ساميءَ جا سلوڪ, مصنف : ڀائي چين راءِ سامي

ساميءَ جا سلوڪ

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ساميءَ جا سلوڪ
مصنف : ڀائي چين راءِ سامي
مُرتب : ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
ڪيٽيگري : تصوف
ڇپيندڙ : سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 1978
شامل ڪيو ويو : 2021-07-15
ڏِٺو ويو : 2 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 424 ڀيرا

ساميءَ جا سلوڪ هند توڙي سنڌ ۾ گهڻو مشهور آهن .ساميءَ جي شاعريءَ تي ڪجهه تحقيقي ڪم ورهاڱي کان اڳ ٿيو ،پر بعد ۾ شڪارپور جي مشهور تعليمي اداري سي اينڊ ايس ڪاليج جا ٻہ نامور استاد ۽ محقق پروفيسر جهامنداس دوارڪا داس ۽ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي پنهنجي پنهنجي سر ساميءَ تي تحقيق جو ڪم ڪري رهيا هئا ،پر ورهاڱي سبب اهو ڪم مڪمل نہ ٿي سگهيو ۽ نہ ئي شايع ٿي سگهيو .ڪجهه عرصي کانپوءِ ڀوڄراج هوتچند ناگراڻيءَ جي محنت سان 1955ع ۾ پهريون ڀيرو بمبئيءَ مان ’ساميءَ جا سلوڪ ‘(پهريون ڀاڱو )شايع ٿيو. ڪتاب ۾ ’گذارش ‘نالي عنوان هيٺ ناشر لکي ٿو ته ،”سنڌي ادب ۾ شاهه ،سچل ۽ سامي هڪ اهڙي ٽہ مورتي آهي ، جنهن ۾ سنڌي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي تمدني بنياد جو روح يا نچوڙ نظر اچي ٿو . اسان جي هنن ٽن شاعرن اسان جي ٻوليءَ کي نئين حياتي ڏني ، ان کي جيئرو رهڻ سيکاريو ۽ اهو ثابت ڪيو تہ هيءَ ٻولي دنيا جي انهن اعليٰ ٻولين مان هڪ آهي.“ 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري تصوف مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ