سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. ھن ڪتاب ۾ سگا جي تاريخ، سگا شھداد ڪوٽ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي، سگا مرڪز ۾ نامزد ٿيل شھداد ڪوٽ جي دوستن جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جا مختصر خاڪا، سگا شھداد ڪوٽ جي سھڪاري سٿ جو تعارف، سگا شھداد ڪوٽ بابت سگا مرڪز جي عهديدارن جا تاثرات شامل آهن.
مختلف موضوع
سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي
- 4.5/5.0
- 3
- 0
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
ارپنا
سگا شهدادڪوٽ جي بنيادي، موجوده ۽ ايندڙ وقت جي سڀني رضاڪار ميمبرن جي نانءِ
پروفيسر خالد حسين چنا
تاثر۽ مهاڳ
سگا جي تاريخ جوهڪ باب ۽ بهترين دستاويز
چيئرمين
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن پنهنجي وطن ۾ سماج جي جاڳرتا، اوسر ۽ ملڪ ۾ هڪ ترقي يافته ۽ پرامن سماج جي اڏاوت لاءِ پنهنجي وت ۽ وس آهر اڌ صديءَ کان جاکوڙ ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ سماجي جاڳرتا ۽ اوسر جي ڪم ۽ جاکوڙ کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ، انهن جي اپٽار ڪرڻ ۽ ان پنڌ جي پانڌيئڙن مان پرائڻ ۽ پنهنجي حياتيءَ کي بامقصد بنائڻ جو شوق ۽ جستجو برحق آهي.
ڪتاب سهيڙڻ يقينن ساراهه جوڳو عمل آهي، زير نظر ڪتاب، ”سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي“، شهداد ڪوٽ جي محترم هستين جي سچائي، ڪم ۽ سگا جي جاکوڙي ڪردارن جي تاريخ جو هڪ باب ۽ سنڌ جي سماجي رضاڪارن جي تاريخ جوهڪ دستاويز پڻ آهي. هن ڪتاب ذريعي اسان جي نئين نسل، نئين ٽهيءَ جي اديبن، شاعرن، محققن، شاگردن ۽ سماجي رضاڪار دوستن کي پڻ رهنمائي ملي سگهندي ۽ ان طرح هي ڪتاب يقينن ڪارگر دستاويز ثابت ٿي سگهي ٿو.
ڪتاب “سگا شهدادڪوٽ شاخ جي مختصرتاريخ”، سگا سٿ شهدادڪوٽ جي هڪ غير معمولي ۽ قيمتي تاريخ آهي. هن ڪتاب ۾ سماج سڌارڪن ۽ سماجي جاڳرتا لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيتن ۽ انهن جي ڪيل ڪم کي هڪ سهڻي ترتيب ۾ مرتب ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ اسان جا پرخلوص جذبا ۽ نيڪ تمنائون، ڪتاب سهڙيندڙ پروفيسر خالد حسين چنا، سيڪريٽري جنرل سِگا مرڪز ۽ ڪتاب شايع ڪندڙ اداري سگا شهدادڪوٽ شاخ جي جاکوڙ ي سٿ سان شامل حال آهن.
سگا شهدادڪوٽ جي تاريخ
باني
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن
محترم خالد حسين چنا (سيڪريٽري جنرل سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن) جن جو تعلق شهدادڪوٽ سان آهي، ان لاڳاپي کي نڀائڻ لاءِ پاڻ هي ڪتاب مرتب ڪيو اٿن. شهدادڪوٽ هن وقت ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ آهي.
1972ع ۾ جڏهن اسان سگا جو ڪم شروع ڪيو ته اهو شهر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هو ۽ لاڙڪاڻي کان شهدادڪوٽ پهچڻ لاءِ 45 منٽن جو رستو گهٽ ۾ گهٽ 3 ڪلاڪ وٺندو هو. ان وقت جي ساٿين ۾ نظام الدين سومرو ۽ محمد حسن پٺاڻ بيحد عزت ڀريا نالا آهن.
نظاميه نائيٽ اسڪول جيڪو هڪ دڪان جي ڪوٺي تي قائم هو، اهو پورهيتن لاءِ رات جو تعليم جا ڏيئا روشن ڪندو هو. سگا جي روشني پڻ اُن مرڪز مان ڦهلي، جتي محمد حسن پٺاڻ هڪ پورهيت پڙهي گريجوئيٽ ٿيو. ۽ سگا شهدادڪوٽ جو جنرل سيڪريٽري بڻيو. اهو اسان لاءِ وڏو اعزاز هو ته محمد حسن پنهنجو لوهارڪو هنر جاري رکيو. جيڪو پنهنجي مقصد سان سچائي جو هڪ اعليٰ مثال آهي.
سائين نظام الدين سومرو ان وقت نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ ملازمت ڪندو هو ۽ هر موڪل تي ڪشالا ڪري سگا جي متن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڳوٺ پهچندو هو. نظام الدين سومرو اڳتي هلي سگا جو وائيس چيئرمين ٿيو. ان دوران به هو گڏجاڻين ۾ باقائدگيءَ سان شريڪ ٿيندو هو. وسيلن جي کوٽ هئي ان ڪري عهديدارن کي ڪا به سهولت ميسر نه هئي، پنهنجي خرچ سان هو ڪراچي پهچندو هو ۽ رات آفيس جي ٽيبلن تي سمهي گذاريندو هو. اهڙا پُر خُلوص ساٿي ئي هن جماعت جو ورثو آهن. انهن ساٿين جي قربانين ڪري اڄ به سگا روان دوان آهي، ۽ اُن کي ڪوبه نقصان پهچائي نه ٿو سگهي. پُر خُلوص ساٿي هن ساٿ جي حفاظت ڪندا.
نظام الدين صاحب جون ڪيئي يادگيريون هينئر دل تي تري آيون آهن. پر اُهي جُدا مضمون ۾ لکبيون جي حياتي وفا ڪئي.
منهنجو شهدادڪوٽ سان ازل جو رشتو آهي. 1959ع ۾ جڏهن آئون گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد ۾ داخل ٿيس ته هاسٽل ۾ منهنجا 3 ساٿي هيا، جن ۾ هڪ شهدادڪوٽ جو محمد صالح شيخ هيو، جيڪو شهدادڪوٽ جو مشهور ڊاڪٽر آهي. ۽ وڏي رتبي وارو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي والد صاحب سان ان دوران ملاقات ٿي ۽ پوءِ منهنجو شهدادڪوٽ اچڻ وڃڻ جو رستو ٿيو. ان ريت سگا جي سنگت سان نينهن جو ناتو جڙيو.
خالد چنا صاحب جن کي مبارڪ باد جو هي ڪتاب مرتب ڪري هن سگا جي تاريخ جو سلسلو جوڙيو آهي. ٻين ساٿين کي به ان ريت قلم کڻڻ کپي.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ليکڪ پاران
مون لاءِ اها انتهائي خوشي ۽ اعزاز جي ڳالھه آهي ته منهنجو تعلق سونھاري سنڌ جي مرد خير مٽي سان آهي. سنڌ جيڪا عالمي امن ۽ اخوت جي ڌرتي آهي، سا خدمت جي جذبي سان پڻ سرشار آھي. سنڌ گريجوئٽس اسوسيئيشن (سِگا) جو تعلق به سنڌ سان ئي آھي. هي ايشيا جي تنظيم ۽ هڪ وڏي سماجي تنظيم آھي، کيس اهو عزاز حاصل آھي ته اشيا کنڊ ۾ جيڪي سماجي تنظيمون آهن، انھن جي ڀيٽ ۾ سندس رضاڪارن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ سندس رضاڪار لطيف سائين جي ان سبق تي يقين رکن ٿا ته:-
تتي ٿڌي ڪاهه ڪانھي ويل ويھڻ جي.
سگا جا ساٿي رضاڪار هر ڏکي سکيءَ ويل ۾ بنا رنگ نسل ۽ مذهبي فرق جي خدمت جي عمل سان سرشار آھن. سگا جو هڪ تصور سنڌ ۾ پر امن ترقي يافته سماج اڏڻ آهي. جنهن لاءِ سندس هر ورڪر ڏينهن رات پنهجي وت ۽ وس آهر ڪوشان آهي ۽ انشاءَالله هڪ ڏينھن اهو خواب ساڀيان ماڻيندو. آءٌ جڏهن سگا جو ميمبر ٿيس ته پوءِ احساس ٿيو ته رضاڪار جو ڪم ڪيترو اوکو آهي. بحرحال مون به پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڪم شروع ڪيو. هڪ عام ميمبر کان سفر جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ سگا شاخ شھدادڪوٽ جو صدر، جنرل سيڪريٽري، ان بعد سگا مرڪز ۾ تعليم جو سيڪريٽري ۽ ميمبر سي اي سي لاءِ چونڊيو ويس ۽ ھن وقت ان عظيم اداري (سِگا) جو مرڪزي چونڊيل سيڪريٽري جنرل آھيان. مون اخلاقي فرض سمجهيو ته آئون جيڪو ڪجهه آهيان پنهنجي شهر شهدادڪوٽ جي شاخ جي دوستن جي ڪري آهيان. مون کي به ڪجهه نه ڪجهه يادگار ۽ خاص پنهنجي شاخ لاءِ ڪرڻ گهرجي. پوءِ هن ڪتاب جي صورت ۾ ساٿين سان محبت جو اظهار ۽ شڪرگذاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اميد ته هي ننڍڙي ڪوشش قبول پوندي.
جڏھن سگا شاخ شھدادڪوٽ جو جنرل سيڪريٽري هيس ۽ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ان وقت صدر هو. ان وقت سگا شاخ شھدادڪوٽ جي حوالي سان ڪم ڪار جي منصوبه بندي ڪندي سائين عبدالجبار جوڻيجي هڪ راءِ ڏني ته جيڪر سگا شاخ شھدادڪوٽ جي تاريخ مرتب ڪجي. پر ان وقت اهو ڪم اسان لاءِ انتھائي اڻانگو هو. اهو هڪ خواب مثل هو، ڇاڪاڻ ته 1978ع کان لڳ ڀڳ 42 سالن جي سگا شهدادڪوٽ شاخ جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ ڪو رڪارڊ هڪ هنڌ ڪو نه هو. وقت گذرندو ويو پر اهو ڪم ذھن ۾ ھئو. الله رب العزت جا لک احسان جو اهو ڪم ھينئر تڪميل تي پھچي پيو. مون ٽڪرا ٽڪرا گڏ ڪري هتان هُتان مواد کڻي ڪري هن ڪتاب جي صورت ۾ آندو آهي. هي ڪم تڏھن ئي ممڪن ٿي سگهيو آھي، جڏھن منھنجي محسن سگا جي سينيئر ساٿين ۽ شھدادڪوٽ سگا برانچ جي ساٿين ساٿ نڀايو.
آءٌ سگا جي بانيڪار سائين ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب، موجوده چيئرمين سگا مرڪز محترم رفيق احمد جعفري صاحب، سگا مرڪز وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي صاحب، سگا جي اڳوڻي وائيس چيئرمين عبدالرسول سومري صاحب، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل جاويد احمد انڙ صاحب، سيڪريٽري ماليات نور محمد سيال صاحب، سيڪريٽري اطلاعات عبداللطيف ڪرٽيي صاحب، سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهيي صاحب، سيڪريٽري تعليم عبدالحميد بُلو صاحب، سيڪريٽري ثقافت ”راز“ علي گُل ڀٽي صاحب، پروفيسر بخش علي چانڊيي صاحب (ڪنوينر ڊاڪٽر سليمان شيخ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر) ادي صنم ناز جوڻيجو صاحبه ۽ ٻين مرڪز جي ساٿين، اڳواڻن جو انتھائي شڪرگذار آھيان، جن جي قيمتي راين منھنجي رهنمائي ڪئي. ان سان گڏوگڏ سگا شاخ شھدادڪوٽ جي اڳوڻي صدر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي ۽ پروفيسر فدا حسين جوڻيجي جو تهه دل سان شڪرگذار آھيان، جن منھنجي هن قلمي پورهيي ۾ ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ساٿ نڀايو. ڪتاب جي پوري مواد جي ڇنڊڇاڻ، ان تي نظرثانيءَ ۾ مون سان ٻانھن ٻيلي رهيا. مون کي ان چوڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس ڪونه ٿي ٿئي ته جيڪڏھن سندن ساٿ نه هجي ها ته آءٌ هي ڪتاب مڪمل ڪري نه سگهان ها. هن ڪم ۾ جن ٻين ساٿين سھڪار ڪيو آءٌ انھن کي پڻ وساري نٿو سگهان. انھن ۾ سگا شاخ شھدادڪوٽ جا ساٿي پروفيسر رشيد خانواهي، انورعلي سيال (صدر)، پروفيسر فداحسين جوڻيجو (جنرل سيڪريٽري)، حق نواز سومرو (نائب صدر)، پروفيسر طارق حسين خشڪ (جوئنٽ سيڪريٽري)، سليم اختر لاشاري (فنانس سيڪريٽري)، ميان فيروزالدين ميڪڻ (پريس سيڪريٽري)، ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو، نذير احمد سومرو، سڪندر علي ميرجت، اظھر علي سيال، هادي بخش منگي، پروفيسر افتخار حسين سومرو، پروفيسر احسان الله جمالي، سنيل ڪمار ڇاٻڙيا، عبدالوحيد ڀٽي، سيٺ قمرالدين شيخ، مير غيبي خان مغيري، رئيس عبدالڪريم چانڊيو، عبدالحنان شيخ ۽ ٻيا شامل آھن. انھن سڀني سگائي ساٿين ۽ دوستن جو احسانمند آھيان جن مختلف طريقن سان ڀال ڀلايا.
پياري دوست پروفيسر ممتاز علي کوکر صاحب جو به نهايت شڪر گذار آهيان جو هن مون تي لکيو. محترم امام علي ڏيٿو جنرل مئنيجر سِگا ۽ پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا قرب ۽ احسان جو هن ڪتاب شايع ڪرڻ ۾ هر ممڪن مدد ڪئي. آخر ۾ ڪارئين لاءِ ھڪ گذارش ته ڪتاب ۾ شامل مواد جي ڪافي حد تائين ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آھي، پر ان هوندي هي هڪ شروعاتي ۽ تحقيقي ڪم آھي، جنھن ۾ ھر وقت تبديلي ۽ نئين تحقيق جي ضرورت آھي. جيڪڏھن ڪٿي ڪا اڻاٺ ۽ ڪمي ڪوتاهي نظر اچي ته ان جي نشاندهي ڪري لکت ۾ مون ڏانھن عنايت ڪندا ته جيئن ٻئي ڇاپي ۾ اوهان جي نالي ۽ ٿورن سان ان کي سنواري ۽ سڌاري پيش ڪري سگهجي. اوهان جي اصلاحي راءِ جو منتظر
03030241969 -03337501969
khalidchanna69@gmail.com
مهاڳ: محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن
سڀ تعريفون ان مالڪ کي جڳائن جيڪو خالقِ ڪل ڪائنات آھي. ڪروڙين درود ۽ سلام ان عظيم هستي ۽ سندس آلِ اطھر تي جنھن جي صدقي هي ڪائنات جوڙي وئي.
انساني ڪيفيتون به عجيب ٿين ٿيون جو ڪڏھن درياھ بادشاه جيئان من موجن ۾ ته ڪڏهن وري ماٺار ۾. سو آءٌ به انسان آھيان ۽ ان ناتي مان به انھن ئي ڪيفيتن مان گذريو آھيان. مون لاءِ هيءُ پرمسرت موقعو آھي، جو اڄ ھڪ حقيقت کي قلم جي نوڪ هيٺ آڻيان ٿو، اها 2009ع جي ڳالھه آھي جڏهن آءٌ پھريون ڀيرو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) شاخ شھدادڪوٽ جو صدر ۽ پروفيسر خالد حسين چنا (هن ڪتاب جو ليکڪ) جنرل سيڪريٽري سگا شاخ شھدادڪوٽ چونڊيا وياسين. سڀ کان پھريائين پاڻ گڏ ويھي، سگا جي ڪم ڪارين بابت منصوبابندي تي غور ويچار ڪيوسين.کيس راءِ ڏيندي چيم: ”يار سگا شاخ شھدادڪوٽ جو ڳاڻيٺو انھن شاخن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي شروعاتي دور ۾ قائم ٿيون ۽ اسان جي سينيئر ساٿين پنھنجو پگهر وهائي ۽ رَت سَت ڏئي هي ذميواري توهان ۽ اسان تائين پھچائي آھي. جيڪر ان جي تاريخي سفر کي قلمبند ڪجي، ته جيئن شھدادڪوٽ جي تاريخ جو هي پاسو به تاريخ جو حصو بڻجي وڃي.“ خالد صاحب وراڻيو ته ”ڳالھه ته وزنائتي ۽ ڀلي پر ان جو گهربل مواد ڪٿان هٿ ڪجي؟“ چيومانس ته ڪوشش ڪري ٿا ڏسون. پوءِ اِھا ڪوشش جاري رکي سين (جيتوڻيڪ آءٌ لڳاتار ٽي ٽينيوئر يعني نَوَ سال صدر رهيس ۽ پھرئين ٽن سالن کانپوءِ خالد چنه وڃي سگا مرڪز ۾ سيڪريٽري تعليم ۽ بعد ۾ ميمبر سِي اِي سِي جون ذميواريون سنڀاليون) پر اهو ڪم پايه تڪميل تائين ڪونه پھچائي سگهياسين. ڇاڪاڻ ته هن ڊگھي زنجير جون ڪڙيون هنڌان هنڌان ٽٽل ۽ غائب ٿيل هيون، سينيئر ساٿين کان انھن ڪڙين کي هٿ ڪرڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون پر پوءِ به هي ٽٽل زنجير جڙي نه سگهيو. تان ته اچي خير سان سگا مرڪز جي سال 2019ع جي اليڪشن کان پوءِ خوشقسمتي سان اسان جي شاخ شھدادڪوٽ جو کاهوڙي جوان خالد چنا سگا مرڪز جو سيڪريٽري جنرل جي عھدي تي چونڊجي آيو. تڏهن دل ۾ وري لطيف سائين جي هن سبق جي ياد گونجڻ لڳي:-
”کرڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آھي،کاهوڙين کي پنڌ جو.“
سو هڪ ڀيري ڪنھن پروگرام (شايد سگا شاخ شھدادڪوٽ طرفان مھراڻ ٽي وي جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي رپوٽر مرحوم ضمير کرل جي ياد ۾ تعزيتي ڪيڙاڪو هو) ۾ گڏ ويٺا هئاسون، ته کيس ماضي جي خواب جي ساڀيان لاءِ يادگيري ڪرايم، ته جھٽ پٽ ۾ وراڻيائين ته سائين سگا مرڪز جي سموري رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرايان پيو ڪجھه مواد سگا شاخ شھدادڪوٽ جو به هٿ ٿيو آھي. هاڻي شاخ جي ساٿين کي تحرڪ ۾ آڻ ته ان ڪم کي پايه تڪميل تي ٿا پھچايون. بس ان کان پوءِ شاخ جي صدر انور علي سيال ۽ خصوصاً جنرل سيڪريٽري برادرم پروفيسر فدا حسين جوڻيجي کي گوش گذار ڪيم، جن وري شاخ جي ساٿين سان تڪڙا تڪڙا رابطا ڪري سگا شاخ شھدادڪوٽ جي ماضي بابت ڪجھه گهربل مواد هٿ ڪري هنگامي بنيادن تي خالد چنا تائين پھچائڻ ۾ لڳي ويا. ان جي موٽ ۾ خالد چنا مليل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مون سان حال اوريندو ۽ ٿيل ڪم جي رفتار بابت آگاهي ڏيندو رهيو.
ڪروڙين ڪرم ڪريم جا جنھن خالد چنا جھڙي مصروف ترين ماڻھو جي هٿان هن تاريخي ڪم کي پايه تڪميل تائين پھچرايو. ڇوته آءٌ سمجهان ٿو ته چوڻ تمام سولو ڪم آھي پر ان جي تڪميل تمام اوکي آھي. جيڪو ڪم اسان کان ڏهن سالن تائين نه ٿي سگهيو اهو ڪم هن جفا ڪش ۽ اورچ انسان 4-5 مھينن ۾ پورو ڪري سچ ته اسان سگا شھدادڪوٽ جي ساٿين تي احسان ڪري ۽ شھدادڪوٽ جي تاريخ ۾ هن باب کي محفوظ ڪري اجاڳر ڪري ڇڏيو آھي.
مان سمجهان ٿو ته خالد چنا جي هي ڪاوش پير حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ان خواهش جي هڪ باب جو سدباب آھي، جنھن ۾ ھنن، سنڌ جي نوجوانن کي اپيل ڪئي هئي ته پنھنجي پنھنجي علائقن جي تاريخ لکو ته جيئن سنڌ جي جامع تاريخ جڙي سگهي.
ڪنھن علائقي جي مڪمل تاريخ لکڻ تمام وڏو ۽ ڏکيو ڪم آھي، ڪوبه فرد ڪيتري به ڪوشش وٺي پر پوءِ به ڪوتاهي جو انديشو رهي ٿو. پر سياڻن سچ چيو آھي ته جهجهن کنئين ڇپر کڄي جي مصدق، ڀلا ڀاڳ آھن شھدادڪوٽ واسين جا، جو هن اوکي ڪم کي سر انجام ڏيڻ لاءِ ڪافي ساٿين جتن ڪيا، جن ساٿين پھريان قدم کنيان انھن ۾ پروفيسر سيد گل محمد شاه بخاري (جو ڪتاب ”شھدادڪوٽ جو علمي جائزو“ ڇاپو جنوري 1992ع ۽ سندس ٻيو ڪتاب ”شھدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر“ ڇاپو 2000ع) سرفھرست آھن. شاهه صاحب پنھنجي ڪتابن ۾ فقط شھدادڪوٽ جي علمي ۽ ادبي پھلؤَ کي اجاڳر ڪيو آھي. ان کان پوءِ محمد اسلم شيخ قدم اڳتي وڌائيندي جون 1992ع ۾ ”شاداب شھدادڪوٽ“ جي عنوان سان ڪتاب شايع ڪرايو. جنھن ۾ شيخ صاحب شھدادڪوٽ جي جاگرافيائي تاريخ سان گڏوگڏ علمي. ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ ڪنھن حد تائين اقتصادي تاريخ کي قلمبند ڪيو پر تمام مختصر انداز ۾. ان بعد ڪامريڊ ولي محمد منڱڻھار سيپٽمبر 2007ع ۾ ”ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي مختصر سياسي جائزو“ جي نالي سان ڪتاب لکي شايع ڪرايو. جنھن ۾ گھڻو تڻو بحث شھدادڪوٽ جي سياست تي ٿيل آھي. هينئر سگا شاخ شھدادڪوٽ جي مختصر پر جامع انداز ۾ سماجي تاريخ لکڻ جو شرف خالد چنا کي حاصل ٿيو آھي. مٿي ذڪر ڪيل سڀئي ڪتاب ملي ڪري هن علائقي (شھدادڪوٽ) جي ڪلي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.
اھا ڳالھه واضح ۽ صاف هئڻ گهرجي ته تحقيق هڪ اڻ کٽ علم ۽ وسيع ميدان آھي، جنھن ۾ هڪ محقق ۽ جاکوڙي ماڻھو نت نيون شيون ظاهر ڪري پيش ڪري ٿو. اھو سلسلو اڳئين علم ۽ تحقيق کي ائين جلا بخشي ٿو جيئين هڪ ڏِيئي مان ٻيو ڏِيئو روشن ٿئي ٿو، پر ٻيو ڏِيئو پھرئين ڏِيئي جي روشني قطعاً گھٽائي نٿو سگهي ۽ هو پھرئين ڏِيئي کان مدد حاصل ڪري پنھنجي روشني جو سفر جاري رکي ٿو. ائين ئي علمي سفر جو بنياد به پھرئين ئي معلومات تي هوندو آھي ۽ پھرئين يعني بنيادي معلومات ڪڏهن به ناڪاره ڪونه هوندي آھي. تحقيق ۾ به ان کي ئي بنياد بڻائي نئين تحقيق کي اڳتي وڌائي نت نئين معلومات قارئينِ ڪرام تائين پھچائي سگهجي ٿي. ائين ئي مون کي پڻ اميد آھي ته خالد چنا جي هن مختصر مگر جامع سگا شاخ شھدادڪوٽ جي تاريخ کي ڪو ٻيو دانشور ساٿي نئين تحقيق سان اڳتي وڌائيندو، ڇاڪاڻ ته تحقيق ۾ ڪابه ڳالھه حرف آخر ڪونه هوندي آھي.
هي ڪتاب سگا شاخ شھدادڪوٽ جي 42 سالن (يعني 1978ع کان 2020ع تائين) جي سفر جي مختصر تاريخ به آھي ته وري ان جي ڪارڪنن، سھڪاري ساٿين ۽ گهڻ گھرن جي سماجي خدمتن جو دستاويز پڻ. هي ڪتاب جھڙو به آھي جيئن به آھي، پنھنجي خوبين ۽ خامين سميت اوهان جي خدمت ۾ حاضر آھي. هي ڪتاب مستقبل ۾ ڪيتري اهمت ۽ افاديت جو حامل بڻجي سگھي ٿو يا ڪيترو ڪارائتو ۽ لاڀائتو ٿو ثابت ٿئي، ان جو فيصلو اوهان پڙهندڙن ۽ وقت جي تاريخدانن کي ئي ڪرڻو آھي، پر آءٌ ايتري چوڻ جو ضرور حق رکان ٿو ته ”هن ڪتاب جي شايع ٿي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ اها قوي اميد ڪري سگهجي ٿي ته ايندڙ وقت ۾ نوجوان نسل کي فلاحي ۽ سماجي خدمت سرانجام ڏيڻ ۾ ھي ڪتاب ضرور رهنمائي فراهم ڪندو ۽ پڻ اتساھ جو سبب بڻبو.“
18 جولاءِ 2020ع
مهراڻ لائبريري
ڳوٺ اميد علي خان جوڻيجو
شهدادڪوٽ
ڳنڍين سارو ڏينھن ، ڇنڻ مور نه سکيا
جديد دور ۾ جڏهن کان انٽرنيٽ وجود ۾ آئي آھي، تڏھن کان سوشل ميڊيا ۽ عام ڪچھرين ۾ هي بحث عام ٿي پيو آھي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ ڪتاب جي ڪھڙي ضرورت؟ سندن دليل آھي ته دنيا جو هر ادب اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي منٽن جي اندر اسان جي اڳيان اچيو وڃي. اها بلڪل حقيقت آھي ته منٽن ۾ اليڪٽرانڪ جي وسيلي سان دنيا جي ادب تائين رسائي ته ڪري سگهجي ٿي پر ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت کي گهٽائي نٿو سگهجي. منھنجي سمجهه مطابق جڏھن کان انھن (اليڪٽرڪ جي اوزارن) جو وجود آيو آھي تڏھن کان ڪتابن جي ڇپائي ۽ مارڪيٽنگ ۾ پڻ اضافيو ٿيو آھي ۽ ڪتاب جي پڙهائي ۾ به. ڇاڪاڻ ته ڪتاب هڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. انڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪتاب جي اهميت هڪ مسلم حقيقت آھي. شايد ان خيال کي نظر ۾ رکندي اسان جي پرين پياري پروفيسر خالد حسين چنا پڻ هي ڪتاب لکيو آھي.
خالد صاحب جو ننڍ پڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ سان چاھ رهيو آھي. شايد ان ڪري ئي مالڪ مھربان سندس لاءِ استادي پيشي جي چونڊ ڪئي ۽ ان پيشي سان هو چڱيءَ ريت نڀائيندو پيو اچي. استاد جيئن ته سماج سڌارڪ هوندو آھي، انڪري هن يار ان ڪرت کي به وساريو ڪونه آھي ۽ سندس اهو سفر جاري و ساري آھي. هن وقت هن خطي جي عظيم اداري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آھي پر بنيادي ميمبر اسان جي شاخ شھدادڪوٽ جو آھي. ان جي انس جي سبب زندگيءَ جو پھريون ڪتاب به ان شاخ جي تاريخ تي لکيو اٿائين.
خالد صاحب هن ڪتاب ۾سگا شاخ شھدادڪوٽ جي شروعات 1978ع کان 2020ع تائين جي سڀني عھديدارن جي رڪارڊ کي محفوظ ڪيو آھي. انھن عھديدارن ۽ سڄڻن کي ساري ڪيترائي سگائي ۽ ٻيا ساٿي پنھنجي ماضي جي يادن کي تازو ڪري روحاني سڪون حاصل ڪندا. ان کان علاوه ڪوشش ڪري شروعاتي دور کان وٺي موجوده باڊي جي صدر، جنرل سيڪريٽرين ۽ ڪجهه سگا جي کاهوڙي ساٿين جا خاڪا سندن خدمتن سان گڏ بيان ڪيا آھن. يقينن اهي سڀ ساٿي اسان جي سماجي سفر جا سونھان آھن.
هن ڪتاب ۾ سگا شاخ شھدادڪوٽ جي قيام کان وٺي 2020ع تائين ڪارڪردگي جو مختصر تاريخي جائزو ڏنو ويو آھي ۽ ڪنھن حد تائين سگا مرڪز جي بنيادي تاريخ کي به قلم جي نوڪ ھيٺ آندو آھي. سگا سماجي کيتر ۾ هڪ تبديلي جو نالو آھي. جنھن قومي جاگرتا ۽ سماجي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. اهڙي تنظيم جي رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ منھنجي سمجهه ۾ قومي فرض ادا ڪرڻ کان گهٽ ڪونھي. ان تنظيم جي هڪ شاخ شھدادڪوٽ بہ آھي. جنھن جي ساٿي پروفيسر خالد حسين چنا ڪوشش ڪري ان جي رڪارڊ کي لکت ۾ يڪجاءِ ڪري توهان ۽ اسان تائين پھچائي ڄڻ پنھنجي حصي کان وڌيڪ ڪم سرانجام ڏنو آھي، جيڪو سگا شھدادڪوٽ جي ساٿين تي احسان آھي ۽ هي ڪم اسان سڀني لاءِ فخر جو باعث بڻبو. ان سان گڏوگڏ سگا شاخ شھدادڪوٽ جي هيءَ مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي اميد آھي ته اسان جي معاشري ۾ سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ اتساھ پيدا ڪندي.
آخر ۾ خالد صاحب لاءِ دعا ته سندس هي قلمي پورهيو اعليٰ مقام حاصل ڪري ۽ سندس قلم ۾ رب پاڪ جنبش پيدا ڪري جنھن سان عوام الناس کي فائدو رسي. آمين
08 آگسٽ 2020ع
ڊپٽي سيڪريٽري
بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪريٽري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو
خوش اسلوبي ءَ سان سگا جو ڪاروهنوار هلائيندڙ
1978ع جي ڳالهه آهي مان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم اي اڪنامڪس (آنرز) جو امتحان پاس ڪيو ۽ آخري الوداع جا ڏينهن هئا ڪجهه سامان هاسٽل مان ۽ ڪپڙا ڌوٻي کان کڻي ڪجهه ڏينهن اندر يونيورسٽي مان ڳوٺ وڃڻ وارو هيس ته پروفيسر اعجاز قريشي صاحب جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾اسان جو اُستاد هيو ان مون کي دعوت ڏني ته حيدرآباد ۾سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن جو ڪنوونيشن ٿي رهيو آهي توهان به ان ۾شريڪ ٿيو بلڪه توهان هاڻي ڳوٺ وڃي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن جي شاخ کوليو ۽ مون کي هڪ درخواست لکي ڏيو ته مان توهان کي اُتي جي نئين شاخ جو ڪنوينر مقرر ڪرايان. سائين اعجاز قريشي صاحب پاڻ ان وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن حيدرآباد شاخ جا صدر هيا مان انهن جي هڪ پروگرام ۾جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ٿيو، شريڪ ٿي چڪو هيس، پروفيسر اعجاز قريشي صاحب نه صرف شاگردن جي دلين تي حڪومت ڪندو هو پر هو ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ به هو، تنهن ڪري کيس انڪار ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي سو مون کي خصوصي دعوت ملڻ کان پوءِ جيڪو مرڪزي ڪنووينشن علي بابا هوٽل ۾گاڏي کاتي ٿي رهيو هو جنهن ۾سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن جي مختلف شاخن مان آيل ساٿي به اتي اچي پهتا ۽ مون به شريڪ ٿيڻ جو شرف حاصل ڪيو، ان وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن جو مرڪزي صدر ڊاڪٽر شريف ميمڻ ۽ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر سليمان شيخ هئا. ڪارروائي ڪامورڪي اسٽائيل ۾پروقار طريقي سان هلي رهي هئي جنهن مان سڀئي شريڪ محفل لطف اندوز ٿي رهيا هيا ۽ مون کي به ڏاڍو مزو آيو. جڏهن هڪ اسم نيون شاخن کولڻ لاءِ ڪنوينر مقرر ڪرڻ جو ائٽم آيو ته ان ۾منهنجو نالو به کنيو ويو ته اشرف علي کهاوڙ کي شهدادڪوٽ شاخ کولڻ لاءِ ڪنوينر نامزد ڪجي ٿو ۽ اهڙو ليٽر منهنجي حوالي ڪيو ويو ته مون کي انتهائي گهڻي خوشي ٿي شاگردي جو دور ڇڙواڳيءَ جو دور هو هي ٻيو سنجيدگيءَ وارو دور شروع ٿي ويو. ڪنووينشن ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ رات جو مان وڃي هاسٽل ۾آرام ڪري صبح جو سامان کڻي سنڌ يونيورسٽي اسٽيشن تان لاڙڪاڻي جي ٽڪيٽ وٺي ڳوٺ لاءِ روانو ٿيس، انهيءَ وقت بسن جي سواري به گهٽ هوندي هئي ۽ سيل فون به ڪونه هئا، اڪثر ڪري ٽرين ذريعي سفر ٿيندو هو ريل ڪار ۽ بولان ميل لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ مشهور ٽرينون هونديون هيون.
ڳالهه آهي سگا جي شاخ کولڻ جي جيڪو مون لاءِ آسان نه هيو پر ڇاڪاڻ ته منهنجي والد صاحب خان صاحب امداد حسين خان جيڪي بنيادي خاندان سان تعلق رکندا هئا ۽ سياست ۾سندن نالو هيو تنهن ڪري مون کي تڪليف محسوس ڪونه ٿي، وڏي ڳالهه اها ٿئي ٿي جنهن منهنجو حوصلو ۽ همٿ ڏني اُها اِها هئي ته محترم دولت رام ولد چوهڙ مل، محمد پناهه کهاوڙ، سردار خان چانڊيو، پير بخش ڀٽي، الطاف حسين قادري، اعظم جروار، نادر شيخ، لياقت علي شيخ، سائين محمد اسلم شيخ صاحب جيڪو ان وقت وڪيل هو اهي سڀ منهنجا گهرا دوست هئا، تنهن ڪري مون کي ڪابه تڪليف ڪونه ٿي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن جي برانچ کولڻ جو حقيقن سِهرو محترم دولت رام جي سر آهي جيتوڻيڪ نالي ۾ڪنوينر مان هيس پر حقيقت ۾دولت رام هو جيڪو پوءِ وڃي انڪم ٽيڪس ۾ملازم ٿيو هو مون سان ڏينهن رات گڏ هو، اسان سڀ کان پهرين سائين الهواريو قريشي سان ملاقات ڪئي، کيس سگا جا مول متا ٻڌايا، پاڻ خوشيءَ سان ميمبر ٿيڻ قبول ڪيو نه صرف پاڻ پر سندس جا ڪيترائي دوست الهورائي قريشي مرحوم سان گڏ جهڙوڪ نظام الدين سومرو مرحوم اتي نيشنل بئنڪ ۾مئنيجر هئا، پاڻ ميمبر ٿيڻ وقت انتهائي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون اهڙي طرح محمد اسلم شيخ جيڪو منهنجو به دوست آهي تنهن ڪري آئون کين پنهنجي والد صاحب جهڙو درجو ڏيندو آهيان پر اها سندن وڏ ماڻهپو ۽ ڪرم نوازي آهي جو پاڻ مون کي حد کان وڌيڪ عزت ڏيندا آهن ۽ مون کي اڳ ۾ملڻ جو چوندا آهن پر آئون احترامن پٺيان هلڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان اهڙي طرح ٻيا ساٿي نادر علي شيخ، لياقت علي شيخ، عبدالستار قاضي جيڪو ايمبرائيڊري جو ماستر هيو اهڙي طرح اسڪور پنجويهين کان ٽپي ويو پر جيئن ته شروعاتي ميمبر 25 ٿي ڪري مرڪز ڏانهن اماڻڻا هيا اهي پورا ڪري پوءِ اسان نظاميه نائيٽ اسڪول جيڪو مرحوم نظام الدين سومري صاحب جو هو ان ۾مون ان وقت جي ايس ڊي ايم شهدادڪوٽ خواجا محمد جعفري کي مدعو ڪيو جنهن خوشيءَ سان قبول ڪيو ۽ هڪ گڏجاڻي رکي عهديدار چونڊيا ويا. گڏيل راءِ سان سائين الهواريو قريشي صدر ۽ عبدالستار قاضي ۽ جملي ٻيا عهديدار چونڊي پندرنهن ماڻهن جي BMC يا شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽي جي چونڊ ڪري ايس ڊي ايم صاحب خواجا محمد جعفري کان حلف کڻايو ويو ۽ اهڙي طرح سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن شهدادڪوٽ شاخ قائم ٿي وئي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اها شاخ اڄ به قائم دائم آهي ۽ هلندي پئي اچي، اها فخر جي ڳالهه آهي ته ان شاخ مان اڄ اهم ذميواري جي پوسٽ سيڪريٽري جنرل محترم خالد حسين چنا جيڪو چونڊيل آهي ۽ خوش اصلوبي ۽ بردباريءَ سان ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي. ان کان علاوه محمد اسلم شيخ صاحب پاڻ جج ۽ قانون جا سيڪريٽري سنڌ حڪومت جا ميمبر آهن ۽ ڪراچي شاخ سگا جا لائيف ميمبر آهن ۽ مرڪزي سگا جا چيف اليڪشن ڪمشنر آهن پاڻ ٽن سالن کان خوش اصلوبي سان چونڊ ڪرائي نالو ڪڍيو اٿائون . مون کي انتهائي گهڻي خوشي ٿي آهي جو محترم خالد حسين چنا صاحب شهدادڪوٽ شاخ جي تاريخ لکڻ وقت مون کي به ياد ڪيو آهي. آئون سندس لاءِ تهه دل جو شڪر گذار آهيان.
سگا شهدادڪوٽ شاخ جو مختصر تعارف ۽ ڪارڪردگي
عام چوڻي آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، ستر جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تحرڪ عروج تي هو ۽ سنڌ جي جهر جهنگ ۽ وستي واهڻ ۾ پنهنجي ماڻهن ۽ علائقن جي بهتريءَ لاءِ مجموعي طور تي ڪوششون جاري هيون. مختلف سياسي، سماجي پليٽ فارم ڪم ڪندڙ هئا. ڪي ننڍي ڳوٺ ۽ شهر تائين محدود هئا، ته ڪي وري سڄي سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي خدمت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا هئا.
شهدادڪوٽ سنڌ بلوچستان جي بارڊر تي هڪ اهم شهر آهي. جنهن کي آس پاس جي تمام گهڻي ٻهراڙي آهي، اُن ڪري ڪافي مصروف شهر رهيو آهي. شهدادڪوٽ جي باشعور پڙهيل لکيل نوڪرين ڪندڙ ساٿين ۾ سنڌ جي ٻين علائقن وانگر هتي به پنهنجي هڙان وڙان غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت جو جذبو شروع کان وٺي هلندو ٿو اچي .
شاگرد سياست جو سرگرم ڪارڪن ۽ کاهوڙي وطن پرست شخصيت جناب اشرف کهاوڙ ڪوشش وٺي شهدادڪوٽ جي چند ساٿين سان گڏجاڻيون ڪيون ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) جو تعارف ڪرايو. اشرف کهاوڙ صاحب شهدادڪوٽ جي ساٿين کي ٻڌايو ته سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن نالي هڪڙي سماجي ڀلائي واري تنظيم آهي جيڪا بنا ڪنهن مذهبي ۽ سياسي فرق جي خدمت ڪري ٿي. هن ساٿين کي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻين سگا جي مرڪزي اڳواڻن بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته سگا جو مقصد ماڻهن کي شعور ڏيڻ آهي ته جيئن اهي تعليم ۽ صحت جا مسئلا بهتر طريقي سان حل ڪري سگهن. سگا جو مقصد ٻيو ڪجهه به نه آهي، سگا ترقي يافته، پر امن سنڌ ڏسڻ چاهي ٿي. ان ڪري سنڌ جا ڪجهه سڄاڻ دوست گذريل ڪيئي سالن کان وٺي گڏجاڻيون ڪندا رهيا، 1971ع ڌاري ڪيفي نيويارڪ صدر ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشير الحيدري ۽ ٻين ساٿين جي گڏيل صلاحن سان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن وجود ۾ آئي. ۽ 4 جون 1972ع ڌاري ڪراچي ۾ مختيار مغل جي جڳهه تي سگا جون پهريون چونڊون ٿيون، جنهن ۾:
صدر: محمد بلال سيال
نائب صدر: شمشيرالحيدري
جنرل سيڪريٽري: ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
جوائنٽ سيڪريٽري: سائين بخش عباسي
خزانچي: بخش علي لاکو
اطلاعات سيڪريٽري: محمد صالح شيخ
29 سيپٽمبر 1972ع تي سگا 1860ع جي ايڪٽ تحت رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنين وٽ رجسٽر ڪرايو ويو. جنهن تحت سِگا رجسٽريشن نمبر 3631 مليو.
شروع ۾ سگا ڪراچيءَ تائين محدود هوندي هئي، ۽ اتان جي سماجي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي رهي. پوءِ اڳتي هلي ساٿين محسوس ڪيو ته سڄي سنڌ جي گريجوئيٽس کي به پنهنجي پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي ساڳي طريقي خدمت جو چئجي ۽ انهن جي رهنمائي ڪجي. 4 جولاءِ 1974ع تي سگا جون سنڌ اندر شاخون قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آئين ۾ ترميم ڪئي وئي. اهڙي طرح سنڌ جي ٻين شهرن ۾ سگا شاخون قائم ڪيون ويون. اڳتي هلي سِگا شهدادڪوٽ جو وجود به عمل ۾ آيو. 28 اپريل 1978ع تي محترم اشرف علي کهاوڙ جي زير نگراني سگا شاخ شهدادڪوٽ جون چونڊون ڪرايون ويون ۽ عهديدارن کي حلف ان وقت جي شهدادڪوٽ جي سب ڊويزنل مئجسٽريٽ (SDM) جناب خواجه محمد جعفري کڻايو. جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
1) صدر: جناب الهورايو قريشي
2) نائب صدر: محمد اسلم شيخ
3) جنرل سيڪريٽري: عبدالستار قاضي
4) جوائنٽ سيڪريٽري: محمد يونس ڏيٿو
5) خزانچي: مختيار احمد شيخ
6) اطلاعات سيڪريٽري: نهال الدين خاصخيلي
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
1) اشرف کهاوڙ
2) دلشاد احمد ڀٽو
3) علي اڪبر شيخ
4) پير بخش ڀٽي
5) الهه بخش منگي
6) هري رام
7) عبدالستار چانڊيو
13 نومبر 1978ع تي جناب عبدالستار قاضي صاحب جي ذاتي مصروفيت سبب استعيفيٰ منظور ڪئي وئي ۽ محمد اسلم شيخ کي عارضي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو جيڪو اڳتي هلي شاخ جي گڏجاڻي ۾ باقائدي جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو.
24 نومبر 1978ع ۾ دادوءَ ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جو ٽيون ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ محمد اسلم شيخ عارضي جنرل سيڪريٽري شاخ جي رپورٽ پيش ڪئي. سگا شهدادڪوٽ شاخ مان محترم الهورايو قريشي (صدر) محترم محمد اسلم شيخ (جنرل سيڪريٽري) محترم نظام الدين سومرو، محترم سردار علي چانڊيو، محترم محمد حسن پٺاڻ ۽ پروفيسر ڪنعيه لعل شرڪت ڪئي.
1977ع ۾ سنڌ جون حالتون ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ وڌيڪ خراب ٿيون، سنڌي ماڻهو خوف ۾ هئا. ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ کان پوءِ سنڌي هڪ لائي وانگر ڏونگر بڻجي جياپي جي جنگ وڙهي رهيا هئا. ڪيترائي سنڌي ماڻهو جيلن ۾ هئا. سياسي سزائون، حربا عام هئا. اهڙي ماحول ۾ سگا جي ساٿين 1978ع کي لطيف سال ڪري ملهايو. سڄي سنڌ مان زبردست موٽ ملي. ڪيترائي علمي ادبي ۽ سماجي ميڙ ٿيا، جنهن ۾ لطيف سائين جي شاعري ۽ فڪر کي اجاڳر ڪيو ويو.
ڪراچيءَ ۾ قومي لطيف ڪانگريس منعقد ڪئي وئي. جنهن جو افتتاح وفاقي وزير تعليم جناب محمد علي هوتي جن ڪيو. ڪتابن جي نمائش جو افتتاح ڊاڪٽر ايم اي قاضي ۽ سيڪريٽري جا فرائض حميد سنڌي ادا ڪيا. مذاڪري جي ٽن نشستن جي صدارت محترمه ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه، جناب پريشان خٽڪ، مولانا نور احمد آفريدي صاحب ۽ جناب غضنفر مهدي صاحب جن هئا. سيڪريٽرين جا فرائض جناب اعجاز احمد قريشي، جناب ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ جناب ظفر حسين جن بجا آندا. راڳ جي محفل ۾ صدارت سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب ڪئي ۽ پروگرام جناب عبدالحميد آخوند ترتيب ڏنو.
سڪرنڊ، ٽنڊو الهيار، بدين، هالا ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ لطيف ڪانفرنس ۽ ميڙاڪا ڪرايا ويا. دانشورن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن تي مشتمل هڪ وفد سگا جي سرواڻيءَ ۾ سڄي ملڪ جو دؤرو ڪري لطيف جي فڪر ذريعي مايوس ماڻهن کي دڳ ڏنو. اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ زبردست ميڙاڪا ڪيا ويا.
1978 ع وارو سال تمام متحرڪ سال رهيو. سگا جي تنظيم ڪاري عروج تي هئي ۽ پڙهيا لکيا نوڪرين وارا ماڻهو سگا جي ساٿ ۾ فخر سان شامل ٿيندا ويا. سگا شاخ شهدادڪوٽ جي ساٿين به شهر ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون. 05 آگسٽ 1978ع تي سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ شهدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر محترم خواجه حاجي محمد جعفري خصوصي شرڪت ڪئي. سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين مهمانن جي خدمت ۾ سپاسنامه پيش ڪيو ۽ شهر جي سماجي ڪمن ۾ بحري وٺڻ لاءِ خدمتون پيش ڪيون. هڪ يادگار ۽ ڀرپور گڏجاڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ شهر جي سياسي، سماجي ۽ صحافي برادري شرڪت ڪئي.
سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين 1978ع کان شهر جي هر بهتر عمل ۾ حصو ورتو، صحت ۽ تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ رضاڪارانه ڀرپور پروگرام ڪيا.
29 آگسٽ 1979ع تي نظاميه نائيٽ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ هڪ جنرل باڊي جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت جناب الهورائي قريشي ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ اليڪشن ڪرائي هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
صدر: محترم الهواريو قريشي
نائب صدر: محمداسلم شيخ
جنرل سيڪريٽري: محمدحسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: سردار خان چانڊيو
خزانچي: محمد حسن
انفارميشن سيڪريٽري: اڪبر علي شيخ
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
1) اشرف کهاوڙ
2) عبدالستار سومرو
3) شوڪت علي سومرو
4) نظام الدين سومرو
5) پير بخش ڀٽي
6) اختر حسين شيخ
7) عبدالستار چانڊيو.
14 سيپٽمبر 1979ع تي مهراڻ اسڪول ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳرائي وئي، جنهن ۾ 335 مريضن کي مفت طبي مشورا ۽ علاج ڪيو ويو.
1980ع ۾سگا شهدادڪوٽ ادبي سنگت جون ڪيتريون ئي محفلون منعقد ڪيون ويون. ڇاڪاڻ ته اُن جو انچارج محترم احمد علي صابر چانڊيو هو. جيڪو پاڻ هڪ شاعر ۽ ادبي ذوق رکندڙ ماڻهو هو. اپريل 1980ع ۾ هڪ مشاعرو رکيو ويو جنهن ۾ مقامي شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجيون لکڻيون پيش ڪيون.
سگا شهدادڪوٽ ادبي سنگت جي ٻي ڪچهري يادگار رهي، جنهن جي صدارت بهترين شاعر جناب گل حسن ٻرڙي پرنسيپال گورنمينٽ ڪاليج شهدادڪوٽ ڪئي. ان پروگرام ۾ آس پاس جي ڪيترن ئي شاعرن شرڪت ڪئي.
سگا شهدادڪوٽ 3 جولاءِ 1980ع سٽي نظاميه نائيٽ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ مرزا قليچ بيگ جي ورسي ملهائي. جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ جي خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
سگا شهدادڪوٽ طرفان 18 آگسٽ 1980ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي باري ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. شهر جي پڙهيل لکيل ۽ باشعور ماڻهن نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ فڪر تي گفتگو ڪئي وئي.
1980ع کي سگا مرڪز طرفان صحت جو سال ڪري ملهايو ويو. سگا شهدادڪوٽ طرفان ڪيتريون ئي صحت جون ڪئمپون لڳايون ويون ۽ ڊرگ بئنڪ قائم ڪئي وئي. ڪيترن ئي ضرورت مندن ۽ بيمارن کي مفت مشورا ۽ دوائون ڏنيون ويون.
سگا شهدادڪوٽ ادبي سنگت ڪيتريون ئي محفلون ۽ ميڙاڪا ڪرايا. ڪامريڊ الاهي بخش قريشي سان شام ملهائي وئي. جناب مهرالله خان شيخ بزرگ سماجي ورڪر سان شام ملهائي وئي. سينيٽر نواب زاده مير يوسف علي خان سان شام ملهائي وئي. ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جي حج واپسي تي گڏجاڻي رکي وئي. محترم خان محمد پنهور سان شام ملهائي وئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي ميڙاڪو ڪيو ويو. علامه دائود پوٽي جي ورسي ڪئي وئي. تقريري مقابلا، غير طرحي مشاعرا ڪرايا ويا ۽ مرحوم نظام الدين جي ياد ۾ تعزيتي اجلاس سڏايو ويو.
تعليم جي ميدان ۾ سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين جي ڪوشش سان خاص طور تي سائين نظام الدين سومري جي ڪاوش سان نظاميه نائيٽ اسڪول ڪيترن ئي سالن تائين سرگرم عمل رهيو. جنهن ۾ بالغن کي تعليم ڏني وئي، ان اسڪول مان سوين اڻ پڙهيل تعليم حاصل ڪري روزگار وارا ٿيا.
24 جنوري 1980ع تي سٽيزن ڪلب ۾ مفت اکين جي ڪئمپ لڳرائي وئي، جنهن ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر صاحبن 417 مريضن کي مفت طبي مشورا ڏنا ۽ دوائون به ڏنيون.
03 آگسٽ 1981ع تي ڳوٺ چاڪياڻي استاد غلام مصطفيٰ وڌي جي جاءِ تي مفت طبي ڪئمپ قائم ڪري 150 مريضن کي مفت طبي مشورا ڏنا ۽ علاج ڏنو ويو.
02 جون 1981ع تي ڳوٺ رئيس اعتبار خان چانڊيو ۾ مفت طبي ڪئمپ قائم ڪري 213 غريب مريضن ۾ مفت دوائون ڏنيون ويون.
سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ حصو ورتو. خاص طور تي سائين نظام الدين جي سگا جي سرگرمين ۾ سنجيدگي سان حصو وٺڻ ۽ هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ ڪري سگا مرڪز ۾ 5 جولاءِ 1980ع جي اجلاس ۾ نائب صدر(مرڪز) مقرر ڪيو ويو، (جيڪو سگا شهدادڪوٽ شاخ لاءِ وڏو اعزاز هو
(حوالو: سگا سهائي، صفحو نمبر 19)
سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان ساٿين جي گڏيل ڪوششن سان صحت جي ميدان ۾ به ڪافي سرگرميون ٿينديون هيون . اهو ئي سبب آهي جو سگا جي اٺين سالگرهه ۽ ادبي ايوارڊ جي تقريب 1980ع جي صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب مهمانِ خاص عزت مآب جسٽس غوث علي شاهه صاحب سان مخاطب ٿيندي ٻڌايو ته صحت جي ميدان ۾ سگا پاران مفت طبي مشوري جا مرڪز گذريل ٻن سالن کان حيدرآباد، مورو، لاڙڪاڻو، بدين، راڻيپور، ڀٽ شاهه، شهدادڪوٽ، شهدادپور، شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن (حوالو: سگا سڪ سمونڊ، صفحو نمبر 32) ۽ سگا شهداد ڪوٽ طرفان انهن ڏينهن ۾ ڊرگ بئنڪ قائم ڪئي وئي هئي، جتي غريب مسڪين ماڻهن کي نه صرف چڪاسيو ويندو هو پر دوا به مفت فراهم ڪئي ويندي هئي.
(حوالو: سگا سڪ سمونڊ، صفحو نمبر 33)
26 مارچ 1981ع تي راڻيپور ۾ سگا جي پنجين سالياني ڪنوينشن جي موقعي تي مرڪز جون ترميم ٿيل آئين تحت چونڊون ٿيون جن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ (چيئرمين)، محترم محمد نظر ميمڻ (وائيس چيئرمين)، محترم نظام الدين سومرو (وائيس چيئرمين)، محترم ولي محمد روشن (سيڪريٽري جنرل)
(حوالو: سگا سهائي، صفحو نمبر 22)
اهڙي طرح ٻيا به عهديدار چونڊيا ويا ۽ ساٿين ۾ اداري جا ڪم ورهايا ويا. جناب نظام الدين سومرو کي شهدادڪوٽ، نئون ديرو، لاڙڪاڻو، مورو، قمبر، ڪنڌڪوٽ ۽ نصيرآباد جي ساٿين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ لاءِ ذميواري رکي وئي. سگا جي ٻين ساٿين تي به اهڙي طرح ذميواريون رکيون ويون. سيڪريٽري جنرل سگا محترم ولي محمد روشن ڇهين سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 16 اپريل 1982ع تي سکر ۾ ٻڌائيندي چيو ته 16 عهديدارن کي انتظامي ڪم ورهائي ڏنو ويو هو. انهن سونپيل ڪمن مان جن عهديدارن پنهنجي ڪم کي نڀايو. انهن ۾ صرف نظام الدين سومرو، فضل الله قريشي ۽ خليل ميمڻ قابل ذڪر آهن.
(حوالو: سگا سهائي، صفحو نمبر 22)
سگا جو ستون ساليانو ڪنوينشن 15 اپريل 1983ع ۾ مهراڻ هاسٽل مورو ۾ ٿيو. جتي سيڪريٽري جنرل محترم ولي محمد روشن صاحب سگا جي سال 1982ع جي ڪارڪردگي رپورٽ بيان ڪندي ايوان کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سي.ايس.ايس ڪلاس ۽ شهدادڪوٽ ۾ بالغن جي تعليم جو سينٽر (نظاميه نائيٽ اسڪول) نمايان حيثيت رکن ٿا. (حوالو: سگا سهائي، صفحو نمبر 25) نظام الدين سومرو صاحب ۽ ساٿين جي محنتن جي ڪري سڄي اجلاس ۾ ڪم جي واکاڻ ڪئي وئي. نظام الدين سومرو عوامي جدوجهد وارو ماڻهو هو ۽ شهر جي سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ نهايت مصروف رهندو هو. ويتر وري سگا مرڪز طرفان سڄي سنڌ جا سور سيني ۾ سانڍيو وتندو هو، پنهنجي ناچاڪي ۽ بيماري جو ڪنهن تي به عيان ٿيڻ نه ڏيندو هو. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار جي ڪري سردي ۽ گرمي هن تي اثر نه ڪندي هئي. هي اهو زمانو هو جڏهن جولاءِ 1983ع ۾ جنرل ضياءَ سگا جهڙي رضاڪار اداري تي اها بندش هنئي ته ڪو به سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻهو، سگا جو ميمبر نه ٿو ٿي سگهي. سگا جي وڌندڙ مقبوليت ۽ ان طرفان عام ڀلائي جي ڪمن جي تيز رفتاريءَ کان ڊڄي سنڌ سان ازلي بغض رکندڙ مخصوص ٽولي جي ڪجهه اڳواڻن هن تنظيم تي تعصب، صوبه پرست ۽ ملڪ دشمن هجڻ جا بي بنياد الزام مڙهڻ شروع ڪيا (حوالو: جنهن دل پيتا عشق دا جام، پروفيسر مظهر الدين ميمڻ، صفحو نمبر 24). پر سگا جا باشعور ساٿي ڪٿي ٿا مُڙن. ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سماجي ڪم ڪندا رهيا. جولاءِ 1983 کان 1988 تائين سگا تي بندش هجڻ ڪري تمام گهٽ رڪارڊ محفوظ ڪيو ويو .پر ڪيترائي پروگرام ۽ خير جا ڪم جاري ۽ ساري رهندا پئي آيا.
28 آگسٽ 1987ع تي مهراڻ اسڪول ۾ مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ چيئرمين ميونسپل شهدادڪوٽ جناب عبدالجبار شيخ خصوصي شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻين معززن محترم معراج گوپي ڪرشن (هندو پنچائت شهدادڪوٽ) محترم غلام حيدرخان جروار (چيئرمين تعلقه ڪائونسل) محترم حاجي واحد بخش شيخ (صدر آل مرچنٽ ايسوسيئيشن شهدادڪوٽ) ۽ ٻين سياسي، سماجي، ۽ صحافي برادري شرڪت ڪئي.
03 جنوري 1989ع تي سگا شهدادڪوٽ جي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي منعقد ڪرائي وئي، جنهن ۾سگا شهدادڪوٽ پاران هن سال کي سچل سرمست قرار ڏيڻ تي مرڪز سان تعاون ڪرڻ جو اظهار ڪيو ويو ۽ سچل جي ڪلام کي عام ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرامن تي عمل ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا، جنهن مطابق چٽاڀيٽي جي ترتيب ڏنل پروگرامن ۾شرڪت ڪئي ويندي ۽ سچل ڪانفرنس گهرائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
13 فيبروري 1989ع سگا شهدادڪوٽ آفيس ۾سنڌ جي نامور هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر جناب ايس واشا صاحب سان شام ملهائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر ڪئپٽن محمد صالح شيخ ڪئي ۽ مهمان خاص ايس واشا صاحب هئا، مقررين ۾جناب محمد اسلم شيخ وڪيل، مسٽر ولي محمد وڪيل، احمد علي صابر چانڊيو، رشيد خانواهي چانڊيو، شوڪت علي ۽ جناب محمد حسن پٺاڻ ،ڊاڪٽر واشا صاحب کي سندس مفت علاج ۽ لاعلاج مريضن جي خدمت ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو، جناب واشا صاحب سگا شهدادڪوٽ برانچ جي عرض تي پنهنجو ٽائيم طبي ڪئمپ ۾ڏيڻ جو اعلان ڪيو، بلديا شهدادڪوٽ جي ڪائونسلر حاجي حضور بخش شيخ طبي ڪئمپ ۾مفت دوائن ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر صاحب کي سگا پاران اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو. پهرين مارچ 1989ع تي سگا آفيس شهدادڪوٽ ۾هڪ محفل موسيقي جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾سنڌ جي مشهور فنڪارن، ٽي وي ۽ ريڊيو جي آرٽسٽن حصو ورتو. محفل موسيقي ۾ سچل سرمت ۽ شاهه لطيف جي واين ۽ بيتن سان محفل کي سجايو ويو.
سگا شهدادڪوٽ شاخ سال1990 کان 1995ع تائين ڪيل ڪارڪردگيءَ تي نظر وجهبي ته خبر پوندي ته سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين طرفان ڏينهن رات هڪ ڪري ٻوڏ ۽ برسات جي سٽيل مسڪين ماروئڙن ۾80 اسي هزار روپين جو امدادي سامان پهچايو جنهن ۾تيار ٿيل کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ٻيو ڪافي روز مره جي استعمال جو سامان فراهم ڪيا ويا. شهدادڪوٽ ۾ 8 اٺ روزه مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾اکين کان معذور 436 مريضن جي اکين جي مڪمل آپريشن ڪرڻ بعد کين فارغ ڪيو ويو ۽ اکين جي چيڪ اپ ۽ آپريشن لاءِ ٻاهرين شهرن کان اکين جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن کي گهرايو ويو ۽ ان کان علاوه ٻاهر کان آيل ايترن ماڻهن لاءِ رهائش جو باقائده بندوبست ٿيل هو، جنهن سان ڪنهن به مريض کي تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پيو.
شهري مسئلن جي حل لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾مهمان خاص سنڌ جي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه جو خاص صلاحڪار عبدالعزيز ٻرڙو جن هئا، جنهن نهايت اطمينان سان شهرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي فوري حل لاءِ يقين ڏياريو.
شهدادڪوٽ ۾پهريون دفعو سگا جي تعاون سان شفقت حسين وڌو جي خوبصورت ۽ وڻندڙ پينٽ ڪيل تصويرن جي نمائش ڪرائي وئي ۽ ان تصويري نمائش واري تقريب ۾ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ جنهن پنهنجي خطاب دؤران ان نمائش جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اگر اها نمائش ڪنهن وڏي شهر ۾منعقد ٿئي ها ته ان جو ڪو وڏو قدر ڪيو وڃي ها، هن چيو ته اها اسان جي خوش نصيبي آهي جو سگا جي تعاون سان اهي دلچسپ ۽ اهم نمائش ننڍي شهر ۾ڪرائي وئي.
14 آگسٽ پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن تي نوجوان شاگردن ۾ذهني چٽاڀيٽي جو مقابلو ڪرايو ويو ۽ تنهن کان ڪجهه ئي ڏينهن گذرڻ بعد تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ۽ پاڪستان جي پوليو مهم ۾ پڻ حصو ورتو ويو ۽ سگا پاران هزارين ٻارن کي پوليو جي بيماري کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، شهر ۾مختلف راندين جون ٽورنامينٽس ڪرايون ويون ۽ انعام به سگا پنهنجي طرفان تقسيم ڪرايا .
سگا شهدادڪوٽ جي ساليانه تنظيمي ڪارڪردگي کي مد نظر رکندي پوري سنڌ ۾سگا شهدادڪوٽ جي بهترين ڪارڪردگيءَ ۽ رڪارڊ ڪارنامن تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن طرفان شهدادڪوٽ شاخ جي صدر هادي بخش منگي کي وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه هٿان سلور ميڊل انعام ڏنو ويو جيڪا نهايت خوشي جي ڳالهه هئي جو پوري سنڌ ۾سگا شهدادڪوٽ جي ڪارڪردگيءَ بهتر ۽ ٽاپ ڪلاس رهي .
سگا شهدادڪوٽ طرفان 1995 ۾ اکين جي ڪئمپ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن لاءِ سوسائٽي طرفان موڪليل ٽيڪنيشن شهدادڪوٽ ۾ 8 آگسٽ 1995ع تي پهتا. هلندڙ ڪئمپ ۾ هر قسم جي شين جو خيال رکيو ويو. مجموعي طور تي اسان جي ڪئمپ ڪامياب وئي. جنهن ۾ 436 آپريشن ٿيا. 4000 کان مٿي او پي ڊي ٿي. جنهن ۾ ڊاڪٽرن جي محنت سِگا جي ساٿين سان گڏ هئي. شهر جا سوشل ورڪر هاءِ اسڪولن جا اسڪائوٽ پڻ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجو فرض احسن طريقي سان سرانجام ڏنو. آخر ۾ ڪئمپ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي سگا طرفان سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جناب شمس جعفراڻي سرٽيفڪيٽ پنهنجي هٿن سان ڏنا. ڪئمپ ۾ جن معززين مالي مدد ڪئي انهن ۾ نوابزاده نادر علي خان مگسي، وزير بلديات سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، قمرالدين شيخ صدر رائيس ملز تاجر يونين ۽ ٻيا معزز شهري شامل هئا.
ماني جي سلسلي ۾پ پ پ سٽي شهدادڪوٽ هڪ ڏينهن، هندو ڌرم شيوا منڊل هڪ ڏينهن، ڊي ايس پي شهدادڪوٽ هڪ ٽائيم، شيخ برابري هڪ ٽائيم، غلام مصطفيٰ وڌي هڪ ٽائيم جي ماني ڏني.
1996 ۾ سگا طرفان شهدادڪوٽ ۾”هنر سکو، روزگار حاصل ڪريو“ سيمينار ٿيو، جنهن ۾ڪيترن ئي مسئلن تي روشني وڌي وئي ۽ ان جي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي زور ڀريو، هن موقعي تي ديوان موٽو مل، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، ڪامريڊ غلام سرور سيلرو، هادي بخش منگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.
سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئشن شهدادڪوٽ جي ميمبرن جي گڏجاڻي 15 سيپٽمبر 1996ع تي سٽيزن ڪلب ۾ٿي، جنهن ۾ مرڪزي عهديدارن سميت سگا شاخ جي ٻين عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي، صدارت مرڪزي وائيس چيئرمين علي گوهر پٺاڻ ڪئي، جڏهن ته ڪارروائي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مظهر ميمڻ اجلاس ۾سگا جو صدر هادي بخش، غلام مصطفيٰ وڌو، واجد سيال، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، سائين ڪنعيه لال گربخشاڻي، امداد علي چانڊيو، محمد بخش خان کهاوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد اجمل ڪمبوهه، وهاب پندرائي، غلام سرور سيلرو ۽ ٻين ڪيترن ئي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ٻڌايو ويو ته سگا طرفان شهدادڪوٽ ۾روشن تارا اسڪول کوليو پيو وڃي، بلڊ بئنڪ قائم ڪئي پئي وڃي. جنهن جي موٽ شهرين پڻ ڏني، مرڪزي عهديدارن ان سلسلي ۾بهترين ڪم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
1997ع ۾ شهر جي بنيادي مسئلن مٺي پاڻي، سوئي گئس، اسٽيڊيم، باغ، گرلس ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، ڪجهه ڪاميابيون به مليون، مثال طور: شهدادڪوٽ جي هاءِ اسڪول کي ايجوڪيشن ورڪس طرفان سگا جي مدد سان 5 واشروم، پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي، واٽر سپلاءِ جو نئون ڪنيڪشن، پڻ مليو. بي پهچ ماڻهن سان گڏجي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪار لاءِ مدد ڪرائي وئي، شهر ۾ وڌندڙ منشيات کي روڪڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي وئي. پمفليٽن ذريعي ماڻهن کي منشيات جي نقصان بابت آگاهي ڏني وئي. ڪيترن مريضن جو علاج ڪرايو ويو. مختلف آفيسرن کي خط لکي شهر جي مسئلن کان آگاهي ڏني وئي. سگا جي ورڪرن 10 محرم تي شربت جي سبيل ۽ فرسٽ ايڊ مهيا ڪئي. ۽ ماڻهن جو فوري طور علاج ڪيو ويو.
1997ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن شهدادڪوٽ جي ميمبرن جي هڪ ٻي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾مرڪزي عهديدارن سميت سگا شاخن جي ٻين عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي، هن گڏجاڻي جي صدارت مرڪزي وائيس چيئرمين علي گوهر پٺاڻ ڪئي، گڏجاڻي ۾هادي بخش منگي، غلام مصطفيٰ وڌو، واجد سيال، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، سائين ڪنعيه لال گربخشاڻي، امداد علي چانڊيو، محمد اعظم جروار، سيف الله سومرو، سردار محمد بخش خان کهاوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد اجمل ڪمبوهه، وهاب پندراڻي، غلام سرور سيلرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾فيصلو ڪيو ويو ته سگا طرفان شهدادڪوٽ ۾جلد روشن تارا اسڪول کوليو وڃي.
اکين جي ڪئمپ 1997ع
سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئشن شهدادڪوٽ شاخ طرفان هن سال ٽئين لڳاتار مفت اکين جي ڪامياب ڪئمپ لڳائي وئي، هن سال به اڳ جيان اسان سان شهر واسين خصوصاً محمد اعظم جروار، رائيس ملز ٽريڊرس جي سيٺ قمرالدين شيخ، مير نادر علي خان مگسي، ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن، آئرن، گولڊ سمٿ، شوز مرچنٽ، ڪلاٿ مرچنٽ، واپڊا يونين ۽ ويلڊرس يونين، ۽ ٻين ايسوسئيشن سٺي مدد ڪئي. ان کان علاوه سماجي تنظيمن جهڙوڪ؛ يونائيٽيڊ، انسان همدرد سنگت، ڪمبوه برادري، منگي برادري، سومرا برادري، پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن سان گڏ نوجوان فورم به ڀرپور تعاون ڪيو، ان کان سواءِ گدا حسين شاهه (S.D.M) شهدادڪوٽ جن پڻ ڪئمپ جو دؤرو ڪري اسان جي همٿ افزائي ڪئي ۽ پڻ مالي مدد ڪئي.
ڪئمپ ۾ٽوٽل 2150 مريضن کي چڪاسيو ويو، جن مان 375 ڪامياب آپريشن ڪيا ويا، آپريشن وارن مريضن کي 40 ڏينهن جو دوائون ۽ چشما پڻ ڏنا ويا ۽ باقي مريضن کي دوائون ڏئي فارغ ڪيو ويو.
ڪئمپ ۾ڊاڪٽر عبدالستار وڌي وڏي محنت ۽ جفاڪشي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڇهه ڏينهن لڳاتار ڪئمپ ۾ڪم ڪيو، ان کان علاوه ڊاڪٽر پون ڪمار، عبدالقادر، عبدالوحيد ۽ نعيم احمد پڻ سٺي مدد ڪئي. اکين جي ڪئمپ ۾ مالي مدد ڪندڙن معززين ۾محمد اعظم جروار، رتن ڪمار، مير نادر علي خان مگسي، ڪلاٿ، گولڊ سمٿ، شوز مرچنٽ، جنرل مرچنٽ، رائيس ملز ۽ ٽريڊرس، گدا حسين شاهه SDM شهدادڪوٽ، سيٺ پرسرام، واپڊا يونين، واجد علي سيلرو، حاجي محمد اڪبر بروهي، عبدالحميد SDO واپڊا، اختيار حسين، حضور بخش شيخ، مير چاڪر خان، منگي ايسوسيئشن، ڀوڄو مل، سردار علي جروار، چانڊڪا رائيس مل، سيف الله خان چانڊيو، محمد امين خاصخيلي، سائين الله ورايو قريشي، شفقت حسين وڌو، سڪندر علي شيخ، ممتاز علي وڌو (پ ٽ الف اڳواڻ) سيٺ ڀوڄراج، سيٺ مرلي، سيٺ موهنداس، سيٺ درمپال، موٽيو مل، محمد نصير، ويلڊرس ايسوسيئشن، امير جان گولو، رئيس عبدالڪريم چانڊيو، پروفيسر نارائڻ داس، ڪجلو ڀٽي، حبيب الله، دمساز، عبدالقادر گولو، محمد يوسف سومرو، عبدالغفور بروهي شامل آهن.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن شاخ شهدادڪوٽ جي آڪٽوبر 2000 ۾چونڊجي آيل ساٿين ڪافي ڪوششون ڪيون. 28 آڪٽوبر 2000 تي سگا شهدادڪوٽ طرفان گورنمينٽ گرلس سنگل سيڪشن هاءِ اسڪول ۾مفت بلڊ گروپنگ جي هڪ روزه ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾سوين شاگردياڻين جا بلڊ گروپ چيڪ ڪندي کين ڪارڊ جاري ڪيا ويا. ان موقعي تي هڪ تقريب پڻ ٿي، جنهن ۾شاگردياڻين، ٽيچرس، سماجي ورڪرس جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. جنهن کي سگا شهدادڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر شاهنواز شيخ ۽ اسڪول جي هيڊ مسٽريس خطاب ڪندي رت جي عطيي تي روشني وڌي ۽ سگا طرفان هر ڇهن مهينن بعد بلڊ گروپنگ ڪئمپ لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي بلڊ گروپ چيڪ ڪرايل شاگردياڻين پنهنجي گروپ سگا وٽ نوٽ ڪرائيندي ڪنهن به ضرورت مندن کي خون جو عطيو ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
18 نومبر 2000ع تي سگا شاخ شهدادڪوٽ طرفان پوليو جي اهميت کان عام ماڻهن کي واقف ڪرڻ لاءِ پوليو واڪ ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي سگا اڳواڻن ڊاڪٽر شاهنواز شيخ، ممتاز ٻرڙو، مختيارڪار شهدادڪوٽ ابوبڪر بلوچ ۽ اکين جي ماهر سرجن ڊاڪٽر عبدالستار وڌو ڪئي. جڏهن ته واڪ ۾ڊاڪٽرن، شهرين، شاگردن ۽ اُستادن ڀرپور شرڪت ڪئي. واڪ ميٽرنٽي هوم کان شروع ٿيو ۽ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ختم ٿيو، شرڪاءَ جي هٿن ۾پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا، جن تي والدين کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پنهنجي ٻارن کي بچائڻ ۽ ان خلاف جهاد ڪرڻ جون اپيلون لکيل هيون، واڪ جي اختتام تي وڏي ميڙ کي سگا شهدادڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر شاهنواز شيخ، مختيارڪار شهدادڪوٽ ابوبڪر بلوچ، سرجن ڊاڪٽر عبدالستار وڌو خطاب ڪندي پوليو جهڙي خطرناڪ مرض کان پنهنجي ٻارڙن کي بچاءُ جي تدبيرن ۽ ان خلاف جدوجهد ڪرڻ تي زور ڏنو.
16 ڊسمبر 2000 کان 18 ڊسمبر 2000 تائين سگا طرفان شهدادڪوٽ جي تاريخ ۾پهريون ڀيرو انتظاميا جي تعاون سان “عيد بچت بازار” مين پرائمري اسڪول ۾لڳائي وئي، جيڪا شهدادڪوٽ جهڙي پٺ تي پيل علائقي جي عورتن لاءِ مخصوص هئي، باوجود چند انتهاپسندن جي ڌمڪين جي بازار مان هر عام و خاص ڀرپور لاڀ حاصل ڪيو، بازار جي ڪاميابي ۾جناب ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻه، مختيارڪار شهدادڪوٽ ابوبڪر بلوچ، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او شهدادڪوٽ جو ڀرپور تعاون رهيو. بازار ۾ضرورت جي شين جا اسٽال لڳايا ويا هئا، بازار جي ڪاميابي لاءِ مختلف ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون هيون، جن جي نگراني سگا جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ڪري رهيا هئا، هڪ اندازي مطابق بازار ۾10 کان 12 هزار عورتن جي شرڪت رڪارڊ ڪئي وئي، هڪڙي لحاظ کان عورتن جي ڀرپور شرڪت ڪنهن ريفرنڊم کان گهٽ نه هئي.
سگا اکين جي ڪئمپ: سگا طرفان هر سال جيان هن سال به 23 جنوري 2001ع کان 27 جنوري 2001ع تائين مفت اکين جي ڪئمپ جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾سگا جي باني ۽ سينيئر ميمبرن ۽ ورڪرن جي تعاون سان پنج روزه ڪئمپ ڪاميابي سان جاري رهي، ڪئمپ جي ڪاميابي ۾ سگا شهدادڪوٽ جي ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبر ۽ اکين جي ماهر سرجن ڊاڪٽر عبدالستار وڌي وڏو ڪردار رهيو، ان کان علاوه ماهر ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر محمد خان شيخ، ڊاڪٽر ذوالفقار شاهه، ڊاڪٽر نعيم ڪٽپر، ڊاڪٽر پرشوتم، ڊاڪٽر ادريس شيخ ۽ ٽيڪنيشن جي ٽيم جنهن جي اڳواڻي محمد اظهر ڪري رهيو هو، تن جون ڀرپور ڪاوشون رهيون، ڪئمپ ۾هن دفعي مخير حضرات ڀرپور مدد ڪئي، ڪئمپ ۾هن سال مختلف ڳالهه اها هئي ته هن دفعي پهريون دفعو وڌ کان وڌ لينس وڌا ويا، جڏهن ته سگا مرڪز 20 لينس ۽ شاخ شهدادڪوٽ 5 لينس بي پهچ ماڻهن کي مفت ڊونيٽ ڪيا، ڪئمپ ۾87 مريضن کي لينس وڌا ويا، 300 کان مٿي آپريشن ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي مريضن کي چڪاس ڪري دوائون ڏنيون ويون.
2002ع کان 2004ع تائين ڊاڪٽر شاهنواز شيخ جي صدارت هيٺ هر سال اکين جون ڪئمپون لڳايون ويون، شهر جي هر سماجي ڪم ۾ سگا ڀرپور تعاون ڪيو، ۽ مرڪز طرفان ايندڙ پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي.
2004ع کان 2006ع تائين ۽ 2006ع کان 2009ع تائين سگا شهدادڪوٽ شاخ جو جنرل سيڪريٽري محترم اشور لال ناگديوَ رهيو. هُن پنهنجي دور ۾ سگا ساٿين سان گڏجي ڪيترائي سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪيا، اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون، ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي، سگا جي پليٽ فارم تان دل ۾ سوراخ وارن معصوم ٻارڙن جو انڊيا مان مفت ڪامياب علاج ڪرائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو. ان دور ۾ محترم محمد صديق ابڙو، محترم گل حسن کوکر ۽ ٻيا سگا جا ساٿي هر عمل ۾ ساڻس گڏ رهيا.
عيد ملن پارٽي ۽ مڃتا ايوارڊ تقريب
سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان تعلقي شهدادڪوٽ جي ڪاليجن، هاءِ، مڊل ۽ پرائمري اسڪولن جي 2008ع جي سالياني امتحانن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪندڙ شاگردن/شاگردياڻين کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب تاريخ 24 سيپٽمبر 2009ع بروز خميس تي گورنمنيٽ گرلس ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ شهر جي معزز ۽ مشهور شخصيتن، استادن، والدين، شاگردن، شاگردياڻين، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب جو مُک مهمان جناب رميش لال (ايم اين اي) هو.
تقريب جي شروعات سگا شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري خالد حسين چنا صبح جو 11:00 وڳي تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪرائي، تلاوت جي سعادت جناب ظهور حسين جوڻيجي حاصل ڪئي، اُن کان پوءِ آيل مهمانن کي آجياڻي پيش ڪرڻ لاءِ سِگا شهدادڪوٽ شاخ جي صدر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي کي گهرايو ويو. اُن موقعي تي عبدالجبار جوڻيجي صاحب پنهنجي تقرير ڪندي تقريب ۾ آيل مهمانن جي آمد جا ٿورا شاهه صاحب جي هن بيت سان مڃيا:
ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ٿر ۾ واري ٿورڙي، تنهن کان به گهيرا،
ڀلائي ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيا ڪيترا.
صدر صاحب وڌيڪ موقعي جي مناسبت سان مک مهمان (ايم اين اي) رميش لال ۽ وس وارن جي اڳيان عوامي ڀلائي ۽ بهبود جي ضرورتن طرف ڌيان ڇڪرايو.
1) سِگا شاخ شهدادڪوٽ جي آفيس جي قيام جي سلسلي ۾ سهڪار ڪيو وڃي، جتي اسين ٻين ڀلائي جي پروگرامن سان گڏ غريب ٻارن لاءِ روشن تارا ٽيوشن سينٽر، ڪمپويٽر سينٽر ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ مفت ڊسپينسري جو اهتمام ڪري سگهجي.
2) شهدادڪوٽ تعلقي جي اسپتالن ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي.
3) لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ ريلوي لائين هڪ اهڙو رستو آهي، جيڪو سنڌ بلوچستان کي ڳنڊي ٿو، اُتي ئي پُراڻي طريقي سان ريل گاڏيءَ جي آمد رفت بحال ڪئي وڃي ۽ اُن سان گڏوگڏ هڪ تيز رفتار ريل گاڏي ڪوئٽه کان ڪراچيءَ تائين هلائي وڃي.
4) سِگا شاخ شهدادڪوٽ کي هڪ ايمبولنس فراهم ڪئي وڃي ته جيئن غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي لاءِ مفت ايمبولنس سروس شروع ڪري سگهجي.
5) گورنميٽ ڊگري ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ الڳ الڳ بس سروس شروع ڪئي وڃي.
6) شهدادڪوٽ جي عوام کي صاف پاڻي ميسر ڪرڻ لاءِ فلٽر پلانٽ جو احتمام ڪيو وڃي.
آخر ۾ صدر صاحب پنهنجي تقرير ۾ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي مختلف منصوبن کي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ شهرين کي پڻ سهڪار جي اپيل ڪئي.
سِگا شاخ شهدادڪوٽ طرفان عيد ملن پارٽي ۽ شهدادڪوٽ تعلقي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مڃتا ايوارڊ جي وضاحت ڪندي جنرل سيڪريٽري خالد حسين چني چيو ته اسان هن پروگرام لاءِ سِگا جي ميمبرن تي آڌاريل پنج رُڪني ڪاميٽي جوڙي جنهن ۾ پروفيسر فدا حسين جوڻيجو، پروفيسر عبدالرشيد چانڊيو، پروفيسر طارق حسين خشڪ، سينيئر هاءِ اسڪول استاد حق نواز سومرو ۽ پ ٽ الف اڳواڻ صدر ممتاز علي ڀٽي جن هئا. اُنهن تعلقي جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري پرائمري کان ڪاليج سطح جي سربراهن سان ملي ڪري انهن کان سندن اداري ۾ پهرون نمبر ايندڙ ٻارن جا نالا رزلٽ شيٽ مطابق پروفارمه ڀرائي جنرل سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايا جن جي ضروري جاچ پڙتال ڪرڻ بعد (31) تعليمي ادارن جي 34 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ايوارڊ لاءِ منتخب ڪيو ويو. جن کي اڄ جي تقريب ۾ سندن والدين، استادن ۽ معزز شهرين جي موجودگي ۾ مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيا آهيون، هن پروگرام جو مقصد ٻارن ۾ تعليمي اتساهه ۽ منجهن مقابلي جو رجهان پيدا ڪرڻ آهي.
اُن بعد ٻين مهمانن مان پهريائين محترم محمد اسحاق مغيري، صدر آباد گار بورڊ شهدادڪوٽ کي پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ چيو ويو. جنهن پنهنجي تقرير ۾ سِگا شاخ شهدادڪوٽ جي دوستن کي اهڙي پروقار، يادگار ۽ تعليمي ميڙاڪي ڪرڻ تي واڌايون پيش ڪيون، ۽ پنهنيج طرفان هر تعاون جو يقين ڏياريو. اُن بعد کاهوڙي صحافي ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار (رپورٽر سنڌ ٽي وي) پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 15 ورهين کان پوءِ مون کي اڄ سِگا شهدادڪوٽ شاخ پنهنجي اصل جوڀن ۾ نظر آئي آهي. اميد ٿو ڪيان ته اهو قافلو روان دوان رهندو تنظيم پنهنجي اصل جوڀن ۾ اُن ڪري نظر آئي آهي جو موجوده قيادت ۾ اُهي جوهر موجود نظر اچن ٿا. جنهن بعد شهر جي مشهور شخصيت مير غيبي خان مغيري رائيس ملر ائسوسيئيشن شهدادڪوٽ جي نمائندي تقرير ڪندي چيو ته پروگرام جي شاندار اهتمام تي سگا شهدادڪوٽ شاخ جي دوستن کي مبارڪون ڏيان ٿو، ۽ پنهنجي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريان ٿو. ۽ هن وڌيڪ چيو ته سگا کي عوامي ڀلائي جي ڪمن لاءِ اڃان به وڌيڪ ڪوششون وٺڻ گهرجن. آخر ۾ مهمان خاص محترم رميش لال (ايم اين اي) پنهنجي خطاب ۾ چيو ته حڪومت تعليم جي واڌاري لاءِ خاص اُپاءُ وٺي رهي آهي ۽ سِگا شهدادڪوٽ جي دوستن کي اهڙي تعليمي پروگرام ڪرڻ تي دلي مبارڪون ٿو ڏيان. سگا شهدادڪوٽ جي صدر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي جيڪي تجويزون ۽ عوامي ڀلائي جي ضرورتن ڏانهن ڌيان ڇڪرايو آهي، حقيقت ۾ هي تمام اهم آهن. شهدادڪوٽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو حلقو آهي ۽ ان جي ترجماني اڄ جي پروگرام ۾ سگا جو صدر ڪري چڪو آهي. آءٌ يقين ٿو ڏياريان ته سندس مطالبن کي ضرور پورو ڪندس. اُن لاءِ صدر ۽ وزير اعظم پاڪستان کان خاص فنڊ منظور ڪرائيندس.
اُن موقعي تي محترم رميش لال ايوارڊ هاصل ڪندڙ هر ٻار کي پنهنيج طرفان روڪ رقم انعام طور ڏني، مُک مهمان جي خطاب کان پوءِ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ٻن ميمبرن محترم سڪندر علي شيخ ۽ محترم اشور لال ناگديوَ کي سگا شاخ شهدادڪوٽ جي صدر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي حلف کڻايو. اُن بعد مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب شروع ڪئي وئي. جنهن لاءِ شهر جي مختلف معززين کي اسٽيج تي گهرايو ويو. جن محترم رميش لال سان گڏجي ٻارن ۾ انعام ورهايا ۽ آخر ۾ ريفريشمينٽ جو احتمام ڪيو ويو.
هن پروگرام ۾ مرڪز سگا جي طرفان جناب مشتاق احمد سرهيو ۽ سِگا باڊهه جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد الله ڪلهوڙو به شامل ٿيا.
سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان
مفت اکين جي ڪئمپ 2001ع
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) شهدادڪوٽ شاخ طرفان پندرهين ”غلام مصطفيٰ وڌو“ ٽن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ پي سي بي سيل ڪراچي جي سهڪار سان تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ 9 کان 11 نومبر 2009ع تي لڳائي وئي. ڪئمپ جي انتظام لاءِ 30 آڪٽوبر 2001ع تي سِگا شهدادڪوٽ جي جنرل باڊي گهرائي وئي جنهن ۾ ڪئمپ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف ڪاميٽيون جهڙوڪ: مالي سهائتا ڪاميٽي، پبلسٽي ڪاميٽي، ڊسيپلين ڪاميٽي، (اسڪائوٽ) او پي ڊي ڪاميٽي ۽ ارگنائيزرس ڪاميٽي جوڙي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي.
جيئن ته شهدادڪوٽ شهر سنڌ بلوچستان جي سرحدي علائقي تي موجود آهي ان ڪري تقريبن 50 کان مٿي مکيه ڳوٺن ۾ لائوڊ اسپيڪر، اشتهار ۽ بينرن ذريعي پڙهو گهمائي اکين جي ڪئمپ بابت آگاهي ڏني وئي. شهر شهدادڪوٽ جي مک مرڪزن تي بينر لڳايا ويا، ان سان گڏو گڏ سگا جي عهديدارن ۽ ميمبرن موبائيل ذريعي وڏي انداز ۾ ماڻهن ڏانهن ايس ايم ايس ڪري اکين جي ڪئمپ بابت آگاهي ڏني. شهر جي معززين ۽ مخير حضرات کي سِگا شاخ شهدادڪوٽ طرفان ڪئمپ جي دوري ۽ سهڪار لاءِ هڪ تعارفي ليٽر پڻ موڪليو ويو.
هن 15هين سگا مفت اکين جي ڪئمپ ۾ ٽوٽل 1100 مريضن جي او پي ڊي ٿي، جنهن مان 237 مريضن جو آپريشن ڪري کين لينس وڌا ويا.
هن اکين جي ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر عبدالستار، ڊاڪٽر نعيم احمد ڪٽپر، ڊاڪٽر احمد علي چانڊيو، ڊاڪٽر محمد امين شيخ، ڊاڪٽر درشن لال ۽ ڊاڪٽر قربان علي مگسي شامل هئا. پي سي بي سيل ڪراچي طرفان نياز ميمڻ جي قيادت ۾ آيل 11 ٽيڪنيشن ساڻن مددگار رهيا.
هن اکين جي ڪئمپ ۾ سگا شهدادڪوٽ شاخ جي ميمبرن، 10 استادن، 17 اسڪائوٽن ۽ 4 رضاڪار ساٿين ڏينهن رات ڪم ڪري ڪئمپ کي ڪاميابيءَ سان پايهءِ تڪميل تائين پهچايو.
هن ٽي روزه اکين جي ڪئمپ جي شهدادڪوٽ شهر جي جن اهم شخصيتن دورو ڪيو، انهن ۾ عبدالحنان شيخ، محمد جان عابد، سماجي اڳواڻن محمد اسحاق مغيري، ڪئپٽن ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، حاجي محمد حيات جوڻيجو، مسلم ائڊ شهداد ڪوٽ جو ڪوآرڊينيٽر محمد بخش خاصخيلي ۽ شهر جا ٻيا ڪيترائي معززين شامل هئا. اُن کان علاوه سِگا جي مرڪزي اڳواڻن محترم عبدالرسول سومرو (وائيس چيئرمين)، محمد عثمان پنهور (مرڪزي سيڪريٽري ثقافت) مشتاق احمد سرهيو (ميمبر سي اي سي) نور محمد سيال (ميمبر سگا سيوهڻ) محمد ايوب لاشاري (ميمبر سگادادو)، پروفيسر عبدالفتاح واهوچو (ڊائريڪٽر انسپيڪشن ڪاليجز سنڌ) پڻ شامل هئا.
ٽن ڏينهن واري اکين جي ڪئمپ جي افتتاحي تقريب سادي ۽ پُر وقار نموني سان ٿي گذري. جنهن ۾ ڪئمپ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ، ڊاڪٽرن، استادن، اسڪائوٽن، رضاڪارن ٽوٽل 44 ماڻهن کي سگا شاخ شهدادڪوٽ طرفان کين خدمتن جي اعتراف طور سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
آخر ۾ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر خالد حسين چنا هن پُر وقار تقريب جو اختتام شاهه سائين جي هن عالمي دعا سان ڪيو.
سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
سگا شهدادڪوٽ طرفان روشن تارا ميلو2009 ع
سگا شهدادڪوٽ طرفان هڪ ڏينهن روشن تارا ٻالڪ ميلو عيدالاعضيٰ جي ٽئين ڏينهن يعنيٰ 30 نومبر 2009ع بروز سومر تي گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۾منعقد ڪيو ويو.
هن ميلي جو مقصد ٻارن کي معياري تعليمي ۽ تفريحي موقعو فراهم ڪرڻ سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ، ٻارن ۾ چٽاڀيٽي جو رجحان پيدا ڪرڻ ۽ سگا شهدادڪوٽ کي متحرڪ ۽ روشناس ڪرڻ هو. ان ڪري هِن ميلي ۾تَر جي پرائمري، مڊل اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سربراهن کي سگا طرفان پروگرام جي شيڊيول ۽ قاعدن قانونن جو تفصيل موڪيلو ويو. اُن جي موٽ ۾30 ادارن جي 166 ٻارن هيٺين مقابلن ۾حصو ورتو.
1.فينسي ڊريس مقابلو 27 شاگرد
2.ڊزائننگ جو مقابلو 32 شاگرد
3.سنڌي شاعري جو مقابلو 16 شاگرد
4. ڪوپن ايڪٽنگ جو مقابلو37 شاگرد
5. سنڌي گانن جو مقابلو 38 شاگرد
6. سنڌي جهمر جو مقابلو 04 شاگرد
7. بنا تياري تقريري مقابلو 12شاگرد
ٽوٽل شاگرد 166
انهن مقابلن کان علاوه ميلي ۾مختلف اسٽال پڻ لڳايا ويا، جن ۾ سِگا تعارفي اسٽال (سِگا مرڪز طرفان شايع ٿيل ڪتاب، رسالا، سماچار رکيل هئا) جتي سِگا جا اصول، مول متا ۽ خدمات جو وچور خوبصورت، پينا فليڪس بينرن تي چسپان ٿيل هئا. عبدالله گرامر اسڪول طرفان ثقافتي اسٽال، قبضانو هاءِ اسڪول ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جو سائنسي اسٽال، سائينٽيفڪ پبلڪ اسڪول جو تعارفي ۽ ڪارڪردگي اسٽال، اين جي اوز ڊولپمينٽ سوسائٽي طرفان جاڳرتا جي ڦهلاءُ لاءِ ملٽي ميڊيا ذريعي فلمون هلايون ويون، پرڀات وومين ڊولپمينٽ ايسوسيئشن طرفان ٻارن جي هٿ جون ٺهيل شين جو نمائشي اسٽال، ڪتابن جي اسٽال ۾سنڌي ٻولي جو بااختيار حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور ۽ جاويد بوڪ اسٽور شهدادڪوٽ شامل هئا. ان کان علاوه کاڌي پيتي جا اسٽال، رانديڪن جا دڪان ۽ گفٽ شاپ پڻ هئا. ميلي جو سڀ کان اهم اسٽال شهدادڪوٽ بابت تاريخي اسٽال هو جنهن کي هڪ وڏي هال ۾سجايو ويو هو، جتي شهدادڪوٽ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي اجاڳر ڪيو ويو هو. هن اسٽال ۾پروفيسر سيد گل محمد شاهه صاحب جي سيرت لائبرري جي تعاون سان شهدادڪوٽ جي کاهوڙي نوجوان آرڪيالاجسٽ شيخ جاويد علي سنڌي طرفان شهدادڪوٽ جي تاريخ ۽ ثقافت سان لاڳاپيل مواد رکيل هو. انجنيئر شفقت حسين وڌو جي خوبصورت ۽ دلفريب تصويرن جي نمائش لڳل هئي، پروفيسر بشير احمد سومرو جي ڪاوش سان تاريخي شين، ٽِڪلين، سڪن ۽ نوادرات کي رکيو ويو هو. سندس ئي ڀر ۾شهدادڪوٽ جي سرموڙ شاعر ۽ ليکڪ احمد علي صابر چانڊيو صاحب جا ايوارڊ، ڪتاب، مڃتا جا سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيو مواد رکيل هو.
شهدادڪوٽ بابت تاريخي اسٽال هر شريڪ ٿيندڙ ٻڍي ۽ ٻار جي توجهه ۽ دلچسپي جا مرڪز رهيا، پهريون دفعو شهدادڪوٽ جي علمي، ادبي، ثقافتي تاريخ کي ڏسي شرڪت ڪندڙ ماڻهن خوشي وچان سِگا شهدادڪوٽ جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي مبارڪون ڏيندا رهيا ۽ سندن داد رسائي ڪندا رهيا. هن ميلي ۾شهر جا ٻارڙا پنهنجي والدين سان مقرر وقت کان پهريائين خوشيءَ ۾ٻهڪندا ميلي واري هنڌ تي پهتا، پوپٽ جهڙا ٻارڙا سندر ڊريسن ۾فرشتا لڳي رهيا هئا. جو هن ۾سنڌي ثقافت کي نمايان طور اُجاڳر ڪيو ويو هو. ميلي جو افتتاح صوبائي وزير خوراڪ نوابزاده مير نادر علي خان مگسي صاحب ڪيو ۽ ميلي ۾لڳل اسٽالن جو دورو ڪري شهدادڪوٽ بابت تاريخ ۽ ثقافتي ورثي ۾گهري ۽ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پروگرام جي باضابطه شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي جنهن جي سعادت ظفر علي حاصل ڪئي. ان کان بعد شاهه سائين جا بيت پڙهڻ لاءِ ننڍڙي عبدالقيوم جوڻيجي کي گهرايو ويو، اسٽيج کي سِگا شاخ شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر خالد حسين چنا ۽ ميمبر پروفيسر رشيد احمد چانڊيو سنڀاليو. جڏهن ته سندن مدد پروفيسر فدا حسين جوڻيجي ۽ پروفيسر احسان الله جمالي (مالي سيڪريٽري سِگا شاخ شهدادڪوٽ) ڪئي. هن رنگ برنگي ميلي جي شروعات صبح سوير سان ٿي ۽ سڄو ڏينهن شهرين، والدين، ٻارن جو انبوهه رهيو. جيڪو هزارن جي تعداد ۾مختلف اسٽالن کي جوش ۽ ولولي ۽ خوشيءَ وچان ڏسندو رهيو ۽ پنڊال ۾ٻارن جي مقابلن ۾حصو وٺندڙ ٻارن کي مختلف معززين جي هٿان انعام ورهائڻ جو سلسلو پڻ سڄو ڏينهن جاري رهيو. ان موقعي تي پنهنجن جي راءِ جو اظهار ڪندي يونين ڪائونسل (2) جي ناظم عبدالحنان شيخ صاحب چيو ته شهدادڪوٽ جي تاريخ ۾پنهنجي نوعيت جو هي پهريون ٻالڪ ميلو آهي، جتي هڪ ئي وقت سڄو ڏينهن ٻارن جا مختلف تعليمي مقابلا جاري رهيا ۽ سِگا شهدادڪوٽ جي دوستن اهڙي طرح شهدادڪوٽ جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاڳر ڪيو، ايئن شهدادڪوٽ جي تاريخ ۾هي ڏينهن نمايان طور تي ياد رکيو ويندو.
ان موقعي تي سِگا شهدادڪوٽ جي صدر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سِگا سنڌ جي اندر صحت، تعليم، سماجي ترقي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت جاکوڙي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾سنڌ ٻولي، ادب، ثقافت ۽ ثقافتي قدرن جي امين رهي آهي. تنهن ڪري اسين ان تسلسل هيٺ جاکوڙي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته پرامن ۽ ترقي يافته سنڌ اسان جو خواب آهي. هن وڌيڪ چيو ته سگا شاخ شهدادڪوٽ جي موجوده باڊي مختصر عرصي ۾پنهنجي مدد پاڻ تحت جيڪي ڪم ڪيا آهن انهن جو نتيجو سامهون اچي رهيو آهي، اسين شهدادڪوٽ ۾نج تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، جتي طرف گُهٽ ٻوسٽ جو ماحول هجي تي اهڙيون سرگرميون ضرور اثر ڏيکارينديون، هي روشن تارا ٻالڪ ميلو ضرور ٻارن ۽ شهرين ۾اُتساهه جو سبب بڻبو. ان موقعي تي سِگا شاخ شهدادڪوٽ جي صدر پروگرام جي مُک مهمان صوبائي وزير خوراڪ نوابزاده مير نادر علي خان مگسي کان گهر ڪئي ته شهدادڪوٽ ۾ انجنيئرنگ ۽ جنرل يونيورسٽين جا ڪئمپس قائم ڪيا وڃن. ان کان علاوه شهر لاءِ ڪلچر ڊپارٽمينٽ کان جديد دؤر جي تقاضائن مطابق هڪ لائبريري جوڙائي ڏني وڃي.
ان موقعي تي مهمان خاص صوبائي وزير خوراڪ نوابزاده مير نادر علي خان مگسي صاحب چيو ته آئون سِگا جي سموري سٿ کي مبارڪون ٿو ڏيان جنهن ايڏو وڏو شاندار ميلو (Mega event) منعقد ڪيو آهي ۽ اُميد ٿو ڪريان ته سِگا شهدادڪوٽ هن تسلسل کي قائم رکندي، مون کي ذاتي طور تي خوشيءَ ٿي آهي، هي پروگرام ٻارن جي ذهني اوسر تي مثبت اثر ڇڏيندو، هن وڌيڪ چيوته آئون ٻاهرين مُلڪن ۾ويندو رهندو آهيان اُتي جيڪو ٻارن جي حوصلا افزائي ۽ ذهني اوسر لاءِ ڪم ٿيندو آهي اُهو ڪم اڄ شهدادڪوٽ ۾سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئشن بخوبي ڪري ڏيکاريو آهي. سِگا جي صدر جن شين جي گهُر ڪئي آهي ان لاءِ حڪومتي سطح تي ضرور ڪوشش ڪندس. آخر ۾نوابزاده مير نادر علي مگسي صاحب جي هٿان پوزيشن ماڻيندڙ ٻارن کي انعامات ڏياريا ويا. اهڙي طرح جي شهدادڪوٽ جي تاريخ جو يادگار ۽ شاندار ٻالڪ ميلو رات جو پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.
سلام ٽيچرس ڊي 2012ع
تاريخ 5 آڪٽوبر 2012ع جمع ڏينهن تي سائينٽيفڪ ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ سلام ٽيچرس ڊي ملهايو ويو. هن پروگرام۾پرائمري اسڪولن، هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن سان تعلق رکندڙ ٽيچرس وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي، هن پروگرام جو مهمان خاص متحرم ڊاڪٽر پروفيسر لياقت علي صاحب (پي ايڇ ڊي آمريڪا) ڪئي. اعزازي مهمان آسٽريليا مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ محترم عبدالرزاق صاحب جن هئا. هن پروگرام جي ڪري شهدادڪوٽ ۽ آس پاس جي ماڻهن ۾استاد ۽ تعليم جي اهميت ۽ ضرورت جي بابت شعور اجاڳر ٿيو، سگا جي تعليمي خدمتن کي عوامي سطح تي ساراهيو ويو ۽ سگا لاءِ ماڻهن جي دلين ۾همدردي وڌي.
تقريب حلف وفاداري سال 15-2012ع
تاريخ 4 نومبر 2012ع بروز آچر ليبر هال شهدادڪوٽ ۾تقريب حلف وفاداري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾شهر جي معززين کي دعوت ڏيئي گهرايو ويو، حاضري تقريبا 150 رهي، نون چونڊجي آيل عهديدارن ۽ برانچ جي مئنيجمينٽ ڪاميٽي جي ميمبرن کي برانچ جي اليڪشن چيئرمين محترم ڊاڪٽر عبدالستار وڌو صاحب جن حلف کڻايو، هن تقريب جي ڪري پهريون ڀيرو شهدادڪوٽ ۽ ان جي آس پاس هر عام ۽ خاص فرد کي سگا شاخ شهدادڪوٽ جي متحرڪ هئڻ جو احساس ٿيو ۽ مختلف شخصيتن سگا سان ساٿ نڀائڻ جو وچڻ ڪيو.
مفت اکين جي ڪئمپ 2012ع
تاريخ 17 کان 19 نومبر 2012ع بروز ڇنڇر، آچر ۽ سومر تي ارڙهين ٽي روزه مرحوم سائين غلام مصطفيٰ وڌو (يادگار) مفت اکين جي ڪئمپ، پي سي بي سيل ڪراچي جي سهڪار سان تعلقه اسپتال شهدادڪوٽ ۾لڳائي وئي، جنهن ۾ او پي ڊي 1230 رهي“۽ 257 مريضن جو آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا، ان کان علاوه هر مريض کي ضرورت مطابق مفت دوائون، اک جي مريضن جي ڪاري ڪامڻ جي مفت چڪاس ۽ ڪاري ڪامڻ کان بچاءُ جون وئڪسين لڳايون ويون، هن ڪئمپ ۾محترم ڊاڪٽر عبدالستار وڌو صاحب جي سربراهي ۾ڊاڪٽرن جي ٽيم ۽ پي سي بي سيل ڪراچي جي نمائندن پنهنجون خدمتون سر انجام ڏنيون، هن ڪئمپ کي ڪاميابي لاءِ سگا جي ڪارڪنن، اُستادن ۽ رضاڪارن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. ڪئمپ دوران محترم ڊاڪٽر نبي بخش عباسي دورو ڪيو، آخري ڏينهن تي اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جا خاص مهمان محترم نثار احمد مگسي صاحب (ٽي ايم او شهدادڪوٽ) ۽ اعزازي مهمان محترم ڊاڪٽر غلام حسين وڌو صاحب (ايم ايس شهدادڪوٽ) جن هئا. هن تقريب ۾مختلف خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن پي سي بي سيل جي نمائندن، سگا جي ميمبرن، استادن ۽ رضاڪارن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ڪئمپ جو ٽوٽل خرچ محترم ڊاڪٽر محمد صالح شيخ صاحب، محترم عبدالوهاب بروهي صاحب، شيلر ايسوسيئشن شهدادڪوٽ ۽ پي ٽي الف شهدادڪوٽ جي تعاون سان ادا ڪيو ويو. هن ڪئمپ جي لڳائڻ ڪري اکين جي مريضن کي فائدو ٿيو ۽ انهن ۾اکين جي حفاظت جو شعور اجاڳر ٿيو.
ٽيچرس ٽريننگ پروگرام 2012ع
تاريخ 21 کان 23 ڊسمبر 2012ع بروز جمع، ڇنڇر ۽ آچر تي ٽيچرس ٽريننگ پروگرام جو اهتتمام سچل سارو سچ درسگاهه، شهدادڪوٽ ۾ڪيو ويو، جنهن ۾ريسورس محترم پروفيسر الطاف حسين قادري صاحب، محترم پروفيسر خالد حسين چنا صاحب، محترم پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، محترم پروفيسر سعيد احمد وڌو صاحب، ميڊم امتياز منگي صاحبه جن هئا. هن پروگرام ۾پرائيويٽ پبلڪ اسڪولن ۽ ڪاليجن سان تعلق رکندڙ 50 استادن کي ٽريننگ ڏني وئي، هن پروگرام تي ٽوٽل سگا شهدادڪوٽ طرفان ڪيو ويو، هن تربيتي پروگرام ۾شرڪت ڪندڙ استادن کي آخري ڏينهن تي محترم پروفيسر عنايت حسين ڀٽو صاحب (ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول لاڙڪاڻه ريجن) جي هٿان سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. هن ٽريننگ سبب پرائيويٽ سيڪٽر جي استادن ۾تعليم جي طريقه ڪار بابت ڄاڻ وڌي، جنهن ڪري پروگرام متعلقه ادارن جي تعليمي معيار ۾اضافي جو سبب بڻيو.
لطيف جو ڏهاڙو 2013 ع
تاريخ 26 مارچ 2013ع بروز اڱارو لطيف جي ڏهاڙي سان هڪ پروگرام سائنٽيفڪ ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ منعقد ڪيو ويو. هن پروگرام ۾محترم پروفيسر ڪي ايس ناگپال صاحب، محترم پروفيسر خالد حسين چنا صاحب (سيڪريٽري ايجوڪيشن سگا مرڪز) ۽ محترم پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو صاحب لطيف جي فڪر جي عنوان سان ليڪچر ڏنو. هن پروگرام ۾استادن، شاگردن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. هن پروگرام جو خرچ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي ايجوڪيشن اسٽڊي سينٽر برانچ شهدادڪوٽ برداشت ڪيو. هن پروگرام جي ڪري شهدادڪوٽ ۽ ان جي آس پاس جي ماڻهن ۾لطيفي فڪر جو شعور اجاڳر ٿيو ۽ لطيفي فڪر تي عمل ڪرڻ جو احساس پيدا ٿيو.
ذهني صحت جي حوالي سان جاڳرتا مهم
(2 کان 11 آگسٽ 2014ع)
(الف) سيمينار
2 آگسٽ 2014ع تائين ذهني صحت جي حوالي سان جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي پاران هڪ سيمينار تاريخ 9 آگسٽ 2014ع بروز ڇنڇر گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۾منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾تمام وڏي انگ ۾سگا جي ميمبرن، هاءِ اسڪول جي استادن، شاگردن، شهر جي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. سيمينار کي پروفيسر ارشد علي سومرو، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو (صدر سگا شاخ شهدادڪوٽ) ۽ ڊاڪٽر محمد صديق کهاوڙ خطاب ڪندي چيو ته ذهني بيماري مختلف سبب جي ڪري پيدا ٿئي ٿي، ان جو علاج ممڪن آهي، ذهني مرض ۾مبتلا شخص کي نفرت جي نه پر مناسب علاج ۽ توجهه جي ضرورت هوندي آهي. ذهني بيماري ڪو عيب نه آهي، هي هڪ قابل علاج مرض آهي، تنهن ڪري ان جي علاج ۽ خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ذهني بيماري مردن، عورتن، ٻارن سميت مختلف عمر جي ماڻهن کي متاثر ڪري سگهي ٿي، ذهني بيماري عام آهي هر چئن مان هڪ فرد ڪنهن نه ڪنهن وقت ۾ذهني مونجهاري جو شڪار ٿيندو آهي. ذهني بيماري ۾ورتل شخص خاندانن لاءِ اڪثر پريشاني، سماجي مسئلن ۽ اقتصادي مسئلن جو سبب بڻجندا آهن، ان لاءِ وقت تي نشاندهي ۽ علاج ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
(ب) ليڪچر ۽ واڪ
2 کان 11 آگسٽ 2014ع تائين ذهني صحت جي حوالي سان جاڳرتا جي سلسلي ۾11 آگسٽ 2014ع بروز سومر هڪ ليڪچر پروگرام گورنمينٽ مين اسڪول شهدادڪوٽ ۾منقعد ڪيو ويو. هن پروگرام ۾وڏي تعداد ۾سگا جي ميمبرن استادن، شهرين، سماجي ڪارڪنن ۽ سوين شاگردن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسان الله جمالي، پروفيسر ارشد علي سومرو ۽ حق نواز سومرو پنهنجي ليڪچر ۾ذهني بيماري جي نشانين، علاج ۽ احتياط جي حوالي سان چيو ته هن بيماري ۾اُداسي، دل جي تيز ڌڙڪڻ، مايوسي، توانائي جو گهٽجڻ، خودڪشي جي ڪوشش ڪرڻ، غير حقيقي خيالن جو اچڻ، جارحيت، خوف، ڊپ، جلد بازي، دوستن ۽ خاندانن کان لاتعلقي جهڙا عمل ذهني بيماري جون نشانيون آهن. ان کان بچاءُ لاءِ بهتر آهي ته ذهني مريض سان امتيازي سلوڪ کان پاسو ڪيو وڃي. ان جي مثبت طريقي سان رهنمائي ڪئي وڃي، ذهني مرض ۾مبتلا شخص کي نفرت جي نه پر مناسب علاج ۽ احتياط جي ضرورت آهي.
ليڪچر پروگرام کان بعد ۾پريس ڪلب شهدادڪوٽ کان ڪوٽو موٽو چوڪ تائين هڪ واڪ ڪيو ويو، جنهن ۾شامل ماڻهن جي هٿن ۾ذهني صحت جي حوالي سان جاڳرتا بابت بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي ذهني بيماري جي علامتن ان کان بچاءُ ۽ علاج بابت معلوماتي سلوگن لکيل هئا.
اکين جي ڪئمپ 2014 ع
تاريخ 22، 23 ۽ 24 نومبر 2014ع بروز ڇنڇر، آچر ۽ سومر تي ٽي روزه مرحوم سائين علام مصطفيٰ وڌو يادگار مفت اکين جي ڪئمپ پي سي بي سيل ڪراچي جي سهڪار سان تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾لڳائي وئي، جنهن ۾او پي ڊي يارنهن سئو چاليهه (1140) رهي ۽ ٻه سئو پنجاهه (250) مريضن جو آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا، ان کان علاوه هر مريض کي مفت دوائون، اک جي مريض جي ڪاري ڪامڻ جي مفت چڪاس ۽ ڪاري ڪامڻ کان بچاءُ جون وئڪسين لڳايون ويون. هن ڪئمپ ۾محترم عبدالستار وڌو صاحب جي سربراهي ۾ڊاڪٽر نعيم احمد ڪٽپر، ڊاڪٽر درشن لال، ڊاڪٽر پرشوتم، ڊاڪٽر احمد علي چانڊيو ۽ پي سي بي سيل ڪراچي جي 14 نمائندن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪئمپ جو سيٺ قمر الدين شيخ، مير غيبي خان مغيري، شاهد حسين لانگاهه، سيٺ محمد اسماعيل شيخ دورو ڪري سگا جي منتظمين ۽ ڪارڪنن جي ڪم کي ساراهيو.
ڪئمپ جي آخري ڏينهن تي اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جا خاص مهمان محترم اياز علي چانڊيو (تعلقه ايجوڪيشن آفيسر شهدادڪوٽ) هئا. تقريب ۾مختلف خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن، پي سي بي سيل جي نمائندن، سگا جي ميمبرن، استادن ۽ رضاڪارن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ڪئمپ جو خرچ سگا مرڪز، ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو، نذير احمد سومرو، رئيس عبدالڪريم چانڊيو ۽ شيلر ايسوسيئشن شهدادڪوٽ ڪيو. هن ڪئمپ جي لڳائڻ جي ڪري اک جي مريضن کي گهڻي کان گهڻو فائدو رسيو ۽ انهن ۾اکين جي حفاظت جو شعور اجاڳر ٿيو.
چمڙي ۽ بلڊ شگر جي ڪئمپ
(10 مئي 2015ع
سگا شاخ شهدادڪوٽ طرفان 10 مئي 2015ع بروز آچر مفت چمڙي ۽ بلڊ شگر جي ڪئمپ ويلفيئر ايسوسيئشن فار ڊرماٽالاجيڪل پيشنٽس آف اسڪن ڊزيز سنڌWelfare Association For Dermatological Patients, Institute Of Skin Diseases Sindh جي تعاون سان مين پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ ۾ٿي گذري، جنهن ۾ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ جي سربراهي ۾ڊاڪٽر سيد جواد علي، ڊاڪٽر حبيب الله ميمڻ، ڊاڪٽر رشيد احمد لاکير، ڊاڪٽر اياز احمد شيخ، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار ۽ ڊاڪٽر ڪيلاش ڪمار تارباڻي کان علاوه رضاڪار انجنيئر گلزار احمد، فدا حسين پٽيل، باسط امڪاني، شوڪت مغل، جنيد جعفري، ڪمال حسين ۽ مس شاهين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ڪئمپ جو افتتاح اکين جي ماهر ڊاڪٽر عبدالستار وڌو صاحب جن ڪيو.
هن ڪئمپ جي مشهوري لاءِ اخبارن ۾ليک ڏنو ويو، پمفليٽ، بينر ۽ وال پوسٽر هنيا ويا، ڪيبل تي پٽي هلائي وئي ۽ لائوڊ اسپيڪر تي پڙهو ڏياريو ويو. مسجدن ۾اعلان ڪرايا ويا، جنهن جي نتيجي ۾هن ڪئمپ ۾جيڪب آباد، جهل مگسي، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، خضدار ۽ جعفر آباد ضلعن جي مريضن کي فائدو ٿيو. انهن سڀني مريضن جي چڪاس مفت ڪئي وئي، کين مختلف ملمون، ڪريمون، لوشن، ٽڪيون، ڪيپسول، شربت، ميڊيڪيٽيڊ سوپ ۽ پائوڊر ڏنا ويا، ضرورتمندن کي بجلي جو سيڪو به ڏنو ويو.
هن ڪئمپ ۾ٽوٽل هڪ هزار اٺيتاليهه (1048) مريضن جي چڪاس ڪري دوائون ڏنيون ويون. هن ڪئمپ جو اياز علي چانڊيو، لياقت علي ڀٽي، عبدالحنان شيخ، عبدالوحيد ڀٽي (وڪيل)، اڪبر خان کهاوڙ ۽ علائقي جي معززين دورو ڪيو. ڪئمپ جي اختتام تي ڊاڪٽرن جي ٽيم کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.
هن ڪئمپ جي ڪري شهدادڪوٽ ۽ پسگردائي ۽ سنڌ بلوچستان جي ماڻهن ۾چمڙي جي بيمارين بابت شعور اجاڳر ٿيو ۽ ڪيترن ئي مريضن جي خطرناڪ مرضن جي شناخت ڪري انهن کي بچاءُ جو ابتدائي علاج ڏئي آئنده علاج بابت معلومات فراهم ڪئي وئي ۽ کين احتياطي تدبيرن کان به واقف ڪرايو ويو.
هن ڪئمپ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو (سگا صدر شاخ شهدادڪوٽ)، ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، مير غيبي خان مغيري ۽ نذير احمد سومرو ادا ڪيو.
افطار پارٽي (16 جولاءِ 2015ع)
سگا شاخ شهدادڪوٽ طرفان هڪ افطار پارٽي تاريخ 16 جولاءِ 2015ع بروز خميس تي سائينٽيفڪ پبلڪ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ٿي گذري، جنهن ۾سگا جي ميمبرن ۽ معزز شهرين شرڪت ڪئي. هن افطار پارٽي جي ڪري معزز شهرين ۽ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي باهمي تعلق کي هٿي ملي، هن افطار پارٽي تي ٽوٽل خرچ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي صدر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي طرفان ادا ڪيو.
مڃتا ايوارڊ تقريب ۽ عيد ملن پارٽي
(21 جولاءِ 2015ع)
سگا شاخ شهدادڪوٽ طرفان مڃتا ايوارڊ تقريب ۽ عيد ملن پارٽي تاريخ 21 جولاءِ 2015ع بروز اڱارو، بلوچ هوٽل شهدادڪوٽ ۾ رکي وئي. هن تقريب ۾سگا شاخ شهدادڪوٽ جي هيٺين 14 ميمبرن کي سگا شاخ شهدادڪوٽ لاءِ بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي کين مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا.
1.ڊاڪٽر محمد صالح شيخ
2. ڊاڪٽر عبدالستار شيخ
3. پروفيسر خالد حسين چنا
4. ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار
5. نذير احمد سومرو
6. هادي بخش منگي
7. ممتاز علي ڀٽي
8. غلام الله چانڊيو
9. انور علي سيال
10. اظهر علي سيال
11. سليم اختر لاشاري
12. پروفيسر فدا حسين جوڻيجو
13.علي حسن سومرو
14. محڪم الدين خشڪ
هن پارٽي ۾محترم رفيق احمد جعفري (چيئرمين سِگا مرڪز)، عبدالرسول سومرو، پيرل خان کوسو، نور محمد سيال، شمس الدين ساريو، سگا شاخ ٺري ميرواهه، قمبر، نئون ديرو، رتوديرو جي عهديدارن ۽ شهدادڪوٽ جي معززين، سماجي ڪارڪنن، صحافين، استادن جي تمام وڏي انگ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن هن پروگرام کي تمام گهڻو ساراهيو، شهدادڪوٽ شهر جي تاريخ ۾هي پنهنجي قسم جو پهريون ۽ منفرد پروگرام هو. ايوارڊ وٺندڙن خوشي جو اظهار ڪيو.
هن تقريب جو خرچ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو (صدر شاخ شهدادڪوٽ) ۽ سگا جي ميمبرن ممتاز علي ڀٽي، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، عبدالوحيد ڀٽي، عبدالرشيد چانڊيو، سنيل ڪمار ڇاٻڙيا ادا ڪيو.
تقريب حلف وفاداري
(2015ع کان 2018ع)
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جي سال 2015ع کان 2018ع تائين لاءِ نون چونڊجي آيل عهديدارن ۽ بي ايم سي جي ميمبرن کي ڊاڪٽر عبدالستار وڌو (چيئرمين اليڪشن ڪميٽي سگا شاخ شهدادڪوٽ) تاريخ 30 آگسٽ 2015ع بروز آچر ليبر هال شهدادڪوٽ ۾پنهنجي پنهنجي عهدي جو حلف کڻايو.
هيٺين عهديدارن پنهنجي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو
صدر: پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو
نائب صدر: سنيل ڪمار ڇاٻڙيا
جنرل سيڪريٽري: پروفيسر احسان الله جمالي
جوائنٽ سيڪريٽري: حق نواز سومرو
خزانچي: سليم اختر لاشاري
اطلاعات سيڪريٽري: انور علي سيال
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
عبدالحنان شيخ، محمد ڪليم الله شاهه، عبدالوحيد ڀٽي، غلام الله چانڊيو، هادي بخش منگي، ممتاز علي ڀٽي.
حلف برادري جي تقريب پروفيسر عبدالحڪيم ڀٽي جي ناگهاني طور وفات، پروفيسر ارشد علي سومرو (ميمبر سگا شاخ شهدادڪوٽ) ۽ پروفيسر نصير احمد سومرو جي سئوٽ جي وفات ۽ ميان فيروز الدين (ميمبر سگا شاخ) جي ويجهي عزيز جي وفات جي سبب انتهائي سادگي سان ادا ڪئي وئي. حلف وفاداري کڻڻ کان اڳ مرحومين جي ايثال خاطر سوره اخلاص پڙهي سندن روح کي بخشيو ويو، دعاءِ خير سيد محمد ڪليم الله شاهه گهري. تقريب ۾سگا جي 40 کن دوستن شرڪت ڪئي، خرچ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر عبدالستار وڌي ادا ڪيو.
اسان جو شاهه پروگرام
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ پاران شهدادڪوٽ شهر ۾ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان اسان جو شاهه جي نالي ثقافتي تعليمي ڪانفرنس گورنمينٽ گرلس ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ڪوٺائي وئي.هن تقريب ۾ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ (ر) ڪئپٽن انوار الحق، اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادڪوٽ امداد علي ابڙو، سگا جي مرڪزي اڳواڻ ولي محمد روشن، پروفيسر خالد حسين چنا، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو، عبدالرسول سومرو، ٽي اي او آپا بادشاهزادي، پيرل خان کوسو، جاويد احمد اُنڙ، ڊگري ڪاليج جي پرنسيپال پروفيسر احسان الله جمالي، سنيل ڪمار ڇاٻڙيا، ممتاز علي ڀٽي، انور علي سيال، حق نواز سومرو، ميان فيروز الدين، سليم اختر لاشاري، محترمه ناهيد کهاوڙ، آپا غلام صغريٰ، پروفيسر سيد گل محمد شاهه سميت تعلقي جي مختلف پرائمري کان ڪاليج سطح تائين 96 اسڪول ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شرڪت سان گڏ استادن، وڪيلن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪري لطيف ۽ لطيف جي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت سان محبت جو اظهار جو ثبوت ڏنو.
اسان جو شاهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته لطيف سنڌي ٻوليءَ جو رکوالو آهي، جنهن جي شاعري جي ڪري اڄ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت ساهه کڻي رهي آهي. هنن چيو ته لطيف جي شخصيت گهڻ رخي ۽ گهڻ پاسائين کان مٿي آهي، هو انسانيت جو علمبردار ۽ ساڃاهه وندن جو رهبر ۽ رهنما آهي. سندن چوڻ هو ته لطيف جي شاعري هڪ پيغام ۽ سندن زندگيءَ اسان لاءِ مشعل راهه آهي. مقررن چيو ته اڄ جي شاگرد لاءِ ضروري آهي ته هو نصابي تعليم سان گڏ لطيف جي الهامي شاعريءَ جو پڻ مطالعو ڪن، ڇاڪاڻ ته سندس شاعري مان اڪابري، امن، محبت، ٻڌي، انسانيت ۽ حب الوطني جو درس ملي ٿو.
ڪانفرنس ۾تعلقي جي مختلف 96 اسڪولن جي شاگرياڻين ۽ شاگردن تقريري مقابلي سميت ٻين چٽاڀيٽي جي مقابلن ۾پڻ حصو ورتو، جڏهن ته ٻارڙن ثقافتي لباس ۾سنڌي گيتن تي جهمريون هنيون، شاگردن ۽ شاگردياڻين عمر ماروي سميت ٻين مشهور سنڌي لوڪ داستانن تي ٺاهيل ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪري ڀرپور داد ماڻيو، مختلف مقابلن ۾150 پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام طور اجرڪ، ٽوپي، ميڊل، شيلڊن سميت ٻيا انعام ڏنا ويا.
ان موقعي تي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ انوار الحق سگا جي روشن تارا اسڪول لاءِ سرڪاري طور پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڊي سي چيو ته تعليم هر شخص جو حق آهي جيڪو کيس ملڻ گهرجي. ڊي سي جو چوڻ هو ته حڪومت خاص طور تي سنڌ جي پٺ تي پيل علائقن جي تعليم لاءِ بهتر قدم کنيا آهن، جنهن ڪري سنڌ اندر سوين بند پيل اسڪول کليا آهن. سندس چوڻ هو ته تعليم جي واڌاري لاءِ استاد، شاگرد ۽ والدين کي گڏجي جاکوڙڻو پوندو.
سنڌي ٻولي سيمينار 2016ع
تاريخ 20 فيبروري 2016ع بروز ڇنڇر تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ طرفان سنڌي ٻولي سيمينار گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۾منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جي ميمبرن کان علاوه شهدادڪوٽ ۽ آس پاس جي سياسي سماجي، قومي اڳواڻن، اُستادن، پروفيسرن، سڄاڻ ڌرين ۽ صحافين وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي، هن سيمينار کي پروفيسر الطاف حسين قادري، پروفيسر منظور حسين ڇڄڙو، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي سربراهه پروفيسر رياضت حسين ٻرڙو، پروفيسر رضوان گل پٺاڻ صاحب سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئشن (سگا) جي مرڪزي اڳواڻ پروفيسر خالد حسين سگا شاخ شهدادڪوٽ جي صدر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سيٺ قمر الدين شيخ، سگا شاخ شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر احسان الله جمالي ۽ پريس سيڪريٽري انور علي سيال خطاب ڪيو.
ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو ته سنڌي نصاب کي جديد دور جي تقاضائن مطابق ٺاهڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ڪنهن به ٻئي زبان کي سمجهڻ لاءِ پهريائين مادري ٻولي کي سُٺي نموني سمجهڻ جي ضرورت آهي، سنڌي ٻوليءَ کي هڪ سازش تحت پٺتي ڌڪيو ويو آهي، حقيقت ۾اسان جي دفتري ٻولي سنڌي هجڻ کپي، ان لاءِ ضروري آهي ته نصاب ۾سنڌي ٻوليءَ کي لازمي قرار ڏنو وڃي.
مقررين وڌيڪ پنهنجي خطاب ۾چيو ته سنڌي ٻولي زبان سان تمام وڏيون زيادتون ٿيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي مختلف قومون حمله آور ٿيون، انهن قومن سنڌ وارن تي پنهنجي ٻولي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي قومون پاڻ تباهه ٿي ويون، جڏهن ته سنڌ سلامت آهي ۽ سنڌي ٻولي به سلامت آهي. هن وقت به اهڙي قسم جا حملا ۽ ڪوششون جاري آهن پر سنڌي ٻولي وٽ شاهه عبداللطيف رحه جهڙو روحاني ۽ آفاقي شاعر موجود آهي جيڪو پنهنجي شاعري ۾نه صرف سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو پر سموري دنيا جي ڳالهه ڪري ٿو ان جي صدقي سنڌي ٻولي سلامت رهندي.
عورتن جو عالمي ڏينهن 2016ع
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ پاران 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ پروگرام سائينٽيفڪ پبلڪ اسڪول ۾ زير صدارت پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جي ٿي گذريو، جنهن ۾مهمان خاص ميڊم ناهيد کهاوڙ، پروفيسر فضل محمد عمراڻي، صنم ناز جوڻيجو سي اي سي (CEC) سگا مرڪز، حق نواز سومرو، سليم اختر لاشاري، پروفيسر فدا حسين جوڻيجو ۽ وڏي تعداد ۾عورتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پروفيسر عبدالرشيد خانواهي عورت جي عظمت بابت شاعري ٻڌائي.
هن پروگرام ۾آءِ بي اي (IBA)طرفان هيڊ مسٽريس جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ فرح ناز ڀٽي، بي بي عذرا، نور العين کوسو، فائز مستوئي، حنا لانگاهه ۽ صبا مهراڻ وڌو کي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. تعليم جي ميدان ۾بهترين نتيجا حاصل ڪندڙ الماس شيخ، ماروي مگسي، صنم مگسي، ثنيه جوڻيجو، عصمه وڌو، رقيه مگسي ۽ صنم چانڊيو کي مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. سوشل سيڪٽر ۾سماجي خدمت عيوض ميڊم ناهيد کهاوڙ کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مهمانن چيو ته عورت اسان جي معاشري جو اهم حصو آهي ليڪن اڻبرابري ۽ قبائلي سماج ۾انهن کي پنهنجا حق صحيح نموني نه ٿا ڏنا وڃن، جيڪا ساڻن ناانصافي آهي، جيستائين عورتن کي صحيح تعليم حاصل نه ٿيندي تيستائين انهي جي ترقي ۽ بهتري اچڻ جي اُميد نه آهي.
سماجي اڳواڻ جو تربيتي ورڪشاپ
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جي سهڪار سان بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد طرفان هڪ روزه سماجي اڳواڻن جي تربيتي ورڪشاپ گورنميٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ ٿي. هن ورڪشاپ ۾سياسي، سماجي اڳواڻن، استادن ۽ مختلف ادارن جي سربراهن وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي، ورڪشاپ کي اسلامي يونيورسٽيءَ اسلام آباد جي پروفيسر ڊاڪٽر طالب حسين سيال، پروفيسر ڊاڪٽر محمود عزنوي، پروفيسر ڊاڪٽر عزيز الرحمنٰ، پروفيسر ڊاڪٽر شهزاد چنا، علي طارق، محمد اسماعيل ۽ شهدادڪوٽ جي پروفيسر سيد گل محمد شاهه ۽ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي صدر (سگا) شاخ شهدادڪوٽ خطاب ڪيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي مقررين عالمي ڀائيچاري، مساوات ۽ عالم اسلام ۾اتحاد ۽ يڪجهتيءَ تي زور ڏيندي چيو ته اختلاف ۽ بڳاڙ کي دور ڪرڻ جي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته مذهب جي نالي تي دهشتگردي ۽ قتل و غارتگري کي اسلام رد ڪري ٿو ۽ ڪنهن به اسلامي فرقي کي ڪافر چوڻ يا ڪنهن کي قتل ڪرڻ غير اسلامي آهي ۽ اهڙو عمل قابل نفرت آهي، ورڪشاپ کي خطاب ڪندي مقررين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سرندي وارا اڳتي وڌي ڪم ڪن ته هن معاشري ۾براين جي پاڙ پٽي سگهجي ٿي ۽ اسان کي ٻين علمن سان گڏ سائنسي ۽ سماجي علمن ۽ ڪمن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان سان غربت ۽ جهالت کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ورڪشاپ جي پڄاڻي تي شرڪاءَ کي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪتابن جا تحفا ڏنا ويا. هن پروگرام جي ڪري مختلف سماجي ۽ علمي ادارن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾معاشري ۾پنهنجي حيثيت، اهميت ۽ ذميوارين جو احساس پيدا ٿيو. هن پروگرام جو خرچ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جي پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي طرفان ادا ڪيو، ڪتاب، سرٽيفڪيٽ دعويٰ اڪيڊمي ۽ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد طرفان ڏنا ويا.
ٽيچرس ٽريننگ پروگرام
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جي سهڪار سان ادارهه تعليم و آگاهي پاران شهدادڪوٽ تعلقي جي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪولن ۾خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورت ماسترياڻين جي چئن ڏينهن (21 کان 24 مارچ 2016ع تائين) جو تربيتي پروگرام گورنمينٽ سنگل سيڪشن هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ٿيو. هن تربيتي پروگرام ۾ادارهه تعليم و آگاهي پاران ميڊم نصرت بيگم چانڊيو، انتظار حسين کوسو، فهد احمد کوسو جڏهن ته سگا شهدادڪوٽ طرفان پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو، ميڊم نور العين کوسو ماسٽر ٽرينر جا فرض سر انجام ڏنا. هن تربيتي پروگرام ۾مختلف اسڪولن جي چاليهه (40) ماسترياڻين تعليم، نفسيات، نصاب، نگراني ۽ انتظامي موضوعن تي تربيت حاصل ڪئي. آخري ڏينهن (24 مارچ 2016ع) تي اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾مهمان خاص آپا بادشاهزادي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر (فيميل) تعلقه شهدادڪوٽ ۽ صنم ناز جوڻيجو ميمبر سي اي سي سگا (مرڪز) هيون. تقريب کي ميڊم نصرت بيگم چانڊيو، ميڊم نورالعين کوسو، انتظار حسين کوسو، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو صدر شاخ شهدادڪوٽ ۽ جنيد احمد سومرو پڻ خطاب ڪيو. آخر ۾ٽريننگ حاصل ڪندڙ شرڪاءَ کي سگا شهدادڪوٽ ۽ اداره تعليم و آگاهي طرفان سرٽيفڪيٽ ۽ انعام ڏنا ويا. پروگرام جو خرچ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي ۽ جنرل سيڪريٽري پروفيسر احسان الله جمالي ادا ڪيو.
غريب مستحقين ۾نون ڪپڙن جي ورهاست 2016ع
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ پاران تاريخ 25 جون 2016ع تي ڳوٺ اميد علي خان جوڻيجو، ڳوٺ بخشل کوسو ۽ ڳوٺ حاجي خان بروهي ۾عيدالفطر جي پر مسرت موقعي تي 215 غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾نوان ڪپڙا ورهايا ويا. هن پروگرام جي ڪري 215 غريب خاندانن جي خوشين ۾اضافو ٿيو ۽ هو پنهنجي عيد وڌيڪ سهڻي نموني ادا ڪرڻ جي لائق ٿيا. هن پروگرام جو سگا شاخ شهدادڪوٽ جي صدر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي طرفان ادا ڪيو.
چمڙي جي بيمارين ۽ شگر ٽيسٽ ڪئمپ 2017ع
تاريخ 14 مئي 2017ع بروز آچر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ شهدادڪوٽ طرفان ٻي هڪ روزه ڊاڪٽر محمد صالح شيخ مفت چمڙي جي بيمارين ۽ شگر ٽيسٽ جي ڪئمپ، گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ ۾ واڊپ (WADep) ڪراچي جي سهڪار سان لڳائي وئي. ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ڪراچي جي هيٺين ماهر ڊاڪٽرن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
1.ڊاڪٽر جاويد اقبال حسين
2.ڊاڪٽر اياز حسين شيخ
3. ڊاڪٽر پرمانند
4. ڊاڪٽر اقبال احمد
5. ڊاڪٽر سنتوش ڪمار بوداڻي
6. ليڊي ڊاڪٽر شاهين
انهي کان علاوه ٽيڪنيشن ۾انجنيئر گلزار احمد، جنيد جعفري، عامر احمد شيخ، عنايت الله سومرو ۽ ملڪ فياض پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته سگا جي ميمبرن ۽ معاونن مان محترمه صنم ناز، جوڻيجو ميمبر سي اي سي سگا مرڪز، پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو، سنيل ڪمار ڇاٻڙيا، پروفيسر احسان الله جمالي، ميان فيروز الدين، پروفيسر عبدالرشيد چانڊيو، حق نواز سومرو، سليم رضا لاشاري، انور علي سيال، غلام الله چانڊيو، پروفيسر منور علي جوڻيجو، عبدالوحيد ڀٽي (وڪيل)، ممتاز علي ڀٽي، محمد اسحاق ڪمبوهه، غلام سرور سومرو، پروفيسر فدا حيسن جوڻيجو، پروفيسر طارق حسين خشڪ، عطا الله جوڻيجو، معراج الدين جوڻيجو کان علاوه سگا شاخ اسلام آباد جي ميمبر شاهجهان جمالي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
هن ڪئمپ ۾يارهن سئو ڇاونجاهه (1156) اسڪن جي مريضن ۽ ٽي سئو اٺونجاهه (358) شگر جي مريضن يعنيٰ ٽوٽل پندرنهن سئو چوڏنهن (1514) مريضن جو مفت چڪاس ۽ ٽيسٽون ڪري کين دوائون ڏنيون ويون، هن ڪئمپ ۾سورنهن (16) شگر جي نون مريضن جي تشخيص ٿي.
ڪئمپ جي اختتماي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر منظور حسين ميمڻ چيو ته مون کي اندازو ڪو نه هو ته هن گرمي جي موسم ۾ايتري تعداد ۾مريضن جي شرڪت ٿيندي، هن اعلان ڪندي چيو ته آئنده سگا شهدادڪوٽ کي فيبروري مهيني ۾ڪئمپ ڪنداسين.
پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي خطاب ۾ڊاڪٽرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سڀني ڊاڪٽرن آخري مريضن جي ڏسڻ تائين ڪنهن به قسم جي تڪڙ جو اظهار نه ڪيو ۽ سڀني مريضن کي پنهنجي علاج کان دل و جان سان مطمئن ڪيائون. هن وڌيڪ چيو ته احتياط نه ڪرڻ سبب بيماريون وڌي رهيون آهن، اسپتالن ۾سهولتن جي اڻهوند آهي، بي پهچ ماڻهن جي واهر نه ٿي ٿئي تنهن ڪري سگا وقت به وقت مختلف ڪئمپون لڳائڻ جو اهتمام ڪري رهي آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بيمارين کان بچي سگهن.
پروفيسر احسان الله جمالي خطاب ڪندي چيو ته سگا جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته عوام کي مختلف بيمارين کان نه صرف آگاهي ڏئي پر ان جو علاج به مهيا ڪري، ضرورت آهي ته اهڙن ڪئمپن جو اهتمام هر هنڌ ڪيو وڃي، هزارن جي تعداد ۾مريضن جو پهچڻ ظاهر ڪري رهيو آهي ته هنن ڪئمپن جي ڪيتري ضرورت آهي. آخر ۾محترمه صنم ناز جوڻيجو ميمبر سي اي سي سِگا مرڪز پنهنجي خطاب ۾چيو ته سگا هميشه غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد لاءِ سماج ۾پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ضرورت آهي ته ادارن کي مستحڪم ڪيو وڃي. اسپتالن ۾سهولتون معيا ڪيون وڃن ته جيئن وقت سر علاج مهيا ڪري سگهجي.
هن ڪئمپ کي شهرين وڏي تعداد ۾وزٽ ڪيو، صحافي حضرات به وڏي تعداد ۾هن ڪئمپ کي پنهنجي دلچسپي جو اظهار ۽ رپورٽنگ ڪندي ڊاڪٽرن ۽ سگا جي عهديدارن ۽ مريضن کان انٽرويو ڪيائون. هن ڪئمپ جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي هزارين ماڻهن کي چمڙي ۽ شگر جي مرض بابت آگاهي، جاڳرتا ۽ علاج مليو. هن ڪئمپ خرچ ڊاڪٽر محمد صالح، مير غيبي خان مغيري، انيل ڪمار گرناڻي، چندر لعل ناگديو ۽ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي (صدر سگا شاخ شهدادڪوٽ) ادا ڪيو.
اکين جي علاج لاءِ مفت ڪئمپ 2019ع
سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان چوويهين ”سائين غلام مصطفيٰ وڌو“ جي ياد ۾ مفت اکين جي ٽن ڏينهن واري ڪئمپ پي سي بي (PCB) سيل ڪراچي جي سهڪار سان 14 کان 16 جنوري 2019ع تائين تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ لڳائي وئي. ڪئمپ ۾ مشهور ۽ تجربي ڪار ڊاڪٽرن جي ٽيم ڊاڪٽر عبدالستار وڌي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪيو. ڊاڪٽر الله ڏنو تنيو، ڊاڪٽر ڪنعيه لال، ڊاڪٽر نعيم احمد ڪٽپر ۽ ڊاڪٽر درشن ڪمار شامل هئا. ڊاڪٽرن اکين جي مريضن جي چڪاس ڪري آپريشن ڪيا ۽ دوائون ڏنيون. ڪئمپ تي جملي 2512 مريضن جي او پي ڊي ٿي. 330 مريضن جا ڪامياب آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا. ڪئمپ ۾ آيل اڪثر مريضن جو تعلق سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏوراهن علائقن ڪاڇي جي پٽي ۽ بلوچستان جي علائقن وڍ، خضدار، ڊيرا مراد جمالي، ٽيپل، جهل مگسي، اوستا محمد ۽ ٻين شهرن سان هيو. ڪئمپ جو افتتاح سگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪيو، ان موقعي تي پيرل خان کوسو وائيس چيئرمين، خالد حسين چنا سيڪريٽري جنرل، رفيق احمد سرهيو سيڪريٽري صحت، ڪرم الاهي چنا ميمبر سي اي سي، پروفيسر بخش علي چانڊيو ميمبر سي اي سي، محترم حاڪم علي اوٺو، ميمبر سي اي سي، تاج محمد وساڻ ميمبر سي اي سي، ۽ سنڌ جي مختلف سگا شاخن جي عهديدارن صحافين ۽ شهر جي معززين پڻ شرڪت ڪئي.
هن ڪئمپ ۾ پي سي بي سيل ڪراچيءَ طرفان نياز حسين ميمڻ ۽ زاهد حسين بيچوهو جي سربراهيءَ ۾ 12 ٽيڪنيشنس تي مشتمل ٽيم خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان علاوه 5 پرائمري استادن محڪم الدين خشڪ، نصرالله کوسو، برڪت علي ڀٽي، علي شير مرکنڊ، سراج احمد کوسو، 6 رضاڪارن ياسر عباس جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ سگا جي ساٿين مان انور علي سيال، حق نواز سومرو، فدا حسين جوڻيجو، طارق حسين خشڪ، سليم اختر لاشاري، ميان فيروز الدين ميڪڻ، عبدالجبار جوڻيجو، غلام الله چانڊيو، هادي بخش منگي، افتخار حسين سومرو، ممتاز علي ڀٽي، احسان الله جمالي، اظهر حسين سيال، منور علي جوڻيجو، سنيل ڪمار ڇاٻڙيا، عبدالرشيد چانڊيو، انيل ڪمار گرناڻي، عبدالوحيد ڀٽي پڻ رضاڪاراڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون.
مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي تقريب 2019ع
سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان 24 فيبروري 2019ع تي اسٽينڊرڊ پبلڪ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان موقعي تي ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۽ زندگيءَ متعلق پيغام“ جي عنوان هيٺ ليڪچر رکيو ويو. ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو ليڪچر ڪار هو. ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙي پنهنجي ليڪچر ۾ زندگيءَ کي شاهه سائين جي شاعري جي عڪس ۾ سمجهاڻي ڏني جنهن سان سڀني ٻڌندڙن تمام گهڻو لاڀ حاصل ٿيو. پروگرام ۾ موجود سگا جي عهديدارن مادري ٻوليءَ جي حوالي سان تقريرون ڪيون. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا.
وڻڪاري مهم 2019ع پهريون مرحلو
سنڌ گريجوئٽس ائسوسيئين شهدادڪوٽ شاخ طرفان 21 مارچ 2019ع تي بهار جي آمد تي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي وئي، پهرين ڏينهن تي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ ٻوٽا لڳايا ويا، هن مهم جي اڳواڻي سگا شهدادڪوٽ جي صدر محترم انور علي سيال، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميبرن پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي ۽ جنرل سيڪريٽري فدا حسين جوڻيجي ڪئي. اڳواڻن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ ٻوٽا لڳائي مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن وڻڪاري مهم جي اهميت تي روشني وڌي. ان موقعي تي سگا جي اڪثر ميمرن شرڪت ڪئي، آخر ۾ سنڌ جي سالميت، امن امان ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي.
وڻڪاري مهم 2019ع ٻيون مرحلو
سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان 24 جولاءِ 2019ع تي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ سگا اڳواڻن گورنمينٽ هاءِ اسڪول اميد علي خان جوڻيجو شهدادڪوٽ ۾ ٻوٽا پوکيا. جنهن ۾ سگا شهدادڪوٽ شاخ جي جنرل سيڪريٽري فدا حسين جوڻيجي سميت اسڪول جي استاد، شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ ٻوٽا پوکيا.
شاهه جي شاعري ۾ عورت جو مقام
جي عنوان هيٺ ليڪچر
سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان اسٽينڊرڊ پبلڪ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي نسبت سان ”شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو مقام“ ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ همت ۽ جستجو“ جي عنوان هيٺ 14 آڪٽوبر 2019ع تي ليڪچر ڪيو ويو. پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ۽ پروفيسر عبدالرشيد خانواهي ليڪچر ڏنو، پروگرام جي صدارت سگا شهدادڪوٽ شاخ جي نائب صدر حق نواز سومري ڪئي ۽ خاص مهمان صنم ناز جوڻيجو (سيڪريٽري عورتن جي ڀلائي سگا مرڪز) هئي. ان موقعي تي ليڪچر ڪندي پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي ۽ پروفيسر عبدالرشيد خانواهي چيو ته شاهه نه فقط سنڌ پر هر خطي ۽ هر دور جو شاعر آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪائناتي سچ جو شاعر آهي. سندس شاعري ۾ هر موضوع موجود آهي. هر ماڻهو کيس پنهنجي پنهنجي فڪر سان ضرور ڏسي ٿو پر شاهه ڪنهن به هڪ مڪتب فڪر جو شاعر نه پر شاهه سائين اجتماعي فڪر جو شاعر آهي، سندس سموري شاعري همت، جستجو ۽ محنت جي فلسفي سان سرشار آهي، وٽس عورت جو مقام ايڏو ته مٿانهون آهي. جنهن جو اندازو يا ڪاٿو ڪرڻ مشڪل آهي. ان موقعي تي صنم ناز جوڻيجو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته لطيف سائين اسان جي زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي ڪري ٿو ۽ اسان کي زندگي جو فلسفو سمجهائي ٿو. تقريب ۾ اسڪول جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سيمينار
13 عورتن کي ايوارڊ ڏنا ويا
عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سگا شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي شاخ ۽ ٻين مختلف تنظيمن طرفان لاڙڪاڻي جي هڪ هوٽل ۾ سيمينار ٿي گذريا. مرڪزي سيمينار سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان ٿي گذريو. جنهن ۾ ”اڄ جي عورت ۽ اسان جو سماج“ جي عنوان هيٺ سيمينار ٿيو. سيمينار ۾ سگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي عورت سجاڳ آهي ۽ پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهي آهي. سگا عورتن جي حقن جي حمايت ڪري ٿي ۽ جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي. حڪومت عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ تمام گهڻا قانون پاس ڪيا آهن، سگا جي سڪريٽري جنرل خالد حسين چنا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين، تشدد، غير قانوني جرڳن ۽ ننڍي عمر جي شادين جهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ سگا به شامل آهي، سگا لاڙڪاڻي کان پوءِ سنڌ جي مختلف ڊويزنل سطح تي اهڙا سيمينار ڪرائڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي چيو ته سماج جا معيار تبديل ٿي ويا آهن. اسان اڳ ۾ هندو مسلمان گڏجي کائيندا پيئندا هئاسين اسان جون ريتون رسمون به گڏ هيون پر هاڻي هندستان ۾ مودي راوڻ پيدا ٿي پيو آهي، جنهن ڪري هندو مسلمانن ۾ ويڇا وڌايا پيا وڃن پر اسان اڄ به ڀائرن جيان رهون ٿا. ۽ انهن تعلقاتن کي رجيح ڏينداسين. هندستان کي پاڪستان سان جنگ بند ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام کي هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان رهڻ ڏنو وڃي. وومين ڊولپمينٽ شعبي سگا جي سيڪريٽري صنم ناز چيو ته سگا عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ عورتن سان هر وک تي گڏ آهي، عورتون اسان جي سماج جو سرگرم حصو آهن، عورتن کان سواءِ ترقي اڌوري آهي، ان موقعي تي آپا نور جهان عباسي، آپا حڪيمه کهڙو، علينا نثار يوٿ پارليامينٽ اڳواڻ ۽ اٺين جماعت جي شاگردياڻي متال سومرو، سگا جي سيڪريٽري انفارميشن عبداللطيف ڪرٽيو، سيد جاويد شاهه، نياز حسين جاگيراڻي ۽ وومين ڊولپمينٽ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شمع پروين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 13 عورتن کي تعليمي. صحت ۽ سماجي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. جن ۾ لاڙڪاڻي جي مس عابده پٺاڻ، شهدادڪوٽ جي مس سمن بوداڻي، (پهرين قليتي سول جج) ۽ شانل کوسو، ڪشمور جي شازيه عارف، وارهه جي شهزادي آريجو، لاڙڪاڻي جي ڪلپنا ديوي ايڊووڪيٽ ۽ آپا نورجهان عباسي اڳوڻي ڊي اي او سيڪنڊري، شڪارپور جي آپا صفيه خان عباسي، باڊهه جي سيما سنجراڻي، نئين ديري جي آپا حڪيمه کهڙو، ميروخان جي نعمت چانڊيو، قمبر جي بيبي باگڙياڻي، ۽ ٺُل جي بشيران بانو شامل هيون. هنن جي صحت، تعليمي ۽ سماجي شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي هئي. ان کان اڳ مهمانن کي اجرڪ اوڍايا ويا. سيمينار ۾ سگا لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ڪمبر شهدادڪوٽ، ميروخان، باڊهه، وارهه، ٺُل، نئون ديرو ۽ رتوديرو ۽ ٻين شاخن جي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
صحافي ۽ شاعر ضمير کرل لاءِ تعزيتي ميڙاڪو 2019ع
سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان صحافي ۽ شاعر ضمير کرل جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو 27 آڪٽوبر 2019ع تي ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن کان علاوه شهر جي معزز ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سگا جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا تقريب جو خاص مهمان هو. اُن موقعي تي هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ضمير جي صحافت ۽ شاعري ۾ سڪ ۽ سچائي هوندي هئي، جو هو پري هوندي به گڏ گڏ هوندو هو. اڄ به يقين نه ٿو اچي ته هو اسان کان وڇڙي ويو آهي. هن چيو ته ضمير کرل جو فڪر ۽ جدوجهد هميشه پڙهندڙن کي رهنمائي ۽ روشني مهيا ڪندي رهندي، تقريب ۾ پروفيسر طارق حسين خشڪ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شهدادڪوٽ، سپلا اڳواڻ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجي، پروفيسر عبدالرشيد چانڊيي، پروفيسر فدا حسين جوڻيجي، ڪامريڊ عبدالوهاب پندراڻي، عبدالوحيد ڀٽي، پروفيسر فضل محمد عمراڻي، ساجد کرل، شاهد حسين اعواڻ، الله داد خُشڪ، انور علي سيال، محمد صديق ابڙي، طالب حسين سومري، پروفيسر منور علي جوڻيجي. پروفيسر احسان الله جمالي، ميان فيروزالدين ميڪڻ، ۽ حق نواز سومري ضمير کرل جي شخصيت جي مختلف رُخن ۽ خدمتن تي روشني وڌي ۽ ڀيٽا پيش ڪئي.
مادري ٻولين جي حوالي سان سيمينار 2020ع
سگا شهدادڪوٽ طرفان مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌي ٻولي سيمينار 10 مارچ 2020ع تي مين پرائمري اسڪول شھدادڪوٽ ۾ ٿي گذريو. ان موقعي تي پروفيسر ڪي ايس ناگپال مادري ٻولين جي اهميت تي ليڪچر ڏنو ۽ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو اڳوڻو صدر سگا شهدادڪوٽ شاخ پڻ ٻوليءَ تي پنهنجا ويچار ونڊيا. سيمينار جي ڪاروائي سگا شهدادڪوٽ شاخ جي جنرل سيڪريٽري فدا حسين جوڻيجو هلائي. سيمينار ۾ استادن، صحافين، شاگردن ۽ شهر جي ٻين ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
1:- پاڪستان ۾ ڳالھائيون ويندڙ مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي.
2:- ٽئين درجي کان آسان سنڌي پڙھائي وڃي.
3:- سڀني يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبو قائم ڪيو وڃي.
4:- شاه لطيف جي فن ۽ فڪر کي مضمون طور پڙھايو وڃي.
5:- سنڌ ۾ ھلندڙ سڀني پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي مضمون پڙھايو وڃي، سنڌي نه پڙهائيندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن ختم ڪئي وڃي.
6:- پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ جتي سنڌي ماڻھن جو مناسب تعداد هجي اتي سنڌ حڪومت کي سنڌي ڪلاسن جو مناسب بندوست ڪرڻ گهرجي.
سگا شاخ شھدادڪوٽ جا ساٿي سگا مرڪز ۾
(1981ع کان 1982ع تائين)
02:-محمد صديق ابڙو مرڪزي سيڪريٽري انفارميشن
(2009ع کان 2012ع)
03:- خالد حسين چنا مرڪزي سيڪريٽري تعليم
(2012ع کان 2015ع)
04:- خالد حسين چنا ميمبر سي اي سي
(2015ع کان 2018ع)
05:-صنم ناز جوڻيجو ميمبر سي اي سي
(2015ع کان 2018ع)
06:- خالد حسين چنا مرڪزي سيڪريٽري جنرل
(2018ع کان 2021ع)
07:- صنم ناز جوڻيجو مرڪزي سيڪريٽري عورتن جي ڀلائي جو شعبو
(2018 ع کان 2021ع)
سگا مرڪز طرفان سگا شاخ شھدادڪوٽ جي ساٿين کي مڃتا / ايوارڊ
02:- محترم نظام الدين سومرو ( شيلڊ )
03:- محترم هادي بخش منگي (سلور ميڊل)
04:- خالد حسين چنا (شيلڊ)
05:- پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو (شيلڊ)
06:-محترمه صنم ناز جوڻيجو (شيلڊ)
07:- خالد حسين چنا (گولڊميڊل)
08:- ڊاڪٽر عبدالستار وڌو (شيلڊ)
09:- پروفيسر احسان الله جمالي (شيلڊ)
10:- ڊاڪٽر عبدالستار وڌو (گولڊميڊل)
1978ع کان 2021ع تائين عهديدارن جو تفصيل
صدر: الله ورايو قريشي
نائب صدر: محمد اسلم شيخ
جنرل سيڪريٽري: عبدالستار قاضي
جوائنٽ سيڪريٽري: محمد يونس ڏيٿو
خزانچي: مختيار احمد شيخ
اطلاعات سيڪريٽري: نهال الدين خاصخيلي
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
اشرف کهاوڙ، دلشاد ڀٽو، علي اڪبر شيخ، پير بخش ڀٽي، الله بخش منگي، هري رام، عبدالستار چانڊيو.
**
1979ع
صدر: الله ورايو قريشي
نائب صدر: محمد اسلم شيخ
جنرل سيڪريٽري: محمد حسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: سردار خان چانڊيو
خزانچي: محمد حسن
اطلاعات سيڪريٽري: اڪبر علي شيخ
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
اشرف کهاوڙ، عبدالستار سومرو، شوڪت علي سومرو، نظام الدين سومرو، پير بخش ڀٽي، اختر حسين شيخ، عبدالستار چانڊيو.
1980ع
صدر: الهواريو قريشي
نائب صدر: محمد اسلم شيخ
جنرل سيڪريٽري: محمد حسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: سردار علي چانڊيو
خزانچي: شوڪت علي سومرو
اطلاعات سيڪريٽري: احمد علي چانڊيو
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
1.نظام الدين سومرو ، 2.اشرف علي کهاوڙ، ،3. گيان چند 4. بچو مل، 5.عبدالستار سومرو، 6.پير بخش ڀٽي، 7.اختر حسين شيخ
**
1981،82ع
صدر: الهواريو قريشي
نائب صدر: محمد اسلم شيخ
جنرل سيڪريٽري: محمد حسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: الله بخش منگي
خزانچي: شوڪت علي سومرو
اطلاعات سيڪريٽري: عبدالستار چانڊيو
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
1.نظام الدين سومرو، 2.محمد صالح شيخ، 3. گيان چند،4. بچو مل
5.احمد علي چانڊيو، 6.غلام مصطفيٰ شيخ، 7.اختر علي،8عبدالغفار شيخ
1983-84ع
صدر : الله ورايو قريشي
نائب صدر : محمد اسلم شيخ
جنرل سيڪريٽري : محمد حسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري : رياض سومرو
خزانچي : شوڪت علي سومرو
سيڪريٽري اطلاعات : احمد علي چانڊيو
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
نظام الدين سومرو، ڊاڪٽر محمد صالح، گيانچند، بچو مل، عبدالغفار شيخ، اختر علي شيخ، غلام مصطفيٰ وڌو، الله بخش منگي، غلام مصطفيٰ شيخ.
**
1985_86ع
صدر: الله ورايو قريشي
نائب صدر: محمد اسلم شيخ
جنرل سيڪريٽري: محمد حسن پٺاڻ
خزانچي: شوڪت علي سومرو
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
نظام الدين سومرو، ڊاڪٽر محمد صالح، گيانچند، بچو مل، غلام مصطفيٰ وڌو، نظام الدين شيخ، امداد علي چانڊيو، شرف الدين سومرو، ڪنيه لعل وڪيل.
1987_88ع
صدر: محمد اسلم شيخ
نائب صدر: بچا رام
جنرل سيڪريٽري: محمد حسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري : غلام مصطفيٰ وڌو
خزانچي: شوڪت سومرو
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
الهورايو قريشي، ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، گيانچند، قادر بخش شيخ.
**
1989-90ع
صدر: محمد اسلم شيخ
نائب صدر: بچا رام
جنرل سيڪريٽري: محمد حسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري : غلام مصطفيٰ وڌو
خزانچي: شوڪت سومرو
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
الهورايو قريشي، ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، گيانچند، قادر بخش شيخ.
1991-93ع
صدر: محمد اسلم شيخ
نائب صدر: محمد صالح شيخ
جنرل سيڪريٽري: محمد حسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: محمد ظفر قريشي
خزانچي: دين محمد ڀرڳڙي
اطلاعات سيڪريٽري: اختر علي شيخ
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
محمد مراد کٽياڻ، غلام مصطفيٰ وڌو، ديوان گيانچند، محمد پناهه کهاوڙ، رياض احمد سومرو، شوڪت علي سومرو، الهواريو قريشي، عبدالفتاح ڀٽي، غلام عباس چنو
94-1995ع
صدر: هادي بخش منگي
نائب صدر: مولانا محمد يوسف شيخ
جنرل سيڪريٽري: محمد حسن پٺاڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: ظفر علي قريشي
خزانچي: واجد حسين سيال
اطلاعات سيڪريٽري: ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار
ڪاورباري ڪاميٽي جا ميمبر
الهورايو قريشي، ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، محمد مراد کٽياڻ، امداد علي خان چانڊيو، غلام مصطفيٰ وڌو، قادر بخش شر، غلام عباس چنو، سريش ڪمار، بشير احمد سومرو.
1996_97ع
صدر: هادي بخش منگي
نائب صدر: راجا گرڏتو
جنرل سيڪريٽري: نذير احمد سومرو
جوائنٽ سيڪريٽري: سيف الله سومرو
خزانچي: يو سف علي ڀٽي
اطلاعات سيڪريٽري: سليم الله قاضي
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، شفقت حسين وڌو، ڪامريڊ ولي محمد، محمد اعظم جروار، نذير احمد شيخ، ڊاڪٽر غلام حسين تنيو، بشير احمد منگي، قربان علي وڌو، شير محمد عباسي
1998_99ع
صدر: گل حسن کوکر
نائب صدر : غلام الله شيخ
جنرل سيڪريٽري: نذير احمد سومرو
جوائنٽ سيڪريٽري: محمد حسن ٻٻر
خزانچي: غلام عباس چنا
اطلاعات سيڪريٽري: ولي محمد منگي
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
ممتاز علي وڌو، غلام سرور قريشي، شاهنواز شيخ، ممتاز علي ڀٽي، منور علي ڪوري، طارق حسين شيخ، هادي بخش منگي، عبدالستار وڌو، قربان علي وڌو.
2000_02ع
صدر؛ ڊاڪٽر شاهنواز شيخ
نائب صدر: ڊاڪٽر امير بخش شيخ
جنرل سيڪريٽري: ممتاز علي وڌو
جوائنٽ سيڪريٽري: گل حسن کوکر
پريس سيڪريٽري: نثار احمد کوسو
خزانچي: محمد حسن ٻٻر
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
غلام مصطفيٰ ، محمد اعظم جروار، سُڌير احمد سومرو، محمد اسحاق مغيري، ممتاز علي ڀٽي، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو، نادر علي شيخ، ڊاڪٽر محمد مراد چوڍيو، حبيب الله شيخ.
2002-04ع
صدر: ڊاڪٽر شاهنواز شيخ
نائب صدر: سڪندر علي شيخ
جنرل سيڪريٽري: گل حسن کوکر
جوائنٽ سيڪريٽري: محمد صديق ابڙو
خزانچي: هادي بخش منگي
اطلاعات سيڪريٽري: نذير احمد کوسو
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
خالد حسين چنا، زاهد حسين شيخ، غلام سرور قريشي، غلام الله چانڊيو، نذير احمد سومرو. غلام مصطفيٰ وڌو، ممتاز علي ڀٽي.
2004_ 06ع
صدر: پروفيسر خالد حسين چنا
نائب صدر : پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو
جنرل سيڪريٽري: ايشور لال
جوائنٽ سيڪريٽري: ستياپال
خزانچي: سليم اختر لاشاري
اطلاعات سيڪريٽري: عبدالوحيد قاضي
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
شاهنواز شيخ، راجا گرڏتو، محمد صديق ابڙو، گل حسن کوکر ، علي حسن سومرو، متاز علي ڀٽي، محمد مراد چوڍيو.
2006-09ع
صدر: گل حسن کوکر
نائب صدر: نظير احمد سومرو
جنرل سيڪريٽري: ايشور لال ناگديو
جوائنٽ سيڪريٽري: هادي بخش منگي
خزانچي: احسان الله جمالي
اطلاعات سيڪريٽري: راجاگر ڏنو ناگديو
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
ڊاڪٽر محمد صالح شيخ، منور علي ڪوري، عبدالله شيخ، ممتاز علي ڀٽي، خالد حسين چنو، ڀاون داس، محمد اعظم جروار، سليم اختر لاشاري، سڪندر علي شيخ، محمد صديق ابڙو
2009-12ع
صدر : عبدالجبار جوڻيجو
نائب صدر: هادي بخش منگي
جنرل سيڪريٽري: .خالد حسين چنا
جوائنٽ سيڪريٽري: نذير احمد سومرو
خزانچي: احسان الله جمالي
اطلاعات سيڪريٽري: سليم اختر لاشاري
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
محمد صالح شيخ، محمد مراد چانڊيو، محمد صديق ابڙو، ايشور لال ناگديو، غلام الله چانڊيو، منور علي ڪوري، ممتاز علي ڀٽي، سڪندر شيخ.
**
2012-15ع
صدر : عبدالجبار جوڻيجو
نائب صدر : انور علي سيال
جنرل سيڪريٽري: احسان الله جمالي
جوائنٽ سيڪريٽري: حق نواز سومرو
خزاچي: سليم اختر
اطلاعات سيڪريٽري: چندر لال
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
محمد صالح، هادي بخش منگي، خالد حسين چنا، محمد صديق ابڙو، ايشور لال، ممتاز علي ڀٽي، ڪليم الله شاهه، وزير علي ابڙو، غلام الله چانڊيو.
2015-18ع
صدر : عبدالجبار جوڻيجو
نائب صدر: سُنيل ڪمار
جنرل سيڪريٽري: احسان الله جمالي
جوائنٽ سيڪريٽري: حق نواز سومرو
خزانچي: سليم اختر لاشاري
اطلاعات سيڪريٽري: انور علي سيال
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
هادي بخش منگي، نذير احمد سومرو، عبدالحنان شيخ، محمد ڪليم الله شاهه، خالد حسين چنا، عبدالوحيد ڀٽي، ممتاز علي ڀٽي، غلام الله چانڊيو، ثناءُ الله، صنم ناز جوڻيجو.
2018-21ع
صدر : انور علي سيال
نائب صدر: حق نواز سومرونائب
جنرل سيڪريٽري: پروفيسر فدا حسين جوڻيجو
جوائنٽ سيڪريٽري : پروفيسر طارق حسين خشڪ
خزانچي: سليم اختر لاشاري
اطلاعات سيڪريٽري: ميان فيروزدين ميڪڻ
ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر
پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو، هادي بخش منگي، پروفيسر خالد حسين چنا، اظهر علي سيال، سُنيل ڪمار ڇاٻڙيا، غلام الله چانڊيو، چندر لال، پروفيسر افتخار حسين سومرو، صنم ناز جوڻيجو.
سگا شهدادڪوٽ جي ڪجهه ساٿين جي زندگي جا مختصر خاڪا
محترم اشرف علي کهاوڙ
محترم اشرف علي کهاوڙ
سگا جو سرگرم، کاهوڙي ڪردار اشرف علي کھاوڙ 5 مئي 1953ع ۾ امداد محلو شھدادڪوٽ (ان وقت ضلعو لاڙڪاڻو موجوده قمبر شھدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو خان صاحب امداد حسين خان کھاوڙ آهي.
اشرف کهاوڙ جن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ 1970ع ۾ مئٽرڪ جي تعليم لطيف آباد حيدرآباد جي مسلم ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ 1972ع ڌاري مسلم ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪيائين. جڏهن ته اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ورتائين جتان 1975ع کان 1977 جي عرصي دوران بي.اي. آنرز اڪنامڪس، ايم.اي.آنرز اڪنامڪس ۽ ايل.ايل.بي جي ڊگري شاندار نمبرن سان حاصل ڪري پوري يونيورسٽي ۾ شاندار ڪارڪردگي حاصل ڪئي.
اهڙيءَ طرح سندس اعليٰ ڪاڪردگيءَ جي بنياد تي سال 70-1969 جي ڏهاڪي ۾ مسلم ھاءِ اسڪول لطيف آباد شاگرد سنگت جو بنا مقابلي صدر چونڊجي آيا. تنهن بعد 75-1974ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو يونٽ ۾ بطور جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙيءَ ريت سندس ڪاميابين جي سفر ۾ 76-1975ع ۾ شاگرد يونين سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جا جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيا انهيءَ سان گڏوگڏ انهيءَ ئي عرصي دوران جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پارلياماني بورڊ واسطي اليڪشن شاگرد سنگت، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مھرآڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ چانڊڪا يونيورسٽي لاڙڪاڻو جا چيئرمين پڻ رهيا. تنهن کان پوءِ 77-1975ع ۾ سيڪريٽري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل آف ڪاليج يونين جا ريپريزنٽيٽوز رهيا ۽ گڏوگڏ 77-1975ع ۾ چيف آرگنائيزر جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن بڻيا. 77-1976ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا چيف اليڪشن ڪمشنر پڻ رهيا.
هو 1978ع ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي سنڌي ادبي سنگت شھدادڪوٽ جو صدررهيو. هن پيربخش ڀٽي جنرل سيڪريٽري گڏ جي آيسر عبدالواحد ۔۔۔آغا قمر ۽ ٻين کي گھرائي سياسي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرايو ھيو. سندس ڪوششن سان يادگار پروگار ٿيو، جنهن ۾ نامياريون فنڪارائون زرينا بلوچ ۽ عابده پروين پھريون ڀيرو شھدادڪوٽ آيون ھيون.
اشرف علي کھاوڙ جن جو سياست ۾ پڻ مُک ڪردار رهيو آهي. پاڻ پنهنجي زندگي جي سفر ۾ سياست سان دلچسپي رکندي سياسي ورڪر طور 1978ع ۾ PNAپاڪستان قومي اتحاد-9 ستاري شھداد ڪوٽ جا ڪنوينئر رهيا. اهڙيءَ ريت ڪاميابين جو سفر جاري رکندي سماج سڌارڪ جو شوق پيدا ٿيس ۽ 1978ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سماجي ورڪر جي حيثيت سان خدمتن جو سفر جاري رکيو آهي. پاڻ 1978ع ۾ سگا شھدادڪوٽ شاخ جا ڪنوينيئر ۽ 1982ع ۾ سگا جيڪب آباد شاخ جا ڪنوينر پڻ بڻيا. 93-1992ع ۾ سگا ڪراچي شاخ (مڌر برانچ) جا جنرل سيڪريٽري رهيا. تنهن کان پوءِ 9 سال جي ڊگهي عرصي دوران ٽي ڀيرا سگا ڪراچي شاخ جا صدر پڻ رهيا آهن.
اشرف کهاوڙ صاحب 96-1994ع گريجوئيٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان رجسٽرڊ اين.جي.او جا سيڪريٽري جنرل رهيا. ان کان علاوه 19-2018ع ۾ انٽيليڪچوئل جنرنلسٽ ڪائونسل آف پاڪستان صوبي سنڌ جا چيئرمين بڻيا. 20-2019ع ۾IJCOP (انٽيليڪچوئل جنرلسٽ ڪائونسل آف پاڪستان) جا سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سنڀالي رهيا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو پاڻ نهايت ملنسار، خوش اخلاق، ايماندار ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار طبيعت رکندڙ واحد شخصيت آهن جنهن کي سماج سڌارڪ جو مهندار ڪوٺجي ته غلط ثابت نه ٿيندو. سندس جي اعليٰ سماجي خدمتن جي عيوض ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. جيڪي هن جي اعليٰ صلاحيتن جو واضح ثبوت آهن.
جاکوڙي ڪردار سائين نظام الدين سومرو
موجوده ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي تعلقي شهدادڪوٽ ۾ ڪيتريون ئي سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي شخصيتون ٿي گذريون آهن جن مان ڪي مشهور آهن ته ڪي وري گمنام آهن. اھڙين وساريل شخصيتن مان نظام الدين سومرو جي شصخيت پڻ ھڪ آھي. شهدادڪوٽ جي ھيءَ اها شخصيت آهي جنهن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي ۽ هن جي باري ۾ شهر جي تمام ٿوررن ماڻهن کي خبر هوندي. نظام الدين سومرو جي والد جو نالو حاجي در محمد سومرو آھي. هن جو گهراڻو مذهبي ۽ پيري مريدي وارو هو. نظام الدين جو چاچو ۽ سُهرو ملان گل محمد شهدادڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪارڙا ۾ صُوفي خواجه احمد (وفات 1903ع) جو مجاور هوندو هو. خواجه احمد سومرو، نوشھرو فيروز جي صُوفي بزرگ ۽ شاعر شاھ نصيررح جو طالب ھو. اھو ئي سبب آھي جو تر جا ڪيترائي ماڻهو ملان گل محمد سومري کان دعا گهرائيندا هئا. نظام الدين جي امڙ امان شاهل سومرو گهر ۾ قرآن شريف پڙهائيندي هئي. ان ڪري هن جي خاندان کي علائقي جا ماڻهو عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا.
سائين نظام الدين سومرو 2 فيبروري 1940ع ۾ پيدا ٿيا. شهدادڪوٽ ۾ 1942 واري ٻوڏ کان وٺي 1944ع ۽ 1948ع واري دور تائين لاڳيتو ٻوڏون پئي آيون. ماڻهن جو واسطو گهڻو ڪري زراعت تي ھو، ان ڪري غربت ۽ پريشانيون تمام گهڻيون هيون. 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ بھ ماڻھن جي ذھنن تي اڻ مٽ چٽ ڇڏيا. اهڙي طرح سياسي سماجي ۽ مذهبي حالتون به عروج تي هيون . نظام الدين سومرو کي ڄمڻ کان وٺي اهڙيون حالتون ڏسڻيون پيون جنهن ۾ ڏک ئي ڏک هجن. نظام الدين سومري 1958ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، ان کانپوءِ ڪاليج مان انٽر سائنس ۾ ڪيائين، غريب هجڻ ڪري وڌيڪ تعليم جاري نه رکي سگهيو. نظام الدين پوليس ۾ ڀرتي ٿيو پر ڪجهه ئي عرصي ۾ پوليس جي نوڪري ڇڏي سن 1966ع ۾ شھدادڪوٽ ۾ نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ گوڊائون ڪيپر ٿيو. نيشنل بئنڪ جو ان وقت مينيجر گل محمد چنا هو، جيڪو علم ادب ۽ ادبي محفلن جو شوقين هوندو هو. ان زماني ۾ شھدادڪوٽ شھر ۾ ادبي محفل ٿيندي هئي جنهن ۾ تر جا مختلف شاعر گڏ ٿيندا هئا. نظام الدين کي لکڻ پڙهڻ جو اڳ ۾ ئي شوق هيو. علم ادب وارن جي محفلن ۾ ويهي ماڻهن سان خوش اخلاقي سبب جلد گل محمد چنا ۽ ٻين جي صحبت ۾ سندن ويجهو ٿيڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ شاهه عبداللطيف سوسائٽي قائم ڪئي وئي ھئي، جنهن جو صدر خانبھادر پير بخش خان کهاوڙ کي ڪيو ويو، گل محمد چنا ۽ ٻين ساٿين جي ڪوششن سان شهدادڪوٽ ۾ ڪاليج قائم ٿيو، جنهن جو بنياد غلام مصطفيٰ شاهه کان رکرايو ويو.
نظام الدين سومري کي سماجي ڪمن ڪرڻ جي اهڙي ته جوت چڙهي جو گل محمد چنا کان به ٻه قدم اڳتي وڌي ويو. هن علائقي ۽ شھر ۾ ڪيئي سماجي ڪم ڪيا. ڏينھن رات غريب ماڻهن جي مدد ڪيائين. علمي ادبي ۽ ثقافتي ميڙاڪا ڪوٺرايائين.
شبينا تعليم بالغان سينٽر قائم ڪيائون جيڪو اڳتي هلي نظاميه نائيٽ اسڪول بڻيو.
شاهي بازار شهدادڪوٽ ۾ دڪانن مٿان جڙيل تعليم بالغان مرڪز نظاميه نائيٽ اسڪول پنهنجي مدد پاڻ تحت هلندو هو. شام جو ڪيترائي اڻ پڙهيل ماڻهو اچي لکڻ ۽ پڙهڻ سکي روزي روٽي لائق بڻيا ۽ چڱي زندگي گذارڻ لڳا. ڪيترن ئي خاندان جي زندگي بهتر ٿئي. محمد اسلم شيخ موجب نظاميه نائيٽ اسڪول کي ويٽنامي اسڪول به چوندا هئا. ڇاڪاڻ جو ڪچي ڇت کڙڪا ڪندي هئي پر پوءِ به اتي پڙهڻ پڙهائڻ جو ڪم ۽ ڪيترائي علمي ادبي پروگرام ٿيندا هئا.(ڪتاب يادن جي خوشبو، محمد اسلم شيخ ، صفحو نمبر 51)
شروعات ۾ نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ مسٽر الھه ورايو قريشي، مسٽر سجاول خان وڌو، سائين سيتل داس لاڙڪاڻي وارو، علي عباس لانگاھ، محمد حسن پٺاڻ ۽ شوڪت علي سومرو شام جو سج لٿي کان رات جو دير تائين غريب، پورھيت ۽ مزدورن کي پڙھائيندا ھئا. ان دوران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (SGA) شاخ شهدادڪوٽ جي آفيس به نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ قائم ڪئي وئي ڇو ته محمد حسن پٺاڻ 1979ع کان 1992ع تائين اڪثر طور تي سگا شاخ شهدادڪوٽ جو جنرل سيڪريٽري ۽ شوڪت علي سومرو به اڪثر طور تي شاخ جو عهديدار رهندو آيو هو. سگا شهدادڪوٽ شاخ جون تنظيمي گڏجاڻيون ۽ پروگرام به اڪثر نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ ٿيندا هئا. تنهن ڪري نظام الدين، محمد حسن پٺاڻ، محمد اسلم شيخ، الهورايو قريشي، شوڪت علي سومرو ۽ اشرف کهاوڙ اهڙن ساٿين جو جٿو هو جيڪي شهدادڪوٽ ۾ علمي ادبي ۽ سماجي ترقي لاءِ عملي ڪم ڪندڙ هئا.
05 آگسٽ 1978ع تي سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ شهدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر محترم خواجه حاجي محمد جعفري خصوصي شرڪت ڪئي. سگا جي ساٿين گڏجي مهمان خاص جي آڏو سپاس نامو پيش ڪيو ۽ شهر جي سماجي ڪمن ۾ بھري وٺڻ لاءِ خدمتون پيش ڪيون. 3 جولاءِ 1980ع تي نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ سنڌ جي ھاڪاري عالم مرزا قليچ بيگ جي ورسي ملهائي وئي. 18 آگسٽ 1980ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو ڏهاڙو ملهايو ويو. اهڙي طرح سگا شهدادڪوٽ جون سرگرميون سائين نظام الدين سومري جي قائم ڪيل نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ سائين نظام الدين ۽ ساٿين جي دلچسپي جي ڪري ڪيترائي سال روان دوان رهيون. سگا جو ٽيون ڪنوينشن 24 نومبر 1978ع ۾ دادو ۾ ٿيو جنهن ۾ نظام الدين سومري سان گڏ شاخ جي صدر سائين الهورايي قريشي ۽ محترم محمد اسلم شيخ (وقتي جنرل سيڪريٽري) ۽ ٻين ساٿين شرڪت ڪئي. نظام الدين سومري جي سگا جي سرگرمين ۾ سنجيدگي سان حصو وٺڻ ۽ هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سبب سگا مرڪز ۾ 5 جولاءِ 1980ع جي اجلاس ۾ نائب صدر(مرڪز) مقرر ڪيو ويو، جيڪو سگا شهدادڪوٽ شاخ لاءِ وڏو اعزاز هو (ڪتاب سگا سهائي صفحو نمبر 19)
سگا شهدادڪوٽ طرفان ساٿين جي گڏيل ڪوششن سان صحت جي ميدان ۾ به ڪافي سرگرميون ٿينديون هيون. اهو ئي سبب آهي جو سگا جي 8 سالگرهه ۽ ادبي ايوارڊ جي تقريب 1980ع جي صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب مهمان خاص عزت ماب جسٽس غوث علي شاهه صاحب سان مخاطب ٿيندي ٻڌايو ته صحت جي ميدان ۾ سگا پاران مفت طبي مشوري جا مرڪز گذريل ٻن سالن کان حيدرآباد، موري، لاڙڪاڻي، شھدادڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي راڻيپور، ڀٽ شاهه، شهدادپور ۽ بدين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن (حوالو: ڪتاب سگا سڪ سمونڊ“ صفحو نمبر 32) ۽ سگا شهداد ڪوٽ طرفان انهن ڏينهن ۾ ڊرگ بئنڪ (Drug Bank) قائم ڪئي وئي هئي، جتي غريب مسڪين ماڻهن کي نه صرف چڪاسيو ويندو هو پر دوا به مفت فراهم ڪئي ويندي هئي. (سگا سڪ سمونڊ صفحو نمبر 33)
ڪتاب سگا سهائي جي صفحي نمبر 22 تي لکيل آهي ته 26 مارچ 1981ع تي راڻيپور ۾ سگا جي پنجين سالياني ڪنوينشن جي موقعي تي مرڪز جون ترميم ٿيل آئين تحت چونڊون ٿيون جن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ چيئرمين
محمد نظر ميمڻ وائيس چيئرمين
نظام الدين سومرو وائيس چيئرمين
ولي محمد روشن سيڪريٽري جنرل
اهڙي طرح ٻيا به عهديدار چونڊيا ويا ۽ ساٿين ۾ ائسوسيئيشن جا ڪم ورهايا ويا. جناب نظام الدين سومري کي شهدادڪوٽ، نئين ديري، لاڙڪاڻي، موري، قمبر، ڪنڌڪوٽ ۽ نصيرآباد جي ساٿين سان رابطي جي ذميواري رکي وئي. سگا جي ٻين ساٿين تي به اهڙي طرح ذميواريون رکيون ويون. سيڪريٽري جنرل سگا محترم ولي محمد روشن ڇهين سالياني ڪارڪردگي 16 اپريل 1982ع تي سکر ۾ ٻڌائيندي چيو ته 16 عهديدارن کي انتظامي ڪم ورهائي ڏنو ويو هو. انهن سونپيل ڪمن مان جن عهديدارن پنهنجي ڪم کي نڀايو. انهن ۾ صرف نظام الدين سومرو، فضل الله قريشي ۽ خليل ميمڻ قابل ذڪر آهن. (ڪتاب سگا سهائي صفحو نمبر 22)
سگا جو ستون ساليانو ڪنوينشن 15 اپريل 1983ع مهراڻ هاسٽل موري ۾ ٿيو، جتي سيڪريٽري جنرل محترم ولي محمد روشن صاحب سگا جي سال 1982ع جي ڪارڪردگي بيان ڪندي ايوان کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سي ايس ايس ڪلاس ۽ شهدادڪوٽ ۾ بالغن جي تعليم جو سينٽر (نظاميه نائيٽ اسڪول) نمايان حيثيت رکن ٿا. (ڪتاب، سگا سهائي صفحو نمبر 25)
نظام الدين سومري صاحب ۽ ساٿين جي محنتن جي ڪري سڄي اجلاس ۾ ڪم جي واکاڻ ڪئي وئي. نظام الدين سومرو عوامي جدوجهد وارو ماڻهو هو ۽ شهر جي سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ نهايت مصروف رهندو هو. ويتر وري سگا مرڪز طرفان سڄي سنڌ جا سور سيني ۾ سانڍيو وتندو هو، پنهنجي ناچاڪي ۽ بيماري جو روڳ ڪنهن تي به عيان ٿيڻ نه ڏيندو هو. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار جي ڪري سردي ۽ گرمي هن تي اثر نه ڪندي هئي. هي اهو زمانو هو جڏهن 1983ع جولاءِ ۾ جنرل ضياءَ الحق سگا جهڙي مقصد ۽ رضاڪار اداري تي اھا پابندي ھنئي ته ڪوبه حڪومت ۾نوڪري وارو ماڻهو سگا جو ميمبر نه ٿو ٿي سگهي.سگا جي وڌندڙ مقبوليت ۽ ان طرفان عام ڀلائي جي ڪمن جي تيز رفتاريءَ کان ڊڄي سنڌ سان ازلي بغض رکندڙ مخصوص ٽولي جي ڪجهه اڳواڻن هن تنظيم تي تعصب، صوبي پرست ۽ ملڪ دشمي جا بي بنياد الزام مڙهڻ شروع ڪيا.( ڪتاب، جنهن دل پيتا عشق دا جام، پروفيسر مظهر الدين ميمڻ، صفعو نمبر 24)
پر سگا جا باشعور ساٿي ڪٿي ٿا مُڙن! ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سماجي ڪم پيا ڪندا رهندا هئا. سائين نظام الدين سومرو صاحب انهن سختي وارن ڏينهن ۾ به سگا جو ڪم ڪار سڄي سنڌ ۾ ڪندو هو ۽ مرڪزي اڳواڻن سان رابطي ۾ رهندو هو. هن کي سگا سان جذباتي لڳاءُ هيو. هو ڳوٺ سڌار سنگت ۾ به سرگرم رهيو. ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن کي انهن جي مسئلن ۽ حل بابت ٻڌائيندو هو. سائين خان محمد پنهور سان به ڏاڍي لڳندي هيس جيڪو ڳوٺ سڌار سنگت جو روح روان هو. نظام الدين سومرو پاڻ سان لڳل ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماري جي پرواهه نه ڪندي معاشري کي لڳل ڪينسر سان بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي گلن واري مٽي ۾ خوشبوءَ وانگر سمائجي ويو. هو 19 آگسٽ 1978 ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو.
سگا جا اڳواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻيا تر جا سڀ ساٿي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيا. 15 آگسٽ 1987ع تي شهدادڪوٽ شاخ جي ساٿين گڏجاڻي ڪري 21 آگسٽ 1987ع تي تعزيتي ميڙاڪو سڏايو، جنھن ۾ سائين نظام الدين سومري جي زندگي، ڪم ۽ ڪردار بابت کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ان ويھڪ ۾ سائين خان محمد پنهور خصوصي طور تي شرڪت ڪئي.
سگا جي مرڪزي اڳواڻ محترم غلام حسين بلوچ چواڻي ته نظام الدين سومري سان اڪثر گڏجاڻين ۾ ملاقات ٿيندي هئي. هن جي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، مظهرالدين ميمڻ ۽ خان محمد پنهور سان گھڻي ويجهڙائپ هوندي هئي. انھن ٻڌايو تھ ڳوٺان اچڻ کانپوءِ، سوير پهچڻ ڪري هو اڪثر ڪري اچي رمپا پلازه جي مسجد يا آفيس ٻاهران سمهي پوندو هو. هڪ دفعي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب هن کان پڇيو ته هو گهڻو چپ چپ ڇو هو. هن ڪنهن کي به نه ٻڌايو ته شهدادڪوٽ کان ڪراچي سگا آفيس ايندي هن جو کيسو ڪٽجي ويو هو ۽ هن وٽ ڳوٺ واپس وڃڻ لاءِ پئسا ڪونه هئا پر ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب هن جي ويجهو هو، تنهن کي سندس زور ڪرڻ تي حقيقت جي خبر پئي. اهڙي طرح نظام الدين کي واپسي جا پئسا ڏنا ويا. هو خوددار ۽ سچو سماج سڌارڪ هو ۽ سگا جو ڪم عين عبادت سمجهي ڪندو هو.آخري دم تائين سگا تي پابندي ۽ سنڌين سان سُورن وارو سُور سيني ۾ کنيو ويو. نظام الدين پنهنجي حياتي ظلم ۽ جهالت واري نظام کي بدلائڻ لاءِ هڪ مثالي نظام الدين بڻجي سوين مشعلون ٻاري پنهنجو وارو وڄائي ويو. نظام الدين سومرو، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ سگا جي ساٿين سان پرامن ترقي يافته سنڌ جو اميد ڀريي پوکيل ٻوٽي جي آخري دم تائين آبياري ڪندو رهيو.
مددي ڪتاب
1. يادن جي خوشبوءِ، محمد اسلم شيخ شهدادڪوٽي
2. سگا سهائي، سهيريندڙ اشارت حسين ميمڻ
3. سگا سڪ سمونڊ ، سهيڙيندڙ ماستر حيدر بخش
4. جنهن دل پيتا عشق دا جام، مرتب علي محمد ميمڻ
5. شاداب شهدادڪوٽ، محمد اسلم شيخ
**
حقيقي سماج سڌارڪ استاد محمد حسن پٺاڻ
استاد محمد حسن پٺاڻ جي پيدائش شڃاڻپ ڪارڊ موجب 01 مارچ 1941ع ۾ ٿي. استاد محمد حسن پٺاڻ کي ٽي ڀائر هئا. محمد پناهه، علي حسن ۽ گل حسن جيڪي لوهارڪو ڪم ڪندا هئا. استاد محمد حسن پٺاڻ جا هٿ ننڍا هئڻ ڪري معذوري سبب ڀائر هن کان لوهارڪو ڪم نه ڪرائيندا هئا پوءِ اڳتي هلي وقت ۽ حالات جي مناسبت سان هن کي به لوهارڪو ڪم ڪرڻو پيو. استاد محمد حسن کي هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ نالي حاجي عبدالقادر پٺاڻ آهي جيڪي اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهن ٿا. استاد محمد حسن پٺاڻ ڪجهه وقت ناڪي منشي بڻيو پوءِ ميونسپالٽي چيئرمين جي ڦڏن ڪري نوڪري ڇڏي ڏنائين. لوهارڪي دڪان مان ئي گهر جو سفر بسر ڪرڻ لڳو. هن پرائيويٽ طور تي B.A ڪئي ۽ LLB ۾ شوڪت سومري ۽ اياز حسين سومري (MPA) سان گڏ داخلا ورتائين. استاد محمد حسن پوءِ LLB وچ ۾ ڇڏي ڏني.
سائين نظام الدين سومرو ۽ استاد محمد حسن پٺاڻ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئا ۽ گهاٽا دوست هئا. ڪم ڪار ۽ گهمڻ ڦرڻ به گڏ هوندو هئن. پنهنجن ماڻهن لاءِ ڀلائي ۽ خير وارا ڪم پيا ڪندا هئا. هڪ دفعي ڪراچي ڪنهن ڪم سانگي ويا اُتي ڏٺائون ته هڪ جڳهه تي نائيٽ اسڪول جو بورڊ لڳل هو. پوءِ اچي شهدادڪوٽ ۾ لال شهباز قلندر نائيٽ اسڪول کوليائون جيڪو اڳتي هلي مرحوم استاد محمد يوسف سومري جي چوڻ تي 1975ع ۾ نظاميه نائيٽ اسڪول ٿي رجسٽرڊ ٿيو.
سائين نظام الدين پنهنجي دوستن جي ڪوششن سان شاهي بازار جي دڪانن مٿان مزدورن ۽ غريبن، هوٽلن تي ڪم ڪندڙن، ٻيڙي ڪاريگرن لاءِ تعليم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو. ان جو نالو نظاميه نائيٽ اسڪول رکيو ويو، جيڪو وڏي عمر جي نوجوانن کي بنيادي تعليم ڏئي لکڻ پڙهڻ سيکاري پرائيوٽ امتحان ڏياري روزي روٽي جي قابل ڪرڻ لائق بڻائيندو هو. محمد حسن پٺاڻ ۽ شوڪت حسين سومرو 1975ع کان وٺي 1995ع تائين مسلسل نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ پڙهائيندا رهيا. اهي پاڻ مختلف غريبن مزدورن وٽ وڃي انهن کي رات جو ڪم کان فارغ ٿي پڙهڻ لاءِ چوندا هئا. انهن کي پڙهي اڳتي ترقي ڪرڻ لاءِ اتساهه ڀريندا هئا. سوين شاگرد اڄ به نظاميه نائيٽ اسڪول کي ياد ڪندا آهن، جتي انهن جي زندگيءَ ۾ انقلابي تبديلي آئي. نظاميه نائيٽ اسڪول کي ويٽنامي اسڪول به چوندا هئا ڇاڪاڻ ته ڪچي ڇت کڙڪا ڪندي هئي پر پوءِ به ڪيترائي ميڙاڪا ۽ مقابلا لڳا پيا هوندا هئا.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شهدادڪوٽ سان تعلق رکندڙ استاد محمد حسن پٺاڻ بابت اڪثر ماڻهو بيخبر هوندا ته استاد محمد حسن پٺاڻ سگا شهدادڪوٽ جو سڀ کان وڌيڪ رهندڙ جنرل سيڪريٽري هو. 1979 کان وٺي 1995ع تائين سگا شهدادڪوٽ شاخ طرفان هر سرگرمي جو روح روان هو. سگا مرڪز طرفان هدايتن تي ڪاميابي سان عمل ڪرائي ساٿين سميت پروگرامن ۽ ڪنوينشن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. ساٿين سان ڏک سک، شادي غمي ۾ گڏ رهيو. سگا مرڪز جي پروگرامن ۽ حڪمن کي ڪاميابي سان عملي جامو پهرائڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندو هو.
24 نومبر 1978ع ۾ دادوءَ ۾ سگا جو ٽيون ڪنوينشن ٿيو جنهن ۾ ساٿين محمد اسلم شيخ، الهورايو قريشي، نظام الدين سومرو، محترم سردار علي چانڊيو، پروفيسر ڪنعيه لعل سان گڏ شامل ٿيو. اهڙي طرح هر ڪنوينشن ۽ پروگرام ۾ استاد محمد حسن پٺاڻ مختلف ساٿين سميت شامل ٿيندو رهيو. 05 آگسٽ 1978ع تي سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ شهدادڪوٽ جي اسسٽنٽ ڪمشنر محترم خواجه حاجي محمد جعفري خصوصي شرڪت ڪئي. سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين مهمانن جي خدمت ۾ سپاسنامه پيش ڪيو ۽ شهر جي سماجي ڪمن ۾ بحري وٺڻ لاءِ خدمتون پيش ڪيون. هڪ يادگار ۽ ڀرپور گڏجاڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ شهر جي سياسي، سماجي ۽ صحافي برادري شرڪت ڪئي. 14 سيپٽمبر 1979ع تي مهراڻ اسڪول ۾ مفت طبي ڪئمپ لڳرائي وئي، جنهن ۾ 335 مريضن کي مفت طبي مشورا ۽ علاج ڪيو ويو. سگا شهدادڪوٽ ادبي سنگت جي ٻي ڪچهري يادگار رهي، جنهن جي صدارت بهترين شاعر جناب گل حسن ٻرڙي پرنسيپال گورنمينٽ ڪاليج شهدادڪوٽ ڪئي. ان پروگرام ۾ آس پاس جي ڪيترن ئي شاعرن شرڪت ڪئي. سگا شهدادڪوٽ 03 جولاءِ 1980ع سٽي نظاميه نائيٽ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ مرزا قليچ بيگ جي ورسي ملهائي. جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ جي خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. سگا شهدادڪوٽ طرفان 18 آگسٽ 1980ع تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي باري ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. شهر جي پڙهيل لکيل ۽ باشعور ماڻهن نظاميه نائيٽ اسڪول ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي. ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ فڪر تي گفتگو ڪئي وئي.
1980ع کي سگا مرڪز طرفان صحت جو سال ڪري ملهايو ويو. سگا شهدادڪوٽ طرفان ڪيتريون ئي صحت جون ڪيئمپون لڳايون ويون ۽ ڊرگ بئنڪ قائم ڪئي وئي. ڪيترن ئي ضرورت مندن ۽ بيمارن کي مفت مشورا ۽ دوائون ڏنيون ويون. 24 جنوري 1980ع تي سٽيزن ڪلب ۾ مفت اکين ۾ ڪئمپ لڳرائي وئي، جنهن ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر صاحبن 417 مريضن کي مفت طبي مشورا ڏنا ۽ دوائون به ڏنيون.03 آگسٽ 1981ع ڳوٺ چاڪياڻي بمقام استاد غلام مصطفيٰ وڌو جي جاءِ تي مفت طبي ڪئمپ قائم ڪري 150 مريضن کي مفت طبي مشورا ڏنا ۽ علاج ڏنو ويو.02 جون 1981ع تي ڳوٺ رئيس اعتبار خان چانڊيو ۾ مفت طبي ڪئمپ قائم ڪري 213 غريب مريضن ۾ مفت دوائون ڏنيون ويون.
سگا شهدادڪوٽ ادبي سنگت ڪيتريون ئي محفلون ۽ ميڙاڪا ڪرايا. ڪامريڊ الاهي بخش قريشي سان شام ملهائي وئي. جناب مهرالله خان شيخ بزرگ سماجي ورڪر سان شام ملهائي وئي. سينيٽر نواب زاده مير يوسف علي خان سان شام ملهائي وئي. ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جي حج واپسي تي گڏجاڻي رکي وئي. محترم خان محمد پنهور سان شام ملهائي وئي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هر سال ميڙاڪو ڪيو ويو. علامه دائود پوٽي جي ورسي ڪئي وئي. تقريري مقابلا، غير طرحي مشاعرا ڪرايا ويا ۽ مرحوم نظام الدين جي ياد ۾ تعزيتي اجلاس سڏايو ويو.
28 آگسٽ 1987ع تي مهراڻ اسڪول ۾ مفت طبي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ چيئرمين ميونسپل شهدادڪوٽ جناب عبدالجبار شيخ خصوصي شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻين معززن محترم مهراج گوپي ڪرشن (هندو پنچائت شهدادڪوٽ) محترم غلام حيدرخان جروار (چيئرمين تعلقه ڪائونسل) محترم حاجي واحد بخش شيخ (صدر آل مرچنٽ ايسوسيئيشن) ۽ ٻين سياسي، سماجي، ۽ صحافي برادري شرڪت ڪئي.03 جنوري 1989 تي ڪاروباري ۽ مالياتي ڪاميٽين جون ڪارروايون منعقد ڪرايون ويون، جنهن ۾سگا شهدادڪوٽ پاران هن سال کي سچل سرمست قرار ڏيڻ تي مرڪز سان تعاون ڪرڻ جو اظهار ڪيو ويو ۽ سچل جي ڪلام کي عام ڪرڻ لاءِ مختلف پروگرامن تي عمل ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا، جنهن مطابق چٽاڀيٽي جي ترتيب ڏنل پروگرامن ۾شرڪت ڪئي ويندي ۽ سچل ڪانفرنس گهرائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
13 فيبروري 1989ع سگا شهدادڪوٽ آفيس ۾سنڌ جي نامور هوميو ڊاڪٽر جناب ايس واشا صاحب سان شام ملهائي وئي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر ڪئپٽن محمد صالح شيخ ڪئي ۽ مهمان خاص ايس واشا صاحب هئا، مقررين ۾جناب محمد اسلم شيخ وڪيل، مسٽر ولي محمد مڱڻهار وڪيل، احمد علي صابر، رشيد خانواهي چانڊيو، شوڪت علي ۽ جناب محمد حسن پٺاڻ، ڊاڪٽر واشا صاحب کي سندس مفت علاج ۽ لاعلاج مريضن جي خدمت ڪرڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو، جناب واشا صاحب سگا شهدادڪوٽ برانچ جي عرض تي پنهنجو ٽائيم طبي ڪئمپ ۾ڏيڻ جو اعلان ڪيو، بلديا شهدادڪوٽ جي ڪائونسلر حاجي حضور بخش طبي ڪئمپ ۾مفت دوائن ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
سگا شهدادڪوٽ سان شروع کان وٺي سلهاڙيل محترم محمد اسلم شيخ چواڻي ته استاد محمد حسن پٺاڻ حقيقت ۾ سگا ۽ نظاميه نائيٽ اسڪول کي وڏو سهارو ڏنو. مڪمل وقت ڏيندو هو ۽ لوهارڪو ڪم به ڪندو هو. شام جو نظاميه اسڪول ۾ سڀ کان اڳ ۾ اچي ويهندو هو. ٻارن کي سليٽ وغيره تي ڪم ڏئي ڇڏيندو هو، جيستائين نظام الدين سومرو، مسٽر الهورايو قريشي، شوڪت سومرو ۽ مان (محمد اسلم شيخ) اچون. جيئن ته هي پاڻ مزدور هو، ان ڪري مزدورن جو وڏو احساس هوندو هو، ماڻهن کي وٺي اچي گڏ ڪري انهن کي سيکاريندو هو. ايترو همٿ وارو هوندو هو جو سگا جي ميٽنگ رکندا هئاسين ۽ جيڪڏهن ماڻهو ڪونه ايندا هئا ته وڃي انهن مان چئن پنجن کي پڪڙي پاڻ وٺي ايندو هو.
محمد حسن پٺاڻ بيزرر ۽ عوامي ماڻهو هو. ڪٿي به چوندا هئس ته پنڌ، سائيڪل يا عام بس ۾ هليو ويندو هو. مطلب ته هڪ مجاهد ماڻهو هو. ٻئي ڪنهن به ماڻهو جو ايترو حصو ناهي جيترو سگا شهدادڪوٽ جي سرگرمين ۾ استاد محمد حسن پٺاڻ جو آهي. سگا شهدادڪوٽ جو اهم ٿنڀو هو جنهن جي ڪري ڪيترا سال سگا شهدادڪوٽ سرگرم پئي رهي.
سگا طرفان 1989 ۾ بين الاقوامي سچل ڪانگريس جي موهن جي دڙي جي آمد تي سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين محترم محمد اسلم شيخ ۽ استاد محمد حسن پٺاڻ پاڻ سان گڏ دهلن ۽ چپڙين تي جهمر وارا مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ آندا هئا جيڪي تمام گهڻو يادگار هئا. جنهن جو ذڪر محترمه وينا شرنگي پنهنجي ڪتاب ڪڇان ته ڪافر ۾ به ڪيو آهي.
1995ع کان پوءِ استاد محمد حسن پٺاڻ جي طبيعت خراب ٿي پئي. ڊاڪٽرن هن کي ڏاڪڻ تي مٿي چڙهڻ کان روڪيو ۽ نظاميه نائيٽ اسڪول دوڪانن جي ڇت تي هوندو هو. جنهن ڪري استاد محمد حسن پٺاڻ پنهنجي بدران اسڪول جو ئي شاگرد علي حسن کوکر ۽ ٻيا استاد ڪري رکيا جيڪي ساڳي محنت سان پڙهائيندا رهيا.
استاد محمد حسن پٺاڻ کي شاهه عبدالطليف جا ڪيترائي شعر ياد هوندا هئا ۽ هن جي ٻڌائڻ جو انداز به نرالو هوندو هو .سگا مرڪزي پروگرامن ۾ اڪثر ڪري ساٿي استاد محمد حسن پٺاڻ کان فرمائش ڪري شاهه جا بيت ٻڌندا هئا. استاد محمد حسن پٺاڻ شاهه جا بيت صوفياڻي انداز ۾ ٻڌائيندو هو. هو زندهه دل ماڻهو هوندو هو. سڀني ميمبرن کي گڏ کڻي هلڻ، سڀني کي وٺي اچڻ، در در وڃي ميمبرن کان فيس وٺڻ، ميٽنگ جو نوٽيس پهچائڻ ۾ نهايت ذميوار ۽ عوامي هو. سگا ڪئمپن ۾ به هڪ پير تي ڪم ڪندو هو. ٻين کي به ڪم لاءِ قائل ڪندو هو. استاد محمد حسن جو آواز ڪڙڪيدار ۽ وڏو هوندو هو ۽ پروگرامن ۾ پيو گونجندو هو.
سگا جي مرڪزي اڳواڻ محترم غلام حسين بلوچ ٻڌايو ته استاد محمد حسن نهايت ئي پيارو ماڻهو هوندو هو. هڪ دفعي محمد حسن هن کي هڪ خوبصورت ڪهاڙي ڏني. استاد محمد حسن پٺاڻ وٽ استقامت، محنت، سگا جي اعليٰ قيادت جي لاءِ اطاعت هوندي هئي. سگا جي اصولن جي پابندي ڪندو هو. مرڪزي پروگرامن ۾ پابندي سان شامل ٿيڻ ۽ ذميواري سان وقت اندر لکپڙهه ڪرڻ ۾ ڀڙ هوندو هو.
دنيا جو دستور آهي. جيڪو انسان ڄايو آهي ته اهو مرندو به. پر ڪي انسان اهڙا به هوندا آهن جيڪي موت کي مات ڏئي پنهنجن سٺن عملن ذريعي هميشه ياد رهندا آهن. اهڙي طرح استاد محمد حسن پٺاڻ جسماني طور تي هي فاني جهان 6 ڊسيمبر 2004ع تي ڇڏي ويو پر ان جي محنت ۽ سچائي ڪري ساڳيو جذبو سگا جي ساٿين ۾ اڄ به روان دوان آهي ۽ هلندو رهندو. جيڪو به خير جو ڪم ٿئي پيو ان ۾ استاد محمد حسن پٺاڻ ۽ ٻين بزرگ ساٿين جو حصو آهي. دعا آهي ته رب پاڪ اهڙين هستين کي جنت ۾ جاءِ ڏي. آمين
هڪ عظيم استاد سائين الهورايو قريشي صاحب
انهن عظيم استادن منجهان سائين الهواريو قريشي به هڪ آهي. هو 21 اپريل 1937ع ۾شهدادڪوٽ شهر جي جڙيل شاهه محلي ۾پيدا ٿيو ۽ بنيادي تعليم شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ايم اي اڪانامڪس ۾ پاس ڪري، پوءِ وري ايم اي سنڌي به ڪيائين، گورنمينٽ پرونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ۾استاد طور ڪيئي سال پڙهايائين، ڪيترائي شاگرد اڄ به مختلف اعليٰ عهدن تي ملڪ ۽ قوم جو خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سائين الهواريو قريشي سنڌي ٻولي ۽ رياضي ۾مهارت رکندو هو، هو ڪرڪيٽ ۾دلچسپي رکندو هو ۽ اُن بابت تمام گهڻي ڄاڻ هوندي هيس. سائين الهورايو قريشي انهن استادن مان هڪ هو، جن جو نه صرف لکڻ پڙهڻ سان شوق هوندو هو پر اهي ٻين کي مختلف ڪتاب پڙهڻ لاءِ همٿائيندا به هئا.
سائين الهورايو قريشي شايد دنيا جي ڏاهي ماڻهو البرٽ آئن اسٽائن جي فلسفي کي سمجهي ورتو هو تنهنڪري هن جي عملي زندگي ۾ ٻين ڪاڻ جيئڻ جو جذبو نمايان نظر اچي ٿو. البرٽ آئن اسٽائن پنهنجي جڳ مشهور مضمون ”دنيا منهنجي نظر ۾“ لکي ٿو ته اسان ڀلي ڪيترا به ڪتاب پڙهون، ڪيترو به اونهو مطالعو ڪيون پر پوءِ به ان نتيجي تي پهچنداسون ته اسان جي زندگي جو مقصد صرف ۽ صرف ٻين ڪاڻ جيئڻ آهي.
سائين الهورايو قريشي پنهنجي طبيعت ۾ عوامي ۽ ملنسار ماڻهو هوندو هو. ماڻهن جي ڳالهه غور سان ٻڌندو هو. شاگردن جي والدين سان محبت سان پيش ايندو هو. ڀلي کڻي سائين الهورائي قريشي صاحب فلسفي جا اونها ڪتاب نه به پڙهيا هجن، پوءِ به ڄڻ زندگي کي صحيح سمجهي ورتو هئائين، اهو ئي سبب هو ته هن جي زندگي نهايت سادي هوندي هئي. هو شهر جي رهاڪن مان ڪيترن ئي نسلن کي پڙهائيندڙ باڪردار ۽ مثالي استاد هو. هن ڪڏهن به استاد هجڻ واري اعزاز ۽ رطبي جي برعڪس ڪم ڪيو هجي. سائين الهورايو قريشي جو آنڌي هجي يا مانجهي، سردي هجي يا گرمي، پيرين پنڌ گهر کان هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ وقت کان اڳ پهچڻ ۽ دير تائين ويهڻ زندگيءَ جو معمول هوندو هو. سائين الهورايو قريشي بخيل طبيعت جو بلڪل نه هو ۽ اڪثر طور تي دوست ۽ والدين سان ڪچهري ڪندي، چانهه پيئندي، اخبار پڙهندي زندگي جو مزو وٺندو هو. اسان کي ياد آهي انهن ڏينهن ۾اسڪول ۾ راندين جو هفتو ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو هو. ملهه کان وٺي هر راند جا ڪيترائي مقابلا ٿيندا هئا ۽ آخر ۾هڪ اسٽيج ڊرامو ڀرپور طريقي سان ٿيندو هو.
سائين الهورايو قريشي سگا شهدادڪوٽ شاخ جي باني ميمبرن مان هو. جڏهن محترم سائين اشرف کهاوڙ صاحب سگا شهدادڪوٽ شاخ کي کولڻ لاءِ 1978ع ۾ ڪنوينر بڻجي آيو ته سائين الهورايو قريشي، سائين نظام الدين سومرو، استاد محمد حسن پٺاڻ، سائين محمد اسلم شيخ ۽ ٻين ساٿين گڏجي ڪري سگا برانچ قائم ڪئي. سائين الهورايو قريشي 1978ع يعني شروع کان وٺي سگا شهدادڪوٽ شاخ جو صدر رهيو. هو 1978ع کان 1986ع تائين مسلسل صدر رهيو ۽ پنهنجي صدارت واري دور ۾ڪيترائي سماجي ڪم سرانجام ڏنائين، هن ڪيتريون ئي صحت جو ڪئمپون ۽ علمي ادبي پروگرام ڪرايا. سگا مرڪز جي ڪنويشن ۽ سالگرهه جي پروگرامن ۾شرڪت ڪندو رهندو هو. هن شهدادڪوٽ شهر لاءِ بوائز ۽ گرلس ڪاليج جي قيام ۾بهترين ڪردار ادا ڪيو. رات جو شاهي بازار ۾نظاميه نائيٽ اسڪول پنهنجي سگا ساٿين سان گڏجي ڪيترائي سال هلايائين، جتان ڪيترائي شاگرد بنيادي تعليم حاصل ڪري ڪامياب زندگيءَ گذارڻ لڳا.
سگا شهدادڪوٽ شاخ سان شروع کان سلهاڙيل محترم محمد اسلم شيخ پنهنجي ڪتاب يادن جي خوشبو ۾ سائين الهورايي بابت لکي ٿو ته: هو شهدادڪوٽ جي قابل احترام استادن مان هڪ هيو، کيس ادب، تاريخ، فلسفي، سياست ۽ ڪرڪيٽ تي عبور حاصل هيو. تاريخي مثال ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيندو هيو. مسٽر الهورايو مطالعي جو شوقين هيو، بحث مباحثن ڪري ڳالهين کي مڃائيندو هيو.
10 مئي 1985ع تي سگا جو نائون ساليانو ڪنوينشن هاليڊي ان ڪراچي ۾ ٿيو جنهن ۾ سائين الهورايي قريشي کي بهترين ڪارڪردگي عيوض سگا جو نشان ۽ سند ڏني وئي. ياد رهي ته هي اهو زمانو هو جڏهن ضياالحق سگا تي سرڪاري نوڪري واري ماڻهو جي ميمبر ٿيڻ تي پابندي مڙهي هئي پر سائين الهورايو قريشي مسلسل سگا شاخ جو صدر رهيو ۽ سماجي ڪم ڪندو رهيو. اهو هن جو نه صرف قوم سان محبت ۽ سچائيءَ جو اعليٰ مثال آهي پر هڪ وڏي بهادري پڻ آهي ڇو ته سگا مرڪز کان وٺي مختلف شاخن جا ڪافي نالي وارا ۽ سرگرم ساٿي سگا کان ضياءَ الحق جي بين کانپوءِ پاسيرا ٿي ويا هئا پر هي مرد مجاهد پنهنجي تر جي ماڻهن لاءِ سماجي ۽ علمي ڪم ڪندو رهيو.
سائين الهواريو قريشي هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ جو بهترين هيڊ ماستر رهيو. ان جي دور ۾ڪيترائي پروگرام ٿيا ۽ تعليم جو معيار بهتر ٿيو. هو هاءِ اسڪول اعتبار خان چانڊيو ۽ پوءِ هاءِ اسڪول چاڪياڻي ۾ پڻ هيڊ ماستر ٿي رهيو. هن جي خدمت علائقي ۾اڄ به ياد ڪئي وڃي ٿي.
سائين الهواريو قريشي 13 جون 1998ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، هن کي چار پٽ ۽ چار نياڻين جي اولاد آهي، وڏو پٽ غلام نبي (قمر)، عبدالرحمنٰ (بدر)، پروفيسر محمد ظفر ۽ صدر الدين قريشي بحيثيت استاد جي علم جي روشني ڦهلائي رهيا آهن.
مددي ڪتاب ۽ ماڻهو
1. سگا سهائي...سهيڙيندڙ اشارت حسين ميمڻ
2. يادن جي خوشبو..محمد اسلم شيخ شهدادڪوٽي
3. صدرالدين قريشي صاحب
بهترين تعليمدان استاد غلام مصطفيٰ وڌو
شهدادڪوٽ جي مٽي اهڙن ڪيترن ئي ڪردارن سان زرخيز آهي جتي انسانن جي ڪردار جا ايترا گهاٽا ۽ ڦلدار وڻ پوکيل آهن جو اسان جو نئون نسل انهن جي عملن ۽ ڪردارن مان اتساه وٺي پنهنجي شاندار مستقبل جي ساڀيان ڪري سگهي ٿو. اهڙن ئي ڪردارن مان مرحوم استاد غلام مصطفيٰ به هڪ هو . استاد غلام مصطفيٰ وڌو ولد حاجي استاد محمد دائود وڌو 18 جنوري 1939 تي چاڪياڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. ان دور ۾ گهڻيون سهولتون ڪونه هونديون هيون. نه بجلي، نه گئس، نه وري ٽرانسپورٽ اڄ جيان هوندي هئي. پوءِ به ماڻهو ڏکن بکن تي پڙهندا هئا. سائين غلام مصطفيٰ پرائمري تعليم چاڪياڻي ڳوٺ مان ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. چاڪياڻي شهر شهدادڪوٽ کان لڳ ڀڳ 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رتوديرو روڊ تي واقع هڪ نمايان ڳوٺ آهي، جتان جا اڪثر ماڻهو پڙهيا لکيا، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، وڪيل نوڪرين وارا آهن. سائين غلام مصطفيٰ 07 فيبروري 1957ع تي پرائمري استاد طور مين پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ ۾ پڙهائڻ جي شروعات ڪيائين. 1971ع ۾مڊل اسڪول چاڪياڻي ۾مقرر ٿيو. مڊل اسڪول چاڪياڻي جي جڏھن شروعات ڪئي جنهن جي ڇت به نه پئي ھئي ته اسڪول جي شروعات ڪيائين جنهن ۾ ڪلاس ڇھين ۾ ٢٠ شاگرد ڪلاس ستين ۾ ٣ شاگرد ڪلاس اٺين ۾ ٦ شاگرد ڳوٺ جا اھي ڇوڪرا داخل ڪيائين جيڪي رڍون ٻڪريون ۽ مال جا ڌنار ھيا جيڪي اڳتي ھلي وڏا آفيسر بڻيا ان دور ۾ ڳوٺ چاڪياڻي ۾ تعليم بالغان رات جو شروعات ڪرايائين. سائين جي شاگردن ۾ ڊاڪٽر عبدالوھاب وڌو صاحب جيڪو ايم ايس لمس رهيو آھي انجنيئر شفقت وڌو جيڪو ھن وقت چيف انجيئر ايريگيشن آھي ۽ الطاف حسين وڌو جيڪو ھن وقت ڊايئريڪٽر نيوڪليئر ايٽامڪ انرجي ڪراچي ۾ آهي.
جيئن ته هو پاڻ به ڏکن ۾۽ محنت ڪري پڙهيو هو ان ڪري هو معياري تعليم جي حصول لاءِ هميشه ڪوشان رهيو ۽ سڄي عمر غريب ۽ مسڪين شاگردن جي مالي مدد ڪندو رهيو ۽ شام جي وقت ڳوٺ ۾ شاگردن کي مفت تعليم ڏيندو هيو ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ٻارن کي اتساهيندو رهندو هيو. 1974ع ۾مڊل اسڪول چاڪياڻي مان بدلي ٿي ڳوٺ رئيس اعتبار خان چانڊيي جي مڊل اسڪول ۾استاد مقرر ٿيو ۽ اتي به سائين غلام مصطفيٰ وڌي تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ شام جي وقت شاگردن کي مفت تعليم ڏيندو رهيو ۽ سندس لائق شاگردن ۾ڊاڪٽر غلام حسين وڌو، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو، پروفيسر الطاف حسين قادري ۽ پروفيسر رشيد خانواهي قابل ذڪر آهن.
هن جي خاص خوبي بطور استاد اها هوندي هئي ته جيڪو شاگرد نه ايندو هو ته هو ان جي گهر پهچي ويندو هو. شاگرد تي يا انهن جي والدين تي پڙهڻ جي معاملي ۾ سختي ڪندو هو. شاگردن تي خاص نظر رکندو هو. ايتري تائين جو ڪوبه شاگرد فضول گهٽي ۾ نه گهمندو هو. هو شاگردن کي پڙهائي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺندو هو. هو تعليم جي حصول جي معاملي ۾ڪنهن به وڏيري جي نه ٻڌندو هو. جيڪڏهن وڏيري جي پٽ به ڪا غلطي ڪئي ته هو ان کي سخت سزا ڏيندو هو ۽ هن ائين ڪيو.
هن جو نه صرف تعليمي پر سماجي ڪمن سان به عشق هوندو هو. ڪنهن غريب گهر جي فوتي وٽ پاڻ وڃي ڪفن پهچائيندو هو ۽ مالي معاونت ڪندو هو. بيمار ماڻهو يا غريب ماڻهو جي مسئلي جي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو ۽ جيستائين مسئلو حل طرف نه وڌي تيستائين سڪون سان نه ويهندو هو.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پنهنجن ميمبرن کي ڳوٺ سڌار جو خيال 1979ع ڏنو ۽ سنڌ جا اڪثر پڙهيا لکيا ماڻهو ان ڪم سان لڳي ويا تن سمجهيو ڳوٺ سڌريو ته سنڌ سنوارجي ويندي. سگا جا مرڪزي اڳواڻ خاص طور تي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، محترم ولي محمد روشن ۽ محترم خان محمد پنهور صاحب جن ماڻهن کي ٻڌايو ته پنهنجن ماڻهن کي پنهنجن حقن وٺڻ جي جاڳرتا ڏيو ته جيئن اهي ٻڌي ڪري، محنت ڪري پنهنجي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪن. اهڙي طرح ڳوٺ سڌار سنگتون ٺاهيون ويون. انهن سنگتن جي تنظيم دوران ماڻهو هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا ۽ کين پنهنجا مسئلا پروڙڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جو ڏانءُ ايندو. پاڻ ۾ گڏ ويهڻ جو شعور پيدا ٿيندو ۽ قومي ٻڌي جو تصور اڀرندو.
ڳوٺ سڌار سنگت جا ساٿي پنهنجي ڳوٺ جي مسئلن جو جائزو وٺي، انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تدبيرون سوچين. ڪجهه مسئلا اهڙا آهن جيڪي گڏجي حل ڪري سگهجن ٿا. جيئن ڳوٺ ۾ صحت ۽ صفائيءَ جو انتظام ڪرڻ، اسڪولن ۽ اسپتالن جي مالڪي ۽ سارسنڀال لهڻ، نياڻين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ، تعليم بالغان شروع ڪرڻ وغيره شامل هئا. ان کان علاوه حڪومت جي نمائندن ۽ وس وارن کان روڊ رستا، اسڪول اسپتالون ٺهرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون هيون. سگا جا ساٿي سائين محمد اسلم شيخ، سائين محمد حسن پٺاڻ، سائين الهورايو قريشي ۽ ٻين ساٿين سائين غلام مصطفي سان گڏجي چاڪياڻي سميت آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ خير جا ڪم ڪيا. صحت جو ڪئمپون ۽ علمي ادبي پروگرام ڪرائيندا رهيا ۽ ساڳيو سلسلو اڄ به قائم دائم آهي .
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شهدادڪوٽ سان شروع کان لاڳاپيل محترم سائين محمد اسلم شيخ صاحب چواڻي ته سائين غلام مصطفي وڌو صاحب مئٿ ۽ جيوگرافي جو ماھر استاد ھيو. ھڪ سٺي استاد ۾ جيڪي به خوبيون ھئڻ گھرجن سي سڀ وڌي صاحب ۾ اڳ ۾ ئي موجود ھيون. گوسڙو ۽ سست شاگردن جي تعمير ڪندڙ ھيو، ان ڪري سندس شاگرد ٻين کان منفرد ۽ ذھين هئا. رٽائرمينٽ کان بعد رفاعي ۽ سماجي ڪمن ۾ بهرو ورتائون کين استاد جي ناتي مخير حضرات سندس ئي چوڻ مطابق چندا ۽ عطيا اعتماد ڪري ڏيندا ھئا جنهن ڪري سگا شهدادڪوٽ ڪيترا ئي خير جا ڪم ڪيا. اهڙي ريت هن پنهنجي ڀوُن کي ڀليرو بڻائڻ ۾ لاتعداد ڪوششون ڪيون. 1982ع ۾رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي ڳوٺ چاڪياڻي ۾ڳوٺ سڌار تنظيم جو بنياد رکيو، غلام مصطفيٰ وڌو هن جو مسلسل 10 سالن تائين صدر رهيو. 1998ع ۾ڳوٺ جي لاءِ ان وقت جي ايم پي اي محترم خدا ڏني خان چانڊيي کان واٽر سپلا اسڪيم، هاءِ اسڪول، روڊ ۽ اسپتال منظور ڪرائي.
هن رٽائرمينٽ جي پئسن ۽ ڪجهھ قرض وٺي دائود وڌو سنڌي ميڊيم اسڪول ۽ قضبانو وڌو پرائيويٽ هاءِ اسڪول 1998ع ۾ کوليائين جيڪو سائين جو خواب ھو ھن وقت تائين اھو اسڪول ان جا وارث سنڀاليندا اچن ، جتان هر سال سوين شاگرد تعليم پرائي اعليٰ تعليم لاءِ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو رُخ ڪن ٿا.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ان وقت جي مرڪزي سيڪريٽري صحت محترم غلام حسين بلوچ ٻڌايو ته هڪ دفعي شهدادڪوٽ ۾ اکين جي مفت لاءِ اچڻو پيو. هو منهنجو حسراڻي پيٽرول پمپ تي انتظار ڪندو رهيو پوءِ گڏجي تي ويا سين. ان وقت سگا شهدادڪوٽ جي سڄي سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي ڪئمپ هئي. پورا اٺ ڏينهن ڪئمپ هلي. ماڻهن جي رهڻ ۽ کائڻ جو الڳ بندو بست ٿيل هو. سنڌ ۽ بلوچستان جا پري پري کان ماڻهو آيل هئا. هو هر سال اکين جي ڪئمپ ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. ٻين ساٿين کي همٿائيندو هو. ڪجهه پاڻ ته وري ڪجهه ماڻهن کان مالي مدد وٺي خير جو ڪم جاري رکندو هو. هن کي سگا ۾ عهدي وغيره جي ڪڏهن به لالچ نه رهي. بنا نالي ڳڻائڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ جي هن ڪيترائي عظيم ڪم ڪيا، جن جي هڪ هن کي، ٻيو الله کي خبر هوندي. سگا شهدادڪوٽ جا ساٿي هن جي سماجي ڪمن ۽ محنتن کي اڄ به ياد ڪري اتساهه حاصل ڪندا آهن. هر سال سگا شهدادڪوٽ جا ساٿي هن جي نالي سان يادگار اکين جي مفت ڪئمپ جو سلسلو ا ڄ به جاري رکندا پيا اچن . چوويهه مفت اکين جو ڪئمپون لڳائي چڪا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي.
سائين غلام مصطفيٰ وڌو صاحب 01-08-2003 ع تي هن فاني جهان کي الوداع چئي، وڃي حقيقي مالڪ سان مليو، هن جو جسم خاڪي ڳوٺ صوبدار مستوئي جي وڌا قبرستان ۾ مدفون آهي، سندس ڪيل خدمتون هيمشه لاءِ ياد رکيون وينديون. شال خدا پاڪ کيس جنت الفردوس ۾اعليٰ جاءِ عطا فرمائي. آمين
مرحوم سائين غلام مصطفيٰ وڌي کي ڇهه نياڻيون ۽ ٻه پٽ محمد ايوب اسٽاڪ اسسٽنٽ وٽنري اسپتال شهدادڪوٽ، خليل احمد وڌو مڪينيڪل انجيئر سعودي عرب آهن.
هم فقيرون سي دوستي ڪرلو: محمد اعظم جروار
فقير محمد اعظم جروار 1945-08-25 تي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد محمد اسماعيل جروار قائداعظم محمد علي جناح جون تقريرون ريڊيو تي ٻڌڻ جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. جن کان متاثر ٿي پنهنجي هڪ پٽ جو نالو محمد اعظم ۽ ٻئي جو محمد علي رکيائين.
محمد اسماعيل يا هن جا وڏا معاشي طور تي پنهنجي زمينن ۽ دال روٽي وارا خوشحال هئا. ڳوٺ گل محمد جروار شهدادڪوٽ کان 14 ڪلو ميٽراتر طرف ڳڙهي خيرو روڊ تي واقع آهي. هن ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو پڙهيا لکيا آهن. ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ سياستدان آهن. ناليوارو وڪيل غلام حيدر جروار ، هاري ڪاميٽي جو مرڪزي رڪن مولوي عزيزالله جروار ، جماعت اسلامي جو وڏو نالو ۽ هتان صوبائي اليڪشن وڙهندڙ ڊاڪٽر صوبدار جروار، وڏو شاعر ، حڪيم ۽ ميزان ڪتاب جو ليکڪ نذير احمد جروار ، ڊاڪٽر محمد اسلم جروار، سرجن معيزالدين جروار، ڊاڪٽر رضيه جروار, اڳوڻو جوائنٽ سيڪريٽري واپڊا يونين شھدادڪوٽ محمد ايوب جراور، ايڊووڪيٽ دريا خان جروار وغيره هتان جون ڪجهه شخصيتون آهن.
محمد اعظم پنهنجي ابتدائي تعليم چار درجا پنهنجي ڳوٺ جي ديني مدرسي ۾ حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ جو امتحان هاڻوڪي اردو اسڪول ۾ شام جو هاءِ اسڪول هلندو هو اتان حاصل ڪيائين.اهڙي طرح اڳتي وقت حالات جي ضرورت مطابق وڌيڪ ڪورسز ڪيائين.
1966-07-01ع تي محمد اعظم جروار کي واپڊا حيسڪو ۾ بطور اسسٽنٽ لائين مين نوڪري ملي. ان وقت واپڊا ۾ نوڪري جي وڏي حيثيت هوندي هئي. محمد اعظم جروار پنهنجي خوش اخلاقي ڪري تر جي هر ماڻهو غريب امير، وڏيري ۽ آفيسر وٽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هو دل جو کليل هو ۽ ماڻهو جي نفسيات جو ماهر هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هن ماڻهن سان پنهنجا واستا مضبوط ڪيا . هن جي شهرت جو هڪ سبب اهو به هو ته محمد اعظم جروار نه صرف واپڊا پر هو پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن شهدادڪوٽ جي اليڪشن ۾ هر دفعي پنهنجا دوست کٽائيندو هو. بلدياتي اليڪشن ۾ پنهنجي حمايتي اميدوار حاجي سردار علي جروار کي بنا مقابلي شهدادڪوٽ جو ناظم چونڊرايائين.
هن جو جانور پالڻ جو شوق هوندو هو. واپڊا هائوس شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي ڪوارٽر جي پٺيان هن هڪ واڙو ٺهرايو جتي هرڻ، مور، ڦاڙها، گَڊَ رکيل هوندا هئا جن سان دل وندرائيندو هو. هو اڪثر ڪري صبح جو اٿي شاه جو رسالو پڙهندو هو، جيڪي هن جي سيراندي کان پيو هوندو هو. هو ماڻهن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ احوال وٺڻ جو شوقين هوندو هو ۽ چاهيندو هو ته ماڻهن ۾ رهان. هن کي اڪيلو ويهڻ پسند نه هوندو هو . سنگت يارن سان پيو وقت گذاريندو هو.. مهمانوازي جو به شوقين هوندو هو. هن وٽ هر قسم جا ماڻهو ايندا هئا، ان ڪري علمي، سماجي ۽ سياسي بحث پيا هلندا هئا، جن ۾ هو پاڻ به دل کولي حصو وٺندو هو. هن جي محفل ۾ ڀٽائي جي بيتن کان وٺي مزاحمتي تحريڪن تائين سڀ موضوع هلندا هئا. کل مزاق ۽ چرچا به پيا هلندا هئا. مطلب ته واپڊا هائوس تي ماڻهن جا ميلا لڳا پيا هوندا هئا.
جڏهن شام جو پاڇو ورندو هيو ته واپڊا شهدادڪوٽ جي ميدان اندر چؤطرف ڪچهري لاءِ ڪرسيون لڳي وينديون هيون ۽ هرڻن جي ڇالن، مورن جي جهمر ۽ گڊن ۽ ڦاڙهن جي سلامين سان ڪچهري شروع ٿيندي هئي. مهمان نوازي ۾ هو ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هيو. ڪافي دير تائين ڪچهري هلندي هئي. واپڊا جي يونين جي صدر ٿيڻ کان زونل چيئرمين تائين پهتو ۽ عبداللطيف نظاماڻي ليبر هال ٺهرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيائين ۽ هر عام واپڊا جي ملازمن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهيو.
سماجي ڪمن جي حوالي سان محمد اعظم جروار جون سگا شهدادڪوٽ طرفان اکين جي ڪئمپ ۾ تمام گهڻي مدد هوندي هئي.. 1994،95،96 ۽ 1997 واريون ڇهه ڏينهن لڳندڙ ڪئمپ ۾ ڊاڪٽرن ۽ مريضن جي رهائش ۽ ماني وغيره جو گھڻو خرچ ٿيندو هو ۽ سگا شهدادڪوٽ جي رڪارڊ موجب ڪو به ماڻهو فقير محمد اعظم جروار جيتري مدد ڪو نه ڪندو هو. سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين جي پروگرامن ۾ به مدد ڪندو هو. روشن تارا اسڪول گھوٽڪي جي منتظمين سان ڪچهري مان معلوم ٿيو ته اسڪول جي مد ۾ اعظم جروار صاحب گھوٽڪي جي ساٿين جي تمام سٺي مدد ڪئي هئي. هو شهدادڪوٽ شاخ جي اليڪشن جو چيئرمين به رهيو. سڀ ساٿي محمد اعظم جي دل سان عزت ڪندا هئا.
هن 15 سالن جي ڄمار ۾ پهرين شادي ڪئي ، جنهن مان هڪ ڌيءَ نالي فاطمه ۽ هڪ پٽ نالي محمد ايوب ڄائو، ڪجهه سالن کان بعد ٻئي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. بعد ۾ سندن ڪابه اولاد ڪانه ٿي. هن کي اولاد نه ٿيڻ جي ڪابه مايوسي ڪانه هئي. هو پنهنجي ڀائٽن ۽ ڀاڻيجن کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو هو ۽ انهن جي پرورش اولاد وانگر ڪندو هو.
محمد اعظم جروار کي سنڌ جي تاريخ سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي. هن پنهنجي ڀائٽن جا نالا دريا خان، سوڍو خان ۽ سوٽ جي پٽ جو نالو هوش محمد رکيو جيڪي سڀ سنڌ جي تاريخ ۾ هيرو آهن.
محمد اعظم جروار سائين جي ايم سيد کي نظرياتي ليڊر طور تسليم ڪندو هيو. شايد تنهن جي ڪري هن کي سنڌي ماروئڙن سان ڏاڍو پيار هوندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهو سائين جي ايم سيد جي شان ۾ ڪجهه طنزيا جملا ڳالهايا جنهن تي محمد اعظم جروار چيو ته پهريان وضو ڪري اچ بعد ۾ ان شخصيت جي باري ۾ ڳالهاءِ.
فقير محمد اعظم جروار ڪينسر جهڙي موذي مرض سان ٻه سال جنگ وڙهندي نيٺ 2010-04-09 تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس جنازي نماز ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڏاڏوئي قبرستان آهي.
هڪ جفاڪشي انسان: ڪيپٽن ڊاڪٽر محمد صالح شيخ
اڄ به جيڪڏهن اوهان ڪنهن جهوني حجم وٽ ويندا ۽ ٿورو احوال پڇندا ته هو اوهان کي وارن ٺاهڻ دوران نه صرف سڄي شهر جو بلڪه ملڪ جو احوال منٽن ۾ ٻڌائيندا ۽ وار به ٺهي ويندا. اهڙي طرح سڄي شهر جي ڊاڪٽرن تي اهڙو ته ڪمال جو تبصرو ڪندا جو ڄڻ ته انهن وٽ وڏا تجربا هجن. هر هڪ ڊاڪٽر تي واري واري سان تبصرو ڪندا. هر ڪنهن جي ڪانه ڪا خوبي يا اوڻائي بيان ڪندا. ڊاڪٽر محمد صالح لاءِ چوندا ته هن کي وڏو حافظو آهي. يادگيري جو پڪو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کان پنهنجن ابن ڏاڏن جا نالا وسري وڃن ته اچي ڊاڪٽر صالح کان پڇن. هو انهن کي چار پنج پيڙهين تائين جا نالا سولائي سان ٻڌائي سگهندو. واقعي به رب پاڪ هن کي تمام گهڻو حافظو ڏنو آهي.جيڪو به شخص هڪ دفعو هن سان مليو پوءِ سڄي زندگي هن کان نه وسرندو آهي. ڊاڪٽر محمد صالح چئي ٿو ته اهو هن تي رب پاڪ جو خاص ڪرم ۽ امڙ جون دعائون آهن . هن جا والدين بنيادي سنڌي تعليم پڙهيل هئا ۽ هن جو والد غلام رسول شيخ شهر ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ گهر جو خرچ پکو ڪڍندو هو. 02مارچ 1940ع تي غلام رسول شيخ کي پهريٽو پٽ ڄائو جنهن جو نالو محمد صالح رکيو ويو. رب جي حڪم سان ۽ والدين جي دعائن سان هو واقعي به وڏو صالح نڪتو. غلام رسول شيخ کي ٻيا به پنج پٽ ۽ چار نياڻيون رب پاڪ عطا ڪيون پر محمد صالح پنهنجي مٽ پاڻ آهي.
محمد صالح شيخ پرائمري کان ميٽرڪ جي تعليم شهدادڪوٽ ۾ ئي حاصل ڪيائون ۽ 1959ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان سنڌ يونيورسٽي بورڊ مان ميٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائون ۽ جڏهن کان وٺي هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ قائم ٿيو آهي ته هو پهريون شاگرد هو جيڪو ميٽرڪ جي امتحان ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ آيو هو. ان کان پوءِ هن حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتي پهرين ڏينهن تي ئي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ هالا وارو (باني سگا) مسعود نوراني نوابشاھ وارو (اسٽوڊنٽ ليڊر، سنڌ جو لا ايڊوائزر ھيو ۽ هاڻي ڪراچي جو مشھور ليبر ڪورٽ جو وڪيل) ۽ فضل صديق شيخ مٽياري وارو (سابق سيڪريٽري ليول جو ماڻهو ۽ سنڌ منرل ڊپارٽمينٽ جو آفيسر) جن سان ملاقات ۽ دوستي ٿي . اهي گورنمينٽ ڪاليج جو سڄو وقت هاسٽل ۾ روم ميٽ پڻ رهيا ۽ اڄ تائين سندن چواڻي اها دوستي قائم ۽ دائم آهي.
محمد صالح شيخ جي مسلسل محنت ۽ شوق ڪري خوشقسمتي سان MBBS لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ٿئي وئي. هن جو ۽ هن جي والدين جو خواب ساڀيان ٿيو. هن ڊاڪٽري پڙهڻ دوران به محنت ڪري ڪيترائي انعام ۽ ميڊل پڻ حاصل ڪيا. ان کان پوءِ Medicine ۽ Children وارن وارڊن ۾ هائوس جاب ڪيائون. بعد۾ R.B.U.T ۾ اسپتال شڪارپور ۽ سول اسپتال دادو ۾ ميڊيڪل آفيسر طور مقرر ٿيا.
هڪ ڏينهن ڊاڪٽر محمد صالح ۽ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ استاد بخاري (سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ان وقت جو دادو ڪاليج جو ليڪچرر) ويٺي ويٺي دادو ۾“سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن” جو پايو رکيو ۽ ان جي ميمبرشپ ڪرڻ ۾ لڳي ويا. ڊاڪٽر محمد سليمان ان ڏس ۾ پنھنجي تن، من ۽ ڌن سان محنت ڪرڻ لڳي ويو .سگا اڄ سنڌ جي تعليم ۽ سماجي کيتر ۾ تمام بهترين ۽ وڏي تنظيم آهي جنهن مان ڪافي فردن فائدو حاصل ڪيو آهي.
1971ع ۾ پاڪ هند جي جنگ جي ڪري فوج جا ڊاڪٽر، آفيسر هندستان ۾ ڦاٿل هئا انهن جي خال کي ڀرڻ لاءِ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ صاحب جن پاڻ کي والنٽئير طور پيش ڪيو ۽ سندن کي ڪيپٽن جي Rank ۾ لاهور ڇانوڻي ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ جلد ئي اڳين مورچن ۾ 09 بلوچ رجمينٽ جو R.M.O ڪري روانو ڪيو ويو جتي پڻ 09 بلوچ رجمينٽ جي قصور سيڪٽر جي بارڊر تي ڊاڪٽر جي حيثيت سان هن حصو ورتو جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ جن کي پاڪ آرمي جي طرفان تمغه جنگ ڏنو ويو. ان کان پوءِ جڏهن فوج جا پنهنجا ڦاٿل ڊاڪٽر موٽي آيا ته سول ڊاڪٽرس کي رليز ڪري واپس موڪليو ويو.
1974ع شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي ڪلينڪ کولي پرائيويٽ ڊاڪٽري شروع ڪيائون. ان دوران پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن جي شاخ پڻ کولرائڻ ۾ مدد ڪئي جنهن ۾ پاڻ صدر جي حيثيت سان رهيا. اڳتي هلي سگا جي شاخ شهدادڪوٽ ۾ پڻ قائم ڪرڻ لاءِ مدد ڪيائون جنھن سان اڄ تائين سلھاڙيل ۽ معاون طور شامل آھن ۽ ڊاڪٽر محمد صالح شيخ سگا شهدادڪوٽ جا بنيادي ميمبر آهن ۽ 1978 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين شامل حال رهندا پيا اچن. سگا شهدادڪوٽ جي اکين جي ڪئمپ کان وٺي هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان شامل رهيا آهن.
ڊاڪٽر محمد صالح شيخ اهڙي طرح 1974 کان 2017ع تائين پنهنجي زندگي جا 43 سال شهدادڪوٽ ۾ مناسب فيز، مختصر علاج ۽ کل ڀوڳ جي چاشني سان شهر ۽ پسگردائي جي ماڻهن جي خدمت ڪندا رهيا.هن وقت پنهنجن پٽن ، پوٽن ۽ گهر وارن سان اڪثر ڪراچي ۾ رهن ٿا ۽ اڪثر وقت عبادت ۾ گذارين ٿا. رب پاڪ هن کي شاد ۽ آباد ڪري ! صحت ۽ سلامتي عطا ڪري! ۽ هو پنهنجي اهل عيال سان خوش هجي! آمين
سگا شهدادڪوٽ جو سرواڻ: محمد اسلم شيخ
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بو بهار جي نما شخص محمد اسلم ولد حاجي رضا محمد شيخ شهدادڪوٽ ۾ تاريخ 1951-05-01 پيدا ٿيو. هن جي تعليمي قابليت ايم اي (لٽريچر)، بي ايس سي، ايل ايل بي آهي. هن جي سگا سان وابستگي سال 1978ع کان اڄ ڏينهن تائين هلندي اچي. هو سگا ۾ بحيثيت لائيف ميمبر، نائب صدر، جنرل سيڪريٽري ۽ صدر (سال 88 کان 1993ع) رهيا.
هن ادبي پروگرام، ميڊيڪل ڪئمپس، مذاڪرا، مختلف سماجي ۽ رفاعي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ۽ ڏيندو ٿو رهي. هن کي سگا شهدادڪوٽ برانچ پاران شهدادڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي ٻهراڙين ۾ مفت طبي ڪئمپن جو بنياد وڌو، جنهن سبب شهدادڪوٽ ۾ سگا جي پذيرائي ٿي.
هن شهدادڪوٽ جي ماحول ۽ مزاج ۾ ادب، مشاعرن، نوجوانن ۾ تقرير ۽ تحرير ڪرڻ جو جذبو پئدا ڪيو. محمد اسلم شيخ صاحب مرحوم نظام الدين سومرو جي قائم ڪيل نظاميه تعليم بالغان سينٽر ۾ اڻ پڙهيل، مزدورن، هارين، ڪاريگرن، هوٽل جي ٻيڙن وغيره کي ترغيب ڏئي ساڻن تعليمي ذوق پيدا ڪرايو. هو 1971ع کان 1973ع تائين بحيثيت ميونسپل هاءِ اسڪول/ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ سائنس ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن 1974ع کان 1995ع تائين بحيثيت وڪيل طور خدمتون انجام ڏنيون. ان بعد محمد اسلم شيخ 1995ع کان 2011ع تائين بحيثيت جج جي خدمتون انجام ڏنيون. هن 2011ع کان 2018ع تائين لا ڊپارٽمينٽ جي بحيثيت ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري قانون ۽ هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هن جي 2018ع کان اڄ تائين بحيثيت ميمبر سنڌ جوڊيشل هيومن رائيٽس ڪميشن گورنمينٽ آف سنڌ جي مقرري ٿي. پاڪستان ليول تي سماجي ورڪرس ۽ سندن خدمات جي سلسلي ۾ ضلعي لاڙڪاڻي مان محمد اسلم شيخ کي پاڪستان سوشل ايسوسيشن PSA پاران اسلام آباد ۾ وفاقي وزير سوشل ويلفر پاران گولڊ ميڊيل ''ستارہ سماج ''جو سوشل ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان علاوه هن اسلامي شريعـ ڪورس، IAPR قانون جي49 گروپ جي قاھرہ، مصر ۾ پاڪستان جي وفد جي نمائندگي ڪئي .هن ڪيترن ئي ھيومن رائيٽس ۽ لا، جسٽس تي ملڪي ۽ بين القوامـي سيمينارن ۽ مذاڪرن ۾ حصو ورتو آهي. هن کي قانون جي ڊرافٽنگ ۽ ان جي فني مھارت حاصل آهي.
سگا پاران بين الاقوامي ّسچل ڪانگريس 1989ع ۾ ٿي جنهن جي قافلي کي سنڌ گهمڻ دوران هن موهن جي دڙي تي سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين سان گڏجي ميزباني ڪئي. هن سگا جي 2018ع جي اليڪشن ۾ اعزازي چيف اليڪشن ڪمشنر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.
محمد اسلم شيخ جو نه صرف سماجي ڪمن طرف لاڙو نظر اچي ٿو پر هو علمي ادبي لحاظ کان به سرگرم رهيو آهي. سائين محمد اسلم شيخ جا ڇپيل ڪتاب شاداب شهدادڪوٽ (سنڌي) روح روان (سنڌي ۽ اردو) دل جو دفتر (شاعري)، (سنڌي، اردو ۽ انگريزي) يادن جي خوشبو (سنڌي) Visionانگريزي ۽ مختلف ريسرچ پيپر، مضمون ۽ مقالا وغيره شامل آهن. محمد اسلم شيخ جوھيومن راءيٽس تي ھڪ مستند ڪتاب انگريزي زبان ۾Inalienable Human Rightsسنڌ يڪا اڪيڊمي ڪراچي مان شايع ٿي چڪو آھي جنھنجي مھورت جلد ٿي رھي آھي. اسلم صاحب ادب ۽ شوشل۽ ھيومن راءٽيس جي وسيع کيتر۾ پنھنجي پھچان پنھنجي جنم ڀومي شھدادڪوٽ ّسان ارپي ڇڏي آھي. هوASIF ايسوسءشن آف سوشل ۽ انٽل ايڪچوءل فورم جا باني چيئرمن به آھن.
سگا شهدادڪوٽ شاخ جا ساٿي هميشه محمد اسلم کي پنهنجي سينئر ساٿي ۽ اڳواڻ سمجهندا آهن. هو جتي به هجي پر هن جي پنهنجن ساٿين سان گڏجي پوکيل ٻوٽو وڌي وڻ ٿيو آهي ۽ آس پاس جي علائقن جي ماڻهن کي ميوو ۽ ڇانورو ڏئي رهيو آهي. سگا جا ساٿي اهو تسلسل قائم رکندا پيا اچن. رب پاڪ کان دعا آھي ته سائين اسلم صاحب جتي به هجي پنهنجي اهل عيال سميت صحت ۽ سلامتي سان زندگيءَ گذاري. آمين
اصول پرست ۽ سنجيده انسان : ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو
سردار خان چانڊيي 18 اپريل 1953ع تي رئيس غوث ڏني چانڊيي جي گهر ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو ۾ جنم ورتو. ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو شهدادڪوٽ شهر جي اوڀر طرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، جيڪو اُن وقت جي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ اچي ٿو. هن بنيادي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي. جڏهن ته 1964-65ع ڌاري ڳوٺ اعتبار خان چانڊيو ۾ مڊل اسڪول جو بنياد پيو، جنهن جو پهريون استاد موجوده نالي وارو ليکڪ ۽ محقق سائين در محمد پٺاڻ مقرر ٿي آيو. جنهن وٽ ڇهين ڪلاس پڙهي، ستين ڪلاس لاءِ هن شهدادڪوٽ جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي.
سردار خان چانڊيي 1969ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان مئٽرڪ ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ داخلا ورتي. جتان 1971ع ۾ انٽر ۽ 1973ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. اُن وقت بورڊ جا امتحان حيدرآباد ۽ گريجوئيشن جا امتحان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان ورتا ويندا هئا. هن گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1975ع ۾ مئنيجر دفتر طور سرڪاري ملازمت شروع ڪئي، ۽ اهڙي ريت حيدرآباد سکر جي دفتر روزگار ۾ نوڪري ڪيائين.
1978ع ۾ هو والد جي طبيعت ناساز ٿيڻ سبب سرڪاري ملازمت تان استعيفيٰ ڏئي موٽي شهدادڪوٽ آيو. ساڳئي سال ۾ محترم محمد اشرف کهاوڙ سان گڏجي سگا شهدادڪوٽ شاخ جو بنياد وڌائون. جنهن بعد ميمبر سازي ڪري ڪم شروع ڪيو ويو. 1978 کان وٺي سگا شهدادڪوٽ سان لاڳاپيل آهن. سگا شهدادڪوٽ شاخ جا ٻه دفعا جوانٽ سيڪريٽري رهيا آهن ۽ شروعاتي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ ساٿين سان شامل هوندا هئا. هن جي دور ۾ ڪيترائي ادبي ۽ علمي پروگرام ٿيا ۽ صحت جون ڪئمپون لڳيون.
سردار خان چانڊيي ان دور ۾ ايل ايل بي لاءِ لا ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي، جتي اُن وقت قاضي اختر صاحب هيو. ايل ايل جي ڊگري وٺڻ بعد 1982ع ۾ سنڌ بار ڪائونسل ۾ رجسٽر ٿيو. جنهن بعد وڪالت سان گڏو گڏ سگا جي پليٽ فارم تان مختلف سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندو رهيو.
قمبر شهدادڪوٽ ضلعو ٿيڻ سبب 2006ع ۾ بار ڪائونسل قمبر شهدادڪوٽ ۾ رجسٽر ٿيو. ۽ 2007 ۽ 2008ع لاءِ ضلعي صدر مقرر ٿيو. جنهن بعد هو نومبر 2008ع ۾ جج ائنٽي ٽيررازم طور مقرر ٿيو، جيڪا ڪورٽ جيڪب آباد، شڪارپور، ۽ ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ تي مشتمل هئي. ۽ ڪورٽ جيڪب آباد ۾ هئي. 2011ع ۾ جج جي عهدي جو مدو پورو ٿيو.
سردار خان چانڊيو عهدي جو ٽائيم پورو ڪري واپس شهدادڪوٽ آيو، ۽ پوءِ وڪالت سان گڏو گڏ سماجي ڪم شروع ڪيائين ۽ هن وقت پنهنجي حال ۽ مزاج آهر سماجي ۽ خير جا ڪم ڪندو ٿو رهي. رب پاڪ کان دعا آهي ته هو پنهنجي اهل عيال سميت خوش ۽ سلامت هجي. آمين
شھدادڪوٽ جو مسيحا: ڊاڪٽر عبدالستار وڌو
ڊاڪٽر عبدالستار عرف گدا حسين وڌي جو جنم30 نومبر 1961ع مشهور ڳوٺ چاڪياڻي ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو احمد خان وڌو آهي، جيڪو ايس. ڊي. او (ايريگيشن ) هوندو هو. هن جو ڳوٺ چاڪياڻي شھدادڪوٽ شهر کان ست ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي موجود آهي. چاڪياڻي شھدادڪوٽ جو پاٽ شريف آهي، ڇاڪاڻ ته هتي علمي ادبي پڙهيل لکيل ڪيتريون ئي شخصيتون پيدا ٿيون آهن، جن سڄي سنڌ ۾ نالو روشن ڪيو. ڊاڪٽر عبدالستار وڌو صاحب انهن بي باڪ شخصيتن منجهان هڪ آهي.
ڊاڪٽر عبدالستار وڌي بنيادي تعليم مين پرائمري اسڪول (هاڻوڪي خدا بخش مين پرائمري اسڪول) شھدادڪوٽ مان ورتي. ميٽرڪ 1976ع ۾ گورنمينٽ پرونشلائيزڊ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۽ انٽر 1979ع گورنمينٽ ڪاليج شھدادڪوٽ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. سندس ذھني لاڙو شروع کان ئي مزاج مسيحائي هيو، اهو ئي سبب هو جو هن1987ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽريءَ پڙهي MBBS جي ڊگري ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد 1988ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي اکين جي شعبي ۾ هائوس جاب ڪيائين. 1989 ع ۾ ڊائو يونيورسٽي ڪراچي ۾ پروفيسر منظور صاحب وٽ پوسٽ گريجوئيٽ جو شاگرد رهيو بعد ۾ Specialization in Ophthalmology in MCPS from College of Physician and Surgeon Karachi ۾حاصل ڪيائين. ۽ پوءِ سڀ کان پهريان 10 مارچ 1990ع تي عاقل لاڙڪاڻي ۾ ميڍيڪل آفيسر جي حيثيت سان گورنمينٽ ملازم طور شامل ٿيو. ڊاڪٽر صاحب ميڍيڪل آفيسر کان علاوه هڪ ٽريني رجسٽرار طور 1990 ع کان 1994ع تائين رهيو. 1994ع کان 1996ع تائين ڪراچي جي اسپتال ۾ رهي ميڊيڪل جي ٿرڊ ۽ فورٿ ييئر جي شاگردن کي پڙهائيندو هو.
ڊاڪٽر عبدالستار صاحب پنهنجي محنت سان سڄي سنڌ مان واحد شاگرد هو جنهن MCPS جو امتحان سيپٽمبر 1996ع ۾ پاس ڪيو. پروفيسر منظور مرزا جي نظرثاني ۾ MCPS ڪرڻ يقينن هڪ اعزاز هو. پنهنجي استاد جي حڪم ۽ خواهش تي اڳتي پڙهائي ڇڏي ۽ وڌيڪ ڊگريون حاصل ڪرڻ بدران اچي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ پنهنجي شهر شهدادڪوٽ پهتو. (جيڪو شهر سندس جنم ڀومي پڻ آهي.) جتي 17 ڊسمبر 1996ع تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ اکين جي ماهر ڊاڪٽر طور شامل ٿيو. مئي 1998ع تي اکين جي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪميشن ٿي. 22 ڊاڪٽرن جي ميرٽ ۾ هو ٻيو نمبر آيو.
جڏهن ڊاڪٽر عبدالستار وڌو تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ آيو ته اُتي اکين جو الڳ وارڊ يا سامان وغيره ڪونه هو. هن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم شروع ڪيو، ۽ سگا شهدادڪوٽ شاخ جا ساٿي پڻ سندس مدد گار رهيا. اهو اڄ تائين اسپتال جي رڪارڊ ۾ آهي ته اکين جي وارڊ کي رنگ ڪرائڻ، بنيادي سامان وٺي ڏيڻ، ۾ شروعات سگا شهدادڪوٽ ڪئي. ڊاڪٽر عبدالستار صاحب تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ پاڻ مرادو انقلابي قدم کڻي او پي ڊي، اکين جو وارڊ ۽ بلاڪ قائم ڪيو. جنهن ۾ هن اکين جي مريضن لاءِ خاص طور آپريشن ٿريٽر به قائم ڪيو آهي. 2003 ع ۾پريوينشن اينڊ بلائينڊنيس سيل ڪراچي جي تعاون سان ڪافي سامان مليو، جنهن سان هن اکين جو يونٽ ٺاهيو ۽ اڄ تائين بهترين خدمتون ڏئي رهيو آهي. هن پنهنجي ماهراڻي تجربي جي بنياد تي هڪ مهيني جي ڄاول ٻار جو ڪامياب آپريشن ڪري مثال قائم ڪيو. کيس اکين جي ليزر ۽ ٻين گهڻين اهم قسمن جي سرجرين جي قابليت حاصل آهي. هن پنهنجون ذاتي ڪوششون وٺي شهدادڪوٽ جي اسپتال جي اکين جي وارڊ کي نهايت ڪارگر بڻايو. هر سال اسپتال مان لڳ ڀڳ 3000 جي آپريشن لينس عام ماڻهن جي بنا پئسي جي ٿيو وڃن.
ڊاڪٽر عبدالستار وڌو شهدادڪوٽ ۽ آسپاس ۾ ٽراڪوما جي بيماري بابت 1997ع کان واسطيدار ادارن ڏانهن لکندو رهيو. 2010ع تي نيشنل ليول سطح تي سروي ڪرائي وئي، جنهن ۾ ضلعو قمبر شهدادڪوٽ پوري پاڪستان ۾ چترال کان پوءِ ٽراڪوما جي بيماريءَ لاءِ ٻين نمبر تي آيو. ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ پي سي بي ۽ عالمي ٽراڪوما تنظيم طرفان ٽراڪوما بيماريءَ لاءِ آيل دوائن جي ورهاست ڊاڪٽر عبدالستار وڌي جي اڳواڻيءَ ۾ ٿي.
2018 ع ۾ انٽرنيشنل ٽراڪوما ايجنسيءَ طرفان جرمنيءَ کان پروفيسر مارٽن آيو. سنڌ اسپتال وزيوئل سائينسز حيدرآباد ۾ جنهن ۾ سڄي پاڪستان مان 11 ڊاڪٽر هئا. جن کي مارٽن خاص سکيا ڏني. مريض جا وار پمبڙين اندر سڙي ويندا آهن، انهن جي بچاءَ لاءِ اسپيشل آپريشن سيکاري، جيڪا انٽرنيشنل آرگنائيزيشن کان مڃيل آهي. 15 ڏينهن جي ٽريننگ کان پوءِ انهن ڊاڪٽرن کي انٽرنيشنل طور تي ٽراڪوما جو ماسٽر ٽرينر طور تي سنَدَ ڏني وئي.هن ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل آفيسرن جي ٽريننگ ڪرائي آهي ۽ ٽراڪوما جي نئين آپريشن ڪرڻ سيکاري آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪردار جو وڏو پاسو انساني ڀلائي خاطر هر وقت تيار رهڻ ۽ بنا لالچ ۽ لوڀ جي وقت تي ڪم اچڻ ۽ عملي طور انهي کي ثابت ڪرڻ آهي. انهيءَ جو مثال اسان جي سگا جو پليٽفارم آھي. جڏهن 1987ع ۾ سيوهڻ شاخ اکين جي ڪئمپ organize ڪئي ته انهي ۾ سر فهرست رهيا. اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ مفت اکين جي ڪئمپ ۾ عبادت سمجهي اڄ ڏينهن تائين خدمتون ڏيندا رهن ٿا. ڊاڪٽر عبدالستار وڌي ميڊيڪل شعبي ۾ مخلتف سماجي ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن 1997ع ۾ سگا طرفان لڳايل پهرين اکين جي ڪئمپ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان پوءِ هو سگا شهدادڪوٽ شاخ جي ٻين سڀني سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آهي. هو سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪيترين ئي اکين جي ڪئمپن جو حصو رهيو آهي. هن پاڪستاني ٽيم سان اکين جي عالمي ڪئمپن، جهڙوڪ: عراق جي شهرن، ڪربلا موليٰ، نجف اشرف، ڪوت ۽ ديوانه صوبي ۾ حصو وٺي عالمي مهارت ۽ شهرت حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب 1997ع کان سگا شاخ شهدادڪوٽ ۾ ميمبر جي حيثيت سان شامل ٿيو. هو سگا شهدادڪوٽ شاخ کي سماجي ڪمن ۾ جاني توڙي مالي سهڪار به ڪندو رهي ٿو. هر سال سگا شهدادڪوٽ طرفان اکين جي ڪئمپ جي سرواڻي ڄڻ سندس ذمو هجي. سندس دلچسپي سبب ٻيا به اکين جا ڊاڪٽر اچي ڪئمپ ۾ پنهنجون خدمتون ڏيندا رهن ٿا. سگا شهدادڪوٽ هن وقت تائين 25 اکين جون ڪئمپون لڳائي چڪي آهي، جنهن جو گهڻو ڪريڊٽ ڊاڪٽر عبدالستار وڌي صاحب ڏانهن وڃي ٿو. سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين وٽ ڊاڪٽر عبدالستار صاحب جي تمام وڏي عزت ۽ احترام آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو ڪيترا ڀيرا اليڪشن ڪاميٽي سگا شهدادڪوٽ جو چيئرمين ۽ ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.
هو 1998ع ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو نائب صدر مقرر ٿيو. پي ايم اي تعلقي شهدادڪوٽ جي چار دفعا صدر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون اٿس. هن وقت ٻيو دفعو لڳاتار ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو صدر آهي . ڊاڪٽر صاحب ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڊاڪٽرن جي حقن لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندو رهي ٿو. ۽ 2007ع کان 2017ع تائين پاڪستان ڊاڪٽرس فورم جي صدر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين.
ڊاڪٽر عبدالستار پي ايم اي ۽ پي ڊي ايف جو صدر هوندي 2007ع ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران سڄي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي اندر ڪيتريون ئي ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ۽ 10 محرم الحرام ۽ چهلم تي شهدادڪوٽ جي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ميڊيڪل ڪئمپون پڻ لڳائيندو رهي ٿو. هن وقت به پيپلز پارٽيءَ طرفان پي.ڊي. ايف جو ٻيون دفعو ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو صدر آهي. سندس چوڻ آهي ته 2006ع ۾ ڊاڪٽر ضياءُ الدين صاحب ذاتي دلچسپي سان پي سي بي سيل جي طرفان ييگ ليزر مشين ڏني، جيڪا مسلسل 10 سال هلي. لک پڙهه ڪئي سي پر ڪم نه ٿيو. ييگ ليزر سمجهو ته سيڪنڊ لائين سرجري هوندي آهي. ييگ ليزر مشين ذريعي رڪارڊ موجب 30350مريضن جو آپريشن ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن في مريض کان ييگ ليزر آپريشن جا 5000 به وٺجن ته هڪ ڪروڙ ستهٺ لک عوام جا بچيا آهن. تازو ئي ڊِي.سي قمبر شهدادڪوٽ جاگيراڻي صاحب ذاتي دلچسپي وٺي 9 لک 8 هزار روپيا ڪنهن مخير ماڻهو کان ڪمپني کي ڏياريا ڪافي عرصي کان خراب ييگ ليزر مشين ٺهرائي، ۽ هاڻي اها ييگ ليزر مشين هلي ٿي ۽ ڊاڪٽر صاحب وري آپريشنون ڪري پيو .
هن کي تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ ۾ 24هون سال هلي ٿو. اسپتال جي رڪارڊ موجب هو گذريل سال تائين 2 لک 22 هزار او پي ڊي ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ پرائيويٽ يا ڪئمپ جي او پي ڊي الڳ آهي. نه صرف اهو پر هن 3500 ليزر آپريشن ڪيا آهن، 9000 (نو هزار) ميجر آپريشن ڪيا آهن، 8500 مائينر آپريشن ڪيا آهن. سگا شهدادڪوٽ جي گذريل 25 ڪئمپن جي رڪارڊ موجب هن 9000 جي لڳ ڀڳ آپريشن ڪيا آهن، جيڪو حقيقت ۾ وڏو رڪارنامو آهي .هو هڪ مسلسل جدوجهد ڪندڙ بي لوث خدمتگار آهي. رب پاڪ هن کان خير جا ڪم ڪرائيندو رهي ٿو. جيڪي عين عبادت ۽ صراط مستقيم جي رستي پار ڪرائڻ وارا آهن.
ڊاڪٽر عبدالستار وڌي کي قومي بين الاقوامي تنظيمن طرفان بي لوث خدمتن جي مڃتا عيوض مختلف انعام ۽ ڪيترا ئي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا آهن.
1. انسان همدرد سنگت شهدادڪوٽ طرفان سٽيزن ايوارڊ سان نوازيو ويو.
2. سٽي گورنمينٽ طرفان 2006 ۾ تعلقي شهدادڪوٽ جو بيسٽ ڊاڪٽر ايوارڊ مليو.
3. شهدادڪوٽ فورم طرفان بهترين شهري جي انعام سان نوازيو ويو.
4. سگا برانچ شهدادڪوٽ جي طرفان بهترين ڪارڪردگي جو انعام پڻ ڏنو ويو.
5. سگا مرڪز طرفان بهترين خدمتن تي گولڊ ميڊل ڏنو ويو.
کاهوڙي سگائي
هادي بخش منگي
1989ع جي نومبر مهيني جا آخري ڏينهن هجن، سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين صدر محمد اسلم شيخ ۽ جنرل سيڪريٽري استاد محمد حسن پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ ڪيترائي ساٿي صبح جو سوير تيار ٿئي اچي سنڌ جي هزارين سال پراڻي تاريخ جي حقيقي ثبوت ۽ دنيا ۾ رهندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين ۾ آباد ويران شهر موهن جي دڙي تي پهتا ڇاڪاڻ جو سگا طرفان لڳايل بين الاقوامي سچل ڪانگريس جي وفد کي ڀليڪار ڪرڻو هو.هي وفد ڪانفرنس جون ڪيتريون ئي نشستون پوريون ڪري سنڌ جي دوري تي نڪتل هو. ڪيترن ڏينهن کان سنڌ جا شهر، تاريخي ماڳ ۽ مشهور هنڌ گهمندو اچي موهن جي دڙي تي پهچڻو هو. وفد ۾ سگا جا سرواڻ محترم ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، سگا چيئرمين برڪت علي چوهاڻ، سيڪريٽري جنرل ممتاز ڪلهوڙو، شمشير الحيدري، ولي محمد روشن ، وينا شرنگي ۽ ٻيا ڪيترائي هنڌ سنڌ جا پيارا ماڻهو شامل هئا. هر ڪنهن کي وڏو جوش هو، وڏي خوشي هئي. سگا تي ضيا طرفان لڳايل بين تازو محترمه بينظيرڀٽو ختم ڪيو هو. سگا هڪ دفعو ٻيهر نئين ولولي سان سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن جي نمائندي ڪري رهي هئي.قافلي کي موهن جي دڙي تي پهچڻ تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ شهدادڪوٽ جي ساٿين ڏونڪن سان ڇيڄ هڻي ،دهلن شرناين سان روايتي انداز ۾ ڀليڪار ڪئي وئي. تمام وڏو جوش ۽ ولولوهو جيڪو ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب بڻيو. شهدادڪوٽ مان جيڪي ساٿي ڀليڪار لاءِ شامل ٿيا هئا انهن مان هادي بخش منگي به هو. سنهڙو سيپڪڙو غريب طبقي سان واسطو رکندڙ هن شخص کي موهن جي دڙي جي ان وقت نومبر جي سرد هوا آنڌ مانڌ پيدا ڪري ذهن تي گرمي پيدا ڪئي. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ، پنهنجي ڳوٺائن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۽ اتساهه پيدا ٿيو. هن پنهنجي محسنن سان گڏجي سماجي ڀلائي جا ڪم شروع ڪيا ۽ ايترو سرگرم ٿئي ويو جو نيٺ هڪ ڏينهن هادي بخش منگي شهدادڪوٽ شاخ جو 1994ع ۾ صدر ٿئي ويو. سگا شهدادڪوٽ شاخ ۾ 1978 کان پوءِ پهريون دفعو 1994 ۾ وڏي تبديلي آئي . ڇو جو شروع کان عهديدار ساڳيا رهيا هئا.
هادي بخش منگي شهدادڪوٽ شهر جو عام پورهيت هو. هن جي پيدائش 13 آگسٽ 1965ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿي. هن جي والد جو نالو سرائي خدا بخش منگي هو. پرائمري تعليم گورمينٽ پرائمري اسڪول قمبراڻي شهدادڪوٽ مان حاصل ڪيائين.ميٽرڪ 1982۾ گورنمينٽ پروونشلائيزڊ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۽ انٽر 1984۾ گورنمينٽ ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ حاصل ڪيائين. گريجوئيشن 1987ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي قمبر سينٽر مان ڪئي ۽ ايل ايل بي لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين.
هادي بخش منگي سگا شهدادڪوٽ ۾ ڪافي تحرڪ پيدا ڪيو. هن ڪيترائي ميڙاڪا ۽ گڏجاڻيون ڪرايون. شهر جي مسئلن تي واسطيدار ادارن ۽ اخبارن ڏانهن لکپڙه ڪئي. ايف پي بند ٽٽڻ تي شهر مان پڪل کاڌو تيار ڪري بند تي غريب ماڻهن کي ڏيئي ايندا هئا. سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين طرفان ڏينهن رات هڪ ڪري ٻوڏ ۽ برسات جي سٽيل مسڪين ماروئڙن ۾ ان وقت جا 80 اسي هزار روپين جو امدادي سامان پهچايو جنهن ۾تيار ٿيل کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ٻيو ڪافي دفاعي سامان فراهم ڪيا ويا. شهدادڪوٽ ۾ 8 اٺ روزه مفت اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾اکين کان معذور 436 مريضن ماڻهن جي اکين جي مڪمل آپريشن ڪرڻ بعد کين فارغ ڪيو ويو ۽ اکين جي چيڪ اپ ۽ آپريشن لاءِ ٻاهرين شهرن کان اکين جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن کي گهرايو ويو ۽ ان کان علاوه ٻاهر کان آيل ايترن ماڻهن لاءِ رهائش جو به باقائده بندوبست ٿيل هو، جنهن سان ڪنهن به مريض کي تڪليف سان منهن ڏيڻو نه پيو. هادي بخش ۽ سگا ساٿين شهري مسئلن جي حل لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾مهمان خاص سنڌ جي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه جو خاص صلاحڪار عبدالعزيز ٻرڙو جن هئا، جنهن نهايت اطمينان سان شهرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي فوري حل لاءِ يقين ڏياريو . ان کان علاوه هادي بخش منگي ساٿين سان گڏجي ميونسپل لائبريري ۾سگا مرڪز طرفان هدايتن تي هنر سکو، روزگار حاصل ڪيو سيمينار ڪوٺايو .جنهن ۾ ڪيترن ئي مسئلن تي ماڻهن ڳالهايو. روزگار حاصل ڪرڻ ۽ هنر سکڻ تي زور ڀريو ويو.
شهدادڪوٽ ۾پهريون دفعو سگا جي تعاون سان شفقت حسين وڌو جي خوبصورت ۽ وڻندڙ پينٽ ڪيل تصويرن جي نمائش ڪرائي وئي ۽ ان تصويري نمائش واري تقريب ۾ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو محترم شمس جعفراڻي مهمان خصوصي طور22 آڪٽوبر 1995ع تي شرڪت ڪئي ۽ جنهن پنهنجي خطاب دؤران ان نمائش جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اگر اها نمائش ڪنهن وڏي شهر ۾منعقد ٿئي ها ته ان جو ڪو وڏو قدر ڪيو وڃي ها، هن چيو ته اها اسان جي خوش نصيبي آهي جو سگا جي تعاون سان اهي دلچسپ ۽ اهم نمائش ننڍي شهر ۾ڪرائي وئي . سگا شهدادڪوٽ طرفان 14 آگسٽ پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن تي نوجوان شاگردن ۾ذهني چٽاڀيٽي جو مقابلو ڪرايو ويو ۽ تنهن کان ڪجهه ئي ڏينهن گذرڻ بعد تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ۽ پاڪستان جي پوليو مهم ۾ پڻ حصو ورتو ويو ۽ سگا پاران هزارين ٻارن کي پوليو جي بيماري کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، شهر ۾مختلف راندين جون ٽورنامينٽس ڪرايون ويون ۽ انعام به سگا پنهنجي طرفان تقسيم ڪرايا . ان کان علاوه سگا شهدادڪوٽ جي ساليانه تنظيمي ڪارڪردگي کي مد نظر رکندي پوري سنڌ ۾سگا شهدادڪوٽ جي بهترين ڪارڪردگيءَ ۽ رڪارڊ ڪارنامن تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن طرفان 1995ع تي شهدادڪوٽ شاخ جي صدر هادي بخش منگي کي وزيراعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه هٿان سلور ميڊل انعام ڏنو ويو.
هادي بخش منگي ۽ ساٿين تمام وڏي جدوجهد ڪئي. انهن لک پڙهه ڪئي ته جيئن ٻين شهرن جيان شهدادڪوٽ ۾ معياري تعليم جي حصول لاءِ روشن تارا اسڪول کولجي. هڪ يادگار گڏجاڻي سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئشن شهدادڪوٽ جي ميمبرن جي 1996 سٽيزن ڪلب ۾ٿي، جنهن ۾مرڪزي عهديدارن سميت سگا شاخ جي ٻين عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي، صدارت مرڪزي وائيس چيئرمين علي گوهر پٺاڻ ڪئي، جڏهن ته ڪارروائي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مظهرالدين ميمڻ هلائي. اجلاس ۾سگا جو صدر هادي بخش، غلام مصطفيٰ وڌو، واجد سيال، ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار، سائين لال، امداد چانڊيو، محمد بخش کهاوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد اجمل ڪمبوهه، وهاب پندرائي، سرور سيلرو ۽ ٻين ڪيترن ئي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ٻڌايو ويو ته سگا طرفان شهدادڪوٽ ۾روشن تارا اسڪول کوليو پيو وڃي جنهن جي موٽ شهرين پڻ ڏني، مرڪزي عهديدارن ان سلسلي ۾بهترين ڪم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. وقت جي اعلي آفيسرن ڏانهن گورنمينٽ جو پلاٽ ڏيڻ لاءِ ڪيئي سال لک پڙهه ڪئي وئي. پلاٽ جي نشاندهي ۽ نقشو به جمع ڪرايو ويو پر هر آفيسر پنهنجون پنهنجون مجبوريون ٻڌايون تان جو اڄ ڏينهن تائين روشن تارا اسڪول شهدادڪوٽ ۾ نه کلي سگهيو آهي پر ويچاري خواهش اڃان سگا شهدادڪوٽ جي ساٿين جي سيني ۾ ساڀيان لاءِ سڏڪا ڀري رهي آهي.
هادي بخش منگي جا جذبا اڄ به جوان آهن . هو مسلسل ساٿين سان پنهنجي حال آهر ڪوشش ڪندو ۽ ساٿ نڀائيندو اچي ۽ هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿئي ساٿين سان ساٿ ڏيندو اچي. رب پاڪ پنهنجي محبوب جي صدقي اهڙن پيارن ماڻهن کي پنهنجي اهل عيال سميت خوش رکي. آمين
مصروف زندگي گذاريندڙ : ڊاڪٽر شاهنواز شيخ
ڊاڪٽر شاهنواز شيخ جو جنم جي تاريخ 06/04/1965 جنم ڏينهن شھدادڪوٽ شھر ۾ ٿيو پر هن جو اصلي ڳوٺ چوھڙپور ديھه آگاڻي تعلقو ۽ ضلعو لاڙڪاڻو جتان هن جو والد حاجي ھدايت الله خان شاديءَ کان پوءِ چوھڙپور مان شھدادڪوٽ شھر شفٽ ٿيو. هن پنھنجي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري مھراڻ اسڪول مان حاصل ڪئي. جتي هو ننڍي لاءِ کان وٺي تمام گھڻو متحرڪ ، پر اعتماد ۽ ملڻو جلڻو شاگرد هوندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو ٻاراڻي وھي ۾ گلن جھڙا ٻارڙا شھدادڪوٽ جو صدر ٿيو. پھريائين چڻنگ سنگت شھدادڪوٽ جو صدر ۽ بعد ۾ چڻنگ سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل رھيو. ڊاڪٽر شاهنواز شيخ جون چڻنگ سنگت، گلن جھڙا ٻارڙا ، گل ڦل ، روزاني نجات ، آفتاب ، سنڌ ٽائيمس ، سنڌ نيوز، جاڳو، برسات، عبرت، عبرت مئگزين، عوامي آواز، ھلال پاڪستان، ھلال ميگزين، لطيف ڊائجسٽ، ھفتيوار اخبار جهان، ٽي ماھي مھراڻ، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون، ڪھاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون شايع ٿيون.
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ سگا شھدادڪوٽ برانچ سان وابستگي رهي ۽ بعد ۾ باقاعده ميمبر ان وقت جي سگا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مظهر ميمڻ صاحب جي ھٿان ٿيو. هن سگا شهدادڪوٽ جي صدر ٿيڻ بعد ڪيترن نون ساٿين کي ميمبر ڪيو جن ۾ آئون ( خالد حسين چنا) به شامل آهيان. ڊاڪٽر شهنواز شيخ سگا شھدادڪوٽ برانچ جو 2 ڀيرا صدر رهيو، ان دوران هن سگا شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري محترم ممتاز وڌو ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي رمضان شريف ۾ ٽن ڏينھن واري سگا عيد بچت بازار موجوده سائين خدابخش سومرو مين پرائمري اسڪول شھدادڪوٽ ۾ لڳائي ، جتي ھول سيل ريٽ تي ضرورت جون شيون ماڻھن کي فراهم ڪيون ويون ، ان کان سواءِ ٻارڙن توڙي عورتن جي تفريح لاءِ پڻ انتظام ھيو، جنھن ۾ ڏينھن جو عورتون ۽ شام جو مرد خريداري ڪندا هئا جيڪو وڏين تڪليفن، رڪاوٽن، شيطان صفت ماڻھن جي ڪريل حرڪتن باوجود، الله پاڪ جي ٻاجهھ، سگا جي سمورن دوستن جي محنت، سچائي ۽ شھر جي سڀني سياسي، سماجي، مذھبي، ادبي، پڙھيل لکيل، سلجھيل دوستن ۽ صحافين جي ساٿ سان شھدادڪوٽ شھر جو ھڪ منفرد، منظم، بھترين نه وسرندڙ ۽ يادگار پروگرام ثابت ٿيو.
ان کان سواءِ ڊاڪٽر شهنواز شيخ جي وقت ۾ٻوڏ جي ستايلن لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپس جن ۾ جنرل، ڪن نڪ ڳلي، ڇاتيءَ، چمڙي ۽ ٻين مختلف بيمارين جي علاج جون ڪئمپون لڳايون ويون. پوليو خلاف مهم ۾ پڻ حصو ورتو ويو، ھيپيٽائيٽس جي آگاھي لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا جي لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ۽ ڪيترن ئي غريب ماڻھن جي مفت چڪاس ڪئي وئي.
پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ضلعي لاڙڪاڻي جو نائب صدر رھيو ۽، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي چانڊڪا مئگزين جو چيف ايڊيٽر، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن شھدادڪوٽ جو 2 ڀيرا صدر ۽ 1 ڀيرو جنرل سيڪريٽري پڻ رھيو چڪوآهي.
شھدادڪوٽ سماج سڌار سنگت جي جنرل سيڪريٽري ھجڻ دوران، جنھن جو صدر مرحوم غلام نبي سومرو ھيو، هن شھدادڪوٽ شهر ۾ سماجي ڪمن ۾ اھم ڪم ان وقت ڪيو جڏهن سڄي سنڌ ۾ ھيروئن جي وبا پنهنجي اوج تي ھئي ۽ اسان جي شھر شھدادڪوٽ جا نوجوان پڻ ان ۾ جھجھي تعداد ۾ مبتلا ھيا. ھيروئن ۾ مبتلا نوجوانن کي ان عادت مان جند ڇڏائڻ لاءِ مختلف دوستن ۽ تنظيمن ساڻ گڏجي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي جيڪا موجوده گرلس پرائمري اسڪول ۾ وئيڪيشن دوران 30 ڏينهن کان بہ وڌيڪ ھلي جنھن ۾ ڪافي نوجوان ھيروئن جھڙي گندي عادت ڇڏي ويا ۽ صاف سٿري زندگي گذارڻ لڳا. ان کان علاوه مختلف مفت طبي ڪيمپون ، مختلف وقتن تي پڻ لڳايون ويون .
انگريزي اخبار روزاني ڊان، سنڌ ايڪسپريس ۽ سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ جرنلسٽ رھيو. ڪاليج مئگزين شھدادڪوٽ جو چيف ايڊيٽر هو. لطيف ادبي سنگت شھدادڪوٽ ڪاليج جي صدر ھئڻ دوران ڊاڪٽر شاهنواز شيخ 1981 ۾ شھدادڪوٽ ڪاليج جي ميدان تي دوستن سان گڏجي هڪ يادگار جشن لطيف ملھايو ، جنھن جي صدارت استاد بخاري ڪئي ھئي، جنھن ۾ ان دؤر جي سنڌ جي ناميارن اديبن، شاھ لطيف جي پارکن، شاعرن، قلمڪارن، فنڪارن علڻ فقير، جيجي زرينا بلوچ، منظور سخيراڻي، قمر سومرو ۽ ٻين فنڪارن لطيف سرڪار کي ڳايو ھيو ۽ شھدادڪوٽ شھر ۽ انجي پسگردائيءَ جي ماڻهن تمام گهڻي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ھئي.
شاگرديءَ واري زماني ۾ جنرل ضياء جي دور ۾ گرفتار ٿيو جنھن ۾ سي آئي سينٽر لاڙڪاڻو ۽ آرمي ڪيمپ ريلوي اسٽيشن قمبر سميت مختلف ھنڌن تي رکيو ويو، سي آئي سينٽر لاڙڪاڻو ۾ هن سان گڏ ساڳي ھٿڪڙي ۾ مرحوم سائين حسين شاه سجاول وارو به ھيو ۽ اهي تقريبن سورھن ڪلاڪ اڀا بيٺل ھيو، ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ ۾ هلايو ويو. بينظير ڀٽو صاحبه پنھنجي پھرئين وزارت اعظمي ۱ جي دور ۾، اھي ڪيس واپس وٺي، عدالتي حڪم وسيلي ختم ڪيا.
1988 ۾ جڏهن 01 آڪٽوبر تي فاشسٽ لساني گروھ ايم ڪيو ايم جي رهزنن ۽ قاتلن طرفان بيگناھ سنڌي ماڻهن جو ڪراچي ۾ قتل عام ڪيو ويو ان وقت سگا مرڪز پاران پھرئين ايمبولنس سروس جي شروعات لاءِ چندي جي اپيل ڪئي وئي ته سگا مرڪز کي شھدادڪوٽ جي شاگردن پاران ۵۰۰۰ ھزار donation جمع ڪرايا ويا.
ڊاڪٽر شاهنواز شيخ صاحب مختلف وقتن تي ڪيتريون ئي ذميواريون نڀائيندو ٿو اچي. 2011 ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر (اي ڊي ايڇ او)ضلعو قمبر/شھدادڪوٽ ٿيو. 2012 ۾ ايگزيڪيوٽو ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر (اي ڊي او ھيلٿ)ضلعو قمبر/شهدادڪوٽ هو. 2016 ، 2017, 2018 ۾ مختلف وقتن تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) ضلعو قمبر/شھدادڪوٽ رهيا. مارچ 2019 کان ھن وقت تائين پرنسپال پاڪستان پيراميڊيڪل انسٽيٽيوٽ (پي ايم اء) لاڙڪاڻو آھي ۽ هر هنڌ هن ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته هو پنهنجو موئثر ڪردار ادا ڪري قوم جي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪري. رب پاڪ کان دعا آهي ته هو جتي به هجي پنهنجي اهل عيال سان خوش هجي.
انمول انسان : پروفيسر ”عاطف“ عبدالجبار جوڻيجو
عبدالجبار جوڻيجو شهدادڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ اميد علي خان جوڻيجي ۾ 06 جنوري 1971ع تي هڪ غريب خاندان ۾ اک کولي. سندس تعليم ايم اي سنڌي ادب ۽ ”ايم ايڊ“ آهي. پيشي جي لحاظ کان 25 مئي 1989ع کان 31 جولاءِ 2002ع تائين مختلف هاءِ اسڪولن ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر (JST) طور فرض سرانجام ڏنائين، ان کان پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پهرين آگسٽ 2002ع ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ 18 ڊسمبر 2018ع تي ترقي ماڻي اسسٽنٽ پروفيسر طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
ادبي دنيا ۾ ”عاطف“ عبدالجبار جوڻيجي جي نالي سان 1988ع کان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. پاڻ لطيف رحه جي شاعري جو اثر قبول ڪندي لطيف سائين جي مختلف سُرن جي فن ۽ فڪر تي تحقيقي مقالا لکڻ شروع ڪيائين ۽ ڀٽ شاهه ۾ ساليانه لطيف ڪانفرنس ۾ مقالا پيش ڪري چُڪو آهي، جن مان ڪافي مقالا ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ طرفان شايع ڪرايل ڪتابن ۾ شايع ٿي چُڪا آهن. سندس مختلف مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿيا آهن، ان کان علاوه وٽس ٽي ڪتاب ”لطيفي سُر“، ”لطيفيات“ (سوال جواب) ۽ ”سنڌي ادبيات“ (سوال جواب) جي قلمي صورت ۾ موجود آهن، جيڪي ڇپائي لاءِ پڻ منتظر آهن.
جيئن ته عبدالجبار جوڻيجو گهڻ رخي شخصيت آهي، علمي ادبي خدمتن کان سواءِ سياسي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، پاڻ پنهنجي شاگردي واري دور ۾ ئي ڳوٺاڻي ماڻهن جي سماجي ڀلائي ۽ تعليمي شعور اُجاڳر ڪرڻ لاءِ پنهنجي همڪلاسي دوستن سان گڏجي سچل سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو ڳوٺ اميد علي خان جوڻيجو ۾ بنياد وڌو، جنهن جو 1987ع کان 2010ع تائين پاڻ جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو، ان سماجي خدمتن جي سلسلي کي قائم رکندي 2002ع ۾سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جو ميمبر بڻيو، سندس خدمتن کي نظر ۾رکندي سِگا شهدادڪوٽ جي ساٿين کيس 2006ع ۾شاخ جي نائب صدر جي عهدي تي مقرر ڪيو، ان بعد 2009ع کان 2018ع تائين کيس بنامقابلي 3 ڀيرا صدر سگا شاخ شهدادڪوٽ چونڊيو ويو. پاڻ جڏهن سِگا شاخ شهدادڪوٽ جا صدر بڻيا ته انتهائي متحرڪ انداز سان سگا شاخ شهدادڪوٽ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ، شاخ جي ميمبرن جو تعداد 26 مان وڌائي 82 تائين پهچايو، جنهن مان تمام وڏي اڪثريت بي باڪ ميمبرن جي آهي. سندس دور ۾2010ع جي مها ٻوڏ هجي يا عام رواجي زندگيءَ ۾غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض نهايت سهڻي انداز سان سرانجام ڏنو ۽ اڄ به بحيثيت ميمبر سگا شاخ شهدادڪوٽ کي سرگرم رکڻ سندس اولين ترجيح آهي، سندس صدارت واري دور ۾جيڪي اهم پروگرام ٿيا، جنهن جي شاهدي سگا جو رڪارڊ ڏئي سگهي ٿو، ان کي ڏسي ان چوڻ ۾ڪو وڌاءُ ڪو نه ٿيندو ته سندس دور سگا شهدادڪوٽ کي نئين سري عروج تي پهچائڻ جو دور آهي. پاڻ نہ صرف سگا جي پليٽ فارم تان عام، بي پهچ ۽ غريب ماڻهن جي خدمت ڪئي، پر بحيثيت اُستاد ٿي ڪري استادن جي ڀلائي لاءِ گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرس ايسوسيئشن (گسٽا) تعلقه شهدادڪوٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت سان پاڻ پتوڙيو، ان کان علاوه سنڌ پروفيسرس، ليڪچررس ايسوسيئشن (سِپلا) ضلعي لاڙڪاڻي جو نائب صدر، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ٽي ڀيرا صدر، سپلا سکر ريجن جو خزانچي ۽ ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري جي حيثيت سان هڪ جاکوڙي اڳواڻ طور تنظيم ۽ ان جي ڪارڪنن لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کان علاوه پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو ٽن سالن لاءِ چونڊيل سينيٽ ميمبر طور فرائض سرانجام ڏنا آهن. مٿي بيان ڪيل علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن جي عيوض مختلف ادارن طرفان کيس اعزازن سان پڻ نوازيو آهي، جنهن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي. شهدادڪوٽ جي ايس ڊي ايم جاويد صبخت الله مهر طرفان ”شهدادڪوٽ سبزن ايوارڊ“ ، 05 آڪٽوبر 2004ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ناظم خورشيد احمد جوڻيجي طرفان ”بهترين استاد ايوارڊ“ ۽ سگا مرڪز طرفان سال 2016 ع ۾ ”گريجوئيٽ شيلڊ“. مطلب ته عبدالجبار جوڻيجو هڪ بهترين استاد، سٺو سماجي ڪارڪن ۽ بهترين اڳواڻ پڻ آهي. هن کي هميشه خوف خدا رهي ٿو ۽ هو ﷲ پاڪ کي حاضر ناظر سمجهي توڪل ڪري ڪم ڪري ٿو.
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾
اڀا ائين چوڻ متان پانڌ پسائين.
رب پاڪ جو هن تي خاص ڪرم آهي جو پنهنجي درگذر ۽ برداشت واري طبيعت هجڻ ڪري سڄي سنگت ۾ هميشه نمايان ۽ سڀني کي ويجهو هوندو آهي. عبدالجبار جي هٿان ڪيترن ئي طرفن کان خير جا ڪم روان دوان هوندا آهن. رب پاڪ هن کي ڪيترن مسڪين بي پهچ ماڻهن لاءِ وڏو سهارو ۽ وٿ ڪري موڪليو آهي جيڪو هو بهترين طريقي سان نڀائيندو پيو اچي. هو منھنجي بهترين دوستن منجهان هڪ آهي جيڪو منهنجي هر ڏکي سکي ۾ مون سان نڀائيندو ٿو اچي. رب پاڪ کان دعا آھي ته ھو هميشه پنهنجي اهل ۽ عيال سميت صحت ۽ سلامتي سان وقت گذاري. مون اميد آهي ته عبدالجبار جوڻيجو جي مسلسل محنت ۽ سچائي هن کي هڪ ڏينهن ڪاميابين جي منزل تي ضرور پهچائيندي. آمين.
استادن جو خدمتگار ۽ سماجي ورڪر : ممتاز علي ڀٽي
ممتاز علي ڀٽيءَ کي ننڍپڻ کان سياست ۽ سماجي خدمت جو شوق هو. جنهن تحت 1979ع ۾ سردار مرحوم عبدالغني ڀٽي کي بلدياتي اليڪشن ۾ مدد ڪيائين. 1980ع ۽ شهداد ڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۾ نوڪري وٺي مزدور يونين جي پليٽ فارم تان پورهيتن لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين.
ممتاز علي ڀٽي 1988ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو. کيس 1983ع ۾ سئي گيس ۾ نوڪري جو آرڊر به مليو، پر عملي سياست ڪرڻ سبب ۽ پ ٽ الف جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ سبب انڪار ڪيائين. 1995ع ۾ نوجوان ڀٽي برادريءَ جو بنياد وجهي صدر بڻجي ويو.جتان پڻ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين.
ممتاز علي ڀٽي 1996ع ۾ پ ٽ الف جي اليڪشن ۾ جنرل سيڪريٽري طور حصو ورتو ۽ سينيئر استادن جي ٺهيل پينل کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ويو. جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي استادن جي خدمتن عيوض کيس 1999ع ۾ ٻيهر بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري منتخب ڪيو ويو .
ممتاز علي ڀٽي 1996ع ۾ ئي شهدادڪوٽ سگا ۾ محترم محمد اعظم جروار جي چوڻ تي ميمبر ٿيو. کيس سگا جي پليٽ فارم تي رضاڪاراڻي طور تي بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو ڀرپور جذبو هو. سندس چواڻي ته بي سهارا ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ کيس دلي سُڪون ملندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين سگا ۾ BMC جي ميمبر طور ڪم ڪندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.
ممتاز علي ڀٽي شهر جي ٻين به ڪيترن ئي اهم مسئلن تي آواز اٿاريندو ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪندو رهيو آهي. اميد آهي ته زندگي جا ٻيا باقي لمحا به سِگا جي پليٽ فارم تان ماڻهن جي مدد ڪندو رهندو.
پيارو ساٿي : انور علي سيال
انور علي سيال شهدادڪوٽ تعلقي 9- 3 - 1970ع تي ڄائو، سندس تعليم ايم اي سنڌي بي ايڊ” آهي. پيشي جي لحاظ کان نومبر3 11 1990ع کان 2020ع تائين مختلف اسڪول ۾ فرض سرانجام ڏنائين، ۽ شهدادڪوٽ ۾خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
انور علي سيال 1998ع ۾سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) شاخ شهدادڪوٽ جو ميمبر بڻيو، سندس خدمتن کي نظر ۾رکندي سِگا شهدادڪوٽ جي ساٿين کيس2009ع ۾شاخ جي نائب صدر جي عهدي تي مقرر ڪيو، ان کان 2018ع تائين کيس بنامقابلي 1 ڀيرا صدر سگا شاخ شهدادڪوٽ چونڊيو ويو. پاڻ جڏهن سِگا شاخ شهدادڪوٽ جا صدر بڻيا ته انتهائي متحرڪ انداز سان سگا شاخ شهدادڪوٽ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس دور ۾2020ع جي ڪورونا وبا هجي يا عام رواجي زندگيءَ ۾غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ پنهنجو فرض نهايت سهڻي انداز سان سرانجام ڏنو ۽ اڄ به بحيثيت ميمبر سگا شاخ شهدادڪوٽ کي سرگرم رکڻ سندس اولين ترجيح آهي، سندس صدارت واري دور ۾جيڪي اهم پروگرام ٿيا.
رب پاڪ کان دعا آھي ته ھو هميشه پنهنجي اهل عيال سميت صحت ۽ سلامتي سان وقت گذاري. مون کي اميد آهي ته انور علي سيال جي مسلسل محنت ۽ سچائي هن کي هڪ ڏينهن ڪاميابين جي منزل تي ضرور پهچائيندي. آمين.
سٻاجهڙو سماجي ڪارڪن: محمد صديق ابڙو محمد صديق ابڙو ولد حافظ محمد پناھ ابڙو جنم 01.04.1973 تي شهدادڪوٽ ويجهو بگوروڊ تي ڳوٺ ابڙا ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ ابڙا مان حاصل ڪئي جڏھن ته ڃھين درجي کان ڏھين درجي تائين 1991ع گورنيمنٽ ھاء اسڪول ۽
نذير احمد سومرو 1990ع جي ڏهاڪي کان سگا شهدادڪوٽ شاخ جي ساٿين سان ساٿ ۾ سلهاڙيل رهيو آهي، سگا شاخ شهدادڪوٽ جي هر ننڍي وڏي خير جي ڪم ۾ اڄ ڏينهن تائين پنهنجو حصو ڳنڍيندو ٿو اچي. نذير احمد سومرو صاحب 20 جولاءِ 1968ع ۾ شهدادڪوٽ ويجهو چاڪياڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.
سگا هڪ رضاڪار تنظيم آهي، جنهن ۾ هر باشعور گريجوئيٽ پنهنجي قوم جي ماڻهن جي لاءِ پنهنجي هڙان وڙان هر قسم جي وقت ۽ صلاحيت ڏي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين سنڌ جي جهر جهنگ ۾ سگا جو آواز گونجي پيو ۽ سگا جا رضاڪار سرديءَ توڙي گرميءَ ۾ بي لوث خدمت جي جذبي سان مصروف عمل آهن.
گل حسن کوکر ڪئي سال اڳ سگا جي ساٿ ۾ شامل ٿيو. سگا جو مرڪزي ڪنوينشن دادو ۾ ٿيو هو، جتي گل حسن کوکر کي سگا جي رضاڪار جذبي متاثر ڪيو. هن سگا ۾ ميمبر ٿيڻ جي ان ڪري به ڪوشش ڪئي ته سگا هڪ اهڙو ادارو آهي، جيڪو سياسي ۽ مذهبي فرق کان سواءِ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي واهر ڪري ٿو.
گل حسن کوکر سگا شهدادڪوٽ شاخ جو ميمبر ٿي شاخ جي هر عمل جو حصو بڻيو ۽ پنهنجو ڪردار سبب سڀني ساٿين سان ايئن نڀايائين جو سال 1998-99ع ۽ 2006-09ع تائين شهدادڪوٽ شاخ جو صدر ۽ 2002-04ع تائين شاخ جو جنرل سيڪريٽري رهيو. هُن پنهنجي دور ۾ سگا جي سالياني ڪئمپ بهترين نموني سان لڳائي. ان کان علاوه سگا مرڪز طرفان هر لِک پڙهه جو وقت سِر جواب ڏنو.
گل حسن کوکر پنهنجي ساٿين سان گڏجي 2010ع جي ٻوڏ دوران شهدادڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ طبي امدادي ڪئمپون لڳرايون. هو سگا جي پليٽ فارم تان شهر جي هر سياسي سماجي عمل جو سگهارو آوا ز ٿي شموليت ڪندو هو.
گل حسن کوکر نيشنل سيونگ سينٽر پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون، اهو ئي سبب آهي جو دادو ۽ لاڙڪاڻي کان وٺي سڄي تر ۾ ڪيترائي ماڻهو کيس چڱي نموني سڃاڻيندا هئا. جنهن ڪري گل حسن کوکر سماجي ڪمن ۾ مختلف سرندي وارن کان مدد وٺڻ ۾ ڪامياب ويندو هو.
گل حسن کوکر نيشنل سيونگ سينٽر کان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ اڄ ڪلهه شهدادڪوٽ ۾ سماجي ڪمن ۾ مصروف زندگي گذاري رهيو آهي ۽ سگا سان پڻ سلهاڙيل آهي.
مسلسل محنت ڪندڙ شخص: ايشور لال ناگديو
هڪڙا ماڻهو پيدا ئي اتي ٿيندا آهن جتي علم ۽ ادب جو آبشار اڳ ۾ ئي هلندڙ هوندو آهي يا ڌن دولت ۽ وڏي نالي ناموس سان اڳ ۾ ئي زندگي جو چرخو هلندڙ هوندو آهي. پر ايشور لال بلڪل زيرو کان شروع ڪيو. هن مسلسل سخت محنت ڪري ٻين کي ڪامياب ڪري پنهنجو نالو ڪمايو آهي.
ايشور لال ناگديو 05 اپريل 1977ع تي سرڳواسي روپ چند جي گهر هندو محله شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. منهنجي هن سان ملاقاتBright Future English Classes ۾ ٽيوشن پڙهڻ دوران ٿئي. جتي محترم استاد پروفيسر غلام علي ٻرڙو صاحب موجوده صديقي پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ ۾ پڙهائيندو هو. جيتوڻيڪ اسين ساڳئي سال 1992ع ۾ ميٽرڪ ڪئي ۽ ڪاليج به ساڳئي سال 1994ع ۾ پڙهياسيون.
ايشور لال سان ڪيترائي پروگرام گڏجي ڪيا سي. هڪ ٻئي جي ريس تي سخت محنت ڪئي سي. ڏينهن راتيون گڏ گذاريون سي. سردي گرمي ۾ علمي ادبي محفلون گڏ رچايون سي. هو نهايت باڪردار ۽ سنجيده دوست رهيو آهي. گڏجي ٽيوشن پڙهڻ دوران مون ايشور لال کي هميشه محنت ڪندڙ، هوشيار ۽ بهترين شاگرد ڏٺو. محترم سائين غلام علي ٻرڙو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي وڃڻ کانپوءِ ايشور لال 24 مارچ 1994ع ۾ پنهنجو ٽيوشن سينٽر نالي Moon light English Classes قائم ڪيو ۽ مون 28 نومبر 1994ع ۾ سچل سارو سچ درگاهه نالي ادارو قائم ڪيو، جيڪي اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهن.
شهدادڪوٽ جي تعليمي ميدان ۾ ايشور لال هڪ مسلسل محنت ۽ جدوجهد جو نالو آهي هن پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ٻئي جاري رکيو. 2003ع ۾ ايم سنڌي ۽ 2005ع ۾ ايم اي انگلش ۽ ايم ائيڊ ڪئي. ايشور لال هڪ مسلسل محنت ۽ جدوجهد جو نالو آهي. هن 24 مارچ 2004ع ۾ مون لائٽ پبلڪ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو معياري تعليم ڏئي رهيو آهي.
استاد جو سماج سان گهرو ڳانڍاپو رهندو آهي ان ڪري پڙهڻ پڙهائڻ کان علاوه سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو آهي. ايشور لال به سگا جو هڪ متحرڪ ميمبرٿي رهيو. 2004ع کان 2006 تائين ۽ 2006 کان 2009 تائين سگا شهدادڪوٽ شاخ جو جنرل سيڪريٽري رهيو. هن پنهنجي دور ۾ سگا جي ساٿين سان گڏجي ڪيترائي سماجي ڀلائي وارا ڪم ڪيا. اکين جون مفت ڪئمپون لڳرايون. ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي. دل ۾ سوراخ جي معصوم ٻارڙن جو انڊيا مان سگا جي پليٽ فارم تان مفت ڪامياب علاج ڪرائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪيو.
هن وقت شهر جي ٻرندڙ مسئلن تي پنهنجو سگهارو آواز ايوانن ۽ وس وارن تائين پهچائيندو رهي ٿو. ان کان علاوه وڪالت ڪري ٿو. اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر سنڀالي ٿو. رب پاڪ کان دعا آهي ته اهڙن ماڻهن جي زندگي هميشه خوشين سان مالا مال ڪري، جيڪي ٻين ڪارڻ جيئن ٿا. رب پاڪ محترم ايشور لال کي پنهنجي اهل عيال سميت خوشحال ڪري ۽ هر مصيبت کان محفوظ رکي. آمين.
سگا شھداد ڪوٽ ۾ بي لوث خدمتون سر انجام ڏيندڙ محترم فدا حسين جوڻيجو
فدا حسين جوڻيجو ولد محمد جمن جوڻيجو پھرين جولاءِ 1973ع آچر ڏينھن اڄ کان 46سال اڳ ھڪ غريب ھاري جي گھر ۾ اکيون کولي ڳوٺ نوان جوڻيجا تعلقو لکي غلام شاھ ضلع شڪارپور ۾ جنم ورتوـ ھڪ سال گذرڻ بعد والدين شڪارپور واري ان ڳوٺڙي کي خيرآباد ڪري لڏي اچي شھدادڪوٽ ڀرسان قائم ڳوٺ اميد علي جوڻيجو ۾ 1974ع پنھنجي رھائش اختيار ڪيائون .
فدا حسين جي تعليم پرائڻ جو داستان ان وقت جي ڳوٺ ۾ رهندڙ هر غريب ٻار جي سورن جو داستان آهي جيڪو اڄ جي دور جي بلڪل مختلف آهي. گهٽ سهولتون هجڻ باوجود ڏينهن رات محنت ڪري استادن جي خدمت ڪري پڙهڻو پوندو هو. فدا حسين پرائمري تعليم ليمون جوڻيجو ھاڻوڪو اميد علي جوڻيجو حاصل ڪيائين. 1990 ع ڌاري گورنمينٽ ھاءِ اسڪول شھدادڪوٽ مان ميٽرڪ ۽ 1992ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شھدادڪوٽ مان انٽر ڪيائين ـ سال 1996ع ۾( ايم- اي اردو ادب) ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن جو مسلسل پڙهائي جاري رکڻ ۽ الله تي توڪل رکڻ واري جذبي کي ڏسي هن جي والدين جي دعائن جي ڪري ڪاميابيون ماڻيندو ويو.
12 ڊسمبر 2000ع کان30 مئي 2005ع تائين پرائمري اسڪول ٽيچر طور گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام حيدر جروار ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو.پوءِ ڪميشن پاس ڪري ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ ۾ ليڪچرر ٿيو.
فدا حسين جوڻيجو دل جو صاف ۽ در گذر ڪرڻ وارو آهي. سفر دوران سڄي سنگت جو روح روان هوندو آهي. ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۽ ڪچهري ۾ پنهنجائپ وارو انداز هن جي خاصيت آهي. ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ واري جذبي هن کي سگا جي ساٿ ۾ شامل ڪيو .
2005ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن شھدادڪوٽ برانچ جو ميمبر پڻ ٿيو ان دوران سگا برانچ شھدادڪوٽ جي ساٿين سان گڏجي سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتائين جيڪو اڄ تائين ان عمل سان سلهاڙيل آھي پاڻ 2010ع جي مھا ٻوڏ دوران سگا برانچ شھدادڪوٽ طرفان ماڻهن جي لڏپلاڻ جي ڪري شھر ۾ تمام گھڻي افراتفري ھئي ان دوران سگا جي ساٿين سان گڏجي ڪري ڪلاسڪ بيڪري چونڪ تي ڪيمپ لڳائي جنهن ۾ سوين ماڻھن لاءِ راشن گڏ ڪري ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپن ۾ پڄايو ويو ۽ ڪيترن ئي خاندانن کي ڪراچي ۽ ٻين مختلف شھرن ڏانهن بسون ڪري روانو ڪيو ويو. 2015ع سگا برانچ شھدادڪوٽ جو اليڪشن ميمبر رھيو. 2017ع ۾ سگا برانچ شھدادڪوٽ طرفان مڃتا ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. 2019 ع ۾ سگا برانچ شھدادڪوٽ جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيڻ کان پوءِ سگا جي ساٿين سان گڏجي ڪري نھايت ئي ساراھ جوڳا ڪم سرانجام ڏيندو رهي ٿو.
رب پاڪ کان دعا آهي ته فداحسين جوڻيجو سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ تعليم ميدان ۾ پاڻ پتوڙيندي عوامي ڀلائي جا ڪم ڪندو رھي .
صنم ناز جوڻيجو
اهو به عجيب وقت هو جو مون پنهنجن دوستن عبدالجبار جوڻيجو ۽ فدا حسين جوڻيجو کي چيو ته ادي صنم کي سگا جي مرڪزي اليڪشن ۾ فارم ڀرايون. انهن دليون پئي هنيون نيٺ چيائون ته اچو ته بابي کان اجازت ٿا وٺون. انهن سان ويٺي وڏن کان موڪل وٺڻ لاءِ پئي هڪ ٻئي کي ٺوٺيون هيون سي ته ڳالھ ڪيئن ڪڍون پر ﷲ جا ڪرم جو اجازت ملي وئي ته هوءَ اوهان سان گڏ ڀلي سماجي ڪم ڪري. يقينن اهو هڪ وڏو فيصلو هو. ڇو ته انهن کي ڳوٺ جي نياڻي راڄ ڀاڳ واري جي اعلي تعليم پرائڻ ۽ سماجي ڪم ڪرڻ ڪري مائٽن عزيزن، رسم رواج ۽ ٻيا انيڪ مسئلا پئي سجهيا. اهو سڀ ڪجهه انهن لاءِ بلڪل نئون هو. پر ادي صنم کي پنهنجي امڙ ۽ والد جو ساٿ هو ۽ وڏن جو اعتماد هو جو هوءَ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪراچي اسلام آباد وغيره جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري سگهي. ڪڏهن رات ته ڪڏهن ڏينهن، ڪڏهن سردي ته ڪڏهن گرمي پر سگا جي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ ڪوشش ڪري پهچي پئي. ادي صنم جوڻيجو پر اعتماد طريقي سان ۽ ڪاميابي سان تعليم ۽ سماجي ڪم گڏوگڏ برقرار رکندي پئي اچي. هن لاءِ اهو سڀ ڪجهه نئون ۽ چئيليجنگ آهي. جيئن جيئن ڏاهپ ۽ ڄاڻ وڌي پئي تيئن تيئن سور وڌڻ ٿا ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان اڪير وڌي ٿي ۽ انهن لاءِ شعوري طور ڪم ڪرڻ جي به سگهه وڌي ٿئي. هوءَ رب پاڪ کان هر دم دعا گهرندي اڳتي وڌندي رهي ٿي.
جانِبَ! تُون جيڏو، آهِين شانَ شَعُورَ سين؛
مُون تي ڪَرِ، مُنهنجا پِرِين! توهُ تُسِي تيڏو؛
اِيُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو؟ جِئَن نَوازِينِم نِگاهَ سين.
صنم ناز جوڻيجو 27 فيبروري 1992ع ڳوٺ اميد علي جوڻيجو ۾ جنم ورتو پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي جتي سندن رهنمائي بهترين استادن ڪئي جن ۾ سر سيف الله سومرو هميشه تمام گھڻي حوصلا افزائي ڪئي بعد ۾ انٽر پري ميڊيڪل گورنميٽ گرلس ڪاليج شهدادڪوٽ مان A1 گريڊ ۾ حاصل ڪئي هر ٻار جي خواهش جيئان ادي جي پڻ ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواهش هئي جنهن لاء هن 2010ع ۾ انٽري ٽيسٽ پڻ ڏني پر سندس نصيب ۾ استادي پيشو لکيل هو سنڌ يونيورسٽي مان 2014ع ۾ ايم ايس سي باٽني ۾ ڪيائين ان سان گڏ 2017ع ۾ ساڳيئي يونيورسٽي مان پڻ ايم فل به ڪيائين 2014ع ۾ اين ٽي ايس جي ٽيسٽ پاس ڪري پرائمري ٽيچر ٿئي۔ ادي صنم کي پنهنجي ڳوٺ مان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪندڙ پهرين ڇوڪري هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي.
ادي صنم ناز جوڻيجو 2012ع ۾ سگا شاخ شهدادڪوٽ جي ميمبرشپ حاصل ڪئي 2015ع کان 2018ع تائين سي اي سي جي ميمبر رهي انهي دوران هن شهدادڪوٽ ۾ ڪيترائي پروگرام ڪرايا جنهن ۾ 08 مارچ 2016ع ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پروگرام ۾ آبي اي کان پاس ٿيل شهدادڪوٽ جي هيڊ مسٽريس کي مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو مختلف اسڪولن خصوصن ڳوٺن ۾ وڃي آدمشماري جي جاڳرتا مهم تحت ليڪچر ڏنا. صحت جي حوالي سان پوليو بابت جاڳرتا مهم پڻ هلائي. صنم ناز اکين جي ڪيمپ ۾ ڀرپور حصو وٺندي رهي ٿي. 2017ع ۾ روشن تارا اسڪولن ۾ سگا مرڪز پاران ڪنوينر مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ ۾ روشن تارا اسڪول پڻ وزٽ ڪيا. ادي محلي جي غريب ٻارڙن کي مفت ٽيوشن ڏئي رهي آهي سندس ڪارڪردگي جي ڪري 2017ع ۾ سگا مرڪز طرفان مڃتا ايوارڊ ڏنو ويو. 2018ع جي مرڪزي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيائين ۽ هينئر سيڪريٽري وومن ڊولپمينٽ جي زميواري تي فائز آهي. 08 مارچ 2018ع تي لاڙڪاڻي ڊويزن جي برانچن ۾ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ عورتن ۾ شيلڊ ڏنا ويا جنهن جي صدارت چئرمين سگا مرڪز محترم رفيق احمد جعفري ۽ خاص مهمانن ۾ سگا جو سيڪريٽري جنرل خالد حسين چنا ۽ ايڊوڪيٽ ڪلپناديوي هئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن پڻ شرڪت ڪئي. ان پروگرام ڪرائڻ سان عورتن جي حوصلا افزائي ٿئي.
سگا شهدادڪوٽ شاخ پاران شاه جي شاعري ۾ عورت جي مقام پروگرام ۾ حصو ورتائين تقريب ۾ پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ۽ پروفيسر عبدالرشيد خانواهي شاه جو اپٽاھ پيش ڪيو. 14 آگسٽ 2019ع تي روشن تارا اسڪول سيوهڻ طرفان آزادي جو ڏينهن ملهايو ويو جنهن ۾ ادي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسان جي لاء نعمت آهي اسان کي پنهجي ملڪ جو قدر ڪرڻ گهرجي. استادن جي عالمي ڏينهن تي مرڪز طرفان حيدرآباد ۾ پروگرام منعقد ٿيو جنهن ۾ ادي پڻ شرڪت ڪئي. سگا جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو نمايان سنڌ ليول تي روشن تارا ٻالڪ ميلو سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ لڳائڻ ۾ مدد ڪيائين.
ادي صنم شهدادڪوٽ جي عورتن لاء هڪ رول ماڊل رکي ٿي. هوءَ وک وک سوچي سمجهي کڻي ٿي پر بهترين طريقي سان ان کي نڀائي ٿي. الله پاڪ کيس اڃان به وڌيڪ ڪاميابي عطا فرمائي۔ آمين
محبتي ماڻهو : رشيد خانواهي
رشيد خانواهي پهرين اپريل 1969ع تي شهدادڪوٽ تعلقي (موجوده قبي سعيد خان تعلقي) جي ڳوٺ خانواهه ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو عبدالله چانڊيو هيو. جنهن جو تعلق چانڊيو قبيلي جي گهنوراڻي پاڙي سان آهي. رشيد خانواهي ننڍپڻ ۾ مال به چاريو، پر پوءِ مال ڇڏي وڃي تعليم پرائي ۽ هينئر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر آهي.
رشيد خانواهي بهترين استاد سان گڏوگڏ تمام سٺو سماجي ڪارڪن به آهي. جيڪو وقت به وقت غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪندو رهي ٿو ۽ سگا شهدادڪوٽ شاخ جي هر پروگرام ۾ سگا سٿ سان سلهاڙيل رهي ٿو. پوءِ اهو پروگرام ”اسڪن ڊزيز“ جو هجي يا ”آءِ ڪئمپ“ جو مطلب ته سگا جي هر پروگرام ۾ زور شور سان حصو وٺندو رهي ٿو ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر مسڪينن جي مدد ڪندو رهي ٿو.
رشيد خانواهي جو ڪاليج استادن جي تنظيم”سِپلا“ ۾ به اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هينئر به سِپلا قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جو نائب صدر آهي .
ان کان علاوه رشيد خانواهي جو سنڌي ادب ۾ به اهم ڪردار رهيو آهي. پاڻ بهترين شاعر ۽ اديب آهي. جنهن سنڌي ادب کي پنهنجا چار ڪتاب 1.”سڄڻ ۽ ساڻيهه“ شاعري 2. ”املهه انسان“ (رئيس امداد علي خان چانڊيي جي مختصر سوانح حيات) 3. سنڌي ادب جا سونهري باب (قلمي) ۽ 4. ”ڌرتيءَ جا ڌنڱ“ (سنڌ جي تاريخ سوالن جواب ۾) قلمي ڏئي سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو آهي.
سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ ۾ به رشيد خانواهي جو اهم ڪردار آهي ۽ هينئر به پاڻ ضلع قمبر شهدادڪوٽ جو ضلعه رابطه سيڪريٽري آهي. جنهن جي ذريعي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان بيحد پيار ۽ محبت جو اندازو به سندس ئي شعر مان هن طرح لڳائي سگهجي ٿو.
سنائي، گدائي ۽ ساميءَ جي ٻولي،
بخاري، ڀٽائي ۽ حاميءَ جي ٻولي،
خدايا سلامت هي رک تا قيامت،
رشيدڻ چئي راشد ۽ جاميءَ جي ٻولي.
يار ڪو هم ني جا بجا ديکا : سڪندر علي شيخ
ڪڏھن ڪڏھن ڪي اڻٿيڻيون شيون به ممڪن ٿيو وڃن. اهو سڀ ڪجهہ وقت ۽ حالتن جو ئي ڦيرو آھي. ڪنھن ٿي ڄاتو ته اسڪول ۽ ڪاليج دوران لکڻ پڙهڻ سان گهٽ دلچسپي رکندڙ سڪندر صاحب اڳتي هلي وري علم ادب سان اهڙو چاه رکندو جو هن جا مائٽ عزيز کائنس تنگ ٿي ويندا. ڇاڪاڻ جو سندس مائٽ ڪاروباري ماڻھو ھئا تنھڪري سندن سوچ هئي ته سڪندر صاحب کي ٻين وانگر هڪ ڪامياب ڪاروباري بڻائيندا. علم ادب پڙهڻ ڪري ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري هن جو ذهن بلڪل به ڪاروباري نه هو. پر هن هڪ سٺو انسان ٿيڻ پئي چاهيو ۽ اها سوچ ساڻس اڄ بہ همسفر آھي.
سڪندر علي شيخ گورنمينٽ مهراڻ پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ مان پنجين جماعت پاس ڪئي ۽ 1992ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان ڏنو. 1994ع ۾ انٽر جو امتحان پري انجنيئرنگ گروپ ۾ ڊگري ڪاليج شهدادڪوٽ مان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو. هن گريجوئيشن پرائيويٽ طور تي پاس ڪري ماسٽرز جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان عمرانيات ۾1999ع ڊگري حاصل ڪئي.
هو توڪلي ۽ ٿوري تي راضي رهڻ وارو آهي. رب پاڪ هن کي سٺي طبعيت عطا ڪئي آهي. هن کي وڏو صبر ۽ برداشت جو مادو آهي. هو منهنجي بچپن جو ڀائرن جھڙو دوست آهي. مون سان گڏ سگا شهدادڪوٽ شاخ جو ميمبر ٿيو ۽ خير جي ڪم ۾ اڄ ڏينهن تائين ساٿ نڀايائيندو ٿو اچي. مون هن کي وک وک تي خير جا ڪم ڪندي ئي ڏٺو آهي.
يار ڪو هم ني جا بجا ديکا!!
سڪندر شيخ 2005ع کان وٺي ال ابراهيم اکين جي اسپتال ميمڻ ڳوٺ ڪراچي ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ هن وقت پراجيڪٽ ڊائريڪٽر آهي. سگا شهدادڪوٽ شاخ جا ساٿي سڄو سال ڪيترائي غريب مسڪين ماڻهو اکين جي مفت علاج ۽ مدد لاءِ سڪندر علي شيخ ڏانهن موڪليندا رهندا آهن ۽ ھن وقت تائين هزارين دُکي انسانن جو سھارو بڻجي چڪو آھي ۽ انھن مسڪين بي پھچ انسانن جو الڪو کيس هميشہ دامگير رهي ٿو. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته اهي فرشته صفت خوبيون ڪنھن سٺي انسان ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون ، جيڪي هن ماڻھو ۾ آھن. اهڙيءَ ريت هو سگا شهدادڪوٽ سان به ساٿ ڪراچي ۾ رهي ڪري به نڀائيندو پيو اچي. رب پاڪ هن تي هميشه پنهنجو ڪرم ڪري. هو پنهنجي اهل عيال سميت صحت ۽ سلامتي سان زندگي گذاري! آمين.
(سگا) شاخ شهدادڪوٽ جي بيباڪ ميمبرن جي لسٽ
سگا شاخ شھدادڪوٽ جا سھڪاري ۽ مالي معاون حضرات
سگا شاخ شھدادڪوٽ جا سڀ کان پھريان سھڪاري ساٿي ۽ مالي مدد ڪندڙ سندس ئي ميمبر آھن. جيڪي هميشه پنھنجي هڙان وڙان پنھنجي وس آھر شروعات کان وٺي مالي مدد ڪن ٿا. سگا مرڪز به هميشه ڏکي سکي ۾ شامل حال رهيو آهي. ان کان علاوه شھر جون ڪجهه انتھائي معزز شخصيتون پڻ آھن، جن وقتن فوقتن مالي ۽ اخلاقي سھڪار پئي ڪيو آھي، جن کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي. جيئن ته هي ڪتاب اسان جي شاخ جو هڪ دستاويز آھي، تنھن ڪري هتي انھن معتبر شخصيتن کي ياد ڪرڻ انتھائي ضروري ٿو سمجهان.
محترم نوابزاده مير نادر علي خان مگسي (سابق وزير حڪومت سنڌ)
مرحوم نور نبي خان جوڻيجو (سابق مشير ۽ وزير حڪومت سنڌ)
مرحوم خداڏنو خان چانڊيو (سابق صلاحڪار حڪومت سنڌ)
محترم رميش لعل (ميمبر قومي اسيمبلي پارليامينٽ پاڪستان)
محترم سلطان احمد کھاوڙ (سابق صلاحڪار حڪومت سنڌ)
محترم عطا حسين خان جوڻيجو (اڳوڻو ضلعي نائب ناظم ضلع قمبر شھدادڪوٽ)
محترم حاجي سردار علي جروار (سابق تعلقي ناظم تعلقي شھدادڪوٽ)
محترم مير غيبي خان مغيري (شيلر ايسوسيئيشن اڳواڻ)
محترم سيٺ قمرالدين شيخ (شيلر ايسوسيئشن اڳواڻ)
محترم سيٺ محمد اسماعيل شيخ (اڳواڻ شيلر ايسوسيئيشن)
محترم سردار جاويد حسين لانگاه (ڊاريڪٽر هائي ويز)
محترم استاد منظور احمد چانڊيو (شيلر ايسوسيئيشن اڳواڻ)
محترمه ناهيد کھاوڙ صاحبه (سياسي سماجي اڳواڻ)
محترم اُميش ڪمار بجاج (شيلر ايسوسيئيشن اڳواڻ)
محترم حق نواز شيخ (سرافه ايسوسيئيشن اڳوڻ)
محترم فضل محمد شيخ (اڳوڻ بوٽ ھائوس ايسوسيئيشن)
محترم سيٺ رفيق احمد سومرو (اڳواڻ پيٽرول پمپ ايسوسيئيشن)
محترم پرو فيسر عبدالرشيد کوسو (سابق ڪنٽرولر لاڙڪاڻه بورڊ)
محترم پروفيسر نارائڻ داس کياڻي (سابق سيڪريٽري لاڙڪاڻو بورڊ)
محترم پروفيسر سيد گل محمد شاه (شاعر، اديب ۽ اسڪالر)
محترم پروفيسر فضل محمد عمراڻي (اڳواڻ پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن)
محترم محمد حيات شيخ (اڳواڻ جنرل اسٽور ايسوسيئيشن)
محترم پروفيسر اسرار احمد کوکر (آبادگار اڳواڻ)
محترم محمد حيات جوڻيجو (اڳواڻ اپڪا روينيو)
مرحوم محمد اعظم جروار (واپڊا اڳواڻ)
محترم ڊاڪٽر امر لعل (خدمتگارِ انسانيت)
محترم ڪامريڊ عبدالوهاب پندراڻي (اڳواڻ هيومن رائيٽس )
محترم مير امجد علي ميرجت (اڳواڻ شيعه علماءَ)
محترم مولانا محمد جان عابد (اڳواڻ جميعت علماءِ اسلام)
محترم ڊاڪٽر امتياز احمد شيخ (اڳواڻ جماعت اسلامي)
محترم ڊاڪٽر شمس الدين شيخ
محترم سيف الله سومرو (گسٽا اڳوڻ)
محترم ممتاز علي ميراڻي (اڳواڻ پ ٽ الف)
محترم ممتاز علي وڌو (اڳواڻ پ ٽ الف)
سيٺ مرليڌر لال (اڳواڻ فرٽيلائيزر ايسوسيئيشن)
محترم محمد اسحاق مغيري (آبادگار اڳواڻ)
محترم محمد ايوب وڌو (سگا اڳواڻ مرحوم سائين غلام مصطفٰى وڌو جو فرزند)
محترم سراج احمد کوسو (اڳواڻ شيلر ايسوسيئيشن)
محترم رياض احمد کوسو (اڳواڻ شيلر ايسوسيئيشن)
محترم عبدالرحمٰن دايو (شيلر ايسوسيئيشن اڳواڻ)
محترم راجه سومرو (ٺيڪدار)
محترم ڪامريڊ محمد عرس سيلرو (مزدور اڳواڻ)
محترم غلام سرور سيلرو (مزدور اڳواڻ- ايڌي)
محترم يارمحمد سيلرو (مزدور اڳواڻ)
محترم ياسر عباس (اسڪائوٽ اڳواڻ)
محترم سيٺ گرڌاري لال (مالڪ رونڪ منرل واٽر)
محترم سيٺ عبدالجبار سومرو (مالڪ ايس ڪي منرل واٽر)
نوٽ:- هن لسٽ ۾ سگا شاخ شھدادڪوٽ جي ميمبرن جا نالا مالي معاون طور ان ڪري شامل ڪونه ڪيا اٿم، جو انھن سڀني جا نالا ميمبرن واري لسٽ ۾ اڳ ئي لکي چڪو آھيان.
تاثر
---
سگا جي سونهن : پيرل خان کوسو
سنڌ جي اهڙي صورتحال سبب ئي سنڌ جي ڪن هڏڏوکي ۽ سماج جو درد رکندڙ ساٿين 1972ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جو بنياد رکيو، جنهن جو مقصد ئي سنڌ کي امن پسند ۽ خوشحال صوبو بڻائڻو هو. سگا جو بنياد پوڻ سان ئي سگا جي سنڌ ۾ زبردست پذيرائي ٿي ۽ سگا جون وڌيڪ شاخون ٺهڻ لڳيون.
1973ع واري ڏهاڪي ۾ سگا جون سرگرميون ڪافي تيز ٿي ويون ۽ ان ئي ڏهاڪي جي وچ ڌاري شهدادڪوٽ شهر ۾ سگا جي برانچ جو قيام عمل ۾ آيو، جيڪا ڳالهه انتهائي اميد ڀري هئي. سنڌ جي هن پٺ تي پيل ضلعي ۾ سگا جي شاخ قائم ٿيڻ سان نه رڳو شهدادڪوٽ شهر پر پوري ضلعي ۾ سماجي، ادبي، علمي ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي ملي، سگا جي اهڙين سرگرمين سبب شهدادڪوٽ جي ماڻهن کي اتساهه مليو ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته ان شاخ سنڌ کي professor Abdul Jabar sb ، پروفيسر خالد حسين چنا ۽ فدا حسين جوڻيجو جهڙا ۽ ٻيا ڪيترائي سماجي اڳواڻ پيدا ڪيا، جن پنهنجي ڌرتي، ماڻهن، ثقافت، ٻولي، ادب ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ عظيم جدوجهد ڪئي. اهڙن ڪارنامن ۽ ڪاميابين جي تسلسل ۾ سگا جي سيڪريٽري جنرل ۽ اسان جي محبوب دوست پروفيسر خالد حسين چنا هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ هن سگا شهدادڪوٽ شاخ جو سمورو رڪارڊ، ڪارڪردگي، شاخ جي ڪردارن ۽ ڪارنامن کي سهيڙي هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو تاريخي طور تي نهايت شانائتو ۽ مانائتو ڪم آهي. منهنجي نظر ۾ قلم کان ڪم وٺڻ ڪوڏر هلائڻ کان وڌيڪ محنت ۽ وقت طلب هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته قلم کي تحقيق ۽ تصديق گهرجي، جنهن جي آڌار تي ئي قلم ڪنهن ڪاغذ تي هلائڻ جي قابل ٿئي ٿو.
منهنجي نظر ۾ پروفيسر خالد حسين چنا هي ڪتاب لکي انتهائي ڪارائتو ڪم ڪيو آهي، .
مان سگا شهدادڪوٽ جي انهن سڀني ڪردارن کي سلام پيش ڪيان ٿو، جن جي عظيم ڪارنامن، ڏينهن رات محنت ۽ جستجو سبب پروفيسر خالد حسين چنا کين هن ڪتاب جي صفحن تي جاءِ ڏني. هي ڪم انتهائي شاندار آهي، جنهن لاءِ سگا جي سڀني ساٿين کي واڌايون.
ساٿ سلامت-سنڌ سلامت
وائيس چيئرمين، سگا
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي : عبدالرسول سومرو
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) سنڌي قوم جو عظيم پليٽ فارم آهي، سگا جي پليٽ فارم تان، سماجي حقن جي حاصلات، قومي ناانصافين، پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪرڻ، ٻرندڙ مسئلن وغيره لاءِ اجتماعي طور آواز اٿارڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ هي سنڌي قوم جو اعليٰ ۽ مضبوط پليٽ فارم آهي.
سگا ڪجهه ڏينهن ۾ پنهنجي وجود جي سفر جا 48 سال پورا ڪندي، هن عرصي دوران رياست پاران ملڪ دشمني، تحسب پرستي جا الزام لڳا. ان سان گڏوگڏ ڌارين جون نفرتون ۽ پنهنجن جون ناراضگيون پڻ پلئي پيون ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ جا پڻ طعنا مليا.
هن عرصي دوران 1983ع ۾ سنڌ دوستي ڪارڻ هڪ آمر ڪاري قانون سان سگا ۾ سرڪاري ملازم جي ميمبر ٿيڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيا به تنگ نظر جا قدم کنيا ويا. جنهن سبب پنهنجا به منهن موڙي ويا.
پر سگا جي سرواڻ ۽ ساٿين کي سلام آهي جن ڊڪٽيٽر جي دام ۽ دهشت جي باوجود به ثابت قدم رهندي منزل ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکيو. شايد انهيءَ لاءِ مرشد لاکيڻي لطيف فرمائي ٿو ته:
”ڪنڊا مون پيرين توڙي لک لڳن،
آنگر اڳوٺي نه مڙي ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانهن پرين جتي جات نه پائيان“
سگا کي اهو اعزاز آهي ته هن اهڙا ڪارڪن پيدا ڪيا، جن پنهنجي وجود کي ختم ڪري پاڻ ارپڻ واري جذبي سان سگا جي سينڌ سنواري ڇڏي.
هڪ اهڙو ڪارڪن جنهن سياسي، سماجي، علمي، ادبي شهر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو، ان شهري سگا شاخ جنهن مرحوم نظام الدين سومري جهڙي بي لوث ڪارڪن ۽ اڳواڻ پيدا ڪيا، ان شاخ محترم خالد حسين چنا صاحب جهڙو اڳواڻ به ڏنو.
محترم خالد حسين چنا وڏو خوشنصيب شخص آهي جو ان کي محترم نور محمد سيال جهڙا الستي اندر جا صاف، وسيع قلب ۽ سچا دوست مليا، سيال صاحب 2013ع ۾ سگا جي مرڪزي چونڊن ۾ چنا صاحب کي اميدوار ٿيڻ لاءِ همٿايو، هن چونڊن ۾ چنا صاحب سڀني کان وڌيڪ ووٽ کڻي پهريون نمبر آيو. چنا صاحب کي سگا جي اهم ذميواري ملي، يعني سيڪريٽري تعليم ٿيو. جيڪڏهن سگا جي وجود جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته سگا جي وجود جو اهم ڪارڻ تعليم آهي، انهيءَ ڪري سگا جي مقصدن ۾ تعيلم کي وڏي اهميت حاصل آهي. ان وقت مان سگا جي ڪابينا جو حصو يعني وائيس چيئرمين هئس، ان ڪري چنا صاحب سان ويجهو رهڻ جو موقعو مليو. معلوم ٿيو ته چنا صاحب بردبار ۽ ارادي جو پختو، ڪنهن سبب مايوس نه ٿيندڙ، صابرين، ملن سار، خوش اخلاق، سليم طبيعت جو مالڪ آهي پر هي ٿورو ضدي به آهي، هي محبت ۾ وڏي ۾ وڏي ڳالهه مڃي وٺندو آهي پر ڏاڍ ۾ ننڍي کان ننڍي ڳالهه به نه مڃيندو آهي ڇو نه کڻي ڪيترو به نقصان ٿئي.
چنا صاحب لاءِ سيڪريٽري تعليم هڪ لحاظ کان فائديمند ذميواري هئي، ڇاڪاڻ ته چنا صاحب جو واسطو تعليم سان آهي ۽ هو تعليم ۾ بهتر ڄاڻ رکندڙ شخصيت آهي پر چنا صاحب کي ذميواري نڀائڻ ۾ ڪافي دشواريون هيون، هڪ ته هي ڪراچي شهر کان تمام پري شهدادڪوٽ شهر جو رهاڪو هو، ان کان علاوه اندريون ۽ ٻاهريون رڪاوٽون دشواري جو اهم سبب هيون. پر مون اڳ چيو آهي ته هو ارادي جو پختو انسان آهي هن سڪريٽري تعليم جون ذميواريون سنڀالي، ٿر جي شهر ڪلوئي کان وٺي سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي دنگ تي قائم شهر ڪشمور جي روشن تارا اسڪول سان گڏ سڀني اسڪولن جو دورو ڪري جائزو ورتو ته جيئن اسڪولن ۾ اصلاحات بامقصد ۽ لاڀائتا ڪري سگهجن. ان سان گڏ، روشن تارا مرڪزي ڪاميٽين جي گڏجاڻين کي بامقصد بنائڻ، روشن تارا اسڪولن جي تدريسي عملي جي تربيت ڪرائڻ، اسڪولن جي وچ ۾ ”اسان جو شاهه“ جي عنوان سان چٽا ڀيٽي جا مقابلا ڪرائڻ، هڪ نصابي نصاب رائج ڪرڻ، روشن تارا ٻالڪ مئگزين شايع ڪرڻ، ورلڊ ٽيچر ڊي جي موقعي تي روشن تارا اسڪولن جي استادن کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ، سالياني امتحانن جي مانيٽرنگ ڪرڻ وغيره جهڙا قدم کنيا ۽ انهن ۾ ڪاميابي ماڻي.
روشن تارا مرڪزي ڪاميٽي کي بامقصد بنائڻ:
اوهان چڱي طرح ڄاڻيندا هوندا ته هن ڪاميٽي جو اسڪول مينيجيٽ جو چيئرمين ۽ پرنسپال ميمبر هوندا آهن هي ڪاميٽي وڏي اهميت واري هوندي آهي. هن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ پري پري کان ساٿي شرڪت ڪندا آهن پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن ڪاميٽي جي گڏجاڻيءَ کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي.
محترم چنا صاحب اڪثر ڪري سڀني اسڪولن جو جائزو ورتو هو، انهيءَ ڪري انهن کي مختلف ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ته جيئن انهن کي آسانيءَ سان ترقي وٺرائي سگهجي ۽ اسڪول جو رڪارڊ ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جهڙا بامقصد قدم کڻي نه رڳو فيصلا ڪيا پر ان تي عمل به ڪرايو.
تدريسي عملي جي تربيت:
اها حقيقت آهي ته استاد جيڪڏهن تربيت وارو آهي ته هو بهترين تعيلم ڏئي سگهي ٿو. اهو روشن تارا اسڪول جي قيام جو مقصد پڻ آهي انهيءَ ڪري هن پهرين شرط سان استاد جي تربيت ڪرائي. ان سبب روشن تارا اسڪولن جي ساک ۾ اضافو ٿيو.
”اسان جو شاهه“
ٻار جيڪو قوم جو آئيندو آهي جيڪو موجوده وقت ۾ نيٽ، ڪمپيوٽر ۽ ٽچ موبائل ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو آهي جو هن کي اها ڄاڻ نه آهي ته منهنجي سنڌي قوم جو محسن ڪير آهي پنهنجي ٻار کي مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت ڄاڻ ڏيڻ سگا جو اهم مقصد پڻ آهي انهيءَ ڪري اسڪولن وچ ۾ ”اسان جو شاهه“ جي عنوان سان چٽا ڀيٽي جا مقابلا ڪرايا ويا. سڀني روشن تارا اسڪولن کي چئن ڪلسٽرن ۾ دادو، گهوٽڪي، گلشن حديد ۽ هالا ۾ ورهايو ويو. ان ۾ شاهه جي بيتن مان شاهه جي سمورن ڪردارن بابت ٽيبلا پيش ڪرڻ ۽ شاهه سائين بابت سوال جواب ڪيا ويا. پروگرام ٿيڻ تي سڄي سنڌ ۾ اسان جو شاهه جون صدائون بلند ٿيون.
يڪ نصابي نصاب:
جيڪڏهن روشن تارا اسڪول ڪراچي شهر جو ٻار آڪسفورڊ جو نصاب پڙهي ٿو ته اهو حق ٿر جي روشن تارا اسڪول ڪلوئي جي ٻار کي به آهي ته هو آڪسفورڊ جو نصاب پڙهي، جيڪڏهن روشن تارا اسڪول گلشن حديد ڪراچي شهر جو ٻار آڪسفورڊ نصاب پڙهي ٿو ته اهو حق سنڌ جي ننڍي شهر گهوٽڪي جي ٻار جو به آهي ته هو آڪسفورڊ جو نصاب پڙهي، ان ڪري اسڪولن جي منظوري سان يڪ نصابي نصاب جو نظام لاڳو ڪيو ويو.
روشن تارا ٻالڪ مئگزين:
1. تواريخ ۾ پهريون ڀيرو روشن تارا ٻالڪ مئگزين جي اشاعت سان هڪ ته اسڪولن جو پاڻ ۾ ۽ مرڪز سان گهرو رابطو قائم ٿيو.
2. هر اسڪول کي ڄاڻ پوي پئي ته ميرپورخاص ۽ ميهڙ اسڪولن جي ٻارن اهڙا مضمون لکيا يا ڇاپيا آهن. سچل ڳوٺ اسڪول کي ڄاڻ پوي پئي ته سيوهڻ شريف اسڪول ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿيون.
3. سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي ڄاڻ پئي ته روشن تارا اسڪول سگا جا اسڪول آهن ۽ انهن ۾ ڪهڙيون سرگرميون ٿين پيون.
4. ٻار کي پنهنجي صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو مليو.
5. هن مئگزين سان ٻار جي همت افزائي ٿئي پئي.
مڃتا ايوارڊ:
بيشڪ استاد روشن تارا اسڪول جي ڪاميابي جو راز آهي اهو لازمي آهي ته استاد جي همت افزائي ٿيڻ گهرجي. ”ورلڊ ٽيچر ڊي“ جي موقعي تي روشن تارا اسڪول جي استادن کي مئنيجمينٽ جي چونڊ بعد مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو چنا صاحب شروع ڪرايو، اهو اڳ ڪڏهن نه ٿيو هو.
پهريون پروگرام سنڌ جي تاريخي وڏي درسگاهه سنڌ يونيورسٽي ۾ هڪ عظيم ڪردار شيخ اياز جي نالي سان منصوب ٿيل آڊيٽوريم ۾ ٿيو، جيڪو اڄ به جاري آهي.
سالياني امتحانن جي مانيٽرنگ:
هن جو مقصد روشن تارا اسڪولن جي سالياني امتحان کي بامقصد ۽ ساک وارو بڻائڻ ۽ مانيٽرنگ لاءِ اهم ماڻهن تي مشتمل مختلف ٽيمون ٺاهيون ويون.
سگا مرڪز پاران هنن سمورين سرگرمين جي مڃتا طور بيسٽ سيڪريٽري ايجوڪيشن تي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.
2021-2019ع جي مدي لاءِ چنا صاحب سيڪريٽري جنرل بڻيو. هن ڀيري به هن کي فرض نڀائڻ ڪافي رڪاوٽون هيون. رڪاوٽون هر سچي ۽ کري ماڻهوءَ جي سامهون اينديون آهن اها تلخ حقيقت آهي.
چنا صاحب سيڪريٽري جنرل جون ذميواريون سنڀالڻ سان هيٺيون سرگرميون ۽ سڌارا آندائون، جهڙوڪ:
1. آفيس ۾ انتظامي سڌارا.
2. مرڪزي آفيس ۾ قائم لائبريري ۽ مظهر ريسورس سينٽر کي بامقصد ۽ بهترين ترتيب وار بڻايو ۽ سگا ڪارنر قائم ڪئي.
3. اها حقيقت آهي ته شاخن جا عهديدار ۽ ڪارڪن سگا جو سرمايو آهن، انهن ۾ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري ٻئي اهم عهدا آهن. ڇاڪاڻ ته صدر شاخ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ جنرل سيڪريٽري شاخ جو رڪارڊ محفوظ ڪري ٿو. ان لاءِ لازمي آهي ته اهي ٻئي ڄاڻ ۾ مضبوط هجن. ان لاءِ ضروري آهي ته انهن جي تربيت ٿيڻ گهرجي. اهو سگا جو پراڻو خواب ۽ خيال هو، پر هن تي ويجهي ماضي ۾ عمل نه ٿيو هو، چنا صاحب جي ذميوارين سنڀالڻ کانپوءِ سڀني شاخن کي مختلف فيزن ۾ ورهايو. جڏهن ته هن وقت تائين ٻن فيزن تي مشتمل سگا جي مختلف شاخن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽرين جا ٻه تربيتي ورڪشاپ ٿي چڪا آهن.
4. چنا صاحب ڪيترين مصروفيتن ۽ مجبورين هوندي به هو هر شاخ جي هر تقريب ۽ پروگرام اهو وڏو هجي يا ننڍو ان ۾ شريڪ ضرور ٿيو.
5. ڪافي وقت کان بند پيل سگا سماچار مئگزين شايع ٿيو، هي مئگزين هڪ ته مرڪز جو شاخن سان رابطي جو اهم ذريعو آهي ۽ ٻيو ته هن سان شاخن ۾ سرگرمي اچي ٿي ڇاڪاڻ ته مئگزين ۾ شاخن جون سرگرميون ڇپجن ٿيون.
6. روشن تارا ٻالڪ ميلو، هي سگا جو پراڻو سوداءُ هيو جيڪو 20 سال کان ڪن سببن ڪري ٿي نه سگهيو هو. ائين کڻي چئجي ته ڄڻ ته هو خواب هيو، الله تعاليٰ جي مهرباني سان هي ميلو نيٺ 21، 22 ۽ 23 مارچ 2020ع تي سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو.
جڏهن ميلي جو اعلان ٿيو ته حالتون اهڙيون پيدا ٿي ويون ۽ وس وسا پيدا ٿي ويا ته شايد ميلو وري ملتوي ٿيندو يا ناڪام ٿيندو، ڇاڪاڻ ته نانگ جو کاڌل نوڙيءَ کان ڊڄي، پر اهو ڪاميابي سان منعقد ٿيو ۽ حيدرآباد جي تواريخ ۾ ڪامياب ميلن مان ڪنهن سماجي تنظيم جو ٻيو ميلو هو، جيڪو ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. ضرور هن وڏي پروگرام ۾ گهٽ وڌايون ٿيون هونديون پر مجموعي طور تي هي ميلو شاندار ۽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو. اهو چنا صاحب ۽ بلي صاحب کي خدا اعزاز بخشيو.
جنهن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ تنظيم جا ٻه وڏا پروگرام ٿيڻا هئا، جن ۾ هڪ ڪنوينشن ۽ ٻيو اينيوئل ڊي، اينيوئل ڊي ۾ نواڻ ڏسڻ ۾ آئي. چنا صاحب نواڻ ۽ ڪاميابي جو ٻيو نالو آهي هي ٻئي پروگرام به ڪاميابي سان منعقد ٿيا.
هنن سرگرمين ڪري چنا صاحب سگا جي ساٿين جو محبوب ٿي ويو ڪن شاخن بهترين سيڪريٽري جنرل جا ايوارد ڏنا ته ڪن ساٿين لکندي چيو ته مرحوم مظهر ميمڻ کان پوءِ چنا صاحب سيڪريٽري جنرل جون ذميواريون بهترين طور تي نڀايون آهن.
خداوند تعاليٰ چنا صاحب کي ڪيترين خوبين سان نوازيو آهي. هن جي تحرير، تقرير ۽ گفتگو ۾ وڏو اثر رکيو آهي. اهو سنڌي ۾ هجي يا انگريزي ۾ چنا صاحب پراون کي جلد پنهنجو بڻائي ڇڏيندو آهي. چوڻي آهي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، جيڏانهن هڻ ته اوڏانهن کپي. شايد ”مين نه مانون“ اڃان هڪ هنڌ ڪامياب نه ٿيو آهي، لڳو ٿو دهلي اڃان دور آهي.
هن سموري عمل ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن مقصد سچو هجي ۽ ارادو پختو هجي ته مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه شي يا ڪوبه عمل رڪاوٽ بڻجي نه ٿو سگهي. ٻيو ته هيرو ڀل اڳڙي ۾ ٻڌل هجي يا جوهر جي شيشي جي شوڪيس ۾ سجايل هجي پر هيرو هيرو آهي.
ڪنهن شاعر سچ چيو آهي ته:
ماڻهو سڀ نه سگهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
دعاگو
25 اپريل 2020ع
سگا جو متحرڪ ڪردار خالد حسين چنا: بخش علي چانڊيو
زندگيءَ جي قليل عرصي ۾ اهڙا ڪيئي موقعا آيا جڏهن هڪ مخلص دوست جي ضرورت شدت سان محسوس ٿي ۽ ان ٽائيم تي ذهن جي خودڪار سسٽم خالد چنا جو نالو ئي ذهن جي اسڪرين تي اچي پيش ڪيو، ان مهل ئي سندس نمبر ڊائل ٿيو ۽ ٻئي طرف کان سڪ، اڪير ۽ محبت وارو مٺڙو آواز گونجڻ لڳو! هيلو سائين ڪهڙا حال آهن؟ خيريت ته آهي؟ هن مهل ياد ڪيو اٿو! ڪا پريشاني آهي ڇا؟ جواب ۾ حال احوال، مجبوريون، پريشانيون ۽ جواب ۾ اتساهه ۽ محبت وارا مشورا، حجتون، هلڪڙا ڦلڪڙا ڀوڳ ۽ دٻيل ٽهڪ ۽ مسڪراهٽون، يا ته ٻنهين جا ٽينشن ختم يا ٻئي سڄي رات ٽينشن ۾!
هڪ دفعو منهنجي ٻئي نمبر پٽ لياقت علي جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس ڊپارٽمينٽ جو شاگرد هو، ان ڪا بيوقوفي واري حرڪت ڪئي، جنهن ڪري سندس طبيعت اوچتي خراب ٿي پئي، سندس روم ميٽ دوستن فون ڪري ٻڌايو ته لياقت علي جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي ان ڪري کيس لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال حيدرآباد المعروف لال بتي کڻي ٿا وڃون توهان جلدي اتي پهچو!
ان وقت رات جا 11:00 کن ٿيا هئا، کيس جيئن ئي فون ڪيم ته پاڻ آٿت ڏيندي چيائين، ”سائين اوهان مزي سان اچو ڪو کٽڪو نه ڪريو مان سڀ ڪجهه سنڀالي ٿو وٺان“ جيستائين مان پهچان ئي پهچان، پاڻ تڪڙ ۾ ٻين دوستن کي ساڻ ڪري اسپتال پهتو ۽ رات جو 01:00 وڳي تائين ICU جي ٻاهران اڀ پيرو بيٺو رهيو، علاج جي نگراني به پئي ڪيائين ته فون تي مون کي به آٿت ڏيندو رهيو ته خير آهي توهان ڪا پرواهه نه ڪريو! منهنجي پهچڻ کان پوءِ به جيستائين مريض جي حالت صحيح ٿي ايستائين اٽڪل اڍائين ٽين بجي تائين مون سان گڏ اسپتال جي آءِ سي يو جي در تي بيٺو رهيو. آخر جڏهن زوري روانو ڪيومانس تڏهن مس وڃي آرام ڪيائين.
خالد حسين سان طبيعت ملڻ جو شايد هڪ سبب اهو به آهي ته اسين ٻئي پورهيت طبقي سان تعلق رکون ٿا ۽ ٻنهي غربت سان جهيڙيندي ڏک تڪليفون ۽ پنهنجن توڙي پراون هٿان هڪ جهڙا گهاءُ برداشت ڪيا آهن ۽ ڏکن کي سکن جي سونهن سمجهندي حوصلي ۽ برداشت سان اڄوڪو مقام ۽ عزت حاصل ڪئي آهي. شايد اهوئي سبب آهي جو اهو ڏکن ۽ سورن وارو رشتو مضبوط تعلق کي اڃا وڌيڪ مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو آهي. خالد جي زندگيءَ تي غور ڪريون ٿا ته سندس پوري ڄمار جهد مسلسل، همت ۽ حوصلي سان ڀرپور آهي.
خالد حسين چنا جو جنم 18 جنوري 1977ع تي شهدادڪوٽ جي هڪ غريب خاندان ۾ عبدالڪريم چنا جي گهر ۾ ٿيو، پاڻ پرائمري تعليم مهراڻ پرائمري اسڪول شهدادڪوٽ، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ مان A گريڊ ۾ سٺين مارڪن سان ۽ انٽرميڊيئيٽ گورنمينٽ ڪاليج شهدادڪوٽ مان پري انجنيئرنگ ۾ 1994ع ۾ پاس ڪيائون، جنهن بعد ريگيولر تعليم کي جاري نه رکي سگهيا ۽ 1997ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان پرائيوٽ BA جو امتحان پاس ڪري، وري ٻيهر سنڌ يونيورسٽي مان ريگيولر انگلش سبجيڪٽ ۾ M.A پاس ڪري ورتائون ۽ هاڻي ايم فل جي ڊگري به حاصل ڪري چڪا آهن، ان کان سواءِ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ پڻ پاس ڪئي اٿن. تازو هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان سرٽيفائيڊ جرنلز ۾ سندن چار آرٽيڪلز پڻ شايع ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي موجوده ڪتاب سگا شهدادڪوٽ جي تاريخ لکي صاحب ڪتاب جو مرتبو پڻ حاصلو ڪري ورتو اٿن.
پروفيشنل ڪيريئر جي حوالي سان اگر لکجي ته سندس پروفيشنل ڪيريئر ته سندس بقول ان وقت کان شروع ٿي چڪو هو، جڏهن هن پنهنجي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ ۽ پنهنجي مسڪين ۽ فرشته صفت والد صاحب، جنهن جو شهدادڪوٽ شهر ۾ سستن هٿرادو بوٽن جو دڪان هو پر ڌنڌو گهٽ هئڻ سبب مشڪل زندگيءَ جو گاڏو هلائڻ لاءِ سندن هٿ ونڊايو ۽ شهدادڪوٽ اسپتال جي ٻاهران ڇولا کپايا ۽ ننڍن ٻارن جا رانديڪا کپائي پنهنجي والد صاحب جي مدد ڪئي. ايتري تائين جو يونيورسٽيءَ جي تعليم تائين سندس غربت وارا امتحان جاري رهيا. هڪ پينٽ ۽ ٻه شرٽون کڻي يونيورسٽي پهتا پر ڪڏهن به همت نه هاريائون، هاسٽل جي ماني کائي بيمار به ٿيندا رهيا ته امڙ ۽ والد صاحب جي دعائن جي نتيجي ۾ صحتياب به ٿيندا رهيا، پنهنجا ڪپڙا ڌوئيندا به پاڻ ته استري به پاڻ ڪندا هئا، مطلب ته محنت ۽ علم سان محبت جي رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي پار ڪندا، بنا رڪجڻ جي اڳتي وڌندا رهيا.
سندن همت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته 1994ع ۾ جڏهن پاڻ انٽر جو امتحان پاس ڪيو هئائون، انهن ئي ڏينهن ۾ سچل سارو سچ جي نالي سان ڪوچنگ سينٽر قائم ڪري شهدادڪوٽ ۽ آسپاس جي ننڍن ڪلاسن جي ٻارن جي علمي مدد ڪرڻ شروع ڪيائون، جنهن ۾ ٻيا ڪجهه استاد به اچي سندن هٿ ونڊائيندا هئا.
2002ع ۾ ليڪچرر جي ڪميشن پاس ڪرڻ کان اڳ مجيب خان مستوئي سان گڏجي دريا خان پبلڪ اسڪول جي نالي سان مڪمل اسڪول قائم ڪيائون، پر جلد ئي دعائون اگهامڻ يعني ليڪچرر شپ ملڻ کان پوءِ اهو اسڪول مستوئي صاحب جي حوالي ڪيائون، جيڪو اڄ به قائم دائم آهي ۽ اتي معياري تعليم جو سلسلو جاري آهي.
ليڪچرر شپ ملڻ کان پوءِ تعليم کاتي جي ڪاليجئيٽ ڪيڊر ۾ پنهنجن صلاحيتن آڌار سٺي عزت ۽ شهرت حاصل ڪندي پهريائين شهدادڪوٽ پوءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۽ هاڻي اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان گورنمينٽ سنڌ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر حيدرآباد ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. پاڻ جيئن ئي ڪاليج ۾ نوڪريءَ جي شروعات ڪيائين ته ان سان گڏو گڏ سپلا جا متحرڪ ڪارڪن پڻ ٿي رهيا، جنهن جي ڪري کيس ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ضلعي ڄامشوري جي سپلا جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ۾ به سندن خدمتون نمايان رهيون آهن. برانچ ليول تي ڊاڪٽر شاهه نواز ۽ محترم غلام مصطفيٰ وڌو جي معرفت سگا برانچ شهدادڪوٽ جا بنيادي ميمبر ۽ پوءِ هڪ ڀيرو برانچ جا صدر ۽ هڪ دفعو سگا برانچ شهدادڪوٽ جا جنرل سيڪريٽري چونڊجي مسڪينن ۽ مجبورن جي خدمت ڪيائون.
پاڻ جڏهن 2015ع ۾ سگا مرڪزي اليڪشن ۾ اميدوار طور حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيائون ته محترم عبدالجبار جوڻيجو جنهن سان سپلا جي حوالي سان سٺي حجت هئي، ان ۽ سينيئر پروفيسر سيد گل محمد شاهه سان گڏجي مون وٽ آيا، ڪچهري ٿي ڪچهريءَ ۾ مونکي ايڏو ته متاثر ڪيائين جو مون ان مهل ئي عبدالجبار جوڻيجو کي مذاق ۾ چيو ته توهان وارو همراهه جي ووٽن ۾ پهرئين نمبر تي نه اچي ته مون سان جهڙي وڻي تهڙي ڪجو! ۽ پوءِ ٿيو به ائين پاڻ سڀنيءَ کان وڌيڪ ووٽ کڻي پهرئين نمبر تي آيا ۽ مرڪزي بادي چونڊجڻ وقت کين سيڪريٽري تعليم چونڊيو ويو، سيڪريٽري تعليم جي حيثيت سان سندن دور هڪ بهترين دور رهيو، جنهن دوران روشن تارا اسڪولن ۾ رڪارڊ سرگرميون ٿيون، اسان جو شاهه جي نالي سان مضمون نويسي جا مقابلا، ٻارن جي وچ ۾ ڊبيٽ مقابلا، ڪوئيز مقابلا، مطلب ته ڪلسٽر وائيز وڏا وڏا پروگرام ٿيا، جنهن ۾ ٻارن جو ٽئلينٽ ڏسڻ وٽان هوندو هو، اڪثر مقابلن ۾ مان ۽ سائين عبدالجبار جوڻيجو جج هوندا هئاسين ۽ بنا ڪنهن دٻاءَ جي مشڪل فيصلا ڪندا هئاسين.
ان بعد پاڻ ٻيو ڀيرو به ”سِي اي سِي“ جا ميمبر چونڊيا ويا ۽ هاڻي ٽيون ڀيرو پڻ سگا ”سِي اي سِي“ جو ميمبر چونڊجڻ کان پوءِ 30 ڊسمبر 2018ع کان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
سگا جي بنيادي ميمبر جي حيثيت سان آءُ به هن تنظيم سان 1996ع کان سلهاڙيل آهيان ۽ اڪثر ڪري برانچ پريزيڊنٽ ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان، ان ڪري مرڪزي باڊيءَ سان هميشه گهرو تعلق رهيو آهي ۽ هر سيڪريٽري جنرل ۽ چيئرمين توڙي مختلف سيڪريٽريز کي بلڪل ويجهي کان نه صرف ڏٺو آهي بلڪه پرکيو به آهي، پر خالد صاحب جيئن ئي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀاليو آهي، سگا جي برانچن ۾ ته ڄڻ جان اچي وئي آهي ۽ تمام گهڻيون لڳاتار سرگرميون ٿي چڪيون آهن ۽ ٿي رهيون آهن.
سندن ٽينيوئر جو اهم فيصلو برانچن جي اهم عهديدارن يعني صدر ۽ جنرل سيڪريٽريز جي ٽريننگ/ورڪشاپ متعلق هو ۽ حلف کڻندي ئي پاڻ ان لاءِ پلاننگ کي لڳي ويا ۽ قليل مدت ۾ پهرين فيبروري تي ٽن ڏينهن جي ٽريننگ جو پهريون مرحلو شروع ٿيو، جنهن ۾ 25 برانچن جي 50 ساٿين حصو ورتو ۽ پڄاڻيءَ تي هڪ شاندار تقريب ۾ محترمه شهلا رضا هٿان کين سرٽيفڪيٽ ڏياريا ويا.
ٽريننگ جو ٻيو مرحلو وري 19 اپريل تي منعقد ٿيو ۽ ان مرحلي ۾ به 25 برانچن جي 50 ساٿين کي روزانه ڪم ڪار ۽ ڪارڪردگي توڙي ڊاڪيومينٽيشن جي حوالي سان ٽريننگ ڏني وئي ۽ ان ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ پڻ شاندار تقريب سان ٿي ۽ محترم تاج حيدر هٿان ساٿين کي سرٽيفڪيٽ ڏياريا ويا. انهن ٻنهي موقعن تي ٽريننگ سان گڏ بهترين تفريح جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو، هڪ بهترين فارم هائوس جو انتخاب ڪيو ويو هو جيڪو ڪنٽري سائينڊ چالي جي نالي سان مشهور آهي.
سندس دور جو ٻيو اهم پروگرام روشن تارا ٻالڪ ميلي جو ڪامياب انعقاد آهي جيڪو سالن جي عرصي کان پوءِ حيدرآباد جهڙي وڏي شهر ۾ منعقد ٿيو ۽ ٻن ڏينهن ۽ راتين تائين جاري رهيو، جنهن ۾ بهترين سائنسي، ثقافتي ۽ ڪتابن جي اسٽالن سان گڏ ٻارن جي تفريح، تعليمي مقابلا، خاڪن جا مقابلا، ڊبيٽ جا مقابلا ۽ مختلف روشن تارا اسڪولن جي ٻارن جي وچ ۾ راڳ رنگ جا مقابلا، ميڊل، انعام، شيلڊون ۽ آخر ۾ محفل موسيقي، جنهن ۾ وقار ملاح ۽ نروڌا مالني جهڙا بهترين راڳي به شامل هئا، اهو پروگرام 21 ۽ 22 فيبروري 2020ع تي منعقد ٿيو ۽ سالن تائين دلين ۽ دماغن تي نقش رهندو.
ان پروگرام جي فقط هڪ هفتي جي قليل عرصي کان پوءِ ٻيو وڏو پروگرام سگا جي چاليهين ڪوينشن ۽ ستيتاليهين سالگرهه جو انعقاد هو، پر پاڻ پنهنجي ذاتي فائدن، يونيورسٽي امتحانن جي اسائنمينٽ ۽ ٻين ڪمن کي ڇڏي، ڪنوينشن ۽ سالگرهه جي ڪم ۾ جنبي ويا ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريائون ته پنهنجي سڄي ٽيم کي گڏ کڻي اهڙا منظم ۽ تاريخي پروگرام به منعقد ڪري سگهجن ٿا.
ڪنوينشن ۽ سالگرهه جو پروگرام ٻن ڏينهن تي مشتمل هو، ماشاءَالله ٻنهي پروگرامن جي سيٽ اپ، اسٽيج، هال ۽ پروگرامن جي ترتيب توڙي ٻنهي ڏينهن جي ماني ۽ رهائش جا انتظام زبردست هئا، ٻنهي پروگرامن ۾ نه ته ڪا ڪنهن مهل مانيءَ تي رش يا شڪايت ٿي ۽ نه وري رهائش هونئن اڪثر ڪري اسڪولن ۾ پروگرام ٿيندا هئا ۽ اتي ئي ڪمرن ۾ رهائش جو انتظام ٿيندو هو پر هن ڀيري ڪراچي جي سٺين هوٽلن ۾ به رهائش جو انتظام ڪيو ويو هو، ان کان سواءِ سالگرهه تقريب ته منهنجي زندگيءَ جي يادگار تقريب رهي خاص ڪري اسٽيج تي پينا فليڪس بجاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ اسڪرين پروگرام جي سونهن وڌائي ڇڏي، مطلب ته انهن ٻنهي پروگرامن به صفا واهه واهه ڪرائي ڇڏي.
ان کان سواءِ پاڻ برانچن کي هر وقت همٿائيندا رهن ٿا، پهريائين جيڪي دوست شڪايت ڪندا هئا ته مرڪزي عهديدار برانچن ۾ نه ٿا اچن، هاڻي انهن جي شڪايت بلڪل ختم آهي ۽ هن متحرڪ شخص هر برانچ جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪري، برانچ عهديدرن سان ميٽنگون ڪري ۽ سڀني عهديدارن سان ويجهو لاڳاپو رکي اهو ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن زماني ۾ اها جيڪا ٿيوري هلندي هئي ته سيڪريٽري جنرل ڪراچي شهر جو هجڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ کان ٻاهريون ماڻهو آفيس کي ٽائيم ڏئي نه سگهندو، پر هن شخص جو جسم ته ڪو فولاد جو ٺهيل آهي، آفيس کي به ٽائيم ڏئي ٿو، برانچن کي به سپورٽ ڪري ٿو ۽ ٽائيم ڏئي ٿو ته پنهنجي سرڪاري نوڪري به ايمانداريءَ ۽ فرض شناسيءَ سان سرانجام ڏئي ٿو، پوءِ ڀلي ته صبح جو ڪراچي، شام جو ڪاليج ۽ رات جو ڦل شهر ۾ پروگرام ڇو نه هجي!
خالد حسين چنا هڪ سال جي قليل عرصي ۾ رانچن جي 100 کان وڌيڪ سرگرمين ۾ حصو وٺي اهو ثابت ڪيو آهي ته ”مرد آڏو ڪوبه ڪم مشڪل نه آهي“ ۽ هن پنهنجي هر ذميواري احسن طريقي سان ادا ڪئي آهي.
هن نه رڳو برانچن سان بهتر رليشن تي ڪم ڪيو آهي پر آفيس جي اندر به ماحول کي گهڻو تبديل ڪيو آهي، اڳي مهينن جا مهينا ڪنهن ميٽنگ جي ڪارروائي کي لکڻ ۾ لڳي ويندا هئا، پر هاڻي سندس ڀرپور ڪوشش هوندي آهي ته هر ڪم ٽائيم تي ٿئي، ان لاءِ مختلف طريقن سان آفيس اسٽاف سان هر وقت رابطي ۾ به رهندو آهي ۽ سندن ڪم تي نظر به رکندو آهي.
سندن دور ۾ سگا سماچار جا 2019ع جا چارئي پرچا پنهنجي پوري ٽائيم تي ڇپيا ۽ برانچن توڙي مرڪز جون رڪارڊ سرگرميون سماچار جو حصو بنجي، سگا جي ساٿين جي محنتن جو هڪ اهم رڪارڊ بنجي پيون آهن.
ڪارڪنن سان ويجهڙائي به سندن محبتن ۽ پنهنجائپ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، خدانخواسته اگر ڪنهن ساٿيءَ سان ڪو مسئلو ٿي پوي ته پاڻ هڪدم ان سان رابطو ڪري، مناسب فورم ۽ خط و ڪتابت کي استعمال ڪري ان دوست جو مسئلو فوري طور تي حل ڪري وٺندا آهن، جنهن جو آءُ اکين ڏٺو شاهد آهيان ۽ اهي دوست به ان جي شاهدي ضرور ڏيندا.
مطلب ته هن بهترين طبيعت جي مالڪ ۽ محبتي شخص جيڪي محبتون ونڊيون آهن، اهو هڪ رڪارڊ آهي ۽ منهنجي دعا آهي ته هن مرد مجاهد کي اڃا به وڌيڪ موقعا ملن ته جيئن هو پنهنجي قوم جي مسڪينن ۽ مجبورن جي خدمت سان گڏ سگا جي مان، شان عزت ۽ وقار ۾ پڻ اضافو ڪري سگهي.
پروفيسر خالد حسين چنا اهو قلمي پورهيو
عبداللطيف ڪرٽيو
هونئن ته مختلف ادارن ۽ تنظيمن ۾ ڪيترائي ماڻهو مختلف ڪم ڪندا رهن ٿا، جيڪي ڏينهن رات هڪ ڪري مقصد ماڻين ٿا. پر آءُ ذاتي طور تي قلمي پورهيو ڪندڙ ماڻهن کان زيادهه متاثر رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته قلمي پورهيو ڪرڻ عيوض ڪيل ڪم هڪ ته زيادهه ۽ گهڻو اثر رکي ٿو ۽ ٻيو ته اهو ديرپا عمل آهي، جيڪو ڪم هميشه محفوظ رهڻو آهي.
اسان جي پياري دوست ۽ سگا جي سرگرم اڳواڻ محترم پروفيسر خالد حسين چنا اهو قلمي پورهيو ڪري نه رڳو سگا، پر شهدادڪوٽ سميت سموري سنڌ تي احسان ڪيو آهي. مان ان ڪم عيوض کيس لک لک مبارڪون ڏيان ٿو. ساڻ سگا شهدادڪوٽ شاخ جي پيارن ساٿين عبدالجبار جوڻيجو، فدا حسين جوڻيجو ۽ ٻين کي پڻ مبارڪون ڏيان ٿو، جن شهدادڪوٽ شاخ کي سرگرم پئي رکيو آهي ۽ ان ڪيل سڄي ڪم جو رڪارڊ پڻ محفوظ ڪيو، جيڪو هاڻي ڪتابي شڪل ۾ هميشه لاءِ محفوظ ٿي چڪو آهي.
مون کي اميد آهي ته پروفيسر خالد حسين چنا اڳتي به پنهنجي قلم کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ استعمال ڪندو رهندو. جيڪڏهن قلم کان تاريخ لکڻ جو ڪم وٺجي ته منهنجي نظر ۾ قلم جو ان کان بهتر استعمال ٿي ئي نه ٿو سگهي. سو هي ڪم انتهائي شاندار آهي ان لاءِ ليکڪ سميت سگا جا سڀ دوست جس لهڻن.
ساٿ سلامت، سنڌ سلامت
سيڪريٽري اطلاعات
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن
تاريخ رقم ڪندڙ: سائين خالد حسين چنا : رفيق احمد سرهيو
ان وقت خلق خدا کي اتساه ڏيڻ ۽ انهن کي پنهنجن حقن متعلق روشناس ڪرائڻ ۽ چار ماڻهو گڏجي ويهي ڪنهن مسئلي تي ويچارڻ تمام ڏکيو ۽ اڻانگهو ڪم هو پر ان وقت اهڙين حالتن ۾ سردارن ۽ ميرن جي چنبي مان نڪرڻ لاءِ سگائي رضاڪارن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڪرڻ ۽ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻ وارو اتساهيندڙ عمل انتهائي اثرائتو ثابت ٿيو جيڪو سگا شھدادڪوٽ جي رضاڪارن جي حقيقي تاريخ ۽ سچ جي فتح آھي بلڪل شيخ اياز جي هنن سٽن وانگر.
شال اهو تون سمجهين
ڏات وڏي شيءِ ناهي
پر سچ وڏي شيءِ آھي
جو سچ مچائي مچ
سو مچ وڏي شيءِ آھي.
سو سمورو سچ ۽ تاريخ هڪ ڪتابي صورت اختيار ڪري ٿو جنهن جو ڪريڊٽ محترم سائين خالد حسين چنه صاحب ڏي وڃي ٿو، جنهن پنهن جي قلمي پورهئي سان هڪ تاريخ رقم ڪئي آھي.
هونئن به اها تاريخي حقيقت آهي ته والنٽيئر کي ٻيو ڪجهه به نه پر سندس خدمتن ۽ ڪيل ڪمن جي صرف مڃتا Appericiation جي ضرورت هوندي آهي ۽ سگا شهدادڪوٽ جي والنٽيئرز پاران ڪيل خدمتن تي لکيل هي ڪتاب يقينا شھدادڪوٽ سميت جملي پڙھڻدڙن لاءِ نئين ڄاڻ جو اضافو ثابت ٿيندو.
نسل لاءِ ھڪ ڄاڻ جو خزانو
پروفيسر جاويد احمد انڙ
ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي،۔
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
انهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
جس ھجي پروفيسر خالد حسين چنا صاحب کي جنهن تمام گهڻي اپٽار ۽ ريسرچ کانپوءِ ھي تاريخي ڪتاب سهيڙيو آھي. هن اتساهيندڙ عمل تي کين جس پيش ڪجي ٿو. اميد ته هن ڪتاب ۾ لکيل مواد نئين نسل لاءِ ھڪ ڄاڻ جو خزانو ثابت ٿيندو.
سگا جي تاريخ سهيڙيندڙ خالد حسين چنا : عبدالحميد بلو
70 واري ڏهاڪي جي شروعات تائين ملڪ اندر ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ رياست جو ڪم اڃان عوامي سطح تي شروع نه ٿيو هو، جنهن سبب هڪ طرف سنڌ جي شهرن سميت اڪثر علائقن ۾ تعليمي ادارن جي اڻهوند، صحت جي سهولتن جي کوٽ، پيئڻ جي پاڻيءَ جي عدم دستيابي ۽ روڊ رستن جي شديد کوٽ جهڙا تمام گهڻا مسئلا درپيش هئا ته مٿان وري سگا جي قيام جي ڪجھه سالن اندر 5 جولاءِ 1977 تي ان وقت جي فوجي آمر جنرل ضياءُالحق پاران ملڪ جي اڳوڻي وزيرِ اعظم ذالفقارعلي ڀٽو جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ۽ بعد ۾ سنڌ هڪ عظيم فرزند جناب ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو . ملڪ ۾ ايندڙ اهڙي سياسي تبديليءَ سگا تي به گهرا اثر ڇڏيا، ان دوران سنڌ ۾ ٻولي ، ادب ، ثقافت ۽ تعليمي ادارا به ضياءَ آمر جي عتاب هيٺ آيا ۽ انهن جي وجود کي شديد خطرا لاحق ٿي پيا. جيتوڻيڪ ان وقت سگا جي عمرپنج سال هئي، جيڪا هڪ ٻارڙي جيان اڃان بانبڙا مس پائي رهي هئي پر پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ انجي ثقافت جي وجود کي خطرا درپيش اچڻ سبب وقت ۽ حالتن ان ننڍڙي عمر ۾ ئي سگا لاءِ وڏو امتحان ۽ ساڳي ريت هڪ موقعو پڻ پيدا ڪيو . بعد ۾ تاريخ گواھ آهي ته سگا جي ساٿين جي اڻٿڪ محنت ۽ عظيم جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ واسي سرخرو ٿيا. ان ئي وقت ۾ سنڌ ۾ سگا تنظيم جي تيزيءَ سان واڌ ويجھه پڻ ٿي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن ۾ سگا جي شاخن ۾ واڌارو ٿيو. شهدادڪوٽ شاخ جو شمار به انهن شاخن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي هڪ ته اوائلي شاخون هيون ۽ ٻيو ان جو شمار به انهن شاخن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي سگا جي هر مشڪل وقت ۾ اداري سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺيون رهيون.
شهدادڪوٽ جو نالو ذهن تي ايندي ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مگسي ۽ چانڊيا سردارن جا نالا ذهن تي تري اچن ٿا، جيڪي هن علائقي جي سڃاڻپ بڻيل آهن پر ٻئي پاسي بلوچستان سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل اتر سنڌ جي هن ضلعي جي پسماندگي اسانکي پريشان ڪري رکيو آهي. منهنجون هن ضلعي سان ڪيتريون ئي ذاتي يادگيريون جڙيل آهن، جن جو تفصيلي ذڪر ته کڻي ٻي جاءِ تي ڪبو پر مان شهدادڪوٽ جي آسپاس انهن وڏن وڏن ڪارخانن کي وساري نه سگهيو آهيان جن ۾ ڪنهن وقت ۾ هزارين نوجوان نه رڳو روزگار سان جڙيل هئا پر اهي ڪارخانا شهدادڪوٽ ۾ پئسي جي چهل پهل جو وڏو وسيلا بڻيل هئا. افسوس جو ويجهر ۾ جڏهن منهنجو شهدادڪوٽ وڃڻ ٿيو ته اهي اڪثر ڪارخانا بند نظر آيا، جيڪا انتهائي پريشانيءَ جهڙي ڳالھه آهي.
بهرحال اها انتهائي خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهھ آهي ته سگا شهدادڪوٽ برانچ شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انتهائي سرگرم شاخ رهندي پئي آئي آهي. مون هميشه هن شاخ جي ساٿين کي هر ڪم، هر عمل ۽ هر ميدان ۾ انتهائي سرگرم ڏٺو آهي. اهڙن اڳواڻن ۾ محترم عبدالجبار جوڻيجو، سگا جو سيڪريٽري جنرل ۽ اسانجو جُهٽ يار پروفيسر خالد حسين چنا، فداحسين جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي سگا شهدادڪوٽ شاخ کي گهڻي عرصي کان سرگرم رکيو پيا اچن. 2010ع واري مها ٻوڏ سبب مان پاڻ شهدادڪوٽ ۾ موجود هيس، جتي سگا شهدادڪوٽ جي دوستن ان مصيبت واري وقت ۾ وڏي همت جو مظاهرو ڪيو ۽ ضلعي انتظاميه سان گڏجي ۽ اڪيلي سر پڻ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي وڏي واهر ڪئي. سگا جي دوستن ڏينهن رات هڪ ڪري شهر جي چوڌاري بند ٻڌڻ واري ڪم ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن کي راشن پهچائڻ سميت انهن کي لڏپلاڻ ۾ مدد ڪرڻ ۾ انتهائي اڳڀرا رهيا.
مونکي اهو ٻڌي انتهائي خوشي ٿي ته سگا جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا سگا شهدادڪوٽ شاخ جي تاريخ ۽ ان جي ڪارگذاريءَ کي سهيڙي رهيو آهي ۽ هاڻي هو ان کي ڪتابي شڪل ڏئي ڇپرائي رهيو آهي. پروفيسر خالد حسين چنا جو اهم ڪم انتهائي واکاڻ ۽ تعريف جي لائق آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن مون اڳ ۾ چيو ته شهدادڪوٽ سگا جي اوائلي ۽ انتهائي سرگرم شاخ آهي، جنهن جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي، جن کي سهيڙي محفوظ بڻائڻ جي شديد ضرورت هئي . اها ڳالھه به حقيقت آهي ته سنڌ ۾ مجموعي طور تي ڪتاب ته تمام گهڻا لکيا وڃن ٿا پر سنڌ ۾ تحقيق ۽ انجي آڌار تاريخي دستاويز ، رپورٽون ۽ ٻيو رڪارڊ محفوظ ڪرڻ جو لاڙو مڙوئي گهٽ آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ تمام گهڻي تاريخ محفوظ ڪرڻ کان رهجي وئي آهي، جيئن ون يونٽ خلاف سنڌين پاران ڪيل جدوجهد، هاري تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ، ڪالاباغ خلاف ٿيندڙ سنڌين جي عظيم جدوجهد، سنڌ ۾ ٻولي جي بچاءَ لاءِ ورتل ڪوششون شامل آهن . اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي جاکوڙي ۽ انتهائي سرگرم اڳواڻ محترم پروفيسر خالد حسين چنا سگا شهدادڪوٽ برانچ جي تاريخ کي سهيڙيندي ڪيترائي اهم دستاويز، سگا شهدادڪوٽ جي ڪارڪنن جا پروفائيل، تاريخي فوٽوگرافس محفوظ بڻائڻ جهڙو مشڪل ڪم نه رڳو هٿ ۾ کنيو پر انهن کي ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪري هڪ عظيم ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. هونئن به خالد چنا چوڻ يا ٻڌائڻ جي بدران ڪري ڏيکارڻ جو قائل رهيو آهي. هو ان ڪم عيوض جس لهڻي. منهنجي نظر ۾ هن اهڙو وڏو ڪم ڪري نه رڳو سنڌي ادب ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي پر شهدادڪوٽ جهڙي پسماندھ ضلعي (جيڪو سندس اباڻو ضلعو پڻ آهي) ۾ قائم سگا شهدادڪوٽ برانچ جي تاريخ سهيڙي سنڌ جي حقيقي فرزند هئڻ وارو ثبوت ڏنو آهي. مون سوچيو ته ان ايڏي وڏي ڪم عيوض مان خالد چنا کي مڃتا طور ڇا ٿو ڏئي سگهان ، پوءِ مون سوچيو ته سندس پيار ڀرئي ان پورهئي عيوض ساڻس لاءِ پيغام جي نالي هڪ مضمون لکي گلن جي جهول بدران لفظن جي جهول ڀري ڇونه مٿس نڇاور ڪجي، سو هي مضمون سندس مڃتا طور حاصر ڪيو اٿم.
پروفيس خالد حسين چنا ان عظيم ڪم عيوض کِيرون لهڻي، ساڻس لاءِ تمام گهڻو پيار، واڌايون ۽ کوڙ ساريون دعائون.
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو : نور محمد سيال
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) پنهنجي اڌ صدي مڪمل ڪرڻ جي ويجهو آهي. ان 47 سالن جي عرصي ۾ سگا ڪيترائي تاريخي ڪم ۽ اهم سرگرميون سرانجام ڏنيون آهن ، جن کي سهيڙي تاريخي ڊاڪيومينٽ بڻائڻ جي ضرورت ڳچ عرصي کان محسوس ٿي رهي آهي. سگا جي ان عظيم ۽ ڊگهي جدوجهد جي نتيجي ۾ جيڪي ڪاميابيون اسانجي پلئه پيون آهن ۽ انهن ڪاميابين جي نتيجي ۾ سگا جي جن عظيم ڪردارن جنم ورتو ، انهن سڀني کي سهيڙڻ هاڻي وقت جي اهم ضرورت آهي. مونکي يقين آهي ته جيڪڏهن سگا جي تاريخي ڪم کي نيڪ نيتي سان سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کڻجي ته ڪيترائي ڪتاب لکجي سگهن ٿا. مثال جي طور تي سگا پاران سماجي کيتر جنهن ۾ سنڌ جي ڏورانهن علائقن تائين تعليم، ۽ صحت جي سهولتن جي رسائي جو ڪم ، سنڌ ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڏڪار جهڙين مصيبن واري حالت ۾ پنهنجن ماڻهن جو ڀرجهلو ٿي بيهڻ سيمت سنڌ جهڙي ڏکويل ماٿري جي مسڪين ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جهڙن ڪمن کي سهيڙجي ته هڪ شاندار ڪتاب مرتب ٿي سگهي ٿو. ساڳيءَ ريت سگا پاران سنڌ جي ٻولي، ادب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ واري ڪم تي الڳ ڪتاب ۽ جيڪڏهن مارشل لا واري دور ۽ ايم.آر.ڊي تحريڪ ۾ سگا جي سنڌ ۾ ٿيل مزاحمتي ڪردار تي قلم کڻجي ته هڪ الڳ ڪتاب تيار ٿيندي نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ ٻولي جي معاملي تي ٿيندڙ لساني فسادن ۾ سگا جهڙيءَ ريت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ ٿي بيٺي هئي ان تي به هڪ لازوال ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجي ٿو. مطلب ته تقريبن اڌ صديءَ تي ڦهليل سگا جي عظيم جدوجهد ۽ سماجي خدمتن جي تاريخ کي سهيڙڻ هاڻي وقت جي اهم ضرورت بڻجي وئي آهي. اهڙي وقت ۾ پروفيسر خالد حسين چنا سگا جي هڪ اهم شاخ شهدادڪوٽ جي تاريخ کي سهيڙي هڪ شاندار ڪم سرانجام ڏنو آهي. سگا جي تاريخي جدوجهد ۽ انجي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته فقط هڪ شاخ تي لکڻ لاءِ ايترو مواد موجود آهي جو هڪ قلمڪار ان تي به هڪ مڪمل ڪتاب ترتيب ڏئي اسانجي هٿن تائين پهچايو آهي . ان مان اها ڳالهه پڻ ثابت ٿئي ٿي ته پروفيسر خالد حسين چنا جيان جيڪڏهن سگا جا ٻيا ساٿي به همت ڪن ۽ قلم هٿ ۾ کڻن ته سنڌ جي 81 سرگرم شاخن جي تاريخ ۽ مجموعي ڪارڪردگي بابت 81 ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ ٻيا به ڪيترائي سماجي ڀلائي جا خانگي ادارا آهن، جيڪي پڻ مختلف شعبن ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن پر سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي تاريخ، حاصلات ۽ انجي Contribution باقي ادارن کان بنهه نرالي ۽ اتم آهي. پاڪستان ۾ سگا جي نوعيت جو شايد ئي ڪو ٻيو ادارو هجي جنهن ۾ بي لوث ۽ سماجي خدمت سان سرشار عظيم ماڻهن پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ پنهنجن ماڻهن سان ائين جڙيل رهيا هجن جيئن سگا ۾ ڪم ڪندڙ عظيم ڪردار رهيا آهن. انهن سڀني ڪردارن سميت سڀني شاخن جي ڪم ۽ ڪردار ۽ انهن جي تاريخ تي پروفيسر خالد حسين قلمي پورهيو ڪري هڪ الڳ تاريخ رقم ڪئي آهي. اهڙي ڪم عيوض پروفيس خالد حسين سگا جي ساٿين ۾ هڪ اعليٰ مرتبو، مان ۽ مقام لهڻي ٿو . دراصل شهدادڪوٽ شاخ تي ڪتاب لکڻ سان شاخ جي انهن سڀني ساٿين جو ڪيل ڪم محفوظ ٿي ويو آهي، جيڪو وقت سان گڏ ضايع ٿي پئي سگهيو.
آءُ ذاتي طور تي نهايت خوشي، سرهائيت ۽ قرار محسوس ڪيان ٿو، جڏهن آءُ ڏسان ٿو ته سگا جا ساٿي اڄ به مختلف مورچا سنڀاليو ويٺا آهن، انهن مان ڪجهه سماجي خدمت جو عَلم بلند رکيو پيا اچن ته ڪجهه وري دفاعي مورچي تي ويهي سنڌ خلاف ٿيندڙ مختلف سازشن جا ٽوڙ ڳولهي رهيا آهن ۽ منجهائن ڪجهه وري علم ۽ ادب جي مورچي تي ويهي بندوق جي بدران قلم کي هٿيار بڻائي سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ م رڌل آهي. مون کي پروفيسر خالد حسين چنا به انهن ماڻهن منجهان مورچي تي ويٺل هڪ اهڙو چوڪيدار لڳي ٿو، جيڪو قلم هٿ ۾ کڻي قوم جي چوڪيداري واري ڪم ۾ جُنبي ويو آهي ، سنڌ جي اهڙي بي لوث خدمتگار ۽ قلمڪار تي سگا کي فخر آهي. استاد بخاري جي سٽن جيان هن شخص ڪتاب لکي قوم جياري آهي، هن عام اجاريو آهي، جڏهن ته تاريخ ۽ تقدير کيس پڪ پئي ڏئي آهي ته هن سنڌ سنواري آهي سو هو جيئندو رهندو.
سنڌ جي عظيم شاعر استاد بخاري خالد حسين چنا جهڙن ماڻهن لاءِ ئي ته چيو هو ته،
جو قوم جياري، اهو جيئندو رهندو
جو عام اجاري، اهو جيئندو رهوندو
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي
جو سنڌ سنواري، اهو جيئندو رهندو
سيڪريٽري فنانس سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا)
سگا شهدادڪوٽ شاخ جي سماجي خدمتن جو سفر: ”راز“ علي گل ڀُٽو
شهدادڪوٽ شاخ جي 1978ع ۾ قائم ٿيڻ کان پوءِ شاخ جي ڪارڪنن دلي جذبي سان ڪارڪنن جو تعداد وڌايو، ڪارڪنن جو اهو اورچائي وارو جذبو ڏسي پڙهيل طبقو سماجي سيوا ڏانهن ڏاڍو تيزيءَ سان مائل ٿيڻ لڳو. اهڙي طرح شاخ جي سماجي سيوڪ قافلي ۾ واڌارو ايندو رهيو. مقرر وقت تي شاخ جون چونڊون ٿينديون رهيون، عهديدار ايندا ويندا رهيا، مگر سندن خدمتن جي جذبي ۾ ماٺار نه آئي، عهديدار صرف انتظامي امور آسانيءَ لاءِ چونڊيا ويندا آهن. مگر ميدان ۾ ڪارڪن ۾عهديدار ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي. مختلف دؤرن ۾ سوَ کان مٿي ڪارڪن سگا شهدادڪوٽ جو اثاثو رهندا پيا اچن، جن ۾ تاحيات ميمبر، عام ميميبر، عورت ميمبرن جو به چڱو تعداد شامل آهي، سگا شهدادڪوٽ شاخ مقامي خدمتن جي مد ۾ وڏو اثر رسوخ رکي ٿي. معاشري جي هر شعبي ۾ شاخ جا ڪارڪن موجود آهن، جيڪي تر جي عوام جي خدمت فرض سمجهي ڪن ٿا.
1980ع واري ڏهاڪي واري شروعات ۾ جڏهن فوجي آمر جنرل ضياءُالحق سگا جي پابندي هنئي ته ان پابنديءَ جو اثر شهدادڪوٽ شاخ تي به پنهنجي طور پيو، پر ڪارڪنن همٿ سان عوامي رابطي ۽ خدمتن جو دامن پنهنجي هٿن مان نه ڇڏيو، انهيءَ ڪري ئي جڏهن 1988ع ۾ محترمه شهيد بينظير جي دؤر حڪومت ۾ تنظيم تان پابندي هٽي ته پردي جي پويان ڪم ڪندڙ ڪارڪن وڏي جذبي سان عام ماڻهن ۾ خدمت جو پيغام کڻي شروع ٿي ويا. جيئن ته شدادڪوٽ ۽ سندس ٻهراڙيون تعليم ۽ صحت جي سهولتن ۾ ڪافي پٺتي پيل آهن. جتي شاخ جي ڪارڪنن کي عام حالتن کان وڌيڪ محنت ۽ اورچائي جو جذبو ڪتب آڻڻو پوي ٿو. ان جذبي سبب خاص طور تي عوامي طبقن ۽ سرڪاري سطح تي وقت بوقت وڏي مڃتا ملندي رهي آهي، قدرتي آفتن خاص طور تي برساتين ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سگا جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جو اهم ڪردار رهيو آهي. ڪارڪنن ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ کاڌي پيتي جو سامان ۽ طبي دوائون گڏ ڪري کين سهولتن خاطر سندن دروازن تي پهچايو. ڪئمپن مان هزارين مريضن کي فائدو ٿرو. طبي ڪئمپن ۾ چمڙي، مٺا پيشاب، سائي ۽ عام مريضن کي فائدو پهچايو ويو آهي، شاخ جون عام ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جون وقت سر گڏجاڻيون ڪري مرڪز سان به ويجهو رابطو رکيو ويو آهي، ان بنياد تي شاخ کي ڪافي ڀيرا انعام به مليا آهن، شاخ جا محنتي ڪارڪن مرڪزي سطح جي عهدن تي ڪم ڪري چڪا آهن ۽ اڃان به ڪري رهيا آهن.
سگا شهدادڪوٽ مضبوط شاخ رهي آهي، جيڪا اڄ به محترم انور علي سيال ۽ فدا حسين جوڻيجي جي قيادت ۾فعال طور ڪم ڪري رهي آهي.