سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مٽياريءَ سان تعلق رکندڙ خوبصورت شاعر ۽ محقق قاضي مقصود احمد جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”تاريخ مٽياري“ اوھان اڳيان پيش آھي.
مٽياري شھر ڪيترن ئي صدين کان سنڌ جي علمي مرڪز طور شھرت رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ مٽياري شھر جي عروج ۽ زوال، علمي، ادبي ۽ ثقافتي تاريخ کي محفوظ ڪيو ويو آھي. ڪتاب جي بابن کي ليکڪ خاندانن ۽ برادرين جي حوالي سان مرتب ڪيو آھي جيئن پڙھندڙ انھن جي علمي ۽ اخلاقي ڪارنامن کان واقف ٿي سگهن. ڪتاب ۾ مٽياري جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن، ماڳ مڪانن، برادرين کي پڻ تاريخي طور سھيڙيو آھي.
ھي ڪتاب 2006ع ۾ علمي ادبي اشاعت گهر مٽياري پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي قاضي مقصود احمد جي ٿورن سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي