سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم ۽ اديب علامہ عمر بن محمد دائودپوٽي جي لکيل مقالن ۽ مضمونن جو مجموعو ”سون برابر سڳڙا“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جو مرتب ڪندڙ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو آھي.
ھن ڪتاب ۾ موجود مقالن جي اھميت ٻن حوالن کان سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ رھندي. ھڪ تہ ھي مقالا وقت جي اھم ادبي رسالي ”سنڌوءَ“، سنڌ جي تاريخي حيثيت واري اخبار ”الوحيد“ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي مشھور ٽماھي ”مھراڻ“ ۾ ڇپجي، مڃتا ماڻي چڪا ھئا ۽ ٻيو تہ ھنن مقالن ۾ جتي سنڌي شاعريءَ ۽ نثر بابت ابتدائي تاريخي تحقيق ۽ ڄاڻ ڏنل آھي، اُتي سنڌي صورتخطيءَ جي درستيءَ ۽سنڌي لغت بابت شروعاتي بحث ٿيل آھي.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي