شخصيتون ۽ خاڪا

من من مورَ ٽھوڪا

علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 41
  • 20
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book من من مورَ ٽھوڪا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر۽ نثر نگار  علي نواز ڏاھريءَ جو لکيل خاڪن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب  ”من من مور ٽھوڪا“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
علي نواز ڏاهريءَ جي لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي، هن  ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پھريون ڀاڱو "جن جون جايون جيءَ ۾" جي عنوان تحت 12 مضمونن، ٻيو حصو "هر دل ڪيئي ڪتاب" جي عنوان هيٺ 8 مضمونن ۽ ٽيون ڀاڱو "سور پريان جا ساڻ مون" جي عنوان تحت 10 مضمونن تي مشتمل آهي. علي نواز ڏاهريءَ جا لکيل هي مضمون احساسن جو اهڙو جامع ڀنڊار آهي جنھن مان لفظ رقص ڪندي ڀائنجن ٿا. هن وٽ اظھار لاءِ انيڪ لفظن جو خزانو آهي. سندس نثر مان خوشبو ڦھلجي رهي آهي.
ھي ڪتاب مُرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون علي نواز ڏاھريءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

Book No: 87
ڪتاب: من من مورَ- ٽهوڪا
ليکڪ: علي نواز ڏاهري
ڇاپو پهريون: 2020ع
ڪمپوزنگ: سعيد مرتضيٰ
لي آئوٽ ٽائيٽل: زين ڪمپيوٽرس ڪراچي
ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

Room No. 305, 3rd Floor Sabir Manzil 98
Near Gul Plaza, Marston Road Karachi
murk.publication@gmail.com
murtaza.laghari9@gmail.com
cell:03005182494

ملهه: 400 رپيا

ڪـتـاب ملـڻ جـا هـنـڌ:
ڪاٺياواڙ بڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي، ڀٽائي ڪتاب گھر حيدرآباد،
ڪنول ڪتاب گهر حيدرآباد، رومي ڪتاب گهر حيدرآباد
دانيال ڪتاب گهر حيدرآباد، رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو،
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر، ٿر ڪتاب گهر مٺي،
تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، مهراڻ ڪتاب گهر سانگهڙ،
پريتم قاضي نواب شاهه، مُرڪ پبليڪيشن ڪراچي

ارپنا

ياد اوهان جي آئي، ڄڻ ڪا، دل جي زخمي تار ٽٽي،
راتين جون مون راتيون جاڳي، رئندي رت وهايو آ.
(ارشد)

جديد سنڌي ادب جي اڀ تي جرڪندڙ
انتهائي خوبصورت ۽ روشن ستاري
پوپٽن جي پرن ۽ پشم گولن جهڙي نفيس ۽ حساس ڪوتاڪار،
خوبصورت رومانوي، مزاحمتي ۽ ترقي پسند شاعر
ڏاهي اديب ۽ درويشاڻي دل رکندڙ دانشور ۽ وقتِ قلندر،
محترم سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ صاحب جي نانءِ

پبلشر نوٽ

نواب شاهه/بينظير آباد هونئن ئي سنڌ جي خوبصورت ۽ سجاڳ ذهن ماڻهن جو ضلعو آهي. سندن رهڻي ڪهڻي اصلوڪي سنڌ جو اهڃاڻ آهي. ڇو ته ان ضلعي کي تاريخي حيثيت آهي، سندس ڪڇ ۾ ئي موهن جي دڙي کان قديم ماڳ چانهونءَ جو دڙو آهي.
چانهونءَ جي ڌڙي جي ڀرپاسي رهندڙ ماڻهو به تاريخ ساز آهن. ان علائقي جي ماڻهن ۾ شعور آهي، سجاڳي آهي، هو پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ محفوظ رکڻ لاءِ سرگرم نظر اچن ٿا. اُها ئي سنڌيت جي نشاني آهي. اهڙن سجاڳ سپوتن ۾ڪيترائي اڻ ڳڻيا نانءُ آهن، جن قلم ذريعي سجاڳي ته پيدا ڪئي، پر تاريخ رقم ڪئي آهي. ڪجهه اڄ به ان ڪرت ۾ جنبيل آهن، ڪي رنڊا روڙيندي هي جهان ڇڏي ويا، پر قلمڪار ڪڏهن به مرڻو ناهي.
علي نواز ڏاهري اهڙن سچيت قلمڪارن جي پهرين صف ۾ نظر اچي ٿو. سندس لکڻ جو انداز نرالو آهي، هو گهڻ رُخي سڃاڻپ رکندڙ ليکڪ آهي، سندس نثر توڙي نظم سگهارو آهي هن ادبي تاريخ محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.
”من من مورَ- ٽهوڪا“ ان جستجو جو نتيجو آهي.
علي نواز ڏاهري جي هن ڪتاب ”من من مورَ ٽهوڪا“ ۾ مضمون ۽ خاڪا آهن. سندس قلم نه رڳو پنا ڪارا ڪري ٿو پر ڪنهن مصور جيان پوئٽريٽ ٺاهي ٿو، هن هي ڪتاب ”من من مورَ- ٽهوڪا“ لکي تاريخ محفوظ ڪئي آهي، سندس ڪتاب جو موضوع شخصيتون آهن، اُهي شخصيتون جن جو پنهنجو تاريخي ڪم آهي، هن نه رڳو انهن کي ڀيٽا ڏني آهي، پر سندن ڪم محفوظ ڪيو آهي.
مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ طرفان علي نواز ڏاهريءَ جو هي ڪتاب ڏيندي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون، اميد ته هي ڪتاب نوجوانن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو.
مرتضيٰ لغاري
03005182494

مهاڳ: نثر کي رقص ڏيندڙ قلمڪار: علي نواز ڏاهري

زندگيءَ جي ارتقا جڏهن آدم جي تخليق جي مرحلي ۾ پهتي ته خالق جي هن شاندار شاهڪار کي خوبصورت حسين جميل جسم سان گڏ پنجن نعمتن سان نوازيو ويو، جيڪي ان کان اڳ ڪائنات جي ڪنهن ٻي تخليق کي ايتري وسيع دائري ۾ ميسر ٿي نه سگهيون هيون.
1- جذبات: دل ۾ اچڻ واري هر ڪيفيت ۽ احساس جو نالو آهي.
2- عقل: عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ئي آهي بي مهار ۽ حد کان ٻاهر نڪرڻ واري جذبي کي ضابطي جي حدن ۾ پابند رکڻ وارو.
3- علم: اها نعمت آهي جيڪا انسان جي شرف ۽ عظمت جو ڪارڻ آهي.
4- اختيار: سڄي ڪائنات ۾ جيترو وسيع ۽ لامحدود اختيار جو دائرو انسان کي ميسر آهي سو شايد ڪنهن ٻي نوع کي عطا نه ٿي سگهيو.
5- عمل: مٿين چئن شين جي پيداوار Product عمل آهي. نيٺ عمل ئي اهو ثابت ڪندو آهي ته مٿيون چار شيون ڪائنات جي تعمير ۽ تسخير لاءِ استعمال ٿيون آهن يا شر ۽ تخريب لاءِ، ان سڄي تمهيد کان پوءِ منهنجي تحقيق اها آهي ته ڪائنات ۾ انسانن جي زندگي گذارڻ جا انداز ۽ سندن رويا انهن نعمتن جي استعمال هيٺ مختلف رهيا آهن.
جيڪي ماڻهو خدا جي ڏنل چئن ئي وصفن کي انسان ذات جي ترقي، تعمير، احترام ۽ توقير لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. در حقيقت اهي ئي انسان ڏات جا ڏيئا، واٽ جا مرشد ۽ تخليق جا تارا سڏبا آهن. اهڙن ئي انيڪ، بي بها ۽ انمول ڪردارن مان هڪ ڪردار علي نواز ڏاهريءَ جو به آهي. چوندا آهن ته:
ہر چند کہ عقل کل شدہء ۔ بے جنوں مباش کمال۔
بيشڪ عقل وڏي شيءِ آهي ۽ عقل ذريعو آهي دنيا ۾ ڪنهن به مقصد کي پرائڻ جو، پر ڪنهن به ڪم ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ جنون جو هجڻ ضروري آهي.
علي نواز ڏاهري چانهون جي دڙي جي چائنٺ جو اهو مجنون آهي جو سندس سڄي ڄمار، زندگيءَ جو هر پل، اٿڻ، ويهڻ، کائڻ، پيئڻ، گهمڻ، ڦرڻ سڀ ڪجهه ادب سان سلهاڙيل آهي.
مرزا غالب جي لفظن ۾:
بلبل کے کاروبار پر خنده هائي گل،
کہتے ہیں جس کو عشق خلل ہے دماغ کا.

بلبل جڏهن گلن کي واسيندي آهي ته وڌيڪ خوش ٿيندي ۽ چهچائيندي آهي ۽ پنهنجي مخصوص ٻوليءَ ۾ بي ساخته محبت ۽ خوشيءَ جو نغمو ڳائيندي آهي. جيتوڻيڪ گل سندس ان ديوانگيءَ تي کلندا آهن، ڇو نه کِلن، جو عشق دماغ جو خلل آهي.
سو علي نواز ڏاهريءَ جي زندگيءَ ۾ ان خلل جو عڪس نمايان نظر ايندو آهي. مان ان ڳاهه جو شاهد آهيان ته سندس خوشيءَ ۽ مسرت جو ڪارڻ ئي ادبي ڪچهريون، ادبي محفلون، ڪتاب ۽ ادبي دوست آهن.
علي نواز دل جي ڪيفيتن، اندر جي احساسن جو اهو تخليقڪار آهي جو ڪڏهن درد جي صحرائن ۾ ڪڏهن عشق جي پيچرن تي، ڪڏهن امن ۽ آشتي جي وادين ۾، ڪڏهن مظلوم جي دانهن، ڪڏهن ڏتڙيل جي پڪار، ڪڏهن ستايل جو سڏ، غرض ته هو زندگيءَ جي هر پُرسوز ڪيفيت جو خالق آهي.
سندس شاعري روح جي ٻولي آهي ۽ اندر جي آواز کي چپن جو گيت بڻائيندي آهي. دل، درد ۽ چپ گڏجي اهو گيت جهونگاريندا آهن، جو محفل کي تڙپائيندي آهي. منهنجو والد عبدالحڪيم ”ارشد“ مرحوم کين سنڌي شاعريءَ جو ”ساحر لڌيانوي“ سڏيندو هو.
مان سندس شاعري کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي هنن سٽن سان ڀيٽا ڏيان ٿو.
سو سرن پائي جي تند برابر توريان،
اٽل اوڏانهين تي جيڏانهن ٻيجل ٻرائي.

علي نواز ڏاهري سنڌ جي جديد ادب جو اهو قابل ستائش ڪردار آهي جو بي دردي ۽ ظالماڻي طريقي سان پنهنجي اندر جي احساسن، جذبات ۽ فڪر کي نپوڙي ڪاغذ تي وکيريندو آهي. علي نواز اهڙو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نگار آهي، جو شعور ۽ لاشعور جو طاقتون ڪنهن سنگم واري نقطي تي هٿ ملائي سندس قلم کي اهڙو جوهر عطا ڪنديون آهن. جو پڙهڻ واري جي ذهن تي ان جو نقش ڊگهي وقت لاءِ چٽجي ويندو آهي.
سندن نثر جي باري ۾ لکندس ته ٻين اديبن جي شاعري رقص ڪندي آهي، علي نواز جو نثر رقص ڪندو آهي.
سندس زير نظر ڪتاب ”من من مورَ ٽهوڪا“ ٽن ڀاڱن تي مشتمل آهي.
پهريون حصو ”جن جون جايون جيءَ ۾“ انهن عظيم شخصيتن متعلق آهي جن کي شايد لفظن ۽ حرفن جي ڀيٽا سان احاطو نه ڪري سگهبو. سندن ڪم تعريف ۽ توصيف جي حدن کان ٻاهر آهي.
ٻيون حصو ”هر دل ڪتاب ڪيئي“ جنهن ۾ انسان جي شعور، فن ۽ فڪر جي آبياري ڪندڙ ڪتابن متعلق آهي. ڪتاب ئي اهو ذريعو آهي جيڪو علم ۽ آگاهيءَ جي منتقلي جو هڪ واحد موثر وسيلو آهي.
ٽيون حصو ” سور پريان جان ساڻ مون“ انهن پتنگن جي باري ۾ آهي جيڪي پنهنجي عشق جي ڪٿا پاڻ سان گڏ کڻي هن دنيا مان هليا ويا.
”سوز دل پروانہ را ازشمع پرس،
کہ ایں شرح راکس نہ داند جز زبان سوختہ“

پروانه شمع جي گرد پاڻ کي پچائي پنهنجي عشق جي تاريخ به پاڻ سان گڏ کڻي ويندا آهن، هاڻ انهن جي تاريخ ڪنهن شمع ڪنهن محبوب علي نواز جي قلم ذريعي ئي ظاهر ڪري سگهجي ٿي.
مان سمجهان ٿو ته علي نواز ڏاهري جديد سنڌي ادب ۾ هڪ اهم مقام ماڻي چڪو آهي.
سندس لکڻين ۾ روح جو آواز، زندگيءَ جا تجربا، بهترين ذهني صلاحيتن جو اظهار نمايان طور ڏسي سگهجي ٿو.
اکيون آتشڪده بڻيون، جلي ڪُندن ٿي نڪاسين،
وري ڪنهن دل جي گلشن مان، ڇڻي پن پن ٿي نڪتاسين.
اسان مُرڪن جي مکڙين کي، وکيريو جنهن جي چرنن ۾،
اُنهيءَ جي مئڪدي مان اڄ، مئل ڪو مَن، ٿي نڪتاسين.
اسان جا سڏ پڙاڏا سڀ، هوائن جي نظر ٿي ويا،
جڏهن دردن ڏني آٿت، ته تنها تَن ٿي نڪتاسين (علي نواز ڏاهري)


راشد لکمير

پنهنجي پاران: احسانن جي بار کان ڪنڌ جهڪايان ٿو

هونئن ته منهنجي سڃاڻپ هڪ شاعر واري رهي آهي، ۽ پنهنجي شعريءَ جا ٻه مجموعا
1 : چانهونءَ مٿان چنڊ ( جنوري2017ع)
2 : آڌي رات اروڙ (ڊسمبر2017ع)
سنڌي ادب جي ديوتائن جي چرنن حوالي ڪري، پنهنجي پڙهندڙن تائين پڄائي چڪو آهيان ۽ لطيف سائينءَ چيو ته :

ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.

بلڪل ايئن مون تي به انهن محبوب ماڻهن جا ٿورا آهن، جيڪي مون کي نظم سان سان گڏ نثر طرف وٺي ويا. جن جي محبتن جي موٽ ڏيندي نثرلکڻ شروع ڪيم ۽ انهن جي تخليقن تي پيار ڀريا پيپر لکڻ شروع ڪيم ۽ اڳتي هلي هيءُ ڪتاب جڙي پيو. جنهن ۾ ڪجهه شخصيتن جي ڪردارن جا عڪس ۽ اولڙن وارا خاڪا ۽ انهن جي تخليقن تي نينهن ڀري نگاھ ”جن جون جايون جيءَ ۾“ جي سري سان آيل آهن، ته ٻئي حصي ۾ ”هر دل ڪتاب ڪيئي“ ۾ ڪتابن جون ڳالهيون آهن. ڪتابن جو ذڪر ايندي ئي لطيف سائين جو بيت هانءَ ۾ هُرڻ لڳي ٿوته:
ڪوڙين ڪتابن ۾، حرف مڙوئي هيڪ،
جي تو نظر نيڪ ته، بسم الله ئي بس ٿئي.

ته مون پنهنجي پهرئين نثري ڪتاب ۾ بسم الله ئي هن ڀاڱي ۾ آيل ڪتابن تي لکيل مضمونن سان ڪئي آهي.
ڪتاب جو ٽيون حصو ”سور پريان جا ساڻ مون“ جي سري ۾ من جي محبوب ماڻهن جي وڇوڙن جي وارتائن تي دل جا لهو لهو لڙڪ لاڙيل آهن. جن لاءِ ڪڏهن منهنجي قلم لکيو هو ته:
* هو جي ڳنڍيون هانءَ جون، نيڻن جا ها نورَ،
وڇڙين جا هر ويل ٿا، مارن مون مذڪور،
صورت صورت سور، اڄ پڻ جاڳيم جيءَ ۾.

*صورت صورت سار، اڄ پڻ جاڳيم جيءَ ۾،
ڪهڙا ڪهڙا يار، گذريا جيون گس تان.

چون ٿا ته ”نظم رقص ڪندو آهي ۽ نثر پنڌ ڪندو آهي“. پر منزل جي مومل کي ماڻڻ لاءِ ته روح جي راڻي کي سدائين ڪارين راتين کان پرھ تائين جا پنڌ ڪرڻا پيا آهن. هيئين جي هوت جي حاصلات لاءِ به ته پهاڙي پيچرن جا پنڌ ڪري پير پٿون ڪبا آهن. تنهنڪري جي پرينءَ جي پرت ۾ اکيون پير ڪري رائو رت نه ڪبو ته واٽ وندر جي وڻ ڪيئن ڏسيندا…!؟
تنهنڪري ”رقص“ ڀلي روح جي سڪون ۽ سرور جو سامان پيدا ڪرڻ جو جواز بنجندو رهي پر پوءِ به پيارسان ڪيل ”پنڌ “ جي پنهنجي اهميت هوندي آهي.
خوشنصيب آهن اهي قلم ڌڻي جن جو نثر پنڌ ڪندي به ”مي رقصم“ بنجي ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙن قلم ڌڻين جي کوٽ نه رهي آهي. پر پنهنجو نثر …! انهن اڳيان ڪڏهن ڪڏهن:

ٿلهي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سين وڙُ ٿيو.

يا

اگهيو ڪائو ڪچ ، ماڻڪن موٽ ٿي.

جيان پڙهندڙن اڳيان پيش خدمت آهي. پڙهندڙن کي پنهنجي راءِ رکڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي.

ٿورا منجهه ٿرن، مون تي ماروءَ جي ڪيا.

ادب جي ٿر بر سفر ۾ انهن سڀني سڄڻن جا اڻڳڻيا احسان. جن جي شخصيتن جي سحر مونکي قلم کڻايو. جن جو عشق انڊلٺ بنجي منهنجي تخليقي ڪائنات تي سندر سندر رنگن جي نور جون لاٽون نڇاور ڪندو رهيو آهي. جن جي نيڻن ۾ مون سدائين سنڌ جي سونهري مستقبل جا سپنا پروان چڙهندي پئي ڏٺا آهن. جن جي شخصيتن، شاعري توڙي نثر مونکي لکڻ لاءِ هميشه نئين راهه پئي ڏيکاري آهي.
وڏا وڙَ انهن پيارن جا به …! جيڪي هر ويل هانءَ ۾ هُرندا رهن ٿا. اهي سڄڻ جن جو ڪُمهلو وڇوڙو نينهن جو نانگ بنجي منهنجي هردي کي ڏينهن ۾ ڏھ ڏھ ڀيرا ڏنگيندو رهيو آهي. جن جي ياد جا پوپٽ منهنجي من- باغيچي ۾ تيسيتائين پسار ڪندا رهندا، جيسيتائين زندگي باقي آهي …! جن کان سواءِ پاڻ کي سدائين اڌورو ۽ اڻپورو پئي ڀانئيو اٿم.
مجموعي طور انهن سڀني سڄڻن جا اڻڳڻيا احسان جن جي ڏات ۽ ذات مونکان هيءُ ڪتاب ”منُ منُ مورَ-ٽهوڪا“ لکايو. اُهي سڀئي مورَ ماڻهو هئا / آهن، جن جي ڏات جي ٽهوڪن سان سنڌ جي آڪاش تي سک ۽ سرهاڻ جون گهنگهور گهٽائون گرجي اَوَس وسڻيون آهن.
وڏي ۾ وڏا احسان ان شفيق شخصيت جا جنهن جي احسانن جي بارَ کان هيءُ ڪنڌ سدائين جهڪيل محسوس ڪيو اٿم. جنهن محبوب محسن لاءِ مهر علي شاه گولڙه شريف واري جو هي شعر ذهن جي آڪاش تي آڙين جيان اُڏامندو ٿو اچي ته:

ڪٿي مهر علي ڪٿي تيري ثنا،
گستاخ اکيان ڪٿي جا لڙيان.

جنهن محبوب محسن کي ڀائرن کان وڌيڪ دوست ۽ دوستن کان وڌيڪ ڀاءُ ڄاتو اٿم. جنهن سان منهنجي جيءَ جون جڙون مون لاءِ سدائين باعث فخر رهنديون...! جنهنجي فڪري ڪچهرين مونکي دنيا کي نئين نگاھ سان ڏسڻ جو ڏانءُ پئي ڏسيو آهي. اهو منهنجو پيارو پرين آهي محترم سائين راشد لکمير صاحب. جنهن هن ڪتاب اچڻ جي حوالي سان جيڪا محنت مونکي ڪرڻ کپندي هئي، سا هن وڏي خوشيءَ سان پنهنجي سر تي کڻي مونکي ڪراچيءَ جي الاءِ ته ڪيترن پنڌن ڪرڻ کان بچايو. جنهن هر دفعي ڪتاب مرتضيٰ لغاريءَ تائين پڄائڻ کان وٺي ڪمپوزنگ تائين به مرڪ پبليڪيشن جا الاءِ ته ڪيترا پنڌ ڪيا. جنهن پروف ريڊنگ پهچائڻ کان وٺي ڪتاب جي فائينل تياريءَ تائين مون کان وڌيڪ اوسيئڙي جون الاءِ ته ڪيتريون ڪٺن گهڙيون ڪاٽيون. جنهن انتهائي خلوص دل سان مهاڳ لکي مون تي سدائين جيان پنهنجي پيار جي پلر جي پالوٽ پئي ڪئي آهي.
احسان پنهنجي پياري پرينءَ، ڀائرن جهڙي دوست ۽ ڏک سک جي ساٿي، همعصر اديب، شاعر ۽ تاريخ جي تنبوري مان سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي سرت ۽ ساڃاھ کي سمجهي، سنڌ جي آئيندي کي ڏور ڏسڻ جو ڏانءُ رکندڙ ادا اسد ڪيريو جو به. هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل وارا خيال سندس قلم جي نب مان ڦٽي نڪتا آهن.
وڏيون مهربانيون ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سُچيت ساٿي، اڻٿڪ انسان ۽ انقلاب جي عشق ۾ ساري سنڌ پيرن هيٺ لتاڙيندڙ بزرگ ڪامريڊ دادا علي بخش. توڙي گهڻ پڙهئي ۽ سندس سلجهيل ساٿي چاچي الهڏني سومري هالاڻي واري جا به، جن پنهنجي نيڻن ۾ هن ڪتاب جو اوسيئڙو محبوب جي اچڻ جي اوسيئڙي جيئن ڪاٽيو آهي. ايئن ته منهنجي همراز دوست انور علي انڙ ۽ مونکي پيار مان پڙهندڙ سندس مائٽ/دوست اعجاز علي انڙ به هن ڪتاب جي اچڻ جي اوسيئڙي کي قرب سان ڪاٽيو آهي ۽ هر روز مونکان پڇندا رهندا ته ”ڪڏهن ٿو ڪتاب اچي“. توڙي منهنجي ڳوٺ جي سڌي، سادي۽ سچي انسان جعفر ڏاهريءَ، جنهن جو ڪتابن سان عشق تمام پراڻو آهي، تنهن پڻ هن ڪتاب جو ڪافي انتظار ڪيو آهي. سڀني جون لک مهربانيون.
ان موقعي مان ڀلا پنهنجي پبلشر دوست پياري مرتضيٰ لغاريءَ کي ڪٿي ٿو وساري سگهان، جنهن پنهنجي اداري مرڪ پبليڪيشن پاران منهنجو هي ڪتاب سهڻو ڪري ڇپايو آهي.
هڪ دفعو وري به سڀني سڄڻن جي حضور ۾ سائين راشد مورائيءَ جو هيءُ شعر ته:
احسانن جي بار کان ڪنڌ جهڪايان ٿو.
ٿورا تنهنجا يار لکين مان ڀايان ٿو.


علي نواز ڏ اهري

0300 3216296
14 آگسٽ 2020ع

جن جون جايون جيءَ ۾

---

سوڍا تو ڳر ساهه، نا ت راڻا گهڻا راڄ ۾

سوڍا تو ڳر ساهه، نا ت راڻا گهڻا راڄ ۾
(درگاهه پير ذاڪريءَ جي گادي نشين: سيد محمد منير شاهه جي شخصيت)

لطيف سائين چيو:
”عشق اوکي ذات، مت منجهائي، مانجهي مَين جي“
سچل سائين چيو:
”سچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هوئي ڏاڙهي.“
تراب علي شاهه چيو:
عشق دا ڪلما ڀر ٻيٺي، اسان سر دا سودا ڪر ٻيٺي.
طالب الموليٰ چيو:
عشق بنا انسان ايئن آ، جهنگل ۾ جيئن ڍور.
گپي پوندو گپ ۾، يا ڪاهي وينديس چور
يا وجهي ڳچيءَ نوڙ، گهلي ٻڌنديس ڳاهه ۾.
شيخ اياز چيو:
”عشق عقاب پکي پرڏيهي، جهڙپ ڏئي ٿو جهٽي.
ڪير انهيءَ کان کٽي؟“
يا
”عشق اسان وٽ آرائينءَ جيئن، آيو جهول ڀري
ڪوئي ڪيئن ڪري.“

استاد بخاريءَ چيو:
”عشق هو چرچو نه هو، رونشو نه هو،
باهه جو شعلو هو، گلدستو نه هو،“
يا
”اهو جيڪو عشق آ، ڏاڍو مشهور آ،
انهيءَ ڏنو سور آ، انهيءَ ۾ سرور آ.“

هاڻ سوال آ ته اهو عشق، جيڪو ڪٿي متيون مجهائيندڙ آ، ڪٿي پنهنجا ئي ڪلما ڀرائي سرن جا سودا ٿو ڪرائي، ڪٿي اڻڄاتي ملڪ جو عقاب پکي آ، جيڪو جهڙپ ڏيو جهٽيو وڃي. ڪٿي باهه جو شعلو آ، جنهن ۾ سُور سان گڏ سرور به سمايل آ، جيڪو جتي ڪٿي سدا جوان آ، جنهن کان سواءِ ماڻهو جهنگ جي جانور مثل آ، جيڪو ڪٿي ته آرائينءَ جيان گُلن جا جهول ڀري کڻي ٿو اچي. سوال آ ته انهيءَ عشق جي پلر جي پالوٽ سنڌ جي عاشقن وٽ ٿئي ڪٿان ٿي؟ سنڌي درويشن تي اها عشق جي عنايت ٿئي ڪٿان ٿي؟ جواب ۾ پير اعجاز ٻڌائي ٿو ته:
اسان تي عشق محبت جي، عنايت ڪئي ته حيدر ڪئي،
هيڻن سان حامي ٿي هر هر، حمايت ڪئي ته حيدر ڪئي.

مطلب ته اُهو عشق جيڪو مافوق الفطرت ڏانهن ڇڪي، جيڪو اڻڏٺل ۽ تصوراتي قوتن ڏانهن متوجه ڪري، اهو نه، پر اُهو عشق جيڪو هيڻن جي حمايت ڪرڻ سيکاري، هر ظلم، ستم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سامهون ڀت ٿي بيهڻ جا سبق سيکاري، بلڪل ايئن جيئن چي گويريا چيو: ” جنهن ڏينهن ناانصافيءَ تي تڙپي اٿئين، ان ڏينهن کان تون منهنجو دوست آهين.“
جيئن لطيف سائينءَ چيو:
مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون،
يا
جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.
يا صوفي شاهه عنايت شهيد چيو ته: ”جيڪو کيڙي سو کائي.“
ته اهو ناانصافيءَ تي تڙپي اُٿڻ، اهو مارُن جي محبت ۾ محلول ٿي وڃڻ، اِهو مسڪين ماروئڙن جي محنت کي مدنظر رکندي، پوري ڪائنات تي پورهيت جو “حق حڪمراني“ تسليم ڪرڻ، ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ، اهو ئي ڌرتيءَ جو دين آهي. اهو ئي فنا في العشق آهي، اهو ئي فنا في الديس آهي. اهو ئي فنا في الڪائنات آهي، اهو ئي مظلوم طبقن ۽ مظلوم قومن جي عشق جو معراج آهي.
مذهبن جا ڪهڙا به مامرا هجن، تصوف جون ڪهڙيون به تاويلون هُجن، پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي دين جا رنگ برنگي گُل ڌرتي جي سيني مان ڦٽي نڪرندا آهن، جيڪي پنهنجي فڪري گهرائيءَ سان ڪُل ڪائنات کي پنهنجي واس جي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندا آهن.
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسٽر جسٽس مشير عالم ڪجهه ئي ڏينهن اڳ اسٽيٽمينٽ ڏني هئي ته ”سنڌ جا ماڻهو نالي جا مسلمان آهن، ڪو به عملي مسلمان نه آهي.“
اسين چئون ٿا ته جيڪڏهن گفتگو هلندي، هڪ هٿ سان سونهاري سنواريندي ٻئي هٿ ۾ تسبيح ڦيرائيندي، هيروئن ۽ هٿيارن جا سودا ڪندي، منافعي لاءِ وڏا وڏا قسم کڻي وڌيڪ اگهه وٺڻ مسلماني ۽ عملي مسلماني آهي ته پوءِ سنڌي ماڻهو اهڙا عملي مسلمان ٿيڻ به نه ٿا چاهين، جيڪڏهن خودڪش بمبارن جون فيڪٽريون ٺاهي، معصوم ٻار اغوا ڪري انهن کان يا اڻ پڙهيلن ۽ اڌ پڙهيلن کي جنت جي حسين حورن جي لالچ تي مندرن، مسجدن، ڪليسائن، عيدگاهن، امام بارگاهن، مدرسن يا شهرن جي چوڪن ۽ ڳتيل آبادين ۾ اُڏارائي سوين ماڻهن کي رت ۾ وهنجارڻ عملي مسلماني آهي ته چيف جسٽس صاحب! اسين سنڌي اهڙا نالي جا مسلمان ئي سهي آهيون،
اسان جي وڏي عمر جا بزرگ عورتون ۽ مرد ته رات جو سمهڻ مهل به سڄي جڳ جهان جي خير سان گڏ، پکي پکڻ جيت ۽ جانور جي به خير جي دعا گهُري پوءِ ئي سپنن جي ديس هليا ويندا آهن. اها کين صدين کان سُتي پيل آهي ته ”دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ اسين ته بيجا گُلن کي پٽي لتاڙيندڙن کي، توڙي وڻ وڍڻ وارن ۽ پکين توڙي جانورن جا بي جا شڪار ڪرڻ وارن کي به چڱي نظر سان نه ڏسندا آهيون، اسين ته سڀ جو ڀلو، سڀ جو خير چاهيندڙ آهيون، جيڪڏهن اها نالي جي مسلماني آهي، عملي مسلماني ناهي ته اها به اسان جي اکين تي باقي ماڻهو مار مسلماني ڀلي توهان پاڻ وٽ ئي رکو ته بهتر.
عجب اهو اسلام، ته ماڻهو مار ثواب،
جنت ڪاڻ ٻين کي، ڏين اذيتون عذاب.

اهو ڪم اسان کان نه ٿيندو، بقول لطيف سائين جي ته: ”سا مون هٿان نه ٿئي، جيڪا رسم راڄ“ اصل ۾ مذهب توڙي تصوف ۾ هڪڙا مثال آهن ته ’قلوب الڪافرين‘ ۽ ’قلوب المومنين‘ اسان کي پنهنجن درويشن ٻڌايو آهي ته:
مُنهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر م ابليس،
اهڙو خام خبيس، ڪڍي ڪوهه نه ڇڏيئين.
يا
مُنهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر هچارو،
ان پر ويچارو، ويجهو ناهي وصال کي.

معنيٰ ڀلي ظاهر ۾ مٿي ته ڪُلاءَ، هٿ ۾ تسبيح، ڏاڙهي هيٺ، پانچا مٿي هُجن، پر دل ۽ دماغ ۾ وحشي جلاد ويٺو هجي، جيڪو جهاد جي نالي ۾ ذهني شهوت جي تسڪين لاءِ خدا جي مخلوق کي بلڪه اُن مخلوق کي ماريندو وتي، جنهن کي ڪڏهن مَلڪن ٿي سجدا ڪيا.
تاج علي شاهه چيو ته: ”دلبر دين ايمان، ورق قرآن، سهڻل تان صدقي وڃان“ ته اهو سهڻو ماڻهو آهي عملي ڪردار سان، قرآن جي ورقن جهڙو، سڀ کي امن، سڪون ۽ سلامتي آڇيندڙ اهو ئي “دلبر“ آهي. تاريخ ۾ طئه آهي ته اهي خوبيون صرف ۽ صرف سنڌي ماڻهوءَ جون آهن. تڏهن ته رسولِ خدا کي به سنڌ مان جنت جي هير ٿي آئي.
مٿي چئي آيو آهيان ته هن خطي جي ماڻهن جو دين ڌرتي مان ڦٽي نڪرندو آهي، امن سُڪون ۽ سلامتي ڌرتيءَ جي ماڻهن توڙي منظرن جي ضرورت آهي، اهو ئي حقوق العباد آهي، جيڪو حقوق الله کان رتبي ۾ گهڻو وڌيڪ آهي.
اهو آهي هِن ديس جي درويشن جو پيغام جن جا آسڻ هن ديس جي چپي چپي تي، ايئن موجود آهن، جيئن چُنيءَ تي چٽ، جيئن ڪنهن گج تي ٽاڪيل ڪاوا، جيئن رات جي آڪاس تي ٽم ٽم ٽمڪندڙ ستارا.
اِهي هن ديس جي درويشن جون درگاهون، اِهي الله لوڪن جا آستانه، اِهي محبت جا مئخانه، اِهي عشق جا آشيانه، جتان هر وقت نينهن جي نماز جوٽڻ لاءِ عشق جون آذانون بلند ٿينديون پئي رهيون آهن، جتي لا الله الا الله جي روح پرور لات ۽ توحيد تنوار سان اڄ به عام ماڻهوءَ جي غمن، دردن، پريشانين، پيڙائن توڙي من جي ميراڻ کي ڌوئي پوئي، اهڙو پاڪ ۽ صاف ڪيو وڃي ٿو، جهڙو ”دامن نچوڑ دیں تو فرشتے وضو کریں“ جتي اڄ به ذهني توڙي جسماني روڳن جو علاج صرف ۽ صرف ”نذر نياز پرين جو“ ئي ڪافي آهي.
غمن روڳن جا گهايل جي، پرهه پهتا پرينءَ تائين،
دفع ٿيا درد ڪل تن جا، صحت جا جام پيتائون.
(علي نواز ڏاهري)
اِهي عشق جا آستانه، اِهي محبت جا مئخانه سنڌ جي صوفي مزاج موجب اڄ به هن بارودي جيڪيٽن ۽ آپگهاتي بمبارن جي دور ۾ به هر عام و خاص لاءِ روحاني روشني ۽ هدايت جو سرچشمو بڻيل آهن.
تڙ تي تاج فقير جي، ڪهي اچن ڪير،
هٿ هدايت ڦير، اڱڻ تي جي آئيا.
(تاج علي شاهه)
نه رڳو اِهو پر اهي سنڌي درويش اُنهن ڏوران ڪهي ايندڙ عقيدت مندن ۽ سڪ جا سبق سکڻ لاءِ ايندڙن جا به پاڻ تي احسان پيا ڀائيندا آهن.
آين جا احسان، آهن احمد شاهه تي.
(احمد شاهه لڪياري)
اهڙو عشق جو آستان، اهڙي هڪڙي درگاهه، منهنجي شهر سڪرنڊ جي پيشاني ۾ به آهي، جنهن جي فڪر جو فيض هر عام و خاص لاءِ سالن کان جاري ۽ ساري رهندو پيو اچي، اها درگاهه آهي ”درگاهه پير ذاڪري“ جنهن جو موجوده گادي نشين محبتون ورهائيندڙ انتهائي محبوب شخصيت جو مالڪ ، سائين محمد منير شاهه صاحب آهي، جنهن جي چهري تي ”ڪپل وستو جي شهزادي“ سڌارٿ جهڙي ٻاجهه ۽ اٿينس جي نوجوانن جي جيءُ ۾ جايون جوڙيندڙ، سچ خاطر وِهه جو وڏو پي. ”سچ جي شهيد“ جو مرتبو ماڻيندڙ سُقراط جهڙي سنجيدگي هر وقت ڇانيل هوندي آهي.
هُو تصوف جي جَر تي جرڪندڙ اُهو تازو ڪَنول آهي، جنهن جا سڀئي رنگ، سڀئي حُسناڪيون، سڀئي نفاستون ترقي پسنديءَ جي ماڪ سان ڌوتل پوتل پئي رهيون آهن، جنهن جي خوشبوءِ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ايئن ڇڪي ايندي آهي، جيئن پوپٽن کي باغيچا، جيئن ڀونئرن کي گلاب، جيئن پتنگن کي شمع. جنهن هڪ دفعو به هن جي ميخاني جي مڌ مان چُڪي چکي، سو سندس محبت جو ايئن مشتاق بڻجي ويندو، جيئن لطيف سائين چيو ته:
چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏِنَس اُن ڏُهي،
سُهڻي کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي.

سنڌ جو ڪهڙو عالم ۽ عاشق آ، ڪهڙو ڏاهو ۽ دانشور آ، ڪهڙو صوفي ۽ سامي آ، ڪهڙو اديب ۽ شاعر آ، ڪهڙو سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آ جنهن سندس دل جيڏي ڪُشادي درگاهه جي اڱڻ ۾ اچي، سندس دستوخوان تي ميزبانيءَ جو مزو نه ورتو آ، جنهن سندس ڀاڪرن ۾ اچي، سڪ جو ساءُ نه ماڻيو آهي، جنهن سندس چپن تي آيل مُرڪ ۾ پنهنجي لاءِ آجيان نه ڏٺي آهي.
سندس شخصيت ۾ جيڪو نکار آهي، اُن جو سبب اِهو آهي ته هن جي تربيت ”ادارن“ مان ٿيل آهي، هڪ طرف درگاهه ۽ سندس بزرگن جي روحانيت جي پالوٽ، جتي عربي ۽ فارسيءَ تي دسترس حاصل ڪرڻ سان گڏ، محبت ۽ ماڻهپو، شريعت، حقيقت، طريقت ۽ معرفت جا موتي ماڻڻ جن لاءِ لطيف سائينءَ چيو ته:
جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين
پر سائين منير جي حصي ۾ ته ”ماسي“ جي بدران ”اهو سڀ ڪجهه“ اچي ويو جنهن جي نشاندهي لطيف سائين جي لفظن ۾ هيئن آهي ته:
وحده جي وڍيا، الا الله سين اورين،
هنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورين،
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورين،
سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙين،
ڪُلهئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.

ٻي طرف سنڌي ادبي سنگت جهڙو سگهارو ادارو هو، جنهن مان به هن جي شخصيت تي ”نئين نُور“ جون لاٽون برسڻ لڳيون. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ڪلاسيڪي شاعريءَ مان ته پنهنجي خطي جي عظيم ڏات ڌڻين ڀٽ ڌڻي ۽ بلا شاهه سچل سائينءَ ۽ سلطان باهُو، حمل فقير ۽ خواجه فريد جهڙن سالڪن ۽ مذهبن جي متڀيد کان مٿي ٿي ماڻهپي جا سبق آڇيندڙن جي ”سڪ جي سمنڊ“ مان غواض بڻجي اُهي ماڻڪ ۽ موتي ڳولي آيو. جيڪي تمام گهٽ ڀاڳ وندن جي ڀاڳ ۾ ايندا آهن، ان کان سواءِ هنديءَ جي ڪبير ڀڳت، ميرا ٻائي، تلسي داس توڙي بابا فريد شڪر گنج جي ولايت مان به چڱو خاصو ”ونڊ“ ورتائين، عربي ۽ فارسيءَ ۾ اُمراءُ القيس، سعدي، رومي، حافظ، خيام، کان وٺي زيب النساءَ مخفي کان ويندي صوفي سرمد منصور حلاج ۽ دارا شڪوهه تائين اُنهن جي مئه مان پيالا پُر ڪري پيتائين. زيب النساءَ مخفي کان دارا شڪوهه تائين ماڻهن صرف نالا ئي ٻڌا هوندا پر سائين منير اُنهن کي خوب پڙهيو آهي.
پي پيالو عشق جو، سڀ ڪي سمجهيوسون،
مَڌَ پيئندي مون، ساجن سهي سُڃاتو.

نه رڳو اِهو پر اياز کان وٺي اڄ جي نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي به خوب پڙهندو رهيو آهي، جڏهن ڪنهن نئين شاعر جي ڪا سٽ سندس من جي تنبور جي تارن کي ڇيڙي وجهندي آهي ته جلد ئي پنهنجي جگري يار لياقت رضويءَ کي رات جو ٻين اڍائين وڳي به ڪال ڪري ننڊ ڦٽائيندو اٿس ته لياقت! تون سُتو پيو آهين، پر يار سنڌي شاعري جاڳئي پئي ۽ پوءِ هن کي اِهو من جي تارن کي ڇهندڙ شعر ٻڌائيندو آهي، لياقت رضوي به ننڊ مان اُٿي شعر ٻڌي سائين منير جي پيار ۾ تسخير ٿي وري ننڊ جي چادر اوڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
نه رڳو شاعري پر نثر ۽ خاص ڪري فڪشن سان ته هن کي دلي لڳاءُ آهي، اِهو ئي سبب آهي ته جيڪي ليکڪ، اديب، ڏاها ۽ دانشور، هن کي ڪتابن ۾ وڻيا، اُهي سڀ هن جا ذاتي دوست بڻجي ويا. امر جليل، جنهن سان هي 1978ع ۾ مليو هو، هنن جو اهو ملڻ سندن ”روح جي ڳنڍين“ جو سبب بڻجي ويو، هنن جي ادبي دوستي ذاتي دوستي ۾ تبديل ٿي، ايستائين جو اُن وٽ سائين جن جو گَهرو اچڻ وڃڻ به ٿيندو آهي.
شيخ اياز جهڙو ماڻهو جيڪو لکڻ پڙهڻ ۾ ايترو ته مصروف هوندو هو جو وڏن وڏن اديبن لاءِ به ذاتي ٽائيم مشڪل ڪڍندو هو. سائين منير شاهه کي چار چار ڪلاڪ به ويهاري ڇڏيندو هو، ايتري تائين جو ماني کارائڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو هئس. اها ڳالهه آريسر صاحب کان وٺي ادل سومري ۽ اياز گل تائين لاءِ به تعجب جو سبب هوندي هئي. سائين منير شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌائي ٿو ته آئون جن جن ماڻهن کان تمام گهڻو متاثر ٿيس اُهي هئا، شيخ اياز، امر جليل، آغا سليم، محمد ابراهيم جويو، علي بابا، عبدالواحد آريسر، مدد علي سنڌي وغيره وغيره، اُهي سڀ منهنجي ذاتي دوستيءَ جي دائري ۾ اچي ويا، آريسر صاحب سان ته عربي ۽ فارسي شاعريءَ تي بحث مباحثا ۽ عالمانه ڪچهريون ٿينديون هيون، محمد ابراهيم جويو سندس ذاتي دوستن جي سٿ جو اهو بي بها موتي آهي، جنهن جي قدر ۽ قيمت ڪڏهن به گهٽ ٿيڻ جي ناهي، ايئن برصغير جو عظيم ڏاهو ۽ دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي به ٽي ڏينهن لاڳيتو سائين ۽ سندس ساٿين سان سڪرنڊ ۾ رهي ڪچهريون ڪري، سندن صحبت مان سرور وٺي ويو هو.
سندس ذاتي دوستي جو دائرو سنڌ جي سرحدن جي قيد کان بالاتر رهيو آهي، قاضي جاويد جهڙو ترقي پسند دانشور توڙي “محبت مرده ڦولون ڪي سيمفني“ جهڙِي محبتن جي کوٽ جي پورائي لاءِ لکيل ناول جي ليکڪ مظهر السلام تائين به وارث شاهه جي هير جي ديس جا دانشور اڄ به سائين منير جي دوستي اڳيان ” سر تسليم خم“ آهن ۽ انهيءَ ڳالهه تي انهن کي ناز به آهي،
جنهن جو عشق هن کي بيتاب ڪندو آهي، هي انهي وقت بيگ ۾ ٻه ٽي وڳا وجهي نڪري پوندو آهي ان سان ملڻ، پوءِ ڀلي اهو انڊيا جي علائقي پونا ۾ ڇو نه هجي. نوجوانن جي دلين تي راڄ ڪندڙ فلسفي ۽ جديد صوفي گرو رنجيش ته هن جي رڳ رڳ ۾ رچيل آهي، سڄي سنڌ ۾ گرو رجنيش کي پهريون پڙهندڙ به سائين منير شاهه ئي مليو. گرو تڏهن اڃان ”اوشو“ به نه بڻيو هو. اڃان ”ڀڳوان رجنيش“ هو تڏهن کان شيخ اياز کي گروءَ جا ڪتاب ۽ ليڪچر جون CDs به سائين منير شاهه پهچائيندو هو ۽ پڙهائيندو هو. گرو رجنيش کان ايترو ته متاثر آهي جو سندس عشق ۾ انڊيا گروءَ جي آشرم ۾ وڃي نڪتو. خوب گهميو، ڦريو سندس آشرم جو انتهائي ڳوڙهو مشاهدو ڪيائين، سندس شاگردن سان ڪچهريون ڪيائين پر افسوس ان وقت ٿيس، جڏهن بڌائين ته پنجن ڏينهن لاءِ گرو ڪنهن اسپتال داخل آهي ۽ ملي ڪونه سگهندو ته ساڻس وري ملڻ جي حسرت کڻي واپس موٽي آيو.
بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس دهلي م به اهو ذهن ۾ رکي ويو هو ته اتي موهن ڪلپنا ۽ نارائڻ شيام سان ملندس، انهن سان ڪچهريون ڪندس. ٻنهي سان پنهنجا احساس ۽ اُڌما شيئر ڪندس. هڪ انڊيا جي سنڌين جو گجندڙ شينهن جهڙو بيباڪ، بهادر ۽ ”سراپا سنڌ“ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ۽ ٻيو انتهائي نفيس جذبن ۽ ڪومل احساسن وارو شاعر ٻنهي جي قلم مان سنڌ جي جدائيءَ جو درد ٽيپو ٽيپو ٿي ٽمندو رهيو. ٻئي سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا ۾ اهم مقام ڏيارڻ لاءِ قلمي مورچي جا جرنيل، ٻنهي جون دليون ڌڪ .. ڌڪ ... ڌڪ جي بدران سنڌ... سنڌ... سنڌ ڪنديون رهيون. سائين انهن جي عشق ۾ اديبن جي قافلي سان انڊيا وڃي نڪتو، رسمي ڪچهرين سان اندر جي اڃ ۽ اُساٽ ته ماٺي ٿيڻ جي ناهي هوندي، جيسين محبوب ماڻهن سان مُنهن مقابل ويهي رهاڻ نه ڪجي.
ڳالهيون ڪنديس ڳجهه جون، مُنهن مقابل ويهي.
۽ هڪ موقعي تي موهن، سائينءَ سان مخاطب ٿي چيو ته: ”ڀلا توهان ڪونه ٿا ڳالهايو، صفا چپ چاپ ويٺا آهيو. ايڏي خاموشي سهي ته ناهي!“ سائين چيس ”آئون آيو ئي تولاءِ آهيان، توسان ڪچهري ڪرڻ ته آيو آهيان، پر هت ۽ هن رش ۾ پنهنجي ڪچهري نه ٿي سگهندي، توهان ڀلي ٻين سان ڪچهري ڪيو پر مون لاءِ خاص ٽائيم ڪڍجو. موهن سمجهي ويو ۽ اک جو اشارو ڪري ٻاهر وٺي ويس، اتان سندس گهر وٺي ويس، اُتي ٻنهي ائين ڪچهري ڪئي جهڙا گڏ ننڍڙا ٿي وڏا ٿيا هجن، اُتي موهن جي گهر واري به سائين لاءِ ماني ۽ چانهه تيار ڪئي، شام جو 5 وڳي کان رات 11 وڳي تائين ڪچهري هلندي رهي. 11 وڳي موڪلائڻ مهل موهن سائينءَ کي ڳل تي چمي ڏئي چيو ته ”هي ڪئمرا جو لٽڪائيندو آيو آهين، ڇو نه گڏ ڦوٽو ٿي وڃي؟“ فوٽو گرافري هون ئي سائين جو جنون رهيو آهي، هون ئي انڊيا ۾ هر ماڻهو توڙي منظر کي ڪئمرا جي اک ۾ محفوظ ڪندو ٿي رهيو. پر اُن موقعي تي سائين موهن کي چيو ته ”يار پاڻ ٻئي گڏ ڦوٽو نه ڪڍائينداسين.“ ائين انڪار ٻڌي موهن تعجب ۾ پئجي ويو، پڇيائين: ”پر ڇو؟ پوءِ هي ڪئمرا ڇو کڻي آيو آهين؟“ سائين چيو ”بس ... سائين چپ ٿي ويو، موهن به چپ ٿي ويو، اصل ۾ سائين مُنير کي خبر آهي ته ڪئمرا جي فليش سان نڪتل ڦوٽو صرف پنن جي ٽڪرن تي محفوظ ٿي سگهندا آهن. پر دلين تي فوڪس ٿيل شخص، دلين تي نقش ٿيل تصويرون صرف تصويرون نه هونديون آهن، اُهي محبتون هونديون آهن، عقيدتون هونديون آهن، جيڪي شخصيتون دلين جا دروازا کولي وڃي ويهي رهنديون آهن تن کي موت به ماري نه سگهندو آهي، اُهي ڌڙڪن سان گڏ دل ۾ سدائين رهنديون آهن جن سان وقت بوقت ماڻهو ڪچهريون به ڪري سگهندو آهي، ائين موهن کي پنهنجي دل ۾ سانڍي سائين هليو آيو. جنهن سان هاڻ به ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري به ڪري وٺندو آهي. ائين هڪ موهن ڪلپنا ۽ ٻي قرت العين حيدر هٿ ۾ ڪئمرا هوندي به اُنهن کي ٻڌايائين ته توهان جون تصويرون ڪئمرا جي فليش ۽ فوڪس جون محتاج نه آهن، توهان منهنجي دل جي شفاف ۽ وسيع ڪينواس تي هميشه لاءِ چٽجي ويا آهيو.
الا ايئن نه ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

جهڙا ويچار رکندڙ ۽ هر رات سنڌ جا سپنا ڏسندڙ شاعر نارائڻ شيام سان به اڪيلائي ۾ روڊ جي ڦٽ پاٿ تي شام جو 5 وڳي کان رات جو 11 وڳي تائين ڪچهري ڪندو رهيو. شيام کي ياد ٿو اچي ته يار! ڳالهيون ڪندي ڪندي ڪيڏو وقت گذري ويو خبر ئي نه پئي. منهنجا ٻار به اوڏانهن ويٺل آهن اُنهن کي به انتظار هوندو ۽ دوست مانيءَ لاءِ به ڳوليندا هوندا. هل ته واپس دوستن ڏانهن هلون.
سائين منير ڪرشن چندر، قرت العين حيدر، امرتا پريتم ۽ ساحر لڌيانوي جو به ديوانو رهيو آهي. ڪرشن جي نالي چئي ٿو ته ”دنيا ۾ وڏا وڏا رائيٽر پيا آهن پر يار ڪرشن، ڪرشن آهي، انقلاب تي لکي يا عشق تي، هن جي ڏات فنا ٿيڻ جي ناهي، هن جي سٽ سٽ ساهه ٿي کڻي، هِن جو لفظ لفظ لُڇي، ڦٿڪي ۽ تڙپي ٿو، هي قلم کان نشتر جو ڪم ٿو وٺي ۽ سماجي براين جهڙين بيمارين جو مڪمل آپريشن ٿو ڪري. وڻيس ته کلندي کلندي روئاري وجهي، وڻيس ته روئندي روئندي کلائي وجهي. سچ ته هن جي لفظ لفظ مان زندگي ٿي ساهه کڻي.“
پائلو ڪوئلهو جي نالي کان به تمام گهڻا ماڻهو اڻ واقف آهن پر سائين هن جي ذاتي زندگي، هن جي فن، فڪر، هن جي سوچن ۽ خيالن کان ايئن واقف آهي، ڄڻ ته زندگي جو ڳچ حصو پائلو سان گڏ گذاريو هجيس. سندس خوبصورت لائبريري ۾ پائلو جا پندرنهن سورنهن ناول هينئر به پيل آهن، جيڪي رڳو پيا نه آهن پر سائين انهن کي چڱي طرح پڙهيو به آهي ۽ انهن کي پڙهي ايئن سڪون ورتو اٿس جيئن متارا موکيءَ جي مڌ مان پي پُر ٿيندا هئا.
مون مَٿي ذڪر ڪيو آهي ته سائين منير ”ادارن“ مان رچي پچي راس ٿيو آهي. انهن ادارن ۾ هڪ ادارو 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي واري قومپرست سياست به آهي، سائين جي ايم سيد جهڙي صوفي لاڪوفي ۽ مڃيل عالم جهڙي شخصيت سان ويجهڙائپ، تڏهوڪي سنڌ جي قومپرست قيادت سان قريبي واسطا، مطالعي جو جنون، جن کيس مصر جي عظيم اڳواڻ جمال عبد الناصر جو ڪتاب ”انقلاب جو فلسفو“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ تي مجبور ڪيو، سائين جي ايم سيد جي هماگير شخصيت جي مڙني پاسن جا پاڇا سائين منير تي به پوندا رهيا. پوءِ اها بين الاقواميت هجي، سنڌ پرستي هجي، تصوف هجي، راڳن سان رهاڻ هُجي، تاريخ جي تَهَنَ تان وقت جي دزَ صاف ڪرڻ جو جوکم هُجي.تهذيب ۽ ثقافت سان والهانه محبت هجي، مهمان نوازي هجي، وڏن سان ادب، هڪ جيڏن سان پيار ۽ پاٻوهه ۽ ننڍن سان شفقت سان پيش اچڻ جو طريقو هجي يا مڙني موقعن تي سچ جو دامن هٿان نه ڇڏڻو هجي. منهنجي نظر ۾ اهي سڀ سائين جي ايم سيد جي شخصيت جا اولڙا هئا جيڪي سائين منير جي شخصيت ۾ نئون نکار آڻيندا رهيا آهن.
هن کي جيئن رات جو 10 وڳي کان صبح 5 وڳي تائين ڪنهن محفل نعت ۾ دلي سڪون ٿو حاصل ٿئي، تيئن ئي ٻي رات 10 وڳي کان پرهه ڦُٽي تائين راڳن سان رهاڻ ۾ ذهني سڪون ٿو حاصل ٿئي. ٻئي محفلون سندس من جي ڪنول کي معطر ڪرڻ جو ذريعو ٿيون بڻجن، ڪنهن مان به ڪيڏي مهل به سندس چهري تي بيزاري نه ٿي بکي. هن کي سنگت به سدائين سُريلي ملي. ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽاءَ ساٿ جي“ سائين مير محمد، سائين حنيف شاهه، مٺل ملاح، معشوق مگسي، انور جتوئي، علي خان چانڊيو، ادريس جتوئي، فيض الله پيرزادو، لياقت رضوي جن سان گڏجي ٻه ٻه سئو رپيا هر هڪ ڪري معشوق جي ڳوٺ مهيني مهيني راڳ رهاڻ ڪرائيندا هئا. ٻه ٻه سئو ايندڙ فنڪار کي ڪرائي جا ڏيندا هئا، پوءِ ڪڏهن ڍول فقير، ڪڏهن حسين بخش خادم، ڪڏهن موهن ڀڳت، ڪڏهن استاد گلزار، ڪڏهن شفيع فقير، ڪڏهن تارو ڀڳت، ڪڏهن قادر بخش ڪهيري ۽ ڪڏهن منٺار فقير جي درگاهه جا صاحب خان ۽ جان محمد ته ڪڏهن ڪهڙو فنڪار ته ڪڏهن ڪهڙو فنڪار ، جيڪو فنڪار هڪ دفعو ٿي ويو اُن کي به ايڏو مزو ايندو هو جو ٻيو دفعو بنا ڪرائي جي خود بخود هلي اچي ڳائيندو هو. انهن راڳ رهاڻين ۾ پهريون 8 کان 10 ڄڻا هئا ته پوءِ آهستي آهستي اها ميمبر شپ 40 کان 45 تائين وڃي پهتي، اهي سرسنگيت جون محفلون به ڪيترو ئي وقت هليون.
ڪچي کان ڪاڇي تائين، لاڙ کان اُتر تائين، ٿر کان هر شهر تائين هن جي قدمن جا نه ڏسڻ ۾ ايندڙ نشان ساکي آهن ته هن ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ سمجهي هِن سان والهانه محبت پئي ڪئي آهي. ڪڏهن ٿر جي ڪنهن ڀِٽَ تي، ڪڏهن عمر ڪوٽ ۾، ڪڏهن گوڙيءَ جي مندر ۾، ڪڏهن ڪينجهر ڪنڌي تي، ڪڏهن موهن دڙي جي اسٽوپا تي، ڪڏهن ڀِٽ ڌڻي جي اڱڻ تي، ڪڏهن ڪارونجهر جي ڪڇ ۾، ڪڏهن درازا جي درگاهه تي، ڪڏهن منڇر تي ڪڏهن ٺٽي جي ڪنهن ماڳ تي، ڪڏهن مڪليءَ تي، ڪڏهن سسئيءَ جي ڀنڀور ۾، ڪڏهن جهوڪ شريف ۾ راتيون جاڳي ڪچهريون پئي ڪيون آهن ان لاءِ هن کي ساٿي به اهڙا ئي مليا جيڪي انهيءَ “اسٽينڊرڊ“ جا هئا. ايئن هِن سُنگ ساري سنڌ جا اهم ماڳ، مڪان، تيرٿ ۽ تڪيا پئي ڀيٽيا آهن.
آئون چوندو آهيان ته هو ڀٽ ڌڻيءَ جي سدا حيات سُرن رام ڪلي ۽ کاهوڙيءَ جو اهڙو ڪوئي ڪردار آهي، جنهن پنهنجي پيرن هيٺ اهي رڻ لنگهيا آهن، اُهي جبل جهاڳيا آهن، اُهي برپٽ بيابان ڀيٽيا آهن، اُهي ٿر بر ۽ جهنگل جهاڳيا آهن، اُهي ڏونگر ڏوريا آهن، اُهي ڪيچ جا ڪشالا ڪٽيا آهن جن رستن تان ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجا پير پٿون ڪري تصور جي اک سان سسئيءَ جي پشم جهڙن پيرن کي رتو رت ٿيندو ڏسي اُنهن جي درد کي جيئن جو تيئن محسوس ڪيو هو.
لاهوت کان هنگلاج تائين، رني ڪوٽ کان ٺٽي جي تاريخي ماڳن مڪانن تائين، گورک جبل کان ڪُتي جي قبر تائين، بڊي جبل کان بلوچستان جي علائقي ساروڻو تائين اُنهن ماڳن مڪانن جي ماپ پئي ڪئي آهي، ٻُڌ دور جي اُڪر وارا پٿر به ميڙيا آهن.
ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نه ٻڌي،
پاسا مٿي پاهڻين، کاهوڙي کوڙين.

مرشد لطيف کي هر دور ۾ اهڙا لاهوتي جيڪي ”نه ڪو کڻن پاڻ سان، نڪو ساڻن پاڻ“ جهڙا جيءُ کي جاکوڙا ڏئي پير پٿون ڪندڙ صوفي، سامي ۽ کاهوڙي ملڻا ئي آهن. جيڪي اُتي وڃي رسندا آهن، جت نه پکيءَ پير، تتي ٽمڪي باهڙي، جتي ڀِٽ ڌڻي جي قدمت جا نشان سندن آجيان جي لاءِ اڳ ئي موجود هوندا آهن ۽ انهيءَ لاءِ وڃي پهچندا آهن، جيڪو مقصد خود لطيف سائين جن جو به هو. ماڻهن سان ملڻ، ساڻن ڏُک سور سلڻ، سندس ريتون رسمون ڏسڻ، ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي حالت جو مشاهدو ماڻڻ، سنڌ جي جاگرافي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ، تاريخ جي تهن تان وقت جي دز ڇنڊي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جون جهلڪيون نروار ڪرڻ، سنڌ جي صوفي روح جي اصل ڌرم جا پيرا کڻڻ ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ، اُنهن سفرن ۾ سائينءَ سان سنڌ جا جديد جوڳي ۽ سندرا ٻڌي ڪاهيندڙ سچا سامي، رام ڪليءَ جي ڪردار کان به اٽل انور پيرزادو، بدر ابڙو، اشتياق انصاري، ڪليم لاشاري، محمد علي ڦوٽو گرافر، (هڪ سفر ۾ سائين زين شاهه ۽ هڪ سفر ۾ سائين جلال محمود شاهه) ۽ ٻيا به ڪيئي هئا، جهڙن لاءِ لطيف سائينءَ چيو ته:
تن ساميئڙن جي سڌ مران، جن جي گودڙين ۾ گُل.
انهن سفرن ۾ ڪهڙيون ڪچهريون ٿيون، ڪيتري تحقيق ٿي، ڪهڙا ڀوڳ چرچا ٿيا، ڪهڙا ڪهڙا سلسلا جڙيا! ڪجهه رڳو سائينءَ مون کي ٻڌايا، جيڪي رڳو لکجن ته ڪيئي ڪتاب جڙي پون. ڊيگهه کان بچڻ لاءِ رڳو تعارف طور ماڳن مڪانن جا نالا ڄاڻايا ويا آهن.
سائين منير جيڪو هڪ ئي وقت درگاهه جو گادي نشين به آهي، انتهائي گهڻ پڙهيو عالم به آهي، اديب ۽ شاعر به آهي، صوفي به آهي، سامي به آهي، سيلاني به آهي، سچ جو پارکو به آهي ته سياست جي مها سمنڊ جي ڇولين جي اصليت جي رازن جو ڄاڻو به آهي ته ڪچهرين جو ڪوڏيو به آهي، سندس دل جي شيشي ۾ سندس عقيدتمند، مريد ۽ کيس پيار ڪندڙ پنهنجي لاءِ بي انتها محبت ڏسي سندس پروانا بڻجي ويندا آهن.

پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ.

جيڪڏهن سنڌ جي هر درگاهه جو گادي نشين سائين منير شاهه جهڙو بڻجي پوي ته هوند سنڌ ۾ ڪڏهن به محبتن جو ڏڪار پنهنجو مڪروهه منهن نه ڏيکاري، ڪڏهن به سنڌ ۾ ”ڀوري ڀيل“ جي واقعي جهڙا جيءُ کي جهوريندڙ ۽ جهنجهوڙيندڙ واقعا جنم وٺي نه سگهن، نه سنڌ کي وزيرستان بڻائڻ جهڙيون غليظ ۽ نام نهاد سوچون جنم وٺي سگهن. سنڌ صدين کان امن جو گهوارو رهندي آئي آهي ۽ هوند هميشه لاءِ امن جو گهوارو رهندي اچي. سنڌ ۾ سوين درگاهون آهن، سڀني جو پيغام به سنڌ جو آفاقي پيغام آهي پر کوٽ آهي ته صرف انهن جي گادي نشينن جي اڪثريت جي شعور جي کوٽ آهي.
سوڍا توڳر ساهه، نا ت راڻا گهڻا راڄ ۾.
**
هي مضمون هفتي وار ”آواز ڌرتي“ نواب شاهه اخبار جي پهرين نومبر کان 7 نمبر 2013ع تائين واري شماري ۾ شايع ٿيو. ۽ ”ڌرتي لطيف“ جي ”درگارهه پير ذاڪري جو 17 هون ساليانو عرس مبارڪ ايڊيشن ۾ 01 نومبر 2013ع ۾ شايع ٿيو. هن صفحي کي ترتيب سائين منير شاهه جي عاشق ۽ هر دل عزيز دوست مرحوم محمد صفر چانڊيي ڏنو هو.

ڀٽائيءَ جو نينهن – پرور ناکئو: الطاف شيخ

عشق جا به عجيب رنگ، رمزون ۽ روپ هوندا آهن، عشق سنگتراش جا سپنا به هوندو آهي، جيڪو صدين تي ڀاري بنجندي موهن- دڙي مان مليل “سمبارا“ جي سوين سندر روپن مان نکري نروار ٿيندو آهي ته دنيا جو ڳاٽ سنڌ جي تهذيب جي قدامت اڳيان سربسجود بنجي ويندو آهي. عشق ڀٽائيءَ جي تنبوري جي تند، تنوار ٿيندو آهي ته سُرن جون صدائون سنڌ جي جهنگلن، جبلن، وستين، واهڻن جي خلائن ۾ گونجڻ لڳنديون آهن ته:
ويهان ڪيئن ماٺ ڪري! ايڏو سور سهي،
يا
بندر جيان ڀئي، سکاڻيا! مَ سمهو،

جي صدين تي محيط ڪائي ڪُوڪ بنجي، وطن واسين کي سجاڳيءَ جو سڏ ڪرڻ لڳندي آهي ته:
ايڏو سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!

جڏهن هن صدين جي ستايل سر زمين تي، صدين پڄاڻا عشق پنهنجي مڪملتا سان اهڙو ناکئو ٿو پيدا ڪري ته سنڌ مُرڪي ٿي پئي ۽ چنڊ هُن جي تخيل جي اُڀ- اُڏار کي چميون ڏئي رشڪ ٿو ڪري ته؛
اي سنڌ!
توکي صدين پڄاڻا،
ڀٽائيءَ جي سُر سريراڳ جو نئون ناکئو
الطاف شيخ مبارڪ!
اهو الطاف شيخ جڏهن مست سمنڊن جا سينا چيرڻ لاءِ ڪمر ٿو ڪشي ته عشق، لطيفي لات جي صورت ۾ هن جو سونهون بنجي ٿو پوي، جيڪو ولايتن جي واس سان سنڌوءَ کي سُرهو بنائڻ ۾، جيءَ جي جاکوڙن جي ڪائي پرواهه نه ٿو ڪري ۽ الطاف سائينءَ جو اهو عشق اتي ٿو پروان چڙهي:
جتي: درندا درياءَ ۾، واڪا ڪيو ورن،
جنهن ۾: سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن.
جتان: پُرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن.
انهي اونهي جي هر اوڙاهه جو سينو چيري، هن مختلف کنڊن جي مختلف ملڪن کي پنهنجي تجربي جي تخيل ۽ نينهن جي نازڪ ڌاڳن جهڙي زنجير سان نه رڳو هڪ ٻئي سان پر، سنڌ جي سرت سان به سلهاڙي پئي رکيو آهي، هو پنهنجي پيار مان پڙهندڙن کي پنهنجي تجربن سان نينهن جا اهڙا ته نظارا ٿو پسائي جو پڙهندڙ جي دل جي دنيا دنگ رهجيو وڃي.
توڙي جو جهاز راني جي جهد کان هو سرڪاري طور سبڪدوش ٿي چڪو آهي پر پوءِ به هن جي من جي ڪائنات جي حسين ڪئنواس تي ڪيترن ئي ملڪن جي رهيل يادگيرين جا اڃان به ڪيئي ٿانَ کُلندا ٿا رهن. هُو پنهنجي سفر نامن لاءِ تخيل جي پيار جا پوپٽ ٿو اُڏائي ته هن جي سامونڊي سفرن جي جاگرافيائي رستن جون رونقون پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي پنهنجي روح جي رنگين گلين ۾ گم ڪري ٿيون ڇڏين. جتي اتان جي تهذيبي تاريخن ۽ تمندن تحت انسان ذات جي عظمت جا عظيم داستان رقم طراز ٿيل آهن، جن جو هو ”ڪامياب قصا گو“ رهندو ٿو اچي.
الطاف سائينءَ جي قلم جي قط مان اڄ به اچانڪ اهو عشق امالڪ اڇل کائي اچي نڪري نروار ٿو ٿئي ته ايشيا کان آمريڪا تائين، يورپ کان آفريڪا تائين ۽ اينٽارڪٽڪا کان آسٽريليا تائين جتي جتي به، زندگيءَ جي جنهن به پل ۾ ضرورت پئي محسوس ڪئي آهي ته هن جي تشبيحن مان سنڌ، سنڌو سڀيتا ۽ ثقافت جي چوڏهينءَ جا چنڊ انڊلٺ جيان ازخود اُڀري ٿا پون.
الطاف سائينءَ پنهنجي شعوري اک سان دنيا جي ڪيترن ئي قومن جي شاندار تهذيبن کي اُسرندي عُروج ماڻيندي به پئي ڏٺو آهي ته ڪن قديم تهذيبن کي تاراج ٿيندي به پئي ڏٺو آهي، هن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سڀني کنڊن ۾ ”آزاديءَ جي عشق جا اسرار“ به پئي پسيا آهن ته سائنس جي سندرتا سان قومن جي شعور جي گلابن جو هُڳاءُ به پئي ماڻيو آهي ته هر قسم جي غلاميءَ جي عضبناڪ نظارن جو ڇيد به پئي ڪيو آهي، اهو سڀ ڪجهه نه رڳو هن پاڻ محسوس ڪري پنهنجي ڄاڻ جو خزانو پاڻ تائين محدود پئي ڪيو آهي، پر سنڌ جي شعور کي به ان جي سِڪَ جون سُرڪيون پياريندو پي رهيو آهي. هُو سَچَ جو اُهو سوداگر رهيو آهي، جنهن جي وڻج واپار جو وکر به رڳو علم، ادب، عشق ۽ آگاهي پئي رهيو آهي.
وکر سو وِهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
تاريخ جي سفر ۾ ڪا ڪا شخصيت ڪنهن ڪنهن قوم لاءِ فخر جو باعث بڻجي پوندي آهي ۽ قومون اهڙين شخصيتن تي فخر مان ڳاٽ اوچو ڪري جيئنديون آهن ۽ الطاف سائينءَ کي اها به خبر آهي ته قومون غريب رڳو اقتصادي لٽ مار ۽ وسيلن جي جبري قبضا گيريءَ ڪري ئي ڪونه ٿينديون آهن، پر قومون غريب تڏهن بنجنديون آهن جڏهن اهي زندگيءَ جي ڪنهن به شعبي ۾ مهان شخصيتن کي ”جنم ڏيڻ“ بند ڪري ڇڏينديون آهن، ڇو ته شخصيتون تاريخن جا پير ٿينديون آهن، جن جي طفيل قومون پنهنجي صدين جو سفر وک جيان ويجهڙو محسوس ڪري پنهنجي منزل جو مارڳ ماڻي وٺنديون آهن، ايئن صدين جي سفر کان پوءِ هن ڀٽائيءَ جي ڀونءِ کي تاريخ جا اهي نه ٿڪجندڙ پير پلئه پيا آهن جن جي قدمن جي نشانن تان سڪ، سچ، سُرت، سونهن ۽ شعور جا لال گلابي، ترو تازه ۽ سدا بهار ڦول ڦٽندا پئي رهيا آهن. ۽ اُن وقت سنڌي ادب جي تاريخ خوشيءَ مان خمارجي ٿي وڃي ته الطاف شيخ جي صورت ۾ اهو ڀاڳ جو ڀاڱو هن جي حصي ۾ نکري نروار ٿيو آهي.
هو جڏهن مُرڪ، محبت جي مس مان ڪِلڪ ٻوڙي لکڻ لڳي ٿو ته،
هن جي قلم جي قط مان دنيا جي سڌريل سڀيتائن جا سندر ڦول ڦٽي ٿا پون.
هن جي قلم جي قط مان حيرتن جا جهان جُڙي ٿا پون.
هن جي قلم جي قط مان سنڌي ادب ۾ سفر نامن جي صنف کي عروج ٿو حاصل ٿئي.
هن جي قلم جي قط مان پڙهندڙن جي عشق کي اتساهه ٿو حاصل ٿئي.
منهنجو ايمان آهي ته جڏهن به ڪو تاريخ جي تندن جي واڄٽ جو ويراڳي، ڪو بي طمع تخليقڪار پنهنجي عشق جي اٿل کي قلم سان ڪوزي ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان ويل ڀٽائي صاحب ان جي ڀر ۾ اچي بيهي رهندو آهي ۽ الطاف ته آهي ئي ڀٽائي جي ڀر جو رهواسي، پيار جو پاڙيسري ۽ ڀٽائي جي سامونڊيءَ جو اهو مڻيادار مانجهيئڙو جنهن جي ڪيترن ئي ڪتابن خاص ڪري شروعاتي ڪتابن جا نالا لطيفي لات جي سُر سامونڊي ۽ سُر سريراڳ تان کنيل آهن مثال:
• وايون وڻجارن جون.
• بندر بازاريون.
• سي ئي جوڀن ڏينهن.
• سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين.
• بندر ديسان ديس
• سانباهو سمونڊ جو.
• دنگي منجهه درياءَ.
• جِتِ جر وهي ٿو جال.
• نه سي سڙهه سُکاڻ
• خبرون کيڙائن جون.
• موج نه سهي مڪڙي
• اوهيريا عميق ڏي وغيره وغيره
نه رڳو اهو پر سنڌ جي هن ابن بطوطا وقت به وقت پنهنجي ڌرتيءَ جي ادبي اوشاقن کي پرڏيهي، ”فڪشن“ ۽ ”فوڪ وزڊم“ (Fiction and Folk wisdom) سان به خوب پئي روشناس ڪرايو آهي. مثال:
• لنڊن تائين لفٽ.
• رُٺي آهي گهوٽ سان
• ٻارن جون ڪهاڻيون.
• پيارَ جي گهُٽ
• مس سدا بهار چمبيلي.
• جپان جي گشا گرل.
• ڪهاڻيءَ جو قافلو.
• جل پريءَ جي اڳڪٿي.
• ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون ڪهاڻيون
• سوزيءَ سان پيار وغيره وغيره
۽ سامونڊي ڪو سڱ، آهي گوندر گاڏئون.
جي تلخ تجربن مان هن کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪير واقف هوندو! مون کي اهو به يقين ٿيڻ لڳندو آهي ته الائي ڪيترن موقعن تي هن جي دل جي تار ضرور تڙپي تانگهيو هوندو ته:
اتي اڻتارن، ساهڙ سير لنگهاءِ تون.
اڄ جي دور حاضر جي جديد سنڌ باد جهازيءَ تي لکندي الائي ڇو مون کي فيض احمد فيض جو اهو نظم ڏاڍو شدت سان هانءَ تي هُري رهيو آهي ته:
وہ لوگ بہت خوش قسمت تھے
جو عشق کو کام سمجھتے تھے
یا کام سے عاشقی کرتے تھے
ہم جیتے جی مصروف رہے
کچھ عشق کیا کچھ کام کیا
کام عشق کی آڑے آتا رہا
اور عشق سے کام الجھتا رہا
آخر تنگ آ کرہم نے
دونو کو ادھورا چھوڑ دیا۔


۽ مانواري الطاف سائينءَ تي به عشق اهڙيون عطائون پئي اوتيون آهن، جو هن جو پروفيشنل پيشو عشق ۽ عشق وري پروفيشنل پيشي ۾ پيهي پئي ويو، ائين هن سروس کي عشق ۽ عشق کي عبادت سمجهي پئي سرانجام ڏنو هو. پر پوءِ به فيض جيان:
آخر تنگ آکر ھم نے
دونوں کو ادھورا چھوڑ دیا

جهڙو ڪفر نه ڪمايو هو، هو فيض جي فڪر کي احترام جي نگاهه سان ته ضرور ڏسندو رهيو هوندو، پر مون کي يقين آهي ته پرهه جي پهر ۾ پکين سان گڏ جاڳڻ ويل هن فقط ۽ فقط لطيفي لات جي مئخاني جي مڌ مان سِڪ ۽ سونهن جون سُرڪيون پي ضرور پئي سرور حاصل ڪيو هوندو.
مڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو،
پي پيالو عشق جو، سڀڪي سمجهيو سون.

ڇو ته هو فڪري طور ڀٽائي سرڪار جو پيروڪار پئي رهيو آهي ڇو ته هو عاشق آهي ۽ عشق ۾ اجرتن جي طلب، عشق جو وڙ ئي ناهي هوندو. عشق جي سونهن ۽ سندرتا صرف ”ڏيڻ ۽ پيش ڪرڻ“ ۾ هوندي آهي.
ڏيندي ڏاتارن جيان، وٿي پوي نه وچ.
ائين الطاف سائين به سڪ ۽ سچائيءَ مان سفر نامن جي صورت ۾ علم ۽ ادب جي صورت ۾ ڄاڻ جو خزانو ڏيندي نه ٿڪيو آهي، مٿي مون چيو ته هو فڪري طور تي ڀٽائيءَ جو پيروڪار ئي رهيو آهي، جو هو ”سک نه ستا ڪاپڙي“ واري فلسفي مان پچي رچي راس ٿيل شخص آهي.
فڪري طرح:
اونهي ۾ اوهري، ڪهي ڪچي ساڻ،
سپڪ جو، سيد چئي، پڇي نه پرياڻ.

جو پڪو پوئلڳ آهي ڇو ته هن کي سُڌ آهي ته ”ڪپر پُڇن ڪوڙيون“ ۽ عشق صرف دل جي نيڻن سان ئي پيو پسندو آهي، جنهن کي هر جاءِ رڳو پرين ئي پرين (مقصد) پيو نظر ايندو آهي ۽ عاشق کي پرينءَ بنا ٻي ڪا سُڌ ٻُڌئي نه رهندي آهي.
عشق واريون عبدالطيف چئي سُڌ نه کڻن ساڻ.
۽ ٻيو هن جو فڪري رهبر اياز آهي، اياز جيڪو ويهين ايڪيهين صديءَ جي سنڌ جي پاڻ سڃاڻن وارين پڪارن جي پڙاڏن جو با جرئت آواز آهي، جيڪو هن کي محڪم يقين جا سوين سُندر سورج مُکي پيو آڇيندو آهي ته:
درياءُ اندر جا دهشت آ، ڪنهن ڏينهن قيامت ٿي ويندي،
ته پوءِ...! پوءِ ڇا ٿيندو!!؟؟ اياز سونهون ٿيندي سمجهائيس ٿو ته:
رڳو تون ۽ مان هن سنڌوءَ ۾، ڪا لهر اڀاري وينداسين.
اها به حقيقت آهي ته مان پيار جا پيچرا وٺي الطاف سائينءَ جي گوناگون شخصيت ڏانهن وک وک وڌيو آهيان.
کهي جا کنيائين، وک تنهن ويجهي ڪئي.
مون جڏهن به الطاف سائين جي اڻکٽ ۽ اجهاڳ عشق تي پنهنجي نينهن جي ناقص نگاهه پئي وڌي آهي ته هو هيمشه مون کي ڀٽائيءَ جي نينهن- پرور ناکئي جي سدا ملوڪ صورت ۽ سٻاجهي سيرت ۾، پنهنجي ئي هن وائيءَ جو چٽو پٽو عڪس ۽ اولڙو لڳو آهي.
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
خوشبو ٽيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
هالا حيرت ۾ وجهي، اُنڌ اُکيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
موٽي مٺي پار کان، کارو کيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
اونهي هر اوڙاهه سان، جُنبي جهيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
سُر تَئون سري راڳ جون، وايون ڇيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
مهڪي پارسَ پيار جا، ماڻڪ ميڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
لهرن جي هر لوچ جا، انگ اکيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
پر کنڊ مان پڌري ڪري، سُرت سهيڙيائين.
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، پيار پکيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
سپنن جي سنسار مان، گوندر گيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
روح، محبت راڳڻيون، ڇو هان ڇيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
سنڌوءَ جي سرکنڊ جا، ٽانگر ٽيڙيائين،
موتي ميڙيائين، سنڌوءَ جي جهوليءَ ۾.
**

هن جا نيڻ سانوڻ جون گهٽائون (مير محمد پيرزادي جي شخصيت)

مون کي الاءِ ڇو پڪ ٿي لڳي ته هزارين ورهيه اڳ موهن شهر جي شاهي محل ۾ سڄي سڄي رات رقص ڪري ماڪ مهل اها ننڊاکي ناچڻي پايل ڇمڪائيندي، پيرن مان پگهر وهائيندي، جڏهن پنهنجي ڳوٺ پهچندي هوندي ته جتي جتي ان جي پيرن مان پگهر جا ڦڙا ڪرندا هوندا ان مٽيءَ مان هزارين ورهين کان پوءِ اڄ به شاعر، عاشق، ڏاها ۽ ڏات ڌڻي جنم وٺندا پئي رهيا آهن. مون کي لڳندو آهي ته اُن ناچڻيءَ جو ڳوٺ بلڪل ان ئي جڳهه تي هوندو جتي اڄ سائين مير محمد جو ڳوٺ ٻلهڙيجي آهي. جنهن ڳوٺ ڪيئي ڏاها ۽ ڏات ڌڻي پيدا پئي ڪيا آهن، جن سڄي سنڌ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو نانءُ پئي ڳڻايو آهي، جتي اڄ به شاعري عورتن ۽ مردن جي گڏيل ميراث آهي. هزارين ورهيه اڳ ان ناچڻيءُ جي قدمن جي طفيل رقص ۽ راڳ، سوز ۽ ساز، عشق ۽ اوتارا، گيت ۽ سنگيت، مئه ۽ مئخانا اڄ به ان ڳوٺ جي سڃاڻپ بڻيل آهن، جتي اڄ به ڪا ماءُ پنهنجي پٽ تي ”ساز“ جهڙو نج ۽ نيچرل نانءُ رکي ثابت ٿي ڪري ته، موهن دڙي جي ناچڻي کان وٺي اڄ جي ماءُ تائين لاءِ به ”سُر ۽ ساز“ سنڌ جي صوفياڻي مزاج ۽ وجود جو اڻ ٽٽ حصو آهي، جنهن تان هٿ کڻڻو ناهي.
ڏيندا ڏيهه ميار او يار! قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.
ڏيندا ڏيهه ميار.
ڪي ڪي شخصيتون خوشبوءِ بڻجي پونديون آهن، جنهن جي وجود جي واس سان ساري شهر جو وايو منڊل واسجي ويندو آهي، بلڪل ايئن جيئن:
ڇپر ڇاٽُون آئيون، بَر مڙوئي بوءِ،
ٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾، هنڌ مڙوئي هوءِ
راڻين واري روءِ، لٿا گوندر گوليءَ تان.

پوءِ اها شخصيت ۽ اهو شهر (توڙي جو ان جو جنم شهر نه به هوندو آهي) هڪٻئي جي سڃاڻپ بڻجي پوندا آهن، جيئن اڄ سائين مير محمد ۽ سڪرنڊ هڪ ٻئي جي سڃاڻپ بڻيل آهن. سائين مير محمد جنهن لاءِ منهنجون محسوسات ڪجهه مختلف آهن، جيئن مون هن جي دل جي دري کولي هن جي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته مون محسوس ڪيو ته هي جنهن جو امير خسرو جي هنن سٽن:
جگ میں اگر سنگیت نہ ہوتا، کوئی کسی کا میت نہ ہوتا
یہ احسان ہے سات سروں کا، کہ دنیا ویران نہیں۔

۾ ايترو ته ايمان آهي، جيترو ڪنهن کي سڀاڻ جي سج اڀرڻ ۾.
سج سڀاڻي جا ڪري، سائي سامي روءِ...
هي جيڪو استاد منظور علي خان جي آواز ۾ هيءَ ڪافي
عمر ديس پنهنجو وسارڻ ڏکيو آ،
مارن ريءَ منهنجو بدن هي بکيو آ.

ٻڌندي، مارئي جي مارن کان دوريءَ واري احساس ”بدن لاءِ بک“ جي بيان ڪيل فلسفي تي سوچيندي سوچيندي ان ”بدن جي بک“ ۾ ايئن گم ٿي ٿو وڃي، جيئن ڪي ئي صديون اڳ ڪپل وستوءَ جو شهزادو سڌارٿ شاهي محل ڇڏي جهنگل ۾ اچي، گوتم ٻڌ بڻجي فطرت توڙي دک ۽ درد جي اصليت کي سمجهڻ مهل پنهنجي ئي غور فڪر ۽ گيان ۾ گم ٿي ويندو هو.
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ.، آءٌ نه جيئندي ان ري.

هي جنهن کي هون....هون....هون... ها.... ها.... ها... الاهي الله جهڙا من- پاتال مان درد ڀريا آلاپ ۽ رڻ پٽ دلين لاءِ ٻاٻيهي جهڙا ٻول ٻوليندڙ ۽ ورهه جا ورلاپ ڪندڙ، گيڙو پٽڪو پائيندڙ چاچو ڍول فقير ميران شاهه چئي مخاطب ٿيندو هو ۽ محفل عروج تي پهچڻ مهل يڪتاري جي تار تي آڱر هڻي هڪل ڪري چوندو هو ته ميران شاهه! ٻڌ لطيف سائين ڇا ٿو چئي؟ چئي ٿو ته:
ايڏيون ڪجن ان سان، جن جا پٺيان هون،
هاڻ: ڏونگر منهنجو خون، مياس ته معاف ٿئي.

هڪ لطيف سائين جي اندر جو آواز، ٻيو پَٽَ ۽ پشم کان ڪونئرن پهاڙن جي پنڌ ۾ رتورت ٿيل پيرن سان ڪيچ ڏي ڪاهيندڙ اڪيلي عورت جا احساس ۽ ڏونگر کي ڏوراپا، مٿان وري ڌرتيءَ جي دانهن جهڙي ڍول فقير جي ادائگي ۽ نج ڀڳتي انداز هن کي ائين جهوري وجهندو هو جو اتي ئي اتي هن جا نيڻ سانوڻ جون گهٽائون بڻجي پوندا هئا. ۽ لطيف سائين جي هيءَ سٽ ساهه کڻڻ لڳندي هئي ته:
جهڙ نيڻان نه لهي، ڪڪر هون نه هون.
هي جنهن کي مرحوم سونا خان بلوچ جي آواز ۾ به اڃايل ۽ ڏڪاريل ڪارونجهر جي مور جو ٽهوڪو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ مائي ڀاڳيءَ جي آلاپن مان تتي ڏينهن، ڀٽ جي ڪنهن اوٽ مان ڄار جي گهاٽي وڻ مان ڄڻ ته ڪنهن ڪوئل جي ڪوڪ ڀاسندي هئي.
رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪوئل جي ڪوڪ،
ولولو ۽ ووڪ، اي تان آهي عشق جي.

هي جيڪو مٺيءَ جي محبوب فنڪار موهن ڀڳت کي ٻڌندي ٻڌندي اکيون بند ٿو ڪري ته تصور ئي تصور ۾ ڪبير ڀڳت جي ڪچهريءَ ۾ پهچي ٿو وڃي، جتي ڪبير ڀڳت فرمائي رهيو آهي ته:
دنیا بڑی بانوری، پتھر پوجنے جاہے،
گھر کی چکی کوئی نہ پوجے، جس کا پیسا کھاہے۔

حد حد چلیا ھرکو، لاحد چلیا نہ کوءِ
لاحد کے میدان میں، کھڑا کبیرا روءِ۔

سچ بولوں تو جگ روٹھے، جھوٹ بولوں تو رام،
کبیر بیچارا کھاں جائے، دونوں کٹھن کام۔

هي جنهن کي بين بوڙيندي، بانسري ، باجي چنگ، سرندي توڙي سارنگي مان سرن سان گڏ سازيندي جا سڏڪا به ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، ڇو ته هن کي خبر آهي ته هر فنڪار جي من جي ڀنڀور کي باهه لڳل هوندي آهي، تڏهن ته وڍيل وايون ڪندي آهي ۽ ڪُٺل ڪُوڪاريندي آهي.
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هي هڏن لئه هنجون هاري،

شيخ اياز سنڌ جي فڪري سرحدن جو محافظ هو ۽ ان چيو هو ته:
او شال عقابن سان اٽڪان
مان واهر ٿي واهيرن جي.

ته ايئن سائين مير محمد وري اوندهه انڌيرن ۽ انهن جي رکوال چٻرن ۽ چمڙن سان اٽڪڻ جو عزم رکندي اياز جي سنت تي پورو ٿو لهي، پاڻ ئي چئي ٿو ته:
منهنجي هٿ ۾ پين ڏئي،
۽ ميڻ بتيءَ کي ڦوڪ ڏنئي.
پوءِ مون کي چيئي.
”سندر سندر گيت لکي ڏي،
جنهن سان پنهنجو جيءُ ريجهايان،
جنهن سان پنهنجو من پرڀايان“
اهڙي ئي ڪنهن گيت لکڻ لئه،
اونداهين سان اٽڪان ٿو.
هي جيڪو تاريڪ رات جي خاموشيءَ ۽ سناٽن جا نه رڳو آواز ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي سگهه ٿو رکي بلڪه انهن پاران ڳايل راڳن سان پنهنجو من وندرائڻ جي قدرت پڻ رکي ٿو. پاڻ ئي چئي ٿو ته:
ماڻهوءَ من پرڀائيندي آ، سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ،
وياڪل دلڙي وقتي وقتي، چانڊوڪي کي چاهيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
شام لڙي ۽ سِج جي لالي خوب لڱن کي لائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
رات لڙي ۽ ماڪ سندي جو، پايل پير ۾ پائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
رات سڄي جي روئندن کي ڀي، پرهه ڦٽي پرچائيندي آ.
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
ڪتي لڙي ۽ ماڪ ۾ وهنجي گهوري گهوري گهائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
لوڪ ستي جو لڪي لڪي ۽ تنهنجي ياد ستائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
ڏات اسان جو روڙي روڙي، ماس هڏن تان کائيندي آ،
سانت به ڪڏهن ڳائيندي آ.
هي جيڪو اشفاق احمد جي زاويه کي پڙهندي پڙهندي ڌرتتيءَ جو ٽن چئن معصوم ٿري ٻارڙن کي، اگهاڙي پيرين هڪ ٻئي جي پاڇن تي پنهنجا پير رکندي پنڌَ ڪندو ٿو پڙهي ۽ تصور جي اک سان ٿو ڏسي ته هن جي پنبڻين ۾ لڙڪن جا موتي لهي ٿا اچن ۽ ايئن ٿا جرڪن جيئن پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ ڪنهن گل جي پنکڙينءَ تي ماڪ موتي جرڪندا آهن ۽ مون کي ياد ٿو اچي ته سندس پهرين شاعري مجموعي جو نانءُ ”مکڙيون ماڪ ڦُڙا“
پئي جا پرڀات، ماڪ نه ڀانئيو ماڻهئا
روئي چَڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.

سائين مير محمد! جنهن کي ”سنڌ دوستي“ فطرت طرفان انعام ٿي ملي هئي جو جڏهن هو اک کولي وک وجهڻ جهڙو ٿيو ته انگريز ليکڪن جي سڏيل ”سنڌو شينهن دريا“ ۽ انسانذات جي عظيم تهذيبي ورثي ”موهن جي دڙي“ نه رڳو هن کي ٺيٺ سنڌياڻو سلام پيش ڪيو هو پر دل کولي هن جي آجيان به ڪئي هئائون. سنڌو درياءَ ۽ موهن دڙي پاران هن جي اهڙي آجيان ڏسي مٿي آڪاس ۾ چنڊ مرڪي ڏنو هو. ان وقت هن جي نيڻن درياءَ ۽ دڙي هڪٻئي کي فلانگ ڪس ڪري پنهنجو ڪيو هو. ڀلا فلائنگ ڪس هڪ ٻئي کي ڪن به ڪيئن نه ها! هڪ ٻئي جي وجود جو حصو جو ٿيا. سنڌو ڌارا جي لڙاٽيل پاڻي ۽ موهن جي مٽيءَ مان جنم ورتل سائين مير محمد جڏهن انهي ساٿ ۽ سٻنڌ تي سوچيندو هوندو ته ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان عابده جو آواز هن جي شعوري سماعتن سان ضرور ٽڪرائبو هوندو ته:
هن جنم هُن جنم لئه وچن ٿو ڪريان، مان جتي ڀي هجان، سنڌ تنهنجو ٿيان
عشق جو آتش فشان، هن جي اندر مان اڀامي قلم ذريعي ڪاغذن تي جڏهن پنهنجا رنگ نکيريندو آهي ته پڙهندڙن کي زندگيءَ سان ڀرپور ۽ من موهيندڙ ڪيئي موضوع ملي پوندا آهن. پوءِ سائين مير محمد ڪڏهن ٽيڙن ۽ سانيٽن، بيتن ۽ واين، غزلن ۽ گيتن جو ڀلوڙ شاعر ته ڪڏهن انتهائي اعليٰ پائي جو نثر نويس، نقاد ۽ مضمون نگار ڪڏهن حساس ڪهاڻيڪار ته ڪڏهن مايه ناز محقق ته ڪڏهن لغت جو ماهر ۽ ٻوليءَ جو عالم، ڪڏهن اسٽيج تي اچي سامعين، خاص ڪري نوجوانن جي جذبن سان انهن جي روح مطابق کيڏندڙ- ڪڏهن اياز جي گيتن ۽ ڀٽائي جي بيتن جو سنڌ جي تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي روح مطابق شارح، ڪڏهن موسيقيءَ جي مقصدي مام کان وٺي تاريخ جي تضادن تائين ۽ تصوف جي تاريخ کان وٺي بنياد پرستيءَ کان بيزاريءَ تائين نوجوانن جا برين واش ڪندڙ. ان وقت ايئن لڳندو آهي ته هي جهڙو اٿينس جي گلين ۾ نوجوانن سان بحث ڪري انهن جي ذهنن جي آبياري ڪندڙ پوڙهي سقراط جو نئون جنم.
هر وقت ڪتابن جو ڍير هن جي سامهون، تتي هجي يا ٿڌي، جهڙ هجي يا مينهن، رات هجي يا ڏينهن، جنهن به ڏٺو، جنهن وقت ڏٺو هن کي بس لکندي ئي ڏٺو. بلڪل مرشد لطيف جي هن هدايت تي عمل پيرا ته:
تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

ان وقت پريان ڪٿان عابده جو آواز ڄڻ ته هن جو چتر پيو چٽنيدو آهي ته:
سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان؟
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
**

صحافي- ميڊيا جي ڪائنات جا جبرائيل اَمين!

صحافي- ميڊيا جي ڪائنات جا جبرائيل اَمين!
(محمد صديق منگيو جي صحافتي پهلوءَ تي هڪ نظر)

رگ ويد کان وٺي قرآن پاڪ تائين سمورا مقدس ڪتاب، انسان ذات لاءِ حڪمت ۽ روحاني ترقيءَ جا صحيفا هجڻ سان گڏو گڏ شاعريءَ جا بهترين فن پارا پڻ آهن. شايد ان ڪري ئي شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو جز سڏيو ويو آهي. بلڪل ايئن صحافت به فرشتانه پيشو آهي. اقتدار جي پُر پيچ ڪاڪ محل جهڙن اعليٰ ايوانن ۾ ٿيندڙ سازشن جا انيڪ انڪشاف هجن يا رياستي دهشتگرديءَ جا هانوَ ڏاريندڙ ڀيانڪ روپ- انساني حقن جي پائماليءَ جون کلمکلا مذمتون هجن يا عالمي، بين الاقوامي توڙي ملڪي عدالتن پاران انسانيت ۽ انصاف جا قتل، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گوليءَ جي ٻوليءَ ڳالهائيندڙ ڊڪٽيٽرشپ جي قهر ڀري ڪاري رات هجي يا انجنيئرڊ الڪيشني ڌانڌليون، سچ پچ ته صحافي ئي ان سڄي ميڊيا جي ڪائنات جا جبراِئيل امين آهن.
صحافت رڳو پريمي جوڙن جون رنگين تصويرون ۽ ڌيان طلب جا اشتهار به ناهي. صحافت رڳو ٽريفڪ حادثي ۾ رئيس ڪانڊيري خان جي ميلي تي ويندڙ گهوڙن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون به ناهي.
صحافت رڳو سيد ڪرڙ شاهه جي ڳوٺان گلو دايي جي گڏهن چوري ٿيڻ جون ٻه ڪالمي سرخيون به ناهي. صحافت رڳو سردار آڦٽ مار خان جي ڪتن پاران “ايٽم بم” سوئر مارڻ جون خبرون به ناهي.
صحافت رڳو ڪنهن ڊونر ايجنسي جي پگهار تي پاڻمرادو بڻيل سماجي ڪارڪن جا ٻٽاڪن ڀريا دونهيندار بيان به ناهي،
صحافت رڳو روينيو، پوليس ايڪسائيز، ايريگيشن، واپڊا، گيس، فون ۽ تعليم جهڙن فيل مست، کاتن جي ڪرپٽ ڪامورن ۽ جسم فروشي جي اڏن ۽ منشيات جي ڪاروبار ڪندڙ خلاف ڪجهه لکي ڇپائڻ کان اڳ انهن کي بيلڪ ميل ڪري کانئن ناجائز مراعتون، رعايتون ۽ کيسن کي حرارت بخشيندڙ لفافا وٺي صاحبن جي ساراهه ڪرڻ به ناهي.
هت ذهنن ۽ ضميرن جي خريد و فروخت جو سلسلو هاڻ پراڻو ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ سياستدان کان سماجي ورڪر تائين مذهبي عالمن کان وٺي ادبي ڪرتائن ڌرتائن تائين هر جنس جي وڪري جا پنهنجا پنهنجا اگهه مقرر ٿيل آهن. اتي نه وِڪيو آهي ته صرف چند صحافين جو ذهن، ضمير ۽ قلم نه وڪيو آهي.
”هيڏي وڪري جو نه وڪاڻو. سوئي ماڻهو موتيءَ داڻو“
سنڌي سماج جي گذريل ڏيڍ سو سالن جي غلاميءَ جي ناسور وارن ڦٽن تي پها رکندڙ اهڙن مسيحا صفت صحافين تي سنڌ صدين تائين فخر ڪندي رهندي، سنڌ سنڍ ناهي ٿي.
”اڃان رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي، متان ائين سمجهين مئا مور سارا.
اهڙن ڳاڻ ڳڻين زنده ضمير صحافين جي سٿ ۾ اسان جو دوست محمد صديق منگيو پڻ شريڪ- سفر آهي. سقراط کان وٺي اڄ تائين اهو به ثابت ٿيل آهي ته سچ وڏو ڏوهاري آهي، پر اها به سج جهڙي روشن حقيقت آهي ته اهو سچ، جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو تنهن جو سارو چين کڻي ٿو. هن ٻاٽ اونده سماج ۾ پنهنجي سچ جي سگهه ۽ قلم جي قط سان جڏهن به ڪنهن جگنو جهڙي جوت انڌيرن سان اٽڪڻ جي جرئت ڪئي آهي ته اڳ ۾ ته ان کي خريدڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ڪاري رات جي رکوالن، چمڙن، چورن ۽ چٻرن جي ساٿارين انهن تي ڀرپور حملا پئي ڪيا آهن. سڄي سنڌ سان گڏ سڪرنڊ ۾ به صحافت تي اهڙا ڪاري وارَ ٿيندا پئي رهيا آهن. جن جو هڪڙو نشانو محمد صديق منگيو پڻ رهيو آهي، پهاڙيءَ جي پيرن کي ڏنگيندڙ وڇون هميشه پنهنجو ئي ڏنگ پئي زخمي ڪيو آهي. پر حق جا هوڪا خاموش ناهن ٿيڻا.
”جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنهوار سين.“
هر تخليق تخليقڪار جو آئينو هوندي آهي، جيئن ”واٽ ويندي“ ۾ مرحوم نور عباسي جي شخصيت جا پرتوا پسڻ ۾ ايندا آهن، شمشيرالحيدري کي توهان سندس ايم. آر. ڊي جي جمهوري جدوجهد دوران روزانه مهراڻ ۾ لکيل ايڊيٽوريلن ۽ ڪالم ”ڀير تي ڏونڪو“ ۾ ڏسو سراج کي ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۾ انور پيرزادي کي سندس مختلف ڪالمن ۾ ڏسو مرحوم فقير محمد لاشاري کي توهان روزانه عوامي آواز ۽ روزانه جاڳو جي اناالحق جهڙن ايڊيٽوريلن ۾ ڏسو. اهڙي طرح جيڪڏهن توهان کي محمد صديق منگيو جي ذهني ائپروچ ڏسڻي هجي ته توهان سندس روزانه جاڳو ۾ ڇپيل ڪالمن ”چڙهه چکيائي چوٽئين“ ۾ ڏسو. پاڻ جڏهن صحافت جي رٿ تي سوار ٿي قلم هٿ ۾ کڻي هيٺ نگاهه ٿو ڌري ته هن ڌرتي تي ٿيندڙ سڀ اوڻايون، سڀ سازشون، سموريون حرامپايون ۽ حرڪتون، بديون ۽ بڇڙايون کيس چِٽي طرح ڏسڻ ۾ ٿيون اچن جن کي پني تي لاهيندي هو دوست گهٽ ۽ دشمن وڌيڪ ٺاهيندو آهي. پاڻ پنهنجي هڪ ڪالم کي لکي ٿو ته: ”هن سماج ۾ رهندڙ بظاهر ماڻهن جهڙا ماڻهو پر اندر ۾ ڪيترا وحشي ۽ ڏانئڻ ٿيندا پيا وڃن قرب پيار ميٺ، محبت جي جذبن جي اڻاٺ ٿيندي پئي وڃي وحشت ۽ درندگي ماڻهن جي واڇن مان ائين پئي ڳڙي جيئن سياري جي مند ۾ مست اٺ جي واڇن مان ڳَڦَ ڳڙندي آهي،“ اڃا اڳتي هلي ساڳئي ڪالم ۾ لکي ٿو ته ”اهڙا ماڻهو جيڪي دولت جي بک، جنسي بک، ريتن رسمن جي بک هٿان ڇتا ٿي پوندا آهن. تڏهن سندن اکين مان سڃاڻپ ۽ ساڃاهه واري ديد موڪلائي ويندي آهي ۽ اهي بک جا چڪ هڻي پنهنجا ئي ٻچا کائي ويندا آهن ۽ پوءِ پنهنجن ٻچن جون آخري هڏيون چٻاڙي اوڳرايون ڏئي شهپرن تي هٿ ڦيرائيندا آهن. سنڌي سماج جي ان گدڙ ڀڀڪين جي مقابلي جي ڪن ماڻهن تازو سڪرنڊ جي مهراڻ ڪالونيءَ ۾ هڪ غريب پرائمري استاد سليم سومري جي هڪ معصوم نياڻي تسليم کي پنهنجي شيطاني ۽ حيواني جبلت جي ٽياس تي لٽڪائي ڇڏيو.“
اهڙن انسان دشمن وحشي ۽ واهيات ڪردارن کان سندس معصوم دل ۾ نفرت ۽ ڌڪار ٿيڻ هڪ فطري جذبو آهي، هو لکي ٿو ته؛ ”اهي ته سماج جا اهڙا لعنتي ڪردار آهن جن جو دين ڌرم مذهب ۽ قوميت نه آهي، انهن جو مثال ته انهن لوسي ۽ لڌن ڪتن وارو آهي، جيڪي پنهنجي ذات پڌري ڪرڻ لاءِ ٺڪرن جي ٿانون سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن سون جي ٿالهي جهڙو قيمتي ٿانوءُ به ڀڃي وجهندا آهن. اهڙا ماڻهو پنهنجي فطرت ۾ ان ڪوئلي وانگر ٿيندا آهن جيڪو ٻرندڙ هوندو آهي ته هٿ ساڙيندو آهي ۽ اجهاڻل هوندو آهي ته هٿ ڪارا ڪندو آهي.“
جنهن ملڪ ۾ اهڙي حڪومت هجي جهڙو پنهنجي هڪ ڪالم ۾ محمد صديق لطيفو لکيو آهي ته پوءِ ظالم کي سزا کان ڪهڙو ڊپ؟ پاڻ لکي ٿو ته هڪ همراهه گهوڙي تي چڙهيو پئي ويو ته سندس گهوڙي ٿوري ٿوري پنڌ تي کيٽو ٿئي ڪيو. نيٺ همراهه گهوڙي تان لهي جئين گهوڙي کي واڳ کان وٺي بيهارڻ لڳو تيئن گهوڙي همراهه تي الرون ٿي شروع ڪيون. همراهه جو پٽڪو لهي ويو ۽ ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿي ويو. هڪ واٽهڙو جنهن اهو سمورو لقاءُ پئي ڏٺو تنهن گهوڙي سوار کان پڇيو ”ادا! تو وارو گهوڙو ڪهڙي نسل جو آهي“ ان تي همراهه ٿڌو ساهُه کنيو ۽ وراڻيو ته: ”ڀائو هي گهوڙو ان نسل مان آهي جنهن تي جيڪو چڙهيو سو اڙيو، جيڪو لٿو سو ڦاٿو.“ڀلا جتي حڪمران اقتدار ۾ هوندي به پريشان ۽ لهڻ کان پوءِ ڪاٺ ۾، اتي اهڙن وحشي ۽ ظالم ڪردارن کي سنگين سزائون ڏيارڻ لاءِ ڪير ڪئين ۽ ڪيڏي مهل سوچي؟ هڪ ٻئي ڪالم ۾ عقل جي وضاحت ڏاڍن پيارن لفظن ۾ هڪ مثال طور ٿو ڪري، لکي ٿو ته “عقل ئي اهڙو دروازو آهي جنهن مان ترقي ۽ آسودگيءَ جا سڀ رستا ڦٽي نڪرن ٿا. “
ساڳئي ئي ڪالم ۾ هو مثال پيش ٿو ڪري ته؛ جاپان جو مثال اسان جي اکين آڏو آهي، هيرو شيما ۽ ناگاساڪي جي تباهيءَ کان پوءِ عقل جي امامت هيٺ ٿوري وقت ۾ اقتصادي، صنعتي، سماجي، سياسي ۽ ادبي ميدانن ۾ جيڪي سوڀون ماڻيون آهن. اهي حيرت ۾ وجهندڙ آهن، اڄ جاپان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جن تي هڪ ڊالر به پرڏيهي قرض نه آهي، جڏهن ته سپر پاور آمريڪا به ارپين اکريبن ڊالرن جو قرضي آهي.“ جاپان جي ترقي جا انگ اکر ڏيندي محمد صديق ٻڌائي ٿو ته ”ساڍا ٻارهن ڪروڙ آبادي واري هن ملڪ جاپان ۾ معاشي خوشحالي جي صورتحال اها آهي جو 1.4 ماڻهن لاءِ ٽي وي هر ايڪيهن ماڻهن لاءِ هڪ ڊاڪٽر آهي. تعليم جي شرح سؤ سيڪڙو آهي، لڳ ڀڳ هر ماڻهوءَ وٽ ٽيليفون جي سهوليت موجود آهي.“
محمد صديق جي ڪالمن جو جيڪڏهن تفصيلي طرح تقابلي جائزو وٺجي، انهن تي تبصرو ڪندو هلجي ته ڪئين ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا. سندس هر ڪالم جي چڱي طرح ڇنڊڇاڻ ڪجي، سياسي ۽ سماجي پهلوءَ کان انهن تي ڀرپور راءِ ڏجي ته نه رڳو مقالو طويل تي ويندو پر پڙهندڙ به اوٻاسيون ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا، انڪري مان سندس ڪالمن جي ادبي پهلوئن تي هلڪي ڦلڪي راءِ ڏيندس،
محمد صديق توڙي جو بيشڪ هڪ سبيتو صحافي ته آهي ئي آهي، مگر هُو بنيادي طور اديب ۽ شاعر آهي، سندس ٻولي ۾ شاعراڻو حسن، خوبصورت محاورا ۽ رنگ ترنگ تشبيهن جو ڀرپور استعمال ٿيل آهي، سندس شاعريءَ سان دلي لڳاءُ اتي به پڌرو ٿئي ٿو ته پاڻ هڪ ڪالم ۾ لکي ٿو ته؛ 1972ع ۾ شام جي حلب شهرجي ڏکڻ ۾ ننڍڙي شهر ۾ جنم وٺندڙ اکين کان نابين برک عالم ۽ دانشور ابوالعلى عبدالله المعري جيڪو عربي گرامر شعت سميت ٻين علمن تي وڏي پهچ رکندو هو. سندس علمي لياقت ۽ ڄاڻ جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته شام جي مشهور شهر حلب، انطاقيه سميت ٻين شهرن جي ڪتب خانن ۾ جيڪي قلمي ڪتاب هئا سي سڀ کيس برزبان ياد هئا. سندس شاعري جي جڳ مشهور بينظير ديوان ”لزوميات“ جو هڪ شعر آهي ته:
”ماڻهو امام برحق جي اوسيئڙي ۾ آهن،
جو اچي سندن aڳواڻي ڪندو،
ڪيڏا نه سادا آهن هي ماڻهو،
سچو امام ته صرف عقل آهي،
جو هر وقت انسان کي صحيح مشورو ڏئي ٿو،
۽ صحيح رهنمائي ڪري ٿو.
جڏهن تون ان جي تعبيداري ڪندين
تڏهن هو ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾
تولاءِ خدائي رحمت جو ڪارڻ بڻيو.
آئون جڏهن هن دنيا مان مَرندس
تڏهن منهنجو عقل کانسواءِ
ڪو به امام نه هُوندو! “
اهو آهي محمد صديق جو شاعريءَ سان لڳاءُ، جنهن الائجي ڪٿان ڳولي سولهي اهڙو قيمتي، معنى خيز ۽ مذهبي مفروضن کي رد ڪندڙ نظم چونڊي اسانکي پڙهائي ورتو، جنهن مان سندس روحاني ۽ وجداني طور شاعري سان پختو پيچ پڌرو ٿئي ٿو. هن جي ڪالم جي هنن سٽن کي ٿورو هيٺ مٿي ڪري نظم جي ترتيب ڏئي بيهارجي ته ڪيڏو نه سهڻو آزاد نظم جڙي بيهندو. ڪيڏو نه خوبصورت خيال آهي، اچو ته انهن سٽن کي نظم وانگر لکي هڪ نظم جو لطف وٺون.
”ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي،
خوبصورت پڃري ۾ بند
ان پنڇي وانگر محسوس ڪندو آهيان
جنهن جي جياپي جي سمورين آزادين کي،
گهٽا ڏيئي،
سندس کنڀ ڪتري،
رڳو انڪري عمر قيد جي سزا ڏني وئي هجي،
ته هو پنهنجي فطرتي آزاد جيون جي سمورين خوشين کي،
چند ماڻهن جي وقتي ورونهن ۽ وندر تان گهوري ڇڏي.“
سندس ساڳئي ئي ڪالم جي هنن ٻن جملن ۾ ڪجهه تجريديت ۽ ڪجهه آرٽ پيو جهلڪي، ڇا هيءُ به هڪ ننڍڙو خوبصورت نثري نظم نٿو ٿي سگهي؟
”اسان جي اکين جو پاڻي.
تيزي سان مري پيو.
اندر جو انسان
هيروئن جي موالين وانگر،
پنڪين ۾ آهي“

سندس تشبيهن جو ڪمال ته ڏسو، ڪيڏو ڪڙو سچ! ڪيڏي ڪساري طنز- تشبيهه نه آهي ڄڻ ته چهبڪ آهي، جيڪو اهڙي بيضمير جي وجود تي ضرور وسڪار ڪندو هوندو، جڏهن ان پاڻ ئي محمد صديق جو ڪالم پڙهيو هوندو، پر ٻڏي مرڻ لاءِ به نڪ جي ضرورت هوندي آهي. محمد صديق لکي ٿو؛ ”سندس چهرو ائين پئي ٻهڪيو، ڄڻ ته امڙ جي مرتئي بدران ڪنهن سرڪاري دوري تان موٽي رهيو هجي،“ لعنت آهي اهڙي ذهنيت تي، اهڙي پئسي تي.
اهڙي اسٽينڊرڊ تي، اڳتي هلي ساڳئي ئي ڪالم ۾ ساڳئي ڪردار متعلق لکي ٿو ته: ”هو پنهنجي ماءُ پيءُ جي ڏکن ڏوجهرن کان ائين لاتعلق ٿي ويو ڄڻ تاڃي پيٽي شهري بابو هو.“
سندس ڪالمن ۾ نه رڳو شاعري جا چشما ڦٽي نڪتا آهن، پر تخليقي ۽ افسانوي ادب جا پڻ واهڙ وهائي ويو آهي، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته سندس والد کان ورثي ۾ مليل زبردست لائبريري ۾ جيترا افسانوي ادب جا ڪتاب پيل هوندا اوترا شايد صحافت جا به نه هجن. هن جو ننڍپڻ ادبي ڪلاسن، ادبي ڪچهرين ۾ گذريو آهي. هن جي ذهني اوسر به شعر، ڪهاڻي، ناول ۽ افساني جي تنقيدي ڪچهرين ۽ اسٽڊي سرڪلن ۾ ٿي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو افسانوي رنگ سندس هر تخليق تي ائين سوار آهي، جئين پولار جي رٿ تي چنڊ، اچو ته سندس اهڙو مثال ڏسون. ڄڻ ته سندس ننڍڙو افسانو پڙهون. هو لکي ٿو ته ”مون چانهه جو آخري ڍڪ ڀري ڪوپ ٽيبل تي رکندي کيس گهوري ڏٺو. پڇيم ته يار خميسا! مون به ڪراچي ۾ ست سال ڌڪا کاڌا آهن. مون ته ڪڏهن تنهنجي مرشد جي باري ۾ نه ٻڌو. ڇا تنهنجو مرشد مونکان پوءِ ڪراچي ۾ آيو آهي؟“
”اڙي موڳا! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين؟ هو ته ورهاڱي کان وٺي ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. اڃارو کوهه کي ڳوليندو آهي. کوهه اُڃارن کي ڪو نه ڳوليندو آهي.“ هن بيزاريءَ مان وراڻيو.

”ڀلا تنهنجو مرشد آمريڪا فرانس، جرمني ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ روحاني فيض ورهائيندو آهي؟“ مون ٻيو سوال ڪيو.
”اڙي ڳوڀَ ڪو اهڙو ماڻهو سمجهيو اٿئي ڇا؟ انگريزي، جرمني. فرانسيسي سميت کيس اٺن ٻولين تي وڏي هٿ پهچ آهي،“ هن فخر واري انداز ۾ وراڻيو.
”ڀلا اهي سڀ ٻوليون هن ڪئين سکيون؟“ مون ٽيون سوال ڪيو.
اها به ڳالهه آهي؟
اڙي بابا!
ڪا به ٻولي سکڻ به اڄڪلهه ڪو مسئلو آهي ڇا؟ هن ڪوشش ڪري اسلام جي اشاعت ۽ تبليغ جي مقصد لاءِ انهن ٻولين کي سکي مهارت ماڻي آهي. “ هن وراڻيو، مونکي ڏاڍي حيرت ٿي. کانئس پڇيم ”پوءِ ته کيس پڪ ئي پڪ سنڌي ٻولي به ضرور ايندي هوندي!“ همراهه کي ڄڻ ته نانگ سنگهي ويو هجي، اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت، واڳون وانگر ڇاڙ هڻي اکيون ٽمڪائي ڪي ساعتون مونکي گهوريندو رهيو. نيٺ هن منجهي وراڻيو ته يار!..... سنڌي ته کيس ڪانه ٿي اچي ...... ڀلا ڏس نه، ڪو ٻار ته ڪونهي 55 ورهين جي ڄمار ۾ آهي، هينئر سنڌي سکڻ لاءِ سندس زبان ئي ڪانه ورندي.....“
جتي محمد صديق منگئي جا ڪالم ڀرپور ادبي ۽ صحافتي ٻولي جا سنگم بڻيل آهن، اتي ڪڏهن ڪڏهن ”آرسيون ۽ اولڙا“ ۾ مخصوص تبصرا ڪري پنهنجي ئي شهر جي ٻن دوستن بلڪه صحافي ڀائرن ماڻڪ ملاح ۽ اسحاق سومرو کي تبصرن جي تيرن سان گهايل ڪري ڇڏيندو آهي. گهٽ ۾ گهٽ محمد صديق جهڙي ماڻهو کي دوستيءَ جو دامن صاف رکڻ گهرجي اها منهنجي کيس دوستاڻي صلاح آهي.
**
(1 نومبر 2000 تي لطيف آرٽ سرڪل سڪرنڊ پاران محمد صديق منگيو سان رچايل رهاڻ ۾ پڙهيل مقالو).
هي مقالو روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ جي ادبي صفحي ”ساهت سڀيتا“ ۽ 07 ڊسمبر 2000ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.

درد اکين جو ڪتبو آهي (ماڻڪ ملاح جي گيتن تي هڪ نظر)

بيرحم موسم پاران ٽانڊن، ڪانڊن، ٻاٻرن جي وڇايل واٽ جي پلصراطي سفر جي پيڙا جو نانءُ آهي، شاعري.
پنهنجي ئي هُڳاءُ جي مستي ۾ مخمور ڪنهن وسيع صحرا ۾ بيقرار ٿي ڀڄندڙ ڊڪندڙ ڪنهن ڇڙواڳ هرڻ جي حسين بدن جي ڪنهن حصي مان ڦٽي نڪرندڙ خوشبو جهڙن معطر جذبن کي قلم جي ڪئميرا سان ڪيچ ڪرڻ جي ڪاريگري جو نان آهي شاعري
اڪيلائي جي ڪنهن اداس موسم ۾ ڪنهن جي ياد ۾ نيڻن جي تُنرن مان وهي سُڪي ٺوٺ ٿي ويل لڙڪن جي ڪرڀ جي تلخ تجربن کي لفظن جي تقدس جو ريشمي اوڇڻ اوڍائڻ جو نانءُ آهي، شاعري
خيالن جي خوبصورت موتين کي سڪ جي سنهڙي سڳي ۾ پوئڻ واري هنر جو نانءُ آهي، شاعري
من جي بک جي زخمن کي زبان ڏيڻ جو نانءُ آهي، شاعري
جدائيءَ جي جلڻ سان اندر ۾ جيڪو ڦٽُ ٿيندو آهي ان مان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙندڙ درد جي وارتا جو نانءُ آهي شاعري.
افسوس ته شاعريءَ جا پوپٽ اُتي اُڏامندا آهن جتي دلين جا باغ بٺا بڻجي پوندا آهن، جتي رنگ خوشبو ۽ روشنيون بي معنيٰ بڻجي پوندا آهن. پڪارون پڙاڏا ۽ سڏ سُڏڪا بنجي پوندا آهن. ان ويل بُٺا بڻيل اندر جي اوندهه ڪائنات تي شاعريءَ جي ڪهڪشان اڀري پوندي آهي ۽ پڙهندڙن کي ملندو آهي ڪو شاعريءَ جو نئون نانءُ
اڄ جڏهن فطرت هر طرف حسن جي ورکا ڪري رهي آهي. پر بهار وهي جي خوبصورت، چنچل ۽ چلولي ڇوڪريءَ جيان موسم پنهنجي الهڙ ادائن سان جوڀن جي مستيءَ ۾ مخمور ٿي هر طرف هُڳاءُ ڦهلائي رهي آهي. وڻن گلن ۽ ٻوٽن تي ڄڻ ته رنگ برنگي زرڪون چمڪي رهيا آهن. بئراج جي ڪپ تي بيٺل ڪو اڪيلو خوبصورت وڻ، ٽاري ٽاريءَ تي ڄڻ ته سرخي لڳل ڳاڙها ڳاڙها چپ ٽانڪيو بيٺو آهي. من جي تونس کي ويتر وڌائيندڙ هن بهار جي بيقرار موسم ۾ مون وٽ پڙهڻ لاءِ آهن پنهنجي پياري دوست ۽ هم عصر شاعر ماڻڪ ملاح جا گيت- گيت جيڪي الهڙ جوانين جي گلاب چپن تي اچڻ لاءِ آتا آهن- گيت جيڪي مڌ- ماتا آهن. ڪنوارا ڪنوارا گيت، جيڪي ڪنهن به نه ڳاتا آهن، گيت جن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي حسين منظرن جو عڪس آهي، گيت جن ۾ لفظن ۽ جذبن جو رقص آهي، ايئن ٿو محسوس ڪريان ته ماڻڪ منهنجي سامهون گيتن جي سهڻي سنهڙيءَ لونِ جا ڄڻ ته ڪي اڻ کٽ ۽ رنگبرنگي ٿانُ اُکيلي رهيو آهي.
هونئن به گيت جي ٻولي، گيت جو گهاڙيٽو، گيت جي فني ٽيڪنڪ، گيت جو سڀاءُ منظر يا پسمنظر، پرشور شهر جي ڪنهن اجنبي دوشيزه جي منشيات گاڏڙ مصنوعي مرڪ جهڙو نه پر واهڻ جي ڪنهن وينگس جي زندگيءَ سان ڀرپور بانسريءَ جهڙي مڌر ٽهڪ جهڙو هوندو آهي، گيت ۾ ماڻڪ جو اسلوب به ڪنهن گيڙو پوش بزرگ يا قلندرانه صفت صوفيءَ جي پابوهه جهڙو نج ۽ سادو آهي.
منهنجي محبوب شهر سڪرنڊ جي پيرانديءَ کان وسندڙ سنڌي روايتي ڳوٺن جهڙي ڳوٺ ”تلي“ ۾ جنم وٺندڙ، سنڌوءَ جي لڙاٽيل پاڻي جهڙو سانورو ۽ سنڌ جي اداس شامن جهڙو مزاج رکندڙ ماڻڪَ ۽ مون ڪوتا جي ڪاڪ نگر جي پرپيچ ۽ سوڙهين ڳلين ۾ گڏ وکون کڻڻ سکيون. گڏ پنڌ ڪيو، گڏ مرڪياسين، گڏ رهياسين. مون کي خوشي آهي ته اڄ به ٻئي ڄڻا ساڳيءَ ئي واٽ جا مسافر آهيون.
تلاءُ، ڍنڍون ڍورا، درياءَ، ٻيٽ، اپٻيٽ ۽ سمنڊ مطلب ته پاڻي سان ملاحن جو فطري تاريخي ۽ اڻٽٽ رشتو رهيو آهي ۽ رهندو پيو. ملاح تاريخ جي هر دور ۾ سامونڊي سرحدن ۽ دريائي رستن جا بنا پگهار جي رکوال پئي رهيا آهن. مورڙي جو پاڻيءَ جي وحشي اجگر بلا سان بي جگري سان مقابلو ڪري کيس مات ڪرڻ هجي يا مخدوم بلاول جي بااعتماد ساٿي شاهه حيدر سنائيءَ جي مريد ملاحن جو نقلي مهدي جونپوري جون ٻيڙيون ساڙائي کيس سنڌ جي سرحدن مان ڊوڙائي نيڪالي ڏيڻ هجي، ملاحن جي تاريخي جدوجهد جا شاندار مثال آهن، منهنجي يار ماڻڪ جو واسطو به ملاح قبيلي سان آهي، ان ڪري تلاءُ، ڍنڍون، ڍورا، درياءَ يا سمنڊن جو حسن هن جو به من پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿو. شعوري يا لاشعوري طور پاڻيءَ جون اهي مڙئي وٿون ماڻڪ جي گيتن ۾ به فوڪس ٿي ويون آهن، توڙي جو:
* دهشت دم درياءَ ۾، جت ڪنن جا ڪڙڪا
يا
* دهشت دم درياءَ ۾، جت جايون جانارن...

جهڙو لطيفي فلسفو به ڪونه ٿو بيان ڪري نه ڪوئي:
سڄا ٻيڙا پار ۾، هليا هيٺ وڃن
پرزو ئي پيدا نه ٿئي، تختو مجهان تن

جهڙا سمنڊ جا خونخوار مشاهدا ٿو ماڻي، ڇو ته کيس خبر آهي ته صدين کان ”سنڌي سمونڊ“ سڏجندڙ هاڻ عربي سمنڊ بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌو درياءَ ڇوڙ نه ٿو ڪري، ڇو ته درياءَ قيد بنجي چڪو آهي. ڊيلٽائي علائقا تباهه ۽ برباد پيا ٿين، جتي درياءَ ٻيلا ٻوڙي ٻوڏ ڪندو هو اتي واري پئي اوڏامي، اُتي ڪنگ ٿا رڙن ته پوءِ درياءَ جي دهشت ڪٿي ڏسجي...! پوءِ ماڻڪ جا گيت درياءَ جا نوحا بڻجي ٿا وڃن.
سنڌوءَ سير،
سڪي پئي آهي،
ڇولي ڪيئن ڇلايان مان!؟
جهولي ڪيئن جهُلايان مان؟
ڪهڙو ونجهه هلايان مان!؟
سنڌوءَ سير
سُڪي پئي آهي!
ڪير کسي ويو ڇولي ڇلڻي، چوپاسي آ واري اڏڻي
ڪهڙو پڳهه پايان مان!؟
ڇولي ڪيئن ڇلايان مان!؟
جهولي ڪيئن جهلايان مان!؟
سنڌوءَ سير
سُڪي پئي آهي!
پاڻي زندگي آهي، آد جڳاد کان وٺي، هن زرخيز خطي جي سونهن ۽ شاهوڪاري جو ضامن هن ديس جو درياءَ رهيو آهي، درياءَ جو پاڻي سنڌ جي جيءُ جو جياپو آهي، جنهن تي سڄي سنڌ پلجي ٿي ته پوءِ ان جي لڙاٽيل پاڻي کي جيجل جي ٿڃ برابر سمجهڻ ۾ شاعر غلط ته ڪونه آهي، ان منطق کي نظر ۾ رکندي هن گيت ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي جيجل جي ٿڃ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي ماءُ سڏي شاعر پاڻ کي سنڌ جو حلالي پُٽ هجڻ جو ثبوت ڏئي ٿو ته:
ٿڃ سنڌو درياءَ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ!
لهرون لڙڪي وڻ وڻ وڙڪي
لوليون ڏئي ٿو واءُ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ!
يا هي گيت ته:
ڇولي آئي ڇولي ڙي،
سنڌو سينڌ سنواري پنهنجي
ڦيريون پائي ڪُن ٻَڌي ٿو
ڄڻ ته ڪائي مولهي ڙي!
ڇولي آئي ڇولي ڙي.
سينو تنبيءَ ساڻ لڳائي، ملاح سوچيو سپنو آهيان،
ڪيئي پيڙهيون پوءِ به جيان ٿو، آ دجڳاد کان نپنو آهيان.
سنڌو منهنجي ماءُ لڳي ٿي،
ٻيڙي ڀايان جهولي ڙي!
ڇولي آئي ڇولي ڙي!
درد جي دانهن رڳو رياستي جبر جو شڪار بڻيل يا سماجي بي ڌياني جو ڪرڀ ڀوڳيندڙ منظرن جا نوحا نه آهن پر تخليقڪار جي داخلي ڪيفيت جون ڪوڪون به ايئن آهن جيئن ڪائي وڇڙيل زخمي ڪونج ساٿين لاءِ سڏڪي وڇوڙي جا ورلاپ ڪري ماحول کي سوڳوار بڻائي ٿي ڇڏي. وائي واري انداز ۾ لکيل هن گيت ۾ پڙهو، اهڙي اڌ ٿيل اندر کي چيري نڪرندڙ چيخ جي پڙاڏي جو پڙلاءُ جهڙو هيءَ گيت:
ڪوئي ڪيئن جيئي جڳ ۾،
ڪوئي ڪيئن جيئي!
لڙڪ اسان جو نوحو بڻجي، دل جو درد پيئي،
ڪوئي ڪيئن جيئي جڳ ۾،
ڪوئي ڪيئن جيئي.
رات اسان سان جلي جلي، ڄڻ اوريو حال ڏيئي
ڪوئي ڪيئن جيئي جڳ ۾.
ڪوئي ڪيئن جيئي.
ڪير ڍڪي ٿو ڪيسيتائين، ڪنهن جي يار وئي
ڪوئي ڪيئن جيئي جڳ ۾،
ڪوئي ڪيئن جيئي.
ڀوڳنائن ۽ پيڙائن جو سفر اتي به ختم نه ٿو ٿئي، عشق جي آويءَ ۾ پچڻ کان پوءِ سچ ازخود صدائون بنجي ٿو وڃي. عشق جي اعتراف جي امانت هن گيت جو روپ وٺي دنيا آڏو پاڻ ٿي پسائي ته:
جڏهن کان ڇناسين،
تڏهن کان رُناسين،
اهو زندگيءَ جو ترانو آ هاڻي
اهو زندگيءَ جو فسانو آ هاڻي.

ٽارين کان پنن جي ڇڄڻ جو پڇي ڪو،
اسان کان ته وڇڙي وڃڻ جو پڇي ڪو،
دل کي ته دردن لڳڻ جو پُڇي ڪو،
اسان جو انگ انگ نشانو آ هاڻي،
جڏهن کان ڇناسين،
تڏهن کان رُناسين.
فني لوازمات تي پورا لهندڙ اهڙا گيت فڪري طور ڪٿي ڪٿي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي تسلسل جو عڪس ۽ اولڙو ٿا محسوس ٿين. مثال طور لطيف سائين چيو ته:
حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري،
ته لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃن وڻ ٻري، اوڀڙ اڀري ڪين ڪي.
ڀٽائي صاحب چئي ٿو ته آئون حقيقت پنهنجي حال جي ان ڪري ظاهر نه ٿو ڪريان متان اهو سڀ ڪجهه نه ٿي پوي، جنهن جو ڊپ آهي ته متان فطرت نه منتشر ٿي وڃي. مطلب ته لطيف سائين ان حقيقت کي ظاهر ڪونه ٿو ڪري ۽ زور ان ڳالهه تي آهي ته حقيقت حال جي ظاهري ڪا نه ڪبي.
حمل فقير چيو ته:
حمل پنهنجي حال جي، ڳالهه ڪري ڪيهي،
ته سورن مون سين سپرين، جانب ڪئي جيهي،
ساري ڳالهه سڻائيان، جي توکي ڀي تيهي،
ته مون سان گڏ ويهي، تون بي روئين رت ڦڙا.
اهو ئي الڪو ساڳيو جيڪو فڪر لطيف ۾ پيش ڪري آياسين ته متان تون به مون سان گڏ رت روئي ويهين، تنهن ڪري حمل فقير پنهنجي سورن جي، دردن، تڪليفن جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه ڪري؟ دردن جون وضاحتون ڪونه ٿينديون آهن تنهن ڪري حمل ڀلا پنهنجي حال جي ڪهڙي ڳالهه ڪري؟ ڇالاءِ ڪري؟ زور ان ئي ڳالهه تي آهي ته راز ظاهر ڪونه ڪبو، ڇو ته ڪنهن کي ڪهڙي ڪل ته تخليقڪار ڪيئن ٿا ڀوڳين؟ ڀوڳنائن جا ڪي پڙها ته ڪونه گهمائبا آهن، اهڙو ساڳيو ئي خيال جو تسلسل ماڻڪ جي هن گيت ۾ پڻ عيان آهي.
هُن کي ڪهڙي ڪل
اسانجا ڳل
ڀنا ها!
يادون ساري پل
اسان جا ڳل
ڀنا ها!
درد اکين جو ڪتبو آهي
لڙڪ انهيءَ مان نوحو ٺاهي.
ماڻڪ ماڪ مهل
اسان جا ڳل
ڀنا ها!
ساڳيو ئي ڪلاسيڪل تسلسل آهي ته هُن کي ڪهڙي ڪل!
يا پڙهو ماڻڪ جو هي گيت

ٽم ٽم ٽم ٽم، ڏيئڙو مٽي
مرليءَ ۽ جوڳيئڙو مٽي
هرڪو آ پانڌيئڙو مٽي
وقت سهانو
يار يگانو
سارو رنگ رچاءُ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ!

تنبوري جي تون تون مٽي،
گُل خوشي ۽ خوشبو مٽي،
اکڙيون مٽي، سرمون مٽي،
چاهيندڙ کي
گهائيندڙ جو
گهرو گهرو گهاءُ
بانورا!
مٽي منهنجي ماءُ-
هت سڄو گيت ڪونه ٿو ڏيان پر سڄي جو سڄو گيت بلڪل بلها شاهه جي
مٽي حڪم ڪريندي هزار
ڄڃ مٽي دي گهوٽ مٽي دا،
مٽي دي بڻي هي ڪنوار
اها مٽي حڪم ڪريندي هزار
بلها مٽي دا، چلها مٽي دا، مٿي بڻيا سنسار
اها مٽي حڪم ڪريندي هزار جو باقاعدا تسلسل لڳي ٿو، ثابت ٿيو ته ماڻڪ توڙي جو جديد شاعريءَ سان نينهن نڀائيندو ٿو اچي پر ان پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي کان به منهن نه موڙيو آهي. جديد شاعريءَ کي ڪلاسيڪل شاعري جي تسلسل سان واڳيو ٿو اچي. اهو به ماڻڪ جو هڪڙو ڪمال ۽ پنهنجي لوڪ ڪلاسيڪل ورثي سان محبت جو اڻمٽ ثبوت آهي.
ڪنهن صوفي سڳوري کي پنهنجي طالب تحفي ۾ ڪئنچي آڻي ڏني، صوفي صاحب فرمايو” بابا ڪئنچي پنهنجي ڪهڙي ڪم جي! ڪئنچي جي بدارن جيڪڏهن سُئي آڻيو ها ته سٺُو هو، پاڻ ته ڳنڍڻ وارا آهيون، ڇنڻ، ڪٽڻ يا ٽُڪڻ سان پنهنجو ڪهڙو ڪم! لطيف سائين به ته فرمايو: ”ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا“ توڙي جو جديد ۽ ڪلاسيڪل شاعري جي وچ ۾ سالن ۽ صدين جون سرحدون آهن، ماڻڪ انهن وقت جي سرحدن کي ٽوڙي، ماضي ۽ حال جي خوشبو خوشبو خيالن کي پاڻ ۾ فڪري طرح ڳنڍي ڄڻ ته ان گمنام صوفيءَ جي سنت تي عمل پيرا آهي ته پاڻ ته ڳنڍڻ وارا آهيون. ڪٽڻ، ڇنڻ يا ٽُڪي ٽوڙڻ سان پنهنجو ڪهڙو ڪم...!
نه رڳو اهو پر هن جي مشاهدي جي اک جي ڪئميرا جيڪو به من کي ڇهندڙ منظر ٿي ڏسي ان کي انتهائي خوبصورت انداز ۾ ڪيچ ڪري من ۾ محفوظ ڪري شاعري، خصوصن گيتن جي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ انتهائي نفيس خيالن سان پيش ڪرڻ واري هنر جو ڄڻ ته هيءَ شاهه ڪار يگر آهي، مثال طور هي گيت:
ڇوري پاڻ ته زوري آهي
ڪنهن سان اک
ڪڪوري آهي
هن گيت ۾ خيال جي نفاست ڏسو!
مکڙين تي جو ڀنور ڏٺائين، سوچئين ڪنهن جي مکڙي آهيان
پوپٽ بنجي پيارو ايندو، ماکي آهيان مصري آهيان
اکڙيون پوري سوچيندي آ
سپنو سپنو پوکيندي آ
هينئڙي ۾ ڪا هوري آهي
ڪنهن سان اک
ڪڪوري آهي

سورنهن سالن واري ڇوري، موسم بدلي ڦاٽس چپڙا،
رت بسنتي کي شرمائي، گل گلابي پائي ڪپڙا،
سونو روپو تلڪ هڻي ٿي
آڱر تي پئي ڏينهن ڳڻي ٿي،
باقي دير به ٿوري آهي.
ڪنهن سان اک
ڪڪوري آهي.
اهڙو ئي هڪڙو هي به گيت:
جوڙيئي ڪهڙي جوڙ
جانيئڙا! جوڙيئي ڪهڙو جوڙ

دل جگر جو سيني اندر، اهڙو ٿئي ڦٿڪار
ڄڻ ته مڇيءَ سان ڀريو تريو، تازو ڇڪيل ڄار
اڃ به اهڙي اڃ لڳي ٿي،
ڄڻ ته لڱن جي ڀڃ لڳي ٿي،
لوڪن کان ٿي اک لڪايان
تنهنجو پاتل چڪ لڪايان
آئون ٿي چاهيان توڙ
جانيئڙا!
جوڙيئي ڪهڙو جوڙ

توکي ساريان ڳالهيون ساريان، ساريان ساڳيو ڳوٺ
ڪيڏو پنهنجو چاهه چريو ٿيو. چانڊوڪيءَ ۾ چوٽ
آئون ته نم جو ٿي وڻ ساريان،
هرتيون هيريون ڏکڻ ساريان
پاڻ ٻنهي ٿي اکڙيون پوريون
ڇڻيو جاڳائين نموريون
ننڊ ته هُئي ڄڻ ڪُوڙ
جانيئڙا
جوريئي ڪهڙو جوڙ!
ڪنهن حساس دل تخيلقڪار کي هانوَ تي هٿوڙا ته ان وقت لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن، جيءَ ته ان مهل جهُري پوندو آهي، من ۾ مانڌاڻ ته ان وقت مَچي پوندو آهي، جڏهن هُو انسانيت جي بيڪس ۽ مجبور لاش سمان وحشت جي گندن ڪيڙن کي چهٽي، چنبڙي سونهن چوسيندي ڏسندو آهي، جڏهن هو ڪنهن مريم جهڙي مقدس جسم جي چوليءَ کي چيهُون چيهُون ٿيندي ڏسندو آهي، جڏهن هُو ڪامنائن جي ڪروڌي بکين بگهڙين ۽ سوئرن کي منهن تي ماڻهپي جو نقلي ماسڪ پاتل ڏسندو آهي، شريف پڻي جي منهن تي بجو بڻيل اهڙن گهٽيا ڪردارن کي پنهنجي وحشي ۽ واهيات عملن تي هنبوشيون هڻندي ڏسندو آهي. ڀلا ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه تي گونگي عورت سان ٿيل قهري وارتا جنهن به اخبار ۾ پڙهي هوندي، جيڪڏهن ضمير زندهه آهي ته پوءِ انهي کي ان گهڙي سک ۽ چين جي ننڊ آئي هوندي؟ ان جو ڪنڌ شرم کان جهڪي نه ويو هوندو؟ هڪ گهڙيءَ لاءِ من اهو سوچڻ تي مجبور نه ٿيو هوندو؟ اي خدا ڇا هي تنهنجي اشرف المخلوق آهي؟ ۽ پوءِ اها گونگي عورت ڀٽائي در دانهين ٿي:
ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي!
آئون ته تنهنجي جوڳڻ آهيان
ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي!

ديواني ٿا سونگي ڪوٺين، ماڻهون ڀورا گونگي ڪوٺن
آئون ته گونگي آهيان ليڪن، منهنجي سونهن ته گونگي ناهي،
ڇورا جنهن تي ڇرڪن هرکن، اک اکائي گونگي ناهي
نظر نظر ڄڻ آهي سيڙيل، ٽڪ ٽڪائي گونگي ناهي
اکڙيون اورڻ چپڙا چورڻ، پڪ پڪائي گونگي ناهي
هر ڪو مون تي اک ڀڃي ٿو
هرڪو پنهنجو درد سڃي ٿو
آئون جا پاڻ ئي سوڳڻ آهيان،
آئون ته تنهنجي جوڳڻ آهيان.

آهن ڪي اُلاءُ اندر ۾، تات سندا ڪي تاوَ اندر ۾
واريءَ ڀِٽ جا ڏات ڌڻي وو، منهنجي رت بسنت به تون آن
منهنجي مونجهي ڳوڙهي ڳجهه جو، ڄاڻڻ وارو انت به تون آن،
هن نڌوريءَ لاءِ ڀٽائي، چنتا رکندڙ چنت به تون آن،
هيءَ سِر توتي ٽيڪي ويٺيس، هن جو سائين سنت به تون آن،
هرڪو پنهنجي حَوَس ٿو ڄاڻي
ڪوبه نه منهنجي چس ٿو ڄاڻي
روح رُلايل روڳڻ آهيان
آئون ته تنهنجي جوڳڻ آهيان.

وسريل ڄڻ ته وڇوڙو آهيان، رڪيل ڪوئي ڳوڙهو آهيان
آئون ڇا آهيان آئون نه ڄاڻان، ڪهڙي ديس جي ڄائي آهيان
ڪهڙي ديس ڏي وڃڻي آهيان؟ ڪهڙي ديس کان آئي آهيان.
واسينگن جي وات ۾ ماڻڪ. ننڌڻڪي ته ڀٽائي آهيان
آئون جا تنهنجا بيت لڳان ٿي، آئون جا تنهنجي وائي آهيان.
ڪائي دوري آئون لڳان ٿي
تار تنبوري آئون لڳان ٿي
رات سانت جي ڀڻ جهُڻ آهيان
آئون ته تنهنجي جوڳڻ آهيان.
وري هن گيت ۾ هڪ ٻي عورت جو درد پڙهو

اڙي سرتيون
سڄڻ ساريان
اکين جون ٿي ڪُنڊون هاريان
روئان ٿي قافلي وارا
پڇان ٿي قافلي وارا
مگر انهي ساڳي گيت ۾ اڳتي ماڻڪ چوي ٿو ته:

سمنڊ تون ٿو ڪڏين ايتر
ڪنارا ٿئي جڙيل جيتر
ڪنارن جو ٽٽڻ تنهنجي، حياتيءَ هيءَ وڃائيندو
ڪنن ڪڙڪا، ڇتيون ڇوليون، تنهنجو سينو نه ڳائيندو
ڇڪي ڇوليءَ جي ساڙ هي کي
نچي جا لهر جي ڌارا.
روئان ٿي قافلي وارا.
پهرين ڳالهه ته سمنڊ ڪناري تي ڪڏهن به ناز نه ڪندو آهي، نه ڪوئي سمنڊ ڪناري جو محتاج هوندو آهي نه ئي ڪنارن ۾ بند هوندو آهي ٻي ڳالهه ته زميني ڪنارا خدانخواسته جيڪڏهن ٽٽي به پون ته سمنڊ حياتي ڪونه وڃائيندو. سمنڊ جي ته ڇاتي موڪري ٿي پوندي، جيئن جيئن سمنڊ ڦهلجندو ويندو تيئن تيئن ڌرتيءَ جي پکيڙ سوڙهي ٿيندي ويندي، کٽندي ويندي، پوءِ ته ڪنن جا ڪڙڪا ۽ ڇولين جا ڇڇڪا ويتر وڌي ويندا پوءِ ته ڪنارن جي آسرن تي سمنڊ جي ڪڏڻ جو فلسفو ئي رد ٿي ٿو وڃي. بهرحال هي سَرَن جي سنگن جهڙا گيت، هي ٿوهر گلن جهڙا گيت، هي پڪن پيرن پُسين جهڙا گيت، هي ڪونجن قطارن جهڙا گيت، هي مينهوڳيءَ جي مند جهڙا گيت، هي ڦڳڻ جي ڦولارن جهڙا گيت، هي چيٽ ۽ چانڊوڪين جهڙا گيت، هي اوڻٽيهه جي اونداهين ۾ ٽم ٽم ٽانڊاڻن جهڙا گيت، هي مال چڙن جي مڌر آواز جهڙا گيت، هي هرگهاڙيٽي ۾ گهڙيل گيت، هي چيڪي مٽيءَ پنوڙن جهڙا گيت، هي ڳيچن ڳالهين ڳوڙهن جهڙا گيت، جن ۾ تشبيهن جون انڊلٺون به آهن، جذبن جا رقص به آهن، مرڪون، موهه ۽ يادون به آهن، ننڍپڻ جون رنگين رانديون به آهن، چلولايون ۽ چنچلتائون به آهن، سُکن جا صبح به آهن ته سورن جون سانوڻيون به آهن، رسڻ جون ريتون به آهن ته پرچڻ جون پرڀاتون به آهن، هي گيت جن ۾ زندگيءَ جا سمورا افسانه ۽ ترانه به آهن دعا آهي ته اهڙا گيت ماڻڪ سدائين رچيندو رهي.
**

(ماڻڪ ملاح سان ملهايل شام ۾ پڙهيل پيپر)

ڪمال فن کي سجدو آ (ساحر راهو جي ڪجهه شعرن جو اڀياس)

نئين ٽهي جو نمائندو شاعر ساحر راهو، پنهنجي ئي شاعريءَ جهڙو مٺڙو، ماٺيڻو، نرم مزاج ۽ خلوص جي ورکا ڪرڻ وارو شخص آهي، کيس نه رڳو اسلوب تي پورو پورو عبور حاصل آهي پر سندس تخيل جي اڏام پڻ بلند آهي. اهو ئي سبب آهي. جو پاڻ جيترو تڪڙو ٿو لکي اوترو ئي سندس شاعري نئين سج نت نوان رنگ ڪڍي نکرندي ٿي رهي. هونئن به شاعر کي مجاز جي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتي جذبن کي اجاگر ڪندي سندر لفظن ۾ پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو به ضرور ڏسڻ گهرجي ته سندس آس پاس سماج ۾ ڇا پيو وهي ۽ واپري؟ جنهن تي پڻ اسان جي دوست ساحر جي ماهرانه ۽ دور رس نگاهه جو ”فوڪس“ ڄڻ ته” فٽ“ ٿو ڀائنجي.

ديا نه جنهن جي نگاهه ۾ آ، انهيءَ کان ڪهڙو نياءُ ٿيندو.
صبح جهڙين گهڙين جو قاتل، نه شام جو سو ته ڀاءُ ٿيندو.

ساحر وڏن شهرن جي شور کان پري. سنڌ جي ان ٻهراڙيءَ جو رهواسي آهي جتي اڃان تائين جاگيردارانه قدر جئين جو تيئن مروج آهن. هو جڏهن پنهنجي چوگرد نظر ڦيرائي ٿو ته کيس هر ٻئي ٽئي ڏينهن ڀر پاسي جي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ يا واهڻ ۾ انهن اجاڙ ۽ اداس نيڻن جو مشاهدو ڪرڻو ٿو پوي. جيڪي پوپٽ جهڙن نازڪ ۽ گلاب جي پنکڙين جهڙن معصوم ڪنهن نه ڪنهن جي نيڻ ٺار صدامن* جي گم ٿيڻ تي نراس هوندا آهن يا هٿيارن جي زور تي اغوا ٿيل پنهنجي پيارن لاءِ پريشان هوندا آهن. ان گمشدگي يا اغوا جي ٿيل واردات جي ڪري ڳوٺ جي ماحول ۾ جيڪا خاموشي ۽ هر منهن تي اداسي هوندي آهي ان خاموشيءَ جي به

* صدام: اُتر سنڌ جو معصوم ٻار صدام جيڪو اغوا ڪري عرب رياستن ۾ پهچايو ويو هو. اتي اٺن جي ڊوڙ لاءِ استعمال ٿيندو هو.
پنهنجي زبان هوندي آهي، بظاهر هر چهرو چپ هوندو آهي، پر هر ڪنهن ڳوٺ واري جي اکين ۾ سوين سوال هوندا آهن. ته سندن پيارا ڇو اغوا ڪرايا ويا؟
انهن اغوا ٿيلن ڪنهن جو ڪهڙو قصور ڪيو هو؟ اهي پيارا خير سان ڪڏهن پنهنجن ڪکن ۾ واپس ورندا ؟ حالانڪ انهن کي اغوا ڪرائيندڙ خفيه هٿن /ذهنن کان ڳوٺ جو ڪو به ماڻهو اڻڄاڻ نه هوندو آهي. پر ڊپ جي ڪري اهي ڪنهن جو به نانءُ چپن تي نه آڻيندا آهن، متان ڪنهن لچ لوفر يا سندن وڏيري جو نالو کڻڻ تي وحشين جي ور چڙهيل سندن پيارا لاشن جي صورت ۾ نه واپس ورن. پنهنجي آس پاس اهڙا واقعا اکين سان ڏسندي ان وقت خاموشيءِ جي طويل پلن کي گهڙيال سان تشبيح ڏيندي، پرين سان مخاطب ٿيندي سندس قلم مان ازخود هي خيال ٿا سرجن:.
”اجاڙ نيڻ ڳوٺ جا سوال ٿيا پرين لڳن،
۽ ماٺ جا طويل پل گهڙيال ٿا پرين لڳن.“

جتي سڪون ڳوليو به نه لڀي، امن جي پکيئڙن جا پر رت ۾ ٻڏاڻل هجن، جتي رڳو انارڪي ۽ ويڳاڻپ هجي، جتي بک، بيماري، بيروزگاري ۽ محبت جي حاصل نه ٿيڻ جهڙا روڳ سماج کي نه ڇٽندڙڦٽ وانگر هر وقت نهوڙيندا هجن، جتي وفائون به غليظ لڳن، جتي خلوص ۽ سچائي کي به “گار” محسوس ڪيو وڃي، ته دل ۽ اها به حساس ۽ ڪنهن شاعر جي دل کي چين ايندو به ته ڪٿان؟
وفا به ايڏي غليظ ٿيندي قدم قدم تي صليب سجبا
سچائي جذبن جي گار ٿيندي خلوص گهرو ڪم گهاءُ ٿيندو.
اوهان کي ڳولا سڪون جي آ، اسان جي دل به چين گهرجي،
قدم قدم سان ملي کڄن پوءِ، جنم جنم جو نڀاءُ ٿيندو.

اهڙين حالتن جو مقابلو نه ڪري سگهندڙ، هانءُ هاري ويٺل مايوس نوجوان هر روز توهان کي خودڪشيون ڪندي اخبارن جي سرخين ۾ نظر ايندا، انهي مايوس نوجوان نسل کي به اسان جي توجهه جي ضرورت آهي. جيڪا نه ملڻ تي احتجاج جي آخري حد ڪراس ڪندي وڃي هميشه لاءِ “مٽي ماءُ” جي هنج جي حوالي ٿين ٿا. اها سڄي پيڙا به اسان جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪافي آهي. جنهن کان اسان سڀ الائي ڪيستائين منهن موڙينداسين؟
نه زندگي جي موهه هو. اسان جي ڌيان کي ڇڪيو،
اسان جي فلسفي ۾ موت، حيات کان مهان ها.

۽ پوءِ” پويان ڇا ٿو رهي؟ صرف قبر، جيڪا به اڳتي هلي ڊهيو وڃي. اسان قبر پرست قوم جي فردن جيئري ڪڏهن پنهنجن محسنن ۽ محبوبن جو قدر ڪيو آهي؟ اسان ته روئڻ ۾ به ڪنجوس آهيون، هيڏن اديبن، شاعرن، مصورن، فنڪارن، دانشورن توڙي سياسي رهبرن جي وڇوڙي تي به ڪڏهن لڙڪ ڪونه ڳاڙيون وڌ ۾ وڌ اخبارن ۾ تعزيتي بيان ڪڍي نالو ڇپائي خاموش ٿي ويهي رهندا آهيون. گهڻي گهڻي وقت کان پوءِ لوڪ اڳيان ٻٽاڪ هڻڻ لاءِ ته فلاڻي جي قبر اسان جي دريافت آهي،” قبر پيا ڳوليندا آهيون. جئين آڳاٽو سڪرنڊ جي اديبن مير خان لغاريءَ ويجهو، ابراهيم شاهه جي قبرستان ۾ ”حمل فقير“ جي قبر پئي ڳولي. يا هاڻ ٽي چار سال اڳ حيدرآباد ۾ ”اميدن ڀرئي قبرستان ۾ نياز همايوني ۽ نصير مرزا، مرحوم حفيظ شيخ جي قبر پئي ڳولي. تن کي ڄڻ ته وقت ساحر بنجي هوشيار ڪرڻ لاءِ آواز پيو ڏيندو آهي ته:
ائين پردن جي پويان تون تلاشين ٿو ميان ڪنهنکي،
ڀريو ڪتبو ڊٺو نالو ويو گمنام ٿي ماڻهو.

ان سڄي تباهي، ان سڄي ڀونچال، ان سڄي صورتحال جو هڪ اهم سبب آهي ”انصاف جو خون.“ جيڪو اسان جي ملڪ ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي ٿيندو پيو اچي. ڪنهن به سماج ۾ ”انصاف جي قتل“ کان وڌ ٻيو ڪو الميو ٿيندو ئي ناهي. 1947ع کان وٺي 1979ع تائين ۽ اتان کان وٺي اڄلڪهه جي اخبارن تي نظر ڊوڙايو صورتحال سامهون آهي.
ويهن ويهن خونن جا قاتل، دهشتگر آزاد، توهين عدالت جا ڏوهاري (جن کي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪندي پوري دنيا ڊش اينٽينا ذريعي ڏٺو) اهي باعزت بري ۽ ٻئي طرف، فوجي ڪورٽن خصوصي عدالتن ۽ هڪ طرفي نام نهاد احتساب ڪورٽن جا فيصلا توهان جي سامهون آهن. جن ۾ پنهنجي بچاءَ جي حق کان محروم ٿيلن ۽ سزائون کاڌل مظلوم قوم جي اڳواڻن لاءِ پنجاب مان بدنام زمانه پوليس آفيسر گهرائي ٽارچر سيلن ۾ کين قتل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري. انهن تي ئي خودڪشي جون ايف آءِ آر ٿيون درج ٿين ته ڏات ڏکوئجي ٿي وڃي.
نه منصفن تي يقين هو، نه ڀرسو تو مٿان هو قاضي،
اسان ته پهرين ڏٺو هو پرکي، عدل جو ڪاڏي جهڪاءُ ٿيندو.

پنهنجو پاڻ کي سماج جو هڪ ذميوار فرد سمجهي سماج سان ايڏو ڪميٽيڊ رهندي ۽ سماج تي ايڏي گهري نگاهه رکندڙ شاعر جو دماغ واقع به سماج ۾ ٿيندڙ هر اٿل پل تي ته نگاهه رکندڙ هوندو ئي پر سندس سيني ۾ هڪ ”دل“ به ضرور هوندي. جيڪا چوويهه ئي ڪلاڪ ڪنهن جي عشق ۽ محبت جي محراب ۾ ياد جا سجدا ڪندي هوندي. جتي واقع ڪو ته اهڙو آقا به هوندو. جيڪو حواسن تي حڪمراني ڪندو هوندو؛
ڇنڀڻ ڀلجي ويون اکيون، منڌل دل جو به ڌڙڪو آ،
حواسن تي حڪمراني، ڪري آقا ڪو ويٺو آ.

جنهن جي نيڻن ۾ ڏسڻ سان عبادت جون حدون پوريون ٿيو وڃن. ان پرينءَ جي ڇا وصف؟ ڪهڙو سندس ماڳ مڪان؟ پرينءَ جا پار پتا دل کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير ڄاڻي:
اڀيچند جي اکين ۾ ٿيون عبادت جون حدون پوريون،
ڪليسا گهر پرينءَ جو ۽ پرين جو پار ڪعبو آ.

هر ڪنهن جي پنهنجي راءِ هوندي پر آئون سمجهان ٿو ته ڪنهن به شيءِ جي وصف ۽ وضاحت ته ممڪن ٿي سگهي ٿي پر سڄڻ ۽ سونهن جي مڪمل وصف يا وضاحت ناممڪن آهي، عشق نه ڪندڙ نادان دل واري ماڻهو کي ڪهڙي خبر ته محبت جو معراج ڇا آهي...؟ عشق جو مان ۽ مرتبو ڇاهي؟ پيار پنهنجي پوڄا ڇو ڪرائيندو آهي؟ محبوبه جي مرڪ جو ڇا ملهه؟ آهي ڪو مشروب جنهن کي گلابي چپن جي چمين سان ڀيٽي سگهجي؟ من ۾ يادن جا رابيل ڇو ٽڙي پوندا آهن؟ آهي ڪنهن وٽ انهن ۽ اهڙن ٻين سوالن جو صحيح جواب...؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ سچ چيو آهي ڪنهن ته ”عشق کا رتبہ عشق ہی جانے“ اسان جي دوست ساحر جي دل مان به اهڙي ئي دانهن ٿي نڪري.
خدا ڄاڻي ڪفر سرحد ڪٿان ٿيندو شروع واعظ،
اسان وٽ عشق جو ليڪن، بلند هر شي کان رتبو آ.

اسان جي عشق جون ڳليون ٿيون روشن گناهن ۾،
جوانيءَ بند مذهب جو لتاڙي هر ڪو ڇڏيو آ.

ساحر جي شاعريءَ ۾ سندس سوچن جي سرهاڻ سندس شاعريءَ جي فني سٽاءَ ۽ سندس شخصيت کي سندس ئي غزل جي هن بند سان ڀيٽا ڏيندس:
بظاهر سونهن تنهنجي کي جهڪي سجدو ڪيو نيڻن،
اصل ۾ ان مصور جي ڪمال فن کي سجدو آ.
**

(ماهوار سوجهرو فيبروري 2000ع ۾ ڇپيل)

خواب ئي رُلي ويا (سرواڻ سنڌي جي شاعري جو اڀياس)

طبي طور شاعري ڀلي ڪنهن جسماني ناسور جو مرهم نه به هجي پر شاعري عشق لاحاصل جي رڃ ۽ سڃ ۾ ڀٽڪندڙ ڪنهن ويران من مسافر جي اڃ اجهائڻ جو ادراڪ ته ٿي سگهي ٿي. لاحد ۾ لڇڻ کانپوءِ به حد نه لهڻ جي ڪرڀ جو نڪورو نانءَ شاعري آهي۔ شاعري شام جي پهر ڪنهن اڪيلي زخمي ڪونج جي ڪرلاءِ جو پڙلاءُ به آهي ته ڪن نوخيز نيڻن جي گهور جو گهاءُ به آهي. شاعري پرهه ويل پپر تي ڪنهن ڪوئل جي ڪوڪ به آهي ته اڌ رات جو اڌ ٿيل اندر مان ڪنهن لاسيءَ جي نڙ کي ڦوڪ به آهي.
اهڙي ئي شاعري، جو هڪڙو تخليقڪار سرواڻ به آهي. سرواڻ جنهن جي من ۾ محبتن جي ڪينجهر هر وقت ڇوليون هڻندي ٿي رهي. ڇوليون جيڪي ٻوليون آهن فطرت جون، فطرت جيڪا تخليقڪار جي من جي مئخاني تي جڏهن ساروڻين جي سڳنڌ واسيل ماڪ بڻجي وسندي آهي، تڏهن سارو نينهن نغما بڻجي فضائن ۾ ڦهلجي ويندو آهي. اهي نغما جيڪي اندر جا اڌما به هوندا آهن.
دل کان ڌڙڪن ڌار ٿيندي پئي وڃي.
زندگي بيڪار ٿيندي پئي وڃي.

هي ويرُن جا واڪا، هي پرشور لهرون ۽ سنجها ويل هيڏو وسيع هيءَ سمنڊ، جنهن جي پيٽ ۾ سورج به ڄڻ گم ٿي ٿو وڃي. جنهن جي روح پرور ۽ پرلطف منظرن کي به پنهنجون وسعتون آهن. انهي هوندي به ڪنهن شاعر لاءِ سمنڊ ۾ دلڪشي نٿي رهي، ڇو ته ويرانين ۾ ڪي به گلاب نه ٽڙندا آهن.

سج پوڙهي ڪئي خودڪشي سمنڊ ۾،
هاڻ ڪهڙي رهي دلڪشي سمنڊ ۾.

شام ٻوٽي اکيون رات اوڍي ستي،
چنڊ ڳولي لڌي زندگي سمنڊ ۾.

جڏهن ڪنهن شهنشاهه جي من جي ڪائنات اجڙندي آهي تڏهن تاج محل تعمير ٿيندا آهن. جڏهن ڪنهن شاعر جو من ڀنڀور يا موهن جو دڙو بڻجي ويندو آهي، تڏهن ڀٽائيءَ کان وٺي اياز تائين ۽ اياز کان سرواڻ تائين شاعرن جا گيت لوڪ جي چپن جا ترانا بڻجي پوندا آهن، ميارن جي ماڪ ۾ ڀنل سرواڻ جي هن غزل جا بند:
اوهان نگاهه ڇا مَٽي خواب ئي رُلي ويا،
ڪٿي به آجيان نه ٿي گلاب ئي رلي ويا.

دڳن جي ڌوڙ ٿي ويا سجود دل حسين جا.
عبادتون چپن سنديون ثواب ئي رلي ويا،

اسان تي تهمتن سنديون وسايون شهر بارشون
گناهه گيت ٿي ويا، عذاب ئي رلي ويا.

۽ پوءِ مجاز جا مرحلا طئي ڪندي، عشق جي ارتقا جو سفر جز کان ڪل تائين پهچندي پهچندي قوم ۽ وطن جي درد جي دانهن بنجي پوندو آهي. تڏهن قوم هڪڙو ڪٽنب ۽ فرد ان ڪٽنب جو ڀاتي بنجي پوندو آهي، تڏهن وطن جي چپي چپي سان چاهه ايمان بنجي پوندو آهي، ڪنهن فرد جي تڪليف ڪٽنب جي ڪاڪ جو هر مينڌرو پنهنجي من تي محسوس ڪندو آهي.
هو هليو هو پيار کي ماڻڻ چريو
پر ڪٿي ڪنهن راهه ۾ گم ٿي ويو

ڪا مري وئي ڪالهه نينگر ڪيمپ ۾.
ڪو نه هن کي ڪا ملي اُن جي ڪڻي،

مفلسي گهرڙا اڏي ويهي رهي نرڌن اڳيان،
زندگي جي وٿ ڪو فنڪار لوڙهي آ ويو،

اڄ جڏهن سنڌ سياسي، سماجي، اقتصادي توڙي ڌاري آباد ڪاري جي ڪري ڀٽائي جي سير ۾ ٻڌندڙ سهڻي بڻجي پئي آهي.

بيحد باگو بحر ۾، هيبتناڪ هزار
يا
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سسي کي سيسار،
چوڙا پيڙا چڪ ۾، لڙ ۾ لڙهيس وار،
لکين چهٽيس لوهڻيون ٿيليون ٿرنئون ڌار،
مڙيا مچ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.

اهڙي ماحول ۾ مايوسيءَ جي مم سان مڙس ٿي مهاڏو اٽڪائيندڙ اسان جو هيءُ دوست سرواڻ زندگي جي پر بهار رونقن جو شاعر آهي، جستجو ۽ جدوجهد جو سڏ سندس ڪلا جي ڪوئل جي ڪوڪ آهي اميدن جي نيري امبر تي انڊلٺ ٿي اڀرندڙ هن دوست جو سڏ ته ورنايو،
شڪاري دنيا ۾ رهي دوستو!
عقابن اڳيان ڪين آڙي ٿيو،

تڏهن اڌ رات جو دوستن جا هٿ دعا لاءِ کڄن ٿا، ته سندس من جي ڪاڪ ڪنڌي تي ”شاعري“ جا تازا ڪنول شال سدا ٽڙندا رهن ترندا رهن.
**

(هي مضمون روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ حيدرآباد جي 15 آڪٽومبر 2014ع تي شايع ٿيو.)
تيسين سندس ٻئي ڪتاب ”هنجهه نه آيا هيل“ ۽ رت ڀنا رابيل“ شايع نه ٿيا هئا.

جئيڻ آزار بنجي ويو (راشد لکمير جي هڪڙي نظم تي نينهن ڀري نگاهه)

ان سانوري سانجهيءَ جي سحر ۾ هو اسانجي اوطاق جي ڪشادي اڱڻ تي رکيل ڪرسيءَ تي ويٺي ڌيمي لهجي ۾ پنهنجي لفظن کي سادگيءَ جا سليس ويس ڍڪائي، پنهنجي منطق ۽ فلسفي سان ڀريل خيالن وارن گفتگوءَ سان ڳالهين جو ڳنڍيون کوليندي مون کي ”اوشو“ ياد ڏياري رهيو هو. اوشو جنهن چيو هو، ”جتي محبت جا گلاب ٽڙندا آهن، اها سر زمين انا جي ناهي هوندي، انا ته رڻ پٽ ۽ ويرانا تخليق ڪندي آهي.“ هوءَ انائن کان انتهائي ڏور گهاريندڙ اهڙو محبوب ماڻهو آهي، جنهن جو اوشوءَ جيان انهيءَ ڳالهه ۾ به پختو يقين آهي ته ”خيالن جي وهُڪري ۾ خوشيون گهٽ ۽ ڏک وڌيڪ هوندا آهن.“ ان وقت هو لطيف سائينءَ جي انهن ٻن سِٽن

اچو سورن واريون! ڪريون سُور پچار،
ڪنين ٿورا ڪنين گهڻا ڪانهي سُورن ڌار.

توڙي حمل فقير جي هن سٽ:
سورن سئو هزار، لکڻ ليکو ناههِ ڪو.
جو تفسير بنجي پوري عالم انسانيت سان گڏ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڏکن ۽ دردن سان جڙجي رهيو هو. اهو پهريون ڀيرو هو جو خاص مون سان ملڻ لاءِ هو قرب جا قدم ڀري منهنجي ڳوٺ آيو هو، تنهن وقت ئي مون محسوس ڪري ورتو هو ته هن جي من جي حَسين واديءَ جي گلستان ۾ نظمن جا ڪيئي پوپٽ پنهنجي بهترين تخيل ۽ فڪري پرواز سان پُسار ڪري هن جي من جي حسين واديءَ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ انتهائي اتاولا ٿا ڏسجن. جنهن جي شايد کيس به خبر نه هئي، ان وقت مون تي خوشيءَ جا خُمار چڙهندا ٿي ويا جو ان جي اڻ اظهاريل نظمن جو ”نينهن ڀريو نسرڻ“ مون تنهن وقت ئي پروڙي ورتو هو.
اڄ جڏهن فيس بوڪ جهڙي عالمي اخبار ۾ هن جو نظم پڙهي سوچيان ٿو ته ازخود ئي قلم منهنجي آڱرن ۾ اچي سفيد پني تي منهنجي روح جي روشني بنجي ٿو پوي ۽ ان روشنيءَ مان اها تحريڪ جنم وٺي رهي آهي ته:
ڏيهه جي ڏات ڪنهن ڪنهن درد وندي دل واري ماڻهوءَ لاءِ عشق طرفان امانت ٿي لهندي آهي، ڪنهن ڪنهن ڪارڻ اها امانت سالن تائين پيڙا جون پچارون سنڀالي انتظارن ۽ اوسيئڙن جي ٽانڊن تي ٽهڪندي آهي.
عشق جي اهڙي امانت جنهن کي درد وندي ديس جي مارُن لاءِ اڻ کٽ آٿت طور ”شاعريءَ“ جو ناءُ ڏئي سگهجي ته ان شاعريءَ جي مومل کي سِڪ، سونهن ۽ ساڃاهه جي مست الست مير مينڌري راشد لکمير وٽ پهچندي پهچندي انتظارن جا الاءِ ته ڪيترا ڪانگ اڏائڻا پيا هئا.
راشد سائين ڏات جي ڏيهه جي جهوني جوڳي ۽ عشق جي الفي پاتل، تخليقي تندن جي بابو بان بري ۽ سچي ساميءَ سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جي ”ڏيئا ڏات جا“ کان وٺي ”آواز اندر جو“ تائين ۽ ”رُڃن ۾ رڙ ٿي“ کان وٺي ”ڳالهيون من اندر جون” جهڙين تخليقن تائين جو طبعي وارث به آهي ته سائين ارشد جي سندر سپنن جي ساڀيان جو سهڻو روپ به آهي، جنهن ان شاعريءَ جي اجهل اپسرا کي ننڍڙي هوندي ئي پنهنجي گهر جي اڱڻ تي چوڏهينءَ جي چانڊوڪين کان وٺي اوڻٽيهين جي اونداهين تائين آڌي رات جو، سئو سينگار ڪري نينهن جا نازڪ نورا ڇمڪائيندي ايندي ۽ روح پرور رقص ڪندي ڏسندو/ محسوس ڪندو پئي رهيو آهي- ان شاعريءَ جي سونهن پرور سُندريءَ به تنهن وقت کان ئي سنڌ ڌرتيءَ ماءُ جي ٻاجهاري گود ۾ ابدي آرام ڪندي ٽيون سال به شروع ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به ان شاعري جهڙي روح رچنديون ڪندڙ البيلي رقاصا کان سائين ارشد جي گهر جو اهو اڱڻ اڃان نه وسريو آهي. شاعري اڄ به اتي راشد سائين جي روح تي ”بوند برهه جي بهار لڳي...“ جيان سندس درد وندي دلڙيءَ جي ديس تي اوڙڪون بنجي اٿل آڻڻ لاءِ بادل ٿي ڀرجي آئي آهي.

شاعريءَ جا پنهنجا پيار جا پئمانا هوندا آهن، هوءَ ننڍ وڏائي ڄاڻي ئي ڪانه- هوءَ جڏهن ڪنهن دل جي ”چونڊ“ ڪندي آهي ته ان جي قلم مان پهريان پهريان نظم هن صورت ۾ سونهن جي سرهاڻ ڦهلائيندا آهن.
اندر جي آس هيءَ اُجڙي،
اکيون آليون سدائين ٿيون.
وهن ٿا نير ڳوڙهن جا،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

جئين آزار انهيءَ ڪري به بنجي ويو آهي جو پوري دنيا جي ماڻهن ۾:
دلين جو خوف ڌڙڪي ٿو،
جياپو جنگ وانگي ٿيو.
رڙن ٿان روح سڀني جا،
ڪرونا وائرس ڀي ڄڻ.
ضدي ڪو ٻار بنجي ويو،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جئين آزار بنجي ويو.

راشد سائين جو هيءُ ٻيو نظم به اهڙو گلاب جو ٻوٽو آهي جنهن ۾ ڏات ۽ ڏاهپ جي فڪر جا ڦول به ڦٽل آهن ته انهن زندگيءَ سان ڀرپور گلن جي چوڌاري ڪرونا وائرس جهڙا ”ڪنڊا“ به پنهنجي ڪرڀ ناڪ شڪل ۾ ڪَرُ کڻيو بيٺا آهن. ڪرونا جيڪا ”ووهان“ کان ٿيندي تفتان ڪراس ڪري ڪولمبو کان ڪراچيءَ تائين سوين هزارين شهرن تائين ته ڇا پر آمريڪا کان اٽلي تائين، جرمني، ترڪي، جپان، عرب ملڪن، رشيا، ڀارت ۽ پاڪستان تائين بلڪه دنيا جي ستن ئي کنڊن ۾ ڪاهجي ”آدم بوءِ.... آدم بوءِ..“ ڪندي عالم انسانيت جو ساهه ئي سُڪائي مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڪرونا پنج ست سؤ بلڪه هزار ماڻهو به روزانه جي حساب سان ڳيت ڏئي ڳڙڪائي رهي آهي، خوف جي اها صورت حال آهي جو ساري دنيا جي شهرن ۾ ڄڻ ته هڪ ئي وقت راڪاس گهمي رهيو آهي. وڏي ڳالهه ته ”ماڻهوءَ“ کان سواءِ باقي ساري مخلوق جانور، پکي، پوپٽ ۽ جئڏ جيتام بي کُٽڪا ٿي آزاد گهمي ڦري ۽ اڏامي رهيا آهن، ۽ قيدي صرف “انسان” ئي بنجي ويو آهي، اهو آهي فطرت سان هٿ چراند جو نتيجو. ڪن مٿو ماري ڪندڙ ماهرن جو خيال آهي ته ڪرونا وائرس هڪڙو جينياتي جراثيم آهي، ته ڪي وري ان راءِ جا آهن ته اهو اصل ۾ روبوٽڪ جراثيم آهي، جنهن جي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف پوزيشن آهي. ڇا به آهي پر اصل ۾ اهو پنهنجي مخصوص مفادن جي حاصلات لاءِ سامراج جي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ملڪن جو معصوم انسانيت تي بايو لاجيڪل وار آهي، جنهن war ۾ ممڪن آهي ته انهي جراثيم جا خالق به نشانو بڻيا هجن ڇو ته اهو فطرت جو اٽل اصول آهي ته ٻئي لاءِ کڏ کڻندڙ کي ڪڏهن ان ۾ پاڻ به ڪرڻو پوندو آهي، لطيف سائين صديون اڳي ان سو جي نشاندهي ڪئي هئي ته:
کر جا کڏ کنئي، پوڻ ڪارڻ پرينءَ جي،
تنهن ۾ پاڻ پئي، غيبتي غار ٿيو.

پوري دنيا تي موت مسلط ڪندڙ انهيءَ جراثيمي حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ ڪو به ملڪ تيار ناهي، جو وڏا وڏا مهلڪ ۽ موت مار هٿيار، ايٽم بم، هائڊروجن بم ٺاهيندڙ ۽ انهن جي استعمال لاءِ هزارين ميلن تي مار ڪندر (مختلف نالن سان) مزائيل ٺاهيندڙ ضمير جي ڪنڊ صفا سوڙهي ۽ اونداهي رهي آهي.
ٻئي طرف وري پنهنجي آس پاس، پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتيءَ تي نظر ڊوڙايون ته ڏسڻ ۾ ايندو ته هتي پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ انهيءَ ڪرونا جهڙي ڪاري ڏندري ڏائڻ عوام جي اهنجن ۽ آزارن ۾ ٻيڻو نه بلڪه ٽيڻو چؤڻو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ طرف حَسِين زندگين تي موت جا لامارا ته ٻئي طرف لاڪ ڊائون جي قيد ۾ گهاريندڙ ماڻهو زندگيءَ جي ضرورتن توڙي مانيءَ ڀور لا محتاج ٿي بک مري رهيا آهن.
وفاق ۽ سنڌ حڪومت جو سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪردار ”ڪُئي ۽ ٻليءَ“ وارو پيو نظر اچي. فاقا ڪشي سان گڏ لاڪ ڊائون اڃان به اڳتي وڌيو ته ممڪن آهي ته بک کان مجبور ٿي ماڻهو ڪرائيم طرف نه ڀڄن.... (بک آخر انسان ڪيستائين برداشت ڪندو...!) ٽئي طرف وري پنجن مان پندرهن ڪندڙ نفسيات ۽ زخيره اندوزي ڪندڙ بُکيا بگهڙ اٽي، کنڊ عام واهپي جي شين سان گڏ دوائن کان وٺي ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ٺاهيندڙ ڪمپنيون توڙي ڪفن جو ڪپڙو تيار ڪندڙ فيڪٽرين جا مالڪ خوشيءَ ۾ نٿا ماپن. اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي راشد جو قلم تڙپي پيو آهي ته:
هي ڌرتي درد ۾ جڪڙيل،
بري بدحال بک آهي،
نوان ناسور وِک وِک تي،
عقل ۽ فهم کان عاجز،
عزم افڪار بنجي ويو،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

ڏک جي ڳالهه ته اها به آهي ته اسرائيل کان آمريڪا تائين، اٽلي فرانس، انگلينڊ کان رشيا تائين، ايران، ڪوريا، ڀارت جرمنيءِ کان پاڪستان تائين به جيڪي جيڪي ملڪ هڪ ٻئي کي نيچو نوائڻ لاءِ موت مار مُهلڪ هٿيار ته ٺاهي سگهيا آهن. پر پوري دنيا کي بڇايل هن ڪاري ڏندري ڏائڻ ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول جي ٪ 100 ڪامياب ويڪسين اڄ تائين ڪو به ملڪ تيار نه ڪري سگهيو آهي، حالانڪه اهڙي دوا ٺاهڻ جي دعوى ته ڪيترن ئي مُلڪن مختلف موقعن تي پئي ڪئي آهي پر پوءِ به موتَ ته ماٺ ناهي ڪئي- پوءِ به گهڙي پلڪ جي به عزرائيل کي وار کائي ناهي ملي سگهي.
سوال آهي ته ڇا اٽلي وانگر سڀئي ملڪ نااميد ٿي جيئڻ جي جُستجوءَ تان هٿ کڻي ويندا؟ ڇا زندگيءَ جي لال ڪنوار موت جي وحشي چنبن ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي ساههُ ڏيندي رهندي؟ ان وقت سنڌ جو نئون ڪوتا ڪار راشد سائين دنيا جي ضمير ۽ خاص ڪري ميڊيسن سائنسٽس اڳيان سواليه نشان بنجي ٿو وڃي ته:
سڀئي نسخا حڪيمن جا،
ٿيا ناقص ڇو هن ڀيري؟
هر هڪ قول ڪافر ٿيو،
قضائون ياد سڀ ڪنهن کي،
ڀرم ڪو بار بنجي ويو،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

پوءِ هن ملڪ توڙي دنيا جي حڪمرانن جي بي حسيءَ تي احتجاج ڪندي ٻُڌائي ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا ضمير جاڳايون....!؟ جو هن خطي توڙي پوري دنيا جي حڪمرانن کي ضمير جو ظرف آهي ئي ڪٿي.....!؟
هونئن به دنيا مان غربت مِٽايو جو نعرو هڻي غريبن کي ڏکن ۽ بکن جي باهه ڏئي مارين ها، سو ڪم ڪرونا وائرس کان ٿيندو ڏسي، عالمي ضمير جي مجرمانه خاموشيءَ جي حوالي سان چئي ٿو ته:
حيقيت ڇا ٻُڌايان مان؟
سڀئي قاعدا ويا ٽوڙيا،
وساريو ويو هو آئينو،
ضميرن ۾ ظرف ڪاٿي؟
ڏٺو جو پنهنجو ڪو چهرو،
جو ماڻهو آفتن جو ئي،
ڇو پيروڪار بنجي ويو؟
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

هڪ طرف اها صورت حال آهي ته ٻئي طرف انسانيت اُميد جي دامن کي به هٿان ناهي ڇڏيو. انسانيت چاهي ٿي ته زندگيءَ جا گلاب پنهنجي خوشبوءِ ورهائيندا رهن.
هونئن به گلابن ۽ ڪنڊن جو ساٿ دائمي رهيو آهي. ڇو ته ڏک سکن جي سونهن ئي هوندا آهن. ڏکن مان ئي ڦٽندڙ رستو سکن جي عالمي ڪائنات تي کٽندو آهي.
حضرت عيى مسيح الله چيو ته ”ساراهڻ لائق آهن اهي دليون جن پاڻ ۾ غمن کي جاءِ ڏني آهي، ڇو ته اهي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن سُڪون محسوس ڪنديون ۽ انهن کي انهن جو اجر به بهتر ملندو.“ ائين راشد لکمير جي دل به ساراهڻ لائق آهي، جنهن کي ڪڏهن نه ڪڏهن سُڪون محسوس ٿيندو، جو هيءَ سنڌ جي ادبي آڪاش تي شاعريءَ جي چوڏهينءَ جو چنڊ ٿي اڀرندو. (جنهن جي مون کي خاطري آهي) ۽ اهو ئي عشق جو انهيءَ لاءِ اجر به هوندو.
جديد سنڌ جي عظيم فڪري رهبر سائين جي. ايم سيد چيو آهي ته “جهڙي طرح هر ٻوٽي جو ٻج ڪلراٺي زمين جي بجاءِ مِٺي زمين ۾ ڄمي، ڦري ڦلي ٿو، اهڙيءَ طرح عشق جي نگاهه به زندهه ۽ بختاور دلين تي پوي ٿي”. ۽ راشد سائينءَ جي دل اها ئي ”زنده ۽ بختاور دل“ آهي جتان عشق / شاعريءَ جو خوبصورت ٻوٽو ڦُٽي نڪتو آهي، جنهن جي خوشبوءِ پنهنجي هيئت توڙي فڪر سان انشاءَالله تعالى وستيون واسي ڇڏيندي.

هي روحاني آهي رمزون،
ڪٿي هي وس ۾ هَن ڪنهنجي؟
پڇيو آٿت هو گهاون کان،
اسان جو عشق ”راشد“ ڪيئن،
سچو سالار بنجي ويو،
ڪهڙو سنسار بنجي ويو؟
جيئڻ آزار بنجي ويو.

راشد سائين! اها توهان جي تخليق جي اڃان شروعات آهي، جڏهن سنڌ جي ادبي آڪاش تي توهان جي ڏات جو چنڊ چمڪڻ شروع ٿيو ته ڪيئي پاڻ هُر تڙيا ستارا ڌنڌلائجي ويندا.
**

سائين جي شخصيت، علم ۽ سنگيت جو سنگم

سائين جي شخصيت، علم ۽ سنگيت جو سنگم
(پنهنجي پرائمري استاد سائين دلاور ڏاهري جي رٽائرمينٽ وقت لکيل پيپر)

سڄي جڳ کي خبر آهي ته ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ تصوف ۽ ويدانيت جي وادي سنڌ جي جهرجهنگ ۾ محبت جي گيتن جي گونجار هوندي هئي- جيئن ”اسڪول“ جو لفظ نقطن کان خالي هوندو آهي، تيئن سنڌي ماڻهوءَ جو من مذهبي مت ڀيد ۽ اوچ نيچ کان خالي هجڻ جي ڪري سنڌ جي وستين توڙي واهڻن، ڳوٺن توڙي شهرن، جهنگن، جبلن توڙي، سنڌ جي خلائن ۾ ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر، سونا خان بلوچ، جيوڻي ٻائي ۽ يوسف ماڇي جهڙن عوامي فنڪارن جي پيار ۽ محبت جي سرن سان ڀرپور گيت گونجندا هئا. اهو تقريبا 1940ع جي ڏهاڪي جي شروعات جو پس منظر هو. انهيءَ ماحول ۾ ۾ لڳ ڀڳ 1945ع ۾ اسان جي ”ڳوٺ ڄام ڏاهري“ ۾ پرائمري اسڪول کليو. جيڪو راقم جو ڏاڏو مير محمد ڏاهري ڪنب ليمان جو شهر ڦٽڻ ڪري اتان کڻائي آيو هو. ان ئي زماني ۾ اسان جي ڳوٺ جو هڪ معصوم ٻار مٿين عوامي فنڪارن جي پيار جي پيغام کان ايڏو ته متاثر ٿيو. جو هن پنهنجي سڄي ٻاراڻي توجهه راندين، روندين، ٻاراڻين، مشغولين توڙي ڳوٺ جي اسڪول کان هٽائي راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ طرف لڳائي ڇڏي، ٻن ٽن سالن جي مسلسل محنت ۽ عشق جي حد تائين جي نتيجي ۾ ان نوجوان پنهنجي ئي هڪ ويجهي مائٽ (راقم جي چاچي) استاد سچي ڏني جي تربيت هيٺ نيٺ ڳائڻ تي به دسترس حاصل ڪري ورتي، مگر هاڻي هن ننڍڙي فنڪار لاءِ ڪافين ۽ ڪلامن کي ياد ڪرڻ وڏو مسئلو بنجي ويو. آخر هن فيصلو ڪري ورتو ته شاهه، سچل، روحل، بيدل، بيڪس حمل فقير ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام کي ياد ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪجهه لکڻ پڙهڻ سکجي، ۽ پوءِ پنهنجي ان انقلابي فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هن اسڪول ڏي رخ ڪيو، اهو تقريبن 1947ع جو زمانو هو، بر صغير ۾ مذهبي بنيادن تي ورهاڱي جهڙو وڏو هاڃو پئي ٿيو. سنڌ واسي جيڪي پاڻ کي اڳ ۾ سنڌي ۽ پوءِ ئي مسلمان يا هندو، سمجهندا هئا، سي شاهه، سچل ۽ سامي جي تعليم کي وساري اڳ ۾ پاڻ کي مسلمان يا هندو ۽ پوءِ ئي ٻيو ڪجهه سمجهڻ لڳا هئا، سياست معرفت مذهب جي زنگ، سندن دلين تي ڪٽ لڳائڻ شروع ڪئي هئي، مگر اسان جو ڳوٺڙو ۽ ڳوٺاڻا، کين پاڪستان ٺهڻ جي ڪنهن قدر شايد خوشي به ٿي هجي، ته پنهنجي هندو ڀائرن کي وطن جا وڻ ڇڏيندو ڏسي کين يقينن ڏک ٿيو به ٿيو هوندو، سندن ڳوٺاڻيون دليون سياست کان مڪمل طرح پاڪ هيون. سندن من نه مسلم ليگ ڏي مائل نه ڪو ئي ڪم ڪانگريس سين. بس پنهنجيءَ پورا. ڪنهنجي گلاغيبت کان دور، صبح جو ٻنيءَ جو ڪم ڪار، منجهند جو ڀلن جوڙن ۽ ڪندين ڀٽارين جي خدمت، شام جو ونجهه وٽي، ٻلهاڙي، سير، ڪٻڊي ۽ ملاکڙي سان من لڀائي دلي سڪون حاصل ڪندا هئا ته پوهه جي پارن وارين سرد راتين ۾ مچ ٻاري يا جون ۽ جولاءِ جي گرم ۽ گهُٽن وارين راتين ۾ کليل ميدان واري ڳوٺ جي اوطاق تي، استاد صاحب سان ڪچهريون ڪري ان کان ڪجهه نه ڪجهه پيا پرائيندا هئا. ڳوٺ جي اسڪول ۾ جيڪو استاد صاحب بدلي ٿي آيو هو. اهو طبيعت جي لحاظ کان صوفي منش انسان هو، جيڪو پنهنجي سيني اندر عوام سان همدردي جي جذبي سان ڌڙڪندڙ دل رکندڙ هو. سندس نالو محترم سائين فيض محمد سومرو هو. هو عملي طرح به ماڻهن کي فيض رسائي رهيو هو. ان جو هن نوجوان کي راڳ کان تعليم طرف راغب ٿي اسڪول ڏانهن ايندو ڏٺو ته سندس نوراني چهري تي خوشيءَ جي مرڪ تري آئي. پوءِ ڪجهه استاد جي محنت ڪجهه شاگرد جو شوق، ان نوجوان ساڍن ٽن سالن ۾ فائنل پاس ڪري ورتو. پهريائين پهريون ۽ ٻيو گڏي، پوءِ ٽيون چوٿون گڏي، ان بعد پنهجون ۽ آخر ۾ ڇهون ۽ ستون درجو گڏي پڙهي فائنل پاس ڪري ورتو. ان وقت جيڪا خوشي ان نوجوان جي مائٽن کي ٿي هئي، ان کان وڌيڪ خوشي سندس استاد سائين فيض محمد جن کي ٿي. توهان کي خبر آهي ته اهو نوجوان ڪير هو؟ جنهن ننڍي هوندي ئي راڳن سان رهاڻ بند ڪري، ساڍن ٽن سالن ۾ تنهن وقت جي تعليمي ڊگري وٺي ڪمال ڪيو هو. آئون ٿو توهان کي ٻڌايان، اهو اٿو اسان جي اڄ جي محفل جو مور. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄام ڏاهري جو اڳوڻو هيڊ ماستر محترم سائين دلاور ڏاهري
سائينءَ پنهنجون ساروڻيون بيان ڪندي ٻڌايو ته فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ آئون پنهنجي هارپي واري زمين تي پوکيل ٻاجهريءَ جي پيهي تي جهار هڪلي رهيو هوس، جو ڪنهن اچي ٻڌايو ته توکي ماستر ملي آهي، ان زماني ۾ سروس وٺڻ لاءِ خاص ڪري استاد مقرر ٿيڻ لاءِ نه ڪنهن وزير جي سفارش جي ضرورت هوندي هئي، ۽ نه مٿين عملدارن جي دل جي مٿان ٺهيل قميص جي کيسي ۾ رشوت جي نوٽن وجهڻ جي ضرورت پوندي هئي.
ان ڳالهه کي اڄ 42 سال گذري ويا آهن، سائين کي جنهن شوق پڙهڻ تي مجبور ڪيو، يعني ڪافيون ۽ ڪلام لکي ياد ڪرڻ ۽ پوءِ ڳائڻ، سائين ان فيلڊ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي مڪمل فنڪار ٿيڻ بدران استاد فيض محمدجي فڪر کي ڦهلائڻ تي وڌيڪ توجهه ڏنو. تنهن هوندي به کيس ڪٿي به خبر پئي ته راڳ ٿيڻو آهي، اتي ضرور ويندو رهيو، ڀلي اوڻٽيهين جي اونداهين ۾ ڀروارن ڳوٺن ۾ ناچُن جي ٽولين جو راڳ هجي يا وسندي مينهن ۾ حمل فقير جي درگاهه تي استاد منظور علي خان جي وجداني ڪيفيت واري محفل متل هجي، استاد آڌي رات جو پيرن پنڌ وڃي صوفي شاعرن جي فڪر کي ٻڌي هنئين سان هنڊائيندو رهيو. جئين مينهن وسڻ جي خوشي ۾ ٿر جي ڀٽن تي ڊوڙي مور ٽهو ڪندو آهي ۽ ٽهوڪي ٽهوڪي بود ۾ ڀرجي ناچ شروع ڪندو آهي، اهڙي نموني سائين اڄ به جڏهن ريڊيو، ٽيپ يا ٽي وي تي ڪنهن سريلي فنڪار جا ٻول ٻڌندو آهي ته ازخود ئي سندس کاٻي هٿ جي مٺ ڀيڪوڙجي ويندي آهي ۽ ساڄي هٿ جون آڱريون وڄت ڪري راڳ سان تار ۾ تار ملائينديون آهن.
پنهنجي صوفيانه طعبيت هوندي به سائين پنهنجو پاڻ کي سنڌي سماج ڏانهن مڪمل جوابدار استاد سمجهي پنهنجون ذميواريون خير خوبي سان سرانجام ڏنيون آهن. پاڻ پنهنجي پوري سروس پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پوري ڪئي، پر ڪنهن به آفيسر مٿس ڪڏهن به ڪا شڪايت ڪا نه ڪئي، جڏهن به ڪو اٽينڊنٽ، سپروائيزر يا ايس ڊي اي او اسڪول جي وزٽ ڪرڻ لاءِ پهتو ته ان استاد کي پڙهائيءَ ۾ مشغول ڏسي ۽ اسڪول ۾ صفائي ۽ پارڪ جي گلڪاري ڏسي هميشه وزيٽرس بوڪ ۾ تعريفي جملا لکيا. ان جو شاهد اسڪول جو وزيٽرس بڪ آهي.
اسانجي ڳوٺ جي هيءَ پرائمري اسڪول جي خوبصورت عمارت سائين جي رٽائرڊ ٿيڻ کان صرف هڪ سال اڳ ٺهي راس ٿي آهي، سائين ان هڪ سال کانسواءِ پنهنجي پوري سروس ”غريب جي جهوپڙيءَ“ جهڙي ڪچي اسڪول ۾ پنهنجو نور نچوئي علم جي لاٽ روشن رکي.
جئين ڊاڪٽريءَ کي مسيحائي پيشو سمجهيو ويندو آهي، تيئن استاديءَ کي به جيڪڏهن پيغمبرانه پيشو چئبو ته غلط نه ٿيندو، ڇو ته جيئن پيغمبرن پنهنجي تبليغن سان پنهنجي قومن کي سچائيءَ جا گس ڏيکاريا تيئن جوابدار استاد وري پنهنجي قوم جي معصوم ٻالڪن کي علم جي روشني ڏئي دنيا مان جهالت جون پاڙون پٽڻ جي جهاد ۾ رڌل رهندا آهن، نه تتي ٿڌي جو خيال ڪندا آهن، نه پنهنجي صحت جو، سائين دلاور جو مثال اسان سڀني جي سامهون آهي. جنهن جون جي جهولن يا پوهه جي پارن ۾ پنهنجي صحت جو خيال رکيو هجي يا نه، پر سانوڻ جي وسڪارن ۾ پنهنجي اڳئين اسڪول جي عمارت ڏي پنهنجي ذاتي گهر جي بلڊنگ کان به وڌيڪ ڌيان ڏنو. جيڪڏهن سائين کي ڪنهن سجاوٽ جو خيال ٿيو ته فقط ڪلاس جي ڪمري جي ڀيتن ۽ پارڪ کي سينگارڻ جو ئي، پاڻ پنهنجي شاگردن سان گڏجي ضرورت وقت اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪندو رهيو آهي. سڪندر يوناني جو قول آهي ته ”ماءُ پيءُ ٻار کي آسمان تان لاهي هيٺ آڻيندا آهن، پر اهو صرف استاد ئي هوندو آهي جيڪو ٻار کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائيندو آهي.“ اهڙي طرح سائين پنهنجي شاگردن کي به ماءُ پيءُ جيترو پيار ۽ شفقت ڏني . اهو سائين جن جي محنت جو نتيجو ئي هو جو سندس شاگرد جڏهن مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول يا ڪاليج ۾ داخل ٿيا ته اُتي به سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيا ۽ پنهنجي استاد ۽ اسڪول جو نالو روشن ڪيائون.
هن سڄي تَر کي ڇڏي رڳو اسان جي ڳوٺ تي نظر ڪنداسين ته تعليم کاتو، صحت کاتي، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، پاڪستان واپڊا، اسڪارپ، سنڌ پوليس، پاڪستان رينجزر، پاڪستان آرمي، لوڪل گورنمينٽ پي، سي سي ۽ ٻين کاتن ۾ 40-50 کن سائينءَ جا شاگرد پنهنجون ذميواريون خوش اسلوبيءَ سان نڀائي رهيا آهن. اها عام مشاهدي جي ڳالهه آهي ته بيروزگاري جي ڪري اڪثر نوجوان ڊگرين جا فائيل هٿن ۾ کڻي مختلف آفيسن جا چڪر پيا ڪاٽيندا آهن ۽ پوءِ جيڪڏهن ٻي ڪا نوڪري نه ملندي اٿن ته پوءِ لاچاري کان ماستري قبول ڪندا آهن. تڏهن ٻارن جي پڙهائي تي سندن ڪو به توجهه نه هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن وري ٻين کان امتحان ڏياري رشوت جي نوٽن ۽ سفارش جي پرچين جي ڪرشمي تي ڀرتي ٿيل استاد، شاگردن جي من ڪاغذ، تي علم اوتڻ جي بدران معصوم شاگردن کي چوندا آهن ته ”پڙهو نه پڙهو اسان جو پگهارکڙو“ پوءِ ويٺا اسڪول ۾ ننڊون ڪندا آهن، يا گهڻا ته وري پورو مهينو اسڪول جو منهن ڏسڻ جي تڪليف به نه ڪندا آهن ۽ اُهي ويران اسڪول وڏيرن جون اوطاقون يا ٻج ۽ ڪلر جا ڀانڊا بڻجي ويندا آهن. پر سائين پنهنجي پوريءَ سروس ۾ لطيف جي هن سٽ ته “کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين” وانگر هڪ منٽ به سائين فيض محمد جن جي ٻاريل شمع کي وقت جي ويري واءُ جو جهوٽو لڳڻ نه ڏنو.
توڙي جو سائين دلاور شروع کان وٺي رٽائرمينٽ تائين پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي استاد ٿي رهيو، پر مون کي پڪ آهي ته اسڪول کان جدا ٿيندي (جنهن کي پاڻ زندگي جا 42 سال ڏنا اٿس.) سائين جي به اها ئي ڪيفيت هوندي، جيڪا ورهاڱي وقت پنهنجي اباڻا جهڳا ڇڏيندي نارائڻ شيام ۽ موهن ڪلپنا جي ڪيفيت هئي، توڙي جو سائين جنهن اسڪول کان جدا ٿيو آهي، اهو هن ئي ڳوٺ ۾ موجود آهي مگر سندس عمر جي حدن جي لڪير رٽائرمينٽ جي قانونن کي ڇهي سندس اسڪول اچڻ تي ڄڻ ته بندش وجهي ڇڏي آهي.
آخر ۾ اسان جي اسڪول جو موجوده هيڊ ماستر محترم سائين استاد محمد عارف جيڪو سينئر ۽ تجربيڪار استاد به آهي، ڪافي آفرين ناما به حاصل ڪري چڪو آهي، ته استاد عبدالله جهڙو جاکوڙي ۽ محنتي استاد به آهي ته استاد عبدالحق ۽ استاد نظر محمد جهڙا نوجوان استاد به اسان جي اسڪول ۾ موجود آهن. انهن معزز استادن مان به اها توقع رکنداسين ته هوءَ به سائين دلاور جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪن ته جئين ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.
**
نوٽ: (هي مضمون مون سائين دلاور جي رٽائرمينٽ واري پروگرام ۾ پڙهيو ۽
روزاني ”جاڳو“ ڪراچيءَ جي جمعو 10 مارچ 1995ع واري اخبار ۾ ڇپيو.)
حاشيو
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄام ڏاهري جي قابل فخر استاد محترم سائين دلاور ڏاهري 31 ڊسمبر 1992ع تي سٺ سال پورا ڪري ڊيوٽي تان رٽائرڊ ڪيو ۽ 04 فيبروري 2004ع تي وفات ڪري ويو. اتان کان پوءِ سائين استاد محمد عارف ڏاهري هيڊ ماستر ٿيو، جيڪو 11 جون 1995ع تي رٽائرڊ ٿيو ۽ 15 جون 2004ع تي وفات ڪري ويو.
جنهن بعد استاد عبدالله ڏاهري اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، جيڪو 07 ڊسمبر 2011ع تي پنهنجي سروس پوري ڪري رٽائر ٿيو. سائين عبدالله جي رٽائرمينٽ کان پوءِ ”سائين دلاور جو بنياد رکيل ”تعليم جو معيار“ اهو ساڳيو نه رهيو. سائين عبدالله حال حيات آهي، سائين دلاور جي رٽائرمينٽ مهل مقرر استادن مان سائين عبدالحق ڏاهري اڃان پنهنجي ڊيوٽي جا فرائض نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته سائين نظر محمد هن ئي سال 2020ع ۾ وقت کان اڳ L.P.R وٺي رٽائر ڪري ويو.

ملنگ جي تخليق جو معراج

هر شخصيت جي پنهنجي خوشبو هوندي آهي، من جي بن تي رمجهم رنگ رتول بنجي برسندڙ شخصيتون اڪثر ٻهراڙي جي جوڀن وند جلوي ۽ هيٺن طبقي جي جوت مان جنم وٺنديون آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي ڏات ۽ ذات ۾ نياز ۽ نوڙت جو سهڻو سنگم بنجي پونديون آهن.
اهڙيون شخصيتون پنهنجي ڳوٺ، شهر تر توڙي علائقي جي سونهن جي سڃاڻپ پنهنجي پونديون آهن. هونئن به ڏات جو پکيئڙو اميري توڙي غريبي کي نه ڏسندو آهي، ۽ فن جي ان وڻ جي ڏار تي اچي پنهنجي پيار جون ٻوليون ٻوليندو آهي، جتي کيس سرت، ساڃاهه ۽ سڪون ميسر ٿي سگهي. پوءِ پنهنجي فن جي خوبين سان خدا جي خلق جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺندو آهي ته:
اڄ ٻڌي ڏس پوءِ نه ٻڌندين، هن پکيءَ جون ٻولڙيون،
لام تان بيٺو لنوي، لاهوت جون ڪي لولڙيون.

۽ پنهنجي سڪرنڊ جي قدمن ۾ قائم، قديم ڳوٺ مياڻ جو اهي “لاهوت جون ڪي لولڙيون،” ٻڌائيندڙ هڪڙو فقير تن فنڪارن ملنگ ملاح به آهي_ جيڪو ڀلي ته پنهنجي تندن ۽ تان سان ڪنهن رنگ محل جي راجا کي موهت ڪري ان کي سندس ئي هٿن سان سر لاهڻ لاءِ مجبور نه به ڪري سگهي پر ڀري محفل ۾ ڪنهن نامياري فنڪار جي سر، تال ۽ ردم تي هن جون آڱريون چٽيل خوبصورت گهڙي تي رقص ڪنديون آهن. ته ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جي چپن مان خود بخود ”واهه واهه“ ضرور نڪري ويندي آهي،
ملنگ جيڪو قد جو ڊگهو، رنگ اڻڦيٽهڙ، مٿي تي اڌوراڻي ٽوپي، اونهاري توڙي سياري، اجرڪ ڪلهي تي، تن تي ڍڪيل اڌوراڻا ڪپڙا مختلف رنگن جي ڦڻنگين سان ائين چٽيل ڄڻ ته ڪنهن مصور جو ڪينواس.
پهرين ملاقات ۾ مونکي ٻڌايو هئائون ته هي آهي ملنگ ملاح پر يقين ڄاڻو ته هي پنهنجي سڀني وصيفين “ملنگ“ ٺپ نه لڳو هو، هن جو چهرو، حليو هٿ ۽ ڪپڙا ڏسي پهرين نظر ۾ اندازو ٿي ويو هو ته هيءَ شخص ملنگ ٿي ئي نٿو سگهي. هيءَ ته محنت ۾ عقيدي جي حد تائين ايمان رکندڙ ڪو پورهيت ئي ٿي سگهي ٿو.
پوءِ ملنگ ڇو ٿو سڏائي؟ ته اسٽيشن روڊ تي، بابو سينيٽري جي دوڪان تي ويٺل بابو جو پٽ سريش وضاحت ٿو ڪري ته اصل ۾ هي اسان جي رنگ جو ڪاريگر آهي، ۽ ڪاريگر به تمام ڀلو ڪاريگر آهي، نالو نظر محمد اٿس پر سڏائيندو ملنگ آهي.
هو ڪو صفا ڀريو ويٺو هو، ۽ ٿورڙو چورڻ تي صفا ڇلڪي پيو. ٻڌائي ٿو ته اصل نالو نظر محمد اٿم پر منهنجي اصل نالي جي خبر تمام گهٽ ماڻهن کي آهي، سڀ مونکي ملنگ جي نالي سان سڃاڻندا آهن. رازداريءَ واري انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته ”ملنگ“ لفظ جي لڄ رکڻ خاطر ڪڏهن ڪڙا ۽ ڪنگڻ به ٻانهن ۾ پاتا هئم پرپوءِ سوچيم ته ملنگ ته آهيان ڪو نه پوءِ ٺڳي ڇو ڪيان!؟ پوءِ ڪڙا ڪنٺا ۽ ڪنگڻ سڀ لاهي ڇڏيم. پر پوءِ به هر ڪو ملنگ ملنگ ٿو سڏي پر ڀائو آئون ملنگ وغيره آهيان ڪونه.
ايئن ملنگ سان اها ڪچهري دوستيءَ ۾ تبديل ٿيو ٿي وڃي، ۽ پوءِ خبر پئي ته هيءَ فقير سراپا محبت آهي، جنهن سان ڪچهريءَ کان پوءِ ساري ڏينهن جا ٿڪ لهي ٿا وڃن.

سنڌي ٽي درجا پڙهيل هي يار مختلف موقعن تي پنهنجون ساروڻيون ساريندي ٻڌائيندو آهي ته ننڍڙي هوندي ٻڪريون چاريم ۽ پئي ٻيلي مان ڪاٺيون ڪري پنهنجي ڳوٺ ۽ سڪرنڊ شهر ۾ کپائيندو هوس.
ننڍپڻ جي وندر جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته ٻڪرين چارڻ دوران سڄو ڏينهن غليل کڻي ڳيرا ماريندو وتندو هوس. ننڍي هوندي ڳوٺ وارا به چوندا هئا ته ڇڏيو انهيءَ کي اهو چريو آهي، ۽ ڪير به ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، اڄ هي ساڳيائي ڳوٺاڻا جيڪي نفرت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، سي فخر مان ٿا چون ته ”هيءَ اسان جي ڳوٺ جو ايوارڊ يافته ماڻهو آهي.“
۽ پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته هن وقت آئون ثقافت کاتي وٽ ڪيٽيگري AA رپيٽ AAآهيان ۽ ڪلچرل کاتي جا ننڍا وڏا 9 ايوارڊ ۽ پنج ڇهه سرٽيفيڪٽ به حاصل ڪري چڪو آهيان.
هيءَ ٻڌائي ٿو ته سائين! منهنجو ڏاڏو لطيف سائين جو فقير هو جنهن کي درگاهه پاران ڪارو ويس مليل هو_ جنهن کان پوءِ بابا ۽ هاڻ مان پاڻ ڀٽائي جو فقير آهيان. ۽ مون تي به ڏاڏي جو نالو رکيل آهي.
هي ٻڌائي ٿو ته هر خميس تي ڀٽ شاهه ريڊيو تي اپروءُ ٿيل آهيان ائين سمجهه ته لطيف سائين جو سرٽيفائيڊ فقير آهيان.
سڪرنڊ ۾ نواب شاهه موڙ تي قائم پٺاڻ جي هوٽل تي چانهه مان چسڪيون ڀريندي ٻڌائي ٿو ته منهنجوپنج منزلون آهن_
• جيئو جنگ: 2. حمل فقير، 3. قلندر شهباز، 4. سچل سائين ۽ 5. منزل لطيف سرڪار آهي_ ٻڌائي ٿو ته ساري زندگي درگاهن تي گذارڻ باوجود به موالي ڪو نه ٿيس_ ڪو به نشو ڪو نه ڪيم.
اهو ٻڌڻ سان ئي بيساخته منهن جي وات مان “واهه ملنگ واهه!” نڪري ٿي وڃي ۽ ذهن تي ترڻ ٿو لڳي لطيف سائين جو هي بيت.
مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ائين چون ته مڇڻ پاند پسائين- “شاهه”


سوچيان ٿو ته جيئن لطيف سائينءَ پنهنجي من جي وارتا بيان ڪئي آهي، ته مونکي محبوبن هٿ پير ٻڌي تار پاڻيءَ ۾ اڇلايو پر اها به تاڪيد ڪيائون ته متان پاند به پسايو اٿئي! ۽ اڄ هن ملنگ تي به اهو ساڳيو امتحان آيل آهي ته درگاهن تي به رهه، چوڪيون به ڏي، حاضريون به ڀر پر مٿان موالي ٿيو آهين، مٿان ڪنهن نشي جي ويجهو ويو آهين ۽ اڃان تائين هي ملنگ ان امتحان مان پاس ٿيندو ٿو اچي. ۽ مون کي يقين ٿيڻ ٿو لڳي ته واقعي ئي لطيف سائينءَ جي هن تي نوري نگاهه آهي ۽ اهڙي نگاهه جهڙي وڳند فقير تي لطيف سرڪار جي هئي، تڏهن ته ڪٿي هيءَ ملنگ ميرن لٽن ۽ مٽي ۽ رنگ هاڻن هٿن وارو مزدور ڪٿي گل محمد رند صاحب جيڪو هن سان رهاڻ ٿو رچائي، واقعي ڀٽائيءَ هن کي پنهنجي رنگ ۾ رڱيو آهي ۽ اڄ جي رهاڻ محترم سائين گل محمد طرفان ڀٽ ڌڻيءَ جي انهيِءَ رنگ ۾ روحاني رمز کي ڀيٽا آهي. جنهن لاءِ گل صاحب جي اکين تي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جنهن ڀٽائي صاحب جي ان رمز کي سڃاتو ۽ ڀٽائي سائين چيو هو ته :
اکيون اهي ڌار، جن سان ڏسين پرين کي،
ٻئي ڏي ڪين نهار، گهڻو ريسارا سپرين،

هڪ دفعي ملنگ کان پڇيم ته ”ملنگ! گهاگهر ۾ مٺا خان زرداري استاد اٿئي؟“ ٻڌائي ٿو ته سائين اکر اکر جو استاد هوندو آهي، استاد مٺا خان منهنجو هدايت جو استاد آهي، ان هڪ دفعي مونکي هدايت ڪئي هئي، ته پٽ! اهو شوق سنڌ جي ثقافت ۾ شامل اٿئي، انهيءَ کي ڪڏهن به نه ڇڏجاءِ، ان ڏينهن کان وٺي کيس هدايت جو استاد سمجهندو آهيان. باقي اصل منهنجي ڳوٺ ميان جو سعيد ملاح منهنجو شروعاتي استاد آهي، پوءِ مندر ۾ وڄائيندڙ گيهي مل واڻيو جنهن کي اڄ به آئون پيرن پئي ملندو آهيان. پوءِ ڪوٽڙي وارو آچر جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي محبوب فنڪار استاد محمد يوسف سان وڃائيندو هو. ۽ اڄ ڪلهه ممتاز لاشاري سان گهڙي تي سنگت ڪندو آهي، بس اهي ئي منهنجا استاد آهن.
بابُوءَ جي رنگ جي دوڪان تي ويٺي ان ڏينهن رئيسُ مريد جوکيو چويس ٿو، ته ملنگ! سلطان فقير جو ميلو شروع آهي اتي ڪو نه ويو آهين؟ چئيس ٿو سائين پاڻ فقط ٽي ميلا ڪندا آهيون، قلندر شهباز، لطيف سرڪار۽ سچل سائين باقي ڪنهن به ميلي تي ڪو نه وڃون_ فخريه انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته هڪ لک کان وڌيڪ منهنجون CDs، تيار آهن. هيءَ ته منهنجو فن آهي، منهنجو پيشو ناهي، منهنجو شوق آهي، منهنجو عشق آهي_ ٻڌائي ٿو ته مون هن سان عشق ڪيو ته هن مون کي سڃاڻپ ڏني_ اڄ به ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا مونکي ڏسندا آهن. ته چوندا آهن، ته چاچا تون ٽي وي تي ايندو آهين نه؟ “ها پٽ!” چئي پوءِ مان هنن معصومن کي مٿي ته هٿ رکي دعائون ڪندو آهيان.
پنهنجي سڀاءَ ۾ ملنگ دلچسپ ماڻهو آهي، گهاگهر سان سندس عشق جنون جي حدن کي ڇهندو ٿو نظر اچي. عشق جي اها انتها جو پاڻ سيوهڻ جي ميلي تي هليو ويو ۽ پٺيان سندس والد صاحب گذاري ويو جنهن جو منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿيس_
۽ مون کي ياد ٿو اچي ته هر سچي تخليقار کان ڏات هميشه اهڙي ئي قرباني گهرندي آهي، سرڪار لطيف جي والد صاحب جا جڏهن پڇاڙيءَ وارا ڏينهن شروع ٿيا هئا ته لطيف سائين به پنهنجي لازوال تخليق کي اوج جي سراڻ چاڙهڻ ڪيڏهان نڪري ويو هو، جو شاهه حبيب نياپو موڪليو هوس ته:
ڪنهن جنهن ڏينهن نڌاءِ، جون مون واجهائيندي ئي نه ورو
جيڪي مئي ڪنداءِ، سو جانب ڪريو جيئري،
ته لطيف سائين جواب ڏياري موڪليو هوس ته
متان ٿئين ملور، ڪين آڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي.

پر ملنگ ويچاري کي ته پنهنجي والد جو ڪو نياپو به ڪو نه مليو. بحر حال هر سڄي فنڪار سان ائين ئي ٿيندو آهي ۽ فن قربانيءَ جا اعلى قدر گهرندو آهي.
۽ فن سان سچائيءَ جي حوالي سان ملنگ چيءَ ٿو: فن سان سچائي ائين هجڻ گهرجي جو ڳائڻ مهل توهان پنهنجو وجود وساري ويهو، سهڻي ٿي وسندي مينهن ۾ اوڻٽيهين اونداهيءَ ۾ سنڌو جي مست لهرن جي حوالي ٿي وڃو. مارئي ڳائڻ مهل پاڻ کي ڪوٽ ۾ قيد محسوس ڪيو. سسئي ڳائڻ مهل پاڻ کي سسئي سمجهو- جيسين پنهنجي سرير ۾ سسئيءَ وارو ٿڪ محسوس نه ڪندئو، جيسين پاڻ کي تتي ڏينهن ۾ لڪن تان لهندي چڙهندي پنهنجا پير رت ٿيندي نه محسوس ڪندئو. يقينن توهان سسئيءَ کي ڳائيندي، سسئي سان انصاف نه ڪري سگهندئو.
هڪ دفعي هن فخر سان ٻڌايو هو ته حڪومت پاڪستان پاران مونکي هر ماهه \=1000 روپيا وظيفو ملندو آهي، هو کلندي خوش ٿيندي ٻڌائي ٿو ته انور وسطڙي ۽ ٻين کي به صوبي طرفان \=500 روپيا ملندا آهن.
آخوند صاحب کي ياد ڪندي، ٿڌو شوڪارو ڀريندي چئي ٿو ته ”هئه .... هئه.... آخوند صاحب هوندو هو ته وظيفو ڇهين ڇهين مهيني ملي ويندو هو. ۽ هاڻ 22 مهينا ٿيا آهن ته وظيفو ڪو نه ٿو ملي. هڪ دفعي عاجز جمالي چيو ته ملنگ توکي وظيفو نٿو ملي ڀلا اخبار ۾ خبر ڏيون؟ چئي ٿو ته چيو مانس ته ٻيلي خدا جي واسطي اهڙي خبر نه ڏجانءِ متان ڪاوڙ جي مرڳو وظيفي ئي بند ڪري ڇڏين. نيٺ ڪڏهن نه ڪڏهن ڏيندا. ڀلي پيو گڏ ٿئي.“
ملنگ ڀلا ڪهڙن ڪهڙن فنڪارن سان سنگت ڪئي اٿئي؟ ٻڌائي ٿو ته: ”استاد منظور علي خان جو ڀاءُ استاد وزير علي خان، عابده پروين، گلزار دايو، استاد گلزار سانگهڙائي، فيروز گُل، شفيع فقير، شفيع محمد جمن، وحيد علي، سنيگار علي سليم، علڻ فقير، جپجي زرينا بلوچ، دين محمد شيخ، فتح علي جيڪو حسن بخش ڍانڍيءَ جو شاگرد آهي، سجاد يوسف، برڪت علي، منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، شازيه خشڪ، شمن ميرالي، سهراب فقير، همت ميرالي، موٽڻ شاهه، شير شاهه، ڀورو فقير، ڦوٽو رزداري. الهداد زرداري، استاد امير علي... ”بس بس فقير مڃيوسين ته سڀني ناليوارن راڳين کي ساٿ ڏنو اٿئي.... “چئي ٿو ته ڇو بس.... بس ....! اڃان ٻڌ بلڪه اڃان لِک“ ۽ وري لسٽ ٿو لکائي” تاج مستاني، گل شير تيوڻو، عرس چانڊيو، انور وسطڙو، امداد وسطڙو، صنم مارئي، سرور سخيراڻي، ديبا سحر، امبر مهڪ، ممتاز لاشاري، شهنيلا علي، صائمه منظور، طفيل سنجراڻي، مولابخش مري، غوث بخش بروهي، الهبچايو کوسو، الهڏنو خاصخيلي، فوزيا سومرو، صادق فقير، عثمان فقير، ثمينه ڪنول، اختيار خشڪ، اها لسٽ اٺ جي آنڊي جيان جئين پوءِ تيئن وڌندي ٿي وڃي ۽ آئون نالا لکڻ بند ڪريٿو ڇڏيان ته چئي ٿو ته منظور سخيراڻي ديبا سحر، ثمينه ڪنول ۽ شازيه خشڪ اهي سخي فنڪار اٿئي. بلڪه انهن جي سيني ۾ درويشاڻي دل اٿئي.
بحر حال هيءَ ملنگ نه رڳو فن سان سچو پر سچ چئي ڏيڻ وارو انتهائي کرو ماڻهو به آهي، پنهنجون ساروڻيون ساريندي ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي استاد وحيد علي کي چيم ته تون استاد گهراڻي جو گائڪ آهين. محمد جمن منهنجو ملڪ ملير ڪئين ڳائي آهي! ۽ تو ان کان پوءِ وري اها وائي جمن جيان ته نه ڳائي پر وري (ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳائي ٿو ٻڌائيس.) ائين ته ڳائين ها، وحيد علي چيئس ٿو ته استاد جمن جي پنهنجي ڌن آهي، مون پنهنجي ڌن ٺاهي آهي ته هي ارڏو ملنگ اتي ئي ٿو ٽوڪيس؛ “ته واهه جي پنهنجي ڌن ٺاهي اٿئي! اها ته فوزيه جي ڌن آهي الي الي منهنجا ماروئڙا_ تو ڪهڙي محنت ڪئي اٿس! تو سمجهو ته ان ڌن تي ڳائيندس ته ماڻهو نچندا....! ته وحيد عليءَ جو موڊ ئي خراب ٿي ويو.
ملنگ ٻڌائي ٿو ته سچ چوڻ جي عادت اٿم انڪري فنڪار لفٽ ئي ڪو نه ڪرائين، ٻاهرين دوري تي به منهنجي نمبر تي ٻئي ڪنهن کي وٺيو وڃن.
هن کي شڪايت آهي بلڪ جائز شڪايت آهي ته اڳي ماڻهو فن کي ڏسندا هئا، هاڻ ماکيءَ جي شيشن وارا اڳيان اڳيان آهن. چيو مانس ته فقير اها بدعت هر جاءِ تي جاري اٿئي. رڳو فنڪار ئي نه هر جاءِ تي هر فيلڊ ۾ اهي گيهه ۽ ماکيءَ وارا اڳيان اٿئي.
پوءِ ملنگ ڳائي به ٻڌائي ٿو ۽ فل آواز ۾ ٿو ڳائي. ڪچهري جي ڌم متل آهي، جو اوچتو مونکي سريش جو ٿو خيال اچي، ته ڪٿي دوڪان ۾ ڳائڻ ۽ ڪچهريءَ جي ڪري ڪٿي هن کي خراب ته نٿو لڳي ته هيءَ واندا ڌنڌي جي ٽائيم تي دوڪان ۾ ڪچهري مچايو ويٺا آهن_ آئون سريش ڏانهن ٿو ڏسان_ دوستي جي دائري ۾ جڪڙيل هن يار جي چهري تي بيزاريءَ جو ڪو به پاڇو ڪو نه ٿو ڏسان.
مونکي پاڻ ڏانهن ڏسندي چئي ٿو ته چانهه به پيئو ۽ ڪچهري به ڪريو. ٿڌي پاڻيءَ جي گلاس کان پوءِ هو اسان کي شهمير خاصخيلي جي هوٽل جا ننڍڙا ڪوپ چانهه سان ڀري ٿو ڏئي، محسوس ٿو ٿئي ته هن کي به اسان جي ڪچهري جي خمار جا کيپ چڙهندا ٿا وڃن- آئون دل ئي دل ۾ چوان ٿو ته اسان جهڙن برهه جي بدنام بيوقوفن کي ائين ئي برداشت ڪيئي ته پٽ تو به ڪمايو؟ ۽ چوانس ٿو ته سريش اٿون اسان؟ چئي ٿو ته ڇو .. ؟ڇا لاءِ....؟ ويهو ته آئون به ٻڌان ملنگ اسانجو به يار آهي، ۽ پوءِ کلي ٿو ڏئي سندس ٽهڪ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ڪنور رام جي پيرن جا گهنگهرو ڄڻڪي ويا_
ملنگ پنهنجي ڪچهريءَ کي وڌائيندي ڏاڍا مزيدار ۽ عجيب غريب تبصرا ڪندو ٿو هلي. چئي ٿو ته استاد شفيع فقير وٽ وڏو علم آ،
وڏي ڏات اٿس پر آواز اهڙو اٿس جو ڳائي پيو ته جهڙو جهار پيو هڪلي..... آئون ٻانهون ٻڌي چوانس ٿو ته ايئن نه چيو يار...! استاد منهنجي پسند جو فنڪار آهي.
عابده پروين جي حوالي سان ٻڌائي ته هڪ دفعي مائي ويهه پنجويهه دوهيڙا ڏئي وئي ته پٺيان چيو مانس ته امڙ! هاڻ ڳاءِ به سهي رڳو دوهيڙا ٻڌي ٻڌي اسان کي ته ننڊ پئي اچي... ته عابده به مرڪي پئي هئي،_
ممتاز لاشاري جي نالي چئي ٿو ته لئه ٿو ڪري! مڙئي چندر جوکٽيو پيو کائي.
راڳ رهاڻ جي ڪچهري هلندي ملنگ ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي استاد وحيد علي کي باجو کڻايو پئي آيس ته ڪنهن ٽوڪ ڪئي ته فقير تون پاڻ فنڪار آهين پوءِ پراوا باجا ڇا لاءِ پيو ڍوئين؛ چيائين ته چيومانس ته منهنجي مرشد لطيف سائين چيو آهي ته ”گولا جي گولن جا تن جو ٿي ”غلام“. ان هوندي به مهمان جي عزت ڪرڻ ۽ ان جو آڌر ڀاءَ ڪرڻ اسانجو وڙ آهي، باجي کڻڻ سان ڪو آئون لهي ڪونه ويندس.
اهو ٻڌڻ سان رئيس مريد جوکيو ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي رسول بخش پليجي ٻڌايو ته آزاد بنگلاديش ۾ سنڌ مان هڪڙو وفد ويو هو. جنهن ۾ پليجو صاحب به شامل هئو، ماني کائڻ کان اڳ شيخ مجيب الرحمان پاڻ سڀني کي هٿ ڌورائيندو رهيو_ اسان چيس ته شيخ صاحب! گناهگار نه ڪر اسان پاڻ ٿا هٿ ڌوئون ته شيخ صاحب فرمايو ته؛ بابا اها مهمان نوازي آئون توهان سنڌين کان سکي آيو آهيان. اها ته توهان جي ثقافت آهي. گهٽ ۾ گهٽ توهان ته اعتراض نه ڪيو. مطلب ته مهمان نوازي ۽ مهمان جو آڌر ڀاءَ ڪرڻ اسان جي ثقافت آهي مُريد ملنگ کي چئي ٿو ته فقير! سٺو ڪيئي باجي کڻڻ سان ڪير لهي ڪو نه ٿو وڃي.
آئون هِن جي زندگي جي کول ٿو ڪريان ۽ ڪچهري هلندي هيءَ کرو انسان اچي ٿو رنگ تي. چئي ٿو ته مان رنگ جو به ڪاريگر آهيان. ٻن ٽن رنگن ملائڻ سان نئون رنگ جڙي پوندو آهي، جو بابُو چوندو آهي، ته ملنگ رنگ کڻي وئين هڪڙا ۽ لڳا وري ٻيا پيا آهن!
کلندي ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعي پروفيسر عثمان ڪيريي جي جڳهه کي رنگ پئي ڪيم ته هو هدايتون ڏئڻ لڳو ته هئين نه ڪر....! هئين ڪر...!
چيو مانس تون لنڊن مان ٿي آيو آهين، پروفيسر آهين ته پنهنجي علم جو هوندين لنڊن مان ڪو رنگ ڪرڻ ڪو نه سکي آيو آهين. جو ايتريون هدايتون پيو ڪرين...! ته پروفيسر صاحب مسڪرائي ماٺ ٿي ويو هو.
ملنگ مذاق جي موڊ ۾ آيو ته چيائين ته هڪ دفعي سائين امداد محمد شاهه مذاق ڪرائيندي چيو ته ملنگ مون واري بورچيءَ جو مرض ڄاڻين ٿو؟
ته هٿ ٻڌي کلندي چيو مانس ”سيد! تنهنجا فيصلا ڏکيا آهن، نه ته تنهنجي بورچيءَ جو مرض ته ڪو مسئلو ئي ناهي.“
چيو مانس ته ڇڏ انهن ڳالهين کي، ٻڌاءِ ته اولاد گهڻو اٿئي؟
شرمائيندي چئي ٿو ته شادي ئي دير سان ڪئي اٿم 40 سالن جي عمر ۾،
”ڪڏهن؟“ چئي ٿو ”چار پنج سال ٿي ويا آهن. پر اڃان اولاد ڪو نهي ٿيو.“
پوءِ مون کي ياد ٿو اچي ته هي ملنگ هر جمعي رات ڀٽ شاهه يا ڪنهن نه ڪنهن درگاهه تي پوءِ اولاد وري ڪئين ٿيئس. ....!
هڪ دفعي ملنگ کان پڇيم ته ڪا وڏي خوشي؟
چيائين ته لطيف سائين جي اسٽيج تي پهچڻ مهل جيڏي خوشي ٿي هئم ان کي هن وقت به محسوس ڪري رهيو آهيان.
”ڀلا شرمساريءَ وارو ڪو لمحو جيڪو توکي اڃان تائين ياد ايندو هجي؟ “
ٻڌايائين ته هڪ دفعي هڪ فنڪار باغ علي بالادي منٿون ڪري مونکي وٺي ويو؟ ته مون سان هلي گهاگهر وڄاءِ. صبح جو چيائين ته ملنگ تون آهين دوست ماڻهو اچي وٽ هي \= 25 روپيا وڃي ٺٺ ڪر_
۽ ٻيو واقعو گل محمد صاحب وٽ سائين ظهور آيو هو_ جنهن مونکي اسٽيج تان ان ڪري لاهي ڇڏيو ته چيائين ته توکي سنڌي ٽوپي پاتل آهي، اسان جي C.D خراب ٿي ويندي.
مون پڇيس ته ملنگ سنڌي ٽوپي تي سائين ظهور پاڻ اعتراض ڪيو؟ چيائين سائين ظهور پاڻ اعتراض ڪيو هو ۽ مونکي اسٽيج تان لاهي ڇڏيائين. مون کي وڌيڪ شرمساري ان ڪري به ٿي جو مون سوچيو ته ماڻهو سمجهندا هوندا ته ملنگ کي گهاگهر وڃائڻ ڪا نه ٿي اچي. انڪري اسٽيج تان ئي اٿاري ڇڏيائونس. حالانڪه گل صاحب جي P.A ڪولاچي صاحب انهن کي سمجهايو ته هي ”اسان جي ثقافت کاتي جو فنڪار آهي مگر هنن P.A کي به ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو، پوءِ مون به لطيف سائين کي ياد ڪيو ته ڀٽائي صاحب! تنهنجو فقير آهيان، اڄ منهنجي توهين پئي ٿئي....!
۽ پوءِ محفل ۾ حاضر ماڻهن ڏٺو ته سائين ظهور جي پٽ پهريون ڪلام به ختم نه ڪيو هو جو ٺڪاءُ ڏئي ايڪو سائونڊ ئي پورو ٿي ويو.
مون ڏک مان لطيف سائين کي دانهن ڏئي بس ئي مس ڪئي جو ٺڪاءَ سان لائوڊ ڦاٽو هئو.
پوءِ گل محمد صاحب P.Aکي سڏ ڪيو ته ڳولي ملنگ کي وٺي اچ.
پوءِ سائين ظهور به معذرت ڪئي هئي.
بحر حال ان مان خبر پئي ته رنجيت سنگهه جي ڌرتي جو دانشور هجي يا سياستدان. T.V اينڪر هجي يا صوفي فنڪار سنڌي ٽوپي اجرڪ يا سنڌي ثقافت جو ڪو سمبال انهن کي الاءِ ڇو اک جو ڪنڊو ٿو لڳي.....!؟ ان مان ثابت ٿيو ته خواجه فريد جي ڌرتيءَ جا نقلي صوفي به اسان کي پنهنجو ڀاءُ تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. انهن کي اڄ به اسان جي ثقافت کان نفرت ئي آهي جئين هنن کي ڪلهه بنگال جي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت کان نفرت هئي،
اهڙو ٻيو واقعو ياد ڪندي ملنگ ٻڌائي ٿو ته رڪوجا انڙن ۾ فوزيا سومرو آئي هئي، اتي مونکي به دعوت هئي پر فوزيه جي مڙس مصري سٺيو چيو ته اسان وٽ پنهنجا سازندا آهن. اهي ئي وڄائيندا. ۽ پوءِ خبر تڏهن پئي جو دهل ئي ڦاٽي پيو....! پوءِ معذرت ڪري مونکي وڄائڻ ڏنائون.
ملنگ کان آخري سوال ڪيم؛ مون هن کان سوال نه پڇيو پر محسوس ڪيم ته ڄڻ هن کي لوڻي واري لپاٽ وهائي ڪڍيم جڏهن پڇيو مانس ته ذاتي عشق جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ ملنگ!
گهڙي پل صفا خاموش ٿي ويو. محسوس ڪيم ته درد جو ٻاٻرو ٽانڊو سرير کي ساڙيندو هن جي روح جي پاتال ۾ پيهي ويو هو. چپ چوريندي بس ايترو چيائين:
ته ”يار...! اهو عشق ئي ته آهي جنهن گهاگهر کڻائي ڇڏي آهي...“ وڌيڪ ڪجهه به ٻڌائي نه سگهيو_ جو منهنجي من تي منهنجي غزل جا هيءَ لفظ تري آيا ته:

اسان جو نانءُ شل پرينءَ چپن تي، اداس موسم جو گيت بنجي،
صدا گذاريل سندر گهڙين جي، سُرن سندو ڪو سنگيت بنجي.
برهه جو ويراڳ گهاريندڙ هر سچو فنڪار اهو ئي ته چاهيندو آهي ته هن جي تخليق پوءِ اها سُر ۾ هجي يا ساز ۾، هن جي پرينءَ جي سماعتن تائين ضرور پهچي، تخليقڪار جي نظر ۾ اهو ئي پنهنجي تخليق جو معراج هوندو آهي. بيشڪ ملنگ به پنهنجن تخليق جو معراج ماڻي چڪو آهي.
**


(گل محمد رند فائونڊيشن پاران، ملنگ ملاح سان رچايل رهاڻ ۾ پڙهيل پيپر.) 

درد جا قافلا جاڳي پيا (امداد جعفريءَ جي شاعري جو اڀياس)

هر ڪويءَ جو سرير احساس جي پنڇي جو آکيرو هوندو آهي، ۽ ڪو به پنڇي هر جاءِ تي پنهنجو آکيرو ڪو نه جوڙيندو آهي. تڏهن ته هُر ماڻهو شاعر نٿو بنجي سگهي. اهڙي طريقي سان احساس جي ان پنڇيءَ کي جڏهن وقت جي ڪنهن لمحي جو ڪو به قهري ڪانءُ گهايل ڪري وجهندو آهي ته ان درد جي پيڙا جي شدت کان، ان پنڇي جي، ڪائنات ڪنبائيندڙ ڪوڪ جو جڏهن پڙاڏو گونجي پوندو آهي، ته دنيا وارا ان زخميل ڪوڪ کي ”شاعري“ جو ناءُ ڏيندا آهن. اصل ۾ شاعر درد جي ديس جو رهواسي هوندو آهي ڏات صرف ۽ صرف ڏات هوندي آهي، ڪو به شاعر ننڍو يا وڏو نه هوندو آهي، اصل ۾ ننڍو يا وڏو، سطحي يا گهرو صرف ۽ صرف درد هوندو آهي.
جنهن وٽ ان درد جو جيترو اظهار سهڻو، ان جي شاعري اوتري بهتر.
اهو درد جڏهن پياس بنجي کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، لڇڻ ۽ لوچڻ جو سبب بنجي پوندو آهي ته لطيف سائين کي به لکڻو پوندو آهي ته :
کامان، پچان پڄران، لڇان ۽ لوچان،
تن ۾ تونس پرينءَ جي پيئان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سرڪيائي نه ٿئي.

اهڙو درد جڏهن اسان جي ٽهيءَ جي بهترين شاعر_ دوست امداد جعفري وٽ مهمان بنجي اچڻ کان پوءِ يڪو ئي اوطاقون اڏي ويهي ٿو رهي ته شاعر جي من ۾ گذريل رنگين لمحن جي ساروڻين جا ڄڻ ته ٿانَ کلي ٿا پون .
هير اٺي جي درد سميٽي آئي آهي،
ساروڻين جا چوپاسي ڄڻ ٿانَ کلن ٿا.

شهر جا سڀ پيچرا ڳوڙها هئا،
درد جا ڄڻ قافلا جاڳي پيا.

جنهن ويل شهر جا پيچرا ڳوڙها بنجي ويندا آهن، ۽ جڏهن دردن جا قافلا جاڳي پوندا آهن ته نيڻ ڪنهن وڇڙيل جي سپنن ۾ گم ٿيل اهي ماضيءَ جون گهڙيون ۽ لمحا تلاشيندا آهن. اهي نيڻ اهي رمجهم شامون تلاشيندا آهن جيڪي شامون ڪنهن جي اوسيئڙي ۾ گذريون هونديون آهن.
رم جهم جي موسمن جي ڪا شام ٿي تلاشي،
منهنجي نگاهه مرڪ جا احرام ٿي تلاشي،

توڙي جو اها خاطري به هوندي آهي ته نه اچڻ وارا نه ايندا.
ها امداد تنهنجي اچڻ آسري تي،
سڄي رات ڏيئا جلايا سين گهر ۾،

مگر ڪنن کي ڪير سمجهائي ته در جي ٺڪ ٺڪ جو اوسيئڙو اجايو آ، مگر اکين کي ڪير سمجهائي ته توهان پاران راهه تڪڻ اجائي آهي، ڇو ته توهان ڏانهن ايندڙ قدم توهان ڏانهن ايندي رڪجي چڪا آهن. بحر حال دل کي ڪنهن جي ياد ۾ ڌڙڪڻ کان ڇا روڪي سگهجي ٿو؟ جي نه ته پوءِ اکين کي ڪير سمجهائي؟ اهي ته لطيف سائين جون خوشنصيب اکيون هيون جن لاءِ پاڻ فرمايائين ته:
ڏسي ڏسي آئيون، توءِ تلاشون ڪن،
ڍايون نه ڍاپن، منجهان پسڻ پرينءَ جي،

پر هر ڪنهن جا نيڻ لطيف سائين جي نيڻن جهڙا خوشنصيب ڪٿي؟
پاءُ امداد! تنهنجن ۽ اسان جن نيڻن کي ته منتظر رهڻو ئي آهي،
اها خاطري آ نه ايندين مگر اک،
تڪيندي اڃان راهه ڀولي رهي ٿي.

عام ماڻهن جو چوڻ آهي ته انتظار موت برابر هوندو آهي، تجربن جي آڌار تي عام ماڻهو کي هرڀرو ڪوڙو به نٿو ڪوٺي سگهجي_ توڙي جو ڪٺن ئي سهي پر ان انتظار ۾ ڪيڏو نه مزو هوندو آهي! جنهن انتظار ۾ هيءَ آس وند اکيون ڪنهن امڪاني اچڻ واري جي راهه ۾ پنهنجن نگاهن جون مکڙيون وڇائي ڇڏينديون آهن. جنهن انتظار ۾ دل ڌڪ...ڌڪ... ڌڪ ڪرڻ جي بدران پرين... پرين... پرين... جو ورد ويٺي ڪندي آهي، ان ڪيف، ان سرور کي ان شراب سان تشبيح ڏيڻ به سراسر بيواجبي ٿيندي، جنهن جي سرڪ چکڻ سان ئي نڙي کي ذائقو ڪنهن قدر ڪسارو لڳندو آهي، پر پوءِ ان مان حاصل ٿيندڙ سرور ۽ مستي ذهن جا سارا ٿڪ ئي لاهيو ڇڏي- اهو انتظار جنهن ۾ وقت جي گهڙيال جا ڪانٽا هڪ جاءِ تي بيهي ويندا آهن. منٽ ڪلاڪ ۽ پل پهر لڳندا آهن. اهڙيءَ ئي ڪيفيت ۾ شايد ميران ٻائي جي ڪنهن ڀڄن جو ترجمو شايد ڪجهه هن ئي طرح آهي ته اوپنڊت! مونکي ٻڌاءِ؟ ته اوسيئڙي جي هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترا سال ٿيندا آهن.” جڏهن ڪلاڪ سالن جي برابر لڳن پوءِ به اکيون پرينءَ جي راهه ڏسندي نه ٿڪبيون آهن. ڇو ته اکين جو رموٽ ڪنٽرول ته دل جي هٿ هوندو آهي- آئون مٿي به چئي آيو آهيان ته دل کي ڪنهن جي ياد ۾ ڌڙڪڻ کان ڪو به نٿو روڪي سگهي، ۽ تو پاڻ به لکيو آهي ته:
اها خاطري آ نه ايندين مگر اک،
تڪيندي اڃان راهه ڀولي رهي ٿي.

جيڪي اکيون پرين پسي پسي اچن ٿيون ته به تلاشيون ٿيون ڪن- جيڪي پرين نه ڏسي پرينءَ جي راهه ڏسنديون ٿيون رهن، اهي ڪيئن ٿڪبيون؟ ڇا پڃري جي قيد ۾ رهندڙ چڪور جون اکيون ڪڏهن چنڊ ڏانهن ڏسندي ٿڪيون آهن؟ ڇا سورج مکيءَ جون ڪليون سج ڏانهن ڏسندي ڏسندي ڪڏهن ٿڪيون آهن؟ نه بلڪل نه- اکين جو اوسئيڙو ڪاٽڻ عشق جي اها عجيب ۽ عظيم ڪيفيت آهي جنهن کي اڄ تائين ڪو به مخصوص نانءُ نه ڏنو ويو آهي. اهو عشق ئي آهي جيڪو اکين کي اوسيئڙو ٿو ڪاٽائي ۽ عشق ڪڏهن ٿڪبو ناهي- جيڪڏهن عشق ٿڪجي ته اڃن، رڃن ۽سڃن ۾ خونخوار مرن سان مقابل ٿي جهنگل ۽ جبل ڪير جهاڳي؟ مهراڻ جي تار موجن کي وسندي مينهن جي اوڻٽهين جي اونداهين راتين ۾ ڪير لتاڙي؟، وهه جي وٽن کي امرت آب حيات سمجهي ڪير چپن تي چاڙهي؟ صليب ڪيم سجائي؟ ڪربلا جي رڻ کي رت جو ريج ڪير ڏئي؟ پر نه عشق ڪڏهن به ٿڪبو ناهي. اکيون ڪڏهن به ٿڪبيون ناهن. هن سڄي بحث ۾ جيڪڏهن امداد منهنجا ڀاءُ! تون به مون سان سهمت آهين ته پوءِ توکي ائين نه لکڻ کپي ها ته:
نظارن سان پيڙا ونڊيندي ٿڪيون،
اکيون راهه تنهنجي تڪيندي ٿڪيون.
يا:
نظر جا چڪورا اڏاري ٿڪيون،
اکيون چنڊ! توڏي نهاري ٿڪيون.

پر يار! ڏوهه تنهنجو به ناهي، ڇو ته تون ڄاڻين ٿو ته جتي ماڻهن جا احساس انڌا بنجي ويندا آهن. اتي سونهن کي ته لڇڻو ئي پوندو_ دڳن کي روئڻو ۽ چاهت جي چارن کي جاڳڻو ئي پوندو آهي .
امداد جڏهن کان ماڻهن جا، احساس بڻيا هن نابينا،
ٿي سونهن لڇي ٿا دڳ رئن ۽ چاهت_ چارا جاڳن ٿا_

واقعي اياز گُل به سچ لکيو آهي ته
”احساس بنا ماڻهون اخبار پراڻي آ، “
جتي ڪنهن کي ڪنهن جي دک، درد ۽ تڪليف جو احساس نه ٿئي، جتي ڪير اها جانچ نه ڪري ته پاڙي ۾ ڪنهن جا ٻار بُکيا ستا! لطيف جي لفظن ۾ ته.
پاڙي ناهه پروڙ، ته ڪا رات رنجائي گذري،
جنهن ملڪ جي باري ۾ چون ٿا ته مذهب جي نالي تي آزاد ٿيو آهي، جنهن ملڪ جي نالي جو مطلب به ڪلمي طيب جو پهريون اڌ ٿا ٻڌائين، جنهن ملڪ جي معاشري ۾ امن ۽ انصاف جو ٿيل قتل پراڻي ڳالهه آهي، جنهن ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي اڪثريت مذهبي لحاظ کان پاڻ کي سڄي دنيا جي مذهبن کان اتم، اعلى ۽ بلند بالا ٿي سمجهي- جنهن مذهب جي تعليم آهي ته حقوق الله کان حقوق العباد بهتر آهي، يعنى الله جي حقن کان بندن جا حق اهم ۽ اوليت ۽ اهميت وارا آهن. جنهن مذهب جي پيروڪارن جي پيغمبر جي هر هر اها تلقين آهي ته پاڙي وارن کي نه رنجايو- پاڙي وارن جو وڌ کان وڌ خيال ڪريو، ۽ پاڙو پنجاهه گهرن تي مشتمل هوندو آهي، ان معاشري ۾ ان مذهب جي ٺيڪدارن جي رياست ۾ ڪنهن کي اهو احساس نه هجي ته:

جهوپي ۾ ڪا باهه ٻري ٿي، ٿانو ٺلها ٿا ٺڙڪا ڪن.
شايد وڌوا ناريءَ جا ڪي ٻار بکارا جاڳن ٿا.

اهڙو احساس ٿئي به ته ڪنهن کي!؟ جتي جا مذهبي پيشوا، هي مرشد، هي رهبر، هي ملان، هي مولوي، هي واعظ، هي شيخ، هي پوڄاري، جيڪي ڳاڙهين بازارين ۽ چڪلن جو ناپاڪ لفظن چپن تي ڀلجي به نه آڻيندا آهن. جيڪڏهن اهڙو لفظ چپن تي اچي به ويو ته ست اٺ گرڙيون ڪري ڪلما پڙهي پنهنجا وات پاڪ ڪندا آهن. جن کي انهن ڳاڙهين بازارن ۾ نچندڙن پيرن ۽ ننگن جسمن پويان بُک جي نانگ جا ڏنگ ۽ سماجي نا انصافيون نظر نه اينديون آهن. جيڪي عام ماڻهن اڳيان اهڙن گناهه گهرن جي ڀر ڏئي گذرڻ کي ڪبيرو گناهه سمجهندا آهن سي اڪثر اونداهين جو تسبيهن کي کيسي ۾ وجهي چادرن سان ٻٽون ٻڌي، سونهاريون لڪائي، ماڻهن کان اک بچائي لوڪان لڪي لڪي ڪڏهن ڪڏهن ان گناهه گهرن کي پنهنجن وحشيتن ۽ شهوتن جو مقدس گهر سمجهي طوائف ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا آهن. اها اسان جي دوست امداد سميت گهڻن کي خبر آهي تڏهن ته امداد لکيو آهي ته:
پايل جي ڇڻڪار ٻڌي، هي شيخ، ملان ۽ پوڄاري،
مسجد، مندر ويندي اڪثر راهه ڀلن ٿا.

هتي اسان انهن شيخن، ملن پوڄارين، پنڊتن، مولوين، مرشدن ۽ مفتين جو ذڪر ان لاءِ ٿا ڪريون ته قول ۽ فعل جي تضادن سان ڀريل انهن ڪردارن کي اڳ ۾ پنهنجو ئي هر فعل ثواب ڏسڻ ۾ ايندو آهي. انهن جي نظر ۾ باقي دنيا ”گنهگارن جو ديرو“ آهي، بحر حال مون کي ان بحث ۾ نه پوڻ گهرجي ڇو ته به امداد چئي ٿو ته:

اسين سونهن واسي، اسين سونهن پوڄيون،
اسان جو وڃي ڇا ثوابن جي گهر ۾-

شاعري هڪ خاص پيڙا ۾ پڄرڻ کان پوءِ ئي سرجندي آهي، اها پيڙا، اهو پڄرڻ جنهن کان گفٽ ٿي ملي ٿو. ان تائين پهچي وڃي ته باقي ڇا گهرجي؟ اسان سنڌ جي گهڻن شاعرن کان منهنجا ڀاءَ امداد! ان ڳالهه ۾ وري به تون خوشنصيب آهين جو جنهن لاءِ به شاعري ڪرين ٿو ان جا چپ تنهنجن شعرن کي چمن ته ٿا. اسان جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي!؟

پيڙائن جو کاڄ بڻي جي لفظ لکيا مون،
ڪورا ڪنهن چپ انهن کي روز چمن ٿا.
يا
پيڙا ۽ تنهائي ڀوڳي، لفظ لکيم جي ڪاغذ تي،
وينگس ڪورا چپ ڇهي سا ڏات گهلي سنسار وڃي ٿي.

آخر ۾ تنهنجي ان خوشنصيبي تي توکي لک واڌايون.
منهنجا ڀاءُ ! توکي لک لک وڌايون_ ها! توکي لک لک وڌايون

2000/2/27 رات 12:50
**

(هي پيپر نامياري شاعر امداد جعفريءَ سان س. ا. س شاخ سڪرنڊ پاران 27 فيبروري 2000ع تي ملهايل پروگرام ۾ پڙهيو ويو، ۽ هيءَ پيپر روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچي جي ادبي ثقافتي ۽ تاريخي صفحي ۾ 05 آڪٽوبر 2000ع واري اخبار ۾ شايع ٿيو.)

آخري التجا (خاڪو/ ڪالم)

روان دوان، مستقل جستجو، حياتي جي جاکوڙ ماڻهو کي به ڪنهن مشين جي پرزي جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي، هيٺين طبقي جي ڪنهن حساس فرد جي هانو تي هٿوڙي وانگر لڳندڙ معاشي پرشانين جي پيڙا ويترا شعور جي ارتقا تي ڌاڙا هڻندڙ نامنهاد ڪوشش ٿي لڳي_ سارا هن موڳا ٿا لڳن. هر حساس دل ماڻهو خاموشيءَ يا ته پاڻ ساڻ ڀڻ ڀڻ جي بيماريءَ ۾ وٺجندو ٿو وڃي.
پيشي جي لحاظ کان هو پرائمري ٽيچر آهي. صبح جو اسڪول، شام جو ٽيوشن، فارغ وقت ۾؟ پنهنجو پاڻ ۾ گم، عجيب طبعيت جو مالڪ آ، نه ڪنهن سان حد کان وڌيڪ فري نه ڪنهن کان بيزاري بس درميانه روي جي تصوير. گس پنڌ ملي ويو ته ڀاڪر پائي ملڻ کان پوءِ روايتي طور چانهه جي صلاح ضرور هنڻدو. انڪار تي زور اصل ڪو نه ڀريندو ۽ وٺندو پنهنجي واٽ. فارغ ٽائم تي جڏهن به ڏٺم، هٿ ۾ ڪتاب، رجسٽر يا ڪي فائيل... ڪپڙا صاف پيشاني جي مٿان تيزي سان کسندڙن وارن کي ڦڻي ڏنل. منهن تي شرميلي مرڪ وتندو هن “ڊريم سٽي” جا چڪر ڪاٽيندو ۽ گهٽيون ماپيندو. ڪڏهن ڪڏهن بازار جي ڇيڙي وٽ هڪ هوٽل ۾ چپن تي گرم چانهه جون چسڪيون، اک ٽي ويءَ جي اسڪرين تي ته ڪڏهن ڪنهن گرائونڊ تي. سائل پيرزادو به ڏينهن جا ڏينهن، راتين جون راتيون وتندو هو ڪيرڪيٽ ڏسندو- مون کي شڪ جاڳيو ته اوچتو ئي اوچتو هن کي به سائل وانگر ڪرڪيٽ ڏسڻ جو جنون جاڳي پيو آهي الاءِ ڇا؟ هڪ دفعي پڇيو مانس ته: ”ڪرڪيٽ کيڏندو به آهين يا رڳو ڏسڻ جو شوق اٿئي؟“ ٿورو وائڙو ٿيندي چيائين ”نه“ مونکي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ڏسڻ ته ڇا مرڳو سمجهه ۾ ئي نه ايندي آهي.“
چيو مانس ته ”هونديون ته هوٽل جي ٽي وي اسڪرين ۾ اکيون اٿئي“
لڄاري مرڪ چپن تي آڻيندي چيائين ”اهو ٻيو مسئلو آ“ اهو ٻيو ڪهڙو مسئو آ، ان سان مونکي سروڪار ڪونهي، ٻئي ٽئي ڏينهن وري مليو، مذاقاً پڇيو مانس: ”ڪيڏهان پيو وڃين؟“ کلي چيائين: ”ڪونه ٻڌائيندس.“
هو ڀلي نه ٻڌائي پر مونکي ايتري خبر آهي ته هو پنهنجي سڀاءَ ۾ ڪوئي رمتو جوڳي معلوم ٿيندو آهي. جيڪو عشق جي گيڙو ڪفني پهري من جي مُرليءَ تي ننهن جي کپر نانگ کي نچائي نِچائي جڏهن ٿڪبو هوندو تڏهن لوڪان لڪائي ٿڌن شوڪارن سان لُڙڪ گرم ڳاڙي ڪاڳر ڪارا ڪندو هوندو.
لطيف چيو ته ”جوڳيءَ تي جڙا نسورو ئي نينهن جو-“
پر شيخ اياز چئي ٿو ته:

ماڻهون سڀ هڪجهڙا آهن.
هر ماڻهون کي بک لڳي ٿي،
هر ماڻهون کي اڃ لڳي ٿي.
پيار سواءِ هر ماڻهو کي ڄڻ
ساري دنيا سڃ لڳي ٿي.
ڪنهن ماڻهو جي دنيا تڏهن لٽبي آهي جڏهن دلوارا اچانڪ اوپرا ٿي پوندا آهن ته ڪنهن دل جلئي شاعر جون آهون ارمان بنجي پونديون آهن ته؛
ڪڏهن باغ به ڪٽجي ويندا آهن.
ڪڏهن کوهه به لٽجي ويندا آهن..
دانهون نه ڪر او دلڙي چري،
ڪڏهن دوست به مٽجي ويندا آهن.
حمل فقير جو ارمان ته ان کان به وڏو آهي،
سڄڻ مٺا جي ساهه کان سامهان ٿياسيئي.
ياراڻي يارن مان ويئي ڙي ويئي.

آهون لڙڪ ۽ سڏڪا ڪجهه به ڪارگر نه ٿئي، محبوبن جي من جو پوپٽ وري ان ساڳئي گل جو واس وٺڻ پوءِ به نه اچي ته پوءِ؟ ڪارين راتين جي اڪيلاين ۾ ڪنهن ڪوي کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ لاءِ ايندا آهن. ته بس نيڻن جا بند ڀڃي سندس ڳوڙها ئي اچي ساٿي بڻبا آهن. عشق جي انجام کان باخبر سهوڳيءَ جي من ۾ پوءِ اها تمنا ڪنهن ڪنهن مهل ڪر کڻي جاڳي پوندي آهي ته؛
من پرچي پون پانڌ پائي ڏسان،
رٺل يار کي اڄ مڃائي ڏسان.

ڇو ته خواب، خوشبوءِ ۽ خواهش تي ڪڏهن به ڪنهن جو پهرو بيهي نٿو سگهي- پر پرين کي پرچائڻ لاءِ واسطو وجهجي....! ته ڪنهن جو؟
ڪهڙو قسم قبول پوندو؟ متان پرين تي پنهنجو ئي قسم اثر انداز ٿي سگهي. انڪري سرور ڪيريو به پرين کي آخري التجا ٿو ڪري ته:
سرور تنهنجو مرڻ ڪنڌيءَ تي،
توکي ان جو قسم ڏسي وڃ.
**

(هي مضمون س. ا . س شاخ سڪرنڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري مرحوم سرور ڪيريي جي زندگيءَ ۾ لکي ساڻس رچايل رهاڻ ۾ پڙهيو ويو. سرور ڪيريو جنهن سڪرنڊ جي تاريخي ڳوٺ ستيارو ۾ 24 اپريل 1970ع ۾ جنم ورتو، سڪرنڊ شهر ۾ پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ چاليهن سالن جي عمر ۾ 16 مارچ 2010ع ۾ پهرئين هارٽ اٽيڪ ۾ وفات ڪري ويو.(

هر دل ڪتاب ڪيئي

---

ٺوڪي هِتِ ٺِڪَرَ پڪو کڻج پاڻ سان

ٺوڪي هِتِ ٺِڪَرَ پڪو کڻج پاڻ سان
(حمل فقير جي مزاحمتي شاعري)

مرشد لطيفَ جڏهن نادر شاهه، مدد خان پٺاڻ ۽ احمد شاهه ابداليءَ جهڙن وحشي لُٽيرن جي بدمست هاٿين ۽ گهوڙن جي سُنبن هيٺ پنهنجي ماتر ڀوميءَ کي لتاڙجندي، ساوا کيت تباهه ٿيندي ۽ لائبريريون سڙندي ڏٺيون، سنڌ جي قومي سياسي مذهبي اقتصادي، تهذيبي ۽ معاشرتي آزاديءَ کي پاش پاش ٿيندي ڏٺو، ته سنڌ جي حالت تي بي ڊپو ٿي وڏي واڪ چئي ڏنائين ته:
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
هتي سهڻيءَ مان سندس مراد ’سنڌ‘ آهي لطيف سائينءَ، جنهن قومي آزاديءَ جي بچاءَ ۽ بقا جي جدوجهد لاءِ جيڪا راهه چونڊي هئي، کائنس پوءِ هر دؤر ۾ ان راهه تي جن سرفروش سنڌي صوفي درويشن ’لطيفي سُنت‘ کي جياري، تمثيلي ۽ علامتي انداز جي آڌار تي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ رستي ڦورو ٽولن جي خلاف مزاحمت جو مورچو سنڀاليو هو، تن ۾ ”حمل فقير“ به هڪ هو.
هن درويش جي دؤر ۾ سنڌي سماج جا بنياد ڄڻ ته کوکلا ٿي چڪا هئا. سنڌ جيڪا هزارين سالن کان پنهنجو قومي تشخص برقرار رکندي، هڪ مُلڪ جي حيثيت رکندي پئي آئي، ٽالپر حڪمرانن ان جي وحدت کي ٽوڙي ٽي ٽڪر ڪري ڇڏيو هو، مير پور خاص، حيدر آباد ۽ خير پور ميرس نالي رياستن ۽ يونٽن ۾ انتظامي طور تي سنڌ ٽوڙي وئي- ڌرتي ساڳي ٻولي ساڳي، تاريخ ۽ جگرافي ساڳي تهذيب ساڳي؛ پر بادشاهن سنڌ کي پنهنجي اباڻي جاگير سمجهي، اُن کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو، نه رڳو اهو، پر ان وقت تائين حڪمران گهراڻي ۾ مذهبي ويڇا به وڌي ويا هئا، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد جا مير صاحب سُني، ته خيرپور جا مير صاحب وري شيعا ٿي ويا هئا، جتي حڪمران گهراڻي جي حالت اها هجي، اتي عوام ويچارو ته باقائدي مذهبي تفرقي جي ور چڙهي چڪو هوندو. مذهب جي حوالي سان ايڏا ته ويڇا وڌي وڻ ٿيا هوندا، جو پنهنجائپ ئي ماڻهن کان موڪلائي وئي هوندي تڏهن ته حمل فقير چيو ته:
جن چيو ٿي ’جيءُ‘، سي اڄ ’ٻوڏ‘ نه چون ٻاجهه مؤن!
جن کارايو ٿي خوشيءَ مؤن، سي پاڻي چون نه پيءُ،
هوڏهن هونئن ”حمل“ چئي، هِتِ حال منهنجو هيءُ،
رحم ٻيو رب ريءُ، ڪوجهن تي ڪير ڪري.

اها رڳو ڪٿي ڪٿي، ڪن گهراڻن ۽ قبيلن جي ڪن ماڻهن جي حالت نه هئي، پر سڄو ملڪ ئي شايد اُن ڀڙڪندڙ باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. پيار، محبت، پنهنجائپ ۽ ڀائپيءَ وارو ماڻهن جو مزاج ئي مٽجي ويو هو. محبت، جيڪا هتان جي ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ رچيل هئي، اها ڄڻ ته هتان لڏي پکين وارا پر پائي پرواز ڪري، الائجي ڪهڙي ڪنڊ وڃي پهتي هئي، حمل فقير افسوس ڪندي چيو ته:
هئه هئه! هئه هئه! هاءِ! جو محبت ويئي ملڪ مؤن،
جتي قرب ڪمال هو، تتي لاءُ نه ساءُ.
”حمل“ چئي هن ڳالهه، جو ڪونهي سڌ سماءُ،
ڪو جو وريو واءُ، ماڻهو سڀ مَٽِجِي ويا.

يارن مان ياراني ختم ٿي وئي هئي، دوست ڦري هڪ ٻئي جي رت جا پياسا ٿي پيا هئا- ”دوست ڦري دشمن ٿيا، جانب ها جيئي.“ ساهه کان مٺا سڄڻ به سامهان ٿيڻ لڳا هئا. سڪ صحبت ۽ ساءَ جهڙا ٽئي املهه گُڻَ ٽَڙي پکڙي گم ٿي ويا هئا.
هڪ طرف اهو مذهبي ۽ سماجي وايو منڊل جُڙيو هو، ٻئي طرف پنجابي شائونسٽ رنجيت سنگهه جي سنڌ کي هڙپ ڪرڻ واري پراڻي ۽ غليظ خواهش سندس من ۾ چچڙ وانگر چُهٽي پئي هئي، ٽئين طرف وري گوري سامراج جون حريص نگاهون هر وقت موقعي جي تلاش ۾ هيون ته موقعو ملي ته سنڌ کي حلوو سمجهي ڳڙڪائي ڇڏين. ان لاءِ انگريزن اڳواٽ ئي هوم ورڪ ڪري ڇڏيو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڪوٺي ته ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ئي کلي چڪي هئي، برٽش سرڪار موقعي کي نظر ۾ رکي، رنجيت سنگهه کي گهوڙا تحفي طور ڏيڻ جي بهاني سان، سندن نمائندو اليگزينڊر برنس سنڌ تي حملي جي تيارين جي سلسلي ۾ سنڌؤَ جو اڀياس ڪرڻ لاءِ گهوڙا سنڌو درياءَ رستي ٻيڙين ذريعي پنجاب کڻي ويو. هن جي اها ڊيوٽي هئي ته گهوڙن پهچائڻ بهاني نه رڳو درياءَ جو اڀياس ڪري، پر سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو اکين ڏٺو احوال به اچي پهچائي ته جئين سنڌ تي حملي ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي مشڪل پيش نه اچي- توڙي جو حيدر آباد سنڌ جي حڪمرانن سان گڏ سڄيءَ سنڌ جي عوام اليگزينڊر برنس جي انهيءَ مهم کي ڳڻتيءَ ۽ ڪاوڙ سان ٿي ڏٺو ميرن جي هڪ سپاهيءَ جي اها دانهن ته ”گهوڙا! هاڻ سنڌ اسان کان وئي، گورن سنڌو درياءُ ڏسي ورتو آهي،“ ڄڻ ته سڄيءَ سنڌي قوم جي پڪار جو پڙاڏو هو. سڄي سنڌ ڄڻ ته نفسياتي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي، ته هاڻ ڇا ٿيندو؟ هڪ طرف حيدرآباد جا ٽالپر حڪمران ۽ عوام سخت ناراض ته ٻئي طرف خيرپور جي والي مير رستم خان انهيءَ ساڳئي انگريز جاسوس جي هر طرح جي چمچاگيري ڪري، دعوتون کارائي، قيتمي سوغاتون ۽ سوکڙيون ڏيڻ ۾ پورو هو. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڪم ظرفي ٿيندي جو مير رستم انگريز ايجنٽ کي اها به پڪ پئي ڏني ته جيڪڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڪاهي آيا، ته هُو نه رڳو سندن استقبال ڪندو پر ڀرپور مدد به ڪندو. چوٿين طرف وري ڪراچيءَ جي سيٺ نائون مل جي غداري ۽ ڪميڻپ وارو ڪردار.
حمل فقير جڏهن شعوري طور پنهنجي زندگيءَ جي اهڙن واقعن کي سهيڙيو هوندو، ته سندس من- ڪينواس تي اهي سڀئي واقعا چِٽا ٿي اُڀريا هوندا. جڏهن حمل فقير پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ شاهه شجاع جي پهرين ڪاهه ڏِٺي يا ٻڌي هوندي- رنجيت سنگهه جا ارادا پرکيا هوندا، مير مراد علي خان جي علاج جي بهاني آيل انگريز ڊاڪٽر جيمس برنس جي اچڻ کان واقف ٿيو هوندو، جنهن ميرن جي درٻار ۾ پهچي جاسوسي رپورٽون پئي موڪليون- ڪجهه وقت کان پوءِ ان انگريز ڊاڪٽر جي ڀاءُ اليگيزينڊر جي جاسوسي مهم جي ڄاڻ رکي هوندائين، ويهن ورهين جي عمر ۾ وري ٻيو دفعو شاهه شجاع کي سنڌ ڌرتي لتاڙيندي سر سبز فصل تباهه ڪندي ڏٺو هوندائين، جنهن کي ٽالپرن شڪارپور جو شهر رهڻ لاءِ ڏئي ڇڏيو هو، ان کان به چڱي طرح واقف ٿيو هوندو. عمر جي انهن ئي سالن ۾ کرڙيءَ جي جنگ سندس سانڀر ۾ لڳي، ان کان به خوب واقف ٿيو هوندو!
جيئن اهڙين حالتن ۾ لطيف سائين تمثيلي انداز ۾ درد ڀري دانهن ڪئي هئي، ته: ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“، بلڪل انهيءَ ئي نموني حمل فقير سنڌ کي پيش آيل خطرن، تڪليفن سُورن، غدارين، ٻاهرين حملن مارڌاڙ، ڦُرلٽ، ڪوس قتل عام، رڻ گجي راڙو ٿيڻ جهڙين حالتن کي ڏسندي. سنڌ کي ”سسئيءَ“ سان مشابهت ڏيندي، کيس گهيري آيل غنيمن کي بگهڙ، باندر ۽ ڀولڙا سڏي علامتي، انداز اختيار ڪري، وڏي واڪ چئي، ڏنو ته:
آڏا ڏونگر ڏاکڙا، بيحد بر باري،
بگهڙ، باندر، چؤڪس چوڌاري،
وندر ۾ واڪا ڪري، ور لئه ويچاري.
تنهن ضعيف جي زاري، ٻُڌي هوت ”حمل“ چئي.

هتي ”سسئيءَ“ مان مراد ”سنڌ“ آهي، جيڪا ضيعف ۽ ويچاري آهي. وندر ۾ واڪا ڪرڻ جو مطلب، وجود واريءَ ويڙهه ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد آهي هتي ”هوت“ مان مراد وري ننگن ۽ دنگن تي سِرُ ڏئي سرخرو ٿيندڙ اهو سپاهيانه قومي ڪارڪن طبقو آهي، جنهن کي
”حمل حب وطن جي اندر روح رهي.“
جيڪو سِرَ جون سِٽُون ڏئي سنڌ جي سينڌ ۾ سنڌور ڀرڻ لاءِ پنهنجي جگر جون خون پيش ڪرڻ جو عزم رکندو هجي. جيڪو سنڌڙي ۽ جندڙيءَ ۾ فرق محسوس نه ڪري، جيڪو:
”حمل هئا سي هڪ پر جُسي ۾ جدا ٿيو“،
جي فلسفي ۽ فڪر جي کُوري مان پَچِي رَچِي تيار ٿي نڪتل هجي- تڏهن ”هوت“ جي ضرورت ائين ٿي محسوس ٿئي، ته:
تنهن ضعيف جي زاري، ٻُڌي هوت ”حمل“ چئي.
*
ڪر لهي ٻيو ڪير، ”حمل“ چئي هوت ريءَ
*
مجذوبن مثال، ٿي هوتن لاءِ ”حمل“ چئي.
*
جيءَ ڪيا جاکوڙا، هوتن لاءِ ”حمل“ چئي.
درويش حمل فقير پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ڏٺو ته سسئيءَ کي اهڙا ”هوت“ بلڪل مليا، جن لاءِ مجذوبن مثال بڻي هئي، جن لاءِ جيءَ جاکوڙا ڪيا ۽ سنڌ کي اهڙو سرفروش، باشعور ۽ وطن پرست طبقو مليو. جيڪو وطن لاءَ ويڙهه ۾ ڪُڏي ڪاهي پيو. اهي اهڙا آڻموٽ انسان هئا، جن جي پرک جنگين جي ميدانن کي ڪرڻي هئي، تڏهن ته خيلفي صاحب به چئي ڏنو هو ته:
کرڙي کائي رت، ڀت نه وجهي وات ۾،
پڙ ۾ پهلوانن جي، پيئي پرکي پت،
جنين نيڻ نست، نيهن نه لائي تن سين.
*
کرڙي کائي ماهه، پيئي رت پياليون،
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ ٿي.

اهڙا ئي انسان جيڪي ساڻيهه جو سڏ سڻي، سؤ سرن جا گهوري هڪڙي وک وٺڻ تي ناز ٿا ڪن، حمل فقير، اهي سورهيه ۽ سپوت سپاهي پنهنجي اکين سان ڏٺا. انهن اڻموٽ انسانن کي ئي ”هوت“ سڏيو اٿس، پنهنجي ڪجهه بيتن ۾ اهڙي شاهدي ڏني اٿس. ڏسو سندس هي سٽون:
اچي منجهه اندوههَ، گڏيس هوت ”حمل“ چئي،
*
معذوريءَ جي ماڙَ، ٿيو هوت ”حمل“ چئي.
*
اچي منجهه ارمان، گڏيس هوت ”حمل“ چئي.
*
هاڙهي پيئي هاڪ، گڏيس هوت ”حمل“ چئي.

سنڌ جون تصوف غارن ۽ غفائن ۾ گم ٿي، ”ماڻهن کان لڪي“ وڃي چلا ڪاٽڻ ۽ ورد وظيفا ڪرڻ جو نالو ناهي سنڌ جو تصوف ”وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحد ڪل“ جي فلسفي جو قائل آهي. سنڌ جو تصوف عوام جي وچ ۾ ويهي عوام جي مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي، ڇو ته هر ساهه واري شيءََ ۾ خدا آهي، هر شيءَ خدا جو مظهر آهي، ته پوءِ لوڪ کان لڪڻ جو ڇا مطلب! سنڌ جو تصوف ته صوفي شاهه عنايت مخدوم بلاول، شاهه لطيف، سچل، سائين ۽ حمل فقير جهڙن بزرگن وانگر نينهن جا نعرا هڻڻ آهي.
سنڌ جا سڀئي صوفي شاعر، ساڳئي وقت قومي شاعر به آهن، اهو ئي سبب آهي جو حمل فقير ڌارين ڪٽڪن جي يلغارن کي سنڌ لتاڙيندو ڏسي چئي ٿو ته:
ڏيرن جي ڏمر جا، اڳهين هُل هئا،
اڄ اُهي ئي آيا، جي ٿي سيڻ سُئا،
ڪانهي ڪَلَ اِها، ته ڪميڻيءَ سان ڪئين ڪندا!

هتي به اها ساڳي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نفسياتي ڪشمڪش آهي ته:
ڪانهي ڪَلَ اِها، ته ڪميڻيءَ سان ڪيئن ڪندا!

اها رڳو ڪالهه جي ڪشمڪش ڪانهي. اها پيڙا، اها ڳڻتي، رڳو مخصوص گهڙين تي منحصر ڪانهي. هونئن به قومن کي سچائيءَ جا دڳ ڏيکاريندڙ-آزادي، انقلاب ۽ قومي مزاحمتي دڳ تي هلائيندڙ شاعر، صرف ڪنهن مخصوص وقت لاءِ پنهنجي ڏات جون ڏياٽيون روشن نه ڪندا آهن. هنن جي لفظ لفظ ۾ پرهه جا پيغام ۽ صدين جي صدائن جا پڙلاءُ سمايل هوندا آهن. تڏهن ته اڄ به لطيف توڙي حمل فقير جو ڪلام هر دؤر جي حالتن تي ٺهڪي ٿو اچي.
قرآن شريف ۾ آهي ته ”الله جي رَسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ تفرقي ۾ نه پئو.“ هتي زور سان ”الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو“ تي نه پر زور ”تفرقي ۾ نه پئو“ تي ڏنل آهي_ يعنى ٽڪرا ٽڪرا نه ٿيو، اتحاد نه ٽوڙيو. عظيم شخصيتن جا پيغام هر دؤر جي حالتن لاءِ هوندا آهن. عظيم ڪلاڪارن جو ڪلام، عظيم ڏات ڌڻين جي ڏات ۽ عظيم پيغمبرن جا پيغامَ ماضيءَ جي قيد خانن ۾ قيد نه ٿيندا آهن. هُو حال جا هم سفر ۽ ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل جا مُفڪر ۽ ڏاها ڏات ڌڻي هوندا آهن.
اڄ جڏهن اسان جي قوم تفرقي جي ور چڙهي وئي آهي، هر ننڍي ٽولي کي پنهنجو جدا جدا جهنڊو آهي، ته حمل فقير جي لفظن مان سنڌ سُڏڪي ٿي پوي- وجود جي تحفظ لاءِ ڪا منظم قوت نه ڏسي اڄ به اها ساڳي سٽ چئي سنڌ سُڏڪي ٿي پئي ته: ”ڪانهي ڪَلَ اِها ته ڪميڻيءَ سان ڪئين ڪندا! “
ها! پر شاعر اديب، مصور، موسيقار، مفڪر، ڏاها ۽ ڏات ڌڻي پُر اميد به هوندا آهن، اسان جو شاعر، حمل فقير به هيڏي هاڃن، تاريخي تڪرارن ۽ وجود جي ويڙهه جو اکين ڏٺو گواهه به رهيو آهي. هن کي پوري پڪ آهي ته جڏهن ۽ جتي به ظلم انياءُ، ڏاڍ ڏهڪاءُ ۽ ناانصافي وڌي آهي، ته تاريخ اتي نئين مسيحا کي جنم پئي ڏنو آهي، هن کي شڪ نه، پر پوري پڪ آهي ۽ حالتن جي به ضرورت آهي ۽ تاريخ کي پنهنجا ورق روشن رکڻا آهن. ته ڪي ارڏا، اڻموٽ، جانٺا ۽ جنگ مڙس ۽ ڌِڱ جوان، جن جي ڪلهن تي تاريخ پنهنجو بار وجهندي، تن کي همت جي هٿيار سان ڪُنن ۾ ڪاهي پوڻو آهي ۽ حمل سائين تن کي تاڪيد ڪندي چئي ٿو ته:
ڀيلي مٿي ڀَرَ، متان ڪِج مهراڻ ۾،
اڳيؤن آب عميق وهي ٿو، جوش منجهاران جَرَ،
ڪَچي تي ڪاوڙ مَئون، ڪري ليٽ لَهر،
ٻيڙن جا ٻار ۾، هُتِ وِير لاهي ٿي وَرَ،
هيبتناڪ، ”حمل“ چئي ڪَڙڪَنِ ڪُنَ ڪَپَرَ.
ٺڪي هِتِ ٺِڪَرَ، پڪو کڻج پاڻ سان.
**
(ماهوار مهراڻ ۽ ٽماهي تخيل جي شماري 3 2016ع ۾ ڇپيل)

ڏات کي دل جو ٿو خون گهرجي

ڏات کي دل جو ٿو خون گهرجي
انوربلوچ جي ناول ”ايلشبا“ تي ادبي خط

مانوارا سائين اميد ته گلاب جي تازي ٽڙيل گل جيان سدا سرها هوندئو!
سائين! ڪلا جي ڪانڊ ۾ سيبائتو سفر ڪندڙ تخليقار جو قلم جڏهن لڇي تڙپي لکڻ لڳندو آهي، ته ڪو ”ايلشبا“ جهڙو شاندار ناول وجود وٺندو آهي.
ايلشبا: هڪ اهڙو ناول، جنهن مونکي پنهنجي فني ۽ فڪري سحر جي گلين ۾ گم ڪري ڇڏيو آهي. هڪ اهڙو ناول جنهن جي پهرين سٽ: ”ڊسمبر 1995ع جي اها حد کان وڌيڪ اداس شام هئي، جڏهن ڪيئن مهينن جي وٿيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر گوران ”سرا جيوو“ مان فون ڪري ڳالهائيندي منهنجي هِانءِ ۾ هٿ وڌا.“
جي پهرين جملي ..... ”ڊسمبر جي اها اداس شام ..... ”جنهن ۾ ڪنهن جي فون تي هانءُ هٿن ۾ اچي وڃي- کان وٺيءَ “۽ اڄ ايلشبا جي قبر تان موٽندي، مون سنڌ ورڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو. مون سنڌ ۾ رهي جياپي جي جنگ وڙهڻ ٿي چاهي ۽ سوچيو هوم ته ڏک ۽ ڏاڍ سهي به ديس واسين کي آزادي ۽ حقن جي حاصلات بابت ذهني شعور ضرور ڏيندس“ تائين صفحي صفحي تي عشق ۽ ساڃاهه جي آڪاش تي شعور سان پڙهندڙ حيرتن جي حسن ۾ کوئجي ٿو وڃي. “ سوچيو هوم ته ڏک ۽ ڏاڍ سهي به...“ بلڪل تنهن زماني جي لطيف جي پيغام جو تسلسل ته:
سڃو جي ساڻيهه، ته به ونيان وترو،
گهوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيو.

ڀٽائي جي سڏ جي پڙاڏي جو تاريخي تسلسل ٿو لڳي. هڪ ڪميٽيڊ ۽ ڌرتيءَ جي درد ۾ لڇي مجذوب بڻيل تخليقار جي قلم مان لازمي آهي ته اهڙائي شعور جا ڦول ڦٽي پوڻا آهن. جيڪي ڪائنات جي ڪٿائن جا سندر روپ بنجڻا آهن.
ائين توهان جو مٽيءَ جي خوشبوءَ خماريل ڪردار تخليق ڪرڻ جو فن پڻ داد طلب آهي. مٽي جيڪا ماڻهوءَ جي روح جو رنگ به آهي ته وجدان جا سوين سندر روپ به آهي ته وجداني ڪيفيتن کي الستي آواز مهيا ڪرڻ جي ترنگ جي ڪيف جو ڪمال به آهي. مثال:
”مان تلاش جي سفر ۾ آهيان. مان بوسينيا ۾ خود کي ڳولڻ ٿي چاهيان.“
يا:
”مان جهنگ جو شينهن ته ناهيان علي! جو ويندي ويندي پويان پنهنجي پيرن جا نشان ڇڏي وڃان. مان ته مٽيءَ جي مورتي آهيان. بوسينيا جي ڳاڙهسري مٽيءَ مان جنم وٺندڙ.“
يا:
”مٽي مٽيءَ سان ملي ختم ٿي وڃي ٿي، پر ڪي ماڻهو مري به صدين تائين جيئندا هوندا آهن.“ اِتي پهچي مون کي اياز ٿو ياد اچي ته،
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا.
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي.
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
۽ اياز ئي ته چيو هو ته
”مون ته لڳائي سپني دل،
ڦول ڪڏهن ڦٽندا.
ڇاڄاڻان ڇا ڄاڻان؟

پر هي ناول بنا ڪنهن واڌاءُ،جي بنا ڪنهن خوشفهميءَ جي ٻڌائي ٿو ته اياز جي سپني- ول مان ڦول ڦٽي پيا آهن. ۽ سنڌ جي سياسي طرح ويساهه وڃائي ويٺل اڄ جي قومي ڪارڪن کان وٺي توهان جهڙي انتهائي گهڻ پڙهئي، فڪري طرح سجاڳ ناول نگار تائين به،....
سنڌ کان وٺي ڪو سووو....، سرا جيوو کان وٺي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي قومي آزادين وارن انقلابن جي واٽن جي مارڳ جا اُهي محرڪ ٿو پسائي جو ماڻهوءَ جي دل ان وقت اڇل کائي عمل جي ميدان تي ڪونتل ڪڏائڻ لاءِ ٿي چوي. اهو ئي توهان جي قلم جو ڪمال آهي جو سنڌ جي معروضي حالتن تي تڙپي توهان سنڌ جي حالتن جو ڇيد ڪندي پنهنجن ڳڻتي ظاهر ڪندي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي ڪالهه واريءَ سسئي جيان جيءَ کي جاکوڙا ڏئي، رائو رت ڪرڻ واري جهد جيان اڄ جي سسئيءَ کي به ذهني طرح تيار ٿيڻ کپي. جنهن لاءِ توهان ”ايلشبا“ جهڙو يگانو ڪردار تخليق ڪري ورتو آهي.
نه رڳو اهو پر توهان سنڌ ڌرتي جي اها دانهن به ٻڌي ورتي آهي، جيڪا پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌائي انهن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏيو ته ڌرتي ماءُ توهان مان ڪهڙيون اميدون رکيو ويٺي آهي؟ مثال:
”توکي خبر هوندي ته مٽي ڪڏهن به پنهنجو ڏک نه ٻڌائيندي آهي. مٽي ماٺ هوندي آهي... پيءُ ماءُ وانگي.... ڇا تو ڪڏهن ڪنهن ماءُ کي ڪم سانگي پنهنجي پيٽ ڄاين آڏو ويچارو ٿي بيٺل ڏٺو آهي؟ .... بند ٿيل چپ نماڻيون اکيون ۽ اڻ مئي آس ... ائين مٽي به رڳو اميدون پاليندي آ ته سندس وارث هن لاءِ ڇاٿا ڪن... ۽ .... وارثن کي ڇا ڪرڻو آ... اهو تون به ڄاڻين ٿو ته مان به ڄاڻان ٿي.“
اهڙا فڪري طور مضبوط تخليقڪار تمام گهٽ وڃي رهيا آهن. علي بابا ۽ آغا سليم کان پوءِ، جيڪي ٻڌائن ته سنڌ کي صدين کان پنهنجو هڪڙو عالمي فڪري پيغام به آهي، ۽ توهان ان فڪر جي پاسداري ڪندي جڏهن لکو ٿا ۽ مذهبي شائونزم ۽ انتها پسندي کي وائکو ڪندي ٻڌايو ٿا ته بلڪل اهڙوئي اعلان ٿا ڪريو جيڪو Dancing Shadows ۾ آمريڪن رائٽر محترمه اؤميل ٿي ڪري ته ”دنيا کي هڪ دفعو وري سنڌ جي پر امن اصولن ڏي موٽ کائڻي پوندي“ ۽ توهان جو قلم خود بخود لکي ٿو وٺي ته:
”منهنجي ٻولي اتم آ،
منهنجو مذهب مٿاهون
ڪو عيسائي آ، خود کي خدا جو ٻار ٿو چوائي
۽ ڪو يهودي .... ڄڻ ته خاص آسماني خلق.
ڪو برهمڻ آته ڪو نيچ اڇوت،
مذهب، ذات، زبان، ۽ قوميت جو جهيڙو.....
ساڙ حسد ۽...۽ پوءِ ماپجي نه سگهندڙ نفرتون.“
اڄ جي دنيا جيڪا اصلي ايٽم ته اصلي، پر نفرت جي عملي ايٽم بم تي ويٺي آهي.
اهو ايٽم ليڪ ٿي آهستي آهستي پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي ته:
”شهر جا شهر،
مسجدون، مندر گرجا گهر،
۽ دنيا ۾ ڪا به اهڙي جاءِ نٿي سُجهي،
نه ڪو درياهه ۽ سمنڊ،
جتي نفرتون ڌوئي سگهجن.“

هتي ته نفرتن جا به ڪئي قسم ايجاد ٿي پيا آهن. مختلف نالن ۽ نعرن ۾ نفرتون. جن جو جتي به ۽ جيڪو به نتيجو نڪري رهيو آهي، سو انسانذات جي مستقبل لاءِ به خطري جي نشان کان گهٽ ناهي، افسوس ته اهڙي ڳنڀير صورتحال تي به ڪجهه قلم ڪار ئي قلم کڻي رهيا آهن باقي هر طرف منافقاڻي ماٺ ڇانيل آهي. جنهن جو نتيجو:
”رت رنگ ۽ نسل جي نالي.....
مٽي، زبان ۽ مذهب جي نالي....
۽ .... ۽.... انسان مري رهيو آ....“
۽: ”انسان عزرائيل جو ڪم سولو ڪري ڇڏيو...“

سچ پچ ته هي ناول پڙهي آئون ناول جي سحر سان گڏ توهان جي قلم جي سحر ۾ گم ٿي ويو آهيان. ناول جي رتورت گلين ۾ پنهنجي اداسي توڙي عزم سان گڏ زخمي روح سان گم ٿي ويو آهيان، گم ٿيڻ جو به پنهنجو حسن آهي، رومانس آهي. سوچيان ٿو ته ان رتو رت گلين مان جيڪي طويل ٿي پوري دنيا ۾ پکڙجي رهيون آهن. نڪري به سگهندس الاءِ نه...!!؟؟
ايلشبا پڙهندي پڙهندي ڪيئي چڪر اکيون آليون ٿيون آهن. ڪيئي ڀيرا گهر ڀاتين کان اکيون چورائي وڃي ٽوٽيءَ تان مُنهن ڌوئي آيو آهيان. جڏهن هڪ پڙهندڙ جي اها محسوسات آهي، اهي جذبا آهن تڏهن هڪ لکڻ واي دل جي ڇا حالت ٿي هوندي!؟ انهي ادراڪ کي مان چڱي طرح سمجهي سگهان ٿو. ڇو ته مونکي خبر آهي ته تخليق ۽ سچي تخليق نيڻن جي نور کان وڌيڪ دل جو رت گهرندي آهي. جيڪو پنن تي ٽڙي ادب جي اڀ جي خوشبوءَ بنجي روحن کي تازگي بخشيندو آهي- اهڙو ئي پورهيو ڏيڻ تي سنڌ، سنڌ جو شعور، سنڌ جو سنجيده فڪري راهن جو واٽ مسافر وڻجارو توهان جو احسانمند ۽ ٿورائتو آهي.
مونکي اميد آهي ته جڏهن به ”گونگي تاريخ جي ڪٽهڙي ۾،
اڪثر لفظ به شاهد بڻبا. ”ته سنڌي قوم جو شعور توهان جي قلم جي ڪاميابين تي سراپا فخر بنجي ويندو، جو مون کي منهنجو وجدان اهڙي خاطري پيو ڪرائي،
آئون چاهيندس ته توهان جا سڀئي ڪتاب پڙهان. توڙي جو شاعر آهيان. پر الاءِ ڇو؟ پاڻ کي فڪشن، ڪهاڻين ۽ خاص ڪري ناولن جي دنيا ۾ وڃائي ويهندو آهيان. جتي ڪو وقت ڀٽڪندو ئي رهندو آهيان.

فقط توهان جو پنهنجو.

علي نواز ڏاهري.
سڪرنڊ
2019/10/26

هڪ گونگي جو اعتراف جرم (ناول: نيٺ گونگي ڳالهايو)

سنڌي ٻولي جي لاثاني ۽ لافاني ليکڪ امر جليل جي لکڻ جو انداز بيان نرالو ۽ ٻين سڀني ليکڪن کان منفرد آهي. هو گهڻو ڪري پنهنجي تخليقي ڪردار کان ڳالهرائڻ مهل ڊائلاگن کان ڪم وٺندو آهي، توڙي جو پڙهندڙن کي خبر نه پوندي آهي ته سندس ڪردارن جي گفتگو مهل چرپر ڪهڙي آهي؟ يا سندن جسم تي پاتل ڊريس ڪهڙي آهي؟ يا سندن ڪپڙن جو رنگ وغيره ڪهڙو آهي؟ ٻين لفظن ۾ سندس تحريرن ۾ احمد نديم قاسمي واري منظر نگاري نه هوندي آهي. پوءِ به مخصوص ڊائلاگن جي آڙ ۾ مزاح جو ويس ڍڪائي اهڙو ڪڙو ڪسارو ۽ آگرو سچ چئي ويندو آهي، جو سندس قلمي ڪاوشن کي سلام نه ڪرڻ کان رهي نه سگهبو آهي.
اها شايد سندس قلم جي سگهه ئي آهي، جو ويجهي ماضي ۾ ڀارت جي شهر ايوڌيا جي بابري مسجد جي شهادت جي آڙ وٺي جڏهن هتان جي جنوني مسلمانن طرفان پنهنجي آخري نبي (صلعم) جي امت سڏائيندي به سندس تعليم کي پٺي ڏئي، سنڌ جي سڀني شهرن ۾ قائم غير مسلمن جي مندرن کي ساڙي ۽ سندن ملڪيتن کي نقصان رسائي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي سر زمين تي هڪ دفعو وري مشهور عرب لٽيري محمد بن قاسم جي دور جي ياد تازي ڪئي وئي هئي.
ان وقت ڪنڌ ڪوٽ سنڌ جي انهن چند شهرن مان هڪ هو جيڪو اهڙي انسانيت دشمن عمل ۽ سازشي، سنڌ- دشمن جنونين جي شر کان محفوظ رهيو- ان جا ٻيا سبب ته ڪهڙا به هجن پر اسين ان کي امرجليل جي قلم جي سگهه ٿا تصور ڪريون. جو هن ”سرد لاش جو سفر“ جهڙي جذبن کي جنجهوڙيندڙ ڪهاڻي لکي ڪنڌ ڪوٽين جي ضمير تان مذهبي ڪٽرپڻي جا زنگ لاهي ڇڏيا. جو وري ٻيو دفعو سڄي سنڌ ۾ اهڙا قهري ڪلور ٿيا، مگر ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪو مندر ڪو نه سڙيو. ڪنهن ساوتري جو تقدس پائمال ڪو نه ٿيو. نه ڪنهن انڌرا جي مئل جسم سان گينگ ريپ ٿيو. نه ڪنهن معصوم پريتوءَ جي مئل زنا ٿيل جسم کي نعره تڪبير- الله اڪبر جا نعرا هڻي ٽنگن جي وچ مان مٺئي تائين خنجر وجهي، آنڊا ڪڍي اسلام جي خدمت ڪئي وئي.
ڪنهن ڪهاڻيڪار جي رڳو هڪ ڪهاڻي ئي ڪنهن شهر کي هڪ دفعو وڌيڪ مذهبي نفرتن جي آڙاهه جي تَوَ کان بچائي ٿي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي انسانيت جي خدمت ٿي سگهي ٿي، امر جليل جيڪڏهن رڳو هڪ ئي ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ لکي پنهنجي قلم کي هميشه لاءِ روڪي ڇڏي ها ته به سنڌي اديبن ۽ ادب دوستن وٽ سندس مان ۽ مرتبو ايترو ئي هجي ها جيترو هينئر، مگر امر جليل نه رڳو اها ڪهاڻي لکي خاموشي اختيار نه ڪئي، پر هڪ عوام ڏانهن جوابدار ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ هن ”منهنجو پٽ مهدي“، ”آدم جي ماءُ“، ”هڪ خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا“، ”گامون سچار جي پٽ جو انٽرويو“، ”سنڌي گدڙ ان اسلام آباد“ ۽ ”جڏهن مان نه هوندس“ اهڙيون سوين ڪهاڻيون لکي نه رڳو سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، مگر هن ثابت ڪيو آهي ته هو جنهن به مسئلي تي ۽ جڏهن به لکڻ به چاهي ته هڪ ڀرپور ۽ شاندار ڪهاڻي لکي سگهي ٿو، ڇو ته قلم سندس غلام آهي، جنهن کان جهڙي به ڪهاڻي لکائي وس وارو آهي.
ٽيليوزن تي ڊرامانگار جي حوالي سان مشهور هن اديب جي هر ڪهاڻي هر ڊرامون، هر ڊائلاگ هر ڪالم هر سٽ سنڌي عوام ۽ خصوصاً سندس پڙهندڙن جي دلين تي يادين جا حَسين نقش ڇڏي ويندو آهي، ان جو هڪ سبب اهو آهي ته هيءَ پنهنجي ڏات جو سوداگر نه ٿيو آهي. ٻيو ته هن ڪردار گهڻو ڪري عام ماڻهن مان چونڊيا آهن.
تازو ئي سندس هڪ نئون ناول ڇپيو آهي، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جئين نالي مان ئي پڌرو آهي ته گونگو ڳالهائيندو ناهي، زبان سندس وات ۾ موجود هوندي آهي، پوءِ به ڳالهائڻ سندس وس کان ٻاهر هوندو آهي. مگر امرجليل ٻڌائي ٿو ته پوليس جيڪڏهن چاهي ته نه رڳو گونگي کان ڳالهارائي سگهي ٿي پر ٻوڙي کان ٻڌرائي به سگهي ٿي ۽ انڌي کي به هي سموري رنگين دنيا ته نه پر ٽارچر سيل جا سڀئي حصا به ڏيکاري سگهي ٿي.
سنڌ جي هڪ ڏاهي محترم عبدالواحد آريسر جي لفظن ۾ ته ”اڄ جو دور ڊش اينٽينا جو دور آهي. جو ڌرتي جي هڪ ڪنڊ جزائر انڊ مان ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪاري جي پٺيءَ تي ڦٽڪو ٿو لڳي ته وائيٽ هائوس (آمريڪا) ۾ بحث ٿا ٿين ته انساني حقن جي خلاف ورزي ٿي ٿئي“ ان ساڳي ڊش اينٽينا جي دور ۾ امر جليل ٻڌائي ٿو ته ”هت نه رڳو انسان حقن جي کليل خلاف ورزي ٿئي ٿي. پر زياستي خفيه ايجنسيون توڙي پوليس سرعام انسانيت جي تذليل ۽ توهين ڪندي ٿي وتي. جاچ ۽ تفتيش جي نالي ۾ هو ڪنهن به گرفتار ڪيل جا لوهي پڪڙن سان ڇڪي ننهن به ڪڍي سگهن ٿا. ٽنگون، ٻانهون، پاسريون: ويندي هر عضوو به ڀڃي سگهن ٿا. بي پناهه تشدد کان پوءِ جيڪڏهن ڪو قيدي لاڪپ ۾ مري پوي ٿو ته ان لاءِ اهو مشهور ڪيو ويندو آهي، ته قيديءَ خودڪشي ڪري ڇڏي يا فرار ٿي ويو، انهن کي اها به اجازت هوندي آهي ته هو ڪنهن گلاب احمد کي گلاب چند ۽ ڪنهن جوڳيءَ کي تارا چند ظاهر ڪري کين ڪنهن ملڪ جو “ايجنٽ” قرار ڏئي ڇڏين، ڪنهن به بيڏوهي کي نه ڪيل ڏوهه جو قبولدار بنائڻ هنن جي پنهنجي لکيل قانون جو ڄڻ ته اهو فقرو هجي“ جيئن هن ناول ۾ لکيل هڪ ڪرادر کان چورائي ٿو ته:
”تون ڇا ٿو سمجهين! چارڻ ڪاوڙجي چيو، ”ڏوهه ثابت ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم آهي، هڪ دفعو پوليس کي ور چڙهي وئين ته لياقت علي خان وارو به خون به توتي مڙهي ڇڏيندا”
”مون کي خبر آهي. مون کي خبر آهي ته چاهين ته ابراهام لنڪن ۽ ڪينيڊي جي خون جي لزام ۾ ٻڌي آمريڪا روانو ڪري ڇڏين“ (صفحه 31-30)
پوليس کي مليل اختيارن متعلق اڳتي لکي ٿو ته:
هڪ پوليس واري جي لکيل ايف آءِ آر تي ملڪ جو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي چڙهي ويو هو.... ڪيئن!
”مان ذوالفقار علي ڀٽو ناهيان“ بيزار ٿيندي چيم ”مان هڪ عام رواجي انسان آهيان. پوليس، مون سان اهڙو برتاءُ ڇو ڪنديَ!“
چيائين پوليس جي لاڪبن ۽ جيلن ۾ بند سڀئي، ماڻهون ذوالفقار علي ڀٽو نه هوندا آهن. هوءِ تو وانگر عام رواجي انسان هوندا آهن. هو ڪارڪردگي وارن فائلن جو کاڄ ٿي ويندا آهن. (صفحو 39)
جن جو کاڄ ئي ماڻهو هجي. ۽ ڪم نامنهاد قانون جي پوئواري هجي ۽ تفتيش جي نالي ۾ انهن کي هر عذاب ۽ هر تعديءَ جي اجازت هجي ته انهن جا اندر توڙي ٻاهر، شڪليون توڙي روح وحشت پڻي جو نمونو هجڻ به فطري عمل هوندو آهي. بقول ليکڪ جي:
”مونکي پڪ ته ڪونهي، پر سمجهان ٿو ته پوري ايشيا کنڊ ۾ تفتيش جي نالي ۾ سڀ کان ڀوائتا ۽ روح فنا ڪندڙ عذاب اسان وٽ ئي ڏنا ويندا آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته سپاهين کان وٺي، اعلى عملدارن تائين پوليس وارن جون شڪليون ايترون قدر مڪروه ۽ ڀوائيتون نه هجن ها. (صفحو 31)
پوليس جي اهڙي ڪاردڪرگي اڄ تائين عوام توڙي هن معاشري کي ڇا ڏنو آهي؟ اهو هڪ سوال آهي جيڪو ڪنهن به عام ماڻهو جي ذهن ۾ جنم وٺي سگهي ٿو، پر هن ملڪ جي اصل ڪرتا ڌر تائن جي ذهن ۾ به اِن ۽ ان قسم جي ٻين سوالن ڪڏهن جنم ورتو آهي؟ جيڪڏهن اِن سوال کڻي سندس ذهنن ۾ جنم ورتو به هجي، ته کين ان جو جواب ڪڏهن ذهن جي ڪنهن ڪنڊ مان مليو آهي؟ ان جي مونکي خبر ناهي پر:
”مون اڪثر محسوس ڪيو آهي ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن وٽ ڌاڙيل ۽ ڏوهارين پيداڪرڻ جون فيڪٽريون آهن، هڪ دفعي لاءِ پوليس جي ور چڙهي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو ڌاڙيل يا ڏوهاري ٿي پوندو آهي يا وري ملڪ جو باغي ۽ غدار“ (صفحو99-100)

امر جليل اهو ناول اسلام آباد ۾ ويهي لکيو آهي اسلام آباد جيڪا مضبوط مرڪز جي حوالي سان مشهور ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي، اِن اسلام آباد لاءِ ليکڪ لکي ٿو ته :
”اسلام آباد ۾ مونکي اسلام ته نه مليو پر مون اسلام آباد ۾ ذالفقار علي ڀٽي جو زوال اکين سان ڏٺو- زوال وقت ذوالفقار علي ڀٽي جي هٿن ۾ اسلام جو جهنڊو هو ۽ جن سندس زوال آندو تن جي هٿن ۾ به اسلام جو جهنڊو هو.“ (صفحو 77)
ان اسلام آباد ۾ رهڻ ڪري هِن کي اُها به خبر آهي ته:
”فيصل آباد، ملتان، سيالڪوٽ، چنيوٽ، فتح جنگ، اهڙا علائقا آهن جتي روزانه ڌاڙا لڳندا آهن، خون ٿيندا آهن اغوا جون ورداتون ٿينديون آهن، پر انهن بابت اخبارن ۾ نه سرخيون شايع ٿينديون آهن، ۽ نه اهڙين خبرن کي اهميت ڏئي اخبار جي پهرين صفحي تي شايع ڪيو ويندو آهي.“
اسلام آباد ۾ سنڌ جا دهشت گرد ”اخبارن جي مستقل سُرخي ۽ وڏي خبر کڻي سنڌ جو ذڪر ائين ڪيو هئائون ڄڻ هند! دهشت گرد ڄڻ ته سنڌ جا نه بلڪه هند جا هئا، ۽ ملڪ جي سالميت يڪجهتي ۽ ڀائي چاري کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هئائون،“
”دهشتگردن جي سرغني کي پکيڙيائون يا اڃان روپوش آهي؟“ پاسي کان ويٺل شخص ٻيهر پڇيو مون اردو اخبار ڏانهنس وڌائي، هن اخبار موٽائيندي چيو ”مان پڙهيل ناهيان“ کانئس اخبار وٺندي”چيم ”دهشتگردن جي سرغني کي اڃان نه پڪڙيو اٿائون.“
ٻيو ڇا ٿي لکي اخبار؟“ هن پڇيو.
چيم ”چنيوٽ جي هڪ ڳوٺ ۾ زميندارن عورتن کي اگهاڙو ڪري جلوس ڪڍيو آهي“
”نه... نه...!“ هن هڪدم چيو اخبارن سنڌي دهشتگردن بابت ڇا لکيو آهي؟“ (صفحو 105-106)
اهو آهي اسلام آباد ۾ ويٺل غير سنڌين جي سنڌين کي سمجهڻ جو سياسي شعور، هو نه رڳو ڪنهن گونگي ۽ ڪنهن جوڳي جهڙي عام ماڻهو ۽ ڪنهن بربٽ صحرائي جهڙي مولائي شاعر کي دهشتگرد ٿا سمجهن ته اهي اسلام آباد کي تباهه ڪرڻ جي نيت سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيا آهن پر ملڪ جي هڪ اهم شخصيت جنهن جو واسطو سنڌسان آهي اِن لاءِ به اهڙا ئي جذبا رکن ٿا.“
وراڻيائين”مخالف ڌُر بينظير حڪومت تي بلڪ خود بينظير تي الزام مڙهيو آهي، ته هوءَ سنڌ جي دهشتگردن جي پشت پناهي ڪري رهي آهي، جنهن ۾ سندس مڙس آصف علي زرداري شامل آهي، ۽ اسلام آباد ۾ دهشگردن جي موجودگي اِن جو ثبوت آهي.“ (صفحو 198)
اسلام آباد جي رهواسين جو سنڌين کي دهشتگرد، ڌاڙيل، ملڪ دشمن، دشمن ملڪ جو ايجنٽ، غدار ۽ ملڪ دورهي سمجهڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، هو ته بنگالين کي به ملڪ دشمن، غدار، دشمن ملڪ جو ايجنٽ، دهشتگرد، ڌاڙيل محسوس ڪندا هئا، پر بنگالين جا سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلا ڪهڙا هئا، ان سان ڪنهن به مغربي پاڪستاني جي دلچسپي نه هئي، جئين هڪ بنگالي ڪردار کان اها سڄي حقيقت بيان ڪرائي وئي آهي، جو چوي ٿو ته:
”توهين مغربي پاڪستان وارا اسان بنگالين جي باري ۾ اِن کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿا ڄاڻو ته اسين بنگالي ملڪ ۾ ملت جا دشمن آهيون ۽ اسان نظريه پاڪستان کي دل سان قبول نه ڪيو آهي!، اسين هندستان جا ايجنٽ آهيون، اِن کان سواءِ اسان جي باري ۾ توهان مغربي پاڪستان وارن کي ڪهڙي معلومات آهي؟ توهان کي خبر آهي ته اسان جا سياسي مسئلا ڪهڙا آهن؟ اسان جا اقتصادي مسئلا ڪهڙا آهن؟ اسان جا معاشي مسئلا ڪهڙا آهن؟ بنگالي ٻولي ادب ۽ ثقافت جي باري ۾ توهان کي ڪيتري ڄاڻ آهي؟ ڌرتيءَ سان اسان جي رشتي جي باري ۾ توهان کي ڪهڙي خبر آهي؟ توهين وڏا جاهل ۽ بي خبر آهيو توهان کي پنهنجي جهالت جي وڏي قيمت ادا ڪرڻ پوندي.“ (صفحو 89)
نه رڳو اهو پر:
”مشرقي پاڪستان چوويهن سالن تائين پاڪستان جو حصو هو پر اڄ تائين موجوده پاڪستان جو ڪو به چڱو چوکو پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو مشرقي پاڪستان جي ٽن اديبن، ٽن شاعرن، ٽن مصورن، ٽن موسيقارن، ٽن صحافين، ۽ ٽن شهيدن جا نالا نه ٻڌائي سگهندو ” موجوده پاڪستان جي ڪنهن به ڪاليج ۽ ڪنهن به يونيورسٽي ۾ تاريخ جو ڪو به پروفيسر مشرقي پاڪستان جي تاريخ تي يقين سان ورلي ڏهه منٽ ڳالهائي سگهندو“ (صفحو 72-73)
پوءِ به دانهن اها ته بنگالين ملڪ کي پنهنجو وطن تسليم نه ڪيو هو. اڄ سنڌي قوم لاءِ به ساڳيا جذبا آهن- اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ هر سنڌيءَ تي دهشتگرد ۽ ڌاڙيل هئڻ جو شڪ ڪري خفيه ايجنسيون تحقيقات ڪنديون رهن ٿيون. پر آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو انهن کي باور ڪرائي ته سنڌي ڌاڙيل ناهن، دهشتگرد ناهن، هن ملڪ جا شريف شهري آهن. پر ڪير آهي، جيڪو خفيه ايجنسين کي ان ڳالهه جو يقين ڏياري ناول جو هيرو سوچي ٿو:
”نئين جمهوري دور ۾ سنڌ جا انيڪ نوجوان اسلام آباد ۾ اچي وزير ٿيا آهن. ڇو نه هنن سان ملجي- نوجوان آهن، جذبن سان ڀرپور آهن، منهنجي ڳالهه ٻڌندا، منهنجي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. علينواز شاهه، پرويز علي شاهه، مهرعلي شاهه، قائم علي شاهه، مولا علي شاهه، ۽ ان قسم جا انيڪ نوجوان شاهه منهنجا واقف ڪار هئا. ڳڙهي ياسين، سلطان ڪوٽ ۽ شڪار پور وارو آغا طارق واقف هو.“ (صفحو 105)
پر خفيه ايجنسين لاءِ ڪم ڪندڙ مگر ساڻس وفادار سندس گرل فرينڊس ٻڌائيس ٿي ته:
”مان نٿي سمجهان ته سنڌ جي ڪنهن ايم اين اي ۾ ايترو دم خم آهي جو خفيه ايجنسين جي معاملي ۾ دخل اندازي ڪري سگهي.
(صفحو 136)
نه رڳو سنڌي وزيرن ۽ ايم اين ايز جي اُها حالت آهي پر اسان جو بيوروڪريٽ دانشور (مراد ٺاٺارو جنهن جي علامت آهي).
”....... ان جي نگاهه اُفق تي ۽ قدم ترقيءَ جي ڏاڪي تي هو. ان ۾ ويچاري جو ڏوهه نه هو، کلڻو چرچائي، ٺوڙهو، مگر ٺاهوڪو، سنڌ مان ڪوچ ڪري جڏهن اسلام آباد آيو هو ته فقط ڇوٽي موٽي نوڪري ڪرڻ نه آيو هو- سنگتين ساٿين کي خبر هئي ته مراد ٺاٺارو اسلام آباد فتح ڪرڻ آيو هو، ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي هن ڪمال ذهانت سان اقتدار جي ايوانن ۾ پنهنجي ذهانيت جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا. نوڪري ۾ رکيو هئائونس ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾، پر وڌيڪ سرخرو ٿيو جنرل ضياءَ جي مارشل لا واري ڏهاڪي ۾- ضياءَ جي انيڪ صلاحڪارن مان ڪن کي پنهنجو مامون ڪن کي چاچو ڪن ڀاءُ ۽ ڪن کي ڀاڻيجو ڪري ڇڏيو هئائين، جنهن ڏينهن جنرل ضياءَ جو جهاز بهاولپور ۾ ڪِري تباهه ٿيو هو تنهن ڏينهن ٽيليوزن تي خبرون پڙهڻ واري اظهر لوڌيءَ کان وڌيڪ مراد ٺاٺاري کي روئندي ۽ هنجهون هاريندي ڏٺو ويو. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته ٺاٺارو جنرل ضياءَ جي پٽن اعجازالحق ۽ انوارالحق کان وڌيڪ رنو هو، سندس ذهانت جي انتها هئي، جو گهر جي جنهن ڪمري ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي تصوير رکي هيائين تنهن ڪمري ۾ جنرل ضياءَ جا صلاحڪار کانئس سنڌ جي باري ۾ معلومات هٿ ڪرڻ ايندا هئا. اصل ۾ جنرل ضياءَ جا صلاحڪار کيس سنڌ جي اڻ ٿانيئڪي صورتحال تي سونهون سمجهندا هئا- سنڌ ۾ سنڌي خوش ته مظبوط مرڪز ۾ اسان جو دانشور خيما کوڙي ويٺو آهي ۽ سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪري رهيو آهي- مرڪز ۾ مقبول ۽ سنڌ ۾ سرخرو! اهڙو آهي، اسان جو يار مراد ٺاٺارو.
بينظير ڀٽو اقتدار ۾ آئي ته اسان وارو يار ٺاٺارو سندس باڊي گارڊن ۾ وڃي شامل ٿيو، ان دور ۾ پرائيم منسٽر هائوس جي ٻاهران ڪمانڊوز کان سواءِ مراد ٺاٺارو به پابندي سان نظر ايندو هو- انهيءَ ڏينهن ۾ جن سڄڻن سياسي مشورن سان بينظير کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، هو مراد ٺاٺارو انهن ۾ سرفهرست هو.(صفحو 93- 92)
اڳتي لکي ٿو ته ”اسيمبيلي ميمبرن ۽ مرڪزي سيڪريٽرين کي انبن جا کوکا چيڪو، ڪينو، ماکيءَ جا شيشا، ڪڪڙ ۽ قوت باهه جا ڪيپسول، پڄائڻ ڄڻ ته سندس عادت هئي“ اهي آهن اسان جي قوم جي دانشورن جا ڪارناما.

هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڏاڍو اهم ۽ بحث جوڳو موضوع کڻيو آهي، ته سنڌ ۾ دهشتگردي جي شروعات ڪڏهن ٿي، هٿيارن جي ڊوڙ ڪڏهن شروع ٿي. پاڻ ٻڌائي ٿو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ روسي ڪيميونسٽن جي يلغار کان پوءِ افغانستان ۾ حالتون اهڙيون ڪيون ويون هيون جو سڌي توڙي اڻ سڌي طرح افغانستان جو هر شهري جنگ ۾ شامل ٿي ويو هو- جنگ جي ڪري کاڌي جي شين جي قلت ٿي ويئي لکي ٿو:
”جنگ سبب افغانستان ۾ بک ۽ بيماري منهن ڪڍيو هو، يورپ ۽ آمريڪا مان افغان مجاهدن کي وڙهڻ لاءِ جديد هٿيارن ملي رهيا هئا، روڪڙ ڏوڪڙ ۽ کاڌو خوراڪ نه ۽ جيڪڏهن کاڌو خوراڪ ڪٿان آيو پئي، ته اهو دٻن ۾ بند ۽ افغانين کي قبول نه هو، تنهن ڪري اضافي هٿيار وڪڻي هو هٿ آيل پئسن مان افغاني ٻارن لاءِ کاڌو خوراڪ ۽ دوائون خريد ڪري افغانستان ۾ پهچندا هئا. (صفحو 190)
افغانستان کي ملندڙ هٿيار گهڻو ڪري سنڌ موڪليا ويندا هئا- جيڪي خاص ڪري ڌاڙيل ۽ دهشتگرد وٺندا هئا.
”ڌاڙيلن کي ڇڏي سنڌين ورلي ڪي هٿيار ورتا آهن“(صفحو 191)
سمگل ٿيل هٿيار جون ٽرڪون روهڙي وٽ پهچنديون هيون ته اُتي ٻه ڌريون ٽرڪن سان ملنديون هيون- خيرپور وٽان ڌاڙيلن لاءِ هڪ ڌر هٿيار کڻي ويندي هئي“ ۽ سکر وٽان ٻي ڌر حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي شهري علائقن لاءِ هٿيار کڻي ويندي آهي. اهي به رات جي اونداهي ۾ نه پر ڏينهن ڏٺي جو ڇو ته پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارن جون اکيون پيٽ ۾ هونديون آهن. جڏهن سندس پيٽ ڀريل هوندو آهي تڏهن سندس اکيون بند هونديون آهن، هٿيارن جي اها سرعام سمگلنگ اسلام آباد ۾ رهندڙ پٺاڻن جي معرفت ٿيندي آهي پوءِ اهو پٺاڻ ڀاڄيون کڻندڙ ڊائيور هجي يا ڪنهن اسپتال جو ڊاڪٽر، پيشو ڪهڙو به هجي پر اهو ساڳيو ڪم پنهنجي قومي جوابداري سمجهي ڪندا آهن. اهي هٿيارن جا واپاري ظاهر ۾ وري انسانيت جا وڏا علمبردار نظر ايندا آهن. پر ڇا پنهنجي ٻارن لاءِ کاڌو ۽ دوائون حاصل ڪرڻ لاءِ هٿيار موڪلي دهشتگرديءَ جا ڄار پکيڙي، ٻين جا ٻار يتيم ڪرائڻ ۽ چوڌاري بارود جي بوءِ پکيڙي، ڪوس ۽ قتل عام ڪرائڻ انسانيت آهي؟ سوين سال اڳ ڪو شاعر تڏهن ته چئي ويو آهي ته:
”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو،“
هن ناول ۾ هڪ نفسياتي پهلو به شامل ڪيو ويو آهي ته:
”عورت بنيادي طرح ماءُ آهي، هوءَ هو مرد ۾ هڪ ٻار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.“ (صفحو 227)
اهو ئي سبب آهي جو افغان نرس سسٽر زيتون پنهنجي جان جي قرباني ڏئي به هڪ بينام رشتي واري هڪ سنڌي مرد کي بچائي اسپتال مان فرار ٿي ڪرائي. ته شالي جيڪا خفيه ادارن جي ايجنٽ آهي، ان جڏهن وفا جو قسم کاڌو تڏهن پنهنجي ٽنگ تي گولين جو برسٽ جهلي به هڪ ملڪ سان غداري واري الزام هيٺ آيل شخص کي نه رڳو موت جي منهن مان بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، مگر ان لاءِ هوءَ قانوني جنگ به لڙي ٿي. هنن ٻنهي ڪردارن کي پڙهي اهو ٿو محسوس ٿئي ته انگلستان جي قومي شاعر شيڪسپيئر جنهن چيو هو ته ”اي عورت تنهنجو ٻيو نالو بي وفائي آهي“ تنهن جو ڄڻ ڪڏهن ڪنهن عورت سان واسطو پيو ئي ڪونه هو.
منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته، امر جليل جو هي ناول نهايت ڀرپور ناول آهي، ۽ امر جليل نه رڳو هن ناول جي هر ڪردار سان نڀايو آهي مگر ڪنهن شاعر وانگر تشبيهن جو استعمال به ڏاڍو شاندار ڪيو آهي، هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”اسلام آباد ۾ اسلام اسان جو سنگتي ۽ پاڙيسري اهڙي نموني گم ٿي ويو آهي جئين سچ،“ (صفحو 14)
ٻئي هنڌ وري رات کي ماءُ جي هنج سان تشبيهه ڏيندي لکي ٿو ته:
”ڏينهن کي ڀلي شينهن سڏجي پر رات ماءُ جي هنج وانگر پناهه ڏيندي آهي“ (صفحو 56)
ليکڪ نه رڳو تشبيهن جو شاندار ۽ خوبصورت استعمال ڪيو آهي مگر ڪٿي ڪٿي ٽيڪنيڪل غلطيون به ڪري ويو آهي، جيڪي امر جليل جهڙي سگهاري ليکڪ کي نه ٿيون سونهن. لکي ٿو:
”سوچيم برپٽ صحرائي ٺيڪ آهي، ڇڙو ڇانڊ آهي، ۽ مٿان وري شاعر قسم جو ماڻهو آهي، روپوشي دوران سندس ڪلام پيو ٻڌندس.“ (صفحو 25)
وري اڳتي هلي ڇڙي ڇانڊ برپٽ صحرائي لاءِ اڳئين صفحي تي لکي ٿو ته:
”برپٽ صحرائي مولائي مڙس آهي اٺن ٻارن جو پيءُ آهي“ (صفحو 26)
وري ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته : ٻن ڪمرن واري ڪوارٽر برپٽ صحرائي پنهنجي هڪ عدد زال، اٺن ٻارن، پوڙهي ماءُ هڪ چرسي مامي، ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن سان رهندو آهي.“ (صفحو 26)
يعني اڳئين صفحي تي برپٽ صحرائي ڇڙهو ڇانڊ وري يڪدم اٺن ٻارن جو پيءُ ۽ ٻن سٽن کانپوءِ چين جي بري فوج جيڏي آڪهه- سندس ٻارن جو تعداد اتي ئي مڪمل ڪري ها تڏهن به ٺيڪ هو، پر اڳتي سندس ٻارن جو تعداد ٻارنهن تائين آندو اٿس. لکي ٿو ته:
باقي رهيو برپٽ صحرائي اسان جو باغي شاعر ستن پٽن ۽ پنجن نياڻن جو پيءُ. (صفحو 84)
اسان جو ليکڪ نه رڳو برپٽ صحرائي جي ٻارن جي باري ۾ تضاد جو شڪار ٿي ويو آهي، مگر ناول جي هيري لاءِ لکي ٿو ته:
”... مونکان ڇرڪ نڪري ويو دل چيو ته سامهون رکيل گلدان کڻي مٿي ۾ هڻانس، موسٽ ايڊيو ڪيٽيڊنگ مين آف قاضي محلا روهڙي شريف کان وار کڻائيندي ۽ ٻهاري پوچون ڪرائيندي ذليل ڪنهن جاءِ جي! سنڌ يونيورسٽي جي ڊگرين جو اهو قدر.“ (صفحو 49)
هتي ٻڌايو ويو ته ناول جو دربدر هيرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڊگري يافته آهي وري اڳتي هلي لکي هو ته:
”... اسان ٻنهي ساڳئي سال ڪراچي يونيورسٽي مان ايم اي ڪئي.“ (صفحو 89)
هاڻ هڪ ئي ماڻهو ڪنهن مهل سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڊگري يافته ڪنهن مهل ڪراچي يونيورسٽي جو ايم اي آهي، منهنجي خيال ۾ ليکڪ اهو ناول قسط وار لکيو آهي، ان ڪري اهڙيون فني غلطيون ڪري ويو آهي بحر حال انهن ٿورڙين غلطين هوندي به ناول پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ۽ اسان کي اميد آهي ته جئين ”سرد لاش جو سفر“ ڪهاڻي ڇپجڻ کان پوءِ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڪابه مذهبي رتو ڇاڻ نه ٿي آهي، تيئن هن ناول جي ڇپجڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪنهن گلاب گونگي ۽ ڪنهن چارڻ چرئي کي نه ماريو ويندو ڪنهن جوڳي کي تارا چند ظاهر ڪري دشمن جو ايجنٽ سمجهيو ويندو. اميد ته اسلام آباد وارا هن ناول ڇپجڻ کان پوءِ سنڌين کي ملڪ دشمن، غدار، دهشتگرد ۽ ڌاڙيل سمجهڻ بدران هن ملڪ جا شريف شهري ۽ پاڪستان جا باني ۽ قرارداد پاڪستان جا تخليقڪار سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا.
**

نوٽ: س ا س سڪرنڊ طرفان امر جليل جي ناول”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جي اڀياسي ويهڪ تي94/4/29 جي شام جو هي پيپر پڙهيو ويو. ۽ روزاني ”جاڳو“ ڪراچي جر خميس 23 فيبروري 1995ع واري اخبار ۾ ڇپيو.

مينهوڳيءَ ۾ مورَ جي رقص جهڙو ناول

مينهوڳيءَ ۾ مورَ جي رقص جهڙو ناول
منور سراج جو ناول: ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“

زندگي ڏک ۽ سک جي ماٿرين کي ملائڻ لاءِ وار کان سنهڙي ۽ تلوار کان تکي پلصراط تان ثابت قدميءِ سان گذري وڃڻ واري سهڻي سليقي واري ڏانءَ جو نان آهي، ڏک سکن جي سونهن ۽ ساڃاهه تڏهن ئي ثابت ٿيندا آهن، جڏهن انهن جو ڀوڳڻهار سورن مان سونهن جا رستا متعين ڪندڙ تخليقڪار به هجي ته ان جي فن جي تخليقي سگهه پنهنجي مڃتا جو معجزو رکندڙ به هجي.
پنهنجي فن ۾ اهڙو ئي ادراڪ رکندڙ رنگن خوشبوئن ۽ خوابن کي پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع بنائيندڙ مانوارو دوست منور سراج به آهي، جنهن ساڀيان جي سڀنن جي سونهن بنجندي اهو تياڳ به ماڻي روتو آهي، جيڪو
”ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ.“
جهڙيون ڀوڳنائون تخليق ڪندڙ به آهي ته، نازڪ نفيس ۽ حسين احساسن کي لفظن جي جادوءَ جو ڏان ڏيندڙ به آهي. جنهن جي قلم جي قط مان،
• خوابن جي سرحد (ڪهاڻيون)
• رنگن وکرڻ کان پوءِ (ڪهاڻيون)
• کاٻي اک جي خواب (ناول)
• خوابن جا رستا (ڪهاڻيون)
جهڙا شاهڪار به جنم وٺن ٿا، جنهن جي ڪهاڻين جا عنوان ئي رنگ، خوشبو ۽ خواب آهي. مثال طور:
• رنگن جي خوشبوءِ
• رنگن وکرڻ کان پوءِ.
• روشنيءَ جو دائرو.
• لاهيارڻ جي سپني ۾ گلاب ٽڙن ٿا.
• خوابن جا رستا.
• خوابن جي بائونڊري وال. وغيره وغيره
هو جڏهن قلم کڻي پنهنجي تخليقن جي وشال گلستان ۾ رنگن، خوشبوئن ۾ خوابن جا پوپٽ ٿو اڏاري ته ڪهاڻين جون ڪيئي ڪونجون قطارون ڪري هن ڏانهن اڏامي ٿيون اچن، ۽ ناول سندس نيڻن جي جوت ۾ جرڪي ڪتابن جي ڪائنات ۾ پنهنجو ڀاڱو بنجڻ لاءِ اڏامندا ايندا آهن. تڏهن هن کان بيساخته لکجي ويندو آهي ته: ”منهنجي لاءِ ڪيترا نظمن جا نيڻ منتظر آهن. جتي ڪٿي هر جاءِ....“ پوءِ هيءُ پنهنجي عشق کي آرٽ جا ڪيئي نفيس، خوبصورت ۽ منفرد ويس ڍڪائيندي، دنيا ومافي ها جي هُلَ بگيڙن ۽ جڳ جي جهيڙن کان، ڪنهن صوفي لاڪوفيءَ جيان ڪناره ڪش ٿي پنهنجي عشق، ادب ۽ آرٽ ۾ پاڻ کي وڃائي ٿو ويهي.
هن جي انهيءَ ادا تي موهجي فطرت به ڄڻ ته هن لاءِ ٻهه ٻهه ٻاجهه بنجي ٿي وڃي، جو دنيا جون ساريون حسنا ڪيون هن جي نيڻن ۾ ٽڪي ٿيون پون ۽ ان گهڙيءَ هيءَ پنهنجي وجود کي خوشبوءَ جي آبشار هيٺان ٿو محسوس ڪري، ائين هن تي ڪائنات جا عجيب اسرار کلي ٿا پون. جيئن محل ۽ ماڙيون ڇڏي گهاٽي جهنگل جي هڪ پپر جي وڻ هيٺ ڪنهن زماني ۾ ڪپل وستوءَ جي شهزادي سڌارٿ تي کلي پيا هئا. اهو ڪيڏو نه خوبصورت تجربو هوندو آهي، جيڪو فطرت منور تي منڪشف ڪندي آهي، جنهن جو اعتراف ڪندي منور لکي ٿو ته ”اهو ڪيڏو نه حسين تجربو آهي جو ماڻهو دنيا کي پنهنجي نظمن جي نيڻن سان ڏسي!! ڪهاڻيءَ جي اکين سان ڏسي!!! ان طرح دنيا ڪيتري نه الڳ ۽ منفرد نظر ٿي اچي.“
۽ مان رشڪ ٿو ڪريان ته ڪيڏا نه خوشنصيب آهن اهي شخص جن تي فطرت پيار جي پلر جي پالوٽ ٿي برسندي آهي، جن جا نيڻ سنگتراش جا سپنا بنجي پوندا آهن، جن لاءِ بهارون با معنيٰ بنجي پونديون آهن. جن تي فطرت جو هر منظر باوضو بنجي تقدس جي تازگيءَ سان تخليقڪار جي من- ڪائنات تي انڊلٺ ٿي اڀرندو آهي، جيڪي جيون جي جدوجهد جا حسين پل حاصل ڪري ٿا وٺن. جن ۾ وٺي کان پوءِ چيڪي مٽيءَ جي مهڪ کٿوريءَ جي خوشبوءَ بنجي پوندي آهي. اهي پل جن ۾ مور جي رقص جا مڙئي منظر سمايل هوندا آهن. هر پل موتئي ۽ نازبوءَ جي مهڪ جو وڻندڙ احساس کڻي ايندو آهي.
هونئن به شاعرن، ڪهاڻيڪارن، عاشقن، مصورن، موسيقارن، سنگتراشن، رقاصن ۽ فلسفين جي من تي جيڪي گهاوَ رسندا آهن. تن مان ڳاڙها گلابي ڦول ڦٽي پوندا آهن جن جي مهڪ خلقِ خدا کي انهن جو ديوانو بنائي ڇڏيندي آهي.
هي ناول منور جي دل تي رسيل گهاءَ مان ڦٽي پيل گلاب جي خوشبوءَ جو خمار ناهي ته ٻيو ڇاهي! اهڙو ئي زخم هر ڪنهن تخليقڪار جي من اندر ڪنهن نئين ”ٺوڪر“ جي انتظار ۾ پيو جهڄندو ۽ جهرندو آهي. منور هن ناول جو سرمد آهي، لکي ٿو ته ”شايد وجود ۾ زخم اڳواٽ ئي موجود هوندا آهن، بس رڳو ٺوڪر جي دير هوندي آهي.“ اهڙي ٺوڪر جيڪا ههڙو نيڻن کي کيرو ڪندڙ نئين صراحيءَ ۾ پيل پراڻي مڌ جهڙو ناول لکائڻ جو ساهس رکندڙ هجي، هر ڪنهن جي ڀاڳ جي ڀاڱي ۾ نه ڪا نه ٿي اچي. ان ٺوڪر جي نتيجو رڳو جلي پنهنجو وجود وڃائڻ به بي معنى عمل ٿو بنجي، پر بامعنى عمل تڏهن ٿيندو جڏهن جلي ڪندن يا نج پج صاف سونُ بنجڻ جو ادراڪ حاصل هجي. اهو ادراڪ به ان کي حاصل ٿيندو آهي جيڪو آرٽسٽ هجي، ڀوڳنائن جي ڀينٽ چڙهڻ جو فن فقط آرٽسٽ ئي ڄاڻندا آهن. منور هڪ آرٽسٽ آهي، اهڙو آرٽسٽ جنهن جي وضاحت ڪندي پاڻ ئي لکي ٿو ته ”شايد آرٽسٽ پيغمبرن جو پرتوو آهن، جن تي قدرت مهربان ٿيندي آهي، ته اهي اشاري سان ٽاڪ منجهند کي ٿڌڙي شام ۾، رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات ۾ بدلائي سگهندا آهن. بنا ڪنارن جي ندي وهائي سگهندا آهن. خشڪيءَ تي ڪاغذن جون ٻيڙيون تاري سگهندا آهن. پاڻي تي پير رکائي مسافرن کي درياهه اڪاري سگهندا آهن، عورت کي ديويءَ ۾ بدلائي سگهندا آهن، خوابن کي اکيون ۽ اکين کي آسمان جو تحفو ڏئي سگهندا آهن. صحرا کي باغ ۾ بدلائي سگهندا آهن. انهن سان وڻ ٽڻ، نديون، واهه، جبل سمنڊ، لهرون، گل، ٻوٽا، چنڊ تارا، جهرڻا مينهن ڪڪر، رنگ، انڊلٺ ۽ پريون ڳالهائينديون آهن. رستي سان گذرندا آهن ته فطرت انهن جي احترام ۾ اٿي بيهندي آهي.“
اهي لفظ پڙهندي ئي منهنجو من گهوماٽي کائي ٿو وڃي. مون کي لڳي ٿو ته منور هزارين سال اڳ سنڌؤَ جي ڪنارن تي رگويد چيندڙ ڪنهن ڪويءَ جو ڪو نئون جنم آهي، جيڪو هزارين سال گذرڻ ڪري شايد وساري ويٺو آهي ته هن کي شاعريءَ جي بدران ناول /ڪهاڻيون لکي ديس جي دردن کي زبان ڏيڻي آهي، يا ته هن جي شعوري ڪوشش آهي ته رگويد رچيندڙ ڪوين کي هاڻي جڏهن به نئون جنم ملندو ته اُهي پنهنجي دل جي ڳالهه، پنهنجي ماڻهن جي من جي ڳالهه، پنهنجي ديس ۽ ديس وارن جي دکن دردن جي ڳالهه کي عوام الناس تائين پهچائڻ ۽ انهن جي شعور ۾ مزاحمت جي جوت کي جلا بخشڻ لاءِ هاڻ انهن کي ڪهاڻيون ۽ ناول ئي لکڻا پوندا، ڇو ته انهن کي خبر پئجي ويئي آهي ته هاڻ شاعريءَ جا تمغا اهڙن شاعرن جي سينن جي سجاوٽ ٿي پيا آهن. جن کي شاعريءَ جي ”ش“ جي ئي خبر نه هوندي آهي. نه ته منور کان وڏو شاعر ته ڪو مشڪل ئي هجي- وڏو شاعر هجڻ لاءِ شاعريءَ جا گهڻا ۽ ٿلها ڪتاب لکي مقدار وڌائڻ جو مطلب ناهي پر معيار جو اتاهون هجڻ ئي ڪوتا جي اڏام لاءِ شرط هوندو آهي. جنهن فن جو ڪمال به منور خوب ڄاڻي ٿو، ڇو ته هن کي خبر آهي ته ”دنيا ۾ ڪيئي اهڙا ماڻهو آهن جن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو شعر نه لکيو آهي پر اهي هوندا شاعر آهن، کوڙ اهڙا ماڻهو به آهن جن زندگيءَ ۾ شايد هڪ به ڪهاڻي ناهي لکي هوندي پر اهي هوندا قصاگو آهن.“
ائين هيءُ ناول لکندي لکندي ڄڻ ته پنهنجي چئن سالن جي ڪٿا شاعريءَ ۾ لکي ويٺو آهي، مونکي لڳندو آهي ته هن جي هر دي ۾ هڪ ڪامياب شاعر ڇُپيل آهي، جنهن اڃان شاعر طور سڃاڻپ لاءِ ڪڏهن سوچيو ئي ناهي پر جڏهن اهڙي سوچ رکي هن جي حسين ڪنواري خيال ڪوتا جي ڪنوار سان لائون لهڻ جو ارادو ڪيو ته سنڌ کي هڪڙو اهڙو البيلو شاعر ملي پوندو، جنهن جي شاعري لاءِ سنڌ جي خلائن انتظار جا الاءِ ته ڪيترا سپنا سانڍي رکيا آهن .

مثال طور: ناول لکندي جڏهن جي قلم مان بي ساخته هي سٽون ٿيون سرجي نڪرن ته ڪير چوندو ته هي لازوال شاهڪار نظم ناهي؛ مون کي نٿو لڳي. ته ڪنهن فل ٽائم شاعر به هن جهڙيون خوبصورت تشبيهون ۽ فطرتي حسن سان ڀرپور استعارا استعمال ڪندي ڪو هن جهڙو نظم لکيو هجي ته:

”جڏهن کان تون منهنجي محبوبه ٿي آهين،
ڪيڏي نه ٻدلجي وئي آهين!
تنهنجو چهرو اڳ کان وڌيڪ حسين ٿي ويو آهي،
اکيون گهريون ٿي ويون اٿئي،
ڄڻ ته خواب ۾ خدا ڏٺو اٿئي.
تنهنجي خاموشي به خوشگوار ٿي وئي آهي.
آسمان تنهنجي قدمن ۾ وڇائجي ويو آهي.
ڌرتي مخروطي آڱرين تي رقص ڪرڻ لڳي اٿئي،
تنهنجي وارن جي واس تي پوپٽ رستا وڃائي ويٺا آهن.
ستارا تنهنجيءَ پوتيءَ ۾ سمهڻ،
۽ راتيون تنهنجي راهه ۾ جاڳڻ لڳيون آهن.
تون ڪيڏي نه بدلجي وئي آهين!
جڏهن کان منهنجي محبوبا ٿي آهين!“
۽ هيءُ معصومانه مزاحمت جي رنگ ۾ رڱيل نظم، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته منور جي مزاحمت به ڪيڏي نه معصومانه، نفيس ۽ سادگيءَ تي ٻڌل آهي. لکي ٿو ته:
ڏيانس ٻه ٽي،
گاريون پٽي،
نانگ کي
۽ نوڙيءَ کي.
ڏائڻ پوڙهيءَ کي،
انڌي گهوڙيءَ کي.
باقي ڇا؟
آڱوٺو پٽي،
هڻانس ڪوڏر،
ڇڏيانس لٽي،
ڌوڙ ڇٽي،
گهوڙيانس ڀونڊو،
ڀر مان مٽي
ڀاڳ کٽي،
ڇڏيانس سٽي،
واڻ وٽي،
ڏيانس ٻه ٽي،
گاريون پٽي“
۽ منور جو هي مٿيون مزاحمتي نظم پڙهندي اسان کي وقت جي چڙٻٽ ڪٽنب جي فردن جي چٽي تصوير سامهون نٿي اچي ڇا....!؟ جن جي آشيرواد سان هڪ يونيورسٽيءَ جهڙي مقدس اداري تي PhD هولڊر معزز ۽ معتبر پروفيسرن ۽ منهنجي ديس جي مورن، ڪونجن ۽ هنجن جهڙن معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين مٿان ابن زياد جهڙي طبيعت رکندڙ اڌ پڙهيل ڪراڙي چمڙي کي وائيس چانسلر ڪري ٿاڦيو ويو هو. نه رڳو اِهو پر ان کي اڻ لکيو اجازت نامون به ڏنو ويو هو ته ڪاري ۽ ڪمري جامالڪ اسين آهيون، يونيورسٽي تنهنجي پيءُ جي جاگير آهي. وڃي ڀيل- حالانڪه چٻرن ۽ چمڙن لاءِ مقامن/ مساڻن کان وڌيڪ ٻي بهتر جاءِ هوندي ئي ناهي ۽ مونکي سنڌ جي خوبصورت شاعر عبدالحڪيم “ارشد” جون سٽون ٿيون ياد اچن ته:
تون چر ٻٽ نگري ناهه ٻڌي،
جت ڏاڍو ٿيندو گابو آ،
هن شهر جو راجا راڄ ڌڻي.
ان چرٻٽ جو ڀي بابو آ.
۽ ان چرٻٽ جي بابي ۽ ان کي پيدا ڪندڙ قوتن چوڌاري چمڙا ٿاڦي سارو ماحول ئي مساڻن سمان بنائي ڇڏيو آهي، ۽ منور لکي ٿو ته
“هي چمڙا رڳو هتي ٿورو ئي آهن، جتي ڪٿي هر هنڌ آهن. ساڄي کاٻي، اتر اولهه، هيٺ مٿي، سامهون پوئتي، هر عمارت ۾، هر اداري جي هر ڪمري ۾، درن ۾، درين ۾، دالان ۾، ڪاريڊور ۾، بينچن ۽ ڊيسڪن جي هيٺيان... ڪير به انهن کان بچي نٿو سگهي، هڪڙا مرن ٿا ٻيا ڄمن ٿا. ايترا مرن نٿا جيترا ڄمن ٿا... انهن کي نرسريءَ ۾ پاليو ٿو وڃي- ٽريننگ ڪرائي ٿي وڃي. انهن جو چڪ ڏاڍو خطرناڪ آ.... اهي ڪنهن کي به، ڪٿي به، اوچتو اڏامي چڪ پائي سگهن ٿا، اهي ڪنهن کي چڪ پائيندا آهن ته جيستائين ڪارو گڏهه هينگ نه ڪندو آهي تيستائين چڪ نه ڪڍندا آهن.... جيستائين ڪارو گڏهه هينگ ڪري ايستائين اهي پنهنجا جراثيم ماڻهوءَ جي رت ۾ منتقل ڪري چڪا هوندا آهن. ماڻهو چريو ٿي ويندو آهي، يا مري ويندو..... يا انهن جهڙو ٿي ويندو آ...“
۽ يونيورسٽيءَ جهڙي مقدس اداري تي ٿاڦيل صاحب وڏو منور جي نظم ۾ آيل انهيءَ ڏائڻ پوڙهيءَ ۽ انڌي گهوڙيءَ جو پاليل اهڙو چاپلوس چمڙو هو جنهن جي فطرت نانگ واري رهندي پئي رهي آهي، ،۽ منور لکي ٿو ... ”هي اهو نانگ آهي، جيڪو پنهنجا ٻچاکائيندو آ....“
انهي چمڙي جي انهيءَ کان وڏي ٻي ڪهڙي سنڌ دشمني ٿيندي، ۽ اتان ڪهڙا شعور جا گلاب ڦٽي سڄو جڳ سرهائيندا جتي لطيف سائين جي آيتن تي پابنديءَ جا پينڍ مڙهي ڪفر ڪمائڻ جي ريت رهندي هوندي....!
” مان توهان کي هدايت ٿو ڪريان ته هتي، معاف ڪجو شعر و شاعريءَ جو ماحول نه ٺاهجو....“
” جي مان سمجهي نه سگهيس ....سر!“
”منهنجو مطلب ان شام توهان ڪو بيت وغيره پڙهيو هو. پڙهيو هو؟؟“
”ها ڀٽائي صاحب جو....“
ها ڪنهن جو به... پر ان جي، منهنجو مطلب شاعري ٻاعريءَ جي هتي اجازت ناهي... ماحول به ناهي... وڏو صاحب انهن ڪمن تي ناراض ٿو ٿئي، توهان محتاط رهجو.... نوان آيا آهيو، هتي ٻيو ماحول آ، اسان جي عزت جو خيال ڪجو.“
”پر سر، ڀٽائي جي بيت مان ڪنهن ڪهڙي تڪليف ٿي پهچي!“
”ڳالهه ڀٽائيءَ جي ناهي سرمد! ڳالهه شاعري جي آهي شاعريءَ وارو هتي ماحول پيدا ناهي ڪرڻو وڏو صاحب اهڙو ماحول پسند نٿو ڪري.“
ڀٽائي صاحب ته ڇا پر مورڳو شاعريءَ کان ئي ڇرڪندڙ انهيءَ وحشي وڏي صاحب جا پنهنجا ڪرتوت وري ڪهڙا هئا....!؟ پنهنجي ڌيئرن جيڏين معصوم شاگردياڻين ۾ غلط نظرون وجهندڙ جنسي بکئي بگهڙ جي تصوير منور جو قلم هنن لفطن سان ٿو عيان ڪري.
” ..... چڱو مڙس مختلف بهانن سان اڪثر پاڻ واري ڪلاس ۾ ڇو ايندو آ، ۽ ڀرسان گذرڻ مهل چورن وانگر درين مان بيهي بيهي ڏسندو آ! بظاهر ته هُو اهو ظاهر ڪندو آ، ته استادن ۽ شاگردن تي نظر پيو رکي پر اصل ۾ هو پنهنجي ڪلاسن واري سهڻي ڇوڪري ناديه امام لاءِ ايندو آهي.“
نه رڳو اهو پر هن جي ڪرتوتن کي وائکو ڪندي منور جي قلم جو جهاد جاري ٿو رهي ۽ هو اهڙن الاءِ ته ڪيترن واقعن مان هڪڙو واقعو ٿو لکي ته؛
”ان ڏينهن کان پوءِ نمرتا وري ڪيمپس ۾ نظر نه آئي آهي... ڏيڍ ٻه مهينا ٿي ويا آهن.... پر ڇو... يار ان شام مون کيس وڏي صاحب جي آفيس مان زور سان دروازو بند ڪري تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪرندي ڏٺو هو... وار وکريل.... اکين ۾ ڊپ ۽ ڪاوڙ جا گڏيل ڀاوَ.... بيوسي.... لاچاري... هي ڇوڪريون ڳالهه ڪن، ته به خوار نه ڪن ته به پريشان... بگهڙن جي وات ۾... مٽ مائٽ... عزيز... خواريءَ جو ڊپ ... پڙهائي بند ٿيڻ جو خدشو... وڃن ته وڃن ڪاڏي.... ننڍو شهر.... ننڍا ماڻهو ..... وڏي خواري... وڏي ذلت.... وڏا وات.... وڏيون وايون ڇوڪريءَ وٽ عزت کان سواءِ آهي به ڇا؟ ... جي اُها به کسجي وڃيس ته پوءِ ڇا بچيس....۽ هي ڪميڻو ۽ هن جهڙا ٻيا سوين هزارين ڪميڻا ان مجبوريءَ جو فائدو وٺن ٿا....
جتي ڪٿي.... رڳو هٿي ٿورئي... هر هنڌ..... اها آهي اڄ دور جي هڪ يونيورسٽي ۽ ان جي چمڙي وائيس چانسلر جي ڏينهن جي تاريخي ڪٿا. تاريخ جيڪا پنهنجي ايمانداريءَ سان سڀني واقعن کي ننگو ڪري لکڻ لاءِ ڪنهن باضمير قلم ڪار جي ڳولا ۾ هئي، جنهن يونيورسٽي جي ماحول کي ڏسندي هڪ ئي پٺاڻ شاگرد کي به چوڻو پئجي ويو ته:
”غضب خدا کا یونیورسٹی ہے یا مولا نا ڈیزل کا مدرسہ“
ته اهڙي ماحول ۾ تاريخ جي ڳولا ثاب پئي ۽ قلم سان عشق ڪندڙ ۽ عشق کي عبادت سمجهندڙ نوجوان ليجنڊ فڪشن رائيٽر محترم منور سراج کي قدرت آڻي، چئن سالن لاءِ اهڙو موقعو فراهم ڪيو جو بنا ڪنهن ڪوڙ يا وڌاءُ جي تاريخ پاران مليل جوابداري” تي پورو لٿو آهي، لکي ٿو ته ”عشق ۽ عبادت ۾ ٺڳي ۽ ڪوڙ هلي نه سگهندو آهي....“
هي ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ جنهن کي پڙهندي ماڻهو مزاحمت جي موهه ۾ مست قلندر ٿي اناالحق الائي ٿو وجهي ته ٻئي طرف وري پڙهندڙ پاڻ کي خوشبوءَ جي تلاءُ ۾ تڙڳندو ٿو محسوس ڪري. مينهوڳيءَ ۾ مور جي رقص جهڙو هي ناول پڙهندي پڙهندي پڙهندڙ پاڻ کي مور جي رقص ۾ تبديل ٿو محسوس ڪري، ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ نالي هي ناول وقت جي فرعون جي خلاف مزاحمت جي وڏي رڙ آهي، جئين هر موسى کي فرعون جي محلات ۾ پرورش پائڻي پوندي آهي، بلڪل ائين هن ناول جو رائيٽر به هن دور جي سياسي خدائن پاران فرعون کي تحفي طور مليل يونيورسٽيءَ ۾ چار سال نه رڳو ڊگري وٺندي پالنا پائيندو رهيو آهي، جو لکي ٿو ته ”مان قلم جي عصا سميت سندس گهر ۾ ڄاول موسى آهيان، ۽ هو منهنجي ديس جو نئون فرعون آهي.... جنهن جي پريشانيءَ تي ذلت جو ڪارو داغ آهي!!“
۽ مان محبوب جي ياد جي بارگاهه ۾ سڪ جو سجدو ڪري جڏهن سلام ٿو ورايان ته مون تي يقين جون ٿڌڙيون هوائون گهلڻ ٿيون لڳن ته منور جو قلم معصوم ابابيل بنجي درسگاهه جي ڪعبي تي ڪاهي آيل اڄ جي سياسي ابراهه جي لشڪر تي لفظن، جملن ۽ احساسن جي ڪنڪرين جي ڀرپور بارش وسائي هن جي هڙني بدمست هاٿين کي سندن سوارن سميت سخت زخمي ڪري بر منهن ڏئي ڀڄڻ تي ضرور مجبور ڪندو.
**

هي مضمون س. ا. س سڪرنڊ پاران هن ناول جي ”اڀياسي ويهڪ“ ۾ پڙهيو ويو ۽ هي مضمون ”نئون نياپو“ رسالي جي ”منور سراج نمبر“ ۾ شايع ٿيو.

”آواز اندر جو“ هوندو آ، (سائين ارشد جو ڪتاب ”آواز آ اندر جو“)

سنڌي ادب ۾ هن وقت جيڪي چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پربت پهاڙ جيڏا قداور باڪردار، باڪمال ۽ عشق وطن ۾ مست الست نانءُ بچيا آهن، جن جو معصوم وجود موجوده ادب لاءِ ”شفقت جو ڇانورو“ بڻيل آهي، تن ۾ هڪڙو نانءُ سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جو به آهي. اهو سائين ”ارشد“ جيڪو پنهنجي انهيءَ ڪردار جي حوالي سان، پنهنجي لاءِ چوي ٿو ته:
ڳجهه ئي ڳجهه ۾ روح رهاڻ،
ٻاهر ”ارشد“ چپ. چپاتِ.
*
”ارشد“ ڏاڍو ارڏو هو،
عشق بنايس نيٺ فقير.
*
”ارشد“ وٽ آ ڳالهه ڳجهي،
ويهه ته کوليان، مخفي مام.

اهڙي طرح سائين ارشد ادب جي اڀ جو اهو ”وهاڻو تارو“ آهي جنهن جي ڏات جي روشني صدين تائين سنڌ جي آڪاش هيٺ سرت ۽ ساڃاهه جا دڳ متعين ڪندي رهندي.
هو انائن کان ڪوهين ڏور گهاريندڙ، ڀٽائي جي سر رامڪليءَ جو اهڙو ڪو ڪردار آهي، جنهن جا پارپتا لطيف سائين اجهو هئين ڏنا آهن ته:
نِڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري،
سائين ارشد پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي معصوم، ماٺيڻو، محبتون ورڇيندڙ ۽ دل جو سخي شخص آهي جيڪو پاڻ کان پوءِ ايندڙ هر تخليقڪار کي دل کولي داد ڏيڻ ۾ ڪڏهن به ڪنجوسي نه ڪندو آهي، توڙي جو اهو ڄاڻندو به ناهي ته انهي سُرَ جي ساز جو سرجڻهار به هو پاڻ ئي آهي.
شاعريءَ جي ميدان ۾ گجگوڙ مچائيندڙ، لفظن جي هن جادوگر پنهنجي زندگيءَ ۾ هونئن ته کوڙ ۽ ڀرپور، عشق پئي ڪيا هوندا، جو پاڻ ئي لکي ٿو ته:
جيرا، بڪيون سيخ ڪباب!
عشق جلائي عشق عذاب!
*
عشق جواني سونهن حجاب،
عشق اسانجو آ بيتاب.

ائين ڪيئي مجازن جون موملون هن جي رڳن ۾ رچي لڇيون ۽ تڙپيون هونديون، جن جا نيڻ هن جي سرهي سارَ ۾ پرهه کان پوءِ تائين به ڏيئا ٿي ٻريا هوندا. ۽ هنن جي اندر جي آتما اوڇنگار کان اڳ ۾ ئي، جيءَ جهونگاريو هوندو ته:
رائو رات نه آئيو، ويل ٽري ويئي
۽ جن جي روح جو راڻو بنجي هن ڪيئي ڪاڪ محلن جي پر پيچ ۽ پر خطر سوڙهين ڳلين ۾ پنهنجي سپنن جا گلاب پوکيندي، پنهنجي جيءَ جي جوڳ کي پچايو هوندو.
لڳو نينهن جن کي، ننڍون ڪيئن ڪن؟
رئن رات ساري، ۽ جيءَ ۾ جهرن.
*
متان عشق جو نانءُ ”ارشد“ وٺين،
هتي هر قدم ٿي ٿا ٽانڊا ٻرن.
*
محبت جي راهن ۾ ٽانڊا ٽڙيل،
قدم پوءِ به اڳتي وڌائي ڇڏيو.

ائين نينهن نڀائيندي هن ڪڏهن به سرجو سانگو نه ڪيو آهي، ۽ هن عشق جي ساک قائم رکڻ جي ڀرپور ڪوشش پئي ڪئي آهي.
اسان عشق جي ساک قائم رکي،
اسان سونهن تي سر ڪٽائي ڇڏيو.

پوءِ به سندس ٻه عشق لڪي نه لڪيا. ڇوته سندس چت کي چريو ڪندڙ ٻن ماهه جبين محبوبائن کان پاڻ به ڀلي ڀت واقف آهيون. پاڻ کي اها به خبر آهي ته سندس انهن ٻنهي محبوبائن هن جي پاڪ ۽ پوتئر محبت کي به جيئن جو تئين پئي قبول ڪيو آهي.
هي عجيب قسم جو عاشق زهر پيِاڪ آهي، جيڪو انهن ٻنهي محبوبائن مان هڪ کي ٻيءَ محبوبا تي فوقيت ڏيندو رهيو آهي، هن جي هڪ نخريلي محبوبا جو ناءُ آهي ”شاعري“ ۽ ان تي جنهن ٻي محبوبا کي فوقيت ڏيندو رهيو آهي، سا سندس سپنن جي سندر ماهه لقا آهي ”سنڌ“ ۽ هيءُ ان جي عشق ۾ ”فنافي السنڌ“ بڻيل آهي.
اسان سنڌ کي جو سنيهو ڏنو.
زماني جو آواز بنجي ويو،

۽ سنڌ جو جيڪو عالمي فڪري پيغام آهي. هن جي عمر ان فڪر جي پيغام جي پرچار ۾ گذري آهي.

دل ٿي چئي هاڻ ”ارشد“، سنڌ جون ڳالهيون ڪجن،
درد دل جو ونڊجي، ڦٽ اندر جا کولجن.
*
سنڌ توسان نينهن جو، ناتو اڃان ناهي ٽٽو،
جيستائين ساهه ”ارشد“ پاڙيو واعدو وچن.
*
بائيبل کان وٺي ايراني بابي تحريڪ تائين، موسى کان مارڪس تائين، سقراط کان سرمد ۽ منصور تائين محمد صلعم کان وٺي مودودي ۽ پرويزيءَ تائين امراءُ القيس کان وٺي خيام، رومي جامي، ۽ سعدي تائين ۽ ڪبير کان ٽئگور تائين ۽ ٽئگور کان پير اعجاز تائين اهي ڪهڙا فڪري چشما هئا، جتان هن ٻه چار ڍڪ پي اندر جي اڄ اجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، پر پوءِ به:
تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيئان نه ڍاپان.
جيان هن جي من جي اڃ ويتر وڌندي رهي، ۽ پوءِ هو پنهنجي من جي وشال صحرا ۾ ڀٽڪندڙ ڪوئي جبروتي جوڳيئڙو بڻجي ٿو پوي، جنهن جي من جي پولار مان هر وقت ڪائي صدا ايندي ٿي رهي ته
”اندر اوهان ريءَ اچو ڙي اچو....“
نيٺ زندگيءَ جي ٽاڪ مجهند جي ٽاڻي ۾ هن جي اڃايل ۽ بيقرار روح کي کير ٿر جي پهاڙي اوٽ ۾ سنڌوءَ جي ڪنڌي تي سن شهر ۾ هڪڙي ٻڍڙي صوفي لاڪوفي جي صورت ۾ هڪڙو چشمو ملي ويو- جتان هي جئين جئين پيئندو ويو- تيئن تيئن هن تي نينهن جا نشا چڙهندا ويا. هي انهيءَ کيپ ۾ خمارجي لطيف سائين جي هن شعر جو تفسير بڻجي ويو ته:
پي پيالو عشق جو، سڀ ڪي سمجهيو سون،
مڌ پيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو.

۽ سائين ارشد لطيف سائين جي انهيءَ مڌ جي حوالي سان لکيو ته
شاهه جي مٽ مان ”ارشد“ پيءُ.
توتي کلندا ڪيئي اسرار،
*
شاهه جي مٽ مان پيتو سين،
جرڪي جندڙي مهڪيو من.
*
شاهه جي بيتن ۾ اسرار،
کول رسالو ”ارشد“ يار.

هن وقت توڙي جو سندس نيڻن جي جوت جهڪي ٿيندي پئي وڃي، پر پوءِ به هي مايوس ناهي، ۽ پنهنجي ٻنهي محبوبائن جي مرڪن کي دل جي نيڻن سان چمندي فڪر سنڌ جي ڦهلاءَ جو فرض پورو ڪري رهيو آهي، ۽ سنڌ جي انهيءَ فڪر کي پنهنجي لفظن ۾ ائين ٿو پيش ڪري ته:
هندم، مسلم آدم زاد،
ڇاجي ڪلفت، ڇاجو وير!
*
عشق جو مذهب ڪر اختيار
توڙي ٻيا سڀ ٻنڌڻ پاڻ.
*
نمازي نه آهيان نڪي بت پرست،
اسان عشق مذهب ڪيو اختيار،

۽ پوءِ موجود صوتحال کي ڏسندي، هن جي من ۾ سوچن جا مچ ٻري ٿا پون هي سوچڻ ٿو لڳي ته سنڌ کي پنهنجو هي شاندار فڪري پيغام آهي، جنهن سان سنڌ کي دنيا جي امامت جو فرض ادا ڪرڻو آهي، اتي هي سڀ ڪجهه آخر ڇو ته:
مسجد مندر خوف حراس،
بستي بستي جنگ جدال.
*
هي هندو هي مسلم هي ويڇا هي وير؟!!
خبر ناهي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو!؟

۽ هن کي لطيف ۽ سچل جي ڌرتيءَ جو هر فرد ته ائين هجڻ جي خواهش ڪري موڙي ٿي اٿي ته:
نمازي نه آهيان نڪي، بت پرست،
اسان عشق مذهب ڪيو اختيار،

۽ اهو مذهب هجي انسانذات سان عشق- ڇو ته اهو انسان ئي آهي جنهن جي تخليق کان سواءِ خدا کي هيءَ ساري ڪائنات ڇسي، ٻسي ۽ نامڪمل لڳي هئي- تڏهن آدم وجود ورتو هو، ۽ خدا جي هيءَ حسين ڪائنات تڪميل کي پڳي هئي. انسانذات جي محبت هڪٻئي سان ائين هئڻ گهرجي جئين لطيف سائين سمجهايو. هو ته:
ڪڙو منجهه ڪڙي، جئين لهارن لپيٽيو،
منهنجو جيءَ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو.

اها ”ڪڙو منجهه ڪڙي“ واري محبت ئي انسانيت جو معراج آهي، جتي دينَ ڌَرم، فرقا ۽ نظريا سڀ ٿانوي حيثيت اختيار ڪيو وڃن. اهو ئي هن ڌرتيءَ جو دين آهي، اهو ئي محبت جو مذهب آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي ڪنهن صوفي شاعر چيو هو ته:
عشق مڙئي اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ.
ان ئي عشق کي سائين ارشد به سلامي آهي ۽ ان کي ئي پنهنجي پسند ٿو ڪوٺي.
جڏهن ڀي اسان کان پڇي پئي پسند
اسان نانءُ تنهنجو، پڪاري ڇڏيو،
*
اڙي عشق! توکي، اسان جو سلام،
اچي دل ۾ دل کي، تو جياري ڇڏيو.

۽ اهي هن ڌرتيءَ جي دين جا صحيفا، هن جي ڏات تي باقائدي نازل ٿيندا رهندا آهن، ۽ ان ڳالهه جو هو پاڻ به معترف آهي ته هن تي جڏهن عشق الهام ٿي لهندو آهي، ته هيءِ روح جي ٻولي به ٻڌي وٺندو آهي.
مان روح جي ٻولي ٻڌندو هان،
هي روح مخاطب ٿيندو آ،
آواز اندر جو هوندو آ،
جو گيت چپن تي ايندو آ.
**


(سائين ارشد جي شاعريءَ جي ڪتاب ”آواز اندر جو“ جي مهورتي تقريب ۾ پڙهيل پيپر.)

اُداسي اڻي ٿي ڪا ڪينجهر ڪهاڻي

اُداسي اڻي ٿي ڪا ڪينجهر ڪهاڻي
(سائل پيرزادو جو ڪتاب ”اکين ۾ منڊ مينهوڳي“ تي هڪ نظر)

شاعرَ ماضي جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل کي ڏور ڏسڻ جا اهڙا ته ريڍارَ هوندا آهن، جيڪي قومن جي عروج ۽ زوال جا عڪس پنهنجي اکين ۾ سانڍي گهمندا آهن. جن جي تخليقن مان سوين هزارين سالن پڄاڻا به تهذيبن جي عظمتن جا عڪس اولڙا چٽا پٽا ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
هيءُ سائل پيرزادو به ڪنهن رولاڪ روح جو جنم وٺي پيدا ٿيو آهي. جيڪو ڇهه ست هزار سال اڳ چيٽ جي چانڊوڪين ۾، ڪڏهن ڪنهن ڪميت تي سوار ٿي، ته ڪڏهن اسُوءَ جي اداس ڏينهن ۾ گيڙو رتڙي گودڙي ڪلهي ڪيو، سامين ۽ سيلانين جي سنگ سان گڏجي موهن جي من موهيندڙ ماڳ کان وٺي چوڙيلين جي سون ورني ۽ تنهن وقت جي وڻجارن جي چاهه_ چت کي چريو ڪندڙ شهر چانهونءَ تائين ۽ اتان کان ڪارونجهر جي ڪک واري مورن جي محبوب نگري تائين پنڌ ڪندي، پنهنجي پيار جي تڪميل کي ساڀيان جي صورت ڏيڻ لاءِ سدائين سرگردان پئي رهيو آهي.
۽ اڄ 21 صدي ۾، هن جي روح جون رولاڪيون اڃان ختم نه ٿيون آهن. اڄ به ڪاسٻي جي مندر کان ڪيٽي بندر تائين ۽ ڪينجهر کان وٺي ڪراڙ جي ڪنارن تان ٿيندو، موهن- دڙي جي اسٽوپا تائين پنهنجي قدمن جا نشان ڇڏيندو، سدا سهاڳڻ سنڌ جي سينڌ تي اوڍيل ثقافتي چادر تي پنهنجي شاعريءَ جا ستارا ٽاڪي رهيو آهي، جن کي آثار قديم جي عالمي شهريت يافته عالمه فرانس ڄائي ڊاڪٽر اروڙا ديديئر جي اکين ۽ ذهن سان پڙهي پروڙڻ جي ضرورت آهي- هو پنهنجي ڪنهن به جنم جي ڪنهن به سفر جي سانگ ۾ هوندو هو ته سندس جيجل جون نگاهون اوسيئڙي جا ڏيئا بنجي، سندس راهن جي دز کي پنهنجي سينگار جو سرمو سمجهنديون هيون ۽ هوءَ پنهنجي اندر جي الڪي جي زنده تصوير بنجي پوندي هئي.
ويو آهي جوڳن سان رڻ جي سفر تي،
بڻي انتظاري سندس ماءُ آهي.

۽ جيجل جي اکين- انتظارن کي هئين ٿو پنهنجي شعر ۾ سمائي ته:
اکين ۾ سور اوجاڳو،
پرين جو پور، او جاڳو.

۽ هو اڄ به پنهنجن انهن سارن سفرن جي حاصلات جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته:
زندگي چتيون ۽ گودڙيءَ ۾ گل هيا،
پير پنهنجا ريت تي ڄڻ عاشقي جي ڀل هيا.

يا
يادگيريون سيڻ آهن گودڙيءَ ۾،
يا ته ڪنهن جا نيڻ آهن گودڙيءَ ۾.

۽ پنهنجي ڳالهه چٽو ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته ڪنهن کي ياد ٿو ڏياري ته:
اسان يادون سمايون ٿا، سٽن ۾ ٿڪ لاهيون ٿا،
ڀلي اي يار! وٺيو تون، وزن ۽ بحر کي ڏسجان.

ڊاڪٽر اروڙا جي حوالي سان پنهنجي انهيءَ مٿين راءِ جي روشنيءَ ۾ مثال لاءِ مون وٽ سائل جي غزلن جا ڪجهه خوبصورت بند آهن، جن کي پيش ڪرڻ کان اڳ الاءِ ڇو دل ٿي چئي ته توهان کي ٻڌايان ته قديم آثارن جي جڳ مشهور آمريڪي عالم والٽر اي فيئر سروس Walter .A. Fair Service پنهنجي ڪتاب (Harappen Civilization and its written) ۾ لکيو آهي ته ”ريڊ انڊين سنڌي آهن. جيڪي موهن جي دڙي عروج واري زماني ۾ سنڌؤ تهذيب وارن علائقن مان هجرت ڪري يورپ کان ٿيندا الاسڪا اسٽيٽ کان ڦري ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا (آمري- ڪا) ۾ پکڙجي ويا هئا.“_ هتي منهنجي ٻڌائڻ جو مطلب آهي ته قديم سنڌو ديس تي آرين جي اوچتن ۽ لڳا تار حملن وقت يا ان کان به گهڻو گهڻو اڳي مختلف سببن جي ڪري مختلف وقتن تي وڏي پيماني جي ٿيندڙ لڏ پلاڻن وقت سنڌي ماڻهو يورپ به پهتا هئا- تڏهن ته يورپين جي نالن ۽ قبيلن جي سڃاڻپ ۾، سنڌ ۽ سنڌو تهذيب جي مختلف اهڃائن جا لفظ ٻولين ۽ لهجن جي مٽ سٽ جي ڪري اڄ به هڪجڙا ملن ٿا_ فرانس به يورپ ۾ آهي ۽ اتان جڏهن ڊاڪٽر اروڙا پهريون ڀيرو هتان جي وساريل ماڳ” چانهونءَ جي دڙي” تي تحقيق لاءِ آئي هئي، ته ان وقت مان، ماڻڪ ملاح ۽ منهنجو دوست شاهنواز انڙ ان ٽيم سان گڏ هئاسين، اتي پهچي مونکي محسوس ٿيو ته هوءَ سوچي رهي هئي، ته هزارين سالن کان هن مان واري مٽيءَ جي دڙن جي تهن هيٺان ڪيڏي نه عظيم ۽ ڪيڏي نه قديم تهذيب ستي پئي آهي، جنهن کي هڪ دفعو ٻيهار جاڳائڻ سندس ڀاڳ جي ڀاڱي ۾ آيو هو، اهو سوچيندي ان وقت هن جي منهن تي مسڪراهٽ سان گڏ ڄڻ ته ڪا روحاني آسودگي اچي وئي هئي،_ ۽ هن کي ڄڻ ته اُتي پنهنجي ڪنهن جنم جي يادين جي وڻ ويڙهي وڪوڙي وئي هئي- هن ڄڻ ته اوچتو تصور جي اکين سان هن ماڳ تي به اوچتا آرين جا حملا ڏسي ورتا هئا، جتي وڏي مار ڌاڙ ۽ لڏ پلاڻ ۾ ڪيئي پنهنجن پيارن کان هميشه لاءِ وڇڙي ويا هئا. هن کي ڄڻ ته ڪنهن جنم ۾ پنهنجو پراڻو پيار ياد اچي ويو هو_ ۽ سائل جي لفظن ۾ ڄڻ ته ائين سوچي رهي هئي ته:
ملياسين، کلياسين ۽ وڇڙي وياسين،
اها ئي اسان جي ڪهاڻي هئي.

وري جڏهن ٻيو دفعو سال پڄاڻا ساڳي ماڳ تي پهتي هئي ته سندس تحقيق دوران کيس ڏاڍا زبردست ۽ سندس توقع کان به وڌيڪ نتيجا حاصل ٿيا هئا. اتي کانئس سوال پڇيو ويو هو ته ”ڇا توهان جي نالي سان اروڙا لفظ سنڌ جي تاريخي راڄڌانيءَ ”اروڙ“ سان نٿو ملي؟ ڊاڪٽر اروڙا ٺهه پهه وراڻيو هو ته ”ٿي سگهي ٿو ته منهنجو روح سنڌ جو هجي يا سنڌ جي ڀٽڪيل روح سان منهنجو ڪو رشتو هجي.“ ان موقعي تي، ان سڀ ڳالهه ٻولهه مهل سائل توڙي جو اتي موجود نه هو پر پوءِ به سندس تخيل مان اهي سارا پل ۽ ان محترمه جي ساري محسوسات جهلندي نظر اچي ٿي.
مون لڌو ماضيءَ جي کوٽائيءَ مان هڪڙو ڳوٺ هو،
جنهن ۾ ڪکن مان ٺهيل منهنجو به هڪڙو گهر هيو.

ان وقت سنڌ جي شاندار تهذيب جا اهي دور ظاهر ٿي رهيا هئا، جيڪي هيستائين سڄي جڳ جهان جي اکين کان اوجهل رهيا هئا. هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي مٽي مهڪي، فخر مان پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري، دنيا کي پنهنجي عظمت جا گيت ٻڌائي رهي هئي ۽ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي ساک جي ڄڻ باک ڦٽي پئي هئي، ان وقت ان مائيءَ کي اجرڪ اوڍيل هئي. ۽ سائل جي غزلن جو بند آهي ته:
سنڌؤَ جل تي باک هئي ڄڻ،
تنهنجي لوئي لاک هئي ڄڻ.

پوءِ سائل ڄڻ ته انهي تحقيق ڪندڙ سڄي ٽيم کي ٻڌائي ٿو ته اي آرٽيفيشل خوشبوئن جي ديس جا رهواسيو! منهنجي ديس جي ڌرتيءَ تي پهتا آهيو، ته مهرباني ڪري هن ڌرتيءَ جي چپي چپي جي هر منظر جي فطري سونهن جا جلو به پسيو وڃجو- ڇو ته هن ديس جو جيڪو به حصو آهي، لاڙ، اتر، ڪچو، ڪوهستان يا ڪاڇو آهي، ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو آهي- ان جي سونهن چُڪي کي نيڻن سان چکڻ ۾ جيڪو خمار آهي، اهڙو فطري خمار شايد دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ توهان کي مشڪل نظر اچي.
مسافر! سنڌ جي سهڻي وڃي منظر کي ڏسجان،
گڍي جي ڀٽ تان بيهي مٺيءَ جي شهر کي ڏسجان.

وڃي ڪي ڪاسبي پيارا، ڏسي آ مور مستيءَ ۾
وڃائي پاڻ تون ايندين، انوکي سحر کي ڏسجان.

۽ پوءِ سائل ڄڻ ته انهن کي آگاهه ڪندي چئي ٿو ته او مسافرو! توهان جنهن قوم جي ماضيءَ جي سونهن جا ساکي آهيو، ان قوم کي مسلسل غلاميءَ اڄ 21 صديءَ ۾ ڪٿي پهچايو آهي...!
هر شخص ٽٽل آهي، هر شخص لٽيل آهي،
هر شخص جي اندر ڄڻ، ماتام متل آهي.
پوءِ هنن سان مخاطب ٿي چئي ٿو ته :

ڪو وقت پرين گڏجي، ڪيڏو نه کليا هياسين،
هاڻي ته اسان کان ڄڻ سا کل رٺل آهي.

هو انهن آڏو ڄڻ ته وڌيڪ وضاحت ڪندي، انهن کي اڃان به چٽو ٿي ٻڌائي ٿو ته
ملي ڇانوَ ڪانهي حياتيءَ ۾ ڪڏهين.
مليو تاوَ تي رڳو تاءُ آهي،
۽
اسان کي مليو دور اهڙو آ سائل!
رڳو بم ڌماڪا ۽ ڏهڪاءُ آهي_

۽ هو انهن کي اڃان به وڌيڪ وضاحت سان ٻڌائي ٿو ته:

ديس منهنجي جو پڇين ٿو حال ڪهڙو اي پرين!
بک ۽ افلاس ساڳيو آ جهڙو پر هيو.

پنهنجي پهرين ڪتاب ”چانهوءَ مٿان چنڊ“ ۾ پنهنجي پاران ۾ مون لکيو آهي ته ”دلين جي ديس تي غمن جي آرين جون ڪي اوچتيون ۽ لڳاتار حلائون ۽ حملا ٿيندا آهن ته ڪي ئي من موهن دڙا ۽ ڪي ئي نگريون چانهوءَ دڙن ۾ تبديل ٿي وينديون آهن.“ ۽ موهن جو دڙو سائل جي سارن وڏڙن جي ضمير ۽ خمير جي روح جي روشني ٿي رهيو آهي_ پر سائل لکي ٿو ته:
هڪڙو ته پرين سنڌ ۾، موهن جو دڙو ناهي
هر روز پيا دل ۾، ٿا آس. دڙا ٺاهيون.

آمريڪي ليکڪه اوميل پنهنجي ڪتاب “Dancing Shadows” ۾ لکي ٿي ته: ”موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ کوجنا دوران انگريز سرڪار جا قديم آثارن جا انگريز عالم دريافت ٿيل شيون ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويا هئا“ ۽ سنڌ جو ناميارو رائيٽر انور پيرزادو لکي ٿو ته: ”اسان وٽ هن تهذيبي ماڳ جو قدر ڪونهي، هڪ آمريڪي صحافي ڪجهه وقت اڳ مهين جي دڙي تي پنهنجي رپورٽ جي ابتدا هنن لفظن سان ڪئي هئي ته ”کنڊرن کي بچائڻ لاءِ ڪاريگر هڪ قديم سِرَ کي ڌڪُ هنيو، ان سان تاريخ جا ذرڙا هوا ۾ اڏامي ويا“ (ترجمو)
سو متان وساريو ته اسان ان تاريخ کي بچائڻ لاءِ يونيسڪو کان ملندڙ پئسا کائي ويندا آهيون، قديم ۽ نازڪ کنڊرن تي بوٽ پائي گهمندا آهيون ۽ ان جي ڀتين تي پنهنجي پسند واري سياسي پارٽين جي حق ۾ نعرا لکندا آهيون.“
انور سائين پنهنجي ٻئي مضمون ”اسان کي مهين جي دڙو دفن ڪري ڏيو“ ۾ لکي ٿو ته ”مون کي ياد ٿو اچي ته ڪجهه وقت اڳ يونيسڪو جا ماهر مهين جو دڙو گهمڻ آيا- هتان جي ڪامورن جرمن ماهر مائيڪل جانسين کي گذارش ڪئي ته اهو يونيسڪو جي ماهرن کي موهن جو دڙو گهمائي_ ماهر جڏهن گهمي ڦري اسٽوپا کان هيٺ لهي رهيا هئا، ته انهن مان هڪ اسان جي ڪامورن کان پڇيو ته مهين جي دڙي کي بچائڻ ۾ آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟ ان تي هڪ اعلى آفيسر چيو ”اسان وٽ ان وڏي ڪم لاءِ پئسا ناهن.“ اهو جواب ٻڌي مائيڪل جانسين چيو ته ”پوءِ ڀلا مهين جي دڙي جو سودو ڪريو_ اسان هڪ سر لاءِ هڪ ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“ (ون برڪ _ون ڊالر)
سو مهين جي دڙي جا انڌا اونڌا ويڄ ان کي بچائي نه سگهيا آهن. ۽ نه اڳتي ڪجهه ڪري سگهندا- جيڪو سج اڀرندي نٿو تاءُ ڪري سولهندي ڇا ڪندو؟ ان ڪري اسان پاڪستان جي قديم آثارن واري وفاقي کاتي جي مذهبي جنونين کان به خطرناڪ ڪامورن عرف مهين جي دڙي وارن انڌن اونڌن ويڄن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي مهين جو دڙو پنهنجي اصل صورت ۾ موٽائي ڏيو. جيڪو ڪجهه کوٽيو اٿو، ان کي وري مٽيءَ سان ڍڪي دفن ڪري ڏيو اسان کي اوهان انڌن اونڌن ويڄن جي علاج جي ڪابه ضرورت ناهي.“
۽ سائل موهن جي دڙي جي انهيءَ درد کي پنهنجي قلم جي اداسيءَ سان هيئن ٿو بيان ڪري.
نچڻي چنڊ ۽ آءُ اداس،
موهن دڙو ڏس ٿئي پيو ناس.

مون مٿي ٻين لفظن ۾ ان راءِ جو اظهار ڪيو آهي ته سائل جي هردي ۾ ڪو اهڙو جيءَ جا جاکوڙا ڪندڙ، ڀٽائي جي رامڪليءَ جي ڪردارن جهڙو ڪو جهونڙو جوڳي رهندو آهي، جيڪو کيس هر دور ۾ هڪ جاءِ تي ويهڻ ئي نه ڏيندو آهي. جنهن ڪري هن جي عشق جون آوارگيون. اڄ به ختم نه ٿيون آهن. اڄ به هو جڏهن مڪليءَ ۾ پنهنجا پيرا ڳوليندو، واپسيءَ ۾ سنڌ جي سمي حاڪم ڄام تمام جهڙي دل کڻي، ان جي عشق جي آما جگاهه ڪينجهر تي پهچي ٿو ته هن کي محسوس ٿو ٿئي، ته هيءَ ڄڻ ته ڪنهن وڃايل جنم جي ڪهاڻي هئي. جنهن جو اڄ ڪو نانءَ نشان ئي ناهي ۽ هي اتاولو ٿي اداسين جي واچوڙن ۾ وڪوڙ جي ٿو وڃي، هيءُ ان ڪيفيت ۾ اچي ٿو وڃي جنهن ۾ ڪڏهن شيخ اياز پهچي چيو هو ته:
آسارا آسارا ڪينجهر جا ڪنارا،
نه تڙتي تماچي، نه گذريءَ گذارا.

۽ پوءِ ڪينجهر تي ڀڙڪو کائي اڏامندڙ آڙين ۽ نيرڳن جيان هن جي ڏات سندس جيءُ جي جاڳ بنجي لڇي ٿو پوي ته:
نڪو آ تماچي، نه نوري مهاڻي،
اداسي اڻي ٿي ڪا ڪينجهر ڪهاڻي.

۽ پوءِ اوچتو ڪنهن سپني مان سجاڳ ٿي ٿو پئي، ۽ عشق جي انهيءَ خمار مان پنهنجي دورِ حاضر جي سجنيءَ کي يقين ٿو ڏياري ته:
نه ڪو مان تماچي نه نوري آن تون،
سواءِ منهنجي پوءِ ڀي اڌوري آن تون.

۽ پوءِ هن جي نگاهه مٿان چنڊ تي ٿي پوي، هيٺ جر مٿي مڃر ۽ پاسي ۾ وڻراهه آهي، اتر جي واءُ ۾ ٻيڙيون ۽ لانچون ڪينجهر جي لهرن تي هندورو بنجي پيون آهن ته هي سجنيءَ جي سونهن ۾ کوئجي سراپا نغمو بنجي ٿو وڃي ته:
اسان جو عشق ٿي ويندو، ڪٿا تنهنجي جوانيءَ جي،
چڙهي پوءِ چنڊ ڀي ڏسندو، ڪلا تنهنجي جوانيءَ جي.

۽ پوءِ جڏهن ڏسي ٿو ته ٻيڙيءَ ۾ ته هيءُ پاڻ اڪيلو ئي آهي ۽ ٻيون سندس يادون آهن ۽ پوءِ اڪيلائي جي ان اداسيءَ مان ڏسي ٿو چنڊ ڏي، ته هن کي چنڊ به پنهنجي دل جيان اداس اداس ٿو نظر اچي.
لڳي آ چنڊ کي گرهڻ، سمو اونداهه ٿي ويو آ،
کڻي هو نيڻ امبر ڏي، ڏسڻ ڀلجي وئي آهي.

هن کي پنهنجي دل جي اداسي به ڪينجهر جي ڪهاڻي ٿي لڳي.
**

پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ

پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ

(ڪلال جي نظمن جو اڀياس، ڪتاب: ”پاڇا منهنجي پانڌ ۾“)

ڏات جو پنهنجو ڏيهه آ، هن ڏيهه جا رهواسي نه رڳو ظاهري نيڻن، پر اندر جي اکين سان اهي پرتوا پسندا آهن، جيڪي عام ماڻهن جي اکين کان اڪثر اوجهل هوندا آهن. هوءِ عام ماڻهن جي اوڌر تي ورتل ڪپڙن سان ڍڪيل پيٽ ۽ ان جي اندر لڳل بک جي ڪاريهر جا ڏنگ ائين محسوس ڪندا آهن. ڄڻ ته ڪو سندن ئي اندر کي اڌ ڪري رهيو هجي، هر ماڻهونءَ جي ڪمپرسي، محرومي، مايوسي توڙي هر ماڻهونءَ جا غم، درد، الم سوين سڏڪا، رڙيون ۽ واڪا بنجي، انهن زندهه دل ماڻهن کي بيچين ڪري ڇڏيندا آهن. جن کي اسان ۽ توهان ”شاعر“ چئون ٿا- چوريءَ جي ڌنن توڙي شور شرابي جي ڪيسٽ ڪلچر واري ماحول ۾ جئين جا جتن ڪندڙ عام ماڻهو ڪلال جهڙن نفيس، خيالن وارن شاعرن جون ”پاڇا منهنجي پاند ۾“ جهڙيون تخليق ڪيل من- وارتائون ڀلي نه به پڙهن، پوءِ به عام ماڻهن جي ڀوڳنائن، زهر بنايل زندگين ۽ ڪرڀ ڀريل لمحن کان اهڙا شاعر اکيون نٿا ٻوٽي سگهن.
اسان جي ٽهيءَ کي ورثي ۾ مليل سماج جون، طبقن جي تلوار سان گهڙيل، ٺاهيل حالتون سڀني ڏات جي ڏيهه واسين لاءِ ساڳيون آهن، سموريون تلخيون ۽ سڀئي وار تائون ساڳيون آهن- جيئن هر پکيءَ جي ٻولي جدا جدا هوندي آهي، هر ساز جو آواز الڳ الڳ هوندو آهي، هر گل جي خوشبوءَ پنهنجي پنهنجي هوندي آهي، اهڙ ئي طرح هڪ شاعر جو انداز بيان به ٻين شاعرن کان بلڪل مختلف هوندو آهي. ۽ هجڻ به کپي، ڇو ته ادب ۾ انفراديت هجڻ انتهائي ضروري آهي.
ڪلال جي خيال مطابق، ضروري ناهي ته هر ڏاڍ ۽ ڏنگائي جي رد عمل ۾ ڏات کي بارود جو گولو بنائجي... ضرور ناهي ته هر ظلم، جبر، استبداد ۽ تشدد جي رد عمل طور قلم به بندوق اونگر گوليون اوڳاڇي- قلم جيڪو امن جي ضمانت ۽ علامت آهي، ان جي نب مان به دونهان نڪرڻ شروع ٿين، ته پوءِ آڪاش منڊل به ڪارو ٿي آلودگيءَ جي ڪوڙهه ۾ وڪوڙ جي ويندو- پر نه ڪلال ايترو به نا اميد ناهي. هن جو ايمان آهي ته:
”باک ڦٽيءَ جي لاليءَ کي،
بارود جو دونهون،
(ڪيڏو ڀي اڀ پار وڃي )
ڪارو نه ڪندو، ميرو نه ڪندو،
آئيني جي خوابن جهڙا،
صبح جا روشن روشن ڪرڻا،
ڪو هيڙن جا ڄار لتاڙي،
منهنجي چچريل پيرن تائين اچڻا آهن.
منهنجا پير،
جي سائيءَ سائيءَ ڌرتيءُ تي،
تنهنجي ڇير جي ڇم ڇم سان گڏ نچڻا آهن.
باک ڦٽيءَ جي لاليءَ کي باورد جو دونهون،
ڪارو نه ڪندو ميرو نه ڪندو“
(جهموريت صفحه: 32)
ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڄاين سان ٿيندڙ قهري ڪلورن تي، ننڊ جون گوريون کائي اکيون ٻوٽي سمهڻو به ناهي- احتجاجي صدائن جو ڪنهن به خاردار تار سان رستو نٿو روڪي سگهجي.
جيون جو ٻيو ناءُ جاکوڙ ئي ته آهي- ڳڀي جي ڳولا ئي ته سونهن جي ساڃاهه جي ڪسوٽي آهي.
”....ان کروئي جيوت جي جنگاهه جو سارو مول متو آ.
هر ڏاهپ جو ڏس پتو آ. (ڳاهه: صفح:34)
اڇي رنگ جو ڪبوتر امن جي علامت تصور ڪيو ويو آهي. ائين جيڪڏهن گلاب جي گل کي حُسن، نفاست ۽ پاڪيزگي جي علامت تصور ڪيون ته منهنجي خيال ۾ اسين غلط ناهيون. نفاست، سونهن، رنگ ۽ خوشبوءَ جي سنگم جو تصور ڪرڻ سان ئي اسان جي ذهن تي ازخود گلاب جو گُل ٽڙي بيهندو- جيئن مورجا ٽهوڪا مور ئي سمجهندا آهن. ڪوئل جي ڪوڪن جو مطلب ۽ مقصد ڪوئل ئي ڄاڻن- بلڪل اهڙي طرح، شاعر جي من باغيچي ۾ سوين رنگن جا گلاب، ڪنهن نه ڪنهن پل مهڪندا ئي رهندا آهن.
ها! گلابن جي گفتگو گلاب ئي ڄاڻن، ڪنڊن کي ڪهڙي ڪل_ شاعر تڏهن به گلابن سان مخاطب آهي:
”گلابو!
جڏهن پوپٽن جي
ڇهاون کي واسيو،
ته منهنجي اندر ۾ به ٽڙجو-
گلابو!! “ (صفحه: 53)
گلاب جا گل ڀلي، فطرت جي رنگينيءَ ۾ اضافي جو ڪارڻ هجن_ ڀلي سڄي ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندا هجن. پر شاعر انهن کي ڪنهن ٻيءَ معنى ۾ ٿو وٺي، ڪنهن نرالي نظر سان ٿو ڏسي- هو چاهي ٿو ته گلاب سدائين ٽڙندا رهن. ڇو ته ٽڙيل گلابن تي ڀؤنرا اچي مڙندا جيڪي ڪنهن وڇڙيل جون سارون تحفا آڻيندا- ڇو ته، ساڙولي دنيا جا ٺڳ ۽ ٻهروپيا، پيار جا ويري، صورت جا سهڻا پر اندر جا ڪڙا، ڪسارا ۽ ڪارا ماڻهون، محبوب جي يادين جي امانت ۾ خيانت نه ڪن، اهو ٿي ئي نٿو سگهي- ويساهه جي ديوار کي کاٽ هڻندڙن مان ڀلا ڪهڙي توقع؟ تنهنڪري فطرت جي ٻين ننڍڙن جيونِ ڀؤنرن کي التجا آهي ته:
”ڀؤنرو!
اڄ ته،
گلابن جي جهڳٽن مان،
ميڙي آڻي ڏيو،
ڪنهن وڇڙيل جا ساورڻا،
ڪنهن ڏوراهين جا اوسيئڙا،
اوسيئڙي جي ويا ڪلتائن ۾ پوشيده،
دم دلاسا آڻي ڏيو.
يار جي ڀاڪر منجهه گذاريل،
لمحا آڻي ڏيو.
ڀؤنرو! (صفحو 54)
ڌرتيءَ جي ڪنهن ڪنڊ ۾،ظلم جنهن تي به ٿئي، جنهن پل به ٿئي، جيڪي به ٿئي، جيڏو به ٿئي، هيرو شيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم اڇلجن، زهريلين گئسن ۽ خطرناڪ جراثيمن جي بمن جي برسات وسي، ٽينڪن جون اڀ ڏاريندڙ گجگوڙيون ٿين، دهشتگردن جي ڪلاشنڪوفن مان برسٽن جا ترانا گونجن، مهاتما گانڌيءَ جي ديس ۾ ستي لڪڙيءَ جي رسم هجي، يا ديوين جي چرنن ۾ رت جو ٻليدان ڏجي، سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جا واقعا ٿين، سامونڊي ويرون ورن، طوفان اٿن، زلزلا اچن يا بستيون باهه ٿين، متاثر ته وري به زندگي ئي ٿيندي- اها زندگي جيڪا محبوبن جي مرڪ به آ- معصومن جا ٽهڪ به آ، سونهن، سڪون، سرور به آ، هن هيڏي وسيع ڪائنات جو نور به آ- ان جي ئي حسين رنگن کي بچائڻو آهي، انڪري ان کي به اپيل آهي ته:
”زندگي!
اي زندگي!
بس ڪا گهڙي،
هڪڙي گهڙي،
هڪڙو ئي پل،
اهڙو به آڻ،
جنهن ۾ تنهنجا رنگ،
ساروڻا نه ڪاراٽي ڇڏين!“ (ڦوڙائو: صفحو، 33)
اها زندگي ان وقت ڪيڏي نه پرڪشش ۽ پررونق بنجي ٿي وڃي- جڏهن من جي مندر ۾ ڪنهن جي ياد جو ڏيئو ٿو ٽمڪي. جڏهن روح جي ڪراڙ تي ڪنهن جي يادن جا ڪنول پوري، جوڀن جلوي سان ٽڙي پوندا آهن- جڏهن آس جي اڀ تي، سڪ ۽ پريت جو ستارو ٽمڪي پوندو آهي- تڏهن شاعر جي ذهن تي گيت ائين اڏامي اچي لهندا آهن، جئين سياري جي شروعات ۾ ڪينجهر ۽ منڇر تي آڙين، نيرڳن ۽ ٻين کوڙ پر ڏيهي پکيئڙن جا ولر اڏامي اچي لهندا آهن- ان ويلي بي چين من رجي پوندو آهي.
”جڏهن به توکي ياد ڪيان ٿو.
گيت لکان ٿو.
من مندر ۾،
ڄڻ تو آڏو،
پنهنجا سرها،
سپنا- جذبا،
اڌما- ڳوڙها،
گجرا پوئي،
تنهنجي چرنن ڀيٽ ڪيان ٿو.
جڏهن به توکي ياد ڪيان ٿو-“ (تشبيهه: صفحو 14)
جڏهن سانوڻ رت جا ڪڪر ڌرتيءَ جي اڃ اجهائڻ لاءِ ڌرتي جي سيني کي سيراب ڪرڻ لاءِ، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿرجي مسڪين ماروئڙن جي خواهشن کي پايهءِ تڪميل تي پهچائڻ لاءِ، وِڄن سان وسڪار ڪري وسندا آهن. تڏهن سارا ٿر، بر، ڏهر مهڪي پوندا آهن، وس تي گذران ڪندڙن جا روح ٻهڪي پوندا آهن. ان ويلي ڪا اهڙي دل به هوندي آهي، جنهن جي وڇوڙي جا وڍ ٻيهر چڪي پوندا آهن- ڀلي هر ڪنهن جي چپن تي ”ڀيڄ ڀيڄ“ جا نعرا هجن، پر ڪو بيچين روح اهڙو به هوندو آهي، جنهن لاءِ سانوڻ رت جا ڪڪر پاڻ سان گڏ اکين جا آگم به کڻي ايندا آهن. جڏهن ته بيچين روح جو رڻ ته وصل جي ڪڪر وسڻ جو منتظر هوندو آهي- سانوڻ رت جا ڪڪر ته اڪيلائي جو احساس ڏياري، سڪون تي ڌاڙا ٿا هڻن، محبوب کي اڻ چيل لفظن جو اعتراف ٿا ڪرائين.
”رم جهم رم جهم،
وسڪاري ۾،
ڀڄندي ڀڄندي،
تون جي مونسان ساڻ هجين ها،
تنهنجو هٿ چپن سان لائي،
نيڻ جهڪائي،
سوچي سوچي،
هٻڪي هٻڪي،
توکي ائين چوان هان شايد،
توسان مونکي .... مونکي توسان،
(تون پاڻهين سمجهه کڻي)
توسان مون کي پيار ٿيو آ،
توسان ڏاڍو پيار ٿيو آ. (اناالحق: صفحو،35)
پيارو پريتم، جيڪو من جي سلطنت جو حڪمران آهي. جنهن سان روح رلمل آهي جنهن سان ساهه سلهاڙيل آهي. دنيا منهن مٽي وئي ته پرواهه ناهي، لوڪ رسي ته رسي وڃي، شل ساهڙ نه رسي.
”تنهنجي
پيرن تي،
منهنجي،
ڳوڙهن جون،
توسان گڏجي،
ريکائون آهن.
جيئڻ جون،
بي انت
تمنائون آهن.“ (ماجرا: صفحو 78)
محبت جو معراج ماڻڻ لاءِ دک، سک ۾ گڏ گذارڻ لاءِ، هيءَ هڪ جنم ته ڇا سوين، هزارين جنم هجن، پوءِ به هر جنم ۾ هڪ ئي تمنا هوندي، توسان گڏجي جئيڻ جي تمنا- ڀوڳنائون، پيڙائون، الجهنون، انتظار ۽ اوسيئڙا پيار ۽ محبت جي محلات لاءِ ڄڻ سُرن ۽ سيمنيٽ جو ڪم ٿا ڏين، توڙي جو وجود کي ڀڃي ڀوري ۽ وکيري ٿا وجهن. پوءِ به انهن ۾ جيڪو سررو آهي. يادين جي وسڪيءَ ۾ جيڪو خمار آهي، شال هر جنم ۾ نيبهه هجي.
”ڀوڳنائن جو،
ڪو اندازو،
ڪوئي ڪاٿو،
ڪئين ڪجي،
منهنجا سڀ،
اتساهه ڄڻ،
آزار آهن،
تو بنان،
سڀ جنم،
بيڪار آهن.
تون بنان. (صفحو 79)
ڇڙواڳ ڪڪرن جون اڀ اڏارون، سانوڻ رت جون بوند بهارون، ويتر جيءُ جهوريو وجهن- تڏهن ڪنهن جي وڇڙڻ جو احساس شدت ساڻ ستائيندو آهي.
جڏهن خواهش جي ڪنواري ڪنيا ڀنيءَ ويل ڪر موڙي اٿي ٿي، ته ڪاش! پريتم سان پرچاءُ هجي ها، جنهن سان ٽهڪن جي موسيقيءَ جو، مرڪن جي مالهائن جو، لڙڪن بند ڀڄڻ جو، ليکو ته ڪجي ها درد پچار ته ڪجي- ها تڏهن ازخود تخيل جو پنڇي ڀڙڪو ڏئي پرواز ٿو ڪري.
”جڏهن اڀ تي ڪو،
ڏٺو مون ڇمرڙو،
تڏهن پنهنجا ڇڙواڳ سپنا،
مون کي ياد آيا،
۽ تنهنجي اچڻ جا،
ايڪچار لمحا ۽ رستا مونکي ياد آيا.
ٻڌاءِ؟
هيل سانوڻ ۾،
جي تون نه آئين،
ڪندو ڪير ليکو،
ڀلا منهنجي لڙڪن جو،
سڏڪڻ جو،
ڀوڳڻ جو، ڀٽڪڻ جو،
۽ توکان جدا ٿي جيئڻ جو،
ڪندو ڪير ليکو-“ (صفحو : 46)
ڪنهن جي سار ۾، جسم جو سارو رت پاڻي بنجي، نيڻن مان نار ڪري ڇو وهندو آ؟ اهو هڪڙو سوال آ، ميڊيڪل جي شاگرد، ڪنهن پرفيسر، ڪنهن ڊاڪٽر ڪنهن زولاجيءَ جي ماهر وٽ ان جو جواب ڪهڙو به هجي، ممڪن آهي ته اهي صاحب انهيءَ حقيقيت جي طبعيات کان ئي انڪار ڪن- اهو به ضروري ناهي ته اسان انهن جي جواب کي حرف، آخر سمجهي، عشق جي ان عجيب ڪيفيت تي ميڊيڪل سائنس کي ترجيح ڏيون. اسان کي ان سوال جو جواب جيڪو ڪلال جي ڏات وٽان ٿو ملي، ممڪن آهي، ته اسين ان تي ئي مطمعن ٿي وڃون.
”ڪالهه جو منهنجي،
اتساهن تي،
چپ رکين ها!
هوندا اسان اڄ،
سڏڪڻ کان،
محفوظ هجون ها، (صفحو 101)
جڏهن سڪ مان ڪيل سڏن ۽ پڪارن جا پڙاڏا بي معنى بنجي وڃن_ جڏهن ڪنهن جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل اوچتو ئي اوچتو ڪنهن جي لاءِ پنڊ پهڻ بنجي وڃي. جڏهن وفا پنهنجي معنى وڃائي ويهي رهي. جڏهن خلوص کي فٽ بال سمجهي ٺوڪرون هڻيون وڃن. جڏهن سچائي پنهنجي ساڃاهه وڃائي ويهي رهي، تڏهن تخليق تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي؟ تخليق ته تخليق ئي هوندي آهي، ان تي ڏوهه ڏجي به ته ڇو؟ ميارن جو مستحق ته تخليقڪارئي آهي، ڇو نه ان کان ئي پڇاڻو ڪري وٺجي.
”خدا يا!
اي سپنن جا خالق،
اي جذبن امنگن ۽ اڌمن جا خالق،
وفا ۽ محبت جو هر پيچرو،
ٻڌائج ته ڇو؟
وڇوڙي جي ويرانين ڏي وڃي ٿو؟“ (ڳاراڻو صفحو 31)
اها مقدس هستي، جنهن کي اسين ڪل ڪائنات جو تخليقڪار مڃون ٿا. جنهن جي پنهنجي چوڻ مطابق ته ڪک پن به سندس حڪم کان سواءِ نٿو چري، جنهن کي اسان يا توهان ڪڏهن ڏٺو به ناهي ته اهو ڀلا ڪهڙو جواب ڏيندو.!؟ جڏهن ان ذات وٽان به جواب نه ملي ته پوءِ؟ زندگيءَ جون سڀئي رنگينيون، رعنائون، رونقون ۽ مسڪراهٽون بي معنى بنجي ٿيون وڃن- زندگيءَ جي ديوي شڪست کائي ٿڪجي، ٽٽجي، ابدي آرام ڪرڻ لاءِ بيچين بنجي ويندي آهي، ان ويلي اجل پنهنجون ٻانهون ڦهلائي، آجيان لاءِ آتو هوندو آهي. بيرنگ جيون کان رٺل ماڻهون واگهه جهڙي گهور اکين ۾ آڻي، موت سان ڳل ڳل ۾ ڏيئي، سندس آجيان جو شڪريو ادا ڪندو آهي- پوءِ ڪنهن کي ڄامشوري جي پل وٽان سنڌؤَ جي سير پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيندي آهي، ڪنهن گاسليٽ يا پئٽرول ناتل جسم کي باهه جا شعلا پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندا آهن، ڪنهن کي لوندڙيءَ تي لڳل پسٽل جي هڪڙي ئي گولي اُبدي سڪون بخشي ڇڏي آهي، ته ڪو وري اگريڪلچر جي زهريلين دوائن جي وهه جاڪٽورا امرت آب حيات يا اسڪاچ وسڪي ۽ بليڪ ليبل جا جام سمجهي پنهنجي چپن سان لائي وڃي ڌرتي جي ڪوسي ڪُک ۾ آرامي ٿيندو آهي- آخر ماڻهو خودڪشي ڇو ٿو ڪري؟ اچو ته ڏسون ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ خود اعتمادي جي قوت ڇا نه ٿي ڪري سگهي؟ پاڻ سان ٿيندڙ بيواجبين ۽ هاڃن جو ٽوڙ نٿو ٿي سگهي ۽ معاشيات جي ڪشتيءَ کي نڪتل حالات جا سوراخ نٿا بند ٿي سگهن؟ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو- ڪا به بيماري لاعلاج ناهي- اڪثر آتمهتيائن جا ڪارڻ اهي به ناهن- اڪثر آتم هتيائن جي پس منظر ۾ دل جي دنيا جي ويراني هوندي آهي- جنهن پل خواهشن جا خون ٿين. جنهن پل من مساڻ بنجي وڃي- جنهن پل آشائن جون ارٿيون جلڻ لڳن- ته پوءِ جئين ڪارڻ ڪهڙي ڇاهت؟
”مان سوچيان ٿو،
ان کان اڳ جو،
تنهنجي ارڏائي منهنجي لاچاري بنجي،
تنهنجي چاهت وڌندي وڌندي خواري بنجي.
اوسئيڙو مايوسي بنجي،
جذبن جا آکيرا ساڙي،
احساسن جي دروازن جون تاڪيون چاڙهي.
(سارو جيون سانگ بگاڙي)
توکي، تنهنجي ڪجلن ڪجلن نيڻن کي،
پسيءَ جهڙن لال لبن کي،
تجلا تجلا مرڪن کي،
وِڄُ وراڪا انگن کي،
آئون هوند وساري ڇڏيان.
هستيءَ کي ميساري ڇڏيان“ (آتم هتيا: صفحو ، 17)

هستيءَ جي ميسار جڻ کان پوءِ سندر خواب اکين ۾ سجائي هلندڙ، دنيا کي تصور جي اک سان ڏسندڙ شاعر جي کيسي مان ٻه لکيل آخري نظم ملن ٿا، جيڪي چٺيون به آهن، سنيها به آهن- پيغام به آهن ته وينتيون ۽ وصعيت نامان به آهن-
هڪ دوستن لاءِ:
”دوستو!
جنهن به پل،
پنهنجا ٿڪل،
آلا ڇپر ٻوٽي ڇڏيان.
(پنهنجي وارتائن جي اطمينان لاءِ)
ٻيڪڙي ڇڏجو،
سمورا اپٽيل، اداس دروازن جا طاق.“ (صفحو: 109)
۽ ٻيو وصعيت نامون، جنهن کي شاعر وينتي ٿو چئي- ان بيپرواهه جي نانءُ جنهن کي ڪنهن جي اوجاڳن، ارمانن ۽ چاهت جي اوسئيڙن جو قدرنه ٿيو.... اڪيلائيءَ جو احساس هاڻ هن کي به ته گهائيندو- ڇو ته هن جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪندڙ نيڻ سمهي پيا، ڇو ته هن جي چپن تي، هن جي ڳٽن تي چمين جا گلدستا رکندڙ چپ سمهي پيا- ڇو ته هن کي ڀاڪر منجهه ڀريندڙ ٻانهون ٿي خاموش سمهي پيون- اها به هڪ حقيقت آهي ته جان جو نذرانو جن لاءِ ڏجي ٿو، آئيندي لاءِ سک جي ننڊ انهن کي به نصيب نه ٿيندي- پڇتاءُ جو گهاءُ انهن جو به سڪون ڦٽائيندو.
”سرهي سرهي سانوڻ- رت ۾،
انڊلٺ وانگي،
تنهنجيءَ دل تي،
جڏهن به ڪوئي،
اجهل، اٻهرو،
۽ اڻ پليو،
درد اٿي،
ان تي منهنجو نالو رکجانءِ،
مون کي ساري، مونکي ڳولي،
پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ،
پنهنجا پير چمي ڇڏجانءِ.“ (وينتي صفحو: 18)
**
نوٽ: س.ا.س شاخ صابو راهو ۽ س.ا.س شاخ ڀليڏنو ڪاڪا پاران ڪلال جي شاعري مجموعي ”پاڇا منهنجي پاند ۾“ جي مهوروت جي موقعي تي99/10/31 تي سعيد آباد ۾ پيپر پڙهيو ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ جي ادبي صفحي ”ساهت سڀيتا“ ۾ 14 سيپٽمبر 2000ع تي شايع ٿيو.

وقت جي دز کان صاف ڪيل ”ساڻيهه جا سينگار“

وقت جي دز کان صاف ڪيل ”ساڻيهه جا سينگار“

حضرت علي عليه السلام جن جو قول آهي ته: ”سنڌ اها ڌرتي آهي، جتان علم جو سج اُڀرندو آهي“ امام بخاريءَ لکيو ته: ”دنيا ۾ سڀ کان پهريائين جنهن ڌرتيءَ تي ڪتاب تصنيف ٿيا، اها سنڌ جي ڌرتي آهي.“
هونئن به جيڪا قوم هزارين سال پهريائين ”رگويد“ جهڙا تخيل تخليق ڪري چڪي هجي، ٽي سئو سال پهريائين ”شاهه جو رسالو“ جهڙا شاهڪار تخليق ڪري سگهي، جنهن قوم جا برجستا ڪوي هن دؤر ۾ به ”وڄُون وسڻ آيون“ ۽ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جهڙا ڪيئي ٻاٽ ۾ لاٽ جهڙا شاهڪار ۽ دلين کي گرمائيندڙ ڪتاب تخليق ڪري سگهن، جنهن قوم جا ڏاها ۽ دانشور ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“، ”جئين ڏٺو آهه مون“، ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ”اَنڌا اُونڌا ويڄ“ ۽ ”پرهه جو پيغام“ يا ”صدين جون صدائون“ لکي سگهن، ڇا ان ڏيهه ۾ ڏات جو ڏُڪار اچي سگهي ٿو؟ جواب آهي ته نه، قطعي نه- اسان جي نامياري اديب، شاعر ۽ دانشور تاج جويي کي اِها ايتري ته پڪ آهي، جو لکي ڏنائين ته:
ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ،
گيت سنگيت جي، مات ٿيڻي نه آ.

تاريخ جي حوالي سان ٻوليءَ ۾ چاشنيءَ جهڙي مٺاس ۽ انڊلٺ جهڙي رنگيني ڀريندڙ آغا سليم پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته:
”تاريخ انساني ڪوس گهر هئي، ۽ وڏا وڏا فاتح ڪاسائي، جن انساني لاشن جي ڍير تي بيهي قد جي درازي حاصل ڪئي هئي. دنيا، سڀني جنگين جي پس منظر ۾ تاريخ ۾ قد جي درازيءَ حاصل ڪرڻ جي تمنا ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي حوس هئي، اهي هٿ چمڻ لائق ناهن، جن تلوار کنئي ۽ ڪوس ڪيو پر، اهي هٿ چمڻ لائق آهن. جن قلم کنيو ۽ اونداهين ۾ ڏات جا ڏيئا ٻاريا ۽ نت ايجادون ڪيون.“
ان حوالي سان اسان جو دوست خادحسين چانڊيو به خوش نصيب آهي، جنهن جي هٿن جي آڱرين مان روشني ٿي ڦُٽي. جنهن جي سوجهري تي اسين پنهنجي آس پاس جي تاريخي ڪردارن جي شاندار ڪارنامن کي ڏسي ۽ فخر مان ڳاٽ اوچو ڪري سگهون ٿا.
”خادم حسين“ جنهن ’چانڊيو‘ ٿي ڪري به ڪلاشن ڪوف نه کنئي آهي، پر قلم سان لنؤن لڳائي. ”مارو جي ملير جا“، ”سنڌ سڄي سُرهاڻ“، ”هونداسي حيات“ ۽ ”نواب شاهه کان شهيد بينيظر آباد تائين“ ڪتاب لکي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سندس قلم مان به سنڌ سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌ جي تهذيب ساهه ٿي کڻي_ ۽ سندس قلم لطيف جي لفظن ۾ معترف آهي ته:
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا،
ڀلايون ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا.

تازو، خادم حسين چانڊئي جو نئون ڪتاب ”ساڻيهه جا سينگار“ (ضلعي شهيد بينيظر آباد جا مڻيادار ماڻهو) پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. خادم حسين هن ڪتاب ۾ اهڙين شخصيتن جي ڪردار جي آئيني تان وقت جي دَزَ جي تهن کي ڇنڊي ڦوڪي، صاف ڪري، اسان جي اڳيان پيش ڪيو آهي، جن جي شفافيت جا اولڙا پسي، اسان سراپا فخر بڻجي ٿا وڃون هن ڪتاب ۾ ليکڪ باقائدي وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آهي- قلم جي رواني ۽ سهڻي اُسلوب سان واهه جو نڀايو اٿس. هِن ڪتاب ۾ هُن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ جو هيءُ مردم خيز خطو ’وچولو‘، جنهن ۾ ضلع نواب شاهه (شهيد بينظير آباد) مرڪز جي حيثيت رکي ٿو، اهو علائقو عظيم، جرئتمند، باعمل، صاحب ڪردار ۽ شيشي جهڙيون شفاف شخصيتون پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن به علائقي کان پوئتي ناهي. هن علائقي سدائين باهمت ۽ باڪردار ماڻهن کي جنم پئي ڏنو آهي، پوءِ اهي صوفي سلسلن جا ڪي بزرگ هجن يا مذهبي متڀيد کان مٿانهان علماءَ ۽ مشائخ ڪرام هجن. نامور قومي ۽ سياسي اڳواڻ هجن يا بي لوث سماجي ڪارڪن؛ خدا جي بهتر مخلوق ’انسان‘ کي صحت جا جام بخشيندڙ ڊاڪٽر هجن يا جڏڙن جيئن کي شفائون بخشيندڙ حڪيم، روحاني بزرگ ۽ درگاهن جا سڀاليندڙ محبتن جا درس ڏيندڙ پير صاحبان هجن يا دنيا کي سچائيءَ جا گس ڏسيندڙ شاعر ۽ اديب هجن يا ٻوليءَ جا واهڙ وهائيندڙ سگهڙ ۽ سالڪ هجن؛ دنيا کي تازي ڄاڻ ڏيندڙ صحافي هجن يا قوم کي علم جي زيور سان آرسته ڪندڙ استاد، عالم ۽ تعليم دان روحن کي غذائون بخشيندڙ راڳي هجن، يا روحن کي راحتون بخشيندڙ سازندا. رانديگر هجن يا اسٽيج جي اداڪاريءَ ۾ جوهر ڏيکاريندڙ فنڪار، آواز جو جادو هلائيندڙ انائونسر هجن يا روايتي طور مڪمل مڙس ماڻهن جا ڪردار- خادم حسين انهن سڀني تي پنهنجي قلم جي روشني وجهي، هن خطي جو پاڻ تي پيل ’قرض‘ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪافي ڪامياب به ويو آهي.
ڪتاب جي باب پهرئين ۾، ضلعي جون ڪي مشهور درگاهون ۽ انهن جي سلسلي جا بزرگ جي ڏس ۾ پهريون ذڪر ڪيو اٿس جڳ مشهور بزرگ سخي ڄام ڏاتار جو. ان سلسلي ۾ “انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا” ۽ نامياري محقق مسعود احمد جوڻيجي جي حوالي سان اهو ثابت ڪيو اٿس ته ڄام صاحب، بلاولي تحريڪ جي اهم اڳواڻن مان هڪ هو. ان حوالي سان پروفيسر ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي به ساڳي راءِ کي ٿو، ان کان سواءِ ان ساڳئي ڪردار تي مقامي ماڻهن جون روايتون به آنديون اٿس (۽ اهي عوامي روايتون، جن مطابق هر درگاهه ۾ دفن ٿيل شخص پير يا سيد هوندو آهي ۽ ڪاني ڪرامتن کان مشهور هوندو آهي ) منهنجي خيال ۾ هڪ حوالو اڃا به رهي ٿو. ان حوالي مطابق هن بزرگ جو قد روحاني ڄارن کي ڇِني ٽوڙي، وطن پرستيءَ جي انهيءَ اوچي منزل تي وڃي ٿو پهچي، جنهن جي عظمت جي محراب ۾ وطن جو هر حلالي فرزند سڪ جا سجدا ڏيندي عاشقِ سنڌ بڻجي ٿو پوي، اهو حوالو آهي محترم مشڪور ڦلڪاري جي لکيل اها تحقيق جنهن ۾ هُن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سخي ڄام ڏاتار اصل ۾ راجا ڏاهر آهي، جيڪو موجوده ’دليل ديري‘ وٽ عربن سان جنگ ڪندي، شهيد ٿيو؛ جنهن کي هاٿيءَ کڻي اچي اتي لاٿو جتي هن وقت ڄام صاحب جي درگاهه آهي- ان حوالي سان مون جڏهن سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، اديب ۽ تاريخدان محمد صديق منگيي کان معلوم ڪيو، ته هُن به اهو چيو هو ته آءُ به ان راءِ جو آهيان، تاريخي ٽاڻا اهڙي ئي شاهدي ڏين ٿا. جيڪڏهن خادم حسين چانڊيو اهڙو حوالو به ڏئي ها، ته هن شخصيت تي لکڻ لاءِ اڃا وڌيڪ سوچ ۽ تحقيق جا دروازا کلڻ جو سبب بڻجي ها.
ڪتاب جي حصي ”متفرقه بزرگ“ ۾ صفحي 60 تي ذڪر آهي بلاول فقير زرداريءَ جو- هن بزرگ کي ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب جي ڪتاب ”تاريخ ضلع نواب شاهه“ جي حوالي سان ڪلهوڙن جي درٻار جو وڏو امير ڪري ڄاڻايو آهي ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي راءِ موجب جڏهن نادر شاهه ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ٻن شهزادن ميان مرادياب ۽ ميان غلام شاهه کي سنڌ مان وٺي وڃي ايران ۾ نظر بند ڪيو، ته بلاول فقير زرداري ۽ ڄام نندو ٽالپر به شهزادن سان گڏ روانا ٿيا. ٽي سال ميان غلام شاهه سان گڏ رهڻ کان پوءِ بلاول فقير کي ايران مان واپس ورڻ جي اجازت ملي. هُن موٽي اچي ميان نور محمد کي خدا آباد ۾ شهزادن جي خيريت کان آگاهه ڪيو. اڳتي لکي ٿو ته... بلاول ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو صلاحڪار بڻيو- 1754ع ۾ سندس وفات تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سندس ڳوٺ اچي سندن خاندان سان عذر خواهي ڪئي هئي، هتي هڪڙي پڙهندڙ ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ جي حيثيت ۾ آئون اهو پڇڻ جو حق رکان ٿو، ته ڊاڪٽر صاحب اهو حوالو ڪٿان آندو؟ ڪهڙي ماخذ ۾ اهڙو تذڪرو شايع ٿيل آهي؟ جڏهن ته سڄي ضلعي، بلڪه سنڌ جي عوام جي ڄاڻ ۾ هڪڙو بلاول آهي جنهن کي ”بالو فقير“ چيو وڃي ٿو. ڇا اهو بالُو فقير، ميان غلام شاهه جو اهو ساڳيو صلاحڪار بلاول آهي يا ڪي ٻه شخص آهن؟ ڇو ته ”بالو فقير“ لاءِ مروج عوامي روايتون ته ڪي ٻيون ڳاليهون ٿيون ٻڌائين! ڇا غلام شاهه ڪلهوڙي جي دربار جي ايڏي وڏي امير کان ماڻهو ايترا اڻڄاڻ ٿي ويا آهن.
جو اڄ به سواءِ ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي حوالي جي ڪو به ان کي ”بالو فقير“ کان وڌيڪ ڪو نه ٿيو ڄاڻي؟ ڪٿي اسان جا تاريخدان ذات پات جي وهڪري ۾ لُڙهي ’درٻاري‘ ته نه ٿي ويا آهن؟ بهر حال ان تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي، اميد ته آئينده جڏهن خادم حسين هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آڻيندو ته انهيءَ ڪردار جي وڌيڪ کول ڪندو!
هن ڪتاب ۾ ضلعي جا مشهور بزرگ، علماءَ، مشائخ سياستدان، ڏاها، تعليم دان، شاعر، اديب، سگهڙ، حڪيم، ڊاڪٽر، بيوروڪريٽ، فنڪار، رانديگر توڙي روايتي طور “مڙس ماڻهو” ڪردارن تي بهتر انداز ۾ قلم کنيو ويو آهي، ان کان سواءِ بلاولي تحريڪ، ون يونٽ تحريڪ، ايم. آر. ڊي، تحريڪ، سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ انهن تحريڪن ۾ هتان جي جن جهونجهارن ۽ جوڌن وڌي چڙهي حصو ورتو هو، تن تي ڀرپور روشني وڌي وئي آهي، هن ڪتاب ۾ ليکڪ کان ڪجهه نامور شخصيتون رهجي به ويون، آهن. مثال طور، سگهڙن ۽ سالڪن جي حصي ۾ احمد فقير حاجاڻي جو ذڪر ئي ناهي، احمد فقير حاجاڻو جيڪو عوامي سگهڙ ۽ شاعر هو، جيڪو نه رڳو ڏات جا واهڙ وهائيندڙ ۽ ٻوليءَ جو وينجهار هو، پر هڪ عوامي فنڪار به هو، ته روحاني طور فقير ماڻهو به هو- جيڪو يڪتاري ۽ گهاگهر تي ڳائيندو به واهه جو هو. اسان جي سڪرنڊ جي هڪ ٻئي تاريخ دان وريام سنجراڻيءَ جو ذري گهٽ نانو به ٿيندو هو، جيڪو هن علائقي مڏي، ٻاٺي، ۽ سڪرنڊ جي ڳوٺن کان علاوه ساريءَ سنڌ ۾ ڳائيندو ۽ شاعري به ٻڌائيندو وتندو هو. هڪ دفعي پير صاحب پاڳاري سڄيءَ سنڌ جا سگهڙ ۽ شاعر ’پير ڳوٺ‘ ۾ گهرايا هئا، اتي پير صاحب فرمايو ته آئون شاعر ان کي مڃيندس، جيڪو اها شاعري ٻڌائي، جيڪا هن گهڙيءَ ۽ هتي ئي سرجي هجيس. ڪنهن چيو ته مون رات هيءُ شعر لکيو آ، ڪنهن چيو ته ٿورو اڳ هيءَ لکيو اٿم. پر، پير صاحب چيو ته نه هن مهل ۽ هن موقعي جي حوالي جي پچار هجي، جڏهن سڀ چُپ ٿي ويا ته احمد فقير عرض ڪيو ته ڀلا قبلا ٻڌو- ۽ پوءِ پير صاحب جي انهيءَ گهڙي شاعري ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي خواهش کان شروع ڪيائين- وڏو طويل بيت چئي بس ڪيائين ته پير صاحب پاڳاري خوش ٿي چيس. ته فقير! گُهر جيڪي گهرڻو اٿئي. فقير اٿي بيهي عرض ڪيو ته قبلا! صرف اجازت کپي ته آئون ڳايان ته مون کي ڌُڪڙ وڄائڻ جي موڪل ملي. پير صاحب مسڪرائي چيس ته ٻيو ڪجهه گهر- انعام، پئسا وغيره چيائين ته قبلا راڳ لاءِ ڌڪڙ وڄائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه گهرجي. پير صاحب سڀني خليفن ۽ فقيرن کي حڪم ڪيو ته صرف احمد فقير کي دُهل، ڌُڪڙ جي اجازت آهي. ان کي ڪو به نه روڪي ڀلي ڪٿي به ڳائي وڄائي- پوءِ احمد فقير حرن جي وچ ۾ ويهي به ڌُڪڙ تي ڳائيندو رهندو هو. احمد فقير جي وفات جو به وڏو لکڻ ۽ ٻڌڻ جهڙو ذڪر آهي، جيڪو ڪڏهن خادم حسين سان ڪبو. ان مان ثابت ٿيو ته هي روحاني رمزن وارو صوفي بزرگ هو. سڪرنڊ شهر جي پهرين گاڏين جي گئريج جي مستري ۽ راڳ ويراڳ جي وڏي ڄاڻو ۽ ڪاريگر، استاد سچي ڏني ڏاهريءَ سان سندس گهاٽي دوستي هئي، استاد سچيڏنو، جنهن وٽ استاد گلزار علي، خان استاد خورشيد علي خان، استاد منظور علي خان ۽ محمد يوسف، وحيد عليءَ کان وٺي علڻ فقير تائين به هن سان خاص ڪچهريون ڪرڻ ايندا هئا، ته ان استاد سيچڏني جو ذڪر به هجڻ گهرجي ها ڪتاب ۾- بهر حال ذڪر پئي ڪيم احمد فقير جو، جنهن جي شاعري جا بيت نموني طور ڏجن ٿا:

بمبئيءَ جي بازار مان، تون سُکيا وٺ سودو،
هڪرو گڏبئي شير، ٻيو خچر، ٽيو کودو،
اڳيان وڻجار ڪي وٽ سان، شاهي گڏبئي شودو،
پوءِ سُکيا وٺ سودو، نه ته بمبئي ويندي ئي بند ٿي.
*
بمبئي ويندئي بند ٿي، پوءِ ڪٿان آڻيندين،
مزو هن موديءَ جو، تون ڪٿان ماڻيندين
”احمد“ ادا جيسين تندو تاڻيندين.
تيسين بمبئي ويندئي بند ٿي.

يا هيءَ ڏٺ، جيڪا سُڪل ول توري تي ٻَڌل آهي، جنهن ۾ ڪيڏي نه سگهڙ پڻ ۽ ڪاريگري ڪئي اٿس ته:
بر ۾ باريءَ هڪڙو، بوتو بنايو،
ڏهه تراريون ڏيل ۾، وتي هميشه چايو،
اڇن کي ميان ”احمد“ چئي، آ ڪارن ورايو،
پوءِ سياڻا سمجهايو، ڏاها ڳوليو ڏٺ کي.

ايئن هن جو ڪافي ڪلام تِنهن وقت جي فنڪارن ڳايو ۽ سگهڙن ڪچهرين ۾ ٻڌايو ۽ عوام ٻڌو. ٿي سگهي ٿو ته ان جو ڪجهه ڪلام وريام سنجراڻيءَ وٽ به گڏ ٿيل هجي. سچَ ته وڏو سگهڙ ته ڇا، پر خدا رسيده بزرگ هو.
نواب شاهه جي مشهور شخصيت، پاڪستان جڊيشري جو اهم رڪن، نامور قانوندان، فنڪشنل مسلم ليگ جو بهادر اڳواڻ، پنهنجي ذات ۾ زبردست پيار ڪندڙ سٻاجهو شخص، تنوير عباسيءَ جي هن سٽ ’ڀڙڪڻ ۾ ڄڻ باهه، مرڪڻ ۾ موتئي مثل‘ جي زنده تصوير، جنهن کي صرف ان ڪري رستي تان هٽائي شهيد ڪيو ويو جو هن جي جرئت هتان جي نامور شخصيتن کي کٽڪندڙ هئي، اهو هئو محترم علي محمد ڏاهري وڪيل، جنهن کي ڄاڻي واڻي يا مصلحتاً هن ڪتاب ۾ ياد نه ڪيو ويو آهي.
ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي حصي ۾ چاچي عثمان عمراڻيءَ جو ڪجهه احوال به اچي ها، جنهن انقلاب جي عشق ۾ شادي ئي ڪانه ڪئي، جيڪو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو يار هو. جيڪو هاري ڪاميٽي ۽ پاڪستان ڪميونسٽ پارٽيءَ سان فڪري طرح عمر جي آخري ڏينهن تائين سِلهاڙيل هو، جيڪو چوندو هو، ته پاڪستان زرعي ملڪ آ، ۽ هتي مزدورن سان گڏ هارين جي شموليت کان سواءِ انقلاب نٿو اچي سگهي.
”ساڻهه جا سينگار“ ڪتاب ۾ هڪ ٻئي ڪردار جو ذڪر به ضروري هو، جنهن کي سڪرنڊ لطيف پيرزادي جي نانءَ سان سڃاڻندي هئي، اهو چاچو لطيف، جيڪو مولوي محمد معاذ جو ڀائٽيو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ جي باني ميمبرن مان هڪ هو. چاچي لطيف جي ڪتابن جو دوڪان اديبن، شاعرن ۽ قومي سڪارڪنن جي رابطي جي ايئن جڳهه هئي، جيئن مير محمد پيرزادي جو آستان هو، رسول بخش پليجو ڪٿان به موٽندو ۽ سڪرنڊ ايندو هو، ته سڌو چاچي لطيف وٽ پهچندو هو. اسان ته هڪ دفعي مذاق ۾ پليجي صاحب کي چاچي لطيف سان مخاطب ٿيندي ايئن به ٻڌو ته لطيف! سنڌ ڀلي ڀٽ شاهه جون چوڏهيون ڪري ۽ درگاهه جون زيارتون ڪري، پر آئون سڪرنڊ زندهه لطيف سان ملڻ ايندو آهيان. چاچي لطيف وٽ دوڪان تي اسان رسول بخش پليجو ، ڄام ساقي، شيرين سومرو ڪيس جو هيرو سيد علي حيدر شاهه، سيد عالم شاهه، زخمي چانڊيو، سوڀو گيانچنداڻي به ايندي ڏٺا. ايتري تائين، جو ڀٽ شاهه جي ميلي تي وڏي عرصي کان پوءِ مير محمد پيرزادي سان جڏهن امرجليل مليو، ته کانئس پڇيائين ته مير محمد! ٻڌاءِ ته لطيف پيرزادي جا ڪهڙا حال آهن؟ ٺيڪ ٺاڪ آ؟ مير محمد جڏهن امر جليل کي ٻڌايو ته سائين! لطيف پيرزادو هاڻ من دنيا ۾ نه رهيو آ، ته اهو ٻڌڻ سان امر جليل جون اکيون پاڻي پاڻي ٿي ويون هيون.
جيڪڏهن اسان جو دوست خادم حسين آئيندي ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آڻي، ته ان ۾ هڪ اهم ڪردار جو ذڪر به ضرور ڪري. اهو شخص جنهن جو سائين جي ايم سيد پنهنجي مشهور ڪتاب ”دريارِ دل- داستان محبت“ ۾ روحاني خواب ۾ سنڌ جي خدمت ڪندڙن کي جنت ۾ ڏسڻ جو ذڪر ڪيو آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهو اڏول ڪارڪن هو عزيز ڀنگوار. عزيز ڀنگوار، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو احوال ۽ ان ۾ ڏاڍا ڇرڪائيندڙ انڪشاف به ڪيا هئا- ڏاڍو بيباڪ، بهادر ۽ نظرياتي ڪارڪن هو قومي تحريڪ جو، جنهن جو ڪتاب ”مان ڏوهي هان“ ڪجهه سال اڳ ڇپيو هو. عزيز ڀنگوار هڪ زبردست قوم پرست اڳواڻ هو. قوم پرست تحريڪ جي شروعات ۾ جيڪي نظرياتي، سنجيده ورڪر ۽ مڙس ماڻهو ڪردار ٿي رهيا، عزيز ڀنگوار انهن مان هڪ هو. ان تي مير محمد پيرزادو يا تاج جويو. خادم حسين جي بهتر رهنمائي ڪري سگهن ٿا.
پراڻن سگهڙن ۾ منهنجي ڳوٺ جو محمد صديق ڏاهري، جيڪو استاد سچيڏني جو نانو هو، جنهن جي سگهڙائپ واري شاعريءَ، جنهن ۾ بيت، ڏور، سينگار، نڙبيت، ست سرا ڏور، ست سرا بيت، وغيره جو چڱو ذخيرو اڻ ڇپيل صورت ۾ مون وٽ موجود آهي، آئينده ان جو ذڪر به ٿيڻ گهرجي.
اڳي جڏهن اسين انقلابي ادب پڙهندا هئاسون، ويٽنامي ۽ فلسطين عورتن جا قصا ۽ ناولن ۾ ڪردار پڙهندا هئاسون. پوءِ جڏهن تاج جويي جو لکيل ڪتاب ”دنيا جون عظيم انقلابي عورتون“ پڙهيو هئو سون، تڏهن خواهش ٿيندي هئي ته ڪاش! سنڌ جي انقلابي نياڻين جا به اهڙا ڪردار پڙهڻ لاءِ ملن، جن تي فخر ڪري سگهون. گهڻو وقت پوءِ، جڏهن ڏيپلائيءَ جو مشهور ناول ”سانگهڙ“ وري ڇپيو ته پڙهڻ کان پوءِ پتو پيو ته انقلاب لاءِ سنڌ جي عورت ڪنهن کان پوئتي نه رهي آهي. ڀٽائيءَ جي سورمين کان وٺي شهيد بختاور تائين جدوجهد ۽ مسلسل جدوجهد جو سمبل رهي آهي، جنهن کي سر جو سانگو به نٿو ڪرڻو پوي.
هن ڪتاب ۾ خادم حسين چانڊيو لکي ٿو ته ”مائي ڪالر جوڻيجو 1855ع ۾ پيدا ٿيل وڏي همت ڀري نيڪ سيرت، عقل ۽ ڏاهپ واري سماج سڌارڪ عورت ٿي گذري آهي، جيڪا ٻنين جي سنڀال تي نڪرڻ مهل مرداڻو لباس ڪري، پٽڪو ٻڌي، گهوڙي تي چڙهي، زمين سنڀاليندي هئي، فيصلا ڪندي هئي، جنهن هڪ دفعي مختيار ڪار کي به پادر ٺوڪيا هئا. هُوءَ آخري عمر ۾ صوفياڻي زندگي گذاريندي 1930ع ۾ وفات ڪري وئي.“
هن ڪتاب جي اهم ڳالهه منهنجي نظر ۾ اها آهي ته هي مردانو سماج آهي، مرد ڪردارن تي اڳ ۾ به گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي ۽ اڃا به لکبو پيو پر، عورتن جي همت ۽ مردانگيءَ تي شايد ئي ڪجهه لکيل ملي- خادم حسين ان حوالي سان به بهتر ڪم ڪيو آهي، هن ثابت ڪيو آهي ته جيڪا ڌرتي سُهڻي ۽ سسئي پيدا ڪري سگهي ٿي، مارئي پيدا ڪري سگهي ٿي، ته اها ڌرتي هن موجوه دؤر ۾ ادي نازو ڌاريجو جهڙو ڪو ڪردار به پيدا ڪري سگهي ٿي. منهنجي هن ڀيڻ ادي نازو کي هن ڪتاب ۾ پڙهڻ کان اڳي صرف هڪ سياسي پارٽيءَ جي ضلعي ليول جي اڳواڻي سمجهندا هئاسون. پر، هت خبر پئي ته اسان جي مانائتي ڀيڻ نازو، ڀٽائيءَ جي ڪا سورمي ٿي لڳي، جن لاءِ لطيفي لات جي شاهدي آهي ته:
ور سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن.
هن اديءَ جاگيرداراڻي سماج ۾ وقت جي وحشي ۽ بدنام ڌاڙيلن سان ڪلاشنڪوف کڻي مهاڏو اٽڪائي، سر ڌر جي بازي لڳائي، پنهنجي ڳوٺ خواهه پنهنجي تَرَ ۽ پنهنجي زمين جي نگهباني پئي ڪئي آهي. ادي نازوءَ لاءِ آئون ائين چوان ته هن جو ايمان آهي ته نَنگن ۽ دَنگن جا رکوال رڳو مرد به نه هوندا آهن، پر اهي دليون ئي ڌرتيءَ جي انچ انچ جون رکوال هونديون آهن، جن ۾ رت سان گڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جو پيار ڌڙڪندو آهي، اهڙي دل جڏهن ڪنهن عورت جي سيني ۾ ڌڪ ڌڪ ٿي ڪري، ته اهڙي عورت ادي نازو بڻجي ٿي پوي- ڀٽائيءَ مارئي ۽ سسئيءَ کي امر ڪري ڇڏيو. ڏيپلائيءَ حر تحريڪ لاءِ جدوجهد ڪندڙ حرياڻين سنڌياڻين کي تاريخ جي صفحن ۾ سدائينءَ لاءِ زندهه جاويد ڪري ڇڏيو. ڪاش! وري ڪو اياز پيدا ٿي پوي ۽ ڪيهر شينهن جي دل رکندڙ هن ڌرتيءَ جي ڌڃاڻيءَ سان انصاف ڪري سگهي. ادي نازوءَ تي خادم حسين جي قلم کي اڃان وڌيڪ لکڻ گهرجي ها.
اميد ته خادم حسين آئينده اهڙن جيئرن جاڳندن عورت ڪردارن، سنڌ جي سورمين وطن جي واهُرن ۽ ڌرتيءَ جي ڌڃاڻين اڄ جي مارئين بختاورين تي ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ اڃا وڌيڪ لکندو، امڙ ڪالر جوڻيجو ۽ ادي نازو ڌاريجو واقعي هن ضلعي جا اُهي ڪردار آهن، جن تي سنڌ صدين تائين نازڪ ڪندي رهندي.
**

سور پريان جا ساڻ مون

---

مون سي ڏٺا ماءِ (سيد امداد محمد شاهه جي شخصيت)

شو پيسن جي دوڪانن ۾ سجايل ڪاغذ، ڪپڙي يا پلاسٽڪ جي رنگ برنگي گلن ۾ نفاست ۽ سونهن ته هوندي آهي، پر اُهي خوشبوءِ کان خالي هوندا آهن. فطرت طرفان خوشبوءَ انهن لاءِ انعام ٿي نه لهندي آهي، ڀؤنرا خوشبوءِ تي ڀرندا آهن ۽ پوپٽ هڳاءَ جا مشتاق هوندا آهن. ڪاغذ، ڪپڙي ۽ پلاسٽڪ جي گلن ڦلن ۽ گلدانن تي وقت جي دَز ته چڙهي سگهي ٿي، پر انهن جي مٿان پوپٽن جو رقص ٿئي، ڀؤنر ڀرن، اهو ممڪن ئي ناهي.
دنيا ۾ عظيم انسانن جا ماڻ ۽ ماپا به اهي ئي آهن جو انهن جي سيرت جي خوشبوءَ ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي ۽ گڏوگڏ نوجوانن جي وجود کي به واسي ڇڏيندي آهي. ماڻهو انهن باڪردار هستين جا مشتاق بنجي پوندا آهن. تڏهن ته لطيف سائين به چيو ته:
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي،
جيڪي محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيندا آهن. اهي ئي ماڻهو مشعل بڻجي ماڻهن کي موهيندا آهن ۽ لطيف سائينءَ جي هيءَ سٽ به امر ٿي پوندي آهي ته:
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ
فطرت جي تخليقڪار ”سن جي سيد خاندان“ کي به اهڙي ئي لازوال خوشبوءَ عطا ڪري ڇڏي آهي،
اهو شايد مخدوم بلاول جي پيڙيل هڏين سان گڏ سندس بيباڪ روح جي پڪار جو پرتوو ۽ مرشديءَ جي مام آهي يا شاهه حيدر سنائيءَ جي سنڌ پرستيءَ جي تسلسل جو سفر آهي، جو ڌرتيءَ جو عشق انهيءَ خاندان جي من ۾ جڏهن اچي کاٽ ٿو هڻي ته اياز جون هيءُ سٽون امر بڻجيو پون:
”عشق عقاب پکي پر ڏيهي جهڙن ڏئي ٿو جهٽي،
ڪير اُنهيءَ کان کٽي!
۽ پوءِ سنڌ جو نوجوان بلڪه لکيل پڙهيل ۽ باشعور نسل، هنن جي نينهن جي نعري تي نچندي ڪڏندي سر ڏيڻ کان به نٿو ڪيٻائي،
پسي لهس نه لڇيا، سڙيا مٿي سچ،
ڳيچين سندا ڳچ، ويچارن وڃائيا.

نواجونن سان نينهن ته ڪو هن خاندان کي سکي، پوءِ اها ٻڍڙي صوفي لاڪوفي، شاهه سائينءَ جي شارح، سنڌؤَ جي ساڃاهه جي خالق ۽ سنڌ يگاني عاشق سائين جي ايم سيد جن جي مشفق ۽ ٻاجهاري شخصيت هجي يا سچل سائينءَ وانگر سچ جي سراپا تصوير محترم امداد محمد شاهه جن هجن. باقي سائين زين شاهه لاءِ جيڪي محبتون آهن اهي ڪنهن جدا ڪتاب جون گهرجائون آهن. هونئن به محبتن کي من ۾ سمائي اسٽيجن تي آڻڻ محبتن سان مذاق هوندو آهي.
بحرحال مون کي جيڪي چند لفظ لکڻا آهن. انهيءَ دوريش صفت، مشفق، ٻاجهاري ۽ مهربان انسان سائين امداد محمد شاهه تي لکڻا آهن، جنهن جا نيڻ شاهه، سچل، سامي، بيدل، بيڪس، مصري شاهه، روحل ۽ دلپت جي ڌرتيءَ جي ڏکن تي لڙڪ لڙڪ ٿي ٽمندا هئا. جيڪو :
محبت لڏي وئي ملڪ مان، ڏک وڏو ڏيئي.
ياراڻي يارن مان، ويئي ڙي ويئي.
جهڙين لافاني سٽن جي خالق حمل فقير جو عاشق هو. جنهن کي منهنجي ئي تعلقي سڪرنڊ پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو هو. جو هو سنڌ جي نواجونن جي سياسي قبلي ”سن“ کي ڇڏي اچي سڪرنڊ ۾ سڪون پذيرُ ٿيو.
اها سڪرنڊ تعلقي جي مٽيءَ جي مهڪ هئي يا هتان جي ماڻهن تي قمست جي ديويءَ جي ڪرپا جيڪا سائين امداد محمد شاهه کي سڪ مان سڏي هتي وٺي آئي هئي:
پشم جهڙن پيرن سان، تون مٺڙا مون وٽ آءُ
تنهنجو آڌر ڀاءُ، سڪرنڊ ڪندو سڪ سان.

سائين ڇا آيو ڄڻ هن علائقي جي قسمت کلي پئي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ اسڪول کلي ويو ڪچن رستن جي جڳهه روڊن جو ڄار پکڙجي ويو. چپي چپي تي صحت مرڪز قائم ٿي ويا. شاخن ۽ واٽرن تي پليون پئجي ويون، ڪيئي پوئتي پيل ڳوٺن ۾ ڊرينيج سسٽم ٺهي ويا، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون اچي ويون انڌيرن جي ٻاٽ ۾ گم ٿيل ڳوٺ بجليءَ جهڙي نعمت سان منور ٿي ويا.
آئون چوان ٿو ته پارلياماني نظام جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ تائين، هتان جي چونڊيل سڀني ايم پي ايز ۽ سڀني اين ايز گڏجي به ايترو نه ڏنو آهي جيترو اڪيلي سر سائين امداد محمد شاهه هن علائقي کي بنيادي ضرورت جي اسڪيمن سان نوازيو.
هو جيڪو ڪجهه وقت عوامي ليگ جي ميمبر شپ کان سواءِ ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو باضابطا ميمبر نه رهيو. هن پنهنجي شخصيت جي نکار لاءِ ڪنهن به ”حوالي“ کي فضول ٿي سمجهيو. هن جي دور رس نگاهه سمجهي ورتو هو ته نقلي حوالن سان شخصيتن کي دوام نه ملندا آهن. هو ڪنهن به حوالي طور سڃاپجڻ کان بيزار هو، حالانڪ هن جي چوڌاري ڪيئي حوالا پيا طواف ڪندا هئا، هو سيدهو. چاهي ها ته پاڻ کي پير طريقت، رهبر شريعت دامن برڪاتهم ۽ الا ۽ ڇاڇا جهڙن لقبن القابن سان نوازي ماڻهن کي منجهائي بيوقوف بڻائي تصوف جا آفيم کارائي پئي سگهيو. سلطان ٻاهوءَ جي لفظن ۾ ”مريد ڪرڻا، غريب ڦُرڻا“ وانگر کوڙ غريب ڦريو روحاني رهبر بڻيو ويٺو هجي ها.
هو، سائين جي ايم سيد جو فرزند هو، چاهي ها ته سنڌ جي قومي تحريڪ کي يرغمال بڻايو ويٺو هجي ها، چاهي ها ته جيئي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڌڙي جي اڳواڻي سنڀاليو ويٺو هجي ها، يا ڪا پنهنجي ڌار پارٽي ٺاهيو ويٺو هجي ها، پر هن کي اهڙي ماروئڙن سان مذاق ماڳهين پسند ڪا نه هئي.
هو ٻه دفعا ايم پي اي چونڊيو پر ڪڏهن به پاڻ کي سابق ايم پي اي نه سڏايائين.
هو زميندار به هو. چاهي ها ته ٻين عام وڏيرن وانگر ڪڪڙ، ڪتا ۽ گهوڙا ڌاريو ويٺو هجي ها، رڇن جو بڇون ۽ سوئرن جا شڪار ڪري ها چورن، پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن کي تاتيو پيو پراين زمينن تي قبضا ڪرائي ها، پوليس آفيسرن سان ياريون نڀائي ها، شراب ڪباب ۽ شباب جون محفلون مچائي ها. پر نه- هن جي رڳن ۾ رت نه پر ڄڻ ته غيرت جو سنڌو پيو ڇوليون هڻندو هو. سنڌ جي نقشي جيڏي هن عظيم انسان جو حوالو بس اهو هو ته هُو ”سيد امداد محمد شاهه هو“ ۽ سيد امداد شاهه ئي رهيو.
هو چوندو هو ته؛ ”انقلاب رڳو رت وهائڻ ئي ته ناهي، ماڻهن جا ذهن تبديل ڪرڻ ئي اصل ۽ پائدار انقلاب آهي“
هو چوندو هو ته ”ماڻهن جو ذهن تڏهن تبديل ٿيندو جڏهن ماڻهن ۾ تعليم ايندي، شعور ايندو.“ ضلعي ۾ ڪيئي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول سندس جستجوءَ جو نتيجو آهن.
جتي هن سماجي ڪمن طرف ڌيان ڏنو اتي هن پارلياماني سياست ۾ به واهه جو پاڻ موکيو. محترمه بينظير ڀٽو جي نظر بندي هجي يا ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي تي احتجاج، ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي يا سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين جي تعمير جو تڪرار- ڌارين جي آباد ڪاري هجي يا تعليمي ادارن جي تقدس جي تباهي جو منصوبو هجي. پنجاب جي ڪارخانن جي زهريلي پاڻي جو سنڌؤَ ۾ ڇوڙ هجي يا پنجاب کان ايندڙ ناقص زرعي ٻج ۽ غير معياري زرعي دوائن جو مسئلو هجي يا مختلف ڪارخانن مان سنڌي مزدورن جي ڇانٽي هجي يا سنڌ جون زر خيز زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ تان احتجاج، فوج ۽ پوليس هٿان ڌاڙيلن جي آڙ ۾ سنڌي ماڻهن جو ڪوس ۽ قتل عام هجي يا ڪنهن پنجابي سرمائيدار جي قتل ڪيس ۾ ٿري عورتن جي گرفتاريءَ جو مسئلو هجي. پاڻ جنهن جرئت، مضبوط دليلن ۽ انگن اکرن سان سنڌ جو ڪيس سنڌ اسيمبليءَ ۾ وڙهيو. ان لاءِ اسيمبليءَ جو رڪارڊ،سندس اڪثر بند ڪيو ويندڙ مائڪ، سيٽون، در، دريون، ديوارن ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو مقدس ايوان ساکي آهن. هتي آئون ميمبرن جي نالي انڪري به نه چوندس جو وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهن کي ويسر جي وڻ ويڙهي وڪوڙي ويندي آهي. مونکي پختو يقين آهي ته جڏهن موجوده ايم پي ايز جي ڪار گذرين کي ڏسندي ۽ سائين امداد محمد شاهه جي غير موجودگيءَ کي محسوس ڪندي. اهو مقدس ايوان، ان جو رڪارڊ، در، دريون، ديوارون، مائيڪ ۽ سيٽون وغيره ضرور ايوان، ضرور خاموشيءَ جي زبان سان هيءَ سٽ جهونگاري سڏڪيون هونديون ته:
”انهن آکيرن تي، ويٺا چٻ چڙهي.“
لنڊن هجي يا دهلي هجي، يا اسلام آباد سائين امداد محمد شاهه جي حيثيت هر جاءِ ”سنڌ جي نمائيندي“ واري رهي.
سائين نه رڳو سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جو آواز ٿي گونجيو پر سنڌ جا سڀئي روڊ، رستا، سڀئي فورم سيد جي جدوجهد جا ساکي آهن. پوءِ اِهو ڪمون شهيد وٽ ڊيم خلاف سڄي سنڌ اٿلي پيل هجي، يا سڪرنڊ ۾ جسقم جو تاريخي ڌرڻو هجي سائين هر موقعي تي ملڪ جي جنوني حڪمرانن سان اکيون اکين ۾ ملائي مهاڏو اٽڪايو.
مونکي ياد ٿو اچي، سڪرنڊ ۾ جسقم جي ڌرڻي واري ڏينهن ڇتي گرميءَ ۾ ڪمزوري ۽ طبعيت ناچاڪ هوندي به سائين نه رڳو شريڪ ٿيو، پر نٽهڻ اُس ۾ صحت صحيح نه هجڻ ڪري ڪرسي تي ويهي تقرير به ڪيائين. نه رڳو ڊيم کي رد ڪيائين پر نوجوانن کي تنبيهه ڪندي چيائين ته ”هاڻ نعرن هڻڻ جو وقت ويو، احتجاج ۽ ڌرڻا هڻڻ جو وقت ويو، حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا آهن، انهن تي احتجاج اثر نه ڪندا. توهان نوجوانن کي فلسطينين وانگر حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، يا ته حق حاصل ٿيندا يا ته مري مات ٿيڻو پوندو. ان وقت اياز جون هي سٽون، ڄن ته زنده تصوير بنجي پيون هيون:“
اڃا ڏمري ڏاڍ تي، اڻ مڃي مور،
سوچي ڏسي ڏور، ايندڙ ارڻ ڏينهڙ!

سچ بنجي پيا هئا، فيڊل ڪاسترو جا اهي لفظ ته: ”انقلابي ڪڏهن به ڪُرڙا نه ٿيندا آهن.“ مون سائين جي لفظن تي غور ڪيو ته مونکي سائين جي تقرير خليفي نبي بخش جون هي لاثاني سٽون، لڳي هئي.
هڻ ڪٽارو، ڪات ويري ويرَم نه سهي،
متان ڪا مصلحات، ڪانئر وجهي ڪن تي.

سنڌ جي هن اڏول ۽ حلالي پٽ جون ٻه ڳالهيون ته مون کان ڪڏهن به نه وسريون آهن، جيڪي مونکي مخاطب ٿي چيون هيائين- جيڪي ٻئي نصحيت ڀريا نڪتا به آهن، ته بي مثال لطيفا به، ته ڪڙي ۽ ڪساري سچ جا ڍڪ به آهن.
• حمل فقير جي ڪنهن عرس تي مون مقالو پڙهندي، ميرن جي دور ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ ڳجهين سازشن تان پردي کڻڻ جي ڪوشش ڪندي حمل فقير جي شاعري کي ان ڪسوٽي تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، گڏو گڏ اهو به چيو هيم ته حالتون اڄ به جئين جو تيئن آهن، ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ مونکي بيحد خوشي ٿي هئي، جڏهن سڄي پنڊال سان گڏ منهنجي سماعتن سان به سائينءَ جو آواز ٽڪرايو هو. سائين صدارتي تقرير ڪري رهيو هو. ۽ اوچتو مون سان مخاطب ٿيو. چيائين ته: ڏاهري صاحب! پٽ تو جن سازشن جو ذڪر ڪيو آهي، ان جو مختصر جواب توکي آئون ٿو ڏيان. پوءِ سائين هڪڙي ڪهاڻي ٻڌائي ته هڪڙي ڇوڪري صبح جو پنهنجي پيءُ کي چيو ته بابا! پنهنجي رڍن جي واڙ جي ٻاهران بگهڙن جي پيرن جا نشان ٿا ڏسجن. شايد رات ڪي بگهڙ آيا هئا. پڻس جواب ڏنس ته پٽ، پنهنجي گهر جا ڪتا ٿيا آهن ڀاڙيا. تڏهن ٿا بگهڙن جا پير ڏسجن....! سو ابا ڏاهري صاحب! وڌيڪ آئون ڇا چوان وڌيڪ تون پاڻ سمجهه...! ڪيڏو نه وڏو سچ هو، جو هر دور جي حالت تي ٺهڪي ٿو اچي.
• ٻيو دفعو وري اسانجي ڳوٺ جي معزز شخصيت ۽ منهنجي سوٽ استاد مٺا خان جي وفات جي خبر اخبار ۾ پڙهي سائين امداد محمد شاهه ڪراچي کان پر ٻهرو اسان وٽ تڏي تي آيو هو. تڏي تي ڪچهري ڪندي مونکي مخاطب ٿيندي چيائين، پٽ واپڊا ۾ آهين نه؟ چيم جي سائين! پوءِ واپڊا کاتي جي خامين جي نشاندهي تي ڳالهائيندي سائين چيو ته پٽ هڪڙي ڳالهه ٻڌ! پوءِ سائين ٻڌايو ته هڪڙو هو سک سردار انهيءَ کي تمام گهڻا ٻار هئا، پهرين هن ڪوشش ڪئي ته ٻار ڄمڻ بند ٿين. پر ٻار ڄمندا هي رهيا. آخر ڊاڪٽر کان علاج ڪرايائين. ٻار ڄمندا رهيا. حڪيمن کان علاج ڪرايائين پر ٻار ڄمڻ بند نه ٿيا. ويچارو ڏاڍو تنگ ٿيو، جيڪا به ڪوشش ڪرڻي هيس ڪيائين پر ٻار ڄمڻ بند نه ٿيس. نيٺ هڪڙي ڏينهن سندس پراڻي ڊاڪٽر دوست جنهن هن تي تمام گهڻا نسخا آزمايا هئا، سک سردار کي چيو ته سردار جي! اڃان هڪڙو علاج رهيل آهي. اميد ته ان سان ٻار ڄمڻ بند ٿي ويندا. گارنٽي آهي. سک سردار چيو ٻڌاءِ! آءُ هر علاج ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان.... ڊاڪٽر وري به شرمائيندي چيس ته توهان پنهنجو جنسي عضوو ڪٽائي ڇڏيو.... بس اهو ئي علاج آهي. سک دانهن ڪندي چيو ته او ڊاڪٽر! ان عضوي کي ڪٽائي ته ست سال ٿي ويا آهن. پوءِ به ته ٻار بند ڪو نه ٿا ٿين. سائينءَ چيو ته: سو ابا! توهان جو کاتو به اهڙو آهي جو بجليءَ جو ميٽر لٿي ست سال ٿيو وڃن ته به بل اڄڻ بند ئي نٿا ٿين- ڇا ته سچ چوڻ جو انداز هو. اهڙن عظيم انسانن جي وڇوڙي تي رڳو ماڻهن جا من ماتم ڪده نه بڻبا آهن، پر ڪک پن روئندو آهي، پکي، پکڻ، وڻ ٽڻ سڏڪندا آهن. ڪائنات سوڳوار بنجي ويندي آهي. جڏهن ڪائنات سوڳوار بنجندي آهي ته آسمان جا لڙڪ بارش جو روپ وٺندا آهن. سائينءَ جي وڇوڙي تي ٽي ڏينهن مسلسل سنڌ جي آڪاش ڳوڙها ڳاڙيا ها. ان وقت نيڻ ڇلڪندي مون قلم کنيو ته بي ساختا منهنجي قلم مان هيءَ سٽون سر جي نڪتيون:
خود خدا جي خاص هڪڙي خيال جي تصوير هو،
هُو شخص سنڌ جي روح جي ويراڳ جي تحرير هو.
**

هي مضمون:
سائين امداد مهمد شاهه جي شخصيت ۽ جدوجهد تي ڇپيل ڪتاب ”هوندا سي حيات“ ۾ شايع ٿيو. پهريون ڇاپو فيبروري 2008ع

رني ڪوٽ جي رکوال جو روح_ ”خاڪي“ جويو

هُو ڪيئي هزارين سال اڳ جي ڪنهن ’رني ڪوٽ جي رکوال‘ جو روح وٺي پيدا ٿيو هو. جنهن جي سيني ۾ ڪنهن ديس ڀڳت دراوڙ جي دل ڌڙڪي، نه رڳو سنڌوءَ ڪپ تي ’رگويد‘ رچيندڙ رشين جهڙا ساوڪ رُتِ جا سُهڻا ۽ گلابي گيت سرجيندي هئي.
پر جڏهن ديس تي ڪنهن آريائي اولاد جي ڪا هلان يا حملو ٿيندي ڏسندي هئي، ته ڪلڪ کي ڪنهن ڪنڊ پاسي رکي، اها ساڳي ئي دل هن کي پنهنجي هٿن ۾ ڪاري ڳن سان ڪهاڙي کڻي، وطن جي حفاظت جو فرض سونپڻ لاءِ هر وقت تيار رهندي هئي.
هُن جي سوچ جون ڌارائون افلاڪي ۽ مافوق الطفرت قوتن کان وڌيڪ زميني حقيقتن جي سچ جون مُتلاشي رهيون هيون. هو مٽيءَ جي مانَ جو مُعترف هو. هُن کي خبر هئي، ته ماڻهوءَ بنيادي طور مٽيءَ جي مان وجود ورتو آهي. اول ۽ آخر، هُو مٽيءَ سان ملي، مٽي ٿي وڃڻو آهي، پوئتي ڪجهه رهڻو آهي، ته ڪردار جون خاصيتون ۽ ڏات ئي رهڻي آهي، تنهنڪري هن شاعريءَ ۽ ادب واري واٽ جي پاڻ لاءِ چونڊ ڪئي ۽ پاڻ کي ديس جي خاڪ سمجهي ’خميسي خان‘ مان ”خاڪي“ جويو بنائي ڇڏيائين.
جيڪڏهن تاريخ جي هر دؤر ۾ هُن جو وطن هر ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کان آجو ۽ فڪري، نظرياتي طبقاتي، قومي ۽ معاشي طور آزاد هجي ها، ته هُو فقط اهڙي ئي شاعري سرجي ها ته:
دهري سهڻي يار جي، ڇاتيءَ مٿي ڇٽُ،
مُور انهيءَ جو مٽُ، چنڊ نه ٿيندو نُڀَ ۾.

ڇو ته هُو حسن پرست هو، انهيءَ ڪري هُو سونهن جو شاعر هو. عشق جو عقاب پکي پر ڏيهي جهڙپ هڻي هُن جي دلڙي چنبن ۾ چائي اُڏاڻو ٿي ويو، ته هُن جي محبت جو مجازُ محبوب ڏي مُنهن ڪري، نينهن جي نماز جوٽي سُونهن کي سجدا ڪندو ٿي رهيو. ڇو هُن جي اندر جي ازغيبي قوت هُن کي سونهن جو سبق پاڙهيو هو.
اسان جي ايمان کي پاڙهيو سُونهن سبق،
حُسن مڙوئي حق، عشق اکيون کولي وڌيون.

**
محبت ۽ مجاز، سجدو ڪيو سُونهن کي،
پڙهي نينهن نماز، مُنهن ڪري محبوب ڏي،

هو جيڪو هڪ ئي وقت پوپٽ جي پرن ۽ گلاب جي پنکڙين جهڙي نازڪ ۽ نفيس دل جو مالڪ هو، پر، جڏهن ديس جي دردن جون پڪارون هن جي روح جي سماعتن سان ٽڪرائبيون هيون، ته هُن جي جيءَ جو جوالا مکي ڦاٽڻ لڳندو هو. ته هن جا مزاحمتي شعر درياخان جي تلوار جي ڌار بڻجي ويندا هئا. ۽ ٺٽي جي راهن ۽ رستن تي رت ڦڙن ۾ تبديل ٿي ويندا هئا. ته هُن جي قلم مان ازخود هِنُ شعر جهڙا بيتن جا گلاب ڪاغذن ۽ ڪتابن تي ٽِڙي پوندا هئا.
اڃا تنهنجا آسري، دولهه درياهه خان،
سورن جا سامان، سانڍيو اچي سنڌڙي.

سنڌ هُن جو وطن ئي نه، پر ’عشق‘ بڻيل هو ۽ اهو عشق وري ’ايمان‘ جون حدون به اور انگهي ويو هو. تنهنڪري هُن جو مقدس وطن هُن الاءِ عقيدو ۽ ايمان به هو ته انجيل، گيتا ۽ قرآن به هو. خالق خدا، رام، رحمان به هو. ته جيئري ۽ مُئي امن وارو اجهو به هو.
سنڌ مقدس عيقدو ۽ ايمان آ،
سنڌ انجيل،گيتا ۽ قرآن آ.
سنڌ خالق خدا، رام، رحمان آ،
سنڌي جيئري ۽ مئي آ اجهو ۽ امن،
پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن.

”خاڪيءَ“ کي پيار ۽ محبت جي فلسفي توڙي وطن ۽ وطن واسين جي عشق اهو سمجهايو هو ته رشتن جي تقدس کي ڪڏهن به نفرت جي جهولن جي لُڪَ لڳڻ نه گهرجي. ائين ڪنهن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکڻ ۽ ڪنهن کي ڀاڪر پائڻ سان دلين ۾ داخل ٿيل وقتي زنگ ڦڙو ڦڙو ٽپڪي اَندر کي اُجاري اڇو ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ رُٺل پل ۾ پرچي پوندا آهن، جيڪڏهن هيءُ وطن گهر آهي، ته هر وطن واسي به ته ڀاءُ ئي آهي. ۽ هُن لکيو ته:
پيار منجهان پايان، ڀاڪر هر ڪنهن ڀاءُ کي،
رُٺل پنهنجي راڄ جا، پاڙا پرچايان.
سڀ کي سمجهايان، چانڊوڪيءَ جون چاهتون.

هونئن ”خاڪيءَ“ جو مزاج به سنڌ وانگر سيڪولر هوندو، ۽ هُو پنهنجيءَ موج ۽ مستيءَ ۾ رهڻ وارو شخص هو. هُو اجائي ڇيڙ ڇاڙ کان به پاسيرو رهندو هو. پر، جيڪڏهن ڪنهن هروڀرو به کيس بيجا بحث ۾ ڇيڙي وڌو ته هُو پنهنجي سُرت ۽ ساڃاهه جي پڪن پختن دليلن سان اتر جو مينهن، بڻجي پوندو هو. هن سان الجهڻ واري کي واپسيءَ جي واٽ ئي نه ملندي هئي. هن لکيو هو ته:
ديوانن کي ڇيڙيو ڇو ٿا، بيگانن جي بستيءَ ۾،
رهڻ ڏيو اي دنيا وارا، مستن کي سرمستيءَ ۾!

محنت جي عظمت، ”خاڪيءَ“ جي جيءَ جو جز هئي. هُن کي پورهيت جي پگهر مان به مٽيءَ جي خوشبو ايندي هئي، ڇو ته پاڻ به پورهئي جي بٺيءَ مان پچي راس ٿي نڪتل شخص هو. هن پنهنجي لاءِ لکيو هو ته:
”مون ڏاڍو پورهيو ڪيو. مال چاريم، ٻڪريون چاريم، اُٺ لڏيم، ٻني ڪيم، جنهن ۾ هڪ سٺي هاريءَ جيتري مهارت رکان ٿو. تغاريون کنيم، هوٽل تي بيراگيري ڪيم، بورچڪو ڪم ڪيم، ۽ هڪ سٺو بورچي آهيان، ڪارخاني ۾ مزودري ڪيم وغيره“ ان کان پوءِ هُن هاڪر بنجي سائيڪل تي اخبارون پڻ وڪرو ڪيون، پورهئي جي بٺيءَ مان پڪل شخص ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جو عادي نه رهندو آهي، هن کي پنهنجي پورهيت طبيعت تي ناز هوندو آهي، اهڙي طرح، ’خودداري‘ به هڪڙي گُڻ بنجي پوندي آهي، جنهن کي هُن خوب اپنايو:
غربت جو گذران، پيارو آهي پاڻ کي،
ڏڌ ڦڙي سان ڏِيل جو اڙٻنگ آ ايمان.
شل مَ وڃي شان، ڀلي بُک ڀَرمَ جي.

ان ڪري پاڻ پورهيت فڪر جو سدائين داعي رهيو ۽ مارڪس جي ان جڳ، مشهور نعري ته: ”دنيا جا مزدور! هڪ ٿي وڃو!“ جي تشريح ”خاڪي“ پنهنجي شاعريءَ ۾ هيئن ٿو ڪري ته:
پورهيت گڏجي پاڻ ۾، اچو ڪريون اتحاد،
آجو ڪريون ڏاڍ کان، انساني اولاد،
اوندهه کان آزاد، ڪريون جوت جهان جي.

هُن مارڪس، اينگلس، لينن، ٽاٽسڪاءِ ۽ مائوزي تنگ جي فڪر کي باقاعدي پاڻيءَ وانگر پيتو هو. انهن جي تعليمات، توڙي فڪر جو هُو وڏو عالم ۽ اڪابر هو، پر پوءِ به پليجي صاحب جي لفظن ۾ ’نقوي، نازشي، سازشي،ٽولي‘ جو پيرو ڪار نه هُو. هُو چوندو هو ته ”مظلوم قومن کي پهرين قومي آزادي گهرجي، ۽ آزاديءَ کان پوءِ ئي اتي سوشلزم اچڻ گهرجي.“
آزادي هُن جو ايمان هو، ۽ آزاديءَ لاءِ سر گهور تاريخي ڪردار هُن جا سرويچ سورما هئا، هُو هڪ پڪو قوم پرست ۽ سائين جي. ايم. سيد جي فڪر جو پرچارڪ رهيو ’سن‘ مان اٿندڙ صدا، هُو پنهنجي روح جي رڻ ۾ پڙاڏا ٿي لهندي محسوس ڪندو هو، هُن جو پهريون طويل نظم، جيڪو مارچ 1973ع ۾ ڇپجي آيو هو، ان جو نالو ئي ”آزاد گهر جي وطن“ هو- ان نظم ۾ هن سامراجي قوتن سان اکيون اکين ۾ ملائي وڏي ديده دليري سان سنڌ کي ڄڻ ته هڪڙو قومي ترانو پيش ڪري ڇڏيو هو. جيڪو پوءِ سنڌ جي جهرجهنگ ۽ وستيءَ واهڻ ۾ جيجي زرينا بلوچ جي ماکيءَ ۽ مصريءَ جهڙي آواز گونجي اُٿيو ته اهو ”خاڪيءَ“ جي هڪڙي خاص سڃاڻپ بنجي پيو ۽ واضح ٿي ويو ته اهڙو انقلابي نظم لکڻ لاءِ جنهن دل، جگر ۽ گردي جي ضرورت آهي، قدرت طرفان اهي صرف ”خاڪيءَ“ جي ئي حصي ۾ آياهئا.
ضياءُ جي مارشل لاءِ ۾ جڏهن هر تحرير ۽ تقرير تي پابندي هئي، راءِ جي آزاديءَ جو تصور ئي ڪو نه هو، پريس ۽ پبليڪيشن مٿان سينسر شپ جو ڪاريهر ڪر کڻيو ويٺو هوندو هو. انهيءَ سينسر مان گذري، ”امن“ جهڙيون اخبارون به صفا آڇيون، اکرن کان اجيون ۽ صاف ٿي نڪرنديون هيون، ويتر جو ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ جي رد عمل ۾ سنڌي ماڻهوءَ ايم. آر. ڊيءَ جي تحريڪ ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ فوجي جتنا سان هٿين خالي اٽڪي پيو هو، جئين آلادين جي لشڪر سان سنڌي ماڻهو چپي چپي تي اٽڪي پيو هو ۽ آلادين چينسر کي مخاطب ٿي چيو هو ته، ”هاڻ ته تنهنجي ملڪ جون واٽون ٿيون وڙهن. هاڻ ته وڻ به وڙهي ٿا پون“ ڇو ته خلجيءَ کي خبر هئي ته اهي جيڪي سامهون وڻ پيا ڏسجن انهن جي پٺيان به ڪي جنگ جوان لڪل هوندا، جيڪي لٺيون لوڙهيون ۽ ڪُهاڙيون کڻي، سِر جو سانگو لاهي، لشڪر تي ڪُڏي ڪاهي پوندا.
ائين ضياءَ جي مارشل لا ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ماڻهو فوجي مشين گن جي اڳيان سينا تاڻي مزاحمت لاءِ لهي پيا هئا، پوءِ ڏيهه ڏٺو ته فوجي پنهنجي گاڏين ۾ به مٽيءَ جون ٻوريون ڀري، ان جي آڙ ۾ لڪي گاڏين تي گشت ڪندا هئا. ان دؤر ۾ جڏهن سنڌي ماڻهن جي رت سان شهرن جا چونڪ ۽ رستا رڱجي ڳاڙها ٿيا هئا، ته ”خاڪيءَ“ ان سڄي پس منظر ۾ هڪڙو طويل نظم لکيو هو: ”آسڻ جن اريج!“ جنهن جو هر بند هنن سٽن تي پورو پئي ٿيو ته:
پاڪستان جو مطلب ڇا؟
ڦاهيون، ڦٽڪا، مارشل لا.

اهو ڪتاب ڪابه پريس ڇاپڻ لاءِ تيار نه هئي. ”خاڪيءَ“ پوءِ ڪنهن دوست کان اهو سمورو ڪتاب هٿ سان لکائي، پنهنجي نالي سان ڇپائي ساري سنڌ ۾ پهچايو هو. ان دور ۾ اهو ڪم ڪرڻ ڄڻ ته نانگ جي ٻِرَ ۾ هٿ وجهڻ برابر هو. پر هُن جي جرئت کي سلام جنهن پنهنجي سر ساهه جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ۽ ايم. آر. ڊي. تحريڪ جي پس منظر ۾ نه رڳو نظم لکيائين، پر مارشل لا تي ڪاوڙيل ماڻهن کي ڄڻ ته نئون نعرو ڏئي ڇڏيائين ته:
پاڪستان جو مطلب ڇا؟
ڦاهيون ڦٽڪا مارشل لا.

اهڙيءَ طرح، هن جي ڏات جي ڏياٽين مان هميشه مظلوم ۽ مجبور جي فڪر ۽ آزاديءَ جي عشق جي پرچار ٿيندي رهي.
مظلوم آهيان مجبور آهيان،
دک دهر جي سان ڀرپور آهيان.
*
هر طلسماتي مون ڪاڪ ڊاٿي،
مان مينڌرن ۾ مشهور آهيان.
*
”خاڪي“ اسان وٽ اعلان آهن.
هن ديس جو مان دستور آهيان.

هُو آس ۽ اُميد جو شاعر هو. مايوسيءَ جي مهاڏائڻ ڪڏهن هن جي ڀر مان به نه گذري. هُن جو ايمان هو، ته ڪو ڏينهن ايندو ۽ هن ديس کي وري ڪوئي دريا خان ملي پوندو، دريا خان، جيڪو هميشه مخدوم بلاول جي پيرن کان ويهڻ پسند ڪندو هو. ۽ مخدوم بلاول، جنهن گهاڻي ۾ پاڻ پيڙائي، سنڌ جي عشق جي ساک قائم رکي هئي. هُن کي اُميد هئي ته انهن جهڙو ڪو ڪردار اوس هِن ڌرتيءَ تي پيدا ٿي پوڻو آهي جيڪو هن ڌرتيءَ جو ڌڻي ٿيندو.
ڪو اوڀر اُڀري اوڀر کان، هن ڌرتيءَ جو ٿيندو ته ڌڻي،
هن ڪاريءَ ڪُمهريءَ ۾ ڏي ساٿ اسان سان يار کڻي.

ڪن گيتا جو آگيان وتو، ڪن آفاقي ايمان وتو،
پر مون منهنجي ماءُ مِٺي! اي ڌرتي تنهنجي ڌوڙ وڻي.

مون جنگ جيئڻ جي جوٽي آ، مخدوم بلاول موٽي آ.

گهمسان وجهون ڪي گهاڻن ۾، ڏي ڏات اسان کي ڏيهه ڌڻي،
نه رڳو هُن جو ديس، پر هُن کي يقين هو ته:
هر ديس آجو هيڪار ٿيندو
هر قوم هيڻي هٿيار کڻندي.

اڄ جڏهن ”خاڪي“ جي ڌرتي ڊالر ۽ افغاني ايمان سان لبريز جنوني جاهلن جي اک جو ڪنڊو بنجي پئي آهي، جو هُن جا ديس واسي، جيڪي شاهه جي واين جي ويراڳ تي پنهنجي پرينءَ سان من ئي من ۾ ملاقي ٿي پيار پچارون ڪندا آهن يا سچل جي صدائن ’حق موجود_ سدا موجود‘ تي بي خوديءَ مان مست ٿي ’مي رقصم‘ بنجي پونداآهن، ڇو ته هُن جي ديس وارا سڌا سادا سنڌي ماڻهو، جن جي من ۾ مت ڀيد جو ڪو مير ئي نه رهيو آهي. جن لاءِ خواجه خضر ۽ زنده پير ساڳي ڳالهه هوندي آهي، جن کي انهيءَ سان ڪو سروڪار نه رهيو آهي، ته وتايو فقير هندو هو يا مسلمان؟ وتايو ته بس هنن جو ’پنهنجو‘ هو، جنهن جي فقط ناصحاڻن نُڪتن سان ئي انهن کي ڪم رهيو آهي، بلڪل ائين، ته هُو اصل ۾ ’شيخ طاهر‘ هو يا ’امرلعل‘ هنن لاءِ ته بس ’اڏيرو لعل‘ ئي آهي. هندو توڙي مسلمان، سنڌين جو پنهنجو درويش. هنن لاءِ لطيف سائينءَ جو فقير جهڙو مدن تهڙو تمر_ جئين لطيف سائينءَ جي ٻنهي سان لنئون لڳندي هئي، تئين هنن سادن ۽ صوفي مزاج سنڌي ماڻهن وٽ ٻنهي لاءِ هڪ جهڙي عقيدت ۽ احترام رهيو آهي. هو جيڪي ڪنور ڀڳت جي صدا ’نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو‘ تي نيڻ جهڪائي سراپا دعا بنجي ويندا آهن، تن جون اهي ادائون جُنوني جاهلن کان هضم ئي نٿيون ٿين ۽ اهي وحشي ڪڏهن لاهوت ۾، ته ڪڏهن سيوهڻ جي درگاهه تي حملا ڪري، هن ڌرتيءَ ۽ هتي جي معصوم ماڻهن کي موت جو راڪاس بڇي، رت ۾ وهنجاري، سنڌ جي صوفياڻي فڪر تي وار ڪري رهيا آهن، اهي جاهل جيڪي اڃا تائين رحمان ۽ ڀڳوان کي سمجهڻ کان قاصر رهيا آهن، تن کي ”خاڪيءَ“ سمجهايو پئي ته اهي شيطان گيريءَ وارا شغل ڇڏي ڏيو، ڇو ته خدا هڪڙو ۽ ساڳيو ئي آهي، اهي ان جا صفاتي نالا آهن. جيڪي مختلف مذهبن وٽ رائج آهن. خُدا انسانَ جو ’خالق‘ ۽ انسان خُدا جو ’پرتوو‘ آهي، اهو ئي ڪثرت جي وحدت ۽ دلين جا راز ڄاڻندڙ آهي. ۽ ”خاڪيءَ“ لکيو ته:

ڀڳوان منهنجو، رحمان منهنجو،
آهي ٻنهي ۾ ايمان منهنجو.
ڇا طُور آهي، ڇا نُور آهي،
ان کان مٿاهون، آهي مان منهنجو.

”خاڪيءَ“ جو روح ته تڏهن به تڙپي اُٿيو هو، جڏهن هُن ڏٺو ته هيءَ تهذيب ۽ تمدن جا خالق سڏائيندڙ هن ڪائنات جي حسناڪين سان گڏ پنهنجي تباهيءَ جو سامان پيدا ڪرڻ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ چريا ٿي چڪا هئا، ته هُن کي آدم جي اولاد جو ”انسان“ هجڻ ئي مشڪوڪ لڳندو هو.
هي آدم جو اولاد انسان آهي،
يا وحشي درندو ۽ حيوان آهي.

هي بارود خانن جون سرنگون وڇائي،
ڌماڪن سان ڌرتي ڇڏي ٿو ڌڏائي.

ڪڍي ڏند لاشن تي شادان آهي،
هي آدم جو اولاد انسان آهي؟

اسان جي اها خوشقسمتي آهي، جو ايڏي ڪيليبر جي هستيءَ جي ڇانو ۾ اسان جي ادبي اوسر ٿي، اهو انتهائي ٻاجهه ۽ شفقت سان اسان جي ڪچين ڦڪين سِٽن کي سڌاري ۽ سنواري اسان جي سهڻي نموني ۾ رهنمائي ۽ همت افضائي ڪندو هو.
مون کي ياد آهي ته هڪ دفعو ’ٽيڙو‘ سمجهائيندي، مونکي چيو هئائين ته: ”هي جيڪي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، سي به شاعري جي ڪنهن نه ڪنهن صنف تي چيل آهن.“ پوءِ مونکي چيائين، ته جڏهن ٽيڙو لکين ته هن ٽيڪنڪ کي ذهن ۾ ضرور رکجانءِ؟ جو هي پهاڪو پنهنجي جوهر ۾ مڪمل ٽيڙو آهي“
چريون ڏئي چار
واڇان ورتي سين هڪڙي،
سا به تن جي آچار.

۽ ساڳئي طرح دوهي لاءِ ٻڌايو هئائين ته هن ٽيڪنڪ کي ذهن ۾ رکجانءِ ته:
چري ڇوڪري آ چم جي، کائي کٽا ٻير،
اٺ جيڏي ٿس اوجهري، گابي جيڏا پير.

اهو هُو اسان جي استاد جي سمجهائڻ جو سهڻو انداز، جيڪو ڪڏهن به وسري نه سگهندو.
هن جي عمر جي آخري ڏهن ٻارهن سالن ۾ بيماريءَ جي بيرحم ڏائڻ هُن جي هٿ مان قلم ڇِني ورتو هو ۽ هن جي جيءَ کي صفا جهوري ڇڏيو هو، سنڌ جو هيءُ عاشق صادق بيماريءَ جي بستري تائين محدود ٿي ويو هو.
سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جيڪو ”خاڪيءَ“ جي زندگي ۾ ئي چوندو هو ته، “مون سائين جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد کان پوءِ جيڪڏهن سنڌ سان سچائي ڏٺي، ته اها خاڪي جوئي ۾ ڏٺي.“ سندس وفات تي سائين ”ارشد“ فون ڪري چيو ته ”موت جو ملائڪ ته ڏهه ٻارنهن سال اڳ ’خاڪيءَ‘ جي روح کي وٺي وڃڻ لاءِ آتو هو، پر اهو ’خاڪيءَ‘ جو روح ئي هو جيڪو ’خاڪيءَ‘ جي سرير ۽ سنڌ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو.“
ان ’خاڪيءَ‘ کي سندس ئي هنن سٽن جي ڀيٽا:
سنڌ آهه ڀري اوڇنگار ڏني، ڪنهن مرد خدا مُنهن موڙيو آ،
ويران ڏسان ٿو باغ وطن، ڇو باد صبا مُنهن موڙيو آ.

مون سنڌ امڙ جا سَنڌَ ٻڌا، جي سُڏڪن ساڻ سلهاڙيل ها،
اڄ آئون اڪيلي آهيان ڇو، تو منهنجا ٻچا مُنهن موڙيو آ!
**

هي مضمون خاڪيءَ جي شخصيت ۽ شاعري تي ”انساني ضمير جو آواز خاڪي جويو“ جي سري سان تاج جويي ترتيب ڏئي خاڪيءَ جي چاليهي جي موقعي تي ڇپايو، ان ۾ ڇپيل آهي، جيڪو ڪتاب جون 2017ع ۾ شايع ٿيو.
هي مضمون اپريل جون 2018ع جي تخيل جي شماري ۾ شايع ٿيو.

اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!

ڪجهه ڏينهن کان سنڌي گيت جي سر موڙ شاعر، اديب ۽ قومي دانشور سائين مير محمد پيرزادي جي صحت تيزيءَ سان جُهري ۽ ڀُري رهي آهي، جيڪا سڀني دوستن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. ٻيو دفعو، ان ڏينهن سائينءَ جي عيادت ڪري اچي سندس ان دوڪان تي ويٺو هوس، جيڪو ڄڻ ته محبت جو اهو مئه خانو آهي، جتي نوان ۽ پراڻا قومي ڪارڪن، اديب ۽ شاعر، سماج سُڌارڪ ۽ سول سوسائٽي جا ساڃاهه وند اچي من اندر جي اُڃ اجهائيندا آهن ۽ سائينءَ سان ڪچهري ڪري پنهنجي ذهنن جا سمورا ٿَڪَ لاهيندا آهن. سڪرنڊ ۾ اهو ئي ته آهي سڀني جي رابطي جو مرڪز.
سو، آءُ جئين ئي انهيءَ آستاني تي اڪيلو ويهي اخبار پڙهي رهيو هوس، جو پاسي واري کيسي ۾ پيل منهنجي موبائيل ۾ اڌ منٽ جي وٿيءَ سان ٻهsms بيل وڳا. موبائيل آن ڪري ڏٺم ته سائين ارباب پرهياڙ ۽ ماڻڪ ملاح جا sms هئا، اڙي! هي ڇا؟ ٻنهي جو ساڳيو مئسيج.
(انتهائي دک دائڪ خبر)
”استاد مير حسن لاکو اڄ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز اڄ شام جو ستين بجي ڳوٺ لاکا آباد ۾ ادا ڪئي ويندي. ميسيج پڙهندي، منهنجا نيڻ ڀرجي ٿا اچن ۽ مان اڪيلو اڪيلو روئڻ ٿو لڳان. انهيءَ وقت منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هن سٻاجهڙي شخص جي يادگيرين جون سوين تصويرون تڪڙيون تڪڙيون اينديون ۽ وينديون ٿيون رهن.
هيءُ ڀٽ ڌڻيءَ جي سُر رامڪليءَ جو ڪو جهونڙو جوڳي، هي آزاديءَ جي عشق ۾ رچي ٿيل لاهوتي لال، هي سنڌ جي صدا تي سِر آڇيندڙ صوفي لاڪوفي، هي لاطمع فقير تن شخص، هي هميشه بحث مباحثي کان پري ڀڄندڙ، هي سدائين سفر ۾، هي سنگت جي هر سفر جو سُونهون، هي
نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آءُ نه جيئري ان ري.

هي محبتون ونڊيندڙ هي دوستيءَ جي تقدس جي سٻنڌ سان نينهن وانگر نڀائيندڙ، هي علم جون لاٽون روشن ڪندڙ، هي قد جو پورو پنو، پر پنهنجي مزاج ۽ سڀاءَ ۾ انتهائي وڏو ماڻهو ، هي قول ۽ فعل جو پختو، هي ڪردار ۾ هماليه سان ڪُلهو هڻندڙ، هي سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار، هي سنڌي ٻوليءَ کي جيجل جي جهولي سمجهندڙ، هي سنڌي ثقافت جو امين، هي سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو عاشق، هي سنڌ جو تاريخ جي تهن جي دَزَ کي ڇنڊي ڦوڪي قومي ڪردارن کي روشناس ڪرائيندڙ، هي وطن جي عشق جو پروانو، هي سنڌ جي سياسي ڪعبي ”سن“ مان اُٿندڙ صدائن عقيدي جي حد تائين ايمان رکندڙ ۽ هي سيد جي فڪر جي پرهه جو پياڪُ اڄ اسان کان ائين بنا موڪلائي هليو ويندو! سو، ڪنهن سوچيو به نه هو.
هُن کي پنهنجن پيارن روئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئين نه ڪئي هوندي! خاموش سُڏڪن ۽ اُڀ ڏاريندڙ اوڇنگارن هُن کي روئي روڪڻ جا وڏا وس ڪيا هوندا، هُن کي سندس نياڻيءَ مارئي پنهنجي ڀيڻن سان گڏجي ٻانهون هار ڪري رُنو هوندو. مينديءَ رتڙن هٿن هن کي روڪيو هوندو، ڪجل ڀنل نيڻن هن کي روئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، پر پوءِ به.... ويندڙ ويندو ئي رهيو.
مينديءَ رتا هٿڙا، ڪجل ڀنا نيڻ،
سڀني وڌا ويڻ، ويندڙ ويندا ئي رهيا.
*
روئڻ سان جي رهين، ته راتو ڏينهن رئان،
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پيرين هوند پُئان،
ڌرتي سڀ ڌوئان، لڙڪن سان لطيف چئي.

آئون پنهنجو ڌيان ذهن جي اسڪرين ڏانهن موڙيان ٿو.... صوفي شاهه شهيد ۽ لطيف سائين کان ڪي ٻه اڍائي صديون پوءِ تائين، سنڌ جي فڪري طرح مڪمل اونداهي آڪاش هيٺ، نيٺ فڪر جي. ايم. سيد ايثار، عشق، ادب، شعور سچائي، حب الوطني ۽ سنڌ پرستيءَ جو اَهو مَچُ بنجي ٻريو، جنهن ”وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي“ وانگر، واهڻ ۽ وستيون، ڳوٺ ۽ شهر، ٿر ۽ بر بلڪه ولايتن کي به پنهنجي نور جي ڌارائن سان روشناس ڪرائي ڇڏيو هو ۽ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو بنجي پئي هئي.
محبت جي انهيءَ مَچَ ۾ پَچي رَچي راس ٿيڻ لاءِ، سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ميڙجي سيڙجي ڪيئي پتنگ ۽ پروانا اچي ان آڳ ۾ پنهنجا سِرَ سَٽيندا هئا.
پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اجهاءِ،
پچڻ گهڻا بچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ.
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.

وطن جي محبت انهن جوڳين جي جيءَ جو جُزُ بنجي پئي هئي، ۽ هي جديد کاهوڙي سارو سال سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويندا هئا. ۽ هڙان وڙان ڏئي، ”سنڌ وطن آهي، ۽ آزادي اسان جو مورثي حق آهي“ جي پرچار ڪري قومي شعور ڦهلائيندا هئا. سال ۾ هڪ دفعو انهن جا وڏا وڏا قافلا سڪرنڊ سئنيما چوڪ تي اچي لهندا هئا، جتان لوڪل گاڏين ۾ محراب پور پهچي، قومي گيت ڳائيندا جهومندا، ٻيلي واري واٽ وٺي، پتڻ تي پهچي، ٻيڙين ۾ چڙهي، سنڌو درياءَ سان عقيدت جو اظهار ڪندا وڃي ”سَن“ پهچندا هئا. واپسيءَ تي ٻئي ڏينهن انهن قافلي وارن سڀني ماڻهن جي مُنهن تي مهاتما گوتم جهڙي سُڪون ڀري مُرڪ هوندي هئي. ۽ هٿن ۾ ڪتابن سان ڀريل وڏيون وڏيون ٿيلهيون هونديون هيون ۽ اچي سڪرنڊ لهندا هئا، ۽ پوءِ اتان پنهنجي پنهنجي ماڳ روانا ٿيندا هئا. آزادي، هنن جو ايمان هو، ڪتاب هنن جو عشق هئا، ۽ مطالعو هنن لاءِ اڻ کٽ آڪسيجن هو، جنهن کان سواءِ هي پاڻ کي اڻپورا ڀائيندا هئا.
سائين مير حسن لاکو به انهن آديسن مان هڪ هو، جن سيد جي مئخاني جي مڌ مان چُڪي چَکي، عشق جو ڪلمو پڙهيو هو، جنهن تي هي آخري عمر تائين قائم ۽ دائم رهيو.

چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏنس ان ڏهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي.

پي پيالو عشق جو سڀ کي سمجهيو سون،
مڌ پيندي مون، ساجن سهي سڃاتو.

سائين مير حسن جڏهن به مليو ۽ جتي به مليو ته ٻاجهه مان ڀاڪر پائي، ڇِڪي ڇاتيءَ لاهيندو هو. سندس مُنهن تي ٻاجهاري مرڪ هميشه رقص ۾ رهندي هئي. منهنجي نگاهن جون پنکڙيون پهرئين سندس قدمن کي ڇُهندي، پيرين پونديون هيون ۽ پوءِ وڃي سندس مُنهن جي مُرڪ جو مشاهدو ماڻينديون هيون.
اڄ سوچيان ٿو ته اهو ڇا هئو؟ عقيدت هئي، احترام هئو يا انهن پيرن کي سڪ جو سلام هئو؟ جن منهنجي ماتر ڀوميءَ جي چپي چپي کي چُمي پنهنجا اڻ کٽ نشان ڇڏياهئا، پر پوءِ به سندن پنڌ نه کٽو هو.
مٿن ٽٻڪ ٽٻڪڙا، چمڪندڙا اچن،
کڙيون کيهه ڀڪيليون، پگهر سر پيرن،
اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا.

پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو سائينءَ پنهنجي انهيءَ مقناطيسي مُرڪ کان هميشه هميشه لاءِ مُنهن موڙي ورتو ۽ وري ڪڏهن به پنهنجي انهيءَ مُرڪ کي مُنهن ويجهو اچڻ به نه ڏنائين. ٿيو ڇا هو، جو سائين مير حسن جي اڪيلي پٽ خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. دنيا ۾ پنهنجي پياري پٽ جي لاش کي ڪُلهي ڏيڻ جهڙو ڏکيو ڪم آهي ئي ڪو نه. پنهنجي نوجوان پٽ جي قبر تي بيهي قل پڙهڻ جهڙي امتحان کان شل الله سائين هر ڪنهن پيءُ کي پنهنجيءَ پناهه ۾ رکي. ان کان پوءِ، سائين مير حسن اندران ئي اندران ڀڄي ڀري پيو هو، ۽ اداسي ان جي زندگيءَ جو حصو بنجي پئي هئي. سائين جو مَنُ موهن، مڪلي ۽ ڀنڀور بنجي پيو هو.
هڪ دفعي اسان جي ڳوٺ آيو ته انتهائي عقيدت سان ملي چيومانس ته، ”سائين! شاهه صاحب جي سورهيه ڪردار لاکي ڦلاڻيءَ تي آيل ڪتاب وٺي پڙهيم، ته خبر پئي ته اهو ڪتاب توهان ڇپايو آهي. ماشاءَالله زبردست ڪم ڪيو اٿو. تاريخ جي وسريل ڪردارن تي ڪم ڪري، انهيءَ کي سهڻي نموني ڇپايو اٿو. خوشي ٿي ته اوهان اڃا تائين انهيءَ قومي ڪم کي لڳا پيا آهيو. وڌيڪ خوشي انهيءَ ڪري به ٿي جو ”سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هووي ڏاڙهي“ وانگر اڄ به توهان جو عشق پوڙهو نه ٿيو آهي. ۽ اڄ به لکڻ، پڙهڻ ۽ ڇپائڻ جي جستجو ۽ جدوجهد ۾ لڳا پيا آهيو“، سائينءَ چيو ته، ”بس بابا! مڙئي لڳا پيا آهيون وس آهر. پر، توهان ڄام نظام الدين سمون ڪتاب پڙهيو يا ورتو آهي؟“ مون ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، ته سائين چيو ته، ”اهو ڪتاب وٺجانءِ به نه. مان سڀاڻ ئي توهان کي موڪلي ڏيندس. اهو به اسان ڇپايو آهي.“ ٻئي ڏينهن استاد ايوب ڏاهري هٿان اهو ڪتاب ڏياري موڪليائين، اها هئي، سائين جي مشفقانه محبت جي نگاهه.
اڃا چار ڏينهن اڳ جي ته ڳالهه آهي، جو سائين مير حسن پنهنجي دوست ۽ منهنجي چاچي سائينءَ دوست محمد جي گهر واريءَ جي چاليهي جي خيرات جي موقعي تي اسان جي ڳوٺ آيو هو. مان مهمانن جي آجيان لاءِ گيٽ تي بيٺل هوس. سائين آيو. روايت طور سندس قدمن تي نگاهون ڄمائي، احتراماً جهڪيس، ته ڇڪي کڻي ڇاتيءَ لڳايائين. مان کيس هٿ ۾ هٿ ڏئي، وٺي وڃي اندر اوطاق ۾ سائين دوست محمد وٽ ڇڏي آيس، دعوت هلندي رهي، ماڻهو ايندا رهيا، سائين مير حسن ۽ سائين دوست محمد ڪچهريءَ ڪندا رهيا. نيٺ موڪلائڻ مهل سائين اٿي اسان وٽ آيو. مون کي سرمد ميراڻي، اسد ڪيرئي ۽ عباس ميمڻ کي گڏيل طور مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته، ”يار! دل ته گهڻو ئي ٿي چئي ته توهان کي ٽائم ڏيان، توهان سان ڪچهريون ڪريان. پر، هاڻ صحت اهڙي اجازت نٿي ڏئي. بابا! هاڻ مون تي ميار به نه ڪجو.“ اسان سڀ گڏجي کيس چئون ٿا ته، “سائين! ڪچهريون پيون ٿينديون، رڳو توهان جي صحت سلامت هجي، توهان جو هيڏيءَ سڪ مان اچي ملڻ اسان لاءِ سڀ ڪجهه آهي.“ چيائين ته، ”عبدالواحد آريسر جي وفات تي به ڪو نه وڃي سگهيس، ته چاليهي ۾ به شريڪ ڪو نه ٿي سگهيس. ڏاڍو شرمسار آهيان، پر بابا! صحت اجازت نٿي ڏئي، هاڻ جڏو ٿي ويو آهيان، يار سرمد! مون کي معاف ڪجانءِ“ سرمد ٻانهون ٻڌي چويس ٿو ته: ”سائين! ڪا ڳالهه ناهي پريشان نه ٿيو. انشاءَالله پيا ملنداسين.“ هُو هڪ دفعو ٻيهر ڀاڪر پائي اسان مان هر هڪ کان موڪلائي ٿو. آئون کيس گيٽ تائين ڇڏڻ ٿو وڃان، ته وري به هڪ دفعو ٻيهر ڀاڪر پائي موڪلائي ٿو ۽سندس اهو مونکي آخري ڀاڪر هو... آئون موٽي اچي سرمد کي چوان ٿو ته، ”يار سرمد! هيءُ ماڻهو ته ڏس! ڪيڏا سڌا ساڌا ۽ سٻاجها سچا انسان هئا! سائين سالن جا سال پ. ٽ. الف جو تعلقي صدر رهيو ۽ مرڪز ۾ به رهيو پر. ڪڏهن به پنهنجي فرض کان غافل نه ٿيو. ڇا ته هي تاڃي پيٽو پَٽُ ماڻهو هئا. ڪرپشن جي ڏائڻ ڪڏهن هنن جي ڀر مان به نه گذري سگهي.“ اسد چيو ته ”جيڪڏهن عورت بنجي، سورنهن سينگار ڪري ڪرپشن جهڙي ڏائڻ ڪڏهن هنن سان اچي ٽڪرائجي به ها، ته هي ماڻهو کانئس ايئن منهن موڙي وڃن ها جيئن لطيف سائينءَ چيو ته: ”جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.“ مون چيو ته هي ماڻهو ڪردار جا ايڏا صاف ۽ شفاف هئا جو ”دامن نچوڑیں تو فرشتے وضو کریں“ سرمد چيو ”سنڌ جي جيڪا موجوده صورتحال آهي، ان ۾ اهڙن ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، جهڙا اهي ماڻهو ستر ۽ اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ هئا.“
آئون سائين مير محمد جي دوڪان تي اڪيلو ئي اڪيلو سائين مير حسن جون ساروڻيون ساريندو، سندس اوچتي وڇوڙي جو مئسيج ڦهلائيندو ٿو رهان، ته منهنجو وڏو پُٽُ زوهيب نواز ڏاهري موٽر سائيڪل ڪاهي ٿو اچي ۽ پڇي ٿو ته بابا! ڳوٺ هلو ٿا؟ مان ساڻس گڏجي ڳوٺ هليو ٿو اچان ۽ پنهنجي چاچي سائينءَ دوست محمد، جنهن کي آئون ”بابا“ چوندو آهيان، ان جي پڇا ٿو ڪريان، ته جئين کيس سائين مير حسن جي ڪُمهلي وڇوڙي جو ٻڌايان.
سائين دوست محمد جنهن جي گهر واري ڏيڍ مهينو اڳ ”سائلينٽ هارٽ اٽيڪ“ ۾ وفات ڪري وئي آهي ۽سائين دوست محمد جيڪو ان کان پوءِ پنهنجن پٽن، ڌيئرن، پوٽن، ڏوهٽن ۽ نُهرن جي وچ هجوم ۾ هوندي به پنهنجو پاڻ کي اڪيلو، اوپرو ۽ اداس محسوس ڪرڻ لڳو آهي. مان سائينءَ کي ٻڌايان ٿو ته بابا! سائين مير حسن لاکو به اڄ ڏوراهين ڏيهه هليو ويو، سائين چوي ٿو ته توکي ڪنهن ٻڌايو؟ اڃان آچر تي ته پاڻ سان گڏ هو، يڪدم هليو ويو...!؟ ڇا ٿيس؟ چوانس ٿو ته بابا! هي لطيف سائينءَ جا اُهي کاهوڙي ڪردار هئا، جن لاءِ لطيف سائين چيو هو ته
”اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.“
هي اهي ماڻهو هئا، جن جا نه ڪنڌ جهڪڻ جا هئا، نه پنڌ کٽڻ جا هئا، اياز چيو ته
”جي ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان! اڏري ويندو سانءِ.“
هن کي هاڻ ڀونءِ ڀانءِ نٿي آئي. هُن جو پنڌ پري هئو. ان ڪري، هيءُ هميشه لاءِ اُڏري، اوڏانهن هليو ويو جتي سندس جيجل امڙ هوندي، جتي سندس بابا هوندو جتي سندس گهر واري هوندي، جتي سندس اڪيلو پٽ هوندو ۽ انهن کان سواءِ سندس من جون محبوب شخصيتون لاکو ڦلاڻي، لطيف سرڪار سائين جي. ايم. سيد. آريسر صاحب ۽ الاءِ ڪير ڪير هوندا، جن ڀاڪر ڀري هن جي ڀرپور آجيان ڪئي هوندي، بابا چئي ٿو ته ”لاکا آباد“ کي ”لاکا آباد“ هن ئي شخص ڪيو ۽ پڇي ٿو ته جنازي نماز ڪيڏيءَ مهل آهي؟ ٻڌايانس ٿو ته شام ستين بجي.
۽ شام ستين بجي کان اڳ اسين اتي ٿا پهچون، جتي اسڪول واريءَ اوطاق ۾ ماڻهو غم ۾ ٻُڏا خاموش ويٺا آهن. سائين مير حسن جو جنازو کٽ تي تيار ٿيو پيو آهي، اسين اتي پهچون ٿا ته ڪير چئي ٿو ته سائين جو ديدار ڪريو ته ڀلي ڪريو.! آئون احتراماً سائينءَ جي پيرن تي پنهنجون نگاهون ٿو جهڪايان ۽ پوءِ آخري ديدار ٿو ڪريان، سوچيان ٿو ته هن ماڻهوءَ روح جي سچائيءَ سان ڪيڏا نه پنڌ ڪيا هئا، ۽ هُن جا پنڌ نه کُٽا ۽ نيٺ هي ٿڪجي سمهي پيو آهي. اهڙي سڪون جي ننڊ، جنهن مان کيس هاڻ ڪو به جاڳائي نه سگهندو. سائينءَ جي جنازي وٽ بيٺو آئون ماڻهن ڏانهن پنهنجون نگاهون ٿو ڊوڙايان... ڪنهن ٿو ڳوليان؟ قافلن جي صورت ۾”سن“ ويندڙ هن جي انهن ساٿين کي؟ اديبن ۽ شاعرن کي؟ استادن جي تنظيم جي مرڪزي اڳواڻن کي؟ سياسي سماجي اڳواڻن کي؟ بهرحال انهن مان اُتي ڪير به ڪونهي. پر پوءِ به ماڻهو جام آهن، ڳوٺ جا ماڻهو، تَرَ جا ماڻهو، سندس ذات وارا ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، سڪرنڊ کان آيل ماڻهو، نواب شاهه آيل ماڻهو، ماڻهو ئي ماڻهو آهن.
نماز لاءِ جنازو کڄي ٿو ۽ مان رش ۾ ٻه ٽي دفعا هُن معصوم ماڻهوءَ جي جنازي کي ڪلهو ڏيڻ جي سعادت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃان. جنازي نماز ۾ وري به منهنجا نيڻ ڪنهن کي ڳولين ٿا.... ۽ پوءِ اڪيلي سائين زين شاهه تي نظر پئي ٿي، جيڪو ٻيءَ صف ۾ نماز لاءِ بيٺو آهي. نماز کان پوءِ ڪانڌي لاش کڻي قبرستان طرف هلن ٿا ۽ سائين مير حسن جو روح مٿي پولار ڏانهن پرواز ڪندي، ڄڻ ته اياز جو هيءُ نظم ڳائيندو ٿو وڃي ته:
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
ستي ساهه جاڳي،
وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور
سوين چنڊ، ساٿي!
سفر ۾ سوين ڪائناتون،
نه آغاز جن جو،
نه انجام جن جو،
ازل کان اَبد تائين سک جون براتون،
زمان ۽ مڪان کان، مڪمل نجاتون،
جڏهن موٽ کائون، سوين راز آڻيون،
سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون.
اسان چنڊ چايون.
ستارا تڳايون،
انهن مان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون.
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!
واپسي تي ڀٽائي ٿو ياد اچي ته:
”لاکا لک سُجهن، پر ڦلاڻيءَ ڦير ٻيو.“
۽ مان ڀٽائي صاحب کان معذرت سان چوان ٿو ته:
لاکا لک سُجهن، پر مير حسن جو مرڪ ٻيو،
جنهن جي مچ محبت جا، ڏوران پيا ڏسجن.
نانءُ وٺي هن يار جا، ويهي ورد ڪجن.
ڪهڙا ڳڻ ڳڻجن، هن اُتم انسان جا.
**
.
هي مضمون سائين مير محسن جي چاليهي جي موقعي تي، غلام مصطفيٰ لاکي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا“ ۾ ڇيپل آهي. سائين مير حسن جي شخصيت ۽ جدوجهد تي هي ڪتاب آڪٽوبر 2016ع ۾ شايع ٿيو.

”ارشد“ صاحب جي موڪلاڻي: چڱو هاڻ يارو! ڪجي الوداع

اهو ڪيڏو نه ڪڙو ۽ ڪسارو فطرت جو اصول آهي ته زندگيءَ جي خوبصورت هرڻي هميشه موت جي بُکئي ۽ بيرحم بگهڙ جو کاڄ رهي آهي، ۽ دنيا جي جملي مذهبن جي منهدارن زندگيءَ جي خوبصورت دوشيزه کي موت جهڙي وحشي ڪاري ديو جي ”امانت“ ئي پئي سڏيو آهي،
موت جنهن کي سونهن جي تقدس سان ڪوئي سروڪار نه هوندو آهي- سونهن جيڪا نه رڳو چهري جي چانڊاڻ هوندي آهي پر سيرت جي خوشبوءَ به هوندي آهي، جيڪا ولايتون واسي ڇڏيندي آهي. سيرت جي خوشبوءِ، جنهن ۾ ماڻهوءَ جو من آرسيءَ وانگر اجرو هوندو آهي، جنهن ۾ هر شي خوبصورت نظر ايندي آهي، جنهن ۾ ماڻهو کي ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو نظر ايندي آهي، ۽ اڃان به اڳتي وڌي هر صورت پرينءَ جو پرترو نظر ايندي آهي، بقول لطيف سائين جي ته:
جيڏ هان ڪر نگاهه، تيڏهان صاحب سامهون .
تڏهن اندر مان اظهار ٿي جيڪا سچائي نڪرندي آهي اها ڪڏهن گوتم جو گيان بنجي ويندي آهي ته: سروم دکم دکم، ته ڪڏهن لطيفي لات جون صدائون بنجي ويندي آهي ته:
آيل ڪريان ڪئين، منهنجي نينهن اپليو نا رهي،
ته ڪڏهن اياز جي تخليق جي تند بڻجي پوندي آهي ته:
ساري ڌرتي ديس مگر، مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان وو-
ته ڪڏهن سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جي ڏات جا ڏيئا بنجي پوندي آهي ته:
ديس ڇڏي پرديس ۾ پنهنجو، پاڻ کي ڳولڻ آيو آهيان،
جوڳي بنجي بستي بستي، بين وڄائي ويندس مان.
*
ساري دنيا اوندهه اوندهه، منهنجي من جوت جلي،
تن جي چاندي ڪٽجي وئي، من جا موتي جرڪي پيا.

۽ سائين ارشد جي من جا موتي جڏهن جوت جي جمال سان جرڪي اٿندا هئا ته لفظ گيتن، غزلن ۽ نظمن جون لڙيون بنجي هن جي چپن جي صراحيءَ مان اٿلي پوندا هئا، ۽ هُو دل جو سارو درد چپن تي آڻي ڇڏيندو هو ته هن جا سامعين تڙپي اٿندا هئا. ڄڻ ته اها انهن جي اندر جي اٿل جي وارتا. هئي جيڪا سائين ارشد جي لبن جا بند ڀڃي رهي هئي، ۽ ڄڻ ته سائين ارشد سامعين جي اندر جي ڦرهيءَ کي پڙهي انهن جي روح جي ترجماني ڪري رهيو هو ته:
دل جو آڻي درد چپن تي گيت سريلو ڳائيندو،
”ارشد“ کي ٿا ڇيڙيو ”ارشد“، محفل کي تڙپائيندو.

گيتن جو نذرانو توکي، پيش ڪيان ٿو پٿر دل!
گيت اسانجو نيٺ ته ڪڏهين، تنهنجي دل ڌڙڪائيندو.

پاپ نگر ۾ پاپ ملي ٿو، سونهن شهر ۾ قياس ڪٿي؟
ڪو به اگهندو تنهنجا ڳوڙها، ڪو به نه ته توکي پرچائيندو.

روپ نگر جا ماڻهو نڪتا، انڌا ٻوڙا پٿر دل،
درد جو دارون ڪير ڪندو هت، دانهن نه ڪو ورجائيندو؟.

اهو سائين ارشد جيڪو پنهنجي وجود ۾ ته گم سم اڪيلو وجود هو پر پوءِ به هن جا ڪيئي رنگ ۽ روپ هئا. جئين انڊلٺ ته هڪڙي هوندي آهي، پر ان جا ڪيئي رنگ اڀ تي جرڪي پوندا آهن. بلڪل ائين سائين سادو سودو صوفي به هو ته سچو سامي ۽ سنت فقير به هو. هُو دنيا جي مڙني قديم کان جديد ۽ جديد تر فڪرن ۽ فلسفن جو پارکو به هئو. ته پيار جو پانڌئينڙ و به هو. ته هُو ڏات جي ڏيهه ۾ گجگوڙ مچائيندڙ انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر به هو ته ڪنهن جي محبتن جو اسير به هو. هُو ٻاجهه ۽ شفقت جي زنده تصوير به هو ته نفرت جي ٽانڊن جهڙن پلن ۾ محبتن جو ڀريل مٺو گهڙو به هو- هُو انقلابي به هو ته آدرشي به هو، مڙئي مذهبن ۽ نظرين جو ڄاڻو به هو جو هن هر ڪنهن فڪر جي ڦرهيءَ کي دل جي نيڻن سان پڙهي پروڙيو هو.
ائين هن جي عشق جا هڪ نه پر ڪيئي حوالا هئا، لطيف سائين جي هن شعر جيان ته:
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سان، درسن دارون ڌار،
پريم! تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

انهيءَ سائين ارشد جا پتا ۽ پار اجهو سندس همعصر دوست ۽ هن ڏيهه جو هڪڙو ٻيو ڏاهو، انقلابي شاعر ۽ پورهيت اديب محترم خاڪي جويو صاحب هئين پيو ڏئي ته؛ ”نهٺو، نماڻو، نازڪ مزاج ۽ ڪومل جذبن جو مجسمو شاعر عبدالحڪيم ”ارشد“ ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ سچو پچو انسان، نه ڪنهن جي هنئين ۾ نه ڪنهن جي کنئين ۾ پنهنجي واٽ وٺي هلندڙ، جڳ جهان جو خير گهرندڙ ۽ پنهنجن سان پيار ڪندڙ، سونهن جو پوڄاري، سکن جي سڌن کان پري ڀڄندڙ، شهرت ۽ ناموس سان نه پوندڙ، بظاهر معمولي ماڻهو، پر سچ ته تاريخ جو ڏاڍو وڏو انسان! تخليق جو سرچشمو، ٻولن جو خالق، سوچن جو سرجڻهار، جذبن جو جاڳائيندڙ ۽ روح کي راحت بخشيندڙ، ڀر ۾ ويهندو ته جيڪر چئجي ته جنم جي ڦيرن ۾ به گڏ هجي الائي ته ڪهڙي ڪشش ۽ ڇڪ هن ڏٻري ۽ ماٺيڻي انسان ۾ هوندي آهي، جهڙو گوتم ۽ مسيح جو پرچارڪ، خيال اوچا، رمز نماڻي، ڳالهائيندو ته موتي پوئيندو ويندو، کلندو ته گُل پيو ڪرائيندو، ماٺ هوندو ته مهربان نظر ايندو، ڪچهريءِ ۾ ويهندو ته ڪير ڏانهنس ڌيان ئي نه ڏيندو، پر جي ڳالهائيندو ته سڀني جون نظرون ڇڪي وٺندو. هر ڪو ائين پيو گهرندو ته ويٺو ڳالهائي، نه ڪنهن، جي مخالفت، نه ڪنهن جي گلا، نه تنقيد پر ڳالهه اهڙي ڪندو جهڙي ”منڊيءَ تي ٽڪ“ يا لطيف چواڻي ته:
سامي کامي پرين لئه، ڪسي ٿيا ڪباب،
جهڙو ڏسن ڏوهه کي، تهڙو تن ثواب،
اوتين ارتي گاڏئون، منجهان اکين آب،
سندو ذات جواب، تون ڪئين پڇين تن کي.“

اهو سائين ارشد جنهن کي شڪايت هئي ته همعصر دوستن هن کي وساري ڇڏيو آهي، پوءِ هو ٻڌائيندو هو ته ”بس يار هڪڙو اياز گل آهي، جيڪو هر سال مونکي جنم ڏينهن تي فون ڪري مبارڪ ڏيندو آهي، باقي ٻيو ڪوئي ياد به نٿو ڪري“ پوءِ هوءِ پارت ڪندو ته ”هڪڙا توهان، توهان جا ڀائر، توهان جا پٽ ۽ ٻيا ڪجهه نوجوان آهن جيڪي منهنجي زندگيءَ جا آخري دوست آهيو“ مان چوندو هوس ته ”سائين! توهان اسان جا فيملي ميمبر آهيو“ چوندو هو ته ”يار! سچ پچ ته زندگيءَ جو سرمايو آهيو، پر يار! تواهان مونکي ڪڏهن به نه وسارجو.“ مان جواب ڏيندو هوس ته ”سائين! اسين جيڪي جيون جي رُڃ ۾ رلندڙ صحرائي مرگهه آهيون، جن کي هن قحط الرجال جهڙن تتن ڏينهن ۾ توهان جي ٻاجهه جي ڇانَو ۽ توهان جي صورت ۾ هڪڙو ٿڌو ۽ مٺو چشمو ملي ويو آهي، جتي اسين پنهنجي روح جا سارا ٿڪ اچي لاهيندا آهيون. بلڪل ائين جئين توهان پاڻ اهڙين گهڙين ۾ پنهنجي روح جا سارا ٿڪ سنڌو ڪناري، سنڌ جي ٻڍڙي صوفي لاڪوفيءَ جي محفل ۾ اچي لاهيندا هئا، سو اسان توهان کي وسارڻ جهڙي ڪبيري گناهه جا مرتڪب ڪئين ٿاٿي سگهون؟“ ڄڻ ته بي يقينيءَ مان آهستي چوندو هو ته ”الاءِ يار!“ هن کي حق به هو اهڙي بي يقينيءَ جو. ڇو ته هن ماڻهو مٽجندي ڏٺا هئا. هن جي جوڙ جا هڪ نه پر ڪيئي وڏا وڏا ليکاري جن جي ڏات جي ڏيا سنڌوءَ جي ساک بنجي چڪي هئي، جن جي ڏات سنڌڙي کي سجدا ٿي ڪيا. جيڪي ان دور جا ٻيجل هئا، جن سِرن جي صدا سُرن ۾ ٿئي هنئين. جن جي ڪلا ڇٽ پٽن سان هڻڻ جو ڏانءُ ٿي رکيو“ سي به هن، راءِ ڏياچ واري ٻيجل جيان مڻين تي موهجندي ڏٺا هئا. نوڪرين، پلاٽن ۽ پرمٽن تي وڪامندي ڏٺا هئا. تن سان مخاطب ٿي محترم سائين تاج جويو چيو هو ته:
همسفر تون سڪن تي ڇڪن ٿي وئين،
ڏات ويڪوءَ سان بات ٿيڻي نه آ.

۽ سائين ارشد انهن سون تي سيڻ مٽائڻ وارن لاءِ تعجب ۾ هو ته:
اونداهين سان ٺاهه ڪيائون، سازش ۾ ٿيا نيٺ شريڪ،
جوت تي جن ٿي جان ڏني، تن ديوانن کي ڇاٿي ويو-

رڳو قلم جا ڌڻي ئي ڇا! پر هن ته ايمانن کي وڪامندي عابدن، ذاهدن، پيش امامن کي تبديل ٿيندي ڏٺو هو، جن جون دعوائون دم ٽوڙڻ لڳيون هيون.
رات ڏٺاسون مئخاني ۾ رندن سان گڏ پيش امام،
دعوائن جا پول ٿيا پڌرا. ايمانن کي ڇاٿي ويو.

انهن ايمان جي دعويدارن ۽ وقت جي خود رو منصفن جڏهن اسان جي هن نماڻي شاعر طرف پنهنجي تنقيدي تيرن جا رُخ ڪيا ته سائين ارشد جواب ۾ صرف ايترو چيو ته:
آئون ڏوهي ۽ تون پاڪ
قاضي صاحب! توبهه ڪر،

انهن ماڻهن جي مٽجي وڃڻ جو سائين ارشد کي انڪري به ملال هو جو هن انهن سان دل جي گهراين سان پيار ڪيو هو، ۽ دلوارا دل کي درد ڏئي جدا ٿي وڃن ته افسوس ته اَوَس ئي ٿيندو نه:
اسان پيار جنهن سان هو ڏاڍو ڪيو،
اهو نيٺ ”ارشد“، جدا ٿي ويو-

۽ پوءِ ٻڌائيندو هو ته پوءِ وقت اهڙو به آيو جو هن جا ڪجهه همسفر هن کي سمجهي نه سگهيا ۽ انهن هن کي شڪ جي نگاهه سان ڏسڻ شروع ڪيو ته هيءُ پنهنجي اندر ۾ صفا ڀڄي ۽ ڀُري پيو هو. اصل ۾ انهن جو به ڏوهه نه هئو، اهو فطرت جو اٽل اصول آهي ته هر دور جي ڏاهي ماڻهوءَ جي روح جي وسعتن تائين عام ماڻهوءَ کي پهچڻ جي دسترس ئي نه هوندي آهي، اهڙي موقعي تي ئي اياز جي ڏات مان هي صداگونجي هئي ته:
”الاءَ ڪڏهن عام، رسندا منهنجي روح کي“
۽ نتيجي طور هر دور جي سقراط کي وقت جي خودور منصفن هٿان وهه جو وٽو پيئڻو ئي پوندو آهي.
هر ڄٽ هٿان ٿو زهر پيئي،
هن شهر ۾ جيڪو سياڻو آ.

لطيف سائين به اهڙن فتوا فروشن کي تنبيهه ڪئي هئي ته:
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
خاڪي جويو به ته اهڙو ئي اظهار ڪيو هو ته:
ديوانن کي ڇيڙيو ڇو ٿا، بيگانن جي بستيءَ ۾،
رهڻ ڏيو اي دنيا وارا! مستن کي سرمستيءَ ۾.
۽ نياز همايونيءَ چيو ته:
مون تي وار ڪرين ته ڀل ڪر، مون کي ڪا پرواهه نه آ،
مون کان پوءِ تون سمجهڻ لڳندين، تو ۾ ڀي ڄڻ ساهه نه آ.
تڏهن ارشد جو قلم به سڏڪي پيو هو، جنهن ان جي اندر جي اظهار کي هيءَ لفظ ڏنا هئا، ته:

ماڻهن مون کي ڪين سڃاتو، پيار جي عيوض پور ڏنئون.
سور ڏين ناسور ڏين، ٿا گهايل دل کي گهاءَ ڏين،

يا
هن دل تي اونها گهاءُ سهي، مون عمر گذاري ”ارشد“ آ،
ته به روح نه ڪنهن جو رنجايم، مون دل نه ڪا آزاري آ.

هو جيڪو سراپا نهٺائي هو، سراپا نياز هو. سراپا عشق هو بلڪه اهڙو عاشق صادق هو جيڪي پاڻ ۾ پيهي ئي نينهن جي نماز جوٽيندا آهن. ته عشق انهن جو امام بنجي پوندو آهي.
عشق آ جن جو پيش امام،
عشق تي جوٽن نينهن نماز.

جڏهن ته روح رنجائڻ ۽ دليون آزارڻ لاءِ ماڻهو عاشق مزاج نه پر درندو صفت يا بگهڙ- مزاج بنجي پوندو آهي، پر هيءُ يارته سادو سودو، مسڪين ماڻهو هو. جنهن جي سيني ۾ پشم جهڙي دل ڌڙڪي رهي هئي، ۽ هو دل تي چوٽون سهي به چُپُ رهڻ وارو ماڻهو هو، سو ڀلا ڪٿي ٿي روح رنجائي سگهيو-

ڪو ڇا به چوي پر ”ارشد“ شاعر، سادو سودو، صوفي هو،
هر چوٽ سٺائين دل تي پر، روحَ رنجائي ڪين سگهيو.

پوءِ سرعام شڪايت هن جي دل مان نڪري قلم تي اچي شعر بنجي وئي، جيڪا هو ڄڻ ته پنهنجو پاڻ کان شڪايت ڪندي، خود ڪلامي ٿو ڪري ته:
هن ڌرتي دک جي ڌرتيءَ تي،
تون تنهن نڀائڻ آيو آن،
۽ پٿر جي هن شهر اندر،
موتين کي ورهائڻ آيو آن.

او واٽ مسافر وڻجارا!
تون پهتين ڪهڙي وستيءَ ۾،
هت ڪنهن کي ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪا،
هر ماڻهو پنهنجي مستيءَ ۾،

۽ پوءِ هن لکيو ته:
روپ نگر جا ماڻهو ”ارشد“ پٿر دل ئي ثابت ٿيا،
من جا ميرا، دل جا ڪارا، سهڻي صورت وارا ماڻهو.

اصل ڳالهه هئي انهن من جي ميرن، دل جي ڪارن سهڻي صورت وارن ماڻهن ڪڏهن پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڪو نه ڏٺو هئو، نه پاڻ سڃاڻي سگهيا هئا، نه اندر جي آرسيءَ ۾ پاڻ کي پسي سگهيا هئا- ماڻهو کي صرف اهو غرور ماري رهيو هو ته هو خلائن جا رستا لتاڙي، ستارا ٽپي چنڊ ته ڇا پر مريخ تي پنهنجا قدم رکي چڪو آهي.
تارن کان مٿي اڏري به ويو، ڪجهه ڏور اڃان ڀي ڇاٿي پيو؟
هن دور جو ماڻهو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڪين سگهيو.

پوءِ هيءَ ماٺيڻو ماڻهو ڄڻ ته اڪيلائن جو شڪار ٿي ٿو وڃي_ پوءِ اها اڪيلائي هن کي روئاري ٿي وجهي ۽ پوءِ هي پنهنجو پاڻ سان خود ڪلامي ٿو ڪري، پنهنجو پاڻ کي پرچائي ٿو، پنهنجو پاڻ سان پرچي چپ چاپ لڙڪ اگهي ٿو ڇڏي.
ڪنهن جي خاطر مورک ”ارشد“، ٻارن وانگر روئين پيو،
ڪو به نه اگهندو تنهنجا ڳوڙها، ڪير ٿو توکي پرچائي!

وري روين جا گهاءُ دل تي سهي به، ساٿين کي ساريندي، ڪنهن گهري سوچ ۾ گُم سُم ٿي ، پنهنجو پاڻ کان ئي پُڇي ٿو وٺي ته:
گوتم وانگر گوم سُم آهين، ڪهڙي گهري سوچ اندر،
”ارشد“ منهنجا دوست وري اڄ، ڪنهن کي ايڏو سارين ٿو.

پوءِ سوچ جا پوپٽ هن جي من جي باغيچي ۾ پيار جو پسار ڪندا ٿا رهن. ۽ هن کي اهو خيال ٿو ستائي ته اڙي يار ”ارشد!“ تون به عجيب ماڻهو آهين. ڪهڙن اٻوجهن جي ٿو دل ۾ ڪرين ته هنن توکي نه سڃاتو!!؟- لوڪ تي ميار نه ڪر- جن کي سواءِ سن جي ٻڍڙي لطيفي سَنت جي ڪو صحيح رهنماءُ ئي نه مليو آهي، جنهن کي ئي هيءَ قوم سڃاڻي ۽ سمجهي نه سگهي. پوءِ ياد تو اچيس ته عيسى ابن مريم کي ڪهڙو پنهنجي قوم سڃاتو هو!؟ وقت جي پيغمبر کي به طائف جي گهيٽين ۾ پٿر ئي پئي هڻيائون. ۽ هي تنهنجي ته صدين کان قوم غلام آهي، ۽ غلاميءَ جا اهي مڙئي روڳ آهن جو ماڻهو پنهنجا رهبر به سڃاڻي نه سگهندا آهن. هن قوم جن کي پنهنجو رهبر ۽ رهنماءَ پئي سمجهيو سي ته هن کي فڪري طور گمراهه ڪري، مفاد پرستيءَ جي ڌٻڻ ڦاسائي، قوم کي راهه ئي رلائي ويا آهن. پوءِ اهڙن رهبرن جي نشاندهي ڪندي ڄڻ ته ڪروڌ ۾ ڀرجي ٿو وڃي ته:
رهبر جي مليا گمراهه مليا، ڪي انڌا ها ڪي چنڊا ها،
ٻي سمجهه اٻوجهن ماڻهن کي، در در تي رلايو آهه ويو.

سائين ارشد جي خود ڪلامي اتي به ختم ڪا نه ٿي ٿئي. هو دوستن جا رويا ڏسي ۽ ماڻهن کان مايوس ٿي، پنهنجي ڌرتيءَ سان مخاطب ٿيڻ ٿو لڳي. ڌرتي جيڪا هن جي سرتي هئي- ڌرتي ۽ هن جو درد ساڳيو هو، درد ڏيندڙ ساڳيا هئا. بقول منشيءَ جي ته:
سور ٻنهي جو ساڳيو، جيري منجهه ڄراٽ
۽ هو ڌرتيءَ سان سندس سور- پچار هيئن ڪندو رهيو ته:

اي ڌرتي! تنهنجو درد کڻي،
مان بستي بستي ڀٽڪيو هان-
۽ ڪارين ڪارين راتين ۾،
مان جگنو بنجي جرڪيو هان.

مون وستي وستيءَ سئن هنئين،
مان جنم جنم جو جوڳي هان.
آ روڳ رڳن ۾ ڌرتيءَ جو،
اي ڌرتي! تنهنجو روڳي هان!

اي ڌرتي! تنهنجا گيت چئي،
هر دل کي مون ڌڙڪايو آ،
هر دل ۾ تنهنجو درد ڀري،
مون جنتا کي جاڳايو آ.

اي ڌرتي! تنهنجو درد کڻي،
مون باهه ڀري آ بيتن ۾،
هر شعر ۾ ٽانڊا، ٽانڊاڻا،
ويا پکڙي شهرن ۾ ڳوٺن ۾،

اي ڌرتي! تنهنجي آزادي،
هر چيز کان مون کي پياري آ.
مون گيت اڳيئي گهوريا ها،
اڄ جان به توتان واري آ.

ائين هو ”پاپ نگر“، ”نئون پاپ نگر“ جهڙا نظم لکي ڌرتيءَ سان پنهنجو عشق اجاريندو رهيو ۽ سنڌ سان پنهنجي ساک جو سلسلو جوڙيندو رهيو، ۽ سنڌ پنهنجي هن حلالي ٻچڙي کي جيءُ جيءُ چئي جيءُ ۾ جايون ڏيندي رهي. فطرت هن تي پنهنجي مهر جي پالوٽ ڪندي هن کي نوجوان ساٿي مهيا ڪري ڏنا- نوجوان جيڪي سنڌ جو آئيندو هئا، جيڪي هن جي گيتن جي صبح جي ساڀيان هئا، جن جي نيڻن ۾ هن پنهنجي لاءِ ۽ سنڌ لاءِ سڪ، سچائي ۽ پيار جا پاڇا ڏسي ورتا هئا. جيڪي هن سان نينهن جو ناتو نڀائيندا رهيا- جن هن کي اڪيلائيءَ جي اذيت مان ڪڍڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي هئي-
هونئن ته ڪيئي نوجوان سائين ارشد کي پنهنجو محسن، رهنماءَ بلڪه پاڻ کي هن جو روحاني اولاد سمجهندا رهيا پر سواءِ پياري پريتم قاضيءَ جي، گهڻن جي دعوائن ۾ دم ئي نه رهيو- اهي هن جي روحاني رشتي جي رمز کي رسي ئي نه سگهيا. پريتم: جنهن سائين ارشد سان نڀائيندي سندس آخريءَ عمر ۾، جڏهن هن جون نگاهون به بيوفا بنجي هن جو ساٿ ڇڏي ويون هيون، ته هن جو شاعريءَ جو آخري ڪتاب ”آواز اندر جو“ ڇپائي هن جي هٿن تي پڄائي ڇڏيو هو. نه رڳو اهو پر ان ڪتاب تي ڏاڍو خوبصورت مهورتي پروگرام ڪرائي سائين ارشد جي جيءَ ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي هئي.
هيءُ لفظ لکندي مون کي پنهنجو هڪ ترائيل ياد اچي رهيو آهي، جيڪو ڄڻ ته سائين ارشد جي اندر جي ڳالهه هئي، جيڪا پريتم سان هن جي محبتن جو اظهار هئو، جيڪو هُو ڪري نه سگهيو ۽ مون لکي ورتو ته:
جڏهن پريتم ياد اچي ٿو،
دل ۾ سڪ جا ساز وڄن ٿا.
من جن بن ۾ مور نچي ٿو.
جڏهن پريتم ياد اچي ٿو.
عشق جو اهڙو رنگ رچي ٿو.
پنهنجا ساهه به راڳ لڳن ٿا.
جڏهن پريتم ياد اچي ٿو.
دل ۾ سڪ جا ساز وڄن ٿا.

مان پاڻ کي خوشنصيب ٿو سمجهان، جو اهو سارو ڪتاب مون پنهنجي تحت اللفظ ۾ سائين ارشد کي پڙهي ٻڌايو هو- هڪ نه پر ٻه ٽي دفعا، ڇو، ته سائين ارشد چيو هو ته اهو ڪتاب مون بند اکين سان لکيو آهي، خوبصورت آهي يا نه! مان ڏسي يا پڙهي به نٿو سگهان تنهن ڪري تون مون کي پڙهي ٻڌاءِ! ان ڪتاب جي مهورتي ڪاڄ تي پيپر به لکيو هوم، جنهن کي سائين ارشد توڙي سندس محبوب پٽ پياري راشد به خوب پسند ڪيو هو-
سندس ڪتاب جي مهورت کان ٻئي ڏينهن فون ڪري ڄڻ ته ميار ڏنائين ته ”علي نواز يار! تو منهنجو ڪتاب دل سان پڙهيو آهي، مون کي به پڙهي ٻڌايو اٿئي، بهترين پيپر به لکيو اٿئي پر مون هن ڪتاب ۾ ڪجهه پنهنجي باري ۾ شعر لکيا آهن. توهان ۽ سڀني دووستن کان موڪلاڻي وارا الوداعي شعر به لکيا آهن، انهن ڏانهن تنهنجو ڌيان ڇو نه ويو! پنهنجي پيپر ۾ انهن مان هڪڙي کي به ڪوٽ ڪو نه ڪيو اٿئي!؟ ”چيم“ سائين! ”توهان جي ٻاجهه ۽ شفقت جو سايو اسان جي سِر تي سلامت رهي، اهڙن شعرن کي مون ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو آهي. اهڙن شعرن تي لکڻ جو ساهس به ساري نٿو سگهان. سائين! چيائين ”بس يار هاڻ هلڻ هارو آهيان. ڪڏهن اوچتو ٻڌندئو ته وڃي پنهنجي وطن پڳاسين.“
مون چيو ”سائين! اهو موضوع بند. ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهايو.“ چيائين ”موت ڪو زندگيءَ جو خاتمو ٿورئي آهي. زندگي ته اڃان اڳتي آهي. سوچ ته سهي، اهو وطن ڪيڏو نه حسين هوندو، جتي سڀئي حواس سالم هوندا، جتي ڏک، بک ۽ بيماريون ڪو نه هونديون- جتي ابي، امان سميت سڀئي وڇڙيل پيارا ملندا، جن ريءَ هيءَ حياتي گهنگهر ٿي گذري آهي. مون کي ته روز اتاهين نياپا ٿا اچن ته اڙي يار ارشد! ايڏي دير؟.“ ۽ مونکي ياد آيا ”آواز اندر جو“ مان اهي شعر جيڪي لکي هي يار ڄڻ ته اسان کان موڪلائي رهيو هو ته:
اڏري ويندس ڏاڍو ڏور.
موٽي مُور نه اچڻو آ.

اُڏري ويندس اڀ ڏي آنءُ،
رهجي ويندا قيد قفصّ.

گهڙو ڇا ڪندو؟ ٿا گهڙون گهيڙ ۾،
پرينءَ پار کان ٿا نياپا اچن،

گهرايو پري کان آ ”ارشد“ کي جن،
جتي ’ها‘ نه ڪا ’هُو‘، اُتي ٿا رهن-

افسوس ته اسان مان ڪنهن غور ئي نه ڪيو ته ”آواز اندر جو“ لکي هي يار اسان کي الوداع پيو ڪري ۽ اسين وري کيس سندس ڪتاب ڇپجڻ جون مبارڪون پيا ڏيون.
پوءِ اوچتو اوچتو اهو رمتو جوڳي، جيڪو روح جون ٻوليون ٻڌوندو. جنهن کي شعر لکڻ شوق نه هو پر ڪا ازغيبي قوت الهام ٿي هن تي شعر نازل ڪندي هئي.
مان روح جي ٻولي ٻڌندو هان، هي روح مخاطب ٿيندو آ،
آواز اندر جو هوندو آ، جو گيت چپن تي ايندو آ.

ڪو شعر لکڻ جو شوق نه هو، پر شعر ته بنجي ويندو آ.
هي شعر ته دل دنيا تي، الهام ٿي نازل ٿيندو آ.

سو اسان سڀن کي دعائن جا تحفا ۽ نيڻن ۾ ڳوڙها ڏئي پنهنجي اصلي وطن ويو به هليو.
ٻه ڳوڙها ٻه دعائون، اوهان وٽ ڇڏي،
اسان ٿا وڃون يار! اصلي وطن!

ڇو ته هن انَحَد جا آواز ٻڌي ورتا هئا.
پاڻ گهرايو آهي يار،
آيا انَحَد مان آواز.

۽ پوءِ هو جيڪو عشق جي عظمت جي سفر جو اڪيلو مسافر هو، اداس روح ۽ يارن جو يار هو، بقول سندس ته:
تنها تنها روح اداس،
يارن جو هو ”ارشد“ يار.

۽ پوءِ هوُ جنهن سان ڀٽائي ڪهاڻيون ڪندو هو، ۽ رومي به جنهن سان رهاڻيون، ڪندو هو. هُو سنتن ۽ ساڌن يا صوفين کان جيڪو هو سکندو رهيو. هو جيڪو مهان سنڌو_ ديس جي مفڪر جي مئخاني جي مٽ مان هو پئندو رهيو ۽ هو جيڪو سنڌ جي صوفي روح جي سڏ جو مڌر پڙاڏو هئو. بقول سندس ته:
ڀٽائي کي روميءَ آ پارت ڪئي.
اڃايل آ ”ارشد“ پياريوس جام.
*
ڀٽائي ۽ روميءَ کان مون ڇا سکيو؟
فقط نياز نوڙت فقط پيار، پيار.
*
مون سنتن ۽ صوفين کان هي آ، سکيو،
پرم ڌام، منزل دنيا آهه دام.
*
پيار جي مذهب ۾ ”ارشد“ ايڪتائي ايڪتا!
سن جي سائينءَ کان اهو ئي مون پرايو دوستو!

سو آکيري کي الوداع ڪري، وڻ جي لام ڇڏي پرواز ڪري ويو.
آکيري کي الوداع
ڇڏڻي پوندي وڻ جي لام.

۽ ويندي ويندي هو سراپا دعا ٿي ويو هو.
چڱو هاڻ يارو! ڪجي الوداع،
اوهان کي دعائون ڪندو ٿو وڃان.

مون کي ياد اچن پيا شيڪسپيئر جي تخيل جا هيءَ ٻه ٽي لفظ ته:
”اي منهنجا محبوب!
جڏهن به تنهنجي ياد ايندي.
اسان کي اسان جا گناهه ياد ايندا.“
۽ سائين ارشد جي لفظن ۾ ته :
جڏهن ياد تنهنجون ٿيون ڳالهيون اچن،
اکين منجهه ڳوڙها ٿا ڀرجيو وڃن.
**

هي پيپر سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ صاحب جي چاليهي جي موقعي تي پڙهيو ۽ ”نئين آس“ مئگزين ڪراچيءَ جي عبدالحڪيم ”ارشد“ نمبر ۾ پڻ ڇپيو.

ارشد صاحب! توهان واٽ وڃائي نه ويٺا آهيو

پنهنجي دور ۾ شاعريءَ ۾ گجگوڙ مچائيندڙ سنڌ جي خوبصورت رومانوي، مزاحمتي ۽ ترقي پسند شاعر عبدالحڪيم ”ارشد“ جو اهو شعر ته:
مان روح جي ٻولي ٻڌندو هان، هي روح مخاطب ٿيندو آ،
آواز اندر جو هوندو آ، جو گيت چپن تي ايندو آ.

جڏهن به پڙهندو آهيان ته مون کي پختو يقين ٿي ويندو آهي، ته هن جي ازل کان آواراه ۽ رولاڪ روح، پوپٽ جي پرن ۽ پشم گولن جهڙا نازڪ نفيس احساس کڻي هر دور ۾ سنڌ جي بيقرار هوائن ۾پئي جنم ورتو آهي، هن جي تخيل جي پنڌ جا پيرا جيڪڏهن ايمانداريءَ سان کڻجن ته هي روح سان اسان کي انهن رشتن مان هڪ لڳندو جن اڍائي لک سال اڳ سنڌوءَ جي ڪپ تي ويهي رگويد جا اهي اپنشد لکيا هئا، ته:
” اي شڪتي!
تون روشني آهين.
تون اونداهين جو سينو چيري ائين ڦٽندي آهين،
جئين ڌرتيءَ مان سلا ڦٽندا آهن.
جيئن ماءُ جي ارهن مان ٿڃ جا گوها نڪرندا آهن
جيئن اوندهه جي ڪَک مان ٻار نڪرندو آهي.
تنهنجي ڇُهاءُ سان سنگ ائين پچندا آهن.
جئين مرد جي ڇهاءَ سان ڪنواريءَ جو جوڀن،
تون اسانجي ڪنڀرن، سنگتراشن ۽ هنر مندن جي هٿن جي سونهن آهين.
تو جنسار کي چڪ تي ائين ٺاهيو آهي،
جيئن ڪنڀر ٿانوَ ٺاهيندو آهي.
تون روشنين ۽ رنگن جي پٽ- ڌاڳن سان سنسار کي چرخي تي ڪتيو آهي،
تون ڌرتي ماءُ آهين.
تنهنجي ارهن مان درياءَ ٿا وهن.
اي ڌرتي ماءُ!
اسان جي ٻنين ۽ ونين جون ڪکيون سدا سايون رک-“
ڇو ته فطرت هن کي ڌرتيءَ خصوصاً سنڌ ڌرتيءَ جي سونهن ۽ دردن جي ادارڪ کي جهونگارڻ جي لاءِ جنم پئي ڏنو آهي-
تڏهن ته هن جي ڏات کان ازخود اعتراف ٿي وڃي ٿو ته:
ڪو شعر لکڻ جو شوق نه هو، پر شعر ته لکجي ويندو آ.
هي شعر ته دل جي دنيا تي، الهام ٿي نازل ٿيندو آ.

۽ اڄ به ڪيترائي اهل دل ماڻهو ”رگويد“ ”کي“ الهامي صحيفا ”مڃڻ جي ايمان سان دل جي نگريءَ کي “ پر- نور بنايو ويٺا آهن.
سائين ارشد اهو ڀاڳوان شاعر هو، صدين کان جنهن جي روح کي جنم لاءِ سنڌ جي سر زمين پئي ميسر ٿي ملي آهي، ۽ هو تصديق ٿو ڪري ته:
اي ڌرتي! تو وٽ وڻجارو، هر روز نه مهمان بڻبو آ،
ورهين کان پڄاڻا ايندو آ، موتين کي ورهائي ويندو آ.

ائين موتي ورهائيندي ورهائيندي، هن جي ڏات جا ڏيئا پنهنجي جوت سان جرڪي جرڪي ڪنهن جي ڳولا ۾ مصروف ٿي ٿا وڃن.
بستي بستي توکي ڳوليم، جوڳن وانگي جُوءِ ڇڏي،
ماڻهن ليکي ارشد صاحب، واٽ وڃائي ويٺو آ.

ارشد صاحب! توهان واٽ وڃائي نه ويٺا آهيو. توهان جي واٽ اها ئي سڌي راهه آهي جنهن لاءِ آخري الهامي ڪتاب قرآن پاڪ چيو ته ”اهدناالصراط المسقيم“ اسان کي سعادت جي سڌي واٽ ڏيکار.
سنڌ لاءِ اها قومي واٽ آهي عشق، انقلاب ۽ آزاديءَ جي واٽ. جنهن لاءِ لطيف سائين فرمايو هو ته: واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسندا.
ڪنهن صوفي شاعر جي بقول ته:
سِڌو پنڌ صورت جو، ٻيون واٽون مڙئي ور.
انهيءَ واٽ جي سڌي پنڌ جو ڏس سائين! ارشد! موجوده جنم ۾ توهان کي توهان جي عظيم بزرگن ڪراڙ ڪنڌيءَ واري ڀٽ جي شاهه ۽ سن جي سيد صاحب جن ڏنو هو. انهيءَ واٽ جا واٽ مسافر وڻجارا سائين ارشد! اڄ به سنڌ جا ڪيئي سرفروش نوجوان توهان جي نقش قدم تي روان ۽ دوان آهن. ڇو ته انهن کي پختو يقين آهي ته اها ئي واٽ وٺي مارڳ ماڻڻو آهي، اهو مارڳ جيڪو ليطف سائين جن جي سپني جي ساڀيان هو ته:
پهرئين وڃان لوءِ، پوءِ پڄنم ڏينهڙا.
**

(سائين عبدالحڪيم ارشد جي پهرين ورثي جي موقعي تي پڙهيل پيپر.)

هڪ مختصر ڪچهريءَ جي ڪٿا

وقت جو آواز بنجي اسٽيجن تان سنڌ جي خلائن ۾ گجگوڙ مچائيندڙ سنڌ جي نامياري مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر ۽ پنهنجي سيني ۾ ڪبوتر جهڙي نفيس دل رکندڙ انتهائي معصوم انسان محترم سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ صاحب سان پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ هڪ ڀيري ڪچهري ڪندي چيومانس ته سائين! فطرت توهان تي ايتري ته مهربان رهي آهي جو توهان نه رڳو روحن جون ٻوليون ٻڌي پر انهن کي سمجهي به سگهندا آهيو جو لکيو اٿو ته:
مان روح جي ٻولي ٻڌندو هان، هي روح مخاطب ٿيندو آ،
آواز اندر جو هوند جو آ، جو گيت چپن تي ايندو آ.

حالانڪه توهان اعتراف ڪيو آهي ته شاعري ڪرڻ توهان جو شوق ڪو نه هو پر پوءِ به ڪا قوت، ڪا شڪتي ضرور هئي، جنهن توهان جي چونڊ ڪري توهان جي دل مٿان وقت به وقت شعرن جو ائين پئي الهام ڪيو جئين پرهه جو پهر ۾ گلن، ٻوٽن ۽ گونچن تي ماڪ جا موتي پيا نازل ٿيندا آهن ۽ توهان لکيو هو ته:
ڪو شعر جو شوق نه هو، پر شعر ته بنجي لکجي ويندو آ،
هي شعر ته دل جي دنيا تي، الهام ٿي نازل ٿيندو آ.

ڀلا اهو ”الهام توهان تي ڪڏهن کان نازل ٿيڻ شروع ٿيو...! ۽ توهان جي من اندر مان پهريون جيڪو شعر خود بخود ڦٽي نڪتو هو، جيڪڏهن ياد هجيو ته اهو شعر ۽ ان جي پسمنظر بابت ته ڪجهه ٻڌايو؟“
سوال ٻڌي سائين پهرئين ته ڪجهه وقت اکيون بند ڪري ڪنهن اونهي استغراق ۾ گم ٿي ويو، پر پوءِ جو انهيءَ ڪيفيت مان نڪري آئيو ته انتهائي ٻهه ٻهه باجهه ٿيندي ٻڌايو هئائين ته 1953ع ۾ سعيد آباد ۾ پير محب الله شاهه وارن جي مدرسي ۾ پڙهندو هوس، جتي ديني تعليم سان گڏ عربي فارسي شاعري به پڙهائي ويندي هئي. ان وقت مون کي محسوس ٿيندو هو ته اها شاعري ڄڻ ته ٻانهن جا ڀاڪر ڦهلائي مون کي سيني سان سمائڻ جي اپيل ڪندي هجي، ۽ آئون ان وقت ان شاعريءَ جي اسرارن ۾ پاڻ کي گُم ڪري ڇڏيندو هوس. مدرسي ۾ پڙهائيندڙ هڪڙو استاد حافظ سڌائي به هوندو هو، جيڪو پاڻ به شاعر هو ۽ بحر وزن جو وڏو ڪاريگر هوندو هو. شاعريءَ ۾ تخلص “شوق” هوندو هئس پر سڏبو ”حافظ سڌائي“ ئي هو ان جون اکيون آرسيون ئي هونديون هيون جنهن هيترن شاگردن مان اسان ٽن شاگردن کي ڄڻ ته سڃاڻي ورتو هئو، ان ئي استاد حافظ سڌائيءَ جي صحبت ۾ اسان ٽنهي دوستن تي ان جو رنگ چڙهڻ لڳو هو.....!
پوءِ چوٿون استاد ۽ اسان ٽئي دوست هر هڪ سيد احمد شاهه لڪياري، پير اعجاز شاهه راشدي ۽ آئون عبدالحڪيم ”ارشد“ چانهه تي ڪچهري ڪندا هئاسين.
پوءِ شاعري، دوستيءَ جي اهڙي زنجير بنجي پئي جنهن اسان چئني ڄڻن کي ڄڻ ته هڪٻئي سان جڪڙي رکيو هو، حافظ سائين جي انهيءَ سکيا مان ائين اسين ٽئي دوست سائين احمد شاهه لڪياري سائين پير اعجاز ۽ آئون عبدالحڪيم ”ارشد“ رچي پچي نڪتاسين“- ان وقت مان سوچڻ لڳس ته ڇا ته شخص هو حافظ سڌائي صاحب! جنهن پنهنجي پنهنجي فڪر جا هڪٻئي وقت ٽي اهڙا باڪمال شاعر سنڌ کي ڳولي ڏنا، جن تي سنڌ ڪئي صديون پئي ناز ڪندي، جڏهن ٽئي اهي شاعر پنهنجو وارو وڄائي سنڌ کي سُرن جو صدائون ڏئي وڃي مٽي ماءُ جي گرم گود ۾ آرمي ٿيا آهن ته اياز جي هيءَ سٽ ڄڻ ته هر هڪ لاءِ ائين چوندي هجي ته:
واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي،
پوءِ سائين ارشد کلندي ٻڌايو هو ته ”چانهه“ تي اسان جون روز ڪچهريون هلنديون هيون تنهن ڪري ان وقت مون جيڪو پهريون شعر لکي سنگت اڳيان پيش ڪيو هو، سو به چانهه تي ئي هو ته:
مریضان محبت کے، لئے بس چائے کافی ہے،
صدا آتی ہے پیالی سے، پیو اللہ کافی ہے۔

ائين شاعريءَ هن جي چونڊ ڪري ورتي هئي، ۽ هن کان لکائيندي ٿي رهي ۽ هو لکندو ٿي رهيو ته:
قلم مون کڻيو، ڪجهه لکڻ ٿو گهران،
لکان رت سان يا لکان مس سان.

يا
قلم بند ڌرتيءَ جون دانهون ڪيان،
ڪهاڻي ڪا ظلم ۽ ستم جي لکان.

پوءِ جئين جئين سائين ارشد لکندو ٿي ويو ته هن جي تخيل مان سنڌ جي سورن جون صدائون ٿي نڪتيون. جيڪي صدائون هن کي سک سان ويهڻ ئي نه ڏينديون هيون. ۽ هوءُ جوڳين وانگر جوءِ ڇڏي ڌرتيءَ جي عشق جو پروانو بنجي نڪري پوندو هو، ڏات جي ڏيهه ڏانهن ته:
اي ڌرتي! تنهنجو درد کڻي،
مان بستيءَ بستيءَ ڀٽڪيو هان.
۽ ڪارين ڪارين راتين ۾
مان جگنو بنجي جرڪيو ها.

اي ڌرتي! توسان قول ڪيم،
سو قول وفا جو پاريان ٿو.
۽ ٽڪرُ کائي ٽڪرَ سان،
هر ڏاڍ جو ڏونگر ڏاريان ٿو.

۽ هڪ سلڇڻي پٽ جيان سيس نمائي پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي يقين ڏياريندو رهيو ته:
اي ڌرتي! تنهنجي آزادي،
هر چيز کان مونکي پياري آ.
مون گيت اڳيئي گهوريا هئا،
اڄ جان به توتي واري آ.

پوءِ سائين پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪري، ڄڻ ته اٽل ارادو ٿو ڪري ته زوريءَ زبردستي دوزخ بنايل هن ڌرتيءَ کي جنت بنائڻ لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اهو دل وَ جان سان ئي اداڪرڻو پوندو ۽ ائين هوءُ ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جي زبان بنجندو رهيو ته:
تون ساٿي! منهنجو ساٿ ته ڏي، آءُ قوم قسمت بدلايون،
هن دوزخ جهڙي ڌرتيءَ کي اڄ بهشت بنائي ڇڏڻو آ.

۽ پوءِ هن جي ڏات نينهن جا نعرا هڻڻ ٿي لڳي ته:
هيءَ ڌرتي ناهي ڌوتن جي، هت ڌاريو بنجي رهندو جو،
هي ديس انهيءَ کي ڇڏڻو آ، يا سنڌي بنجي رهڻو آ.

ڪچهريءَ هلندي پنهنجي ڪجهه نظمن جو پسمنظر ٻڌائيندي سائين چيو هو ته مون پنهنجو مشهور نظم ”پاپ نگر“ ون يونٽ ۽ اِيوبي آمريت تي لکيو هو، جنهن ۾ آهي ته:
هت ڏاڍ هلي ٿو چورن جو،
۽ ڏاڍن سيني زورن جو،
هت موجون مير پيرن جون،
سرڪار چمچاگيرن جون.
هت ڏينهن ڏٺي جو ڏاڍايون،
هت ظلم، ستم ۽ ارڏايون،
هت وير وطن جا روز ڪسن،
هن پاپ نگر ۾ پاپ ٿين،
هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،
۽ توسان ڪهڙو حال ڪجي.
هي شهر جفا جو ڇڏڻو آ،
ٻيو شهر وفا جو اڏڻو آ،
هن شهر جفا جي ڳالهه نه ڪر،
هت روز وفا جو قتل ٿئي.

۽ نظم ”نئون پاپ، نگر“ ان کان پوءِ واري ڊڪٽيٽرانه جمهوري دور تي لکيو هوم، جنهن جون سائين جي ايم سيد هڪ هزار ڪاپيون ڪرائي پوري سنڌ ۾ ورهايون هيون.“ ان وقت آئون سوچيان ٿو ته ان کان وڌيڪ ڪنهن شاعر جي ٻي ڪهڙي مڃتا ٿي سگهي ٿي...!
جنهن جي نظم کي ورهائيندڙ ئي سائين جي ايم سيد جي هماليه جهڙي مظبوط ۽ تاريخي شخصيت هجي....!
۽ مون کي سائين ارشد جي انهيءَ ڏات تي رشڪ ٿو اچي.
۽ حمل فقير جي هيءَ سٽ ٿي ياد اچي ته:
حمل ههڙي ڏات، ڪن نيڪن کي نصيب ٿئي.
۽ اها ڏات ئي هئي جنهن هن کان لکايو هو ته:
هن ڌرتيءَ دک جي ڌرتيءَ تي،
تون نينهن نڀائڻ آيو آن،
۽ پٿر جي هن شهر اندر،
موتين کي ورهائڻ آيو آن.

او واٽ مسافر وڻجارا!
تون پهتين ڪهڙي وستيءَ ۾
هت ڪنهن کي ڪنهنجي ڪاڻ نه ڪا،
هر ماڻهوءَ پنهنجي مستيءَ ۾،

هي پاپ نگر نئون پاپ نگر،
هن پاپ نگر جي ڳالهه نه ڪر.
تو چرٻٽ نگري ناهه ٻڌي،
جت ڏاڍو ٿيندو گابو آ.
هن شهر جو راجا راڄ ڌڻي،
ان چر ٻٽ جو ڀي بابو آ.

سائين ارشد جڏهن ادبي پروگرامن ۾ اسٽيجن تي ايندو هو ته اڪثر هن کان نوجوان هڪ نظم ٻڌڻ جي فرمائش ڪندا هئا، ۽ هُو نظم پڙهندي پڙهندي وجدان جي انهيءَ وادين ۾ گم ٿي ويندو هو ۽ هن جا نيڻ نيسارا بنجي پوندا هئا، ته ماحول تي ڄڻ سڪتو طاري ڪري ڇڏيندو هو- ان نظم ”جاڙي به جڳ سان“ جي باري ۾ ٻڌايو هئائين ته ”اهو سچو واقعو آهي.“ ۽ ان وقت هن جي دل جي ڪيفيت معلوم ڪندي، هن کي نظم ٻڌائڻ جي فرمائش نه ڪئي هيم. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ ڳالهين جا ڳوٺَ اڏيندي ٻڌايو هئائين:
اکڙين جي ڳالهه، آکڙين ۾ رهجي وئي،
اسان جو پيار زبان تائين اچي نه سگهيو،
نظر سان ملي نظر ته چپ چري نه سگهيا.
حجاب جو پردو وچان هٽي نه سگهيو!

درد احساس جي لذت کان نا آشنا ماڻهو،
ڄڻ ته ڌرتيءَ تي بڻيو آ خدا ماڻهو!
سر جهڪي نيٺ ويو حسن ازل آڏو،
مون ڏٺو صورت انسان ۾ ديوتا ماڻهو!

ته اهو نظم ”ديوتا ماڻهو“ مونکي پنهنجي سڀني نظمن ۾ پسند جو نظم آهي.
اڄ ان جي انهيءَ ڪچهريءَ کي ساري مان ڄڻ ته سندس ئي غزل جو بند ٿي پيو آهيان.
ان وقت اکين آرت رنو، ڄڻ آهه کُلي ناسور پيو،
جنهن وقت اسان جو روح سڙيل، ڪنهن وڇڙي کي ساريندو آ.

۽ آئون سو چيان ٿو ته انهيءَ ساڳي سعيد آباد واري مدرسي مان هنيئر به هر سال سوين طالب علم فارغ التحصيل ٿي نڪرندا هوندا، پر شايد هاڻ اتي ڪو به حافظ سڌائيءَ جهڙو استاد ناهي رهيو. جو وري ڪو به احمد شاهه لڪياري، ڪو به پير اعجاز يا ڪو به اسان جي سائين ارشد صاحب جهڙو شاعر اتان پيدا ٿي نڪري نه سگهيو...!
۽ لطيفي لات مونکي صدا ڏني ته:
مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري،
هاڻ اتان ۽ جتان ڪٿان جيڪي ملان تعليم پرائي نڪرن پيا انهن جي تصوير سائين ارشد پنهنجي هن بيت ۾ بهتر انداز سان پيش ڪئي آهي ته:
ملان منهنجي ملڪ جا، سچ جو ساٿ نه ڏيَنَ،
هونئن ته پنهنجو پاڻ کي، سڀڪجهه ٿا سمجهن.
دين ڌرم جي درد ۾، ويٺا رت رئن،
ڌوئي تن جي دل ۾، ميرا تن جا من،
اڄ به سرمد تن هٿان، ڪرٽن ۾ ڪٽجن،
آزاديءَ جي نانءَ کان، لوٺيا ونءَ وڃن،
ڳالهه نه ڀلجي ڀونءِ جي، ڪانئر ڪڏهين ڪن.
هونئن ته ارض ۽ اڀ جون، ڊاڙون هت هڻن،
تسبيح داڻا هٿ ۾، ٽان ٽان ڏيڏر ڪن،
ٺَڳيا ملڪ ٺڳن، سچا ناهن سنڌ سان،
**
سائين عبدالحڪيم ”ارشد“ جي ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان پير، ذاڪريءَ ۾ ٿيل پروگرام ۾ پڙهيل پيپر.
ورسيءَ جو پرگرام 23/فيبروري 2020ع تي ٿي گذريو.

ڪيڏا سور سٺا پئي سڙندي، منهنجي تن تنبوري (مير محمد پيرزادي جو وڇوڙو)

ان ڏينهن اٺين جنوريءِ جي اداس صبح جو پهر ۾، مان بائيڪ تان بريڪر تي لهي، شهر کڻي آيل نوجوان کي ”مهرباني ڀاءُ!“ جا ٻه لفظ چئي جئين ته سائين مير محمد جي ادبي آستاني تي پهچي جهنڊي سولنگيءَ کان سائين مير محمد جو معلوم ٿو ڪريان ته جهنڊي جي نيڻن ۾ اداسيءَ جا پاڇا لهي ٿا اچن. هو انتهائي ڏکويل انداز سان اکيون جهڪائيندي ( ته جئين سندس لهي آيل لڙڪن تي منهنجي نظر نه پئي) جهيڻي آواز ۾ چئي ٿو ته ”سائين! هاڻ هاڻ ڪراچيءَ مان فون آئي هئي... دوائن پنهنجو دنگ ڪيو... هاڻ سائين ويچاري کي دعائن جي ضرورت آهي. دعا ڪيو .... باقي سمجهيو ته .... ”جهنڊو جملو پورو ڪري نه سگهيو ۽ مايوسي ويٺلن جي چهرن تي پکڙجي ٿي وڃي- ڏهه منٽ کن سڀ خاموش ويٺا رهياسين_ جتان خاموشيءَ سان اٿي انور انڙ منهنجي يار سان بائيڪ تي چڙهي سڌو تليءَ ماڻڪ وٽ ٿو پهچان“ ماڻڪ جيڪو غربت ۾ به انتهائي خودداريءَ سان، پٽ جي دل ۾ سوراخ ۽ گهر واريءَ جي ذهني توازن وڃائي ويهڻ باوجود به اڻ پورن گردن سان جيون جو رڻ پٽ جهاڳي رهيو آهي. جتي سندس ڪنهن عزيز جو مرتيو ٿي ويو آهي، ماڻڪ سان ملندي ئي نه سندس طبعيت ٿو پڇان ۽ نه سندس گهر ڀاتين جي، بلڪه ٻڌايانس ٿو ته ”يار ماڻڪ! سائين مير محمد جي طبيعت صفا خراب آهي.... جهنڊي ڏي فون آئي هئي، .... ويچارو ڏاڍو مايوس هو...“
ماڻڪ جي منهن تي به درد جون لڪيرون پڌريون ٿيون ٿين جو ايتري ۾ اصغر تنها جي ڪال ٿي اچي. هو پنهنجي ڳڻتي ظاهر ڪندي چئي ٿو ته: ”ادا! سائين مير محمد جي طبعيت تيزي سان ڪري رهي آهي، اڄ سائين حنيف وارا به کيس ڪراچيءَ پڇڻ ٿا وڃن- سڀاڻ جو پروگرام ٺاهه ته پاڻ به گاڏي ڪري ڪراچيءَ سائين کي پڇي اچون...“ مان سوچيان ٿو ته سڀاڻ...! ڪيئن کيس ٻڌايان صوفي صادق فقير چيو آهي ته:
جيڪي آهي اڄ، سڀاڻ ڪانهي صديق چئي.

۽ پوءِ ماڻڪ سان هلندو ان اوطاق تي ٿو پهچان جتي انهن جي عزيز جو تڏو وڇايل آهي، ماڻڪ ۽ مرحوم جي عزيزن سان تعزيت ڪندي تڪڙو شهر ٿو پڄان، جو اسد ڪيريو ڪال تي انتهائي ڏکاري لهجي ۾ ٿو ٻڌائي ته ”ادا سائين مير محمد هاڻ پاڻ وٽ نه رهيو آهي“ ۽ مان SMS ٿو پڙهان ته سائين تاج لکي ٿو ته ”سائين مير محمد گذاري ويو آهي. ۽ مان ٻلهڙيجيءَ لا نڪران پيو. “۽ اصغر تنها جو SMS”ادا! سائين مير محمد جي ڊيٿ ٿي وئي.“ ان ٽائم روڊ تي نواب شاهه ڏانهن ويندڙ لوڪل ڊاٽسن مان يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي عثمان فقير جي آواز ۾ سر سامونڊيءَ جا آلاپ ٿا سماعتن سان ٽڪرائجن ته
مون ويٺي وڻجارا پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا.
اي ميان! آئون رئندي وئي رهجي. آئون رئندي وئي رهجي. آئون رئندي وئي رهجي....
۽ ڊاٽسن ويندي رهي جو پنهنجيون اکيون آبشار ٿو ڀايان.
ذهن جي اسڪرين تي سائين مير محمد سان گذاريل سڀ لمحا هڪ هڪ ٿي گذرندا ٿا وڃن. ۽ مون کي ياد آهي ته پهرئين پهرين ذهن جي اسڪرين ٿي تي ٿي اچي 1979ع جي اونهاري جي لڙندڙ اها گرم منجهند، جڏهن سائين مير محمد تنهن وقت جي سرگرم قومي ڪارڪنن مياڻ جي مرحوم عظيم ملاح، غلام علي ملاح ۽ خيرپورناٿن شاهه جي دوست منظور پنهور سان پهريون دفعو پنهنجي ڳوٺ قومي ڪچهري تي آيل ٿو ڏسان- جتي پرائمري اسڪول جي آڳنڌ تي وڻندڙ نمن ۽ ٽالهين جي گهاٽيءَ ڇانوَ ۾ منهنجي ڳوٺ وارا سائين مير محمد کي دل جي ڪنن سان ٻڌي رهيا آهن. ۽ سائين سندن پراڻن پاندن کي اکين ۾ اميد جا ڏيئا جرڪائي انتهائي پيار ، پريت ۽ پنهنجائپ سان سَنُ جي سنهيءَ سُئي سان سيبا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي- انهيءَ ڪچهريءَ ۾ ننڍو هجڻ ڪري مان صرف خاموش ٻڌندڙ هوس ۽ گهڻو متاثر ٿي رهيو هوس. جو آخر ۾ سائين مير محمد چيو هو ته هو ته ”هن هيڏي ساري ڳوٺ مان منهنجي ڳالهين کي ڪو هڪڙو ساٿي به سمجهي ويو ۽ اڳتي هلي، اسان جي سڏ ۾ سڏ ڏئي، اسان سان ٻه قدم به گڏجي هليو ته مان سمجهندس ته هِت اچي منهنجو پنڌ سجايو ٿيو.“
ائين هن ڀٽائيءَ جي سُرَ سري راڳ جي ناکئي بلڪه اورچ وڻجاري جي ان ادبي ٻيڙيءَ ۾ پاڻ کي سائين جي پڇاڙيءَ تائين ويٺل ٿو ڀايان. جنهن ٻيڙيءَ لاءِ پاڻ لکيو هئائين ته:
لڏندي لمندي هل
او ٻيڙي!
لڏندي لمندي هل.
ڪنولن سين ڪي ٻوليون ٻوليون، ڇتيون ڇوليون پنهنجو لوليون،
هئين نه پنهنجي من کي روليون، تن ساڻ ملي وٽ جن کي ڳوليون.
شايد پوئيون ٿئي هي پل،
او ٻيڙي!
لڏندي لمندي هل.
هاڻ جڏهن اهو پتڻ جو پاتڻي ئي نه رهيو آهي، ۽ لطيف سائين جي لفظن ۾ ته:
نه سي تڙ هوڙاڪ، نه سي وايون وڻجارن جون،
سرتيون ساموندين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينئون فراق، پاڙيچون پرينءَ جا.

ته پوءِ دل جون ڳالهيون ڳرهجن ته ڪنهن ساڻ ڳرهجن!؟
وري به سائين مير محمد جي ساڳي ئي گيت جو سهارو ٿو وٺجي ته،
ڪنهن سان ڳرهين دل جون ڳالهيون، سهڻيون، سندر، ٻوليون ڀاليون،
نيون. نڪوريون، نج، نراليون، موٽ ۾ ملندئي اکڙيون آليون.

ڪنهن سان سور نه سل،
اوٻيڙي!
لڏندي لمندي هل،
اوٻيڙي!
لڏندي لمندي هل.
ائين سائين مير محمد جي آخري عمر تائين. ان ٻيڙيءَ ۾ پاڻ کي پسي، ڄڻ ته پاڻ کي ڀاڳوند ٿو ڀايان. جو مون منهنجي ڳوٺ اچڻ جي سائين جي پنڌ کي سجايو ڪيو هو.
خيالن ئي خيالن ۾ کڻي جو نگاهه مٿي کڻان ته بيد مشڪ جي ٽاريءَ تي ٻه ڳيرا چهنب ۾ چهنب ڏيو خاموش ڄڻ ته ڳل ڳراٽي ڏئي روئي رهيا هجن- ڇو ته فطرت جي زبان بڻيل شاعرن جي وڇوڙي تي رُتون به روئي پونديون آهن ۽ هوائن به سوڳوار بنجي وينديون آهن. هي ته ويچارڙا ڳيرا هئا،۽ مون کي پنهنجي ئي غزل جو اهو بند چٽي تصوير بنجي سامهون آيو هو ته:
ملا ئي چهنبون، وڻن تي ويٺا، پکي به تنهنجو پڇن پيا ٿا،
ڪيڏهان هليو ويو حسين شاعر؟ اداس رُت آ هوائون روڳي.

پوءِ گهر پهچي ڀنل نيڻن سان ”مکڙيون ماڪ ڦڙا“ کڻيو هوم، اهو ”مکڙيون ماڪ ڦڙا“ جيڪو هن جي جواني ديواني جي جذبن جي ڀرپور ترجماني هجڻ سان گڏ هن جي روح جي آذان جو آواز به آهي ته هن تي وڏڦڙو ٿي وسندڙ عشق جي منظوم آتم ڪٿا جي ڇڙوڇڙ ٿيل خيالن جي خوشبوءَ به آهي- مون کي ان وقت انهيءَ نفيس جذبن واري شاعريءَ جي ڪتاب جا سڀئي صفحا به سوڳي لڳا هئا ته:
جل ڦل بادل بوندون برسن، کنوڻين جي کجڪار،
الو ميان! ساهه اوهانجي سار!
اهي جل ڦل بادل ان وقت سائين سان پيار ڪندڙن جا نيڻ هئا، جن مان بوندن بس نٿي ڪئي.
۽
ياد اوهانجي يار هوا ۾، گلڙن جي هٻڪار،
الو ميان! ساهه اوهانجي سار!
راڳ اسانجو ريهون ٿي ويو، تند ٽٽي پئي تار،
الو ميان! ساهه اوهانجي سار!
اهي لکيا ته سائين پنهنجي عشق جا اڌما ئي هئا، پر اڄ سندس ئي ڏات ڏنگ بنجي سندس وڇوڙي ته اسان سڀني جي اندر جي اڌمن کي ائين ڏنگيندي...! اڳ سوچيو ئي نه هو ته:
گل جي ڇڻيل پنڙن وانگي، بسنت ۾ به ٽڙي نه سگهيا،
منهنجا گهايل گهايل اڌما!
تن جي تند تي يادن هٿڙا، گل گلابي گيت ڇڙيا،
منهنجا گهايل گهايل اڌما!
پرهه ڦٽيءَ جو ڪوئل وانگي ڪيهون ڪيهون ريهون ٿيا،
منهنجا گهايل گهايل اڌما!
هن شفيق محسن جي وڇوڙي تي جيئن اسان مان هر ڪنهن جي دل لهو لهو لڙڪ بڻجي پئي آهي، ائين هن تي به ڪڏهن اهڙيون گهڙيون مئي ۽ جون جي جهولن وانگر گهليون هونديون. هن کان به ڪيئي پيارا جيءُ جيارا وڇڙيا هوندا. هن به ڪيئي حسين جوانين کي موت جي آغوش حوالي ٿيندي ڏٺو هوندو جو لکيو هئائين ته:
موت وهيءَ جو ڄڻ ته پرين!
گيت اڌورو رهجي ويو.

۽ پوءِ اها رات اکين ۾ ڪاٽي.ٻئي ڏينهن ٻارنهن وڳين موهن جي دڙي جي مٽيءَ پنهنجي سدا سلڇڻي پٽ جي جسم کي سدا لاءِ پاڻ ۾ سمائي، ٻيءَ رات ڄڻ ته چنڊ ۽ سنڌو درياءَ کي چيو هو ته ساکي ٿِجو: هڪ ماءُ پنهنجي سلڇڻي پٽ کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ڪوسيءَ ڪڇ ۾ لڪائي ڇڏيو. هاڻ ڪا به بي رحم بيماري هن جي نفيس جسم تي ڪو حملو نه ڪري سگهندي پوءِ چنڊ سڏڪي پيو هو ۽ درياءَ جي ٿڌڙي واري ان لحظي ڄڻ ته سن ٿي وئي هئي ۽ سنڌ جي خلائن ۾ سائين جي سانيٽ جو درد ڇلڪي پيو هو ته:

تنبوري جي تار ٽٽي آ، ڄڻ ڪو سڏڪو گهٽجي ويو،
سور انهيءَ کان ساز سندو هو اندر لڇيو ڦٿڪيو،
اند لڇيو ڦٿڪيو جو، ان ۾ راڳن لاتو روڳُ،
تلنگ لڳائي تئونس ڇڏي ۽ جيءَ جَلائي جوڳُ
ڪنهن کي ڪهڙي ڪل ته، ڇا ٿي سڙيو کاميو کوري،
ڪيڏا سور سٺا پئي سڙندي، منهنجي من. تنبوري!

۽ ان ڏينهن اسين سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي جا سارا اديب شاعر ۽ ادبي دوست ٻلهڙيجي جي سخي جمال شاهه جي قبرستان ۾ سائل ۽ اقرار پيرزادي سان گڏ سائين جي آخري آرامگاهه تي دعا گهري رهيا هئاسين، ته تصور ئي تصور ۾ سائين مرڪي مونکي ياد ٿو ڏياري ته سائين تاج محمد ڏاهريءَ جي وڇوڙي جي پنجين ڏينهن سندس ئي دڪان تي سائين مون کي چيو هو ته “علي نواز! ڪلهه گل محمد رند وٽ ويو هوس. گل محمد چيو ته سائين مير محمد! پاڻ هاڻ به پروگرام ڪنداسين. پروگرام ۾ به پيا ٿيندا پر نه هوندو ته پنهنجن پروگرامن ۾ سائين تاج محمد نه هوندو! ۽ تاج محمد جي نه هجڻ جي ڪري پنهنجا پروگرام ڪيڏا نه عجيب ۽ اڻ پورا لڳندا !“
۽ تصور ۾ مان کيس چوان ٿو ته ”سائين! سائين منير شاهه به پروگرام پيو ڪرائيندو. سائين وٽ به آئينده پروگرام پيا ٿيندا. پر نه هوندئو ته سائين مير محمد توهان اسان جي وچ ۾ نه هوندئو! ۽ توهان کان سواءِ جيئن اڄ ڪيڏو نه عجيب عجيب ۽ اڻ پورو پيو لڳي هي پروگرام! ستارا ته موجود آهن. پر چنڊ نالو ناهه ڪو...! اياز چيو هو ته:
مون ته لڳائي سپني ول، ڦول ڪڏهن ڦٽندا.
ڇا ڄاڻان! ڇا ڄاڻا!
ته سائين! توهان اهي ادبي مالهي هئا، جنهن جي دل سان ڪيل محنت ۽ شفقت طفيل ماڻڪ ۽ مون کان وٺي مصور تائين رحمت الله ۽ سائل کان وٺي قاسم خاصخيلي قلندر بخش ملاح، زوهيب نواز ڏاهري ۽ محمد يعقوب ڏاهريءَ تائين توهان جا ڦول ڦٽي پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ پکيڙيندڙ اڄ ڪيئن نه ڪومائل آهن! ڇو ته اڄ انهن جي ايمانداريءَ سان سار لهڻ وارو معصوم مالهي ڪونهي.
راڻا او راڻا، سڏ وراڻين ڇو نٿو،
توريءَ مير منڌرا، ڀينگ ٿيا ڀاڻا.
ڪنول ڪوماڻا، ڀونئر ڀونءِ ڇڏي ويا.
(شيخ اياز)
**

درگاهه پير ذاڪريءَ ۾، سائين منيرشاهه جي آستاني تي،
سائين مير محمد پيرزادي جي چاليهي جي موقعي تي پڙهيل پيپر.

آ ٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان" (استاد ۽ شاعر ڌڻي بخش ”قربان“ ڏاهريءَ جي شخصيت)

علم روشني آهي ۽ ان جي ڦهلاءَ جي جدوجهد جهاد هوندي آهي، ان حوالي سان استاد صاحب کي پنهنجي پيشي تي جيترو به فخر ڪرڻ گهرجي اهو گهٽ آهي. دنيا جي سڌريل معاشرن ۽ ملڪن ۾ استاد کي سڀ کان وڌيڪ معتبر فرد سمجهيو ويندو آهي. سمجهيو به ڇو نه وڃي؟ اڄ دنيا جيڪا ترقي ڪئي آهي، انسان جو قدم ستارا لتاڙي اڃان به اڳتي وڌڻ جي جستجو ۾ آهي دنيا گلوبل وليج بنجي وئي آهي. انسان پنهنجي آخري علم يعنيٰ سائنس کي ڀرپور استعمال ڪري چڪو آهي، هاڻ هن کان وشال سمنڊن جي تري کان وٺي اجهاڳ ۽ اڻکٽ خلائن ۾ جيڪو ڪجهه به آهي، اهو سڀ ڪجهه انسان جي اک مان گذري ئي رهندو. ڏٺو وڃي ته انهيءَ سڄي ترقيءَ جي پويان جيڪي اڻ کٽ ايجادون ٿي رهيون آهن. اهو سڀ ڪجهه استادن جي محنت جي طفيل ئي ٿي رهيو آهي. انٽرنيٽ ته ننڍي ڳالهه آهي، اڃان ته الاءِ ڪهڙا راز افشان ٿيڻا آهن، ڪائنات جي ڳولا جاري رکندڙ هڙني سائنسدانن جي جدوجهد به استادن جي محنت ۽ سچائي جو سرچشمو ئي آهي.
اچو ته اسان جي ڌرتيءَ جي سڌريل ملڪن جي معاشرن ۾ استاد جو مانُ، مرتبو، تقدس ۽ عظمت ڏسون!
ملڪ جو تمام وڏو اديب، دانشور ۽ ڏاهو محترم اشفاق احمد لکي ٿو ته ”هو تن ڏينهن ۾ روم ۾ ڪنهن يونيورسٽي ۾ ليڪچرار هو. اڻ ڄاڻائي مان هو ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪندي چالان ٿي ويو. پاڪستاني مزاج ۽ حالات تي هريل اشفاق ٽي ڏينهن چالان نه پياريو ته ڪورٽ جو ليٽر اچي مليس. ٿڙڪي ٿڙڪي پر ڏيهي عدالت ۾ اچي پهتو ته جج پڇيس ته تو ٽي ڏينهن چالان نه پياري هنن چالان ڪندڙن ۽ ڪورٽ جو ڪيترو نه ٽائم خراب ڪيو آهي؟ تو قانون شڪني ڪئي آهي، جنهن ڪري توکي سزا اچي ويندي.
هن ڊڄندي عرض ڪيو ته مان فارينر آهيان قانون جي مونکي صحيح خبر ڪانه هئي، ان ڪري مون کي معاف ڪيو وڃي_ اشفاق لکي ٿو ته جج چيو ته ”عدالت توکان پڇي ٿي ته تون ڪير آهين ۽ ڇا ڪندو آهين. مون چيو ته ٽيچر آهيان، پروفيسر آهيان. روم يونيورسٽيءَ ۾، ته جج ڪرسيءَ کي سائيڊ تي ڪري اٿي بيهي رهيو ۽ اعلان ڪيائين Teacher in the coart. Teacher is the coart هن جيئن ئي اهڙو اعلان ڪيو ته هو سڀ جا سڀ منشي ٿاڻيدار، عملدار جيترا به هئا، سڀئي اٿي بيهي رهيا جج حڪم ڏنو Chair Should be broutgh for the teacher.
A Teacher has come to the court. هاڻ ڪٽهڙو ننڍو هو جنهن کي آئون پڪڙيو بيٺو هوس جو اهي ڪرسي کڻي آيا، حڪم ٿيو ته ٽيچر بيهڻ نه گهرجي. جج چيو ته ”اي معزز استاد! اي دنيا کي علم عطا ڪرڻ وارا. اي محترم ترين استاد! اي محترم انسانيت! توهان ئي اسان کي عدالت جو ۽ عدل جو حڪم ڏنو آهي، توهان ئي اسان کي تعليم ڏني آهي، جنهن ڪري اسين هنن انصاف جي ڪرسين تي براجمان آهيون. ان لاءِ اسين توهان استادن جي فرمان مطابق مجبور آهيون ته عدالت جو ضابطه حيات قائم ڪريون ۽ توڙي جو اسان کي شرمندگي ٿي رهي آهي ۽ اسين هڪ استاد محترم جو ٽرائل ڪري رهيا آهيون. ۽ اهڙو موقعو ڪنهن به جج لاءِ انتهائي تڪليف دهه هوندو آهي. جو ڪٽهڙيءَ ۾ هڪ استاد محترم جو ٽرائل ڪري رهيو هجي، مون چيو ته مان حاضر آهيان. جيڪو توهان جو قانون چئي ائين ئي مون سان پيش اچو! جج چيو ته اسان نهايت شرمندگي، وڏي ڏک ۽ گهري رنج الم سان توهان جو جرمانو ڊبل ٿا ڪريون يعني 75 پئسن جي بدران ڏيڍ رپيو ٿا ڪريون. مان جئين ئي ڪرسيءَ تان اٿيس ۽ شرمندو ٿي ڪورٽ مان نڪتس ته ڏسان ته اهو جج ’ان جو پورو عملو‘ منشي، ڪلارڪ وغيره سڀ جا سڀ منهنجي پٺيان پٺيان اچي رهيا هئا. ۽ A Teacher in the court چوندا مون کي پنهنجي گاڏي وٽ وٺي آيا.
جيسين گاڏي اسٽارٽ ڪري اتان ويس نه تيسين هوءِ سڀ استاد احترام ۾ بيٺا رهيا.
اهو آهي سڌريل قومن ۽ ملڪن ۾ استاد جو احترام. نه رڳو احترام پر ڪيترن ملڪن ۾ ته استاد جي پگهار ٻين سڀني شعبن جي ملازمن کان گهڻو وڌيڪ آهي، تازو ئي نيوز يلينڊ ۾ ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ ٻين شعبن جي ملازمن احتجاج ڪيو ته سندن پگهارون استادن جي برابر ڪيون وڃن ته موجود وزير اعظم انهن جي اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ گهرايو، انهن جا مطالبا ٻڌي صرف ايترو چيائين ”مان ڪيئن توهان کي انهن جي برابر درجو ڏيان، جن جي محنت جي طفيل ئي توهان اڄ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ الاءِ ته ڪهڙن عهدن تي ويٺا آهيون. توهان پاڻ سوچيو ته توهان سان استادن جي برابري ڪريان ته اها انهن جي توهين ڪانه ٿيندي؟ ۽ ڪو به سلڇڻو شاگرد پنهنجي استادن جي توهين جو تصور به نٿو ڪري سگهي، ته پوءِ توهان ڪيئن اهو سوچيو! اهو ٻڌي سمورا احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين شعبن جا ڳواڻ ڪنڌ هيٺ ڪري، خاموش ٿي احتجاج ختم ڪري وڃي ڊيوٽين تي چڙهيا.
۽ بدقسمتيءَ سان هتي! حڪمرانن جي هوڏ تي هتي سال ۾ ٻه ٽي دفعا مطالبن جي مڃتا لاءِ استادن تي بيرحمانه ٽارچر ڪيو ويندو آهي، آنسوگئس، واٽر ڪينن جو بي دريغ استعمال ڪيو ويندو آهي، لٺيون هڻي استادن کي رت ۾ وهنجاريو ويندو آهي، ڇو ته هت مني صديءَ کان پوءِ به انگريزن جي قانون جي تربيت ٿي هلي.
”ويا گورا وريا ڪارا، فڪر بدبلو نه فن بدليو“ (منشي ابراهيم)
وانگر هٿ هر احتجاج تي امرتسر واري جليانو الاباغ واري قتل عام جي جنرل ڊاير جي سنت کي ورجايو ويندو آهي. تشدد جو آرڊر ڏيندڙ انڌو آفيسر اهو به نه ڏسندوآهي ته سامهون استادن جو جلوس آهي. اهي استاد جن وٽ هو پاڻ به پڙهي. اتي پهتو آهي-
سڌريل ۽ آزاد ملڪن جا سربراهه پنهنجن عهدن تان سبڪدوش ٿي وڃي تعليمي ادارا جوائن ڪندا آهن. اتي استاد ۽ پروفيسر ٿيندا آهن. اتي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندا آهن ۽ فخر محسوس ڪندا آهن، ڪيترا ملڪ ته پنهنجا سربراهه ئي استادن مان چونڊيندا آهن. مثال اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جو پهريون صدر بابُو راجندر ناٿ پرشاد ماهر تعليم هو، ٻيو صدر راڌا ڪرشن استاد هو ٽيون صدر عزت ماب ذاڪر حسين پڻ استاد هو.
استاد هن معاشري جو اهو فرد آهي، جنهن جي فڪري خيالن جي وسعت جو ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ قومي آزاديءَ جا انقلاب اچي ويا، هنن ننڍڙن ٻارن جون جيڪي ذهني ٽريننگون ڪيون. جيڪو صاف سچو ۽ تاريخي نصاب پڙهايو. جيڪو شعوري ارتقا جو واڌارو ڪيو، جيڪي قومن جي آزاديءَ جي تقدس جا سبق ڏنا. اهي هينئين سان هنڊائي اڳتي هلي اهي شاگرد دنيا جي ملڪن جا ناميارا قومي سياستدان اديب، عالم ۽ گوريلا بنجي پنهنجن پنهنجن آزاد ملڪن جا جهنڊا اقوام متحده تي لهرائي دنيا ۾ امر بنجي ويا.
سڪندر يونانيءَ جو قول آهي ته ”ماءُ ۽ پيءُ ٻار کي آسمان تان هيٺ لاهي ڌرتيءَ تي آڻيندا آهن ۽ اهو استاد ئي آهي جيڪو انهيءَ ٻار کي شهريت جي آسمان تي پڄائي ڇڏيندو آهي، ذهني، علمي ۽ فڪري طرح.” اهڙو ئي فڪري طرح پختو هڪڙو استاد محترم سائين ڌڻي بخش ڏاهري به هو. ان پنهنجي محنت سان تعليمي ميدان ۾ جيڪي محبت جا گل ٻوٽا پوکيا هئا، سي ماشاءَ الله پنهنجي خوشبوءَ ڏئي رهيا آهن.
”مون لڳائي سپني ول، ڦول ڪڏهن ڦٽندا
ڇا ڄاڻا ڇا ڄاڻا!. (شيخ اياز)
۽ سائين ڌڻي بخش جي سپني- ول مان سرها ڦول ڦٽي پيا آهن. تعليم ۽ فڪري تعليم هن جو نه رڳو خواب هو پر هن جو پسنديده پيشو به هو. ۽ اها پيشي سان سچائي ئي ماڻهوءَ جو مان، مرتبو ۽ ملهه وڌائيندي آهي، اها پيشي سان سچائي ئي هئي، اهو علم جو عشق ئي هو. اهو سماج کي سڌارڻ جو خواب ئي هو جيڪو توهان ۽ اسان سڀني کي اڄ هت گڏ ڪيو ويٺو آهي، هو مڻيادار، ماڻهو هو، هُو آدرشي انسان هو.
آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا، پر مونکي اهڙا مڙس وڻيا،
جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.
(شيخ اياز)

سائين ڌڻي بخش هن علائقي جي هڪڙي شاندار شخصيت هو ۽ شخصيتون تاريخن جا پير ٿينديون آهن جن جي قدمن جي نشانن تان گذري قومون سچائي جا دڳ تلاش ڪنديون آهن. ترقيءَ جا گس تعليم جي چاٻيءَ سان ئي کلندا آهن. ۽ تعليم سائين ڌڻي بخش جو سندر سپنو هو، هن چاهيو ٿي ته هن سنڌ جو هر فرد عورت توڙي مرد تعليم يافته هجي. هو سيڪيولر سنڌ هي روح جو پراسرار پر توو هو. سنڌ جيڪا صدين کان محبتن جي امين سڪيولر ڌرتيءَ رهندي آئي آهي، جنهن ۾ رڳو محبتون ئي پروان چڙهنديون آيون آهن. جنهن ۾ ڪنهن به انتهاپسنديءَ لاءِ ڪائي گنجائش ڪانهي. سنڌ کي هزارين سالن کان پنهنجو هڪڙو فڪري پيغام آهي، امن سڪون، پيار ۽ محبت جو پيغام. اهو پيغام ئي هو جو خدا جي نبيءَ کي به سنڌ مان جنت جي هير ٿي آئي، اهو ئي پيغام آهي جو اڄ جي دهشتگردي ورتل دنيا جي ڏاهن به سنڌ ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو آهي. آمريڪا جي عالمي شهريت يافته ليکڪه پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”ڊانسنگ شيڊو“ ۾ دنيا کي ۽ انسانذات کي مشورو ٿي ڏئي ته ”جيڪڏهن دنيا ۾ امن ٿا چاهيو ته توهان کي سنڌ جا پُرا من اصول اختيار ڪرڻا پوندا.“
اهڙي ئي فڪر جو عملي نمونو هو سائين ڌڻي بخش جنهن جو وڏو ڪار نامو اهو هو ته هن هِت مذهبي انتها پسندي کي اسرڻ ئي نه ڏنو. توڙي جو هتي اها پنهنجا پير کوڙي به چڪي هئي، پر ڀٽائي جي هن پاڙيسريءَ انهن سان وڌي چڙهي مقابلا ڪري هتان انهن جون پاڙو پٽي ثابت ڪيو هو ته هُو سيڪيولر سنڌ جو آدرشي روح هو- جنهن جي سيني ۾ سنڌ جي ڪنهن صوفي لاڪوفي جهڙي شيشي جيان شفاف دل هئي. جنهن کي هن انتها پسنديءَ جي مَرُ سان ميرو ٿيڻ نه ٿي ڏنو. هو خوديءَ جو مخالف خدا پرست شخص هو. هن جي دل جي مياڻ ۾ فقط هڪ تلوار جي جاءِ هئي، ڀٽائي صاحب جي لفظن ۾.
ڪين ماپندا من ۾، خودي ۽ خدا،
ٻن ترارن جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.

دنيا ۾ اڌ آبادي عورتن تي مشتمل آهي، ٽي دنيا جي ملڪن ۾ جهالت جي شرح ان ڪري به وڌيل آهي جو اتان جي اڌ آبادي يعني عورت کي تعليم جي ميدان ۾ داخل ئي ٿيڻ نه ڏنو ويو آهي، سائين ڌڻي بخش کي انهيءَ جو گهرو احساس هو.
مون ويندي تن جا پير ڏٺا، مون ڇاڇا مڙس مٿير ڏٺا،
جي ڪيئي سج اڀاري ويا، جي ڪيئي سج سمائي ويا.
(شيخ اياز)

۽ هن عملي انسان وٽ سماج کي سڌارڻ جي اها ڏات هئي، جنهن جي طفيل هر طرف تعليم جي نور جي روشنيءَ سان جهالت جون پاڙون پٽڻيون هيون. هن جي شخصيت جو تعين ڪندي آئون وري به اياز جو سهارو ٿو وٺان ته ڄڻ سائين ڌڻي بخش چئي پيو ته:
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن ٿو، آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن، تون هيڻو آن هٿيارن سان.

۽ واقعي ئي هن پنهنجي انوکي ڏات سان هتان جي علم دشمن، قلم دشمن ۽ تعليم دشمن وڏيرن ۽ مذهبي منهدارن سان ٽڪرائي ثابت ڪيو هو ته تند تلوارن سان وڙهي به سگهي ۽ پنهنجا مقصد ماڻي به سگهي ٿي، ۽ پوءِ هو نياڻين جي اسڪول کولرائڻ ۽ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪامياب به ويو هو. هي عملي انسان.
اوشال عقابن سان اٽڪان.
مان واهر ٿي واهيرن جي
(شيخ ياز)
جيان هيڻن جو آواز ٿي ڏاڍن سان اٽڪيو هو. هن وڏيرڪي سوچ جيڪا اوندهه جي سوچ هئي، جهالت جي سوچ هئي، علم دشمن سوچ هئي، خاص ڪري نياڻين جي تعليم ڏيڻ جي مخالف سوچ هئي. ان ڪاري سوچ لاءِ سائين ڄڻ ته اياز هن جي شعر جو عملي نمونو ٿي اڳيان آيو هو ته:
ڪيئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،
آ ٽم، ٽم، ٽم، ٽم، لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا.
(شيخ اياز)
بد قسمتي سان منهنجي هن محبوب ماڻهو سان ڪا به ملاقات ڪا نه هئي. پر سندس تڏي تي پهتو هوس ته مون پيار ۽ پنهنجائپ جي احساس سان گڏ مڪمل ازم ۽ اڏولتا سان هن کي دادا علي بخش جي اکين ۾ ڏسي ورتو هو. دادا علي بخش جا نيڻ بر صغير ۽ خاص ڪري سنڌ جي تاريخ جي ترورن کي صورت جي سهائي ڏئي چٽي طرح ڏِسڻ جو ڏانءُ ڏَسيندا آهن-
سائين ڌڻي بخش بنيادي طرح شاعر هو- هو آيو ئي گيت ڏيڻ هو. چوڏهينءَ جي چانڊوڪي جهڙا چٽا گيت، پورهيت جي سگهه جهڙا سچا گيت، عشق، انسانيت. آزاديءَ ۽ انقلاب جا گيت. اهي گيت جيڪي هن نور نچوئي لکيا هئا. جو هن جو شاعراڻو تخلص ئي ”قربان“ هو ته قربانيءَ جو پتلو هو. هن گيتن جي صورت ۾ خلق خداجي اهجن، آزارن کي ختم ڪرائڻ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍڻ لاءِ ئي هتي آيو هو.
انسان ڇاهي؟ مٽيءَ جي مٺ! اڄ آهي سڀاڻ ناهي. ڪنهن ڏاهي جي چواڻي ته ”هڪ اونداهي کڏ مان آيو، ڪجهه پل رهيو. وري اونده کڏ حوالي“ انسان هت هڪ خاص ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آيو آهي، انسانذات کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ آيو آهي، استاد آهي ته علم ۽ آگاهي ڏيڻ آيو آهي، فنڪار آهي ته پنهنجو فن منتقل ڪرڻ آيو آهي، ڏاهو آهي ته ڏاهپ جا مٽ اپيٽڻ آيو آهي، شاعر ۽ اديب آهي ته قومن جون اکيون، ذهنَ ۽ دماغ ٿي شعور جي ورکا ڪرڻ آيو آهي. انسانذات جي دردن جو ادراڪ ٿيڻ آيو آهي، قومن کي سرت ۽ سچائيءَ جا نوان دڳ ڏيڻ آيو آهي، هو پنهنجي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آيو آهي. هونئن ته ماڻهو مٽي سان ملي مٽي ٿي وڃڻو آهي، پر رهندو پوئتي صرف سچ آهي، اهو سچ جيڪو ان جي ڪردار، ان جي ڏات ۽ تخيل ذريعي هن ماڻهن ۾ منتقل ڪيو هوندو آهي.
اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن به اڪيلائي جو شڪار ٿيڻ نه ڏيو، اهڙي تلقين اسان کي لطيف سائين به ڪري ٿو ته:
تان ڪي ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾. پاڻ مٿائن گهور.
ويا جي هنگلور، ته پوءِ ڪر نه ملندئي ڪاپڙي.

ڀلا ڀاڳ آهن اهڙن انسانن جا جن کي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين به اڪيلائي جو احساس ڪو نه ٿو ٿئي، ان حوالي سان سائين ڌڻي بخش ”قربان“ ڀاڳوند ماڻهو هو. جو محبوب ۽ سندس ڀائرن جهڙا فرمانبردار پٽ سندس خدمت ۾ هئا، ته دادا علي بخش ۽ الهڏني سومري صاحب جهڙا کاهوڙي ڪردار جن لاءِ لطيف سائين چيو ته: کاهوڙين کڻي ساجهر ٻڌا سندرا؛ جهڙا دوست هن جي زندگيءَ جو سهارو ٿي رهيا.
سائين ڌڻي بخش ”قربان“ جهڙن باڪردار شخصيتن جي وڇوڙي تي ڪجهه وقت لاءِ هوائون به سرڳوار ٿي وينديون آهن، حقيقي استادن ۽ شاعرن جي وڇوڙي تي فطرت جي ذري ذري سان گڏ پکي به پريشان ٿي ويندا آهن.
پکين پاڻ پڇاڙيو، لڏيو هوت وڃن. (شاهه صاحب)
هو شاعر هو ۽ شاعر قومن جون اکيون ٿيندا آهن. جيڪي ڏور ڏسڻ جو ڏانءُ رکي قومن جي رهنمائي ڪنديون آهن، توڙي جو هن جي شاعري سندس زندگيءَ ۾ ڇپجي نه سگهي پر هاڻ محبوب ۽ سندس ڀائر پنهنجي والد صاحب جي شاعري ڇپائي، پنهنجي والد صاحب جي سندر سپنن کي ساڀيان جو روپ ڏيڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن. محبوب مونکي هن جو هڪ شعر پڙهايو هو، جيڪو سندس نوجوان پٽ جي ايڪسيڊنٽ ۾ وفات جي موقعي تي لهو لهو لڙڪن جي صورت ۾ لکيل هو- جنهن ۾ پيءُ جي دل جو رت ٽيپو ٽيپو ٿي ٽميو ٿي ته:
مٺا پُٽُ! تنهنجي مان ڇاتي چمان،
گهڻا گهاءَ سيني اٿئي سي ڏسان،
هر گهاءَ تنهنجي ۾ سرهاڻ آ.

آئون سوچيان ٿو ته پيءُ سنڌ جو هجي، ويٽنام جو هجي يا دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ جو- نوجوان پٽ جي اوچتي وڇوڙي تي سندن دليون ساڳيءَ طرح ئي لهو لهو ٿي وينديون آهن. مون کي ياد ٿا اچن هڪ ويٽنامي پيءُ جا جذبا. جنهن جو گوريلو پٽ آزاديءَ جي جنگ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. ڪيڏي نه هڪجهڙائي آهي سائين قربان ۽ ان وينٽامي پيءُ جي جذبن ۾ ته:
ڳڀرو ڪيئن ڳڀا ٿئين پٽ !
ڪنهن جي لاءِ مئين،
چانڊوڪي جئين تن آ تنهنجو،
ڪاري رات ڪفن آ تنهنجو .
ڪنهن جي لاءِ مئين،
ڳڀرو ڪيئن ڳڀا ٿيئن پٽ!
ڪنهن جي لاءِ مئين.
(شيخ اياز)
مون کي يقين آهي ته هن محفل ۾ هتي ڪٿي سائين ڌڻي بخش ”قربان“ جو روح پڻ موجود آهي، جيڪو توهان سڀني کي پيار ۽ پنهنجائپ مان مرڪون آڇي رهيو آهي ۽ فلائنگ ڪس ڪري رهيو آهي.
اکين ۾ عشق جي مستي چپن تي مرڪ ملهائون،
چمي محبوب مکڙي کي پسن سپنا به ساڀيائون.
(علي نواز ڏاهري)

**
تعلقي نيو سعيد آباد جي تاريخي ڳوٺ منصورا سان لاڳيتو ڳوٺ ”ڪوڙو ڏاهري“ جي محنتي استاد، نامياري شاعر ۽ روايتي تاريخي ڪردار سائين ڌڻي بخش ”قربان“ ڏاهريءَ جي چاليهي جي موقعي تي سڏرايل شاندار پروگرام ۾ هي پيپر پڙهيو ويو.

ڄڻ ته هُو به ڪو ڏياريءَ جو ڏيئو هو....!

جڏهن اوچتو ئي اوچتو مڙني محبتن جا محور ۽ من جا محبوب ازلي سفر تي اسهي پونداآهن، تڏهن عمر ڀر جي وڇوڙي جا وڍ، ماڻهو کي اندران ئي اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندا آهن. اڪيلائي جي اذيت ۾ جهرندي هينئڙو هيرڻ پن جيان ڦٽي ڦارون ٿي پوندو آهي. ڀٽ ڌڻي پاران ڪيل مولانا روميءَ جي منظوم ترجمي جو مقصد سمجهه ۾ اچڻ لڳندو آهي ته وڍيل ڇو واريون ڪندي آهي ۽ ڪٺل ڪيئن ڪوڪاريندي آهي.
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پڻ پنهنجا ساريا، هيءَ هنن لئه هنجون هاري.
(شاهه صاحب)

موت جي وادي ڏانهن ويندڙ، ان وقت ڪجهه به محسوس ڪري يا نه (اهو الڳ موضوع آهي، هر فلسفيءَ وٽ پنهنجا دليل هوندا آهن.) پر ان جي جدائي پوئين لاءِ وقت جو پل پل قيامت ۾ تبديل ڪري ويندي آهي، ساعت ساعت پلصراط جو سفر لڳندي آهي.
جوانيءَ جو موت! جيئن رون رون ڪندي تنبوري جي تار ٽٽي پوي، جيئن ڪوئي گيت اڌورو رهجي وڃي، جيئن وڄندي وڄندي بوڙينڊو ڀُري پوي، جيئن نقطه عروج تي پهچڻ پل ڪنهن رقاصه جي پيرن جي پايل ٽٽي پوي، هڪ هڪ ٿي سارا گهنگهرو وکري وڃن. ڀٽ ڌڻيءَ تي بلڪل ئي اهڙيون گهڙيون گذريون هونديون، جو هن تنبوري جي تارن تي هٿ هڻي اکيون ٻوٽي آهه ڪئي هوندي ته:
آيل ڪريان ڪيئن، منهنجو نينهن اپليو نا رهي،
ويو وڻجار اوهري، مون کي چاڙهي چيئن،
منهنجو نينهن اپليو نا رهي،
(شاهه صاحب)

اهڙي ئي جيءُ کي جهير ڏيندڙ جدائي ڏئي ويو آهي، پنهنجن پيار ڪندڙن کي ثناءُالله خاصخيلي. ثناءُالله! جيڪو اوچتو ئي اوچتو دوستيءَ جي دائري مان نڪري گم ٿي ويو، پويان ڇڏي ويو صرف ۽ صرف يادن جا عڪس، يادو ن جيڪي رڳو سور ئي هونديون آهن. اهڙا سور، جن لاءِ حمل فقير چيو ته:
سڪ مڙوئي سور، سور به سرجيا سڪ مان،
صبر سڪ وڃائيو، ماٺ نه اچي مور،
دانهون درد فرق جون، ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏور،
حمل هي هڪڙو ڪلور، جو ساجن سڻي ڪين ڪي.

ثناءُ! جنهن کي احساس هو ته سندس زندگي جي رنگين داڻن کي موت جو ڪارو ڪانءُ آهستي آهستي چڳي کٽائي رهيو آهي. ان وحشي ڪاري ڪانءُ کي تڙي زندگي جي رنگين داڻن کي بچائڻ لاءِ اڪيلو ئي اڪيلو ڪراچيءَ جي ڪُٺن سفر تي نڪري پوندو هو، پاڻ ئي اسپتال ۾ ايڊمٽ ٿيندو هو. پاڻ ئي چاڪ ٿي واپس ورندو هو ڇو ته کيس سڌ هئي ته پنهنجي زندگي جي لال ڪنوار جو هو پاڻ ئي محافظ آهي. ان حوالي سان ڪنهن جو به آسرو ڪرڻ کي هو ڪانئرن جو ڪم سمجهندو هو.
اي پڻ ڪانئر ڪم، جو ساٿ ڇڏيائون سونهن جو،
جيسين دعوا دم، پل پل پرت پرينءَ سين.
(علي نواز ڏاهري)

هن جي ادبي عمر به ڪا ايڏي وڏي نه هئي. چند سالن جي مختصر مدت ۾ سندس ذهني سطح اتي وڃي پهتي جتي روايتي سرڪاري ڪراڙن اديبن جي پهچ به ناممڪن آهي.

هو ڪهاڻيون هجن يا شاعري، نثر هجي يا نظم، ادب جون جديد صنفون هجن يا ڪلاسيڪل ادب يا مرڳو لوڪ ادب، تاريخ هجي يا تحقيق، مطالعي جي محبوبا هن کي پنهنجو ديوانو بنائي رکيو هو، هن جون اکيون سدائين اکرن تي فوڪس هونديون هيون، جتان هن کي مقصد جي مومل جي حاصلات لاءِ عشق جي چاڙهي نظر ايندي هئي.

پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرين کي،
يا
اک اهائي ڌار، جنهن سان پسين پرينءَ کي،
ٻئي ڏي ڪيم نهار، گهڻو ريسارا سپرين.
(شاهه صاحب)

ادبي ۽ تنقيدي ڪلاسن ۾ هن جي موقعي تي ڪيل ڇنڊ ڇاڻ ۾ مڪمل عالمانه راءِ هوندي هئي، هن کان سواءِ هر گڏجاڻي يا ادبي ميڙاڪو اڌورو لڳندو هو.
آهن اڌورا پرين، جيون جا سڀ سانگ،
تن من تو آتانگ، جياپو جڏي جيءُ جو.

سنڌي، اردو، هندي، ته ڇا پر عربي ۽ فارسي ادب کان به ناآشنه نه هو. موهن- دڙي جي اسٽوپا کان وٺي ننگر پارڪر ۽ ڪاسٻو تائين نظر نه ايندڙ هن جي قدمن جا نشان ساکي آهن ته هن ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو سمجهي، ان جي انچ انچ کي موکيءَ جي مئخاني جو مڌ ڄاڻي پنهنجي نيڻن جي صراحين ۾ اوتڻ ٿي چاهيو ۽ اها پياس مٽائڻ ٿي چاهي جنهن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:
تن ۾ تونس پرينءَ جي، پيئان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪيان، ته سرڪائي نه ٿئي،

هو- جيڪو تاريخ جي تهن تان ماضيءَ جي دز هٽائي سنڌ جي سونهن ڏسڻ جو مشتاق هو. ان سلسلي ۾ اتهاس جي وار کان سنهي ۽ تلوار کان تکي پلصراط پار ڪرڻ کان پوءِ، مطالعي جو ماڳ وٺي جڏهن هو تاريخ جهڙي ڪٺن صحرا ۾ پير رکندو هو، جتي هو رڳوئي رڻ گجڻ ۽ راڙو ٿيڻ جو گوگاءُ، هاڪارڻ ۽ هڻڻ، تلوارون ۽ ڀالا، زخمي گهوڙن جا هڻڪار، ڪوڪارون ۽ پوڪارون، ڪِري نچندڙ ڪنڌ، ڌوڙ ۾ ليٽيل ڌڙ، جسمن کان جدا ٿيل عضوا، ڄڻ رڻ پٽ ۾ ٽڙيل روهيڙي جا رتا گل ۽ رت جا وهندڙ واهڙ. اتي به هر دور جي جنگ ۾ هن کي ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جهڙا ساڻيهه سان نينهن نڀائڻ وارا نعرا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا ۽ هن جو ايمان تازو ٿي ويندو هو، ته سنڌ جيڪي صدين کان سپنا پنهنجي نيڻن ۾ پئي نپايا آهن. هڪ ڏينهن ضرور ساڀيان جو روپ وٺندا ڇو ته آزادي هر قوم جو ڪائناتي حق آهي. ان کان هميشه لاءِ اهو حق ڪو به نٿو کسي سگهي ۽ دل ئي دل ۾ هي ڄڻ ته گنگائيندو هو ته:
پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو، اڀ تائين جهوليندو،
اهڙو ڏينهن به ايندو، ساٿي اهڙو ڏينهن به ايندو.

هو_ جنهن بنياد پرستي جي بلا کي انتهائي ويجهو کان ڏٺو هو، آپگهاتي جيڪيٽن ۽ بم بلاسٽرن جي دور ۾ به زندگي کي پيار ۽ پريت جي راهه ۾ رقص ڪندي ڏسڻ جون خواهشون سيني ۾ سانڍي هلندو هو. جنهن جا نيڻ دنيا کي هر زاويي کان پرکڻ جي سگهه رکندا هئا. هو سنڌ جو سچو عاشق ۽ اهڙو الهڙ جوڳي هو، جنهن جهڙن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ.
اچي ان تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪوريو.

هو جيڪو روشن خيالي ۽ سيڪيولرازم جي راهه جو اهڙو ته رولاڪ مسافر هو، جنهن هو پنڌ کٽڻ جو ئي نه هو.
هي ته پٻ جا پهاڙ اوري، پنهل جا پيرا اڃان به اڳتي،
اڃان به اڳتي ...... اڃان به اڳتي.
(محمد خان مجيدي)
سر ۽ ساز سندس محبوب مشغلا هئا، هن پنهنجي زندگي جون ڪيئي راتيون ان سحر ۾ گم ٿي گذاريون هيون. ساز، آواز ۽ سرن جي صدا مان تڏهن سجاڳ ٿيو هو، جڏهن پرهه ڦٽيءُ کان پوءِ سازيندڙن جون رقص ڪندڙ آڱريون پنهنجن سازن تي رڪجي ويون هيون، سرن ۾ صدا هڻندڙ چپ چُپ ٿيا هئا. مئخاني تي ماڪ وٺي هئي. ڀر واري مسجد مان آذان جا آواز فضائن ۾ ڦهلجڻ شروع ٿيا هئا، پکي آکيرا ڇڏي اڏريا هئا ۽ ثناءُالله راڳن جي ان سحر مان نڪري پاڻ سنڀاليو هو.
اهڙيون ڪيئي راتيون هن جي جيون جو ثمر رهيون هيون، صوفياڻين محفلن کان وٺي ڪلاسيڪل راڳن تائين هو سندن پرک جو پانڌيئڙو هو. هن جي من جو مينڌرو راڳ جي ڪاڪ محل جي ور وڪڙ پيچرن جو اهڙو ته واقف هو جهڙا سنڌ جا اڄوڪا نالي وارا راڳي به شل هجن.

جستجو هن جو جياپو ۽ تحرڪ هن جو ايمان هوندو هو. هو. ماٺ کي موت سمجهندو هو. ڪڏهن به ڪنهن حوالي سان هن ڏانهن ڪا تنقيدي آڱر اڀي نه ٿي.
ڪڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
(شاهه صاحب)
هو- جيڪو سامراجي سازشن، قومي غلامي، وسيلن جي ڦرلٽ، رياستي ڏاڍ، طبقاتي جبر، ناانصافين ۽ ٻين انت انت جي اونداهه اسرارن ۾ سوين سرفروشن جيان ٽانڊاڻو ٿي ٽمڪيو ۽ ٻاٽ اڃان اتي ئي هئي، ته هو اڳ ئي وسامي ويو.
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.

هو- جنهن جي نيڻن ۾ نئين سنڌ جا سپنا ائين جرڪندا هئا جيئن برسات کان پوءِ جهڙالي وايو منڊل ۾ انڊلٺ جا سڀئي رنگ جرڪي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندا آهن.
هو- جنهن جي سپنن جي اپسرا سنڌ هئي، سنڌي قوم هئي، سنڌ جو روشن مستقبل هئو، جيڪو سپنا اڻندي، پاڻ به سپنو بڻجي ويو، جيڪو هاڻ ڪڏهن ڪڏهن خوابن جي واديءَ ۾ نظر به ايندو الاءِ نه!
اها سڄي رات ڏياريءَ جا ڏيئا ٽمڪي ٽمڪي صبح جو وساڻا هئا ته آخر ۾ هن جي زندگي جو ڏيئو به وسامي ويو. ڄڻ ته هو به ڪو ڏياريءَ جو ڏيئو هو....!
**


(نوجوان اديب ، محقق ثناءَ الله خاصخيلي، جيڪو س. ا. س شاخ جو سڪرنڊ جو سيڪريٽري به رهيو، جيڪو 08 مارچ 1982ع جي بهار جي رت ۾ پيدا ٿيو. اٺاويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ گردن جي فيل ٿيڻ سبب 06 نومبر 2010ع جي صبح جو نائين وڳي پنهنجي پيار ڪندڙن کان هميشه هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
ان ئي رات جو سندس دفن ٿيڻ جي واپسي ۾ درد جي شدت ۾ لکيل مضمون، جيڪو سندس چاليهي جي موقعي تي س. ا. س شاخ سڪرنڊ پاران سندس ياد ۾ ملهايل پروگرام ۾ پڙهيو.)

سي جيءَ جيارا ماڻهوءَ ها
(تاج محمد ڏاهري جي شخصيت)

سنڌ جي محبوب شاعر محترم شيخ اياز چيو ته:
جي پنهنجو نور نچوئي ويا. ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇاڇا مو تي پائي ويا.
سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي ڏاڍا پيارا ماڻهو ها،
جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو، سي دل ۾ درد دکائي ويا.

ائين هو هن ڳوٺ جي انتهائي قربائتي، شريف المزاج ۽ سٻاجهڙي شخص ڏاڏي الجهڙئي جو سڀني کان ننڍو ۽ ٽيون نمبر پٽ هو، مائٽن سندس نالو ته تاج محمد رکيو هو پر لاڏ ڪوڏ مان سڏيندا ”من“ هئس ۽ اهو من نه رڳو مائٽن جو من هو پر پنهنجي آخري عمر تائين سڄي ڳوٺ جو ”من“ ئي رهيو- توڙي جي لکيل پڙهيل نوجوان کيس ”صاحب“ به سڏيندا هئا. پر ڳوٺ ۾ اڪثر هو “من” ئي مشهور رهيو.
اڄ جڏهن آئون پنهنجي ساروڻين کي سهيڙيان ٿو (۽ هي ساروڻيون صرف منهنجون ساروڻيون ناهن پر هن ڳوٺ جي هر هڪ منهنجي عمر جي فرد جون گڏيل ساروڻيون آهن.) آئون اڃان پرائمري اسڪول ۾ به نه پڙهندو هوس شايد، هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن سڪرنڊ وايه کڏهر جو روڊ به سرن جو ٺهيل رستو هئو، جنهن ٽانگا هلندا هئا. جڏهن هن ڳوٺ جي اڳيان واريءَ جا وڏا وڏا دڙا هئا. جتي کٻڙن جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ بيٺل هوندا هئا، جڏهن هن ڳوٺ جا هڪ ٻن گهرن کي ڇڏي باقي سڀئي گهر اوڏڪين ڀتين تي سچن سرن سان ٺهيل ڇپرن سان ٺهيل هوندا هئا. جڏهن درياءَ دهشت ڇڏي. ٻيٽ ٻيٽاريون نه بڻيو هو. جڏهن درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين تان اڃان ٻيلا ڪو نه وڍيا هئا.
جڏهن اڃان موسم تي ماحولياتي تبديلن جو اثر ڪو نه پيو هو- جڏهن سانوڻيون پنهنجي پوري ٽائم تي سانگين جي سار لهنديون هيون. جڏهن وسڻ جا ويس ڪري ڀٽائيءَ جو يار ساري سنڌ سان گڏ منهنجي ڳوٺ تي به آڌيءَ جو اوهيرا ڪري اچي ڪڙڪندو هو. ته منهنجو ڳوٺ به ساري سنڌ جي ٿرن برن وانگر ڀٽائيءَ جون هيءَ سٽون بنجي پوندو هو ته:
رات به مينهنڙا وٺا،کينوئن کيل ڪيا.
وڻجارن جي ملڪ مٿي.
رات به مينهنڙا وٺا.
ڪچن گهرن جي اڱڻن ۽ گهٽين ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهي ويندو هو- ساري ساري رات، وسي وسي مينهن جڏهن صبح جو بس ڪندو هو ته هيءَ يار سائين تاج محمد به مينهن جي پاڻي ۾ ڇاٻڙ ڇاٻڙ ڪندو، پانچا پسائيندو، پاڻ بچائيندو، هر هڪ گهر ۾ صبح سان اچي سلام ڪندو هو- ۽ اچڻ سان ٻهه ٻهه ٻاجهه سان اچي پڇندو هو ته، ”ڏيو خبر! بچيا آهيو مينهن کان؟“ وري پاڻ ئي ٻڌائيندو ته ”چيم ته وڃي جانچ ڪري اچان....!“
گهر ڌڻي جواب ڏيندس ”ها ڀائو شڪر آ بچاءَ ٿي ويو آهي تنهنجي اچڻ جي وڏي مهرباني هاڻ، ويهه، چانهه پي!“ ته چوندو ته ”نه يار! وري ٻين گهرن جي به چانچ ڪرڻي اٿم، سڄي ڳوٺ ۾ وڃڻو اٿم... وڃان ٿو“ ۽ پوءِ وري پاڻي ۽ گپ ۾ ڇاٻڙ ڇاٻڙڪندو ٻين گهرن ڏانهن راهي ٿيندو. ان وقت هي مونکي عالمي معيار جي ڪنهن ناول جو ڪو ڪردار لڳندو هو.
واقع سچ چيو آهي شيڪسپيئر ته هيءَ دنيا اسٽيج آهي جتي هر شخص کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، ائين هر شخص جي ڪردار جو تعين به تاريخ کي ئي ڪرڻو آهي، تاريخ وڏي منصف آهي، تاريخ جڏهن ڪنهن شخص سان انصاف ڪندي آهي ته ان کي عوام جي اڪثريت جي ”جيءَ ۾ جايون“ ڏيندي آهي- اهو شخص دنيا ۾ جيترو به وقت رهي پر ان کان پوءِ به ان جون ڳالهيون پيون ڳائبيون آهن، ۽ هر ماڻهو جي دل ان جي احترام جي محراب ۾ سربسجود ٿي ويندي آهي_ بلڪل ائين ته:
تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس،
ان رمزَ سان روح رجهائينديس.
(امين فهيم)

اڄ هي توهان سڀ هن جي پهرين ورسي ته هن جون ڳالهيون پيا ڳايو- هن جي رنگين يادن جي خوشبوءَ سان پنهنجا من پيا مهڪايو تصور ئي تصور ۾ هن کي ڏسي خوش به پيا ٿيو، ته پنهنجين پنبڻين کي آلو ڪري پنهنجا جيءَ پيا جهوريو. مونکي يقين آهي ته هن جو روح اڄ هن محفل ۾ هتي ڪٿي موجود هوندو ۽ توهان کي ڏسندو هوندو. توهان جي پيار کي محسوس ڪندو هوندو، ڇو ته سچو پيار هميشه ٻه طرفو هوندو آهي،
تو کان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار،
لُڙڪ لڙي پيا، لار ڪري.

(اياز گُل)
اهو ڪنهن ڪردار سان تاريخ جو انصاف ناهي ته ٻيو ڀلا ڇا آهي...؟
جڏهن به ڪن قومن جي روح تي غلامي ۽ جمود جو جن اچي واسو ڪندو آهي، ته ماڻهپي جي باغيچن مان محبت جا گل به مُرجهائجڻ لڳنداآهن. تڏهن حمل فقير جي ڏات به ڏکوئجي ويندي آهي ته:
محبت لڏي وئي ملڪ مان، ڏک وڏو ڏيئي،
ياراڻي يارن مان ويئي ڙي ويئي.

اهڙي ماحول ۾ هر ڳوٺ ۾، هر پاڙي ۾، ڪو نه ڪو سائين تاج محمد جهڙو ڪردار پيدا ٿي پوندو آهي، جيڪو عملي طرح محبتون ورهائيندڙ هوندو آهي-
هو پيار پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو ڏور اڏامي ويا،
اڄ تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ هو پنهنجو جوت سمائي ويا.

(شيخ اياز)
مون کي ياد ٿو اچي ته هي پهريون ماڻهو هو اسان جي ڳوٺ جو جنهن هر عيد تي هر گهر ۾ وڃي، هر ننڍي وڏي فرد کي ”عيد مبارڪ“ ڏيڻ جي روايت وڌي. ڪڏهن ڪڻو به خراڙ ٿي ويندو آهي، ته ڪڏهن ڄڻو به هزار ٿي ويندو آهي. ائين هيءُ مضبوط روايت وجهي ويو آهي ته هر عيد نماز کانپوءِ هن ڳوٺ جو هر ماڻهو باقائده هر گهر جي هر هڪ ننڍي وڏي فرد کي ”عيد مبارڪ“ ڏيڻ ويندو آهي، ائين هر گهر ۾ مٺائي، نمڪو، بسڪوٽ، فروٽ، شربت تي هڪ ٻئي سان دلي عيد مبارڪون شيئر ڪبيون آهن. مونکي هي ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي ڳوٺ جي عيد هن سڄي علائقي جي ڳوٺن کان منفرد ۽ خوبصورت عيد ٿيندي آهي، پيار جو اهو ٻج به سائين تاج محمد پوکي ويو آهي.
سڀني سان پيار سان پيش ايندڙ هن شخص جي سيني ۾ به ننڍڙن ٻارن جهڙي معصوم دل هوندي هئي، جڏهن ته سڄي ڳوٺ جا ننڍڙا ٻارڙا به کيس هر وقت نانا من... نانامن. ڪري اچي چنبڙندا هئن ۽ پاڻ به سڀني سان سندن مزاج موجب پيش ايندو هو. اڄ به هن کي ياد ڪري معصوم ٻار اداس ٿي ويندا آهن. هنن جون معصوم دليون ويڳاڻيون ٿي وينديون آهن، بلڪل ائين ته:
اڄ به تنهنجي لاءِ ويڳاڻا، هاءِ اسان جا نيڻ نماڻا،
اڄ به تُنهنجي لاءِ ويڳاڻا.
سندس ننڍي هوندي جو گهاٽو يار ۽ ڪلاس فيلو (راقم جو چاچو) سائين دوست محمد چوي ٿو ته تاج محمد کي ننڍڙي هوندي کان شاعري جو شوق هوندو هو. جڏهن گڏجي اسڪول ويندا هئاسين ته هيءَ واٽ تي وڻن پوکن ۽ پکين تي ڪچي ڦڪي شاعري ڪندو ۽ ٻڌائيندو هلندو هو. ٻين لفظن ۾ فطرت جا حسين منظر هن کي ننڍڙي هوندي کان ئي پاڻ ڏي متوجهه ڪندا رهندا هئا. تڏهن ئي هن جي معصوم هردي ۾ ڏات جا ڦول ڦٽندا رهيا هئا، جن باقائده خوشبو تڏهن ڏيڻ شروع ڪئي جڏهن پڇاڙيءَ هي ڪل وقتي سگهڙ ۽ شاعر بنجي پيو هو.
اياز چيو هو ته:
ڳڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،
پنهنجي اوچي ڳاٽ کي، مور نه جهڪائين.
ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي پوي.

ڏات هنن جو خانداني ورثو رهي هئي- تخليق هن جي رڳ رڳ ۾ شامل هئي، هنن جو والد صاحب، ڏاڏو الهجڙيو چيڪي مٽيءَ مان ڪهاڙيون ۽ ٻيا کوڙ رانديڪا ۽ ٻيون شيون ٺاهي انهن کي رنگ ڏئي جڏهن ماڻهن آڏو پيش ڪندو هو ته محسوس ٿيندو هو ته اِهي ڄڻ ته ڪي اصلي شيون آهن، جيڪڏهن هن جي تربيت ٿيل هجي ها ته هي پنهنجي وقت جو وڏو سنگتراش ٿي پئي سگهيو، اِن کان سواءِ ڏاڏو الهجڙيو پنهنجي وقت جو ٽاپ جو گهڙي نواز هو. ڪوري گهڙي تي جڏهن سندس آڱريون رقص ڪنديون هيون، ته سامعين جي وات مان از خود واهه واهه نڪري ويندو هو_ پر پروفيشنل گهڙي نواز ته ڪونه هو پر عشق جنهن جو استاد بنجي پوي سو ڪئين نه ٻين جون دليون جهومائيندو ۽ محفلون گرمائيندو...!
هو هن جو وڏو ڀاءَ مرحوم چاچو شاهه محمد وڏو وينجهار، ڪچهرين جو ڪوڏيو، گفتي جو مور، عيسيٰ فقير کان پيراڻي ڀنڀري تائين، هن ڳوٺ جي ئي بزرگ محمد صديق ڏاهري کان سانوڻ فقير، ڀٽ ڌڻي کان حمل فقير ۽ الاءِ ته ڪيترن سگهڙن ۽ شاعرن جو ڪلام کيس برزبان ياد هو. ڏٺ، ڏور، ڳجهارت، گرچيلو، بيت، سينگار چوڻيون، پهاڪا ۽ شعر گيت چئي ڪچهرين کي چار چند لڳائي ڇڏيندو هو، جنهن به دفعو سندس ڪچهري ٻڌي هوندي ته اهو ڪڏهن به کيس وساري نه سگهيو هوندو.
سائين تاج محمد جو ٻيو نمبر ڀاءُ سائين دلاور جيڪو هن ڳوٺ جو پهريون پرائمري استاد هو، جنهن نه رڳو هن ڳوٺ بلڪه سڄي تر کي تعليم سان آراسته ڪيو هو- پاڻ ٻڌائيندو هو ته آئون ننڍي هوندي کان پنهنجي مائٽ استاد سچيڏني سان گڏ ڳائيندو هوس. ٻڌائيندو هو ته آئون پڙهيو به راڳ جي عشق ۾ هوس. ته جيئن شاعرن جا ڪلام پڙهي پوءِ ياد ڪري ڳايان- معنى هن کي راڳ جي عشق ئي علم طرف راغب ڪيو هو، راڳ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. مهل ڪهڙي به هجي، اوچتو ئي اوچتو پنهنجي هٿن جي آڱرين سان پنهنجي سيني ته وڄت ڪندي ڀٽ ڌڻي جي راڻي کي جهونگاريندو هو ته
”آءٌ راڻا رهه رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان“
اُن وقت ڪيڏو نه درد ڦٽي پوندو هو، سندس آواز مان جنهن جون ريکائون سندس چهري تي اولڙا اڇلينديون هيون، راڻي جي راڳڻيءَ سان هن جو روح جو رشتو هوندو هو، جنهن ڪري تصور ئي تصور ۾ مومل بنجي پنهنجي روح جي راڻي کي رات رهي پوڻ لاءِ منٿون پيو ڪندو هو، اياز چيو هو ته:
هر ڪا مومل هر ڪا راڻو،
پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي.

شايد هن جي به من جي ڪا، ڪاڪ لٽي هئي، ڪو راڻو رٺو هو، اهو راڻو ڪير هئو؟ جنهن ننڍي هوندي کان وٺي هن کي راڳن سان رهاڻيون پئي ٿئي ڪرايون؟ ڪڏهن به کانئس پڇي نه سگهياسون. ائين سائين تاج محمد جو سڄو گهراڻو تخليقار رهيو هو.
چاندوڪي جڏهن سائين تاج محمد جو چين چورائيندي هئي ته اڪثر پنهنجي بهتر آواز سان خوبصورت سُر سان ڳائيندو هو ته
”تنها تنها گهاريو هوندئي، مونکي ڏاڍو ساريو هوندئي.“
جڏهن اڃان سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر وجود نه ورتو هو، جڏهن سنڌ جون اوطاقون آباد هيون، جڏهن امن جو پکي هتان اُڏامي ڏور نه ويو هو، تڏهن سياري ۾ مچ تي ميڙاڪا ٿيندا هئا. ڪچهري هلندي هلندي جڏهن راڳ تي دنگ ڪندي هئي، ته ڪڏهن سوٽ فقير الهڏنو ته ڪڏهن چاچو قاسم گهاگهر ۽ يڪتاري تي اندر مان عشق جا آواز الاپيندا هئا، پوءِ جڏهن سائين تاج محمد کي چئبو هو ته سائين! تون به ڪجهه ٻڌاءِ...! چوندو هو ته ”ها ڇو نه...!“ پوءِ سائين جو خوبصورت آواز ٻڌندڙن جي سماعتن کي سڪون بخشيندو هو ۽ سائين جي چين مان مشهور انڊين گانو
جلتے ہیں ارماں میرا دل روتا ہے
قسمت کا دستور نرالا ہوتا ہے۔
۽ ان کانپوءِ انهيءَ طرز تي پيرل قنبر جي مشهور ڪافي
من جو محرم يار پيارو وڇڙي ويو،
دل جو برسيل باغ خزان ۾ اُجڙي ويو.
ڳائيندو هو ته ان وقت سندس منهن جا تاثرات ۽ سندس اندر جا احساس شاهدي ڏيندا هئا ته هن جي من جي ڪائنات به اجڙيل آهي، هن جي من جي ڀنڀور کي به ڪو کاٽ هڻي، هن جي پيار جو پنهل ڪو چورائي ويو آهي، ڀٽائي چيو ته:
پنهل کان پوءِ، ڏجي باهه ڀنڀور کي،
۽ ساڳي ڪافي ۾ سندس اندر جو احساس سمايل هوندو هو ته،
ڇا ته ڪريان پيرل مان ڀلا سينگار ڪري، سينگاري ڪري،
يار بنان سينگار به سارو وسري ويو،
من جو محرم يار پيارو وڇڙي ويو.

ان وقت ڄڻ ته سائين سراپا عشق بنجي ويندو هو.
جڏهن سانوڻ ساٺ ڪندو هو، ڇنا ڇپر ٽمندا هئا، بوند برهه جي بهار لڳندي هئي. سائين ڳائيندو هو ته:
رات به مينهنڙا وٺا، کنوڻن کيل ڪيا.
وڻجارن جي ملڪ مٿان، رات به مينهنڙا وٺا.
(شاهه صاحب)

ڳائي پنهنجي اندر جي اڄ اُجهائيندو هو.

مخدوم امين فهيم جو ڪلاس ميٽ سائين تاج محمد پنهنجي آخري عمر تائين به اُن ڪپ کي سنڀاليو سانڍيو ايندو هو. جيڪو هالا ڪاليج ۾ هن نشاني بازي ۾ پهريون نمبر اچي کٽيو هو. سائين ٻڌائيندو هو ته مخدوم صاحب جا ٻه ۽ سندس ٽي نشان صحيح لڳا هئا. پاڻ پهريون نمبر آيو هيو، مخدوم امين فهيم ٻيو نمبر باقي سڀني مان ڪنهن جو به نشانو صحيح نه لڳو هو. ڳوٺ تي جڏهن به ڪا اوچتي آپدا آئي هئي. ته سائين ”خطروں کا کھلاڑی“ بنجي اڳيان اچي ويندو هو. هڪ دفعي فجر مهل تيز طوفاني بارش ۾ کڏهر شهر کي شاخ کي 77 فوٽ گهارو بلڪل ڳوٺ جي سامهون پئجي ويو هو- سخت ٿڌ ۾ سڀ گهاري واري جڳهه تي پهچي ويا هئا، ۽ سوچيائون پئي ته هاڻ ڇاڪجي...؟ جو ايريگيشن وارن برساتي موسم جي ڪري شاخ بند ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو، هن نوجوان کي هڪل ڪري چيو هو ته ڏسو ڇاپيا؟ ائين چپ ڪندو ته ڳوٺ ٻڏي ويندو ۽ هن پاڻ ئي پاڻي ۾ بُل ڏنو. کنڊ جي ڪري تيز وهڪرو هن کي وهائي ٻه ٽي سو فوٽ اڳتي کڻي ويو. پوءِ ته هن کي ڏسي سڀني نوجوانن انهيءَ ويل کنڊ ۾ ٽپو ڏنو ڪنهن ڏڪ، وڍيا، ڪنهن جڪ هڻيا ڪنهن ڪوڏر وهائي.... ڏسندي ڏسندي سڀ کنڊ ٻڌڻ ۾ شروع ٿي ويا، پوءِ دنيا ڏٺو ته انهن نوڪري پيشه سفيد پوش جوانن ڪنهن سرڪاري مشنري، ايريگيشن عملدارن اچڻ کان اڳ ٻن ٽن ڪلاڪن جي لڳاتار محنت کانپوءِ کنڊ ٻڌي ڳوٺ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو.هو . جنهن ڪم جي شروعات به هن بزرگ سائين تاج محمد پاڻ ڪئي هئي. جڏهن اڃا موبائيل سروس شروع نه ٿي هئي، ته هِن جي ڪوشش سان اسان جي ڳوٺ ۾ ٽيليفون جي سروس شروع ٿي هئي، تڏهن ٽيلي فون وڏي ڳالهه هوندي هئي. 1984ع ۾ ڳوٺ کي بجلي، ڳوٺ وٽ روڊ تي مسافر خانو، روڊ کان ڳوٺ تائين 600 فوٽ سرن جو روڊ، پاڻي ڪراس لاءِ روڊ کي موري، سوئي گيس سڀ هن شخص جون ڪاوشون هيون. اُن کان علاوه هن ڪافي نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏنيون.
هن جي ڪردار تي جيترو به لکجي اهو هن جي ڪردار کان گهٽ آهي، اهڙن ماڻهن لاءِ ،
خاڪي جويو چيو هو ته:
هو جوڳي جاڳي جاڳي ٿيا، ۽ واٽ وٺي ويراڳي ٿيا،
هو پنهنجي سودي صرفي جو وڻجارا ملهه وڌائي ويا.

**

سائين تاج محمد جي پهرين ورسي 2016/2/19 تي پڙهيل پيپر سائين جي پهرين ورسي ڳوٺ ڄام ڏاهري ۾ ملهائي وئي صدارت نامياري اديب ۽ شاعر مير محمد پيرزادو ڪئي.

مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جا ڇپيل ڪتاب

2014ع

1: حيوانات في القرآن ترجمو: منظور سولنگي
2: برکا بوند بهار جي (گڏيل 16شاعرن تي مشتمل ڪتاب) مرتب: مرتضيٰ لغاري
3: نئون نئون مڌ آ (گڏيل16شاعرن تي مشتمل ڪتاب) مرتب: مرتضيٰ لغاري
4: ڪڏهن ته ملندي (شاعري) سرڪش ناريجو

2015ع

5: جيجل منهنجي قسمت (ڪهاڻيون) دلبر چانڊيو
6: ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾ (شاعري) انجم قاضي
7: دردن ڦولاريا ڦول (شاعري) وفا صالح راڄپر
8: تون منهنجي ساهه ۾ آهين (ڪهاڻيون) طارق خشڪ

2016ع

9: عشق جي آخري سرحد (ڪهاڻيون) يار محمد چانڊيو
10: رهيل چار ڳوڙها (شاعري) استاد پيرل قمبر
11: روهيڙي جا رتا گُل (گڏيل 17 شاعرن تي مشتمل ڪتاب ) مرتب: مرتضيٰ لغاري


2017ع

12: ادب آبِ حيات (گڏيل شاعري) مرتب: بلال تبسم
13:جن عشق سين آگاهه ”ج ع منگهاڻي کي منظوم ڀيٽا ) شاعري، درد هوش محمد ابڙو
14: درد نگر جا ماڻهو (شاعري) عاجز غلام رسول
15: پهڻ پير پٿون ڪيا (شاعري) فرزانا شاهين
16: آڪاس آ اکين ۾ (شاعري) شبانا عالماڻي
17: هانءُ هاريو متان (شاعري) شاهده کوکر
18: ساڃاهه جا سرچشما (ڀٽائي جي بيتن جي چونڊ ۽ تشريح) سعيد احمد چانڊيو
19: مينهن ڪڻيون (شاعري) سڪندر هاڙهو
20: ڌرتيءَ جو پُٽ (ڪهاڻيون) عبدالواحد سومرو
21: پيئي جن پرک )ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو علمي ۽ ادبي شخصيت( ترتيب: مرتضيٰ لغاري
22: ملندو نيٺ پنهل (شاعري) ”درد“ هوش محمد ابڙو
23 : اوجاڳن جا عڪس (شاعري) انجم قاضي
24: ڪلجُڳ جا رنگ (ڪهاڻيون) ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
25: نينهن جو نوحو (شاعري) فرزانا شاهين
26: ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا (ٻارڙن لاءِ شاعري) وحيد محسن

2018ع

27: هوا جو رنگ ناسي آ (شاعري) رحمت پيرزادو
28: احساسن جو ديس (گڏيل 36 شاعرن جي شاعر مرتب: انجم قاضي
29: روشني جا رنگ: ”شهدادڪوٽ جا شاعر“ (گڏيل شاعري مرتب: سڪندر هاڙهو
30: گيت گونگا نه ٿيا (شاعري) شبانه عالماڻي
31: رات وهامي ٿي (شاعري) نسرين الطاف
32: ڏُک کي ڏُک آ (شاعري) وسيم گبول
33: shah jo risalo Transleted By: Dr. Ali Akbar Dhakan
34: پيار جي ڌرتي دل جو ديس (ڪهاڻيون) مٺل چانڊيو
35: سنيهو سچ جو (شاعري) منور علي منور ڪيهر
36: ديوان وريام فقير (شاعري) وريام فقير شيخ
37: ڪوءِ ڳنڍيندڙ هوءِ (ڪهاڻيون) هوش محمد ڀٽي
38: وفائون ماٺ ٿي ويون (شاعري) شبانه نواز
39: آسرا جاڳي پيا (شاعري) عبد سنڌي
40: سونهن جو رد عمل (چونڊ غزل) مرتب: رحمت پيرزادو
41: ظاهر (ناول) سنڌيڪار: اياز ڀُٽو
42: آهين تون هن پار (شاعري) شاهده کوکر
43: لهر لهر خوشبو (شاعري) آڪاش ميراڻي
44: اعتراض (شاعري) بيخود بلوچ



2019ع

45: جيءَ جيارو (پيغمبرِ خدا جي زندگي تي نظر) اويس ڀٽو
46: نيل نديءَ تي رولاڪي (ناول:”نجيب محفوظ“) ترجمو: اياز ڀٽو
47: عشق عبادت (ڪهاڻيون) اندرا شبنم پونا والا
48: مٽي ماٿي لايان (ڪهاڻيون) فرزانه شاهين
Nazeer Ali Bhatti :49 Standard Basic English Grammar
50: هوائون قيد ۾ آهن (شاعري) رزاق عاصي
51: پيڙا جي پاتار ۾ (شاعري) خالده نسرين
52: ڪونج قطارون ڏات جون (گڏيل شاعري) ڪونج بلوچ
53: نظم جدائي جا (اڪبر کرل جي شاعري) مرتب: نادر دايو
54: شيڪسپيئر جون ڪهاڻيون (چارلس لئمب/ميري اين لئمب) سنڌيڪار: اياز ڀٽو
55: سماج ۽ سياست جو گرائمر (مضمون) ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري
56: شاهه جو رسالو سُر ڪيڏارو (ڪربلا جو قصو) ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
57: شاهه جو رسالو جا سُر ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ
58: سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت (مضمون) ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
59: در جو کڙڪو (ڪهاڻيون) شفيع بڪڪ
60: ريزا ريزا روح اسان جو (شاعري) بشير سيتائي
61: نت نت آهه نئون (لطيفيات) لطف پيرزادو
62: جهونڪو هوا جو آهيان (شاعري) عاجز عاشق تنيو
63 : نينهن نجات نعت صفات (شاعري) سگهڙوريام فقير
64: عشق جي عنايت (سگهڙ علي گوهر وڳڻ جو ڪلام) مرتب: ڊاڪمال ڄامڙو
65: ڪرنل کي ڪير به خط نه ٿو لکي (ناول: گارشيا مارڪئيز) ترجمو: رحمت سومرو
66: ساروڻيون ساڻيهه جون (يادگيريون) خير محمد ڪولاچي
67: ڪجلا سر (ناول) اجمير ڀُٽو
68: سامي سهاڳي (خاڪا) اقرار پيرزادو 69: ننڍڙي پري (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) وحيد محسن

2020ع

70: خوابن جو سفر (سنڌ جو سفر نامو) سلطانه وقاصي
71: ڳولا (شاعري ۽ ڪالم) منور سلطانه
72. پير علي شاهه درازيءَ جو ڪلام تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
73. محبتون پيالا ۽ پئمانا (تاثير ناٿن شاهي جي شاعري) مرتب: ذوالفقار گاڏهي
Nazeer Ali Bhatti :74 Standard Basic English Grammar
75. چوٿين مارچ ۽ سنڌي شاگرد جدوجهد سهيڙيندڙ: پروفيسر اعجاز احمد قريشي
76: ماڻهو پاڻ امُلهه (سوانحي خاڪا) محمد هنڱورجو
77. تون ئي منهنجو محور آن (شاعري) بينا مسرور
78: ڪنهن موڙ تي ملنداسين (شاعري) عظيم جلباڻي
79: واپسي (ناول) انور ڪليم
80: Bequest of the Bhittai Dr Sher mirani
81: ايلسا (ناوليٽ) عبدالواحد سومرو
82: آءِ لوَ يو (ناوليٽ) بيدل مسرور
83. مان به تخليقيان ٿو ڪجهه ويٺو ( نثر) آثم ناٿن شاهي
84. پاڻي کوٽ ڊيم ۽ عالمي تضاد (مضمون) بشير منگي
85: ڌرتي ڌڻي شاعر؛ استاد بخاري (ڪالم) سهيڙ: سجاد يوسف سومرو ۽ تابش بخاري
86. شاهه لطيف هڪ ڪامل انسان (لطيفيات) فدا حسين شيخ
87. من من مورَ- ٽهوڪا (مضمون ۽ خاڪا) علي نواز ڏاهري