳو اتي نوڪري ڪندا هئا جڏهين ته جاني جهڙا نوجوان واقعي سنجيده هوندا هئا ۽ مون سميت اداري ۾ ايندڙ مختلف دوستن سان مختلف نظرياتي ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. جاني جي شخصيت ۾ جيڪا معصوميت، تجسس ۽ پيار هوندو هو اهو اڄ به منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهي. منجھانئن ڪجھ مختلف ترقي پسند سياسي جماعتن سان پڻ لاڳاپيل هوندا هئا ۽ اداري تي ان لحاظ کان تنقيد ڪندا هئا ته اهو پنهنجي مقرر ڪيل دائري کان ٻاهر نه ٿو نڪري. جڏهين ته ٻاهر ويٺل اسان جهڙن ماڻهن کي اهو محسوس ٿيندو هو ته ادارو مختلف دٻائن جي باوجود پنهنجي وت کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيو هو. اهو جيتوڻيڪ سياسي ڪم کان پاڻ کي هڪ فاصلي تي رکندو هو پر انساني حقن جي حوالي سان جيڪي سرگرميون، مظاهرا ۽ سيمينار وغيره ٿيندا هئا انهن ۾ ان جي شرڪت هوندي هئي.
پاڪستان کي هڪ گھڻ مذهبي جمهوري رياست طور دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاء اهو ضروري آهي ته مذهبي ٿورايون نه رڳو هتان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگي جي مک ڌارا جو حصو هجن پراهي پاڻ کي ائين سمجھن. پر هن ملڪ جي مستقل مفاد رکندڙ ڌرين، جنهن ۾ مذهبي ٿوراين جو ايليٽ پڻ شامل آهي، جو اهو مقصد آهي ته هن ملڪ کي هڪ مذهب جي ماڻهن جو ملڪ ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ مذهبي ٿوراين کي ڪٿي ڪنڊ پاسي ۾ ڌڪي الڳ ٿلڳ رهڻ لاء مجبور ڪجي. ساڳي ريت اداري پاران ٿيندڙ اهڙين ڪوششن کي به انهن ڌرين پاران چڱي نظر سان نه ٿي ڏٺو ويو. جيتوڻيڪ اهڙو ڪو ڏيکاء نه ٿي ڏنو ويو پر اداري ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙن تي ان سلسلي ۾ دٻاء هو. شايد کين اهو اندازو نه هو ته ان دٻاء جو نتيجو دهشت گردي جي هڪ ڀيانڪ ڪاروائي جي صورت ۾ به نڪري سگھي ٿو جنهن جي ڪري اهي معمول موجب پنهنجو ڪم جاري رکندا ٿي آيا. هڪ صبوح جو رمپا پلازه جي ٽين ماڙ تي اداري جي ڪارڪنن پاران معمول موجب دفتر کولي ڪم شروع ڪيو ويو، اداري جا گھڻي ڀاڱي ملازم اتي موجود هئا. ڪلاڪ اڌ کانپوء اها پڪ ڪرڻ کان پوء ته وڌ ۾ وڌ ملازم دفتر ۾ موجود هوندا جديد هٿيارن سان هٿياربند ڪجھ دهشت گرد دفتر ۾ داخل ٿين ٿا ۽ اتي موجود سڀني ڄڻن کي گولين سان ڀڃي ڏهڪاء سان ڀريل شهر ۾ نامعلوم جي ڌنڌ ۾ گم ٿي وڃن ٿا. فادر آرنلڊ ان وقت ملڪ کان ٻاهر هو جڏهين ته رحيم بخش آزاد ان واقعي کان ڪجھ وقت پوء دفتر پهچي ٿو ۽ واقعي جي اطلاع ٻاهر جي دنيا تائين پهچائي ٿو.. مارجي ويلن جي مائٽن ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن احتجاج ۽ مظاهرن وغيره وسيلي حڪومت کان ان واقعي جي جاچ ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جي گھر ڪئي. ان وقت جيئن ته شهر ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول هئا ۽ ٻي ڳالھه ته اهو عيسائين جي هڪ اين جي او جي ماڻهن سان ٿيو هو ان ڪري ان تي وڌيڪ توجھ نه ڏنو ويو ۽ اهو به ڄڻ شهر ۾ ٿيندڙ ٻين واقعن جيان نامعلوم جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو.
ان کان پوءِ اداري جون سرگرميون ختم ٿي ويون ۽ ان جو دفتر بند ٿي ويو. بهرحال پنهنجي زندگي ۾ اداري پاران جيڪي قدر ۽ نوان لاڙا متعارف ڪرايا ويا ۽ ان جي ڪارڪنن پاران جنهن همت ۽ جرات جو مظاهرو ڪيو ويو اهو خاص طور تي ملڪ جي مذهبي ٿوراين لاء پاڻ کي ملڪ جي مک ڌارا سان ڳنڍڻ لاء هڪ سونهين مثل آهي. اداري جو نالو گھٽ ۾ گھٽ ملڪ جي جمهوريت پسندن جي يادگيرين ۾ هميشه جيئرو رهندو.

آزاد به هليو ويو

آزاد گذاري ويو. هڪ ڊگھو عرصو بيمار رهڻ کانپوء هو هن دنيا مان هليو ويو. هو انهن ماڻهن مان هو جيڪي اهڙن وشال دريائن وانگر هوندا آهن جيڪي هڪ ڊگھي عرصي تائين آبادين ڪرڻ ۽ زرخيزي ۽ آسودگي ڦهلائڻ کانپو۽ سرسوتي جيان آب گم ۾ تبديل ٿي هڪ ڏند ڪٿا بڻجي ويندا آهن ۽ ماڻهن وٽ رڳو سندن قصا ۽ ڪهاڻيون ئي رهجي وينديون آهن. اسان جو دوست رحيم بخش آزاد جنهن کي نه رڳو ڪراچي پر پوري ملڪ جي خاص طور تي کاٻي ڌر جي حلقن ۾ آزاد بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو پنهنجي ان بيماري جي عرصي ۾ شايد اهڙي ئي هڪ ڏند ڪٿا ٿي ويو هو. هن دنيا سان پنهنجو ناتو گھٽائي ڇڏيو هو پر سندس دوستن کيس هر طريقي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. آزاد سان منهنجو تعلق جيتوڻيڪ سنڌي عوامي تحريڪ جي حوالي سان ٿيو پرپوء اهو هڪ ذاتي تعلق ۾ بدلجي ويو ۽ عوامي تحريڪ کان ڌار ٿيڻ کان پوء به اهو هلندو ۽ مضبوط ٿيندو آيو ۽ اخري وقت تائين اهو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري هو.
هوهڪ اهڙو شخص هو جنهن جو گھر ۽ جنهن جي دل ٻولي، نسل ۽ نظرئي جي تفريق کانسواء ڪن خاص ماڻهن لاء نه پر سڀني لاء کليل هوندا هئا ۽ اهو سندس زندگي جي آخر وقت تائين رهيو. گھڻن جي لاء هو استاد هو ۽ گھڻا کيس پنهنجي پي جيان سمجھندا هئا. کيس گھڻن ماڻهن جيان زندگي جي ڪنهن هڪ خاني ۾ بند ڪرڻ انتهائي ڏکيو آهي ۽ سندس شخصيت به اهڙي نه هئي جو رڳو هڪ خاني ۾ سمائجي سگھي. اهو چوڻ ته سندس واسطو رڳو سياست سان رهيو اڌوري ڳالهه ٿيندي. هڪ ئي وقت ۾ ساڻس ملڻ وارن ۾ مختلف موضوعن ۽ شعبن سان دلچسپي رکندڙ دوست موجود هوندا هئا ۽ هو انهن سڀني سان منهن ڏيندو هو ۽ کين مطمئن ڪندو هو. سندس دوستن ۾ سياست سان گڏ ادب، ميوزڪ ۽ ڊانس سان واسطو رکندڙ ماڻهو به شامل هئا جن کي انهن شعبن متعلق چڱي خاصي ڄاڻ هئي. آزاد وٽ پاڻ سٺو ميوزڪ سسٽم ۽ گيتن ۽ ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود هوندو هو جيڪو سندس بيٺڪ ۾ هوندو هو، جتي دوستن سان ڪچهري ٿيندي هئي. انهن سڀني شين مان سڀ دوست فائدو حاصل ڪندا هئا ۽ هو پاڻ ان ڳالھه جي همت افزائي ڪندو هو. ڪتابن سان گڏوگڏ آئون کانئس ڊرامن ۽ فلمن جون ڪيسٽون پڻ وٺي ويندو هوس. مون اهو ڏٺو ته کيس دوستن کي اهي شيون ڏيندي خوشي ٿيندي هئي ۽ هو ان ڳالھه جي پرواه نه ڪندو هو ته انهن مان گھڻيون شيون موٽن ٿيون. کانئس ورتل ڪجھ ڪتاب شايد مون وٽ اڃا به موجود آهن. ان وقت جڏهين ضياءالحق جي دور ۾ پاڪستان متعلق گھڻن ڪتابن تي بندش هوندي هئي ته اهي ڪتاب يا انهن جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون آزاد وٽان ملي وينديون هيون جيڪي کيس پرڏيهه ۾ رهندڙ سندس دوست ڪنهن ريت موڪليندا هئا.
آزاد لاء اهو چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو ته سندس واسطو کاٻي ڌر ۽ سنڌي ۽ بلوچ قوم پرست سياست سان هو. پر کيس ڪنهن هڪ خاص سياسي جماعت سان جوڙي نه ٿو سگھجي. ان سلسلي ۾ مٿس تنقيد به ٿيندي هئي پر هو ان جي پرواه نه ڪندو هو ۽ کلي ڳالھه ٽاري ڇڏيندو هو. لالا لعل بخش رند ۽ يوسف نسڪندي سندس ويجھا دوست هوندا هئا ۽ سندس ان روئي تي سندس سرزنش به ڪندا هئا پر اهي ساڳي وقت ساڻس هڪ ويجھڙائي ۽ قربت به رکندا هئا. هو انهن سڀني کي ٻڌنڌو هو پرِ پنهنجي ورتاء لاء ڪنهن جواز ۽ دليل ڏيڻ جي بجائي بس هڪ زوردار ٽهڪ ان جو جواب هوندوهو. اهو نه هو ته سندس مقصد پنهنجي ان ورتاء مان ڪي ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ هو بس اها سندس طبيعت هئي ۽ شايد ان ڪري ئي کيس آزاد چيو ويندو هو. سندس پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ خاص طور تي لياري جي اسمبلي ميمبرن ۽ وزيرن ستار گبول، رحيم بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن سان ذاتي ناتا هوندا هئا ۽ وٽس کانئن فائدا حاصل ڪرڻ جا گھڻا موقعا هئا، جنهن جي لاء کيس چيو به ويندو هو پر هن نه پاڻ کي پابند ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ نه ئي پنهنجي برابري واري حيثيت تي ڪو ڪمپرومائز ڪرڻ لاء تيار هو. هو آخر وقت تائين سنگولين جي ساڳئي گھر ۽ ساڳئي پاڙي ۾ رهيو ۽ ساڳئي طريقي سان پنهنجي زندگي گذاريندو رهيو. ساڳي وقت هو سنڌي عوامي تحريڪ سان به لاڳاپيل هو ۽ ڪراچي ۾ ان جي تنظيم ۾ هڙان ۽ وڙان نه گھٽائيندو هو. بي ايس او عوامي ۽ بلوچ ادبي تنظيمن جا دوست به مختلف معاملن ۽ ڪراچي ۾ رابطن لاء ساڻس رابطي ۾ هوندا هئا. لياري ۾ سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. هن ان جي لاء پهرين مولوي عثمان پارڪ جي لائبريري ۽ پوء چاڪيواڙي ۾ فٽ بال هائوس ۾ گڏجاڻين لاء جاء جو بندوبست ڪيو ۽ پاڻ به ۽ انهن گڏجاڻين ۾ باقاعدي شرڪت ڪندو هو. هر وقت متحرڪ شخص جيڪو ڪنهن به عوامي ۽ انساني حقن جي تحريڪ ۾ شامل هئڻ لاء تيار هوندو هو.
بلوچستان ۾ جڏهين ذڪري فرقي خلاف مذهبي جماعتن هڪ مهم شروع ڪري کين هراسان ڪرڻ شروع ڪيو ته آزاد ڄڻ ان سڄي ناانصافي خلاف هڪ اڳواڻ جي طور تي سامهون آيو ۽ هن سڄي ڪراچي ۾ جلسن، جلوسن، پريس ڪانفرنسن ۽ مختلف سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي اڳواڻن سان ملاقاتن وسيلي ان مسئلي کي نروار ڪيو ۽ گھڻي حد تائين مذهبي جماعتن جي دٻاء کي گھٽائڻ ۾ ڪامياب ويو.
لياري جي حوالي سان آزاد کي هڪ حوالو سمجھيو ويندو هو. ان جو اندازو مون کي ساڻس تعلق جي شروع ۾ ئي ان وقت ٿيو جڏهين مون 1977 ۾ پي اين اي جي ڀٽو حڪومت خلاف تحريڪ وقت لياري جي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ مضمون لکيو هو جيڪو عوامي تحريڪ جي ترجمان رسالي تحريڪ ۾ شائع ٿيو هو. ان مضمون جي سلسلي ۾ جيڪڏهين آئون ائين چوان ته وڌاء نه ٿيندو ته ان ۾ جيڪڏهين آزاد جي مدد ۽ رايا شامل نه هجن ها ته اهو اڌورو رهجي وڃي ها. نه رڳو ڪراچي پر پاڪستان ۽ پرڏيھه جي صحافين کي به لياري جي مختلف سماجي ۽ سياسي مسئلن جي حوالي سان ڪا اسٽوري ڪرڻي هوندي هئي ته کين آزاد سان رابطي ۾ اچڻ لاء چيو ويندو هو جيڪو کين مختلف ماڻهن سان ملائيندو ۽ مختلف علائقن ۾ وٺي ويندو هو. اهڙا حوالا ڪيترن انگريزي ۽ اڙدو رسالن ۽ اخبارن ۾ ڏسي سگھجن ٿا. لياري جي حوالي سان خاص طور تي سندس ڄاڻ انسڪلوپيڊيائي هئي.
لڳندو ائين هو ته هو بس مڙد ميدان هو، جيڪو ڪتاب وغيره رکي ۽ دوستن کي ڏيئي بس پنهنجي علم دوستي ظاهر ڪندو هو. پر ائين نه هو. ساڻس مختلف موضوعن تي ڳالهائي سگھجي پيو. هو ساڳي وقت بلوچي، سنڌي ۽ اڙدو ۾ لکي سگھندو هو ۽ انهن جي شاعرن، ليکڪن ۽ ٻين اهم شخصيتن تي سير حاصل ڳالھه ٻولھه ڪري سگھندو هو. منجھس مون هڪ خاص ڳالھه ڏٺي ته جڏهين کيس ڪنهن موضوع تي لکڻ لاء چيو ويندو هو ته اهو گھٽ ئي ٿيندو هو ته هو اڳواٽ ئي لکي اچي. پروگرام جي ڪاروائي شروع ٿيڻ کان ڪجھ وقت اڳ هو اتي پهچي هڪ پاسي ٿي ويهي رهندو هو۽ جيڪي ڪجھ کيس لکڻو هوندو هو اهو لکي وٺندو هو. اهو ساڳيو طريقو مون ڪنهن حد تائين فقير محمد لاشاري ۾ به ڏٺو هو.
آزاد جو اداره امن و انصاف، جنهن جو ملڪ جي ترقي پسندن سان ويجھو تعلق هو ۽ جنهن هڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌي ادبي سنگت ڪراچي کي گڏجاڻين لاء پنهنجي جاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت به ڏني هئي، سان هڪ خاص تعلق هو. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين اداري پاران اڙدو ۾ نڪرندڙ رسالي جفاڪش جو ايڊيٽر رهيو ۽ اداري جي مختلف سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو.
اها سندس خوش قسمتي هئي ته اداري تي جڏهين دهشت گردن جو حملو ٿيو جنهن ۾ اتي موجود سڀ ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ان کان رڳو ڪجھ وقت پوءِ آزاد اتي پهتوهو جنهن ان سڄي ڪاروائي کان دنيا کي آگاه ڪيو. ان حملي کان پوءِ ادارو ۽ رسالو جفاڪش ٻيئي بند ٿي ويا ۽ حملو ڪندڙ ٻين گھڻن اهڙن حملن جيان نامعلوم جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويا.
لياري ۾ هئڻ وقت آزاد سان اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. منهنجي گلشن حديد منتقل ٿيڻ کان پوء انهن ملاقاتن ۾ وقفو وڌي ويو. آزاد جو گھر پراڻي ڪنڀار واڙي جي پاڙي سنگولين ۾ آهي جيڪو هڪ لحاظ کان ڄڻ گينگ وار جي مختلف گروهن جو ڳڙه رهيو آهي. ان ڪري لياري جي صورتحال جي خراب ٿيڻ کان پوء اهو رابطو ڄڻ ختم ئي ٿي ويو. بس شهر ۾ ٿيندڙ ڪنهن ادبي، سياسي ۽ ثقافتي پروگرام وغيره ۾ سرسري ملاقات ٿي ويندي هئي جيڪا وري ملڻ جي واعدي تي ختم ٿي ويندي هئي. پر پوء اهو سلسلو به ختم ٿي ويو. ڪجھ دوستن کان خبر پيئي ته آزاد پاڻ کي بلڪل گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو هو. هو نه ته موبائل فون رکندوهو ۽ نه ئي گھڻن دوستن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ پسند ڪندو هو. ان جو هڪ ڪارڻ سندس صحت به ٿي سگھي پيئي. پرتازو هڪ گڏيل دوست کان اها خبر پيئي ته جڏهين سندس صحت ٺيڪ هئي تڏهين به هو پنهنجي گھر تائين ئي محدود ٿي ويو هو. هن دوست جو چوڻ هو ته آزاد جو ڏينهن شام چئين وڳي کان شروع ٿيندو هو ۽ پوء هو رات جو دير تائين جاڳندو رهندو هو جنهن دوران هو اٽڪل سورنهن اخبار پڙهندو هو.
ان جي باوجود ته پنهنجن آخري ڏينهن ۾ آزاد پاڻ کي پنهنجي صحت وغيره جي لحاظ کان پنهنجي گھر تائين محدود ڪري ڇڏيو هو پرسندس دوست اڃا به ٻاهرين دنيا سان رابطي لاء سندس ذريعو هئا. سٺي ڳاله اها هئي ته آزاد کي اڪيلو نه ڇڏيو ويو هو. خاص طور تي سندس ٻار سندس جوڳي سار سنڀال لهندا هئا ۽ سندس ذاتي دوستن مان گھڻا آخر وقت تائين به ساڻس گڏ هئا.

منهنجي امان

امان جي شخصيت جا گھڻا پاسا آهن. هو نانا جي پهرين زال جي پٽ محمد حسن کان ننڍي پر پنهنجي ماءُ جي اٺن ڌيئرن پٽن ۾ سڀ کان وڏي هئي. جيئن ان دور ۾ ٿيندو هو ته هو چوڏنهن پندرنهن سالن جي هئي ته سندس شادي ٿي ويئي. ساڳي ريت جيئن ته بابا پنهنجن ڀائرن ڀينرن ۾ سڀني کان وڏو هو، ان ڪري سندس حيثيت ان گھر جي وڏي ننهن جي پڻ هئي. هو گھر ۾ پنهنجن ننڍن ڏيرن ۽ نڻانئن سان پنهنجي ان وڏي هئڻ وارو ئي ورتاءُ ڪندي هئي.
جلد ئي، جيئن امان ٻڌائيندي هئي ته، آئون شايد اڃا ٽن مهينن جو هوس ته نانا جي وفات ٿي ويئي. ننڍن ڀائرن ڀينرن جي ذميواري جيتوڻيڪ ناني پاڻ تي کنئين، پر ان ۾ ڄڻ امان به ساڻس شامل ٿي ويئي. مالي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ سڀني ڀائرن ڀينرن جي شادي وغيره ڪرائڻ ۾ هن هڪ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. هڪ لحاظ کان هو ڄڻ ته انهن سڀني جي ماء به هئي. سڀني کان ننڍي ڀيڻ کي هن پنهنجي گھر ۾ رهايو ۽ سندس پنهنجي ڌي وانگر پالنا ڪئي ۽ پنهنجي ننڍي ڏيرسان ان جي شادي ڪرايائين. هن وقت اسان ڀائرن ڀينرن لاء ان جي حيثيت ماسي کان وڌيڪ وڏي ڀيڻ جي آهي.
ڪراچي ۾ سو سالن کان وڌيڪ عرصي، جنهن دوران اسان جون اٽڪل چار پيڙهيون گذريون آهن، ۽ ھتي رھڻ کان پوءِ به اسان ۾ گڏيل خاندان واري روايت اڃا موجود آهي. منهنجي ڏاڏي جا سڀ پٽ بلڪ ان جون شادي واريون ڌيئرون به ان سان گڏ ئي رهنديون هيون. خاندان جي وڌڻ ۽ ٻارن جي وڏي ٿيڻ تائين اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ پوء به اهي ڄڻ هڪ ٻئي جي ويجھو ئي هوندا هئا ۽ سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا. ان جو فائدو اهو ٿيندو هو ته جيڪي سوٽ وغيره هوندا هئا انهن جي پاڻ ۾ قربت هوندي هئي. اها ساڳي ڳاله بابا جي خاندان ۾ به هئي. بابا جا سڀ پٽ شادي ۽ پنهنجن ٻارن جي وڏي ٿيڻ کانپوء ڪيترن سالن تائين گڏ رهيا ۽ هڪ ڪني ۾ کائيندا رهيا. جڏهين ڪنو ڌار ٿيو ۽ بابا ساڳي بلڊنگ ۾ سڀني کي پنهنجا ڌار فليٽ ٺاهي ڏنا ته به ڄڻ هڪ ٻئي سان گڏ ئي هوندا هئاسين.
آئون ننڍي هوندي کان ڄڻ امان سان گڏ هوندو هوس. ممڪن آهي ته اهو منهنجو ڪو عدم تحفظ جو مسئلو هجي جو آئون امان کان پري ٿيڻ نه چاهيندو هوس. جيڪڏهين هو گھر جو ڪم ڪندي هئي ته به آئون سندس پٺن تي پيو هوندو هوس. منهنجي ڏاڏي پنهنجي سائيڪل ۾ اڳيان ننڍي سيٽ هڻائي ته جيئن ڪم جي وقت مون کي ٻاهر وڃي گھمائي ڦيرائي. ساڳي ريت منهنجي چاچي مون کي اڪثر وٺي مٺا درکان نوآباد پنهنجن مائٽن وٽ وٺي ويندي هئي ته جيئن امان ڪو سک جو ساه کڻي ۽ پنهنجو ڪم ڪار آرام سان ڪري سگھي. مون کي هلڪي يادگيري آهي ته امان جڏهين ويم لاء اسپتال ويندي هئي ته آئون ليبر روم جي ٻاهران ويٺو هوندو هوس.
امان پنهنجي ماءُ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي وڏي ڀاءَ ۽ ڏاڏي جي وڌيڪ ويجھو هوندي هئي. اسان جو اهو وڏو مامو ڪجھ عرصو گھر مان غائب رهيو هو. مون کيس ان وقت ڏٺو جڏهين آئون پنجين يا ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. هو خاص طور امان سان ملاقات لاء اسان جي نوآباد واري گھر ايندو هو جتي اسان پنهنجي ڏاڏي ۽ چاچن سان گڏ رهندا هئاسين. امان سندس خاص خيال رکندي هئي. ٿوري عرصي کانپوء ئي دل جي دوري پوڻ ڪري سندس وفات ٿي ويئي. اهو امان جي لاء وڏو صدمو هو. امان پنهنجي ڀاء جو نالو محمد حسن پنهنجي پٽ تي رکيو.
امان جي شخصيت جي اها خاص ڳالھه هوندي هئي ته هو سڀني کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندي هئي. سندس اندر ساڙ، ڪينو ۽ حسد گھٽ هوندو هو. جيڪڏهين کيس ڪنهن کي ڪا ڳاله چوڻي هوندي هئي ته ان کي منهن تي چئي ڇڏيندي هئي ۽ ڪو رک رکاء نه ڪندي هئي. ائين ٿيندو هو ته سندس ڀائر جيڪڏهين ڪنهن ڳاله تان ساڻس جھيڙو ڪري ۽ گھٽ وڌ ڳالهائي ويندا هئا ته اها ڳاله اتي ئي ختم ٿي ويندي هئي ۽ وري جڏهين هو وٽس ايندا هئا ته انهن سان هو اها ساڳي سندن پراڻي وڏي ڀيڻ هوندي هئي. ڪڏهين پنهنجن پٽن مان جيڪڏهين کيس ڪا شڪايت هوندي هئي ته ان کي منهن تي چوندي هئي يا پنهنجي ڪنهن ٻئي پٽ سان اها ڳاله ڪندي هئي پر اها ڳاله اتي ئي ختم ٿي ويندي هئي. جيتوڻيڪ مون کي اندازو هو ته امان جو پنهنجين نننهن سان به ساڳيو ورتاء هوندو هو پر پوء به مون پڪ ڪرڻ لاء پنهنجي زال کان پڇيو ته امان توهان سڀني سان ڪيئن هلندي هئي. هن ان ڳاله جي پڪ ڪئي ته امان جو جيڪڏهين پنهنجي ڪنهن ننهن سان جھيڙو ٿيندو هو ته اهو بس وقتي هوندو هو ۽ ان کي گھڻي ڊيگھ نه ڏبي هئي. بلڪل جيئن ٻار پاڻ ۾ وڙهندا آهن ۽ وري ٿوري دير کانپوء پاڻ ۾ راند پيا ڪندا آهن اهو ساڳيو معاملو امان ۽ سندس ننهن جو هوندو هو. خاص ڳالهه اها هوندي هئي ته نه امان پنهنجن پٽن ۽ مڙس سان پنهنجي ننهن جي شڪايت ڪندي هئي ۽ نه ئي ننهنون پنهنجن مڙسن سان امان جي شڪايت ڪنديون هيون. گھر جي مڙدن کي خاص طور اهو چيو ويندو هو ته اهي اسان عورتن جا معاملا آهن اوهان ان ۾ وچ ۾ نه پئو ۽ واقعي اسان ماٺ ڪيو ويٺا هوندا هئاسين.
امان وٽ هميشه محفل متل هوندي هئي. امان جون ڪجھ ڏيرياڻيون، جيڪي ساڳئي گھر ۾ رهنديون هيون، وٽس ويٺيون هونديون هيون. سندس ڀيڻون ۽ ڀاڄايون، جيڪي ويجھو ئي رهنديون هيون، اڪثر وٽس اينديون هيون. پاڙي جون عورتون، جن مان گھڻن سان ويجھي يا پري جي مائٽي هوندي هئي، اهي به اينديون هيون. انهن مان ڪي حقو پيون ڇڪينديون هيون، ڪي ان جو ٽانڊو ۽ تماڪ وغيره پيون ٺاهينديون هيون ۽ ڪي گھر جي ڪم ۾ هٿ پيون ونڊائينديون هيون. اهو سلسلو رات جو دير تائين پيو هلندو هو. ڪڏهين ڪڏهين حب جي ويجھو لڪين مان امان جي ناناڻن مان امان جون ماسيون، ماما ۽ انهن جا ٻار به ايندا هئا. امان انهن ماڻهن مان هئي جن جي شخصيت ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي پوء ڀلي انهن مان کين ڪو مالي فائدو حاصل نه به ٿئي. پيار ۽ قرب سان گڏوگڏ هو پنهنجي حال سارو ضرورت مندن جي مدد پڻ ڪندي هئي جن مان ڪن جي اسان کي خبر پوندي هئي ۽ ڪن جي نه پوندي هئي.
ڪنهن به ماءُ لاءِ اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هن جي ڪنهن سان گھٽ ۽ ڪنهن سان وڌيڪ محبت هوندي آهي. ساڳي ڳالھه امان لاء به ڪري سگھجي ٿي. منهنجي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته اهڙو ڪجھ ڪيان جو امان جي وڌيڪ ويجھو ٿي سگھان پر اهو لڳندو هو ته مون کي اڃا وڌيڪ ويجھي ٿيڻ جي ضرورت هئي. امان جي ٻن ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوء منهنجو وڏو ڀاءُ حميد ڄائو هو. ان ڪري امان جي ان سان وڌيڪ دل هوندي هئي. شايد ان ڪري آئون پاڻ کي ٿورو پري محسوس ڪندو هوس. حميد پنهنجي طبيعت ۽ عادتن ۾ اسان ڀائرن کان گھڻو مختلف هوندو هو. هو پنهنجن ڀائرن ڀينرن سان محبت ڪندو هو پر ساڳي وقت هڪ آزاد طبيعت ماڻهو هوندو هو. امان ڪڏهين ساڻس ناراض به ٿيندي هئي ۽ سندس شڪايت ڪندي هئي پر ان سان سندس ويجھڙائي ۽ محبت ۾ ڪو فرق نه آيو هو. سندس اوچتي وفات امان لاء واقعي هڪ وڏو صدمو هو. هو هيٺ گھر۾ ئي ٺهيل منهنجي وڏي ڀاءُ جي وڪيل واري آفيس ۾ وِيٺو هو. گھر جي ٻارن سان کيس ّخاص انس هوندو هو. ان مهل ئي ڪجھ ٻار کانئس شين وٺڻ لاء ڪجھ پئسا وٺي ويا هئا. اٽيڪ ٿيڻ مهل هو پنهنجي ڪرسي تي ويٺو هو ۽ سگريٽ سندس هٿ ۾ هو.
امان 25 دسمبر 2008 تي گذاري ويئي. اهڙي ريت سندس وفات کي ٻارنهن سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. هو اٽڪل ڏيڍ مهينو لياقت نيشنل هسپتال جي آئي سي يو ۾ بيهوشي جي حالت ۾ هئي. سندس ان بيهوشي جي حالت ۾ وڃڻ کان ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ آئون ساڻس ملي آيو هوس ۽ ان وقت هو بلڪل نارمل حالت ۾ هئي. ان متعلق آئون گھڻو ڪجھ نه ٿو چئي سگھان پر شايد کيس پنهنجي طبيعت جو اندازو هو. آئون هڪ ڏينهن اڳ لاهور کان موٽيو هوس ۽ منهنجو ارادو ان ڏينهن امان سان ملڻ لاء وڃڻ جو نه هو پر هن اڳ ئي گھر فون ڪري منهنجي زال کي چيو هو ته رئوف کي چئوته مون سان ملي وڃي. پوء مون کي لڳو ته آئون ساڻس جيڪڏهين ان ڏينهن ملڻ نه وڃان ها ته اهو پڇتاءُ سڄي زندگي رهي ها. آئون سمجھان ٿو ته کيس منهنجي وڏي ڀاءُ حميد، جيڪو سندس گھڻو ويجھو هوندو هو جي سال کن اڳ وفات جو وڏو صدمو رسيو هو ۽ هر وقت ان کي ياد ڪندي رهندي هئي. گھر وارا ٻڌائين ٿا ته هو ان ڏينهن يا هڪ ڏينهن اڳ گھر جي ٻاهران دڪي جي وڃي ويٺي هئي ته هاڻي حميد ايندو. شايد هو وڌيڪ ان حالت کي سهي نه سگھي ۽ هڪ ڊگھي بيهوشي واري حالت ۾ هلي ويئي. وفات وقت سندس عمر اسي سال کن هئي.

بابا آڪٽوبر 1994 ۾ گذاري ويو هو پر امان جي گھٽتائي ان ڪري به وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي ته اسان سڀ ڀائرن ۽ ڀينرن لاء هو هڪ جاء تي گڏ ٿيڻ جو مرڪز هئي. ننڍي وڏي ڏينهن اسان گھڻو ڪري وٽس گڏ ٿيندا هئاسين. ان کانسواء جيڪڏهين وٽس وڃڻ تي ٻين ڀائرن ڀينرن سان ملاقات نه به ٿيندي هئي ته به هو انهن سڀني جو حال احوال ٻڌائيندي هئي. هڪ لحاظ کان هن ڄڻ سڀني کي ڳنڍي رکيو هو. سندس گذاري وڃڻ کانپوء ڄڻ هر ڪو پنهنجي ليکي ٿي ويو آهي. ڀائرن ڀينرن جي ملاقاتن ۽ حال احوال ۾ اها باقاعدگي ناهي رهي. بس ڪڏهين ڪنهن تقريب ۾ ملاقات ٿي ويئي يا فون تي ڳاله ٻوله ٿي ويئي. باقي هرڪو پنهنجي زندگي جي خفن ۾ لڳو پيو آهي. اها رڳو چوڻ جي ڳاله نه پر حقيقت آهي ته ماء اولاد کي گڏ رکڻ جو هڪ ذريعو هوندي آهي. سندس پيار ۽ سندس ياد هميشه اسان سان گڏ رهندي.

منهنجو بابا

منهنجي بابا جو نالو محمد حسين هو. هو پنهنجي پيءُ مستري محمود ۽ ماءُ ساران جي ست ڌيئرن ۽ پٽن ۾ سڀ کان وڏو هو. بابا جيتوڻيڪ ڪنهن اسڪول ۾ باقاعدي تعليم حاصل نه ڪئي هئي، پر هو پنهنجو گھربل حساب ڪتاب ڪري ويندو هو ۽ اخبار باقاعدي پڙهندو هو. اهڙي ريت منهنجو ڏاڏو به گورمکي ۾ پنهنجو ننڍو وڏو حساب ڪتاب ڪري ويندو هو. ان جو ڪارڻ شايد اهو هو ته منهنجي ڏاڏا جو اڃان پنهنجي ڳوٺ کهڙا سان سڌو سنئون رابطو هو. اتي سندس هڪ ڀاءُ ۽ ٻيا مائٽ رهندا هئا. ان ڪري هن پنهنجي وڏي پٽ کي اتي قرآن شريف حفظ ڪرڻ لاء موڪليو هو. کهڙا جا مخدوم علم ۽ ادب سان پنهنجي تعلق لاءِ مشهور آهن ۽ ان سلسلي کي اڃا تائين هلائيندا اچن. منهنجو پنهنجي شعوري عمر کي پهچڻ کانپوءِ کهڙا بس ائين هنگامي طور تي ئي وڃڻ ٿيندو آهي ۽ آئون ڪڏهين ساڻن لھه وچڙه ۾ نه اچي سگھيو آهيان. تازو هڪ دوست سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لائبريرين متعلق ڳالھه ٻولھه پئي ٿي ته هن خاص طور ڪنڊيارو ۽ کهڙا جي مخدومن جي لائبريرين جو ذڪر ڪيو. بهرحال بابا قرآن مجيد پورو حفظ نه ڪري سگھيو ۽ ڪراچي موٽي آيو. هتي هو ڏاڏا سان سندس رازڪي ڪم ۾ شامل ٿي ويو. بابا وٽ جنگ اخبار روز سندس دوڪان تي ايندي هئي. اسان انتظار ۾ هوندا هئاسين جيسين شام جو بابا اها اخبار گھرنه کڻي اچي. منهنجي لاءِ ان اخبار ۾ خاص ڳالھه ٽارزن جي قسطوار ڪهاڻي هوندي هئي. ساڳي ريت منهنجي هڪ چاچا وٽ حريت اخبار ايندي هئي، جنهن ۾ فينٽم جي قسطوار ڪهاڻي ايندي هئي. هلال پاڪستان جڏهين ڪراچي مان شائع ٿيڻ لڳي ته بابا جنگ اخبار بند ڪري هلال شروع ڪئي ۽ اهڙي ريت اسان جو سنڌي صحافت، ادب ۽ سنڌي ليکڪن سان تعارف ٿيو ۽ اسان ڄڻ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿياسين.
ڏاڏا پنهنجن ٻن ننڍن پٽن جي پهرين شادي پنهنجي ڀيڻ جي ڌيئرن سان ڪرائي هئي پر بابا جي شادي ڪراچي جي سنڌي ميمڻن، جيڪي گھڻي عرصي کان ڪراچي ۾ رهيل هئا، مان ڪرائي. بابا گھڻو عرصو ڏاڏا سان گڏ ڪم ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن پنهنجو ڌار ڪم شروع ڪيو. هو شهر جي مختلف علائقن ۾ گهرن ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. اها واقعي بابا جي هوائي روزي هوندي هئي. جيڪڏهين ڪم هلندڙ هوندا هئا ته هرڪو اطمينان ۽ سڪون سان هوندو هو پر ڪڏهين ائين به ٿيندو هو ته ڪجھ وقت لاءِ جيڪڏهين ڪم نه هوندو هو ته ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو. پر بابا ۽ امان گڏجي ان صورتحال کي منهن ڏيندا هئا ۽ پنهنجن ٻارن کي اهو محسوس ٿيڻ نه ڏيندا هئا.
جيتوڻيڪ بابا ۽ ڏاڏا نمازروزي جي پابندي ۽ قرآن شريف جي تلاوت ڪندا هئا. پر گھر جو ماحول سخت مذهبي نه هوندو هو. بابا پاران ان سلسلي ۾ پنهنجن ٻارن تي ڪا سختي ۽ پابندي نه هوندي هئي. ٻي ڳالھه ته بابا کي پنهنجن ٻارن تي اعتماد هوندو هو ۽ هن ماڻهن جي چوڻ جي باوجود ڪڏهين پنهنجن ٻارن کي شڪ جي نگاه سان نه ڏٺو. اهڙي ريت مون سميت اسان ڪجھ ڀائر سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو حصو ٿياسين، جنهن جي بابا ۽ سڀني گھر وارن کي ڄاڻ هوندي هئي. بلڪ ائين به ٿيندو هو ته شاگرد تنظيمن وغيره جون گڏجاڻيون ٻه ٻه ڏينهن لاڳيتو اسان جي گھر ۾ پيون هلنديون هيون. گھڻن دوستن جو گھر اچڻ وڃڻ هوندو هو ۽ ڪي دوست رات به رهي پوندا هئا. نه رڳو اهو ته ان ڳالھه تي ڪو اعتراض نه ڪيو ويندو هو، پرانهن جي کاڌي پيتي، چانهن ۽ آرام وغيره جو خيال رکيو ويندو هو. بابا کي اها خبر هوندي هئي ته هي ڪو خراب ڪم نه پيا ڪن.
اهڙو وقت گھٽ ئي ايندو هو ته بابا پنهنجي ڪنهن ٻار تي هٿ کنيو هجي. جيتوڻيڪ هو اسان سان پنهنجي پيار ۽ شفقت جو اظهار گھٽ ئي ڪندو هو پر اها ڳالھه سندس روئي مان ظاهر هوندي هئي. اڪثر اسان مان ڪنهن کي به جيڪڏهين پنهنجي ڪم تان موٽڻ ۾ معمول کان وڌيڪ دير ٿي ويندي هئي ۽ اسان اڳ ان جو اطلاع نه ڏنو هوندو هو ته هو ڄڻ انتظار ۾ ويٺو هوندو هو ۽ گھر پهچڻ تي رڳو ايترو چوندو هو ته بابا گھٽ ۾ گھٽ هڪ فون ته ڪري ڇڏيو ته دير ٿي ويندي. ان وقت اها ڳالھه اسان کي گھٽ سمجھ ۾ ايندي هئي پر هاڻي جڏهين پاڻ ٻارن ٻچن وارا آهيون ته اهو وڌيڪ محسوس ٿئي ٿو. ڏاڏا جي وفات کانپوءِ سندس پٽن ۽ ڌيئرن ۾ ملڪيت جي ورهاست جي ڪري اسان کي نوآباد وارو گھر ڇڏڻو هو. منهنجي ٻن وڏن ڀائرن بابا کي شهر جي ڪنهن پري علائقي ۾ گھر وٺڻ جي صلاح ڏني پر بابا اهو چئي ان کي قبول نه ڪيو ته ان سان اوهان جي ننڍن ڀائرن، جن وٽ پنهنجي سواري ناهي، پنهنجن ڪمن ڪارين تي اچ وڃ ۾ تڪليف ٿيندي. اهو سوچي بابا ويجھو ئي بغدادي ۾ جاء ورتي جتي اسان 1980 ۾ وڃي رهياسين. ساڳي ريت جڏهين مون گلشن حديد ۾ گھر جي ڳولها پئي ڪئي ته بابا مون کي چيو ته اهو پري جو علائقو آهي ۽ توکي آفيس ۽ ٻارن کي اسڪول وغيره وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. اهڙي ريت بابا جي حياتي ۾ مون گلشن حديد ۾ گھر نه ورتو.
بابا جي هونئن ته پنهنجي ليکي گھڻي واقفيت هوندي هئي پر سندس ٻه ويجھا دوست خميسو، جنهن کي سڀيئي کمون چوندا هئا، ۽ ٻيو ساهو، جنهن جي سڄي نالي جي مون کي ڄاڻ ناهي هوندا هئا. خميسو بابا جو پارٽنر هو ۽ اهي ٻيئي گڏجي بنگلن وغيره جي ٺاهڻ جا ننڍا وڏا ٺيڪا کڻندا هئا، جڏهين ته ساهو درزڪو ڪم ڪندو هو. بابا ۽ چاچا کمون جو کارادر ۾ پنج نمبر ٽانڪي وٽ اثنا عشري جماعت خاني جي ويجھو دوڪان هوندو هو، جتي شام جو ڪم کان موٽڻ کانپوءِ بابا ۽ چاچا خميسو ويهندا هئا ۽ ڏينهن جي ڪم ڪار جو جائزو وٺندا هئا. ڏينهن ۾ هتي چاچا خميسي جا پٽ ۽ ڀاءُ ويهندا هئا جيڪي پلمبر جو ڪم ڪندا هئا. اسڪول جي موڪلن دوران آئون به ڪڏهين ڪڏهين ان دوڪان تي وڃي ويهندو هوس. ڪجھ عرصي کانپوءِ ڀر ۾ امام بارگاه جي توسيع وغيره جو ڪم هلندڙ هو ۽ ان لاء شايد انهن کي ان دوڪان ۽ ٻين جاين وغيره جي ضرورت هئي. اهڙي ريت اهو دوڪان بابا وارن انهن کي ڏيئي ڇڏيو.
بابا جي ٻئي دوست ساهو جو ڪاغذي بازار جي وچ ۾ درزي جو دوڪان هو. بابا پنهنجا ۽ پنهنجن پٽن جا ڪپڙا ان کان ئي سبرائيندو هو. ڪپڙو به هو پاڻ ئي وٺندو هو. انهن مان اسان ڪنهن به ڀاءُ جي پسند شامل نه هوندي هئي. بس رڳو ائين ڪرڻو پوندو هو ته عيد وغيره جي موقعي تي اتي وڃي ڪپڙن جو ماپ ڏيڻو پوندو هو. ان سلسلي ۾ خاص ڳالھه اها هوندي هئي ته چاچا سڀني جو هڪجهڙو ئي ڪپڙو وٺندو هو. عيد نماز تي جڏهين اسان سڀ ڀائر ۽ بابا هڪجهڙا ڪپڙا پائي نڪرندا هئاسين ته اهو مائٽن ۽ پاڙي وارن لاء ڄڻ هڪ نظارو هوندو هو. بابا جي انهن ٻنهي دوستن جي بابا کان اڳ وفات ٿي ۽ اهڙي ريت اهو سلسلو به ختم ٿي ويو. ساڳي ريت اسان جي هڪ پري جي چاچا جو جھونا مارڪيٽ ۾ جوتن جو دوڪان هوندو هو. رڳو اتي وڃي بوٽ وغيره پسند ڪري وٺڻو پوندو هو جڏهين ته پئسن جو حساب ڪتاب بابا پاڻ ڪندو هو.
اسان جي ڏاڏا جي اها خاصيت هوندي هئي ته هڪ ته هو ڪنهن جي به قرض واپس ڪرڻ ۾ ڪا هير ڦير ۽ آنا ڪاني نه ڪندو هو ۽ ٻيو ته جيڪڏهين ڪنهن وٽ سندس پنهنجا پئسا هوندا هئا ته هو ان تي پئسن جي واپسي لاءِ ڪا زور زبردستي نه ڪندو هو. مون کي ياد ٿو پئي ته ڪنهن ماڻهو وٽ ڏاڏا جا پئسا هئا جنهن ڳالھه جي مون کي خبر هئي. مون ڏاڏا کي چيو ته اوهان ان کان پئسا ڇو نه ٿا وٺو ته ڏاڏا جو اهو جواب هو ته بابا ڀلي هو پنهنجو ڀت گھاٽو ڪري، اسان کي پاڻيئي الله سائين ڏيندو. اهڙي ريت بابا تي ڪجھ ماڻهن جا پئسا رهيل هئا. پنهنجي وفات کان ٿورو اڳ بابا اسان کي ٻڌايو ته فلاڻن ماڻهن جو مون تي ايترو قرض آهي ۽ هاڻي اهي ماڻهو ته هن دنيا ۾ ناهن پر اوهان کي منهنجي جيئري يا وفات کانپوءِ انهن جي اولاد کي اهو قرض واپس ڪرڻو آهي. بابا جي وفات کانپوءِ جڏهين اسان انهن ماڻهن سان اهو ذڪر ڪيو ته انهن کي ان ڳالھه جي ڄاڻ ئي نه هئي ۽ اسان انهن کي بابا جي چوڻ موجب اها رقم واپس ڪئي. اهڙي ريت ڏاڏا ۽ بابا هڪ توڪل واري زندگي گذاري. آئون سمجھان ٿو ته بابا جون اهي ڳالهيون جيڪڏهين سڀني نه ته سندس ڪجھ پٽن ۾ آهن.
اسان جي سنڌي مومن جماعت تمام گھڻو عرصو اڳ هڪ هائوسنگ سوسائتي رجسٽرڊ ڪرائي. اسڪيم 33 ۾ پنهنجن ميمبرن جي لاءِ پلاٽ ورتو هو ۽ ان کي دلچسپي رکندڙ ميمبرن ۾ قيمتن ورهايو هو. ان وقت اسان ڪجھ ڀائر پنهنجين نوڪرين ۽ روزگار سان لڳل هئاسين. اهڙي ريت بابا پاڻ به پلاٽ ورتو ۽ سندس چوڻ تي اسان به ورتو. پر ڪجھ وقت کانپوءِ بابا کي ڪجھ پئسن جي ضرورت پيئي ۽ اسان کي اهي پلاٽ وڪڻڻ لاء چيائين. اسان ڪاغذ سندس حوالي ڪيا ۽ ائين اهي پلاٽ وڪجي ويا. بابا خاص طور پنهنجن پٽن کي چوندو هو ته مون اوهان لاءِ گھر وغيره ڪيو آهي، باقي پنهنجن ٻارن جو پاڻ بندوبست ڪيو. اها حقيقت آهي ته بابا جي وفات تائين اسان وٽ هڪ ئي گھر هو، جنهن ۾ اسان سڀ گڏ رهندا هئاسين. جيستائين منهنجي علم ۾ آهي ته هن وقت به اسان ڀائرن وٽ هڪ هڪ ئي گھر آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجن ٻارن سان گڏ رهندا آهيون. منهنجو وڏو ڀاءُ جيڪو گھڻا سال سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايڊيشنل سيشن جج رهيو پر رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هو اڃا پنهنجي وڪالت ڪندو آهي ۽ وچولي طبقي جي علائقي ۾ هڪ عام گھر ۾ رهندو آهي ۽ معمول جي زندگي گذاريندو آهي. گھڻن ماڻهن لاء اها ڳالھه حيرت جوڳي آهي ته ڪراچي ۾ ايترو ڊگھو عرصو رهندي، اسان جو خاندان ڪا گھڻي ملڪيت نه ٺاهي سگھيو. پر اسان جي لاءِ اها ڪا حيرت جي ڳالھه ناهي. اسان پنهنجي ليکي هڪ مطمئن ۽ معمول جي زندگي گذاريون ٿا، جيڪا اسان لاءِ وڏي دولت آهي.
آڪٽوبر1994 ۾ ٿورو عرصو بيمار رهڻ کانپوء بابا گذاري ويو. سندس چڱايون ۽ نيڪي اسان لاء هڪ ورثو آهي. .

اياز ۽ سنگت ڪراچي

شيخ اياز هڪ شخص، هڪ شاعر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر جي حيثيت ۾ کڻي ڪيترو به متضاد ڇو نه رهيو هجي پر سندس سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري ۾ هڪ منفرد حيثيت آهي جنھن کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. اياز لاء اهو به چئي سگھجي ٿو ته هو سنڌ جي ڪنھن هڪ سياسي جماعت جو نه پرمجموعي طور تي سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌ جي ماڻهن جو شاعر هو. ون يونٽ جي ٽٽڻ، بنگلاديش جي ٺهڻ ۽ ڀٽو فيڪٽر جي سنڌ جي سياست ۾ داخل ٿيڻ کان پوء اها تحريڪ پاڻ انتشار جو شڪار ٿي مختلف جماعتن ۾ ورهائجي ويئي. ان صورتحال ۾ اياز سميت گھڻن سنڌي اديبن لاء پاڻ کي ڪنھن هڪ سياسي جماعت ۽ ڌڙي تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ ساڳي وقت قومي تحريڪ جو حصو هئڻ جي دعوا ڪرڻ عبث هو.
سنڌ جي هن شاعر ساڳي وقت عزت، مان ۽ مشهوري به ماڻي هئي ته روپوشي ۽ جيل جون سختيون به سٺيون هيون. سندس قد ڪاٺ کي وڌائڻ ۾ ان ادبي پورهئي سان گڏوگڏ سندس ان سياسي ڪردار کي ڪنھن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. جڏهين کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ته سندس شاعري گھٽ بحث هيٺ هئي پر سندس نقادن هڪ ته سندس ذات کي نشانو بڻايو ۽ ٻيو ان ڳالھه تي زور ڏنو ته هن وائس چانسلر ٿي مصلحت کان ڪم ورتو هو. شاعري کان وڌيڪ سندس وائس چانسلر واري حيثيت ۽ سندس شخصيت جي مختلف پاسن جي ڪري کيس گھڻن دشمنن ۽ دوستن جي تنقيد جو نشانو بڻجڻو پيو هو.
اها حقيقت آهي ته وائس چانسلر ٿيڻ کان پوء اياز جو سرگرم سياسي ڪردار ختم ٿي ويو هو. پر منجھس جيڪو شاعر هو اهو جيئرو هو. نوڪري ڇڏڻ کان پوء به هو ڄڻ هڪ گمنامي واري صورت ۾ هليو ويو هو. پنھنجن ماڻهن جي روئي کان مايوس اهو شاعر جنھن جي شاعري سنڌ جي قومي ترانن جي صورت ۾ ڳائي ويندي هئي هاڻي معتوب هو ۽ سنڌ جي ادبي ۽ سياسي حلقن کيس گھڻي ڀاڱي ڄڻ نظرانداز ڪري ڇڏيو هو.
ان سڄي صورتحال ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جا دوست ان ڳالھه تي ويچار ڪري رهيا هئا ته سنڌي جا پراڻا اديب ۽ ليکڪ جن جو ماضي ۾ هڪ سرگرم ڪردار هو ۽ جن سنڌي ادب ۾ هڪ نالو پيدا ڪيو هو پر هاڻي اهي بلڪل خاموش هئا ۽ منجھائن گھڻن ته لکڻ ئي ڇڏي ڏنو هو انھن کي ساڻن مختلف پروگرام ڪري پاڻ سان گڏجي ۽ کين سرگرم ٿيڻ لاء وري هڪ اتساه ڏجي. ان سلسلي ۾ اياز جو معاملو بلڪل ئي مختلف هو. اياز ادبي طور ۽ پنھنجين لکڻين جي لحاظ کان سرگرم پر محفلن ۽ عام ماڻهن کان ڪٽيل هو. هڪ اهڙي اڪيلائي جيڪا سندس پنھنجي چونڊ گھٽ پر مٿس مڙهيل گھڻي هئي. ان ڪري خاص طور تي اياز کي اڪيلائي جي ڌنڌ مان ڪڍي وري مک ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت کي سڀني دوستن پاران محسوس ڪيو ويو. اها رڳو اياز جي نه پر سنڌ جي نئين ٽهي جي گھڻن ليکڪن ۽ ادب دوستن جي خواهش ۽ ضرورت هئي ته اياز سان رابطي ۾ اچجي ۽ ساڻس منهن سامهون ويهي ڳالھهائجي. سنگت لاء اهو ڪم سولو ان ڪري هو ته ان وقت اياز سکر کان ڪراچي منتقل ٿي چڪو هو ۽ ڪلفٽن ۾ پنھنجي فليٽ ۾ هڪ خاموش زندگي گذاري رهيو هو. سراج به ڪراچي ۾ هو جڏهين ته بشير مورياڻي، قمر شهباز ۽ تاجل بيوس وغيره جهڙا گھڻا سنڌي اديب نوڪرين سانگي ڪراچي ۾ ئي رهيل هئا. جيتوڻيڪ ان رٿا موجب وقت بوقت انھن سڀني اديبن کي سنگت جي مختلف پروگرامن ۾ گھرايو ويو پر هتي خاص طور انھن ٽن پروگرامن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جن ۾ اياز شريڪ ٿيو هو يا جيڪي اياز سان ڪيا ويا هئا. انھن پروگرامن جي سلسلي ۾ اياز سان رابطي ۾ اچڻ کان پوء سنگت جي دوستن کي ان ڳالھه جو احساس ٿيو ته اياز پاڻ پنھنجي اڪيلائي مان نڪرڻ پيو چاهي ته جيئن هو جيڪي ڪجھ سوچي رهيو هو ۽ تخليقي لحاظ کان منجھس جيڪي تبديليون واقع ٿيون هيون انھن کي ماڻهن سان ونڊي سگھي. ان لاء کيس ڪنھن اهڙي وسيلي جي ضرورت هئي جيڪو ان سلسلي ۾ سندس مدد ڪري. کيس ان ڳالھه جو احساس هو ته کيس نظر انداز ڪيو پئي ويو ۽ سنڌ ۾ گھڻا ماڻهو سياسي ۽ ذاتي ڪارڻن جي ڪري کيس ڪا اهميت ڏيڻ لاء تيار نه هئا. جڏهين ته سنگت ڪراچي پاران پنھنجي ليکي اهو فيصلو ڪيو ويو هو. رڳو اياز جي ڪري انھن پروگرامن کي جيڪا اهميت ملي ۽ ماڻهو جنھن وڏي تعداد ۾ انھن ۾ شريڪ ٿيا ان مان اها ڳالھه ظاهر ٿي پئي ته اياز جي شخصي ۽ سياسي حوالي سان مخالفت ڪندڙن کان سندس چاهيندڙن ۽ ساڻس محبت ڪندڙن جو تعداد گھڻو وڌيڪ هو.
ان سلسلي ۾ پهريون پروگرم 1986 جي سال ۾، جڏهين ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس به ٿي هئي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيو ويو. ان وقت فقير محمد لاشاري ڪراچي سنگت جو سيڪريٽري هو ۽ بيدل مسروران پروگرام ۾ پنهنجن گيتن ذريعي اياز سان پنھنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو هو. سنگت پريس ڪلب جي هال ۾ پريس ڪلب جي سهڪار سان پنهنجا ماهوار پروگرام ڪندي رهندي هئي ۽ هن پروگرام کي به معمول جو هڪ پروگرام سمجھي ئي ڪيو ويو هو.
پر ائين نه هو. ان پروگرام ۾ ماڻهن جو ايڏو وڏو تعداد هو جو هال کان ٻاهر تائين ماڻهو بيٺا هئا پر ڪنھن به قسم جي بدنظمي پيدا نه ٿي ۽ ماڻهن نهايت صبر ۽ تحمل سان اياز ۽ سندس گيتن کي ٻڌو. سنگت پاران ٻيو پروگرام رمپا پلازه جي اداره امن و انصاف جي هال ۾ سراج جي ناول مرڻ مون سين آ تي ڪرايل ورڪشاپ هو. ان وقت سنگت جو سيڪريٽري آئون هوس. ان جي صدارت اياز کان ڪرائي ويئي هئي جڏهين ته خاص مهمانن ۾ سراج کانسواء ان وقت سنڌ سنگت جو سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز هو.
سنگت جي روايتن موجب سراج جي ناول تي سير حاصل بحث ٿيو ۽ گھڻن مضمونن ۾ ان ڳالھه تي زور ڏنو ويو هو ته ناول ۾ جيڪي ڪردار آهن اهي حقيقي زندگي کان وڌيڪ ماورائي ٿا لڳن. پر اياز ان خيال جو هو ته غير معمولي حالتون غيرمعمولي ڪردارن کي جنم ڏينديون آهن ۽ ان ناول ۾ جيڪي ڪردار آهن اهي سنڌ جي تاريخ جي انھن غير معمولي حالتن جي ئي پيداوار آهن.
سنگت ان ڳالھه تي ويچارڻ شروع ڪيو هو ته اياز جي حوالي سان اهڙو پروگرام ترتيب ڏجي جيڪو اياز جي شايان شان هجي ۽ پنھنجي ليکي هڪ مثال بڻجي وڃي. ان وقت سنگت جو سيڪريٽري شاه محمد پيرزادو هو پر پنھنجين پيشه ورانا مصروفيتن جي ڪري اسلام آباد ۾ هئڻ ڪري سنگت جا معاملا جان خاصخيلي، جيڪو ان وقت جوائنٽ سيڪريٽري هو، هلائيندو هو. ان سلسلي ۾ سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جون گڏجاڻيون خدا بخش ابڙو ۽ عطيه دائود جي رفيق سينٽر صدر جي فليٽ ۾ ٿينديون هيون. ائين چئجي ته وڌاء نه ٿيندو ته پروگرام جي انتظام ڪرڻ ۾ خدا بخش جو هڪ اهم ڪردار هو جنھن جي ڪري سنگت ان پروگرام لاء مالي وسيلن وغيره جو بندوبست ڪري سگھي. اهو پروگرام ايف ٽي سي جي آڊيٽوريم ۾ ڪيو ويو هو. اها شايد اياز جي ڇڪ هئي جنھن جي ڪري هرماڻهو انهي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ ٿي چاهيو. هونئن ادبي پروگرامن ۾ شرڪت لاء ماڻهن کي دعوتون ڏنيون وينديون آهن ۽ انھن کي باقاعدي ان لاء قائل ڪرڻو پوندو آهي. پر منهنجي ادبي زندگي جو اهو واحد پروگرام هو جنھن ۾ شرڪت لاء ڪارڊ ڏيکارڻ ضروري هو ۽ ماڻهن باقاعدي ان ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاء سفارشون ٿي ڪرايون. ان وقت ڪراچي ۾ ادبي ۽ سياسي حوالي سان جيڪي نالي وارا ماڻهو موجود هئا انھن مان گھڻن پنھنجي ليکي ان پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي. اياز تي مضمون پڙهندڙن ۾ فهميده رياض ۽ آئون شامل هئاسين.
اهڙي ريت اها ڳالھه ڪري سگھجي ٿي ته اياز سان ادبي ۽ نظرياتي حوالن سان پنهنجن اختلافن کي سامهون رکندي سنگت جي دوستن پاران سندس ادبي حيثيت کي تسليم ڪندي کيس اهو مان ۽ عزت ڏني ٿي ويئي جنھن جو هو حقدار هو. ڪراچي، جتي هن پنهنجن دوستن ۽ مخالفن جي جلهن ۽ تنقيد کان بچڻ لاء اچي پناه ورتي هئي سندس لاء نئين تخليقي جياپي ۽ اتساه جو سبب بڻجي ويئي جنھن ۾ ڪراچي سنگت ۽ ان جي دوستن جو هڪ اهم ڪردار هو.

رسول بخش پليجو: جيئن مون ڏٺو

رسول بخش پليجو تازو اٺاسي سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. هن سياسي ۽ ادبي حوالي سان هڪ ڀرپور زندگي گذاري. پنهنجي تقرير ۽ تحرير جي حوالي سان سندس هڪ ڌار سڃاڻپ آهي. خاص طور تي سندس سياسي زندگي گھڻن لاهن چاڙهن جو شڪار رهي. اهڙن ماڻهن جي زندگي رڳو سندن انفرادي زندگي ناهي هوندي جنھن جو سندن ذات ۽ وڌ ۾ وڌ سندن خاندان سان واسطو هجي. انھن جو ڪم سماج جي هڪ وڏي حصي کي سندن زندگي ۾ ۽ ان کانپوء به گھڻي عرصي تائين متاثر ڪندو رهندو آهي. ان ڪري اهو ضروري هوندو آهي ته انھن جي شخصيت ۽ ڪم جو ممڪن حد تائين جائزو وٺجي.
پليجو جي ادبي ڪم ڪهاڻين، شاعري ۽ تنقيد وغيره جي لحاظ کان سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست حلقن ۾ گھڻو اختلاف ناهي. سندس زندگي جو اهم موضوع سندس سياست آهي، جيڪا سندس زندگي جي پڇاڙي تائين متنازعه ۽ بحث جو موضوع رهي آهي. بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ ۽ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوء سنڌ ۾ ملڪي سطح جي سياست رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي جي حد تائين موجود هئي جڏهين ته قوم پرستن پاڪستان سطح جي سياست کان ڌار ٿي رڳو سنڌ سطح تي سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.
جي ايم سيد جي جيئي سنڌ محاذ،ِ پليجو جي سنڌي عوامي تحريڪ ۽ ٻين قوم پرست تنظيمن سان ان سلسلي جي شروعات ٿي. پليجي پنھنجي زندگي ۾ گھڻيون سياسي تنظيمون ۽ اتحاد ٺاهيا ۽ ٽوڙيا. سنڌي عوامي تحريڪ، جيڪا سندس ٺاهيل پهرين سياسي جماعت هئي، هڪ لحاظ کان مون جهڙن ان وقت جي نوجوانن کي ان ڪري متاثر ڪيو ته ان ۾ طبقاتي ۽ قوم پرست سياست کي گڏي هلائڻ جي ڳاله ڪئي ويئي هئي. پارٽي جو رسالو تحريڪ ان سوچ جو ترجمان هو. ان رسالي ۾ ڇپجندڙ ايڊيٽوريل ۽ مضمونن کي پوءِ ترتيب ڏيئي مختلف ڪتابن جهڙوڪ صبوح ٿيندو، دراڙن جا ڌڪ ۽ واٽون ويهه ٿيون وغيره جي صورت ۾ ڇاپيو ويو. انھن ڪتابن ۾ نظرياتي مواد جي ڀيٽ ۾ ٻين جماعتن ۽ اڳواڻن تي تنقيد اهم موضوع آهن. ان تنقيد جا اهم موضوع جي ايم سيد، سندس سياست ۽ سندس جماعت جيئي سنڌ محاذ ۽ سويت يونين ڏانھن لاڙو رکندڙ ڪميونسٽ پارٽي هوندا هئا جنھن تي خاص طور تي مهاجرن جي قبضي جي حوالي سان تنقيد ٿيل هوندي هئي.
ان وقت ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ جا ڪجھ دوست ڪم ڪندا هئا، جن ۾ اهم ڊاڪٽر فيروز احمد، رحيم بخش آزاد، قمر جماڻي، عيسيٰ بلوچ، امام بخش، سوز سمون ۽ عزيز بلوچ وغيره هئا. آئون سمجھان ٿو ته شايد منھنجو پارٽي سان پهريون رابطو قمر جماڻي جي حوالي سان ٿيو جيڪو منھنجي وڏي ڀاء جو دوست هو ۽ سندس اسان جي گھر ۾ اچڻ وڃڻ به هو. ان کانپوء ٻين دوستن سان رابطو ٿيو جنھن ۾ آزاد بلوچ سان وڌيڪ ويجھڙائپ ٿي ۽ هو ئي منھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو ذريعو ٿيو. منھنجي سياسي مضمونن جي تحريڪ ۾ ڇپجڻ جي شروعات ٿي ۽ 1977 ۾ ڀٽو حڪومت خلاف پي اين اي جي تحريڪ جي پسمنظر ۾ لياري جي سياسي صورتحال جي حوالي سان پهريون مضمون شائع ٿيو.
هڪ نوجوان ۽ نئين سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ مون وٽ رڳو آدرش هئا. سياست جي ورن وڪڙن، پيچيدگين ۽ اهو ته پارٽي اندر مختلف اڳواڻن جي وچ ۾ ڇا ٿي رهيو هو ۽ ڪهڙا بحث هلي رهيا هئا ان جي مون کي گھڻي ڄاڻ نھ هئي ۽ نھ ئي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن اهو مناسب ڄاتو ٿي ته هڪ جونيئر ڪارڪن جي حيثيت ۾ مون کي ان سڀڪجھ ۾ شامل ڪيو وڃي. منھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به پارٽي ۾ ٽوڙ ڦوڙ جو عمل جاري هو. پارٽي جنھن شاگرد تنظيم کي ٺاهڻ جي عمل ۾ هئي ان جو مجوزه اڳواڻ مولا بخش کوسو پنھنجي ساٿين ۽ ان نئين تنظيمي ڍانچي سان گڏ پارٽي کان ڌار ٿي ويو هو ۽ پارٽي کي نئين سر سنڌي شاگرد تحريڪ جي نالي سان نئين تنظيم جي جوڙجڪ ڪرڻي پيئي هئي. منھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي ڪجھ ئي عرصي کانپوء ڊاڪٽر فيروز، آزاد بلوچ ۽ ڪراچي جي ٻين گھڻن ساٿين جي پارٽي کان ڌار ٿيڻ جي خبر منھنجي لاء ڪنھن جذباتي صدمي کان گھٽ نه هئي. ڌار ٿيندڙ دوستن ان سلسلي ۾ جيئن ته مون سان ڪو رابطو نه ڪيو هو ۽ نه مون کي پنھنجو موقف ٻڌايو هو ان ڪري آئون نھ رڳو اڃا تائين پارٽي ۾ هوس پر منھنجي اهميت رات وچ ۾ وڌي ويئي هئي. حمزو پليجو، جيڪو پوء ٺيڪيدار ۽ سينيٽر به ٿيو، ان وقت پي اين ايس سي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ شاهراه فيصل تي ڇوٽا گيٽ وٽ ٽيليگراف جي ڪالوني ۾ رهندو هو. اٽڪل روزانو آئون آفيس مان سڌو حمزي جي آفيس ويندو هوس ۽ پوء اتان ٻيئي پارٽي جي مخلتف ڪمن جي حوالي سان شهر جي مختلف علائقن ڏانھن نڪري ويندا هئاسين. هڪ ڏينھن شام جو حمزو منھنجي نوآباد واري گھر اهو نياپو کڻي آيو ته ساٿي پليجو صاحب سڀاڻي اوهان سان طارق روڊ تي ڪيفي لبرٽي ۾ ملڻ چاهي ٿو. مون پنھنجي لاء ان کي هڪ اعزاز سمجھيو ته پارٽي جو اڳواڻ جيڪو منھنجي لاء هڪ آدرش جي حيثيت رکندو هو ان مون کي ملاقات جو شرف بخشيو هو.
خير آئون مقرر وقت تي ڪيفي لبرٽي پهچي ويس. اتي پليجو ۽ مزدور اڳواڻ اڪرم ڌاريجو موجود هئا. مون کي اٿندي پليجي اهو اطلاع ڏنو ته ساٿي اوهان کي پارٽي پاران مرڪزي ڪاميٽي جو رڪن مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اوهان جي لاء اهو خط ڏنو ويو آهي. پر اهو خط هجي ها ته ملي ها. هيڏانھن هوڏانھن کيسن وغيره ۾ هٿ هڻڻ کانپوء مون کي چيائين ته ساٿي اهو خط ڪٿي رهجي ويو آهي، بھرحال ڪا ڳالهه ناهي آئون اوهان کي اهو هينئر لکي ٿو ڏيان. هوٽل جي ڪائونٽر تان هن هڪ پنو ورتو ۽ پوء ان ۾ ڪراچي ۾ پارٽي مان ڌار ٿيندڙن کي مخاطب ٿيندي لکيائين ته رئوف کي پارٽي پاران اها ذميواري ڏني ويئي آهي ته اوهان سان ملي اهو معلوم ڪري ته اوهان جو پارٽي سان ڪهڙو تعلق هوندو. ان جي رپورٽ مون کي ڪجھ وقت کانپوء حيدرآباد ۾ ٿيندڙ مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻي هئي. بهرحال آئون ان سلسلي ۾ آزاد بلوچ ۽ ٻين لاڳاپيل دوستن سان مليس. پر انھن پارٽي يا ان جي اڳواڻ سان اختلافن متعلق مون سان ڪابه ڳالھه نه ڪئي. آزاد مون کي ايترو چيو ته هونئن منھنجي گھر جا در تنھنجي لاء کليل آهن پر هاڻي پارٽي سان منھنجو ڪوبه واسطو ناهي ۽ نه ئي ان سلسلي ۾ آئون توسان ڪجھ ڳالهائڻ چاهيان ٿو. ان سڄي معاملي جي رپورٽ تيار ڪري آئون حيدرآباد ۾ ٿيندڙ مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ کڻي ويس. ان وقت پارٽي جا اجلاس پليجي جي لطيف آباد واري گھر ۾ ٿيندا هئا. اهو گھر اڌ ٺهيل هوندو هو ۽ ان جي در بند هئڻ سان به پارٽي ڪارڪنن تي ڪو فرق نه پوندو هو.
ڇاڪاڻ ته انھن کي اها اجازت هوندي هئي ته اهي ديوار ٽپي گھر ۾ داخل ٿي سگھندا هئا. هتي مون کي هڪ ٻي حيرت کي منھن ڏيڻو پيو. مون اهو سمجھيو هو ته جيئن ته آئون ان سڄي معاملي ۾ شامل رهيو هوس ۽ رپورٽ به منھنجي ئي تيار ٿيل هئي ان ڪري مون کي اهو موقعو ڏنو ويندو ته آئون ان رپورٽ کي پيش ڪيان. پر ان جي اڳ ۾ ئي پيش بندي ڪئي ويئي هئي. گڏجاڻي شروع ٿيڻ کان اڳ پليجي مون کان حال احوال ورتا ۽ رپورٽ مون کان وٺي ڇڏيائين. مون اهو سمجھيو ته هو پاڻ اها رپورٽ پيش ڪندو. پر ائين به نه ٿيو. هن ان مان رڳو هڪ يا ٻه جملا پڙهي اتي موجود همراهن کي آگاه ڪيو ته ڪراچي جا اهي دوست هاڻي پارٽي ۾ رهڻ نه ٿا چاهين. ان سڄي معاملي کي جنھن نموني ورتو ويو هو ۽ جنھن غير سنجيدگي سان ورتاء ڪيو ويو هو، منھنجي لاء ڏاڍو عجيب هو. بلڪل ائين پئي لڳو ته پارٽي جو اڳواڻ ڪنھن به ريت انھن ماڻهن مان پنھنجي جان آجي ڪرائڻ پئي چاهي.
لطيف آباد واري گھر ۾ مختلف گڏجاڻين ۾ وڃڻ ٿيندو هو. گڏجاڻين جو طريقه ڪار اهو هوندو هو ته گڏجاڻي شروع ٿيڻ جي ٿوري دير کانپوء پليجو پاڻ اٿي آرام ڪرڻ لاء هليو ويندو هو ۽ پوءِ ٻيا سڄي رات پيا بحث ڪندا هئا پر ان کي انجام تي پهچائڻ ۽ فيصلي ٻڌائڻ جو اختيار پوءِ به پليجي وٽ هوندو هو جيڪو آخري لمحن ۾ اچي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندو هو. اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي کانپوء صبوح جو ساجھر مهل پليجو کي ڪراچي لاء اسهڻو هو. مون کي به جيئن ته ڪراچي وڃڻو هو ان ڪري آئون به ساڻس گڏ اتان روانو ٿيس. واٽ تي پليجي مون کان پڇيو ته ڊاڪٽر فيروز سان ته ملاقات ٿيندي هوندي، هو ڇا پيو سوچي. منھنجي لاء اها حيران ڪندڙ ڳالھه هئي. منھنجي ڊاڪٽر فيروز سان سندس پارٽي ڇڏڻ کانپوء ڪابه ملاقات نه ٿي هئي. خير مون کيس اهو ٻڌايو ته منھنجو فيروز سان ڪو به رابطو ناهي، پر ساڳي وقت مون کي اهو احساس پڻ ٿيو ته پارٽي ۾ هئڻ جي باوجود مون تي شڪ ڪيو پيو وڃي.
بھرحال اهو سلسلو هلندو رهيو. پر ٿوري عرصي کان پوءِ پارٽي ۾ وري ٽوڙ ڦوڙ شروع ٿي ويئي ۽ هاري اڳواڻ شير خان لنڊ ۽ سندس ساٿي پارٽي کان ڌار ٿي ويا. ان موقعي تي پارٽي پاران انقلابي نظرئي سان هٿيار بند ٿيو جي عنوان سان هڪ ڪتابڙو ڇاپيو ويو ۽ حيدرآباد ۾ پارٽي ڪانفرنس گھرائي ويئي جنھن ۾ شير خان وغيره به شريڪ ٿيا. ان ڪتابچي ۾ لينن، مارڪس ۽ ٻين انقلابي اڳواڻن جي حوالي سان اختلاف ڪندڙن کي ننديو ويو هو. شيرخان ان جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي پليجي جي حوالي سان چيو ته ساٿي اسان کي لينن ۽ مارڪس جي واتان گاريون ڏنيون آهن ۽ اسان کي اهو گند سڏيو آهي جيڪو سياسي جماعتن سميت هر جيئري جيو مان خارج ٿيندو رهندو آهي. ان ڪتابچي ۾ مارڪس ۽ لينن جي حوالن متعلق ڊاڪٽر فيروز جو چوڻ هو ته اهي ذڪر ڪيل ڪتابن ۾ موجود ئي ناهن.
اهڙي ريت هڪ ٻيو گروپ پارٽي کان ڌار ٿي ويو. ان جو مک ڪارڻ مون کي اهو سمجھ ۾ آيو ته پارٽي اڳواڻ پنھنجي مرضي تحت پارٽي کي هلائڻ چاهي ٿو ۽ ڪنھن اختلاف رائي کي برداشت ڪرڻ لاء تيار ناهي. روز نوان اتحاد ۽ نيون جماعتون جيڪي گھڻي ڀاڱي هڪٻئي کان ابتڙ ۽ پارٽي جي بنيادي نظرين ۽ اصولن سان به ٽڪراء ۾ هونديون هيون. ڪڏهين پاڪستان عوامي تحريڪ ته ڪڏهين سنڌي عوامي تحريڪ ته ڪڏهين رڳو عوامي تحريڪ. ڪارڪن هڪ مونجھاري جو شڪار هئا. هڪ ڳاله اها سامهون آئي ته پنھنجن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ ڪميونسٽن کي جيڪو گھٽ وڌ ڳالهايو ويندو هو اهو بنيادي طور ڪميونسٽ پارٽي ۾ چين روس اختلافن جي ڪري ٿيل ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري هو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي نقوي، نازشي، سازشي سنڌ دشمن ٽولي کي ننديو ٿي ويو ته ٻئي پاسي ڪراچي ۽ پنجاب جي چين نواز گروهن ۽ فردن جهڙوڪ علي ياور جي نوجوان محاذ، پنجاب جي امتياز عالم ۽ پختون خواه جي شير علي باچا وغيره سان روز پاڪستان سطح تي نوان اتحاد ۽ نيون جماعتون جوڙيون ٿي ويون.
آئون ڪراچي ۾ پارٽي جي سرگرمين ۽ ٻين جماعتن سان رابطي جي سلسلي ۾ اهم ذريعو هئس. نوجوان محاذ جي دوستن ۽ مختلف ٻين سياسي ڪارڪنن ۽ پورهيت تنظيمن سان پارٽي جي نمائندي جي حيثيت ۾ رابطي ۾ هوندو هوس. مختلف موقعن تي پمفليٽ وغيره ڇاپڻ ۽ ورهائڻ کانسواء صحافين جي تحريڪ ۾ پارٽي پاران جيڪي ڪارڪن گرفتارين لاء ڪراچي ايندا هئا انھن کي لياري ۾ رهائڻ ۽ گرفتاري واري جاء تائين وٺي وڃڻ جي ذميواري اسان جي هوندي هئي. بهرحال پارٽي ۾ تنظيمي طور جيڪو مونجھارو ۽ ڀڃ ڊاه جو عمل هو ان هڪ لحاظ کان ذهني طور ٿڪائي ۽ بيزار ڪري ڇڏيو هو ۽ ساڳي وقت اڳواڻن جي حوالي سان اهو اتساه ۽ اعتماد به نھ رهيو هو جيڪو پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وقت هو. ان دوران عزيز ڪنجھرائي ۽ ڪجھ ٻين دوستن جو گروپ پارٽي کان ڌار ٿيو ۽ آئون به انھن ۾ شامل هوس.
اهڙي ريت تنظيمي طور تي ته آئون عوامي تحريڪ کان ڌار ٿي ويس، پر مختلف ادبي ۽ سياسي پروگرامن وغيره ۾ پليجي سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي. گلشن حديد جي هڪ بنگلي ۾ عوامي تحريڪ پنھنجي لائبريري ۽ دفتر قائم ڪيوهو جتي پليجو به ڪڏهين ڪڏهين اچي رهندو هو. هڪ ڀيري مظهر اڄڻ، جيڪو هڪ ڊگھو عرصو عوامي تحريڪ سان رهڻ کانپوء ان کان ڌار ٿي ويو، گلشن حديد ۾ رهندو هو مون کي پليجي سان ملاقات لاء وٺي ويو. اتي سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي. مون کانئس هڪ سوال پڇيو هو ته اوهان ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ٿا ڪيو پر اوهان ساڳي وقت باشا ديم جي ٺهڻ جي حمائت ٿا ڪيو ته سندس چوڻ هو ته ان ڪري ته باشا ڊيم پاڻي ذخيري ڪرڻ جو نھ پر بجلي پيدا ڪرڻ جي رٿا آهي. پوء اهو موقف پاڻ مونجھارن جو شڪار ٿي ويو. ان دوران ئي عوامي تحريڪ پاران مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام رکيا ويا. مون کي چيو ويو ته اوهان پاڪستان جي معيشت تي ليڪچر ڏيو. اهو پروگرام قاسم آباد جي ڪنھن گھر ۾ ٿيو هو. ان ليڪچر ۾ به پليجو موجود هو ۽ خوشگوار انداز ۾ ڳاله ٻوله ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
رسول بخش پليجو جي شخصيت جي ٻين گھڻين ڳالهين سان گڏ هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻ واري حيثيت به نھايت اهم آهي جنھن اٽڪل اڌ صدي کان وڌيڪ جي عرصي ۾ سنڌ جي سياسي منظرنامي ۽ هزارين سياسي ڪارڪنن کي متاثر ڪيو آهي. اهو ضروري آهي ته رومانوي ۽ جذباتي پاسي کان پاسيرو ٿي سندس ان پاسي جو پنھنجي ليکي جائزو وٺجي.
ٿورو عرصو ساڻس رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ دوران مون اهو نتيجو ڪڍيو ته تنظيم سازي اوستائين ئي پليجي جي مزاج مطابق هوندي هئي جيستائين اها سندس شخصيت ۽ اختيار کي چئلنج نھ ڪري. پارٽي ۾ مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف مهم جو مقصد ئي اهو هوندو هو ته ڪنھن جو به قد پارٽي اڳواڻ کان اوچو نه ٿئي ۽ هو سندس لاء مسئلا پيدا نه ڪري. ساڳي وقت ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ جي به ضرورت آهي ته هن پاڻ ۽ سندس جماعت سنڌ ۾ نسلي نفرتن ۽ تضاد کي وڌائڻ ۾ ڪيترو ڪردار ادا ڪيو آهي.

سفر اڳتي هلي ٿو

آئون پنهنجي لاءِ اهو چوڻ وڌيڪ مناسب سمجھان ٿو ته آئون پنهنجي ادبي ۽ سياسي سفر ۾ هڪ مختصر عرصي کي ڇڏي ڪنهن هڪ سياسي جماعت يا تنظيم جي بجائي مجموعي طور تي ترقي پسند تحريڪ جو حصو رهيو آهيان. ان سلسلي ۾ منهنجي لاء ادب ۽ سياست ڪي ڌار ۽ متضاد واٽون نه پر ساڳي منزل ڏانهن ويندڙ ۽ هڪٻئي کي اڳتي وڌائيندڙ رستا رهيا آهن. ان سڀ جو مقصد پنهنجي يا ٻئي ڪنهن جي شخصي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي بجائي اهو رهيو آهي ته ڪهڙي به ريت سفر جاري رهي، سماج ۾ جيڪي به ترقي پسند قوتون آهن انهن سان ناتو جوڙجي ۽ جمهوري قدرن کي ممڪن حد تائين فروغ ڏجي. ڇاڪاڻ ته رڳو سفرجو جاري رهڻ ئي گھڻين مثبت تبديلين جو باعث بڻجي ٿو ۽ ڪڏهين اهو ئي ماڻهو جي لاء منزل بڻجي وڃي ٿو.
سنگت جي حوالي سان هڪ ڌار تفصيلي مضمون ۾ آئون اڳ ۾ ئي پنهنجا ويچار ونڊي چڪو آهيان. هتي رڳو هڪ لاڙي جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو. سنگت ڪراچي جو آئون ٻه سال سڪريٽري ۽ ڪيترائي سال ڪاروباري ڪاميٽي جو رڪن رهيو آهيان. سنگت جي سرڪرده دوستن پاران خاص طور تي وجودي فلسفي سان واسطو رکندڙ دوستن جي سنگت ۾ اچڻ جي حوصلي شڪني ڪئي ويندي هئي. مون پنهنجي ليکي ان لاڙي کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سنگت جي دوستن کي ان ڳاله تي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنگت هڪ جمهوري ادارو آهي جنهن جو مقصد رائي جي آزادي کي اڳتي وڌائڻ آهي ۽ نه ان کي دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ. ان سلسلي ۾ دوستن جو خاص طور تي ممتاز مهر جي گڏجاڻين ۾ اچڻ تي اعتراض هوندو هو. پر مون شروع کان ئي ممتاز کي گڏجاڻين ۾ اچڻ لاء اتساهيو جيڪا ڳالھه گھڻن دوستن کي نه آئڙي ۽ انهن ان جو گڏجاڻين ۾ اظهار به ڪيو. پر سماج ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻين مٿان ٿاڦڻ ۽ سڀني کي پنهنجي رائي مطابق هلائڻ جو جيڪو لاڙو موجود آهي، اهو اٽڪل سڀني دوستن ۾ موجود هوندو هو ۽ ممتاز جو ردعمل به ان حوالي سان ساڳي نوعيت جو هوندو هو ۽ سندس خواهش هوندي هئي ته هر ڪو سندس رائي جي پوئواري ڪري. ان سان گڏوگڏ انهن ڪجھ سالن ۾ سنگت ڪراچي ادبي ۽ سماجي مسئلن جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو، جنهن جو حوالو اڃا تائين ڏنو ويندو آهي، ان ۾ دوستن سان گڏ شامل رهيس.
سنگت سان گڏوگڏ منهنجين سرگرمين جو دائرو شهر جي ٻين ادبي تنظيمن تائين به ڦهليل هوندو هو. انهن تنظيمن سان تعلق جو هڪ پاسو اهو به هو ته غير سنڌين ۽ سندن تنظيمن متعلق پنهنجي ليکي جيڪي تصور ۽ خيال قائم ڪيل هوندا هئا ۽ ساڻن ويجھڙائي جي باري ۾ جيڪو هڪ وسوسو ۽ ڊپ هوندو هو ان کي درست ڪري سگھبو هو ۽ اها خبر پوندي هئي ته پنهنجي ٻولي ۽ اٿ ويه جي لحاظ کان مختلف هوندي به اهي اسان جهڙا ئي ماڻهو آهن جن سان بلڪل ساڳي نموني اتفاق ۽ اختلاف ڪري سگھجي ٿو جيئن سنگت يا ٻي ڪنهن سنڌين جي تنظيم ۾ ٿئي ٿو.
انهن مان هڪ انجمن ترقي پسند مصنفين تي بندش پوڻ کانپوء ڊاڪٽر م ر حسان، شيخ اياز، گل خان نصير ۽ ملڪ جي ٻين ترقي پسند ليکڪن پاران قائم ڪيل عوامي ادبي انجمن هئي. ان سلسلي ۾ ان تنظيم جو پاڪستان ۾ ٻولين جي حوالي سان هڪ واضح موقف هو. ڊاڪٽر حسان پنهنجي هڪ مضمون ۾، جنهن جو شايد سنڌي ۾ به ترجمو ٿيل آهي، ملڪ جي سڀني ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ جي حق ۾ واضح دليل ڏنا آهن. پوء ترقي پسند تحريڪ ۾ جيڪي اختلاف ٿيا ۽ هر ڪنهن پنهنجي ڌار ڪني چاڙهي ان جي نتيجي ۾ اها تنظيم ڊاڪٽر حسان جي جماعت ڪميونسٽ ليگ جو ڄڻ هڪ کليل ادبي پليٽ فارم بڻجي ويئي. جنهن وقت آئون ان جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لڳس ان وقت ان جو سيڪريٽري نور محمد شيخ هو جيڪو پهرين حاجي عبدالله هارون اسڪول ۽ پوء هارون ڪاليج ۾ اڙدو جو استاد ۽ سنڌي ۽ اڙدو جو سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي. ڊاڪٽر حسان جيڪو پاڻ هارون ڪاليج جو پهريون وائس پرنسپل هو، سان نورمحمد شيخ جو ناتو هڪ استاد ۽ شاگرد وارو هو ۽ هو ان تعلق کي ڊاڪٽر حسان جي وفات تائين نڀائيندو رهيو بلڪ ائين چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته عوامي ادبي انجمن کي جيئرو رکي اڃا تائين ڄڻ ان کي نڀائيندو ٿو اچي.
سنگت جي گڏجاڻين جيان انهن گڏجاڻين جي خاصيت اها هوندي هئي ته انهن ۾ اهڙا ماڻهو به شامل ٿيندا هئا جن جو واسطو ڀلي شعر شاعري يا افساني جي دنيا سان نه هجي پر اهي ڪنهن نه ڪنهن ريت سياست، صحافت، ثقافت ۽ مزدور ۽ هاري تحريڪن وسيلي ترقي پسند تحريڪ جو حصو هوندا هئا ۽ ان ۾ پنهنجو حصو وجھندا هئا. انهن ماڻهن ۾ فصيح الدين سالار، لالا لعل بخش رند، رحيم بخش آزاد، بابر اياز، نجما بابر، بصير نويد، بابا غياث الدين ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ مختلف ٻولين جا اديب ۽ شاعر شامل ھوندا هئا.
مختلف ڪميونسٽ گروپن جا جيڪي اتحاد ٿيندا رهندا هئا ان سلسلي جي هڪ ڪڙي طور ڪميونسٽ ليگ جو عابد حسن منٽو جي پارٽي سان اتحاد ٿيو. ان پارٽي پاران جيڪي ليڪچر، سيمينار ۽ ٻيا مختلف پروگرام ٿيندا هئا انهن ۾ آئون شريڪ ٿيندو هوس. انجمن جي گڏجاڻين کانسواء خاص طور تي لالا لعل بخش رند، نورمحمد شيخ ۽ فصيح الدين سالار سان ويجھڙائي وڌي ويئي ۽ سندن گھرن يا ٻين مختلف هنڌن تي ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ به شريڪ ٿيڻ لڳس. ان جو مطلب نه ته سندن پارٽي جو حصو ٿيڻ هو ۽ نه ئي انهن مان ڪنهن مون کي اهڙي آڇ ڪئي.
ڪراچي جي مختلف ٻولين سان واسطو رکندڙ ترقي پسندن ۾ ان وقت اهو لاڙو مضبوط ٿي رهيو هو ته جيئن ته ترقي پسند سياست پنهنجي تنظيم ۽ نظرئي جي حوالي سان خاص طور تي پڙهيل لکيل ماڻهن کي گڏ رکڻ ۾ ڪامياب نه ويئي آهي ان ڪري دانشورانه سطح تي اهڙا غير سياسي پليٽ فارم ٺاهجن جيڪي ماڻهن کي گڏ رکي سگھن ۽ کين هڪ اتساه به مهيا ڪن. ساڳي وقت انهن کي پراڻي ۽ نئين ٽهي جي گڏجڻ جو ذريعو به ٺاهجي. ان سلسلي ۾ سنڌي ۽ اڙدو جي ڪجھ ليکڪن جن ۾ واحد بشير، ڊاڪٽر محمد علي صديقي، فقير محمد لاشاري، رئوف نظاماڻي، حسن عابد ۽ راحت سعيد وغيره شامل هئا اڙدو ۾ ارتقاء جي نالي سان هڪ ڪتابي سلسلي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان جي لاء فنڊز وغيره ذاتي ڪوششن وسيلي گڏ ڪبا هئا. اهو ته هڪ عام مشاهدو آهي ته مثبت نتيجن کي ماڻهو موٽ ڏيندا آهن ۽ ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا آهن. ساڳي ريت اهو معاملو جيئن اڳتي هليو تيئن ٻين گھڻن ان جي افاديت کي ڏسندي ان ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ گھڻن پاسن کان ان کي مالي ۽ اخلاقي مدد ملڻ کانسواء مختلف حلقن ۽ شخصيتن پاران مڃتا پڻ ملڻ لڳي. ان کي سنڌ سميت ملڪ جي اهم ليکڪن ۽ دانشورن جي اخلاقي ۽ لکڻين جي حوالي سان مدد حاصل هئي. شروع ۾ ان جون گڏجاڻيون شهر ۾ مختلف جاين تي ٿينديون هيون پر پوء باقاعدي احمد سينٽر گلشن اقبال ۾ ان جي لاء دفتر حاصل ڪيو ويو. انهن گڏجاڻين جي خاص ڳاله اها هوندي هئي ته اهي ٺيڪ مقرر وقت تي شروع ٿي وينديون هيون پوء ڀلي ان مهل ٻه ڄڻا ڇو نه ويٺل هجن. مقصد اهو هو ته دير سان ايندڙن جي سزا وقت سر پهچڻ وارن کي نه ملڻ گھرجي بلڪ دير سان ايندڙ ئي ان کي ڀوڳين. ان جو اثر اهو ٿيو ته ماڻهن ان ڳاله کي سمجھڻ شروع ڪيو ته دير سان اچڻ ۾ سندن پنهنجو نقصان آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي ريت اهي ڪاروائي جي گھڻي حصي کان محروم رهجي ٿي ويا ۽ گڏجاڻي مان جوڳو لاڀ حاصل نه پئي ڪري سگھيا. نتيجي ۾ انهن وقت سر اچڻ شروع ڪيو. ٻين تنظيمن پاران به جيڪڏهين ان ساڳئي اصول تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ گھڻن ماڻهن جو گھڻو وقت رڳو ڪجھ ماڻهن جي انتظار ڪرڻ ۾ زيان نه ٿئي ها. اهو سفر اڳتي هلندو رهيو ۽ هن وقت ان نالي سان ارتقاء انسٽيٽيوٽ آف سوشل سائنسز قائم ڪيو ويو آهي جيڪو باقاعدي طور تي ننڊي ۽ وڏي پئماني تي ليڪچر ۽ سيمينار وغيره ڪرائيندو رهي ٿو. اهو رضاڪارانه بنيادن تي هلندڙ ادارو آهي جنهن کي هلائيندڙن ۾ گھڻائي انهن ماڻهن جي آهي جن جو ترقي پسند سياست جو هڪ پسمنظر رهيو آهي.

اياز جاني

اياز جاني سان منهنجي واقفيت جو حوالو سنڌي ادبي سنگت آهي. سندس سنگت سان پراڻو واسطو رهيو. ڪراچي سنگت جڏهين رمپا پلازه ۾ گڏجاڻيون ڪندي هئي ته هو اتي به باقاعدي شريڪ ٿيندو هو. ساڳي وقت هو گلشن حديد جي سنگت ۾ پڻ سرگرم هو ۽ منهنجو جڏهين هتي ڪنهن پروگرام وغيره جي سلسلي ۾ اچڻ ٿيندو هو ته ملاقات ٿيندي هئي. ساڻس منهنجي گھڻي ويجھڙائي منهنجي گلشن حديد اچي رهڻ کان پوءِ ٿي.
جيستائين مون کي خبر آهي ته جاني جو ڪنهن به سياسي جماعت سان ڪو واسطو نه هو پرسندس سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان خاص لڳاء هوندو هو. هو خاص طور سنڌ جي معاملن تي پنهنجو هڪ موقف رکندو هو. اهو ضروري نه هوته سندس دوست ان سان متفق به هجن. هو ان سلسلي ۾ جذباتي نه ٿيندو هو ۽ دليلن سان پنهنجي موقف جي وضاحت ۽ بچاءُ ڪندو هو.
جاني پي ٽي سي ايل ۾ ملازم هو. هو ڪراچي ۾ ئي گڏاپ، رزاق آباد ۽ پوء گلشن حديد ايڪسچينج ۾ رهيو. ان اداري جي نجڪاري ٿيڻ کانپوء ٻين گھڻن ملازمن وانگر هو به بيروزگار ٿي ويو هو. ان دوران هن ڪراچي يونيورسٽي مان سنڌي ۾ ماسٽرس وغيره به ڪئي. ڪجھ عرصو شاه لطيف چيئر ۾ ملازمت پڻ ڪيائين. پر ڪوشش جي باوجود کيس اتي ليڪچرر جي پوسٽ نه ملي سگھي. هو پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ليڪچرر چونڊجي ويو. سندس پوسٽنگ جيتوڻيڪ ڪراچي کان ٻاهر ٿي، پر سندس گھر ۽ ٻار گلشن حديد ۾ هوندا هئا ۽ هو اڪثر ڪري هتي ايندو رهندو هو.
هڪ ڀيري اسان ڪچهري پئي ڪئي ته ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو ذڪر نڪتو ته مون کيس ٻڌايو ته اتان جو استاد سائين عبدالرحمان چنا منهنجي ڏاڏي جي ناناڻن مان هو ۽ اڪثر اسان جي گھر ايندو رهندو هو. هو يونيورسٽي ۾ شڪور ۽ مون سان پنهنجن ٻارن جهڙو سلوڪ ڪندو هو. ان تي جاني ٻڌايو ته سائين گھٽ ڳالهائڻ ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو هو. هن اهو به ٻڌايو ته هو پاڻ به چنا آهن، جنهن ڳالهه جي مون کي اڳ ڄاڻ نه هئي. ڇاڪاڻ ته منهنجي دلچسپي دوستن جي شخصيت ۾ هوندي آهي ۽ آئون ڪنهن کان اهو نه پڇندو آهيان ته اوهان ڪير آهيو جيئن عام طوراسان وٽ رواج آهي.
بس ماڻهو هليا ويندا آهن درد اندر ۾ رهجي ويندو آهي. جاني به اهڙو ئي ماڻهو هو جنهن کي جڏهين ياد ڪندو آهيان ته اندر ۾ هڪ ڏک محسوس ٿيندو آهي.

جاويد ڀٽو

جاويد ڀٽو جو قتل سندس سڀني ويجھن دوستن ۽ مائٽن لاء هڪ صدمي جو باعث هو ۽ آئون پاڻ کي به انهن ماڻهن ۾ شامل سمجھان ٿو. آئون فوري طور ان تي ڪو ردعمل نه ڏيئي سگھيس. ڇاڪاڻ ته مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته اهو ڇا ٿي ويو هو ۽ ٻيو ته مون پنهنجي ذهن کي ڦلوريو پئي ته جاويد سان منهنجيون ڪهڙيون يادگيريون ۽ ذاتي تعلق رهيا آهن جن جي بنياد تي آئون سندس متعلق ڪجھ لکان.
گھڻو ڪجھ منهنجي ذهن ۾ نه پئي آيو. شايد ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ ڪجھ دوستن جي حوالي سان ساڻس ڪجھ ملاقاتون ٿيون هيون. ان جو ڪارڻ مون کي سمجھ ۾ اهو ٿو اچي ته اسان جي گھڻي ويجھي نه هئڻ جو ڪارڻ وقت هو. ڪراچي يونيورسٽي ۾ 1978 منهنجو آخري سال هو جڏهين ته آئون سمجھان ٿو ته جاويد، انعام، الطاف بيدار ۽ شوڪت ڪيهر وغيره جو گروپ ان کانپوءِ يونيورسٽي ۾ آيو هو.
ساڳي ريت عوامي تحريڪ سان تعلق جي حوالي سان سعود آباد ملير ۾ سندن گھر وڃڻ ٿيندو هو، جتي جاويد جي ڀاء شاهد ڀٽو سان ملاقات ٿيندي هئي ۽ اسان دوست ويهي سندس راڳ ٻڌندا هئاسين. جاويد اتي گھٽ ئي هوندو هو. شاهد ڪجھ عرصو گلشن حديد ۾ به رهيو ۽ پوء هڪ ٻه ڀيرا ڪنهن ڪم سانگي منهنجي آفيس به آيو. ساڳي ريت جيستائين ڪميونسٽ پارٽي سان واسطي جو سوال آهي ته منهنجو پارٽي اڳواڻن ۽ گھڻن ڪارڪنن سان ويجھو تعلق رهيو جنهن جي ڪري گھڻن ماڻهن جو اهو خيال هو ته آئون پارٽي سان لاڳاپيل آهيان پر حقيقت ۾ تنظيمي طور منهنجو پارٽي سان ڪو تعلق نه هو ۽ اهڙي ريت ان حوالي سان جاويد سان تعلق ۽ ملاقاتن جو جيڪو بهانو ٿي سگھيو ٿي اهو به نه هو. ان جو هڪ خاص ڪارڻ اهو به هو ته هو هتان ڪراچي مان گھڻو عرصو اڳ هليو ويو هو. ڪافي عرصو سنڌ يونيورسٽي ۽ پوء آمريڪا هليو وڃڻ جي ڪري ساڻس ملاقاتن جا امڪان اڃا گھٽجي ويا هئا ۽ جڏهين هو پاڪستان ايندو هو ته دوستن وسيلي سندس حال احوال ملندو رهندو هو. رڳو ڪجھ عرصو اڳ ئي فيس بڪ تي ساڻس تعلق قائم ٿيو پر سندس قتل ان تعلق کي وڌيڪ هلڻ نه ڏنو.
مون کي سندس زندگي متعلق گھڻي ڄاڻ ناهي ۽ نه مون ساڻس ڪي علمي، سياسي ۽ فلسفي وغيره متعلق بحث ڪيا هئا. مون اهو پئي سوچيو ته انعام، جامي ۽ امر سنڌو جهڙا جيڪي دوست سندس ويجھو رهيا آهن انهن جي سندس متعلق لکڻين سان آئون پنهنجي رهجي ويل خال کي ڀري سگھندس. پر ائين نه ٿي سگھيو آهي ۽ آئون اڃا گھڻو ڪجھ ڄاڻڻ جي ضرورت محسوس ڪيان ٿو. ساڳي وقت سندس ڪي ڇپيل لکڻيون به ناهن جنهن مان سندس علمي ۽ فلسفي متعلق ڄاڻ جي خبر پئجي سگھي. جيستائين سندس ڪچهرين ۽ ليڪچرن وغيره جو سوال آهي ته آيا انهن جو ريڪارڊ موجود آهي ۽ جيڪڏهين موجود آهي ته انهن کي سهيڙيندو ڪير. سقراط وٽ ته افلاطون جهڙو شاگرد موجود هو جنهن پنهنجي استاد جي ڏاهپ ۽ همت کي جڳ سان متعارف ڪرايو. جيڪڏهين جاويد جو ڪو اهڙو شاگرد موجود آهي ته پوءِ هو يقينن گمنامي جو شڪار نه ٿيندو.

هو عجيب شخص هو

مون کي ياد ٿو پئي ته ان وقت آئون شايد ٻارنهن يا تيرنهن سالن جو هوندس ۽ پنجين يا ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هوس. اسان هڪ گڏيل خاندان جي طور پنهنجي ڏاڏي ۽ چاچن وغيره سان گڏ هڪ گھر ۾ رهندا هئاسين. ان وقت اوچتو مون ڏٺو ته هڪ مناسب قد ڪاٺ ۽ سٺو لباس پهريل هڪ شخص، جنهن کي مون اڳ نه ڏٺو هو ۽ نه ئي آئون کيس سڃاڻندو هوس، اسان جي گھر ۾ امان سان ملڻ لاء اچڻ لڳو هو. امان کيس پنهنجي ڪمري ۾ ويهاريندي هئي ۽ ساڻس هڪ خاص ورتاء ڪندي هئي. ڪلاڪن تائين اهي ٻيئي هڪٻئي سان ڳالهين ۾ مصروف هوندا هئا. ان ماڻهو جي اچڻ تي نه منهنجي بابا کي ۽ نه ئي گھر جي ڪنهن ٻئي ڀاتي کي ڪو اعتراض هوندو هو. مون کي اهو تجسس هوندو هو ته اهو شخص نيٺ ڪير آهي جنهن کي سڀ گھر وارا عزت ڏين ٿا ۽ جنهن جي اچڻ تي امان جي خوشي سندس منهن مان پيئي بکندي آهي. هڪ ڏينهن نيٺ مون امان کان ان شخص متعلق معلوم ڪيو. امان ٻڌايو ته هي سندس وڏو ڀاء هو جيڪو گھڻو عرصو اڳ گھر جي ماحول جي ڪري گھر ڇڏي هليو ويو هو ۽ پوء گھڻي ڳولا کانپوء به سندس ڪو ڏس پتو نه پيو هو. امان ان ڀاء کانپوء پنهنجن ٻين سڀني ڀائر ڀينرن کان وڏي هئي پر سندس ان ڀاء سان خاص لڳاء ۽ انس هوندو هو ۽ هو به اهڙي ريت سندس خيال رکندو هو. امان جي ۽ سندس عمر ۾ اٽڪل سترنهن ارڙنهن سالن جو فرق هو. منهنجي ان ماما جو نالو محمد حسن هو.
منهنجي ناني جو واسطو حب بلوچستان ڏانهن ويندي لڪي جي علائقي ۾ رهندڙ بروهين سان هو. هو منهنجي نانا جي ٽين زال هئي جڏهين ته مٿي ذڪر ڪيل ماما پهرين زال جو پٽ هو. ٻن زالن جي وفات کان پوء نانا اها ٽين شادي ڪئي هئي. جيتوڻيڪ سندس توجھ منهنجن ٻن وڏن ڀائرن ڏانهن گھڻو هوندو هو پرمون کي الاهي ڇو اهو شخص پنهنجي منفرد شخصيت ۽ هڪ پروقار سڀاء جي ڪري وڻڻ لڳو هو. مون امان کان ان متعلق وڌيڪ تفصيل وٺڻ شروع ڪيا پر ائين چئجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو ته امان پاڻ اسان کي ان متعلق ٻڌائڻ ۾ دلچسپي وٺندي هئي. سندس چوڻ هو ته منهنجي ماء حسن سان نه ٺهندي هئي. نانا جي ان ٽين شادي وقت هو جوان هو ۽ شايد پوليس ياِ ڪنهن ٻئي ڊپارٽمنٽ ۾ نوڪري به ڪندو هو. سندس ڪوشش هوندي هئي ته پنهنجي پي، ڏاڏي ۽ ٻين گھر وارن جي خدمت ڪندو رهي. هو خاص طور پنهنجين ڀينرن جو خيال رکندو هو ۽ ڪوشش ڪندو هو ته کين ڪو اهنج نه پهچي ۽ مٿن ڪي غير ضروري پابنديون نه مڙهجن. پر گھر جي ماحول جي ڪري هو وقت بوقت گھر مان غائب ٿي ويندو هو ۽ ڪجھ عرصي کانپوء موٽي ايندو هو. اهو سلسلو سندس ڏاڏي ۽ پي جي جيئري هئڻ تائين هلندو رهيو ۽ پوء هو جيئن ويو ته اٽڪل ارڙنهن سالن کانپوء ان وقت نظر آيو جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ مختلف ماڻهو اهو ذڪر ڪندا هئا ته اسان کيس فلاڻي هنڌ يا فلاڻي ماڻهو سان گڏ ڏٺو پر گھر جي ڪنهن فرد سان سندس ملاقات نه ٿي. ان جو ڪارڻ شايد اهو هجي ته پي ۽ ڏاڏي جي وفات کانپوء گھر جي ڪنهن ماڻهو جي سندس هئڻ ۽ نه هئڻ ۾ دلچسپي نه هئي. جڏهين ته امان ان وقت پنهنجن ٻين ڀائرن ۽ ڀينرن جي ذميواري ته کنئي هئي پر هڪ عورت هئڻ جي ناتي سندس لاء پنهنجي ڀاء جي ڳولا ڪرڻ شايد ممڪن نه هو.
گھر مان وڃڻ کانپوء هن شخص نه شادي ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ جاء تي ساننتيڪو ٿي رهيو. مختلف جاين تي گھمندو رهيو۽ بمبئي ۾ هڪ ڊگھو عرصو رهيو. مختلف قسم جي ماڻهن سان وقت گذاريائين. پنهنجن پوين ڏينهن ۾ هو ڪلاڪوٽ لياري ۾ ستار گبول جي چاچي گلو گبول، جيڪو سندس پراڻو دوست هو، جي گھر ۾ رهندو هو. سندس وفات به اوچتو ٿي. ٻنپهرن جي ماني کائي هو آرام ڪرڻ لاء ليٽيو ۽ پوء نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ ان ڏينهن هن شايد دال گوشت جو ٻوڙ کاڌو هو. ان ڪري گھڻي عرصي تائين امان خاص طور تي آچر تي اهو ٻوڙ نه رڌيندي هئي. امان ٻڌائيندي هئي ته ان گھر ۾ هڪ طوطو هوندو هو جيڪو ساڻس گھڻو هريل هوندو هو. ان ڳاله جي سچائي جي تصديق ته نه ٿي ڪري سگھجي پر زندگي ۾ گھڻيون ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جن کي عقل نه ٿو مڃي پر اهي واقع ٿينديون آهن. اتي گھر وارا اهو ٻڌائيندا هئا ته سندس وفات کانپوء طوطي ٻولڻ شروع ڪيو هو ته حسن هليو ويو ۽ آئون به جلدي هليو ويندس ۽ واقعي ڪجھ عرصي کانپوء اهو طوطو به مري ويو. سندس وفات تي آئون به امان سان گڏ اتي ويو هوس. اٽڪل پنجاه سالن جي عرصي گذرڻ کان پوء به مون کي اڃا اهو ياد آهي ته مون کي ماما جي گذاري وڃڻ جو انوقت ڪو ڏ ک محسوس نه پئي ٿيو بلڪ هڪ ٻار جي حيثيت ۾ هڪ لحاظ کان خوشي پئي محسوس ڪيم ته ان ڪري سڀاڻي اسڪول نه وڃڻو پوندو.
جيئن سندس زندگي هڪ تنازعو هئي تيئن سندس موت پڻ هڪ مسئلو بڻجي ويئي هئي. ڪراچي جي ٻين پراڻن سنڌين جيان اسان جي وڏن پڻ پنهنجن سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ هڪ تعلق رکڻ لاء سنڌي مومن جماعت جي نالي سان هڪ جماعت قائم ڪئي هئي. ان جماعت وٽ هڪ هال ۽ ميوه شاه ۾ قبرستان جي لاء هڪ ڪمپائونڊ آهي جتي اٽڪل سو سال اڳ ۽ ان وقت جون قبرون به آهن جڏهين ڪراچي ۾ پليگ جي وبا جي ڪري سوين ماڻهو مري ويا هئا. جماعت جي وڏن جو چوڻ هو ته جيئن ته هو جماعت جو رڪن نه هو ۽ سندس جماعت سان ڪو واسطو نه رهيو هو ان ڪري ان جي مڙه کي جماعت جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏيئي سگھجي. جڏهين ته سندس ڀائرن ۽ ٻين خاندان وارن جو چوڻ هو ته هو جيئري ته پنهنجن سان گڏ نه رهيو گھٽ ۾ گھٽ مرڻ کانپوء ته پنهنجن جي ويجھو هجي. سندس ڀائرن جو اصرار هو ته جيڪڏهين اجازت نه ٿي ملي ته اسان قبرستان جو دروازو ٽپي جنازو اندر کڻي وينداسين. پر بابا، جنهن کي اهي سڀيئي پنهنجو وڏو مڃيندا هئا ۽ سندس ڳاله رکندا هئا، کين ائين ڪرڻ ۽ ڪنهن جھيڙي ۾ پوڻ کان روڪيو. اهڙي ريت هو جماعت جي قبرستان کان ٻاهر ميوه شاه روڊ تي ئي دفن ٿيو. هو جيئري به پنهنجن کان ڌار هو ۽ مرڻ کان پوء به ڌار ئي رهيو.
اسان جڏهين ڪنهن ننڍي وڏي ڏينهن قبرستان ويندا هئاسين ته امان جي اسان کي خاص تاڪيد هوندي هئي ته ماما جي قبر تي گل رکڻ ۽ فاتحه پڙهڻ لاء ضرور وڃجو ۽ اهو اسان جو گھڻي عرصي تائين معمول هوندو هو. اها قبر جيڪا اڳ سڙڪ سان لڳ هوندي هئي آهستي آهستي قبرستان جي ڦهلجڻ جي ڪري پوئتي ڌڪبي ويئي ۽ هاڻي ان کي ڳولهڻ به ڏکيو آهي. هڪ ماڻهو جيڪو پنهنجي زندگي ۾ اڪيلو ۽ گمنام رهيو ۽ شايد اهو ئي سندس نصيب جو لکيو هو جو آخري عمر ۾ پنهنجي ڪوشش جي باوجود به زندگي کيس ايتري مهلت ئي نه ڏني جو هو پنهنجن سان گڏجي سگھي، ساڳي ريت پنهنجي مرڻ کان پوء به هو ڄڻ پنهنجن کان پري اڪيلو ۽ گمنام ئي رهيو. هو عجيب شخص هو.

هڪ دوست جي ياد

رحمان سان منهنجي واقفيت جا گھڻا حوالا آهن. اسان ٻيئي لياري جا ئي رهندڙ آهيون. جيتوڻيڪ هو مون کان جونيئر ۽ منهنجي ننڍي ڀاء جو ڪلاس فيلو هو پر اسان ساڳئي حاجي عبدالله هارون سيڪنڊري اسڪول جا شاگرد رهيا آهيون. سندس هڪ مامو محمد موسا منهنجو ڪلاس فيلو جڏهين ته ٻيو مامو ابراهيم لاسي، جيڪو پوءِ پوليس انسپيڪٽر ٿي اسڪول مان هليو ويو، منهنجو استاد هو. موسا هڪ خاموش طبيعت ماڻهو هوندو هو ءِ سندس وات مان گھٽ ئي ڪو اکر نڪرندو هو جڏهين ته سائين ابراهيم لاسي لٺ هٿ ۾ کنيو رعب داٻ سان اسڪول ۾ به پوليس انسپيڪٽر ٿيو پيو هلندو هو. پر اها لٺ شاگردن تي گھٽ ئي هلندي هئي. رحمان ننڍي هوندي ماء پي جي گذاري وڃڻ جي ڪري پنهنجي ڀيڻ سان گڏ پنهنجن مامن جي گھر ۾ ئي رهندو هو. سندس هڪ ٻه ٻيا ماما به ماستري جي پيشي سان لاڳاپيل هوندا هئا ءِ سندن ٻارن کي قابو ۾ رکڻ واري ان نفسيات کي گھر جي ننڍن ٻارن کي به سهڻو پوندو هو جيڪا ڳالھه محمد موسا ۽ رحمان جي خاموش ۽ دٻيل شخصيت کي ڏسندي چئي سگھجي پئي.
پر ان سڀ جي باوجود رحمان سان ان وقت منهنجي واقفيت نه هئي. جيتوڻيڪ هو شروع کان ئي سياسي لحاظ کان سرگرم هو پر اسان ٻنهي جا رستا الڳ الڳ هئا. هو ان وقت جيئي سنڌ جي ڪارڪنن سان واسطي ۾ هوندو هو جڏهين ته آئون عوامي تحريڪ جي دوستن سان هوندو هوس. هڪ پاسي محمد راهمون هوندو هو ته ٻئي پاسي قمر جماڻي. ٻنهي جو هدف خاص طور تي لياري جا سنڌي شاگرد هوندا هئا پر ساڳي وقت ٻنهي جي ڪوشش پنهنجي ڪم کي وڌائڻ جي بجائي ٻئي جي ڪم کي ڦٽائڻ ءِ باقي سنڌ جيان پنهنجي سورهيائي کي ثابت ڪرڻ هوندو هو. ان صورتحال ۾ ٻنهي پاسن جي ڪارڪنن جي ويجھي اچڻ جو ته سوال پيدا نه ٿي ٿيو پر ماڳيئي ذاتي دشمنيون، هڪٻئي تي الزام ءِ هڪ ٻئي جي پروگرامن کي ڦٽائڻ وغيره معمول بڻجي ويا هئا.
ان سڄي عرصي ۾ اسان پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ئي ڪم ڪري رهيا هئاسين ءِ رحمان سان منهنجي ڪا به واقفيت نه هئي. ساڻس واقفيت جا منهنجا ٻه ٽي حوالا آهن. انهن مان هڪ حوالو حيدرآباد مان ڪميونسٽ پارٽي جي امداد قاضي ءِ ٻين دوستن پاران نڪرندڙ سنڌي رسالو شعور هو جنهن ۾ آئون باقاعدگي سان لکندو هوس. ان حوالي سان رحمان اڪثر امداد قاضي سان گڏجي اسان جي ليمارڪيٽ واري گھر ايندو هو. ٻيو حوالو سنڌي ادبي سنگت ڪراچي هو جتي هفتيوار گڏجاڻين ۾ اسان جي اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. ٽيون اهم حوالو جان خاصخيلي هو.
جان سان سندس ڪيئن واقفيت ٿي ان متعلق مون کي گھڻي ڄاڻ ناهي، پر آئون سمجھان ٿو ته ماضي ۾ شايد ٻنهي ساڳي تنظيم ۾ ڪم ڪيو هو. جان سان سندس تعلق ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو ءِ آئون سمجھان ٿو ته سندس آخري وقت ۾ جڏهين ٻيئي ماريپور جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا دوستن مان جان ئي سندس گھڻو ويجھو هوندو هو. منهنجو سنگت جي حوالي سان جان سان واسطو هوندو هو ءِ ٻيو ته هو ان وقت لياري ۾ ئي رهندو هو. انهن ٻنهي ڄڻن جو هفتي ۾ گھڻو ڪري اڱاري يا اربع تي اسان جي گھر اچڻ جو معمول هوندو هو. گھر وارا ان روٽين کان ايترو مانوس ٿي ويا هئا جو انهن ڏينهن ۾ کين انهن جو انتظار رهندو هو ءِ جيڪڏهين ڪڏهين نه ايندا هئا ته بابا ءِ امان پڇندا هئا ته اڱارو اربع ڀلا هن هفتي ڇو نه آيا آهن. اسان جي ڪچهري عام سياسي ءِ ادبي موضوعن جي حوالي سان هوندي هئي. ان وقت رحمان شايد سياسي لحاظ کان ڪميونسٽ پارٽي سان گڏ هو. اهو شايد جو لفظ آئون ان ڪري استعمال ڪري رهيو آهيان ته جيئن ان وقت سياسي ڪارڪنن جو اهو طريقو هوندو هو ته اهي پنهنجن دوستن ءِ هم خيالن کي پنهنجي پارٽي جي موقف تي قائل ڪرڻ ءِ پنهنجي پاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا پر رحمان اهڙي ڪا به ڪوشش نه ڪئي ءِ نه ئي اهڙو ڪو ڏيک ڏنو ته سندس ڪنهن سياسي جماعت سان ڪو واسطو هو. پنهنجي مرضي سان آئون ساڻس گڏجي ڪن ماڻهن سان ملڻ يا ڪنهن گڏجاڻي ۾ هليو ويندو هوس.
پروفيسر جمال نقوي جي گھر اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي ۾ ڄام ساقي مون کي پاسيرو وٺي وڃي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني پر ان وقت منهنجي لاء گھڻو وقت گذري چڪو هو ءِ اهڙي ريت مون کيس انڪار ڪري ڇڏيو. اسان جي ڪچهري جو مقصد خيالن جي ڏي وٺ ءِ هڪٻئي کان سکڻ هوندو هو. جيڪڏهين کيس ڪنهن ڳاله سان اختلاف هوندو هو ته هو بجائي ڪاوڙ ڪرڻ يا رڙين ڪرڻ جي نهايت ڌيمي انداز ۾ دليلن سان پنهنجي ڳاله رکندو هو ءِ ان کي مڃڻ تي وڌيڪ زور نه ڏيندو هو.
منهنجا ڪجھ اهڙا دوست رهيا آهن جن جي حيثيت منهنجي گھر جي ڀاتي جي رهي آهي. انهن دوستن سان ماڻهو جو هڪ احساس جو ناتو ٿي ويندو آهي جيڪو ماڻهو جي شخصيت جو حصو بڻجي ويندو آهي. انهن دوستن ۾ رحمان به شامل هو. ساڻس هڪ محبت ءِ احترام جو رشتو هو. ائين به چئي سگھجي ٿو ته هو هڪ لحاظ کان منهنجي لکڻ جي ڪم ۾ پڻ مددگار هوندو هو. اڪثر مون کي ڪجھ مضمونن کي سندي مان اڙدو ءِ اڙدو مان سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ جي ضرورت پوندي هئي. هو پاڻ منهنجي اڌ چوڻ تي اهو ڪم ڪندو هو جڏهين ته ڪجھ مضمونن کي هو پنهنجي ليکي ئي ترجمو ڪري ڇڏيندو هو. جيتوڻيڪ دوستن کان سکڻ ءِ ڪتابن وغيره پڙهڻ جو کيس گھڻو شوق هوندو هو ءِ ساڳي وقت دوستن جي شين تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندو هو پر سندس ڪا پنهنجي لکڻي منهنجي نظر مان نه گذري.
منهنجي گلشن حديد اچڻ کان پوء ساڻس رابطو گھٽجي ويو هو. ان جو هڪ ڪارڻ رحمان جي صحت جا مسئلا به هئا جنهن جي ڪري هو گھڻي عرصي تائين گھر تائين ئي محدود رهيو ءِ سندس دوستن سان ملڻ ءِ ٻيون سرگرميون گھٽجي ويون هيون. صحت ۾ ڪجھ سڌاري اچڻ کان پوء هن پنهنجو معمول شروع ڪيو هو پر هڪ ڏينهن اسڪول مان موٽندي ويگن مان ڪرڻ جي ڪري کيس ڄنگھ ۾ ڌڪ لڳو يا پراڻا سور به جاڳي پيا، جن مان ھو آخر تائين جانبر نه ٿي سگهيو.

سوڀو گيانچنداڻي: ڪجھ يادگيريون

وڏي ماڻهو ٿيڻ لاءِ ضروري ناهي ته ان وٽ مال دولت هجي يا هو عالم اڪابر هجي ۽ سڀ کان وڏي ڳاله ته هو پاڻ پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجھندو هجي. بس هو ماڻهن جهڙو ماڻهو هجي ۽ ساڻس ملڻ جلڻ وارا ماڻهو کيس پاڻ کان ڌار نه پر پاڻ مان ئي سمجھندا هجن.
منهنجو پنهنجي ادبي ۽ سياسي زندگي جي سفر ۾ گھڻن ماڻهن سان واسطو پيو ۽ ملاقاتون ٿيون. ماڻهو جو اندازو هونئن ته پهرين ملاقات ۾ ئي ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهين پهرين نه ته ٻين يا ٽين ملاقات ۾ ضرور ٿي ويندو آهي. هر ماڻهو جو پنهنجو رنگ ۽ خوشبو هوندي آهي. انهن مان جنهن سان مزاج ٺهڪي ٿي آيو ان جي اڃا ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ جنهن سان نه ٿي ٺهڪيو ان سان پاسو ٿي ڪيو.
مون سوڀو گيانچنداڻي متعلق هڪ ڪميونسٽ ۽ ٽريڊ يونين سان ڪم ڪندڙ سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن طور گھڻو ڪجھ ٻڌو هو. هڪ لحاظ کان سندس حيثيت منهنجي لاءِ ڏندڪٿائي هئي. اڳتي هلي اهڙا موقعا آيا جو ان ماڻهو کي مون کي ويجھڙائي کان ڏسڻ ۽ ايستائين ته ڪچهرين ڪرڻ جو پڻ موقعو مليو. آئون اهو سوچيندو آهيان ته هو ماڻهو ائين ڇو هو ٻين وانگر ڇو نه هو جن پنهنجي ٺٺ ٺانگر، مال دولت ۽ سماجي حيثيت کي ٺاهڻ لاءِ سڀڪجھ ڪيو ٿي. اهو ٽيگور جي تربيت، شانتي نڪيتن ۾ ورتل تعليم ۽ تربيت ۽ ان سان گڏ ڪميونسٽ پارٽي ۽ خاص طور تي پورهيتن سان لاڳاپيل هئڻ جي ڪري به هو.
آئون سندس شخصيت کي ان لحاظ کان به ڏسندو آهيان ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هن سنڌ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ان ڳاله جي باوجود هو ته سندس گھڻا دوست ۽ پارٽي جا ڪامريڊ هڪ اشاري تي ۽ ٿوري دٻاء تي ئي پنهنجا ٽپڙ ويڙهي ڀارت لڏي ويا هئا. ان لاءِ مٿس هڪ پاسي حڪومت جو دٻاء هو ته ٻئي پاسي انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي به اهو فيصلو ڪري چڪي هئي ته پارٽي جا مسلم ميمبر ڀارت مان پاڪستان لڏي ويندا جڏهين ته پاڪستان مان هندو ميمبر ڀارت ايندا. سجاد ظهير ان حوالي سان ئي نئين ملڪ جي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ پاڪستان آيو هو. سندس ڌي نور ظهير چواڻي ته هن هتي پارٽي جي ميمبرن هنگل ۽ سوڀو گيانچنداڻي کي ڀارت لڏي وڃڻ لاءِ چيو هو. انهن مان هنگل ته سندس ڳاله مڃي لڏي ويو پر سوڀي هتي ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو. سندس ان فيصلي جي ڪري کيس جيل جون صعوبتون به سهڻيون پيون ۽ هڪ ڊگھي عرصي تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ نظربند به رهيو پر هو آخر تائين پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو. جيتوڻيڪ هو عملي سياست ۾ گھڻو سرگرم نه هو پر ملڪ ۾ چونڊن وسيلي هن هڪ ٻه ڀيرا ملڪ جي سياسي مک ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي. پر سندس لاءِ اهڙيون سڀ واٽون بند ڪيون ويون هيون. جيڪڏهين هو چاهي ها ته سندس لاءِ ملڪ جي هن ماحول ۾ مال ملڪيت ٺاهڻ ڪا وڏي ڳاله نه هئي. سندس وڏو سرمايو اهو هو ته هو سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن لاءِ پنهنجي حياتي جي آخر دم تائين هڪ اتساه بڻيل رهيو.
آئون سمجھان ٿو ته منهنجي شايد ساڻس پهرين ملاقات حيدرآباد ۾ ڊي ايس ايف پاران ڪرايل ڪنهن پروگرام ۾ ٿي هئي. اهڙو ماڻهو جيڪو ايڏو قدآور هوندي به نه رڳو مون جهڙي کانئس گھڻي جونيئر پر ان پروگرام ۾ موجود نوجوانن کي به اهو احساس نه پيو ڏياري ته سندس حيثيت ڪا کانئن مٿڀري هئي. پروگرام کانپوء جيئن ٿيندو آهي اتي موجود سڀني ڄڻن سان غير رسمي ڪچهري ۾ شامل ٿي وڃڻ ۽ فوٽو ڪڍائڻ وغيره به سندس هڪ يادگيري آهي.
ٻيو ڀيرو ساڻس عوامي آواز جي آفيس ۾ ملاقات ٿي هئي. اها آفيس اڃا نيو چالي وٽ نامڪو سينٽر ۾ هئي. انور پيرزادو ۽ سهيل سانگي وغيره به اتي ئي هوندا هئا. ان وقت اخبار پاران موجوده حالتن جي حوالي سان پينل بحث مباحثي جا پروگرام شروع ڪيا ويا.
ان جي پهرئين پروگرام ۾ سوڀو سان گڏ مون کي به شامل ڪيو ويو هو جڏهين ته اخبار پاران انور، سهيل ۽ امداد اوڍو وغيره هئا. ان پروگرام ۾ تفصيل سان ان موئن جي دڙي جي ماڻهو کي ان دور متعلق ٻڌڻ جو موقعو مليو جڏهين هو اڃا سرگرم هو. اها رپورٽ پوء تفصيلي طور تي اخبار ۾ پڻ شائع ٿي.
بينظير جي پهرين حڪومت جي اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ پنجابي ٻولي جي ليکڪ فخر زمان لاهور ۾ جمهوريت پسند ليکڪن جي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو هو. ان ڪانفرنس جي اهميت ان ڪري هئي ته ضياء جي مارشل لاءِ جي هڪ ڊگھي عرصي جي خاتمي کانپوء، جنهن ۾ اديبن ۽ ليکڪن سميت سماج جي انهن سڀني ماڻھن سختيون سٺيون هيون جن ان ظلم ۽ ڏاڍ جي دور جي مخالفت ڪئي ٿي. هڪ جمهوري دور شروع ٿيو هو جنهن مان ماڻهن کي گھڻيون اميدون هيون. ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنڌي ادبي سنگت کي پڻ دعوت ڏني ويئي هئي. ان جو سڄو انتظام ڪراچي سنگت، جنهن جو ان وقت سيڪريٽري فقير محمد لاشاري هو، جي ذمي هو. ان ڪانفرنس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ سنڌي اديبن کي ڪجھ موضوعن تي پيپرز پڻ پڙهڻا هئا. ان حوالي سان سنگت جي ان وقت جي مرڪزي قيادت سميت مختلف سنڌي اديبن سان رابطا ڪيا ويا. گھڻن جي آڏو پيپلز پارٽي جي ان ڪانفرنس جي ميزباني سندن لاءِ ان ۾ شرڪت لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويئي. گهڻن صاف انڪار ڪيو ۽ گھڻن واعدو ڪري آخري وقت ۾ معذرت ڪري ڇڏي. سنڌ جي هڪ وڏي ليکڪ کي جمهوريت ۽ ثقافت جي عنوان تي پيپر پڙهڻو هو پر هن واعدو ڪري پوء جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ سنگت پاران اها ذميواري مون کي ڏني ويئي.
سنڌي اديبن جي ان وفد ۾ سنگت ڪراچي جا نوجوان ليکڪ ۽ ڪارڪن شامل هئا، ڊاڪٽر آڪاش انصاري بدين مان آيو هو. پر ٻه سينيئر سنڌي اديب، ڊاڪٽر الله داد ٻوهيو ۽ سوڀو گيانچنداڻي ان وفد ۾ شامل هئا جيڪي ڄڻ ان سڄي وفد جي ساک بڻجي ويا هئا. انهن پاڻ ۾ ۽ نوجوان اديبن ۾ ڪنهن به نموني جو فرق نه رکيو، انهن سان گڏ ساڳين هوٽلن جي ڪمرن ۾ رهيا ۽ انهن سان گڏ ئي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيا.
سوڀي جي خاص ڳالھه اها هوندي هئي ته هو ٻولي وغيره جي بنياد تي سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪو فرق نه رکندو هو ۽ سندس اها ڪوشش هوندي هئي ته خاص طور تي سنڌي ۽ اڙدو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ جيتري ويجھڙائي هجي اوترو چڱو. آئون پاڻ ارتقا، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ عوامي ادبي انجمن وغيره ۾ گھڻي عرصي تائين سرگرم رهيو آهيان. انهن تنظيمن جو ڪم ترقي پسند سوچ کي اڳتي وڌائڻ ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ رهيو آهي. ان ڪم لاءِ انهن کي سينيئر سنڌي اديبن ۾ سوڀو سڀ کان مناسب لڳو. ان ڪري اهو ڄڻ سندن مهمان نه پر هڪ لحاظ کان سندن ميمبر بڻجي ويو هو. انهن تنظيمن جي گھڻن پروگرامن ۾ سوڀي جي شرڪت هوندي هئي. سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو رهيو ته هو جيسين به جيئرو رهيو خاص طور تي سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ اتساه بڻيل رهيو.

ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڄام ساقي سان ڪجھ ملاقاتون

ان ڳالهه جي باوجود ته منهنجين لکڻيون، تجزيا، واسطا ۽ ڳالهه ٻولهه وغيره جو واسطو عام طور تي کاٻي ڌر جي حوالي سان هوندو هو ۽ منهنجا واسطا ۽ دوستيون نه رڳو کاٻي ڌر جي اٽڪل سڀني تنظيمن جي ڪارڪنن سان هونديون هيون پر آئون انهن جي مختلف پروگرامن وغيره ۾ شريڪ پڻ ٿيندو هوس. پر منهنجي لاء عام طور تي اهو تاثر ورتو ويندو آهي ته منهنجو تنظيمي طور ڪميونسٽ پارٽي سان تعلق رهيوآهي. ڪن موقعن تي جڏهين مون تي اهو انڪشاف ٿيندو آهي ته اها ڳالھه پاڻ مون کي حيران ڪري ڇڏيندي آهي پر ان سلسلي ۾ منهنجي وضاحت ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ لاء ڪافي ناهي هوندي. ان جا مختلف ڪارڻ ٿي سگھن ٿا. هڪ ته سنگت ڪراچي ۾ منهنجي ويجھڙائي گھڻو ڪري انهن ماڻهن سان هوندي هئي جيڪي ڪميونسٽ پارٽي سان ڪنهن ريت لاڳاپيل هوندا هئا. پر انهن سان تنظيمي لحاظ کان منهنجو ڪو رابطو نه هوندو هو. ٻي ڳالهه ته ان ذهني هم آهنگي جي ڪري پارٽي جي اڳواڻن پاران پنهنجن ڪارڪنن کي جن ليکڪن کي پنهنجو همدرد ۽ پنهنجي ويجھو سمجھيو ويندو هو ۽ انهن جي لکڻين کي پڙهڻ لاء چيو ويندو هو انهن ۾ منهنجو نالو به شامل هوندو هو. ساڳي ريت پارٽي ۽ پارٽي ڪارڪنن ڏانهن منهنجي همدردانه روئي جي ڪري اهي مون سان ڳالهائيندي ۽ مختلف معاملن تي بحث ڪندي ڪا ڏکيائي ۽ معاندانا رويو محسوس نه ڪندا هئا. ان حوالي سان ئي پارٽي جي کليل پليٽ فارمن جهڙوڪ ساٿي ٻارڙا سنگت ۽ ڊي ايس ايف وغيره پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ پنهنجن پروگرامن ۾ مون کي مدعو ڪيو ويندو هو.
ڏوڪري ۾ ٿيل ساٿي ٻارڙا سنگت جو اهڙو هڪ ڪنونشن مون کي ياد آهي جنهن ۾ استاد بخاري سان پهرين ۽ آخري ملاقات ٿي هئي. پروگرام جيتوڻيڪ شام جو هو پر استاد اسان ڪجھ دوستن جيان جيڪي ڪراچي مان صبوح ساڻ ئي اتي پهچي ويا هئا ڏينهن ۾ ئي اتي پهچي ويو هو. عام ڪارڪنن سان گڏ فرش تي ويهي ڪچهري ڪرڻ وارو اهو شخص اهو ڏيکاء نه پيو ڏئي ته هو سنڌ جو هڪ وڏو شاعر آهي ۽ سندس ڪا وڏي مڃتا آهي. شاعري کان وڌيڪ سندس شخصيت جو اهو تاثر منهنجي لاء وڌيڪ ديرپا آهي.
انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ خاص طور تي دادو ۽ لاڙڪاڻي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جو زور هوندو هو ۽ رات ته ٺهيو ماڻهو ڏينهن جو شهر ۾ به نڪرڻ ۾ ڪيٻائيندا هئا. ان صورتحال ۾ دوستن اهو پروگرام ٺاهيو ته پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ سائين علي اڪبر ڍڪڻ، جنهن سان اسٽيٽ بينڪ ۾ هئڻ جي ناتي هڪ تعلق هو، جي ڳوٺ جو چڪر هڻجي ۽ سندس گھر ڏسجي. سج لٿي جو ٽاڻو هو ۽ اهو رستو ڪچي مان ٿي گذريو ٿي. اسان جي پويان پروگرام جا منتظم پڻ پريشان هئا ته مهمان جيڪي سندن ذميواري هئا سي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا ۽ جيڪڏهين ساڻن ڪجھ ٿيو ته پڇاڻو کانئن ٿيندو. بھرحال اسان کي به صورتحال جي سنگيني جو اندازو ان وقت ٿيو جڏهين ڪچي ۾ داخل ٿياسين.ِ بھرحال جڏهين خير سان ڏوڪري ۾ جلسي گاه ۾ پهتاسين ته اسان ۽ جلسي جي منتظمين ٻنهي شڪر جو ڪلمو ڀريو.ان کان سواء خيرپور ۾ شاه لطيف يونيورسٽي ۾ ٿيل ڊي ايس ايف جي هڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿيس. ساڳي ريت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پارٽي سان همدردي رکندڙ سنگت جي مختلف شاخن پاران پڻ مختلف ادبي پروگرامن ۾ مدعو ڪيو ويندو هو.
پارٽي پاران سندن مختلف سنڌي ۽ اڙدو ۾ نڪرندڙ رسالن جهڙوڪ شعور ۽ روشن خيال وغيره لاء مختلف موضوعن تي مون کي مضمونن وغيره لکڻ لاء به چيو ويندو هو. ان سلسلي ۾ اهو ضروري نه هوندو هو ته هر معاملي تي پارٽي ۽ منهنجو موقف ساڳيو هجي. اختلاف تي ڳالهايو ويندو هو ۽ ڪڏهين ان تي سهمت ٿبو هو ۽ ڪڏهين نه ٿبو هو. پر اهو گھٽ ئي ٿيندو هو ته انهن مضمونن کي شائع نه ڪيو وڃي. اهو ان ڪري ئي ممڪن ٿي سگھيو هو ته ان وقت پارٽي پاڻ هڪ تبديلي جي مرحلي مان گذري رهي هئي. سوويت يونين گورباچيف جي گلاسنوست ۽ پريستروئيڪا تحت ٿيندڙ تبديلين مان گذري رهيو هو جنهن ۾ ان ڳاله کي مڃيو ويو هو ته سماج ۾ سچ جي رڳو هڪ ۽ قطعي صورت ناهي. اهو مختلف ماڻهن ۽ مختلف وقتن تي مختلف ٿي سگھي ٿو. انهن تبديلين تي بحث ڪرڻ سان گڏوگڏ پارٽي تي اهو به دٻاء هو ته اها سماج جي مختلف پرتن، جيڪي ساڻس مڪمل طور تي متفق ناهن پر سندس ويجھو آهن، سان اوپرائپ ختم ڪري پنهنجي تعلق کي مضبوط ڪري.
پارٽي جي اڳواڻن ڄام ساقي، نازش امروهي ۽ جمال نقوي وغيره سان گھڻو پوء منهنجي ملاقات ٿي. ڏٺو وڃي ته جنهن ماحول ۾ منهنجي سياسي تربيت ٿي هئي ۽ جيڪي تاثر مون پنهنجي ليکي سندن متعلق قائم ڪيا هئا اهي ٻن قسمن جا هئا. هڪ ته اهي ماڻهو سوشلزم ۽ طبقاتي سياست جي نالي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا دشمن ۽ سنڌ جو استحصال ڪرڻ چاهين ٿا جڏهين ته ٻيو تاثر سندن پراسرار شخصيت متعلق هو. اهڙا شخص جيڪي پنهنجن آدرشن جي ڪري روپوشي جي حالت ۾ رهن ٿا، سرڪار وٽ خطرناڪ سمجھيا وڃن ٿا، ٽارچر ڪئمپن ۾ بدترين ايذاءَ سهي به ٻڙڪ ٻاهر نه ٿا ڪڍن. جيڪڏهين ماڻهو ڪنهن ڳاله تي ڳنڍ ٻڌي نه ٿو بيهي ۽ پنهنجي ذهن کي کليل رکي ٿو ته لاڳيتو عمل ماڻهو جي خيالن ۽ نظرين ۾ پختگي يا تبديلي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ساڻس هزار سياسي ۽ ذاتي اختلافن هوندي به ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي هر سياسي ڪارڪن وٽ ڄام ساقي جي لاء سندس جدوجهد ۽ قربانين جي ڪري عزت ۽ احترام هوندو هو ۽ ساڻس ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي خواهش هوندي هئي. آئون سمجھان ٿو ته منهنجي جڏهين ساڻس پهرين ملاقات فيض سومرو جي پاڪستان ڪوارٽر واري گھر تي ٿي هئي تڏهين شايد هو روپوش نه هو ۽ ملڪ کان ٻاهر به هڪ اڌ چڪر هڻي چڪو هو. ساڻس جڏهين ان پرڏيه ياترا جو ذڪر نڪتو ته سندس چوڻ هو ته ڪامريڊ سهڻن گلن جي چوڌاري ڪنڊا به گھڻا هوندا آهن ۽ تڪليفن سان گڏ اهي آرام ۽ آسيس به ميسر ٿي وڃن ٿا. ان ملاقات ۾ ساڻس سياسي موضوعن تي ڪا خاص ڳالهه ٻولهه نه ٿي.
ڄام سان ٻي ملاقات حيدرآباد ۾ ڪنهن هوٽل ۾ جتي شايد ڊي ايس ايف جو ڪو پروگرام هو ۽ جنهن ۾ سوڀو گيان چنداڻي به شريڪ ٿيو هو اتي ٿي. شآم جو دير ٿي وڃڻ ڪري ڪراچي موٽڻ ڏکيو هو ان ڪري اها رات ڄام جي گھر ۾ سندس خاندان سان گڏ هڪ گھر ڀاتي وانگر رهيس. ڄام ملڪي سياست جو هڪ وڏو نالو هو ۽ آهي. پر سندس رويو عام ماڻهن ۽ سياسي ڪارڪنن سان روايتي سياسي اڳواڻن بجائي بلڪل هڪ عام ڪارڪن ۽ عام ماڻهو وارو هوندو هو. ان ۾ ڪا اهڙي وڏائي يا معتبرائپ نظر نه ايندي هئي جيڪا کاٻي ڌر ۽ قوم پرست تنظيمن جي گھڻن سياسي اڳواڻن ۾ پڻ نظر ايندي آهي. گھٽ ۾ گھٽ مون سندس ورتاء مان ائين ئي محسوس ڪيو. ممڪن آهي ته سندس پارٽي جي ڪارڪنن جو ان متعلق رايو مختلف هجي.
ان کان پوء ڄام سان مختلف موقعن تي ملاقاتون ٿينديون رهيون. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ٻن ملاقاتن جو ذڪر ڪرڻ آئون ضروري سمجھان ٿو. هڪ ڀيري ڪجھ دوستن سان گڏجي ناظم آباد ۾ پروفيسر جمال نقوي جي گھر، جتي آئون ٻه ٽي ڀيرا اڳ به وڃي چڪو هوس، ڪچهري جي خيال سان وڃڻ ٿيو. اتي ڄام اڳ ئي موجود هو. ساڻس عليڪ سليڪ ۽ ڪچهري ٿي. ڪجھ دير کانپوء هڪ پاسي وٺي وڃي مون کي چيائين ته ڪامريڊ پارٽي پاران مون کي چيو ويو آهي ته اوهان کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان. مون سندس ڳاله ڌيرج سان ٻڌي ۽ ۽ ڪنهن رد ڪد ۽ بحث مباحثي کانسواء نهايت آرام سان سڌي نموني کيس جواب ڏنو ته ڪامريڊ آئون پارٽي ۾ شامل ٿي نه ٿو سگھان. آئون سمجھان ٿو ته ان سان مون ڏانهن ڄام جي روئي ۾ ڪو فرق نه آيو. هو پوءِ به مون سان ساڳي نموني سان ملندو رهيو.
هڪ ٻيو موقعو جڏهين سنگت ڪراچي پاران فنانس ۽ ٽريڊ سينٽر جي آڊيٽوريم ۾ شيخ اياز سان وڏي پئماني تي هڪ پروگرام ڪيو ويو هو، جنهن جي سنگت جي حوالي سان خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ داخلا لاء به ڪارڊ ڏيکارڻ جو شرط هو. هن پروگرام ۾ ڄام به شريڪ هو. ان وقت ٿورائي ۽ گھڻائي جي حوالي سان پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو هئي، جنهن ۾ ڄام ۽ پروفيسر جمال نقوي وارا هڪ پاسي هئا ۽ مير ٿيٻو، امداد قاضي ۽ ٻيا گھڻا ٻئي پاسي هئا. ڄام شايد ان وقت پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هو. سوال اهو هو ته سوشلزم جي واٽ صحيح آهي يا آمريڪا جي تجويز ڪيل آزاد معيشت ۽ سرمايا دارانا جمهوريت جي واٽ وٺجي. ڄام جمال نقوي سان ان سلسلي ۾ گڏ هو ته آزاد معيشت ۽ سرمايادارانا جمهوريت واري واٽ صحيح آهي، جڏهين ته هو سڄي عمر جنهن سوشلزم جي وڪالت ڪندا رهيا، اها سندن زندگي جي وڏي غلطي هئي.
بھرحال ان پروگرام جو جڏهين تقريرن وارو سيشن پورو ٿيو ته وقفي ۾ ڄام سان ملاقات ٿي. مون کي چيائين ته ڪامريڊ اوهان سان ڳالهائڻو آهي. جيئن ته ان پروگرام جي انتظام ڪندڙن ۾ آئون شامل هوس ان ڪري مون کي اهو مناسب نه پئي لڳو ته رڳو اسٽيج تي ويهي ۽ تقرير ڪري آئون ٻيو سڄو ڪم ٻين دوستن جي حوالي ڪري هليو وڃان. ان ڪري مون کيس چيو ته ڪامريڊ هن وقت ته ٿوري مصروفيت آهي پاڻ پوءِ ويهي فرصت ۾ ڳالهائي سگھون ٿا. ممڪن آهي ته ڄام ان کي ٻئي طريقي سان سمجھيو هجي، بھرحال پوء وري ڳالهه ٻولهه جو اهڙو موقعو نه آيو.
آئون اڪثر اهو سوچيندو آهيان ته مون کي ان وقت ڄام سان ڳالهائڻ لاء وڃڻ گھرجي ها پر وري اهو به خيال ايندو آهي ته ڳالهه سڄي موقعي جي هوندي آهي ۽ مون ان وقت سنگت جي پروگرام کي اڌ ۾ ڇڏي وڃڻ نه ٿي چاهيو. ان کان پوء ڄام سان هڪ اڌ ڀيرو ڪنهن پروگرام ۾ ملاقات ٿي آهي پر هاڻي سوشلزم ۽ ڪميونسٽ پارٽي ته سندس لاء عهد رفته جي داستان ٿي چڪي ھئي.

ڊاڪٽر شمس سومرو: ڪجھ يادگيريون

ڊاڪٽر شمس سومرو جي وفات کي سترنهن سال ٿي ويا. ڪي ماڻهو ائين سڀ ناتا ڇني هليا ويندا آهن جو ماڻهو حيران ۽ هٿ مهٽيندو رهجي ويندو آهي. شمس سان به بلڪل ائين ئي ٿيو. ان ڏينهن آئون آفيس ۾ ئي هوس ته ڪنهن دوست جو فون آيو ته شمس گذاري ويو آهي. اها بلڪل اوچتي خبر هئي. اسان ڪجھ دوست فوري طور لياري ۾ سندس ڪلينڪ تي پهتاسين جتي سندس رهائش به هئي پر ان وقت تائين کيس پنهنجي اباڻي شهر دادو کڻي ويا هئا. اتي همراهن ٻڌايو ته ڇاتي ۾ سور جي شڪايت ۽ ساه کڻڻ ۾ تڪليف جي ڪري کيس اسپتال کڻائي ويا هئا پر هو زندگي جي جنگ هارائي ويو.
شمس سان ادبي لحاظ کان ته واقفيت هئي ۽ هڪ ليکڪ طور سندس نالو به ٻڌل ۽ ڄاتل سڃاتل هو پر مون کي ياد ٿو پئي ته ساڻس پهرين ملاقات فقير محمد لاشاري وسيلي ٿي هئي. فقير ان وقت هلال پاڪستان ۾ هلال مئگزين جو انچارج هو ۽ شمس جو هڪ ليکڪ جي طور ساڻس رابطو هوندو هو. ان وقت آئون به بغدادي ۾ رهندو هوس. هڪ ڏينهن شايد فقير جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. هو مون وٽ گھر آيو ۽ چيائين ته يار شمس جي ڪلينڪ تي هلڻو آهي ته جيئن دوا به وٺون ۽ ساڻس ڪچهري به ڪيون. شمس اڳ شايد ٺل ۾ ڪلينڪ هلائيندو هو. پر هو هڪ ڊگھو عرصو لياري ۾ رهيو ۽ هتان جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي ڪلينڪ هلايائين. ان وقت شايد سندس ڪلينڪ چاڪيواڙا ٻه نمبر ۾ هئي. اهڙي ريت شمس سان پهرين ملاقات ٿي جيڪا هڪ گھري هم آهنگي ۽ دوستي ۾ بدلجي ويئي.
سنڌي ليکڪ لاء خاص طور لکڻ ڪڏهين به پيٽ گذر جو ذريعو ناهي رهيو. جن اهڙي ڪوشش ڪئي آهي اهي معاشي لحاظ کان هميشه ڏکيائين جو شڪار رهيا آهن. ان ڪري پنهنجي پيٽ گذر لاء اسان مان هر ڪنهن کي ڪو نه ڪو ٻيو ڪم ۽ نوڪري وغيره ڪرڻي پوندي آهي. ساڳي ريت شمس پنهنجي پيشي جي لحاظ کان هڪ ميڊيڪل ڊاڪٽر هو. پر ائين لڳندو هو ته ڄڻ سندس اصل ڪم لکڻ پڙهڻ ئي آهي. منهنجو جڏهين به سندس ڪلينڪ تي وڃڻ ٿيو ته مون ڏٺو ته ڪتاب، قلم ۽ ڪاغذ سندس ميز تي پيا هوندا هئا. مريضن کان کيس جيڪو فارغ وقت ملندو هو اهو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاريندو هو. سندس دوست به گھڻي ڀاڱي اهي ماڻهو هوندا هئا جيڪي ان ڪم سان لاڳاپيل هوندا هئا. اهڙا گھڻا نالا آهن جيڪي لياري ۽ شهر جي ٻين علائقن ۾ رهندا هئا ۽ خاص طور ڊاڪٽر سان ملڻ لاء لياري ۾ سندس ڪلينڪ تي ايندا هئا. ادبي اڃ پوري ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر انهن کي مفت طبي مشورا ۽ دوائون پڻ ڏيندو هو. آئون پاڻ به ڪنهن ننڍي وڏي مسئلي لاء ساڻس صلاح ڪندو هوس. ان وقت سندس هڪ ويجھو دوست ڊاڪٽر ثناءالله کوکر به لياري ۾ شايد ڪلري جي علائقي ۾ ڪلينڪ هلائيندو هو. ڊاڪٽر ثناءالله جو جيتوڻيڪ ادب سان ڪو سڌو واسطو نه هو پر هو طب جي حوالي سان هڪ رسالو شائع ڪندو هو جنهن ۾ شمس سندس مدد گار هو.
شمس اڪثر منهنجي گھر ايندو هو. سندس زال ۽ ٻار هونئن ته دادو ۾ رهندا هئا پر هڪ ڀيري سندس ڌيئرون وٽس ڪراچي آيل هيون. هو انهن کي منهنجي گھر به وٺي آيو هو. آئون جڏهين لياري کان گلشن حديد منتقل ٿيو هوس ته هڪ اڌ ڀيرو هو هتي به آيو هو. هڪ ڀيرو اسان ٻيئي ايمنسٽي انٽرنيشنل جي وفد سان گڏجي ڪوئيٽا ويا هئاسين جتان انهن جي سائيڪل ريلي سان گڏ سبي ۽ پوء اتان ڪراچي آيا هئاسين.
هڪ مهذب ، نرم،ِ شائستا ۽ دوستن جي عزت ڪرڻ وارو شخص پرهو پنهنجي لکڻين جي حوالي سان گھڻو حساس هو. ڪجھ عرصو آئون عوامي آواز جي ادبي صفحي جو انچارج رهيو هوس. سندس هڪ مضمون ۾ شايد ڪي پروف جون غلطيون رهجي ويون هيون. هن انهن جي نشاندهي به ڪئي ۽ ان تي پنهنجي ناراضگي جو اظهار به ڪيو. سنگت جي اها روايت رهي آهي ته ادبي تنقيد ۾ دوستي يا وڏ ننڍائي جي حوالي سان ڪا رو رعايت نه ڪبي هئي. اسان سڀني دوستن جيان شمس به ان روايت جو قائل هو. سنگت ڪراچي جي ڪجھ پروگرامن ۾ سندس مضمونن ڪن وڏن اديبن کي به ناراض ڪري ڇڏيو هو پرهو ان جي گھڻي پرواه نه ڪندو هو.
شمس ان وقت سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽري ٿيڻ لاء سوچيو هو.اهو دور اهڙو هو جڏهين سنگت واضح طور ٻن گروپن ۾ ورهايل هئي. اهي اختلاف ۽ گروه بندي وغيره ڪنهن نظرياتي ِيا سياسي بنياد تي نه پر گھڻي ڀاڱي شخصي بنيادن تي هئا. بظاهر ته هڪ پاسي تاج جويو ۽ ٻئي پاسي يوسف سنڌي جو گروپ ٿي نظرآيا پر اها ورهاست نهايت گهري هئي ۽ ان ۾ گھڻا ننڍا ننڍا گروپ موجود هئا. منهنجي نظر ۾ ان صورتحال ۾ سنگت جي ڪنهن عهدي لاء چونڊ وڙهڻ هرو ڀرو پنهنجين توانائين کي ضائع ڪرڻ هو. ڊاڪٽر کي جيتوڻيڪ اسان ڪجھ دوستن چونڊن جي ان خفي ۾ نه پوڻ جي صلاح ڏني. پر هن ٻئي طريقي سان سوچيو ٿي. ڊاڪٽر کي يوسف سنڌي جي گروپ جي پٺڀرائي حاصل هئي. سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاء سندس سامهون مختيار ملڪ هو. انهن چونڊن لاء ڊاڪٽر گھڻي ڊڪ ڊوڙ ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ سنگت جي مختلف دوستن سان مليو. چونڊن واري ڏينهن اسان ڪجھ دوست ڀٽ شاه ۾ ساڻس گڏ هئاسين. سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ته شمس چونڊجي ويو پر ٻين عهدن تي مخالف گروپ جا اميدوار ڪامياب ٿيا. ان کانپوء سنگت ۾ جيڪو سلسلو شروع ٿيو اهو مختلف طريقن سان اڃا تائين هلندو اچي. شروع ۾ سيڪريٽري جنرل جي چونڊ کي متضاد بڻايو ويو ۽ پوء جڏهين ان ۾ ڪاميابي نه ٿي ته باقي عهديدارن ساڻس ڪنهن به قسم جي سهڪار ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي. هڪ اهڙو شخص جنهن پنهنجي خلوص سان سنگت لاء ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ جنهن کي گروه بندي ۽ لابنگ جي عادت نه هئي ان صورتحال ۾ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي ويو ۽ هن پنهنجي عهدي جو پورو عرصو اهڙي ريت ئي گذاريو.سندس مخالفن جو مقصد کيس غير موثر ڪرڻ هو ۽ ان ڳالهه ۾ اهي گھڻي ڀاڱي ڪامياب ويا.
جيتوڻيڪ هو ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ ڪهاڻي، شاعري ۽ تنقيد وغيره تي طبع آزمائي ڪندو هو پرتنقيد جي شعبي سان سندس خاص لڳاء هو. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين پنهنجي ڪتاب تخليقي ادب جا ترڪيبي جزا تي ڪم ڪندو رهيو هو ۽ پنهنجي وفات کان اڳ اهو ڪتاب هن مڪمل ڪري ڇڏيو هو پر ڇپائي نه سگھيو هو. سندس وفات کانپوء 2006 ۾ سندس دوستن اهو ڪتاب شائع ڪيو. تنقيد جي حوالي سان سنڌي ۾ اهو هڪ اهم ڪتاب آهي جنهن کي ان ڪري جوڳي موٽ نه ملي سگھي آهي جو هڪ ته اهو ڪتاب پڙهندڙن تائين چڱي ريت پهچي نه سگھيو آهي ۽ ٻيو ته شمس جي سنڌي ادب ۾ ايڏي ڪا مضبوط لابي نه رهي آهي جيڪا ليکڪ ۽ ڪتاب کي اڳتي کڻي وڃي ها. ممڪن آهي ته انهن دوستن وٽ شمس جو ٻيو مواد ۽ لکڻيون به هجن ۽ انهن جي ان سلسلي ۾ ڪا رٿا بندي به هجي.
اها ڳالهه ته يقيني آهي ته هو وسريو ناهي. پنهنجي شخصيت، ادبي ڪم ۽ لکڻين وسيلي هو هميشه ياد رهندو.

سنڌي عوامي تحريڪ سان وابستگي

اهو سوال پڇي سگھجي ٿو ته گھڻين ٻين سياسي جماعتن سان ويجھڙائي ۽ ساڻن همدردي جي باوجود مون نيٺ سنڌي عوامي تحريڪ جي چونڊ ڇو ڪئي. ان جو جواب منهنجي ذهن ۾ اهو آهي ته ان وقت مون اهو سمجھيو ٿي ته سنڌ جي طبقاتي ۽ قومي سوال کي گڏي کڻڻ ئي هڪ صحيح سياسي اپروچ آهي. ان لحاظ کان قوم پرست جماعتون طبقاتي حوالي سان ۽ ڪميونسٽ جماعتون قومي سوال جي حوالي سان کٽل محسوس ٿي ٿيون جڏهين ته سنڌي عوامي تحريڪ انهن ٻنهي لاڙن تي تنقيد ڪندي قومي ۽ طبقاتي سوال کي گڏي کڻڻ جي ڳاله ٿي ڪئي.
پارٽي سان منهنجي وابستگي منهنجي دائري ڪار کي وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو. سنڌ جي گھڻن سياستدانن ۽ اديبن، جن سان اڳ رڳو اخبارن ۽ ڪتابن ذريعي واسطو هو، سان وڌيڪ ويجھڙائي ٿي ۽ مختلف سياسي ڌرين ۽ جماعتن ۾ جيڪي اختلاف هئا ۽ سندن وچ ۾ جيڪي بحث هلي رهيا هئا انهن جي ڄاڻ ملي. ان ۾ خاص طور ٻه ماڻهو، رسول بخش پليجو ۽ ڊاڪٽر فيروز احمد سان ويجھڙائي منهنجي سياسي تربيت ۽ خاص طور تي ذهني اوسر ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. پارٽي ۾ داخل ٿيڻ سان تنظيمي لحاظ کان مون مختلف ڏاڪا طئي ڪرڻ شروع ڪيا. شايد ان جو ڪارڻ اهو هو ته مون ان کي واقعي هڪ ڪاز ۽ مقصد طور ورتو هو، پارٽي جي ڏنل ذميوارين کي فرض سمجھي پورو ڪيو ٿي ۽ مقامي طور تي پارٽي ڪارڪنن جي مختلف گروهن جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي هئي ان جو حصو ٿيڻ قبول نه ڪيو هو. پارٽي منهيجي لاء هڪ اهڙو پوترادارو هئي جيڪا ان منزل ڏانهن وٺي هلندي جنهن جو عظيم انقلابي اڳواڻن واعدو ڪيو هو.
ستر جو ڏهاڪو سنڌ ۽ ملڪ جي حوالي سان هڪ وڏي سياسي ڇڪتاڻ جو دور هو جنهن ۾ هڪ پاسي سنڌ ۾ ٻولي جا فساد ٿيا جنهن ترقي پسند ڌرين سميت سڄي سماج کي نسلي ۽ ٻولي جي بنيادن تي ورهائي ڇڏيو. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون، پي اين اي جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي معاملي تي ڀٽو خلاف تحريڪ ۽ ضياء الحق جو مارشل لاء سڀ ان ڏهاڪي جون خاصيتون آهن.
پارٽي پاران اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته 1977 جي چونڊن ۾ ڪجھ نشستن تي چونڊ وڙهجي جنهن ۾ کٽڻ هارائڻ کان وڌيڪ مقصد اهو هو ته ماڻهن سان هڪ رابطو قائم ڪجي ۽ سندن آڏو موجوده نظام جي ڪوتاهين ۽ منافقتن کي وائکو ڪجي. اسماعيل سوهو کي ميرپوربٺورو مان سنڌ اسمبلي جي نشست لاء بيهاريو ويو هو. ڪراچي مان مون سميت پارٽي جا گھڻا دوست اليڪشن ورڪ لاء اتي پهتاسين. اسماعيل پاڻ ان وقت جيل ۾ هو. مختلف ڪارڻن جي ڪري چونڊ پيپلز پارٽي کٽي ويئي پر ان ڳاله جو تجربو ٿيو ته چونڊن ۾ ڇا ڇا ٿيندو آهي. آئون ان وقت ڊاڪٽر فيروز ۽ آزاد بلوچ سان گڏ پارٽي جي ڪراچي ڪاميٽي جو حصو هوس. ڪاميٽي جون گڏجاڻيون لياري جي علائقي مولا مدد ۾ ڪنهن دوست جي گھر ٿينديون هيون. انهن گڏجاڻين ۾ ڪرفيو ۽ هڙتالن وغيره جي باوجود دوست شهر جي مختلف علائقن مان مختلف طريقن سان پهچندا هئا. انهن گڏجاڻين جو مقصد سياسي صورتحال جي جائزي وٺڻ سان گڏوگڏ مقامي سنڌي ۽ بلوچن جي تحفظ لاء مختلف قدم تجويز ڪرڻ ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان نوڪري ۽ ٻين ڪمن سانگي ڪراچي ۾ رهيل سنڌين کي ان ڳاله لاء قائل ڪرڻ هو ته ڪراچي اوهان جو پنهنجو شهر آهي ۽ ان کي دبئي سمجھي، جتي اوهان رڳو ڪمائڻ لاء آيا هجو، لڏڻ جو نه سوچيو. انهي موضوع تي ڪاميٽي پاران هڪ پمفليٽ پڻ جاري ڪيو ويو هو.
ڪراچي ۾ ان وقت اڃا ايم ڪيو ايم جو ڏهڪاء نه هو ۽ اڙدو ڳالهائيندڙن جي گھڻائي وارن علائقن جهڙوڪ فيڊرل بي ۽ سي ايريا، لالو کيت، ناظم آباد،ِ پاپوش نگر، اورنگي ۽ ڪورنگي ۾ چوويه ڪلاڪ اچ وڃ ڪرڻ يا اتي سنڌي ماڻهن جو رهڻ ڪا گھڻي ڊپ ڊاءَ جي ڳالهه نه هوندي هئي. پارٽي جي دوستن وٽ گڏجڻ لاء فيڊرل سي ايريا جو هڪ فليٽ ۽ لياري ۾ ميران ناڪي جو هڪ گھر هو جتي ڇڙا دوست رهندا هئا. هتي پارٽي جي ڪم سان ٻين شهرن کان آيل دوست به اچي رهندا هئا جن جو سڄو خرچ به اتي رهندڙ دوست ئي کڻندا هئا.
پارٽي آڏو هڪ اهم هدف اهو هو ته ڪراچي ۾ سياسي سرگرمي وسيلي پاڻ کي هتان جي صحافتي، ادبي ۽ سياسي حلقن سان ڳنڍڻ سان گڏوگڏ پاڻ کي غير سنڌي حلقن ۽ پرڏيه ۾ به متعارف ڪرائجي. ان حوالي سان پارٽي ڪراچي ۾ چين نواز مختلف ڪميونسٽ ڌرين ۽ فردن سان لاڳاپي ۾ هوندي هئي. ان ۾ خاص طور تي مزدور اڳواڻ اڪرم ڌاريجو ۽ علي ياور جو نوجوان محاذ ذڪر جوڳا آهن. انهن سان مختلف موضوعن تي بحث ٿيندا هئا ۽ شهر ۾ سياسي سرگرمين جي حوالي سان مختلف پروگرامن جي رٿا بندي ڪبي هئي. ضياء الحق جي دور ۾ صحافين جي جيڪا تحريڪ هلي ان ۾ پارٽي جي سرگرم شرڪت پڻ ان سلسلي جي ئي هڪ ڪڙي هئي. ان سلسلي ۾ وڏي پئماني تي پارٽي ۽ ان جي کليل شاگرد ۽ هاري محاذن جي ڪارڪنن جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي ويئي هئي جن کي پارٽي جي هدايتن موجب مختلف وقتن تي سنڌ جي مختلف شهرن مان گرفتاريون ڏيڻيون هيون. ڪراچي جيئن ته ان تحريڪ جو مرڪز هو ان ڪري ڪراچي جي دوستن جي ذميواري به گھڻي وڌي ٿي ويئي. سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان جيڪي ڪارڪن ان مقصد لاء ڪراچي ايندا هئا انهن جي رهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ کين گرفتاري ڏيڻ واري جاء تائين پهچائڻ مقامي ڪارڪنن جي ذميواري هوندي هئي. ان سلسلي ۾ ڪڏهين ڪڏهين ائين به ٿيندو هو ته اهي ڪارڪن پاڻ ان جاء ۽ پوليس جي ايترو ويجھو پهچي ويندا هئا جو پاڻ انهن جي گرفتار ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي پوندا هئا. ان تحريڪ پارٽي جي شهرت ۽ سياسي ساک ۾ وڏو واڌارو ڪيو ۽ ان کي ملڪ ۽ پرڏيه ۾ هڪ خاص مقام ڏنو.
ان سان گڏوگڏ پارٽي اندر ۽ مٿين سطح تي ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڇڪتاڻ جو عمل پڻ جاري هو. ان وقت پارٽي عام ماڻهن، شاگردن ۽ هارين تائين پنهنجي دائري کي وسيع ڪرڻ لاء کليل محاذ ٺاهڻ ۽ انهن کي منظم ڪرڻ جي مرحلي مان گذري رهي هئي. ان سلسلي ۾ مولا بخش کوسو جي اڳواڻي ۾ سنڌي اسٽوڊينٽس آرگنائزيشن جي نالي سان شاگرد تنظيم ٺاهڻ جو عمل شايد منهنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ۾ جاري هو. ان سلسلي ۾ رڳو ايتري خبر پئجي سگھي ته کوسو پارٽي کان ڌار ٿي ويو هو ۽ پاڻ سان گڏ ان سلسلي ۾ جيڪو بنيادي ڪم ڪيو ويو هو اهو به کڻي ويو هو. ممڪن آهي ته کوسو جو سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پارٽي جي ڪارڪنن سان ڪي لاڳاپا هجن پر ڪراچي ۾ سوائي سندس نالي جي سندس متعلق ٻي ڪابه ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي پارٽي يا ٻئي ڪنهن ذريعي وٽان سندس موقف متعلق ڪا خبر پئجي سگھي هئي. اهڙي ريت نئين سر ان ڪم کي شروع ڪيو ويو ۽ نئين تنظيم کي سنڌي شاگرد تحريڪ جو نالو ڏنو ويو.
پارٽي ڪارڪنن کي اها ته ڄاڻ هوندي هئي ته پارٽي جا جيئي سنڌ تحريڪ ۽ جي ايم سيد ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۽ بقول پليجو جي ته نقوي نازشي سازشي ٽولي سان ڪهڙا اختلاف هئا پر کين اها ڄاڻ نه ملي سگھندي هئي ته پارٽي اندر مٿين سطح تي ڪهڙا نظرياتي ۽ سياسي بحث هلي رهيا آهن ۽ تنظيمي طور تي ڪهڙا اختلاف آهن. ان ڪري ڪنهن به گروه يا اهم اڳواڻ جو پارٽي ڇڏڻ ڪارڪنن لاء هڪ صدمي مثل هوندو هو ۽ جيئن ته کين اختلافن جي نوعيت جي خبر نه هوندي هئي ان ڪري سندن ڪوشش اها هوندي هئي ته ان کي راڄوڻي طريقي سان صلح صفائي ڪري حل ڪيو وڃي. منهنجي لاء اها ڳاله ڪنهن صدمي ۽ وڏي خساري جي احساس کان گھٽ نه هئي جڏهين مون کي اها خبر پيئي ته ڊاڪٽر فيروز، آزاد بلوچ ۽ ڪراچي جا ٻيا گھڻا دوست پارٽي کان ڌار ٿي ويا آهن. پنهنجي اڪيلائپ جي باوجود آئون پنهنجو پاڻ کي پارٽي ڇڏڻ لاء تيار نه ڪري سگھيس ۽ پارٽي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيم. سوز سمون جهڙن ڪجھ دوستن جن شروع ۾ پارٽي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو هو اهي به ٿوري وقت کان پوء ڌار ٿي ويا. اهڙي ريت تنظيمي لحاظ کان پارٽي جي معاملن ۾ منهنجي اهميت وڌي ويئي.

هنجن جهڙا ڪي شخص

ڪا شيءِ ۽ ڪو شخص اوستائين اسرار جي پردي ۾ لڪل هوندو آهي جيستائين ان سان منهن مقابل ٿي ان جي حقيقت کان واقف نه ٿجي. پنجاه جي ڏهاڪي ۾ پابندي، رياستي ڏاڍ ۽ تشدد کان پوءِ خاص طور تي ڪميونسٽ پارٽي جو عهديدار ته ٺهيو ڪارڪن ٿيڻ به هڪ وڏي جوکم جو ڪم هوندو هو. اهي ماڻهو ڄڻ ته پنهنجو پاڻ کان به پيا لڪي هلندا هئا. ماڻهن ۽ خاص طور تي ٻين سياسي ڪارڪنن لاء سندن شخصيت پراسرار هوندي هئي ۽ منجھن انهن سان ملڻ ۽ انهن کي ڄاڻڻ جي خواهش هوندي هئي. جڏهين واقعي ساڻن ملبو هو ۽ ساڻن واقفيت حاصل ڪبي هئي ته خبر پوندي هئي ته اهي ته عام ماڻهن جهڙا ئي ماڻهو هئا. انهن وانگر ئي اٿن ويهن، کائين پين ۽ زندگي گذارين ٿا ۽ منجھن ڪا اهڙي ڳاله ناهي جيڪا کين سماج لاء هاڃيڪار ۽ ماڻهن لاء پراسرار بڻائي. بس سندن سوچڻ جو انداز مختلف هوندو هو ۽ سماج کي بهتر بنائڻ جا وٽن پنهنجا آدرش هوندا هئا. دراصل سندن سماج کي بدلائڻ جا اهي آدرش ئي هئا جن کين حڪمران طبقن جي نظرن ۾ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو هو.
نازش امروھي سان ملڻ کان پوء منهنجي ذهن ۾ فورن اهو سوال اٿيو ته ڇا هو ماڻهو واقعي پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هو. هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو هڪ ڊگھي عرصي کان روپوش هو. رياست کيس خطرناڪ فردن ۾ شامل ڪري چڪي هئي ۽ رياستي ادارا سندس ڳولها ۾ هوندا هئا. سندس پراسراريت جون ڪهاڻيون مشهور هونديون هيون. جيڪڏهين اهو سڀڪجھ ذهن ۾ رکي سندس آڏو وڃجي ته ڪجھ وقت تائين ته اهو يقين نه ايندو هو ته هو واقعي اهو ساڳيو شخص هو. سندس چهري مهري ۽ حلئي مان فوري طور تي ماڻهو جي ذهن ۾ ڪنهن شاعر جو تصور اڀرندوهو. ڪمزور جسم، وکريل وار، ڪرتي پاجامي ۾ اکين تي عينڪ رکي ڪنهن به ريت هڪ سياسي پارٽي جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پنهنجي ملاقاتي کي متاثر نه ڪري سگھندو هو ۽ ئي پاڻ اهڙي ڪا ڪوشش به ڪندو هو.
مون سندس متعلق ڪيئي وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ ڳالهيون ٻڌيون هيون. سندس شخصيت جو هڪ تصور منهنجي ذهن ۾ هو. جڏهين ڪجھ دوستن پاران ساڻس ملاقات جي تجويز رکي ويئي ته مون کي ان تي ڪو اعتراض نه هو. اهو اهو وقت هو جڏهين ڪميونسٽ پارٽي عتاب مان نڪري چڪي هئي ۽ ملڪ جي مک سياسي ڌارا ۾ شامل ٿي چڪي هئي. ان جا اڳواڻ پنهنجي روپوشي ختم ڪري عام خلق آڏو اچي چڪا هئا. ڪامريڊ امام علي نازش امروهي متعلق منهنجو خيال اهو هو ته ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ هئڻ جي ناتي هو پنهنجي شخصيت جو تاثر ويهارڻ لاء فلسفي ۽ سياست تي ڪي ڊگھا ۽ خشڪ ليڪچر ڏيندو ۽ ٻين گھڻن اهڙن اڳواڻن جيان پنهنجي شخصيت، علميت ۽ دانشوري جو رعب ويهاريندو. پر هن مون کي هر لحاظ کان غلط ثابت ڪري ڇڏيو. انقلاب ۽ پنهنجن آدرشن لاء پنهنجي زندگي وقف ڪندڙ اهو شخص، جنهن جي خانداني زندگي ۽ شادي وغيره متعلق مون کي ڪا ڄاڻ ناهي ۽ نه ئي مون ڪڏهين اهڙي ڄاڻ وٺڻ جي کانئس يا ساڻس ويجھي ٻئي ڪنهن شخص کان ڪا ڪوشش ڪئي پر منهنجو ساڻس جيڪو مختصر واسطو رهيو ۽ جيڪي ڪجھ ملاقاتون ٿيون ان ۾ مون ان شخص کي هڪ ننڍڙي گھر ۾ اڪيلي رهندي ڏٺو جتي هو پاڻ ئي پنهنجو سڄو ذاتي ڪم ڪار ڪندو هو ۽ ساڳي وقت مهمانن جي خاطر داري به ڪندو هو. نهٺائي ۽ نماڻائي سندس شخصيت جو حصو هوندي هئي.
ورهاڱي جي نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو هتي آيا انھن مان اهي ماڻهو جيڪي هڪ مشن ۽ هڪ آدرش کڻي هتي آيا هئا، پنهنجي تھذيب جا بهترين نمائندا هئا. انهن ماڻهن ان ملڪ کان جيڪي ورتو ان کان وڌيڪ ان کي ڏنو به جنهن جي مڃتا هر صورت ۾ ضروري آهي.
اها ساڳي نوڙت ۽ مروت مون ان قبيل جي ٻين گھڻن ماڻهن ۾ به ڏٺي پر هتي ان سلسلي ۾ آئون خاص طور تي مشهور صحافي ضمير نيازي جي شخصيت جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن ۾ پڻ مون کي اهي خوبيون نظرآيون هيون. ضمير نيازي سان منهنجي ڪا گھڻي ڏيٺ ويٺ يا واقفيت نه هوندي هئي. سندس ڪتاب Press in Chains جي حوالي سان منهنجي ساڻس واقفيت هئي. هو هڪ ڊگھي عرصي تائين بيماري جي ڪري پنهنجي بستر تائين محدود هو. ڪنهن دوست مون کي سندس نياپو پهچايو ته هو مون سان ملڻ چاهي ٿو. منهنجي لاء اها ڳاله ڪنهن حيرت ۽ ساڳي وقت اعزاز کان گھٽ نه هئي. هڪ اهڙي موڙي جنهن کي مون ڪنهن به صورت ۾ وڃائڻ نه ٿي چاهيو. ڪجھ دوستن سان گڏجي گلشن اقبال ۾ سندس صحافي ڪالوني واري گھر پهتاسين. هو پنهنجي صاف سٿري ڪمري ۽ صاف سٿري بستر تي ليٽيل هو جتي سندس گھر وارا سندس ۽ سندس مهمانن جي پر گھور لهندا هئا.
جسماني طور نٻل ۽ ڪمزور پر ذهني طور ڦڙت ۽ الرٽ ۽ پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ شين کان باخبر. اسان ساڻس ڪلاڪ ڏيڍ ويٺاسين، ان سڄي وقت ۾ هو مختلف موضوعن تي ڳالهائيندو رهيو. اهو ٻڌايائين ته سندس جڏهين پنجاب وڃڻ ٿيو ته اتي انهن کيس پنجاب جو نيازي پئي سمجھيو ۽ ان حوالي سان ساڻس ورتاء پئي ڪيو. پر ان مٿن ان ڳاله کي واضح ڪيو ته سندس واسطو بمبئي سان آهي ۽ اهي پنهنجي خاندان جي هڪ بزرگ جي نالي جي حوالي سان نيازي سڏائيندا آهن. جسٽس فخرالدين جي ابراهيم جو ذڪر ڪندي ٻڌايائين ته هو سندس نهايت گھاٽو دوست رهيو هو ۽ هو کيس بي تڪلفي ۾ فخرو ڪري سڏيندو هو. پر جڏهين هو سنڌ جو گورنر ٿيو ۽ کيس گورنر هائوس اچڻ لاء چيائين ته هن کيس کتو جواب ڏيندي چيو هو ته سندن دوستي ۽ ناتا گورنر هائوس جي ٻاهر ئي چڱا آهن. پنهنجي بيماري جي باوجود هو گھر جي ٻاهران اسان کان موڪلائڻ آيو ۽ سنڌي طريقي سان هٿ ٻڌي موڪلائيندي چيائين ته پنجاب ۾ کيس چيو ويندو هو ته اوهان هندن جي ان طريقي سان ماڻهن کي ڇو کيڪاريو ۽ ڀليڪار چئو ٿا ته سندس کين اهو جواب هوندو هو ته اهو هندن جو نه پر اسان سنڌين جو طريقو آهي. هو آخر تائين مختلف حوالن سان مون سان رابطي ۾ هوندو هو ۽ ڪڏهين سندس پٽ حارث جيڪو ان وقت بزنس ريڪارڊر ۾ هوندو هو ڪنهن ڪم ڪار جي حوالي سان مون وٽ آفيس ۾ به ايندو هو. ان ساڳي حوالي سان سائين جي ايم مهڪري جو ذڪر پڻ ڪري سگھجي ٿو جنهن کي سنگت ڪراچي پاران پنهنجن پروگرامن وغيره ۾ گھرائيندا هئاسين. بزرگانا شفقت رکندڙ، نرم انداز ۾ ڳالهائينڙ پر پنهنجي موقف تي سختي سان قائم رهڻ وارو اهو شخص سنگت جي دوستن لاء هڪ اتساه هوندو هو ۽ کين سندن لکڻين وغيره جي حوالي سان مختلف صلاحن سان نوازيندو رهندو هو.
نازش امروهي جي حوالي سان مون انهن ٻن شخصن جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري ضروري ٿي سمجھيو ته جيئن اها ڳاله واضح ٿئي ته ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن رڳو وڃايو نه پر اهڙن ماڻهن جي صورت ۾ گھڻو ڪجھ حاصل به ڪيو آهي. ان ڪري اهو ضروري آهي ته معاملن کي انتها تائين وٺي وڃڻ ۽ نفرتن کي وڌائڻ بجائي هڪ ڏکي صورتحال ۾ مثبت پاسن جي پڻ ڳولها ڪجي ۽ ان ۾ هڪ توازن پيدا ڪجي. نازش سان جيڪي منهنجيون ملاقاتون رهيون ان ۾ هو پنهنجي علميت ۽ معتڀرائپ جي رعب ويهارڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪندو هو بلڪه ساڻس هڪ پدرانا شفقت محسوس ٿيندي هئي. مون کي ياد ناهي ته هن ڪنهن به ملاقات ۾ مون سان ڪميونسٽ پارٽي ۽ ملڪي سياست تي ڪا ڳاله ٻوله ڪئي هجي يا ڪنهن موضوع تي مون کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. هو ان وقت ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو هو. مون کي ان ماڻهو لاء ائين لڳندو هو ته هو بنيادي طور هڪ شاعر۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهو هو جنهن کي هن سماج جي ٻين گھڻن ماڻهن وانگر سياست جبرن قبول ڪرڻي پئي هئي.
ان جي باوجود ته ساڻس خاندان جو ساٿ نه هو پر ساڻس پيار ڪرڻ وارن جو هڪ وڏو حلقو هو. هو جڏهين پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ اوجھا ٽي بي سينيٽوريم ڪراچي ۾ داخل هو ته سندس پرگھور لهڻ وارا اهي ئي ماڻهو هئا جن جو ساڻس پارٽي يا شخصي حوالي سان ڪڏهين ڪو تعلق ۽ واسطو رهيو هو.

ڪجھ نقاش جي باري ۾

نقاش عجيب شخص هو، بلڪ ائين چئجي ته اهڙو غير معمولي شخص هوندو هو، جيڪو ساڳي وقت پنهنجي ذات کي ٻين ۾ گم ڪرڻ لاءِ به تيارهوندو هو، پر جڏهين معاملو سندس انا، عزت ۽ اصولن جو هوندو هو ته هو بلڪل ٻيو ماڻهو بڻجي ويندو هو. مون اهو ڏٺو ته کيس صبحاڻي جو الڪو نه هوندو هو. سندس آفيس ۾ هر وقت ادبي ۽ سياسي دوستن جو ميڙو متل هوندو هو ۽ آئون سمجھان ٿو ته هو پنهنجي پگھار جو هڪ وڏو حصو انهن دوستن جي چانهه ۽ ماني جي بل جي طور تي مهيني ۾ ڪينٽين جي مالڪ امير علي کي ادا ڪندو هو. هو عمر ۾ مون کان وڏو هو پر ساڻس ورتاه هميشه دوستن جيان ئي رهيو. آفيس ۾ لاڳيتو گڏ هوندي هڪٻئي سان ذاتي احوال به ڪندا هئاسين ۽ پنهنجي اندر جو حال به اوريندا هئاسين. سندس زندگي جا جيتوڻيڪ گھڻا ئي پاسا آهن، پر هتي ڪجھ ڳالهيون رڳو سندس آفيس ۾ مون سان گذاريل ڪجھ وقت متعلق آهن.
هو جنهن وقت مون سان آفيس ۾ هو ته سندس لاءِ چيو ويندو هو ته هو سائين محمد زمان لنواري واري جي درگاه سان لاڳاپيل هو ۽ پوء ڪجھ اختلافن جي ڪري انهن کان ڌار ٿي ويو هو. پر مون اهو ڏٺو ته سندس عقيدت لنواري واري درگاه سان آخر تائين ساڳي ريت هئي جنهن جو اندازو سائين محمد زمان ۽ لنواري جي پيرن متعلق سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل انيڪ ڪتابن مان لڳائي سگھجي ٿو. سندس جيڪڏهين ڪي اختلاف هئا ته اهي انهن ماڻهن سان هئا، جن درگاه تي قبضو ڪري ان جي نالي ۾ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ چاهيا ٿي، جيئن هن وقت سنڌ ۾ ڀٽائي جي درگاه سميت مختلف درگاهن جي سلسلي ۾ ٿي رهيو آهي. مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته هو لنواري ته ڇڏي آيو هو پر اها ڄڻ سندس من ۾ سمائجي ويئي هئي ۽ سندس احساسن جو حصو بڻجي ويئي هئي. جيتوڻيڪ هو گھڻي تفصيل ۾ نه ويندو هو پر درگاه سان عقيدت جي اظهار کانسواء ڪڏهين ڪڏهين ذڪر ڪندو هو ته جيڪڏهين هو لنواري سان واسطي ۾ هجي ها ته سندس شايد ان سان شادي ٿي وڃي ها. مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اهو پڻ هڪ اهڙو عنصر هو جنهن کيس احساساتي طور لنواري سان ڳنڍي رکيو هو.
اسان جي سماج ۾ جنس هڪ فطري شي هئڻ جي باوجود به هڪ Taboo آهي ۽ ان متعلق ويجھن دوستن سان به نهايت ئي احتياط سان ڳالهائڻو پوندو آهي. ڪنهن ماڻهو جي اعلا روحاني ۽ سماجي مرتبن تي پهچڻ جو مطلب اهو ناهي ته هو ڪو ان شي کان مبرا آهي ۽ ان کان وانجھيل آهي بلڪ هڪ انسان هئڻ جي ناتي اها شي سندس وجود جو هڪ لازمي حصو آهي. نقاش هڪ تارڪ الدنيا شخص ۽ راهب نه هو. هو هن ئي دنيا جو ماڻهو هو ۽ سندس خواهشون ۽ امنگون به ٻين ماڻهن جهڙيون ئي هيون. اهڙي ريت پنهنجين محرومين کي هو مختلف طريقن سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. نقاش جنهن ڪمري ۾ ويهندو هو ان کي ٻه دروازا هوندا هئا ۽ اهو بيرڪ نمبر 90 ۾ ڄڻ هڪ کان ٻئي پاسي وڃڻ جو لنگھ هوندو هو جنهن کي آفيس جا اٽڪل سڀ ماڻهو استعمال ڪندا هئا. اسان جي سيڪشن ۾ سسيلا نالي هڪ ڊيٽا انٽري آپريٽر هوندي هئي جيڪا ان ڪمري مان ڏينهن ۾ گھڻا ڀيرا اچ وڃ ڪندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن نقاش مون کي چيو ته رئوف توکي سسيلا ڪيئن ٿي لڳي. مون کيس چيو ته ٺيڪ آهي، پر تنهنجو مطلب ڇا آهي. مون کي چيائين ته يار مون کي اها وڻي ٿي ۽ آئون ساڻس شادي ڪرڻ چاهيان ٿو، تنهنجو ان متعلق ڪهڙو خيال آهي. مون کيس چيو ته ٺيڪ آهي، تون ساڻس ڳالهائي ڏسينس. مون کي اهو خيال هو ته پهرين ڳالھه ته هو ساڻس ڳالهائڻ جي همت نه ڪندو ۽ جيڪڏهين ڪري به ٿو ته شايد سسيلا گھڻن ڪارڻن جي ڪري ان ڳالھه لاءِ راضي نه ٿيندي. پر آئون سمجھان ٿو ته اهو معاملو ان کان وڌيڪ شايد اڳتي وڌي نه سگھيو.
آئون ان آفيس ۾ پوڻا ٻه سال رهيس ۽ سيپٽمبر 1979 ۾ هتان استعفا ڏيئي اسٽيٽ بينڪ هليو ويس. نقاش ان کان پوءِ به هتي ئي نوڪري ڪندو هو. ساڻس آفيس کان ٻاهر مختلف ادبي ۽ سياسي گڏجاڻين ۾ رابطو ساڳي ريت برقرار هو ۽ مختلف معاملن تي حال احوال ٿيندا رهندا هئا.
مختلف اختلافن جي ڪري لنواري کان جيڪي دوست ڌار ٿيا هئا انهن ۾ نقاش جي حيثيت منفرد هوندي هئي. اتان جو عام ماڻهو کيس عزت ۽ احترام سان ڏسندو هو ۽ پنهنجن مختلف مسئلن جي حوالي سان ساڻس لاڳاپي ۾ رهندو هو. ان ڪري درگاه جي نالي ۾ فائدا حاصل ڪندڙ ماڻهو کيس پنهنجي لاء هڪ خطرو سمجھندا هئا. مختلف موقعن تي اهڙيون پڻ خبرون هونديون هيون ته کيس رستي تان هٽائڻ لاء رٿابندي ڪئي ويئي هئي ۽ ان مقصد لاء مختلف ماڻهن کي ڪراچي اماڻيو ويو هو. هڪ ڏينهن مون کي اوچتو اها خبر پيئي ته نقاش ڪنهن اطلاع کانسواء آفيس مان غائب هو جيڪا سندس طبيعت جي حوالي سان هڪ غيرمعمولي ڳالھه هئي. ڇاڪاڻ ته ان آفيس ۾ نوڪري ڪندي کيس گھڻو عرصو ٿيو هو ۽ ڪڏهين به ان قسم جي صورتحال پيدا نه ٿي هئي. مختلف دوستن کان معلوم ڪرڻ تي اها خبر پيئي ته لنواري ۾ درگاه جي گادي نشيني جي معاملي تي لنواري جي عام ماڻهن ۽ درگاه تي قابض ماڻهن جي وچ ۾ هڪ تنازعو کڙو ٿي ويو هو ۽ نقاش ان ۾ عام ماڻهن ۽ هارين جي مدد جي حوالي سان اتي پهتل هو. کيس ان سلسلي ۾ پوئتي جو ڪو اونو نه هو. هن آفيس کي ڪو اطلاع ڏيڻ ضروري نه سمجھيوهو. آفيس پاران سرڪاري ڪاروائي پوري ڪرڻ لاء کيس سندس سرڪاري پتي تي خط لکيا ويا، اخباري نوٽيسن ذريعي کيس حاضر ٿيڻ لاء چيو ويو. ڪنهن جواب نه ملڻ تي شوڪاز جاري ڪيا ويا ۽ نيٺ اها سڄي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ کانپوء هڪ ڊگھي عرصي کانپوء ڪنهن کڙتيل نه نڪرڻ جي صورت ۾ سندس نوڪري ختم ڪئي ويئي. پر نقاش لنواري ۾ جنهن سرگرمي ۾ رڌل هو ان جي ڀيٽ ۾ ڄڻ ته ان ڳالھه جي ڪا اهميت ئي نه هئي ۽ نه ئي هن ان ڳالھه جو ڪو نوٽيس ئي ورتو ۽ آفيس سان ڪو رابطو ڪري پنهنجي غيرحاضري جو ڪو جواز پيش ڪيو. ظاهر ڳالھه آهي ته اهو ڪو عام ماڻهو جو وهنوار نه هو بلڪ هڪ اهڙي ماڻهو جو ڪم هو جيڪو هڪ مقصد لاء پنهنجو سڀڪجھ داء تي لڳائي ڇڏي. کيس شايد ان ڳالھه جو به احساس هوندو ته سڄي سنڌ ۾ درگاهن جي حوالي سان جيڪي مستقل مفاد آهن انهن جي هوندي هو جيڪي ڪجھ ڪري رهيو هو ان جا نتيجا سندس مرضي موجب نه نڪرندا. پر دنيا ۾ گھڻا اهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي ممڪن ۽ ناممڪن جي معاملي ۾ پوڻ کانسواء ئي بس پنهنجي دل ۽ اندر جي آواز تي ڪنهن به اوڙاه ۾ ٽپي پوڻ لاء تيار هوندا آهن ۽ نتيجن جي پرواه نه ڪندا آهن ۽ هو اهڙن ماڻهن مان ئي هو.
آئون اڪثر اهو سوچيندو آهيان ته ڇا نقاش واقعي پنهنجي نوڪري جي قرباني عام ماڻهو جي حقن لاء درگاه جي اسٽيبلشمنٽ سان وڙهڻ جي ڪري ڏني. بظاهر ته ائين ئي لڳي ٿو ۽ هو پاڻ ان ويڙه جو حصو به هو. پر ساڳي وقت جيڪڏهين سندس شخصيت جو جائزو وٺجي ته اهو هڪ لحاظ کان سندس لاء ڄڻ اهڙو موقعو هو جنهن ۾ سندس لاء پنهنجي ان پيار کي حاصل ڪرڻ جو هڪ امڪان پيدا ٿي پيو هو جنهن کي هو گھڻو عرصو اڳ لنواري ۾ ڇڏي ڪراچي اچي ويو هو ۽ پوء ان کي مختلف صورتن ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو.
اها ڳالهه انهي ڪري به چئي سگھجي ٿي ته لنواري جو معاملو ته اتي ئي رهيو ۽ نقاش جي خواهشن موجب حل نه ٿي سگھيو جيڪو ائين ٿيڻو به نه هو پر هو اتي نيٺ شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪا شايد اها ئي عورت هئي جنهن کي هو هر وقت ساريندو رهندو هو. ان کان پوء هو مختلف جاين تي نوڪري ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ ٿر ۾ هڪ اين جي او سان گڏ هو جڏهين هڪ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ سندس وفات ٿي ويئي.

سائين بخش رند

سائين بخش رند گذاري ويو. SIUT، ڪراچي ۾ ڪجھ عرصو داخل رهڻ کانپوءِ هو ٺيڪ ٿي جوهي هليو ويو هو، پر ڪجھ عرصي کانپوء وري سندس طبيعت خراب ٿي ۽ کيس وري ساڳي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو 23 فيبروري تي گذاري ويو.
سائين بخش رڳو هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ ئي نه هو، پر هڪ باشعور ماڻهو هو جيڪا ڳالھه گھڻن ليکڪن لاء به نه ٿي ڪري سگھجي. هوِ جوهي جي ان سٿ جو حصو هو، جنهن اتان جي ماڻهن ۾ سياسي، سماجي، ماحولياتي ۽ ادبي شعور وڌائڻ لاء لاڳيتي جاکوڙ ڪئي هئي، جنهن جي جوهي جا ماڻهو وڏي واڪ هام هڻن ٿا.
آئون پهريون ڀيرو سندس ڪهاڻين جي ڪتاب جي مهورت جي سلسلي ۾ جوهي ويو هوس، جتي ساڻس ملاقات ٿي هئي. پروگرام کانپوءِ اسان شهر جو چڪر هنيو هو، جتي خاص طور تي هن مون کي اتي قائم ڪيل لائبريري ڏيکاري، جنهن کي اتان جا دوست پنهنجن وسيلن تحت هلائيندا هئا. ان لائبريري کي باقاعدي لائبريري طور قائم رکيو ويو هو. روزاني اخبارن جو اچڻ ۽ ڪتابن جي ڪئٽلاگنگ وغيره جيڪو ڪم هڪ پگھار تي رکيل لائبريرين ڪندو هو. اهو سڄو خرچ جوهي جا دوست گڏيل طور ڪندا هئا. شهر جي ڪراچي ۽ حيدرآباد وغيره ۾ رهندڙ دوستن تي اها ذميواري به هوندي هئي ته اهي جيڪي نوان ڪتاب اچن ٿا اهي خريد ڪري لائبريري لاءِ موڪلين.
ان سان گڏوگڏ سائين بخش لاءِ خاص طور گورک ۽ ڪاڇو ته ڄڻ سندس گھر هوندو هو. وقت بوقت اتان جا احوال ۽ تصويرون فيس بوڪ وغيره ذريعي ملنديون رهنديون هيون. هتان جي ماحوليات جي مسئلن تي سندس خاص نظر هوندي هئي. هڪ اتساه ڏيندڙ ماڻهو ۽ ائين لڳندو هو ته جيڪڏهين ساڻس روبرو ملاقات نه ٿي به ٿئي پوء به ڄڻ هو اسان سان گڏ هو. سندس لاءِ ڪي رسمي لفظ چوڻ جي گنجائش ئي ناهي. جسماني طور هليو وڄڻ جي باوجود به سندس موجودگي محسوس ٿيندي رهندي.

نول مل

اسلام آباد ۾ لاڳيتو مندر جي تعمير جي تنازعي متعلق پڙهندي مون کي حاجي عبدالله هارون اسڪول ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ منهنجو دوست نول مل ياد اچي ويو. ان خاندان ورهاڱي وقت لڏڻ بجائي سنڌ ۾ رهڻ کي ئي ترجيح ڏني هئي. اهي کارادر ۾ هڪ فليٽ ۾ رهندا هئا. ڪڏهين ڪڏهين آئون نول سان گڏجي سندن گھر به ويندو هوس. اتي هڪ پوڙهو ويٺو هوندو هو جيڪو شايد نول جو پي يا ڏاڏو هو جڏهين ته گھر ۾ ٻيو ڪو ماڻهو نظر نه ايندو هو. مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته هن کي اسان جي اچڻ مان ڪا خوشي نه ٿي ٿئي. جيتوڻيڪ هو چوندو ڪجھ نه هو پر چاهيندو هو ته اهي ماڻهو گھر ۾ نه اچن ته چڱو. اها سٺ جي ڏهاڪي جي شروع جي ڳاله آهي ۽ ماڻهن ۾ ورهاڱي وقت ٿيل وڳوڙن جي ڪري پيدا ٿيل ڊپ ۽ هراس اڃا باقي هو ۽ ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ان وقت ويجھڙائي ۾ ڪاغذي بازار جي وچ ۾ هڪ مندر هو جنهن جي ٻاهران شينهن جي مورتي لڳل هئي. پر ان مندر تي مختلف ماڻهن قبضو ڪري دوڪان ۽ گھر قائم ڪري ڇڏيا هئا. ساڳي ريت ٿوري فاصلي تي موسالين هنڱورا پاڙي ۾ هڪ مندر هو جيڪو پڻ ويران پيو هو. نول سان جيتوڻيڪ پوء رابطو نه رهيو پر اها خبر پيئي ته هو ڊي ايم سي مان ايم بي بي ايس ڪري ڊاڪٽر ٿي ويو آهي.
اهڙو ئي هڪ واقعو منهنجي هڪ اڳوڻي نوجوان ڪليگ مون کي ٻڌايو هو. سندس چوڻ هو ته ڀارت مان لڏي اچڻ کانپوء سندس خاندان کي جيڪو گھر الاٽ ٿيو ۽ هو ان ۾ جڏهين داخل ٿيا ته اتي هڪ پوڙهي عورت ويٺي هئي جيڪا انهن کي ڏسي ڊپ ۾ ڏڪڻ لڳي ته اهي کيس ماري ڇڏيندا. پر انهن کيس تسلي ڏني ۽ کيس آرام سان ڀارت وڃڻ لاء اسٽيشن تي ڇڏي آيا.
اها ڪيفيت شايد اڃا به باقي آهي.

لکڻ جي شروعات

مون لکڻ جي شروعات ڪهاڻي، شاعري ۽ ڊرامن سان ڪئي. پنهنجي ڪاليج ۾ پڙهائي دوران مون اها مشق شروع ڪئي. هئي. ان وقت انهن مان ڪجھ شيون مون سنڌي ادبي سنگت لياري ۽ هڪ اڌ شي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ به پيش ڪيون هيون. انهن مان ڇپجڻ لاء مون ڪا ٻه شي نه موڪلي. اهو ابتدائي مرحلو هو. مون کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو ته اها شايد منهنجي فيلڊ نه هئي. اهو ان جي باوجود هو ته آئون سنڌي، اردو ۽ ڪوشش ڪري انگريزي فڪشن جا مختلف ڪتاب شوق سان پڙهندو هوس. پر منهنجو لکڻ مختلف سياسي، سماجي، معاشي ۽ ادبي موضوعن تي مضمونن ڏانهن منتقل ٿي ويو ۽ اها هڪ ليکڪ طور منهنجي سڃاڻپ ٿي ويئي. گھڻو عرصو پوء خيرپور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪرايل ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ عبدالقادر جوڻيجي جڏهين اسٽيج تان بيهي اهو اعلان ڪيو ته جيئن منٽو جي وفات سان اردو ڪهاڻي مري ويئي ساڳي ريت نسيم کرل جي وفات سان سنڌي ڪهاڻي جو انت ٿي ويو. ان پسمنظر ۾ مون هڪ طنزيه مضمون لکيو هو جيڪو ان وقت هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۾ ڇپيو هو.
هاڻي ائين ٿيندو آهي ته ڪڏهين ڪا سٽ من تي تري ايندي آهي جنهن جو ڪڏهين ڪٿي اظهار ڪبو آهي ۽ ڪڏهين اها پنهنجي ليکي ختم ٿي ويندي آهي. هڪ لحاظ کان مون اهو سمجھي ورتو آهي ته شاعري ۽ فڪشن لکڻ منهنجي وس جي ڳاله ناهي. ممڪن آهي ته ڪوشش ڪجي ته اهو ممڪن ٿي سگھي. ڇاڪاڻ ته لطيف احساس ته هر ماڻهو ۾ موجود آهن ۽ ماڻهو جو لاشعور ڪڏهين به ڪي ڪرشما ڏيکاري سگھي ٿو. بهرحال شاعري ۽ فڪشن پڙهڻ اڃا به منهنجو Passion آهي ۽ ان مان مون کي پنهنجي ٻئي ڪم لاء اتساه ملندو آهي.

شمشير الحيدري

شمشيرالحيدري ادب ۽ صحافت جي لحاظ کان هڪ وڏو نالو آهي. پر هن ڪڏهين اهو ڏيکاء نه ڏنو ته هو واقعي وڏو ماڻهو هو. شمشير، انور پيرزادو ۽ علي بابا کي انهن سنڌي ليکڪن ۾ ڳڻي سگھجي ٿو جن ٿوري گھڻي فرق سان پنهنجي مالي حيثيت گھڻي مستحڪم نه هئڻ جي باوجود پنهنجي مرضي سان زندگي گذاري ۽ ڏکيائين کي منهن ڏنو.
شمشير سان هونئن ته عام ڪچهرين ۽ سنگت جي گڏجاڻين ۾ گھڻيون ملاقاتون ٿيون پر ساڻس ٿيل ٻه ملاقاتون منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهن. شمشير ڪجھ عرصو شايد پنهنجي پٽ جي ڪري گلشن حديد ۾ به رهيو. ان وقت هو شايد ڪلچر ڊپارٽمنٽ جو ڪو اسائنمنٽ ڪري رهيو هو ۽ حديد کان سنڌ سيڪريٽريٽ تائين بس ۾ سفر ڪندو هو. هڪ ڀيري آئون شام جو گھر وڃڻ لاء بس ۾ اچي رهيو هوس ته ايم پي اي هاسٽل جي اسٽاپ تان هو بس ۾ سوار ٿيو. بس ۾ ڪابه سيٽ خالي نه هئي. هو سڌو اچي منهنجي سيٽ وٽ بيٺو. مون کيس سلام ڪيو ۽ اهو مناسب نه سمجھيو ته آئون ويٺو رهان ۽ شمشير ائين بيٺي تڪليف ۾ سفر ڪري. مون اٿي کيس پنهنجي سيٽ ڏني ۽ مون کي به ٿوري دير کانپوء سيٽ ملي ويئي. حديد تائين اسان گڏ سفر ڪيو. حديد جهڙي محدود سماجي زندگي شمشير جي طبيعت وٽان نه هئي. ان ڪري ٿوري وقت کانپوء هو وري شهر هليو ويو.
ٻئي ڀيري سنگت ٽنڊو باگو فقير محمد لاشاري جو ليڪچر رکيو هو ۽ اسان ٻيئي بدين مان ڊاڪتر آڪاش انصاري سان گڏجي اتي ويا هئاسين. اتي شمشير به موجود هو ۽ اهو ممڪن ئي هو ته جت شمشير هجي ۽ ات محفل نه هجي. اهڙي ريت سڄي رات محفل هلندي رهي ۽ ڪچهري به ٿيندي رهي.
شمشير جهڙا اهڙا ٿورا ليکڪ آهن جن پنهنجي وڏي ادبي مرتبي هئڻ جي باوجود عام ماڻهن ۽ ليکڪن سان هڪ ٿي پنهنجي حياتي گذاري.

سفر جيڪو جاري رهيو

وطن دوست کان جيڪي دوست ڌار ٿيا انهن جي گھڻائي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن ان وقت رڪنيت متعلق اڳ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي طريقه ڪار کي گھڻو نرم ۽ سولو ڪري ڇڏيو هو. انهن شامل ٿيندڙن ۾ آئون شامل نه هوس. انهن مان گھڻائي اهڙن ڪارڪنن جي هئي جن ساڳي وقت ڪميونزم ۽ قومپرستي جي ٻن ٻيڙين ۾ سواري ڪرڻ چاهي ٿي. ڏٺو وڃي ته اهي پنهنجي اندر ۾ قومپرست ئي هئا جن ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ نظرئي جي عياشي ماڻيندي ان کي پنهنجن قوم پرست خيالن ۽ جذبن کي صحيح ثابت ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو. ڪميونسٽ پارٽي جيڪا سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي قومي سوال جي معاملي تي پنهنجي بچاءُ ڪرڻ ۾ پوري هئي انهن ڪارڪنن جي اچڻ ڪري ان معاملي تي وڌيڪ دٻاء ۾ اچي ويئي ۽ ان مختلف معاملن تي طبقاتي نڪته نظر کي پاسيرو رکندي پاڻ کي قومپرستن کان وڌيڪ قومپرست ثابت ڪرڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي پارٽي ۾ جيڪي اختلاف ٿيا ۽ جنهن نموني اها ٿورائي ۽ گھڻائي جي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي ان ۾ عالمي پئماني تي ۽ خاص طور تي سويت يونين ۾ گورباچيف جي آندل تبديلين سان گڏ ان عنص جوبه وڏو ڪردار هو.
عوامي تحريڪ ۽ وطن دوست کان ڌار ٿيڻ ۽ ڪنهن ٻي سياسي تنظيم ۾ شامل نه ٿيڻ جو مطلب انفرادي لحاظ کان منهنجي سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو ختم ٿيڻ نه هو. وطن دوست کان ڌار ٿيل دوستن ۾ جيڪي ڪنهن سياسي تنظيم جو حصو نه ٿيا هئا انهن ۾ فقير محمد لاشاري جو اهم نالو پڻ شامل هو جيڪو ڊاڪٽر ارباب جي ويجھن ذاتي دوستن مان هئڻ سان گڏوگڏ هڪ لحاظ کان پارٽي جي نظرئي دانن مان هڪ سنجھيو ويندو هو. مون کي تازو ڪنهن دوست ٻڌايو ته فقير پنهنجن آخري ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو هو پر منهنجو ساڻس گھڻي ڀاڱي آخر تائين ويجھو لاڳاپو هو ۽ هن کاٻي ڌر ڏانهن جھڪاء رکڻ ۽ ڪميونسٽن ڏانهن همدردي واري روئي رکڻ جي باوجود ڪڏهين به اهڙو ذڪر نه ڪيو هو ۽ نه ئي اهڙي ڪنهن خواهش جو اظهار ڪيو هو. سندس سڄي توجھ پنهنجي صحافتي ۽ ادبي ڪم تي هوندي هئي. باقي پيپلز پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن سان سندس ويجھڙائي ڪنهن کان لڪل نه هئي.
ان وقت سنڌي ادبي سنگت کانسواء آئون ڪنهن سياسي تنظيم سان لاڳاپيل نه هوس. پر ان وقت جي ماحول ۾ ماڻهن لاء پنهنجي ليکي ئي سرگرم رهڻ جي گھڻي گنجائش هئي. سنگت ۾ ئي سنڌ جي اٽڪل سڀني ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتن جي شموليت ۽ حصيداري هوندي هئي. سياسي اختلافن جي باوجود ڪنهن جي اچڻ ۽ ڳالهائڻ تي ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي. انهن دوستن جي خيالن کي ٻڌڻ ۽ ساڻن ڳالهائڻ کان پوء سنڌ جي وسيع سياسي منظر نامي جي ڄاڻ حاصل ٿيندي هئي. ساڳي وقت انهن دوستن جي وسيلي سندن جماعتن جي اڳواڻن سان پڻ لھه وچڙه ۾ اچبو هو. ان سلسلي ۾ ذهني طور مون پاڻ تي ڪي به پابنديون لاڳو نه ڪيون هيون ته فلاڻي سان ملڻو آهي ۽ فلاڻي سان ناهي ملڻو. ان ڳاله جي باوجود ته آئون عوامي تحريڪ ۽ وطن دوست کان سياسي اختلافن ۽ روين جي ڪري ڌار ٿيو هوس پر منهنجو رويو سندن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڏانهن معاندانا هئڻ جي بجائي دوستاڻو هوندو هو ۽ آهي. ان مان ڪجھ دوستن کي اها غلط فهمي ٿيندي هئي ته هن کي وري پارٽي ۾ واپس آڻي سگھجي ٿو پر هاڻي سنڌو مان گھڻو پاڻي گذري چڪو هو ۽ اهو ممڪن نه رهيو هو. رسول بخش پليجو سان هونئن ته مختلف ادبي ۽ سياسي پروگرامن ۾ ملاقات ٿيندي هئي. پر ساڻس باقاعدي ملاقات جو هڪ موقعو ان وقت آيو جڏهين هو گلشن حديد ۾ پارٽي جي آفيس ۾ آيو هو ۽ آئون عوامي تحريڪ جي ڪجھ دوستن سان گڏجي اتي ساڻس ملڻ ويو هوس. اتي ڪچهري ڪندي مختلف ٻين ڳالهين سان گڏ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي به ڳاله ٻوله ٿي. مون کانئس پڇيو ته اوهان هڪ پاسي ته ڪالاباغ جي مخالفت ٿا ڪيو پر ساڳي وقت ڀاشا ڊيم جي ٺهڻ جي حمايت ٿا ڪيو ته سندس جواب هو ته ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ڀاشا ڊيم کي پاڻي کي ذخيري ڪرڻ لاء نه پر بجلي پيدا ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويندو. پر رڳو ڪجھ عرصي کان پوء ئي ان موقف جي نفي ٿي ويئي جڏهين عوامي تحريڪ ۽ ٻين سنڌي قوم پرست جماعتن ساڳي نموني ڀاشا ڊيم جي ٺهڻ جي به مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. ٻيون ڀيرو عوامي تحريڪ پاران پنهنجن ڪارڪنن جي تربيت جي سلسلي ۾ قاسم آباد حيدرآباد ۾ مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام ترتيب ڏنو ويو هو. مون کي چيو ويو هو ته اوهان پاڪستان جي معيشت جي مختلف لاڙن تي ليڪچر ڏيو. مون اهو ليڪچر ڏنو جنهن ۾ پليجي پاڻ به شرڪت ڪئي. اهو سڀڪجھ هڪ ٻاهر جي ماڻهو طور هوندو هو جنهن جو پارٽي جي اندرين معاملن سان ڪوبه واسطو نه هوندو هو جنهن ڳالھه کي ٻنهي پاسن پاران سمجھيو ٿي ويو.
پنهنجين خاص طور مختلف ادبي سرگرمين جي ڪري ڪراچي جي مختلف ادبي شخصيتن ۽ تنظيمن سان لھه وچڙه ۾ اچڻ جو موقعو به مليو. پنهنجي گھر جي ويجھو بغدادي ۾ آئون پنهنجي هڪ اسڪول جي دوست غلام نبي، جنهن کي سندس گھر وارا ۽ دوست بصر جي نالي سان سڏيندا هئا ۽ جيڪو ئي ڄڻ سندس اصلي نالو بڻجي ويو هو، سان اڪثر سندس ڌوٻي جي دوڪان تي ملڻ ويندو هوس جتي ٻيا دوست به اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ دير تائين چانهن جا دور ۽ ڪچهري پئي هلندي هئي. اتي ئي پاڙي ۾ اڙدو جو استاد ۽ ڀلوڙ شاعر ن م دانش به رهندو هو جنهن سان اڪثر ملاقات ٿيندي رهندي هئي. دانش جيتوڻيڪ پاڙي ۽ اوسي پاسي ۾ سماجي لحاظ کان گھڻو سرگرم ۽ ڄاتل سڃاتل هوندو هو ۽ پنهنجي هڪ سياسي رائي ۽ موقف به رکندو هو پر سندس ڪنهن سياسي تنظيم سان تعلق نه هو ۽ نه ئي هن اهڙو ڪو تعلق رکڻ چاهيو ٿي. پنهنجي شادي جي ڪجھ عرصي کان پوء هو پنهنجي خاندان سان گڏ آمريڪا لڏي ويو ۽ هن وقت اتي ئي رهي رهيو آهي. ڪڏهين ڪڏهين سندس شاعري دوستن وسيلي نظرن مان گذرندي آهي. اتي ئي مون نامياري بلوچ دانشور صبا دشتياري کي ڏٺو جيڪو روايتي لباس اوڍيو چادر ڪلهي تي رکي پنهنجي ليکي پيو هلندو هو. ساڻس منهنجي گھڻي ڏيٺ ويٺ نه هئي پر سندس متعلق عام طور تي اهو مشهور هوندو هو ته هو بلوچي ادب جي ظهور احمد شاه جي مڪتبه فڪر جي روايتي نڪته نظر، جنهن کي ان وقت رجعت پسند به سمجھيو ويندو هو، سان واسطو رکي ٿو ۽ سندس ترقي پسند اديبن سان گھڻو واسطو ناهي. پر صبا جي شخصيت جا مختلف پاسا جيئن پوء ظاهر ٿيا ان مان مون کي ائين لڳو ته ماڻهو جي اندر ۾ جيڪي ڪجھ وهي واپرجي ٿو ان جو اندازو ٻين ماڻهن لاء سندس ظاهر مان ڪرڻ گھڻو ڏکيو آهي. هن شادي نه ڪئي هئي ۽ ملير ۾ پنهنجي ادبي استاد ظهور احمد شاه جي نالي سان هڪ لائبريري قائم ڪئي هئي. جيڪي دوست سندس ويجھو هئا اهي ٻڌائين ٿا ته هو پنهنجي پگھار جو وڏو حصو ان لائبريري جي سار سنڀال ۽ ڪتابن وغيره خريد ڪرڻ تي خرچ ڪندو هو. آخري وقت ۾ جڏهين هو ڪوئيٽا ۾ گولي جو نشانو بڻيو ان وقت هو بلوچستان يونيورسٽي ۾ استاد هو. ساڻس ڪنهن ويجھي تعلق نه هئڻ جي باوجود جڏهين آئون سندس ان ريت تاريڪ راهن ۾ قتل کي ڏسندو آهيان ته منهنجين نظرن آڏو اهو صبا اچي ويندو آهي جيڪو لياري ۾ پنهنجي روايتي لباس ۾ چادر ڪلهي تي رکيو پيو گھمندو هو ۽ منهنجو اندر هڪ ڏک ۽ تڪليف ۾ وٺجي ويندو آهي.
روايتي شاعرن غلام احمد نظامي، رشيد احمد لاشاري ۽ محمد جمن هالو جي حوالي سان ڪراچي ۽ خاص طور تي لياري جو سڄي سنڌ ۾ هڪ مقام رهيو آهي. ترقي پسند ۽ رجعت پسند اديبن ۾ ٽڪراء ۽ تضاد جي حوالي سان خاص طور تي رشيد احمد لاشاري گھڻو متنازعه پڻ رهيو آهي. انهن مان منهنجي ملاقات رڳو محمد جمن هالو سان ئي ٿي سگھي جيڪو اسان جي پاڙي ۾ ئي رهندو هو. سنڌ جي ٻين شهرن متعلق مون کي گھڻي ڄاڻ ناهي پر ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مختلف شاخن کي پنهنجين گڏجاڻين لاء هميشه جاء جو مسئلو رهيو آهي. اهو ساڳيو مسئلو لياري سنگت کي پڻ درپيش هو. سنگت جون گڏجاڻيون ڪڏهين فٽبال هائوس، ڪڏهين مولوي عثمان پارڪ جي لائبريري ته ڪڏهين ڪنهن دوست جي گھر ڪندا هئاسين. اهڙي ئي ڀڄ ڍڪ ۾ محمد جمن هالي پاران پنهنجي گھر ۾ سنگت کي گڏجاڻين ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي جنهن کي قبول نه ڪرڻ جو ڪو ڪارڻ نه هو. هالو صاحب پاڻ گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ مختلف اسمن تي تنقيد ۾ حصو پڻ وٺندو هو پر اهو سلسلو به گھڻو وقت هلي نه سگھيو. ٿيندو ائين هو ته هالو صاحب گڏجاڻين ۾ پاڻ ڪرسي تي ويهندو هو ۽ باقي ڄڻا فرش تي ويهندا هئا. هڪ گڏجاڻي ۾ ڪنهن دوست اها نشاندهي ڪندي چيو ته سائين جن جي گڏجاڻين لاء جاء ڏيڻ لاء مهرباني پر اهو مناسب نه ٿو لڳي ته پاڻ مٿي ڪرسي تي ويهن ۽ ٻيا سڀ هيٺ ويهن.
اها ڳالھه کين نه آئڙي ۽ هن بنه ڪنهن رک رکاء جي سنگت کي چئي ڇڏيو ته هاڻي آئنده هتي سنگت جي گڏجاڻين ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. اهڙي ريت اهو سلسلو هتي ختم ٿيو.

بندر روڊ کان ڪيماڙي

گھڻي وقت کانپوءِ بندر روڊ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. شروع کان اها ڪراچي جي هڪ اهم سڙڪ رهي آهي، جيڪا شهر کي بندرگاه سان ڳنڍي ٿي ۽ ان نسبت سان ئي ان جو نالو آهي. ڪراچي جون گھڻيون پراڻيون جايون ۽ سڙڪون اهڙيون آهن جن جي نالن بدلائڻ سان ماڻهن تي ڪو فرق نه پيو آهي ۽ اهي انهن کي ساڳين پراڻن نالن سان ياد ڪن ٿا. بندر روڊ به انهن ۾ شامل آهي. مون کي ياد آهي ته سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهين ايوب خلاف تحريڪ هلي رهي هئي ته هن ئي روڊ تي خاص طور شاگردن جا جلوس نڪرندا هئا. هڪ ڀيري پنهنجي ليکي ائين گھمندي ڦرندي آئون به هڪ اهڙي جلوس ۾ شامل ٿي ويو هوس.
اها سڙڪ باقاعدي هڪ رٿا بندي تحت ٺاهي ويئي هئي جنهن جي پاسن کان پنڌ هلندڙ ماڻهن لاء فٽ پاٿ ۽ سروس روڊ هوندا هئا. ان دور جو هڪ مشهور فلمي گانو هوندو هو بندر روڊ سي ڪيماڙي، ميري چلي هي گھوڙا گاڙي، بابو هوجانا فٽ پاٿ پي. ان سڙڪ تان ئي ٽرام چاڪيواڙي ۽ صدر ڏانهن ويندي هئي.
هاڻي بندر روڊ ۾ گھڻيون تبديليون اچي چڪيون آهن. هن وقت انهن فٽ پاٿن وغيره تي دوڪاندارن وغيره جو قبضو آهي ۽ پنڌ هلندڙ ماڻهن لاء ڪا سهولت ناهي جڏهين ته ٽرام گھڻو عرصو اڳ بند ٿي چڪي آهي.
شهر جون گھڻيون اهم عمارتون اڃا ان سڙڪ تي ئي موجود آهن. سڙڪ جي مهڙ ۾ نيٽي جيٽي جي پل جي هيٺان ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي تاريخي عمارت آهي. ٿورو اڳتي ميري ويدر ٽاور آهي جنهن جي هڪ پاسي بندرروڊ ۽ ٻئي پاسي ميڪلوڊ روڊ آهي. هونئن به ورهاڱي کان اڳ ئي هتي مختلف سياسي جماعتن ۽ ٽريڊ يونين وغيره جا دفتر رهيا آهن. ساڳي وقت اهو هڪ تجارتي مرڪز پڻ رهيو آهي. بولٽن مارڪيٽ انگريزن جي ان سلسلي جو ئي هڪ حصو آهي جنهن تحت لي مارڪيٽ ۽ ايمپريس مارڪِيٽ وغيره جي تعمير ٿي هئي. اها ٻي ڳاله آهي ته مذهبي جھيڙن ۾ مارڪيٽ کي باه ڏيئي ساڙيو ويو ۽ هاڻي اها پنهنجي اصل حالت ۾ موجود ناهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوء جامع ڪلاٿ ۽ ٻيون گھڻيون مارڪيٽون وغيره ان سڙڪ تي قائم ٿيون. اهڙي ريت ڪي ايم سي هيڊ آفيس جي شاندار عمارت جنهن جي پوري ريت سار سنڀال نه ڪئي ويئي آهي. ڊينسو هال، مشهور خالقڏنو هال، ٿيوسافيڪل هال، ريڊيو پاڪستان ۽ ان جي ڀر ۾ جانورن جي پراڻي رچمنڊ هاسپيٽل جتي ننڍي هوندي هڪ ڀيرو آئون به پنهنجي چاچي سان گڏ ويو هوس ان ئي سڙڪ تي آهن. ٿورو اڳتي اين جي وي هائي اسڪول، پارسين جي ڇوڪرين جي لاء ماما پارسي اسڪول وغيره ان سڙڪ جون اهم نشانيون آهن. ڏٺو وڃي ته سول هاسپيٽل ۽ ڊو ميڊيڪل ڪاليج، جيتوڻيڪ ٿورو پاسيرا آهن پر هڪ لحاظ کان بندر روڊ سان لڳ هئڻ ڪري انهن کي ان جو حصو ئي ڳڻي سگھجي ٿو.
بندر روڊ ڄڻ هڪ لحاظ کان ڪراچي جو مرڪز رهيو آهي. هڪ پاسي کان اهو پراڻي شهر ۽ ٻڌي واپار وارين بازارن سان ڳنڍيل آهي ته ان جي ٻئي پاسي صدر ۽ ڪنٽونمنٽ جا علائقا آهن.
هينئر تازو اسان فريئر روڊ کان ريگل چوڪ جي رستي بندرروڊ تي داخل ٿياسين. هتي هاڻي هڪ ته ريگل سينيما نه رهي آهي پر علائقو اڃا به ان ئي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سينيما جي پويان ڪنهن وقت اسٽيٽ بينڪ جا آفيسرز فليٽ هوندا هئا. اهي فليٽ جيتوڻيڪ اڃا به موجود آهن پر اهي بينڪ جي هڪ اڳوڻي گورنر عشرت حسين رينجرز کي ڏيئي ڇڏيا هئا ۽ اهڙي ريت اهي هاڻي اسٽيٽ بينڪ جي ملڪيت نه رهيا آهن. هتان بندر روڊ تي داخل ٿيڻ سان ڪجھ نيون ۽ ڪجھ پراڻيون شيون نظر اچن ٿيون. شروع ۾ ئي گاڏين جي اسپيئر پارٽس جي دوڪانن وٽ پنجابي جو ناميارو شاعر ۽ اسان جو دوست بابا نجمي ڪم ڪندي نظر ايندو هو. هاڻي شايد هو هتان هليو ويو آهي ۽ اتي نظر نه آيو. ٿورو اڳتي پلازه سينيما کي گھڻو عرصو اڳ ڊاهي اتي نئين عمارت جي تعمير جي پيڙه رکي ويئي هئي. پر اهو ڪم اڳتي نه وڌي سگھيو آهي ۽ جتي آهي اتي ئي آهي. شايد ان ۾ ڪو قانوني مسئلو آهي. ان جي سامهون ئي رمپا پلازه آهي جيڪا ڪنهن وقت بندر روڊ جي هڪ اهم عمارت ليکي ويندي هئي. ان جي ڪجھ فلورن تي مشهور چرنيا هسپتال هوندي هئي. سڄي عمارت ۾ گھڻن ڊاڪٽرن جون آفيسون هونديون هيون. ٽين ماڙ تي اداره امن و انصاف ۽ نائين ماڙ تي سگا جا دفتر هوندا هئا. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي مختلف وقتن تي انهن ٻنهي جاين تي پنهنجيون گڏجاڻيون ڪندي هئي ۽ گڏجاڻين کانپوء دوست مٿي ڇت تي اسپتال جي ڪينٽين ۾ وڃي چانه پيئندا ۽ غيررسمي ڪچهريون ڪندا هئا.
ان عمارت جي مناسب سار سنڀال نه هئڻ ڪري، جنهن جو ڪارڻ اهو ٻڌايو ويندو هو ته گھڻين آفيسن وغيره وارا مينٽينينس جا ماهوار پئسا نه ڏيندا هئا، لفٽون اڪثر خراب هونديون هيون جنهن جي ڪري خاص طور اسپتال جي مريضن کي گھڻي تڪليف سهڻي پوندي هئي. صفائي جو مناسب انتظام نه هوندو هو. ان جي نتيجي ۾ گھڻن ڊاڪٽرن پنهنجيون آفيسون ان سڙڪ تي اڳتي نئين ٺهيل تاج ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ منتقل ڪري ڇڏيون. پر ڏٺو وڃي ته بندر روڊ جي رش وغيره جي ڪري ڊاڪٽر هتي به مطمئن نه هئا ۽ انهن مان گھڻا ڪلفٽن ۽ شهر جي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. چارانيا اسپتال جا پهرين مالڪ ۽ نالو بدليو ۽ پوء ماڳيئي اسپتال ئي بند ٿي ويئي. ٽئين فلور تي اداره امن وانصاف جي دفتر تي دهشت گردن جي حملي ۾ ڪيترا ئي دوست مارجي ويا ۽ دفتر به بند ٿي ويو. هن وقت رمپا پلازه ۾ ڪجھ آفيسون ئي وڃي رهيون آهن جن ۾ سگا جي آفيس به شامل آهي. پر ان پلازه جيِ اها پراڻي شان باقي نه رهي آهي. ان جي ڀرسان ئي شاپنگ سينٽر گل پلازه آهي جنهن سان لڳ محمدي ٽرام وي ڪمپني جو ڊيپو هو جتي ڪراچي جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ ٽرامون بيهنديون هيون. ٽرامن جي بند ٿيڻ کانپوء اها جاء سرڪاري بسن وغيره جي بيهڻ لاء به استعمال ٿيندي هئي. پرپوء هتي ڪجھ تعمير جو ڪم هليو هو جيڪو ائين ئي رهجي ويو هو ۽ گھڻي عرصي کان پلاٽ ائين ئي پيو هو. هن وقت اتي ڪنهن عمارت جي تعمير ٿي آهي.
تاج ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ڀرسان سي بريز جي نالي سان هڪ وڏي عمارت ٺاهي ويئي هئي پر اها عمارت پنهنجي تعميراتي خرابين وغيره جي ڪري ڪامياب نه وڃي سگھي ۽ ڪجھ دوڪانن ۽ آفيسن وغيره کي ڇڏي ائين ويران پيئي هوندي هئي. تازو سپريم ڪورٽ پاران ان کي مخدوش قرار ڏيئي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. ساڳي ريت پراڻي نمائش وٽ عرصي کان جنهن انڊرپاس جي تعمير جاري هئي ان کي به اڃا کوليو نه ويو هو.
بندر روڊ نه رڳو شهر جي هڪ اهم شاهراه آهي پر ان جي تاريخي حيثيت پڻ آهي اهو اهڙو ورثو آهي جنهن جي سارسنڀال ۽ سينگارڻ جي ضرورت آهي.

ڪراچي جو ميڪلوڊ روڊ

ميري ويدر ٽاور جي هڪ پاسي ته بندر روڊ آهي جيڪو اڳتي گرو مندر تائين هليو وڃي ٿو جڏهين ته ٻئي پاسي ميڪلوڊ روڊ آهي، جنهن کي هاڻي آئي آئي چندريگر روڊ چئجي ٿو. پر گھڻا ان کي اڃا تائين پراڻي نالي سان ئي سڏين ٿا جيئن ڪوئنز روڊ جو نالو ڀلي مولوي تميزالدين روڊ رکيو ويو هجي پر ماڻهو ان کي پراڻي نالي سان ئي سڏيندا آهن. الاهي ڇو ان ڳاله کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي ته نالا رڳو نالا ناهن هوندا پر انهن جي پويان پوري تاريخ هوندي آهي.
ان سڙڪ جي نالي جي حوالي سان ٻه رايا آهن. هڪ اهو آهي ته اهو 1850 جي ڏهاڪي ۾ ڪسٽم جي ڊپٽي ڪليڪٽر جان ميڪلوڊ جي اعزاز ۾ رکيو ويو هو جڏهين ته ٻيو رايو اهو آهي ته اهو جيمس جان ميڪلوڊ انس، جنهن کي سندس 1857 جي آزادي جي جنگ ۾ تاج برطانيا لاء خدمتن جي عيوض وڪٽوريا ڪراس مليو هو، جي نالي پويان رکيو ويو هو. 9 نومبر 1969 تي اوسي پاسي جي ٻين اهم شاهراهن جيان ان جو به نالو بدلائي ملڪ جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم ابراهيم اسماعيل چندريگر، جنهن جي عهدي جي ميعاد ڇه هفتا مس رهي هئي، جي نالي پويان آئي آئي چندريگر روڊ رکيو ويو.
ڏٺو وڃي ته بندرروڊ کي بندرگاه ۽ بازارن جي سهولت لاء ٺاهيو ويو هو تيئن ان روڊ کي به شروع کان ئي هڪ تجارتي مرڪز جي طور ٺاهيو ويو آهي. آمريڪا جي گھرو ويڙه کانپوء ڪپه جي واپار ۾ آيل تيزي جي ڪري ريلوي لائين جي سامهون ان سڙڪ جي پويان ڪپه جا گودام ٺاهيا ويا جڏهين ته انهن واپارين جا دفتر ان سڙڪ تي ئي هئا. 1870 جي ڏهاڪي ۾ مختلف بينڪن ۽ ڪمپنين ان سڙڪ تي پنهنجا دفتر قائم ڪيا ۽ ان ئي ڏهاڪي ۾ روڊ جي ڏاکڻي ڪنڊ تي هڪ ننڍي ريلوي اسٽيشن ٺاهي ويئي جنهن کي 1880 جي ڏهاڪي ۾ ترقي ڏني ويئي ۽ وري 1935 ۾ ميڪلوڊ اسٽيشن ٺاهي ويئي جيڪا هاڻي ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن آهي. جڏهين ڊاڪٽر عشرت حسين اسٽيٽ بينڪ جو گورنر هو ته هن ان سڙڪ تي وڌندڙ رش جي دٻاء کي گھٽ ڪرڻ ۽ سندس چواڻي ته ان سڙڪ کي هڪ اسٽيٽ آف آرٽ جي صورت ڏيڻ لاء هڪ رٿا ٺاهي ۽ ان جي لاء مختلف بينڪن ۽ مالياتي ادارن کان پئسا ورتا ويا. رٿا اها هئي ته ان سڙڪ تي پبلڪ ٽرانسپورٽ وغيره کي بند ڪيو ويندو ۽ شاهين ڪامپليڪس کانپوء هڪ شٽل سروس شروع ڪئي ويندي جيڪا مختلف ادارن جي ملازمن کي پنهنجن دفترن تائين پهچائيندي. ان مقصد لاء سڙڪ جي نئين سر تعمير، جنهن جو هڪ مقصد نيون سيوريج لائنون وغيره وجھڻ هو ته جيئن مينهن جي موسم ۾ سڙڪ تي پاڻي نه بيهي ۽ ماڻهن کي پريشاني نه ٿئي، لاء هڪ ڊگھي عرصي تائين سڙڪ عام ٽريفڪ وغيره لاء بند رهي ۽ ڊاڪٽر عشرت جي وڃڻ کانپوء نئين گورنر ان جو افتتاح ڪيو ۽ پنهنجي نالي جي تختي هڻايائين. پر سڙڪ جي صورتحال ساڳي رهي. شٽل سروس وارو خواب به پورو نه ٿيو ۽ مينهن جو پاڻي به ساڳي ريت پريشاني جو باعث بڻجي ٿو. مينهن جي مند ۾ خاص طور ان پاڻي جي ڪري ائين ٿيندو هو جو خاص طور شام جو آفيسن جي موڪل کانپوء ٽريفڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ جام هوندي هئي ۽ حادثا ڌار ٿيندا هئا. مون سان به گھڻا ڀيرا ائين ٿيو جو پنجين وڳي جو آفيس مان نڪتل رات ٻين اڍائي وڳي مس وڃي گھر پهچندو هوس.
شروع ۾ ان روڊ تي بندر روڊ جيان گھڻي رش نه هوندي هئي. سٺ جي ڏهاڪي جي آخر تائين ته هتان اڌ مني ڪلاڪ کانپوء هڪ بس ڪا مشڪل سان لنگھندي هئي. موٽر ڪارون گھٽ ماڻهن وٽ هيون. ان وقت اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻين آفيسن جا گھڻا ماڻهو ناظم آباد ۽ فيڊرل بي ايريا وغيره کان سائيڪلن تي ايندا هئا جنهن جو هاڻي تصور به نه ٿو ڪري سگھجي.
سڙڪ تي پٿر جون ٺهيل پراڻيون عمارتون آهن جن مان ڪي ته اڃا صحيح حالت ۾ آهن ۽ ڪي بلڪل زبون حالت ۾ آهن. انهن ۾ وڏيون گھڻ ماڙ عمارتون ۽ آفيسون وغيره گھڻو پوء قائم ٿيون. سڙڪ جي شروع ۾ ئي ريلوي جو هڪ وڏو ڪمپائونڊ ۽ گودام آهي جڏهين ته ان سان گڏ گھٽي ۾ ئي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت آهي جنهن جو هاڻي نالو بدلجي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ٿي ويو آهي. ان سان گڏئي اسٽيٽ بينڪ جي نئين عمارت آهي جيڪا 1960 جي ڏهاڪي ۾ ٺهي مڪمل ٿي هئي ۽ جنهن جو افتتاح ايوب خان ڪيو هو. اسٽيٽ بينڪ جي ان ڪمپائونڊ ۾ ٻه پراڻيون عمارتون موجود آهن. هڪ پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان اڳ جي بينڪ آف انڊيا جي پٿر واري عمارت آهي جنهن ۾ شروع ۾ بينڪ جا ڪجھ ڊپارٽمنٽ هوندا هئا، پوء هتي لائبريري کي منتقل ڪيو ويو هو ۽ هاڻي هتي ميوزيم آهي. ٻي عمارت هڪ خانگي دفتر جي هئي هڪ ڊگھي عرصي تائين اها اتي رهي ۽ گھڻي لکپڙه ۽ ڪورٽ ڪچهرين کان پوء اها بينڪ کي ملي سگھي ۽ هاڻي اها بينڪ جي استعمال ۾ آهي. بينڪ جي سامهون خالي پلاٽ پيل هوندا هئا جتي چانه جا کوکا وغيره هوندا هئا ۽ اتي بينڪ ۽ آسپاس جي آفيسن جا ماڻهو چانه پيئڻ لاء گڏ ٿيندا هئا. هاڻي اتي گھڻ ماڙ عمارت ٺهي ويئي آهي جنهن ۾ بينڪن جون برانچون ۽ ٻيون آفيسون وغيره آهن. آدمجي هائوس ۽ ان جي سامهون شيشي جي عمارت هئي جنهن ۾ ڪنهن دور ۾ بي سي سي آئي هوندي هئي ۽ هاڻي الفلاح بينڪ آهي. ان جي پاسي ۾ پوليس هيڊ آفيس آهي ۽ سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان ڪجھ نيون ۽ ڪجھ پراڻيون عمارتون آهن. ڪنڊ تي جتي گھٽي ان سڙڪ کي بندر روڊ ۽ بولٽن مارڪيٽ سان ملائي ٿي پاڪستان کان اڳ جي پراڻي پٿر جي عمارت آهي جنهن ۾ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ آهي. ان جي سامهون ئي نيشنل بينڪ جي هيڊ آفيس آهي جنهن جي ڀر ۾ جوبلي انشورنس ڪمپني ۽ اسٽيٽ لائيف جي بلڊنگ نمبر هڪ آهي. يونائٽيڊ بينڪ جي هيڊ آفيس ان ئي عمارت ۾ هوندي هئي پر هاڻي ان جي بلڪل سامهون بينڪ هڪ گھڻ ماڙ جديد طرز جي عمارت ٺاهي آهي. ان سان گڏ محمدي هائوس آهي. پيپلز پارٽي جي پهرئين دور ۾ بينڪن جيان مختلف شپنگ ڪمپنين وغيره کي به قومي ملڪيت ۾ وٺي انهن سڀني کي گڏي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو هو. محمدي هائوس ان وقت محمدي شپنگ ڪمپني جي ملڪيت هو ۽ اڃا ان جو اهو پراڻو نالو هلندو اچي. هن وقت ان عمارت ۾ مختلف ادارن جون آفيسون وغيره آهن. حبيب بينڪ جي انسپيڪشن دوران هتي ڪجھ وقت مون گذاريو هو. پر عمارت جي مناسب سارسنڀال نه ٿيڻ جي ڪري ڄڻ هتي هڪ بدنظمي آهي.
ٿورو اڳتي حبيب بينڪ پلازه جي گھڻ ماڙ عمارت آهي جيڪا 1963 ۾ ٺهي ۽ ڪنهن وقت سڀ کان اوچي عمارت ليکي ويندي هئي جڏهين ته هاڻي ايم سي بي ٽاورز ۽ ٻيون عمارتون ٺهي ويون آهن. ان جي ڀرسان گھٽي جي ٻئي پاسي ڪاٽن ايڪسچينج جي پراڻي پٿر جي ٺهيل عمارت آهي. ان جي سامهون پل آهي جيڪا ان سڙڪ کي گودامن وغيره سان ڳنڍي ٿي ۽ ان جي ڀر ۾ سٽي اسٽيشن آهي جتي هاڻي گھڻو ڪري ريلوي جا دفتر آهن ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ٽرينون هتي اچن ٿيون جڏهين ته گھڻيون ڪينٽ اسٽيشن کان ئي شروع ۽ اتي ئي ختم ٿين ٿيون.
ان کان ٿورو اڳتي ايم سي بي ٽاورز آهي. ان عمارت کي جديد طريقي سان ٺاهيو ويو آهي ۽ ان جو مقصد بينڪ جي وڌندڙ ڪم ۽ اسٽاف جي ڪري هيڊ آفيس کي آدمجي هائوس مان هتي آڻڻ هو. پر ٿيو ائين ته جيئن ته بينڪ جي نجي ملڪيت ۾ وڃڻ کانپوء نون مالڪن جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ سندن ڪاروباري مفاد فيصل آباد ۽ لاهور ۾ آهن ان ڪري هن عمارت کي ٺهرائڻ جي باوجود هيڊ آفيس کي لاهور منتقل ڪيو ويو. مون رٽائرمنٽ کانپوء ڪجھ عرصو ايم سي بي اسلامڪ بينڪ ۾ نوڪري جي حوالي سان ان عمارت ۾ گذاريو هو. عمارت ۾ ڄڻ هڪ ويراني آهي. هر فلور تي ڪجھ ماڻهو ويٺا آهن. ان جي ڪري بينڪ پاران هڪ اڌ برانچ کي به هت منتقل ڪيو ويو آهي. ان کان ٿورو اڳتي پٿر جي هڪ عمارت آهي جيڪا هن وقت ته زبون حالت ۾ آهي پر ڪنهن وقت ۾ هتي فيروز سنز جي آفيس هوندي هئي جتي منهنجو به ڪتابن وغيره وٺڻ جي سلسلي ڪجھ ڀيرا وڃڻ ٿيو هو. ان ئي سڙڪ تي جنگ گروپ ۽ ٻين مختلف ميڊيا گروپن جون آفيسون به آهن.
سڙڪ جي ڪنڊ تي هڪ پاسي شاهين ڪامپليڪس ۽ ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۽ برنس گارڊن آهي. شاهين ڪامپليڪس اڃا به ايئر فورس جي ملڪيت آهي. ان جي ٺهڻ کان اڳ هتي ايئر فورس جو ڀرتي جو مرڪز هو جتي هڪ اڌ ڀيرو منهنجو به اچڻ ٿيو هو. اها سڄي جاء ۽ ان جي پويان عبدالله هارون مسلم جيمخانه سميت هندو جيمخانه جي ملڪيت هئي. سپريم ڪورٽ واري عمارت ۾ ان کان اڳ واٽر بورڊ جي آفيس هئي جڏهين ته پاڪستان ٺهڻ کانپوء اها اسٽيٽ بينڪ جي پهرين آفيس هئي.
هن سڙڪ ۽ بندر روڊ جي اها خاصيت آهي ته ٿوري ٿوري فاصلي کانپوء اهڙا ننڍا روڊ ۽ گھٽيون آهن جيڪي انهن کي پراڻي شهر ۽ مک بازارن وغيره سان ڳنڍين ٿا. هڪ لحاظ کان اهو سڄو علائقو ڄڻ هڪ تاريخ آهي جنهن کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

گل محمد کتريءَ جون ساروڻيون

فيس بڪ تي سائين گل محمد کتريءَ جي تصوير ڏسي ڪجهه پراڻيون يادون من تي تري آيون. لياريءَ ۾ رهڻ جي حوالي سان ساڻس گھڻيون ملاقاتون ٿيون. سندس اسٽوڊيو نيپيئر روڊ کي ليمارڪيٽ سان ڳنڍيندڙ گھٽيءَ جي ڪنڊ تي هوندو هو. اسان جو دوست قمر جماڻي، جيڪو پاڻ هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن هو، کتري صاحب جو وڏو قدردان هو ۽ ساڻس اڪثر ملڻ ويندو هو. آئون به ساڻس گڏجي اڪثر ان اسٽوڊيو ۾ ويندو هوس. هو پنهنجو ڪمرشل ڪم به ڪندو هو، جنهن ۾ گھڻو ڪري سينيمائن تي لڳندڙ فلمن جا پوسٽر وغيره هوندا هئا، پر کتري صاحب جو خاص موضوع ڀٽائيءَ جي شعرن کي تصويري شڪل ۾ پيش ڪرڻ هو. ان سان ڄڻ کيس عشق هو. پوءِ اها ئي ڳالهه سندس سڃاڻپ پڻ بڻجي ويئي.
سندس سڄو اسٽوڊيو اهڙين تصويرن سان ڀريو پيو هوندو هو. سنڌ جا گھڻا ناليوارا ماڻهو وٽس ايندا هئا. ان اسٽوڊيو ۾ هڪ ٻه ڀيرا علڻ فقير سان به منهنجي ملاقات ٿي، جيڪو خاص کتري صاحب سان ملڻ ايندو هو.
ان کانپوءِ پنهنجي جاءِ ٺهڻ جي ڪري جماڻي کيس بغدادي ۾ پنهنجي گھر جي هيٺئين حصي ۾ رهائش ڏني هئي، جتي اڪثر، جڏهن جماڻي سان ملڻ وڃبو هو ته هن سان به ملاقات ٿي ويندي هئي. موسيٰ لين ۾ سندس گھر ٺهڻ کانپوءِ جڏهن هن اتي رهائش اختيار ڪئي ته، اتي به ڪڏهن ڪڏهن وٽس وڃڻ ٿيندو هو. هو آخر تائين لياريءَ ۾ ئي پنهنجن وسيلن جي آڌار تي رهيو. سندس فن پارن کي ساراهيو ويندو هو ۽ انهن جي گھڻي تعريف به ٿيندي هئي، پر نه ته سرڪار پاران ۽ نه ئي سندس سنڌي قدردانن پاران کيس ايترا وسيلا مهيا ڪيا ويا، جيڪي سندس خاندان لاء ڪافي ٿي سگھن ۽ هو بي فڪر ٿي پنهنجو پورو ڌيان پنهنجي ڪم تي ڏيئي سگھي.
کتري صاحب جو پٽ افضال اسٽيٽ بينڪ ۾ ملازم آهي. هو جڏهن به ملندو آهي ته ڪلچر ڊپارٽمنٽ ۽ ٻين ادارن جي، کتري صاحب جي ڪم جي حوالي سان ڏنل آسرن جو ذڪر ڪندو آهي ۽ هميشه پراميد رهندو آهي، پر هڪ ڊگھي عرصي گذرڻ کانپوءِ به انهن ادارن پاران ان سلسلي اڃا ڪجهه به ناهي ڪيو ويو.
......
منهنجي لاءِ اهي سڀ استاد محترم ۽ معزز آهن، جن پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين منهنجي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ساڳئي وقت منهنجي لاءِ اهي دوست به اوترا ئي محترم ۽ عزت لائق آهن، جن منهنجي غير رسمي تعليم، تربيت ۽ صحيح دڳ تي لاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. منهنجي لاءِ اهي ليکڪ به استادن جو درجو رکن ٿا، جن جي لکڻين ۽ ڪتابن مان آئون اڃا تائين سکندو ۽ لاڀ پرائيندو رهيو آهيان. شعوري ۽ لاشعوري طور مون جن به ماڻهن مان، عمر ۽ تعليم جي ڪنهن فرق کانسواءِ پرايو آهي. آئون انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان ۽ انهن سڀني کي محترم سمجھان ٿو.
.....
ڪنهن دوست پڇيو ته، ”اوهان جو خاندان ڪراچيءَ ۾ اٽڪل سئو سالن کان وڌيڪ عرصي کان رهندڙ آهي، پوءِ اوهان زمينن وغيره تي ٻين وانگر قبضا ڪري پنهنجي ملڪيت ۾ واڌارو ڇو نه ڪيو؟“ منهنجو کيس جواب هو ته، ”هي شهر اسان جو پنهنجو آهي، جنهن اسان کي اجھو، تعليم، روزگار ۽ زندگيءَ جي هر سهولت مهيا ڪئي آهي - ۽ اسان کي ڪڏهن به اهو خيال نه آيو ته ڪو پنهنجي گھر، شهر ۽ ڌرتيءَ تي به قبضو ڪبو آهي، ڇاڪاڻ ته قبضا ڪرڻ ۽ ملڪيتون ٺاهڻ ته ڪاه ڪندڙن ۽ ڦورن جو ڪم هونڌدو آهي، ڌرتيءَ واسي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪندا ۽ ان کي خوبصورت ٺاهڻ لاء پاڻ پتوڙيندا آهن.
.....
ڪرڪيٽ جو مون کي شروع کان ئي شوق رهيو آهي، جيڪو گھڻي ڀاڱي ڪامينٽري وغيره ٻڌڻ ۽ مئچ ڏسڻ جي حد تائين رهيو آهي. ننڍي هوندي جڏهن اڃا ٽي وي تي لائيو ميچ نه ايندا هئا ته ريڊيو تي عمرقريشي ۽ جمشيد مارڪر جي ڪامينٽري کي ڪن لڳائي ٻڌبو هو. نيشنل اسٽيڊيم ان وقت شهر کان ٻاهر هوندو هو ۽ مئچ وغيره جي موقعي تي شهر جي مختلف علائقن مان خاص بسون هلايون وينديون هيون. شايد ٻه ڀيرا مون اسٽيڊيم ۾ وڃي مئچ ڏٺو هو. ان وقت نيشنل اسٽيڊيم جي چوڌاري قلعي جيان وڏيون ديوارون، جيئن هن وقت آهن، نه هيون، ان ڪري ماڻهو ميدان جي ٻاهران ڪنهن ٽڪريءَ تي ويهي به مئچ ڏسي سگھندو هو.
....
هڪ ڀيري جڏهن اسان کهڙا کان پير ڪٽپر، ڏاڏا جي قبر تي ٽانگي ۾ وڃي رهيا هئاسين ته واٽ تي هڪ واٽر تي آبپاشي کاتي جي ڪنهن عملدار ٽانگي واري کي بيهڻ لاءِ چيو، پر ٽانگي وارو نه بيٺو ۽ گھوڙو ڊوڙائيندو نڪري ويو. هن سمجھيو ته سندس جان ڇٽي ويئي، پر ائين نه ٿيو. هو همراه گھوڙي تي سوار هو ۽ گھوڙو ڊوڙائيندو اچي ان همراه کي اتي قابو ڪيائين، جتي اسان بيٺا هئاسين. بس پوءِ ته ان ٽانگي واري جي حالت ڏسڻ جهڙي هجي. پٽڪو پَٽ تي ڪيرائي ۽ ڌوڙ پنهنجي مُنهن ۾ وجھي ان عملدار کان معافيون وٺڻ لڳو. نيٺ گھڻين آزين نيازين ۽ اسان جي چوڻ تي هن ان جي جان ڇڏي. خبر پيئي ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪنهن ننڍي عملدار جو به ماڻهن جي زندگيءَ تي ڪيترو نه اختيار آهي، جڏهن ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ ماڻهو ڪنهن وڏي عملدار ۽ خان کي به نه ليکيندا آهن