سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڊاڪٽر مرلي ڌر جي لکيل مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو ”ٽين دنيا جا سور“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڊاڪٽر مرلي ڌر سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن پاڪستان (SIUT) ڪراچي ۾ پروفيسر آهي، جتي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي. ڊاڪٽر مرلي ڌر پنهنجي طبي خدمتن سان گڏ ادب جي خدمت پڻ ڪري رهيو آهي. پاڻ بھترين شاعر ۽ نثر نويس آهي، سندس شاعريءَ جا ٻہ ڪتاب ”اکيون ڏيلا مَنُ گهايل“ ۽ ”ڪِرِچيون ڪِرِچيون اڌما“ شايع ٿيل اٿس ۽ مضمونن ۽ ڪالمن جو ڪتاب صحت سڀني لاءِ (ٻہ ڀاڱا) پڻ ڇپيل اٿس. ھن ڪتاب جي مضمونن ۾ ميڊيڪل سائنس جي منجهيل مسئلن کي انسان دوست ۽ سائنسي سوچ سان سلھاڙي پيش ڪيو ويو آھي. مرلي ڌر جا مضمون صرف ميڊيڪل جي دائري ۾ داخل مريضن جون مشڪلاتون بيان ڪرڻ تائين محدود ناھن. ھو مسڪين ماڻھن کي صحت جو حق ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ جا سفر ڪري ٿو ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
ھي ڪتاب 2016ع ۾ پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرز، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي