سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران بنجامن جويٽ جي ڪتاب Dialogues of Plato تان افلاطون جي ٻن مڪالمن، Crito جو ”قانون“ جي نالي سان ۽ Lysis or Friendship جو ”دوستيءَ“ جي نالي سان سنڌي ۾ ڪيل ترجمو اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب جو سنڌيڪار ڊاڪٽر گُل آھي.
فلسفي بابت ھي ھڪ انتھائي اھم ڪتاب آھي. ڪريٽو ۾ ھي بحث ٽن يا ٻن مختلف شخصن جو نہ آھي، حقيقت ۾ ھڪ ئي سقراط جو، پنھنجو پاڻ سان بحث آھي. سقراط Against سقراط، دوستن جي مشورن ۽ صلاحن جي بنياد تي ھو سوچي ٿو.
ھي ڪتاب 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي