سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم ۽ اديب علامہ عمر بن محمد دائودپوٽي جي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو ”مضمون ۽ مقالا“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جي سھيڙ خانم خديجہ دائودپوٽي صاحبہ ڪئي آھي.
ھي ڪتاب علامہ دائودپوٽي جي انھن مضمونن تي مشتمل آھي جيڪي اڳ ماھنامي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل آھن. ھنن مضمونن جو ھڪ وڏو حصو شاھہ لطيف جي سوانح ۽ ڪلام، فڪر ۽ فلسفي متعلق آھي. پھريون حصو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ بابت آھي، ان کانسواءِ بزرگ ھستين، شخصي تاثراتن، اسلامي تصوف ۽ عربي شاعريءَ جي فارسي شاعريءَ تي اثر جا مقالا پڻ شامل آھن.
ھي ڪتاب 1978ع ۾ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي