محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سينيئر قومي ڪارڪن محمد خان ابڙي جي آتم ڪٿا ۽ ساروڻين تي ٻڌل ڪتاب ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ اوهان اڳيان پيش آهي.
محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو.
”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورا بہ آهن تہ 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ بہ آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نہ رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ بہ ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن.
ھي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. اسان ٿورائتا آھيون شوڪت ميمڻ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون محمد خان ابڙي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
حق ۽ واسطا
پهريون ڇاپو: 29 نومبر 2020ع
ڪتاب جو نالو: وڃن سور سنڌا ڪيو (آتم ڪٿا)
ليکڪ: محمد خان ابڙو
ڪمپيوٽر لي آئوٽ: عبدالله جروار
ڇپيندڙ: عزيز پريس، ڪراچي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
“WANJJAN SOOR SANDHAA KAYO”
(Autobiography)
By: Muhammad Khan Abro
Published by: Sindhica Academy,
B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
قيمت : 400/= رپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
لکپڙهه لاءِ: سنڌيڪا اڪيڊميB-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي- 74400 فون: 021-32737290،
ويب سائيٽ: www.sindhica.org اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com
ارپنا
ٽن عظيم هستين جي نالي ڪريان ٿو
امان آمنت خاتون
منهنجي مٺڙي ماءُ: جنهن کي هر ڏک ۽ تڪليف ۾ رهندي به ڪڏهن مايوس نه ڏٺم.
بابا علي محمد ابڙو
بابا سائين: جنهن جي خودداريءَ مونکي همٿ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي سگهه بخشي.
۽
استادِ محترم سائين ارشاد احمد پٺاڻ
جنهن شخص مونکي تعليمِ بالغان ۾ مئٽرڪ جي نصاب تائين
اڪيلي سر به تعليم جاري رکرائي ۽ مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ لاءِ اتساهيو
مون سندس محنتن ۽ دعائن سبب تعليمي ڪاميابيون ماڻيون.
محمد خان ابڙو
ماضيءَ جو مطالعو
ڳالهه جي تمهيد انهيءَ کي ٻڌي اٿم جو منهنجي هٿن ۾ سنڌ جي سينيئر قومي ڪارڪن ۽ محترم دوست محمد خان ابڙي جي آتم ڪهاڻي ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ جو مسودو آهي.
محمد خان ابڙي جو تعارف ڪرائڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ برابر آهي، هن جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ جيڪا سنڌ جي شهرن، وسيلن ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ سڀني جي دلين ۾ درد جاڳي پيو اها جاڳ، اوجاڳا ڪري هن جي پيڙهيءَ اسان تائين پهچائي آهي. جو سنڌ سان محبت هڪ مقدس عقيدو ۽ ايمان بڻجي پيو آهي.
سندس آتم ڪهاڻيءَ جي ڪتاب کي مان انهيءَ ڪري دلچسپيءَ، تجسس ۽ بي صبريءَ سان پڙهي پورو ڪيو جو انهيءَ ڪٿا ۾ سچائيءَ جي سونهن به هئي ته واقعن، حادثن، جدوجهد ۽ قربانيءَ جا بي مثال قصا به هئا ۽ انهيءَ سان گڏ جرئت ۽ بهادريءَ جون ڪيئي ڪهاڻيون به هيون. اها ئي ڪتاب جي خوبي ۽ حسن آهي ته ان ۾ ايتري رواني، تجسس ۽ سچائي هجي جو جڏهن ڪو پڙهندڙ ان کي پڙهڻ ويهي ته ان کي اڌ ۾ ڇڏي نه سگهي ۽ ڪتاب هڪ داستان گو وانگر ان کي لفظن، واقعن ۽ ڪهاڻين جي ڏوريءَ سان اهڙي ريت قابو ڪري رکي جو هو ان کي توڙ تائين رسائڻ کان سواءِ ڪتاب مان هٿ ڪڍي نه سگهي. اها خوبي ۽ خوبصورتي ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ اُتم درجي جي موجود آهي. ذهن ۾ رهڻ کپي ته اها خوبي هر آتم ڪٿا لکڻ واري جي حصي ۾ ڪونه ايندي آهي، ڇوته ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون ”آهه ۽ واهه“ واري شخصي روڳ کان اڳتي نڪري ئي نه سگهنديون آهن ۽ اهي سچائيءَ جي سدا حيات زيورن کان آجيون ۽ زندگيءَ جي تَڙپ ۽ تجسس کان ڪوهين ڏور ۽ پنهنجي تاڃيپٽي ۾ ڪچيون ۽ تڙتڪڙ ۾ تحرير ٿيل هونديون آهن. انهي ڪري انهن ”ڪاڳرن“ جي ڍير منجهه ڪو ڏک، ڪو ڏوراپو ڪو الوڻو ڳوڙهو، ڪنهن ٻار جهڙي مرڪ، جوانيءَ جي ٽهڪ ۽ ساهه جو سڳو سوري سلڻ جهڙي ڪا خوشي نه هوندي آهي ۽ اُهي ڪنهن خوشي، اميد ۽ جذبي کان ڏور ۽ ترتيب توڙي تنظيم کان بنهه اوپريون هونديون آهن. انهيءَ ڪري مڃتا جو معراج ۽ قبوليت جو قرب حاصل ڪري نه سگهنديون آهن.
”وڃن سور سنڌا ڪيو“ جهڙي بي مثال ۽ ڪارائتي آتم ڪٿا سرجڻ لاءِ سچائي ۽ جرئت سان گڏوگڏ ٻين گهڻن ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي، اسان وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ کان ڪنارو ڪندي آتم ڪٿا جي ٻن اهم ۽ لازمي نقطن جي وضاحت ڪنداسين ۽ ان ڪسوٽيءَ تي هن آتم ڪٿا جي ڪٿ ڪنداسين.
پهرين ڳالهه ته آتم ڪٿا جي بنيادي وصف چئن نقطن تي ٻڌل آهي. (1) لکڻ واري جي يادگيري (2) ان جو اسلوب (3) ان جو دور (4) سندس دوست، مائٽ ۽ احباب. انهن چئن نقطن تي هن جي وصف جي پڄاڻي نه ٿي ٿئي. انهيءَ سان گڏ ڪجهه ٻيا به ڪڙا شرط ۽ واعدا آهن جنهن جو اختصار هن طرح ئي بيان ڪري سگهجي ٿو ته: ”جيئڻ هڪ فن آهي ۽ آتم ڪٿا فنِ لطيف، انهيءَ کي لفظن جو ويس پارائي نروار ڪرڻ لاءِ سچائي، تمام گهڻي رياض ۽ کري هئڻ جي گهرج هوندي آهي. ان جو گس پل صراط وانگر وار کان سنهو ۽ تلوار کان تيز هوندو آهي.“ اها جدا ڳالهه آهي ته انهيءَ وصف کي سامهون رکندي هڪ وڏي اديب انساني ڪمزورين ۽ ڪچائن کي درگذر ڪندي، انهي وصف کي ٿورو نرم لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته ”آتم ڪهاڻي“ ۾ سچائيءَ جي گهٽتائي هجي ته ان کي معاف ڪري ڇڏڻ گهرجي، اهو به سوچيو ته انسان حيوانِ ملبوس آهي، ڏٺو وڃي ته ان جو پهريون ڪوڙ ته سندس لباس آهي.“ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته محمد خان جي سرجيل آتم ڪٿا انهن ٻنهي وصفن تي منڊيءَ جي ٽڪ جيان پوري لٿل آهي. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پوري جرئت ۽ بهادريءَ سان پنهنجي زندگي، غربت، ٻالڪپڻو، خاندان ۽ انهن جو گذر سفر، خوبيون ۽ خاميون، پنهنجو ماحول، واعدي وفائون ۽ دغائون، سيوهڻ جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حياتيءَ کي ديانتداري سان بيان ڪيون آهن. ان ۾ هن ڪٿي به مصلحت، خاموشي ۽ اڌ سچ کان ڪم نه ورتو آهي. هن جي آتم ڪٿا ۾ سندس پنهنجي ذات، ماحول، دوست، مائٽ ۽ احباب پوريءَ طرح موجود آهن ۽ زندگيءَ وانگر پنهنجن سڀني خوبين، خامين ۽ محبتن سميت ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿا. اهائي هڪ بهترين آتم ڪٿا جي عملي وصف ۽ ان جو حُسن آهي.
قومي تحريڪ کي پنهنجو پهريون عشق سڏيندڙ محمد خان ابڙو پنهنجي ٻاروتڻ واري خواب جي ڀٽائي جي هڪ امر ڪردار، سسئي جيان، ٺوٺن ڀر رڙهندي، سيني ڀر سرندي ۽ گوڏن ڀر گسڪندي ساڀيان ماڻي. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ اتي ڀرپور سياسي ۽ سماجي زندگي گذاري ٿو. پنهنجي ڪردار، گفتار ۽ جدوجهد سان هڪ باوقار وقت گهاري ٿو ۽ چئن ڏهاڪن کانپوءِ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي هو ٻيهر ڄڻ ساڳي حياتي چوڙي ٿو، يادن کي لفظن جو لباس پارائيندي پڪ سان پنهنجي ماضيءَ کي ساريندي سندس چپن تي فخر ۽ خوشيءَ جا جذبا ئي ٿي سگهن ٿا.
روانيءَ واري سادي پر پُراثر ۽ دلپذير نثر ۾ سرجيل هن ڪٿا ۾ ڪٿي به ”پدم سلطان بود“ جو پاڇو به پيل ناهي بلڪ هو پاڻ حافظ شيرازيءَ وانگي ”مقبول دار“ ٿي، 60 ۽ 70 ڏهاڪي واري سنڌ جي مجموعي غربت جي پس منظر ۾ پنهنجي خاندان ۽ ان جي غربت جو احوال اوري ٿو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن 1956ع ۾ ڳوٺ ٻلهڻ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ اک کولي، جتي اڃان تائين ٻار جي ڄمڻ جي تاريخ به لکي نه ويندي هئي. بلڪل اهڙي ريت جيئن گارشيا مارڪيز جي هڪ ڪردار وانگي جنهن کي پيءُ برف ڏيکارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو، اهو ماڪوندو ڳوٺ جتي اڃان ڪيترين ئي شين جا نالا نه رکيا ويا هئا ۽ انهن ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري هوندو هو. دنيا ازل کان ائين ئي آهي ڪٿي ڄمڻ جي تاريخ نه لکي ويندي آهي ۽ ڪٿي اڃان شين جا نالا به تخيل ۾ اچي نه سگهندا آهن، پر برف کي پهريون ڀيرو ڏسڻ ۽ ڇهڻ ڪو مارڪيز جي ڪردار کان پڇي ۽ برف سان ويڙهه ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ ڪو محمد خان کان ٻڌي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته دنيا ڪيتري مختصر آهي، بهرحال محمود درويش سان ته اختلاف ئي ڪري سگهجي ٿو ته اها رقاصه جي چيلهه جيان مختصر ناهي.
سندس والد صاحب غريب پر خوددار، عاشق مزاج، محبتي ۽ خوبصورت انسان هو. پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجن شرطن تي حياتي گهاريندڙ ان شخص شعوري طور وڏيرن، پيرن ۽ گادي ڌڻين کان دوري اختيار ڪئي هئي، جنهن جي کيس تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي هئي. هن دور انديشيءَ وارو ارادو ڪندي پنهنجو ڳوٺ ٻلهڻ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اچي سيوهڻ شهر ۾ آباد ٿيو. ته جيئن هو ۽ ان جو خاندان هڪ سُکي ۽ سَولي حياتي گهاري سگهي. ڳوٺ کان لڏي شهر ويهڻ ئي شايد هن جو غير معمولي فيصلو هو جنهن محمد خان کي دنيا کان روشناس ڪرايو. شهري زندگيءَ جي ڏکيائن ۽ نعمتن کان آگاهه ڪيو ۽ سندس شخصيت کي نيون دنيائون دريافت ڪرڻ، پنهنجي هستيءَ کي اجارڻ ۽ فتحن ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايئن هو اسان کي پوري سچائيءَ ۽ دلجمعي سان پنهنجي جدوجهد، خانداني ماحول ۽ دوستن جي دنيا کان آگاهه ڪري ٿو. جيڪو سڀ ڪجهه دلچسپ به آهي ته سبق آموز پڻ. اسين سربستو ۽ سڄو احوال پڙهڻ لاءِ پڙهندڙ کي آزاد ڪندي وچو واڙي ٿا ڪريون ته محمد خان ابڙو جي زندگيءَ جي (Terning Point) اها هئي. جڏهن هن اتفاقي طور دوستن سان گڏجي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ڏٺي. اهو 1972ع جو زمانو هو، جتان هو ذهن ۾ سوين سوال ۽ خواب کڻي بس ۾ حيدرآباد روانو ٿيو هو، اها گهڙي ذهني ۽ روحاني طور تي هن لاءِ هلچل، تبديلي ۽ آنڌ مانڌ جي هئي. ذهن ۾ رکڻ کپي ته تبديل اُهو ٿيندو آهي، جيڪو سوچي ٿو، يا سوچيندڙ ذهن جو مالڪ هوندو آهي. جنهن جي اندر ۾ ڪجهه ڪرڻ يا ڪري ڏيکارڻ جو جذبو ۽ امنگ هوندي آهي ۽ هو حياتيءَ جي قافلي ۾ نوان سبق سکڻ ۽ پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي وجود جي ثابتي لاءِ جهد ڪندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته حياتيءَ کي سجايو ۽ سهڻو بڻائڻ ۽ ان کي نئين انداز سان جيئڻ جو هنن ۾ جنون هوندو آهي ۽ محمد خان به ان جلسي کان پوءِ پاڻ کي تبديل ڪري هڪ نئين انسان جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو جيڪو تعليم بالغان ۾ پڙهي ٿو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ جساف جو سنڌ سطح جو اڳواڻ ٿي اڀري ٿو. اهڙي ريت ”پيرِ مغان“ جي نظر سان ان جو زندگيءَ ڏانهن زاويو ۽ نظريو ئي تبديل ٿي وڃي ٿو. گهڻن ئي با عمل ۽ باضمير انسانن جي زندگيءَ ۾ اهڙا موڙ آيا آهن جنهن ۾ گانڌي، نهرو ۽ شايد ڀٽو به اچي وڃي ٿو.
هڪ سٺي ۽ ڪامياب آتم ڪهاڻيءَ جي اها به وصف آهي ته اها ليکڪ جي حياتيءَ جو ئي طواف ڪندي آهي، جنهن ۾ ان جي شخصيت، ذاتي زندگي، مائٽ، يار ۽ واقفڪار سڀ هڪ دائري ۾ اچي بيهندا آهن ۽ ليکڪ پنهنجي ياد جي ڏياتيءَ سان سندن چهرا روشن ڪري کين ماضيءَ مان کڻي حال ۾ حالي احوالي ٿيندو آهي ۽ سندن وجود بابت لفظن جا چٽ چٽيندو آهي. هن ڪتاب ۾ به محمد خان ڪاميابيءَ سان ساروڻين جو سڳو سوريندي سيوهڻ شهر، جيڪو هن پنهنجي ٻاروتڻ يا سانڀر ۾ ڏٺو، ان جون گهٽيون، اسڪول، آکاڙا، پيرن ۽ گادي نشينن جون رنجشيون ۽ وڏايون، محلا، هوٽل، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام توڙي سماجي حياتيءَ جي هلي چليءَ جو پورو عڪس آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آهي. جيڪو هن شهر جي ويجهڙ واري تاريخ ۽ سماجي توڙي سياسي بيهڪ جو نقشو نروار ڪري ٿو، شهرن جا نصيب به انسانن جي ڀاڳن وانگر پيا گهٽبا ۽ وڌبا آهن، سيوهڻ جو مثال انهيءَ ڳالهه جي ثبوت طور ڪافي آهي.
”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن، تڏهن سنڌ جا تعليمي ادارا پليجي صاحب جي گيت ”جهان کي ڏيو مبارڪون اسان پيا ڪاهيندا اچون“ جو حقيقي منظر پيش ڪندا هئا، سنڌي شاگرد ئي هئا جيڪي پوري قوم جي جذبن، خوابن ۽ انهن جي تعبير لاءِ جيلن، جلوسن ۽ بک هڙتالن جي رهنمائي ڪندا هئا، تڏهن اڃا سنڌ اڄ جيان سکي ۽ سولي نه ٿي هئي، ڏکن ۽ ڏوجهرن جو عروج هو ۽ وڏي ڳالهه ته اڄوڪو باشعور وچولو طبقو اڃان ٻنڌڻن ۾ هو ۽ اهو جاڳرتا، شعور ۽ جدوجهد جو ٻچ جيڪو سيد جي قلم، فهم ۽ ڪردار چٽيو هو، 70 واري ڏهاڪي ۾ محمد خان ابڙو واري پيڙهيءَ ئي ان کي عملي طور سموري سنڌ ۾ اياز جي سٽ ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، چوڌاري چمڪاٽ اسان “ بڻجي سنڌ جي ذهني، عملي ۽ شعوري پالنا ڪئي هئي جو اڄ ويڙها ئي واسيل ٿا ڏسون ۽ ان پکيڙيل شعور جي سگهه سان سنڌ اَڄُ پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ سوڀاري ۽ سرخرو ٿيڻ واري پر اميد گهڙيءَ ۾ جي رهي آهي.
سنڌ ۾ شاگرد سياست جنهن جي هڪ دلچسپ ۽ ڪارائتي تاريخ آهي، جنهن ۾ ڀلي ڪجهه مايوسيون ۽ پريشانيون به آهن پر ٿلهي ليکي اها اتساهه، سگهه ۽ جاکوڙ جي علامت ئي آهي، انهيءَ جي هڪ مڪمل ۽ سربستي تاريخ ضرور لکڻ گهرجي. سنڌ جي قومي شعور کي پروان چڙهائڻ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي، سنڌ متحده محاذ وانگر جساف به پنهنجي حصي پتيءَ جو ڪردار نهايت دليريءَ ۽ همٿ سان ادا ڪيو آهي. انهيءَ جدوجهد ۽ تنظيمي صورتحال جا ڪجهه پاسا اوهان کي هن آتم ڪٿا ۾ پڙهڻ لاءِ ضرور ملندا ته ڪيئن ان دور جي شاگرد سياست اتساهه جو ڪارڻ بڻجي سنڌ اندر نوان انسان تخليق ڪندي هئي، انهن ۾ جياپي جي جدوجهد سان گڏ علم، عمل ۽ شعور جا چومکي ڏيئا روشن ڪندي هئي، انهيءَ شاگرد سياست مان ئي اڀريل هڪ ڪردار محمد خان جو به آهي، جنهن جي آتم ڪٿا ۾ اسان جي اتساهڻ توڙي ماضيءَ جو ڇيد ڪرڻ جا گهڻا ئي اهڃاڻ موجود آهن.
ڀٽائيءَ جي سون ورني سٽ ”کڻ اکيون، کل يار ته وڃن سور سنڌا ڪيو“ مان ڪتاب جي خوبصورت نالي جي چونڊ ڪندڙ هي آتم ڪٿا به هڪ باعمل ۽ نئين انسان جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ جدوجهد، جرئت ۽ بهادريءَ جا کوڙ سارا داستان موجود آهن پر ان ۾ ذرو برابر به مايوسي، ڏک توڙي ڏوراپي جو پاڇو پيل نه آهي. توڙي جو زندگيءَ هن کي خوشيون ۽ خوشحاليون آڇيندي زماني جي حساب کان سئو ڀيرا وڌيڪ قيمت وصول ڪئي آهي پر پوءِ به هو گورڪيءَ وانگر ائين نه ٿو چوي ته ”آئون زندگيءَ جو پٽ ته هوس پر ويڳو“ ۽ نه وري ايڊورڊ سعيد وانگر ڏکارو ٿي دهرائي ٿو ته: ”مان غلط وقت ۽ غلط هنڌ تي پيدا ٿيو آهيان.“ شايد ان جو اهو سبب آهي ته هن هڪ ڀرپور، ڪامياب ۽ متحرڪ حياتي چوڙي ۽ ماڻي آهي، زمانو ڪاميابيءَ جي الائي ڪهڙي تشريح ۽ تاويل ڪري پر مان سدا ملوڪ آمريڪي ليکڪ ايمرسن جي هنن سٽن سان سهمت آهيان: ”وڏا ٽهڪ ڏيڻ، ذهين انسانن منجهه پنهنجو مقام ٺاهڻ، ٻارن ۾ پنهنجي محبت پيدا ڪرڻ...... ڪوڙن دوستن جي بي وفائيءَ کان بچڻ، سونهن کي ساراهڻ ۽ ماڻهن ۾ موجود بهترين خوبين کي ڳولهي لهڻ، دنيا کي پهرين کان بهتر صورت ۾ ڇڏڻ، پوءِ اهو هڪ صحتمند ٻار جي شڪل ۾ هجي، باغ جو نئون سهڻو پاسو هجي يا سماجي صورتحال ۾ ڪنهن مثبت تبديليءَ جي شڪل ۾ هجي ۽ اها ڄاڻ هجي ته اوهان جي هئڻ سان ڪنهن هڪ انسان جي حياتيءَ ۾ آسانيون پيدا ٿيون آهن، اها ئي ته ڪاميابي آهي.“
اوهان شايد مون سان سهمت ٿيو ته ڪاميابيءَ جي انهيءَ سادي پر سهڻي وصف کان محمد خان سئو ڀيرا وڌيڪ ڪاميابيءَ جا ڏاڪا پار ڪيا آهن. تڏهن ئي ته سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ هڪ شانائتي آتم ڪٿا ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
ڊاڪٽر حميد سبزوئي
ڪراچي
30 نومبر 2020ع
پيار جا پيراگرافَ
برازيلي قصاگو پنهنجي نائڪ يا نائڪا متعلق جڏهن گفتگو ڪندا آهن ته انهن جا ڀاري ۽ باريڪ سڀئي پردا، اوڇڻ لاهي، انهن جي اهڙين ڪُنڊن جي ڪَهين کي اکيليندا آهن، جو سِڊول جسم جي اگهاڙپ باوجود، انهن نائڪ ۽ نائڪائن جون بدني بيهڪون پرديداريءَ کي لڄائي ڇڏينديون آهن. آرٽ جي عظيم انقلاب اندر فوقيت جسم کي گهٽ، پر بيهڪ کي وڌيڪ ڏني وئي آهي. ذات، صفات جي اڪثر پردن انسان ذات کي وڌيڪ دوکا ڏنا آهن. پردي پويان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي يا جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي، ان کي انسان ذات پنهنجو حصو پتي نه پر پنهنجي ذلت ئي تصور ڪري ٿي! پردو شخص جي ڏوهن کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. ان ڪري ئي دنيا جو هر عظيم آرٽسٽ لباسن هوندي، بي پيرهن به رهندو آهي ته بي رحميءَ سان لقائن کي بي پيرهن ڪرڻ جي قدرت به رکندو آهي. ڪنهن به شخص بابت تفصيل لکڻ ويل ڪوبه پردو، پاندُ رکڻ حقيقت ۾ سچ جو مياري ۽ مجرم ٿيڻ جي برابر آهي!
مان محمد خان ابڙي کي سُڃاڻان ٿو، يا هُو مون کي سُڃاڻي ٿو، ڳالهه هڪ ٻئي کي سُڃاڻڻ کان وڌيڪ ان مستطيل زندگيءَ جي چيئن لڪيرن جي آهي، جن مستطيل چيئن لڪيرن جي اندر هڪ ساڌارڻ شخص پنهنجي زندگيءَ جو بنواسُ ڀوڳي پنهنجا پيرَپِٿون ڪري ٿو، گهڻو ڪجهه پائي، گهڻو ڪجهه وڃائي ٿو. زندگيءَ جي ڌُن ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ گُهري ٿو. تَنَ جي تانپوري کي زندگيءَ جي آواز سان جوڙڻ ۽ ملائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو! مان اهڙن اُتاولن، من-موجي ۽ مست مگن ماڻهن کي گهٽ سُڃاڻان. پر محمد خان ابڙي سان منهنجي پهرين ملاقات، اسان جي ساهراڻي گهر ۾ ئي ٿي هئي، ان پهرينءَ ملاقات کي ڪنهن به ريت ڪا چڱي ملاقات چئي نه ٿو سگهجي. مون ان ملاقات ۾ پاڻ کي ڀُنگَ تي وَرايل ان شخص وانگر سمجهو هئو، جيڪو اغوا ٿيڻ کان پوءِ بازيابيءَ يا واپسيءَ وقت هيسيل هيسيل هوندو آهي. مون کي، اُن پل هُو هڪ شخص طور ڪنهن به ڪُنڊ، پاسي، ڪنهن به طرف، تعارف، تورَ، تَڪ، قد، بتَ ۽ ڳالهه ٻولهه حوالي بنهه ئي سمجهه ۾ نه ايندڙ هڪ عام شخص ئي پاسيو هئو. ٿي سگهي ٿو ته ان پهرين تعارفي ملاقات ۾ هُن جو مون بابت به ساڳيو ئي خيال يا رايو هجي، جنهن جي مون کي مڪمل معلومات اڄ ڏينهن تائين نه پئجي سگهي آهي، نه ئي هُن ان پهرين ملاقات جو مون سان ڪڏهن ذڪر ڇيڙيو يا نبيريو آهي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته 2005ع ڌاري، هُن مون سان ذاتي طور ڏيٺ، ويٺ، لڳ لاڳاپي يا ڪنهن به واقفيت نه هئڻ جي باوجود، منهنجي ساهرن وٽ، منهنجي شاديءَ بابت، منهنجي شخصي ضمانت پنهنجي سِرُ کڻي، مون کي پنهنجي ٽن پُٽن جي پيءُ هجڻ جو شرف عطا ڪندي منهنجي پيڙهيءَ کي منهنجي پيءُ، ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي سان ڳنڍيندي منهنجي ذات جي بقايا پاڇيءَ کي بچائي ورتو. هن جي اهڙي احسان کي منهنجي ايندڙ پيڙهيءَ جو ڪوبه فرد ڀُلائي نه ٿو سگهي!
2007ع جي ڪاريءَ هوا، جتي ڊسمبر جي ڳاڙهي گلابَ کي هر پڌر، پٽ تي ڇاڻي، پن پن کي وکيرڻ شروع ڪيو ۽ هن سلطنت جا سڀئي سُتون اچي زمين دوز ٿيا ۽ وطن جي شهڪار، بي مثال بينظير ڀٽو صاحبا کي شهيد ڪيو ويو ته منهنجي سفر جو نصيبُ به شهيدن جي قافلي سان گڏ لکيو ويو. هجرتن جي ان ناموافق موسم مون کي پهرين لاهور جي لاپرواهه رستن ۽ پوءِ اسلام آباد جي پٿرن ۾ آئيني سازن سان همڪار ڪيو. محمد خان ابڙي سان منهنجو انهن خراب موسمن باوجود ڪچو، پڪو مواصلاتي تعلق بحال رهيو. اهڙن ئي ڪجهه ڦاٽل، اُڊڙيل، اُڊڙيل ۽ ڏريل ڏهاڙن جي ڏُهاڳ ورتل ڪنهن اڌ سرد ڪچيءَ منجهند دوران ڪراچيءَ کان هُن، مون کي اسلام آباد فون ڪيو، فون جي آواز جي گرمي منهنجي ڪَن جي پردي، پُڇڙ ۽ پاپڙيءَ تائين پُڄندي پُڄندي سرد ٿيندي وئي. هُن فون تي ڳالهائيندي مون کي چيو ته ”پيارا احمد اهو ڪهڙو سبب آهي، جو تنهنجي ۽ منهنجي ڪُنڊلي پاڻ ۾ ملي نه ٿي.“ مون هن جي ان پيار، پنهنجائپ ۽ حجت کي دل ئي دل ۾ قبوليندي وراڻيو ته ”پيارا جوتشين ٻڌايو آهي ته سُڀاڻي رات پنهنجا تارا هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندا، نجوم جو علم ڄاڻيندڙن اهو به پڌرو ڪيو آهي ته سڀاڻي رات پنهنجا سڀ حساب، ڪتاب روبرو ٿيندا.“ هُن نهايت ئي خاموشيءَ ۽ تحمل سان ڪم واريءَ ڪُنڊليءَ جو تفسير ٻڌندي چيو ته ”ان جو مطلب؟“ مون وراڻيو ته ”ان جو مطلب، اهو آهي ته سڀاڻي رات پاڻ ڪراچيءَ ۾ ڪٿي ٿانيڪا ٿي ملنداسين ۽ حال احوال اورينداسين“ ۽ ائين ئي ٻئي ڏينهن مان ۽ منهنجا ڪجهه دوست اسلام آباد کان ڪراچي پُهچي، انگور جي ڌي کي پاڻ سان ساڻ ڪري، اچي محمد خان ابڙي جي توحيد ڪمرشل ڊفينس ڪراچيءَ واري گهر ڀيڙا ٿياسين. موتين سان ڀريل جهول ۽ موتئي جي مهڪار جهڙي شهر ڪراچيءَ ۾ هزارين ڌوتل ڪارن جي هيڊ لائيٽن جي جلوس جون وچندڙ تيز روشنيون، انڌيرن کي پُوش، پُوش چئي چنڊ جي پوئين پاسي ڏانهن ترڪنديون ٿي ويون، جڏهن ته 90 تي سنڌي ٽوپيون هڪ نئين اتساهه سان هروڏي مٿي جي ماپ وٺڻ ۾ مصروف هيون. هن مون سان گڏ آيل انگور جي ڌي کي گاڏيءَ ۾ ئي ويهڻ جي پُرزور استدعا ڪندي، پنهنجي گهر جي ڊرائينگ روم ۾ انگور جي خاندان جون ڪجهه ٻيون شيشا بدن متعارف ڪرائيندي، ڪنهن به شڪوي، شڪايت کان سواءِ اسان جو آڌرڀاءُ ڪندي، پنهنجي دل جو پيار نڇاور ڪيو! ان رات محمد خان ابڙو پهريون ڀيرو منهنجي آڏو، پنهنجي ذات ۾ هڪ ايماندار شخص وانگر آشڪار ٿيو! هُن جي ڳالهڙين ۾ دليل به هئو ته دم به هئو، منهنجي اندر جي آدميءَ قبولي ورتو ته هو ڪجهه به هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ هي شخص، ڪنهن به شخص کي دوکو ڏئي، پنهنجو ڪوبه مطلب، ڪابه طمع، موههُ يا پنهنجي اندر جو ڪوبه اُبتو سِڪو سُبتي ڪرڻ جو طالبو ٿي نه ٿو سگهي. در حقيقت ۾ هُن جي ڪُنڊليءَ ۽ منهنجي ڪُنڊليءَ جا ستارا ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي، ڪڏهن ويجهڙا ته ڪڏهن بنهه پري رهندا پي رهيا آهن، پر جڏهن، جڏهن به گردشن اسان جا ستارا گڏي هڪ جاءِ تي بيهاريا آهن، ته نجوم جو علم ڄاڻيندڙن اسان جي صلح سانت کي سڀاويڪ ئي ڀانيو آهي. ڪراچيءَ ۾ هن جي گهر جي اها مڌماتي رات وهامندي وهامندي اسان جي ٻانهن ۾ هڪ رشتي جو ڪچو ٻنڌڻ ته ضرور ٻڌي وئي پر هڪ شخص بابت مون کي مڪمل آگاهي به ڏيندي وئي ته جيڪو شخص ماءُ جي مٺڙيءَ مُرڪ ۽ ڪساري لڙڪ کي سنڀالڻ جو ستُ ساري سگهي ٿو، اهڙو شخص دنيا جي ڪنهن به عورت جي سفيد دامن تي مسُ جو ٽُٻڪو به برداشت نه ٿو ڪري سگهي!
ڪجهه ٿيڻيون ۽ اڻ ٿيڻيون انسان جو سوچيل ۽ سمجهيل منصوبو ناهن هونديون انسان سوچيندو هڪ آهي ۽ ٿي ڪجهه ٻيو ويندو آهي. انسان پنهنجي نيڻَ نهارَ تائين ڏسڻ ڪجهه چاهيندو آهي، پر ڏسڻ لاءِ ان کي ڪجهه ٻيو ئي ملندو آهي. انسان حالتن جو محتاج نه هوندي به، جيون جي ڪمانيءَ ۾ عينڪ جي ٻن شيشن وانگر برحال ڦاٿل ئي رهي ٿو، ڇوته انسان کي پنهنجي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻيءَ جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي نه ئي انسان کي پنهنجي ڪهاڻيءَ جي مُنڍَ جي ڪا سُڌ هوندي آهي. اُها بهتر ڄاڻ ته محمد خان ابڙي کي ئي هوندي ته هُن هڪ ترتيبَ تحت سوچيل ۽ سمجهيل زندگيءَ جو منصوبو جوڙي پنهنجو وقت ڪاٽيو آهي يا توَڪل تي گُذارو ڪيو آهي. باقي جيتري قدر مان هُن کي سُڃاڻان ته، هو محتاط رٿابنديءَ يا پيش بينيءَ کي نظر ۾ رکي وک پٺيان ٻي وک کڻڻ وارو هڪ سُجاڳ شخص ضرور رهيو آهي. هو ڪنهن به شخص کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان نه پر، نفعو ڏئي ۽ ڏياري سگهڻ جي باڪمال صلاحيت رکي ٿو. زندگيءَ جي تخميني، ڪائوٽنگ يا نصاب جو علم هُن کي يقينن اسٽيٽ بينڪ جي 29 سالن واريءَ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ضرور حاصل ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته هڪ بينڪ ملازم جا تڪڙا هٿ نوٽ ڳڻي به سگهندا آهن ته هر نقلي نوٽ کي پڪڙي سگهڻ جي سگهه به رکندا آهن. اهو به سچ آهي ته نقلي نوٽ ۽ نقلي شخص اسان کي زندگيءَ جي وک وک تي ضرور ملندا آهن پر هر سچو، ساڃاهه وند شخص انهن ٻنهي کان وئون ويندي، پري ڀڄڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهندو آهي. هُن جي شخصي سچائيءَ جو هڪڙو دستاويزي ثبوت، جيڪو مون مانائتي ايڊووڪيٽ دلبر لغاريءَ ذريعي سول ڪورٽ حيدرآباد مان 164 ڪرائي پاڻ وٽ ڪيترا ئي ڏينهن سانڍي هٿيڪو رکيو، جيڪو دستاويز بعد ۾ ڪيترن ئي خدشن ۽ ايڊيشن جو سليٽي آسمانُ اورانگهي هوا ۾ پَرَ ڀري هُن تائين پهتو ۽ ڪيترن ئي خود ساختا گمانن ۾ ممڪنات جي صورت اختيار ڪري، نيٺ اهو دستاويز هُن جي دل ۽ دماغ لاءِ هڪ اطمينان جو سبب بڻيو. ڪيترائي رهجي ويل فرض نڀائڻ، رسمي ۽ سماجي مجبورين سبب هُن جي ٻي وقتي طور مخفي شادي، منهنجي وَنيءَ کان ويهه منٽ وڏيءَ ڀيڻ ۽ منهنجي ساليءَ سان 29 مارچ 2009ع تي منهنجي گهر قاسم آباد حيدرآباد ۾ رات جو ڏهين وڳي ٿي. تن، تنها هُن جي صورت ۾ آيل ڄڃ جو آڌر ڀاءُ منهنجي گهر جي چائنٺ تي منهنجي مرحومه والده، ڀيڻن، ڀاءَ ۽ منهنجي گهر واريءَ ڪيو. ڪنوار کي سينگارڻ جو ڪم، ساٺَ، سوڻ منهنجي زال، ماءُ ۽ ڀيڻن ادا ڪيا. ڪُنوار کي دُهريءَ، نَٿ، جُهومڪن، ڪنگڻن، ڏانوڻن، گلن، گجرن، پوتين ۽ پلادن سان سونهائتو بنائي، گهرايل مولويءَ کان نڪاح پڙهائي، شاهدن، گواهن ۽ وڪيلن سميت ڪنوار کي گهر جي چائنٺ تان قرآن مجيد جي سائي ۾ رخصت ڪندي منهنجيءَ مرحوم ماءُ ڪنوار کي پنهنجي گهوٽ محمد خان ابڙي جي سُپرد ڪيو.
هِن نڪاح جا گواهه ۽ شاهد گهوٽَ جا لانگوٽيا يارَ فقير داد کوسو ۽ حميد بليدي هئا. فقير داد کوسي ۽ حميد بُليديءَ انهيءَ شاديءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ذاتي طور تي ڪنوار سان روبرو ملاقات ڪئي ۽ امتحان طور ٻنهي ڄڻن گڏجي پهرين ته ڪنوار کي گهوٽ جي خلاف شديد ڀڙڪايو ۽ ڊيڄاريو. ڪنوار جي ٿيندڙ گهوٽ جي عدم موجودگيءَ ۾ انهن ٻنهي ڄڻن ڪنوار آڏو گهوٽَ جي بدناموسي ۽ اوڻائي ڪندي ان جون گِلائون، غيبتون ۽ بُرايون ڪيون، اهو سڀ ڪجهه ٻنهي ڄڻن فقط ان منشا، مقصد ۽ خيرسگاليءَ تحت ڪيو، جيئن ٿيندڙ گهوٽ يا کيس جي عقد، ڳنڍ، ڳانڍاپي، ٻنڌڻ ۽ نڪاح ۾ ايندڙ هڪ نياڻي زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ، ڪنهن به ٻه واٽي تي اڪيلائيءَ پڇتاءَ يا ڪنهن به ناگوار ذهني پريشانيءَ ۽ دٻاءَ جو شڪار نه ٿي سگهي. پر ڪنوار تي ٻنهي ڄڻن جي هڪ به نه هلي ٻئي مهربان ۽ ٻنهي جي زندگيءَ جا هي ٻئي دعاڳو ۽ خير خواهه، ان سوچڻ تي مجبور رهيا ته زندگيءَ جي هن ڏکئي ۽ طويل رستي تي هلڻ لاءِ هي ٻئي راهگير ڪٿي جذبات ۽ عُجلت کان ڪم وٺي وڃائجي نه وڃن پر ڪنوار ٻنهي شاهدن ۽ گواهن کي پنهنجي جواب ۾ فقط اهو عرض رکيو ته مون کي شادي فقط ۽ فقط ان مرد سان ڪرڻي آهي، جيڪو شخص مون کي دل سان پنهنجي وني قبولي منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ محفوظ رکڻ چاهي ٿو. مون سوچي، سمجهي زندگيءَ ۽ شاديءَ جو فيصلو ڪيو آهي. مون کي محمد خان ابڙي سان شادي ڪرڻي آهي. اوهان جون هدايتون ڪنهن حد تائين ٺيڪ به هونديون، محمد خان ابڙو بُرو يا ڀلو آهي، اُهو منهنجو نصيب، مان ڪنهن به شخص کي ڪابه شڪايت نه ڏينديس. باقي اوهان مون کي صلاحن ذريعي منهنجي زندگيءَ جي آخري فيصلي ۾ ڪابه تبديلي آڻي نٿا سگهو. مان پنهنجي زندگيءَ تي پنهنجو حق رکان ٿي.
ايترن امتحانن، آزمائشن ۽ سمجهائڻ جي باوجود پَرڻو ۽ لکئي جو ليکُ جيئن ئي هئو تيئن ئي ٿي رهيو، پر مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته عورت جي تعجب انگيز هستي هن ڪائنات جي وڏي ۾ وڏي ڪرامت ۽ ڪرشمو آهي. هن جوڙيل جهانَ جون جوڙون ۽ انهن جي جوڙَ ايستائين جُڙي نه سگهي ها، جيستائين عورت جي وجود جي ڪچي مٽي تخليقڪار پنهنجي اڇوتن ڳوڙهن سان ڳوهي ان مٽيءَ کي نرم، مُلائم ۽ گداز نه بنائي ها. عورت جي صفتن مان هڪڙي صفت پالڻهار واري به آهي، جيڪا نهايت ٻاجهاري ۽ رحيم پڻ آهي. ڇا ڪڏهن اهو سوچيو ويو آهي ته عورت مرد کي ڪهڙيءَ ڏسڻ واريءَ دوربينيءَ سان گهڻو اڳ ڏسي، ان کي پنهنجو ڀَوَشُ ۽ پنهنجي جنم ڪُنڊلي ٻڌائي ڇڏيندي آهي. محمد خان ابڙي جي 62 سال ڄمار کان پوءِ واري ڀوش يا جنم ڪنڊليءَ جي اڄ کان اڳ ڪنهن به هستي کي ڪابه ڄاڻ نه هئي. مان هن جي اڄوڪي پاڻمرادي نصيب کي هر صورت ۾ کيس جي ٻيءَ سدا سُهاڳڻي سان سلهاڙي رکڻ ۾ ئي سلامتي سمجهان ٿو.
هو واعدي، وچن جو پَڪو ۽ پنهنجي ذات ۾ هڪ پختو شخص رهيو آهي، جيڪو چوندو آهي، ان تي عمل ڪرڻ کيس جي عادت ۾ شامل آهي. رشتن سان نڀائڻ، ننڍن، وڏن جي سارَ، سنڀال ۽ اونو رکڻ، مٽ مائٽ جو مددگار ٿي انهن جي اهنج، ايذاءَ، درد ۽ پيڙا کي پنهنجو سمجهي تيمارداري ڪرڻ هن جو شيوو ۽ دستور رهيو آهي. چوندا آهن ته جنت ماءُ جي پيرن هيٺان هوندي آهي، منهنجو عقيدو آهي ته ماءُ جو مصحف جهڙو مک ڏسي فقط خوش ٿيڻ دنيا جي هر عبادت کان اُها اتم ۽ افضل عبادت آهي.
هن شخص پنهنجي ماءُ جي جيڪا خدمت ۽ ماءُ جي ضعيفيءَ ۾ ان جي هٿ جي ڇڙي ٿي، ماءُ جي پرگهورَ لهي، جيڪو ماءُ مٿان ساهه نڇاور ڪيو آهي، ان جو مثال هن جديد، بي رحم ۽ بي جان دؤر ۾ ملڻ نهايت ئي مشڪل آهي. هُو يارن جو يار ۽ دوستن جو دوست رهيو آهي، ڪنهن به مشڪل گهڙيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن به حاجت خواههَ حجت ڪندي، هُن جي کيسي ۾ هٿ وڌو هوندو ته اهو هٿ خالي ڪڏهن به نه موٽيو هوندو، پوءِ ڀلي هُن اڻهوند سبب پنهنجي گهر کي بُکيو ۽ ڏکيو ئي ڇونه رکيو هجي. هن زندگيءَ جي اصلوڪي چهري کي ڪنهن ڪرسٽل يا بيلجميءَ آئيني ۾ نه پر پنهنجي پگهر جي رطوبت ۾ ئي پسيو ۽ پرکيو آهي. هُن کي خبر آهي ته ڳوڙهن جو لوڻ ڇا ٿيندو آهي ۽ الوڻي جيون جي ڇا مُراد ۽ ڪهڙو مُلهه هوندو آهي. بُکَ جي رنگَ کي هو ٻالجتيءَ کان سڃاڻيندو آهي. ڍَوَ جي ڍنڍَ تي ڪهڙا لُڌڙا ڌوپندا آهن، اهڙي هر آڪارَ کان هُو چڱي ريت واقفڪار ئي رهيو آهي. تڏهن ته هو پٽ تي اڄ به پلنگن تي سمهڻ کان وڌيڪ پرسڪون ننڊ جو لطف ماڻيندو آهي. اهڙا مون پنهنجي ڄمار ۾ نهايت گهٽ ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي اصليت ۽ حقيقت کي هميشه پنهنجي آڏو حاضر رکي هٺ ۽ وڏائي کي ڪنهن به طور طريقي اُسرڻ ناهن ڏيندا. اهڙا اندر جا شاهوڪار شخص آئيني ۾ پنهنجو اصل چهرو ڏسي نادم نه پر سدائين خادم ٿي ئي رهندا آهن. هو هڪ عام زندگي گذاريندڙ نهايت هڪ عام سِلوڻو انسان آهي ۽ هڪ عام زندگيءَ جو پوتاميل، ليکو، چوکو به عام طرح جو ئي ٿئي ٿو. هڪ عام زندگيءَ جو ڪينواسُ وسيع هوندي، انيڪ آدمين جي انيڪ تجربن جو نچوڙ، رنگ، ارنگ وانگي انيڪ حصن ۾ ورهائجي حقيقي زندگيءَ جي تصوير بڻجي ٿو. دنيا جي ڪنهن به عظيم مصور جي بُرشَ جي خراش، ان عام زندگيءَ جي تصوير جو مقابلو ڪري نه ٿي سگهي. ڪجهه عام شخصن جون ذاتي ملهائتيون زندگيون، عظيم انسانن جي بي مُلهائتين ذاتي زندگين کان بنهه گهڻو اتم ئي هونديون آهن. عام تشخصن جي زندگين ۾ هڪ دلفريب زندگيءَ جو تحرڪ ئي هوندو آهي، اڪثر عظيم انسانن جي ذاتي زندگي مجرد ۽ بي تحرڪ ئي هوندي آهي، پر انهن عظيم انسانن جو ڪم، جهدُ ۽ ڪوشش گهڻي حد تائين هلچل پيدا ڪندڙ ئي رهي آهي پر اسان ڪنهن به ريت هڪ عام انسان جي هڪ پُرسڪون زندگيءَ مٿان عظيم انسانن جي زندگي کي ترجيح ڏئي نه ٿا سگهون. جيئن جهرڪيون ڀت تي ٽنگيل عظيم ڪنهن به ڪينواس تي چٽيل چٽ پويان پنهنجو آکيرو اُڻي هڪڙي متخصر، پر در حقيقت ۾ هڪ وڏي پُرسڪون ڪائنات جوڙينديون آهن، جيڪا ڪائنات، ڪنهن به عظيم مصور جي تخليق ڪيل ڪائنات کان ڪئين ڀيرا مٿي هوندي آهي.
(1)
مان هڪ تصوير ٺاهي،
ڀت تي لڳائي ڇڏي.
مان روز
ان تصوير ڏانهن
نهاريندو هوس
هي تصوير
منهنجي
بهترين
هنرائيتو هُئي
هر لحاظ کان
هڪ بهترين رچنا
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
ان تصوير جي پُٺيان
هڪ جهرڪي
سُڪل گاههُ ۽ ڪکَ جمع ڪري
هڪ آکيرو ٺاهيو
انڊا ڏنائين
آرو ڪرڻ لڳي
انهن انڊن ۾
ننڍا ننڍا پکي
پَـرَ ڦڙ ڦڙائڻ لڳا
۽ هُو جهرڪي
انهن جي چهنبن کي
ان جا داڻا ۽ ڪيئان آڻي
ڏيڻ لڳي
۽
مون کي لڳو
ته منهنجي بهترين رچنا کان
جهرڪي
ڪيئن گهڻو وڌيڪ
اڳيان آهي
(2)
مان
هڪ تصوير ٺاهي
ڀت تي
ٽنگي ڇڏي
تصوير
منهنجي بهترين
ڪاريگري آهي
ڪجهه ڏينهن بعد
ان تصوير جي پٺيان
هڪ جهرڪي
آکيرو ٺاهيو
انڊا ڏنائين
۽ انڊن مان
ننڍا، ننڍا پکي
ٻاهر آيا
مون کي
ان جهرڪيءَ سان
ساڙُ ٿيڻ لڳو
(3)
مان هڪ تصوير ٺاهي
ڀت تي
ٽنگي ڇڏي
تصوير
منهنجي
بهترين خلقت آهي
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
ان تصوير جي پٺيان
هڪ جهرڪيءَ
آکيرو ٺاهيو
انهن ئي ڏينهن ۾
شهر ۾
تصويرن جي
چٽا ڀيٽيءَ ٿي
مان آکيري کي
پٽي
ڦٽو ڪيو
۽ ان تصوير کي
چٽا ڀيٽي ۾ موڪليو
سڀني
منهنجي ساراهه ڪئي
۽ چيائون
هن چٽا ڀيٽي جي
بهترين رچنا
منهنجي تصوير هئي
پر
انعام
ڪنهن ٻئي نقاش کي مليو
ان ڏينهن مون کي
هُن جهرڪيءَ جي
ڏاڍي ياد آئي.
محمد خان ابڙو دور انديش، پري تائين سوچيندڙ هڪ عام پُرش هجڻ سان گڏ مصورن، موسيقارن، شاعرن، فنڪارن، اديبن ۽ عالمن جو دل سان احترام ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي. پر ڪنهن به تاريخي، علمي ۽ ادبي اُلجهاءَ، ويساهه گهاتيءَ يا غلط بيانيءَ سبب اٽڪي به پوندو آهي ۽ اهڙو اٽڪاءُ هو ڪنهن به شخص سان ڪنهن به پل ڪرڻ ۾ دير گهٽ لڳائيندو آهي. بحث دوران دو بَدو يا سامهون وارو اُهو شخص پوءِ ڪيڏو به بااثر، پُهچَ يا ڪنهن به رسائي وارو ڇو نه هجي، هو بنا ناغي پنهنجا ٺيڪ يا ناٺيڪ دليل ضرور رکندو آهي. ڪنهن به تونگر کي منهن تي سچ چئي ڏيڻ ۾ هو رک، رکاءُ يا ڪنهن به مصلحت پسندي کان گهٽ ڪم وٺندي پنهنجي ڳالهه جو ڌڻي ضرور ٿي بيهندو آهي. اهڙن اڪثر اٽڪائن ۽ بحثن ڪڏهن ڪڏهن هُن کي شخصي طور تي نقصان به ڏنا آهن پر هي من چلو، پنهنجي ڳالهه تان ڪڏهن به دست بردار ٿيڻ لاءِ تيار نه رهندو آهي. اها سندس جي اٻوجهائي چئجي يا اورچائي ۽ سچائي، ڪجهه ٺيڪ طرح سان چئي نه ٿو سگهجي پر ڪنهن به ريت هُن جي انهيءَ خلوص، سادگيءَ، نيت يا سُپتيائي تي هڪ دم منڍيئڙو پائي نه ٿو سگهجي.
هُن سان گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان وٺي ويجهڙي آشنائي رهي آهي. ان سموري عرصي دوران اسان ٻنهي جي وچ تي ڪڏهن رنجشون، ته ڪڏهن الفتون، ڪڏهن تڪرار ته ڪڏهن پيار، ڪڏهن اقرار ته ڪڏهن انڪار، ڪڏهن رڳڙو ته ڪڏهن جهڳڙو حائل ئي رهيو آهي، پر ٻنهي صورتن ۾ ڀوڳيو فقط اسان ٻنهي جي گهر وارين ئي آهي. ان سڄي مامري جا ڪارڻ اڪاڻ انيڪ ٿي سگهن ٿا. محرم ۽ مجرم ٻنهي مان ڪوبه ٿي سگهي ٿو پر اسان رُنو به گڏ آهي ته کِليو به گڏ آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان هڪ ٻئي جا حال ڀائي، حال محرم، دوست ۽ همدرد به رهيا آهيون ته ڪڏهن ڪڏهن انهن سڀني تعلقدارين جي بنهه ابتڙ به رهيا آهيون. هڪ شخص جو منهن مُهاڙو اوڀر ته ٻئي جو اولهه طرف به رهيو آهي. شخصي ۽ تِڇ انائن جي تضادن ڪڏهن ڪڏهن گهڻو اڪيلو به ڪيو آهي پر هن لفظي پورئريٽ جي فريم ۾ ساڄي پاسي کان اُڀري آيل اکرن جو سٽاءُ هڪ اعتراف جي التجا ڪري ٿو ته:
محمد خان ابڙي زندگيءَ جي هن ڪٺن سفر ۾ هر ڀيري منهنجي اگهاڙن پيرن هيٺان ايندڙ هر ڪنڊي ۽ ڪنڪر کي هٽائي منهنجي پيرن کي رَتورَتُ ٿيڻ کان هر طرح بچايو ئي آهي. مون جڏهن، جڏهن پنهنجي تڪليف ۾ محمد خان ابڙي کي سَڏُ ڪيو آهي ته ان منهنجو سَڏُ ورنائي هميشه منهنجي وجود جي وَڍَ ۽ چيرَ تي هڪ ويڄَ وانگي ڪپهه جو ٻُڙو ضرور رکيو آهي. محمد خان ابڙو پاڻ سان ٿيل منهنجي شخصي زيادتين باوجود هر ڀيري مون سان ڀَلو ئي هليو آهي. هو منهنجو محسن، دستگير ۽ ديالو ئي رهيو آهي_ مان کيس جي انيڪ احسانن جو بار پنهنجي ڪلهن تان لاهي نه ٿو سگهان!
احمد سولنگي
ڊفينس، ڪراچي
02 نومبر 2020ع
هر شخص ڪهاڻي آ
مهربان ٿئي، ته گهر ويٺي ڪن اڻ ڏٺلَ ۽ اڻ ٻڌل هستين کي اوچتو ئي اوچتو ويجهو آڻي، آشنا بنايو ڇڏي. برادرم محمد خان ابڙو، يعني هن آتم ڪٿا جو ڪٿاڪار ۽ اهو به اجهو ائين ئي ته سندم پُکي ۾ پيو.
يقين ڪريو، اُها ٻي نومبر سال 2020ع جي آڌي رات هئي. اوچتو فون وڄڻ لڳو. ياالله.... هي بيگاهه وقت ڪنهن کي ياد اچي ويو آهيان.
۽ ائين ڪندي موبائيل اسڪرين تي نگاهه وڌم. ڏٺم شاعر خوش بيان نورچشم احمد سولنگيءَ جو نالو لکيل نظر آيو.....
جي ها! هي اُهوئي احمد، جنهن سان الائي ڪهڙي بهاني، ڪي ورهيه اڳ، ساٿ جُڙيو ۽ ان کان پوءِ ڪجهه عرصي ٽُٽو ته ٽٽندو ئي ويو.
پر هي رات جو 2 وڳي ۽ احمد کي آئون ڇو ياد آيو آهيان، سوچيم شايد متان مڌ.....
پر نه.... اِهو منهنجو وهم هو. احمد جو آواز صاف، شفاف ۽ عقيدت جي خوشبوءَ سان ٽمٽار هو.
چوڻ لڳو..... محمد خان ابڙو ڀرسان ويٺو آهي. هم زلف آهي منهنجو.... ٽنڊي ٺوڙهي جي ڪنهن عمار علي مرزا بابت تصديق چاهي ٿو ۽ پڇي پيو، ڇا لڳندو هو اهو مرزا اوهان جو؟
ياالله! هي ڪير اجنبي شخص محمد خان!؟ جيڪو آڌيءَ رات وقت منهنجي ڀاءُ عمار عليءَ بابت پڇا ڳاڇا پيو ڪري! ۽ ڇو؟
تڏهن هنڌ تي هي جو آئون ليٽيو پيو هوس، هوشياري پڪڙي يڪدم اُٿي کڙو ٿي ويهي رهيس.
ٻڌايومانس: عمار علي ڀاءُ هو منهنجو وڏو.....
تڏهن هُن پار کان، هاڻي محمد خان انڪشاف ڪندي ٻڌائڻ لڳو.....
عمار علي منهنجي ڀاءُ غلام حسين جو دوست هو. 1980 ڌاري توهان جي هن ڀاءُ ٽنڊي ٺوڙهي مان.... ٻانهن کنئين هئي ۽ هو سيوهڻ ۾ اسان وٽ گهر ڀاتي ٿي اچي رهيو هو. اتي نڪاح وڌائين، لانئون لڌائين وڏو عرصو اسان سان ئي گڏ رهيو ۽ لڪو رهيو، المختصر.... اسان جو هي ڀاءُ عمار علي پوءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن اسان سان مليو!؟ ۽ اها ڪهاڻي به بيحد دردهاڻي آهي ۽ ان جو تفصيل سان ذڪر پوءِ ڪڏهن ۽ هتي بس مختصرن عرض رڳو هي ته هٿن ۾ موجود هيءَ آتم ڪٿا، فون واري ان ئي محمد خان ابڙي جي آهي، جنهن جي خاندان اسان جي خاندان جي سام جهلي ۽ ڀاءَ عمار ۽ ڀاڄائي ڪنوار کي پنهنجي گهر اندر عزت آبرو سان ۽ ٻچن ۾ گڏ رهايو.....
۽ انهي وڙ لاءِ سندس خاندان جا اسان پريوار وارن تي اپر احسان. هاڻي ان ئي خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ اسان جي محسن ڀاءُ غلام حسين جي هن ڪٿاڪار ڀاءُ محمد خان جي پنهنجي ڇا شخصيت ۽ هو پاڻ پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ ڇا هستي!؟ جواب آهي رول ماڊل.... پورهيت انسان ۽ اهڙو محبوب ماڻهو جنهن جي حياتيءَ جو اول آخر منشور رهيو آهي:
محنت محنت محنت......
تڏهن سندس آتم ڪٿا، شروع کان آخري تائين جڏهن پڙهي جو مون پوري ڪئي، تڏهن کيس ٽائٽل ڏنم.....
مثالي.... محنت ڪش انسان..... محمد خان
سبحان الله..... ڇا ته ڪشٽن، ڪشالن اهنجن ۽ ڏکن سان ڀرپور آهي هن جي رام ڪهاڻي... جنهن تي اياز گل جو شعر ياد اچي ويم:
دک جي نه پڄاڻي آ
هر شخص ڪهاڻي آ....
ظاهر آهي ته بقول اياز گل، هر خاص عام ماڻهو وٽ، ٻڌائڻ لاءِ پنهنجي هڪڙي آکاڻي هوندي ضرور آهي. سڀاويڪ ته اسان جي محمد خان وٽ به هئي جيڪا همٿ ڪري هن ڪتاب ۾ پاڻ لکي ورتي آهي.
علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب فرمائيندا هئا، ڏکي سُکي زندگي، هرڪو ئي ڪاٽي ٿو، انڪري ڪوبه ماڻهو چاهي ته پاڻ بابت هڪڙو ڪتاب لکي يا لکرائي سگهي ٿو، حسن اتفاق محمد خان جنهن عام انسان واري زندگي گذاري آهي ته خاص ماڻهو واري به.... سو بحرڪيف! پاڻ بابت هي ڪتاب لکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر سچي ڳالهه، اُٿندي ئي، محمد خان جي جنهن ڳالهه مون کي موهيو.... اُهو هن ڪتاب جو عنوان آهي:
وڃن سُور سنڌا ڪريو.....
جيڪو دراصل ڀٽائي صاحب جي هيٺين، جيءَ جياريندڙ سٽ مان هن اخذ ڪيو آهي:
کڻ اکيون کل يار.... ته وڃن سور.....
ته بس ڪتاب جو هي عنوان ئي ٻڌائي ٿو ته اسان جو محمد خان ڇا ته باذوق.... ادب دوست ۽ پڙهاڪو انسان آهي. هاڻي ڪتاب اندر سندس حياتيءَ جو سربستو احوال جو پڙهڻ شروع ڪيم ته پتو پيو، هو ڪيڏو نه ڀاڳ وند.... تعلقو سيوهڻ شريف جنهن کي پنهنجي هڪ هڪ ڌار سڃاڻپ ۽ شهر..... انهيءَ جي ننڍڙي ڳوٺڙي ٻلهڻ ۾ هو پنجين نمبر تي ماءُ جي هنج ۾ آيو.... يعني چار چراغ اڳي ئي روشن هئا ۽ پنجون ٻارڻ لاءِ دنيا ۾ هو اچي نڪتو.
پر اچڻ ۽ سندس ڄمڻ سان ئي ڪشٽ به ته شروع ٿي ويا، پهرئين سنڌ ۾ وڏيءَ ٻوڏ منهن ڪڍيو.... پوءِ مٿس اڌ رنگ جو حملو ٿيو.... پوءِ سيوهڻ ۾ گادي نشينن پاران سندن گهر تي حملا ٿيا....کيس تعليم پرائڻ جو به ڪيڏو نه چاهه هو، پر ذريعه معاش لاءِ پورهيا ڪرڻ سبب، پڙهائي کي اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻو پئس... ۽ پوءِ پخته ڄمار ۾، تعليم بالغان ۾ شموليت..... پوءِ حيدرآباد ۾ ارشاد پٺاڻ جهڙي آدرشي استاد سان ملڻ... پر هتي ڇا حرج، جي پنهنجي ريڊيائي ڪليگ ارشاد پٺاڻ جو به ٿورو ذڪر ڪندو هلان، جيڪو ريڊيو حيدرآباد تي ڪاپئيسٽ (خوش نويس) به هو ۽ گڏ روشن خيال، ترقي پسند سوچ وارو قلمڪار پڻ. افسوس هاڃو هن سان هي ٿيو جو، ريڊيو جي بالا ۽ اعليٰ آفيسرن.... ارشاد پٺاڻ جي موجودگيءَ ۾ آغا سليم صاحب ۽ اي. بي بخاري صاحب، باباءِ قوم بابت ڪنهن مهاجر پروڊيوسر آڏو ڪوئي اڻ وڻندڙ گفتو ڳالهايو هو، جنهن کي ٻڌي هو برگيڊ 55 ۾ ويو، دانهن ڏنائين. جنهن سبب هو سڀ گرفتار ٿي ويا ۽ نارا جيل ڀيڙا وڃي ٿيا، ۽ پوءِ چار مهينا وڏا ڪشٽ ڪاٽي مس مس آزاد ٿيا. ته بس ان ئي آدرشي استاد ارشاد پٺاڻ وٽ تعليم بالغان ۾ پڙهندي پڙهندي، محمد خان ڇا ته هونهار شاگرد ثابت ٿيو. هيٺين ڪلاسن مان پڙهي، گهڻو مٿي پهتو، ايم.اي اڪنامڪس ۾ ٿيو. پوءِ پاڪستان اسٽڊيز ۾ ماسٽرس جي ڊگري ورتائين. شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪارڪن ٿيو، سائين جي.ايم.سيد جي قربت ماڻيائين، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار ٿيو، مهراڻ يونيورسٽي، پاڪستان پوسٽ آفيس ۽ ان بعد اسٽيٽ بئنڪ ۾ چڱو منصب ماڻيائين. اتي يونين ۾ رهي، بهادري ۽ جرئت ڀريا قدم کنيائين، آفيسرن سان مهاڏا اٽڪايائين ۽ پورهيت ڪارڪنن جو همدرد ساٿي ٿي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، ائين پوءِ جتي جتي به رهيو.... چوندو رهيو..... پورهيت الله جو دوست آهي ۽ آئون الله پاڪ جي ان دوست جو دوست آهيان ۽ سدائين ان جو ساٿي رهندس. ائين هر هنڌ مخدوم سائين جي هن شعر کي منشور بنايائين:
اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
علاوه قائدانه خوبين جي، قدرت محمد خان کي قلم کڻڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت به ته ڏيئي ڇڏي. جنهن مان فائدو وٺندي هن پنهنجي جدوجهد، محنت حياتيءَ جو ته سربستو احوال لکي ورتو، پر ان سان گڏوگڏ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ پنهنجي ايامڪاري واري زماني، سائين جي.ايم.سيد سان ملاقاتن، ۽ سيوهڻ شريف جي تاريخ به لکي ڏيکاري آهي، خاص ڪري سيوهڻ شريف ۾ محرم الحرام جي ماتمي جلوسن، اُٺن تي نغارا وڄائڻ، ۽ گجگاهه علم طوق وارن جلوسن بابت به گداز انداز ۾ لکي ڄڻ سيوهڻ ۾ عزاداري جي تاريخ رقم ڪري ورتي آهي. علاوه ازين ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران، سنڌ پرست ڪارڪن جي حيثيت ۾، شانتي نگر، سچل وارو لکيل سندس احوال ۽ ماروئڙا ڳوٺ اندر سنڌي ماڻهن جي آبادڪاري ۽ محمد خان جي انهن ڪوششن کي ساراهڻ کان سواءِ هتي رهي نٿو سگهان.
آتم ڪٿا ۾، محمد خان جا هي ٻه اعتراف به نهايت واکاڻ جوڳا سمجهو:
”سنڌ جي مانائتن مصورن، موسيقارن شاعرن ۽ عالمن جو احترام ڪرڻ، آئون پنهنجو فرض ڄاڻندو آهيان.“
”مون انتهائي ڪوشش ڪئي آهي ته آتم ڪٿا ۾ جيڪي ڪجهه به لکان، سچ لکان ۽ ڪابه ڳالهه مصنوعي نه هجي.“
ته بس هن آتم ڪٿا ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ کي پڙهندي پڙهندي ڪيڏو نه خوش پيو ٿيان ته نورچشم احمد سولنگيءَ، آڌي رات جو هڪ اهڙي هستي سان منهنجي واقفيت ڪرائي جنهن جي سهڻي گفتار ۽ هن پُراثر تحرير مون کي ايترو ته موهيو جو هن وقت حسرت ڪندي لکان پيو ته:
جيئن موڀي ڀاءُ غلام حسين ۽ برادرم عمار علي مرزا پاڻ ۾ گهاٽا، گهرا دوست هئا.
اي ڪاش!
ايندڙ وقت ۾ اسين به ائين ئي
دوست بڻجي وڃون-
هڪ ٻئي جا يار
دل گهُريا دلدار.
نصير مرزا
حيدرآباد
20 نومبر 2020ع
خواب هُجن آزاد ته ٻيو ڇا گهرجي؟
سنڌي ٻوليءَ ۾ آتم ڪٿا لکڻ جي شروعات مرزا قليج بيگ ڪئي. بلڪ سنڌيءَ ۾ ھن صنف جي شروعات ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ويو. اھو سلسلو اسان جي سٻاجھي ٻوليءَ ۾ اڃا ھلندو اچي، بلڪ ھاڻ ته ھن صنف ۾ گھڻا ئي ڪتاب اچي ويا آھن. اھو ھڪڙو سٺو سلسلو آھي. اڙدو ٻوليءَ ۾ به ڪيتريون آپ بيتيون تحرير ڪيون ويون آھن، لسٽ ڊگھي آھي، جيڪي مون پڙھيون آھن انھن مان مونکي قرت العين حيدر جي آتم ڪٿا ”ڪارِ جھان دراز ھي“ تمام گھڻي وڻندي آھي. سنڌي ۾ وري رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پنھنجي دلڪش آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ لکي واڄٽ وڄائي ڇڏيا.
*
ڪنھن به ماڻھو جي حياتي، خود ھڪ سبق آھي. ھڪ اھڙو شخص، جيڪو بعد ۾ تعليمِ بالغان ذريعي پڙھيو، پڙھي ھڪ اھم عھدي تي فائز ٿيو، جنھن جي پويان ھن جي محنت ۽ جدوجھد لڪل آھي. ھيءَ آتم ڪٿا اھڃاڻ آھي ھن جي ڪيل جاکوڙ جو. ليکڪ جي لکڻ جو انداز انتھائي وڻندڙ، دل کي پرڀائيندڙ آھي. لکڻ جو سلسلو اھڙي طرح جاري رکيو اٿس، جو پڙھندڙ ڪٿي به آتم ڪٿا کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آھي، مون سان به ائين ٿيو. جنھن مھل آتم ڪٿا شروع ڪيم ته وڃي ڇهه ڪيم پڇاڙي تي. پر پوءِ به جھڙوڪر اُڃ باقي رھي. اھو ليکڪ جي لکڻيءَ جو جادو آھي، ڪمال آھي، جنھن لاءِ جيتري به سندس واکاڻ ڪجي اھا گھٽ آھي. اھا سگهه ھن کي ڏات ڌڻي ڏني آھي، ۽ ڏات ڪنھن کي به پنھنجي امرت پيئاري ته ان تي عجب ھرگز نه کائڻ گھرجي .لڳي ٿو ته کيس اھا ڏات پنھنجي ويجھي ڳوٺائي مشھور ليکڪ گورڌن محبوباڻي کان ھٿ آئي آھي، گورڌن پڻ تعلقي سيوھڻ جي بنھه ننڍڙي ڳوٺ آراضيءَ جو رھواسي هئو. اتي ئي ڄائو ۽ اتي رانديون ڪندي سيوھڻ ۾ پڙھي حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ راڳ جو ماستر ٿيو. ورھاڱي کانپوءِ پنھنجو وطن ڇڏي، وڃي اجمير ۾ پناھه گير ٿيو ۽ اتي ئي وطن کي ساريندو وڃي ڌڻيءَ کي پرتو. پر سندس ڪيل شاعري، لکيل ڪھاڻيون ۽ ناول سنڌي ادب جا شاھڪار آھن. منھنجي خيال ۾ ٻلھڻ ۽ آراضي گھڻو پري نه ھوندا. ليکڪ سال 1956ع ۾ ڄائو آھي، جيڪو سنڌ ۾ خطرناڪ ٻوڏ جو سال هئو، يا وري ان کان اڳ سال 1942ع ۾ ٻوڏ سنڌ ۾ راڱا ڪيا. جنھن بابت نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جا مضمون پڙھڻ جوڳا آھن.
سنڌي ٻولي ءَ جي مشھور اديب طارق اشرف، ڪنھن وقت پنھنجي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي هئي. ان جا ٻه چار باب ئي شايع ڪيا ھئائين. انھيءَ آتم ڪٿا جو نالو ھو ”پيھي منجھه پاڻ ۾“، پر ھوُ پنھنجي آتم ڪٿا مڪمل نه ڪري سگھيو، ڇاڪاڻ ته سندس حياتي اوچتو ھن جو ساٿ ڇڏي ويئي. طارق اشرف ڏاڍي ايمانداريءَ سان پنھنجي حياتيءَ جو احوال لکيو هئو. ان آتم ڪٿا ۾ ڪيتري ئي سچائي بيان ڪيل ھئي. ھتي انھيءَ آتم ڪٿا مان ھڪ ٽڪرو لکان ٿو:
”بابا جو رويو اميءَ سان سٺو نه ھو، ۽ ھو گھر کان ڏينھون ڏينھن لاپرواھه رھڻ لڳو. اڪثر آفيس ۾ ويندو هئو. اڪثر ماڻھن کان قرض وٺندو ھئو ۽ پوءِ موٽائي نه ڏيندو هئو. بابا نه مون کي ڪپڙا وٺي ڏيندو ھئو نه گھر لاءِ خرچ ڏيندو هئو. البت مون کي کائڻ جون شيون جام وٺي ڏيندو هئو ۽ گهمائڻ لاءِ به وٺي ويندو ھئو. پر انھيءَ جو باوجود مون کي امي ڏاڍي وڻندي ھئي... بابا ۽ اميءَ جو زبردست جھيڙو ٿيو. جھيڙي کانپوءِ بابا ڪاوڙجي وڃي ورانڊي ۾ ويٺو ۽ امي وڃي اڱڻ ۾ ويٺي اوچتو مون کي جن ياد آيو. مون وڃي امي ءَ کي چيو، ”مون کي جِن ڏيکار!“ امي گھڻو سمجھايو، پر مڙيس آئون به ڪونه تنگ ٿي اميءَ بابا ڏانھن اشارو ڪيو.”اھو ويٺو اٿئي جِن، وڃي ڏِسيس!“
*
اھڙي طرح ڀاءَ محمد خان به ايمانداريءَ سان پنھنجي شخصي زندگيءَ جو احوال ۽ ان احوال جا ڪڙا قصا ويھي لکيا آهن، جنھن لاءِ کيس شابس ڏيڻ کانسواءِ نٿو رھي سگھجي.
سنڌيءَ ۾ چوڻي آھي ته ”پٿر پرائو، سُور پنھنجا سڀڪا روئي“ سو، ڀاءَ محمد خان ابڙي جي آتم ڪٿا ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ پڙھڻ کانپوءِ منهنجا پراڻا سُور جاڳي پيا. سيوھڻ، منھنجي سپنن جو طلسمي شھر رھيو آھي. ھن آتم ڪٿا پڙھڻ لاءِ پھريون پنو ورايم ته سيوھڻ اچي منھنجي نيڻن آڏو بيٺو. پوءِ ته ھڪ ئي نشست ۾ آتم ڪٿا پڙھي، ان جي سحر ۾ کوئجي ويس. اھو سحر ھڪ خوبصورت لکڻين جو هئو. آتم ڪٿا ۾ سيوھڻ جو ذڪر ائين هئو، جئين منڊيءَ تي ٽِڪ. ڀاءُ محمد خان جي آتم ڪٿا، جدوجھد، تڪليفن جو ھڪ ڪڙو داستان آھي. وڏي ڳالھه تي سندس لکيل آتم ڪھاڻيءَ جي باب نمبر چوٿين مون تي تمام گھڻو اثر ڪيو. بلڪ اھو سيوھڻ جيڪو منھنجي ھڪ ڪھاڻي ”اڌوري پنڌ جا اڻپورا سپنا“ ۾ موجود آھي.
*
شيخ اياز، به آتم ڪٿا گهڻو دير سان تحرير ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جو ارادو سال 1961ع ۾ آتم ڪٿا لکڻ جو هئو. اهڙي صلاح هن پنهنجي دل گهريي دوست محترم ابراهيم جويي سان تڏهن ڪئي هئي، پر جويي صاحب کيس صلاح ڏني هئي، ته اڃا تون پنهنجي خودنوشت نه لک پر بعد ۾ ان کي تحرير ڪجانءِ. اياز ان وقت هڪ خط ۾ لکيو هئو، ته ”آئون فقط اهو ويچار ڪري رهيو آهيان پيريءَ ۾ فڪر جي پختگي ۽ گهرائي هوندي آهي، پر جذبات تي تازگي نه هوندي آهي، انهي لاءِ منهنجي آتم ڪٿا جي ڪا اهميت آهي، ته انکي هاڻ ئي تحرير ڪريان.!“ شيخ اياز جي اها ڳالهه جون 1962ع جي آهي. پوءِ شيخ اياز پنهنجي حياتي ئي جون ڪجهه ياداشتون 2 جون 1961ع ۾ لکيل هڪ خط ۾ تحرير ڪيون هيون. انھيءَ هڪ خط ۾ شيخ اياز سچائي سان پنهنجي غربت جو احوال هن ريت لکيو هئو:
بابا، جا آخري ٻه ورهيه مسلسل بيماري ۾ گذريا. ڪو به ذريعو معاش نه هئڻ سبب هن جو هٿ ڪافي تنگ هئو. هڪ ڀيرو هُو مون سان گڏ ڊاڪٽر وٽ هليو، جيڪو سندس شروع کان وٺي علاج ڪندو ٿي آيو. هِن ڪمپائونڊر کان پرچي وٺي ، ڊاڪٽر کي هڪ هفتي جي دوا ڏيڻ لاءِ چيو، ڊاڪٽر پنهنجي نڪ تي رکيل عينڪ مٿان گهُور ڪندي بابا کي چيو، شيخ صاحب، اوهان ڏي اڳي ئي گهڻي وقت کان سٺ رپيا بقايا رهيل آهي، پهرئين اهي ڏيو ۽ پوءِ دوا وٺي وڃو.!
”مون وٽ هينئر ايترا پئسا ڪونهن، پر آئون جلدي اوهانجو سمورو بل ڀري ڇڏيندس. توهان في الحال دوا ته ڏيو.! بابا ڏاڍي نرم لهجي ۾ چيو.
”ڇا بل قيامت ۾ ڀريندين .! ڊاڪٽر ڪاوڙ مان چيو، بابا جو چهرو تپي لال ٿي ويو. هن ڪو به جواب نه ڏنو، ۽ دوا جي خالي شيشي هٿ ۾ کڻي اسپتال کان ٻاهر نڪري آيو. مون رستي ۾ هن کان
پڇيو ! ”بابا ڊاڪٽر پهرئين هن ريت نه ڳالهائيندو هئو.“
”پٽ، پئسا نه هجن ته هر ماڻهو ائين ڳالهائيندو آهي.“
”بابا تو اها شيشي ، ڊاڪٽر کي مٿي ۾ ڇو نه هڻي ڪڍي؟“
هن محبت مان مونکي ڏٺو، ۽ منهنجي مٿي هٿ ڦيرائي چيائين ”انسان ڪنهن ڪنهن جو ويهي مٿو ڦاڙيندا..؟
”بابا جيڪڏهن هن ٻيهر توهان سان اهڙي طرح ڳالهايو ته مان هن کي .....مان هن کي ....”۽ منھنجو روئڻهارڪو آواز ٿي ويو..
*
مون مٿي ذڪر ڪيو ته آتم ڪٿا لکڻ ڏکيو ڪم آھي ته سولو پڻ. ڏکيو انھيءَ لحاظ کان ته گذري ويل حياتيءَ جي داستان کي سربستو بيان ڪرڻ، حياتي جي لاھين ۽ چاڙھين کي، حياتيءَ ۾ ڪيل غلطين ۽ سموري احوال کي ڪاغذ تي اُتارڻ تمام مشڪل ڪم آھي. ۽ سولو انھيءَ لحاظ کان ته حياتيءَ جي ڪار گذري جي انيڪ مشڪل ڳالھين کان بائي پاس ڪري باقي داستان حيات کي ويھي لفظن جو روپ ڏجي.
بھرحال حياتي، وھندڙ درياھه مثل آھي. انھيءَ درياھه جي لھر لھر ۾ لڙھندي لڙھندي پيو وڃجي. ڪپر جو ڪوئي پاسو، جھلي وٺي ته خير، نه ته ماڻھو وڃي ٿو لڙھندو. تان جو ڪنھن ھنڌ تي ھٿوراڙيون ھڻندي، پوئتي نھار ٿو وجھي ته خبر ٿي پئي ته پويان رڳو رڃ ئي رڃ ھئي. سڀ ڪو دور، دور.
*
ڀاءُ محمد خان ابڙي جي آتم ڪٿا، ھڪ پورھيت، ھڪ شاگرد اڳواڻ، ھڪ ڀاءَ ھڪ بينڪرجي آپ بيتي آھي، هڪ ڪٿا آھي، جيڪا پاڻ مختصر طور پر ڏاڍي ڀرپور طريقي سان ويھي بيان ڪئي آھي. مون کي ته پڙھي اچرج لڳو ته جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام، وانگر ھن ڀاءُ حياتيءَ ۾ ڪيڏي نه جاکوڙ، محنت ۽ پگھر جو پورھيو ڪري موچاري منزل حاصل ڪئي آھي. سيوھڻ ھاڻ ته ھڪ وڏي شھر جي شڪل ۾ بدلجي ويو آھي پر ڪنھن وقت يعني سال 1963ع يا ان کان ٻه چار ورھه اڳ، سيوھڻ سيد سڳورن ۽ ڀرپاسي جي وڏن ماڻھن جي تاڙ ۾ هئو. پراڻو شھر، ڪئين برباد ٿيو؟ ته اھو خود ھڪ وڏو داستان آھي! ڪو اھڙو زمانو هئو، جنھن ۾ سيوھڻ ۾ اڃا بجلي ڪونه آئي ھئي. پر شھر خدا جي آسمان تي روزانو جڳمڳ جڳمڳ ھزارن ستارن جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊوڪي ۾ ٻهه ٻهه پيو ڪندو هئو. اھو سيوھڻ اڄوڪي سيوھڻ کان ٻيو هئو. دوست محمد خان ابڙو جي آتم ڪٿا ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ عڪس ڪيل شروعاتي ساروڻين جھڙو سيوھڻ. جنھن ۾ لال شھباز جو مقبرو ۽ سيوھڻ جو قلعو سڀ کان مٿانھان، شاھه صلاح الدين، شينھن واري ڪافي، پٺاڻن واري ڪافي، سيوھڻ جون ماڙيون، سيد ولي محمد شاھه سجاده نشين جي حويلي، درگاھه جي ساڄي پاسي، جتي سيد گل محمد شاھه پنھنجي ٽن ڌيئرن سان رھندو ھئو. ڀرسان سائين وريل شاھه ۽ کاٻڙوٽي سيدن يعني سبزواري شاھن جون حويليون، ٻيون ھندن جون ڇڏي ويل مشھور ماڙيون، ھڪڙي کڏ محلي وٽ ديوان ريجھو مل جي اوچي ماڙي ۽ ٻي درگاھه جي پويان نئين محلي وٽ، جنھن ۾ ڀاءُ محمد خان ابڙي جو ڪٽنب اچي ڪجھه وقت رھيو. ابڙي صاحب سچ لکيو آھي، ھندن جو لڏ پلاڻ کانپوءِ ھندن جون ڇڏي ويل ماڙيون، مقامي سيدن جي قبضي ۾ ھيون، خود سيوھڻ جي شاھي بازار جنھن کي ڍڪ بازار چوندا ھئا. اھا درگاھه جي پويان، ساڄي پاسي کان ٿيندي، اچي کڏ محلي وٽ ختم ٿيندي ھئي. سامھون ھئو سيوھڻ جو قلعو، جنھن ھن شھر تي حاڪمن جي ظلم ۽ بربريت جا الائي ڪيترا دور ڏٺا ھئا. اڄ انھن ڍَڪ بازار جو نالو نشان به نٿو ھٿ اچي. انھيءَ بازار ۾ سوين دڪان ھئا. مون ننڍڙي ھوندي اتي دڪانن جي ڀتين ۾ لڳل لوھه جون ٽجوڙيون به ڏٺيون، پوءِ ماڻھو دڪانن ۽ گھرن جون سرون ڪاٺ سڀ کڻي ويا.
*
ڀاءُ محمد خان جي آتم ڪٿا ۾، سيوھڻ جي محرم جو احوال آھي. بلڪ ھُن سربستي نموني، سيوھڻ جي محرم جو ذڪر ڪيو آھي. تمام گھٽ ماڻھن کي ان ڳالھه جي خبر آھي ته سيوھڻ ئي اھو ننڍي کنڊ جو تاريخي شھر آھي، جتان محرم ملھائڻ جو سلسلو سڀ کان پھرين شروع ٿيو. يعني محرم جي 10 ڏينھن ملھائڻ لاءِ ذوالجناح ۽ تابوتن بر آمد ڪرڻ جو سلسلو ھتان کان شروع ٿيو. اڄ به سيوھڻ ۾ محرم جي ڏھن ڏينھن اندر نڪرندڙ ماتمي جلوسن، ذوالجناح، تعزين ۽ ماتم ڪرڻ جو سڀ کان جدا انداز آھي. ليکڪ محرم جي ذڪر ۾ اُٺن جي قافلن، قلندر جي درگاهه ۾ رکيل علم ”گجگاھه“ کان ويندي سيوھڻ ۾ محرم جي سموري تقريبن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. آئون خود ڪنهن وقت هر سال سيوهڻ ۾ 7 محرم تي سبزوارين جي ذوالجناح واري جلوس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ حيدرآباد کان سيوھڻ ويندو ھيس. اھا ڳالھه 1980ع کان 1982ع تائين جي آھي. ھاڻي ته وقت ٿي ويو آھي، اھو سڀ ڪجھه ڏسندي. ۽ ٻي اھم ڳالھه ته سنڌ ۾ مرثيي لکڻ جي شروعات ڪندڙ سيد ثابت علي شاھه به سيوھڻ جو هئو. سيد ثابت علي شاھه کانپوءِ ھندستان ۾ مرزا دبير (1803-1875) مرزا انيس مرثيه گوئيءَ جي شروعات ڪئي.
*
”وڃن سور سنڌا ڪيو“ آتم ڪٿا ۾ اسان جي معاشري جي ڪيترن ئي ڪردارن جو ذڪر آھي، پر محمد ابراھيم ڀٽو جو ذڪر ڏکوئيندڙ آھي. انسان زندگيءَ ۾ ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍي ڪنھن منزل تي پھچي ٿو، پر پوءِ سازشن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ابڙي صاحب ھن جي ذڪر ۾ ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ لفظ لکيا آھن ته: مون ھُن جي چھري تي مُرڪ، خوشي يا ڪا اھڙي شيءَ ڪونه ڏٺي،سدائين سراپا ڏک جو ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ داستان نظر ايندو هئو!“ ليکڪ وٽ لفظن جي خوبصورت چونڊ آھي. خود پنھنجي گھر بابت لکي ٿو ته: ”ظاھر آھي بک وري اچي اسان جي اڱڻ تي ديرا ڄمايا ھئا ۽ مان پڙھائي ڇڏي ھوٽل ۾ مزدوري ڪرڻ لڳس. اتي مونکي ھوٽل جا ٿانَو ڌوئڻ جو ڪم مليو، معاوضي طور ماني ملندي ھئي، ڪڏھن رات جو ماني ۽ ڀاڄي بچندي ھئي ته گھر کڻي ويندو ھيس ۽ ھڪ رپيو روزانو مزدوري به ملندي ھئي!“ ھڪ پورھيت شخص ڪئين وري وڃي ”تعليمِ بالغان“ ۾ داخلا ورتي ته اھو ڀاڳ ۾ ھن جي لکيل ھئو. ترقي سندس قدم چمڻ لاءِ تيار بيٺي ھئي. اھي سڀ ڳالھيون قدرت جو کيل آھن، ڪنھن اڻ ڏٺل قوت جي قدرت آھي. ۽ زندگي محنت ۽ ڪشالا ڪڍڻ جو ٻيو نالو آھي.
*
ڀاءُ محمد خان جو داستان، چيم ته پورھئي جو داستان آھي. ھڪ بنھه غريب ماڻھو وڃي ڪئين ترقي ڪئي. يا ترقي ڪري سگھي ٿو، ته اھو مثال ڀاءُ محمد خان جو آھي. مشھور آمريڪي معمار بينجمن فرينڪلين پنھنجي آتم ڪٿا 1771ع کان 1790ع ۾ لکي ھئي. اھا آتم ڪٿا، اسانکي ٻڌائي ٿي ته ھڪ ھيڻي وچولي ڪلاس جو نوجوان ڪئين ٿو دنيا جو مشھور ماڻھو بڻجي. تنھن کانسوءِ برک جرمن يھودي نينگري ايني فرينڪ جي آھي ته ڊائري، پر اھا به ھڪ آتم ڪٿا آھي. ھڪ 19 ورھين جي معصوم ڇوڪريءَ جو داستان اڄ به دنيا ۾ وڏي شوق ۽ موھه سان پڙھيو ٿو وڃي. ائين ته دنيا ۾ صدين کان آتم ڪٿا لکڻ جو سلسلو ھلندو پيو اچي، پر جوليس سيزر، عيسوي صدي کان 58 ورھيه اڳ ڪلاسيڪل ليٽن ٻوليءَ ۾ تاريخ ۽ لشڪر بابت اِھو ڪتاب لکي پاڻ کي امر ڪري ويو. بھرحال آتم ڪٿائن جي تاريخ طويل آھي. سنڌ ۾ محترم سائين جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جون آتم ڪٿائون، ماڻھوءَ جي ذھن کي روشن ٿيون ڪن.آتم ڪٿا لکڻ جوسلسلو سدائين جاري رھندو جيڪا روايت ڀاءُ محمد خان برقرار رکي آھي. سنڌ جي قومي سياست ھن ڀاءُ جي ذھن ۾ کتل ھئي. ان ڪري پاڻ چوي ٿو ته ”سندس پھريون عشق ڪنھن خوبصورت ڇوڪريءَ سان نه پر سنڌ جي قومي تحريڪ سان وڃي جڙيو.“
*
ھن آتم ڪٿا جا ڪيترائي سيوھاڻي ڪردار منھنجا ڏٺل وائٺل رھيا آھن. مثال طور سيد جيندل شاھه آراضيءَ وارو، سيد گل محمد شاھ لڪياري، سيد موٽيل شاھه سبزواري، سيد صادق علي شاھه سبزواري، سيد گمبل شاھه، سيد محمد مراد شاھه لڪياري، سيد حاجن شاھه لڪياري، سيد عزت علي شاھه سبزواري، سيد حاجن شاھه سبزواري، سيد جئيندل شاھه لڪياري، سيد غلام حسين شاھه، سيد ڪوڙل شاھه، سيد مظفر شاھه سبزواري، پٺاڻن جي ڪافي وارو، سيد نادر شاھه، فقير لالداس، سيد گل محمد شاھه جو وفادار خدمتگار ڦوٽو، حڪيم محمد مراد صديقي، خادم سومرو، سيد ولي محمد شاھه، سيد غلام حسين شاھه باجارن وارو يا جھانگاري واري سيد غلام عباس شاھه جو پٽ سيد نصير محمد شاھه، نورمحمد مغل، علي محمد سيوھاڻي، 1969ع ۾ سائين جي ايم سيد قلندر لال شھباز جي عرس موقعي تي بزمِ صوفياءِ سنڌ جي ڪانفرنس سيد نصير محمد شاھه جي اوطاق تي منعقد ڪئي ھئي.
*
ھِن آتم ڪٿا ۾ ڀاءُ عبدالمؤمن ”ھلندا ھلون_ وڌندا رھون“ جي عنوان سان ھڪ شاندار مھاڳ تحرير ڪيو آھي سچ پچ ان مھاڳ کانپوءِ منھنجو لکڻ مناسب نٿو لڳي. پر پياري ڀاءُ محمد خان ابڙي کي پراڻي قومي تحريڪ جي ڇڪ اڃا اندر ۾ موجود آھي. ٿي سگھي ٿو، انھيءَ ڪري ھن مون تي ڪجھه لکڻ جو حڪم جاري ڪيو. مومن صاحب، جي سوچ آپٽيميسٽڪ آھي ۽ محمد خان ابڙي کي ”قوم آڏو ھر حوالي سان ھڪ رول ماڊل بڻجي پوڻ جي تلقين ڪئي آھي.“ اھا سٺي ڳالھه آھي. ھن ان سلسلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جو ان تقرير جو ٽڪرو ڏنو آھي. جيڪا مولانا صاحب جلاوطنيءَ کان موٽڻ بعد، ڪراچيءَ ۾ ڪئي ھئي. مولانا صاحب ھڪ مثالي، آدرشي ۽ عظيم انسان ھئو. جنھن پنهنجي حياتي جا پورا 24 سال جلاوطني جي خوفناڪ تڪليفن ۽ ڪشالن ۾ گذاري ڇڏيا. جڏھن مارچ 1939ع ۾ وطن واپس آيو ته سندس ڏاڙھي، وار ۽ جواني، پيريءَ جي وڻ ويڙھيءَ ۾ ويڙھجي چڪا ھئا. اُھا جدوجھد، اھا جلاوطني، اُھا قرباني اجائي وئي، يا سجائي، ته ان تي لکڻ ۽ بحث ڪرڻ لاءِ ڊگھو بحث درڪار آھي.
*
آتم ڪٿا ”وڃن سُور سنڌا ڪيو“ تي مھاڳ لکندي لکندي محسوس ڪيم ته آئون ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ بابت ۽ ان جي ڪردارن بابت لکڻ کان ”بائي پاس“ ڪري ويو آھيان. اھا ڳالھه محسوس ڪندي سوچڻ لڳس ته ڪٿا جي ان رخ تي ضرور ٻه اکر تحرير ڪريان. جيتريقدر محترم سائين جي ايم سيد جو ڪردار آھي اھو ھڪ اڏول پھاڙ وانگر آھي، جيڪو سدائين سنڌ لاءِ قائم رھڻو آھي ۽ جنھن کان مور ھرگز نه منھن موڙڻو آھي. تڏھن ته شيخ اياز سائين جي ايم سيد لاءِ لکيو هئو ته:
”سج سڀاڻي جا ڪري، سائي سامي روءِ!“
ھن ڪتاب ۾ سائين امير حيدر شاھه، عبدالحفيظ پيرزادو، ڄام ساقي، محترم عبدالواحد آريسر، سيد عبدالله شاھه، مولا بخش لغاري، حفيظ قريشي، سيد علي حيدر شاھه، قادر بخش جتوئي، خادم سومرو، سيد جلال شاھه، عطاءَ الله انڙ، گل محمد جکراڻي، رسول بخش ٿيٻو، ڪامريد علڻ ٿيٻو، قمر ڀٽي، عبدالخالق جوڻيجو، حبيب الله ڪابورو، راشد مورائي، تاج جويو، باغي بلوچ، اختر ڪاڪيپوٽو، علي احمد پنھور، اشرف کھاوڙ، قاسم ٻگھيو، ملڪ اسد سڪندر، معصوم سانگھڙائي، عبدالصمد ڪانڌڙو، روشن ٻرڙو، عابد لاکير، بشير اوٺو جو ذڪر موجود آھي. جن مان ڪيترا منھنجا ذاتي دوست به رھيا، البت جيڪڏھن ليکڪ پنھنجي ڪيل عشقن جو ذڪر ڪري ھا ته وڌيڪ بھتر ھو. ٿي سگھي ٿو، ته ليکڪ اڳتي ھلي پنھنجي قلم جو جادو جاڳائي ۽ مختلف ڪردارن بابت جدا تحرير ڪري بھر حال ڪتاب ۾ ليکڪ عورت جي نفسيات جو ڪيڏو نه زبردست تجزيو ڪيو آھي، جيڪا خود ليکڪ جي ڀاڄائي آھي.
*
مون اڳي به عرض ڪيو ته آتم ڪٿا لکڻ ھڪ ڏکيو ڪم آھي. پر انھيءَ مشڪل مرحلي مان ڀاءُ محمد خان لنگھي پار پھتو آھي. ڪجھه ماڻھو اھا پڙھي خوش ٿيندا ته ڪيترا سڄڻ وري ٿي سگھي ٿو ته سندن ذڪر پڙھي ناراض ٿين. انھيءَ ڏکئي بار کي، ليکڪ پاڻ منھن ڏيندو. باقي مجموعي طرح ھي آتم ڪٿا، سنڌي ادب ۽ آتم ڪٿائن جي فھرست ۾ ھڪ سٺي ڪتاب جي شڪل ۾ اضافي جو باعث بڻجندي.
اميد اٿم ته پڙھندڙ به ھن ڪتاب کي سٺي موٽ ڏيندا، ته جئين ليکڪ، پنھنجي آتم ڪٿا جي ڪجھه اھم بابن بابت تحرير ڪري ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ وڌيڪ ڪتاب جو اضافو ٿئي.
مدد علي سنڌي
ڪراچي
04 نومبر 2020ع
(مهاڳ) هلندا هلئون-وڌندا رهون
محمد خان جي مطابق، هُن ڪيترائي ”راز“ ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ بجاءِ، في الحال پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيا آهن جيڪي وقتاً فوقتاً سامهون آڻيندو رهندو.
*
لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ
”هائو، ته بهرحال توهان کي زندگيءَ جي انيڪ طبقن مان گذرندي، ڪيئي لَڪَ لتاڙي ئي منزل تي پڄڻو پوندو“!
ڏاهپ جي آخري آفاقي ڪتاب ۾ انساني فطرت کي سامهون رکندي، خلقڻهار اهو جيڪو مٿي بيان ڪيل نڪتو ارشاد فرمايو آهي، سو هن ڪتاب جو سرجهڻهار اسان جو يار محترم محمد خان ابڙو، عين ان نقطي مطابق زندگيءَ جا مرحلا طي ڪندو رهيو آهي- سرجيو، ته چؤڌاري سور هئس ۽ سامايو تڏهن به سُکن ساڻس سرچاءَ نه ڪيو.
هڪ نعمت جيڪا ڌڻيءَ کيس عطا فرمائي آهي-سا آهي؛ سندس ”فولادي جان“! جنهنڪري هيءُ يار، ننڍڙي کان اڄ تائين ورچجي ويهڻ ته ٺهيو لاڳيتو ڪشالا ڪاٽڻ، سورن سهڻ ۽ هاهر ڪندو هلندو رهڻ جي باوجود اڄ تائين ٿڪو ناهي ۽ نه ئي پنهنجيون کڙيون تڙيون عادتون ڇڏيون اٿائين.
سندس زندگيءَ ڏانهن جيڪو رويو رهندو آيو آهي، سو پورو جو پورو هڪ سليقي سان سلهاڙيل آهي. رڳو ڳالهين جو ڳهير ناهي، ڳالهين مطابق محفلين ۾ داستان گو هئڻ به سندس سڀاءُ رهيو آهي. شروعاتي زندگيءَ ۾ قومي نصب العين طي ڪيائين ته کيس، ڌرتي ماءُ جي اهنجن ۾ سهنجايون پيدا ڪرڻيون آهن. جيتريون ڪري سگهيو آهي، انهن بابت زير نظر ڪتاب ۾ اوهان کي جهلڪيون پسڻ لئه ملنديون هلنديون. ”نه ڀڙڪيو آهي، نه وساميو آهي، لاڳيتو دکندو رهيو آهي.“
ڇو ڪٿي رڪجئون رفيقو، ارتقا رڪجي نه ٿي،
زندگيءَ جي آرزوءَ ۾، جستجو ٿڪجي نه ٿي،
ساٿيو، سندرا ٻڌي، هلندا هلو، وڌندا هلو،
پاڻ ڇو بيهي رهون، دنيا جڏهن بيهي نه ٿي.
*
وجودِ باري تعاليٰ جي اٽل موجودگيءَ جو هڪ ٺوس اهڃاڻ اهو به آهي ته؛ ”ڌرتيءَ تي هيل تائين جيترا به ماڻهو پيدا ٿيا آهن، سي سوچن، عادتن، مهانڊن، خيالن ۽ اندازن ۾ سڀ جو سڀ سو سيڪڙو نه سهي، گهڻي ڀاڱي هڪ ٻئي کان مختلف آهن.“ ماڻهوءَ جا موڊ ٿين ٿا، حالتن آهر ماڻهوءَ جو مزاج مٽبو سٽبو ڪڏهن ارتقاء ڏانهن ته ڪڏهن انتهاء ڏانهن مائل رهي ٿو. بعضي سندس من ۾ ترقيءَ جو سڀاءُ ته بعضي سندس من، تنزل جو شڪار. شيخ سعدي شيرازيءَ اها ڳالهه پنهنجي شعر ۾ هيئن ڪئي آهي؛
گہے برطائرِ اعلیٰ نشینم
گہے برپشت پائے خود نہ بینم
سچل سائينءَ پنهنجن لفظن ۾ فارسي شعر جو ترجمو هيئن ڪيو آهي؛
ڪڏهن منُ ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن
سچل سارو ڏينهن، رهي رهيو نه هيڪڙو.
محمد خان ابڙو، پنهنجي مزاج ۾، بشري لوازمات مطابق ائين ئي آهي جيئن سعديءَ ۽ سچل چيو آهي! حضرت علي سائينءَ فرمايو هو ته؛ ”سچيت انسان، حد کان وڌيڪ جذباتي ۽ منافق ماڻهو، ماٺيڻو ٿيندو آهي.“! محمد خان گفتگوءَ ۾، معاملات ۾ حد کان وڌيڪ جذباتي آهي. هونءَ به جذباتي ماڻهو ٿَڏي تي ئي پنهنجي اندر جي ڳالهه جو اوٻر ڪڍي هلڪا ٿي پوندا آهن پر انهن جي خاصيت اها هوندي آهي ته اتي جو اتي وري ٽهڪيل پاڻيءَ مان فري ٿڌا، برف جهڙا ٿي پوندا آهن، ڄڻ ڪاوڙيا ئي ڪونه هئا.
محمد خان پنهنجي فطرت ۾ جفاڪش ماڻهو آهي. ٻاهران جهڙو پڪو سروٽو ۽ اندران صفا ڪچو ڀتر! جيڪو ڪنهن جو غم نه سهي سگهڻ ڪري ڀيري ڀيري ظاهري طور ڀريو پوي! هينئر هو جنهن سماجي حيثيت تي فائز آهي، تڏهن به هن جي اڄوڪي سکن ڀريي گهر جا ڪم ڪار واري سنگت واسطي دروازا قومي ورڪرن لاءِ ائين ئي کليل آهن جيئن سندس غريب الحالي دؤر ۾ ڪکائين گهر جا دروازا هميشه کليل رهندا هئا. ائين هئڻ جو هڪ خوشگوار سبب اهو به آهي ته هن جي زندگيءَ جو سفر ڪچن پيچرن کان شروع ٿيو، جتي مسئلن جو مينهن روزانو وسي ۽ گپ چِڪ ايتري ٿي وڃي جو وک کڻڻ به اڻائي هجي! هي جهاڳيندو آيو. لاڳيتو مڙسيءَ سان ۽ ٿڪو ڪڏهن به نه، اڄ به هن جو، آسودي حياتيءَ لاءِ پنڌ جاري آهي. نج پورهيت جو محنتي پٽ، جنهن زندگيءَ جي شروعات ئي نج نبار پورهيي سان ڪئي ۽ پورهيو به مشقت سان ڀرپور! ان پورهئي جون ”برڪتون“ اڄ به منجهس ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهن. سگهارو جسم، توانو ذهن، تازگيءَ رتو چهرو، سندس شروعاتي زندگيءَ جي طفيل دائم آهي ۽ الله ڪندو ته قائم به رهندس.
محمد خان ابڙو روايتي اعليٰ تعليم ته پري جي ڳالهه، هو جن ڪشالن سان، پورهئي دوران تعليمِ بالغان اسڪول ۾ پڙهيو آهي، سو داستان ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو اچرج ۾ وجهندڙ آهي. هينئر وٽس توڙي جو، ڊبل ايم. اي جون ڊگريون موجود آهن، پر منهنجي خيال ۾ اهي محمد خان جي زندگيءَ جي سنوار ۾ ڪا خاص اهميت نه ٿيون رکن. سندس نوڪريءَ جو خاصو حصو بئنڪ ۾ گذريو آهي، سو، بئنڪ جي ڪم لاءِ پاڻ وٽ جيڪي ڊگريون اهميت رکن ٿيون، اهو سڀڪو ڄاڻي ٿو! سندس زندگيءَ جي سنوار ۽ شخصي تعارف جا ٻه مکيه ڪارڻ نظر اچن ٿا؛
• پورهئي سان زندگيءَ جي شروعات
• قومي تحريڪ سان وابستگيءَ سبب سائين جي ايم سيد جي صحبتن ۾ سائينءَ پاران سندس ڪيل تربيت
محمد خان ابڙو، روايتي نصابي تعليم يافته شخص ناهي. هو پنهنجي من جي داخلي سوجهري سان علم جي واٽ تي گامزن ٿيو ۽ غير روايتي انداز سان ڊگريون ماڻيائين.سندس تعليمي سفر جي ڪٿا به هن ”آٿم ڪٿا“ ۾ تفصيل سان موجود آهي؛
خلقت سڏڪي گهرندي آهي،
عزت، عظمت، دولت ۽ شهرت،
قدرت مرڪي چوندي آهي؛
محنت، محنت، محنت ۽ محنت!
محمد خان کي اڄ جيڪا حيثيت ملي سگهي آهي سا کيس سڏڪندي نه پر محنت، محنت، محنت ۽ محنت ڪندي ملي آهي. سندس محنت جا تڏهوڪا ۽ اڄوڪا زاويه البته، سو مختلف آهن. عين ممڪن آهي ته سندس هن ڪتاب جي منظرِ عام تي اچڻ سان سندس همعصرن ۾ انيڪ تبصرا به چڙي پون. ان خدشي کي به لنوائي نه ٿو سگهجي ته شعوري يا لاشعوري طور تي قوم وٽ سندس زندگيءَ جي ڪٿا جا ”ماڻڪ موتي“ نه به اگهامجن. اهو خدشو ان ڪري ٿئي ٿو ته سندس ڪتاب ۾ مصنوعيت، ڊاڙ، لٻاڙ ۽ تحريري چاشنيءَ جو هٿرادو هنر وارو ”ڪائو ڪچ“ بنهه اڻ لڀ آهي. هن سڌي سنئي اسلوب سان جيئن سندس من ۾ آيو آهي، تيئن پنهنجي حافظي جي کاڻ مان قلم کي ڏانداري بڻائي، پنن تي پنهنجو داستانِ زندگي ميڙي، رکي ڇڏيو آهي. ڪجهه سندس دوست وري ڪتاب مان جيڪي وڏون ڪڍندا اهي ته وري ايڏيون عجب هونديون جو صفا مضحڪه خيز! اهڙو وڙُ ڪتاب جي شايع ٿيڻ کان اڳ ئي اسين سهي به چڪا آهيون!
ڪتاب جي اڀياس مان سندس زندگيءَ جي شروعاتي ورهين جا جيڪي ڏاکڙا آهن، تن جي تاثير هن جي حافظي تان ميسارجي نه سگهي آهي. اڄ به ڳالهيون ڪندي، يا مان ڪيترائي ڀيرا ماضيءَ ۾، کيس پلئه پيل انهن ڏاکڙن جو تاثر سندس نيڻن مان بي ساخته برسندي ڏسندو رهندو آهيان. اها الڳ ڳالهه آهي ته انهن جو دائمي اثر داخلي طور ڪهڙو رايو رکي ٿو! هن وٽ جيڪو احساساتي سرشتو آهي، اهو کيس اڄ تائين بي حس ٿيڻ نه ٿو ڏئي ۽ خدا ڪري ته تاحيات سندس سڀاوَ ۾ ”دردن“ جي اها نمڪيات رهندي اچي جيڪا سندس نيڻ ڀنل رکي! هونءَ به خشڪ نيڻ بي حسيءَ جو ئي ته اهڃاڻ هوندا آهن ۽ حساس ترين ماڻهوءَ جا نيڻ هميشه آلا آلا! شل اها آلاڻ پنهنجي جوهر ۾ شفاف هجي!
*
محمد خان جي قومي تحريڪ جي سفر جا هن ڪتاب ۾ جيڪي داستان شامل آهن، اڄ هو توڙي جو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هڪ اهم رڪن؛ محترم سعيد غني صاحب سان دامے درمے، قدمے، سخنے، شامل حال آهي ۽ پيپلز پارٽي روان دؤر ۾ سنڌ جي حڪمرانيءَ جي مسند تي به فائز آهي ته محمد خان به ان پليٽ فارم تي باقاعده جيئن متحرڪ هئڻ گهرجي، تيئن ئي متحرڪ آهي. سعيد غني صاحب، مون پيپلز پارٽيءَ ۾ واحد شخص ڏٺو آهي، جيڪو پارٽيءَ جي مين اسٽريم تي هئڻ باوجود اڄ به خليق، ذهين، باڪردار ۽ سچيت انسان آهي. هو، بي لوث آهي ۽ بي لوث جو ٿيو ته کيس نه ڪو لوڀ آهي نه ئي ڪنهن لالچائيندڙ جي مجال آهي جو کيس لالچ ڏئي ۽ کيس هرکائڻ جي جرئت ڪري سگهي! لوڀي ۽ لالچي جو ناهي، ان ڪري خوفزده به ناهي. محمد خان سندس پراڻو دوست، سو دوست، دوست کي اقتدار کان ٻاهر هوندي ته نه وساريو پر اقتدار ۾ کيس پاڻ سان همقدم، همراز رکندي کيس اهميت ڏيندو اچي. شيخ سعدي شيرازيءَ دوستيءَ جي وصف ڪيڏي نه سلوڻي انداز ۾ ڪئي آهي؛
دوست مشمار آنکہ در نعمت زند
لاف یاری و برادر خواندگی
دوست آں دانم کہ گیرد دست دوست
در پریشاں حالی و درماندگی
”دوست اهو ناهي جيڪو آسودگيءَ وارين حالتن ۾ ياري ۽ ڀائپيءَ جون ٻٽاڪون هڻندو وتي، دوست اصل ۾ اهو آهي جيڪو ويڳاڻي ويل ۽ پريشان حاليءَ ۾ دوست جو دستگير بڻجي سندس دستگيري ڪري.“
محمد خان ابڙو، روان دؤر ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گپا گپ ڇو آهي؟ سندس بقول ته ”قومي تحريڪ“ جي اڳواڻن جا حال ڏسي هن عافيت ان ۾ سمجهي ته ”موقعو آهي ته قوم جي خدمت پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي!“ سو، سندس ان پارٽيءَ جو عملي حصو هئڻ جو بنياد به دراصل سندس ذاتي تعلقات ۽ سندس بقول قومي جذبو به چئي سگهجي ٿو. قومي تحريڪ جو عروج ۽ زوال، محمد خان پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. هو خود قومي تحريڪ جي مُک باني ڪردارن منجهان رهيو آهي. ڪتاب ۾ موجود سندس تحريرن موجب، هن پاڻ کي ”بازار جو وکر“ بنجڻ نه ڏنو. هڪ متحرڪ اڳواڻ جي حيثيت ۾ قومي تحريڪ ۾ دهشت جي لهر کي فروغ ڏيڻ نه ڏنائين، جنهن به قومي ڪارڪن، جيئي سنڌ جي نالي تي ڪنهن سان به-مطلب ته ڀلي اهي غير سنڌي ئي هجن، بشرطيڪه مظلوم هجن، کؤنسڻ جي روايت کي ابڙي صاحب، تحريڪ ۾ در انداز ٿيڻ نه ڏنو.
اڃا به محمد خان جي سيني ۾ دم آهي، هو واقعي به قومي فرض لاءِ ”قومي آزاديءَ“ جي بلندين تائين گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو. اهوئي سندس زندگيءَ جو نصب العين آهي، الله ڪري تاحيات پنهنجي آدرشي نصب العين تي قائم رهي؛
موجیم کہ آسودگئی ما عدم ما است
ما زندہ ازانیم کہ آرام نہ گیریم
”اسين اها لهر آهيون جنهن جو ڪم ئي آهي روان رهڻ، اسين زنده ئي ان ڪري آهيون ته هلندا هلئون وڌندا رهون.“
*
محمد خان ابڙو جي هيءَ آتم ڪٿا، اتساهه پيدا ڪندڙ ڪتاب چئي سگهجي ٿو. هن جي تحرير جو انداز ڀلي سڌو سنئون آهي، تڏهن به سندس واقعاتِ حيات اهڙا آهن، جيڪي موجوده دؤر جي سهل پسند ذهنن لاءِ هڪ عملي سبق آهن ته ڪا به پشت پناهي نه هوندي، ڪا به مالي وسعت نه هوندي، هٿين خالي به سکن ڀري زندگيءَ جي منزل ماڻي سگهڻ قطعاً ناممڪن ناهي، بشرطيڪه طلب صادق ۽ ارادا اٽل هجن!
نظرياتي رخن ۾ محمد خان ابڙي جيڪا سائينءَ جي ايم سيد جي تصوير ڪَشي پنهنجي تحرير ۾ ڪئي آهي، سا توجهه طلب آهي؛
• سائين جي ايم سيد پنهنجي جوهر ۾ قطعاً مذهب مخالف ۽ اسلام دشمن ناهي.
• سائين جي ايم سيد، ڪمزور پاسن جو سهارو وٺي قومي تحريڪ کي ٻليدان ڏيڻ جو قائل ناهي.
ان جي باوجود،
توهان هن ڪتاب ۾ ابڙي صاحب پاران بيان ڪيل سائين جي ايم سيد متعلق کيس قتل ڪرڻ جي سازش وارو قصو پڙهندؤ ته توهان کي محترم تاج جويي جهڙا صف اول جا اديب ۽ قومي اڳواڻ سڏجندڙ مبالغه آرائي ڪندي سائينءَ کي بجاءِ قومي رهبر جي ساڳيو روايتي ڪاني ڪرامت وارو پير بڻائي پيش ڪرڻ جا پيا جتن ڪندي نظر ايندا. هونءَ اسلام تي ۽ مذهب تي هڪ لاهبي ٻي چاڙهبي پر سائين جي ايم سيد کي وري ”مقدس بت“ بڻائي پيش ڪرڻ وقت ڪاني ڪرامت جو قائل به ٿي وڃبو!
اهو الميو رڳو محترم تاج جويي جو ناهي سنڌ ۾ رسول بخش پليجي مرحوم جي ڪلاس کان وٺي سائين جي ايم سيد جي پيروڪاريءَ جي دعويٰ ڪندڙن تائين ”ذهانت جا بادشاهه“ توهانکي بنيادي نظرياتي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشرتي معاملات ۾ اهڙن متضاد لقائن جو شڪار نظر ايندا جو توهان هنن جي تحريرن، تقريرن ۽ عملي زندگيءَ ۾ جهاتي پائيندؤ ته هو توهانکي عجيب و غريب تضادن جو هڪ اهڙو منجهيل سُٽُ محسوس ٿيندا. سندن مداح تاحيات اهو طي ڪري نه سگهندا ته هي ماڻهو آخر آهن ڪهڙي بلا؟!
سائين جي ايم سيد آخر تائين ڌڻيءَ در سربسجود ڪيفيت ۾ نظر اچي ٿو ۽ هي پيارا-جيءَ جيارا، مورؤن ڌڻيءَ جي وجود بابت ئي اهڙن مونجهارن ۾ مبتلا نظر ايندا جو نه کين اقراري چئي سگهجي نه انڪاري، سڏبا سائينءَ جا پيروڪار! ڇيڙيندا راجا ڏاهر جو موضوع، آڱريون اڀيون ڪندا حجاز جي سمورن عربن ڏانهن! ٻيلي بن قاسم جيڪا ڌوڙ پاتي، تنهن ۾ اسلام جو ڪهڙو قصور آ؟! بن قاسم، اسلام جي نالي تي اسان کي قومي راتاها ڏنا ته ڇا جيئي سنڌ جي نالي تي موجوده دؤر ۾ به قومي اڳواڻ سڏجندڙ پنهنجي ئي قوم کي راتاها نٿا ڏين؟؛ پوءِ ان ۾ ڇا جيئي سنڌ تحريڪ ۽ نظريي جو قصور ٿيو؟ اٽي، لٽي، اجهي جي آسري، ڪا سياسي پارٽي عوام جو استحصال ڪري ٿي ته ان ۾ سوشلزم جو ڪهڙو قصور؟! اهو الميو، تاريخي تسلسل سان مسلمانن سميت دنيا جي سمورين قومن سان رهندو آيو آهي ته مقدس شخصيتون، مقدس مقامات، مقدس نظريا ۽ مقدس ڪتاب عوام جي استحصال لاءِ سامراج جو بنيادي هٿيار رهيا آهن! ان ۾ قصور شخصيات، مقامات، نظريات ۽ ڪتابن جو ٿيو! پاڻ ٻڌايو...
حضور اقدسﷺ جي ذاتِ گرامي، تاريخ جي عظيم ترين انقلابي شخصيت طور، پنهنجن خواه پراون وٽان غير مشروط مڃتا ماڻي چڪي آهي، سندن شخصيت جي سمورن انقلابي رخن جو روح ۽ سندن بي مثال انسان دوست ۽ قوم پرور پاڪيزه سيرت جو سرچشمو ”قرآن“ آهي، حضرت محمدﷺ جسم آهي ۽ قرآن ان جو روح آهي! جسم اڄ اسان کان اوجهل آهي مگر روح اسان جي گهر گهر ۾ اسان جي ساڄي کاٻي، اسان جي اتر ڏکڻ ۾، اسان جي اولهه اوڀر ۾، پوري آب و تاب سان پوري جاه و جمال سان موجود آهي!
اسان سان مصيبت اها آهي ته ان روح سان پنهنجو روح واسبو بلڪل به نه، يعني قرآن پاڪ پڙهبو بنهه نه-باقي ان کي به محض تقدس جي چوغي ۾ ساٺ سنؤڻ ۽ ساک پت جي چڪرن جي ور چاڙهي ڇڏبو! ٻيلي، جنهن ڪتاب سمورين انساني سوسائٽين لاءِ سماجي ڌارا جي ريڙهه کي بيهاريو ئي لَيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى جي فطري نقطي تي آهي ته؛ ”هر ڪنهن جي لاءِ اهو ئي حلال آهي، جيڪو هو پنهنجي ذهني ۽ جسماني پورهئي سان ڪمائي“ باقي سڀ جيڪي به آهي سو اڪتناز آهي، ذخيره اندوزي آهي، نج حرامڪاري آهي ته اهڙي سدا بهار ترجمانِ ڪتاب کي لنوائي ڪهڙو سک جو ساهه کڻبو؟!
خدا جو وجود، فطرت جو آواز آهي، ملان جو مسئلو ناهي! الله جو آواز انساني جوهر جي داخلي پڙاڏي جو خارجي ورجاءُ آهي. ڪا فوق الفطرت شيءِ ناهي! ها، ان جي يگاني ذات، سو ماوراءَ الوراءِ، انفس و آفاق کي محيط ضرور آهي، مگر اوپري ۽ ڌاري هرگز ناهي! ڪوتاهي اسان جي فهم جي آهي، نه ته هو ته هر حسين نظاري ۾ هر پل پنهنجو جلوو پيو ٿو پسائي، هر مسحور ڪندڙ آواز ۾ پنهنجي جمال جو ادراڪ پيو ٿو عطا ڪري، هر انساني سوڀيا ۾ جلوه پذير آهي هر حادثي جي پويان هو دائمي سهارو بڻجي اسانکي سنڀالي وٺي ٿو، هر واقعي کي اسان لاءِ پيار مان اک ڀڃي اشارو ڪري پاڻ ڏانهن وري اچڻ جو دڳ سهائي ٿو، هر پيار ۾ هو پنهنجو لقاءُ پسائي ٿو-پاڻ کي اوجهل ضرور رکيو اٿائين پر سمايل هر ساهه-پساهه ۾ آهي! هائو، سو کيس في الحال ڏسي نه ٿو سگهجي فقط محسوس ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انسان جي اک اهڙي نرڄي آهي، جيڪا تجسس ۾ ئي جُهدِ بصارت کي متحرڪ رکي ٿي، منزل نظر ملي ويس ته پوءِ بس، اک لڳي ويندي ۽ جُهد جو باب ختم!
سائين جي ايم سيد جو، سنڌالاجيءَ ۾ جيڪو ڪارنر قائم ٿيل اهي، ان ۾ سائينءَ جي ٻين يادگارن سان گڏ مصلو به موجود آهي. مصلو معنيٰ جاءِ نماز! سائين، لاشڪ ته سجدي جي اسرار کان ڪما حقه سونهون هيو. هن، ڀري زندگي ڌڻيءَ در سربسجود رهي معرفت ماڻي. سندس قومي نظريو معرفت جي انمول مالها آهي. مان ساک سان چئي سگهان ٿو ته سائينءَ جي قومي تحريڪ جي آزاديءَ واري نظريي ۾ سائينءَ جي سحر گاهيءَ جو تاثير ضرور بالضرور اوهان کي محسوس ٿيندو-رڳو نرڄائپ ڇڏجي ۽ ان اک سان پسڻ جي ڪجي!
جيترن به سنڌي ڏاهن، دانشورن، شاعرن سان-اڄ تائين جيڪي ادب ۽ ڏاهپ جي ڏس ۾ سنڌي سماج جا نام نهاد ”اڪابر“ سڏجن ٿا، مان انهن مان جن سان به علمي، ادبي نشستون ڪيون آهن، انهن منجهان اڪثر مونکي حقيقت جي ادراڪ ۽ مڃتا کان مورؤن ڇسا، غير سنجيده بلڪه وائڙا نظر آيا آهن؛
اردوءَ جي ڏاهن کي جاچي ڏسو، اهي ڪٿي به توهان کي خدا، رسول ۽ قرآن بابت غير سنجيده نظر نه ايندا حالانڪه روشن خيال ۽ ترقي پسند اهي به آهن، آهن به ليفٽسٽ! پر مجال آ جو توهانکي ڪٿي به علمي ۽ ادبي موضوعات ۾ غير سنجيده ڀاسجن! اها، اسان جي قومي بدقسمتي آهي جو اسان جو ڏاهو ليکجندڙ هر ڪردار، اول تا آخر پنهنجن نظرين، عمل خواه روين ۾ ”عجيب و غريب“ آهي.
ڳالهه انقلاب جي ڪبي، دعويٰ انسان دوستيءَ جي ڪبي، علمبردار سوشلزم ۽ ڪميونزم جو هجبو، ڍُڪ انسان دوستيءَ جا ڀربا پر عملي زندگيءَ ۾ پنهنجن ناروا روين سان انهن مڙني پاڪيزگين تي، کٽي اُلٽي ڏاڪيندا رهندا!
سنڌ جي هر نام نهاد شاعر جي شاعريءَ جو پهريون ۽ آخري هدف، گهڻي کان گهڻين ڇوڪرين کي مداح بنائڻ هوندو. سچا پچا مرد مداح؛ سندن مدح ڪندا ته کين بڇان ايندي. اهي ئي مرد اگر فيڪ آءِ ڊي ٺاهي ڇوڪري بڻجي وڏي ڏانوَ سان کين ائپروچ ڪندا ته گد گد پيا ٿيندا ۽ بنا گهرڻ جي پهرئين ئي سٽ ۾ کين پنهنجو سيل فون نمبر ڏئي ڇڏبو! جيستائين راز کلي تيستائين پيو بڇڙو ٿبو! پنهنجي گهر کي، نياڻين کي، ننهرن کي کنگهبو به ڪونه، نازڪ جنس جي مداحه جي ٻارڙن لاءِ تحفن جي ڀرمار لائي ڏبي، ڦٻي نه ڦٻي، لپو ضرور هڻبو! معاملات ۾ صفا ابتو هلبو. سمورن سرنديءَ وارن دوستن کان قرض وٺبو، پوءِ تلخيون پيدا ڪري دوري اختيار ڪري وٺبي! واقف ڪار دڪاندارن جو لاڳيتو مقروض رهبو، پبلشرن کان ڪتاب ڇپرائي انهن کي واجبي ادائگين کان پيو رڙائبو، ڳالهه انقلاب جي ڪبي، دعويٰ سنڌ دوستيءَ جي ۽ سوچ جو ڪينواس عالمي سطح تي پورهيتن کي سرمائيدار لڏي کان نجات ڏيارڻ تائين وسيع رکبو! شراب ٻين جو پيئبو، چرس جون اِٽيون راڄن تي، ڀنگ جا پيالا مولائين تي ۽ گفتگوءَ جو محور هوندو؛ اشتراڪيت! پنهنجو در ڪنهن کي به نه ڏيکاربو، سدائين ٻين جو مهمان رهڻ جو پاڻ سان وچن ڪري ڇڏبو!
هائو، غير نظرياتي ڏات ڌڻي ايئن ئي هجن ٿا، صفا غير سنجيده، بلڪل غير ذميوار! خدا مخالف به صرف ان ڪري هجبو، متان زندگيءَ جي ڪنهن فطري ضابطي جي، ڪٿي ڪا پاسداري ڪرڻي پئجي وڃي!
هڪڙي غريب ڪامريڊ دوست سان لاهور ياترا تي وڃڻ ٿيو. مون رهائش جو اتنظام لاهور ۾ اڳواٽ ڪيو هو پر هڪ ڏينهن اڳواٽ لاهور پهچڻ جي ڪري اها رات اسان کي ڪنهن ٻئي هنڌ گذارڻي پئجي وئي. پنهنجن دوستن سان مون رابطو ڪيو جن سان حجتون هيون، انهن وٽان خاطر خواه موٽ نه ملڻ تي منهنجي همسفر دوست پنهنجي ڪامريڊ لڏي جي هڪ غريب ڪامريڊ سان رابطو ڪيو. ڇاڪاڻ ته اهو غريب هيو، تنهنڪري سندس دل وڏي هئي. شيخ سعديءَ چواڻي؛ ”اميرن جي پوري ولايت ۾ کانئن علاوه ٻيو ڪنهن لاءِ به گنجائش ناهي هوندي ۽ مسڪين جي هڪ رليءَ ۾ ڏهه فقراء به ماپي ويندا“... غريب ڪامريڊ جي تڏي تي، منهنجي همسفر يار جي زبان تي واکاڻ ان امير ڪامريڊ جي هجي. امير ڪامريڊ جون وڊيو ڪلپس ڏيکاري جنهن ۾ هو دنيا جهان جي فلسفن تي ڳالهائي اهو ثابت ڪرڻ چاهي ته؛ ”خدا جو تصور هڪ موهوم خيال آهي“... غريب ڪامريڊ ڇاڪاڻ ته اسان جو ميزبان هيو ۽ وڏو ڪو وضعدار به، ته هن في الحال ته چپڙي ڪري ان امير ڪامريڊ جي واکاڻ ٻڌڻ برداشت ڪئي پئي، جڏهن مون واري همسفر يار، واکاڻ ۾ حدون اورانگهڻ شروع ڪيون ته غريب ڪامريڊ جي ايماني غيرت ڀڙڪو کاڌو ۽ امير ڪامريڊ بابت مونکي سندس عملي زندگي ۽ وهنوار بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ لڳو!
مون پنهنجي همسفر يار کان پڇيو ته ان فلاسافر ڪامريڊ جو لاهور وارو گهر ڪيتري رقبي ۾ ٺهيل هوندو؟ يار ڪڏهن ڏٺو هجي ته ٻڌائي نه!
غريب ڪامريڊ ٻڌايو ته ايڪڙ کن ۾ ٺهيل اٿس ۽ ايڏي ڪشادي گهر ۾ رهائش پذير، ڪل ٻه چار ڀاتي ۽ ٻيا نوڪر چاڪر بس! غريب ڪامريڊ جي معلومات ڏيڻ جي انداز مان مون کي اندازو ٿي ويو ته هو ڇا ٿو باور ڪرائڻ چاهي! مون پنهنجي همسفر يار کان پڇيو، اگر پاڻ ان امير ڪامريڊ سان رابطو ڪري کيس رهائش ڏيڻ لاءِ خواهش ڏيکارؤن ها ته، ڇا ٿو ڀانئين، رهائي ها؟! يار چپ ٿي ويو! ٻيهر ساڳئي سوال جي جواب ۾ هن جو ڪنڌ نهڪر ۾ لڏيو!.. ۽ هي ڏس غريب ڪامريڊ، هڪ ڪمري جي مسواڙي گهر ۾ ڪيئن اسان ٽن ڄڻن (مون سان منهنجو ڊرائيور به هيو) کي ڪيئن ڪشاده دليءَ سان رهايو اٿائين، چهري تي رنج جي ڪا به ريکا نه اٿس، ڏسندو وڃ ۽ زماني جي راند جو اندازو ڪندو هل!
*
ايئن ڇو آ، هوند وارن وٽ سڀ ڪجهه هوندي به سندن دل سوڙهي ڇو هوندي آ؟ ۽ غريبن وٽ سڀ ڪجهه محدود مقدار ۾ هوندي به هنن جي دل وشال ۽ لامحدود ڇو هوندي آ؟! جواب صفا سهنجو آ؛ ڇاڪاڻ ته جنهن دل ۾ دولت جو واسو ٿيندو آهي ان مان اڪثر ڪري ماڻهپو کسڪي نڪري ويندو آهي جو دولت ۽ ماڻهپي جي پاڻ ۾ تمام گهٽ پوندي آ! غريب جي دل فڪرات کان آجي هوندي آهي ان ڪري ماڻهپي کي اتي قرار ملندو آ ۽ ماڻهپو اتي ترسيو پيو هوندو آ! منهنجي سائينﷺ به ڌڻيءَ در ڇا ته معنيٰ خيز انداز ۾ ٻاڏايو هو؛
اَللّٰھُمَّ اَحْيِنِی مِسْكِينًا، وَاَمِتْنِی مِسْكِينًا،
وَاحْشُرْنِی يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِی زُمْرَةِ الْمَسَاكِينِ
”مٺا، مونکي مسڪين ڪري جيار ۽ مسڪينيءَ ۾ ئي پاڻ ڏانهن سڏائجان. محشر ۾ به مونکي مسڪينن جي ئي جماعت ۾ پاڻ وٽ گهرائجان.“
ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته دولت کان مطلق نفرت ڪجي! بلڪه پاڻ سڳورن ته حجاز جي معاشي حب؛ مڪي تي پنهنجي سوڀ پئي چاهي ۽ ان سوڀ ماڻڻ لاءِ هيڏي ساري انقلابي تحريڪ جاري رهي. منهنجي سائينءَﷺ پنهنجن سمورن ساٿين جي غربت جا ڏوجهرا ختم ڪرڻ جا سانباها فرمايا، پر سندن تربيت ۽ تزڪيو اهڙو فرمايو، جو دولت، سندس ساٿين ۾ ڪنهن جي به دل تي واسو نه ڪيو، اها ٻاهرين ٻني تي رهي ۽ سمورن جون دليون ماڻهپي سان ڀرپور هيون، جو قرآن به انهن جي واکاڻ هنن لفظن ۾ فرمائي ته؛
اَشِدَّاءُ عَلَی الْكُفَّارِ رُحَمَاءُ بَيْنَہُمْ
”ڪاپاٽين لاءِ صفا پويون ڏينهن ۽ ساٿين ۾ هڪ ٻئي لاءِ ٻاجهه جو سنسار.“
۽ منهنجي سائينءَ پنهنجي سٿ بابت مالڪ ڏانهن دست بدعا ٿي ٻاڏايو هو ته؛ ”مٺا! مسڪيني منهنجي ساٿين ۾ اختلاف پيدا نه ڪيا، هاڻي بهتر معاشي پاليسين سبب خوشحالي، اجها، اکيين نظر پئي اچي، سو مونکي دولت جي فتني کان پنهنجن ساٿين بابت الڪو پيو ٿئي“!
*
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته دولت جي ڏائڻ بهرحال، مسلمانن جو آخرڪار ڍينگو ڍيري ڪري ئي ڇڏيو-پر پاڻ اهميت جو اندازو ڪريون پيا مسڪينيءَ جي فلسفي جو! قبيح، مسڪيني ناهي، نفعي خور سوچ خطرناڪ آهي-جيڪا سرمائيداريءَ جو بنيادي زهريلو عنصر هجي ٿي!
سو ڳالهه غريب ڪامريڊ جي ماڻهپي جي پئي هلي، اسان اها رات وٽس گهاري. تڪلف برطرف جي مصداق، حال پريان نال-اسان کي وٽس ڏاڍو قرار آيو. اوطاق جو ننڍڙو ڪمرو هيو، ڊرائيور هڪ صوفي تي ستو، يار مون وارو ٻئي صوفي تي ۽ مان پٽ تي سمهي رهيس، بي الڪي ماحول ۾ پرسڪون ننڊ جو اهو لطف هي جملا لکڻ وقت به ڄڻ ذهن کي مخمور پيو ٿو ڪري.
مان هوٽل جي مصالحن واري ماني نه کائي سگهندو آهيان، اهو ذڪر غريب ڪامريڊ سان ٿي چڪو هيو، ان لاءِ ته جيئن هو، صبح جو نيرن، مصالحن کان پاڪ رکي. حيادار ۽ ذميوار ايڏو، جو جيترا به ڏينهن لاهور ۾ رهياسين، اسان کي اسان جي رهائش تي، گهر ۾ تيار ڪيل سادي ماني پهچائيندو رهيو، حالانڪه هن جي گهر ۽ هاسٽل ۾ ويهن ٻاويهن ڪلو ميٽرن جو فاصلو هو!
ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هڪ منڪرِ خدا ڪامريڊ بابت تاثرات ڏسو ۽ هڪ خدا جي اقراري ڪامريڊ جو ڪردار ڏسو. سموري ڳالهه واضح ٿي سامهون اچي ويندي. سائين جي ايم سيد به خدا ترس انسان هيو، هن جي شخصيت ۽ نظريات کي منفي رخن ڏانهن کڻي وڃڻ، سائينءَ خود سان، قوم سان ۽ تاريخ سان کؤنسڻ آهي، هائو!
محمد خان ابڙو جي جدوجهد، واقعي مثالي آهي. ان پيچري کي اسين جيڪڏهن شوق، محنت، سچائي ۽ مسلسل جدوجهد جي رخن کان جاچيئون ته حق بجا آهيون.
هن ڪتاب جي منظر تي اچڻ کان پوءِ اسين پنهنجي قومي تحريڪ جو نئين سري سان اڀياس ڪنداسين ته اسانکي انڌيرن پيچرن ۾ هن ڪتاب مان روشنيءَ جون ڪجهه لاٽون ملي پونديون. اسان جو موجوده نسل ۽ اسان جا ايندڙ نسل پنهنجي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي حاصلات لاءِ وڌيڪ خطائون ڪرڻ کان بچي پوندا. نوان رستا نيون راهون ميسر ٿنديون. قومي تحريڪ ۾ هاڻي نئون روح ڦوڪي سگهجي ٿو.
مولانا عبيدالله سنڌي جلا وطنيءَ تان واپس آيو هو ته هن پنهنجي قومي تحريڪ کي نئون موڙ ڏيڻ وقت تقرير ۾ فرمايو هو ته؛
”اسان هڪ جهاز ٺاهيو، ان ۾ بنا پرکڻ جي هر هڪ کي سوار ٿيڻ جي اجازت ڏيندا وياسين، سوارن منجهان ڪجهه ماڻهن حرڪت ڪئي ۽ جهاز ۾ سوراخ ڪڍي ڇڏيا ۽ سمورو جهاز ٻڏي ويو. خدا جي فضل سان اسانکي هڪ تختو هٿ لڳي ويو، جنهن جي سهاري اسين ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هاڻي اسان منزل ڏانهن وڌڻ لاءِ جيڪو نئون جهاز تيار ڪنداسين ان ۾ هر سوار کي تڪي توري پوءِ کڻبو ۽ پوءِ به پوري بيداري ۽ وڏي هوشياريءَ سان سفر آزاديءَ جي منزل طي ڪبو.“
سو هي ڪتاب به مولانا سنڌيءَ جي تجزيي مطابق قومي تحريڪ لاءِ هڪ نئين سفر جي آغاز جو اهڃاڻ ثابت ٿيڻ گهرجي. ممڪن آهي ته هن ڪتاب جي منظر عام تي اچڻ بعد، سنڌ جو موجوده نسل محمد خان ابڙو تائين رسائي ڪري ۽ منجهانئس قومي تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ جي سندس ڪتاب جي ملحوظ توقع ڪري وجهي ته ان لاءِ محمد خان ابڙي کي قوم جي آڏو هر حوالي سان هڪ رول ماڊل بڻجي پيش پوڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ گهرجي، نه ته ڪتاب لکڻ جو ڪوبه عملي فائدو سامهون نه ايندو؛
ایں دعا از من و از جملہ سندھ آمین باد!
عبدالمؤمن ميمڻ
05 نومبر 2020ع
ڪراچي
پنهنجي پاران
ڪچهريون دوستن سان روايتي ۽ غير روايتي انداز سان ٿينديون رهنديون هيون. انهن ئي ڪچهرين دوران ڪجهه سڄاڻ دوستن کي منهنجي ڳالهين مان پنهنجي من ۾ پيدا ٿيندڙ کوڙ سوالن جا جواب ملندا رهيا ۽ هو مونکي شعوري يا لا شعوري طور تي کوليندا ويا-کوليندا ويا ۽ کوليندا ويا... ته مون به محسوس ڪيو، مار! منهنجي سيني ۾ ته منهنجي دور جي تاريخ موجود آهي جيڪا دوستن جي زور ڀرڻ ۽ بار بار اتساهڻ تي مونکي محسوس ٿيو ته مان اها تاريخ پاڻ سان دفن ٿيڻ بجاءِ قوم جي آڏو آڻيان ته جيئن قومي جياپي لاءِ هيءَ تاريخ نه رڳو ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي ڪري سگهي پر گڏوگڏ قومي تحريڪ جون لڱايون ۽ چڱايون به منظر تي اچي وڃن ته جيئن ان مان موجوده نسل عبرت ۽ ايندڙ پيڙهي ڪو گَسُ حاصل ڪري سگهي.
منهنجي آتم ڪٿا پڙهندڙن لاءِ جيڪو اتساهه پيدا ڪندي، اهو هيءَ آهي ته مسلسل جدوجهد ۽ محنت آخرڪار اوهان کي پنهنجي منزل جي ويجهو آڻي بيهاريندي آهي. مان مل جي مزدوريءَ دوران جڏهن حيدرآباد آيس ۽ پنهنجي ڀاءُ سان يا دوستن سان شهر ڏسڻ نڪرندو هئس ته انگريزي لفظن ۾ تشهيري بورڊ ۽ مختلف اسٽور وغيره جي بورڊن تي ان جو نالو انگريزي نه اچڻ جي ڪري پڙهي ۽ سمجهي ڪونه سگهندو هئس تڏهن ٿڌو ساهه کڻي سوچيندو هئس ته ڪاش! اهي مان پڙهي سگهان ۽ ائين سوچيندي سوچيندي اکين مان پاڻي تري ڳلن تي پنهنجي راهه جوڙي بوندن وانگر ڳڙڻ لڳندو هئو. پوءِ مون طي ڪيو ته ڇا به ٿئي مان هر حال ۾ پڙهندس!
مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي زندگيءَ کي سنوارڻ جو سبب سمجهان ٿو جو، ڀٽي صاحب 74-1973ع ۾ ملڪ اندر تعليمِ بالغان شروع ڪئي هئي. مان دعويٰ ته نه ٿو ڪيان پر پڪ اٿم ته مان هڪ نالي ماتر پڙهيل (صرف سنڌيءَ جا پنج پاس) هاڻي ايم اي اڪنامڪس ۽ ايم اي پاڪستان اسٽڊي پاس ڪري مختلف مرحلا طي ڪندو، ڪاميابيءَ جي ان منزل تي پهتو آهيان، جيڪو فقط سچائيءَ سان لڳاتار محنت ڪرڻ جو ئي نتيجو آهي. اها پڪ اٿم ته منهنجي ايتري طويل محنت ۽ جدوجهد کي ڪوبه ماڻهو ڪهڙي به دور ۾ پنهنجي لاءِ مشعلِ راهه بڻائيندو ته مان سمجهندس منهنجو هيءَ ڪتاب لکڻ وارو پورهيو ڪامياب ٿيو.
مون اڄ تائين مسلسل جدوجهد ۾ گذاريو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ ئي وقت ٽن کان چئن محاذن تي ساندهه منهن ڏيڻو پيو آهي. برف فروشيءَ جي مزدوريءَ دوران پڙهائي ڪرڻ ۽ گهر جو سمورو ڪم ويندي ڪپڙن ڌوئڻ تائين مون کي پاڻ ئي ڪرڻو پوندو هئو. پرائيويٽ مئٽرڪ پاس ڪيم ته سيوهڻ ڪاليج ۾ ريگيولر داخلا سان گڏ قومي تحريڪ ۾ به عملي طور تي حصو ورتم ۽ اهو به پارٽ ٽائيم نه پر ذميواريءَ سان، وري پنهنجو خرچ به پاڻ ڪرڻ، جنهن دؤران ڪونه ڪو پورهيو ڪري آمدني پيدا ڪري زندگيءَ جو گاڏو گهليندو رهيس.
زندگيءَ جي سفر دوران مون وٽ ڪافي تلخ حقيقتون، سنڌ جي نالي وارن سياستدانن، قومي تحريڪ جي اڳواڻن، ادبي شخصيتن ۽ آفيسرن سان گهاريل ڪيترائي سچا ۽ حقيقيقن تي ٻڌل ٻيا به کوڙ داستان به منهنجي سيني ۾ سانڍيل آهن. جيڪي ايندڙ ڪتاب ۾ لکندس. انهن ۾؛
• قومي تحريڪ جو عروج ۽ زوال ۽ ان جا سبب
• قومي اڳواڻن، سياسي ليڊرن، ادبي شخصيتن جا، ڪجهه ڄاڻ سڃاڻ وارا ۽ ڪجهه لڪل چهرا سنڌي قوم جي سامهون آڻيندس.
• قوم لاءِ ڪيل گمناميءَ جي عالَم ۾ پورهيو، جن ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي قوم جي مالڪي ڪرڻ، سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ سندن گهرن جي مالڪي ڏيارڻ، شانتي نگر کان سچل ڳوٺ جي تعمير تائين ۽ پوءِ لڳ ڀڳ 700 سنڌي آباديون وجود ۾ آيون جيڪي اسان جي محنت جي مثال کي سامهون رکندي ٺاهيون ويون.
• سائين جي ايم سيد کان جلال محمود شاهه تائين قومي تحريڪ ۽ انهن جي اڳواڻن جو جائزو
• ڀٽي صاحب کان بلاول ڀٽي تائين پ پ جو سفر ۽ ان ۾ سنڌ جي قومي بقا جو جائزو
• شيخ اياز کان احمد سولنگيءَ تائين سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن جو علمي ۽ ذاتي زندگيءَ تي تفصيلي جائزو جيڪو ڇرڪائيندڙ به ٿي سگهي ٿو
• ٽريڊ يونين جي وڏن وڏن ليڊرن جو مڪمل جائزو جيڪو مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو
مان ناليواري شاعر احمد سولنگي ۽ برک اديب رکيل مورائي جو احسان مند آهيان، جن مونکي پنهنجيون يادگيريون لکڻ لاءِ شوق ڏياريو ۽ ان لاءِ هر مدد ۽ تعاون جو يقين به ڏياريو. نيٺ مون اهو سڀ ڪجهه لکي پورو ڪيو، جيڪو هاڻ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
مون هن ڪتاب ۾ انتهائي ڪوشش ڪئي آهي ته سچ لکان، مصنوعي ڪابه شيءِ نه هجي، ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي پوءِ به جي ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٿي ويون هجن جن کي لڪائڻ منهنجي اختيار ۾ نه هئو ته ان لاءِ آئون اڳواٽ ئي معذرت خواه آهيان.
مان ڪنهن حد تائين سنڌ-هند جي برک، اديب ۽ شاعر لڇمڻ ڪومل جي ڪيل ان ڳالهه سان سهمت آهيان ته ”جيڪو شخص شراب پيئڻ کان پوءِ ڪوڙ ڳالهائي يا پنهنجي آتم ڪٿا ۾ به ڪوڙ لکي، ان شخص جهڙو ڪوبه مها منافق ٿي نٿو سگهي. حضرت عليؐ جو به قول آهي ته ”مان منافق نه آهيان جو منهنجا مخالف نه هجن.“ ٿي سگهي ٿو ته ڪو شخص مون سان اختلاف رکڻ جو حق رکي، پر مون نيڪ نيتيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جا سچا احوال هن ڪتاب جي صفحن ذريعي اوهان آڏو رکيا آهن.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاءِ آئون محترم احمد الدين راڄپر، ڪريڪشن لاءِ محترم عبدالله جروار (سنڌيڪا اڪيڊمي) ۽ پروف ريڊنگ لاءِ محترم انصاف علي حيدري ۽ محترم عامر مغيريءَ جو بيحد
شڪر گذار آهيان ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ سنڌي ادب جي نامور اديبن
مدد علي سنڌي، نصير مرزا ۽ نوجوان اديب ڊاڪٽر حميد سبزوئي ۽ نوجوان شاعر احمد سولنگيءَ جو به بيحد ٿورائتو آهيان. جن منهنجي ڪتاب ۽ شخصيت بابت پيار جا ٻه ٻول اظهاريا آهن.
ڀاءُ عبدالمؤمن جا وڏا وڙ-جنهن منهنجي يڪ ساهيءَ سان لکيل سوين آتم ڪٿا جي صفحن تي پنهنجي پيار ڀري نظر ڌري، منهنجي هن يادگيرين کي، پيرائن ۾ ڀڃي هر پيرا تي ”منڊيءَ تي ٽڪ“جهڙا خوبصورت عنوان قائم ڪري، لاڳيتي لکيل حصي کي 11 بابن ۾ خوبصورت ابواب بندي ڪندي هن ڪتاب کي سُوڌي ۽ سنواري تمام گهڻو سهڻو بڻايو.
اوهان جو پنهنجو
محمد خان ابڙو
15 نومبر 2020ع
ڪراچي
باب پهريون: ولادت کان جوانيءَ تائين
سرجيس تان سور!
ڌارين جون يلغارون به هن شهر تي وقت به وقت ٿينديون رهيون آهن. مغلن ۽ ارغونن به هن شهر کي پنهنجي طاقت ۽ تلوار هيٺ رکيو ۽ سيوهڻ تي پنهنجا ڪوٽ وال مقرر ڪندا رهيا.
سڪندر مقدوني به سڄي دنيا کي تلوار سان فتح ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن سيوهڻ ۾ پنهنجي لشڪرن، خزانن ۽ اٽالن سميت لٿو ته تاريخ گواهه آهي ته هن شهر جي ڀومي پُترن جي ڪاپاري چوٽَ جي مقدونيا جو هي طاقتور فاتح سَٽَ سهي نه سگهيو.
طلوعِ اسلام کان اڳ هن شهر جي پنهنجي سماجي، سياسي، معاشي، روحاني ۽ مذهبي هڪ مستقل حيثيت رهي آهي. سيوهڻ جو سورج ۽ ان جي روشنائي گواهه آهي ته سيوهڻ سدائين امن جي ڌرتي ئي رهيو آهي.
سيوهڻ تعلقي جي يونين ڪائونسل بُوبڪَ جي ڳوٺ ٻِلهڻ (جيڪو منڇر جي ڏاکڻي طرف بچاءَ بند جي ڀرسان آهي) ۾ مون 1956ع ڌاري هڪ ننڍڙي غريب خاندان ۾ جنم ورتو!
پيدائش جي صحيح ۽ دُرست تاريخ جي ڄاڻ ته نه اٿم، نه ئي مائٽن علم گهٽ هجڻ سبب، منهنجي پيدائش جي ڪا حتمي تاريخ لکي آهي. البت امان ٻُڌائيندي آهي ته ڪاري ٻُوڏ جيڪا 1942ع ۾ آئي هئي. ان کان پوءِ وڏي ٻوڏ، جيڪا روينيو رڪارڊ موجب جولاءِ 1956ع ۾ آئي هئي. آئون عين انهن ڏينهن ۾ ڄائو هوس. منهنجي ڄم واري ڏينهن ٻوڏ جو پاڻي اسان جي گهر ۾ اچي پهتو هئو. امان ٻڌائيندي آهي ته مون جڏهن هن جهان ۾ اک کولي ته ٻوڏ جي پاڻيءَ جون لهريون ۽ ڇتيون ڇوليون، منهنجي کٽ جي هيٺان ڇُلي رهيون هيون ۽ پاڻي چئني پاون کي پاڻي چڪو هئو! جنهن مان صاف ظاهر آهي ته مون، ڄمڻ سان ئي سخت مصيبتن، ڏکن ۽ ڏوجهرن کي پاڻ سان گڏ کڻي هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو هئو. بقول امان جي ته جيئن ئي ڪهاريءَ ٻوڏ جو پاڻي لٿو ته قحط ۽ ڏُڪار سبب انيڪ بيمارين منهن ڪڍيو.
گهر ۾ مان پنجين نمبر تي ڀائرن ۾ هوس. باقي سڀ ننڍا هئا. صرف سمجهه ڀريو ۽ بالغ هڪ وڏو ڀاءُ ادا غلام حسين ئي هئو، جنهن جي تقريبن سورهن ورهيه ڄمار هئي، جڏهن ته چوڏهن سالن جو ادا غلام قادر هئو. باقي سڀ ننڍا ٻار هئاسين.
مون کي ٻوڏ کان پوءِ بيمارين وگهي اڌ رنگي جي بيماري ٿي پئي، مون کي ته ياد ڪونه آهي ته پر ٻڌائيندا آهن؛ علاج لاءِ منهنجا مائٽ پهريون ڀيرو بوبڪ پهتا پوءِ اتان ڪنهن ٻڌايو ته هن جو علاج دادوءَ ۾ ٿيندو. ان وقت روڊ رستا ڪچا هوندا هئا، ٽرانسپورٽ جو ڪو خاطر خواه انتظام ڪونه هوندو هو. هڪ بس، ڪچي رستي ذريعي بوبڪ کان ٻلهڻ-باغ يوسف واري بند جو رستو ڏيئي سيوهڻ ايندي ويندي هئي. اڌ رنگي جي بيماريءَ جي ڪري منهنجي کاٻي ٻانهه ۽ کاٻي ٽنگ سخت متاثر ٿيا. بدن جو اڌ پاسو سُڪي ويو، نه ٽنگ ڪم ڪري نه هٿ.غربت جي ڪري منهنجي مائٽن ڪوشش ڪئي ۽ دادوءَ تائين علاج لاءِ مونکي کڻي آيا. ان وقت دادؤ ۾ علاج لاءِ مريض وٺي وڃڻ ايئن هئو جيئن اڄ ماڻهو انڊيا علاج لاءِ سفر ڪري. ايترو اهو سفر ڏکيو ۽ اڻانگو هوندو هئو! دادؤ تائين ٽي دفعا گاڏيون مٽائڻيون پونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڏاند گاڏيءَ تي بوبڪ، ان کانپوءِ ٽانگي تي جتي هاڻي ”سبيل اسٽاپ“ آهي اتي پهچڻو پوندو هئو. پوءِ اتان ٽن چئن ڪلاڪن جي انتظار بعد ڪا کٽارو بس ملندي هئي، جنهن تي دادؤ وڃبو هو. اتي به هڪ ٻه ڏينهن لڳي ويندا هئا. ۽ واپسيءَ تي به سڄو سارو ڏينهن لڳي ويندو هئو.
بهرحال جيترو والدين جو وس هئو ايترو انهن وت آهر ڪوشش ڪئي. جنهن جي ڪري مان اڄ خدا جي فضل ۽ والدين جي توجهه ۽ ٿورن سان زندگي، سلامتيءَ سان جيئان پيو.
ٻلهڻ کان سيوهڻ ڏانهن لڏپلاڻ
سيوهڻ شريف اسان جي ڳوٺ کان اوڀر طرف چار ميل يا کڻي اڄ جي فاصلي مطابق چئون ته ڇهه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. اتان لڏپلاڻ جي هلڪي يادگيري آهي ته جڏهن سامان ٻڌي، رستي تي آندو ويو ته اتان هڪ بس ايندي هئي جنهن ۾ سامان رکي اسان کي سيوهڻ لاءِ روانو ٿيڻو هئو. مون کي ياد آهي ته بس اڃا ڪافي پري هئي پر ان جو آواز منهنجي ڪنن تي پري کان پيو مان ڊڄي ويس ۽ ڀر ۾ رکيل رلي مٿان وجهي لِڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته مار، اها الائي ڪهڙي آفت پئي اچي! بهرحال سيوهڻ پهتاسين اتي اچي هڪ واڻڪي جاءِ ۾ رهياسين.
واڻڪين جڳهين سان ويڌن
ورهاڱي جي ڪري هندن جي تازي لڏپلاڻ ٿي هئي ۽ شهر ۾ ڪيتريون ئي جايون خالي ۽ ويران پيون هيون. جيڪي اتان جي چڱن ۽ وڏن ماڻهن-خاص طور تي سيدن جي تاڙ ۾ هونديون هيون، ۽ پوءِ اهي پنهنجي ماڻهن کي چوندا هئا ته وڃي فلاڻي جاءِ ۾ ويهي رهو ۽ ايئن وري جڏهن مرضي پوندي هون ته ويهاريلن کي اٿاري، تڙي ڇڏيندا هئا. سيوهڻ شهر ۾ اسان پهريان، نئين محلي ۾ هڪ تمام وڏي وسيع واڻڪي جاءِ ۾ رهيا هئاسين. سڄي پڪي ۽ زمين جي سطح تي ٺهيل هئي. ڇاڪاڻ ته جاءِ تمام وڏي هئي جنهن ۾ هيٺ مٿي تقريبن ويهن کان ٽيهه ڪمرا، ورانڊي سميت هئا. جاءِ ۾ پاڻيءَ لاءِ کوهه به ٺهيل هئو ۽ ذري گهٽ هڪ ايڪڙ جي ايراضيءَ تي اها جاءِ ڦهليل هئي. جيڪا اڃا به موجود آهي. جاءِ وڏي هجڻ جي ڪري اها ڇڏي، وري ”کڏ محلي“ ۾ هڪ جاءِ هئي اتي اچي رهياسين. نئين محلي واري ان جاءِ ۾ هاڻي ميمڻ رهندا آهن. ان وقت ۾ وڏيرو بهار ميمڻ-جيڪو ”باغ يوسف“ ڳوٺ ۾ رهندو هئو. پوءِ ان جو سمورو خاندان اچي ان جاءِ ۾ رهيو. هينئر اها جاءِ اٺن حصن جي صورت ۾ ميمڻ خاندان ۾ ورهائجي چڪي آهي. هڪ حصي ۾ محمد ميمڻ، ڪپڙي جو ڪاروبار ڪندو هئو ۽ ان جو خاندان، ٻئي حصي ۾ عبدالخالق ميمڻ جو والد ۽ ان جا ٻيا ڀائر رهندا هئا. تقريبن پنجاهه کان سؤ ڄڻا ميمڻ برادريءَ سان تعلق رکندڙ ان جاءِ کي ورهائي ان ۾ رهيا پيا آهن.
وري کڏ محلي واري جاءِ ڇڏي نئين محلي ۾ درگاهه جي ڀرسان اچي رهياسين، جتي هاڻي مرحوم غلام حسين شاه آراضيءَ واري جو پٽ؛ سيد علي گوهر شاهه رهندو آهي.
وري لڏ پلاڻ
اسان جيئن کڏ محلو ڇڏي نئين محلي جي جاءِ ۾ رهياسين ته ڪجهه وقت کان پوءِ سائين گل محمد شاهه لڪياريءَ جي وڏي پٽ؛ سيد محمد مراد شاهه منهنجي والد صاحب کي گهرائي چيو ته جاءِ خالي ڪري، واپس ٻلهڻ هليو وڃ، هتي منهنجا ماڻهو رهندا! والد صاحب سخت پريشان ٿي ويو ته هاڻي ننڍا ٻار وٺي ڪيڏانهن وڃان؟ اها اندازاً 1963ع جي ڳالهه آهي.
بابا، شاهه صاحب کي هٿ ٻڌي چيو؛ سائين هڪ ته هيءَ جاءِ واڻڪي آهي اوهان جي ڪانه آهي ٻيو ته آءٌ ڪيڏانهن ويندس؟!
سائين جئندل شاهه
هڪ ڳالهه ٻي به اوريندو هلان ته منهنجي بابا سائينءَ جي، سائين جئندل شاهه آراضيءَ واري سان سٺي نيازمندي هوندي هئي. سائين جئندل شاهه، بابا سائينءَ کي پنهنجي خاص ماڻهن يا دوستن جي لسٽ ۾ رکندو هو. جئندل شاهه، سائين جي ايم سيد جي ٽن ذاتي دوستن منجهان هڪ هئو. ٻيو سائين حسن بخش شاهه سڪرنڊ جي پاسي جو آهي. جئندل شاهه علائقي جو بااثر وڏيرو-جيڪو وڏيءَ همٿ وارو ماڻهو هيو، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا؛ غلام حسين شاهه، ڪوڙل شاهه-جيڪو جنرل ضياء جي دؤر ۾ جيل کاتي جو وزير به ٿيو، ٽيون نذر علي شاهه! هاڻي اهي سڀ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، باقي سندن اولاد آهي .ان مان به ڪوڙل شاهه جو وڏو پٽ اعجاز علي شاهه تازو 2010ع ۾ گذاري ويو.
بابا، آراضيءَ ويو ۽ جئندل شاهه کي ٻڌايائين ته آءٌ ٻلهڻ• مان لڏي، سيوهڻ ۾ رهان پيو. واڻڪي جاءِ، جيڪا خالي پيل هئي مان ان ۾ اچي لڏو لاهي ويٺس. جيڪا هاڻي مون کان محمد مراد شاهه زوريءَ خالي پيو ڪرائي. جئندل شاهه؛ چيو مان سندس والد گل محمد شاهه سان ڳالهايان ٿو ۽ پوءِ ڪجهه وقت لاءِ ٺاپر ٿي وئي. ليڪن مراد شاهه جيئن ته سيوهڻ جي وڏي بااثر ۽ قلندر لعل شهباز جي تڏهوڪي سجاده نشين جو وڏو پٽ هئو ۽ سائين گل محمد شاهه ان وقت دادو ضلع جي لوڪل بورڊ جو صدر پڻ هئو- جيڪو نظام اڳتي هلي ضلعي چيئرمين ۽ ناظم جي پد تي پهتو، ان پوليس کي حڪم ڏنو ته، ابڙن کي پيءُ پٽن سميت گرفتار ڪري پريشان ڪيو وڃي! ان وقت سيوهڻ شريف ۾ ابڙن مان اسان جو واحد گهر هئو جيڪو اچي اتي آباد ٿيو هئو.
بابا جي گرفتاريءَ جي رٿابندي
ان وقت اڃا سيوهڻ شهر ۾ بجلي به ڪانه آئي هئي. هڪ وڏو جنريٽر هئو. اهو ئي پاور هائوس هئو. جيڪو ان وقت گرلز اسڪول واري جاءِ تي شاهي بازار جي ساڄي پاسي، بچاءَ بند جي نزديڪ هوندو هئو. اتان جي لائين سپرنٽنڊنٽ سان صلاح ڪيائون ته بجليءَ جون تارون علي محمد ابڙي جي گهر ۾ اڇلائي صبح جو پوليس جو ڇاپو هڻائي هنن کي بجليءَ جي تارن جي چوريءَ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري سندس خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي وڃي.
اسان جو خاندان انتهائي غريب هيو. بابا مزدوري ڪندو هئو. منهنجا ٻه وڏا ڀائر سندس مزدوريءَ ۾ هٿ ونڊائيندا هئا. ڪڏهن مڇيءَ جو واپارته ڪڏهن سبزيءَ جو واپار پر انتهائي معمولي پئماني تي ڪري پيٽ گذر ڪندا هئا. ايترو به پئسو ڪونه هوندو هئو جو رڌ بچاءَ جي لاءِ ڪاٺيون وغيره گهرائي سگهجن. سو صبح سوير امان اٿندي هئي ڪنهن ننڍي ٻار کي پاڙي ۾ مينهن جي واڙي ۾ موڪلي، ڇيڻا گهرائيندي هئي. انهن کي ديوار تي ٿڦي هڻندي هئي جيئن سڪڻ بعد ٻارڻ ۾ ڪم اچي سگهن ۽ جڏنهن آءٌ ڪو اٺن نون سالن جو ٿيس ته اهو ڪم مان ڪندو هئس. اسر ويل اٿي، ڇيڻا ميڙي ايندو هئس پوءِ ڇيڻن هاڻا ڪپڙا ۽ هٿ پير ڌوئي ڦرهي کڻي اسڪول ويندو هئس.
سازش ۾ اسان سان قاضي محمد مراد جو ساٿ
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو صبح جو سوير گهر جي اڱڻ تي امان، ڪنهن شيءِ جي ڪِرڻ جو آواز ٻڌو. ڇا ڏسي ته ڪي نامعلوم ماڻهوءَ بجليءَ جي تار جا ٽي ويٽا اسان جي گهر ۾ اڇلائي ويا، امان فوري طور تي بابا کي ٻڌايو. بابا سمجهي ويو ته اسان جي خلاف ڪا سازش آهي سو وڏي ڀاءُ غلام حسين ۽ غلام قادر کي اٿاريائين ۽ چيائين ته؛ هيءُ تارون هتان کڻي فوري طور تي ڪٿي لڪائي اچو، ڪلاڪ کن کانپوءِ پوليس جو اٽالو اسان جي گهر تي ڪاهي آيو. انهن سان پاور هائوس جو ڪامورو به گڏ هئو. چيائون ته اسان اوهان جي گهر جي تلاشي وٺنداسين. رپورٽ ملي آهي ته اوهان پاور هائوس مان بجليءَ جو سامان چورايو آهي. بابا احتجاج ڪيو ته گهر ۾ عورتون آهن. اوهان سان جيستائين ڪا عورت عملدار گڏ نه هوندي تيسيتائين اوهان گهر ۾ ڪونه ٿا گهڙي سگهو. ان وقت بابا منهنجي هڪ ڀاءُ کي جلديءَ ۾ قاضي محمد مراد ڏي موڪليو-جيڪو ان وقت يونين ڪائونسل سيوهڻ جو چيئرمين هئو. قاضي صاحب سيوهڻ جو انتهائي قابل عزت ۽ شريف النفس شخص هئو. سڄو شهر سندس دل سان عزت ڪندو هئو. ڪنهن کي به تنگ ڪونه ڪندو هئو. سندس خاندان ۾ ڪنهن به سياست ۾ حصو نه ورتو. هيءُ خدمت جي جذبي سان چيئرمينيءَ لاءِ اليڪشن ۾ بيٺو ۽ هن شخص سيوهڻ جي شهر ۾ جيڪي به سجاده نشين پير هئا، تن سڀني کي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست ڏني ۽ سيوهڻ جو چيئرمين ٿيو. ان کي ٻڌايو ويو ته پوليس اسان جي گهر ۾ جهڙتي وٺڻ چاهي ٿي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته هنن وٽ ڪا غير قانوني شيءِ! چرس آفيم وغيره هجي، جيڪو گهر ۾ ڦٽو ڪري اسان تي ڪيس لڳائي ڇڏين. اوهان هلو اوهان جي سامهون جهڙتي ٿئي.
سندس رهائش اسان جي پاڙي ۾ هئي سو ٿڏي تي ئي هليو آيو. ايستائين پوليس وارن وس ڪيا ليڪن بابا سائين هنن کي چيو ته؛ چيئرمين صاحب اچي پيو ان جي موجودگيءَ ۾ اوهان ڀلي جهڙتي وٺو. هنن کي خبر هئي ته بجليءَ جون تارون ته گهر مان ملنديون ئي ملنديون، سو هنن به چيو ته چيئرمين صاحب ڀلي، اچي ان جي سامهون اسين جهڙتي وٺنداسين. ٿوري دير ۾ حڪيم محمد مراد صديقي پنهنجي ٻن نوڪرن سان آيو ۽ پوليس کان پڇيائين ته ڇا مسئلو آهي؟ هنن هيئن ڳالهه ورجائي ته؛ رپورٽ ٿي آهي ته چوريءَ جو سامان هن گهر ۾ آهي اسين تلاشي وٺنداسين. پوءِ قاضي صاحب، پوليس وارن ۽ پاور هائوس جي ڪارندي جيڪو هٿرادو فريادي هئو، انهن گڏجي تلاشي ورتي. بابا جي بروقت حڪمت عمليءَ سبب کين ڪجهه به هٿ ڪونه آيو ۽ شرمنده ٿي واپس هليا ويا.
پوليس سچي ڪئي
اسان جي خاندان تي قاضي محمد مراد صديقي صاحب جي بنهه ٿوري توجهه جي ڪري هيترو وڏو معاملو رفع دفع ٿي ويو ۽ پوءِ چيئرمين صاحب جڏهن پوليس وارن کي ڇنڊ پٽي ته هنن سچي ڪئي ته؛ اهو سڀ ڪجهه اسان محمد مراد شاهه جي چوڻ تي ڪيو آهي ته جيئن ابڙا، پريشر ۾ اچي جاءِ خالي ڪري وڃن. اهو واقعو منهنجي اڳيان ٿيو ۽ مونکي ياد آهي. ان کان پوءِ والد صاحب اهو طي ڪري ڇڏيو ته هاڻي ڪنهن پير، سيد ۽ وڏيري جي نه ٻُڌبي ۽ نه ئي انهن جي سڏ تي وڃبو ۽ نه ڪو کين ڪو ڪم چئبو.
غربت جو اهو عالم جو اسان جنهن جاءِ ۾ رهياسين ان جي اولهه پاسي کان ڀت ڪريل هجي اتي اسان ڪيترو وقت ٽُئن ۽ ڳوڻين جي اوٽ سان پردو ڪيو. مون کي1963ع ۾ پهرين جماعت ۾ داخل ڪرايو ويو گورنمينٽ پرائمري اسڪول سيوهڻ ۾-ليڪن منهنجي ذميواري اها هوندي هئي ته صبح جو فجر مهل امان اٿاري، قاضين جي واڙي ۾ موڪليندي هئي ان واڙي جي سنڀال، بصر لوڙهائيءَ نالي هڪ همراهه ڪندو هئو.
چاچو بصر لوڙهائي
لوڙهائي، سيوهڻ ۾ ڪافي تعداد ۾ رهندا آهن جيڪي ذات جا اصل ٻگهيا آهن، جيڪي ڪٿان ڪهي، اچي سيوهڻ ۾ آباد ٿيا هئا. اُهي جتي رهيا اهو هينئر شهر جو مرڪزي علائقو آهي. اهي به غريب هوندا هئا، انهن پردي لاءِ گهرن جي ٻاهران وڏا لوڙها هڻي ڇڏيا. لوڙها ايڏا اوچا جو اٺ تي به ماڻهو گذري ته به گهرن ۾ نظر نه پوي. جنهن ڪري اهي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ”لوڙهائي“ مشهور ٿيا ۽ اڄ به لوڙهائي ئي سڏجن پيا ۽ پاڻ به سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. سندن ذات جهڙوڪر سندن وڏڙن جي ياد آهي ۽ اها بس ياد ئي رهجي ويئي. سو چاچو بصر لوڙهائي منهنجي والده جو مائٽ هئو. امان جو خاندان اصل ۾ ٻگهيو آهي. جيڪي پڻ لوڙهائي ذات سان مشهور آهن. چاچو بصرلوڙهائي اسان جوڏاڍو خيال ڪندو هئو ،۽ ڇيڻن کڻڻ تان منع ڪونه ڪندو هئو. پر ان جي باوجود صبح جو سوير وڃڻو پوندو هئو. ننڍو ڀاءُ ڌڻي بخش مون سان گڏ هوندو هئو. اسان سان گڏ ڪجهه ٻيا غريب ماڻهن جا ٻار به ڇيڻا ميڙڻ ايندا هئا. پوءِ جيڪو سوير ويندو هيو اهو ٻه چار تغاريون ڀري وٺندو هئو، سويل ان ڪري اچبو هو ته ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ڪو ٻيو گهڻا ڇيڻا ميڙي وڃي ۽ پوءِ ٻارڻ جي پورت نه ٿئي. ڇيڻا کڻي امان کي ڏيندا هئاسين، امان اهي ڀت تي ٿڦيندي هئي جيڪي ٻن ٽن ڏينهن ۾ واري واري سان سڪندا ۽ چلهه جي حوالي ٿيندا هئا. ايئن ڪرڻ سان ڪاٺين جو خرچ بچي پوندو هئو.
پاڻيءَ جو مسئلو
ٻيو مسئلو پاڻيءَ جو هوندو هئو. ان وقت تائين شهر ۾ واپڊا جي بجلي اچي چڪي هئي ۽ واٽر سپلاءِ جو سسٽم به جڙي چڪو هئو. ليڪن ڇاڪاڻ ته ايترا پئسا به اسان وٽ ڪونه هئا جو ٽائون ڪميٽيءَ ۾ جمع ڪرائي پائيپ وٺي پاڻيءَ جي سهولت حاصل ڪجي تنهن ڪري منهنجي اها به ذميواري هوندي هئي ته صبح جو ٻارڻ جو بندوبست ڪرڻ کانپوءِ ٻه دفعا کوهه جو چڪر هڻندو هئس. جيئن صبح ساڻ ئي پاڻي گهر ۾ ميسر ڪريان. وري ساڳيا ڪپڙا-اڌ صاف اڌ ميرا، اگهاڙين پيرين، ڦرهي ۽ سليٽ هٿ ۾ کڻي اسڪول وڃي پڄندو هئس. گهر جي ڪم جي ڪري اڪثر دير سان پهچندو هئس. اسڪول جي اسيمبلي ۾ غير حاضريءَ جي سزا پنهنجي ڪلاس جي سڀني ساٿين جي سامهون ڀوڳڻي پوندي هئي. پر مون کي پڙهڻ جو شوق انتهائي حد تائين هوندو هئو ۽ ڪلاس ۾ تقريبن ٽئين نمبر تي هوندو هئس.پهرين نمبر تي قادر بخش خميساڻي ۽ ٻئي نمبر تي ابوالحسن سولنگي هوندو هئو. اسڪول ۾ پهرين درجي کان پنجين درجي تائين اهي ۽ اسين ڪلاس فيلو رهياسين. ان کان پوءِ مون کي خبر پئي ته قادر بخش وارا سيوهڻ ڇڏي ڪراچيءَ هليا ويا آهن ۽ وري ساڻن ملاقات ڪونه ٿي سگهي آهي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ياد ايندا آهن.
پرائمريءَ جا ڪجهه دوست
• قادر بخش جو ذڪر مٿي ڪري چڪو آهيان.
• ابوالحسن سولنگي:
سولنگي ننڍي هوندي کان سلڇڻو هئو ۽ انتهائي خوبصورت ڇوڪرن ۾ هن جو شمار ٿيندو هئو. سندس والد جو انتقال ٿي چڪو هئو. شايد سندس مامي عطا محمد سولنگيءَ هن کي نپايو ۽ پڙهايو. پاڻ اسان جي ڪلاس ۾ واحد شاگرد هئو، جيڪو ٽئين درجي کان وٺي سائيڪل تي ايندو هو. قد ننڍو ۽ سائيڪل وڏي! ان ڪري ان کي گديءَ تي ويهي ڪونه هلائيندو هئو. پر ڪينچيءَ تي هلائيندو هئو، سائيڪل جي ڏنڊي اندران ٽنگ ٽپائي ٻي ٽنگ پيڊل تي رکي هلائڻ کي ڪينچيءَ تي سائيڪل هلائڻ چوندا هئاسين.
• الهڏنو سمون:
الهڏنو سمون چاچي ڪوڙي سمي جو پٽ هئو. سندن مائٽي امان جي مائٽن يعني لوڙهائين (ٻگهين) سان هئي ۽ سندن گهر به گڏ هئا. ان ڪري ساڻن ڪجهه پري جي مائٽي به هئي. جنهن جي ڪري پاڻ ۾ گهرا هوندا هئاسين پر هو اسڪول مان ڀڄڻ جو ماهر هئو، ۽ گهران اسڪول لاءِ نڪري، گم ٿي ويندو هئو. ان ڪري سدائين پيو مائٽن ۽ استادن جي مار کائيندو هئو. مان وري سندس انهن حرڪتن کان پري، صرف اسڪول جي وقت ۾ هن سان گڏ هوندو هئس. ڪڏهن ڪڏهن شام جو وقت ملندو هئو ته گڏجي پيا رلندا هئاسين. ننڍي ٻار جي گهمڻ کي به الئه ڇو رلڻ چيو ويندو آهي؟! مان پنجين درجي کان پوءِ پڙهائي جاري رکي نه سگهيس انهن سببن بابت اڳتي هلي لکندس.
هن عشق جي انداز کي...
الهڏنو سيوهڻ مان مئٽرڪ پاس ڪري ڪراچيءَ پنهنجي چاچي وٽ وڃي رهيو ۽ وڌيڪ اتي ئي تعليم حاصل ڪيائين. سندس چاچو رسول بخش سمون جيڪو اسٽيٽ لائيف ڪراچيءَ جو جنرل مئنيجر به رهيو. گهڻي وقت کان پوءِ خبر پئي ته الهڏني کي سنڌي لئنگئيج ٽيچر جي نوڪري ملي هئي. جيئن ڪراچيءَ ويو ته سيوهڻ وري سالن جا سال ڪونه وريو. چاچي جي گهر ۾ سندس هڪ سئوٽِ سان عشق ٿي ويو. شايد هڪ طرفو عشق هو سو انهن (ڇوڪريءَ جي گهر وارن) جي پيو خدمت چاڪري ڪندو هئو، پوءِ سندس چاچي، کيس ميڊيڪل اسٽور ۽ جنرل اسٽور ننڍي پئماني تي کولي ڏنو، چنيسر ڳوٺ ۾ جتي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي. ڇاڪاڻ ته ننڍي هوندي جو دوست هئو ۽ ٿوري گهڻي پَري جي مائٽي به هئي ان ڪري پاڻ ۾ بي تڪلفي ساڳي هئي. ان ٻڌايو ته چاچي وارو اسٽور ڊيوٽيءَ کانپوءِ کوليندو آهيان. مان جيڪو به ڪمائيندو آهيان کين ڏيندو آهيان مان پنهنجو گذر سفر SLT (سنڌي لئنگئيج ٽيچر) جي نوڪريءَ جي پگهار مان ڪندو آهيان، بس يار دعا ڪر ننڍي هوندي کان خواهش آهي ته سئوٽِ سان پرڻو ٿي پوي. مون ان کانسواءِ زندگيءَ ۾ ڪنهن به ڇوڪريءَ کي نه چاهيو آهي ڪنهن ٻيءَ ڏانهن اک کڻي ڏٺو هجيم ته حرام!
جڏهن کان اک لڳي توسان
تڏهن کان اک لڳي ناهي.
(احمد خان مدهوش)
اها ڪيفيت هوندي هئس. پوءِ منهنجي الهڏني سان جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته سندس زبان تي سندس محبوبه جو ذڪر هوندو هئو. هِن اهو رشتو گهريو به ۽ کيس آسرو به ڏنو ويو شايد ان ڪري جو ڇوڪريءَ جي مالڪن کي دڪان هلائڻ لاءِ ڪم ڪار واسطي ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. پوءِ هيءُ صرف آسرن ۾ رهيو ۽ جڏهن مون کيس چيو ته هينئر ته تنهنجي عمر، ڀريا پنجيتاليهه سال آهي! ڇا مسئلو آهي جو اڃا پرڻائي نه ٿا ڏينئي؟! سندس چوڻ هئو ته منهنجو ننڍو ڀاءُ؛ حسين بخش-جيڪو مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيوآهي ۽ راقم الحروف به 1984 کان 1986 تائين مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ٻه سال نوڪري ڪئي هئي. هڪ ڳوٺ جا به هئاسين ۽ ٻيو حسين بخش منهنجي يار الهڏني جو ڀاءُ هو. سو اسان جي به پاڻ ۾ دوستي ٿي ويئي ان جي معرفت الهڏني جي خبر پوندي هئي. حسين بخش هاڻي دبئي ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ جي ڪنهن فرم ۾ انجنيئر آهي.
الهڏني جي مطابق ته؛ چاچي وارن جو چوڻ آهي ته ننڍي ڌيءَ سان حسين بخش شادي ڪندو ته توکي به ڏينداسين مگر حسين بخش کي شايد اهو رشتو پسند ڪونه هئو جنهن جي ڪري اهو سلسلو ڪونه جڙي سگهيو ۽ هن همراهه پنهنجي سئوٽِ جي سچي عشق ۽ محبت ۾ ٽيهه سال انتظار ڪري ڪري نيٺ عذابن ۽ آسرن جو عادي ٿي ويو. ۽ پوءِ به هڪ طرفي عشق ۾ مبتلا رهي سندن گهر جي چاڪريءَ ۾ مصروف رهيو. سندن دڪان تي روزانو ڊيوٽي ڏيڻ ۽ سندن گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ ۾ ان حد تائين مگن رهيو جو ان کان پنهنجا ماءُ، پيءُ، ڀيڻ، ڀائر، مٽ مائٽ، عزيز، دوست سنگتي ساٿي به وسري چڪا هئا. سندس چاچو ان جو خاندان ۽ اهو نامراد عشق ئي، سندس ڪُل ڪائنات هُئي ۽ ايئن پنجاهه سالن جي عمر تائين انتظار ڪندو ڪندو، سوچيندو، صدما سهندو پنهنجي دل کي جهوريندو رهيو ۽ آخرڪار برهه جي بيماريءَ مان دل جو مريض ٿي ويو. ڪڇيو پڇيو رڳو ايترو ته؛ ”ڪل حياتي پرينءَ جي در تي قربان ڪيم.“ آس رڳو اها رهيم ته:
نـــيڻ آلا اگــهي ته به چـــڱو
ٿورو مرڪي کلي ته به چڱو
(احمد سولنگي)
الوداع
هڪ ڏينهن خبر پئي ته هن همراهه پنهنجو آخري سفر اتي ئي پورو ڪيو ۽ سندس لاش ڳوٺ پهتو. محبوب جي ٻانهن ۾ نه سهي سندس در جي چانئٺ تي ته دم ڏنائين. هيءُ سٽون لکندي منهنجي اکين مان پاڻي وهي رهيو آهي ۽ سوچيان پيو ته عشق ۽ پيار جا قصا ته ڏاڍا ٻڌاسين، ڪهاڻيون به پڙهيوسين. ڪيترن ئي عاشق معشوقن، عشق جي داستانن جي سچي تاريخ رقم ڪئي ۽ تاريخ جو حصو ٿي ويا پر هيءُ ته ڏسو اڪيلو عاشق بنا سهاري جي، بنا معشوق جي آٿت جي، رڳو آسرن ۾ تڙپي تڙپي مري ويو ته تاريخ ان کي ڪهڙن لفظن ۾ ياد رکندي؟! شايد هيءُ داستان پڙهي ۽ پوءِ مؤرخ ۽ عشقيه داستان جو ڪو محقق ان تي ڪا راءِ قائم ڪري هن ڪردار کي تاريخ ۾ محفوظ ڪري سگهي!
اناج جو واپار، هندو ۽ پنجهٺ واري جنگ
آهستي آهستي منهنجي وڏن ڀائرن غلام حسين ابڙو ،غلام قادر ابڙو، ڪريم بخش ابڙو ۽ محمد اسحاق ابڙو-جيڪي هاڻي جوان ٿي چڪا هئا باقي ٻه ننڍاڀائر به چڱا سمجهدار ۽ ڪم ڪار جهڙا هئا. انهن به ڪجهه ڪم ۽ واپار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي بابا ۽ وڏي ڀاءُ اناج ۽ سرنهن جو واپار شروع ڪيو. ان وقت راتو رات اٺن جون قطارون اناج ۽ سرنهن کڻي ايندا هئا. گهر تمام وڏو هوندو هئو، اُتي سمورو اناج جمع ڪندا ويندا هئاسين، جڏهن ٽرڪ جيترو مال گڏ ٿي ويندو هئو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾، جتي هندو واپاري هوندا هئا، انهن کي پنهنجو سڄو مال ڏياري موڪليندا هئاسين، ائين اهو ڪاروبار هلندو پي هليو ته اچانڪ 1965ع واريءَ جنگ جا اوڀر کان اوٿر اٿيا، هندو واپارين چيو ته اگهه گهٽ آهن ۽ مٿان جنگ جي افراتفري لڳي پئي آهي. اسان واپاري اوهان جي ٻُڌايل اگهه تي اناج وٺي نه ٿا سگهون ۽ نه ئي اڳيان اناج جي نيڪالي ڪري سگهون ٿا. جنگ سبب اسان مجبور آهيون. بابا وڏيءَ سوچ، ويچار ۽ ڊگهي نظر کان پوءِ فيصلو ڪيو ته بابا مال رکي ڇڏيو، هي وقت مال جي نيڪالي جو نه آهي، ان لاءِ مال کي هن وقت وڪڻڻ مناسب نه آهي، بابا وڌيڪ چيو ته مال رکي ڇڏيو، نه وڪڻو شايد، اهي هندو واپاري ڪميشن تي ڪم ڪندا هئا. بابا منع ڪئي ته مال نه وڪڻو ۽ جنگ ختم ٿئي، حالتون ٺيڪ ٿين پوءِ مال وڪڻنداسين، اسان کي هرو ڀرو تڪڙ ڪونه آهي. باقي مال نقصان ۾ ڪونه وڪڻنداسين ۽ ائين جنگ هلندي، وڏن شهرن ۾ ڪڻڪَ، سرنهن ۽ ٻئي اناج جي چرپر ختم ٿي ويئي. ڪجهه ڏينهن ۾ جنگ بندي به ٿي ويئي ۽ مال جي گُهرج وڌي ويئي ۽ اگهه به چوٽ چڙهي ويا. هندن واپارين ڇا ڪيو جو اهو اسان جو سمورو مال جيڪو ان وقت تقريبن ڏهه کن ٽرڪون ڪڻڪ ۽ ايتري ئي سرنهن هئي، جيڪا هندو واپارين اسان جي بنا اجازت جي وڪڻي ۽ پئسا اسان کي ڏياري موڪليا، جنهن ۾ هندو واپارين اصل خرچ مُورَ مان 1965ع ۾ اٽڪل 22 هزار رپين جو خسارو ڏيکاريو ۽ اهي واپاري ڏوڪڙن جي لالچ ۾ اچي ايمان کي وڪرو ڪري بيمان ٿي پيا، چوندا آهن ته ايمان مهمان هوندو آهي پر اسان جي ميزبان هندو واپارين اسان جهڙن ننڍڙن اناج جي ميڙيندڙن سان اهڙو دغا جو داستان کوليو، جو ان حساب ڪتاب جون بند ٿيل ڳاڙهيون بنديون اسان کي اڄ تائين هٿ نه اچي سگهيون آهن. ايمانداري بيماني کان شروع ٿي ڪنهن به پُڄاڻي تي پهچي سگهي ٿي! ايمانداريءَ ۽ بيماني جو ڪوبه ڌرم يا مذهب نه ٿيندو آهي نه ڪا ذات، پات ۽ نه ئي ڪو رنگ نسل ٿيندو آهي. اسان جي خاندان ان عارضي نقصان کي ڪيترو برداشت ڪيو يا ان عارضي نقصان سبب اسان جي خاندان ڪيتري تڪليف کي پرايو اهو هڪ الڳ داستان آهي، معاملو مسلمان يا ڪنهن هندو جو نه آهي معاملو نقصان، ايمان ۽ بيمانيءَ جو ئي سمجهڻ گهرجي. جنهن کي اسان گذريل مُنيءَ صديءَ کان وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهيون.
منهنجي خيال ۾ هندو جاتي ورهاڱي جي تباهه ڪاريءَ سبب ڪَڻو ڪَڻو ٿي وئي جنهن جو اوس نقصان سنڌي قوم جي حيثيت سان فقط سنڌ سَٺو آهي، سنڌ جا هندو عالم، اديب، ٻولي دان، شاعر، ليکاري، مصور، ستگتراش، راڳي، ڊاڪٽر ۽ استاد ورهاڱي سبب ٻن سرحدن اندر ورهائجي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو اڌ حصو مفلوج ٿي ويو ۽ سنڌ جو سڄو وچون ڪلاس متحد ۽ منظم نه هئڻ سبب هتي سنڌ اندر وڏيرا شاهيءَ کي وڏي هٿي ملي وئي. اڄ ڏينهن تائين سنڌ مڪمل طور تي پنهنجي وچين ڪلاس جي وڃائڻ کان پوءِ وڏيرا شاهيءَ منجهان پنهنجي جند آجي ڪري نه سگهي آهي. باقي خود غرض واپاري هر قوم ۽ مذهب ۾ ٿي سگهن ٿا.
جن هندو واپارين اسان کي 1965ع دوران نج وڻج واپار ۾ مالي نقصان ڏنو اهڙا ڪٺور، ڪوڙا ۽ بيمان واپاري اڄ به سنڌ جي هر طبقي ۾ موجود آهن، جن کي نه وطن، نه ماڻهن ۽ نه ئي پنهنجي مريادا جي گهڻي گُهرج هوندي آهي.
عشق جا پنڌ ۽ بابا جون ارڏايون
انهن هندو سيٺين اسان کي ايڏو مالي نقصان ڏنو باقي جيڪا رقم ملي اها به انهن جي پويان ڪيسن ۽ ڦڏن جي نذر ٿي ويئي ۽ اهو ڦڏو ايترو ته هليو جو ان ۾ نوابشاهه جو مشهور وڪيل قاضي تقي صاحب به ملوث ٿيو. جيڪو پير سائين پاڳاري جو خاص ماڻهو هئو. انهن هندن مان هڪ جو نالو مون کي ياد ٿو اچي، اهو هئو؛ مول چند! باقي هن جا ٻيا مائٽ ڪراچيءَ ۾ رهندا هئا. مولچند الائي ڪهڙيءَ طرح قاضي تقيءَ کي پنهنجو ڪيو ڇو ته هندو واپارين تي ڪوٽڙيءَ جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيوسين جيڪي هر تاريخ تي ايندا هئا ۽ اچي اچي بيزار ٿي پيا هئا ان جهڳ جهڳان کي ٽي سال گذري ويا ان وچ ۾ بابا سائين کي هڪ ڇوڪري پسند اچي ويئي ان جا والدين بابا کان پئسا وغيره وٺي کائيندا هئا. جڏهن شاديءَ لاءِ چيائين ته ان جي مائٽن انڪار ڪري ڇڏيو. ۽ ڇوڪري لڪائي ڇڏيائون.
اسان جو والد سائين انتهائي خوبصورت انسان هئو. شايد اهڙو جوان سڄي شهر ۾ نه هجي ۽ انتهائي جذباتي ۽ خوددار قسم جو ماڻهو هوندو هئو. هن کي جيئن جواب مليو هن دادوءَ جي عدالت مان سرچ وارنٽ ڪڍرائي پوليس وٺي اچي گهربل ڇوڪري بازياب ڪرائي ۽ ٻئي ڏينهن دادوءَ جي عدالت ۾ نڪاح وجهي ڇڏيائين. پٺيان لوڪل پوليس ۾ اغوا ۽ ڦر جو ڪيس سائين صادق علي شاهه سبزواريءَ جي چوڻ تي بابا جي خلاف داخل ٿيو. هاڻ بابا سان ٽئي وڏا ڀائر؛ غلام حسين، غلام قادر ۽ ڪريم بخش گڏ هئا ۽ تقريبن ڇهن مهينن تائين ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڳڙهي ياسين جي پاسي ابڙن جا وڏا ڳوٺ هئا، انهن وٽ وڃي رهيا. جيستائين ڪيس وغيره ختم ٿين يا ضمانتون ٿين تيستائين هو ته رهيا روپوش. ان وچ ۾ هندو واپارين قاضي تقيءَ جي معرفت وڃي پير سائين پاڳاري کي چيو ته اسان هندن جي هنن ابڙن مان جان ڇڏرايو. پير پاڳاري جو هڪ مريد هالا ٿاڻي تي ان وقت ايس ايڇ او طور لڳل هئو. جنهن ايف آءِ آر داخل ڪري اچي سيوهڻ ۾ ڇاپو هنيو ۽ ان وقت وڏن مردن مان ڪير ڪونه مِلين جو اهي لِڪل هئا باقي مون کان وڏو ڀاءُ محمد اسحاق ابڙو کي گرفتار ڪري هالا ٿاڻي تي چوريءَ جي ڪيس ۾ بند ڪرايائون ۽ اهو پيغام موڪليائون ته هندو واپارين تان ڪيس ختم ڪريو. جيئن ته گهر جا سڀ وڏا روپوش هئا ۽ ڪنهن به فرد کي ان معاملي جي ڄاڻ نه پئجي سگهي ۽ ايئن چوڏهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ادا محمد اسحاق هالا لاڪپ ۽ سب جيل ۾ ڇهه مهينا گذاريا ۽ آخر ۾ ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيو ۽ هالا عدالت جي جج، هن کي بي قصور ڄاڻائي آزاد ڪري ڇڏيو. ان عمل جي جڏهن بابا کي خبر پئي ته پوءِ اهو طي ڪيو ويو ته ڪوڙو ڪيس ڪيو اٿن اسان ته هنن تي سچو ڪيس داخل ڪيو هئو. هاڻي هڪ ڪوڙو ڪيس آءٌ به ڪندس پوءِ ڀلي اچي پير صاحب ۽ قاضي تقي هنن کي ڇڏائين! ۽ ايئن بابا سائين وڏي ڀاءُ سان گڏجي ۽ هڪ همراهه فقير محمد چنا جيڪو ڳوٺ بچل چنا جو رهواسي هئو ۽ بابا جو دوست به هئو انهن سڀني صلاح ڪئي ته هندو واپارين اسان جي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي صغير ٻار کي ڇهه مهينا ٿاڻن ۽ جيلن جا دروازا ڏيکاريا هاڻي هنن کي به ڪا سيکت ڏجي. مٿي مون ذڪر ڪيو آهي ته بابا جڏهن ٻي شاديءَ واري مسئلي ۾ ٽن وڏن پٽن سميت روپوش ٿي ويو ته پوءِ هالا جي پوليس چوڏهن سالن جي محمد اسحاق کي گرفتار ڪري ويئي باقي گهر ۾ ٽي ننڍا ٻار ۽ امان رهياسين، ڪير به پرگهور لهڻ وارو ڪونه هئو. سبب اهو ته، بابا کي نه ڪو ڀاءُ هئو نه ڪو چاچو، نه ڪو مامون، نه ڪو سؤٽ ۽ امان کي به صرف هڪ ڀاءُ هئو سو به سيلاني فقير ۽ غير شادي شده، آزاد پکي. جتي ڪو سايو مليس ان جي ڇانو ۾ ويهي رهيو سڀني رشتن کان بي نياز! هاڻي ڇا ڪجي؟ پوءِ اسان ڪافي وقت ته بکن ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا هئاسين. اسان جو گذر سفر ڏاڍو اڻائو هوندو هئو مونکي ياد آهي ته مڪئي سڪائي جنڊ ۾ پيهي ان جي ماني کائيندا هئاسين. هي اهو وقت هئو جڏهن مڪئي کي ڪا اهميت ڪونه هوندي هئي.
وقت گذرندو رهيو. آخرڪار هڪ عزيز آيو ان جو ڳوٺ ميان موٽڻ، لڳ بختيار پور هيو. ۽ هن عزيز اسان سڀني کي پنهنجي ڳوٺ وٺي اچي پنهنجي گهر ۾ رهايو سندس نالو پيرل ابڙو هئو. اسين کيس ماما پيرل ڪري سڏيندا هئاسين، ۽ ڪافي مهينا اتي رهڻ بعد هوريان هوريان مسئلا ٺيڪ ٿيندا ويا ۽ جيڪا بابا شادي ڪئي ان اچي ڪورٽ ۾ بيان ڏنو ته مون پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪئي آهي ان بنياد تي داخل اغوا ۽ ڦر جي FIR سڀني تان ختم ٿي ۽ اچي سيوهڻ ۾ رهياسين پر هڪ ته ٻانهن وارو ڪيس ٻيو وري هندو واپارين تي ڪيس ۽ هندو واپارين وري جيڪو ڪوڙي ڪيس ۾ ڀاءُ کي جيل ۾ وجهايو، سو جيڪا وقتي طرح خوشحالي آئي اها ختم ٿيندي ويئي سبب اهو هئو ته بابا سائين ڪنهن جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندو هئو.
سيوهڻ ڏانهن واپسي ۽ هندن تي ڪيس
بابا ۽ ڀائرن جي ظاهر ٿيڻ بعد واپس سيوهڻ آياسين ۽ بابا، هڪ ڪيس هندو واپارين جي ڪوڙي ڪيس جي جواب ۾ داخل ڪرايو. اهو به ڪوڙو ڪيس هو. ليڪن دشمني، جنگ ۽ محبت ۾ ”سڀ جائز“ جي مصداق بابا ۽ وڏي ڀاءُ غلام حسين هڪ پروگرام ٺاهيو ۽ ان ۾ بابا جو هڪ دوست فقير محمد چنو ويٺل ڳوٺ بچل چنا، لڳ سيوهڻ کي به شريڪ ڪيائون. فقير محمد چنو عرف ”فقيرو چنو“ کير جو واپار ڪندو هئو. چَنن مان کير وٺي سيوهڻ شهر ۾ پيرين پنڌ وڪڻڻ ويندو هو پوءِ ترقي ڪري سائيڪل تي اچي هوٽل وارن کي کير، ٻول تي وڪڻندو هئو.
مٿي مون عرض ڪيو ته هندن تي اسان پنهنجي پئسن جي واپسيءَ لاءِ ڪيس داخل ڪيو هيو. ان ڪيس ۾ فريادي اسان جو وڏو ڀاءُ غلام حسين هئو ۽ شاهدن ۾ به فقير محمد چنو ۽ ٻيو عنايت الله سومرو هئو. دادو سيشن ڪورٽ ۾ داخل ڪيس کي هندن، درخواست ڏيئي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ڪرايو. ڇوته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي هندو واپارين کي ڪوٽڙيءَ ۾ سهولت ٿيندي هئي. 1960ع جي ڏهاڪي ۾ هيءُ روڊ رستا جيڪي حيدرآباد يا ڪراچيءَ کان سيوهڻ ۽ دادو وڃڻ ۾ وقت وڌيڪ وٺندا هئا. ڇاڪاڻ ته رستا خراب ۽ ڪچا هوندا هئا.
پلاند لاءِ منصوبابندي
پروگرام مطابق جيئن ايڊيشنل سيشن جج وٽ تاريخ ختم ٿي ته اسان جي رٿيل هٿرادو منصوبي جي مطابق؛ ”منهنجي ڀاءُ غلام حسين کي ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪري وليزجيپ ۾ اغوا ڪيو. ان وقت ته سواءِ بابا ۽ ادا غلام حسين جي صرف هڪ خبر فقير محمد چنا کي هئي. جيڪو ان ڪيس جو فريادي پڻ ٿيو ٻيو ڪنهن کي ڪا خبر ڪونه هئي ٻيا ڀائر ۽ گهر وارا بلڪل بي خبر هئا اهو لڳ ڀڳ 1969ع جو واقعو آهي. چئن ئي هندن ۽ اڻ ڄاڻايل ماڻهن خلاف FIR درج ڪئي ويئي. اغوا جي FIR، ڪوٽڙي شهر جي ڪورٽ کان نڪرڻ کان پوءِ چوڪ تي ڏيکاريل واقعي جي مطابق هئي. جتي سڄي شهر جي ماڻهن فائرنگ ۽ هڪ نوجوان ڇوڪري جو اغوا ٿيندي ۽ هٿيار بند ۽ جيپ پنهنجي اکين سان ڏٺي. ان ڪري اهو منصوبو هوبهو سچو نظر آيو. ان وقت ۾ ڪميونيڪيشن ايتري تيز ڪونه هئي ٻه ٽي سنڌي اخبارون هونديون هيون. جن مان مون کي ياد آهي ته اها خبر، عبرت اخبار ۾ ڇپي هئي. پوليس SP صاحب جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ۾ هندن (سيٺين جيڪي ڪميشن ايجنٽ هئا) جي گهر ڇاپا هنيا ۽ اتان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪيس ۾ نامزد هندن جي گهر ڇاپا هنيا هڪڙا ته گرفتار ٿيا باقي ٻيا روپوش ٿي ويا. هندو واپارين جي ڪافي بيعزتي ٿي! پئسي ۽ اثر رسوخ جي ڪري هندن جي چند هفتن ۾ ضمانت ٿي ويئي. هڪ ته هندو ماڻهو ۽ مٿان وري واپاري-ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هنن اهو واقعو ڪيئن ڪيو يا ڪرايو هوندو؟!... پوءِ اسان جي والد جو دوست فقيرمحمد چنو ڪجهه طي ڪري بيان ۾ اهو چيو ته همراهه اغوا ته ٿيو آهي باقي هنن گرفتار ٿيل ماڻهن جي شڪل مون کي چڱي طرح ياد ڪونه ٿي اچي ايئن هو ضمانت تي ته آزاد ٿيا ليڪن ڪيس ته پنهنجي جاءِ تي هلندو رهيو. بابا تي به ڪافي زور ۽ دٻاءُ پيو پوءِ ڇهن مهينن جي وٿيءَ سان ادا غلام حسين کي منظر تي آندو ويو ۽ اهو به ان منصوبي تحت ته هن کي روڊ تي ڪجهه اجنبي ماڻهو اڇلائي ويا، ادا اغوا واري ڪيس ۾ ڪنهن دوست وٽ لڪيل جو هيو ته هن پاڻ کي بک ۽ تڪليف ڏئي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو؛ اکيون ڏرا ڏنل، ڏاڙهي وڌيل، پيرن ۽ هٿن جا ننهن وڌيل، ڪپڙا ميرا، مٿي جا وار چيڙهيون هڻي ويل-ڇو جو ڪافي مهينن کان تڙ ڪرڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. اغوا جو ڪيس سچو ثابت ڪرڻ لاءِ اهو سڀڪجهه ڪرڻو پيو. جنهن مهل بازياب ٿيو ته ڪنهن ڪونه محسوس ڪيو ته هي ڪو هٿرادو ڪيس آهي. پوليس کي ان حالت ۾ هٿ آيو جو بک ۽ ڪمزوريءَ جي ڪري هو بي هوش ٿي ويو. پوليس کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو. هوش ۾ آيو ته هن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. پوليس بابا کي اطلاع ڏنو ته اسان تنهنجي پٽ کي بازياب ڪرايو آهي اچي وٺي وڃيس، ٻئي ڏينهن مئجسٽريٽ جي اڳيان 164 جو بيان ٿيو ۽ پوليس به پنهنجي انڪوائري ڪري ادا کي بابا جي حوالي ڪيو پوءِ ٿيو ايئن ته فقير محمد چنو وري هندو سيٺين کان وڌيڪ پئسا وٺي ڦِري ويو ۽ ايئن ڪجهه وقت کان پوءِ ڪيس ختم ٿي ويو.
پڙهائي، پورهيو ۽ ڪشالا
انهن ڪيسن ۽ ڦڏن جي ڪري ڪافي تڪليف ۽ تنگيءَ ٿي ويئي. مون پنج درجا 1968ع ۾ پاس ڪيا ليڪن ڇهين درجي-جنهن کي اسين انگريزيءَ جو پهريون درجو چوندا هئاسين ۾ داخلا ڪونه وٺي سگهيس ۽ ايئن غربت وري گهيرو تنگ ڪيو!چوندا آهن ته جنهن کي تباه ڪرڻو هجي ته ان کان ڪيس ڪرائجن، پر بابا جو اهو چوڻ ته پنهنجي حق جي ڳالهه لاءِ وڙهو پوءِ اها ڪيسن ۽ ڦڏن جي صورت ۾ به هجي تڏهن به ڪرڻ گهرجي ايئن ڪمزور نه ٿجي جو ماڻهو پنهنجي وجود کي به بار سمجهڻ لڳي.
ظاهر آهي بک ۽ فاقن وري اچي اسان جي اڱڻ تي ديرا ڄمايا ۽ مان پڙهائي ڇڏي هوٽل ۾ مزدوري ڪرڻ لڳس. سيوهڻ شهر جو لاري اڏو ان وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ريسٽ هائوس جي سامهون ۽ ڪورٽ جي اڳيان هوندو هو. ان اڏي تي هڪڙي هوٽل ڪچي، بانس جي لڪڙن ۽ ٽُئن سان ٺهيل هوندي هئي. ٻه لاريون دادو سيوهڻ ٻه چڪر ۽ هڪ لاري حيدرآباد سيوهڻ ۽ هڪ SRTC جي لاري هوندي هئي، جن تي مسافر ايندا ويندا هئا. اتي مونکي هوٽل جا ٿانو ڌوئڻ جو ڪم مليو. معاوضي طور تي ماني ملندي هئي. ڪڏهن رات جو ماني ۽ ڀاڄي اگر بچندي هئي ته گهر کڻي ويندو هئس ۽ هڪ رُپيو روزانو مزدوري به ملندي هئي. ان وقت هڪ رُپئي جي چڱي اهميت هوندي هئي جو گهر جي خرچ ۾ ڪافي سهنجائي ٿي ويندي هئي. ڪافي وقت هوٽل تي مزدوريءَ کان پوءِ وڏي ڀاءُ غلام حسين برف جو ڊيپو کوليو. ان وقت سيوهڻ ننڍو شهر هئو جتي برف جو ڪارخانو به ڪونه هئو. اها 1971ع جي ڳالهه آهي! برف، دادوءَ جي ڪارخاني مان ايندي هئي. پهرين ته ٿوري گهرائيندا هئاسين. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ان وقت هڪ ريل گاڏي ڪوٽڙيءَ کان لاڙڪاڻي روٽ تي هلندي هئي سا به رات جو! ان جو نالو ريل ڪار هوندو هئو. ننڍي چئن کان ڇهن دٻن واري اها ريل ڪار، جنهن جو اندران ڊگهو بس وانگر دٻو هوندو هئو. مان سمجهان ٿو ته ان وقت اهڙي قسم جون گاڏيون يورپ ۾ هلنديون هيون جو پوءِ جڏهن آءٌ يورپ جي ڪجهه ملڪن جي سفر تي ويس ته اتي ان قسم جون گاڏيون نظر آيون، ان ۾ چڙهي دادوءَ وڃبو هئو ۽ ان گاڏيءَ ۾ ئي برف جا ڪجهه ڪين ايندا هئا اهو ڪم ڪافي وقت هلندو رهيو پوءِ آهستي آهستي برف جي گهرج وڌندي رهي ۽ برف لاءِ ٽرڪ جو انتظام ڪرڻو پيو. اها ٽرڪ برف سان ڀريل هوندي هئي. جنهن ۾ اندازن چئن مڻن جا ڪين پنجاهه جي لڳ ڀڳ هوندا هئا. اهي پنجاهه ڪين اسين ٻه ڄڻا ٽرڪ مان لاهي رکندا هئاسين هڪ مزدور ۽ هڪ مان! ڇاڪاڻ ته ان وقت مان 15-16 سالن جو ڇوڪراٽ هئس، صفا صحت مند، ننڍي هوندي کان ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪري سخت جسامت رکندڙ! پوءِ وڏي ڀاءُ مون کي برف جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو. برف جو ڪم هر طرح سان ڏکيو هوندو هئو. هڪ ته برف لاهڻ ڏکي، ڇو ته اگر ڪِري پئي ته ذرا ذرا ٿي پوي. ٻيو ته ان کي سنڀالي رکڻ، وري ان کي دڪاندارن، هوٽل وارن ۽ گاڏي وارن تائين پهچائڻ. اڪثر ڪري برف جي ڪم تان مزدور ڀڄي ويندا هئا. جو تمام ڏکي مزدوري هوندي هئي. جيستائين مزدور ملي ايستائين سمورو ڪم منهنجي حوالي هوندو هئو. برف ٽرڪ تان لاهڻ ان کي مخصوص ٺهيل هودين ۾ رکڻ، وري ان مٿان ڪاٺ جو ٻورو رکڻ يا بهه هڻي، هيٺان ڳوڻين جا پال يا تال پتريون رکي ان کي هوا کان بچائڻ ته جيئن برف ڳري نه وڃي. پوءِ جيئن ڪنهن دڪان جو آرڊر اچي، هڪ مڻ يا اڌ مڻ ته ان کي ڪلهي يا ڪنڌ تي رکي پڄائڻ! گوڏ ٻڌل ۽ بدن تي صرف گنجي پهريل هوندي هئي. برف جي مٿان ڳوڻ جي ٽڪري ويڙهيل! برف ۽ ان جو پاڻي بدن تي نيساري وانگر وهندو رهندو هو ۽ جڏهن دڪاندار وٽ پهچبو هو ته وري ڪيترا دفعا ايئن ٿيندو هو ته دڪاندار چوي ته تون دير ڪئي، سو ٻيو ڏيئي ويو آهي اوهان واپس کڻي وڃو ۽ ايئن وري واپس اچي رکندا هئاسين! چوڻ جو مقصد ته هر محنت طلب ڪم ۾ جفاڪشي تمام گهڻي ڪرڻي پوندي آهي. ۽ ٻيو نمبر ڀاءُ؛ غلام قادر وري ملهه جو شوقين هئو ۽ ملهه وڙهندو به هئو. پورهئي طور اهو پن جي ٻيڙي ٻڌڻ جو ڪم ڪندو هئو. ٽيون نمبر ڀاءُ؛ ڪريم بخش اهو حيدرآباد ۾ ڪنهن مل ۾ مزدوري ڪرڻ لڳو. چوٿون نمبر ڀاءُ؛ محمد اسحاق به غلام قادر سان گڏ پن جي ٻيڙين ٻڌڻ جو ڪم ڪندو هئو. مون کان ننڍو ڀاءُ ڌڻي بخش، پڙهندو هئو ايئن سڀ ڪم سان لڳي ويا ۽ گذر سفر ڪجهه سولو ٿيڻ لڳو. والد صاحب وري سبزين-جنهن ۾ بصر، پٽاٽا، واڱڻ اهي ٻڌا جو ٻڌا حيدرآباد موڪليندو هو مطلب ته ننڍي پئماني تي ڪم ڪار سان لڳي ويا ان ۾ وڏي ڀاءُ غلام حسين ۽ غلام قادر جون شاديون ٿيل هيون باقي ٻيا سڀ غير شادي شده هئا.
ڪالا نانگ سان مهاڏو ۽ اسان جي حڪمت عملي
برف جي ڊيپوءَ جي دوران هڪ واقعو ياد آيو آهي ته هڪ دفعي برف سان گڏ پاڪولا ڪمپنيءَ جي بوتلن جي ايجنسي به ملي. ان ۾ ادا غلام حسين ۽ زوار برڪت علي (جيڪو گورنمينٽ بس جو ڪنڊيڪٽر هئو) سان ڀائيواري ۾ ورتي. مون مٿي ذڪر ڪيو ته هندو واپارين جو جهيڙو اڃا مس جهڪو ٿيو هجي ته هڪ دفعو ڪراچيءَ مان ٻن گاڏين تي ڇهن کان اٺ بلوچ اچي سيوهڻ ۾ لٿا. ان وقت چون ٿا ته ڪراچيءَ جي لياريءَ جي علائقي ۾ هڪ وڏو بدمعاش پيدا ٿيو پوءِ ان جو نالو ”ڪالا نانگ“ جي نالي سان مشهور ٿيو، اهو به انهن ۾ هجي.
ڇاڪاڻ ته اسان جي دشمني ته رهندي هئي. ان ڪري اسين به هميشه هوشيار ۽ احتياط سان هلندا هئاسين. مان برف ۽ بوتلن جي ايجنسيءَ تي ويٺو هجان ته مڪراني همراهه پڇندا ڏس پتو وٺي اچي پهتا. پڇيائون غلام حسين ابڙو ڪاٿي آهي؟ اسين ڪراچيءَ مان آيا آهيون، هن سان ملڻو آهي. هنن جو پڇڻ جو انداز تمام خطرناڪ هجي مون هنن کي چيو ته توهان هتي ويهو مان وٺي ٿو اچانس مون وڃي ادا غلام حسين کي ٻڌايو هِن چيو منهنجا واقف ڪونه آهن باقي لڳي ٿو ته شايد ڀاڙيتا غنڊا هجن پر هنن کان پڇبو ڪونه. تون هنن کي چئه ته ڀاءُ غلام حسين ٿورو شهر کان ٻاهر ويل آهي. اوهان ڀلي شام اچو ملاقات ٿي ويندي اهو وقت صبح جو يارهين وڳي جي لڳ ڀڳ هجي. ان وقت اسان جو برف جو ڊيپو مارڪيٽ ڀرسان مجيد بليدي جي هوٽل واري گهٽيءَ ۾ پرائمري اسڪول واري پاسي هوندو هئو. ادا غلام حسين ڳوٺ بختيارپور-جيڪو آراضيءَ جي لڳ آهي ۽ ڇهن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، ڏانهن ماڻهو موڪليو ۽ اتان اسان پنهنجا عزيز ابڙا قبيلي جا ڏهه همراهه بندوقن سان گهرايا سين ٻه ٽي همراهه سيوهڻ مان، پنج ڇهه همراهه ڳوٺ ٻلهڻ مان گهرائي ورتا پوءِ صلاح اها ٿي ته چار همراهه دادو سيوهڻ پل تي بيهندا ان وقت ٽرئفڪ نه هئڻ جي برابر هوندي هئي. هي
70-1969ع جو واقعو آهي ۽ ڇهه همراهه سيوهڻ حيدرآباد ڇنڊڻ واهه واري پل تي بيهاريا ويا. ۽ باقي ڇهه ماڻهو ساڻ ڪري هنن جي اچڻ کان اڳ ۾ اچي ويهي رهيا. مڪراني قبيلي جو تمام گهڻو حلقو سيوهڻ ۾ پراڻو رهائش پذير آهي. ان چرپر جي هنن کي خبر پئي هنن بجاءِ برف جي ڊيپو اچڻ جي واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو پر سيوهڻ حيدرآباد پل تي هٿياربندن جو ناڪو لڳل هو.
اسان جي همراهن کي، هنن جي گاڏين جا پار پتا معلوم هئا ۽ هڪ اسان جو ڀاءُ انهن سان گڏ ويٺل هئو. روڊ رستا ڪچا هئا ۽ جيئن پري کان گاڏيون آيون ته اسان جي همراهن، هنن کي پري کان ڏسندي ئي چار پنج بندوقن جا هوائي فائر ڪيا. هو ڊڄي ويا ۽ واپس شهر ڏانهن موٽيا ۽ ڀڄي اچي سيوهڻ ۾ مڪرانين جي گهرن ۾ پناهه ورتائون. پوءِ گل محمد مڪراڻي جيڪو پوءِ ڊاڪٽر نذير جو سهرو به ٿيو ۽ حسن مڪراڻي جنهن جو هوٽل هئو ،اهي وچ ۾ پيا ۽ سائين صادق علي شاهه ڏانهن ويا ته هيءُ معاملو آهي ان جو حل ڪڍو. هوڏانهن اسان مڪراڻين ڏي نياپو ڪيو ته اهي اسان جا مهمان آهن، اسان جي حوالي ڪيو. پوءِ هنن ٻڌايو ته اسان غلام حسين کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪراچيءَ مان آياسين ليڪن هتي خبر پئي ته ابڙا به مڙس ماڻهو آهن اسين ان ڪري واپس پيا وڃون پر اوهان جا هٿيار بند ٻنهي پاسي ويٺا آهن ان ڪري اسان کان غلطي ٿي آهي اسان کي معافي ڏيو. ايئن اهو معاملو بنا ڪنهن جهيڙي ۽ نقصان جي ختم ٿي ويو.
الهه جڙيو سمون (ملهه)
شايد اها به 70-1969ع جي ڳالهه آهي؛ قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ ملاکڙو به لڳندو هئو ان ۾ سنڌ جا اول درجي جا ملهه شريڪ ٿيندا هئا جنهن ۾ شيرميربحر، الهه جڙيو سمون، انب شيدي، بکر شيدي، غلام قادر لغاري، غلام سرور جتوئي ۽ سمن شاهه جهڙا ناميارا پهلوان به ميدان ۾ لهندا هئا. ان ميلي ۾ ملاکڙي کانپوءِ پهلوان ميلو ۽ ان جي پسگردائي ۾ لڳل دڪان پيا گهمندا هئا. مون مٿي به ذڪر ڪيو ته ڪراچيءَ مان ان وقت مڪراني بلوچ تمام گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا. ان وقت ۾ پنجاب جا ماڻهو بلڪل گهٽ يا نه جي برابر ايندا هئا. هاڻي ته پنجاب جو ماڻهو ايترو ٿو اچي جو ميلي جي موقعي تي سيوهڻ جو شهر، ڄڻ پنجاب جو ڪو وڏو شهر لڳندو آهي. هڪ ڀيري ميلي تي هڪ مڪراني بلوچ جو ڪنهن ڳالهه تان الهه جڙئي سمي پهلوان سان ڦڏو ٿي پيو. هيءُ پهلوان اڪيلو ۽ مڪراني پنج-ڇهه ڄڻا هئا، سو هٿين پئجي ويا ۽ سمي تي حملو ڪري کيس مارڪٽ ڪيائون. سمي هوٽل جي چلهه مان ٻرندڙ هڪ بُنڊي کنئي ۽ هڪ همراهه جي مٿي تي وهائي ڪڍي ته همراهه ڍير ٿي پيو ۽ اتي ئي مري ويو ٻيا ڀڄي ويا ۽ پوءِ سمي پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو ۽ ڪيترو وقت سيوهڻ سب جيل ۾ هئو ڇاڪاڻ ته فريادي ڌر وارا زيارت لاءِ آيل هئا ۽ ڪراچيءَ جا هئا جهيڙو به اوچتو ٿيو پوءِ وري جهيڙي نه ٿيڻ جي واعدي سان پهرين ضمانت ٿيس! پوءِ ڪيس ختم ٿي ويو پر پهلوان جي هٿان هڪ ماڻهوءَ جو قتل، سو ٿي ويو.
سيوهڻ جي مارڪيٽ ۽ ڳاڙهي بازار
1971ع جي ڳالهه آهي جڏهن پاڪستان ۾ اڃا شراب ۽ ڳاڙهي بازار تي پابندي ڪونه هئي. منهنجي عمر مشڪل سان 14 کان 15 سال هئي. مارڪيٽ ۾ هڪ بلڊنگ هئي. جيڪا ضلع ڪائونسل ٺاهي جنهن ۾ پوءِ يو بي ايل بئنڪ کلي پوءِ سيوهڻ ضلعي ڪائونسل جو شاپنگ سينٽر ٺهيو. جيڪو بناوت ۾ گول هئو. چئن طرفن کان پڪا دڪان ۽ ان ۾ هوٽلون وغيره ٺهرايون ويون. ان ۾ هڪ وڏو هال يو بي ايل کي ڏنو ويو. پراڻي بلڊنگ خالي ٿي. جيڪا ادا غلام حسين برف جي ڊيپوءَ لاءِ ڪرائي تي ورتي اها بلڊنگ پراڻي مارڪيٽ جي مهڙ ۾ هئي ان کانپوءِ شاهي بازار شروع ٿيندي هئي کاٻي پاسي کان-۽ ان جي ساڄي پاسي ”ڳاڙهي بازار“ هوندي هئي پنجاب جون ڪجهه سهاڳڻيون ان بازار ۾ هونديون هيون. ان جي پويان جمن جتي سرڪار جو روضو ۽ ساڄي پاسي کان اڙل واه جو بچاءُ بند هوندو هو. ننڍي عمر ۾ پهريون دفعو اتي وڃڻ ٿيو. صرف اهو ڏسڻ لئه ته هتي ڇا ٿيندو آهي! ان دور ۾ اتي ڪنهن سهاڳڻيءَ تي هڪ معزز گهراڻي جو نوجوان اچي مفتون ٿيو. اهو نوجوان قاضي خاندان سان واسطو رکندڙ هئو. ان جوان، سهاڳڻيءَ سان شادي ڪئي ۽ ان سهاڳڻيءَ جنم به سيوهڻ جي ئي ڳاڙهيءَ بازار ۾ ورتو هو. ليڪن ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته ان سهاڳڻيءَ جڏهن پنهنجي پراڻي زندگي کي خيرآباد ڪري ان نوجوان سان شادي ڪئي ته وري ان سهاڳڻيءَ جي نه ڪنهن کي شڪل نظر آئي نه ان بابت ڪا ڳالهه ڪنهن جي زبان تي آئي. اها جدا ڳالهه آهي ته سماج جي نام نهاد سفيد پوشن ان عمل تي ٽوڪون ۽ ٺٺولون ڪيون ليڪن مڙس ماڻهو جڏهن فيصلو ڪندو آهي ته پوءِ ان تي مضبوط بيٺو هوندو آهي، دوستن جي تنقيد ۽ سماج جي ٽوڪن جو ڪو به اثر نه وٺندو آهي ۽ هڪ انسان هڪ اهڙي مجبور ۽ بي وس عورت جي زندگيءَ کي پل پل وڪڻڻ ۽ نيلام ٿيڻ کان بچائي ورتو. ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته معاشري ۾ ٺٺولين کان بالا تر ٿيڻ گهرجي. نام نهاد غيرت جي چڪر مان نڪرڻ گهرجي. ماڻهو پنهنجي سيني ۾ جهاتي پائي ته خبر پوندي ته هو انهن روز روز نيلام ٿيندڙ سهاڳڻين کان وڌيڪ هيٺ ۽ ننڍو نظر ايندو. پاڻ اهڙو ڪم جيڪو به ڪندو ته ڊاڙ هڻي پنهنجي وڏائي بيان ڪندو رهندو. ۽ دوستن ۽ معاشري جي ماڻهن کان ان ڊاڙ جو داد وٺڻ جي ڪوشش ڪري پاڻ کي سرخرو پيو ڪندو. ليڪن حقيقت اها آهي ته جي روز وڪامجندڙ عورت، بي غيرت ۽ رنڊي آهي ته خريدار کي ڪهڙي لسٽ ۾ بيهارجي؟! مان ان قاضي خاندان جي ان دوست جو نالو نه ٿو کڻان. پر پوءِ هو سيوهڻ مان پنهنجا گهر ۽ دڪان کپائي اچي گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ رهيو. ان کان پوءِ منهنجو ان سان رابطو ڪونه رهيو. ليڪن ايتري خبر آهي ته اهي زال مڙس پنهنجي اولاد ۽ ٻچن سان خوش آهن ۽ ايئن ان عورت کي عزت جي زندگي ۽ تحفظ فراهم ٿيو.
ادا غلام قادر پهلوان
منهنجي ٻيو نمبر وڏي ڀاءُ غلام قادر ابڙو کي ملهه جو تمام گهڻو شوق هوندو هئو. ليڪن غريب ماڻهو پهلوانيءَ جا شوق ڪيئن ڪري! سو سڄو ڏينهن مزوري ۽ شام جو ڪنهن ميلي تي، جي ملاکڙو آهي ته اتي بيٺو آهي. قد جو وچولو، وزن جو هلڪو! جڏهن ڪنهن پهلوان کي سندرو ڏيندو هئو ته سامهون ڄڻ ته ڪا ڏٻري فقراءَ بيٺي آهي سڀڪو چوندو هئس ته ڇو ٿو پنهنجو سر وڃرائين؟ ليڪن ملهه ٿيندي هئي ته سموري پنڊال ۾ هوڪرا هوندا هئا گهڻي ڀاڱي ڪرندو هئو. جي ٻن ڏينهن ۾ هڪ پهلوان سان چار ملهون هونديون هيون ته ٽي ڪرندو هئو هڪ کٽيندو هئو. ليڪن جيڪا ملهه ماريندو هو ته ڪريل پهلوان کي بي هوش ڪري ڇڏيندو هو. ڇو ته ملههَ، سدائين پاڻ کان وڏن ملهن سان وڙهندو هو. سندس ملهه ۾ استاد ملهه؛ پهلوان صيفل برهماڻي هيو، جيڪو جهانگارا جي ڀرسان برهماڻين جي ڳوٺ جو رهواسي هئو. پهرين جوڙ جو ملهه هئو. جيڪو الهجڙيو سمون، حاجي خشڪ، غلام قادر لغاري شير ميربحر وغيره جي جوڙ جو هئو. ادا غلام قادر پهرين جوڙ ۾ ته ڪونه پهتو ليڪن ٻئي جوڙ جي سڀني ملهن سان پوءِ جيڪي اڳتي هلي پهرين جوڙ ۾ ويا انهن سڀني سان ملهون وڙهيون ۽ ماريون! جنهن ۾ حاجي خشڪ، حاجاڻي (نالو نٿو اچيم) ۽ بکر شيديءَ سان وڙهندو هئو. ادا غلام قادر پهلوان جذباتي پهلوان هوندو هئو. سچي ملهه وڙهندو هو. جي هن جي هيٺان ڪير ڪري پيو ته جلدي اٿي ڪونه سگهندو هو. ان ڪري پاڻ به جي ڪرندو هو ته زمين ۾ اندر ڪجهه انچن تائين دسڙ ۾ هليو ويندو هئو. ليڪن بي هوش ڪونه ٿيندو هئو. سو آخري هڪ ميلي ۾ پيرل شاهاڻيءَ سان وڙهيو. پهرين ڏينهن ٻئي ملهون شاهاڻيءَ کي ماريائين ۽ ٻئي دفعا بي هوش رهيو. ٻئي ڏينهن پهرين ملهه ۾ ٻئي گڏجي ڪريا. ادا، بدن ۾ هلڪو هيو ۽ مد مقابل تمام سگهو پهلوان هو، هن جو هڪ هٿ ۽ ڪرائي پهلوان جي پٺيان دٻجي ويئي ڇو ته هو هميشه ڌڪ ڏيندو ۽ کائيندو هئو ان ۾ جو ٻئي گڏ ڪريا ته ادا جي ٻانهن ڪرائيءَ کان ڀڄي پئي ملهه جو فيصلو به گڏيل رهيو ٻي ملهه ڪونه ٿي جو همراهه جي ڪرائي ۽ هٿ جي چنبي ۾ فريڪچر اچي ويو. ان وقت ۾ ايتريون علاج جون سهولتون به ڪونه هيون- بس ڪنڀرن جا ڏس هئا. اها رات مون کي ياد آهي ته فريڪچر جي ڪري جيڪي هن دانهون ڪيون ته اسين پيا روئندا هئاسين ۽ ٻانهن جي فريڪچر کان پوءِ ملهه جو شوق به ختم ٿيس؛ هو اٽڪل ڏهه سال ملهه وڙهيو هاڻي هن دؤر ۾ کانئس ننڍا ملهه پهرين جوڙ ۾ اچي چڪا آهن. جن ۾ علي نواز ڊکڻ وغيره شامل آهن. آخرڪار هن جي پهلوانيءَ جو دؤر ختم ٿيو ۽ جيئن ملهه وڙهڻ ڇڏيائين ته وري ڪڏهن به ڪنهن ميلي ۾ ملاکڙو ڏسڻ ڪونه ويو مون هڪ دفعو پڇيو مانس ته هيڏو وڏو ملهه رهين هاڻي شوق به ختم ڪري ڇڏيئي؟. چيائين ته ڇا وڃي ڏسان مان ميدان ۾ وڙهي آيو آهيان سڀ پهلوان ملهه ۾ هوندا آهن اهي پيا وڙهندا آهن اسان جهڙا به ملهه کوڙ آهن پر اهي جلدي پنهنجي طبيعت ۽ جوش ۽ سچائي جي ڪري پوئتي ٿي ويندا آهن يا زخمي ٿي بس ڪندا آهن. ڇو ته پهلواني حضرت عليءَ رضه جي وصف آهي. هاڻي ملهه ۾بي ايماني آهي جيترو وقت وڙهياسين ايمانداريءَ سان وڙهياسين. مان ٻئي درجي جو ملهه هئس. منهنجي ملهه کان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اهي سڀ ملهه جيڪي مون سان وڙهندا هئا اهي هڪ هڪ ٿي پهرين جوڙ ۾ هليا ويا جن ۾ حاجي خشڪ، سرور جتوئي، سمن شاهه وغيره شامل آهن. مون انهن کي مٿي وڃڻ ان ڪري ڪونه پئي ڏنو ته هو مون کان جان نه پئي ڇڏائي سگهيا ۽ منهنجو قد بت بکر شيديءَ کان 20 ڪلو هلڪو هئو ان ڪري مان ٻئي جوڙ ۾ رهيس. ان وقت پهرين جوڙ ۾ شير ميربحر، بکر شيدي، انب شيدي، الهه جڙيو سمون، ٻه ڀائر پنجابي هوندا هئا. باقي اسان ٻئي جوڙ ۾ هئاسين. سو هاڻي جي ملاکڙو ڏسڻ ٿو وڃان ته مون کي خبر آهي ته رڳو وقت ٿا پاس ڪن. اٺ دفعا هٿ وجهي وري ڇڏيو ڏين ۽ سڄي ڏينهن ۾ راند جو فيصلو ٽيسٽ ڪرڪيٽ وانگر نٿو نبري ان ڪري ويندس ته پيو پچندس ۽ پڄرندس!
ننڍپڻ جا دوست
ننڍي هوندي جي دوستن جو ذڪر به ضرورڪبو ليڪن پهريان ننڍي عمر ۾ وڏي عمر جا ٻه عمر رسيده شخص-جيڪي ٻئي سيد هئا ۽ ٻئي شڪارپور ضلعي جا هئا هڪ شڪارپور شهر جو سيد عبدالله شاهه ۽ ٻيو شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ خانپور جو رهواسي؛ سيد غلام حسين شاهه بخاري. هيءُ سيد هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر هو ۽ بدلي ٿي اچي سيوهڻ شهر جي هاءِ اسڪول ۾ مقرر ٿيو، سو اول انهن جو ذڪر ضروري آهي.
عبدالله شاهه ۽ آکاڙي ۾ پهلواني گُر
هن سيد، مارڪيٽ جي ڀرسان سيٺ مجيد بڙدي جي هوٽل جي پاسي کان شاهي بازار ۾ هڪ آئيس ڪريم ۽ شربت جو ريڙهو لڳايو، اسان جي برف جو ڊيپو هئو، ان ڪري هن سان واسطو رهندو هو سڄو ڏينهن برف موڪليندا هئاسين. شام جو حساب ڪتاب لاءِ وڃبو هو ته ڪڏهن شربت ڪڏهن آئيس ڪريم ته ڪڏهن ڪا بوتل به پياريندو هو. مان سمجهان ٿو ان وقت ۾ سندس عمر 50-55 ورهيه هوندي. اڇي ڪاري-گاڏڙ سونهاري مٺ کان به وڏي ۽ بدن ۾ پهلوان هوندو هو. سندس شوق ۾ پهلواني به شامل هوندي هئي. پر ملهه نه (اکاڙو) ”اکاڙو سنڌي ۾ ان جاءِ کي چوندا آهن جتي پٿر جون ڪجهه ڇپون، جنهن کي ”پنڃري“ چوندا هئا. جيڪا پٿر کي گهڙي مستطيل شڪل جي ٺاهيندا هئا. ان کي ڪٽي ان ۾ هٿ وجهڻ جيترو مُٺيو ٺاهيو ويندو هو. ان جو وزن اڌ مڻ کان شروع ٿيندو هئو ۽ پنج سير ۽ ڏهه سير جي فرق سان وزن وڌندو ويندو هئو. ان آکاڙي ۾ وڏي پنڃري، پوڻن ٻن مڻن جي هوندي هئي. جيڪا شايد ئي ڪو ماڻهو کڻي سگهندو هئو. ان کان علاوه ان آکاڙي ۾ ڪڻڪ جي مشين جي پٿر جي جنڊ جا پُڙ به رکيل هوندا هئا“ ۽ ٻي شيءِ ”ويٽ لفٽ“ ”اها وري لوهي راڊ، جنهن ۾ ٻنهي پاسي کان گول پُڙ وجهندا هئا. ان ۾ هر پُڙُ وزن ۾ برابر هوندو هئو پوءِ پهلوان جيترو کڻي سگهندو هجي.“ اهو اکاڙو ان سيد عبدالله شاهه جي ڪوششن سان شروع ٿيو ۽ سندس شوق جي ڪري اهي شيون گڏ ٿيون. مارڪيٽ جي منڍ ۾ پرائمري اسڪول جي ڀرسان بندر محلي جي آخري ڪنڊ تي هڪ ميدان خالي هوندو هئو. ان جي ڀرسان مسجد هوندي هئي. شام جو لوهي سامان ان مسجد جي هجري ۾ رکبو هئو. اتي شام جي وقت تي ان پهلوانيءَ جو جوهر ڏيکاربو هئو. سيد عبدالله شاهه هر روز مون کي چوندو هو ته تون ننڍو آهين پر نوجوان به آهين. برف جو ڏکيو ڪم ڪرين ٿو مڻ جو وزن ڪلهي تي رکي شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃين ٿو. برف ۽ پٿر جي وزن ۾ ڌڪ ساڳيو ڏکيو آهي. تون شام جو ايندو ڪر ۽ ورزش به ٿيندي ۽ توکي تنهنجي پهلوانيءَ جي به خبر پوندي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته هڪ سال جي اندر تون آکاڙي جو وڏو پهلوان هوندين تو کان وڌيڪ ڪير به وزن ڪونه کڻي سگهندو. ۽ آءٌ توکي ان پهلوانيءَ جا ڪجهه گر به سيکاريندس. ڇو ته طاقت ۽ زور تو ۾ آهي، باقي ٽيڪنڪ آءٌ توکي سمجهائيندس. انهن ٻنهي جي استعمال سان تون پنهنجي طاقت جي سطح کان وڌيڪ وزن کڻي سگهندين ۽ انهن پنڃرين سان راند به کيڏندينِ.
ڪافي وقت چوندو رهيو. نيٺ آءٌ ان آکاڙي جو ميمبر ٿيس ۽ واقعي ايئن ٿيو ته سال کان اڳ ۾ مان وڏن پهلوانن جي مقابلي ۾ اچي ويس ۽ پوءِ آکاڙي جو وڏو وزن کڻندڙ پهلوان ٿي ويس. آکاڙي وڃڻ کان پوءِ آءٌ صبح جو سوير هڪ ڇٽانگ مکڻ ۽ ان ۾ چئن کان پنج ڪارا مرچ ثابت، وجهي ڳهي ڇڏيندو هئس. ۽ مٿان لسيءَ جا ٻه گلاس پيئندو هئس. پوءِ سڄو ڏينهن برف جي مزدوري ۽ شام جو آکاڙو ته اهو مکڻ هضم ٿي ويندو هيو. ۽ جسم ۾ طاقت ۽ جوت پيدا ٿي پوندي هئي. پوءِ مون هڪ سال جي اندر آکاڙي ۾ رکيل سڀ پنڃريون کنيون. هڪ پنڃري مڻ ٽيهه سير هئي، ان کي وڏي ڪوشش کان پوءِ ڪلهي تي آڻي سگهيس. ڪلهو پنڃري کڻڻ مهل هڪ اسٽاپ يا اها جاءِ آهي جو هيٺان ڪنهن پنڃريءَ کي پٽيو يا کنيو ته پهرئين جهٽڪي ۾ اها پنڃري ڪلهي تائين اچي ويندي هئي. ليڪن ان جي اصل منزل ڪلهي کان مٿي جهٽڪو ڏيئي جنهن ۾ پهلوان ٻنهي ٽنگن کي ويڪرو ڪري سڄي جسم جو زور هڻي هٿ تي رکيل پنڃري ٻانهن جي طاقت سان مٿي ٽپ ڏيئي ٻانهن سڌي ڪري کڻڻي هوندي آهي. جي ٻانهن سڌي ٿي ويئي ته اهو وزن پنڃري کڻڻ ۾ ڪامياب هوندو آهي. پر جي هو اهو وزن ٻانهن سڌي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪري پوي ۽ پويان مٿي نه کڻي سگهي ته ان وزن کي شمار نه ڪري سگهبو آهي. ڪلهي تائين پنڃري اڌ پنڌ ضرور آهي پر مٿي ٻانهن کي سڌو ڪري اهو وزن پوءِ چند سيڪنڊن لاءِ برداشت ڪرڻو پوندو آهي. پر ٻانهن تي جهلڻو پوندو آهي. ايئن مان هڪ ٻانهن تي جيڪا پنڃري مٿي تائين پهچائي سگهيس. اها هڪ مڻ پندرهن ڪلو تائين هئي باقي ڏيڍ مڻ ۽ پوڻا ٻه مڻ صرف ڪلهي تي آڻي سگهيس. پٿر جا گولا به هوندا هئا. جيڪي وڏا هوندا هئا. ۽ ننڍا به هوندا هئا ان گولي جو وزن ٻه مڻ هوندو هئو. ان کي ٻنهي هٿن سان زمين تي لوڏي کڻبو هئو. جيئن چئجي ته ڀاڪر ۾ ڪري آهستي آهستي سيني کان ٿيندو ڪلهي تي پهچائبو هئو. اهو ڏيڍ سال جي شديد محنت کانپوءِ کڻي ويس ۽ پوءِ اهو ٿڪائي به وجهندو هئو ۽ جڏهن اهو کڻبو هو ته پوءِ ٻيو زور ڪونه ڏيئي سگهبو هو.
ان کان پوءِ ويٽ لفٽنگ لوهه جي راڊن ۾ لوهي پڙن جي وزن کي ٻنهي هٿن سان کڻڻ لاءِ پهرين ان وزن کي لوهي راڊ ۾ ٻنهي هٿن سان زمين تان کڻي سيني تي جهلبو هئو. پوءِ وري جمپ ڏيئي ٻنهن ٻانهن کي مٿي سڌو ڪبو هئو. پوءِ جي ٻانهون سڌيون ٿيون ته وزن جي تور مڪمل نه ته نه! پر انهيءَ سڄي ڪم ۾ ڪجهه ٽيڪنڪ ضرور هوندي هئي. وزن کڻندي ڪٿي به پٿر ڪري سگهندو هئو جي پنڃري آهي ته اها ٽنگ ٻانهن ۽ چيلهه يا مٿي تي به سموري وزن سان ڪري سگهندي آهي پوءِ ان کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو جي سموري نظر ۽ توجهه ان وزن ۾ هجي پوءِ اها پنڃري هجي، ويٽ لفٽ هجي يا پٿر جو گولو هجي ان جي غير متوازن (Disbalance) ٿيڻ سان ماڻهونءَ کي ڪيئن نڪري بچڻو آهي، اها ٽيڪنڪ آهي. باقي ان پهلوانيءَ ۾ طاقت جو عنصر 80 کان 90 سيڪڙو ۽ ٽيڪنڪ 10 کان 20 سيڪڙو آهي. جيئن ملهه جي پهلوانيءَ ۽ ڪٻڊي جي پهلواني ۾ هنر ۽ ڪاريگري وڌيڪ آهي طاقت به آهي جنهن کانسواءِ هر ڪو پهلوان ڪونه ٿو ٿي سگهي. ليڪن هنر جو داءُ پيچ هڻڻ ۽ داءَ پيچ کان بچڻ جو ماهر هئڻ ضروري آهي. هن ۾ ڪاريگري ايتري ضرور گهرجي ته اوهان جي هٿن مان کڻندڙ وزن ڪري ته ان کان ڪيئن بچجي پر سائين عبدالله شاهه جو اهو چوڻ هيو ته هي زور ۽ پهلواني حضرت عليءَ جي راند آهي. هن ۾ نقصان ڪونه ٿيندو آهي الله سائين پاڻ ان مهل مدد ڪندو آهي. ۽ ماڻهو بچي ويندو آهي مون کي ياد آهي ته اسين جنهن مهل اهڙي زور آزمائي ڪندا هئاسين ته ان مهل شهر جا تقريبن 40 – 50 ماڻهو اچي ڏسندا هئا ۽ سٺي ڪرتب ڏيکارڻ تي تاڙيون وڄائي داد به ڏيندا هئا.
جيپ جو ڪرتب
اسان جي آکاڙي جو ريگيولر پهلوان عبدالله شاهه پاڻ ۽ عبدالله ميمڻ پرائمري اسڪول جو ماستر هئو ۽ باغ يوسف ڳوٺ جو رهواسي هو. جيڪو سيوهڻ کان ٻن ڪوهن جي فاصلي تي آهي. اهو به عمر جو وڏو هئو ۽ کيس ٻه پٽ محمد يوسف ميمڻ ۽ غلام رسول ميمڻ هئا. يوسف وڏو هئو غلام رسول ننڍو هو. پر عمر ۾ اهي ٻئي مون کان وڏا هئا. باقي وقتي طرح شهر جا ماڻهو جن کي شوق هوندو هئو. اچي زور آزمائي ڪندا هئا. پر مستقل طرح ڪونه هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن قلندر جي پانڌيئڙن ۾ اهڙا ماڻهو به ايندا هئا. جيڪي وزن کڻي اسان کي به حيران ڪري ڇڏيندا هئا. ائين اسان جي آکاڙي ۾ هڪ ماڻهو آيو نالو ياد ڪونه آهي. چيائين هن هفتي کانپوءِ وليز جيپ ڪاهي ايندس ۽ ان کي پنهنجي ڪلهن ۽ پيرن سان جهليندس. جيپ ۾ جيتري به اسپيڊ جي طاقت هجي ڀلي استعمال ڪئي وڃي ۽ اهو همراهه آيو قد جو ڊگهو بت پورو سارو عمر 50 کان مٿي جيئن جهونو ماڻهو هوندو آهي. جيپ به ڪاهي آيو ماڻهن جو تعداد سون ۾ گڏ ٿي ويو ته اهو ڪرتب ڏسون! ان ڪرتب ۾ جيتري طاقت اوتري ئي ٽيڪنڪ جي ضرورت هئي. همراهه زمين ۾ ايتري کڏ کوٽي جيتريءَ ۾ ويهي سگهجي اتي کڏ ۾ پٺيءَ جي ٽيڪ به ٺاهيائين. ٽنگن کي گاڏي جي اڳئين حصي جي هيٺان لوهه جي وڏي گول پائيپ ۾ قابو ڪري رکيائين جيپ جو ڊرائيور پنهنجو ۽ سمجهدار هجيس. ان ڪري هن کي ڪو به خطرو ڪونه پيو محسوس ٿئي. ان ۾ صرف هڪ ڳالهه جو ڌيان رکڻو پوندو آهي ته گيئر مٽائڻ وقت ايڪسيليٽر تي زور ڏيڻ مهل گاڏيءَ کي ٿورو به جهٽڪو نه اچي. جي اچانڪ جهٽڪو اچي ويو ته همراهه ختم! همراهه سڄي سنڌ ۾ ڪرتب شايد ڏيکاريندو هجي. سو ٻئي پير گاڏي جي اڳيان فڪس ڪري مضبوط ڪري پاڻ جيڪا ننڍي کڏ کوٽيائين. جيئن پاڻ سلپ نه ٿئي. ڊرائيور کي چيائين هاڻي گاڏي جي ايڪسيليٽر تي پير ڏي. هڪ ڳالهه ته گاڏي اڳ ۾ اسٽارٽ ڪري ان کي ٻئي گيئر ۾ وجهي ڇڏيو هئائين. هاڻي ڪلچ تان پير کڻي ايڪسيلٽر تي زور ڏيڻو هئو. جيڪو هو تمام آهستي آهستي ڏيندو رهيو ۽ جيئن ايڪسليٽر وڌندو رهيو ته گاڏيءَ جا پٺيان ٽائر زمين ۾ گول ڦرڻ لڳا اهو ڪرتب چند منٽن ٽائين هلندو رهيو گاڏي جا ٽائر پويان ڦرندا ۽ ڌوڙ اڏائيندا رهيا. ڪرتب ختم ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن انهي جهوني همراهه کي تمام وڏو داد ڏنو.
سيني بازيءَ جو ڪرتب
اسين هڪ ڀيري عبدالله شاهه جي ريڙهي تي آياسين. ٿڌو وغيره پيتوسين شاهه صاحب کي منهنجي نالي چيائين ته هيءُ ڇوڪرو اهو ڪرتب ڪري سگهندو. صرف هڪ هفتو هن تي محنت ڪبي ۽ هن کي ٻڌائبو ته گاڏي هلڻ مهل ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪيئن ڪرڻو آهي ڏاڍو مون کي چيائون، زور به رکيائين پر مان انڪار ڪيو جو مون کي ڊپ پئي لڳو ته ٿورو به پير ٿڙيو يا Disbalance ٿيو ته مري ويندس. ان ڪري ان کان پري رهيس. باقي اٽي جي چڪي کڻڻ شروع ڪيم. ان ۾ سيني ۽ ٽنگن جي سٿرن تي ٿلهو ڪپڙو رکي ٽي چار همراهه اهو پُڙ کڻي رکندا هئا. مان زمين تي سڌو سمهندو هئس ۽ اهي ٻئي پڙ منهنجي سيني تي هوندا هئا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ايترو ٿيو جو ٽي چار ماڻهو به مٿان بيهندا هئا ۽ ايئن ستي پئي سيني تي اهو وزن ويهن مڻن تائين پڄندو هئو. پوءِ مون کي ياد آهي ته ڀٽي صاحب جي حڪومت جو شروع وارو دور هجي، لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ راندين جو ميلو لڳو هئو. عبدالله شاهه مون کي تيار ڪري وٺي هليو ۽ چيائين اتي پنڃريءَ ۽ ويٽ لفٽ وارا وڏا گهڻا پهلوان هوندا، جيڪي توکان وڌيڪ پنڃري کڻي ويندا ليڪن تون اهو سيني وارو وزن کڻجان هڪ ته اهو هر پهلوان ڪونه کڻندو آهي ٻيو ته ان ٽيڪنيڪ ۾ توکان ڪير وڌيڪ نه هوندو. شايد 1974ع جي ڳالهه آهي اسين لاڙڪاڻي وياسين عبدالله شاهه ان ميلي ۾ اعلان ڪرايو ته هاڻي سيوهڻ جو نوجوان ڇوڪرو جنهن جي عمر 17-16 سال آهي، پنهنجي سيني تي ٽيهن کان چاليهه مڻ وزن کڻندو هوڏانهن اعلان ٿيو هيڏانهن مان منجهي پيس ته ايترو وزن کڻي ڪٿي مري نه وڃان! الائي شاهه صاحب جي دشمني ته ڪانهي دل چيو ته پاسو وٺي ڀڄي نڪران پر شاهه صاحب گڏ هو مون کي چيائين هل ميدان تي مون ڏي نهاري چيائين ته پريشان نه ٿي تون سڀ ڪجهه ڪري ويندين. مان توسان گڏ ۽ الله تنهنجو نگهبان ۽ رکوالو آهي. مان سمجهان ٿو ته توکي ڪجهه نه ٿيندو. شاهه صاحب هر انتظام ڪرائي ڇڏيو هو. پٿر جي 9 مڻن جي چڪي آئي. مون کي سڌو سمهاري چڪيءَ کي منهنجي ڀرسان اڀو ڪري پوءِ چئن ماڻهن هن کي ٻئي پاسي جهلي آهستي آهستي منهنجي سيني ۽ ٽنگن جي سٿرن تي رکي پهرين چڪي رکيائون پوءِ چڪيءَ جي مٿان وڏو هڪڙو ڪاٺ جو تختو رکيائون جيڪو منهنجي کاٻي ۽ ساڄي چڪيءَ کان 2 – 2 فٽ ويڪرو هجي ان تي ٻه ٻوريون اَنَ جون هڪ طرف منهن ڪري رکيائون ٻه ٻوريون ان جون ٻئي طرف رکيائون اهو وزن ٿيو اندازاً ويهه مڻ! هاڻي شاهه صاحب اتي اڳئي 8 ماڻهو بيهاري ڇڏيا هئا. جيڪي ميلي جا تماشائي هئا شاهه صاحب سان صرف همراهه ماسٽر عبدالله ميمڻ هجي، جيڪو هن کي هر ڪم ۾ مدد پيو ڪري. ايئن هڪ طرف شاهه صاحب ٻئي طرف ميمڻ صاحب چئن ماڻهن سان بيٺا هجن ۽ هاڻي شاهه صاحب سڀني کي چيو ته انهن ڳوڻين جي مٿان چڙهي وڃو، جيڪو ڪاٺ جو تختو هئو. اهو چڙهڻ ۾ ماڻهن کي ڪم آيو ۽ ايئن 10 ماڻهو منهنجي سيني جي مٿان ٺيڪ هڪ منٽ جي اندر چڙهيا بيٺا ۽ لٿا، خدا ڄاڻي مون کي ڊپ ته گهڻو هئو پر ڪجهه ڪونه ٿيو ۽ ايئن چاليهن مڻن جي لڳ ڀڳ وزن مون کي کڻايو ويو. مون کي يادگيري آهي ته ان وقت سنڌ اسيمبليءَ جو پ پ پاران چونڊيل ميمبر سردار واحد بخش ٻگهيو مهمان خاص هئو. اهو اتان ان مهل اٿي ميدان ۾ آيو مون کي شاباس به ڏنائين ۽ هڪ سؤ روپيه انعام به ڏنائين. ميله ڪميٽيءَ وارن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ چيائين اهو سرٽيفڪيٽ مون کي مليو. ليڪن مون کي اندازو نه هئو ته ان سرٽيفڪيٽ جي ڪهڙي اهميت هوندي آهي اڄ هيءُ مان لکان پيو ته اهو سرٽيفڪيٽ ياد پيو اچي. جي رڪارڊ تي هجي ها ته ان جو عڪس هتي ڇاپجي ها. پر مون مٿي عرض ڪيو ته سخت حالتن ۽ ڏکي زندگيءَ جي ڪري پنج درجا پڙهي 68ع ۾ پڙهائي ڇڏي ڏنم ته اهڙين شين جي اهميت جي خبر ڪونه هئي. ليڪن عبدالله شاهه چيو ته پٽ هي ڪاغذ جو ٽڪرو نه سمجهجانءِ. هن جي اهميت جي خبر توکي تڏهن پوندي جڏهن اسان جيترو ٿيندين، هن کي سنڀالي رک!
ان آکاڙي ۾ وڃڻ جي ڪري ورزش سبب جسماني طاقت ۾ واڌارو ٿيو. بت مضبوط، جسم چست، ان جا آثار اڄ تائين منهنجي بدن ۾ موجود آهن.
برف برداريءَ جا گُر
بهرحال اسين به مارڪيٽ مان رڙهي سينيما چوڪ تي ڌنڌي لاءِ منتقل ٿي آياسين. شهر جو واڌارو اصل شاهي بازار جي هيٺ واري پاسي ٿيندو ويو. اتي برف جي ڊيپوءَ لاءِ حيدرآباد دادوءَ کان ٽرڪون اينديون هيون. ميلي جي موقعي تي منهنجي زندگيءَ ۾ گرمين جي مند جو اهو پهريون قلندر جي ميلي جو موقعو هئو. ميلو هر سال شعبان مهيني جي18 کان 20 تاريخ تي لڳندو آهي ۽ هر 36 سالن کان پوءِ وري ساڳي مهيني ۾ ٿيندو آهي ايئن ڪڏهن گرمين ۾ ته ڪڏهن سردين ۾ ميلو ٿيندو آهي. ميلي ۾ ماڻهو سموري ملڪ مان ايندا آهن. برف جي، گرمين ۾ وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. پوءِ اهي ٽرڪون اينديون هيون ۽ آءٌ هوندو هئس برف جي وڏي بلاڪ ۾ چئن مڻن جو وزن هوندو هيو. ان کي چڱي طرح ڍڪبو آهي ته جيئن گهٽ ڳري، پوءِ به هر بلاڪ تي ڏهه کن سير ڳري اچي ڊيپوءَ تائين پهچندي آهي. برف جي چئن مڻن واري بلاڪ کي وچان اڌ مان ڪٽبو هئو ته ٻه مڻ پڃرو يا، ڪجهه سير گهٽ! مٿي ٻه ماڻهو لوهه مان ٺهيل تکين چنهنبن واريون وڏيون ڪينچيون کڻي برف کي لاهي گاڏيءَ جي تري تي پڄائيندا هئا. اتي وري ٻن مڻن جا ٽڪر ڪري گاڏي جي تري تي ڇڪي ايندا هئا. هونئن اصولن هيٺ به ٻه همراهه هوندا هئا. يا چڪي يا ٻوريءَ کي هڪ همراهه ٻن ڪنڊن کان هڪڙي پاسي ٻيو همراهه ايئن ئي ٻئي پاسي جهليندو هئو. ظاهر آهي ٽرڪ جي اوڀائي زمين کان پنج فٽ مٿان هٿن ۾ جهليل ڳوڻ جي جهولي ۾ اڇل ڏيندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن اها ڳوڻ هٿن مان نڪري ويندي هئي ۽ ڪڏهن برف ڳوڻ مان ڪري پوندي هئي. ٻنهي صورتن ۾ برف ٽڪر ٿي پوندي هئي ان ڪري مان اڪيلو ان کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ٽرڪ جي تري تان کڻي، هوديءَ جي ڀرسان رکندو هئس. پوءِ هڪ ماڻهو لوهه جي ٺهيل ڪينچيءَ سان ڇڪي محفوظ جاءِ تي پڄائيندو هئو. برف ٿڌي ۽ ترڪڻي-اها ڀلا ڀاڪر ۾ ڪيئن اچي. پوءِ برف جيڪا مستطيل شڪل ۾ هوندي هئي ٻن همراهن مٿين کي چوندو هئس ته ان کي ڪنهن به هڪ ڪنڊ تي بيهاريو پوءِ مان ان کي ڀاڪر ۾ وجهندو هئس. ان ڪري ان جو ترڪڻ يا ڪرڻ جو ڊپ ڪونه هوندو هئو ۽ ايئن ميلي جي موقعي تي سون جي تعداد ۾ ماڻهن جا انبوهه صرف اهو ڏسڻ ايندا هئا ته هيءُ ڇوڪرو ٽرڪن جون ٽرڪون جيڪي ٽي يا چار هونديون هيون انهن تان برف ڪيئن ٿو لاهي؟
*
ذڪر ڪجهه ٻين دوستن جو
پوءِ ڪيترا ماڻهو مون کي ميلي دوران برف لاهڻ وقت ڪجهه انعام به ڏيندا هئا. ننڍي عمر ۾ ايتري ڏکي مزدوري، منهنجي زندگيءَ ۾ جدوجهد ڏک تڪليفون ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ محنت ڪري ڪجهه حاصل ڪرڻ ۽ ان مان گهر وارن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي جذبي تحت ننڍي هوندي کان ذميواريون ڪلهن تي پيون. ان لاءِ جدوجهد ڪرڻي پئي. ننڍي هوندي ٻارن سان راند روند واري زندگي بلڪل نه جي برابر هئي، ڪي لمحا بي سمجهيءَ واري ڄمار ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو وقت ڪڍي ڪٿي وڃي ڪا راند ڪبي هئي. جنهن ۾ اِٽي ڏڪر، بلور (چدن/گولين) جي راند شامل هوندي هئي. ان وقت ڪرڪيٽ جو ايترو جنون ڪونه هوندو هئو باقي ڪٻڊي، ملهه وغيره جي راند پيا ڪندا هئاسين. ۽ محرم جي دوران ننڍا ٻار وري پنهنجي وڏن جو نقل ڪندي پيا تابوت ٺاهيندا هئا ۽ ان کي ٺاهي سينگاري پنهنجي پاڙي ۾ پيا گهمائيندا هئا. ان راند ۾ البته مان به بهرو وٺندو هئس ۽ اهو گهڻو وقت محرم دوران سائين حاجي موٽيل شاهه جي ننڍي فرزند سيد منور علي شاهه سان گذرندو هئو ننڍي هوندي جي ان ساٿيءَ سان ڪافي وقت کان رابطو نه رهيو صرف يادون اينديون رهيون. سيد منور علي شاهه• هاڻي ڊاڪٽر آهي ۽ بااثر شخص هجڻ جي ڪري هيئنر E.D.O هيلٿ ضلعو ڄامشورو آهي. ننڍي هوندي جي ٻين دوستن ۾ شاهنواز علوي جيڪو هاڻي شايد ڪراچيءَ ۾ آهي ان سان به رابطو تڏهن کان ئي منقطع ٿي ويو آهي. مان ڪراچيءَ ۾ 30 سالن کان رهان پيو پر پوءِ به هڪ ٻئي سان ملاقات نه ٿي سگهي آهي. محرم مڱڻهار جنهن کي پان ٻيڙيءَ جي ڪئبن مارڪيٽ ۾ آهي. سندس والد جو نالو عيدن مڱڻهار هئو. پرائمريءَ ۾ گڏ پڙهندو هو. حسن ميربحر الهورائي ميربحر جو پٽ هئو.
انتقام جي باهه
ٽئين درجي جي ڳالهه آهي ته محمد حسن مون کي اسڪول کان ٻاهر ڪنهن ڳالهه تان مار ڪڍي عمر ۾ وڏو ۽ سگهو متارو هوندو هئو. مار کائي چپ ڪيم ۽ تاڙ ۾ رهيس ته وجهه ملي ته هن کان پلئه ڪيان. سو هڪ ڏينهن اسڪول ۾ استاد محمد آچر اوٺو جو ڪلاس هيو. هو حساب جا سوال پڇي رهيو هئو، مان الجبرا ۾ پنهنجي ڪلاس ۾ سڀني کان هوشيار هوندو هئس مون صحيح جواب ڏنو. اڌ ڪلاس کي جواب ڪونه آيو سڀني شاگردن کي استاد بيهاري ڇڏيو جن کي جواب ڪونه آيو! مون کي حڪم ڪيائين ته هنن کي هڪ هڪ چپاٽ هڻي ڪڍ. ان وقت ۾ استاد مختلف قسم جي سزا ڏيندا هئا مار ڪڍندا هئا، هٿن جي ترين تي لڪڻ هڻندا هئا، ڪن ڪوشي، مرغو وغيره ڪرائيندا هئا ۽ ڪڏهن هوشيار شاگردن کان جڏي شاگرد کي چماٽ هڻائيندا هئا سو مان سڀني کي نارمل چماٽ هڻندو وڃي محمد حسن وٽ پهتس. ڇاڪاڻ ته مان به ننڍي هوندي سخت جان هئس گهر جو پاڻي ڀرڻ، صبح جو واڙي تان ڇيڻا تغارين تي کڻڻ وغيره جي ڪري ڪافي صحت مند ۽ طاقت وارو جسم هئو. هٿ ان ڪري به مضبوط هئا جو کوهه تان پاڻي هٿن ۾ رسا وجهي ڇڪيندو هئس. سو محمد حسن ملاح کي معنيٰ خيز انداز ۾ گهوريم ۽ اکين ئي اکين ۾ کيس چيم؛ پٽ مري وئين! هوڏانهن استاد هڪل ڪئي ته ڇا پيو ڳالهائينس ڇڏاءُ ڪر، چماٽ هڻينس ته ڪلاس شروع ڪيون. مون هڪ هٿ سان سندس ڪن کي پڪڙيو سندس موڪري منهن تي ٻئي هٿ سان پنهنجي جوش انتقام جي ٻرندڙ باهه کي محسوس ڪندي ٺڪاءُ جو چماٽ ڪرائي مانس؛ چٺاخ... جيئن چماٽ هڻي بس ڪيم ته ڪن جي اندران رت جو هڪ ٻه قطرو نڪري آيو ۽ کاٻي پاسي وارو ڳل به ڳاڙهو ڳٽول ٿي ويس! پهرين ته استاد ۽ ٻين شاگردن سندس ڪن جو رت بند ڪيو ڪپڙو رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو همراهه اسڪول ڇڏي گهر روانو ٿي ويو استاد هن کي چيو ته ڀلي موڪل ڪر باقي مائٽن کي نه ٻڌائجان ته اسڪول ۾ مار کاڌي اٿم نه ته ٻيهر توکي مار ڏيندس. هيءُ ويو ته استاد مون کي سڏ ڪيو پڇڻ ۽ دڙڪا ڏيڻ بجاءِ لڪڻ کڻي اچڻ جو چيائين؛ هٿن جون ٻئي تريون کولي بيهه شاباس... هڪ پاسي هڪ تري ٻئي پاسي ٻي تري کليل هئي رول هڻڻ کان اڳ ۾ هڪ سوال ڪيائين ته باقي سڀني کي چماٽ آهستي ۽ هن کي ايتري زور سان ڇو؟ مون سچ ٻڌايو ته هن مون کي راند ڪندي ڏاڍي مار ڏني هئي مان موقعي جي تلاش ۾ هئس ان ڪري مون کانئس اهو پلاند ورتو. پوءِ استاد هئو، رول ۽ منهنجون تريون جيستائين ٿڪيو ڪونه، پئي ماريائين مون ڪوشش ڪئي ته نه روئان، نه رڙ ڪريان پر هڪ رول زور سان منهنجي ساڄي هٿ جي آڱر ۾ ڪڙڪيو ۽ پوءِ هڪ وڏي رڙ ڪيم ته استاد به ڍرو ٿيو. منهنجي هٿن جون ڳاڙهيون تريون ڪجهه وقت بعد ڪاريون ٿي ويون ۽ اها منهنجي زندگيءَ جي واحد مار هئي جيڪا مون کي گسائڻ يا سوال جي جواب نه ڏيڻ تان ڪانه ملي بلڪه مون کي منهنجي پنهنجي انتقام وٺڻ جي عيوض ملي! مون کي اها مار ته ياد آهي ليڪن اهو به ياد آهي ته محمد حسن ملاح وري اسڪول جو در ڪونه ڏٺو ۽ سمورو احوال پنهنجي مائٽن کي ٻڌايائين پوءِ هي چار ڇوڪرا گڏ ڪري جنهن ۾ سندس وڏو ڀاءُ محمد يوسف ۽ سندس ٻه سؤٽ؛ خانڻ ملاح جا پٽ ساڻ ڪري هنن مون کي تاڙيو ته مان جمن جتيءَ جي ڀرسان اڙل واهه ۾ اڪثر وهنجڻ ويندو هئس. سندن گهر، بچاءَ بند جي ڀرسان هئو سو جيئن مان وهنجڻ لاءِ گوڏ ٻڌي اڙل واهه ۾ گهڙيس ته هنن مان ڪنهن هڪ جي هٿ ۾ ڪاٺ جي بُنڊي هئي منهنجو هنن ڏانهن ڌيان ئي نه هجي ۽ وري واقعي کي به ڪافي وقت گذري ويو هجي اڪثر اسين پيا وهنجندا هئاسين سو مان پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي جيئن مٿي نڪتس تيئن ئي تاڙ ۾ ويٺل همراهه ٻنهي هٿن سان ٺڪاءُ بُنڊي منهنجي مٿي تي ڪئي. جيئن بُنڊي لڳي ته منهنجو مٿو ڦاٽي پيو، سڄو پاڻي رتو رت، مان سمجهي نه سگهيس مٿي کي چڪر اچي ويو اکين ۾ انڌيرو اچي ويو. حواس، خطا ٿي ويا ۽ چڪرائبو رهيس. منهنجي چوڌاري پاڻي رت ۾ ڳاڙهو هجي ڪجهه وڏي عمر جي ماڻهن جيڪي گڏ پئي وهنتا، مون کي ٻاهر ڪڍيائون ۽ هو سڀ ڀڄي ويا. هڪ ملاح هنن کي ڏسي ورتو ته ڇوڪرا ڪهڙا آهن انهن ڊوڙي وڃي هنن جي وڏن کي ٻڌايو مان اڙل واهه جي ڪپ تي ڪري پيس پر هوش هجي حسن جو وڏو ڀاءُ علي محمد ملاح ڀڄندو آيو اچي مون کي کنيائين سندن گهر ۽ اڙل واهه جي وچ ۾ صرف بچاءُ بند هئو. مان هاڻي زارو قطار روئندو پيو رهيس هيءُ مونکي سندي گهر ۾ کڻي ويو. سندن سڀ مايون به اچي منهنجي مٿان بيٺيون ڪي تيل ته ڪي سرمون ته ڪي وري ڪپهه کنيون پئي آيون پر رت هو- جو بيهڻ جو نالو نه پيو وٺي؛ نيٺ هڪ پوڙهي مائيءَ خوفزده ڪيفيت ۾ چيو ته ابڙن جو ڇوڪرو آهي ڪجهه ٿيو ته هيءُ خطرناڪ ماڻهو آهن اسان جو، جڻ ٻچو رولي ڇڏيندا! سو وارو ڪيو هن کي ڊاڪٽر ڏانهن کڻو. پوءِ هڪ وڏي عمر جي مائي آئي سندس هٿ ۾ سرمي داڻي هئي. سڄو سرمون کڻي منهنجي ڦاٽل گهاءُ ۾ هاريائين ۽ مٿان زور سان ڪپڙو ڏيئي مٿي کي قابو ڪري بيهي رهي چند منٽن ۾ رت جا تيز ريلا ته بيهي ويا پر رت جو سيمو هلندو رهيو. اڌ ڪلاڪ ۾ رت سمڻ به بلڪل بيهي ويو جي ايئن سگهڙ مايون همٿ ۽ سمجهداريءَ سان منهنجو رت بروقت بند نه ڪن ها ته انهن جي ڇوڪرن منهنجو ته ڪم تمام ڪري ڇڏيو هئو. عورتن مون کي منٿ ڪندي ٻانهون ٻڌندي ليلايو ته او ابا!جيڪو ٿيو سو معاف ڪجان ۽ پنهنجي پيءَ علي محمد ۽ ڀاءُ غلام حسين يا ڪنهن سان به اهو ذڪر نه ڪجان. مون ساڻن واعدو ڪيو. ۽ اهو ذڪر اڄ تائين ڪنهن سان نه ڪيو آهي. اڄ ، سو يادگيريون لکندي بيان ڪيو اٿم. منهنجي گهر وارن زخم بابت پڇيو، مون ڪوڙ هنيو ته؛ اڙل واهه ۾ ٽٻي هڻڻ وقت ڪا ڪنڊي واري بنڊي جي ڪنڊ لڳي ۽ مٿي ۾ زخم آيو پوءِ پورو هفتو مان بخار ۾ رهيس. اڄ جڏهن مٿي تي هٿ گهمائيندو آهيان ته وارن ۾چئن انچن جو ڊگهو نشان اهو واقعو ياد ڏياريندو رهندو آهي. ان جهيڙي کان پوءِ مون وري ڪنهن سان به هٿين وڙهڻ جو سوچڻ به ڇڏي ڏنو.
*
سيد غلام حسين شاهه بخاري ۽ سماجي ڪمن ۾ رجحان
71-1970ع جي ڳالهه آهي ته مان ادا غلام حسين جي برف جي ڊيپوءِ تي ويهندو هئس. هر جمعي رات جو ادا غلام حسين طرفان ٻه مڻ برف جا قلندر جي سبيل لاءِ خيرات طور ويندا هئا. ۽ اها برف کڻڻ لاءِ اٽڪل پنجاهه ورهين جو هڪ خوبصورت شڪل جو ماڻهو آيو ۽ شڪارپوري لهجي ۾ ڳالهائيندي چيائين؛ سيٺ غلام حسين اسان کي هر هفتي ٻه مڻ برف سبيل ۾ ڏيڻ لاءِ واعدو ڪيو آهي اها کڻڻ آيا آهيون. هن سان گڏ هڪ ڇوڪرو به هجي. مون کي ادا سائين پهرين ئي اهو حڪم ڏيئي چڪو هئو. غلام حسين شاهه بخاري ايئن هر هفتي ايندو هو. ۽ برف وٺي وڃي درگاهه جي سبيل ۾ وجهي ماڻهن کي ٿڌو پاڻي پياريندو هئو.
غلام حسين بخاري ڪير هئو؟
هن سيد سان ملاقاتون ته گهڻيون ٿيون ليڪن ڪڏهن کانئس سندس والد ۽ خاندان جي باري ۾ معلومات ڪانه ورتم. هيءُ شڪارپور جي ڀرسان خانپور شهر جو رهواسي هئو. بنيادي طرح هاءِ اسڪول جو ٽيچر هئو. قلندر جو وڏو عقيدتمند ۽ اهلِ تشيُّع سان تعلق هئس. قلندر سان عقيدت جي ڪري پنهنجي بدلي پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان سيوهڻ ۾ ڪرائي آيو ۽ هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ اٺ کان ڏهه سال رهيو شايد اتان ئي رٽائر ٿي ويو هجي. سيوهڻ ۾ قدم رکڻ شرط سندس پير اگهاڙا هوندا هئا. گرمي هجي، سردي هجي- هو قلندر جي گهٽين ۾ پير اگهاڙا ڪري هلندو هئو. مٿو اگهاڙو ڪونه رکندو هئو. سنڌي ٽوپي مٿي تي شڪارپوري اسٽائيل ۾ ٽيڏي رکي پيو هلندو هئو. قلندر جي عقيدت مند جي حساب سان اسڪول جي ڊيوٽيءَ کان پوءِ قلندر جي درگاهه تي هوندو هئو، اتي پيو خدمت ڪندو هئو ايئن هن جي پروقار شخصيت ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويئي ۽ سندس هرڪو، پوڙهو پڪو، پير فقير وڏي عزت ڪندو هئو. پوءِ هن سيوهڻ ۾ هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي جنهن جو نالو ”الشهباز ويلفيئر ايسوسيئيشن “ رکيائين ان جي آفيس سينما چوڪ تي ڊسٽرڪ ڪائونسل جي شاپنگ سينٽر ۾ کوليائين. ان جا ميمبر ٺاهيائين جن ۾ وڏو تعداد اسڪول جي شاگردن جو هئو، سو جيڪي نالا هينئر مون کي ياد آهن انهن ۾ ايوب نيازي به هو جيڪو خيرپور ناٿن شاهه جو پنجابي ۽ سيوهڻ جي شاپنگ سينٽر ۾ سندس فوٽو اسٽوڊيو جو دڪان هئو. شايد سيوهڻ ۾ هي پهريون فوٽو گرافر هئو.
• اڪرم پنجابي مئٽرڪ ۾ پڙهندو هئو.
• سيوهڻ جو رهواسي معين الدين صديقي جيڪو هينئر ڊاڪٽر آهي، سيوهڻ اسپتال جو ميڊيڪل آفيسر آهي.
• بشير احمد اوٺو
• ۽ پوءِ هنن مون کي به ان ايسوسيئيشن جو ميمبر ڪيو ۽ آفيس سيڪريٽري به ڪيائون منهنجو ڪم آفيس کولڻ ۽ بند ڪرڻ هوندو هئو.
الشهباز ويلفيئر ايسوسيئيشن
غلام حسين شاهه بخاريءَ، ايسوسيئيشن جي ميمبرن سان گڏجي قلندر جي پانڌيئڙن جي وڏي خدمت ڪئي هر خميس تي اتي تمام گهڻي رش ٿيندي هئي، تڏهن جمعي جي موڪل هوندي هئي. شام جو قلندر لعل شهباز تي مغرب جي نماز کان پوءِ عشا جي اذان تائين اها ڌمال هلندي هئي. ۽ جمعي جي رات وري وڏيون ڀيريون نڪرنديون هيون. جن کي استاد جان محمد نغارچي- جيڪو مڪراني هئو، اهو وڄائيندو هئو. اهو اوقاف کاتي ۾ ملازم به هئو.
قلندري ڌمال
مرد ۽ مايون ان ڌمال تي قلندري رقص به ڪندا هئا. قلندري ڌمال، رقص جو هڪ قسم آهي جنهن کي ناچ نٿو چئي سگهجي اهو رقص فقيري رنگ جي ڌمال هوندي آهي. ماڻهن جا ٻئي هٿ سندن ٻانهن مان ٽپائي ڏائو ساڄي ڪن تي ۽ ساڄو ڏائي ڪن تي هوندا آهن ۽ ڌمال دؤران پسمنظر ۾ وڄندڙ ڀير جي ڏؤنڪي سان پيا پنهنجي پيرن کي کاٻي کان ساڄي ۽ ساڄي کان کاٻي کڻندا آهن ۽ مايون، وري ويهي ڪنڌ پيون هلائينديون آهن. جيئن ڪنهن غلام سماج جي مفروضي مطابق، جن اچڻ مهل ماين جي ڪنڌ هڻڻ جي ڪيفيت هوندي آهي. ان سموري وقت دوران قلندر جي مزار تي ماڻهن جي رش ۽ وڏي پيهه هوندي آهي پوءِ اسان جي ويلفيئر طرفان رضا ڪار، بانس جا لڪڙا کڻي درگاهه جي گيٽ وٽ بيهي اچڻ ۽ وڃڻ جو رستو الڳ ڪندا هئا ته جيئن وڃڻ وارا هڪ طرف وڃن ۽ اچڻ وار ٻئي طرف اچن ۽ رش ۾ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڌڪا نه ڏين. اهي ڊيوٽيون مون پاڻ به ڪيترا سال ڏنيون. ان کان علاوه ان ايسوسيئيشن طرفان هڪ درگاهه جي پراڻي ”علم“ جي سامهون لعل داس جي ڪافيءَ تي ويندڙ رستي جي اڳيان هڪ سبيل هنئي ويئي. جتي ٿڌو پاڻي زيارتين کي پياريندا هئا. سائين غلام حسين شاهه بخاري سيوهڻ ۾ محرم جي عشري جي جلوسن دوران قافلن جي گذرڻ جي جاءِ تان اڪثر قلندر شهباز جي درگاهه اڳيان اٺن جي قافلن جون قطارون گذرنديون آهن سرواڻي ڪندڙ اٺ تي جيڪو فقير ويهندو هو، ان جي اٺ تي شينهن جي کل رکيل هوندي هئي ۽ اٺ تي وات ڦاٽل شينهن جي منڍيءَ جي نمائش ڪندي گجگاه نالي علم هٿ ۾ کڻندي فقير هلندا هئا. قافلي جا اٺ جيڪي لڏ لاهيندا هئا اهي پڻ شاهه صاحب ۽ سندس ايسوسيئيشن جا ميمبر صاف ڪندا هئا ته جيئن عزادارن کي محرم جي موقعي تي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ جلوس ۾ شامل ماڻهن کي ٿڌو پاڻي پيارڻ به شامل هوندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو مسافر جيڪو ڀاڙي لاءِ ڪنهن سبب جي ڪري پريشان هجي- مثلا؛ ڪو چوندو هئو ته کيسو ڪٽجي ويو آهي ته ان کي ڪرايو ڏيئي سندس شهر تائين پهچائڻ ۽ ٻيا ڪيترا ڀلائيءَ جا ڪم - جيڪي ان وقت جي حالتن مطابق ضروري هوندا هئا ڪيا ويندا هئا.
اڪرم پنجابيءَ جي خودڪُشي
ان وقت جو هڪ قصو ياد آيو. ڇاڪاڻ ته مون هاءِ اسڪول جي زندگي ته ڪانه ڏٺي سو اونهاري ۾ ته برف جو ڪم ڪندو هئس، ليڪن سياري ۾ وري ڪو ٻيو ڪم يا مزدوري ڪرڻي پوندي هئي. هڪ لڱا سيوهڻ ۾ ڪنهن هوٽل تي، جيڪا نئين کلي هئي ۽ شاهي بازار جي پٺئين پاسي هوندي هئي. اها هوٽل ميان خيرمحمد ڪوريجو-جيڪو روينيو ۾ ڪلارڪ هئو، ليڪن سندس سنڀال ۾ سيوهڻ جو لاڪ اپ پڻ هئو ان ڪري کيس اڪثر ڪري جيلر چوندا هئا، اها هوٽل ان کولي هئي. هوٽل جو نالو ”ڪيفي زرين“ هئو. ان تي مان به ڪم ڪندو هئس ته هڪ ڏينهن هاءِ اسڪول ۾ اڪرم پنجابي ۽ معين الدين صديقي (معين هاڻ ڊاڪٽر آهي ۽ سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر آهي.) شايد قاضي معين ۽ اڪرم مئٽرڪ ۾ پڙهندا هيا، گڏ اسڪول پئي ويا ته ڪا ٽرڪ روڊ تان پئي آئي ۽ اسڪول کان چند قدم پهريائين، اڪرم ڊوڙي وڃي خودڪشي ڪئي. ۽ ايئن ڊاڪٽر معين صديقي اسڪول ڪونه ويو سڌو مون وٽ هوٽل تي آيو ۽ روئڻهارڪي انداز ۾ چيائين ته؛ يار خودڪُشي ڪري ڇڏي. مون سبب پڇيو ته ڪونه ٻڌايائين خاموش ۽ اداس رهيو پوءِ اسين سڀ ان طرف روانا ٿياسين. لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ سندس عزيز گهر کڻائي ويا ۽ دفن ڪري ڇڏيائون. اسين ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ اڪرم قاضي، معين ۽ مان، ۽ بشير اوٺو شام جي وقت ڪلاڪ ٻه ويهندا هئاسين. اڪرم آخري ڏينهنِ ۾ سخت بي چين ۽ پريشان هئو. قاضي صاحب سان ويجهو هوندو هئو. پوءِ خبر نه آهي ته ڪهڙي ماجرا ٿي جو خودڪشي ڪيائين. اڄ تائين پتو ڪونه پئجي سگهيو ليڪن اها پڪ اٿم ته ان معاملي جي قاضي معين کي ضرور خبر هوندي جو هن سان تمام گهڻو ويجهو سمجهيو ويندو هئو. ليڪن ان کان پوءِ نه اسان پڇيو ۽ نه ئي قاضي صاحب ڪڏهن ان تي تبصرو ڪيو، اهو باب ايئن ختم ٿي ويو.
بشير احمد اوٺو، سندس سنگت ۽ هٿڙي!
هيءُ صاحب، حاجي ڦوٽو اوٺو جو فرزند ۽ الشهباز ويلفيئر ايسوسيئيشن جو ميمبر هوندو هئو. اتان اسان جي دوستي شروع ٿي. هن جي والد صاحب جو ڪپڙي جو دڪان هئو. پاڻ اڳتي هلي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ محاذ ۾ به شامل رهيو اڄ ڪلهه جسقم بشير قريشي گروپ ۾ آهي. هن ڪڏهن به جيئي سنڌ تحريڪ کان الڳ ٿي ڪنهن ٻي تنظيم ۾ ڪم نه ڪيو. پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي. وڪالت نه ڪرڻ جي صورت ۾ اوٿ ڪمشنر جو لائسنس وٺي ڪم ڪندو آهي. مڙيوئي گذر سفر پيو هليس! 1978ع ۾ شيرين سومرو ڪيس ۾ دادوءَ ۾ احتجاج هلندي پوسٽ آفيس ۾ ڌماڪو ٿيو. نقصان ۾ پوسٽ آفيس جي هڪ ٽيبل جو فقط ڪپڙو سڙيو هئو ۽ هيءُ همراهه جيل هليو ويو. جيل کان پوءِ وڌيڪ ريگيولر پڙهائي ڪري ڪونه سگهيو. باقي پرائيويٽ پڙهي وڪالت جي ڊگري ورتائين. هن جو هڪ واقعو ٿو ياد پويم ته، هن جو پيءُ هن کي دڪان تي ويهاري منجهند جو گهر وڃي ماني کائيندو ۽ آرام ڪندو هو.سندس سامهون محمد خان سومري جي والد صاحب جو منيارڪو دڪان هوندو هئو. ان سان هن جي والد جي دوستي هوندي هئي. سو ان کي چوندو هئو ته ڇوڪري تي نظر پيو رکجان، اها خبر بشير کي به هوندي هئي. هيءُ مڙئي دڪان تي ڏهين يا ويهين جي هٿڙي سو، پيو هڻندو هئو! پئسا لوهه جي ٽجوڙيءَ ۾ هوندا هئس سو جڏهن کڻندو هئو ته ڊپ اهو هوندو هئس ته متان سامهون چاچو هارون سومرو دڪان وارو نه ڏسي، سو هڪ دفعو چاچي دڪان واري ڏسي ورتس ٽجوڙيءَ جو هلڪو ڍڪ مٿي ڪيائين هٿ وجهي 2 نوٽ ڏهين ڏهين جا کڻڻ پئي چاهيائين سو غلطيءَ سان 2 نوٽ هٿ ۾ اچي ويس 100 جا، هن سمجهيو ويهه روپيه آهن پر اهي ته هئا ٻه سئو روپيه. هن ٽجوڙي مان کڻي هڪدم پنهنجي پاسي واري کيسي ۾ وڌا ۽ والد صاحب جي اچڻ کان پوءِ معمول مطابق دڪان تان لهي گهر هليو ويو. هن جي والد صاحب جي اها عادت هئي ته اچي پهرين پڇندو هئس ته گهڻو وڪرو ڪيو اٿئي. هن چيو ته اڄ ڪجهه به نه! هن جي والد صاحب هن جي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي ٽجوڙي چيڪ ڪئي ۽ ڏٺائين سؤ جا ٻه نوٽ گهٽ آهن. سو لٺ کڻي سڌو گهر ويو ۽ هن کان پڇيائين ته ٻه سئو روپيا گم آهن؟ هن هڪدم سمجهيو ته اهي نوٽ منهنجي کيسي ۾ ڀل ۾ اچي ويا آهن. سو جواب ڏنائين ته اهي مون کان منهنجو دوست بشير لاکو اوڌارا وٺي ويو آهي کيس ضرورت ۾ هئا صبح ڏيئي ويندو. سندس والد ماٺ ڪري واپس اچي دڪان تي ويٺو ڇو ته هن کي خبر هئي ته هيءُ هٿڙي ته هڻندو آهي هاڻي حاضر جوابي جي ڪري بچي ويو ۽ پوءِ اهي پئسا پنهنجي ان دوست کي ڏنائين ۽ قصو سمجهائي چيائينس بابا پڇي ته ٻڌائجانس ۽ صبح جو بابا کي ڏجانءِ. هن جي پيءُ به هم ڪئي نه تم ۽ وڃي بشير لاکي جي گهر پهتو ۽ چيائينس ته تو پئسا اڌارا ورتا آهن هن ها ڪئي ليڪن هن غلطي اها ڪئي جو پئسا ان وقت ئي چاچي ڦوٽي کي ڏنائين. چاچي چيس ته ابا توهان سڀ هڪ ٻئي جي صلاح ۾ آهيو. مون کي اهو واقعو بشير اوٺي پاڻ ٻڌايو. ڏاڍو پريشان ٿيو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ ائين هن همراهه هڪ گروپ جي شڪل ۾ وڃي حيدرآباد ۾ مسلم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ڪن ڪنهن ٻئي ڪاليج ۾ جن ۾ بشير احمد اوٺو، محمد خان سومرو هينئر هاءِ اسڪول ۾ چڱو ڀلو استاد آهي امام الدين اوٺو هاڻي حيدرآباد ۾ وڪيل آهي قاضي نصيرالدين، فاروق صديقي-جيڪو هينئر سيوهڻ ۽ سنڌ جو وڏو حڪيم آهي ۽ سيوهڻ جو مذهبي عالم به آهي.
بسڪوٽن سپلاءِ ڪرڻ جي ڪرت
مون ذڪر ڪيو ته اونهاري ۾ برف جو ڊيپو جو ڪم هئو، ليڪن سياري ۾ ماڻهو ڇا ڪري؟ پوءِ ڪڏهن ڪنهن هوٽل جي مزدوري ڪڏهن ٺڙ ٺپ واندو. ننڍي هوندي کان واندي ويهڻ جي عادت ته گهٽ هوندي هئي. راند لاءِ به وقت گهٽ هوندو هئو. ڪم ڪار جي ڪري ننڍي هوندي راند روند ڪيم ته ضرور پر تمام گهٽ جيئن ٿورو سمجهدار ٿيس، ته حيدرآباد ۾ هڪ پورهئي ڪرڻ جو سوچيم. حيدرآباد جي علائقي ڦليلي روڊ تي بيڪريون هونديون هيون. اتان بسڪوٽ ۽ ڊبل روٽين ۽ پاپن جا ٻه وڏا کوکا ڀري ٽرڪ جي اڏي (جيڪوسپر تاج جي نالي سان هوندو هئو ) ۽ مارڪيٽ ۾ ان جي آفيس هوندي هئي. شام کان وٺي رات جو نائين وڳي تائين مختلف شهرن جو مليل آڊر پيا لوڊ ڪندا هئا. مان به ان ۾ بسڪوٽن جا کوکا رکي دادوءَ تائين روانو ٿيندو هئس. ٽرڪ وارن کي چوندو هئس ته آءٌ اوهان کي مناسب ڪرايو ڏيندس. پر واٽ تي جتي ٽرڪن جا اسٽاپ ۽ هوٽلون آهن اتي اوهان بيهندا ته آءٌ هي مال انهن کي ڏيئي پوءِ اڳتي هلنداسين. مون اهو ڪاروبار ڪرڻ کان اڳ ۾ دادوءَ کان حيدرآباد وچ تي جيڪي هوٽل ايندا هئا، جن کي مان بسڪوٽ ۽ بيڪريءَ جو ٻيو سامان ڏيندو وڃي دادو پهچندو هئس، پوءِ واپس اچي سيوهڻ ۾ ننڊ ڪندو هئس. ۽ وري هڪ ڏينهن ڇڏي وري ساڳي طرح پيو هلندو هئس. اها موسم سخت سياري جي هوندي هئي. ٽرڪن وارن سان واقفيت برف جي ڊيپوءَ کان هوندي هئي. جو هي مال لاهي ڪري حيدرآباد خالي ويندا هئا. ان ڪري دادوءَ مان سيوهڻ برف جو چڪر ملندو هئن ته اها ڊرائيورن جي ۽ ڪلينر جي بچت هوندي هئي. ان ڪري انهن سان پراڻو تعلق هئو. هو منهنجو خيال ڪندا هئا. جي مون کي نقصان ٿيندو هئو ته ڪرايو گهٽ وٺندا هئا. ليڪن ان وقت ۾ حيدرآباد کان دادو اندازن ٽرڪ کي پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳندا هئا.ٻن هنڌن تي هنن کي پاڻ اسٽاپ ڪرڻو هوندو هئو. باقي منهنجي ڪري جن هوٽلن کي بسڪوٽ سپلاءِ ڪندو هئس اتي بيهندا هئا. مون کي چڱي طرح ياد ڪو نه آهي ليڪن مان هر ٻئي ڏينهن خرچ وغيره ڪڍي ڪي 25 روپيه کن بچائي ويندو هئس. پر سڄي رات جو سفر سياري ۾ ڪڏهن ٽرڪ جي مٿان ڪيبن ۾ اڪيلو، ته ڪڏهن ڊرائيور سان اندر ڪڏهن ڊرائيور آرام ڪري ۽ ڪلينر گاڏي هلائي ته مان هتي ڪيبن ۾ گرم شالون-جيڪي حيدرآباد جي لنڊا بازار فقير جي پڙ مان وٺندو هئس.مان گرم شالون ۽ گرم ٽوپ ويڙهي ويٺو سياري سان مقابلو ڪندو هئس ۽ پيٽ لاءِ اهي سفر ۽ ڪشالا ڪٽيندو رهيس. پر اهو ڪم صرف ڇهه مهينا ڪيم. ان کان پوءِ حيدرآباد جي ڪاف ڪاٽ ٽيڪسٽائل مل ۾ لڳي ويس ۽ جنوري ۽ ڊسمبر جي ٿڌين هوائن ۽ ان ۾ ٿيندڙ زڪام، مٿي جي سور ۽ بخار کان بچي ويس. پر اهو به تجربو ٿيو ته ماڻهو چاهي ته هر طرح جو ڪم ڪري سگهي ٿو.
حيدرآباد جي مل ۾ مزدوريءَ جو آغاز
نذير احمد سومرو• هينئر ڊاڪٽر آهي ۽ سيوهڻ جي سرڪاري اسپتال ۾ 19 گريڊ ۾ آفيسر آهي. شاگردي جي زماني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃي رهيو. ڇاڪاڻ ته سندن بشير احمد اوٺي سان تمام گهڻي دوستي هوندي هئي. سو مان حيدرآباد هنن سان اڪثر ملڻ ويندو هئس. اتي ٻين سان به دوستي وڌندي رهي سڀني مون کي چيو ته يار جي تون به حيدرآباد ۾ رهين ته ڏاڍو مزو ايندو. مون چيو اوهان ته ڪاليج جا شاگرد آهيو آءٌ ته اڻ پڙهيل، سو ڪهڙو بهانو ڪيان جو هتي رهان؟ آءٌ سمجهان ٿو ته اهي سن 1972ع جا آخري مهينا هئا.حيدرآباد جي موسم تمام دلڪش ۽ وڻندڙ هوندي هئي، هوائون مست ڪري ڇڏينديون هيون. هاڻي ته وقت ۽ حالتن ۽ موسمي اثرن ۽ گدلاڻ جي ڪري موسم ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو آهي. ليڪن اردگرد- ٽنڊو ڄام، ڄامشورو اڃا به موسم جي حوالي سان ساڳي عروج تي آهن. ان وقت ۾ منهنجو ٽيون نمبر وڏو ڀاءُ ڪريم بخش ابڙو حيدرآباد جي ڪاف ڪاٽ ٽيڪسٽائل مل ۾ مزوري ڪندو هئو. هي هئو ته اڻپڙهيل پر ٿورو گهڻو سرگرم هوندو هئو ۽ اتان جي ليبر يونين ۾ ڪو هلڪو ڦلڪو عهدو هئس. سو ان کي چيم ته ان مل ۾ مون کي به ڀرتي ڪراءِ. ان وقت هن ها ڪئي ۽ پوءِ ڪوشش ڪيائين ۽ 1973ع جي مئي مهيني ۾ مون کي ڪچو مزدور ڪري ڀرتي ڪيائون ۽ جيڪو ڪم مليو ان جي عهدي جو نالو هئو ”بيلنگ قلي.“ ڪاف ڪاٽ ٽيڪسٽائل مل ۾ ڪپهه مان ڌاڳو ٺهندو هئو. جيڪو مختلف پنجن يا ستن مرحلن کان پوءِ ڌاڳي جو روپ اختيار ڪندو هئو هڪ ڌاڳي کي ته وڏن ريلن ۾ ۽ باقين کي ايئن ڳوڻ ۾ ويڙهي هيٺان لوهه جون ڇهه پتريون ۽ مٿان بانس جون پٽيون هڪڙي پاسي ۽ ٻئي پاسي ان جي مٿان ڳوڻ رکي پوءِ ان جي مٿان ڌاڳو رکي پريس جو بٽڻ دٻائبو هو ته هوءَ لفٽ وانگر مٿي وڃي ڇت سان لڳندي هئي ۽ ايئن سڳو پريس ٿي پوندو هو ۽ پوءِ ننڍي ڳٺڙيءَ ٺهندي هئي. ان تي منهنجي ڊيوٽي لڳي اتي چار ماڻهو ڪم ڪندا هئا. هڪ مستري- جيڪو ان پريس کي هلائيندو هئو ۽ ٽي مزدور جيڪي پتريون، بانس ۽ آخر ۾ سلائي ڪري ڳٺڙي جي شڪل ۾ هيٺ لاهيندا هئا. پوءِ ان کي ڌڪي سائيڊ کان رکبو هئو پوءِ لوڊر اهي ڳٺڙيون ٽرڪ ۾ لوڊ ڪندو هئو ان ڪري جيڪي ماڻهو پريس تي ڪم ڪندا هئا ان کي ”بيلنگ قلي“ چوندا هئا اهو سروس پاس بوڪ اڄ تائين مون محفوظ ڪري رکيو آهي. ته اها منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن وڏي ڪمپنيءَ جي پهرين نوڪري هئي منهنجي ڀاءُ وٽ سائيڪل هوندي هئي ٻئي ڄڻا صبح جو سائيڪل تي چڙهي مل ۾ ويندا هئاسين. اسان جي رهائش ڪچي قلعي وٽ هوندي هئي ۽ مل ميرپور خاص روڊ تي، فتح ٽيڪسٽائل مل جي آمهون سامهون ۽ لطيف آباد کان وڃبو ته روڊ جي ساڄي هٿ تي پوندي هئي، جيڪا اڄ به موجود آهي.
مل جو جنرل مئنيجر معشوق علي ڀٽو
ان وقت اها پهرين مل هوندي هئي، خبر پئي ته معشوق علي ڀٽو، ممتاز علي خان ڀٽي صاحب جو ڀاءُ ان مل ۾ جنرل مئنيجر هئو شايد وزير اعليٰ جي ڀاءُ هجڻ ڪري کيس ان عهدي تي رکيائون ته جيئن حڪومت ۾ ڪم پئي ته ان جي معرفت آسانيءَ سان ٿي وڃي. ان حڪمت عمليءَ ۾ مل جا مالڪ ڪامياب به ويا. معشوق علي ڀٽي کي ان وقت لک کن پگهار، گاڏي، بنگلو ۽ مل مالڪن طرفان نوڪر، ڊرائيور سڀ سهولتون ميسر هيون ڄڻ مالڪن مان هجي. اسان جا وڏا ماڻهو ڌارين جي چنبي ۾ ڪيئن ٿا اچن ۽ ڌاريا وري هنن کي ڪيئن ٿا استعمال ڪن اها کين خبر به ڪونه ٿي پوي يا کڻي کين خبر پوي به ٿي ته پنهنجي ذاتي مفادن کي عزيز تر رکندي سهل پسنديءَ سبب قومي مفادن کان ڄاڻي واڻي ڪن لاٽار ڪري ڇڏين ٿا! آئون ڪڏهن ڪڏهن کيس هلندي ڦرندي ڏسندو هئس جڏهن هو موٽر ۾ ڦڙڪاٽ ڪري ايندو هئو، باقي جنرل مئنيجر سان هڪ قلي جي ملاقات جو ان وقت ۾ ڪو تصور به ڪونه هئو پرسنلٽي هن جي ممتاز ڀٽي وانگر هوندي هئي. ساڳئي اسٽائيل تي وٽيل مڇون هونديون هئس. شڪل ۽ رنگ ۾ خوبصورت ۽ قداور هوندو هئو. سو ايئن مان نوڪريءَ ۾ لڳس ان وقت منهنجي ماهوار پگهار هئي؛ هڪ سؤ ٻاهٺ روپيه! صبح جو ستين وڳي مل ۾ اچڻو هوندو هئو ان ڪري صبح جو سوير اٿي مل ۾ هليا ويندا هئاسين ان نوڪريءَ جي وقت تي پهچڻ جي ته پابندي هئي باقي جيڪي ڪپڙا پاتل هوندا هئا انهن ۾ ئي هليا ويندا هئاسين. اڄ وانگر نه تڙ ڦليل جي ضروت نه بوٽ پالش نه ڪپڙا ڌوتل ۽ استري ڪجهه به نه. زندگي بس ايئن ئي روان دوان هئي. شام جو ٽئين وڳي موڪل ٿيندي هئي. ٽئين وڳي ٻي شفت ۽ يارهين وڳي رات آخري نائٽ شفٽ لڳندي هئي. اسان جي رهائش ڪچي قلعي جي اوڀر پاسي هڪ پهاڙيءَ جي ٽڪريءَ تي هوندي هئي. جيڪا پهاڙي جي ٽڪري ڪچي قلعي کان شروع ٿي اندران ئي اندران ننڍا ۽ سوڙها رستا وڃي ان وقت جي وينس سينما ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس اسٽاپ وٽان نڪرندا هئا ان وچ ۾ شاهه فيصل ڪالوني ۽ پوليس لائين به هوندا هئا.
مان 2016ع ۾ ليبر کاتي جي وزير سعيد غني جو ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو هوس ۽ اِهو عهدو سعيد غني صاحب مونکي ذاتي تعلق، اعتبار، اعتماد ۽ ليبر ليڊر طور ڪم ڪرڻ سبب ڏنو. اسان جو گڏيل پليٽ فارم بئنڪ ٽريڊ يونين الائنس هو. جنهن ۾ ڪم ڪرڻ دوران پاڻ MCB ۽ مان اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو هوس، ان ۾ هڪ ٻئي تي اعتماد رهيو هئو. کيس خبر هئي ته ليبر جي معاملن کي محمد خان ابڙو بهتر طرح ڄاڻي ٿو ۽ مزدورن جو درد سمجهي ٿو. مان حيدرآباد ۾ ان مل ۾ ڪم ڪندي پنهنجي هٿ جي تريءَ تي آيل وڍ کي ياد ڪندي، ڪاف ڪاٽ مل کي وزير ليبر جي نمائندي طور گهمڻ ۽ ڏسڻ چاهيم ۽ اها سوشل سيڪيورٽيءَ جي ڊسپينسري جيڪا لطيف آباد نمبر پوڻا 7 ۾ هئي جتي منهنجي هٿ جي تريءَ تي ٽاڪا لڳا هئا، ڏسڻ جي خواهش پيدا ٿي. جيئن مان حيدرآباد گهر آيس ته ٻئي ڏينهن ليبر کاتي جي ريجنل ڊائريڪٽر کي چيم ته صبح جو مونکي هڪ ٻه فيڪٽري ۽ هڪ ٻه سوشل سيڪيورٽيءَ جي ڊسپينسيري ڏسڻي آهي. پر مقصد اهو هئو ته مان ڪاف ڪاٽ مل ۾ وڃان ۽ اتي وڃي هڪ ڪلاڪ اهو ساڳيو بيلنگ ڪلي وارو ڪم ڪيان، پراڻي ياد ۽ پراڻي حيثيت کي ياد ڪيان، جتان مون روزي ڪمائي ترقيءَ جو سفر شروع ڪيو هو. صبح جو جڏهن ان هنڌ پهتس ته خبر پئي ڪاف ڪاٽ مل ڪافي عرصو اڳ بند ٿي ويئي هئي، هاڻي ان جاءِ تي ڪابه مل نه آهي. مونکي شديد ڌچڪو لڳو ۽ مايوسي جي عالم ۾ هڪ وڏي آهه ڀريندي واپس ٿيس ته ليبر جي عملدار چيو سائين ڇا ٿيو؟ مون چيو بس جيڪو ڏسڻو هئو اهو نه آهي. باقي ڊسپينسري به اتان شفٽ ٿي چڪي هئي، ائين ننڍپڻ جي اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. گهر آيس چند لمحا سوچيندو رهيس ۽ پراڻو منظر ياد ڪندي اکيون آليون ٿي ويون.
*
باب ٻيون: محنت ڪر تون محنت ٻار
تعليم جو شوق جاڳڻ
منهنجو پهريون عشق
رات جو هنن دوستن جي لياقت ڪالوني واري ڪرائي تي ورتل جاءِ ۾ رهياسين. جيڪي دوست نه هليا هئا، يعني امام الدين ۽ قاضي فاروق صاحب ته انهن کي حال احوال ڏنائون مان صرف ٻڌندو ۽ سوچيندو رهيس ليڪن اها حقيقت آهي ته ان پهرين جلسي منهنجي زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو ۽ انقلاب آندو ان وقت منهنجي عمر 17 سال هئي ۽ چوندا آهن ته ڪچي ذهن تي ڪا سوچ ۽ فڪر جلد پنهنجي جاءِ ٺاهي ٿي وڃي ته پوءِ ماڻهو ان فڪر جو پيروڪار ٿيو وڃي ۽ ان لاءِ هو هر قسم جو ڪم ڪندو آهي ايتري قدر جو ماڻهو پنهنجي جان به ڏئي ڇڏين. جيئن هاڻي هن ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي ايتري ئي عمر جي نوجوانن تي ڪم ڪري انهن جي ذهنن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري جيڪو حڪم ڏيندا آهن انهن جا نوجوان پيروڪار ايئن ڪندا آهن ايتري قدر جو بم پنهنجي جسم سان ٻڌي هڪ آسري خاطر ته مرنداسين ته شهيد ٿينداسين ۽ سڌو جنت ۾ وينداسين. ٻئي طرف سچ ۽ حق جون تحريڪون جيڪي آزاديءَ جي تحريڪ جو روپ اختيار ڪيو وڃن ۽ ان وقت سنڌ جي صورتحال ۾ اوهان ڏسو ته جي ايم سيد ان هلچل، سوچ ۽ فڪر جو اڪيلو اڳواڻ هوندي سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جو فڪري درس ڏيندي ايتري قدر نوجوانن کي تيار ڪيو جو اهي به سندس هڪ حڪم تي ايئن مرڻ مارائڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺا هئا ليڪن هن سنڌ جي سچي سپوت هميشه عدم تشدد ۽ اهنسا جو پيغام ڏنو ۽ آزادي لاءِ به سوچ، فڪر، جدوجهد ۽ سياسي ۽ قومي شعور جو درس ڏنو ۽ سدائين عدم تشدد جو پيغام ڏيندو هئو. هن عظيم هستي ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن ذاتي مقصد لاءِ تحريڪ يا پنهنجي ڪنهن به پوئلڳ کي تشدد لاءِ ڪونه ڀڙڪايو. پاڻ امن ۽ عدم تشدد جو ايترو ئي پيروڪار هئو جيترو گانڌي ۽ غفار خان! سندس ڪردار تي اڄ به ڪير آڱر نٿو کڻي سگهي ها سياسي اختلاف ۽ نظريي تي اختلاف ماڻهن جو حق آهي بهرحال اهي حالات انهن جو تجزيو ۽ ننڍي هوندي نوجوانيءَ جو پهريون سبق جيڪو سائينءَ جي سالگرهه ۾ ٻڌم جيڪو 1973ع انٽرنيشنل هاسٽل جي ميدان ۾ ٿيو اڄ به چٽو ياد آهي آئون ان مان Inspire ٿيس ۽ سوچڻ شروع ڪيم ۽ پوءِ ايئن حيدرآباد جي مل ۾ ڪم سان لڳي ويس ۽ پوءِ وڌيڪ سوچڻ ۽ هڪ منزل تي پهچڻ جو عزم ڪري ان ۾ پلاننگ ڪرڻ لڳس هاڻي جذبو ايترو ته پختو ٿيو جو سوچڻ لڳس ته ڪاش، اهڙي ڪنهن اسٽيج تان آئون به ڳالهايان ۽ آءٌ به هن تحريڪ جو ڪارڪن ۽ اڳواڻ ٿيان. اهي ڳالهيون جڏهن مان پنهنجي انهن دوستن سان ڪندو هئس ته اهي سڀ کلندا هئا. ليڪن مون همٿ ڪونه هاري ۽ پنهنجي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪيم.
انگريزي تعليم ڏانهن پهريون قدم
تعليمِ بالغان اسڪول ۾ داخلا
وڏي ڀاءُ جا رويا ۽ ڏوراپا
خادم سومري جو ساٿ
آخرڪار اهو وقت آيو مون ڏهه ئي پرچا گڏ ڏنا. ان ۾ منهنجي خادم سومرو، جيڪو جيئي سنڌ محاذ ۾ هئو. ڪجهه وقت جيل به ويو پوءِ ”سمجهدار“ ٿي ويو ۽ وري ڪڏهن جيل ڪونه ويو! سائين جي ويجهو ٿيو جي ايم سيد فائونڊيشن ٺاهي اٿس.اڄڪلهه سائين جا ڪتاب اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پيو ترجمو ڪرائي، مون سان هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ گڏ هليو فارم ڀرجي رهيا هئا. امتحان لاءِ ان وقت سائين غلام حيدر سولنگي هيڊ ماستر هئو. ان سان ملايائين فارم ورتو سين.پهرين خادم سومرو ۽ پوءِ سائين غلام حيدر سولنگي چيو ته پنج پيپر يعني نائين درجي جا هن سال باقي
پنج پيپر ڏهين درجي جا ايندڙ سال ڏجانءِ. متان ڏهن پيپرن جو توتي بار پوي ۽ رهجي نه وڃين! مون چيو جنهن استاد مون کي تياري ڪرائي آهي، ان جو هيءُ حڪم هئو ته ڏهه ئي پرچا گڏ ڏيئي ڇڏجان. هن استاد جي نصيحت منهنجي لاءِ والد جي حڪم جيتري حيثيت ٿي رکي. شروع ۾ نافرماني ڪندس ته آئنده ڪجهه ڪونه ڪري سگهندس. انهن منهنجي جذبي کي ڏسي چيو ٺيڪ آهي. سمورا گهربل ڪاغذ ۽ سنڌي پنجين درجي جو سرٽيفڪيٽ، فوٽو ۽ فيس وٺي فارم ڀريم. ۽ الله جي فضل سان پهرين دفعي ئي امتحان جا ڏهه پرچا پاس ڪيم. صرف هڪ پرچي ۾ گريس مارڪون ڏئي ڪري پاس ڪيائون. ۽ هاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪري ورتي سال 1975ع ۾ جڏهن ته جون1968ع ۾ 5 درجا پاس ڪري پڙهڻ ڇڏي ويس ڪن مجبورين جي ڪري .۽ هن 7 سالن جي عرصي کان پوءِ اها منزل ڏانهن ويندڙ گاڏي جيڪا D-Rail ٿي ويئي هئي، وري واپس پٽڙيءَ تي چڙهي ۽ آهستي آهستي پنهنجي تعين ڪيل منزل طرف هلڻ لڳي.
*
باب ٽيون: سيوهڻ واسي
منهنجو ڪٽنب
بابا ٻه شاديون ڪيون وڏي زال مان 6 پٽ ٿيا:
(1) غلام حسين ابڙو (2) غلام قادر ابڙو (3) ڪريم بخش ابڙو (4) محمد اسحاق ابڙو (5) محمد خان ابڙو (6) ڌڻي بخش ابڙو ۽ هڪ ڌيءَ؛ عظيمه!
ٻي زال مان، هڪ پٽ-جيڪو گذاري ويو، نياز عرف رياض ابڙو ۽
هڪ ڌيءَ؛ سيما!
منهنجيون ٻه شاديون آهن، ٻنهي مان ٻه پٽڙا؛ علي رضا ۽ اسد رضا آهن ۽ هڪ نياڻي؛ شگفته عرف نوشي. مان پنهنجي ٻن شادين جو ذڪر پنهنجي ڪتاب حصي ٻئي ۾ ڪندس، جيڪو انتهائي اهم واقعن ۽ ذاتي تجربن بابت هوندو.
*
وري سيوهڻ ڏانهن سانباها
اسان جڏهن پنهنجي ڳوٺ ٻلهڻ کي ڇڏي سيوهڻ ۾ آياسين ته بابا کي 6 پٽن مان ٽي جوان غلام حسين، غلام قادر، ڪريم بخش ۽ حاجي اسحاق به 13-14 سال جو باقي اسين 2 ڀائر مان، ڌڻي بخش ۽ ادي ننڍا هئاسين.
هن گهر ۾ اچڻ شرط اسان سان پهريون ڦڏو جاءِ تان گل محمد شاهه جي پٽ مراد شاهه سان ڪيو ان ۾ تڪليفون ۽ ٿاڻا پوليس جا چڪر، سو بهرحال همٿ سان منهن ڏنوسين. وڏيرن جي دٻاءَ ۾ اچي انهن جي رعب ۾ اچي پنهنجو گهر گهاٽ ڇڏيون يا وڙهون. سو پوئين ڳالهه کي ترجيح ڏني.گهڻيون تڪليفون آيون. پر ڪاميابي اسان جي پلئه پئي. علي گوهر شاهه ولد گنبل شاهه ۽ گل محمد شاهه جو سالو، حاجن شاهه جو مامو ان جي ڀرسان ڀاءُ ڪريم بخش دڪان ورتو جيڪو علي گوهر شاهه جي گهر جي ڀرسان هئو، ورتو به سندس عزيز کان هئوسين. جنهن جي رڪارڊ تي داخل هئو. سيد پاڻ ۾ وڙهيا ته هن پنهنجا مريد گهرائي قبضي جي ڪوشش ڪئي. گل محمد شاهه جو سالو هو. تنهن کي ڪير منهن ڏيندو کيس اندازو ڪونه هئو ته پنهنجو حق ڇڏڻ کان مرڻ کي ترجيح ڏيڻ اسان جو ايمان هئو اسان جا ڀائر به بندوقون ۽ ٻيا هٿيار جيڪي ان وقت هئا کڻي نڪري پياسين ۽ هوائي فائرنگ ڪئي سين. جيڪي شاهه صاحب سان ونگاري آيا اهي ڊڄي ويا جو انهن وٽ لٺيون ۽ ڪهاڙيون هيون. اسان وٽ هڪ رائيفل، هڪ بندوق، ٻه پسٽل ۽ لٺيون. پوءِ کڻي جيئن اتي فائر ٿيو ته هي همراهه وٺي ڀڳا. پوليس اچي ويئي ڪاغذ ڏٺائون معاملو ٽري ويو. ۽ شاهه صاحب کي شڪست آئي. پوءِ ان جو ڪيس پوليس ڪورٽ ۾ داخل ڪيوسين. جيڪو سول ميٽر هجڻ جي بنياد تي اڃا پيو هلي. سول ڪورٽ فيصلو اسان جي حق ۾ ڏنو. شاهه صاحب ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ويو آهي معاملو اڃا ڪورٽ ۾ آهي.
صادق علي شاهه ولد وريل شاهه سبز واريءَ سان مهاڏو
غلام حسين شاهه آراضيءَ واري سان جهيڙو
سو ڪليمينٽ آيو ته هن اچي ڊمانڊ ڪئي 8000 في گهر ٻنهي گهرن جا 16 هزار روپيه! اسان وٽ ان وقت ايترا پئسا ڪونه هئا اها 70 عيسوي سن جي ڳالهه آهي. بابا شهر جي ڪنهن وڏي ماڻهو وٽ ويندو هو نه ئي انهن جي حاضري ڀريندو هئو. نه انهن جي ڪا ناجائز ڳالهه مڃيندو هئو ان ڪري هر ماڻهو پيو دل ئي دل ۾ سڙندو هو ۽ ڀُرندو هئو. کيس پنهنجو پراڻو مهربان دوست ياد آيو. اهو هئو؛ سائين جئندل شاهه! ان کي چيائين ته ٻه جايون آهن هڪ ۾ مان ۽ ٻئي ۾ نبن سونارو ٿو رهي. ڪليمينٽ جي ڪاغذ ۾ هڪ جاءِ آهي پر هينئر ان جا ٻه حصا آهن اوهان مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪيو ته آئون پوءِ اهو قرض اوهان کي واپس ڪندس.
سائين جئندل شاهه چيو اهي پئسا آهن ته گهڻا ليڪن مان ڪجهه سوچيان تون ايئن ڪر هفتي کانپوءِ جو وقت ڏي ڪليمينٽ کي ته آئون انتظام ڪري ٿو وٺان.
ائين هفتي کان پوءِ بابا جڏهن سائين جئندل شاهه صاحب ڏانهن آراضيءَ ويو ته هن ملاقات ڪندي ٻڌايس ته 2 جايون آهن. هڪ ۾ تون ويٺو آهين ۽ ٻئي ۾ نبن سونارو ٿو رهي. سو اسين ٻنهي جاين جا پئسا ڀريون ٿا هڪ ۾ توهان ويٺا رهو. جيستائين تو وٽ پئسا ٿين، جڏهن پئسن جو انتظام ٿئي ته تو وارو اڌ توکي لکي ڏينداسين. ڇاڪاڻ ته جاءِ ٻه پورشن هئي. ليڪن ڪاغذن ۾ داخلا هڪ گهر جي ٿيل آهي. پوءِ بابا کي جئندل شاهه صاحب چيو ته منهنجو وڏي پٽ غلام حسين شاهه سان صلاح مشورو ٿيو آهي 16000 هزار هاڻي ڏيانس ٿو. توهان ڪليمينٽ واري همراهه کي وٺي اچو ته لک پڙهه ڪيون ۽ ايئن ڪليمينٽ واري کي 16000 هزار مليا ۽ هو ڪليمينٽ جا ڪاغذ ۽ ايگريمنٽ ڪري جڳهه جا ڪاغذ غلام حسين شاهه جي نالي ٿي ويا.
اهو واعدو ئي ڪهڙو جو وفا ٿئي؟
جاءِ نئين محلي ۾ قلندر لعل شهباز جي مزار کان 100 گزن جي فاصلي اولهه طرف آهي. هينئر ته شهر جي وڌندڙ آبادي ۽ قلندر جي پانڌيئڙن جي بي انتها رش ان جاءِ جي قيمت ڪروڙن ۾ ڪري ڇڏي آهي.
اسان جو پاڙيسري نبي بخش سونارو
ڪجهه وقت کان پوءِ بابا کي پئسا هٿ ٿيا کڻي جئندل شاهه ڏي ويو. جئندل شاهه پنهنجي پٽ کي سڏيو چيائين ميان علي محمد پئسا کڻي آيو آهي. پر مون ته توکي اڳ ۾ ئي چيو ته هيءُ منهنجو دوست آهي هن کي جاءِ لکي ڏي ۽ پئسا به نه آهن وٺڻا. ڇو ته جيڪو حصو اسان کي مليو آهي. اهو ئي لک جو آهي. پٽ جواب ڏنو ته بابا اسان ته چاچي علي محمد کي ڪجهه ڪونه چيو آهي، نه ئي پئسا گهريا آهن. اوهان جو حڪم آهي اها ملڪيت ميان علي محمد جي آهي۽ مان ڪاغذ داخلا ڪرايان، پوءِ درخواست ڏيئي سچا نقل ڪڍايان ته چاچي کي لکي ڏيندس. ايئن پئسا ڪونه ورتائين. کيس راضي ۽ خوش ڪري موڪلي ڇڏيائون. ان ۾ جئندل شاهه جو لفظ لفظ سچو هئو. ان اهو ئي پئي چاهيو جيڪو چيائين، پر سندس پٽ جي اندر ۾ بي ايماني هئي. هن جي سامهون صرف پيءُ هئو باقي موقعي جي تلاش ۾ هئو ته موقعو ملندو ته پوءِ اها جاءِ وٺنداسين هالي ڀلي ويٺو هجي نالي ته اسان جي آهي.
وقت گذرندو رهيو والد صاحب ڪافي دفعا سائين جئندل شاهه ڏانهن ويندو رهيو ته سائين اسان جي زبان ٿيل هئي ته مان اوهان کي پئسا ڏيندس ته اوهان اها جاءِ منهنجي نالي ڪندؤ هاڻي ته هي سمجهه کان ڳالهه ٻاهر آهي! پر هو چوندو رهيو ته مان ويٺو آهيان تون فڪر نه ڪر.
اولاد جي نفسيات
آخرڪار اها جاءِ آهستي آهستي ڊهندي ويئي. ڪورٽ ۾ ڪيس جي ڪري اسين بنا اجازت ان جي مرمت ڪونه پئي ڪري سگهياسين ۽ جاءِ زبون ٿيندي ويئي.1976ع جي برساتن ۾ هن جڳهه کي شديد نقصان ٿيو. اسان وڃي آخرڪار Care ڪالوني ۾ 4 ڪوارٽر هٿ ڪري ان ۾ 8 ڪمرا جوڙائي اوڏانهن لڏي وياسين. هيءَ جاءِ به وڏين برساتن ۾ آخرڪار ڪري پئي. صرف هڪ ڪمرو جيڪو ٿورو مضبوط هئو بابا ان ۾ ويهي رهيو ۽ چيائين آئون مرندس ته جاءِ ملندن، ايئن نه ڏيندس! اوهان ڀلي وڃي پنهنجن گهرن ۾ رهو. مان نه هلندس، ان وقت بابا عمر رسيده ۽ ضعيف ٿي ويو هو. تقريبن اسي ورهين جو- سو اسان ته کيس ڪونه سمجهائي سگهياسين. پوءِ 1981ع ۾ وري هڪ سخت برسات پئي اهو ڪمرو جنهن ۾ بابا رهيو پيو هو، ان به ڏار هڻڻ شروع ڪيا اسين سڀ ڀائر وياسين ته ”هاڻ الله اسان کي پنهنجا گهر ڏنا آهن اوهان خالي ڪريو هاڻي جاءِ ڪانه، زمين جو دڙو بچي آهي ٺهرائي اسين ڪونه ٿا سگهون جو ڪورٽ جي اجازت ڪونه ملندي باقي مٽيءَ جي ڍير کي ڇا ڪنداسين“. بابا جو چوڻ هئو ته هي شاهه، بي ايمان ٿي پيا آهن. زبان جي پرواه ڪونه ڪئي اٿن. ان ڪري مان به ضد ڪيو ويٺو آهيان. پوءِ بابا جي ضد پوري ڪرڻ لاءِ مان وڃي غلام حسين شاهه سان مليس ته سائين ڪوڙل شاهه ۽ نذر محمد شاهه کي ساڻ ڪري وڃي بابا کي منٿ ڪيو ته هاڻي هو اوهان کي جاءِ خالي ڪري ڏيندو.
سائين جي ايم سيد کي دانهن
*
قمرالدين ڪوريجو؛ M.B.B.F
عنايت الله سومرو ؛ حلوائي
هڪ نئين مصيبت
هوڏانهن وري اها به خبر پئي ته مائي شادي ڪرڻ لاءِ راضي نه هجي. قصو ته خبر نه آهي ڇا هجي هاڻي وري سالي ۽ ڀيڻوي جا جهيڙا،هڪ دفعي ڪجهه مهينن کان پوءِ وري عنايت الله سومرو بابا ۽ ادا سان ملڻ آيو ۽ ٻڌايائين ته مان ڏاڍو تنگ ٿي پيو آهيان توهان ته وٺڻ لاءِ تيار ٿيا آهيو. هاڻي ڇوڪري راضي ڪونه ٿي ٿئي. بس هاڻي مان ته ڌڪ هڻي ڇوڪريءَ کي ٿو ماريان يا مان پاڻ خودڪشي ڪندس. پٺيان وڃي پاڻ ڄاڻن! ادا کيس چيو ڇوڪريءَ کي هيستائين وٺي اچو ته ڪو حيلو بهانو ڪري ڀيڻ کي به وٺي اچ هتي اسين نڪاح خوان گهرائي زبردستي ٿا نڪاح وجهون پوءِ تون آجو آهين. توهان ڀلي هليا وڃجو اسين ڄاڻون ته اسان جو ڪم! ڀلي جنهن کي زور لڳائڻو آهي لڳائي. هن پروگرام ترتيب ڏنو ۽ ٽائيم ۽ وقت مقرر ڪري هليو ويو. بابا وارن شهر مان منهنجي لاءِ ڪپڙا، بوٽ وغيره وٺي تياري ڪري ڇڏي! پٺيان ڳوٺ ۾ امان ۽ اديون يا ٻين ڀائرن کي ڪابه خبر نه هجي بس نڪاح ڪرڻو آهي اهو به زور ۽ زبردستيءَ سان. اهي سڀ معاملا طي ٿيا ته پوءِ ڪريم بخش، بابا ۽ ادا کي چيو ته هيءُ معصوم ان بلا کي ڪيئن منهن ڏيندو؟ جيڪا طلاق يافته به هجي ۽ وري نڪاح لاءِ راضي به نه آهي، سو اوهان ته هن سان نسورو ظلم ٿا ڪريو. ڏسو ڪونه ٿا شڪل ئي وسامي ويئي اٿس. هروڀرو اوهان کي ضد آهي ته پوءِ ...! ايئن چئي وري رڪجي ويو ۽ مون کي مخاطب ٿي چيائين بابا ۽ ادا ته اهڙا رشتا ڳولي شوق سان پيا ڪندا آهن هيءُ مائي توکي ٿا وٺي ڏين جو مون انڪار ڪيو هئو هاڻي تون ٻڌاءِ جي شوق اٿئي ته ٺيڪ آهي نه ته آءٌ ٿو قرباني ڏيان توکي ان آڙاهه ۾ ڪونه ٿو وجهان هنن جو ضد آهي ته پوءِ آءٌ پاڻ ٿو ان مائي کي منهن ڏيان ۽ سنڀاليان.
ڪريم بخش جي ايئن چوڻ سان منهنجو وساميل چهرو وري نين اميدن سان ٻري پيو. منهنجو من مهڪي پيو ۽ مون يڪدم ڀاءُ جا ٿورا مڃيا. هيءُ ڪم هونئن به منهنجي وس جو ڪونه هئو. ٻيو ته آءٌ ڪنهن منزل جي تلاش ۾ ڏينهن رات محنت پيو ڪيان.
عورت جو انتقامي مزاج
اهو وري قصو اڃا اڳتي ايندو. مگر مائي سان جيڪا زبردستي سندس ڀيڻوئي سوٽ ۽ ادا ۽ بابا ڪئي ان جو انتقام هن ايئن ورتو جو اسان جو همراهه ئي اسان مان ڪنهنجو ڪونه رهيو. هينئر خوش آهي پاڻ ٽن پٽن سميت سعودي ۾ آهي جتي پٽن سميت ڪمائي ٿو. پر ماءُ پيءُ ڀائر ۽ ڀينرن جي سار هن ڪڏهن به ڪونه لڌي آهي. اها مائي اسان جي خاندان ۾ آئي ۽ اسان جي خاندان جي مضبوط عمارت مان پهرين سر سرڪي ويئي. ڇو ته اسان جي ڀائرن جي ٻڌيءَ جو مثال سڄي تر ۾ مشهور هئو. جي ڪو ماڻهو ڪنهن هڪ ڀاءُ سان ڪا بدتميزي ڪندو هئو ته سڀ ڀائر گڏجي مخالف جي خاطر تواضع ڪندا هئاسين. ايئن ڪير جرئت ڪونه ڪندو هئو ته اسان سان ڪو مڳي ڪري سگهي. هڪ گهر گڏ، کائڻ پيئڻ گڏ، ڏک سک سڀ ڪجهه گڏ هئو. ٻن ڪُنين چاڙهڻ جو تصور ئي ڪونه هوندو هئو. هاڻي پهرين ٻن وڏن شادي ڪئي. هاڻي ٽئين جي به شادي ٿي. آهستي آهستي سڀني کي ٻار به پيدا ٿيڻ شروع ٿيا هن وقت تائين جيڪي 3 مايون اسان جي گهر ۾ آيون انهن مان هڪ ڀاءُ، ٻگهين مان شادي ڪئي، ڇو ته اسان جي ماءُ به ٻگهين مان هئي-جيڪي سيوهڻ ۾ جڏهن ڪنهن ڪچي واري علائقي مان لڏي آيا ته هنن پنهنجن گهرن جي چوڌاري ديوار جي جاءِ تي وڏا لوڙها هڻي ڇڏيا. جو ماڻهو اٺ تي به چڙهي لگهندو هئو ته نظر نه پوندي هئي. ان ڪري شهر جا ماڻهو کين لوڙهائي ذات ڪري سڏيندا هئا ۽ اڄ اهي شهر ۾ لوڙهائي سان مشهور آهن. سندن نئين نسل کان ته شايد ذات به وسري ويئي هجي ۽ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ به ذات وارين خاني ۾ لوڙهائي لکيل آهي. ٻئي نمبر ڀاءُ جي شادي ابڙن مان، ٽئين نمبر جي شادي سومرن مان جن جا مائٽ واڍڪو ڪم ڪندا هئا ۽ سندن چاچا حلوائي جو ڪم ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته اها پهرين عورت اسان جي گهر ۾ آئي جيڪا ڌاري هجي ٻگهيا ته امان جي حوالي سان مائٽ ٿيا. ابڙا به پنهنجا ٿيا جو بابا جا مائٽ هئا. هاڻي هڪ ڌاري مائي آئي ته آهستي آهستي ٻار ٻچي تان مايون پاڻ ۾ پيون وڙهنديون هيون. ڇو ته ان مائي جي شاديءَ کان پوءِ اسان جي گهر مان ڪنهن به مائي کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪونه هئي. ايتري قدر جو پاڙي جي ڪا مائي به اسان وٽ ڪانه ايندي هئي. جو اسان ان قسم جا مراسم ئي ڪونه رکندا هئاسين. هرڪو پنهنجي گهر خوش! ٻار ٻچي جي ڪري ماين جو جهيڙو ۽ بابا جي ٻي شاديءَ کان پوءِ امان ۽ ماسيءَ جو جهيڙو به هنن ماين کي ڏسي شروع ٿي ويو ۽ آهستي آهستي اها ڪِر ڪِر ۽ ڪروڌ شروع ٿيو ۽ مضبوط بنيادن تي ٻڌل عمارت ۾ ڏار پوڻ لڳا. هونئن به دنيا جي قومن ۽ قبيلن ۽ خاندانن جي ڪمزوري تباهي جي شروعات سندن قوم جي فردن، قبيلي جي فردن ۽ خاندان جي فردن کان شروع ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ وڃي نثار بزميءَ چواڻي اها ڪيفيت ٿيڻ لڳندي آهي ته ؛
ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا هليا ويا
پرين، پيچ کولي پراڻا هليا ويا
قومن جي تباهيءَ جا ڪارڻ؛ هڪ واقعو!
مون مٿيون ذڪر ان ڪري ڪيو آهي ته قومن جي تباهيءَ جا سبب قومي اڳواڻن جي نااهليءَ جي ڪري ٿيندا آهن هاڻي ته اسان جي وجود کي به خطري وڪوڙيو آهي. هنن ڀاڳوڙن جو نئون نسل جيڪو هاڻي جوان ٿي چڪو آهي وڏو خطرناڪ آهي.هنن جو قائد الطاف حسين• هتان جي ماڻهن کي اهو درس ڏيئي رهيو آهي ته هتان جا 2 سيڪڙو وڏيرا، جاگيردار، چوڌري، خان، 98 سيڪڙو ماڻهن تي قبضو ڪيو ويٺا آهن. هيءُ صاحب پاڻ کي واحد نمائندو سڏائي، 98 سيڪڙو عوام جون ۽ انقلاب جون پيو ڳالهيون ڪري. اهو بحث سڄي ملڪ ۾ هلي پيو. آءٌ هتي رڳو هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهو 98 سيڪڙو جو واحد نمائندو جيڪو لنڊن ۾ خرچ پيو ڪري. اهو هڪ اندازي مطابق ايترو آهي جو سنڌ جا وڏا جاگيردار غلام مرتضيٰ جتوئي، ٻيون ممتاز علي ڀٽي، ٽيون پير سائين پاڳارو، چوٿون آصف علي زرداري، پنجون علي گوهر ۽ علي محمد مهر، ڇهون ملڪ اسد سڪندر، ستون نواب غيبي خان چانڊيو وغيره جي سالياني آمدني ملائجي ته قائد جي هڪ مهيني جو خرچ آهي. سندس لنڊن ۾ عاليشان گهر، عاليشان سيڪريٽريٽ سال ۾ هڪ ارب روپين کان وڌيڪ ٽيليفون خطاب جو بل، سيڪريٽريٽ ۾ ٻه سؤ ماڻهو پنجاهه سيڪيورٽي گارڊ اوهان اندازو لڳايو ته لنڊن ۾ جي هڪ ماڻهو رڳو گهمڻ وڃي ۽ اڪيلو صرف هڪ مهينو رهي ته هن جو ڏهه هزار پائونڊ خرچ ايندو آهي، ان ۾ ڪابه عياشي شامل ڪونه آهي صرف سادو هوٽل، سادو کاڌو ۽ تاريخي هنڌ ڏسڻ ۽ قناعت سان ايترو خرچ ٿئي ٿو! ڏهه هزار پائونڊ کي ضرب ڪيو 146 سان ته اندازن هڪ مهيني ۾ صرف لنڊن ڏسڻ جو خرچ پاڪستاني روپين ۾ 15 لک ٿئي ٿو. اڃا وڌيڪ هي 250 ماڻهن سان هيڏي وڏي عياشيءَ ۾ رهي رهيو آهي. جيڪو خرچ شايد ڪنهن ملڪ جو حڪمران نٿو برداشت ڪري سگهي. هتان هن ملڪ مان وزير اعظم يا صدر صرف ٽي ڏينهن جي سرڪاري دوري لاءِ جي ٻه سؤ ماڻهن جو وفد وٺي ٿا وڃن ته اخبارن ۾ واويلا مچي ويندي آهي ته سرڪاري خزاني مان ٻه سؤ ماڻهن تي پنجويهه ڪروڙ خرچ اچي ويو. ته پوءِ ڪو حساب جو ماهر اڍائي سؤ ماڻهن جي سيڪريٽريٽ سسٽم، ٽيليفونڪ خطاب، مهمان نوازي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندڙ ماڻهن ۾ پئسا ڏيڻ ۽ ڪيتريون ٻيون شيون مون کي سال جو خرچ ٻڌايو ته ڇا ٿيڻ گهرجي؟ 98 سيڪڙو عوام جو واحد نمائندو جيڪو ماڻهن کي وڏيرن جاگيردارن سرمائيدارن، چوڌرين مان جند ڇڏائي سڄو ڪجهه اڪيلو ڳڙڪائڻ ٿو چاهي. سندن ڇاڙتن کان جڏهن ان خرچ جي باري ۾ حساب پڇبو ته چوندا ته اسان کي پارٽي جا ميمبر چندوٿا ڏين!
اسان سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهو چڱي طرح ٿا ڄاڻون ته هنن جو چندو ته ڀتو، ڦرون، ماڻهن جو اغوا يا اغوا جون ڌمڪيون يا جيڪو هر مهيني نه ڏيندو ته پوءِ ان جو انجام موت هوندو آهي. اهي ذريعا آهن هنن دهشتگردن جي آمدنيءَ جا. مان چئلينج ٿو ڪريان ته اسان جي سنڌ جي سڀني وڏيرن. زميندارن ۽ جاگيردارن جي سموري سال جي سنڌ جي زرعي آمدني جي ڪل آمدنيءَ کان وڌيڪ هنن جي قائد الطاف حسين جي ذاتي خرچ تي مشتمل آهي ۽ هو هليو آهي انقلاب جون ڳالهيون ڪرڻ! فيصلو مؤرخ،اقتصاديات جي ماهرن ۽ هتان جي اٻوجهه عوام تي آهي ته هيءُ ڪن ڇا پيا ۽ ڪندا ڇا؟ ڳالهه ڪٿان شروع ٿي ۽ ڪاٿي پهتي هنن تي ڪيترو لکبو اهو ڪم سنڌ جي تاريخ دانن جو آهي. مون صرف ايترو پئي چيو ته قومن، قبيلن ۽ خاندانن جي تباهي ۽ برباديءَ جو سبب انهن جي فردن جي غلطين جي ڪري ٿيندو آهي. جي قوم متحد هجي ته ظالم قابض ڇو ٿين؟ قبيلا متحد هجن ته ٻين جا غلام ڇو ٿين؟ ۽ خاندان متحد هجن ته هنن جي طاقت ڪير به نٿو ٽوڙي سگهي. ليڪن تاريخ ۾ ايئن ٿيندو آهي ۽ ٿيندو رهندو ڇو ته جڳ جو چرخو ايامن کان ايئن ئي هلندو پيو اچي.
عبدالحميد شيخ
عبدالحميد شيخ ميڊيڪل ۾ پڙهڻ ويو. حميد جي ننڍي هوندي ئي شادي ٿي، هو ان وقت اڃا مئٽرڪ ۾ هئو، ته سيوهڻ جي ڳوٺ جان محمد ڀٽيءَ جي ڀٽين سان هنن جي ڏي وٺ جي مائٽي ٿي. هن پنهنجون وڏيون ڀينرون ڀٽن کي ڏنيون. هڪ الله بخش ڀٽو جيڪو ريڊيو ٺاهڻ جو مستري هئو ان کي ۽ ٻئي نمبر ڀيڻ عنايت الله ڀٽي کي جيڪو M.S.C ڪيمسٽري پاس ڪري ليڪچرار ٿيو هئو. پوءِ جلد سنڌ لوڪل گورنمينٽ جو ان وقت ڪو-ائڊمنسٽريٽو ڪورس هئو امتحان ڏيئي پاس ڪيائين ۽ لوڪل گورنمينٽ ۾ ملازمت ڪيائين. پوءِ هو ان ۾ وڏو آفيسر ٿي ويو، ان کي ڏنائون. ان جي عيوض ۾ سندن وڏي ڀاءُ جي ڌيءُ جو رشتو عبدالحميد کي مليو. ليڪن قسمت جي ڳالهه آهي سندن وڏي ڀيڻ ۽ الله بخش پاڻ ۾ نه ٺهي سگهيا ان جو سبب اهو به هئو ته هي ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ خوشحال هئا. ڀٽا غريب هئا. صرف عنايت الله ڪنهن سٺي نوڪريءَ ۾ وڃي لڳو. باقي الله بخش سڄو ڏينهن گهران ڪونه نڪرندو هئو. ريڊين جو مستري ته وڏو هئو ليڪن ريڊيو به جيڪو گهر اچي ڏيئي وڃيس اهو ٺاهيندو هو.ائين چئجي ته هن جي ڪابه سوشل زندگي ڪونه هوندي هئي. سبب به ڪهڙا هئا پر خبر اها پئي ته اهي پاڻ ۾ ڪو نه ٺهيا ۽ هنن ۾ علحدگي ٿي ويئي. هڪ ڇوڪري نه ٺهي ته هي واپس گهر اچي ويهي رهي. نتيجي ۾ حميد شيخ جي زال به سندس پيڪا پنهنجي گهر وٺي ويا. جيئن پاڻ وٽ اڪثر بدلي جي رشتن ۾ ٿيندو آهي ان ڪاوڙ کي رهندو هٿي ڏيڻ جو رهيل ڪم ادا گلوءَ ڪيو. حميد کي ان زال مان هڪ پٽ عبدالرشيد ٿيو اهو به ننڍو هئو ۽ ماءُ سان هليو ويو. باقي هنن ٻنهي ڀينرن کي اولاد ڪونه هئو. اهو علحدگي جو وقت ڪجهه سالن تائين هلندو رهيو. آخر عنايت الله ڀٽي ڪوٽڙيءَ مان وڃي ٻي شادي ڪئي. ليڪن هن يا سندس ڀاءُ طلاق ڪونه ڏني هئي. عنايت الله جي شاديءَ کان پوءِ عبدالحميد تي به زور پيو ته تون به ٻي شادي ڪري ڇڏ. ان ۾ به ادا گلو اڳڀرو هجي. ليڪن عبدالحميد جو چوڻ هو ته اختلاف اديءَ ۽ ان جي مڙس جا ٿيا منهنجا ۽ منهنجي زال جا ته ڪونه هيا اسان جي ته Understanding قائم ٿي ويئي هئي، هڪ پٽ به آهي. علحدگي اوهان جي ضد جي ڪري ٿي آهي. هڪ جوڙي جي سزا ٻيو جوڙو ڇو ڀوڳي؟ آخر ننڍي ڀيڻ جي مڙس ٻي شادي ڪئي، ان جي زندگي ته تباهه ٿي وئي هاڻي اوهان مون کي پيا چئو. آءٌ هرگز ايئن ڪونه ڪندس. نه ٻي شادي ڪندس نه طلاق ڏيندس! منهنجي زال يا منهنجي پٽ ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ جو آءٌ اوهان جي ضد ۽ ڪاوڙ ۽ انا جي سزا انهن کي ڏيان! ايئن سيٺ ولي محمد ٻنهي نياڻين جي علحدگي واري معاملي ۾ پريشان رهڻ لڳو. ۽ وڃي بيماريءَ جي بستري تي پيو. هوڏانهن ادا گلوءَ جي ڳالهه نه ٻڌڻ، نه مڃڻ جي ڪري هن حميد ۽ سندن ڀينرن تي خرچ پکي جي سختي ڪئي. ڪاليج جو خرچ مٿان وري ميڊيڪل ڪاليج جي پڙهائي ڪيئن ڪجي؟! هن ڪوشش ڪئي ته هيءُ پڙهائي ڇڏي در بدر ٿئي ته خبر پويس!ليڪن عبدالحميد شيخ مون کي هميشه پنهنجي ارادن ۾ اٽل ۽ مضبوط نظر ايندو هئو. سائين جي ايم سيد جو پيروڪار، ڪتاب پڙهڻ ۽ تاريخ جي مطالعي جو شوق هوندو هئس. ڪافي ادب پسند ماڻهو هيو، اڃا به پيو ڪتاب پڙهندو آهي. صرف جي ايم سيد جو شخصي حد تائين پيروڪار هئو. باقي جيئي سنڌ يا سياسي طرح ڪنهن سان ڪونه هوندو هئو. هو سنڌ جي آزاديءَ جي فڪر جو ديوانو آهي. سو پڙهيل لکيل هجڻ جي ڪري پنهنجي فيصلي تي مضبوطيءَ سان بيٺو هوندو هئو. پوءِ هن جي وڏي ڀيڻ جيڪا الله بخش ڀٽي جي زال هئي، اها مشين جي ڪاريگرياڻي هوندي هئي. اها عمر ۾ به کانئس وڏي هئي. اها هن کي مشين مان جيترا پئسا ملندا هئس انهن مان ڪجهه بچائي پنجن سالن تائين پنهنجي ڀاءُ کي ڏيئي پڙهايائين. ۽ هو پڙهي ڊاڪٽر ٿيو. پڙهائي دوران زال ۽ پٽ کي ياد ڪري روئي ويهندو هئو. نيٺ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ملڻ کان اڳ ئي هنن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ته وڏي ڀيڻ الله بخش ڏانهن ڪونه ٿي وڃڻ چاهي ته اها ڪونه ويندي. باقي ننڍي ڀيڻ باوجود عنايت الله جي ٻي شاديءَ جي پنهنجي مڙس ڏانهن ويندي ۽ عبدالحميد جي زال به عبدالحميد وٽ اچڻ پئي چاهيو سو اهي ٻئي جوڙا هڪ ٻئي سان ملي ويا. باقي وڏي ويٺي رهي. اهو به ان ڪري ٿيو جو ادا گلو هاڻي خرچ پکي ۾ هنن کي ڪافي تڪليفون ڏيندو هئو. بنيادي طرح هيءُ نوڪر هئو. جيڪو مالڪ ٿي ويو ۽ مالڪ وري نوڪر جا محتاج! سو ان ڪري ننڍي ڀيڻ وڃي مڙس وٽ رهي. باقي وڏي ڀيڻ، سلائيءَ جو پورهيو ڪري گهر جو ۽ عبدالحميد جي پڙهائيءَ جو خرچ هلائيندي هئي. ڪجهه ادا گلو سيڌو سامان موڪليندو هئن ليڪن ايڏو رعب ۽ دهشت هوندي هئس، جو هي سڀ ڀائر ۽ ڀينرون هن کان پيا ڊڄندا هئا.
اڳتي هلي اها هنن جي وڏي ڀيڻ منهنجي ڀاڄائي ٿي جيڪا اڄ به منهنجي ڀاڄائي آهي ۽ سندن چوٿين نمبر واري ڀيڻ سان منهنجو نڪاح ٿيو. ليڪن اهو تمام وڏو موضوع آهي. اڳتي تفصيل سان بيان ڪندس. ته هي ٻئي رشتا ڪيئن ۽ ڇالاءِ ٿيا؟ ان جي وڏي ڪهاڻي آهي. مان ان موضوع تي پهچندس ته ذڪر ڪندس.
*
باب چوٿون: سيوهڻ
سيوهڻ جو تاريخي پسمنظر
”پراسٽي لوڪن جي شهرن جا اڳواڻ 150 ٻين نامور شخصيتن سان گڏجي پنهنجي قبيلي پاران معاهدو ڪرڻ جي پورن اختيارن سان آيا. ۽ چيائون ته اسان لڙائي کان اڳ پيش پوڻ لاءِ پنهنجو ڪو ايلچي ڪونه موڪليو آهي. ان ۾ اسان ڪو ڏوه ڪونه ڪيو. ڇاڪاڻ ته اسان سدائين آزاد ۽ خودمختيار رهڻ جا شائق رهيا آهيون. هنن پراستي لوڪن جو علائقو اڄوڪو لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعي تي مشتمل هئو ۽ سندن وڏي ۾ وڏو شهر هنديمن يا سندومن (سيوهڻ) هئو.“
سيوهڻ ۾ محرم جون تقريبات
سيوهڻ شهر ۾ سيدن جو وڏو تعداد اهل تشيُّع سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري محرم ۾ ٿيندڙ سڀني تقريبات جو انتظام به گهڻو ڪري سيدن جي حوالي هوندو آهي.
سيد ولي محمد شاهه کانپوءِ سندس پٽ سيد گل محمد شاهه جيڪو اسان ڏٺو. پوءِ سندس اولاد محمد مراد شاه، سيد حاجن شاهه ۽ الله بخش لڪياري وارا اها رسم نڀائندا پيا اچن. باقي ته پٺين ٽنهي ڀائرن گل محمد شاهه ۽ ولي محمد شاهه جيڪو نالو روشن ڪيو آهي، اهو شهر جي ماڻهن کان ڳجهو ڪونه آهي. اهو ذڪر اڳتي ايندو في الحال محرم جي حوالي سان اهي سيد ۽ ٻئي طرف سبزواري سيد جيڪي وريل شاهه ان کانپوءِ سندس پٽ سيد صادق علي شاهه اسان جي وقت ۾ سندس ڀائرن ۾ حاجن شاهه (فتح علي شاهه) مظفر علي شاهه ،۽ ارشاد علي شاهه ٻئي ننڍا سرڪاري ڪامورا هئا. سي ان قسم جي تقريبات ۾ نظر ايندا هئا. سبزواري سيدن جي اڳواڻيءَ ۾ سيد موٽيل شاهه سندس پٽ عزت علي شاهه ۽ هاڻي سندس ڀائر ۽ پٽ ڪجهه رسمن ۾ شريڪ هوندا آهن.
انهن سيدن وٽ پنهنجون امام بارگاهون آهن. امام بارگاهه وڏن شهرن ۾ ڏٺيونسين. جت تشيُّع جي عقيدي وارا، امامن جي روزن جي شبيهه ۽ امامن سان مشابهه شيون رکي اتي اچي خيرات ۽ ماتم ڪندا آهن. اهي سڄو سال کليل هوندا آهن. ليڪن اسان جي شهر جون ٻه امام بارگاهون، هڪ سبزواري سيدن جي پاڙي ۾ (جنهن کي شير علي شاهه سبزواري جيڪو شيرڻي شاهه جي نالي سان مشهور هئو) اهو سنڀاليندو هئو. پر اها امام بارگاهه صرف محرم جي عاشوري واري عشري ۾ آباد هوندي هئي. ان کان پوءِ سبزواري سيدجو گهوڙو اتي ٻڌو پيو هوندو هئو. جنهن لاءِ چوندا هئا ته هي امامن جي نالي سان منسوب ڪيل گهوڙو آهي. جنهن کي ذوالجناح به چوندا آهن. ۽ هر سال محرم جي 7 تاريخ تي ان جي مٿان ڪلنگيون، پَڙ ۽ گل گلاب جا هڻي سينگاري ان کي ان امام بارگاهه مان جلوس جي شڪل ۾ پهرين قلندر شهباز جي مزار ۽ پوءِ پير پوٽن جي پڙ تي گهمائي اچي اختتام پذير ڪندا هئا .جتي سبزواري خاندان جو بزرگ مير ڪلان جو مقبرو آهي ۽ سبزواري سيدن جو قبرستان به آهي.
ٻي امام بارگاهه مشالچين جي پاڙي ۾ آهي جنهن جي سنڀال ان وقت سائين بابو علوي ۽ ماستر قربان انصاري ڪندا هئا. اهو گهوڙو 8 تاريخ تي نڪرندو هئو. پهرين جلوس جي صورت ۾ قلندر ۽ پوءِ ڪربلا (سيوهڻ ۾ ڪربلا، مولائين پنهنجي ٺاهي ڇڏي آهي) ويندا هئا، جتي سيد ثابت علي شاهه مشهور مرثيه خوان جو مقبرو آهي ان کي ڪربلا ٿا چون.
ماتمي جلوسن جو پاڻ ۾ مقابلو
سنڌ ۾ ٻاهران آيل اهي پنهنجي ليکي اعليٰ نسل جا ماڻهو جيڪي هتي اچي سادات ۽ آل محمدﷺ جي نسبت جي نفسياتي هٿيار سان جيڪو سنڌي ماڻهن سان حشر ڪيو ويٺا آهن، اها به هڪ تلخ ترين تاريخي حقيقت آهي. هاڻي ته اهي به سنڌي آهن ۽ سنڌ جي نمائندگي به ڪن پيا ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه جي اڳواڻي به ڪن ٿا. ايتري قدر جو جي ايم سيد سنڌ جي آزاديءَ جو نظريو ڏيندڙ اڳواڻ هئو. جنهن تي آئون کيس سلام ٿو پيش ڪيان. شايد هن اها سنڌ جي نمڪ حلالي جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ اها جدوجهد ڪئي. باقي ته سڀ اسان وٽ ٻاهران آيا جيئن هاڻي پاڪستان کان پوءِ پناه گير آيا ۽ اسان جي سموري اقتصاديات، روزگار، شهري ڪلچر ۽ ٻوليءَ تي قابض ٿي ويٺا آهن. شايد اڳتي هلي اهي به چون ته سنڌي آهيون ئي اسين. ۽ اسين جيڪي اصل سنڌ جا رهواسي آهيون، اهي ڪنهن به کاتي ۾ نه هونداسين. ايامن کان هر غاصب قوم جو تسلط اسان تي رهيو آهي. ڪڏهن اصلاح جي نالي ۾، ڪڏهن اسلام جي نالي ۾ ته ڪڏهن جي سلامتيءَ جي نالي ۾. ان باري ۾ پنهنجي سمجهه ۽ سوچ مطابق جيڪو مون ڏٺو ۽ سمجهيو ان تي ضرور بحث ڪرڻ گهرجي. پوءِ اختلاف راءِ هر ڪنهن جو حق آهي. في الحال محرم جي رسومات تي واپس ٿا اچون. اسان اڃا سانڀر جهڙا ٿيا آهيون ته اهي ان وقت جون ۽ ننڍي هوندي جون يادگيريون آهن جيئن مون سمجهيو. ايئن بيان پيو ڪريان، ڇو ته وقت بدلجڻ سان رسمون ۽ رواج به بدلبا رهيا آهن.
اسان جي سيوهڻ جا والي ۽ وارث اهي سادات سڳورا، جيڪي شهر جي ماڻهن جا جهڙوڪر رکوالا هجن، انهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل ٻئي خاندان ۽ سيد پير بخش شاهه هاڻي سندس پٽ غلام علي شاهه بخاري، سيد جئندل شاهه لڪياري، آراضيءَ وارو، سيد مراد علي شاهه واهڙ وارو، سيد حبيب شاهه جهانگارن وارو، اهي سڀ سيوهڻ شهر يا تعلقي جا بااثر ۽ پئسي وارا ماڻهو هوندا هئا.
محرم ۾ امامن جي عقيدت سان گڏ سيد سڳورن جو پاڻ ۾ جلوسن جي اهتمام جو مقابلو به هوندو هئو. ته ڪنهن وڌيڪ عقيدت جا جوهر ڏيکاريا! سبزوارين يا لڪيارين؟! مون ذڪر ڪيو ته لڪياري ۽ سبزواري قلندر جي گاديءَ تي براجمان ٿيا. هتان جي بنيادي ماڻهن کي تاثر ڏنائون ته اسان سيد آهيون قلندر به سيد هئو تنهنڪري ان جا وارث اسين آهيون ، مشالچي، جيڪي انصاري، علوي ۽ هندو مذهب جا ماڻهو هئا ۽ اسلام قبولڻ بعد شيخ سڏجڻ لڳا گذريل ڇهن صدين کان قلندر جا ٻهاريدار ۽ عقيدت مند هئا. انهن کي سادات سڳورن ٻهاريدار ئي رهڻ ڏنو.
سيوهڻ ۾ محرم جي موقعي تي پهرين تاريخ کان وٺي ماتمي تقريبون شروع ٿينديون آهن. جن ۾ مجلسون۽ نياز جو اهتمام ڪيو ويندو آهي پنجين تاريخ کان ئي اها سرگرمي وڌي ويندي هئي. ان ۾تابوت جيڪي رات جي وقت ۾ نڪرندا هئا. پنجين تاريخ تي شام جي وقت تقريبن ٽيپهريءَ جو شيخ محله مان امامن سان منسوب پهريون گهوڙو-ذوالجناح نڪرندو هو. جيڪو اسان جي سانڀر ۾ مجيد پنجابيءَ جي گهر ڀرسان نڪرندو هو. سو مجيد پنجابيءَ جي انتظام، سنڀال ۽ نظرداريءَ ۾ نڪرندو هئو ۽ شاهي بازار جي پوئين پاسي کان قنڌاري محلي کان مڙي پيربخش شاهه جي حاويليءَ کان سوني دروازي کان ٿيندو سج لهڻ کان ٿورو اڳ ۾ ڇٽي عمراڻيءَ جي مزار تي اختتام پذير ٿيندو هو.
ڇهه تاريخ شام جو ٽيپهريءَ ويلي بودلي بهار وٽان ذوالجناح جو ماتمي جلوس قاضين جي محلي کان ٿيندو تجر مُقام تي اختتام پذير ٿيندو هو. هن گهوڙي جي سينگار جي ذميواري ميان اختر پيرزادو سرانجام ڏيندو هو. ست محرم تي ذوالجناح سبزواري سيدن جي امام بارگاهه مان سينگارجي نڪرندو هئو، سبزواري محلي کان قلندر جي مزار تي مجلس بعد درگاهه معصوم وٽ پڄاڻيءَ تي پهچندو هئو. اٺ محرم تي ذوالجناح لڪياري سيدن جي امام بارگاهه مشالچي محلي مان نڪري قلندر شهباز جي درگاهه تي پهچندو هئو. اتي مجلس ۽ ماتم کانپوءِ ڪربلا ثابت علي شاهه وٽ اختتام پذير ٿيندو هئو.
نائين محرم الحرام جي رات جو يارهين وڳي لڪياري سادات پاران حسيني امام بارگاهه مان سيج نڪرندي هئي. سيج شهزادي قاسم جي نالي سان منسوب هوندي آهي. نهال شاهه نوريءَ جي گهٽيءَ وٽان لنگهي، ڪجهه وقت لاءِ اتي رکي هي اتان وري ساڳي امام بارگاهه کان واپس ٿيندي، لڪياري سيدن جي پڙ تي جيڪو لعل داس جي ڪافيءَ جي سامهون آهي، گجگاهه علم سميت پهچندي آهي. ان کان پوءِ سيدن جي حويلي سان هڪ ننڍڙي معصوم نياڻي لباس ۾ هٿ تي ميندي رکي عورتن جي وڏي جلوس جي اڳواڻي ڪندي ۽ روئيندي پٽيندي امام بارگاهه حسينيءَ تي پهچندي هئي. ان جلوس پهچڻ شرط روڄ راڙو، ياحسين، هاءِ حسين جو دل ڏاريندڙ آواز امام بارگاهه ۾ سوڳوار ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏيندو هو ۽ پوءِ مينديءَ جون مخصوص رسمون ادا ڪيون وينديون هيون.
محرم جي ڏهين/ عاشورو
سڀ پڙهو پهرين محمد مصطفيٰ تي فاتحه
10 تاريخ منجهند جو سبزوارين جو آخري تابوت نڪرندو هئو ۽ حسب روايت پيرپوٽن تي شام جو ستين ۽ اٺين وڳي تائين پهچي اختتام پذير ٿيندو هو. اتي مولائين جي لاءِ لائوڊ اسپيڪرن جو ۽ پٽ تي ويهڻ لاءِ فراسين جو انتظام سبزواري سيدن طرفان هوندو هئو. ماڻهو علامه رشيد ترابيءَ جي ريڊيو تان نشر ٿيندڙ شام غريبان ٻڌندا هئا ،۽ ان جي اختتام تي سڀ ماتم ڪندا پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويندا هئا. ۽ آخرڪار محرم جو عاشورو ان ڏينهن پڄاڻيءَ تي پهچندو هئو.
عاشوري جا تبرڪات
هو سنڌ ۾ ڪيئن آيا ۽ هتان جي زرعي زمينن (في الحال سيوهڻ جا سادات)– جائدادن ۽ واپارن جا ڪيئن وارث ٿيا، اهوهڪ الڳ بحث آهي. ليڪن اُهي تر جا وڏا زميندار پڻ هئا. زمينون ڪيئن هٿ ڪيائون؟ ۽ ٻين ملڪيتن تي ڪيئن قابض ٿيا. اهو سوال پنهنجي جاءِ تي. ليڪن آهن سڀ زميندار ۽ جاگيردار اها هڪ حقيقت آهي. سندن هارين جي اڪثريت ملاحن، ماڇين ۽ جتن تي مشتمل آهي. جتن وٽ گذر سفر لاءِ اٺ هوندا هئا. محرم جي موقعي تي سڀني هارين نارين ۽ جتن کي سادات گهراڻن طرفان احڪام ملندا هئا ته جن هارين ۽ انهن جي عزيزن وٽ اٺ ۽ ڏاچيون آهن، اهي محرم جي عشري لاءِ ڪاهي اچن ۽ محرم جي جلوس ۾ ڊيوٽي ڏين. غريب ماڻهو جن جو گذر سفر اٺ ۽ ڏاچيءَ تي هجي، اهو ڏهه ئي ڏينهن ڀلي گهر ۾ فاقه ڪشي ڪري!- ننڍا معصوم ٻار ڀلي بک مرن، پر اهي 10 ڏينهن سيوهڻ ۽ ان جي آس پاس وارن جتن ۽ اٺ ڌاريندڙن کي امامن جي ڊيوٽي ڏيڻي پوندي آهي. وڏي افسوس جي ڳالهه اها ته اٺن جو ان ڏهن ڏينهن ۾ کاڌ خوراڪ به اٺ ڌڻين جي ذميواري هوندي هئي. سيد سڳورا صرف حڪم ڏيئي امامن جي نالي ٿيندڙ ماتم کي پيا ترتيب سان هلائيندا هئا.
محرم جي موقعي تي اٺن جو استعمال
سڀ کان پهريان اٺن جي هڪ قطار جنهن ۾ ويهن کان پنجويهه اٺ هوندا هئا. انهن تي وڏا علم کڻي ڪجائي تي ماڻهو يا ننڍا ٻار ويهندا هئا. جهنڊي کي ڪجائي ۾ مضبوطيءَ سان ٻڌندا هئا. يا ته وري اٺ ڪاهيندڙ همراهه جي اها به ذميواري هوندي هئي ته ان جهنڊي کي مضبوطي سان پاڻ جهلي ۽ اٺ کي به ڪاهي. مون ڏٺو ته اهي ويچارا پيرن اگهاڙا اٻوجهه ماڻهو جن جي نه عقيدت نه کين امامن جي ڪا خبر، نه ئي انهن مان اڪثريت جو ڪو تعلق شيعت سان، سو اهي فقط عام، سادڙا ۽ سٻاجهڙا ماڻهو پيا ڊيوٽي ڏيندا هئا. اهي اُٺ جلوس نڪرڻ کان چار يا پنج ڪلاڪ پهرين ڊيوٽي تي لڳي ويندا هئا.
جهنڊن وارن اٺن جي پويان نغارن وارن اٺن جي قطار هوندي هئي، اهي به اندازن ايتري تعداد ۾ هوندا هئا. ۽ انهن اٺن جي ڪجائي جي ٻنهي پاسي نغارا مضبوطيءَ سان ٻڌي نوجوان ڇوڪرن ۽ وڏن ماڻهن کي ڪاٺيءَ جا ٺهيل ڏونڪا هٿ ۾ ڏيندا هئا. ۽ اهي نغارن تي پيا ڏونڪن جو وسڪارو ڪندا هئا. سيوهڻ شهر جا تقريبن سڀ ماڻهو ننڍي هوندي کان وٺي نغارن وارن اٺن تي ضرور چڙهيا هوندا. اهو مزو مون سميت سمورن سيوهڻ واسين ورتو هوندو ايتري قدر جو اٺن تي چڙهڻ لاءِ نوجوان ۽ ننڍن ڇوڪرن کي سفارشون به ڪرڻيون پونديون آهن. نغارن جي اڳيان ٻن اٺن تي ٻه ٻه وڏيون ڀيرون ٻڌل هونديون آهن. ڀيرون به نغارن جو قسم آهي. پر ٿينديون وڏيون آهن. ٽامي جي گول ٺهيل گنديءَ وانگر شڪل ۾ گُندي ان وجهڻ واري، پرگنديءَ جي شڪل هيٺ ويڪري منهن وٽ سوڙهي ۽ ڀير جي شڪل هيٺان سوڙهي ۽ مٿان ويڪري ان تي ڪنهن جانور، جنهن ۾ اڪثر مينهن يا ڍڳي جي کل لڳائي مٿان مضبوطيءَ سان ٻڌي ان کي ڪاٺ جي ڏؤنڪن سان پيا وڄائيندا آهن. ڀير وارن اٺن جي ٻن جوڙن ۾ نغارن ۽ ڀيرين کي وڄائڻ وارا ماهر ويهندا آهن. اسان جي وقت ۾ استاد جانڻ مڪراني ويهندو هئو. چوڻ جو مقصد ته ان ڀيرواري اٺ تي عام ماڻهو يا ننڍو ڇوڪرو ڪونه ويهاريندا هئا. جو اهو ويهندو ته نغارن وڄائڻ لئه ريت ٽٽي پوي جنهن ڀير پٺيان اٺن جي قطار ۾ ننڍا نغارن وارا نغارا وڄائيندا هلندا آهن.
اهو قافلي جي صورت ۾ جلوسن جي نڪرڻ کان چار کن ڪلاڪ اڳ ۾ انهن گهٽين ۾ هلندا ۽ طواف ڪندا هئا. ته اسان جي پٺيان جلوس اچڻ وارو آهي. جهڙو ڪر پراڻن زمانن ۾ بادشاهه جي اچڻ کان اڳ ۾ گهنڊ گهڙيال ۽ نغارن کي وڄائي اهو اعلان ڪيو ويندو هئو، ته وقت جو حاڪم اچي پيو. آءٌ سمجهان ٿو هتان جي سيدن ان قسم جو پروٽوڪول امامن جي جلوس کي ڏيڻ لاءِ اهڙو انتظام ڪندا هئا.
اٺن جي ٻنهي قطارن يعني جهنڊن واري قطار پوءِ نغارن واري قطار اڳتي هلندي رهندي هئي ۽ پوءِ مقرر وقت کان ٿورو دير سان جلوس ايندو هئو. جلوس جي اڳيان ٻن قسمن جي ڪيفيت نظر ايندي هئي. هڪ ته مڱڻهار پنهنجي دهلن ۽ شرناين سان غمگين سُر جي وڄت وڄائي مولائين کي جوش ۾ آڻيندا هئا، ۽ اهي جيئن جلوس شروع ٿيندو آهي وڄائيندا ۽ مولائين جي ماتم جي اڳواڻي ڪري اچي قلندر جي درگاهه تي پڄندا هئا. ٻيو اتي وري روايت تحت ڪڏهن مجلس ته ڪڏهن ماتم (جنهن کي ٻانهن جو ماتم چوندا آهن)، آءٌ سمجهان ٿو ته اهو ماتم جو طريقو صرف سيوهڻ ۾ آهي. ان طريقي تحت جلوس قلندر جي مزار جي ٻاهران پراڻي علم وٽ پهچندو. پوءِ اتان طي ٿيل شيڊول مطابق ڪڏهن تابوت ڪڏهن گهوڙو (ذوالجناح) اتي پهچندو ته ان کي درگاهه جي علم جي اڳيان بيهاري ماتم ڪندڙ ماڻهو چؤطرف گول دائرو ٺاهيندا. جنهن ۾ سندري وانگر ڪپڙو پوءِ ٽوال يا پوتڙو جيڪو به هجي ٻڌندا ۽ هڪ ٻئي سان گڏ بيهي وڏي گول دائري ۾ ماتم ڪندا، هن ماتم تحت هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي قدم قدم سان ملائي آهستي آهستي پاسيرو هلندا ۽ هڪ هٿ ٻئي طرف جي ٺونٺ کان مٿي ۽ ڪلهي کان هيٺ هڻندا ۽ اهڙي طرح ٻي ٻانهن جو هٿ مخالف ٻانهن تي هڻندا ۽ دهل ۽ شرناين جي گونج ۾ ”يا حسين يا حسين ۽ علي مولا حيدر مولا“ جا نعرا هڻندا چوڌاري هڪ چڪر پورو ڪندا. دهل ۽ شرناين وارا مڱڻهار فقير پڙ ڪڍڻ واري سيد پوءِ اهي سبزواري هجن يا لڪياري - انهن جي اڳيان آمهون سامهون وڄائيندا ڦرندا ايندا ۽ جتان ماتم شروع ٿيو گهمي واپس ان جاءِ تي پهچندا. معنيٰ ماتم جو هڪ چڪر پورو ٿيو، ۽ ايئن اها قطار اتي ئي ختم ٿي ويندي. پوءِ ذوالجناح يا تابوت پنهنجي اڳئين منزل طرف روانا ٿيندا، هاڻي اتان مرثيا چوڻ وارا ٽي کان چار ماڻهو شروع ڪندا. جيڪي مرثيي جو مهاڳ چوندا ۽ پٺيان پندرهن ويهه ماڻهو ان مهاڳ کي پيا ورجائيندا آهن. اڳيان مرثيه چوندڙ سمورو مرثيو ٻه مصرعه ڪري پڙهندا. پٺيان همراهن جو ٽولو پهرين ٻن مصرعن کي ورجائيندو رهندو:
مثال طور ؛ ”شاهه جي تابوت سان اڄ مصطفيٰ روئندو هليو
مــــير جــــي مظلوم مــــڙهه سان مجتبيٰ روئندو هليو.“
ان کان پوءِ اهي مرثيه ۽ نوحا چوڻ وارا اندازن ان منزل تائين اهو عمل نڀائيندا رهندا ۽ آخر اڌ منزل تي وري مولائي ماتم ڪرڻ شروع ڪندا .۽ ساڳيا مڱڻهار وري اچي پنهنجي دهل۽ شرناين جي سُر ۾ مولائين کي جوش ڏياريندا آهن. پوءِ ڪيترا سينه ڪوبي ڪندا آهن. زنجيرن جو ماتم، جيڪي زنجير اڌ کن درجن تکين ڇرين ۾ جڪڙيل هوندا آهن. پنهنجي پٺن تي پيا هڻندا آهن.اهي ايترو ته جوش ۾ هوندا آهن جو کين واقعي ان عقيدي جي محبت ۾ ڪو هوش ڪونه هوندو آهي. باقي جيڪي زنجير ۾ جڪڙيل ڇرين ۾ ماتم ڪونه ڪندا آهن، اهي تمام گهڻي زخمي ۽ گهايل مولائين کان وڃي زبردستي زنجير ڦريندا آهن. پوءِ جن کان گهڻو رت وهندو آهي ،ان کي ايمبولينس ۾ اسپتال موڪليندا آهن.ميڊيڪل عملي وارن جي First Aid جي قائم ڪيل ڪئمپ ۾ پهچائي زخمن مان وهندڙ رت کي بند ڪندا آهن.
ڪيترا وري تکي ڇري پنهنجي مٿي تي رکي ان کي ڪنهن هلڪي وزن واري شيءَ ٺوڪي گهاءُ ڪندا آهن.پوءِ مٿي مان رت جا ريلا منهن اکين کان ٿيندا، سڄي وجود کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيندا آهن. انهن کان به ايئن زبردستي ڇري ڦري کين طبي امداد لاءِ روانو ڪبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مٿي ۾ ڇري وڌيڪ لڳڻ جي ڪري مولائي ابد جا راهي به ٿي پوندا آهن. جنهن کي هيءُ شهيد چوندا آهن. پتو ناهي ته ان عمل ۾ مرندڙ کي شهيد چئجي يا خودڪشي! اهو فيصلو آئون ڪونه ٿو ڪري سگهان. عالم ۽ تاريخ دان مذهبي علم جي روشنيءَ ۾ ان تي ڪا ٺوس راءِ ڏين. جي اهو موت شهادت ۾ اچي ٿو، پوءِ ته ٺيڪ آهي ورنه جي خودڪشيءَ جي زمري ۾ ٿو اچي ته رهنمائي ڪري انهن عملن ۾ ٿيندڙ قيمتي جان جي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجو اسلامي ۽ مذهبي فرض ادا ڪن.
گجگاه ڇا آهي؟
لڪياري سادات ۾ گل محمد شاهه کان پوءِ سندس پڳدار پٽ محمد مراد شاهه اهو ڪم سنڀاليو. سندن ڪافين ۾ جيڪو وڏو فقير لعل داس هيو. هي هندو مذهب جو ماڻهو هئو.اصل ۾ پنجابي هندو هئو. اصل ڀارت جو هئو. پوءِ اچي سيوهڻ شريف ۾ ويٺو. گل محمد شاهه جي زماني کان قلندر جوخدمتگار ۽ ٻهاري دار ٿيو. مٿي تي سدائين سوٽي رومال پيل هوندو هئس.۽ نادر شاهه وانگر ساڳيءَ طرح ٻهاري ۽ صفائي جو ڪم ڪندو هئو. ان ڪري اهو فقير وري لڪياري سيدن جي نڪرندڙ پڙن ۽ جلوسن جي ساڳيءَ طرح سينگاريل اٺ تي شينهن جي منڍيءَ واري کل اٺ تي رکي ويهندو هئو. ۽ گجگاه، فقيرن جي هٿ ۾ هوندو هو، فقراءَ گهنڊ گهڙيال ۽ توتارا وڄائيندا پنهنجي منزل ڏانهن هلندا رهندا هئا. نادر شاهه جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اها ڊيوٽي هڪ ٻه سال سندس گاديءَ تي ويٺل ڊاڪٽر عارف شاهه ڪئي، جيڪو چون ٿا ته رشتي ۾ سندس ڀاڻيجو آهي. پوءِ صادق علي شاهه جي خاندان سان اختلافن تحت ان اها ڊيوٽي ڇڏي ڏني. ايئن لعل داس جي مرڻ کان پوءِ سندس ٻئي ڀائٽي احسن داس اها ڊيوٽي ڏني. هاڻي ان باري ۾ به خبر نه آهي ته اها ڊيوٽي ڪير ٿو سرانجام ڏئي؟
”ڪافي“ ڇا آهي؟
مٿي مون ڪافي جو ذڪر ڪيو آهي سيوهڻ واري ڪافيءَ جو مطلب اهو آستانو آهي جتي قلندر جا فقير ۽ ملنگ رهندا به آهن ۽ پنهنجون فقرائي نشستون به ڪندا آهن هر ڪافيءَ جو هڪ اڳواڻ هوندو آهي.
سيوهڻ ۾ جن سان مليم يا کين ڏٺم
خادم سومرو؛ ڪوفي-لاصوفي!
دادوءَ ۾ جادو
حبيب الله ڪابورو سان ملاقات
نثار احمد سومرو
سرڪش چال ۽ قومپرست ساٿي
سيوهڻ ۾ تنظيم سازي
پوءِ جڏهن نتيجو آيو ته مئٽرڪ ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿي. انهن ڏينهن ۾ امتحان ۽ رزلٽ جي وچ ۾ چئن کان ڇهه مهينا لڳندا هئا. آءٌ واپس سيوهڻ آيس ته وري ادا جو سيزنل برف جو ڪم ۽ ان سان گڏ هاڻي وري ٿورو گهڻو مڇيءَ جو واپار به هو. انهن ٻنهي ڪمن ۾ جت منهنجي ضرورت پوندي هئي. مان ڪم ڪندو هئس. هاڻي جڏهن ٻن سالن جي وقفي کانپوءِ هتي آيس ته پڇا ڪيم ته هتي جيئي سنڌ ا-ف جو ڪير ليڊر آهي خبر پئي ته هتي سيدن جو وڏو زور آهي سيد حاجن شاهه لڪياري سپاف ضلعي دادوءَ جو صدر آهي. سيوهڻ جي وڏي پير جو پٽ سو حڪومت جيستائين انهن قومپرستن خلاف ڪارروائي ڪري هيءُ پاڻ ئي انهن کي اهڙي تنظيمي ڪم جي اجازت نٿو ڏيئي. باقي ڪجهه وقت اڳ ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊٽنس فيڊريشن جو صدر منظور احمد سهتو هئو. هن جو والد لوهارڪو ڪم ڪندو هئو. هيءُ پاڻ ۾ ڇهه ست ڀائر هئا. سڀ کان وڏو محمد بخش ٻئي نمبر تي نور احمد- فقير نور احمد جي نالي سان مشهور هئو اهو به لوهارڪو ڪم ڪندو هو. اهو جيئي سنڌ تحريڪ سان تمام گهڻو پيار ڪندو هئو. عهديدار يا باضابطه ميمبر ڪونه هئو. ليڪن جي ايم سيد جو پوئلڳ ۽ ان سان عقيدت جي حد تائين پيار ڪرڻ وارن ۾ شامل هو، لطيف سائين جا بيت پيو جهونگاريندو هئو. جڏهن به ڪچهري ڪندو هئو ته رڳو جيئي سنڌ ۽ سائين جي ايم سيد جي پيو واکاڻ ڪندو هئو. ٽيون وڏو ڀاءُ بشير احمد سهتو جيڪو ساسو ۾ آفيسر ٿيو. چوٿين نمبر تي پاڻ ۽ پنجين نمبر تي رفيق احمد سهتو جيڪو پوءِ رفيق احمد قادري (سائي پٽڪي) سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اسٽينو ٽائپسٽ ۽ اسٽينو گرافر پوءِ سيڪريٽري ٽو سيڪريٽري گورنمينٽ آف سنڌ هاڻي ائڊيشنل سيڪريٽري گورنمينٽ آف سنڌ آهي. هن گهڻو ڪري ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪيو آهي. جڏهن هيءُ سيڪشن آفيسر ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ هئو، اها آهي1989-90ع جي ڳالهه آهي، جڏهن اسان ڪراچيءَ ۾ پهرين سنڌي ڳوٺ جو بنياد وڌو. جنهن جو نالو اسان ”شانتي نگر“ رکيو. واسطو به هئو، دوستي به هئي چيائين سرڪاري نوڪريءَ مان هن مهل تائين ته ڪو گهر ڪونه ٺاهي سگهيو آهيان، مون کي به پلاٽ ڏيو ته آءٌ به ٻچڙن لاءِ ڪا ڇت ٺاهي سگهان. ورنه سدائين پيا ڪراين وارن گهرن ۾ دربدر ٿينداسين. مون پنهنجي ڪوٽا مان کيس پلاٽ ڏنو. رفيق صاحب اڄ به ان گهر ۾ رهيو پيو آهي. ۽ جڏهن ملندو آهي ته دعائون ڏيندو آهي. بقول رفيق احمد سهتو (قادري) ته آئون جڏهن دعا گهرندو آهيان تو لاءِ ضرور دعا ڪندو آهيان ته مان کيس چوندو هئس ته مون کي خوشي آهي ته! ”تو کي پلاٽ ڏنم ته گهر ٺاهيئي ٻين وانگر وڪڻي ڪونه وئين.“
سٽيءَ کان تعلقي صدارت تائين
انور ڀٽو
اميد جي ڏياٽي
جنرل ضياء جو عتاب
انور صاحب صرف ايترو راضي ٿيو ته آئون پنهنجي والد صاحب سان ڪونه ڳالهائي سگهندس، باقي تون ملينس ۽ راضي ڪرينس .مون چيو! آئون تنهنجي والد صاحب سان ملندس. هن چيو ته پوءِ تون ٻڌائيندين ته هيءُ پيارو فيل ٿي پيو آهي ۽ هو ڪاوڙ ڪندو ۽ چوندو ته جيڪو پيٽارو ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو اهو سرڪاري ڪاليج سيوهڻ ۾ ڇا ڪري سگهندو؟-مون کيس چيو ته ايترو خيال ۽ ڳڻتي هجئي ها ته پوءِ محنت ڪري اهڙي شرمساري کان بچي پئي سگهين. تنهنجو والد ڪاوڙ نه ڪندو ليڪن انٽر کان پوءِ جي تنهنجا اڃا پيپر رهجي ويا ته پوءِ ڇا ڪندين؟ ڇا پوءِ جي ڪاوڙ به برداشت ڪري سگهندين؟ ان ڪري تون مون کي پنهنجي والد سان ملاءِ باقي مون تي ڇڏي ڏي. آخر هڪ ڏينهن هن چيو ته يار واقعي منهنجي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ دل ڪونه ٿي لڳي سختيءَ جي ماحول جي باوجود پيپر پاس ڪونه ڪري سگهيس. شايد مون توجهه پڙهائي ۾ ڪونه ڏنو ته مون چيو ته تون پنهنجي والد سان ملاءِ باقي مون تي ڇڏي ڏي.
هڪ ايماندار آفيسر
نيٺ هڪ ڏينهن هن چيو ته ڪراچيءَ هلڻو پوندو ڇو ته والد صاحب جي پوسٽنگ اتي آهي. پروگرام ٺاهي ڏينهن ٻن ۾ وڃي ڪراچيءَ نڪتاسين. محمد علي جناح سوسائٽيءَ ۾ خانگي بنگلو جيڪو کاتي طرفان هائر ڪيل هجي، ان جي هيٺئين حصي ۾ شايد ٻار هجن، پردو ڪرائي مٿئين حصي ۾ وٺي هليو. سندس والد صاحب اڃا شايد آفيس ۾ هئو. اسين منجهند جي وقت پهتاسين. ماني کائي ڪجهه ڪچهري ڪري سمهي رهياسين. شام جي وقت هن جو والد صاحب آيو. ليڪن هن ٻڌايو ته هو به ڪجهه آرام ڪندو مغرب جي نماز پڙهي پوءِ ملاقات ڪندو. اڃا مون کيس تنهنجو به ڪونه ٻڌايو آهي ڀلي نماز پڙهي واندو ٿئي پوءِ توسان ملاقات ڪرايانس ٿو. مان صرف ايترو چوندس ته هيءُ منهنجو دوست آهي. اسين ڪراچي گهمڻ آيا آهيون. پوءِ وجهه وٺي مان نڪري ويندس پوءِ تون ڄاڻ ته بابا صاحب ڄاڻي!
نيٺ نماز کان پوءِ سندس والد صاحب ان ڪمري ۾ آيو. جتي آءٌ ويٺو هوس. السلام عليڪم ڪري اندر داخل ٿيو. آئون ادب ۾ اٿي سلام جو جواب ڏنو. انور ڀٽو به ساڻس گڏ هو. ڇٽل ڀٽو صاحب نازڪ نفيس هلڪي ڏاڙهي رکيل هئس. نماڻو چهرو، گفتگوءَ جي انداز ۾ تمام معصوميت صفا جهيڻي لهجي ۾ ڳالهائڻ ان ۾ به نياز نوڙت وارو انداز هجي. مون کي حيرت ٿي ته هيتري وڏي پوسٽ تي هيءُ ماڻهو ڪم ڪيئن هلائيندو. يا هن ڪرپٽ معاشري کي ڪيئن منهن ڏيندو. اها به حقيقت آهي ته ڀٽي صاحب جي شروعاتي دؤر ۾ ڪرپشن گهٽ هوندي هئي. ٿورڙي گهڻي هوندي هئي سا به لڪ ۾ ته به ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو هئو. مون هن کي ان ڪري ايماندار سمجهيو جو SASO جو MD هجي جنهن ۾ سڄي سنڌ جي زمينن لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ ٻاهرين ملڪن مان گهرائي هتان جي آبادگارن کي ڏنو ويندو هو. جنهن ۾ سرڪار سبسڊي به ڏيندي هئي .۽ ڪڏهن ته ڪنهن سياسي ماڻهو کي Oblige ڪرڻ لاءِ مفت به ڏيندي هئي. ان ۾ ڪيترا کانچا ۽ چڪر هوندا هئا. بلڪه هن جي گهر ۾ نه ڪو ڍنگ جو صوفو هئو نه ڪو سٺو يا نئين قسم جو پلنگ. ليڪن هڪ ٻن ڪمرن ۾ ته کٽون به نظر آيون ۽ ايئن سادگيءَ ۾ پيو گذر ڪندو هئو. مون ساڻس انور ڀٽي جي ٽرانسفر سرٽيفيڪيٽ لاءِ ڳالهايو. گهڻو بحث ٿيو، مون چيو هاڻي توهان جي مرضي جي اوهان چاهيو ٿا ته ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهي ڪجهه به نه ٿئي ته ٺيڪ ورنه منهنجي صلاح سان هلو. آءٌ پاڻهي هن جي داخلا ۽ انجنيئرنگ ۾ سليڪشن جو انتظام ڪندس. هي مون تي اعتماد ڪندي راضي ٿيو. مون آخر ۾ ايترو چيو مانس ته جي اجازت ڏني اٿو ته انور کي هاڻي ڪجهه نه چوندا ۽ نه ڪاوڙ ڪندا ۽ کيس خوشيءَ سان اجازت ڏيندؤ. ته صبح اسين واپس سيوهڻ روانا ٿي پنهنجي ڪم کي لڳي وڃون. ڇٽل صاحب چيو مون کي ته ٻڌايو اٿس توهان ڪراچي گهمڻ آيا آهيو؟ مون چيو ته اصل ڪم اوهان سان ملڻ هئو سو ملاقات به ٿي. عرض به اگهاميو. سو صبح جو ناشتو ڪري واپس سيوهڻ وڃڻ لاءِ نڪتاسين.هن وٽ جيڪا سرڪاري گاڏي هئي. اها به گهر پهچڻ کان پوءِ واپس آفيس موڪلي ڇڏيندو هئو وري صبح جو کڻڻ ايندي هئس سو سرڪاري ڪم کان سواءِ ذاتي استعمال ۾ ڪونه آڻيندو هئو.
وري ٻيو مسئلو!
ائڊيشنل چيف سيڪريٽري بدرالدين ذاهدي صاحب هوندو هئو. اهو مهيني ٻن کان پوءِ ڊيولپمينٽ جو ڪم ڏسڻ لاءِ سيوهڻ ايندو هئو. ان وقت ان ڪم جو انچارج XEN محمد ابراهيم سومرو هوندو هئو.انور ڀٽي چيوته جي ذاهدي صاحب سان ملاقات ڪريون ته اها ڊيمانڊ ڪريو ته مئٿس جو ليڪچرار مقرر ڪرائي ڏي. ۽ ايستائين هفتي ۾ 2 دفعا XEN اچي ڪلاس وٺي ڇو ته هيءُ انجنيئر آهي. ۽ اهو ڪلاس هيءُ پڙهائي ويندو. ٻيو ته اسان جو ڳوٺ سيوهڻ ٽائون ڪاميٽيءَ کان ٻاهر آهي. اسان وٽ پاڻيءَ جي لاءِ واٽر سپلاءِ ڪونه آهي. اها به کانئس منظور ڪرائيس ته ڊيولپمينٽ فنڊ مان ٺهرائي ڏي.
ڪامورو؛ ”ذاهدي“ صاحب
پنهنجي ڪاليج جي مالڪي
بهرحال ايئن انور صاحب جي امتحان جي موقعي تي مون جيڪو ساڻس واعدو ڪيو هئو ته توکي انجنيئرنگ ۾ داخلا ملندي. مون ان وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين جي جنرل سيڪريٽري امير حمزه مينگل، جيڪو ڀان جي ڀرسان ڳوٺ ننگر خان جو رهواسي هئو - ليڪن منهنجي ان سان دوستي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪري ٿي، ان کي عرض ڪيم ته دادوءَ ۾ امتحان جي موقعي تي اچي ۽ اسان جو هڪ دوست آهي ان کي پرچي ۾ مدد ڪري. هن مهرباني ڪئي امتحان جي موقعي تي آيو ۽ انور ڀٽي جي ڀرپور مدد ٿي ۽ آخرڪار انور ڀٽو، نوابشاهه انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اليڪٽريڪل شعبي ۾ داخلا وٺي انجنيئر ٿي ويو.
عبدالهادي قريشي
عبدالخالق ميمڻ
قربان ڪلهوڙو
”سِر سيد جو ووٽ ڀٽي جو.“
پوءِ هتي وري ان جي ابتڙ نعرو لڳو؛
”سر سيد جو ووٽ ابڙي جو.“
امتحان طلب مرحلو
زوراوري...
اليڪشن ۾ اميدوار
1. اشرف پنجابي انٽر جو شاگرد صدارت لاءِ
2. امان سرهيو انٽر جو شاگرد نائب صدارت لاءِ
(جيڪو بنا مقابلي ڪامياب ٿيو)
3. نظير احمد سومرو جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ
4. قاضي محمد حسن صديقي جنرل سيڪريٽري آزاد (آزاد اميدوار)
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ جي طرفان پينل
1. قربان ڪلهوڙو (انٽر) صدارت لاءِ
2. عبدالهادي قريشي (انٽر) نائب صدر لاءِ (هٿ کڻي ويو)
3. محمد خان ابڙو (فرسٽ ييئر) جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ
4. محمد عرس سولنگي (فرسٽ ييئر) جوائنٽ سيڪريٽريءَ لاءِ
5. محمد انور ڀٽو (انٽر) ڪلاس نمائندو ڪائونسلر
6. عبدالخالق ميمڻ (فرسٽ ييئر) ڪلاس نمائندو فرسٽ ييئر
اليڪشن جي رات آئي. اسان جي اوطاق تي ٽوٽل 6 ڄڻا هجن. جيڪي اليڪشن ۾ مون سان گڏ بيٺا. هڪ هٿ کڻي ويو،ٻيو عبدالهادي اهو به ڪونه آيو. شام ٿي سڀ مايوس هجن. مون چيو هاڻي ڇا به ٿئي صبح جو اليڪشن ۾ هلنداسين.
محمد انور ڀٽي جا چار مائٽ به پڙهندا هئا. ليڪن اهي اليڪشن ۾ ڪونه بيٺا. پر انور جي ڪري مون سان گڏ هئا. انهن ۾ يونس ڀٽو، خدابخش ڀٽو، عبدالرحمان ڀٽو ۽ چوٿون به ڪو هئو. ان ڪري اسان کي اها پريشاني ڪونه هجي ته ايجنٽ ڪير ٿيندا؟ جو اميدوار ايجنٽ ڪونه ٿيندو هئو. هُن پاسي جي خبر پئي ته سائين حاجن شاهه جي ڊپ ۽ دٻدٻي جي ڪري سموري ڪاليج جا شاگرد هن جي اوطاق تي پهچي ويا. سندن تعداد 70 جي قريب هئو. ٽوٽل 78 شاگرد-پنج اسان وٽ جيڪي اميدوار هئا ۽ باقي سڀ انهن وٽ. صرف ڀٽا انهن وٽ ڪونه هئا، اهي پنهنجي گهرن ۾ هئا. صورتحال اها هئي جو سڀني چيو صبح جو ڪاليج ڪونه ٿا هلون. مون چيو ميدان ڪونه ڇڏبو. اسين هلنداسين پوءِ جيئن ٿيو. صبح ٿيو ۽ اليڪشن شروع ٿي. حاجن شاهه مطمئن هئو ته ٽوٽل شاگرد مون وٽ ويٺا آهن. جيئن ته پاڻ ضلعي سپاف جو صدر هئو، سو هو صبح جو سوير دادوءَ هليو ويو. ڇو جو اتي به پينل بيٺل هئس. هتان هي مطمئن بي فڪرو ٿي ويو. اليڪشن هلي، شام جو رزلٽ انائونس ٿي اسان کي مليا 67 ووٽ ۽ سپاف کي مليا 11 ووٽ. جنهن ۾ 7 اميدوارن جا پنهنجا ووٽ باقي 4 ووٽ وڌيڪ ملين! ووٽرن سڄي رات شاهه صاحب وٽ مانيون کاڌيون صبح جو هنن جي گاڏين ۾ ووٽ وجهي هنن جي ئي ڪيبن ۾ ويٺا رهيا ۽ هنن جي شڪست کان پوءِ به هنن سان گڏ ٿي هنن جي اوطاق تي ويا. حاجن شاهه کي دادوءَ ۾ خبر ملي ته رزلٽ هيئن آيو آهي. هو دادوءَ ۾ اليڪشن جي کٽڻ جي خوشيءَ ۾ جشن ملهائڻ پهتو هو، سو هن خبر کان پوءِ وائڙو ٿي پيو. اتي ئي رڙيون ڪيائين دادؤ جي دوستن پڇيس ته ڇا ٿيو آهي؟ شاهه صاحب اوهان ڏي خير ته آهي ڪو ماڻهو ته ڪونه مري ويو آهي. پاڻ کي سنڀاليندي چيائين نه! رات مون وٽ 70 ووٽ گهر ۾ هئا ۽ هينئر...!!! صبح جو اسان جي گاڏين تي چڙهي ووٽ وجهڻ ويا ۽ رزلٽ بلڪل ابتڙ. مون سان ڌانڌلي ٿي آهي.
شاهه جو آپي مان نڪرڻ
شاهه جي داداگيري
اسان جي حڪمت عملي
شيخ اياز سان منهن ماري
شاهه جي پڙ ۾ ماتم!
*
محمد حسن صديقي ولد محمد مراد صديقي صاحب
خير محمد ٻرڙو صاحب جون تاريخ سان ويساهه گهاتيون
ويساهه گهاتي ٿيندي ته رڙ ته ڪبي نه!
قاضي حسن صاحب جي فارم ڀرڻ کان پوءِ آءٌ ان وٽ ويس ته سائين اوهان کي هيءُ شوق ڪيئن ٿيو آهي؟ ٻه گروپ بيٺا آهن، اوهان اڪيلا بنا پينل جي ڇو ٿا منهنجا 2 چار ووٽ خراب ڪيو! قاضي صاحب چيو سڀني کان وڌيڪ مان ووٽ کڻندس. چيو مانس پوءِ ته پينل هجي ها. چيائين نه آءٌ اڪيلو بيهندس. مون چيو مون سان گڏ بيهه. چيائين جيئي سنڌ جي پليٽ فارم تي ڪير ٿو بيهي-اسان اڃا ايترا قوم پرست نه آهيون! ته پوءِ سپاف وارن سان وڃي مل. ان کان به انڪار ڪيائين. پوءِ مون کيس عرض ڪيو ته قبلا! ووٽ ڪونه ملندئي. اوهان جو شهر ۾ مقام آهي. هن اليڪشن کان پوءِ اوهان کي شڪست ٿيندي جيڪا يقيني آهي. شهر ۾ پاڻ تي خواه مخواه ماڻهو کلائيندؤ. اوهان جو ته خير آهي ليڪن پنهنجي خاندان جي باري ۾ سوچيو. مون کي چيائين آئون ته ان ڪري بيٺو آهيان، جو توکي ڪيرائڻو آهي. هڪ طرف سپاف هڪ طرف مان.! مون چيو اهو ته وقت ٻڌائيندو. ڪيو خدا جو اهڙو ٿيو جو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ پاڻ ئي وڃي قاضي محمد حسن صاحب عرف ”بلي“ جنرل سيڪريٽري جي اليڪشن تان هٿ کڻي ويو. پوءِ مليو ۽ چيائين اهو مون توتي ٿورو ڪيو آهي. مون توکي ئي تنگ ڪرڻ لاءِ فارم ڀريو هئو. وري تو منٿ اچي ڪئي هئي. سو مون کي تنهنجو خيال آيو ۽ مان هٿ ته کنيو، پر ووٽ به توکي ڏيندس. مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ اڄ به جڏهن ملندو آهي، چوندو آهي ته مان هٿ نه کڻان ها ته تون ڪري پوين هان. مان به چوندو آهيانس بلڪل ايئن ئي آهي. هاڻي ڪراچيءَ ۾ سندس والد صاحب جيڪو حڪمت ۽ دواخانو هلائيندو هو، اهو پاڻ سنڀاليندو آهي. پيءُ وانگر وڏي ڏاڙهي، نمازي ۽ پرهيزگار ماڻهو آهي. خدمت جو جذبو ۽ ان سان گڏ دنياداري به اٿس. اڃا تائين ملندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اهي ئي ننڍي هوندي وارا ڀوڳ چرچا ڪندي چوندو آهي ته وڏو حڪيم آهيان. جي ڪنهن ”خاص نسخو“ گهرجئي ته گارنٽيءَ سان ڏيانءِ-ٺهيل ٺڪيل! مان سدائين سندس شڪريو ادا ڪري چوندو آهيانس ته جي ضرورت پئي ته اچي حاضر ٿبو!
باب پنجون: جي ايم سيد؛ هڪ اڏول پهاڙ!
پهرين ملاقات
ٻي ملاقات
سائين جي ايم سيد ڏانهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا لکيل خط
پراڻي خاندانيءَ واسطيداريءَ جو ورق اٿلائيندي، ڀٽي صاحب سائين جي ايم سيد سان احترام ۽ پاٻوهه جو رستو برقرار رکيو آهي. جيتوڻيڪ مقصد، مُرادَ ۽ منزل تي رسڻ جا رستا الڳ الڳ آهن خواب ۽ ساڀيائون پڻ الڳ الڳ آهن، پر قديم سنڌ جي رواداري، ماڻهپو، اخلاق، وڏ، ننڍائي ۽ بزرگي ٻنهي جي وچ تي موجود رهي آهي.
يقينن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس خاندان جون بي شمار قربانيون، جنهن به مقصد لاءِ هيون يا آهن، ان جو مثال ملڪ جي ويجهڙيءَ تاريخ ۾ ملڻ نهايت ئي مشڪل آهي. ڪنهن به باطل آڏو ڪنڌُ نه جهڪائڻ هن مٽيءَ جي ئي مڻيا آهي!
سنڌ جي پنج هزار سالن جو اتهاس گواهه آهي ته جڏهن به صليبن جو سڏُ ٿيو آهي ته سنڌ جي سپوتن جي هڪ وڏي قطار سامهون نروار ٿي وقت جي جلادن کي شڪست ڏني آهي. اهو سچ آهي ته آمر ضياءُ الحق هوا ۾ هوا ٿي ويو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس گهراڻي جو رَتُ واهوندي جي واءَ ۾ هٻڪارون، هٻڪارون ٿي ويو آهي. سڄو ڪٽنب جان جو نذرانو ڏئي هن مٽيءَ ۾ پنهنجي مهڪ ڇَٽي امر ٿي ويو آهي!
جي ايم سيد جا مون ڏانهن لکيل خط
• ”منهنجي ضلعي انتظاميه سان ڳالهه ٿي ويئي آهي اوهان جا اڳواڻ آزاد پيا ڪن اوهان پوليس اسٽيشن تان ڌرڻو ختم ڪري سن اچو ۽ منجهد جي ماني اچي هتي کائو.“
ٻيون خط تڏهن لکيائين جڏهن جلال محمود شاهه، سندس پوٽو سيوهڻ ۾ ايليمينٽريءَ جو امتحان ڏيڻ لاءِ پئي آيو اها شايد 1977ع جي ڳالهه آهي سائينءَ لکيو ته:
• ”جلال محمود سيوهڻ اچي پيو سندس اتي ڪو امتحان آهي سندس رهائش لاءِ عزت علي شاهه جن وٽ انتظام ٿيل آهي ان باري ۾ منهنجي انهن سان ڳالهه ٿيل آهي باقي تون رڳو جلال محمود سان گڏ هججان، جيڪي ٻه ٽي ڏينهن سيوهڻ ۾ آهي.“
ٽيون خط: پهريان به آئون ذڪر ڪري چڪو آهيان غلام حسين شاهه ولد جئندل شاهه لاءِ مون سائين کي جاءِ جي مسئلي حل ڪرڻ لاءِ چيو هئو. سائين جي ايم سيد غلام حسين شاهه سان ڳالهايو هئو هنن ها به ڪئي ته سائين مون کي چيو پئسا کڻي اچ ته هنن کي ڏيئي توکي جاءِ لکرائي ڏيان مون سائين وٽ پئسا رکي ڇڏيا. پوءِ سائين پئي غلام حسين شاهه ڏانهن نياپا ڪيا ۽ هن پئي لنوايو ۽ ايئن سال کن گذري ويو مان به جڏهن وڃان ته ان معاملي بابت پيو پڇندو هئس سائين چيو؛ ايندا ته توکي ٻڌائيندس ان معاملي ۾ سائين ڪافي ڪوششون ڪيون ۽ هن ڏي ٻه خاص ماڻهو به خصوصي طور سيڙائي موڪليائين. پر هو حسب عادت ڪونه آيا ۽ آخر بيزار ٿي مون کي چٺي لکيائين. ڇاڪاڻ ته چٺي مون وٽ رڪارڊ تي ڪونه آهي سائين هنن لاءِ سخت جملا به استعمال ڪيا جيڪي ثبوت نه هجڻ ڪري آءٌ ڪونه لکندس صرف هڪ جملو انهن سان جيڪو هلڪو هئو اهو ٿو لکان. سائين لکيو ته:
• ”تون سن اچ اچي پنهنجا مون وٽ رکيل پئسا جيڪي آراضيءَ وارن سيدن لاءِ جاءِ جي معاملي ۾ ڏنا هيئي اچي کڻي وڃ هي سدائين واعدا ڪري نه آيا آهن زبان ڪري ڦري ويا آهن ۽ لالچ ڪونه ٿا ڇڏين.“
وڌيڪ جملا جي چٺي ملي ها ته لکان ها، ايئن لکڻ نا انصافي ٿيندي.
جي ايم سيد جي مهمان نوازي
ورڪرن جي تربيت جو انداز
ڄام ساقي ۽ سائين
گذر سفر ۽ زمين
حملي آور سان سائينءَ جي ورتاءَ جو هڪ دلچسپ واقعو
السلام عليڪم.!
سائين: وعليڪم السلام ڪري بخار هوندي به هن لاءِ اٿڻ جي ڪوشش ڪري مليس هن به نوڙي هٿ ملايس ان کٽ تي ويٺو جنهن تي مان ۽ ڪابورو ويٺل هئاسين هيءُ اسان جي وچ ۾ ويٺو، ان وقت سائين جي ايم سيد کي ماستر غلام قادر طبيعت جي ناچاڪيءَ سبب زور پئي ڏنا. سائين هن سان خوش خير عافيت ڪئي پئي ته وري چار-پنج جيئي سنڌ جا ڪارڪن اچي ويا وري انهن سان حال احوال ۾ هن همراهه سان سائين جون هلندڙ خبرون رهجي ويون. هن هڪ دفعو اٿي سائين ڏي وڌي چيو:
آپکی طبیعت خراب ہے، میں آپکے پاؤں دباتا ہوں۔!
سائين چيو ته:
آپ ہمارے مہمان ہیں، آپ یہ کام نہیں کر سکتے یہ سارے میرے اپنے ہیں، لیکن یہ کام ملازم کا ہوتا ہے مہمان کا نہیں۔!
اسان به هن کي وٺي ويهاريو. مان سمجهان ٿو ان وقت هن کي دل ۾ آيو ته زورن جي بهاني ويجهو ٿيانس ۽ حملو ڪيانس ليڪن اهو موقعو هن کي نه ملي سگهيو ان کانپوءِ ڪچهري هلندي رهي ان ڏينهن شايد محرم الحرام هئو يا اچڻ وارو هيو سو اهڙي قسم جي ڪچهري هلي جنهن ۾ امام حسين جي شهادت جو ذڪر نڪتو سائين امام حسين يا ته ڪٿي حضور ڪريم جو ذڪر اچي ته انتهائي ادب سان نالو وٺي؛ امام حسين رضي الله عنه يا حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم مطلب ته نالو عزت ۽ احترام سان وٺندو رهيو، اهو بحث به اندازن ڪلاڪ کن هليو سائين امام حسين رضي الله عنه جي قرباني بهادري ۽ جنگ جي حوالي سان ڪافي ڳالهيون ٻڌايون پئي ته هن همراهه به ٻڌو پئي. ڪچهري ته سنڌيءَ ۾ هئي ليڪن امام ۽ حضور جا نالا سڳورا ته هر ماڻهو سمجهي ٿو ته هي احترام سان نالو وٺي ٿو يا نه؟ اهو ته هن محسوس پئي ڪيو، سو آخر ۾ هن به حضور اقدس ۽ قرآن شريف ۽ ٻه چار مذهبي نوعيت جا سوال ڪيا جيڪي جواب سائينءَ ساڳي عزت احترام سان اردوءَ ۾ ڏنا. بهرحال هيءُ همراهه مطمئن ٿي ويو ته آءٌ جنهن ماڻهوءَ کي مارڻ آيو آهيان اهو ته ڪافر نه آهي. سو چيائين ته سائين هڪ عرض ڪيان جي معافي ملي ته! مون کي ڇڏي ڏجو، جي نه ته اوهان جي مرضي! سائين چيس ته ٻڌاءِ، هن ٻڌايو ته منهنجو نالو گلستان آهي آءٌ فوج ۾ سپاهي آهيان ۽ ڪمانڊو به آهيان- مان، راولپنڊيءَ ۾ مهينو کن ٿيندو هڪ مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ ويس مسجد جي مولويءَ جمعي جي نماز ۽ خطبي ڏيڻ کان اڳ ۾ تقرير ڪئي ان ۾ هن اوهان (جي ايم سيد) ۽ شيخ اياز وائس چانسلر سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ تقرير ڪندي چيو ته اهي مسلمانن جي روپ ۾ ڪافر آهن الله ۽ ان جي رسول ۽ قرآن جي خلاف ڳالهائيندا آهن ۽ اسلام جي خلاف ڪتاب به لکيا اٿن. اِهي هندستان جا به ايجنٽ آهن ۽ پاڪستان جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن... آهي ڪو اسلام جو شيدائي، جيڪو انهن ڪافرن کي جهنم رسيد ڪري؟! جيڪو مسلمان ايئن ڪندو اهو جنت ۾ ويندو ۽ خدا ۽ خدا جي رسول ۽ قرآن جي انڪارين مان جان ڇڏائيندو. هنن کي مارڻ جهاد آهي جي جهاد ڪندي ماريا ويئو ته جنت ۾ جي ڪامياب ٿيؤ ته خدا ۽ ان جو رسول سدائين اوهان تي راضي رهندو. هن ٻڌايو نماز کانپوءِ مان ان مولويءَ سان مليس ان وٽ شيخ اياز ۽ جي ايم سيد جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ 2 عدد پيل هجن! هن چيو ته هيءُ ڏس ڪتاب جي ايم سيد جو ۽ هي شيخ اياز جو هڪ سن ۾ ٿو رهي. ٻيو هاڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي اهي ٻئي ڪافر آهن هنن سان وڙهڻ ۽ هنن کي ختم ڪرڻ جهاد آهي. ۽ آءٌ توکي اها فتويٰ لکت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هڪ تقرير وري روبرو ذهن کي واش ڪرڻ ۽ وري ڪتاب جيڪي مان سمجهان ته ڪونه پيو ڇو ته سنڌي ۾ لکيل هئا، ليڪن هو رکيو ويٺو هئو. مان مولويءَ کان موڪلائي جهاد جو واعدو ڪري اوهان کي ختم ڪرڻ جو عهد ڪري فوج مان موڪل ورتي ۽ موڪل ملڻ شرط آءٌ ٽرين تي چڙهي حيدرآباد پهتس. يونيورسٽيءَ جو معلوم ڪيم ته ڄامشوري ۾ هئي اتي ويس ملاقات ۾ رڪاوٽون هيون پوليس ۽ پهرو وڏو هئو ان لاءِ مون سوچيو ته پلان ٺاهڻو پوندو ته وقت لڳي ويندو ان ڪري وڃان ٿو سن! پهرين جي ايم سيد کي ختم ڪري پوءِ جي بچي آيس ته شيخ اياز کي قتل ڪندس-جي مري پيس ته راه جهاد ۾ هيءُ سر قربان! پوءِ مان بس ۾ چڙهيس ڇو ته سن جو واقف ڪونه هيس ته وڃي سيوهڻ پهتس اتان قلندر جي زيارت ڪري وري پڇا ڪندو بس ۾ چڙهي سن جي مين اسٽاپ تي لٿس، اتان پڇندو پنڌ ڪندو آيس پئي واٽ تي هڪ ٻه مال چارڻ وارا ماڻهو مليا انهن کان اوهان جو پڇيم! پر جيڪي ماڻهو مليا ۽ جن کان مون اوهان جي لاءِ پڇيو سڀني اوهان کي ڀلو ماڻهو پئي چيو اوهان بيمار هيا. رات مون کي اوهان جي نوڪرن بنگلي ۾ ماني کارائي، صبح جو ناشتو به ڪرايائون، ايئن چئي هن چيو ڏسو هيءُ اوزار آءٌ اوهان کي ختم ڪرڻ لاءِ کڻي آيو آهيان ۽ ايئن چئي شلوار جو پانچو مٿي ڪيائين ته ٽنگ ۾ ڏيڍ فٽ جو خنجر جيڪو ڏسڻ شرط حبيب الله ڪابوري ۽ مون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو! خنجر تمام تکو ۽ ٻنهي پاسي تيز ڌار هيس ڏيڍ فوٽ ڊگهو ۽ چار انچ ويڪرو هيو، ايئن پئي چيائين ته اوهان جي ملڻ سان اوهان جي اخلاق مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو ويتر منهنجي خوشقسمتي جو اوهان مذهبي ڪچهريءَ ۾ به جيڪي نالا امامن ۽ قرآن پاڪ، الله ۽ ان جي رسول جا ايڏي عزت ۽ احترام سان ورتا تڏهن مون توهان کان ڪجهه سوال پڇيا آءٌ مطمئن ٿيس مان سراپا معترف آهيان، جي مون کي سزا ڏيو ته به اوهان جي مرضي جي ڇڏيو ته آءٌ اوهان سان واعدو ٿو ڪريان ان مولويءَ کي ڪونه ڇڏيندس!
سائين هن کي جواب ۾ صرف ٻه جملا چيا: ”میں نے آپ کو معاف کر دیا اور مولوی کو بهی اور آپ بهی مولوی کو معاف کردو۔“
ائين چئي سائين جي ايم سيد جي ڪيفيت صفا بدلجي ويئي ۽ کيسي مان هڪ ڪاغذ ڪڍيائين ۽ چيائين مون رات جو خواب ڏٺو. خواب ۾ منهنجو ذاتي دوست ۽ بزرگ سائين حسن بخش شاهه سڪرنڊ وارو آيو ۽ چيائين ته تنهنجي مٿان ڪا آفت هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچڻي آهي. تو قرآن شريف جي هيءُ آيت لکي کيسي ۾ رک ۽ ٻي ٽي دفع پڙهندو رهه انشاءَ الله تو تان اها مصيبت ٽري ويندي ايئن چئي ان ڪاغذ ۾ لکيل اها آيت• پڙهيائين ۽ اٿي حويلي ڏانهن ويندي هڪ دفعو وري سڀني کي چيائين هن کي ڪير به ڪجهه نه چوي مون هن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي! هن کي ماني کارائي عزت سان روانو ڪجو، خبردار! متان ڪو هن کي ڪجهه چوي! سائين هليو ويو خنجر اسان پاڻ وٽ رکيو هن کي مانيءَ جو چيوسين پر هن چيو ته مون کي اجازت ڏيو مان واپس ويندس ۽ ايئن موڪلائي پنڌ روانو ٿيو جو مين روڊ سن شهر کان اندازن ڏيڍ-ٻه ڪلو ميٽر پري آهي.
اخبارن جي وائڙي پروپيگنڊا
سائينءَ تي حملي بابت مبالغه آرائي
”اهلڪار رات جو سائينءَ سان مليو ۽ رات جو هن سائينءَ جي سيڪيورٽيءَ وارن جي ڪمري مان رائيفل کنئي ۽ سائينءَ جي مٿان اچي کيس نشانو بنايائين ته ان کي هڪ جي ايم سيد ۾ ٽي ٽي جي ايم سيد نظر اچڻ لڳا، پنجابي پريشان ته؛ هي ڇا؟! سو مايوس ٿي وڃي رائيفل رکيائين. ڪجهه دير کان پوءِ وري اهو عمل دهرايائين ته کيس وري به ساڳيو نظارو نظر آيو ۽ آخرڪار هو سائينءَ کي قتل ڪرڻ وارو عمل نه ڪري سگهيو...“
هاڻ ان تي سوال ٿو اٿي ته ڇا سائين جي سيڪيورٽي تي ويٺل ماڻهو رائيفل ۽ هٿيارن وارو ڪمرو کليل ڇڏي ويا.؟ جڏهن ته انهن سان گڏ پوليس گارڊ به هوندا هئا جي نه به هوندا ته ڇا سيڪيورٽي ڪمرو کليل هئو جو هن ڀريل رائيفل سائينءَ تي سڌي ڪئي ۽ سائين هن کي ٽي ٽي دفعا نظر آيو؟! ان ڳالهه مان هن ڇا، ٿي ثابت ڪرڻ چاهيو؟ سائينءَ ۾ ايتري ”ڪرامت“ هئي ته پوءِ حملي ڪرڻ وارو رائفل کڻڻ مهل انڌو ڇو ڪونه پئي ٿيو يا وري جي ايم سيد جي سيڪيورٽي ايتري غافل، نااهل ۽ غير ذميوار هئي. مان ٻئي ڏينهن به موجود هئس سائينءَ سان هن جي ملاقات کان هن کي گرفتار ڪري وڃڻ تائين! تاج جويي جي گهڙيل ڪهاڻيءَ جو ڪو به ذڪر ڪونه هئو. ان جي تصديق لاءِ حبيب الله ڪابورو زنده آهي ۽ ايريگيشن ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي ان کان پڇيو وڃي يا تصديق ڪندو يا ترديد ته پوءِ ايتري وڌائي ڳالهه ڪرڻ سو به تاج جوئي جهڙو ڏاهو اديب شاعر تاريخ نويس ته پوءِ ڪيئن نه سنڌ جي تاريخ جو ٻيڙو ٻڏندو! منهنجي، تاج جوئي صاحب کي گذارش آهي ته ان ڳالهه جو هڪ گواهه ڏئي ته سائين اهي ڳالهيون قتل لاءِ ايندڙ اهلڪار ڪڏهن ۽ ڪٿي چيون جو هن جو سمورو بيان ان وقت ٽيپ رڪارڊ ۾ رڪارڊ پئي ڪيو ويو اهو رڪارڊ نه به هجي پر سائين جي ايم سيد جي رڪارڊ يا لائبريريءَ ۾ ضرور هوندو.
کرو مؤقف
ضياءَ جي دؤر ۾ 1985ع ۾ غير جماعتي انتخاب جو اعلان ٿيو پ پ به اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو عبدالله شاهه آزاد اميدوار طور فارم ڀرايو ۽ هن پ پ کي ڇڏي جنرل ضياء جي حڪومت سان سهڪار ڪيو سندس مقابلي لاءِ سيد ڪوڙل شاهه فارم ڀرايو ۽ سائين جي ايم سيد وٽ آيو ته سائين منهنجي حمايت ڪريو ۽ مدد به ڪريو سائينءَ چيس آءٌ تنهنجي مدد ڪندس. ڪوڙل شاهه چيس امير حيدر شاهه (سائين جو وڏو پٽ) مون سان ڪجهه معاملن تي ناراض آهي ۽ منهنجي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو اٿس آءٌ هن وٽ ويو هئس ليڪن مدد لاءِ تيار نه آهي اوهان چئوس ته منهنجي مدد ڪري اوهان کي انڪار ڪونه ڪندو. سائينءَ هائو ڪيس. ڪوڙل شاهه سان گڏ مولا بخش لغاري ۽ روشن علي ٻرڙو هئا. انهن چيو ته سائينءَ هائو ڪئي آهي هاڻي امير حيدر شاهه کي پرچائڻ اسان جو ڪم آهي. سو ٻيو پروگرام رکي هليا ويا جو امير حيدر شاهه ڪراچيءَ ۾ هجي. ڪجهه ڏينهن بعد هنن کي خبر پيئي ته سائين امير حيدر شاهه سن آيو آهي سو ٻئي همراهه، ڀانن مان نڪتا، واٽ تي سيوهڻ ۾ اچي مون کي به کنيائون جو رابطي ۾ هئاسين. سڌو وڃي سن نڪتاسين. سائين جي ايم سيد کان معلوم ڪيائون ته سائينءَ کين چيو؛ امير حيدر شاهه کي چئو ته ڪوڙل شاهه جي اليڪشن ۾ مدد ڪرڻي آهي جو منهنجي دوست جو پٽ آهي ۽ هلي اچي منٿ به ڪئي اٿس ان جي مدد ڪرڻي آهي آءٌ به چوانس ٿو ۽ اوهين به چئوس. جنهن تي امير حيدر شاهه مون کي جواب ڏنو ۽ چيو اٿس ته بابا اوهان ڀلي مدد ڪيوس باقي مان هن جي مدد ڪونه ڪري سگهندس.
سيد امير حيدر شاهه جو مؤقف
مون کي اڄ به امير حيدر شاهه جا اهي لفظ ياد آهن ته: ”ابڙا صاحب تنهنجي وڏي دل آهي تون ته ايئن ڪرين ٿو“ پر مان هن جي مدد ڪونه ڪندس. ۽ بهتر آهي ته هاڻي بار بار ان معاملي تي نه ڳالهائجي. هروڀرو بابا پيو ٻڌي ان کي به ڏک ٿيندو باقي مان اوهان مان ڪنهن کي منع ڪونه ڪندس اوهان ڀلي هن جي مدد ڪيو پر مونکي معافي ڏيو.
خادم سومري تي دانهن!
D.S.P سيوهڻ؛ نثار بلوچ پاران سائينءَ جي احترام جو هڪ انمول مثال
1990ع جي اليڪشن ۽ قمر ڀٽي
عبدالحفيظ پيرزادو هئو ته سکر جو ڪيترا دفعا ايم اين اي ۽ وزير به رهيو هو، شايد پنهنجي اباڻي تڪ تي توجهه نه ڏيئي سگهيو ۽ ڪراچيءَ جو ٿي ويو! ماڻهن سان رابطو ختم ڪري ڇڏيو هئائين ۽ ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان پوءِ 13-12 سال هي خاموش به رهيو اهو ايترو عرصو آهي جو ماڻهو، اگر متحرڪ نه هجي ته عوام کان به وسريو وڃي-سو سکر مان کيس ڪابه اميد ڪونه هئي. تنهنڪري هن صاحب اچي هن تڪ تان فارم ڀرايو. سائينءَ سندس حمايت ڪئي جو پ پ جي مقابلي لاءِ تڪ جو ڪو چڱو سياستدان تيار به ڪونه هئو ۽ امير حيدرشاهه به صوبائي سيٽ تي بيٺو هئو سو انهن ٻنهي جو پئنل تيار ٿي ويو. ان دوران سائين جي ايم سيد جو مون ڏانهن نياپو به آيو. جنهن ڏينهن مون کي گهرايو ويو ان ڏينهن پيرزادو صاحب به اڳ ۾ ئي سائينءَ وٽ ويٺل هجي ۽ اندر قمرڀٽي جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جو ليڊر به هجي. ان تازو جيئي سنڌ تحريڪ ۾ هڪ الڳ گروپ ٺاهيو هجي. پنهنجي تشخص کي بچائڻ لاءِ ان گروپ جو چيئرمين ٿي ويهي رهيو! الائي ڇو مون کي ان وقت قمر ڀٽيءَ جو اهو انداز پسند ڪونه هئو اڃا تازو ٻه ٽي ڌڙا ٺهي چڪا هئا جنهن ۾ بشير قريشي، قادر مگسي، عبدالخالق جوڻيجو جا گروپ سرفهرست هئا. مٿان هن به پنهنجو گروپ ٺاهيو. هن مون سان گڏ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڪم پڻ ڪيو ۽ پوءِ جڏهن مان مرڪز ۾ نائب صدر لاءِ بيٺس ته منهنجي مقابلي ۾ قمر ڀٽيءَ ۽ هڪ نوابشاهه واسي. موليڏني راڄپر جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، نتيجي طور ٻنهي هڪ جيترا ووٽ کنيا انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪجي ته به منهنجا هنن ٻنهي کان 18 ووٽ وڌيڪ هئا سو قمر ڀٽيءَ جي طبيعت ۽ سوچ نرالي آهي! هينئر تائين 21 سالن ۾ به پنهنجي پارٽيءَ کي پنهنجي ڳوٺ مان ٻاهر ڪونه ڪڍي سگهيو آهي بلڪه ايئن چئجي پنهنجي فيمليءَ کان به ٻاهر ڪونه ڪڍي سگهيو آهي! بهرحال هر ڪنهن کي هتي ليڊر ٿيڻ جو وڏو شوق هو! هن کي ڏسندي ئي منهنجي طبيعت ۾ ڪاوڙ اچي ويئي هاڻي پيرزادو صاحب به ويٺو هجي هڪ ٻه ٻيا ماڻهو به-سو پئي سوچيم ته وجهه ملي ته پنهنجو اوٻر ڪڍان. سائينءَ چيو ته پيرزادو صاحب آيو آهي. هن تڪ تان M.N.A ٿيڻ لاءِ. هن جي مدد ڪرڻي آهي مون چيو؛ سائين حڪم کپي! ڇاڪاڻ ته مان سيوهڻ جي اليڪشن ۾ ڪافي اثر انداز ٿيندو هئس ۽ تمام گهڻو سرگرم هوندو هئس پوءِ پيرزادي صاحب سان سندس ورڪ ۾ گڏ هوندو هئس. ايئن قمر ڀٽي پنهنجي پارٽيءَ جي ڪارگردگيءَ بابت ڳالهايو مان ڪاوڙيو ته اڳي ئي پيو هئس سو مون کي موقعو مليو. مان زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سائين جي ايم سيد جي سامهون ڪجهه تکو ڳالهايو. چيم، سائين، جيڪو ماڻهو چئن ماڻهن جي پارٽي ٿو ٺاهي اهو به اوهان وٽ چڱو مڙس ته پوءِ جي اهڙن ماڻهن کي اوهان همٿائيندؤ ته هاڻي ان تحريڪ جا لاتعداد ٻيا به ٽڪرا ٿيندا. ان تي سائينءَ صرف مون ڏي نهاريو. ٿوري ڪاوڙ به آيس پر شايد پيرزادي صاحب جي موجودگيءَ جي ڪري چيائين ڪجهه به ڪونه ۽ پوءِ آئون به چپ ڪري اٿي اچي ٻاهر ويهي رهيس. هاڻي وقت ثابت ڪيو آهي ته سائينءَ جي ان نرم رويي ۽ سڀني سان غير مشروط پنهنجائپ جي انداز مان منفي سوچ رکندڙن تحريڪ جو ڪيترو نقصان ڪري وڌو.
پورهيت سنگت جي چونڊن جو احوال
آريسر جي ورنديءَ کانپوءِ مون چيو ته؛ اوهان اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين مون کي مقرر ڪيو-آءٌ پاڻ ٿو ان معاملي کي منهن ڏيان! آريسر صاحب چيو پر سائينءَ اگر ڪو حڪم ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟! مون چيو؛ اوهان پنهنجو ڪم ڪيو باقي مون تي ڇڏيو آئون اوهان کي بهرحال اليڪشن ڪرائي ڏيندس، سليڪشن ٿيڻ نه ڏبي. هڪ ڳالهه ته آريسر صاحب مون کي پسند ڪونه ڪندو هئو بلڪه تقريبن ليڊر مون کي پسند ڪونه ڪندا هئا-جو مان کڙا تڙا ۽ ڏکيا سوال ڪندو هئس ۽ سڌيون ٻڌائڻ جو عادي هئس! سنڌ جي محبت ۾ ايترو ته جذباتي هئس جو منهنجي سوچ مطابق جي سائين به ڪو غير آئيني حڪم ڏيئي ته ڪونه مڃيندس! پوءِ ڀلي منهنجي پوزيشن ڪهڙي به بيهي. اسان جهڙن ڪارڪنن جي ڪٿي به اهميت ڪونه هوندي آهي. ليڪن پنهنجي ضمير مطابق غلط ڪم کي ڏسي خاموش ڪونه ويهبو هئو. بهرحال اها آريسر صاحب کي خبر هئي ته محمد خان ابڙو پنهنجيءَ تي ايندو ته ڪنهن جي ٻڌندو به ڪونه. جو هڪ دفعو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بس جي اغوا جو معاملو ٿيو آءٌ به مرڪزي نائب صدر هجان. سائين جي ايم سيد، محاذ جي سپريم ڪائونسل جا ميمبر يونيورسٽيءَ موڪليا، هڪ علڻ ٿيٻو-جيڪو ان وقت اسان جي مرڪزي صدر رسول بخش ٿيٻو جو ويجهو عزيز ۽ وڏو هجي، ٻيو؛ الهبچايو مرڻاس. اسان جي مرڪزي باڊيءَ جو اجلاس غلام شبير لاکي جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ 68 نمبر روم ۾ هليو پئي ته هي ٻئي ڄڻا اندر آيا. سڀني سان مليا. اجلاس وري شروع ٿيو، مون اعتراض ڪيو ته هيءُ اسان جي اجلاس ۾ نٿا ويهي سگهن ان وقت مان فيڊريشن جو نائب صدر هئس مون چيو ته هنن کي ڪنهن ٻئي ڪمري ۾ وهاريو، ان تي مرڪزي ڪاميٽيءَ جا سڀ ليڊر پريشان ٿي ويا ۽ چيائون هيءُ محاذ جي سپريم ڪاميٽيءَ جا ميمبر آهن مون چيو ته اسان هنن جي تنظيم جو ذيلي ادارو آهيون ليڪن پنهنجي اداري ۾ بنا اڳواٽ اجازت يا خاص رڪيسٽ جي ڪنهن کي به نٿا ويهاري سگهون، اتي علڻ ٿيٻو ته خاموش رهيو ۽ چڙيو به ڪونه پر الهه بچايو مرڻاس ڀڙڪي پيو، چي؛ اسان کي سائينءَ موڪليو آهي بس جي اغوا جي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ۽ اسين سپريم ڪائونسل جا ميمبر آهيون ڪنهن جو پيءُ به اسان کي هتان نٿو ڪڍي سگهي اسين اجلاس ۾ ويهنداسين! اعتراض مون کي هئو، سو هن جو ”پيءُ“ جو لفظ ڪڍڻ ۽ هيڏانهن مان اٿيس هن تي الر ڪيم هيءُ به اٿيو ۽ پنهنجي جوتي ۾ هٿ وڌائين ايستائين وڃي پهتوسانس پر ٻيا سڀ وچ ۾ پيا معاملو ٿڌو ٿيو! علڻ ٿيٻو اٿي ٻاهر هليو ويو ۽ پوءِ مرڻاس به هليو ويو ۽ وڃي ڀر واري ڪمري ۾ ويٺا. اجلاس شروع ٿيو سڀني مون کي تنقيد جو نشانو بنايو مان پنهنجي مؤقف تي قائم رهيس ۽ پوءِ اجلاس جلدي ختم ڪري وڏا ليڊر جهٽ ۾ رسول بخش ٿيٻو (صدر) ۽ گل محمد جکراڻي (جنرل سيڪريٽري) پنهنجا عهدا بچائڻ لاءِ وڃي سپريم ڪائونسل جي ٻن ميمبرن وٽ پيش پيا ۽ الائي ڪهڙيون معافيون ورتائون. آءٌ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويس.
مرڪزي چونڊن جو احوال
• سائين راشد مورائي (مورو) چيئرمين
• محمد خان ابڙو (ڪراچي سائوٿ) ميمبر
• منظور علي شاهه (لاڙڪاڻو) ميمبر
هاڻ ان کان پوءِ هڪ ڪمري ۾ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس شروع ٿيو. مون راشد مورائي صاحب کان پڇيو ته جي اوچتو سائين جو ڪو اهڙو حڪم اچي جهڙو ڪالهه ٿيو ته اوهان ڇا ڪندؤ؟ جواب مليو ته ڪنهن ۾ همٿ آهي جو سائينءَ کي جواب ڏي؟! مون چيو اگر هيءُ دوست پنهنجي مفادن خاطر سائينءَ کي مجبور پيا ڪن ته اهو ٺيڪ آهي؟ چيائين، نه! ان تي مون چيو ته پوءِ هڪ ڪم ڪيو اوهان مهرباني ڪري هينئر کان بيماريءَ جو بهانو ڪيو ۽ سمورن اختيارن سميت مون کي چيئرمين جي چارج ڏيو. اوهان اهو محسوس ڪرايو ته اوهان جي اوچتو سخت طبيعت خراب ٿي پئي آهي. هاڻي ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ ڪاميٽي محمد خان ابڙي کي قائم مقام چيئرمين مقرر ڪيو آهي. پوءِ آءٌ پاڻ ٿو ان فرض کي نڀايان. هو به ان ڳالهه تي متفق ٿيو ۽ ايئن ئي ڪيائين. مون انچارج چيئرمين جي حيثيت ۾ اجلاس کي اڌ ڪلاڪ لاءِ ملتوي ڪيو ۽ سڀني کي هدايت ڪئي ته جنهن کي به ٻيڙي ڌيڙي ڇڪڻي آهي اهو ٻاهريون ڪم لاهي مقرر وقت تي اچي. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ڪاروائي شروع ٿيندي. مان اتان اٿي سائين جي ايم سيد وٽ ويس ته اتي ويٺل ٻي ڌر کي وٺي اچان، نه ته خوامخواه پروپئگنڊا ٿيندي. ته اسان کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو-ڇو ته جي هي نه پيا اچن ته اليڪشن به ڪونه ٿئي ها! سڀ بنا مقابلي کٽي اچن ها. آءٌ جيئن ئي سائينءَ وٽ پهتس ته وٽس عطاءُ الله انڙ، خادم سومرو، باغي بجاراڻي، الهه بچايو مرڻاس ۽ ٻيا ست-اٺ ڄڻا ويٺا هئا. سائينءَ کي اليڪشن ڪينسل ڪرائڻ لاءِ لڳا پيا هئا. سائين! اوهان فيصلو ڪيو، ڇاجي اليڪشن؟! مان وڃي سائينءَ کي عرض ڪيو ته سائين! 200 کن ماڻهو-جيڪي سڄي سنڌ مان آيا آهن اهي صرف هنن جي انتظار ۾ آهن ته هي اچن ۽ ڪارروائي شروع ٿئي پوءِ جيڪي به مسئلا هوندا انهن کي ڏسي وٺجو. سائينءَ چيو ته آريسر صاحب ڪاٿي آهي؟ مون چيو اجلاس ۾ ويٺو آهي! چيائين کيس موڪل ته هنن جو مسئلو حل ڪري وٺون مون چيو سائين هاڻي وقت گذري ويو آريسر صاحب هاڻ صرف ڪانگريس جو ميمبر آهي باڊي ٽٽي ويئي ۽ اليڪشن ڪميشن ٺهي ويئي آهي آءٌ ان ۾ شامل آهيان هنن کي چئو ته هلن پوءِ جيئن هوندو ڪبو. سائينءَ هنن کي چيو ته اوهان اجلاس ۾ شريڪ ٿيو پوءِ ان تي سوچيون ٿا. هي همراهه نٽائيندا، لنوائيندا بهرحال اٿيا ۽ پاڻ ۾ اها به صلاح ڪيائون ته هلون ٿا جو سائين چيو آهي پوءِ جي معاملو نه ٺهيو ته بائيڪاٽ ڪري اينداسين. مان انهن مسئلن کان واقف هئس منهنجي جيڪا حڪمت عملي ۽ پلان هو، سو ڪنهن کي خبر ڪونه هئي ته هيءُ ڇا ڪندو. پوءِ به هنن هڪ همراهه سائين وٽ ڇڏيو شايد مرڻاس صاحب!
سڀ گڏ ٿياسين مون اجلاس جي ڪاروائي شروع ڪئي اتي راشد مورائي صاحب موجود هجي پر منصوبي تحت ليٽيل هيو جيئن سڀ محسوس ڪن ته هي بيمار ٿي پيو آهي. سڀ کان پهرين مون اجلاس مان 7-6 ميمبر مقرر ڪيا جن ۾ هڪ حبيب الله ڪابورو هڪڙو کوسو هئو شايد نواز کوسو ۽ فقير داد کوسو ۽ 4 کن ماڻهو ٻيا، انهن کي هدايت ڪئي ويئي ته اوهين ڪجهه ماڻهو گيٽ تي بيهو نه اندران ڪو ٻاهر ويندو نه ٻاهران ڪو اندر ايندو. جيڪو ايندو يا ويندو پهرين اسان کي اطلاع ڪندؤ! جي اسين اجازت ڏيون ته ايندو نه ته بس! همراهه پرعزم ٿي دروازي تي بيهي رهيا ۽ ڪاروائي شروع ٿي. اسان جي تنظيم ۾ ڪانگريس صرف يارهن ميمبرن کي چونڊيندي آهي ۽ اهي وري چونڊجڻ کان پوءِ يارهن ڄڻن مان مرڪزي باڊي ٺاهيندا هئا جن ۾ ڇهه عهديدار ۽ پنج سينٽرل ڪاميٽيءَ جا ميمبر هوندا. ان ڪري اسان چيو ته جنهن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻو آهي اهو فارم ڀري ۽ ان ئي اڌ ڪلاڪ ۾ هٿ کڻڻ جو وقت به هيو. ٻنهي ڌرين مان 11 -11 فارم آيا 2 فارم وڌيڪ ڀريا ويا پوءِ مقرر وقت ۾ هٿ کنيو ويو ۽ لسٽ فائينل ٿي. هاڻي اميدوار جيڪو ڳالهائي ته انهن لاءِ مخصوص وقت مقرر هيو. سو تقريبن هر گروپ مان انهن جو اڳواڻ ئي ڳالهائيندو آهي. ايتري ۾ آريسر صاحب چيو مون کي ٻاهر وڃڻو آهي. پڇا ڪئي سين ڇا لاءِ؟ چي، سگريٽ وٺڻا آهن. اسان هن کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪونه ڏني ۽ جمن دربدر کي مقرر ڪيو ويو ته جنهن کي سگريٽ يا ڪا ٻي شيءِ گهرجي هن کي پئسا ڏي هي پاڻ وٺي ايندو ۽ ٻيو ڪير به ٻاهر ڪونه ويندو! ايتري ۾ هنن جو جيڪو همراهه پوئتي سائينءَ وٽ ويٺو هجي اهو لڳو پيو هجي پنهنجي ڪم سان. سائين جو ماڻهو آيو گيٽ تي ته سائين جو نياپو آهي چيئرمين صاحب لاءِ (راشد مورائي) پر ان وقت ته انچارج آءٌ هيس گيٽ واري همراهه اچي ٻڌايو ته سائين جو ماڻهو آيو آهي چيئرمين اليڪشن ڪميشن لاءِ نياپو اٿس. مون چيو معذرت ڪري ڇڏيوس ته هينئر ٻاهريون ماڻهو اندر نه اچي سگهندو هيءُ ضابطو سڀني لاءِ آهي. سو چيئرمين ڪونه ملي سگهندو. سائين راشد مون ڏانهن نهاريو مون چيو سائين اوهان فڪر نه ڪريو هي ڪم منهنجي حوالي آهي آئون پاڻ اهو سمورو بار کڻندس. سائين ناراض ٿيندو ان جو خير آهي. اسين قومي قافلي جي اڳواڻ چونڊڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون سڄي سنڌ جا ڪانگريس جا ورڪر هتي گڏ ٿيا آهن مس وڃي ٻن سالن کان پوءِ جمهوري سلسلو آيو آهي جي سليڪشن ڪرڻي آهي ته پوءِ هيترن ماڻهن کي هتي گڏ ڪري ميسيج ڪهڙو ٿا ڏيڻ چاهيون؟ حق ۽ انصاف ۽ اصول تي سودي بازي ڪونه ڪبي! ڳچ ماڻهن جي ناراضگي ختم ڪرڻ لاءِ هن جمهوري اداري جو تقدس پائمال نه ٿيڻ ڏبو. سائين راشد مورائيءَ چيو ته آءٌ ته چاڪ نه آهيان تون ذميوار آهين. ان ڪري چارج به توکي آهي جيئن وڻئي تيئن ڪر! وري ماڻهو آيو ماستر غلام قادر-حبيب الله ڪابوري هن کي دروازي تي چئي ڇڏيو ته چيئرمين، راشد مورائي ناهي جو چارج محمد خان ابڙي وٽ آهي سائين کي چئو ته هن جيڪو اصول ٺاهيو آهي ان تي عمل ڪرائيندؤ هن ضد ڪيو ته نه! سائينءَ جو حڪم آهي مون کي 5 منٽ ملايو، ماڻهو مون وٽ آيو سموري حقيقت ڪيائين. مون جواب موڪليو ته اهو اصول ڪميشن طي ڪيو آهي هاڻي ان تي اسان سميت سڀ عمل ڪرڻ جا پابند آهيون. ايتري ۾ اندر ويٺل مخالف گروپ ۾ به هلچل مچي وئي ۽ هنن چيو ته اسان جو گروپ هن محاذ جي چونڊن جو بائيڪاٽ ٿو ڪري. مون چيو اها اوهان جي مرضي آهي هٿ کڻڻ جو وقت نڪري ويو آهي بائيڪاٽ ڀلي ڪيو ليڪن اوهان جو نالو چونڊن واري لسٽ ۾ رهندو ۽ ماڻهو ووٽ وجهندا. ايتري ۾ عطاءُ الله انڙ ۽ خادم سومرو اٿي بيٺا ته اسين ٻاهر وڃڻ ٿا چاهيون. اسان بائيڪاٽ ڪيو آهي ته اسين هتي ڇو ويهون؟! مون چيو اوهان بائيڪاٽ ڪيو يا نه-هت رڪارڊ ۾ اوهان اليڪشن وڙهو پيا ۽ هر ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيو آهي ۽ اوهان رڪارڊ مطابق اميدوار آهيو! هنن تمام گهڻو زور ڀريو ته اسان ٻاهر ٿا وڃون اسان هنن کي آخر تائين ڪابه اجازت ڪونه ڏني. مون کي هنن جي ڪُر ڪُر واري اها ڳالهه پسند ڪونه آئي ۽ آءٌ اٿيس ۽ تقرير شروع ڪري هنن کي تنبيهه ڪندي چيو ته- ساٿيو!
”اوهان قومي ڪارڪن هتي گڏيا آهيو ته سنڌ جي قومي تحريڪ جيئي سنڌ محاذ جي قيادت چونڊجي جيڪا سنڌ جي آزادي ۽ آجپي جي لاءِ جدوجهد ڪندي اهو حق عام ڪانگريس کي آهي باقي جي چند ماڻهو چوردروازي مان اچڻ لاءِ رهبر سان ويٺا غلط بياني ڪن ته پوءِ هي تحريڪ پنهنجو دم ٽوڙي ويهندي هر ماڻهو پنهنجي مفادن جي تڪميل جي چڪر ۾ آهي اوهان اهو ٿا چاهيو ته جيئن ڪالهه پورهيت سنگت جي اليڪشن کي سليڪشن ۾ تبديل ڪيو ويو اڄ به ايئن ٿئي سو اڄ هن تحريڪ جي انتظام جي ذميواري مون وٽ آهي اوهان جي ڪابه غلط ڳالهه يا فرمائش پوري ڪونه ٿيندي. رهيو سوال بائيڪاٽ کانپوءِ ٻاهر وڃڻ جو ته ٻاهر وڃڻ جي ڪنهن کي به اجازت ڪونه آهي نه ٻاهريون ماڻهو اندر ايندو جو سائين جي ايم سيد جا ٻه نياپا اچي چڪا آهن آءٌ ان جي ماڻهوءَ سان به هن اصول تحت ڪونه ٿو ملان نه ئي هن کي اندر اچڻ ڏنم! سو اوهان سنڌ جي آزاديءَ جا دعويدار آهيو جي چند ڪلاڪ نٿا ويهي سگهو ته پوءِ تحريڪ کي ڇڏي ڪو ٻيو ڪم ڪريو. مون هتي سابق چيئرمين آريسر صاحب کي به ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڪونه ڏني آهي سو هاڻي مهرباني ڪري بار بار اهڙيون ڳالهيون يا حرڪتون نه ڪيون وڃن“...
ان کانپوءِ اهي همراهه هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا رهيا اليڪشن جو مرحلو شام 5 بجي مڪمل ٿيو ڳڻپ ٻن ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿي جن همراهن بائيڪاٽ جو چيو انهن به موجود هئڻ ڪري ووٽ وڌا-صرف کين 17 ووٽ پيا جن مان 11 اميدوار هجن باقي ووٽ عبدالواحد آريسر جي پينل کي مليا. يارهن ماڻهن جي ڪاميابيءَ جو اعلان ڪيوسين پوءِ انهن ميمبرن پنهنجي ميٽنگ ڪري عهديدار چونڊيا، جيڪي رزلٽ اسان کي مليو، اسان ان مطابق ڪامياب اميدوارن جو اعلان ڪيو ۽ آخر ۾ نئين آيل باڊيءَ جي لاءِ قسم کڻڻ جي تقريب شروع ٿي. قائم مقام چيئرمين جي حيثيت ۾ مون نون عهديدارن کان حلف کڻايو سڀ ميمبر ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ وارو گروپ به حلف کڻڻ تائين ويٺو رهيو-نه چاهيندي به!
*
”مون سوچيو جي ماڻهو اصول ۽ همٿ کان ڪم وٺي ته ڪو به مسئلو نه ٿو رهي ماڻهو غلط ڪم ڪن ٿا ان ڪري ڪمزور آهن غلط سپورٽ پنهنجي قيادت کان وٺن ٿا انهيءَ ڪري ڪمزور آهن جي ڪا لالچ ۽ بي ايماني ۽ مفاد پرستي نه آهي ته قائد به ٺاهيل اصولن تي پابند رهي سگهي ٿو شرط اهو آهي ته ماڻهو، ”جي حضوريءَ“ جو عادي نه هجي.“
دوستن پاران دادِ تحسين
*
باب ڇهون: قومي تنظيمي سرگرميون
قربان ڪلهوڙو
جيئن اليڪشن جي پڄاڻي ٿي مون ڪاليج ۾ پرنسپال کان ٻه ڪمرا يونين آفيس لاءِ ورتا ۽ جيڪو ڪاليج ۾ فرنيچر هئو ان مان ڪجهه ڪرسيون ٽيبلون ۽ ٻيو سامان وٺي آفيس قائم ڪئي.
سڀ کان پهرين پنهنجي يونين جي صدر قربان ڪلهوڙي کي ڪاليج جي يونين آفيس ۾ گهرايم کيس عزت ۽ احترام سان ويهاريم چانهن پياريم ڪجهه دير کان پوءِ باقي جيڪي شاگرد ۽ يونين جا عهديدار هئا، تن کي چيم ته اسان کي پاڻ ۾ ڳالهائڻو آهي اوهان ٻئي ڪمري ۾ وڃي ويهو. هليا ويا صدر صاحب کي گذارش ڪئي ته هيءُ اڇا پنا آهن تقريبن 20 کن اڇا پنا هجن انهن تي پنهنجو نالو ۽ عهدو لکي دستخط ڪيو. هن مون ڏانهن نهاريو مون چيو ته توکي صرف ان ڪري گهرايو اٿم متان ڪو ڪاليج ۽ شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم اچي آئون توکي ڪٿي پيو ڳوليندس. چيائين آئون ته ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ايندو رهندس. مون چيو تو جيڪو اليڪشن کان اڳ ۾ رويو رکيو اها توکي خبر آهي ان ڪري آئون آخري دفعو توکي چوان ٿو ته ڪاغذن تي دستخط ڪري ڏي هن پين کنئي سڀني ڪاغذن تي نالا لکي عهدو لکيائين ۽ سڀني پنن تي دستخط ڪري منهنجي حوالي ڪيائين. مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ وڌيڪ عرض ڪيو مانس ته منهنجي طرفان ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن تعلقي طرفان تنهنجي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ ۽ شاگردن سان رابطي ڪاريءَ تي پابندي وڌي ٿي وڃي. تنهنجي ان ڳالهه جي اها سزا آهي جو اليڪشن ۾ صدر جي عهدي لاءِ بيهي غداري ڪري ڪوڙل شاهه جي چوڻ تي منهنجي سموري پلان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هيئي. اها ته منهنجي محنت ۽ الله سائينءَ جو ڪرم هو جو اليڪشن کٽي ويس هاڻي جي تون وري ڪڏهن ڪاليج ۾ نظر آئين ته اها تنهنجي پنهنجي ذميواري هوندي. هاڻي جي تون وڃڻ چاهين ته ڀلي هليو وڃ آءٌ ڪونه ٿو چاهيان ته توسان بدمزگي جو ماحول پيدا ڪري توتي ۽ پاڻ تي ماڻهو کلايان ان ۾ ئي تنهنجي عزت آهي. هن چيو ته معنيٰ هاڻي تون منهنجي دستخط وارن اڇن پنن تي منهنجي استعفا لکي موڪليندين. مون چيو ته اهو موقعو آيو ته اها تون پاڻ اچي لکي ڏيندين. باقي هاڻي تون نالي ماتر صدر آهين، وڃي لئه ڪر ليڪن تنهنجو ڪاليج ۽ شاگردن ۾ ڪو به ڪردار نه هوندو. هو به سياڻو هو وقت ۽ ماحول جي نزاڪت کي سمجهي ويو ۽ مايوس انداز ۾ اٿيو، موڪلايائين مون هن کي عزت سان الوداع ڪيو ٻئي ڪمري ۾ ٻيا دوست ويٺل رهيا اندروني معاملي جي اسان ٻن کان سواءِ ڪنهن کي به خبر ڪونه پئي پوءِ انٽر جي امتحان جو فارم ڀرائڻ آيو ۽ امتحان ڏئي فارغ ٿي ويو وري مون کي ياد ڪونه آهي ته هن سان ڪا ملاقات ٿي هجي هيءُ ڪاٿي آهي ڇا پيو ڪري مون وٽ ڪو اطلاع ڪو نه آهي شايد هيءُ ڪتاب وري کيس ماضيءَ ۾ وٺي وڃي ۽ وري ڪي ڳالهيون ياد ڪري. باقي تصديق يا ترديد ڪرڻ هن جو حق آهي.
امان الله سرهيو
خدمتون
• جان محمد ڀٽي ڳوٺ ۾ واٽر سپلاءِ پهچائڻ لاءِ سيوهڻ ڊولپمينٽ ڪامپليڪس کان اسڪيم جي منظوري.
• سيوهڻ ڪاليج جي بلڊنگ ٺهي ويئي پر چار ديواري ڪونه هئي اها به سيوهڻ ڊولپمينٽ ڪامپليڪس کان منظور ڪرائي جوڙائي راس ڪئي.
• ايريگيشن جي SDO سيال صاحب کان ڪاليج ۾ شاگردن جي راند لاءِ سيمينٽ جي پچ ٺهرائڻ.
• سيوهڻ جي سڀني شاگردن لاءِ- جيڪي سنڌ يونيورسٽي ميڊيڪل يونيورسٽي/ڪاليج، انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ داخل هئا ۽ ڪٿي به هئا انهن کي اوقاف کاتي جي چيف ائڊمنسٽريٽر دريا خان ڪوريجو جي مدد سان في ڇوڪرو هڪ هزار روپيه هڪ دفعو سال ۾ انٽرميڊيئيٽ پنج سؤ روپيه، هڪ دفعو سال ۾ ۽ نائون ڏهون ٻه سؤ روپيه هڪ دفعو سال ۾ اهو سلسلو هڪ دفعو هليو پوءِ وري ڪاليج جون اليڪشن به ڪونه ٿيون ۽ 1978-1977ع ۾ آءٌ به ڪاليج مان انٽر ڪري زندگيءَ جي اڳاهين پنڌ تي روانو ٿي ويس. ان وقت اهي پئسا شاگردن لاءِ تمام گهڻا هئا.
سيوهڻ ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي ورسي
ڀاءُ جو ساٿ
ڪامورو؛ محمد هاشم ميمڻ
اسان ٿاڻي تي ڌرڻو جاري رکيو پوءِ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ڪي شاگرد لطيفا ته ڪي قومي گيت ته وري تقرير به ڪن پيا خاص طور تي علي احمد پنهور تمام گهڻا لطيفا ٻڌائي دوستن کي خوب کلايو. هن ورسيءَ ۾ محترم عابد لاکير به آيل هجي هن سان منهنجي پهرين ملاقات ان جلسي ۾ ٿي. جنهن مهل جلسو ختم ڪري ٿاڻي تي پيا وڃون هن مون کي چيو پ پ حڪومت آهي ڇو ٿو سڀني کي ڏچي ۾ وجهين-هيءُ اهڙا سنڌ دشمن اٿو جو پادر به هڻندا جيل به ويندؤ ۽ ضمانت به ڪونه ٿيندوَ. مون کانئس نالو پڇيو، عابد لاکير جواب مليو! مون سوچيو هيءُ ڏاڍو تيز آهي هن عمر ۾ نفعي نقصان جي خبر اٿس. پر هيءُ ته گڏيل فيصلو هئو سو ٿاڻي تي ته وڃڻو هئو پر هي اتان واپس پنهنجي ڳوٺ هليو ويو چيائين پاڻ اهڙن ڏچن لاءِ ڪونه ساماڻا آهيون ۽ همراهه هليو ويو.
ايتري ۾ ٿاڻي تي رات جي ماني به اچي ويئي ڇوڪرن جي طهرن جي ڪاڄ لاءِ رکيل سيڌو قومي تحريڪ جي ڪم اچي ويو! سڄي رات جاڳندي گذري ڪابه بس رواني ڪونه ٿي سڀ شاگرد ٿاڻي تي ويٺا رهيا ۽ اهو معاملو سڄي شهر ۾ باهه وانگر پکڙجي ويو ڪيترا ماڻهو ٿاڻي تي آيا اها اچ وڃ به سڄي رات جاري رهي. هوڏانهن سپاف دادوءَ جو صدر حاجن شاهه لڪياري اهو ٻڌي پنهنجي بنگلي تي ويهي رهيو درگاهه تي نڪرندو آهي ۽ شهر ۾ چڪر هڻندو آهي ان به احتياطاً ڪوبه شهر جو چڪر نه هنيو ته متان هيءُ ڇوڪرا ڪاوڙ ۾ مون سان وڙهن نه! اسان کي ته اهڙي ڳالهه ذهن ۾ به ڪونه هئي اها ڳالهه وري مون کي سندس ڀائٽي محمد شاهه ٻڌائي ته همراهه سڄي رات پريشان هيو.
هوڏانهن محمد هاشم ميمڻ صاحب سڌو رابطو سائين جي ايم سيد سان ڪيو سائينءَ چيو ته هاڻي رات جو دير ٿي وئي آهي آءٌ صبح جو سوير ماڻهو موڪليان ٿو ۽ ٿاڻي تان ڌرڻو ختم ٿي ويندو. صبح جو سوير چاچو علڻ ٿيٻو سائين جي ايم سيد جو خط کڻي مون وٽ پهتو ۽ چيائين هيءُ سائين جو خط اٿو، لکيل هئو مون ڏانهن.
خط:
علڻ ٿيٻو اوهان وٽ اچي پيو منهنجي ۽ محمد هاشم ميمڻ D.C دادو جي ڳالهه ٻولهه ٿي وئي آهي اوهان جو مطالبو سرڪار مڃي ورتو آهي اوهان ٿاڻي تان واپس سن اچو منجهند جي مانيءَ جو انتظام سڀني جو مون وٽ آهي.
خير انديش
غلام مرتضيٰ (سن)
علڻ ٿيٻو سائينءَ جو خاص ۽ ڀروسي جوڳو ماڻهو هوندو هئو ڪامريڊ به هوندو هئو ۽ سائينءَ جا ذاتي ڪم نياپا ۽ خط وغيره کڻي ويندو هئو سندس شمار سڄي سنڌ ۾ سائين جي اعتبار جوڳن ماڻهن ۾ ٿيندو هو ان جي ايتري حيثيت هئي جو هن جو نياپو ئي ڪافي هئو. ليڪن پوءِ به سائينءَ خط لکيو ۽ اسين سڀ بس ۾ سوار ٿي سن روانا ٿياسين ان وقت روڊ ننڍا ۽ ڀڳل ٽٽل هئا صبح جو ڏهين وڳي سن پهتاسين، سائينءَ سان انتهائي ادب سان ملياسين ڏاڍي پيار سان مليو خوش به هجي ۽ چيائين ته وڏي همٿ ڪئي اٿوَ سرڪار سڄي رات پريشان رهي ۽ الائي ڪيترا دفعا D.C۽ SP جا فون تي رابطا هجن پوءِ مون چيو ته صبح جو احتجاج ختم ٿي ويندو تڏهن هو سڪون سان ويٺا آهن. مون چيو سائين پوءِ همراهه ڪٿي آهن؟ چيائين صبح جو فون آئي ٻئي ماڻهو شام جو اوهان جيئن هتان کان سنڌ يونيورسٽيءَ پهچندؤ اتي اوهان کي ملي ويندا. مانجهاندو ڪري سائينءَ کان موڪلايوسين. مون کي سڀني دوستن چيو ته تون هاڻي ڪجهه وقت هلي يونيورسٽيءَ ۾ رهه. تنهنجي خلاف متان ڪو ڪيس داخل ٿيو هجي، توکي ٻڌي نه وجهن. مون کي به ساڳيو خيال دل ۾ هجي ليڪن مسئلو اهو هجي ته ٻئي ڏينهن ڀائيٽين جا طهر هجن ان ۾ به شريڪ ٿيڻو هجي. ليڪن سڀني دوستن چيو ته نه تون بلڪل نه ويندين، ايئن اسين يونيورسٽيءَ پهتاسين ته شام جو ڇهين وڳي ٻئي همراهه آزاد ٿي يونيورسٽيءَ پهتا ۽ پوءِ اتي انهن جي آزادي ۽ اسان جي ڪاميابيءَ تي هڪ مختصر تقريب هاسٽل جي ٻاهران ٿي.
آءُ به پهريون دفعو يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهه وقت لاءِ رهي پيس. ان مٿئين معاملي جي ڪري مان سيوهڻ مان ٻاهر سڄي سنڌ ۾ نالو ڪمايو ۽ هاڻي جتي جيئي سنڌ هئي اتي مون کي نالي سان سڃاتو ويندو هئو ۽ پنهنجي شهر ۾ منهنجو اثر رسوخ وڌي ويو پوءِ اهي آفيسر هجن، زميندار هجن، مخالف پارٽيءَ جا ماڻهو هجن يا سيد پير هجن. مونکي بهرحال هڪ مقام مليو ۽ ان ڪري هاڻي سيوهڻ ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو هڪ اثر ۽ حيثيت قائم ٿي وئي ۽ ڪافي ماڻهن مون تي توجهه ڏيڻ شروع ڪيو، هر ڪو نالي واري جي پويان ڀڄندو آهي، سو مون سان به اهوئي معاملو رهيو!
آه! قومي تحريڪ...
نثار بلوچ؛ ڊي ايس پي!
*
باب ستون: صحافتي دور ۽ سيوهڻ , ڪجهه ساٿي ڪجهه واقعا
پوليس آفيسر جو قومي جذبو
چوريءَ جو واقعو
بشير اوٺو
مان بشير سان مليس سڄي معلومات ٻڌائي مانس ۽ پڇيو مانس ته جي تون حاضر ٿئين ته چاچي کي هتي ئي ڇڏايون ٿا، جي نه ته کيس في الحال ڪونه ڇڏيندا ۽ نثار بلوچ جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي. هن چيو ته مان هلان ٿو گرفتاري ڏيڻ. مون چيو نه – بلڪه تون هينئر نه هل، پر ذهني طور تي تيار رهجان. چيائين ڀلي سزا اچي پر بابا سائين کي وڌيڪ اذيت نه ٿو ڏيئي سگهان، مان نثار بلوچ کي چيو ته بشير سان رابطو ٿيو آهي، ليڪن آهي شهر کان ٻاهر، اڄ رات يا صبح جو اچي ويندو. پر چاچي کي هاڻي ڇڏيو. هن ايس.پيءَ سان ڳالهايو ته سڀاڻي شام تائين بشير اوٺو حاضر ٿيندو، توهان دادوءَ جي پوليس کي واپس گهرايو. منهنجي ذميواري آهي بشير اوهان وٽ پيش ٿيندو، پوءِ چاچي ڦوٽي کي ڇڏيائين، پوليس دادوءَ واپس هلي ويئي، هن مونکي چيو ته هاڻي منهنجي عزت تنهنجي هٿ ۾ آهي، وڌيڪ آئون توکي ڪونه ٿو چوان، ٻئي ڏينهن شام جو بشير اوٺي کي تيار ڪري ڪپڙا ۽ ضروري سامان کڻي، ڊي.ايس.پي صاحب سان وڃي ملياسين، هن چيو ته اڄ رات تون هتي منهنجي بنگلي ۾ گذار، پنهنجن يارن دوستن سان ڀلي ڪچهري ڪر، صبح جو آئون پاڻ توکي وٺي هلندس ته جيئن توکي وڌيڪ پوليس تڪليف نه ڏيئي، ٻئي ڏينهن هن کي پنهنجي ٿاڻي تي رکي، دادو پوليس کان هن جي حوالي ٿيڻ جو ليٽر وٺي سندن حوالي ڪري آيو، ۽ کين پارت به ڪئي ته هن کي اوهان طرفان ڪابه تڪليف نه ٿئي باقي واڳ ڌڻي ڇا ٿا ڪن، سا انهن جي مرضي!
قلندر جي گادي نشين جو واقعو!
ولي محمد عرف پپو شاهه
اهو ئي بريف ڪيس پٺاڻن جي گاڏيءَ ۾ رهجي ويو هو، ان ۾ سندس ڌوٻي جا ڌوتل ڪپڙا هيا، پوليس جانچ ڪري ان ڌوٻيءَ وٽ حيدرآباد پهتي، ڪپڙن جي ڪالر تي لکيل هجي، محمد مراد شاهه جيڪو سندس والد جو نالو هئو، ڌوٻي ٻڌايو سيوهڻ جو مراد شاهه آهي. ان جي پٽ پپو سائينءَ جا ڪپڙا آهن، ولي محمد شاهه کي پيار مان ”پپو شاه“ به چوندا آهن. پوليس مراد شاهه وٽ سيوهڻ پهتي هن بيان ڏنو ڪپڙا پپوءَ جا آهن، جي ڪو اهڙو ڏوهه ڪيو اٿس ته ڀلي ٻڌوس، ساڻس منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي. ان بريف ڪيس پوليس کي پپو شاهه تائين پهچايو.
پپو شاهه جي وضاحت
منهنجو صحافت ڏانهن رجحان
ڀٽي جي ديدار جو شوق
هوڏانهن مٿان ضلعي انتظاميه سيوهڻ پوليس کي حڪم ڪيو ته جي اهو ماڻهو واقعي جلسي ۾ ويٺو آهي، ان کي گرفتار ڪري رپورٽ ڪيو.
نثار بلوچ ڊي.ايس.پي صاحب اچي مونکي ڪلهي تي هٿ رکيو، مون پويان مڙي هن کي ڏٺو هن اکين جي اشاري ۾ چيو ته اچ! مان اٿيس، هن مونکي چيو هتي ڇا پيو ڪرين؟ چيم اوهانکي خبر آهي ته آئون اخباري صحافي به آهيان، ان ڪري پنهنجي اخبار لاءِ وزيراعظم جي ڪوريج لاءِ ويٺو آهيان سو رپورٽنگ ڪندس، ايئن ڳالهائيندا ٻاهرين پاسي ويندا رهياسين، سڀني سمجهيو ته ڪچهري پيا ڪندا وڃن، هن چيو ته جلدي وڃي گاڏي ۾ ويهه آئون اهو تاثر ڪونه ٿو ڇڏيان ته مون توکي گرفتار ڪيو آهي، تنهنجي ڪري سيڪيورٽي رسڪ ڊڪليئر ڪئي اٿن، حڪم گرفتاري جو آهي ان ڪري هلي گاڏي ۾ ويهه، مان سندس جيپ جي اڳين سيٽ تي ويٺس پاڻ آيو باقي سڀني پوليس وارن کي اتي لهڻ لاءِ چيائين ۽ صرف ڊرائيور کي چيائين هن کي منهنجي بنگلي تي وٺي هل، آئون اچان ٿو، ايئن مٿي رپورٽ موڪليائين ته جلسي گاهه ڪليئر ٿي ويو آهي ۽ گهربل ماڻهو ٿاڻي تي ويٺو آهي، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ هي آيو، ڀٽو صاحب جلسو ڪري روانو ٿي ويو ۽ مونکي چيائين هاڻي گهر وڃي سگهين ٿو، ايئن تاريخ جي وڏي انسان کي آمهون سامهون ڏسڻ جي حسرت ته ڪونه پوري ٿي بلڪه مهانگي پوندي پوندي D.S.P جي ڪري بچي ويئي.
اسسٽنٽ سب مارشل - لا ائڊمنسٽريٽر سيوهڻ ليفٽيننٽ ڪرنل اعظم سان ملاقات
مونکي آخر ۾ سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر چيو ته جڏهن به ڪو تنهنجو يا ڪنهن شهريءَ جو ڪو مسئلو يا اسان ۾ ڪم هجي ته چوندو ڪجان، اسان وس آهر تنهنجي مدد ڪنداسين، ان کان پوءِ ڪيترن ئي ماڻهن سان ڪيئي مسئلا ٿيا منهنجي مداخلت ڪرڻ سان اهي سزا کان بچي ويا، سپاف ۽ پ پ جا ڪجهه ماڻهو ڀٽي صاحب جي ڦاسي کان پوءِ احتجاج دوران گرفتار ٿيا، سمري ملٽري ڪورٽ ۾ چالان ٿيا جن ۾ ٽي ڇوڪرا مونکي ياد اچن ٿا هر هڪ، قربان ڪانگڙي ، هڪ سولنگي ، هڪ کوسو هئو. شايد فدا حسين کوسو يا ڪو ٻيو هاڻي مونکي ذهن تي ڪونه آهي، انهن جي مائٽن ٻڌايو ته ايس.ڊي.ايم سيوهڻ جيڪو ان وقت هڪ غير سنڌي هئو! ان جي گرفتاري ۽ رپورٽ تي کين ملٽري ڪورٽ ۾ چالان ڪري سزائون ڏنيون وينديون. هُن انهن ڇوڪرن کي ٻڌرائي ملٽري ڪورٽ ۾ چالان ڪرايو آهي، ٻن ڏينهن کانپوءِ ڪيس هلندو ۽ اتي جو اتي سزا ڏيندا. مون چيو ته آئون ڪوشش ڪيان ٿو. ڊي.ايس.پي کي اعتماد ۾ ورتم ته هلون ٿا سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ڏانهن اوهان ڪجهه منهنجي ڳالهين جي تائيد ڪجو، جي اوهان کان پڇي، جيڪڏهن هي ٻه – چار ڇوڪرا سزا کان بچي وڃن ته بهتر ٿيندو، پوءِ اسان جي ملاقات تي ڪجهه منٿ ۽ ڪجهه يقين ڏيارڻ؛ ته آئنده ڪجهه نه ٿيندو ته هن صاحب منهنجي يقين ڏيارڻ تي سپاف جي ٽنهي ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان ۾ ڊي.ايس.پي صاحب به مدد ڪئي ۽ سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي گواهي ڏيندي چيائين ته انهن ڇوڪرن تي اڳ ۾ ڪوبه ڪيس ڪونه آهي نه ڪڏهن گهربل رهيا آهن.
ايس. ڊي. ايم؛ سيد توقير شاهه کي اها ڏاڍي تڪليف پهتي ته هن جن ڇوڪرن کي گرفتار ڪرائي پوليس ڪيس ٺهرائي مارشل- لا ڪورٽ ۾ چالان ڪرايو ته جيئن هنن کي سمري ملٽري ڪورٽ ڪوڙن ۽ قيد جي سزا ڏيئي سگهي، منهنجي ان ڪوشش سان جڏهن اهي ڇوڪرا ملٽري ڪورٽ آزاد ڪيا ته هن کي ڏاڍي تڪليف پهتي، انڪري هيءُ سدائين ان ڪوشش ۾ هئو ته ڪيئن به ڪري هيءُ يا هن جو ڪو ڀاءُ ڪنهن چڪر ۾ اچي ته هن سان حساب ڪتاب برابر ڪجي.
1977ع ۾ ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ کان اڳ سيوهڻ ۾ ايس.ڊي.ايم سيد توقير احمد کي مقرر ڪيو ويو، اهو ايترو متعصب هئو، جو جيڪڏهن ڪو ٿورو به جلوس ۽ جلسو نڪرندو هئو، ته باقائده انهن تي پوليس کي حڪم ڏيئي پاڻ به پوليس سان گڏ جلوس وارن سان خود پيو وڙهندو هئو، تمام گهڻيون سنڌين کي گاريون ڏيندو هئو، اسان جي هيڻي ۽ هيسايل قوم جا ماڻهو ان دهشت گرد ايس.ڊي.ايم کان جيترو ڊڄندا هئا ايترو ته وهم پرستيءَ جي اتهاس ۾ ڪڏهن ديون ۽ راڪاسن کان به نه ڊنا هوندا. هن وٽ جيڪو به ڦاٿو اهو وڏي ڪنهن عذاب ۾ اڙجي ويو، ڪم جائز هجي، ته به هيءُ سخت ناراض ٿيندو هو. دڪاندارن ۽ واپارين جا شين جا اگهه چيڪ ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ اهلڪارن جا اٽالا کڻندو هئو هر روز ڪيترن ئي دڪاندارن کي ٻڌي سڄو سڄو ڏينهن ذليل خوار ڪري بي عزت ڪري رات جو، ڏنڊ وجهي پوءِ کين ڇڏيندو هئو، تيسيتائين اهي معزز دڪاندار ۽ ريڙهن ۽ ڪيبنن وارا اس ۽ اڃ ۾ ويٺا هوندا هئا، نه ويهڻ جي جاءِ نه ڇانو، بس ان انتظار ۾ ويٺا هوندا هئا ته هاڻي قانون لاڳو ڪندڙ محافظ اسان سان ڇا ٿا ڪن، ان ته ايترو خوف ۽ هراس پيدا ڪرايو جو ماڻهو هر روزر اها دعا گهري پنهنجي روز مره جي ڪم سان نڪرندا هئا ته الله خير ڪري ان انسان دشمن توقير شاهه جي شڪل نه ڏسجي! سرڪاري جيپ ۾ چڙهي پوليس سان سڄي شهر ۾ نوس نوس ڪندو وتندو هو، جيڪو ور چڙهيس ان کي گاريون ڏيندو هو،۽ سنڌين کي ته انسان سمجهڻ لاءِ به تيار ڪونه هئو، ڄڻ هي حاڪم هجي باقي سڀ غلام هجن، اهو ورتاءُ هوندو هئس، بس سيد هجڻ جي ڪري هيءُ هميشه هڪ سيد جي اوطاق تي ويندو رهندو هئو جو هي سيد پرست هئو، خبر نه آهي ان سنڌي سيد سان هن جي نفرت ڇو ڪونه هئي؟ اهو سيد خاندان سبزواري آهي، جن وٽ ويندو هئو پر ڪم جي معاملي ۾ انهن کي به ٺڙڪائي ڇڏيندو هئو، ۽ رياستي ڊسيپلين جو بهانو ٺاهي وٺندو هو. بس انهن وٽ صرف ويندو هئو وقت پاس ڪرڻ لاءِ! سچو انهن سان به ڪونه هئو، پر ايترو ضرور ٿيو ته انهن سيدن جي تعلق جي ڪري ماڻهن ۾ سبزواري سيدن لاءِ هميشه سواليه نشان ذهن ۾ اڀرندا رهيا.
ساٿين کي گرفتاريءَ کان بچائڻ
توقير شاهه جو پلاند!
مان حيدرآباد هئس، مونکي ڌڻي بخش جي گرفتاريءَ جو اطلاع مليو، واپس اچي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن سان مليس ته هنن چيو اسان پنهنجي سموري سروس ۾ ايتري بدتميزي ڪونه برداشت ڪئي آهي، جيتريون هن بدتميزي ڪئي آهي. اسان هن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين! مون هنن کي چيو ته هي نارمل انسان ناهي هن جو دماغ متاثر آهي، هن سان ڪجهه وقت اڳ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ هن جي مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهن، الاءِ ڪيترا گهاوَ هئس، اوهان چاهيو ته ڊاڪٽر کان هن جو چيڪ اپ ڪرايو، جي هي نارمل هجي ته پوءِ اوهان جي مرضي. هنن چيو شهر جي سڀني دڪاندارن جي سامهون هن ضياءَ کان وٺي سڀني ضيا جي ساٿارين کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي، ملڪ ٽوڙڻ جا نعرا هنيا اٿس، مون چيو اوهان جي تشدد سبب هن جو دماغ وڌيڪ متاثر ٿي ويو آهي. ايئن مسلسل ڳالهائيندو ٿو رهي، بلڪل 48 ڪلاڪن کان هڪ منٽ به ننڊ نه ڪئي اٿس، باقي جي اوهان پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهيو آهي ته ٻي ڳالهه آهي! هنن وري مون کي پنهنجي آفيسر سان ملايو، جنهن منهنجي مؤقف کي سمجهي، پنهنجي هڪ ميڊيڪل آفيسر کي لاڪپ موڪلڻ جو حڪم ڏنو ته وڃي ڌڻي بخش کي چڪاسي. مون گذارش ڪئي ته ميڊيڪل آفيسر کي سادن ڪپڙن سان موڪليو، باقي اهلڪار هن سان ڀلي گڏ هجن، اهي لاڪپ جي ڀرسان بيهن ته آئون هن کي چوندس ته ڊاڪٽر تنهنجي زخم جو علاج ڪندو! باقي اهلڪار ڏسندو ته هن کي تشدد ياد ايندو ۽ وري ساڳيون ڳالهيون دهرائيندو. هنن ايئن ڪيو، ايترو به هنن ان ڪري ڪيو جو منهنجو پنهنجو شهر ۽ اتان جي سياست ۾ اثر هئو ۽ بهتر اهو ٿيو جو هنن وري ايس.ڊي.ايم توقير سان رابطو ڪونه ڪيو نه ته هو وڌيڪ گند ڪري ها! هنن جي ميڊيڪل آفيسر ڌڻي بخش جو معائنو ڪيو ته ان وقت به هيءُ مسلسل ڳالهائيندو رهيو، ڊاڪٽر چڪاسيو ۽ تصديق ڪئي ته هي دماغي طرح سخت متاثر آهي، پوءِ به هن کي ڇڏيائون ڪونه، پنهنجي ڊاڪٽر جي رپورٽ ۽ ايس.ڊي.ايم کان ليٽر وٺي کيس پوليس جي پهري ۾ حيدرآباد جي گدو اسپتال ۾ قيديءَ جي حيثيت ۾ داخل ڪرايائون ۽ وڌيڪ تحقيق ۽ رپورٽ اتان جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ قاضي حيدر کان گهريائون.
هيءُ جيئن اسپتال پهتو هن جي حالت رهندو خراب ٿي وئي ۽ هن کي ان وارڊ ۾ موڪليائون جتي مريض ڪنٽرول کان ٻاهر هوندا آهن، اسپتال ۾ جيل وانگر ٺهيل کوليءَ ۾ کيس بند ڪيائون، هي به ڪپڙن کان آجو ٿي ويهي رهيو، هن کي تالي بند ڪيائون، مان هن جي ان حالت کي ڏسي زارو قطار روئندو رهيس، دماغ ۾ هزارين خيال ۽ سوچون هجن، ته هي ڇا ٿي ويو، نوجوان ڇوڪرو هيءُ ته تباهه ٿي ويو... ايئن ئي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مري ويندو، ڇا جيسيتائين جيئرو هوندو ايئن هوندو!... بهرحال قاضي حيدر جيڪو پروفيسر ۽ اسپتال جو ايم،ايس هئو، ان هنن جي ليٽر جي جواب ۾ لکي موڪليو، ته هي هاءِ گريڊ جو مريض آهي ۽ اسان وٽ داخل رهندو، هڪ مهيني تائين هن کي ڏسنداسين ۽ علاج شروع ڪيؤنس ٿا. مان شام جو قاضي اڪبر جي پٽ قاضي نظير اڪبر سان مليس، دوست هئو- چيائين قاضي حيدر اسان جو مائٽ ته نه آهي، باقي واقف آهي هلي ٿا ملؤنس، هن سان ملياسين هن چيو مون مريض کي ڏٺو آهي، هن تي تشدد جا نشان آهن، پوءِ مون هن کي سڄي حقيقت بيان ڪئي هن چيو؛ هائو مان سمجهيو ته هن نوجوان تي سخت تشدد ٿيل آهي ۽ ٽارچر جي ڪري هيءُ ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، پر هاڻي مان هن کي دماغي شاٽس هڻندس ڪجهه بهتر ٿيو ته ان مان ئي ٿيندو، ٻي ڪا واهه ڪونهي! اهي شاٽون هر هفتي ۾چار دفعا هڻندوسانس، پوءِ الله بهتر ڪندو، هي هڪ مهيني ۾ ڪافي بهتر ٿيو هن کي سخت چرين جي بند وارڊ مان ڪڍي اسپيشل وارڊ ۾ رکيائون، قاضي حيدر چيو ته جهڙي طرح هن جي امپرومينٽ ٿي رهي آهي هي ٻن مهينن اندر انشاءَ الله ٺيڪ ٿي ويندو پوءِ دوائون هلنديون هر مهيني چيڪ اپ ٿيندو ۽ نشو نه ڪري ته ٺيڪ رهندو! ٻن مهينن کان پوءِ الله جو ڪرم ٿيو ۽ ڊاڪٽر جي توجهه ۽ دوا سان هي ٺيڪ ٿي ويو. ڌڻي بخش جي آزاديءَ لاءِ وري ايس.ڊي.ايم جو رليز آرڊر گهربل هيو، ڏهه ڏينهن ان ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳا ۽ آخرڪار هن کي واپس گهر وٺي آياسين، دوائون هلنديون رهيون هيءُ ٺيڪ رهيو. پر ان وچ ۾ هي دوستن وٽ به ويندو رهيو،ڪڏهن چرس جو سوٽو ته ڪڏهن ڀنگ جو پيالو - هاڻي علاج ڇا اثر ڪري، سو اهو سدائين مسئلو هلندو رهيو، آخر ڊاڪٽر پروفيسر قاضي حيدر اها صلاح ڏني ته اوهان ڌڻي بخش جي شادي ڪرائي ڇڏيو، متان ٺيڪ ٿي وڃي، ۽ پوءِ جلدي هن جي شادي پنهنجي عزيزن ۾ ڪرائي سين، پر هن جي طبيعت ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي، هي مڪمل ٺيڪ ٿي نه سگهيو! مطلب ته توقير شاهه جي نانگ واري وير ۾ سندس پلاند ۽ اهلڪارن جي ٽارچر جي اها نشاني اڃا تائين پئي هلندي اچي، ظالمن هڪ نوجوان جي زندگي تباهه ڪئي، ۽ علاج جي سموري ذميواري منهنجي حوالي ڪئي. هن کي 1977 ۾ نوڪري به ملٽري اڪائونٽ ۾ آڊيٽر جي ملي، اها به هن 7 کان 8 سالن تائين ڪئي، شادي به ڪيائين وري ساڳي ڪيفيت ٿي ويس ته نوڪري به ڇڏي ڏنائين، ٿورو ٺيڪ ٿيو ته وري سعودي عرب جي پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول ۾ ٽيچر جي نوڪري مليس، پر اتي به ساڳي ذهني ڪيفيت جي ڪري ٽن سالن ۾ واپس آيو، ۽ هن مهل تائين ڪجهه وقت ٺيڪ ڪجهه وقت اسپتالن ۽ علاج جي حوالي، هاڻي ته مڪمل تنهائيءَ جو شڪار رهڻ لڳو آهي.
*
وَ تُعِزُّ مَنْ تَشَآءُ...
1978 دادو ضلعي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي چونڊ ٿي. عبدالصمد ڪانڌڙو مرڪزي قائم مقام صدر هئو، ۽ علي حيدر شاهه جنرل سيڪريٽري، انهن سڄي سنڌ جي ضلعن جون چونڊون ڪرائڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو، دادو ضلعي ۾ ان وقت تعلقو سيوهڻ، جوهي، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولا خان شامل هئا. بولا خان ۾ ڪو يونٽ ڪونه هيو، باقي ڪوٽڙي ڄامشورو سان شامل ڪيل هئو، جو سنڌ يونيورسٽي جي ڪري ان يونٽ کي ضلعي جي حيثيت مليل هئي. باقي تعلقن ۾ ان وقت سيوهڻ اهم ۽ اڳتي هئو، جو اتي ٻن سالن ۾ منهنجي قيادت ۾ جيڪو ڪم ٿيو، جنهن سبب سيوهڻ ۽ مونکي ڪافي مشهوري نصيب ٿي، ان ڪري ضلعي ۽ مرڪز کان وٺي سڀني جي نظر سيوهڻ تي هوندي هئي، 1978 ۾ دادو ضلع جي قيادت ڪونه هئي، جو منظور پنهور يونيورسٽيءَ هليو ويو هو. ان ڪري مرڪزي اڳواڻن ضلعي جي ميٽنگ لاءِ مونکي چيو، جيڪي دوست مون سان رابطي ۾ هئا، مون انهن جي ضلعي جي ميٽنگ سيوهڻ ۾ رکي، اتي حيدر شاهه ۽ عبدالصمد ڪانڌڙو آيا، ضلعي جا تقريبن 60کان 70 ميمبر آيل هجن، هنن پهرين اتي ضلعي دادوءَ جي صورتحال کي ڏسي ضلعي جو آرگنائيزر مقرر ڪيو، ان لاءِ سڀني ميمبرن يڪراءِ منهنجي نالي جي تجويز ڏني، ۽ ايئن مرڪز مونکي ضلعي دادوءَ لاءِ آرگنائيزر مقرر ڪيو، ۽ هڪ مهيني ۾ تنظيم سازيءَ جو حڪم ڏيئي ڪري ضلعي جي اڳواڻي مونکي سونپي ويا، هڪ مهيني تائين مان ڪوٽڙي ۽ ٿاڻي بولا خان کان علاوه سڄي ضلعي جي تعلقن ۽ وڏن شهرن ۾ ويس ۽ تنظيم سازي، ميمبر شپ ۽ پراڻن ۽ وسريل سنڌي قوم پرستن سان تيزيءَ سان رابطا مڪمل ڪري سڀني جي صلاح سان سيوهڻ ۾ ميٽنگ طي ڪيم، اطلاع مرڪز کي ڏنو ويو، انهن تاريخ مقرر ڪئي، ان وقت مونکي حيرت ٿي جڏهن سيد حيدر شاهه هڪ ملاقات ۾ مونکي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي ضلعي ۾ انتهائي مضبوط پوزيشن آهي، ماڻهو به توکي چاهين ٿا اسين به چاهيون ٿا ته تون ضلعي صدر ٿيءُ، ليڪن اسان جو هڪ شرط آهي، ته مٿي مرڪز ۾ ڪجهه دوست اسان جي خلاف آهن، اتي توکي اسان جو ساٿ ڏيڻو پوندو. مون چيو ته آئون ڪنهن جي به ڌر جو حصو ڪونه ٿيندس، ۽ نه ئي مان ان معاملي ۾ يقين ٿو رکان، باقي جي اوهان اصولن تي هوندوءَ ته يقينن آئون اوهان سان گڏ هوندس، هونئن به هينئر اوهان ئي اسان جا مرڪزي ليڊر آهيو. اسين ته اوهان جو ئي حڪم مڃينداسين. هن چيو ته اسان ضلعي تنظيم سازي ڪري وٺنداسين ته وري مرڪزي چونڊون ٿينديون ان ۾ اوهان جي ضلعي جا 10 ميمبر ڪائونسلر هوندا آهن، اهي ووٽ منهنجي تشڪيل ڏنل پينل کي ملڻ گهرجن، مون هن سان ڪوبه واعدو ڪرڻ ان ڪري به مناسب ڪونه سمجهيو جو هڪ ته آئون پاڻ هن تحريڪ ۾ نئون هيس منهنجي ٻن سالن جي رفاقت هن تحريڪ سان مَس هئي مٿي گروپ ڪيئن آهن، ٻيا ماڻهو ڪهڙا آهن اهي صحيح آهن يا نه! بهرحال مان هنن سان ڪوبه واعدو ڪونه ڪيو، هيءُ ڪاوڙجي پيا ليڪن ضلعي جي چونڊن جي نگراني ته هنن کي ئي ڪرڻي هئي.
اها جنوري 1978ع جي ڳالهه آهي، سيوهڻ ۾ وري ضلعي جي گڏجاڻي گهرائي ويئي اتي صورتحال ڏسي مرڪز وارن روايتي حربا استعمال ڪيا، جڏهن هنن اجلاس ۾ پڇيو ته ڪير ٿو ضلعي لاءِ صدر ٿئي، مون پاڻ کي پيش ڪيو ۽ مون ئي تجويز ڏني ته جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ ويجهڙائپ آهي. هو ڀان جو رهندڙ آهي، انهي ڪري رابطي ۾ آساني ٿيندي. هنن چيو ته هنن ٻنهي جي مقابلي ۾ ڪير ٿو اليڪشن وڙهي، ته سڄي ضلعي جي اندازن 80 کن ميمبرن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
مرڪز کي اها ڳالهه انتهائي ناگوار لڳي ۽ حيدر شاهه اٿي تقرير شروع ڪئي ته جي اوهانکي مقابلو نه ڪرڻو آهي ته پوءِ اسانکي ڇو گهرايو اٿو، جي هڪ طرفي باڊي ٺهندي ته پوءِ ڪم ڪيئن هلندو، ان ڪري اسين سمجهون ٿا ته ابڙي صاحب پنهنجا من پسند ماڻهو گڏ ڪيا آهن، جنهن ڪري اسين آرگنائيزنگ ڪميٽي ٿا ٺاهيون! ان لاءِ هنن ضلعي لاءِ مظهر ميمڻ کي مقرر ڪيو ۽ ٻيا چار ميمبر به مقرر ڪيا، انهن ۾ مان به شامل هئس، مان انڪار ڪري پئي سگهيس ۽ هنن جي ان حرڪت تي احتجاج به ڪري ٿي سگهيس، ليڪن مون پنهنجي قومي تحريڪ کي دوررس نگاهن سان پئي ڏٺو ۽ آرگنائيزر مان ميمبر ٿيڻ تي خاموش رهيس، ان کي مرڪز جو حڪم سمجهي مڃيم. هاڻي هنن جو سڌو رابطو مظهر ميمڻ سان هئو، هو سڄي ضلعي ۾ اچي وڃي پيو - مونکي صرف سيوهڻ تعلقي واري پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو، باقي چيائين سموري ضلعي جا ميمبر آهن متعلقه تعلقي مان ميمبر کي وٺي ان تعلقي ۾ ويندس، مان خاموش رهيس، هن ٽي مهينا ڪم ڪيو آخر اپريل 1978 ۾ دادو ضلعي جي ميٽنگ دادو شهر ۾ ٿي، ان ۾ تقريبن هڪ سؤ کن ميمبر موجود هجن ان وچ ۾ هنن دادوءَ ۾ هڪ ميمبر؛ منير ڪوريجو سان رابطو ڪيو، ۽ حيدر شاهه صاحب هن کي تيار ڪيو ته ضلعي صدر لاءِ توکي بيهڻو پوندو، ۽ جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ مظهر ميمڻ! منير چيو ته پوءِ مان پنهنجا دوست عزيز جيڪي ميمبر ته نه آهن، پر انهن جو ووٽ ڪرائڻ جي اجازت ڏيندا ته اليڪشن کٽي وينداسين، هنن مظهر ميمڻ کي چيو ته هن جا ميمبر شپ فارم ڀريو هن چيو ٺيڪ آهي! ليڪن اليڪشن تائين هنن جي ميمبرن فارم ڪونه ڀرايو. اليڪشن لاءِ گڏجاڻي شروع ٿي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ علي حيدر شاهه چيو ته مرڪز فيصلو ڪيو آهي ته منير ڪوريجو ضلعي صدر ۽ مظهر ميمڻ ضلعي جنرل سيڪريٽري طور مرڪز طرفان اميدوار آهن، باقي جي ڪنهن کي مقابلو ڪرڻو آهي ته ڀلي فارم ڀرائي. اسان فارم ڀريا پنهنجو پينل ٺاهيوسين ته مظهر ميمڻ مون وٽ آيو ۽ مونکي پنهنجي پينل ۾ بيهار، مون چيو ته صدر لاءِ آئون پاڻ آهيان نائب صدر لاءِ دادوءَ جو نعيم پنهور جيڪو منظور پنهور جو ننڍو ڀاءُ هجي، اهو آهي. جنرل سيڪريٽري لاءِ روشن ٻرڙو آهي، جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ علي بخش شيخ آهي، جيڪو خيرپور ناٿن شاهه جو آهي، تنهنجي لاءِ ڪابه جاءِ منهنجي پينل ۾ نه آهي، تون مرڪز جو اميدوار آهين. ايئن ئي کٽي ويندين، اسان توکي ڪا به سيٽ نٿا ڏيئي سگهون، ته اتي چيائين ڀلا خزانچي، مون چيو اهو جوهي تعلقي جو دوست آهي، هن وقت مونکي ان جو نالو وسري ويو آهي شايد رستماڻي ذات جو هو، ان کي ڏني آهي، اسان جو پينل پورو آهي تون مقابلو ڪر شايد کٽي وڃين ڇو ته عبدالصمد ،علي حيدر شاهه تو لاءِ ورڪ پيا ڪن، هن چيو ته آئون سڄو ضلعو ٽي ٽي دفعا گهميو آهي مونکي مرڪز چيو هئو ته ابڙو پينل تي نه اچڻ گهرجي. مون جتي به ضلعي ۾ ڏٺو مونکي ڪوبه ماڻهو تنهنجي خلاف نظر نه آيو، مون چيو تون ۽ منير آهيو، چيائين منير ڪوريجو هوائي توائي آهي، هن جو ڪوبه رول نه رهيو آهي، مرڪزي قيادت جي چوڻ تي بيٺو آهي، باقي پوزيشن ڪا به ڪونه اٿس. پر مونکي ضلعي جي پريس سيڪريٽريءَ لاءِ پنهنجي پينل تي بيهاريو! مون چيو؛ ان لاءِ شرط آهي، ته تون فارم ڀر جنرل سيڪريٽريءَ جو، پوءِ روشن ٻرڙي جي حق ۾ هٿ کڻ ته پوءِ توکي پريس سيڪريٽريءَ لاءِ ووٽ ڪنداسين، ٻئي فارم ڀر اسان پريس سيڪريٽري لاءِ ڪوبه اميدوار ڪونه ٿا بيهاريون، هن ايئن ئي ڪيو! هوڏانهن مرڪزي قائم مقام صدر صمد ڪانڌڙي جي صدارت ۾ اجلاس هلي پيو، ووٽ پون پيا، منير ڪوريجو ٽانگن تي ماڻهو پيو آڻي اهي ميمبر به نه هجن، پر مرڪز چوي هيءُ ميمبر آهن اسان هنن کي ميمبر ڪيو آهي هي ووٽ ڏيندا، اتي دوستن چيو ته پاڻ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيون، مون منع ڪئي ته پوءِ به مقابلو ڪنداسين، اسان وٽ 70 ميمبر آهن، هيءُ ٽانگي تي گهڻا ميمبر کڻي ايندو؟ دوستن چيو ته ڇا هتي ويٺل مرڪز جي مخالفت جي با وجود ووٽ ڏيندا مون چيو ته جي ايئن نه هجي ها ته مظهر ميمڻ - جيڪو ٽي مهينا مرڪز جي هدايت تي ڪم ڪندو رهيو آهي، تنهن مرڪز جي طرفان جنرل سيڪريٽري شپ جي اميدواريءَ تان ڇو هٿ کڻي اسان جي حمايت ڪئي؟ مظهر ميمڻ وڏو هوشيار ۽ موقعي پرست آهي، هن کي ضلعي جي رزلٽ جي خبر آهي، انڪري سڀ کان ننڍي سيٽ به کٽڻ واري کيس ئي گهرجي سو آڻڻ ڏيو منير ڪوريجي کي ماڻهو ڍوئيندي رات ٿي ويئي روشني به گهٽ منير ڪوريجو رات جو ڏهين وڳي تائين ماڻهو، بيرا ، مزدور ، ٽانگي وارا ، گڏهه گاڏا هلائڻ وارا آڻيندو رهيو، پر 65 جي مقابلي ۾ ڪل ووٽ 30 کڻي سگهيو ۽ مرڪزي اميدوار به هٿ کڻي ويا باقي جيڪي بچياسين ٽيهه ووٽ کڻي وڃي عبدالصمد ڪانڌڙي، حيدر شاهه جي مٿان ڪريا، ۽ سندن ارادو هو ته صرف اسان جا هم خيال اچن. سموري ضلع ۾ هڪ مون جهڙي نا چيز وٽ ورڪر هئا، شڪست کائي خواريءَ جو کارو مٿي تي کڻي سنڌ يونيورسٽي جي سفر لاءِ روانا ٿي ويا، ان کان اڳ ۾ ڀڳل ٽٽل دل سان اسان کي صمد ڪانڌڙي، قسم کڻايو پر سيڪريٽري جنرل حيدر شاهه اجلاس کان ٻاهر نڪري ڪوريجي سان وڃي بيهي رهيو جو هن کي حلف برداريءَ جي تقريب ڪانه وڻي، آخرڪار آئون 1978ع جي اپريل ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ضلعي دادو جو صدر منتخب ٿي ويس.
مونکي ان وقت رات جو، ظاهر آهي مرڪز به مخالف هجي، اهو به ذهن تي دٻاءُ! غلط ووٽ، اهو به سانحو! سو ضلعي جي ٻن عهديدارن؛ روشن علي ٻرڙو ۽ نعيم پنهور کانسواءِ سڀني کي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃڻو هئو، هر دوست پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو، مرڪز سنڌ يونيورسٽيءَ کي 74 ماڊل جي ڪار به هئي، مون کين آڇ ڏني ته سيوهڻ رستي ۾ آهي مون وٽ هلي رهو، هنن ڪو عذر پيش ڪيو ته مون کين چيو ڀلا سيوهڻ تائين گڏ هلون قلندر جي زيارت ڪريو، ماني کائي پوءِ هليا وڃو، چيائون ڏسون ٿا پر هي مونکي دادوءَ ۾ ئي ڇڏي بنا موڪلائڻ جي هليا ويا. مون هڪ هفتي کانپوءِ دادوءَ ۾ ضلعي جي عهديدارن جي گڏجاڻي گهرائي، ان تاريخ تي آئون سيوهڻ مان ٽرين ۾ روانو ٿيس، باقي دوست مقرر جاءِ تي پهتا هئا، آئون جيئن ئي دادو اسٽيشن تي پهتس ته ڏٺم ته هڪ نوجوان مونکان عمر ۾ ڪافي ننڍو هجي انتهائي سهڻو ۽ خوبصورت هجي، مون ڏانهن وڌيو مان به بت بڻجي سندس سونهن ۽ سوڀيا ڏسندو رهيس، ته اوچتو اچي نوڙي سلام ڪري ڀاڪر پاتائين مان به ته هن ڏانهن ئي متوجهه هئس. هيءُ ڇا؟! اچي مونسان مليو سوچيم ڇا مان ايترو وڏو ليڊر ٿي ويو آهيان، جو اهڙا نازڪ نفيس سهڻا ڇوڪرا اچي ٿا ملن، مونکي ته هن نالي سان پڪاريو پر آئون ته حيران هجان هن تعارف ڪرائڻ کان اڳ ۾ سوال ڪيو سائين مونکي ڪونه ٿا سڃاڻو ڇا؟ مان جيسيتائين جواب ڏيان ته پاڻ ئي چيائين اوهان جي ضلعي باڊيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري؛ علي بخش شيخ. مونکي شرمندگي ٿي بهرحال گڏجي، گڏجاڻيءَ لاءِ روانا ٿياسين، ته چيائين مونکي دوستن ٻڌايو ته ابڙو صاحب ٽرين ۾ اچي پيو مان ان ڪري اسٽيشن تي آيس ته اوهان جو استقبال ڪيان، اهو لمحو منهنجي زندگيءَ جي اهم ۽ خوبصورت يادن ۾ شامل آهي.
شيرين سومرو ڪيس
قيدي ساٿين جو اونو
بي ڪلاس ڏيڻ لاءِ هوم سيڪريٽريءَ پنهنجي صوابديدي اختيار استعمال ڪيا هجن! بهرحال ٿيو ايئن جو جڏهن ملٽريءَ جي اعليٰ عملدارن کي خبر پئي ته هوم سيڪريٽريءَ اهڙا آرڊر پاس ڪيا آهن، ته هن کان پڇاڻو ڪيو ويو، هن جواب ڏنو ته سزا کان پوءِ قيدي هوم کاتي جي پراپرٽي هوندا آهن ۽ اسان جن کي چڱي چال وارو ڏسندا آهيون ته اها سهولت مهيا ڪندا آهيون بهرحال ڪي ٻه ٽي مهينا اهو بحث ۽ خط و ڪتابت هلندي رهي نيٺ ملٽريءَ جي عملدارن هن کي اهو چيو ته اهي آرڊر واپس ڪر، هن جواب ڏنو ته آئون ايئن ڪونه ڪندس پنهنجي آرڊر کي آئون واپس ڪونه ڪندس، هيءُ همراهه جيڪو هوم سيڪريٽري هئو پنجابي هئو، شايد ڪو سنڌي آفيسر هجي ها ته اها جرئت ڪونه ڪري ها-جو ان جو سبب به آهي ته پنجابي ڪامورن جا مٽ مائٽ، با اثر، پٺ وارا ۽ واڳ ڌڻين جا مائٽ آهن سنڌي ويچارا بي سهارا بي پهچ ۽ سڀڪو پنهنجي عزت بچائڻ ۾ پورو! پر هي پنجابي آفيسر اڙجي بيهي رهيو آخرڪار هن کي هوم سيڪريٽريءَ جي عهدي تان هٽايو ويو.
*
غلام حسين ابڙو-منهنجو ڀاءُ!
ادا غلام حسين، بابا جي هر ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هئو، ادا غلام حسين 1940ع ۾ ڄائو، ۽ 2006ع ۾ گهڻو سگريٽ ۽ ٻيڙي پيئڻ جي ڪري هن کي جگر جو ڪينسر ٿي پيو ۽ انتقال ڪري ويو. هن ڪيترائي ڪاروبار ڪيا، جنهن ۾ مڇيءَ جو واپار، سبزين جو واپار، ننڍن شهرن مان وٺي ملڪ جي وڏين منڊين ۾ موڪلڻ جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد سر فهرست هئا. برف جو ڊيپو، پان-ٻيڙيءَ جي ڪيبن، گدرن ۽ هنداڻن جو دڪان، سيزن آهر انبن جو دڪان، هر وقت ڪم ۾ لڳل رهندو هئو، جيڪڏهن موقعو ملندو هوس ته والد صاحب سان سرنهن ۽ ڪڻڪ جو وڏي پئماني تي واپار به ڪيائين، شهر ۾ تمام گهڻا عشق به هن جا مشهور ٿيا، سندس دوستن ۾ غلام علي شاهه بخاري، عنايت الله سومرو، زوار ڪرم علي، سيد زين العابدين شاهه-جيڪو نيوي ۾ ڪئپٽن هو جيڪو برگيڊيئر رينڪ جي برابر آهي ٿي رٽائر ٿيو، جمال ميراڻي بينڪ آفيسر رهيو، آخر ۾ شهر جا ڪيترا ماڻهو وٽس ايندا ويندا هئا، جنهن ۾ علي محمد ملاح، لعل محمد ملاح، رحيم بخش رند، وغيره شامل رهيا، سندس چوڻ هوندو هئو ته پاڻ هن معاشري جو حصو آهيون، دوست وقت تي پرکبا آهن ۽ ان ئي وقت تي کين ڪم به اچڻو پوندو آهي، باقي تقريبن ماڻهو دوستيءَ جي نالي تي مفادن لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن، دوست ته 2 يا 4 ئي هوندا آهن پر اهڙي پرک لاءِ زندگي صرف ڪرڻي ٿي پوي، جڏهن توهان ڪنهن کي پرک لاءِ مڪمل ٿا سمجهو ته پوءِ زندگي باقي وڃي ٿورڙي بچندي آهي!
هن ٻه شاديون ڪيون هڪ خاندان جي صلاح سان اهي ٻگهيا هئا-(لوڙهائي) ۽ ٻي عشق جي-جيڪا 1977 ۾ ولي محمد شيخ جي ٻيو نمبر وڏي نياڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ ڪرنل جيڪو هاڻي رٽائرڊ آهي جي وڏي ڀيڻ سان، سندس ٻي شادي عشق جي شادي هئي، شهر ۾ ان وقت اسان لاءِ مشهور هو ته هي مڙس ماڻهو آهن، ان وقت قلندر لعل شهباز جي پراڻي علم واري پاسي لعل داس جي رهائش واري گهٽيءَ جي هيٺان پان ٻيڙيءَ جي ڪئبن هئس، ان وقت قلندر شهباز تي ايتري رش يا ٻاهرين ماڻهن جي آمد نه هوندي هئي، چئي سگهجي ٿو ته 2011 جي مقابلي ۾ 1976 ۾ اها اڄ جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو هوندي. قلندر تي شهر جي ماڻهن جي اچ وڃ رهندي هئي، ان وقت ان شهر جون عورتون پاڻ کي چادرن ۽ برقعن ۾ ڍڪي منهن تي نقاب هڻي زيارت تي اينديون هيون، هونئن به هن شهر ۾ عورتن جو گهر کان نڪرڻ اهو وڏو بهانو آهي، قلندر جهڙي بزرگ لاءِ ڪير جهليندو به ڪونه هو! سو ايئن هن همراهه جي ايندڙ ويندڙ راهه ۾ رکيل ڪئبن تي اک ٽيٽ ٿي ويئي، سندن عشق شروع ٿي ويو، منهنجو ان وقت ۾ عبدالحميد شيخ سان تمام گهڻو تعلق ۽ دوستي هوندي هئي، عمر ۾ مونکان 4 يا 5 سال وڏو هوندو، پر اسان سان ته ننڍا ڇوڪرا يا هڪ جيترا دوستي ڪونه رکندا هئا، جو سندن مائٽ انهن لاءِ عذاب پيدا ڪندا هئا، جيڪو برداشت ڪندو هئو ته اهو دوست هوندو، نه ته، نه.
مونکي ڀاءُ جي عشق جي معاملي جي ڪابه خبر نه هجي، هڪ دفعو اوچتو اهو انڪشاف ٿيو، مونکي گهرايو ويو، ادا غلام حسين سان گڏ ٽيون نمبر ڀاءُ ڪريم بخش به هئو، مون چيو خير ته آهي ڪيئن گهرايو اٿو؟ چيائون ته توکي هڪ ڪم ڪرڻو آهي، مون چيو حڪم، تون عبدالحميد شيخ سان ڳالهاءِ ۽ سندن گهر ۾ ويٺل ڀيڻ جو رشتو گُهر. مون چيو ڪنهن لاءِ؟ ڪريم بخش وراڻيو ته ادا وڏي لاءِ پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ حميد منهنجو تمام گهرو دوست آهي، ان ڳالهه تي اسان جي دوستي به ختم ٿي سگهي ٿي ۽ ٻيو ته منهنجو اڪثر سندس گهر جي دروازي تي وڃڻ ٿيندو رهندو آهي، ڪٿي هو اهو نه سمجهي ته هن مون ۾ ئي لالچ رکي دوستي ته ڪونه رکي آهي؟ ڪريم بخش چيو ته معاملو تيار آهي ۽ هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا هڪ ٻئي ڏي خط به لکن ٿا، ۽ سندس ڀيڻ جو چوڻ آهي ته ادا محمد خان، ادا حميد جي تمام گهڻو ويجهو آهي، هن کي ته بلڪل جواب ڪونه ڏيندو! مون چيو جي ايئن آهي ته مان نه ٿو چئي سگهانس، ان لاءِ مونکي معافي ڏيو، گهڻو بحث مباحثو ٿيو، ڏاڍي ڪوشش ڪيائون ته آئون ان ڳالهه تي راضي ٿيان، پر مون انتهائي احتياط کان ڪم ورتو، مون سوچيو ته دوستي هڪ ڪچي ڌاڳي مثل آهي، ايترو ڀلو دوست آهي، منهنجي ان ڳالهه جي ڪري خبر نه آهي، ڇا سوچي! مونسان هن جو واسطو هميشه لاءِ ختم نه ٿي وڃي! اهو خيال ذهن ۾ رکي آئون ڪابه رسڪ کڻڻ جي پوزيشن ۾ ڪونه هئس، هونئن به آئون هميشه ننڍي هوندي کان وٺي دوستن جي معاملي ۾ الاهي حساس ۽ سنجيده ۽ پيار ڪرڻ وارو رهيو آهيان، ڪٿي ڪٿي دوستن کي مائٽن کان به وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت ڏيندو آهيان، شايد اهو ئي سبب آهي، جو مونکي به عزيزن ۽ مائٽن کان وڌيڪ دوست ئي ڪم آيا آهن. منهنجي زندگيءَ جي سڀني ڪاميابين، ترقين، تعليم، سياست ۾ جيترو حصو دوستن جو آهي، ان جو مثال منهنجي مائٽن ۾ مون کي نٿو ملي، ڪٿي ڪٿي ڪنهن دوست زيادتي به ڪئي، تذليل به ڪئي هوندي، ڌڪاريو به هوندو، ڌوڪو به ڪيو هوندو، اندروني ويڙهه به ڪئي هوندي، ته به انکان وڌيڪ دوستن جون مهربانيون مٿين ڳالهين کي وسارڻ لاءِ مجبور ڪنديون رهنديون آهن.
ان رشتي لاءِ منهنجو عبدالحميد شيخ سان نه ڳالهائڻ وارو فيصلو اٽل هيو، آخري جواب کانپوءِ ٻنهي ڀائرن الاهي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ گاريون، لعنتون به وسايائون، پر مان اٽل ارادي سان اهو فيصلو ڪيو ته ڀائر وري به ٺهي ويندا جي دوست ويو ته ڪونه ٺهندو، مونکي ڪريم بخش چيو اسان جو معاملو تيار آهي، توکي اهو رشتو ڪري ڏيکارينداسين. مون چيو ته اهو بهتر آهي، اوهان پاڻ وڃي رشتو گهروس، پوءِ ڪريم بخش ويو ۽ عبدالحميد شيخ سان ڳالهايائين ۽ اهو رشتو طي ٿي ويو، پر ان ۾ هڪ معاملو رڪاوٽ نظر آيو ته اها ڇوڪري الاهي بخش ڀٽو جي نڪاح ۾ هجي. ادا غلام حسين اها ذميواري کنئي ته اوهان اصولي طرح ان رشتي لاءِ راضي ٿيو، باقي هيءُ ڪيترن سالن کان هڪ ٻئي سان ڪونه ٿا ڳالهائين، اهو معاملو آئون پاڻ حل ڪندس، پوءِ ادا غلام حسين ويو ۽ وڃي الاهي بخش ڀٽي کي طلاق لاءِ چيائين ۽ هن به نزاڪت کي سمجهي طلاق جا ڪاغذ صحيح ڪري ڏنا، ۽ عدت جو وقت ختم ٿيو ته هنن جو سادگيءَ سان نڪاح ٿي ويو، ۽ منهنجي دوست جي ڀيڻ منهنجي ڀاڄائي ٿي اچي اسان جي گهر ۾ پهتي ۽ هاڻي اسانجي گهر ۾ هڪ ٻي عورت جيڪا ڌاري هئي، اچي پهتي ۽ اسان جي خاندان جي بنياد مان ٻي سر سرڪي! دنيا ۾ اهي مثال تاريخ جو حصو آهن، ته عورت ۾ ايتري طاقت آهي ۽ جي اها زال آهي يا محبوبه ته پوءِ مرد سڀني رشتن کان وڌيڪ ان کي ئي پيو اهميت ڏيندو آهي ۽ سندس اشاري تي هلڻ لاءِ مجبور هوندو آهي، ايئن اهو سلسلو هلندو رهيو گهر ۾ مختلف ذاتين جون عورتون اچي ويون ۽ پنهنجي پنهنجي اهميت ۽ حيثيت وڌائڻ شروع ڪيائون، هاڻي اسان جي گهر ۾ 3 ڀائرن جون شاديون ٿي چڪيون، غلام حسين جون ٻه شاديون هڪ ٻگهين مان اهي امان جي خاندان جا هئا! ان ڪري انهن کي مائٽ چئي سگهجي ٿو، پر رت جو رشتو ڪنهن سان نه هئو!
ٻي شادي شيخن مان سيٺ ولي محمد جي ٻيو نمبر ڌيءُ سان، ادا غلام قادر جي شادي ابڙن مان، پر انهن سان تمام ويجهي رت جو رشتو ڪونه هئو، هئا ته ذات وارا پر معاملو اهو ئي رهيو ته پري جا عزيز جهڙوڪ ڌاريا، ٽئين نمبر ڀاءُ ڪريم بخش جي شادي سومرن مان اهي ڪرت جي حوالي سان واڍا به سڏبا هئا، هاڻي ڀائرن کي اولاد ٿيڻ به شروع ٿيو. ادا غلام حسين جي پهرين شادي مونکي ياد ڪونه آهي، شايد بي سمجهه هيس، باقي سڀ شاديون ياد آهن. ايئن اسان جي گهر ۾ عورتن جا پاڻ ۾ ٻارن تان جهيڙا شروع ٿي ويا، جيئن پنهنجي سماج ۾ اڪثر ٿيندو آهي. بابا جون به ٻه شاديون امان ۽ ان جي ٻي گهرواري ۾ به جهيڙن جو عروج رهيو، انهن هلندڙ جهيڙن ۾ وري ادا وڏي جون ٻه زالون-انهن جو به پاڻ ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو، ايئن ٻار ٻچي تان، ٿوري گهڻي تان، ڪم ويو تيز ٿيندو. ان جو ننڍن ٻارن ڪيترو اثر ورتو ۽ ان جي ڪري پاڻ ۾ ڀائرن جي ٻڌي، محبت، پيار ۽ هڪ ٻئي تي قربان ٿيڻ جي جذبي ۾ ڪمي ايندي ويئي، ۽ هر ڪنهن جي محبت پنهنجي زالن ۽ اولاد لاءِ وقف ٿيندي ۽ وڌندي ويئي، ۽ رات جو زال جڏهن مڙس جا ڪن ڀريندي رهندي ته صبح جو انهن جي اکين ۾ خوفناڪ ۽ هيبتناڪ چهرو ۽ غصو ۽ ڪٿي ڪٿي نفرت نظر ايندي هئي، جيڪي شهر جا ماڻهو اسان جي نالي کان ڊڄندا هئا، هاڻي عورتن جي جهيڙن جو آواز سڀ کان پهرين محلي جي ماڻهن ۽ عورتن جي ڪنن تي پهتو، ۽ ايئن اها شيءِ نااتفاقي ۾ تبديل ٿي ويئي، هيڏانهن ڪجهه وقت تائين گهر جون عورتون مردن جي غير موجودگيءَ ۾ هڪ ٻئي سان وڙهنديون ۽ گار گند ڪنديون هيون، ڪو مرد آيو ته چپ، انڪري ڪي سال ته ڀائر بي خبر رهيا، پر پوءِ قصو وڃي اتي پهتو ته مردن جي سامهون ڦڏا جهيڙا شروع ٿيا، ڪڏهن ڪڏهن عورتن تي هٿ به کڄي پوندو هو. ايترو هوندو هئو ته گهر ۾ ڪوبه مرد هوندو ته اهو ڪنهن به ڀاءُ جي زال يا ٻار کي مار ڏيندو هئو، ته ٻيو ڪير به ڪونه روڪيندو هئو، ان تي به هر عورت پنهنجي پنهنجي مڙسن جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا، پوءِ به اهو سلسلو ڪيترا سال هلندو رهيو. نيٺ عورتن جي لاءِ مڙسن کي به ڀائرن سان ڪنهن ڪنهن وقت احتجاج ڪرڻو پيو، پوءِ تون ڇا تون ڇا به ٿيڻ لڳي، پر پوءِ به انهن ڪمزورين ۽ اختلافن جي باوجود اڃا تائين اسين سڀ ڀائر پنهنجي پنهنجي اولاد سان گڏ هڪ ئي گهر ۾ جيڪو هاڻي محلي جي صورت ۾ آهي، گڏ آهيون، ڀلي ڀائرن عورتن جي چوڻ ۾ اچي هڪ ٻئي سان منهن ماري به ڪندا ۽ وڙهندا به هئا، زبان جي حد اندر، پاڻ ۾ ڪونه به ڳالهائيندا هئا، پر گڏ رهڻ کي سڀني ترجيح ڏني ته ڀلي عورتون پاڻ ۾ وڙهنديون رهن پر رهڻو گڏ آهي.
اسين به هن ئي معاشري جو حصو آهيون، هن معاشري ۾ جيڪو به ڪجهه ٿئي ٿو ان ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو يا ته ملوث آهن يا متاثر آهن. يا جيڪي چون ته اسين ته ههڙا باقي ٻيا هينئن ته اول اهي ئي وڃي جانچ ڪندا ته کين خبر پئجي ويندي ته حقيقي صورتحال ڇا آهي.
آهه عورت- واهه عورت!
مون مٿي ٻڌايو ته هاڻي اسين ڀائر به هڪ ٻئي سان پنهنجي پنهنجي زالن جي ڪري ٿورو ٿورو وڇوٽيءَ ۾ رهياسين پر والد صاحب جي سخت طبيعت جي ڪري اڃا به گڏ آهيون ۽ اڃا به ٻاهران ڪير به ڪجهه ڪنهن سان ڪو مسئلو ڪندو ته وري به ڀائر گڏ! مطلب ته اهو ٻاهريون ڀرم اڄ تائين قائم آهي!
*
ڪاروبار...
ادا غلام حسين مڇي لوڊ ڪرائڻ لاءِ اڪثر پاڻ ويندو هئو، جو اتي مختلف ميربحرن سان هيءُ ئي پيو منهن ڏيندو هئو، انهن کي مڇيءَ لاءِ اڳواٽ ڏوڪڙ ڏيڻ ۽ ايترن ميربحرن سان ڪم ڪرڻو پوندو هئو، جيئن ڊاٽسن جو چڪر پورو ٿئي ايتري مڇي هلي جو ڪرايو ۽ خرچ نڪري، سو ان لاءِ هن جو اتي هجڻ ضروري هوندو هئو، مڇيءَ جي واپار ۾ هر ماڻهو ڪامياب ڪونه ٿو وڃي، سڀ کان پهرين اوهان کي ان لاءِ گهربل تجربو هئڻ گهرجي، جيئن ته اصل ۾ اسانجو ڳوٺ منڇر بند سان لڳ ٻلهڻ آهي، ان وقت به ننڍو وڏو مڇي جو ڪم والد صاحب ۽ ادا غلام حسين ڪندا هئا، پر اهو وقت هو، جڏهن آمد رفت جو واحد ذريعو ٽرين هوندي هئي، ۽ ريلوي اسٽيشن تائين پهچڻ جو ذريعو اٺ گاڏي ،ڏاند گاڏي يا گڏهه ۽ گڏهه گاڏي هوندا هئا!
منڇر ڍنڍ
هاڻ اهو پاڻي جنهن ۾ رهندا هئا جنهن ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪري گذر سفر پيا ڪندا هئا، ان کي زهريلو بڻايو ويو آهي. اربين روپين جا فنڊ آر.بي.او.ڊي وارن ڪامورن ۽ تر جي با اثر زميندارن پاڻ ۾ ورهائي کائي ويا ۽ پيا کائن، پر اهو حڪومت کي محسوس ڪونه ٿيو، هنن کي پاڻي مان بي دخل ڪندڙ ملاحن لاءِ ڇا انتظام ڪرڻ گهرجي، هيءُ پاڻي جي بلبلي وانگر وکرجي ذرا ذرا ٿي ويا پاڻي زهريلو ٿيو، پهرين مڇي مرڻ لڳي پوءِ ننڍا معصوم ٻار تڙپي مرڻ لڳا، نيـٺ بک، بدحالي، موت، بي روزگاري ۽ ايتري قدر جو پيئڻ جو پاڻي به زهريلو، هنن جي زندگي جو اڌ ٻرندڙ ڏيئو نيٺ ڀڙڪا کائي اجهامڻ لڳو ۽ هي پنهنجا ٻيڙين وارا گهرڙا کڻي ڪنهن نا معلوم منزل طرف روانا ٿي ويا، ۽ منڇر اجڙي وئي، ڪو دنيا جو ادارو جنهن ان تاريخي ڍنڍ جي تباهي جو نوٽيس ورتو هجي، جيڪا هتان جي غلط سرڪاري پاليسي، حڪمت عملي ۽ پروگرام جي ور چڙهي ويئي، ان اسڪيم کي 25 سال ٿي ويا آهن، اڃا پئي پوري ٿئي! م-ڄاڻ! ڪيترا نسل ختم ڪندي؟! هن ڍنڍ ۾ ان تباهيءَ کان اڳ ۾ 50 هزار کان 60 هزار ماڻهن جي آبادي-جيڪا پاڻيءَ ۾ رهندي هئي، جيڪا شايد پاڻيءَ ۾ رهندڙ دنيا جي وڏي آبادي آهي، هاڻي بي گهر ٿي ويا آهن، ۽ ڪير به انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي.
ملاحن جي نفسيات
اها مڇيءَ جي گاڏي منجهند جو هڪ ٻي وڳي منڇر ويندي ۽ مٿيان سڀ مرحلا طي ڪري شام جو ستين يا اٺين وڳي ۽ ڪڏهن ڏهن کان يارهن به ٿي ويندا هئا، سيوهڻ ۾ اها گاڏي اچي منهنجي حوالي ٿيندي هئي، ۽ ادا وڏي کي خبر هوندي هئي ته اڄ ڪهڙي شهر جي مارڪيٽ سٺي آهي، پوءِ اڪثر ڪراچي، حيدرآباد ڪڏهن لاڙڪاڻي، سکر، ۽ گهوٽڪي ۾ گاڏي مڇي کڻي ويندي هئي، جيڪا رات جو ڏهين وڳي تائين سيوهڻ مان رواني ٿيندي هئي، ان وقت روڊ رستا زبون حالت ۾ هوندا هئا. ڪراچيءَ تائين 8 ڪلاڪ، حيدرآباد 4 ڪلاڪ، سکر 8 ڪلاڪ، گهوٽڪي 10 ڪلاڪ ، ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي مارڪيٽ ملندي صبح جو 4کان 6 وڳي تائين گاڏي پهچندي هاڻي مڇي وري اتان آڙهيتن جي حوالي.
آڙهتي ڇا آهي؟
اهي واڪ ذريعي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ کڻندا آهن، اڌ مڻ ۽ مڻ جي ڍيري لڳائي ويندي هئي ان ۾ ننڍا وڏا واپاري واڪ پيا ڏيندا ۽ مال کڻندا، اها سموري ذميواري آڙهتي-جنهن کي ڪميشن ايجنٽ چئجي ان جي هوندي آهي، اوهانجو مال نيلام ٿيو اوهان کي حساب ڪري ڪميشن ڪٽي پئسا ڏيندو، باقي اڳين ننڍن وڏن واپارين سان هن جي اوڌر به هوندي آهي، ۽ ڪيش ۾ به وٺندا آهن، پر واپاريءَ کي پنهنجا پئسا ملي ويندا هئا، ڪنهن صورت ۾ رهجي به ويندا هئا، ته وري ٻئي چڪر ۾ ملي ويندا هئا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ته ڪنهن هڪ ڪميشن ايجنٽ کي مال ڏبو هئو ۽ مال نيلام ٿيڻ کان پوءِ ڪلاڪ ٻن جي اندر حساب ٺهندو پرچي ۽ ڪيش ملندي ۽ گاڏي وري واپس پنهنجي منزل ڏانهن رواني ٿي ويندي هئي، انڪري ان گاڏيءَ ۾ ڊرائيور به تقريبن ٻه هوندا هئا، هر روز هڪ ڊرائيور کي 24 ڪلاڪ گاڏي سان گڏ هلڻو پوندو هو، گاڏي ساڳيو سفر 6 کان 8 ڪلاڪن ۾ طي ڪري سيوهڻ پهچندي هئي، اتي وري ادا غلام حسين انتظار ۾ هوندو هئو، واپس اچي دلال واري پرچي ۽ ڪميشن هن جي حوالي ڪبي هئي، ۽ وري برف کڻي ڊاٽسن تي ۽ مزدور وٺي وري وڃي بوبڪ لڳ منڇر ڍنڍ تي مڇي جي اچڻ جو انتظار ڪندو هئو، ۽ وري ساڳي طرح اچي سيوهڻ پهچندو هئو، جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مارڪيٽ ۾ نقصان ٿيندو هئو، ته معلوم ڪري وٺندو هئو، لاڙڪاڻي ۽ سکر جي مارڪيٽ جو به معلوم ڪندو هئو، يا وري الله جي آسري ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ موڪلي ڇڏيندو هئو!
نقصان جي پيش نظر اپرسنڌ ڏي وڃڻو پوندو هئو، پوءِ اتي لاءِ روانو ٿيندو هئو، سڀ کان پهرين لاڙڪاڻي جو شهر ايندو هئو، ان وقت ۾ امن امان جي صورتحال ايتري خراب ڪونه هئي جو اڃا ضياءَ کي آئي به ٿورو وقت گذريو هئو. سنڌ جي امن امان جي صورتحال ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ خراب ٿي، هتي انتظامي امور مڪمل طور اسٽيبلشمنٽ وٽ هئا، انهن شايد اهو طي ڪيو هو ته ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ جيڪي احتجاج ڪن انهن کي سزائون ڏيڻ ۽ باقي امن پسند سنڌي ماڻهن کي ڏوهارين ۽ ڪرمنل ماڻهن جي حوالي ڪرڻ جي پاليسي جوڙي هئي. ايسيتائين ڪجهه امن امان ٺيڪ هئو، جو اسين هميشه رات جي انڌيري ۾ مڇين سان ڀريل گاڏيون ڪاهي وڃي ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن سکر، گهوٽڪي، يعني سنڌ جي هر ڪنڊ ۾ واري واري سان هر روز وڃڻو پوندو هئو، ۽ واپس اچڻو پوندو هئو، ڪڏهن به اهڙو واقعو پيش نه آيو، جو ايندي ويندي ڪا، ڦر ٿي هجي يا ڪو اهڙي قسم جو مسئلو ٿيو هجي، سڀني کي خبر هوندي هئي ته هي مڇي جا واپاري ۽ مڇين جون گاڏيون آهن، جو ايتري وڏي سفر ۾ ڪيترن روڊن جي هوٽلن تي ايندي ويندي ماني ۽ چانهه وغيره لاءِ بيهڻو پوندو هئو، باقي ان دوران ڪيترائي ٻئي قسم جا واقعا ۽ ايڪسيڊنٽ وغيره ضرور ٿيا ۽ ٿيندا رهندا هئا.
*
باب اٺون: زندگيءَ ۾ ايئن به ٿيندو آ...
منهنجي زندگيءَ جو پهريون حادثو
هڪ ٽنگ جي حالت اها هجي جو پنيءَ واري پاسي چئن انچ تائين گوشت چيرجي خراب ٿي ويو هجي، ۽ ان پاسي کان ٽنگ جي هڏي به نظر پئي اچي، پهرين ته آپريشن ٿيئٽر ۾ وٺي وڃي، سندس ٽنگ مٿان جيڪي چيريل گوشت جا لڙڪيل ٽڪرا هئا، انهن کي ڪٽي ڇڏيائون، هونئن ته هر مريض جي ڊريسنگ تقريبن وارڊ ۾ ٿيندي آهي، ليڪن هن کي آپريشن ٿيئٽر ۾ وٺي وڃي، ڊريسنگ ڪندا هئا، آهستي آهستي نيم بيهوشيءَ مان نڪتو، مونکي ڏٺائين ته اشارن ذريعي محسوس ڪرايائين ته ڏس، مان ڪهڙي حال ۾ آهيان، ادا سائين جي ان ڏسڻ جي انداز منهنجي هانءُ کي جهوري وڌو، وڏو ڀاءُ پيءُ جي جاءِ تي مونسان سندس گهڻي وابستگي رهي، هر واپار، ڪاروبار ۽ ڌنڌي ۾ سڀني ڀائرن کان وڌيڪ آئون هن سان ٻانهن ٻيلي هوندو هئس، ۽ ڏک سک ۾ مان هن سان ۽ هو مونسان هوندو هئو، اڄ جڏهن کيس ان حالت ۾ موت سان جنگ ڪندي ڏٺم، ته آئون ته مڪمل مايوس ٿي ويس، اشاري سان پاڻيءَ جي گهر ڪيائين، مون ڊاڪٽر کان جيڪو وارڊ ۾ ويٺو هجي، پڇيو ته مريض پاڻي ٿو گهري، هنن سختيءَ سان منع ڪئي، ته پاڻي ناهي ڏيڻو، جو هن کي پاڻي ڏبو ته هن جي پيٽ اندر ويل رت ۽ پاڻي گڏجي وري ڪو نئون مسئلو پيدا ڪندا ۽ مريض جي زندگيءَ کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو، باقي پاڻي ۽ مانيءَ جو ڪم اهي جيڪي ڊرپون هنيون اٿئون، اهي ڪنديون، ڊرپ هڪ اڃا پوري ٿئي پئي ته ٻي لڳائين پيا، ايتري ۾ مون کي ٿوري سمجهه آئي مون حميد شيخ-جيڪو سندس سالو ۽ ميڊيڪل جو آخري سال جو شاگرد هجي، کي فون ڪيم ڪمري ۾ نه هجي، سندس پارٽنر غلام مجدد قريشي اهو به سيوهڻ جي لڳ چنن جو هجي، کي نياپو ڏنم، ۽ پوءِ ٻي فون سيوهڻ ڪيم، ادا غلام قادر کي ٻڌايم ته ادا جو رات ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي، هنن ٻڌو ته پريشان ٿي پيا، هينئر ڪيئن آهي؟ چيم ٺيڪ آهي، الله خير ڪيو توهان اچو هن وقت ضرورت آهي، مان اڪيلو ڪونه ٿو سنڀالي سگهان، مون هنن کي سندس انتهائي نازڪ حالت کي لڪائيندي چيو الله خير ڪيو آهي، ڪجهه ٽنگن ۽ منهن ۾ ڌڪ اٿس، هي اتان روانا ٿيا، هن سان گڏ ادا ڪريم بخش به گڏ آيو هجي.
هوڏانهن مريض چند گهڙين لاءِ اکيون کوليون وري نيم بيهوشيءَ جي عالم ۾، ٻئي ڀائر جيئن ئي اسپتال جي وارڊ ۾ هن کي ڏسڻ لاءِ آيا، ۽ جيئن هن تي نظر پين هنن کان دانهون نڪري ويون، ۽ ادا غلام قادر ته اتي جو اتي بيهوش ٿي ڪري پيو، هن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنياسين ۽ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. همراهه ڄڻ هٿن مان پيو وڃي، هن کي ٿوري دير ۾ هوش آيو، زار و قطار روئڻ لڳو، ڪريم بخش به آبديده هئو، ٿورو ڳالهائڻ جهڙو ٿيو ته مونکي چيائين، تو ته چيو خير آهي، بچاءُ ٿي ويو آهي، هي ته همراهه بلڪل سيريس آهي، مون کين چيو ته ڪڏهن ڪڏهن حوصلي کان ڪم وٺڻو پوندو آهي، اوهانکي جي اهڙي صورتحال فون تي ٻڌايان ها ته اوهان ته اتي ئي هنجون هاري ويهو ها! انڪري مون ضبط کان ڪم وٺي، ايتري وڏي حادثي کي ننڍو ڪري پيش ڪيو، جو اوهان کي سفر واري ٽائيم جي تڪليف گهٽ پهچي، ادا غلام قادر جي طبيعت اها هوندي هئي ته گهر جي ڪنهن فرد جي تڪليف برداشت ڪونه ڪندو هئو، ۽ هڪدم بيهوش ٿي ويندو هئو، ادا جي پنهنجي ڪٽنب سان جذباتي حد تائين محبت هوندي هئي، حالانڪ وڏو ملهه پهلوان هئو، ملاکڙي ۾ ملهه وڙهندي ڪيترا دفعا هن کي ڌڪ آيا، زمين مان ٺڪاءُ نڪرندو هئو، پر هيءُ ان مهل اٿي بيهي رهندو هئو، هڪ دفعو ملهه ۾ ٻانهن به ۽ چنبو به ڀڄي پيس، ليڪن بيهوش ڪونه ٿيندو هئو، پر دل جو ايڏو نرم جو ڪو صدمو ۽ ڏک به برداشت ڪونه ڪري سگهندو هئو روئڻهارڪي ڪيفيت ٿي پوندي هئس، هيءُ مون سان ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رهيا، پوءِ ڪيترا دوست عزيز مٽ مائٽ ايندا ويندا رهيا.
مريض جي پوزيشن اها هئي جو ٽنگ جي زخم مان بدبوءِ اچڻ شروع ٿي، وارڊ ۾ نئون ماڻهو داخل ٿيندو هئو ته هن جو ڪپهه ۾ ويڙهيل زخم پيو سمندو هئو جنهن مان هاڻي بدبوءِ اچڻ شروع ٿي، ڊاڪٽر گل محمد کان پڇايوسين، چيائين هن جي هڪ ٽنگ ۾ گينگ گرين ٿي پئي آهي، اسان هن جي هر روز پٽي ڪيون پيا ته زخم تي ڪنٽرول ٿئي، ۽ گينگرين تي ضابطو آڻجي، ليڪن ان لاءِ مشڪل اها آهي ته سرڪاري اسپتال ۾ اسان وٽ جيڪي دوائون آهن، يا جيڪي ميڊيڪل اسٽور تي آهن، اهي استعمال ٿا ڪيون باقي هڪ انجيڪشن آهي، ان جو نالو لکي ٿو ڏيان، ڪراچيءَ مان ڪنهن وڏي اسٽور تان معلوم ڪيو، جي اها گهرائي ڏيو ته پوءِ ان جو ڪورس آهي، شايد 8 انجيڪشنون لڳنديون هڪ هفتي ۾! جيڪڏهن نه ملي سگهيون، ته پوءِ سواءِ ان جي ڪو چارو نه آهي، جو هن جي ٽنگ گوڏي کان هيٺ ڪٽي وڃي! هونئن به ڊاڪٽر گل محمد لاءِ مشهور هئو، ته هو جيترو ڀلو فزيشن هئو، ان کان وڌيڪ وڍ ٽڪ جو ماهر هن کي سندس ڪرت سبب ڪاسائي به چوندا هئا، هن جي انهن جملن ڄڻ آسمان ڪيرائي وڌو! ڌڻيءَ در ٻاڏائيندا رهياسين، مريض کي ڪجهه ڪونه ٻڌايوسين، پاڻ ۾ پئي صلاح مشورو ڪيوسين، ته هاڻي ڇا ڪجي، ڊاڪٽر گل محمد ميمڻ وڍڻ جي ڳالهه ڪري ته پوءِ اهو ڪري به ڏيکاري! هن کي ٻين ڪيترن واسطيدار ڊاڪٽرن کان چورايوسين، هن جو جواب اهو هجي ته جي چئن ڏينهن ۾ ان انجيڪشن جو انتظام نه ٿيندو ته اسين ٽنگ کي ڪٽينداسين، وارڊ ۾ ڪيترا مريض هئا، انهن مان ٻٽن ڄڻن جي ٽنگ ڪٽيل به هئي، جيڪا پڻ ڊاڪٽر صاحب سندن زندگي بچائڻ لاءِ ڪٽي ڇڏي هئي، ۽ غريب ماڻهوءَ کي، جي علاج هلندي پئسا نه اٿس ته اهو ئي ٿيندس،نه ته گينگرين وڌندي ۽ زندگي خطري ۾ اچي ويندي، مون ڪجهه پئسا کنيا جو ان وقت ۾ مونکي چڱي طرح ياد آهي، ته 3800 سَوَ جي لڳ ڀڳ اها انجيڪشن هئي، ڪراچيءَ ۾ پڇندا رهياسين، مون لاءِ تقريبن نئون شهر، هٿ ۾ پرچي زبان تي ورد رستي تان جيڪو اسٽور ڏسان معلوم ڪيان، پر پرچي ڏسي چون ته اڃا اڳتي، سول اسپتال ۾ وڏا اسٽور آهن، سڀني چيو ته ڪونه آهي، هڪڙي کي روئڻ واري انداز ۾ منٿ ڪيم ته ڀلا ڪو ڏس ڪو پتو، حالت اها هجي جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، اکين ۾ انڌاري پير پنڌ ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا، حالانڪ نوجوانيءَ جي عمر هجي، ان عمر ۾ ماڻهو الائي ڪهڙي جدوجهد ڪندا آهن ۽ ٿڪبا به ڪونه آهن، ليڪن آئون ته مسلسل ذهني عذابن جو ايترو گهرو اثر ورتو جو اعصابن به جواب ڏيئي ڇڏيو. هن کي ملم پٽيءَ وقت بيهوش ڪونه ڪندا هئا، جو اهو روز ممڪن ڪونه هوندو هئو، پوءِ جيڪي دانهون ڪندو هئو، ۽ جيڪو هن عذاب برداشت ڪيو ان لاءِ قلم ۾ طاقت ڪانهي، ته هن جي تڪليف ۽ سور جي سٽ لکي سگهي! پٽي ڪرائي ٻاهر نڪرندو هئو، ته سندس چهرو ۽ اکيون ڳاڙهيون هڪ ڪلاڪ تائين پيو ڪنجهندو ۽ الله الله ڪندو هئو، اهو منظر به هاڻي روز جو معمول ٿي ويو ۽ ان پوزيشن ۾ آئون ته نڪري وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ روئندو ۽ رحمان الله کي ٻاڏائيندو هئس ته مٺا هاڻي معافي ڏي، الله سائين شل ڪنهن دشمن کي به اهڙي آزمائش ۾ نه وجهي، اهي سڀ ٽينشن ۽ تڪليفون ڏسي آئون به بيوس ٿي پيو هئس.
سڄي ڪراچيءَ جي اسٽورن تان سڪو جواب مليو پر هڪ ڏس به مليو ته ايم اي جناح روڊ تي ڪوثر ميڊيڪل اسٽور آخري آهي، اتان ملي ويندي، جي نه ته پوءِ بس، اتي ويس پرچي اسٽور واري جي اڳيان جهليون بيٺو هجان، ڪافي مريض ۽ ماڻهو دوا جي لاءِ بيٺل هئا، اندران به ڪافي ماڻهو دوا ڏيڻ لاءِ بيٺل هئا، نيٺ منهنجو وارو آيو، پرچي ورتائين پڙهيائين منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي، دعائن جو ورد زبان تي ۽ دل تي الله جو آسرو ۽ اميد ته من ملي پوي، پرچي ڏسي اندر ويو وڃي اتي ٽيبل تي ويٺل هڪ همراهه کي ڏنائين، جنهن پرچي ڏسي ڪنڌ کي انڪار ۾ ڌوڻيو، هن جي انڪاري ڪنڌ جي هلچل منهنجي دل جي ڌڙڪن کي ڄڻ بند ڪري ڇڏيو، آخري اميد به ختم منزل تي پهچڻ لاءِ مسافر جي آخري گاڏي به ڄڻ نڪري چڪي هجي، ۽ هاڻي منهنجي ذهن ۾ منهنجي ڀاءُ جي ٽنگ ڄڻ ڪنهن ڪاسائي جي ڪات هيٺان ايندي نظر اچڻ لڳي هجي، مونکان بي اختياري ۾ دانهن نڪري ويئي، ٽيبل تي ويٺل همراهه منهنجي ان انداز کي ڏسي ڊاڪٽر جو لکيل نسخو کڻي اچي منهنجي ڀرسان بيٺو، اردو ۾ پڇيائين ڪٿان آيو آهين، ٻڌايو مانس، چيائين اسان وٽ هوندي آهي، ليڪن ڪافي عرصي کان اسان هن جو آرڊر بند ڪري ڇڏيو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن هلندي آهي، هاڻي تون پريشان نه ٿي الله مان آسرو نه لاهه، اڃا هڪ اسٽور ٻيو آهي، اتي وڃ، مون پڇيو ڪاٿي آهي، ۽ ڇا اوهان جي اسٽور کان به وڏو ڪو اسٽور آهي، هن چيو وڏي ننڍي جي ڳالهه ڪونه آهي، تون اتي وڃ جي نه هوندس، ته هو توکي گهرائي ڏيندو، جو هن جي آرڊر جو مال هوائي جهاز جي رستي به ايندو آهي، مون سندس شڪريو ادا ڪيو، هن مونکي هوٽل؛ پرل ڪانٽينل جو ڏس ڏنو، ان جي ٻاهران اسٽور جو نالو ٻڌايائين شايد ”سائيز“ ميڊيڪل اسٽور اتي وڃڻ لاءِ رڪشو ڪيم، هن اتي پهچايو، مان دعا ڪندو ۽ رب کي ٻاڏائيندو اسٽور واري کي وڃي پرچي ڏنم، هن چيو ته آهي ته ڪانه پر آئون گهرائي سگهان ٿو، پر ان ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو، مون چيو مون سان ته هيڏي وڏي مجبوري آهي، تون ان کي 3 ڏينهن ۾ گهراءِ ۽ هن چيو ته ٺيڪ آهي، هي 12 انجيڪشنن جو پاڪيٽ ايندو آهي، مقرر قيمت کان 500 روپيه في انجيڪشن تي وڌيڪ وٺندس، جو تنهنجي لاءِ اسپيشل فلائيٽ ذريعي گهرائيندس، مون شڪر ادا ڪيو، مون چيو ته جيڪو چوندين ڏيندس، پر مونکي 3 ڏينهن جي اندر گهرائي ڏي هن چيو پئسا اڳواٽ، اتي وري دماغ مان دونهان نڪرڻ لڳا، مون وٽ 15000 هزار هجن، هن کي 40،000 جي لڳ ڀڳ اڳواٽ ڏيڻا پيا پون، مون چيو في الحال 15000 هزار جمع باقي مال اچڻ مهل، چيائين ايئن ڪونه ٿيندو، هي ائٽم هلڻ وارو ڪونه آهي، تون نه کنيو ته تنهنجا ته ويندا 15000 هزار، پر منهنجا 25000 هزار نقصان ٿيندو، مون چيو ته هي جمع ڪر مان وڌيڪ صبح تائين توکي ڏيئي ويندس، هن 15000 هزار ورتا، مون فون ڪيو ڪجهه ڳوٺاڻا ڪجهه مڇيءَ جي دلال، ڪجهه سيوهڻ مان، عزيزن کي چيم جيڪي ٿي سگهن ڄامشوري صبح تائين کڻي اچو، پئسن جو انتظام ٿي ويو، صبح جو 10 وڳي وري بس ۾ چڙهي ڪراچيءَ پهتس، اسٽور واري آرڊر ڏنو ۽ چيائين سڀاڻي شام جو مال اچي ويندو ۽ ٻئي ڏهاڙي 11 وڳي صبح جو کڻي وڃجان، مان مقرر وقت تي اچي هن کان سمورو پاڪيٽ کنيو، هن چيو ته في الحال ننڍو ٿرماس يا ڪولر وٺي اچ، ان ۾ برف هجي ۽ دوا برف ۾ وجهي کڻبي، اتي وري ڪنهن فرج ۾ رکڻي پوندي، مون ايئن ڪيو، پوءِ باقي انجيڪشنون اسپتال ۾ موجود فرج ۾ رکيون ويون، ڊاڪٽر پروفيسر گل محمد ميمڻ کي ٻڌايو ويو، هن ڊيوٽي ڊاڪٽر کي هدايت ڪئي ته انجيڪشن شروع ڪيو. ڊاڪٽر چيو؛ وڏي همٿ ڪئي اٿوَ، هاڻي اميد آهي، ته زخم تي ڪنٽرول ٿي ويندو، ۽ الله ڪندو ته هن جي ٽنگ ڪٽجڻ کان بچي ويندي، پر اڃا به 4 انجيڪشنون وڌيڪ کپنديون، مون چيو سائين اوهان 8 چيون هنيون، چيائين ها، مون چيو سائين هي ته مون 12 جو پورو پاڪيٽ گهرايو آهي، چيائين جي 12 آهن، پوءِ ڪم ٿي ويندو، اسان تڪڙ ۾ 8 چيون پر هي ڪورس ئي 12 جو آهي، ۽ شايد انڪري هن اوهانکي 12 ڏنيون آهن، پوءِ اهي انجيڪشنون پنهنجي وقت تي لڳيون ۽ ٽنگ مان ايندڙ بدبوءِ ختم ٿيندي ويئي، ۽ زخم ٺيڪ ٿيڻ جي طرف وڌندو رهيو، ۽ اسان به الله سائينءَ جو شڪر ادا ڪيو.
درويش ڀاءُ ڌڻي بخش جو اسپتال ۾ اچڻ
مون سان مڪمل اها ڪيفيت هئي، هڪ پل به اهڙو ڪونه هئو، جو خوش ٿي کلي سگهان، کل ۽ خوشي موڪلائي ويئي، وار کليل، اکيون اوجاڳن ۾ ڳاڙهيون، چپ خشڪ، چهرو ڪوماڻل زنده لاش وانگر ڪنهن دلي تسڪين جي ڳولا ۾ رلندو رهيس، رات جو بشير کي هاسٽل ۾ ڌڻي بخش وٽ ڇڏي ويس، مان اسپتال ۾ وڃي ترسيس، صبح جو بشير اوٺي جو حيدرآباد ۾ انٽرويو هجي، مونکي چيائين ته تون اٺين وڳي اچجان، مان ان کان اڳ ۾ نڪرندس، جو 8 وڳي آفيس ۾ پهچڻو آهي، رات جو ٿيو ايئن جو بشير، ڌڻي بخش کي دوا کارائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌڻي بخش دوائون کائڻ لاءِ هن کي چيو ته مان جيڪي دوائون چئين کانوان ٿو، تون سويل ئي سمهڻ لاءِ هي هڪ ٽيبليٽ کائي سمهي پوءُ، پوءِ هن کي ٽيبليٽ ڏيندي، چيائين، هن به سوچيو ڪونه هن کان وٺي کائي ڇڏيائين، جو هن ڏٺو ته هن کي ڏينهن ۾ 3 دفعا اهي ٽڪيون 2،2 ڏيون ٿا، ته به ننڊ جونه ٿو ڪري، مونکي ڀلا ٽڪي ڇا ڪندي؟! صبح جو آئون ويس مونکي هاسٽل ويندي ڪجهه دير ٿي ويئي ڏٺم ته ڌڻي بخش جاڳي پيو، ۽ بشير اوٺو ستو پيو آهي، مون چيو هن کي انٽرويو تي وڃڻو هئو، ڇو اڃا ستو پيو آهي، هن وراڻيو ته آرام پيو ڪري نه اٿارينس، مون هن کي هڪ ٽيبليٽ کارائي آهي، اڃا نٿو اٿي! مون هن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، هيءُ اٿي وري سمهي رهي، نيٺ مان ناڪام ٿيس، هي نه اٿڻو هئو ۽ پيو رهيو، مون ان ڳالهه کي گهڻو سيريس ڪونه ورتو، تيار ٿي ڌڻي بخش کي پاڻ سان وٺي اسپتال ويس، شام جو وري هاسٽل آيس، ته بشير اڃا ستو پيو هجي، رات جو 8 وڳي کان شام 5 ٿيا، اڃا ستو پيو آهي، پريشان ٿيس، هن کي اٿاريم، اٿيو پر اڃا هي نيم بيهوشي واري حالت ۾ هجي، ڪجهه ڳالهايائين پاڻي گهريائين، ماني جو چيو مانس، چيائين بک ڪونه آهي، وري سمهي پيو، مان به اها رات اتي رهيس، جو ڌڻي بخش سان هڪ ماڻهوءَ جو هجڻ ضروري هئو، اسان ستا پيا هجون، صبح جو 6 وڳي بشير جي اک کلي تقريبن 34 ڪلاڪن جي ننڊ کان پوءِ، پر هن کي خبر نه پئي ته آئون رات ستو آهيان يا نه، سو تيار ٿي اسان کي ٻڌائڻ کان سواءِ پنهنجي پروگرام تحت حيدرآباد انٽرويو لاءِ روانو ٿي ويو، اتي پهتو ته خبر پيس ته انٽرويو ڪالهه ٿي ويو، تون هڪ ڏينهن ليٽ ڪري آيو آهين، اڃا هيءُ ڪونه سمجهيو، هن سمجهيو ته مان تاريخ غلط سمجهي هوندي، موٽي آيو، وري رات جو ملاقات ٿي ٻڌايائين مونکان تاريخ وسري ويئي، انٽرويو ڪالهه هئو، مان اڄ جو سمجهي، ويس! مون کيس چيو تون به صحيح آهين ۽ آفيس وارا به، ڪالهه تنهنجو انٽرويو هئو، ليڪن تو هن کان جيڪا ٽيبليٽ وٺي کاڌي. تون سمهي رهين ۽ پوڻن ٻن ڏينهن تائين اگهور ننڊ ۾ هئين! اڄ تائين بشير احمد اوٺو واقعي کي ياد ڪندو آهي، ته کلندو رهندو آهي، ته هو ته چريو هئو، پر آئون ته هن کان به چٽ هيس، جو هن جي صلاح تي عمل ڪيم، ۽ جي ڊوز وڌيڪ ڏيئي ها ۽ ايئن کائيندي سمهان ها ته شايد دائمي ننڊ ۾ هليو وڃان ها!
ڌڻي بخش به جڏهن علاج کانپوءِ چاڪ ٿيندو آهي، ته هن کان پڇندو آهي، ته ڏي خبر ڪيئن ننڊ ڪرائي هئي مانءِ، ان واقعي کانپوءِ هڪ ڏينهن صبح جو سوير آئون هاسٽل ويس، ڪمري جي دروازي تي بشير اوٺي چٽ لکي ڇڏي ويو، ته ڌڻي بخش ڪمري مان غائب ٿي ويو آهي، آئون هن پويان پيو وڃان، ان دوران تون اچين ته ڦاٽڪ واري پاسي اچ مان هن کي پڪڙي وٺي ٿو اچان، صبح جو وقت ٿڌي ٿڌي هوا جا خمار، رات جو اوجاڳو، آيس ان خيال سان ته وڃي ٻه ٽي ڪلاڪ آرام ڪندس، هتي ته ڪم ئي ٻيو مان چٽ پڙهي ڦاٽڪ طرف روانو ٿيس، واٽ تي طرحين طرحين جا خيال-وسوسا، خوف ۽ انديشا ته ڪيڏانهن ويو، ڪٿي ڪو جهيڙو ته نه ڪيائين، دعائون گهرندو ڦاٽڪ وٽ پهتس، ته هڪ ٽرڪ تي نظر پئي، جيڪا بيٺي هجي، ان جي دروازي وٽ بشير بيٺو هجي، مان سمجهي ڪونه سگهيس، يا الله خير ڪا ٿي ٽرڪ واري... نه نه ايئن ڪونه هوندو! ته پوءِ بشير ٽرڪ وارن سان ڇا پيو ڳالهائي، ساهه سڪي ويو، دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، پل گهڙيءَ لاءِ اکين ۾ انڌاري اچي وئي... تڪڙا قدم کڻي ويجهو پهتس، هڪل ڪري بشير کي سڏ ڪيم، ڇا ٿيو؟ هن مون ڏانهن نهاري وڏو ٽهڪ ڏنو، الا... مون سمجهيو هيءُ به هوش وڃايو ويٺو آهي، ڇا؟ وري پڇيو مانس ڇا ٿيو، ڀڄندو خوف واري عالم ۾ قدم کڻندو هن ڏي وڌندو رهيس، ايسيتائين هن جي ويجهو پهتس، مونکي هٿ جي پنجن آڱرين جو بجو ڏيئي، چيائين ته هاڻي هيءُ اڌ ڪلاڪ کان ٽرڪ تي چڙهي ويٺو آهي، ۽ ڊرائيور کي چوي پيو، مونکي سيوهڻ کڻي هل، هي زوري ٽرڪ تي چڙهي ويهي رهيو آهي، ۽ گار ڏيندي، چيائين ته لهي به نٿو، مون کيس پري ڪري هن کي ڳچيءَ کان جهلي هيٺ لاٿو، ۽ بشير کي چيم تون وڃ اسپتال، آئون هن کي حيدرآباد جي گدو واري اسپتال ۾ داخل ڪرائي ٿو اچان، ته ڪٿي ڪو وڏو حادثو نه ٿي پوي، پوءِ هن کي سوزوڪي ۾ چاڙهي مارڪيٽ ۾ لٿاسين، هيءُ هاڻي تيز آهي، صفا هوش ۾ ڪونه آهي، ان پوزيشن ۾ مريضن ۾ ڪنٽرول ڪونه هوندو آهي، ۽ هن ۾ طاقت به وڏي اچي ويندي آهي، رڪشي ۾ چڙهي اسپتال جي گيٽ تي پهتس، صبح جا 9 ٿي چڪا هجن، هاڻي هيءُ رڪشي مان ڪونه پيو لهي، زوريءَ لاٿومانس، لهڻ شرط هن زور سان هڪ ٺونشو منهنجي نڪ ۽ منهن تي وهائي ڪڍيو، اکين آڏو ترورا اچي ويا، رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو، قميص رت ۾ ڀرجي ويئي، ڪاوڙ ڏاڍي آئي، صفا برداشت کان ٻاهر وري هوش ۽ حواس تي قابو آڻي، پاڻ کان پڇيم ته ڇا هن مريض سان به ڪي حساب ڪبا؟ ڇا هي پنهنجي وس ۾ آهي؟ ڇا هن هيءُ سڀ هوش ۾ ڪيو آهي؟ جواب مليو نه! ته پوءِ برداشت ڪر، ۽ جلد بازيءَ ۾ ڪا بازي نه هارائي وجهين، رت وهندو رهيو، هن ۾ ٻئي هٿ مضبوطيءَ سان وڌم، متان ڀڄي وڃي، ايتري ۾ اسپتال جو وارڊ بواءِ اتان لنگهيو ۽ ڊيوٽي تي پئي ويو، ان ڏٺو هي هنن جو پراڻو مريض هئو، آيو سلام ڪيائين، مونکي ڏسي سمجهي ويو ته همراهه بيمار آهي، چيائين اڪيلو آهين ڇا؟ چيم ها! پوءِ هن همٿ ڪئي، هن کي ڏسندو مريض ٿورو ڍرو ٿيو، خبر نه آهي، ته مريض ۽ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ وارڊ بواءِ جيڪي اڪثر مريضن جي سار سنڀال لاءِ هوندا هئا، ڪهڙو رشتو آهي، جو مريض جيڪو منهنجي وس ۾ نه هجي، پر پوءِ به ان کان ڊڄي پيو، پاڻ هليو، ڊاڪٽر هن کي پرائيويٽ وارڊ ۾ داخل ڪيو، جو سرڪاري داخلا لاءِ پوليس جو ليٽر ۽ مئجسٽريٽ جو حڪم گهربل هوندو هئو، وارڊ بواءِ مونکي چيو ته اهڙي مريض سان ڪڏهن به اڪيلو نه هوندو ڪر، جو هو ان وقت هوش ۾ ڪونه هوندو آهي، ۽ وڏو طاقتور به هوندو آهي، هن جي هٿ ۾ جيڪا شيءِ آئي، هڻي ڪڍندو ۽ ماڻهوءَ کي ماري به وجهندا آهن، بهرحال! مان هن کي داخل ڪرائي ٻاهر نڪتس، هن جي حال کي ڏسي زارو قطار روئندو پنهنجي پروردگار کي ٻاڏائيندو رهيس، ۽ ڪنهن مهل اکين ۾ پاڻي ته ڪنهن مهل اوڇنگارون پئي ڏنم، ۽ سندس صحتيابيءَ لاءِ دعا پئي گهريم، ايئن هاسٽل تي اچي ڪپڙا مٽائي ٿڪل ٽٽل قدمن سان وري اسپتال جي وارڊ ڏانهن روانو ٿيس، اوجاڳا، ذهن منتشر، هارايل جواريءَ وانگر قدم کڻي وڃي وڏي ڀاءُ جي تيمارداريءَ لاءِ پهتس، پڇيائين ڪيئن آهي ڌڻي بخش؟ مون چيو ته ٺيڪ آهي، کيس داخل ڪرايو اٿم، علاج هلندس، باقي الله بهتر ڪندو.
هاڻي ادا غلام حسين کي اسپتال ۾ 20 ڏينهن گذري ويا، ان دوران هن جو کائڻ پيئڻ صرف ڊرپ ذريعي هليو، ڪيترا دفعا پاڻيءَ جي تقاضا ڪندو رهيو، بوند پاڻيءَ لاءِ تڙپندو رهيو، وات خشڪ زبان ٺڪر جهڙي ۽ چپن تي ڏار ظاهر ٿي رهيا هجن، گهڻو چوندو هو پر پاڻي بند هئس، پوءِ ڊاڪٽرن چيو ته هن جي وات ۾ ڪو ڪپڙو پسائي سندس وات تي رکو، ته جيئن هن جي زبان ۽ وات جي خشڪي گهٽ ٿئي، پوءِ آهستي آهستي هن جي پيٽ ۾ جيڪو رت وغيره ويو، ۽ بقول ڊاڪٽرن جي اهو زائل ٿئي، ته پوءِ هن جو پاڻي شروع ڪبو، پيٽ به ڀرجي ويل هجي، نيٺ 20 ڏينهن جي عرصي کانپوءِ ڪجهه چمچا پاڻي پيارڻ جي اجازت ملي. اها ڄڻ هن لاءِ زندگي جي وڏي ۾ وڏي خوشيءَ جي گهڙي هئي، ايئن محسوس ٿيو، ته صدين کان پاڻي لاءِ اڃايل کي ڪا بوند بهار جي نظر آئي هجي، هر چمچي پيئڻ کانپوءِ هن جي اکين ۾ روشني جي چڻنگ نظر پيئي آئي، شايد هاڻي هن کي محسوس ٿيو ته زندگي ته پاڻي آهي، جي پاڻي بند ته پوءِ زندگي جي اميد ئي ڪونه هئي، اها جدا ڳالهه آهي، ته اهو ڪم ڊرپن ذريعي ٿيو پئي، پر مريض کي ته پاڻي پنهنجي هٿن سان ۽ وات سان پيئڻ ۾ زندگي نظر ايندي آهي، جيستائين پاڻي بند، تيسيتائين هزارين خيال هن جي ذهن تي ڇانيل هوندا هئا، بهرحال اهو هڪ مرحلو مڪمل ٿيو، هاڻي معاملو آهي، ته ٽنگون ڪيئن ٺيڪ ٿين، ان لاءِ ڊاڪٽرن چيو ته اڃا هن کي هتي 2 مهينا کن لڳي سگهن ٿا، ڦٽ هاڻي ٺيڪ ٿي رهيا آهن، ڦٽن ۾ جيڪا گينگرين ٿي هئي، اها ڪنٽرول ٿي ويئي آهي، ٽنگ ڪٽجڻ کان ته بچي ويئي آهي، ليڪن جيڪو ٽنگ تان ماس ضايع ٿيو آهي، ان کي ڀرجڻ ۾ گهڻو وقت لڳي سگهي ٿو، ۽ پوءِ اسين ڄنگهه جي فريڪچر وارن هنڌن کي ملائي پڪو پٽو چاڙهينداسين، ان دوران سڄي ٽنگ تي پٽو چاڙهي ڇڏيائون، باقي هڪ پاسي جو مسئلو هجي، ان دوران ڳوٺاڻن، دوستن، عزيزن ۽ ڀائرن جو اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري هجي، هر روز ڪيئي ماڻهو ايندا ويندا رهندا هئا، شروع شروع جي ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ حالت ايتري ته خراب هئي جو ايندڙ ويندڙ وڃي ڳوٺ ۾ يا ملندڙ ماڻهن تي اهو تاثر ڇڏيندو هئو، ته همراهه جو بچڻ مشڪل آهي، جي بچي ويو ته اهو معجزو آهي.
آيل، ڪريان ڪيئن؟!
1978ع جو سال ايترو ته ڳرو ثابت ٿيو جو هاڻي ته هڪ هڪ پل عذاب ۾ پيو گذري، ٻه ڀائر ڄامشورو اسپتال ۾ هڪ گدو اسپتال ۾ هڪ ڀاڻج ان حادثي ۾ گذاري ويو. گهر ۽ خاندان جي باقي پوئتي رهيل ماءُ ڀينرن ۽ زالن جون تڪليفون ۽ آهون ته ڪير ڏسي ۽ ٻڌي نه پيو سگهي، ته هن گهر ۾ ڪيترو ڏکن جو منظر هوندو، کين آٿت ڪير ڏيندو، سڀ جا سڀ مرد اسپتال ۾ باقي هنن جي تيمارداريءَ لاءِ، گهر ۾ صرف والد صاحب جيڪو به پوڙهو ، اهو به اسپتال ايندو هئو، وري ڏينهڪ هليو ويندو هئو، باقي 2 ڀائر ڪو ڌنڌو مزدوري ڪري گهر جو ڪار وهنوار پيا هلائيندا هئا، ان وچ ۾ اڃا هيءُ مريض اسپتال هجن، ته ادا وڏي جو ٻيو نمبر پٽ اقبال جنهن جي عمر 15-14 سال هوندي، دل ۾ تڪليف ٿي پيس ان کي جلديءَ ۾ کڻي حيدرآباد لعل بتي (ايمرجنسي) اسپتال ۾ پهچايو ويو، ان جي ٽيسٽن مان خبر پئي ته هن کي دل ۾ ڪو سوراخ آهي، ان لاءِ هن جي طبيعت ٿورو ٺيڪ ٿئي ته ڪو فيصلو ڪبو، في الحال مينيج ڪرڻو آهي، پر خدا جا پنهنجا فيصلا آهن، مون اسپتال ۾ ادا کي ٻڌايو هاڻي هيءُ ڪافي حد تائين بهتر آهي، ليڪن هلڻ کان ته اڃا لاچار آهي، ٻن ڏينهن ۾ ان جي پٽ جو انتقال ٿي ويو، الا-مان ڇا لکان؟! ڇا گهڙيون هونديون، ڇا مهل هوندي، اسان هن کي ٻڌايو، هن ايترو چيو ته مان ته هتي پاڻ بيوس هئس، جي هلڻ جي طاقت هجي ها ته هن ٻچڙي لاءِ ڀڄ ڊڪ ته ڪيان ها، پوءِ زندگي ته الله جي هٿ ۾ آهي، اهو ارمان ته نه رهي ها ته آئون ڪجهه به ڪري نه سگهيس، ايئن چوندو زارو قطار روئڻ لڳو، هوڏانهن اسپتال جو عملو ۽ مريض سدائين پيا چوندا هئا، ته الائي هنن جي قسمت ۾ ڇا آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ ايترا وڏا حادثا ۽ واقعا، بهرحال هن جي لاش کي به ايمبولينس ۾ ڄامشورو کڻي آياسين، ادا کي ويل چيئر تي گيٽ وٽ وٺي وياسين، ٻيو نمبر ڀاءُ پنڌ ڪري آيو، هن جو آخري ديدار ڪيو پيءُ کي اهو وڏو افسوس ته؛ پٽ معاف ڪجان، مان پاڻ بيوس ۽ لاچار آهيان، آئون ته ايترو بد نصيب آهيان، جو تنهنجي لاش کي ڪلهو ته ٺهيو، تنهنجي قبر تي مٽي به نٿو وجهي سگهان، هن جي حالت خراب ٿيندي ويئي، ظاهر آهي پٽ جو موت هجي ۽ ماڻهو بيوس لاچار ۽ مجبور هجي، صفا دل ڏاريندڙ منظر هئو، جلدي ايمبولينس لاش کڻي سيوهڻ رواني ٿي ويئي، هوڏانهن گدو اسپتال هيڏانهن ڄامشورو اسپتال-ٽنهي مريضن جي مان پيو سنڀال ڪيان، چند ڏينهن ۾ ايترا واقعا، ايتريون آزمائشون، ايترا ڏک ۽ تڪليفون ڏنيون به الله سائين ۽ صبر ۽ برداشت جي قوت به انهي مالڪ طرفان ئي عطا ٿي، جو سڀني شين کي پئي ڏٺوسين، پوءِ به صبر ۽ شڪر ڪبو، الله جي در تان نا اميد نه ٿيڻو آهي، ۽ وري به ان جي در ٻاڏائي دعا گهرڻ سان ئي دلي سڪون ملندو آهي، ۽ آئون به سربسجود زارو قطار روئندو ۽ ٻاجهه لاءِ ٻاڏائيندو رهيس، ايتري ۾ ڊاڪٽر عبدالحميد شيخ جو والد صاحب سيٺ ولي محمد شيخ جيڪو ان وقت ادا غلام حسين جو سهرو هجي، هاڻي ته منهنجو به سهرو ٿئي، ان کي جگر ۾ ڪينسر جي تڪليف ٿي، اها تڪليف اڳ ۾ ظاهر ٿيل ڪونه هئي، کيس به اچي ڄامشورو اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، ميڊيڪل جي وارڊ ۾ داخل هجي، هن کي اچي رت جون الٽيون شروع ٿيون، ۽ شايد هڪ هفتو اسپتال ۾ رهيو، ۽ پوءِ گذاري ويو. وري ان جي لاش کي به ايمبولينس جي ذريعي سيوهڻ روانو ڪيو ويو، ان کان اڳ ۾ اهو اطلاع به ادا غلام حسين کي ڏنو ويو، هن چيو ته مونکي به مين گيٽ وٽ ويل چيئر جي ذريعي وٺي هلو، ته آئون به پنهنجي سهري جو آخري ديدار ڪيان، ايئن هن پٽ ۽ سهري جو آخري ديدار اسپتال ۾ ئي ڪيو، هي سڀ واقعا 1978 جي اپريل کان شروع ٿيا ۽ آگسٽ تائين هلندا رهيا، شايد اهو ئي سبب آهي، جو آئون ان مصروفيت سبب اسپتالن ۾ رهيس، ۽ جيئي سنڌ فيڊريشن کي وقت ڪونه ڏيئي سگهيس، جو سيپٽمبر 1978 تي اهلڪارن وارو ڄامشورو ڦاٽڪ جو واقعو ٿيو، جنهن ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ٿيا، آءٌ وقتي طرح ان مصروفيت کان پري رهي، ذاتي مصروفيت ۾ رهيس، آخرڪار ادا غلام حسين کي اسپتال مان چئن مهينن بعد موڪل ملي، ٻنهي ٽنگن تي گوڏن کان مٿي پلستر ٿيل هجي، ۽ في الحال هلڻ جي اجازت ڪونه هئس، سندس سڀ حاجتون بستري تي ئي ٿينديون هيون، اسپتال ۾ اسين کيس سنڀاليندا هئاسين، ۽ گهر ۾ سندس 2 زالون، ڊاڪٽرن ايئن چيو ته سندس ٽنگن جو پٽو هر مهيني يا ٻئي مهيني بدلي ٿيندو ، ان لاءِ خاص ڪا ٽيڪسي ڪري سيوهڻ مان ڄامشورو اچڻو پوندو هئو، پوءِ اهي پٽا تبديل ڪري ٻيا چاڙهيا ويندا هئا، ۽ وري نئين تاريخ ڏيئي روانو ڪندا هئا، ٽوٽل وقت جيڪو بستري تي رهيو، اُهي 13 مهينا هئا، ان کان پوءِ آخري دفعو جڏهن هن جي ٽنگن تان پٽا هٽايا ويا، ته پنيءَ واري پاسي کان هڏو پيو نظر اچي، پٽن لهڻ کانپوءِ خبر پئي ته پيرن جا آڱوٺا ۽ مري جي جاءِ تان به فريڪچر هئا، پوءِ اهي پاڻ ئي ڳنڍجي ويا، جنهنڪري پير به صحيح طرح زمين تي به ڪافي وقت ڪونه رکي سگهندو هئو، پوءِ اهو سلسلو به ڪافي وقت هلندو رهيو، زيتون جي تيل جي مالش سان گڏ ڊاڪٽرن چيو ته في الحال ٽنگن جي ورزش ڪرايوس، مسلسل پٽا ٻڌڻ ڪري رت جو دورو گهٽ رهڻ ڪري ٽنگون ڪمزور آهن، ڪجهه وقت لڳندو، پوءِ آهستي آهستي بيساکين جي سهاري هلندو، ۽ آهستي آهستي هن جون ٽنگون کٽ کان هيٺ لڙڪايونسين، ته به سور پيو ٿئيس، هاڻي دوائن وارو علاج ته مڪمل ٿيو پر اڃا به الائي ڪيترو وقت مڪمل ٺيڪ ٿيڻ ۾ لڳندو! بيساکين تي ئي صحيح پر هلي ته سهي... زمين تي پير رکڻ لاءِ به ڊاڪٽرن جي هدايتن مطابق ورزش ڪرائيندا رهياسين، پوءِ ٻه مهينن جي عرصي ۾ هن زمين تي پير رکڻ شروع ڪيو، پوءِ آهستي آهستي هلڻ جي عادت وجهڻي پيس، ايئن پيو لڳي ته هن کان هلڻ ۽ پير زمين تي رکڻ وسري ويو هجي، هر گهڙي هن کي عجيب پئي لڳي، ڪاوڙ، غصو ۽ بيوسي هن جي چهري مان ظاهر هجي، طبيعت ۾ چڙ به ڪافي رهندي هئس، جو ماڻهو مسلسل 15 مهينا هڪ بستري جي حوالي هوندو، ته ان جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي سا ته حقيقت ۾ اهو ئي ڄاڻي يا سمجهي سگهندو، جيڪو ان ڪيفيت مان گذريو هوندو، الله سڀني تي رحم فرمائي ۽ شل اهڙين آزمائشن کان پناهه ۾ رکي، آمين!
ڌڻي بخش نه مڙي نه مڙيو
(ڌڻي بخش جي پٽ سليم رضا ابڙو جنهن کي مون سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيٽسٽڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سيلف فنانس تي داخلا وٺي ڏني هئي، اُن اتان B.S ڪئي، ليڪن هن کي منهنجي محنت ۽ تڪليف جو ڪو احساس نه هئو، هن پڙهائي تي توجهه گهٽ ڏنو ۽ وڃي ڪنهن ٻئي چڪر ۾ پيو ۽ چاچي جي انهن پئسن تي پنهنجي عياشيءَ ۾ لڳي ويو. پوءِ مونکي انتهائي تڪليف ٿي، اڄ به هو ڪنهن ڪم ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي نٿو وٺي. اهو صدمو مونکي ڪنهن گهاءُ وانگي سدائين تازو پيو لڳي، ڇا چئي سگهان ٿو. جنهن منهنجي محبت ۽ جذبي جو ڪوبه احساس ۽ قدر ڪونه ڪيو.)
ادا ڌڻي بخش جي وفات
باب نائون: قومي تحريڪ ۾ نئين جذبي سان
سينيئر مرڪزي نائب صدر جي چونڊ ۾ ڪاميابي
1976ع ۾ سيوهڻ جو تعلقي صدر ۽ ان ئي حيثيت ۾ ڪاليج جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ 1976،1977 تائين ۽ 1978 تي ضلعي دادوءَ لاءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر چونڊجڻ باوجود مرڪز جي مخالفانه مداخلت هوندي، ۽ وري 1978 ۾ ئي ذاتي معاملا جن ۾ اسپتالون ان ۾ ٽن ڀائرن کي ائڊمٽ ڪرڻ جي ڪري تنظيمي مصروفيتن ۾ گهٽ ايڪٽو رهيس، پر پوءِ به دادو ضلعي مان جيڪي به فيڊريشن جا ورڪر ۽ ڪارڪن جيلن ۾ ويا، انهن جي لاءِ ملاقات، ڀڄ ڊڪ ۽ جيل ۾ بي ڪلاس جون سهولتون وغيره حاصل ڪري ڏيڻ شامل هئو. هاڻي آهستي آهستي اسپتالن وارا همراهه به واپس گهر اچي ويا ۽ آئون پنهنجي قومي فرض ڏانهن مائل ٿيس، ايتري ۾ 1979ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جون مرڪزي چونڊون اچي ويون، مان ڇاڪاڻ ته جذباتي حد تائين هن تحريڪ کي چاهيندو هئس، هن تحريڪ ۾ ڪيترا ماڻهو پنهنجي مقصد ۽ مفاد جي ڪري شامل ٿيا، جو اها حقيقت آهي، ته ان وقت سنڌ ۾ شاگرد طبقي ۽ تعليمي ادارن ۾، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن تمام وڏي طاقت رکندڙ تنظيم ٿي سامهون آئي هئي، ان ڪري ڪافي چورن چڪارن، لوفر ۽ مفاد پرست ماڻهن به ان تنظيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊوڙ لڳائي، انقلابي تنظيم جي اها هميشه ڪمزوري رهي آهي ته جيڪو ان ۾ شامل ٿيندو، ان کي کڻي اکين تي ويهاربو، سندس شموليت لاءِ ڪو انٽرويو ڪو نظريو ۽ ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانه هئي، سندس ماضي کي به ڪونه ڏٺو ويندو آهي، جي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جيئي سنڌ.ا.ف جو مخالف به هجي، ته ان شيءِ جي تحقيق به ڪونه ڪئي ويندي هئي، مطلب ته سنڌ يونيوسٽيءَ، ايگريڪلچر يونيورسٽي، لياقت ڪاليج، مهراڻ يونيورسٽي ۽ چانڊڪا ۾ ان وقت جيئي سنڌ فيڊريشن جو راڄ هوندو هئو، سو ننڍن شهرن مان پڙهي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ مهل هر ايڪٽو شاگرد جو جيئي سنڌ ۾ شامل ٿيڻ مجبوري به هوندي هئي، ۽ مزو به هوندو هئو، بس ٺلها نعرا هڻي ماڻهو مفت ۾ بنا سوچ لوچ ۽ بغير ڪنهن قربانيءَ جي قومي تحريڪ جو هيرو ٿي ويندو هئو، ۽ اڪثريت اهڙن ئي شاگردن جي هوندي هئي، باقي نظرياتي ڪارڪن تمام گهٽ هوندا هئا. اهو سبب آهي جو اهي ماڻهو پنهنجي مفاد کي ترجيح ڏيندا رهيا، پوءِ يونيورسٽي جي تعليم مڪمل ڪرڻ سان سندن قومي تحريڪ سان وابستگي به ختم ٿي ويندي هئي، ڪيترا وڏا نالا جڏهن عملي سياست ۾ متحرڪ ٿيا، ته انهن پٺيان ڪيل سڀ واعدا، اقرار ۽ وچن وساري ڇڏيا ۽ لڳا وڃي پنهنجي ذاتي مستقبل کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ، اهي اصل ۾ حادثاتي قومي ڪارڪن هيا، هنن جي ذهن ۾ ٻيو ڪجهه ۽ زبان تي ٻيو ڪجهه هوندو هيو، يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ جي دور ۾ جيڪي گلا ڦاڙي تقرير ڪندا هئا ۽ نعرا هڻندا هئا، اهي ماڻهو يونيورسٽي ۽ شاگرد سياست جي حد تائين ته جيئي سنڌ جا هوندا هئا، ليڪن عملي زندگيءَ ۾ ساڳيا ماڻهو ان تنظيم جا مخالف ۽ انهن جي پيروڪارن کي گاريون ڏيندڙ رهيا آهن، ڪي ته وري اقتدار جي نشي ۾ سنڌ دشمن پارٽين ۾ شامل ٿيا، ۽ اتي پهچي قوم پرستن کي ڪچلڻ ۽ ختم ڪرڻ جا رستا ڏيکاريندا رهيا، اوهان، اگر ٿورو تاريخ جا ورق اٿلائيندوءَ ته تمام ويجها ڪجهه وڏا ۽ اهم نالا ذهن ۾ ايندا جيڪي پنهنجي مفادن خاطر اقتداري پارٽين ۾ وڃي شامل ٿيا، انهن ۾ ڪيترا ته اتي ضم ٿي ويا، ليڪن ڪيترا دربدر ٿيندا ۽ ڀٽڪندا رهيا، انهن ۾ڪيئي قابل احترام شخصيتون شامل آهن، اهو ذڪر اڳتي هلي ڪندس.
چونڊن ۾ گروپنگ
عبدالحميد بليدي ۽ بدلجندڙ وقت
عبدالحميد بليدي شروع شروع ۾ انتهائي مذهبي خيال جو نوجوان هوندو هئو، ننڍي عمر ۾ جڏهن مونسان واسطو ٿيس ته هيءُ پنج وقت نمازي هيو. ايتري قدر جو شاهي بازار جي پويان مسجد ۾ هي پنهنجي نوجوانيءَ جي عمر ۾ ٻانگ ڏيڻ جو عمل به ڪندو رهيو ۽ هر جمعي جي ڏينهن نماز جي وقت کان اڳ ۾ مسجد ۾ وڃي ٻهاري به ڏيندو هئو، اهو سلسلو به سالن جا سال جاري رهيو، انڪري هن کي ننڍي توڙي وڏي عمر جي ماڻهن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هيو، سندس والد جڏهن پورهيت مان سيٺ ٿيو ته هن پنهنجي اصليت کي ڪونه وساريو، سندس سخاوت ڪافي مشهوري ماڻي! آفيسر خاص ڪري پوليس آفيسر ۽ جج صاحبن جو گهڻو خيال رکندو هئو، انهن جي ماني وغيره ۽ چانهه هن جي هوٽل تان ويندي هئي، ته ان جو حساب ڪونه وٺندو هئو، اهو ئي سبب هئو جو سندس پوليس ۽ جڊيشريءَ سان گهرو رابطو ۽ واسطو هوندو هيو، پر هن ان جي بدلي انهن آفيسرن کان ڪڏهن ڪجهه ڪونه گهريو، هيءُ نه چورن جو يار نه جهيڙي ڪارن سان مددگار رهيو، شروع ۾ ته آفيسر ايئن سمجهندا هئا، ته هيءُ سيٺ جيڪي خدمت ڪري ٿو، ان جو ڪو حساب ڪتاب هوندو، ليڪن آخر تائين جڏهن کين ڪوبه ڪم نه چوندو هئو، ته پوءِ اهي آفيسر سيٺ عبدالمجيد جا پيا پنهنجن حلقن ۾ ڳڻ ڳائيندا هئا. هيءُ هميشه بي لوث رهي، پنهنجي روح جي تسڪين ان حوالي سان پيو ماڻيندو هئو، اهو ئي سبب آهي، جو سندس لڄپال هوٽل سخي مرد جي هوٽل سڏبي هئي، سندن واسطي وارن جي ته چانهه ماني ۽ انهن جي مهمانن جي خدمت به مفت هوندي هئي، جي ڪير کڻي پئسا ڏيندو ته به ڪونه وٺندو هو، هر ماڻهوءَ ۾ چڱائي ۽ برائي هوندي آهي، مون پنهنجي سمجهه ۾ هن کي سخي مرد ڏٺو، باقي خامين ۾ اها هوندي هيس، ته سياسي سماجي بحث ۾ ڪنهن جي ڳالهه ڪونه مڃبي دلائل هجن نه هجن حقيقت ڇا به هجي، هي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهي، انکي اٿارٽي سمجهي پوءِ اٿارٽي سان ڳالهائيندو هيو، ڪنهن جي به ڪونه مڃبي، پنهنجي ڳالهه تي قائم رهبو! عبدالحميد کي سندس والد سيٺ مجيد جي ڪري شهر ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هئو، پوءِ آهستي آهستي نوجواني مان جوانيءَ جو مرحلو شروع ٿيو، رات جو سندس هوٽل تي اڪثر هڪ ٻه دوست جن ۾ عبدالسميع قريشيءَ وٽ ڪچهريون هونديون هيون، رات جو ان وقت کان وٺي اڄ تائين اڪثر دير سان سمهڻ جي عادت اٿس، هيءُ شادي کان اڳ، صبح جو 11 وڳي ڌاري جاڳندو هيو، پوءِ تمام ناز نخرن سان تيار ٿيندو هيو، هيءُ هر روز تيار ٿيڻ ۾ ايترو ئي وقت وٺندو هئو، جيترو خوبصورت ڇوڪري ڪنهن تقريب ۾ وڃڻ وقت پاڻ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ وقت وٺندي آهي. هيءُ سيوهڻ جي نئين ٽهي ۾ خوش لباس ۽ صاف سٿرو رهڻ پسند ڪندو هو، اهو سلسلو هن جو اڄ تائين جاري آهي، تيار ٿي گهران نڪرندو ۽ تسبيح هٿ ۾ کڻندو ۽ پڙهندو پنڌ ڪندو اچي هوٽل تي اندازن 12 وڳي تائين پهچندو هو، هيءُ جيڪو ورد يا وظيفو ڪندو هئو، اهو هوٽل تائين ختم ڪري دعا گهري دخل تي ويهندو هئو، پوءِ رات جو 8 وڳي تائين هن جي مسلسل دخل ٿي ويهڻ جي ڊيوٽي هوندي هئي، گرمي هجي يا سردي هن جي ڊيوٽي ساڳي هوندي هئي.
سيوهڻ ۾ سڄي ملڪ خاص طور پنجاب ۽ ڪراچي مان مرد عورتون ٻار زيارت لاءِ ايندا آهن، ان وقت هنن جي هوٽل شهر جي ان لحاظ کان سٺي ۽ وڏي هوٽل هوندي هئي، جو ماني سٺي، دال مشهور، مرغي ڪڙاهي لا جواب. جيڪو هڪ دفعو هوٽل تي آيو، وري ايندو ته مانيءَ لاءِ ان هوٽل تي ضرور ايندو مطلب ته معيار سٺو هوندو هئو، ان ننڍي شهر ۾ اهڙي سٺي هوٽل وڏي ڳالهه هئي. عبدالحميد بليدي ۽ سندس والد مرحوم عبدالمجيد بليدي سيوهڻ شهر جا مشهور يار دوست ۽ غريب پرور پنهنجي هوٽل جي ملازمن جي ڏک سک ۾ مدد ڪرڻ، يار دوست لاءِ هوٽل جي ماني چانهه وغيره بلڪل مفت! ڪيترن دوستن جو ته کائڻ پيئڻ جو ٻڌو سلسلو جاري هيو، ۽ سندن دسترخوان گهر ۾ به ڪافي وسيع رهيو آهي، هيءُ ايترا امير ڪونه آهن، پر هوٽل جي ڪاروبار ۾ سموري خاندان جو گاڏو پيا گهليندا هيا، ۽ مهمان نوازيءَ ۾ اخلاقي مظاهرو ايترو ته ڪندا هئا، خاص طور عبدالحميد پنهنجي والد کان پوءِ اڃا ان سلسلي کي وڌيڪ وسيع ۽ بهتر ڪيو، هن جي دسترخوان تي هڪ دفعو جيڪو مهمان ويو، اهو سموري زندگي لاءِ هن جو ئي ٿي رهيو، انتهائي عزت احترام، نياز نوڙت، انڪساريءَ سان پيش پيو ايندو.
عبدالحميد بليديءَ جو سياسي ڪيريئر
•
کليل حمايت
ان داستان جو وڌيڪ تفصيل منهنجي ايندڙ ڪتاب ۾ هوندو...
*
باب ڏهون: نوڪريءَ جو دورانيو
جيئن لئه جيڏيون...
ٻه سال نوڪري ڪيم ته هڪ ڏينهن آفيس ۾ ڌڻي بخش اوٺو آيو. چيائين ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ نوڪريون آيون آهن. توهان به درخواست ڏيو. هن مون کي گهڻو همٿايو. ايتري قدر جو درخواست جو فارم به پاڻ ساڻ کڻي آيو. اهڙي ريت انٽرويوءَ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ اسسٽنـٽ طور نوڪري ماڻيم.
اي جي اين قاضي
مان حلفيه چوان ٿو ته مون قاضي صاحب سان ڪڏهن به ڪا ملاقات ڪونه ڪئي هئي. ڇو ته مون کي جنهن سال نوڪري ملي ان سال يعني 1986ع ۾ ئي سندس گورنريءَ جو مدو پورو ٿيو. اهڙي ريت منهنجي هن ڪتاب ۾ ڪجهه ٻيون شخصيتون به ضرور اينديون جن مجموعي طور تي سنڌي قوم جي دردن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ خاموش انقلاب آندو. پر اسان جي قوم انهن کي اهو گهربل مان ۽ مرتبو ڏيڻ ۾ ڪنجوسي ۽ لاپرواهي کان ڪم ورتو. جنهن جو ذميوار مان قومي تحريڪ لاءِ ڪم ڪندڙ ڌرين کي سمجهان ٿو. ان تي به آئون تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندس. جو انهن ۾ مان به شامل آهيان. ته اهو سمورو ڪيس سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي اعليٰ تعليم يافته ماڻهن-جن ۾ شاعر، اديب، ڏاها، اسڪالر ۽ تاريخدان اچي وڃن ٿا. منهنجي انهن سمورن کي نماڻي وينتي آهي ته هو پنهنجي تاريخي ذميواري محسوس ڪن ۽ قوم جي محسنن تي باقاعده قلم کڻن.
اسٽيٽ بئنڪ ۾ آيس ته اتي ڪافي سنڌي نوجوان-جيڪي سنڌ جي مختلف ماڳن مان آيا هئا اچي نوڪريءَ ۾ لڳا. مون کي نوڪريءَ دوران ڪراچيءَ ۾ جيڪي دوست مليا انهن ۾ ڌڻي بخش اوٺو جيڪو هاڻي هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي. ان کان علاوه غلام سرور اوٺو (سيوهڻ) احمد علي راهوجو (خيرپور ناٿن شاه)، غلام عباس سومرو (ميهڙ)، .... پنهور (ڀان سعيد آباد)، نثار سومرو (سيوهڻ شريف)، غلام سرور (ڀان سعيد آباد)، ...سهتو شڪارپور، لياقت جمالي (خيرپور ميرس)، عبدالشڪور شيخ (گمبٽ)، لياقت جمالي (خيرپور ميرس)، عبدالرزاق سهتو (ڪنڊيارو)، علي احمد صاحب، خادم سولنگي، شريف ڏاهري، غلام مصطفيٰ، اهي سڀ ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي جيڪي مون کي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سڃاڻندا هئا.
اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪافي يونينون ۽ ڪيتريون ئي ايسوسيئيشنس هيون. يونين ۾.... يونين جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي اڪثريت هئي. اها سي بي اي (ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ) به هُئي. جماعت اسلامي جي يونين 474، پختونن جي يونين ۽ اسٽاف يونين. اهي سڀ ڪلريڪل يونينس هيون. وري نان ڪلريڪل ۾ يونين 317 اها به ايم ڪيو ايم جي هئي. ايئن الائي ڪيتريون يونينس هيون. جن ۾ پنجابي ويلفيئر ايسوسيئيشن، مهاجر ويلفيئر ايسوسيئيشن، (وري انهن ۾ ٻه گروپ هوندا هئا)، سنڌي بلوچ ايمپلائيرز ويلفيئر ايسوسيئيشن، پختون هزاروال ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ گلگت بلتستان ويلفيئر ايسوسيئيشن. هاڻي ان سڀني کي سمجهڻ لاءِ وقت جي ضرورت هئي. مگر ايترو سمجهي ويس ته ان ايسوسيئيشن ۾ ان قوم جا سڀ ماڻهو پوءِ ڀلي اهي کڻي چوڪيدار، پٽيوالا، ڪلارڪ ۽ ڪيترو به وڏو آفيسر ڇو نه هجي اهي سڀ ميمبر ۽ عهديدار هوندا هئا. باقي ٽريڊ يونينن ۾ جيڪي ان جي ميمبر ٿيڻ لاءِ گهربل ضرورتون پوريون ڪندو اهو ئي ميمبر ٿي سگهندو. مان به روشن جي صلاح سان سنڌي بلوچ ويلفيئر ايسوسيئشن (سبيوا) جو فارم ڀري ان جو ميمبر ٿي ويس. شروع ۾ سبيوا ۾ چند سنڌي ۽ بلوچ ميمبر هئاسين. جن ۾ سراج مغل، واحد بخش چانگ، خدا بخش ڀٽو، ڪمال بلوچ، غلام مصطفيٰ شيخ، ۽ ڪجهه ٻيا هوندا هيا، جن ان ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو هيو. ڪابه ايسوسيئيشن رجسٽرڊ ڪانه هوندي هئي مگر ويلفيئر جو نالو ڏئي ڪم ڪري سگهبو هيو.
مونکي نوڪري مئي 1986 ۾ ملي ۽ هڪ مهيني بعد يعني جون 1986ع ۾ سبيوا جو ميمبر ٿيس. اڃا ٽريڊ يونينس ۽ ايسوسيئيشنز جي معاملن کي پوري ريت سمجهي ئي نه سگهيس ته مٿان سبيوا جي اليڪشن اچي وئي. مان بنيادي طور تي قوم پرست ۽ شاگرد سياست جو تجربو رکندڙ هيس مگر ٽريڊ يونين جي سياست مختلف هئي. هر ايسوسيئيشن جو الحاق يا حمايت ڪنهن نه ڪنهن ٽريڊ يونين سان هجي. اهڙي ريت ٽريڊ يونين وارن سان ڳالهيون وري ايسوسيئيشن جا عهديدار ڪندا هيا. جنهن جا وري سڀ ميمبر فيصلن مڃڻ لاءِ پابند هوندا هيا. مگر ڪجهه ايسوسيئيشنز جا ميمبر وري اڪثريت جي فيصلي خلاف پنهنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندي ڪنهن ٻئي ڌر جا ميمبر ٿيندا هئا.
سبيوا جي قوم پرست سوچ رکندڙ ميمبرن فيصلو ڪندي مون کي چيو؛ تون سبيوا جي پراڻين اڳواڻن خلاف اليڪشن ۾ مقابلو ڪر ۽ پنهنجو پينل ٺاهه. مون به ايئن ڪيو. يارهن ڄڻن جو پينل هوندو هيو. مون سان انهن ماڻهن ساٿ ڏنو جيڪي کٽيندڙ ڌر جي خلاف هيا. جن ۾ واحد بخش چانگ، عبدالخالق سولنگي، عبدالمنان لنڊ، شريف ڏاهري، غلام مصطفيٰ ملاح ۽ ذوالفقار شيخ شامل هئا. اهي اڪثر ڪري جماعت اسلاميءَ جي ٽريڊ يونين سان هوندا هئا. جو اها به هڪ دفعو سي بي اي ۾ رهي. ان کانپوءِ عدالتي ڪميشن ۾ ريفرينڊم رڪجي ويو ۽ ايم ڪيو ايم اسٽيٽ بئنڪ ۾ پنهنجي دهشت ڦهلائي ۽ ڪنٽرول قائم ڪيو. مون اهو سڀ محسوس پئي ڪيو ۽ سوچيم ته ڪو لائحه عمل تيار ڪري سگهان. ان ڪري منهنجي لاءِ سبيوا جي اليڪشن کٽڻ انتهائي اهم هئي. منهنجي سامهون سمورا پراڻا عهديدار هيا. جن ۾ منظور مسافر، غلام شبير سومرو، الطاف حسين شيخ، سيد منظور شاه، غلام رسول بلوچ، عثمان بلوچ، دائود بلوچ، ڪريم بخش بلوچ سرفهرسرت هئا. هاڻي اسان سان مسئلو اهو هيو ته هنن سان بلوچستان جو ڊومييسائيل رکندڙ دوست موجود هيا جڏهن ته اسان جي پئنل ۾ ڪوبه سرفهرست بلوچ ڪونه هيو. پوءِ به اليڪشن جو پئنل ٺاهي بيهي رهيس. آئون ان ۾ صدر جو اميدوار هيس. مون کي صرف هڪ اهميت هئي ته شاگرد اڳواڻ هجڻ جي ڪري منهنجو نالو روشن ۽ معروف هيو. ايئن محسوس ٿيندو هيو ته هي به ڄڻ سنڌ جي ئي ڪا يونيورسٽي هجي. مون اهو ماحول به پئدا ڪيو. همٿ ڪيم ۽ اڳڀرو ٿيس. ايم ڪيو ايم جي، بنا ڪنهن ڊپ ۽ خوف جي مخالفت ڪئي سين. عام طور تي بظاهر جيڪي دوست سامهون نه ٿيندا هئا. اگر ڪڏهن اليڪشن جو مرحلو هجي يا ريفرينڊم جو ڪو معاملو، سنڌي دوستن ڪڏهن به ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪانه ڪئي. باقي انهن جي سامهون دوبدو ٿيڻ کان پاسو ڪندا هيا. ان جا ڪيترائي سبب هيا. 1986 ع ۾ ايم ڪيو ايم جون دهشتگرد ڪاروايون پنهنجي عروج تي هيون. اسان جا ڪيترائي سنڌي نوجوان انهن جي علائقن ۾ رهندا هيا. ان ڪري خوف جو ماحول هوندو هيو.
ايم ڪيو ايم خلاف حڪمت عملي ۽ منصوبو
مان اهو عزم ڪيو ته ايم ڪيو ايم کي اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٽريڊ يونين مان ٻاهر ڪڍندس ۽ هنن کي پنهنجي ڳوڙهي حڪمت عمليءَ سان شڪست ڏيندس. ان وقت ايم ڪيو ايم جي دهشت جي ڪري جڏهن لساني فساد ٿيندا هئا ته اسان جا سنڌي نوجوان ٿيلها کڻي موڪلون ڪري ڳوٺ روانا ٿي ويندا هئا.
مون اهو به طي ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جي مالڪي قائم ڪبي. ان لاءِ به جاکوڙ ڪبي. مون پاڻ سان ڪيل اهي ٻئي واعدا پورا ڪيا. جن جو تفصيلي ذڪر ڪندس. مان ان جو فيصلو تاريخ تي ڇڏيندس ته مان پنهنجي سنڌي قوم جي خدمت گذار طور تي عملي طور ڪيترو ڪامياب رهيس.
ڊسمبر 1986ع ۾ اليڪشن هئي. منهنجي سبيوا جي ميمبر ٿيڻ جي ڇهن مهينن بعد پينل ٺهي ويو. جيڪو پراڻن ۽ تجربي ڪارن جي مدمقابل هيو. اڳ به ڪجهه دوست مقابلو ڪندا هئا مگر انهن جا ووٽ صرف ڏهه سيڪڙو مس هوندا هئا. اگر 600 ووٽ ڪاسٽ ٿيندا هئا ته مخالف 70-60 ووٽ مس کڻندا هئا.
پوءِ ٻنهي پينلن جي پاڻ ۾ مقابلي کان بچڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. ڇو ته ڪافي نوان دوست اي جي اين قاضي صاحب جي ڪري شامل ٿي ويا هئا. ان ڪري پراڻن اڳواڻن کي خطرو محسوس ٿيو ته متان قيادت هٿن مان هلي وڃي سو گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ ڪجهه دوستن جي وچ ۾ اچڻ ڪري ٻئي پينل هڪ ٿي ويا. 11 سيٽن جي پينل جي ورهاست اهڙي ريت ٿي ته جنهن جو صدر هوندو اهي پنج سيٽون ۽ جن جو جنرل سيڪريٽري هوندو ان جون ڇهه سيٽون رکندا. اسان واري سنگت ان ٺاهه ۾ خوش ڪونه هئي. جيڪي پراڻي وقت کان وٺي هنن جي سامهون بيهندا هيا ۽ شڪست کائيندا هئا. باقي ٻين سڀني جو اهو اڪثريتي خيال هيو ته پينل ٺهڻ گهرجي. ڇو جو اسان جي گروپ ۾ جيڪي پراڻا ساٿي هيا اهي جماعت اسلاميءَ جي ٽريڊ يونين سان وابسته هيا ۽ هي دور اهڙو هيو جو ماڻهو ايم ڪيو ايم کان پوءِ جماعتِ اسلامي کي سنڌ جي مفادن خلاف سمجهندا هئا. فيصلو ٿيو ته مون کي صدارت سان چار سيٽون ۽ غلام شبير سومري کي جنرل سيڪريٽري سان پنج سيٽون ملنديون. هن اليڪشن ۾ ڇاڪاڻ ته ووٽ نشان کي نه مگر ماڻهوءَ کي ملندو هيو. ان ڪري اسان سان گڏ جيڪي جماعت اسلاميءَ سان تعلق رکندڙ دوست هيا انهن پنهنجو الڳ پينل جوڙي اسان جو مقابلو ڪيو. نتيجي ۾ کين ويهه ووٽ مس مليا. معنيٰ اپريل ۾ نوڪري ۾ آيس، جون ۾ سبيوا جو ميمبر ٿيس ۽ 16 ڊسمبر تي ساڳي ئي سال ۾ ان ئي سنڌي بلوچ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن (سبيوا) جو صدر چونڊجي ويس. ايتري مختصر وقت ۾ سبيوا جو صدر ٿيڻ هڪ وڏو رڪارڊ هيو. اها منهنجي اسٽيٽ بئنڪ جي نوڪريءَ دوران پهرين وڏي ڪاميابي هئي. ان کانپوءِ سنڌي ماڻهن محسوس ڪيو ته اهڙو ڪو ماڻهو آيو آهي جنهن سنڌي ڪاز کي باقاعده هٿن ۾ کنيو آهي. جنهن جا انتهائي ڏور رس نتيجا نڪرندا ۽ اڳتي هلي ايئن ئي ٿيو.
ٽريڊ يونين ڇا آهي؟
1973ع کان اڳ ۾ ٽريڊ يونين جي رجسٽريشن ليبر کاتي ۾ ٿيندي هئي. ليبر کاتي وارا اڪثر وڏين فيڪٽرين، وڏن صنعتي ادارن، وڏين هوٽلن، پبلڪ سيڪٽر ڪمپنين جهڙوڪ؛ پاڪستان پوسٽ آفيس، پاڪستان ريلوي، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، گيهه ڪارپوريشن، پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ وغيره ۾ مزدورن جي نمائندگي ڪنديون هيون. پر يونين ۽ انهن جي قانون ۾ ايتريون ته پيچيدگيون هونديون هيون جو اڪثر مزدورن جي ٽريڊ يونينون ريفرينڊم کٽڻ کان بعد ۾ يا ته مِل مالڪن ۽ پبلڪ سيڪٽر ڪمپنين جي ڪامورا شاهي جي ”پاڪيٽ يونين“ ٿي ويندي هئي يا وري ڪورٽن ۾ پيا ڌڪا کائيندا هئا.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سڀ کان پهريان فيبروري 1973ع ۾ مزدورن لاءِ اصلاحات آندا. مقامي سطح تي جيڪي مِلون هيون. انهن جي رجسٽريشن ليبر ڊپارٽمينٽ، ۽ وفاقي سطح جي پبلڪ سيڪٽرن تنظيمن (ريلوي، پي آءِ اي، بئنڪون، پوسٽ آفيس وغيره) لاءِ نيشنل انڊسٽريل ڪميشن تشڪيل ڏئي انهن جي ميمبرن ۽ چيئرمين کي جج جا اختيار ڏئي ڇڏيا-جيڪي مزدورن ۽ مل مالڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ فساد به ڪميشن جي صورت ۾ حل ڪندا هئا ته جيئن ملڪ جي صنعتي شعبي ۾ مزدورن کي ترت انصاف ملي سگهي. اڳتي هلي انهن ادارن ۾ مزدورن سان وڏا ويل وهايا ويا. ڪنهن به اداري ۾ ڪيتريون ئي ٽريڊ يونين رجسٽر ٿي سگهنديون هيون ۽ ان اداري ۾ هڪ يونين رجسٽر ٿي ۽ ٻئي نه ٿي ته ان اڪيلي يونين کي سي بي اي جو سرٽيفيڪيٽ جاري ٿيندو هيو.
COLLECTTIVE BARGAINING AGENT (CBA) ڇا آهي؟
پر جي هڪ کان وڌيڪ ادارن ۾ يا فيڪٽرين ۾ يونين رجسٽرڊ هوندي ته پوءِ اليڪشن ڪونه ٿيندي بلڪه يونينن جي وچ ۾ ريفرينڊم ٿيندو هيو. اهي هڪ کان وڌيڪ جيتريون به يونينون هونديون اهي سڀ ريفرينڊم ۾ وينديون. هاڻي هر يونين جي اندر قيادت چونڊڻ جي اليڪشن وري ليبر کاتو يا نيشنل انڊسٽريل رليشنس ڪميشن ڪونه ڪرائيندا. بلڪه اهي پنهنجي يونين جي ميمبرن جي بنياد تي پنهنجي قيادت پاڻ چونڊي ان جي اليڪشن جي ڪاروائي ۽ نتيجا ليبر کاتي يا نيشنل انڊسٽريل رليشنس ڪميشن کي موڪليندا هئا. اهي کاتا وري انهن جي ميمبرن وچ ۾ طريقيڪار تي ٿيندڙ اليڪشن کي مڃيندا ۽ انهن کي سندن يونين جي عهديدارن جي لسٽ منظور ڪري کين اطلاع لاءِ ڪاپي ڏيندا ته اوهان-جيڪو پنهنجي يونين جي اليڪشن جو رزلٽ ڏنو آهي ته سرڪاري اداري، جنهن وٽ اها يونين رجسٽرڊ آهي، کي منظور ڪيو. هاڻي اهي عهديدار ان يونين جا قانوني نمائندا هوندا. اهڙي ريت جيتريون به يونينس هونديون انهن سڀني جو ساڳيو طريقيڪار هوندو. هاڻي ٻيو مرحلو اهو آهي ته ڪهڙي يونين هوندي جيڪا اداري جي سربراهه يا انتظاميا سان بارگيننگ ڪري؟ ان لاءِ لاڳاپيل اداري جي سڀني يونينن جي وچ ۾ ريفرينڊم چيلنج ڪيو ويندو آهي. ان جو طريقيڪار اهو هوندو آهي ته هر اداري ۾ پهريان هڪ يونين رجسٽرڊ ٿيندي هئي ته ان کي هڪ يونين جي بنياد تي سي بي اي جو سرٽيفيڪيٽ ملندو هيو ۽ ان کي انتظاميه سان ڳالهه ۽ چارٽر آف ڊمانڊ جو قانوني حق حاصل هوندو آهي ۽ متعلقه انتظاميه چارٽر آف ڊمانڊ جي ان يونين سان ٽيبل تي ويهي ”ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو“ جي بنياد تحت معاهدو ڪندا آهن. اهو به ٻن سالن تائين قابلِ قبول هوندو آهي. اهو ته ٿيو يونين جي چونڊ جو طريقيڪار ليڪن هڪ کان وڌيڪ يونينون هونديون ته انهن ۾ ريفرينڊم ٿيندو آهي. اهو ووٽ عهديدار کي نه، مگر يونين کي ملندو آهي. هر يونين کي هڪ مخصوص نشان ملندو ۽ هر ميمبر (مزدور) ان نشان کي ووٽ ڏيندو. پوءِ اڪثريتي ووٽ کڻندڙ يونين وري سي بي اي جو درجو ماڻي وٺندي. انهن جا عهديدار خودبخود سي بي اي جي يونين جي قيادت ڪندا. ۽ قانوني طرح چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪندا. ان کان علاوه روزمره جي مزدورن جي معاملن تي وقت به وقت انتظاميه سان ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهن. اهو آهي سي بي اي، ايسوسيئيشن ۽ يونين جو ڪم.
مون 1987ع ۾ ٽريڊ يونين کي سمجهڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. سنڌي بلوچ ويلفيئر ايسوسيئيشن (سبيوا) جو صدر ٿيڻ ڪري پراڻن ۽ نون ملازمن ۾ ڪافي جوش ۽ جذبو هيو. انهن ۾ هڪ اميد ۽ آس پيدا ٿي ته منهنجي قيادت ۾ چونڊجي آيل نئين پينل ۾ ڪافي سگهه به پيدا ٿي. هاڻي مان به زندگي جي 30 سالن جي عمر ۾ قدم رکي چڪو هيس. زندگي جي تلخ ترين مرحلن سان مهاڏو اٽڪائي چڪو هيس. ”سورن سنڌا ڪرڻ“ شروع ڪيا ۽ سکن ڏانهن وکون کڻڻ جو آغاز ٿي چڪو هو، هاڻي منهنجي ذميوارين ۾ اضافو ٿيندو ويو. گهر جون ذميواريون-ڇو ته شادي به ٿي چڪي هئي ۽ هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جي صورت ۾ اولاد به رب سائينءَ عطا ڪيو هئو. اسٽوڊنٽ سياست کان پوءِ قومپرست سياست جو رخ ڦري مزدور سياست يا ٽريڊ يونين طرف ٿي ويو هو.
ٽريڊ يونين جو جائزو
مون جائزو ورتو ۽ محسوس ڪيو ته ”سبيوا“ جنهن به يونين جي حمايت ڪري ٿي ته بدلي ۾ اهي وري سنڌين کي ايتري خاص اهميت نه ڏيندا هئا ۽ اهم پوسٽون به نه ڏيندا هئا. يونين ۾ هميشه ٽي سيٽون اهم هونديون هيون؛
• صدر
• جنرل سيڪريٽري
• خزانچي
ڇوته فنڊن وغيره لاءِ بئنڪ ۾ اڪائونٽ هوندا هئا ۽ چيڪن تي اڪثر ڪري انهن ٽنهي جي صحيح هلندي هئي. انهن ۾ خزانچيءَ جي پوسٽ اڃا به وڏي هوندي هئي ۽ اهم فيصلن ۾ سندس اتحاد کان سواءِ هو مشڪل ۾ اچي ويندا هئا پر ”سبيوا“ جنهن سان به اتحاد ڪندي هئي ان کي ٽنهي سيٽن کان هميشه پري رکيو ويندو هيو ۽ اسان وارا يار نائب صدر يا ڊپٽي جنرل سيڪريٽريءَ جهڙن عهدن تي ئي راضي ٿي پوندا هئا. انهن عهدن جي حيثيت، خانه پوريءَ واري هوندي هئي ۽ بس! کين ايتري اهميت هئي جو پنهنجو ڪو ڪم وغيره سولو ڪندا هئا مگر تنظيمي معاملن ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهندا هئا.
اسٽيٽ بئنڪ ۾ ٽريڊ يونين جو باقاعده آغاز به ڀٽي صاحب جي اصلاحات جي ڪري ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ جي هڪ برانچ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ٽريڊ يونينون رجسٽرڊ هونديون هيون. مثال طور تي ڪراچيءَ جون چار-پنج يونينون رجسٽرڊ هونديون هيون. انهن ۾ به ”ڪلريڪل يونين“ الڳ ته وري ”نان ڪلريڪر يونين“ الڳ هونديون هيون. اهي به وري هڪ کان مٿي هونديون هيون. انهن جو ريفرنڊم به الڳ ٿيندو هيو. انهن جي چارٽر آف ڊمانڊ تي اڪثر چيف مينيجر ڳالهائيندو هيو، معاملا طي ڪري هيڊ آفيس مان منظوري وٺندو هيو. باقي چيف مينيجر وٽ مٿان جي منظوريءَ کان سواءِ ڪوبه اختيار نه هوندو هيو. اهڙي ريت اسٽيٽ بئنڪ جي 16 برانچن ۾ الڳ يونينون رجسٽرڊ هونديون هيون. وري هيڊ آفيس جي يونين الڳ ته ڪراچي آفيس جون يونينون الڳ هونديون هيون. اهڙي ريت هڪ ئي وقت 17 سي بي ايز هونديون هيون. يعني هر يونين پنهنجو مطالبو مقامي سطح تي ڪري سگهندي هئي. پوءِ طاقت ورهائجي ويندي هئي ۽ سڀ وڃي انتظاميا جي بغل ۾ ويهندا هئا ۽ ذاتي مفاد پورا ڪندا هئا. هڪ ٽريڊ يونين ۾ عهديدارن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ 20 ۽ وڌ ۾ وڌ 30 هوندو هيو. جنهن کي ايگزيڪٽو ڪميٽي چوندا هئا. ايئن 17 سي بي اي ۽ شڪست کائيندڙ يونينن جو ڳاڻيٽو 50 کان مٿي هوندو هيو. هر آفيس ۾ ٻه يونينون رجسٽرڊ هونديون آهن مگر ڪراچي ۽ لاهور ۾ تقريبن 20 ٽريڊ يونينون رجسٽرڊ آهن. اهڙي ريت 50 يوننين جي عهديدارن کي گڏ ڪبو ته 1500 ٽريڊ يونين جا عهديدار ٿين ٿا. اهي وري مزدورن جي نمائندي لاءِ ڀڃ ڊڪ ڪندا هئا. انهن ۾ جيڪي سڀ يونين جا عهديدار سي بي اي جي حيثيت ۾ هوندا هئا اهي به تقريبن 300 هوندا هئا. ايئن بئنڪ انتظاميا اسٽيٽ بئنڪ جي ٽريڊ يونينن ۽ سي بي اي کي مفلوج ڪري پنهنجي اشاري تي هلائيندي هئي. انهن سڀني سينٽرن (برانچن) تان وري چونڊيل سي بي اي وارن هڪ مرڪزي فيڊريشن تشڪيل ڏني. جنهن جي قيادت اڪثر ڪري ڪراچي، لاهور، پشاور، پنڊي، فيصل آباد ۽ ڪوئيٽا وارا ڪندا هئا. مگر فيڊريشن جون اهم پوسٽون ڪراچي ۽ لاهور وارن وٽ هونديون هيون. مطلب ته وڏو بحران خود ٽريڊ يونين وارن ۾ هوندو هيو. اهي پاڻ ۾ ئي ڪونه ٺهندا هئا ته ٻين جا وري ڪهڙا مسئلا حل ڪرائيندا؟ انهن سڀني ڳالهين ۽ معاملن کي سمجهڻ ۾ مون کي 4 سال لڳي ويا. ان کان بعد مان هر مسئلي کي سمجهي ۽ ڳالهائڻ جي قابل بڻجي ويس.
مان پنهنجي تنظيم ”سبيوا“ ۾ اها راءِ رکي ته اسين هميشه ٻين يونينن جي پليٽفارم تان محتاجي ۽ مجبوريءَ واري سياست ڪئي آهي. هڪ ته ايم ڪيو ايم وارا کٽي ٿا وڃن. ان ڪري اسين سدائين حزب اختلاف ۾ ۽ مزي جي ڳالهه ته ان ۾ به اسين ڪمزور پوزيشن تي آهيون. مٿي بيان ڪيل ٽن اهم سيٽن مان هڪ به اسان کي نه ٿي ملي. پراڻا ”سبيوا“ وارا دوست چوندا هئا ته اسان وٽ پنهنجي يونين ڪونه آهي. ان ڪري مجبوريءَ ۾ هو جيئن چون ٿا ته اسان کي ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ناهي سو اهو ڪرڻو ٿو پوي. پوءِ مون چيو ته ان مجبوريءَ مان ڪيئن نڪرجي؟ ان تي دوستن چيو ته پنهنجي ٽريڊ يونين جو رجسٽر ڪرائڻ ضروري آهي. مان پراڻن سبيوا جي ملازمن کان پڇيو ته اوهان وٽ 600 کان مٿي ميمبر آهن ۽ چند ماڻهن کي ڇڏي ڪري اڪثريت اسان سان گڏ آهي ته پوءِ اوهان 1973ع کان وٺي 1990ع تائين ان لاءِ ڇو ڪجهه نه ڪيو؟ ان تي پراڻن ساٿين چيو ته اوهان نوان نوان آيا آهيو هن ملڪ جي پورهيت کاتي (ليبر ڊپارٽمينٽ) جو حال اهو آهي ته اهو ٺهيو ته مزدورن جي ڀلائي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ليڪن اهي به مزدورن سان اهڙو سلوڪ رکن ٿا جهڙو فيڪٽري مالڪان ۽ وفاقي ادارن جي انتظاميا سلوڪ روا رکندي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي طرفان وس ڪيو مگر ان جي باوجود اسان جي ٽريڊ يونين رجسٽرڊ نه ٿي سگهي. مان انهن کي چيو ته مان اوهان کي اها يونين رجسٽرڊ ڪري ڏيکاريندس. ان جو صرف هڪ فائدو اهو هيو ته اسان کي رجسٽرڊ پليٽفارم ملندو جنهن جي بنياد تان اسان پنهنجو مؤقف بنا ڪنهن خوف جي بيان ڪري سگهون ٿا. ان ۾ انتظاميا جو ڪو به آفيسر بنا ڪنهن سبب جي تنگ نه ڪري سگهندو. ويلفيئر ايسوسيئيشن جيئن ته رجسٽرڊ ڪونه هوندي هئي ان ڪري اهي پنهنجو مؤقف پيش ڪندي ڊڄندا هئا. ڇو ته اسان سنڌين ۽ بلوچن خلاف صرف انتظاميا مخالف نه هوندي هئي بلڪه مهاجر ۽ پنجابي به مخالف هوندا هئا. ٻيو وڏو فائدو اهو ٿيڻو هيو ته اسان ان پوزيشن ۾ اينداسين ته پنهنجي پليٽ فارم جي موجودگي ۾ ٻين ٽريڊ يونينن جي اڳواڻن سان پنهنجي مرضيءَ مطابق ڳالهه ٻولهه ڪري سگهنداسين. جي يونين نه آهي ته پوءِ انهن يونين وارن جي مرضي ڀلي اسان کي پنهنجي باڊيءَ ۾ ڪا چڱي جاءِ نه ڏين ته ان صورت ۾ به انهن جي رحم و ڪرم تي. انهن کي اهو اختيار هوندو هيو ته ريفرنڊم ۾ بيهندڙ ڪهڙي يونين جي حمايت ڪيون ٿا پر جي پنهنجو پليٽ فارم هوندو ته پوءِ جي ڪنهن ڌر سان ٺاهه نه ٿئي ته اسان پنهنجي پليٽ فارم تان ريفرينڊم ۾ حصو وٺي ٿي سگهياسون. اهي سڀ ڳالهيون شدت سان ياد ڪندي مان پنهنجي سموري ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪري ليبر کاتي وٽ رجسٽريشن لاءِ ويس. اتي خبر پئي ته ليبر ڊائريڪٽر، غلام علي شاهه پاشا آهي جيڪو منهنجي دوست امتياز علي شاهه (هاڻ پي آءِ اي ۾ آهي) جو عزيز هيو. مان امتياز کي سفارش لاءِ چيو ان جي سفارش تي سائين غلام علي شاهه دلچسپيءَ سان منهنجي مدد ڪئي ۽ هڪ مهيني جي وقت ۾ جيڪو وقت ليبر کاتي جي نوٽيس وغيره لاءِ گهربل هئو ان دوران ئي يونين رجسٽرڊ ڪري ڏني. اسان ان يونين جو نالو ”ڊيموڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي“ رکيو. ان يونين جو پهريون صدر مان ۽ جنرل سيڪريٽري غلام شبير سومرو (جيڪو ويجهڙ ۾ ڊپٽي چيف مينيجر ڪوئيٽا جي منصب تان رٽائر ٿيو آهي) ٿياسين. اسان جي يونين جي رجسٽريشن سنڌي ۽ بلوچ ملازمن ۾ اها اميد پيدا ڪئي ته هاڻي اسان جي سنڌين جو ڪجهه تحفظ ٿي سگهندو.
ان کانپوءِ اسان پنهنجي پليٽ فارم تان سرگرمين جو آغاز ڪيو. هاڻي مون سبيوا جي صدارت به ڇڏي ڏني هئي ڇو ته يونين جو ڪم تمام گهڻو هيو. هاڻي منهنجي نظر اسٽيٽ بئنڪ جي سي بي اي تي هجي ۽ نيٺ 1994ع جي ريفرينڊم جي تاريخ به آئي اسان پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ ڪامياب وياسين. اسان ايم ڪيو ايم مخالف جماعتن کي چيو ته صدر يا جنرل سيڪريٽري مان ڪا هڪ پوسٽ ڏيو.
هاڻ سڀئي يونينون جيڪي هن ٺاهه تحت اسان سان اتحاد ته ڪن پيون مگر انهن لاءِ مسئلو پيدا ٿي پيو ته اسان صدر يا جنرل سيڪريٽريءَ جو عهدو سنڌين کي ته ڏيون پر هنن وٽ ته ٻه يونينون ٿي پونديون هڪ سبيوا ۽ ٻي اسان جي. اسان چيو ته اسان کي دوستن سان مشوري جو ٽائيم ڏيو. ان کان بعد ۾ اسان يونين جي عهديدارن ۽ سبيوا جي گڏجاڻي گهرائي. فيصلي جو اختيار ته سبيوا جي قيادت کي هيو مگر انهن کي اسان جي فيصلي کي مدنظر رکڻو هيو. مون جڏهن سبيوا جي صدارت سنڀالي ته جنرل سيڪريٽري سبيوا جي پراڻن عهديدارن مان غلام شبير سومرو هيو جڏهن ته هاڻي يونين جي چونڊن ۾ به اسين ٻئي ساڳين عهدن تي پهتاسين.
ٽريڊ يونين ۾، جنرل سيڪريٽريءَ جي حيثيت اهم هوندي آهي. ڇو ته سموري رڪارڊ ۽ خطن پٽن تي اهو ئي صحيح ڪندو آهي. ان ڪري مون کي پڪ هئي ته يونين وارا جڏهن ٺاهه ڪندا ته جنرل سيڪريٽريءَ جي پوسٽ جي گهر ضرور ڪندا. ان ڪري اسان ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ته اگر هو جنرل سيڪريٽريءَ جي گهر ڪندا ته غلام شبير سومرو پنهنجي سيٽ خالي ڪندو اگر صدارت گهرندا ته محمد خان ابڙو صدارت ڇڏيندو. اسان ان فيصلي سان، سبيوا جي قيادت کي اختيار ڏنو ته هو جيڪو فيصلو ڪندا اهو مون کي قبول هوندو. ڇاڪاڻ ته يونين کي رجسٽر ڪرائڻ وارو شخص مان هيس اگر مان ڪو ضد ڪرڻ چاهيان ها ته مان ڪري پئي سگهيس مگر مون کي پنهنجي قومي تشخص کي اڳتي آڻڻو هيو.
انهن اسان کان، اسان جي يونين جي جنرل سيڪريٽريءَ جي سيٽ گهري. اسان جي دوستن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهن کي صدارت تي راضي ڪيون مگر هو پنهنجي گُهر تي قائم رهيا. ايتري قدر جو تيستائين ڳالهه ٻولهه بند ٿي وئي. آخرڪار اسان جي پراڻن دوستن انهن کي جنرل سيڪريٽريءَ جي سيٽ ڏئي ريفرينڊم، ”ڊيمو ڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ڪراچيءَ“ جي پليٽ فارم تان وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. ان جو لکت ۾ به ٺاهه ڪيو ويو. اسين جنرل سيڪريٽريءَ جي پوسٽ ۽ ٻيون سيٽون هنن کي ڏنيون. هاڻي وري سبيوا وارن هڪ ٻيو مسئلو کڙو ڪيو ته غلام شبير سومرو جنرل سيڪريٽريءَ جي سيٽ خالي ڪندو ته محمد خان ابڙو به صدارت جي سيٽ خالي ڪندو ۽ ان تي وري غلام شبير سومرو ايندو. ان تي مون چيو ته مان اوهان جي فيصلي سان متفق ناهيان. ايئن چئي مان گڏجاڻيءَ مان اٿي هليو آيس. هو ته آخري ڪارڊ پيا کيڏڻ چاهين. اسان جي قوم ۾ سهپ گهٽ، انا، ضد ۽ ساڙ وڌيڪ آهي. ان ڪري انهن کي ٻئي ڪنهن جو اڳتي وڌڻ بنهه نه وڻندو آهي. انهن پراڻن دوستن منهنجي محنت ۽ جستجوءَ کي اڃا تائين هضم نه ڪيو. مگر انهن کي مان هڪ ڳالهه ڪئي ته اگر اڳئين ڌر کي صدر جو عهدو ڏيو ته مان هاڻي ئي هٽڻ لاءِ تيار آهيان باقي اگر اوهان غلام شبير جي جنرل سيڪريٽري شپ نٿا بچائي سگهو ته مونکان ڇو پيا استعيفيٰ ڏياريو؟ هنن جو چوڻ هيو ته يونين، سبيوا جي آهي ۽ سبيوا جو هر فيصلو قبول ڪرڻو پوندو. مون چيو ته اوهان سموري زندگيءَ ۾ يونين رجسٽرڊ نه ڪرائي سگهيا. يونين رجسٽرڊ ڪرائيندڙ اڪيلو مان آهيان. اوهان کي جيڪڏهن پنهنجو صدر ڪرائڻو آهي ته پوءِ اوهان پنهنجي يونين تان اليڪشن وڙهو. اسان جي يونين کي ريفرينڊم نه ويڙهايو. انهن اها به ڪوشش ڪئي ته اسان جو صدر غلام شبير اگر عهدو خالي نه ٿو ڪري ته پوءِ اوهان پنهنجي يونين ۾ صدر جو عهدو ڏيو ته ان تان ريفرينڊم وڙهؤن. ان لاءِ کين جواب مليو ته ايئن ڪونه ٿيندو. يونين اوهان واريءَ تان وڙهبو ۽ جنرل سيڪريٽري شپ جو عهدو ڏيو باقي ٻيا عهدا اوهان ڪيئن ٿا ورهايو اهو اوهان جو اختيار آهي. اسان ان ۾ ڌر ڪونه ٿينداسين.
هاڻي سبيوا وارا پريشان آهن ته هتي هو ڪونه پيا مڃن ۽ هتي وري مان نابري واري ويٺو هيس. مؤقف چٽو هيو ته اگر هو صدر جي سيٽ نه ٿا وٺن ته پوءِ پنهنجي دوست لاءِ سيٽ ڇو خالي ڪيان؟ انهن سوالن جا هنن وٽ جواب ڪونه هئا. سواءِ ان جي ته اهو سبيوا جو مسئلو آهي. مان معذرت ڪندي چيو ته آئون به کين ايئن ڪرڻ ڪونه ڏيندس. وري هنن دوستن وڃي ٻئي ڌر کي چيو ته اوهان محمد خان ابڙو تي اعتراض ڪيو. هنن ايئن ڪيو. انهن کي مون تمام گهڻي سختيءَ سان جهليو ته اوهان کي ڪوبه حق ڪونه آهي. اوهان پنهنجي يونين تان وڙهو مان هاڻي اوهان جي حوالي پنهنجو پليٽ فارم (ڊيموڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ڪراچي) ڪونه ڪندس. مان انهن دوستن جو ذڪر به ڪيان ٿو جن تي مون ايترو لکيو آهي: انهن ۾ غلام شبير سومرو، منظور شاهه، الطاف شيخ، غلام سرور پنوهر، اسماعيل کوسو سرفهرست هئا. بلوچن ۾؛ عثمان بلوچ ۽ غلام رسول بلوچ نه پئي چاهيو ته هي اڳتي وڌي ڇو ته کين ذاتي تشخص لاءِ خطرو نظر پئي آيو پوءِ انهن سڀني ٺاهه ڪندڙ يونين کي به استعمال ڪيو. منهنجو مؤقف مضبوط ۽ وزنائتو هيو ته سبيوا ۽ ٻين ڌرين کي اگر ڪو اعتراض آهي ته صدر جي عهدي تي انهن کي آڻيو پوءِ ڀلي غلام شبير سومرو جنرل سيڪريٽري رهي. نه ته مان پنهنجي فيصلي تي اٽل آهيان، مون کي ڪير به منهنجي مقصد کان پوئتي نه ٿو هٽائي سگهي. آخرڪار سڀ ڌريون ۽ سبيوا به مجبور ٿي منهنجي مؤقف جي تائيد ڪئي. اهڙي ريت صدارت مون وٽ رهي ۽ اسان گڏجي ايم ڪيو ايم جي يونين خلاف اليڪشن وڙهي. جيڪا اسان صرف 60 ووٽن جي فرق سان هارائي. خير اهو مقابلو ته ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ان کان بعد مان ان فڪر ۾ لڳي ويس ته ڪنهن به طريقي سان هنن جو اسٽيٽ بئنڪ جي يونين ۾ مقابلو ڪجي. ان لاءِ منهنجي يونين ”ڊيموڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ڪراچي“ پنهنجو جنرل سيڪريٽري ڊگهڙيءَ جي پنجابي سيٽلر لياقت علي ساهي جيڪو چٽي ۽ واضح سنڌي ڳالهائيندو هيو، مگر اندروني طور پنجابين سان ويجهو هيو. سياست جي مجبوريءَ جي ڪري سو گڏ هلندو هيو ۽ ٻئي طرف اسان به اڪيلي سر ايم ڪيو ايم جي دهشت جو مقابلو ڪونه ٿي ڪري سگهياسين ۽ ان قسم جي مجبورين سبب ننڍن مخالفن سان گڏجي هلڻ جو طي ڪري اڳتي وڌيس. اهڙيءَ ريت منهنجي لياقت علي ساهيءَ سان آهستي آهستي ويجهڙائپ شروع ٿي. هڪ يونين۾ رهندي اهو ضروري هيو ته پاڻ ۾ ڪنهن حد تائين هم آهنگي پيدا ڪجي، جيڪا ڪنهن حد تائين قائم به ٿي. ان دوران مون پنهنجو مؤقف چٽو ۽ واضح رکيو. مان لياقت ساهي کي سڌو چيو ته مان ڪنهن به ريت قومي مفادن ۽ ملازمن جي تڪليف تي پوئتي ڪونه هٽندس ۽ نه ئي وري توکي ڪنهن اهڙي ڪم جي اجازت ڏيندس. ان ڪري اگر پنهنجي رويي کي مثبت رکندين ته يونين کي فائدو ملندو. هن به ايئن ئي ڪرڻ ۾ پنهنجي بهتري سمجهي. اهڙي ريت هن جي ذهن۾ سنڌي ملازمن لاءِ اڳواٽ موجود رويو به آهستي آهستي بدلجڻ لڳو. هن واعدو ڪيو ته پاڻ ڏک ۽ سک ۾ گڏ هونداسين. هو انتهائي چالاڪ هيو. هاڻي ٿيو ايئن ته اسان جي يونين جي باري ۾ مشهور هيو ته اها سبيوا جي يونين آهي. مگر مون کي اهو خطرو هميشه رهندو هيو ته هن يونين تي انهن جي اڪثريت جي ڪري قبضو به ٿي سگهي ٿو.
نيٺ فيلڊ ۾ اسان جي مخالف کٽيندڙن ليبر يونين جي ڀرپور مخالفت ڪئي ۽ حزبِ اختلاف جو ڪردار ادا ڪيو. هتي اها ڳالهه ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ته مٿين سڀني ڳالهين جي باوجود هڪ ڳالهه مون ۽ لياقت ساهيءَ ۾ مشترڪ هئي ته اسان ٻئي ايم ڪيو ايم جا ڪٽر مخالف هياسين. ان معاملي ۾ هن ڪابه ٻٽي پاليسي نه رکي. اهو ئي اهم سبب هيو جو اسين هڪ ٻئي جي ويجهو ٿياسين ۽ آخر تائين ڪا هڪ به خبر اهڙي سامهون نه آئي ته هن ڪڏهن به ايم ڪيو ايم سان ڪو ڳجهو رابطو رکيو! بهرحال اسان ٻئي ايم ڪيو ايم جا انتهائي حد تائين مخالف رهياسين. ٻئي طرف هارائڻ جي باوجود اسان متحرڪ هياسين. ان کان بعد سي بي اي ۽ انتظاميا ملي ڀڳت ڪري اسان جي خلاف انتقامي ڪارروايون تيز ڪيون. غلطيءَ سان اسان کان هڪ سرڪيولر نڪري ويو. جيڪو انتهائي خطرناڪ هيو. اهو گورنر جي ڪنهن سيڪريٽريٽ معاملي تي هيو. اهو وري اسان کي خفيا طور تي انتظاميا جي هڪ آفيسر ٻڌايو هيو. اسان به سرڪيولر ۾ لکي ڇڏيو ته ان عمل ڪري اسان جي خلاف هڪ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي وڃي، جنهن ۾ هڪ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ 6 ڊائريڪٽر مقرر ٿيا پوءِ ان انڪوائريءَ کي مون ذاتي طور سيد عبدالله شاهه-جيڪو 1996ع تائين وزيراعليٰ سنڌ هيو کان سفارش ڪرائي روڪرائي ڇڏيو. جيڪو هڪ وڏو داستان آهي. ان بابت ڪنهن مناسب جاءِ تي تفصيل سان لکبو. بهرحال اها حقيقت آهي ته سيد عبدالله شاهه پاران ڀرپور مدد ملڻ ڪري اسان جون نوڪريون بچي ويون.
*
باب يارهون: پيپلز پارٽيءَ سان ويجهڙائيءَ جا اسباب ---
پيپلز پارٽيءَ سان ويجهڙائيءَ جا اسباب
سائين جي ايم سيد کان پوءِ قومي تحريڪ تي مفاد پرستن جو غلبو قائم ٿي ويو، سواءِ چند ماڻهن کي ڇڏي، اهي به مون وانگر خاموش ٿي ويا ڪوبه بااصول ماڻهو نظر نه آيو. سڀني پنهنجن مفادن جي بقا لاءِ جستجو پئي ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو آئون پ پ جي ويجهو ٿيس، ان تي مان ڪڏهن مڪمل لکندس ۽ قومي تحريڪ جي نالي تي ڪهڙن ليڊرن ويساهه گهاتي ۽ دوکا ڪيا، اهي به سنڌي قوم جي اڳيان آڻيندس.
ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڳوٺ قائم ڪرڻ
ايم ڪيو ايم مان نجات حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي
مون لياقت ساهيءَ کي چيو ته ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪر. مان يونين رجسٽر ڪرائيندس ته هن وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته تون هن وقت هن صدي جي سڀ کان وڏي مذاق ڪري رهيو آهين. هي انتهائي ناممڪن ڪم آهي. ان تي مون چيو ته ”ڊيموڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي“ به ته مون ئي رجسٽر ڪرائي هئي. جيڪو عمل پڻ ان وقت ناممڪن هيو. ان تي هن جواب ڏنو ته هي ان کان ڏهوڻو مشڪل ڪم آهي. مون پڇيو ته ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو ته ان تي چيائين ته اسٽيٽ بئنڪ جي هر برانچ مان ميمبرشپ گهرجي. ان لاءِ سڄو ملڪ گهمڻو پوندو. ان لاءِ اسان سڄي پاڪستان جي سينٽرن تي وياسين مگر مايوس ڪن صورتحال هئي جو ڪوبه ميمبرشپ فارم ڀرڻ لاءِ تيار نه هيو.
مان راولپنڊي سي بي سيءَ جي صدر غلام فاروق کي منٿ ڪئي ته ان جي زير اثر چئن سينٽرن جي ميمبرشپ ملي وئي. يونين لاءِ شرط هيو ته گھٽ ۾ گھٽ ٻن صوبن ۾ ميمبرشپ هجي. اهڙي ريت اسان اهو شرط به پورو ڪري اسلام آباد هليا وياسين. اتفاق سان اسيمبليءَ جو سيشن به هلندڙ هجي. مون اسيمبلي ۾ وڃي ملڪ اسد سڪندر سان ملاقات ڪئي. هن مون کي چيو ته مون محترمه بينظير ڀٽو کان ملاقات لاءِ وقت گھريو آهي. ساڻس ملاقات ٿئي ته هن کان ڪنهن کي چورايان؟ ان جا تفصيل لکي ڏي؛ تنهن تي مون چيو ته نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين رانا شوڪت محمود کي چورائڻو آهي. هو پ پ پنجاب جو صدر به رهي چڪو هيو ۽ هن کي چيئرمين به محترمه ڪرايو هيو. اگر هو چاهي ته بنا ڪنهن نوٽيس جي يونين کي رجسٽر ڪري سگھي ٿو. ملڪ صاحب ان دوران آصف علي زرداري صاحب سان مليو ۽ کيس چيو ته محترمه کان ملاقات لاءِ وقت وٺي ڏيو. زرداري صاحب ڪم پڇيس ته هن مون وارو ڪاغذ هن جي حوالي ڪيو. ان وقت ئي هن رانا شوڪت کي ٽيليفون ڪئي ۽ مون لاءِ هڪ خط ورتو، جيڪو رانا ڏي لکيل هيو. ان ۾ زرداري صاحب لکيو ته محمد خان ابڙو اوهان ڏي اچي رهيو آهي. هن جو هر حال ۾ ڪم ڪرڻو آهي. مون اهو خط لياقت ساهيءَ کي ڏنو. هن چيو ته چيئرمين هن وقت لاهور ۾ آهي. مان ان سان ملڻ وڃان ٿو. اوهان هتي اسلام آباد ۾ ئي ترسو. متان ضرورت پوي ته اوهان ڪال ڪرائي وٺجو.
لياقت ساهي اهو خط کڻي لاهور روانو ٿي ويو. اتي هو چيئرمين؛ رانا شوڪت محمود صاحب سان مليو. هُن چيس تون ته ابڙو ڪونه آهين. ان تي لياقت چيس ته اهو اسلام آباد آهي. ان مون کي موڪليو آهي. ان تي رانا چيو ته ٺيڪ آهي. مان اوهان جي درخواست قبول ڪيان ٿو. توهان وڃي رجسٽرار وٽ وجسٽريشن ڪرايو. هن ايئن ڪيو ۽ مون کي فون ڪيائين ته ڪم ٿي ويو. رانا شوڪت اوهان سان ملڻ چاهي ٿو. ان ڪري اوهان به لاهور اچو. اميد ته صبح تائين سرٽيفيڪيٽ ملي ويندو. ان تي مون چيو ته صبح جو ڇو؟ اڄ ئي ڪم ڪرايو. روانگيءَ وقت مان هن کي هڪ لک روپيه به ڏنا هئا ته ضرورت وقت ڪم ايندئي، تون رجسٽريشن ڪرائي ڇڏ. ان تي هن چيو ته ان جي ڪهڙي ضرورت آهي. اسان جو ڪم هونئن ئي ٿي ويو آهي. رجسٽرار ڀلي ڪاغذ چيڪ ڪري ۽ صبح جو سرٽيفيڪيٽ ڏي.
رجسٽريشن جو واقعو
بهرحال مان پنهنجي ان ڪاميابيءَ تي تمام گھڻو خوش هيس جو اسان جي پهرين دفعي اسلام اباد وڃڻ سان ئي اسان جي يونين رجسٽرڊ ٿي. جيڪا اسٽيٽ بئنڪ جي ٺهڻ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي طرفان نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن ٺاهڻ کان وٺي ڪابه قيادت اها يونين ملڪي سطح تي ڪونه قائم ڪري سگھي. اها منهنجي وڏي ڪاميابي هئي.جنهن تي ”سبيوا“ وارن جشن به ملهايو.
هاڻي ايندڙ مرحلو ريفريڊم جو هيو. 1995 ۾ اسان کي رجسٽريشن ملي. اسان اين آءِ آر سي ۾ ريفرينڊم چئلينج ڪيو. سترهن يونينون اسان جي خلاف اچي گڏ ٿيون. انهن هڪ قانوني نقطو اهو به اٿاريو ته پهريان اسٽيٽ بئنڪ کي ڪليڪٽو بارگيننگ ايجنٽ ڊڪليئر ڪيو. هن اداري ۾ برانچ سطح تي 17 يونينون ڪم ڪري رهيون آهن. ان دوران پ پ جي حڪومت وڃي چڪي هئي. ايسيتائين مخالفن به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلو چئلينج ڪيو! پر جيئن ته چيئرمين نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن هڪ آئيني عهدو آهي اهو موجود هيو. ان کان بعد اسين اسٽيٽ بئنڪ کي سي بي اي جو درجو ڏيارڻ جو اسٽيٽس وٺي آياسين. هاڻي ريفرينڊم کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هيو. جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو ته پ پ جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي. ان ڪري اسان جي حمايت به ختم ٿي چڪي هئي. ان تي لياقت ساهيءَ چيو ته چيئرمين نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن رانا شوڪت محمود اوهان جو سٺو خيال ڪري ٿو. سو هلو ته ان سان ملون ٿا.
صبح جو نائين وڳي هن جي گھر پهتاسين. هو به نڪرڻ وارو هيو. اڃا گاڏي اسٽارٽ ٿي رهي هئي ته اسان وڃي السلام عليڪم ڪري ملياسين. ان دوران هن ملاقات ڀيري، هن جا تيور ئي ٻيا نظر آيا. انتهائي غصي جي حالت ۾ هيو. انتهائي رُکي انداز ۾ پڇيائين ته ڇا آهي؟ مون چيو ته؛ مان اسٽيٽ بئنڪ يونين وارو محمد خان ابڙو، شايد اوهان ڪونه سڃاتو! جواب ڏنائين ته سڃاڻان ٿو، ٻڌايو ته ڇو آيا آهيو؟
مون چيو ته سائين اوهان هاڻي صرف آرڊر ڪيو. ڪيس اوهان وٽ آهي. ڪافي دير ٿي چڪي آهي. هاڻي مهرباني ڪيو. هن غصي ۽ حقارت واري انداز ۾ چيو ته تو کي اهو اندازو آهي ته مان جج آهيان؟
مون چيو ته برابر سائين اوهان هاءِ ڪورٽ برابر جج آهيو. ان تي چيائين ته توکي همٿ ڪيئن ٿي ته هڪ جج تي دٻاءُ وجهي رهيو آهين. ان تي مون کي به ڪاوڙ لڳي ۽ چيو مانس ته راڻا صاحب مون اوهان جهڙو ڪم ظرف ماڻهو پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ نه ڏٺو آهي. پ پ حڪومت هوندي تون مون کي گھر ۾ رهائڻ لاءِ تيار هئين ۽ هاڻي اسان سان صحيح طرح سان ڳالهائين به نه ٿو. تون صفا بيڪار قسم جو ماڻهو آهين. ايئن چئي مان هن کي ٻڌڻ کان سواءِ ئي اچي پنهنجي گاڏي ۾ ويٺس. ان تي مون محسوس ڪيو ته لياقت ڏاڍو پريشان هيو ۽ مان بلڪل مطمئن هيس. ان تي هن چيو ته اسان کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ها. ان تي مون چيو ته اسين هي سڄو ڪم پنهنجي عزت جي لاءِ ڪيون پيا. اگر اها عزت ئي نه ملي ته اهو سون ئي گھوريو جيڪو ڪَن ڇني. ان تي هن چيو ته ڪورٽ ۾ جڏهن آواز اچي ته تون نه هلجانءِ. مون چيو ته مان ضرور ويندس. ان تي لياقت چيو ته ٿي سگھي ٿو جج اوهان کي توهين عدالت جي الزام ۾ لاهور جيل موڪلي. اها ته وڏي بي عزتي ٿي پوندي. مون چيو ته ڏسون ته انصاف جي مسند تي ڪيئن ٿو ڳالهائي؟!
بهرحال اسين ڪورٽ پهتاسين ته هو به چيمبر ۾ پهتو. ان دوران اسان کي به تڪڙو سڏ ٿي ويو. هن فائيل ڏسڻ کان سواءِ ئي مون ڏي نهاريو. هن جي نظر انتهائي خوفناڪ هئي. هو وحشي بگهڙ پئي ڀاسيو. ڪاوڙ جي انداز ۾ چيائين ته هاڻي ڳالهاءِ جيڪو تون گھر ۾ ڳالهائي آيو آهين. مان خاموش رهيس وري چيائين ته ڪڇين ڇو نه ٿو. آهستي آهستي هن جي ڪاوڙ وڌندي رهي. آخرڪار هن دانهن جي انداز ۽ ڪاوڙ ۾ چيو ته هي ٽوپي وارو (ان وقت مون کي سنڌي ٽوپي پهريل هئي) صبح منهنجي گھر آيو هيو. هن مونتي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي ڀِت وانگر خاموش بيٺو آهي. مون کي ان وقت لياقت، التجائي انداز ۾ خاموش رهڻ جو چئي رهيو هيو. جڏهن ته وڪيل به اشارن اشارن ۾ ڳالهائڻ کان منع ڪري رهيو هيو. بهرحال، هو ان تاڙ ۾ هيو ته مان ڪو هڪ به نقطو ڳالهايان ته هو مون کي جيل ۾ وجھي ڇڏي. ان وقت يونين جا حامي ۽ مخالف سڀ ويٺا رهيا. مان صرف ايترو ڪڇيس ته جج صاحب اوهان منهنجو ڪيس نه ٿا ٻڌي سگھو. هِن ان وقت ئي منهنجو ڪيس ٻئي جج کي منتقل ڪيو. جتي ڪجهه سرس خرچ آيو بهرحال 1999ع جي ريفرينڊم جي تاريخ ملي.
اسان ريفرينڊم لاءِ تمام گھڻي ورڪ ڪئي. ان ڪم لاءِ اسين لاهور، ملتان، فيصل آباد، بهاولپور وغيره پهتاسين. ان دوران لاهور يونين وارن نواز شريف جي سفارش هٿ ڪري ريفرينڊم کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن کان اسٽي آرڊر وٺي ريفرينڊم روڪرائي ڇڏيو. اسان کي اها خبر تڏهن پئي جڏهن اسين لاهور جي هڪ هوٽل ۾ جلسو ڪري رهيا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسين اليڪشن کٽڻ لاءِ پراميد هياسين ان ڪري هال ۾ هر ڪو روئڻ ۾شروع ٿي ويو. ان تي مون چيو ته ٿي سگھي ٿو ته ريفرينڊم به ٿئي ۽ اسان کي شڪست به اچي پوءِ به ڇا اوهان روئندا؟! اوهان همٿ ڪيو. اسين پنهنجي جدوجهد تان هٿ ڪونه کڻنداسين. اهڙي ريت هنن کي به ڀڄڻ ڪونه ڏينداسين. ۽ انهن ڏينهن ۾ اتفاق سان، پرويز مشرف نواز شريف کي هٽائي پاڻ اچي ملڪ جو مالڪ ٿي ويٺو ۽ اسان کي به ريفرينڊم جي تاريخ ملي وئي.
ان دوران سڀني سمجھي ورتو ته اسان ئي ريفرينڊم کٽي وينداسين. ان ڪري سڄي پاڪستان مان دوستن رابطا ڪيا. هاڻي اسان جي يونين جي سيٽن جي ورهاست جو مسئلو سامهون آيو. اها حقيقت هئي ته سڀ کان گھڻا ووٽ پنجابين جا هيا. ٻئي نمبر تي اردو ڳالهائيندڙ، ٽئين نمبر تي سنڌي ۽ بلوچ جڏهن ته چوٿين نمبر تي پٺاڻ ۽ هزاري وال هيا. هاڻي اهو ِضروري ٿي پيو ته ڪراچيءَ جي ٻن اهم عهدن مان هڪ عهدو لاهور کي ملي! جڏهن ته اسان جو جنرل سيڪريٽري به پنجابي هيو. ان ۾ لياقت ساهيءَ جي به ڪجهه ڪوشش هئي. ڇو ته هو سمجھهندو هيو ته اگر محمدخان ابڙي جي يونين، سي بي اي ۾ هلي وئي ته منهنجي يونين کي هلڻ ڪونه ڏيندو. جي صدر لاهور جو ٿيو ته آئون پنهنجي يونين ۾ يگانو هوندس. سڀ اختيار مون وٽ هوندا. سبيوا وارا ڪونه هيا. مگر منهنجو مؤقف چٽو هيو ته يونين منهنجي ڪري رجسٽرڊ ٿي آهي. سمورو ملڪ لتاڙيو اٿئون. پوءِ چار ڪيس وڙهي جڏهن ان لائق ٿيا آهيون ته هاڻي مون کي پنهنجي عهدي جي قرباني ڏيڻي پوندي؟! ان دوران لياقت ساهي، لاهور وارو ملڪ ارسلان ۽ ڪوئٽا وارو عبدالنبي آيا ته هڪڙو حل آهي. مون چيو ته ڪهڙو حل آهي؟ انهن چيو ته اسين توکي سرپرست اعليٰ جو عهدو ڏيون ٿا. مان هنن جي چال سمجھي ويو هيس. هنن کي اندازو ڪونه هيو ته جتي هُنن جي سوچ ختم ٿيندي آهي، اتان مالڪ جي ڪرم سان منهنجي سوچ شروع ٿيندي آهي. هنن سوچيو ته هن کي صرف زباني عهدو ڏينداسين. ان تي مون چيو ته منهنجا اختيار ڪهڙا هوندا؟ انهن چيو ته اوهان جيئن چونداتيئن ئي ٿيندو! جنرل باڊيءَ جي مٿان مون کي مقرر ڪيو ويو. هنن کي اهو پتو ئي نه پيو ته هنن ڇا ڪيو آهي. ڇو جو مان ان جي اهميت سمجھي ويو هيس. اهڙي ريت منهنجا مطالبا منظور ڪيا ويا. آئين ۾ ترميم ڪئي وئي. منهنجو اهو به شرط مڃيو ويو ته منهنجي هيٺان ڪوبه نائب نه هوندو. آخرڪار مان ”ڊيموڪريٽڪ ورڪرز يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان“ جو سرپرستِ اعليٰ چونڊجي ويس. عهديدارن جي فهرست ڪجهه هن ريت هئي.
سرپرستِ اعليٰ
• صدر_ پوءِ ان جي هيٺان پنج نائب صدر
• چيئرمين_پوءِ ان جي هيٺان ٽي وائيس چيئرمين
• جنرل سيڪريٽري_ پوءِ ان جي هيٺان پنج جنرل سيڪريٽري
• خزانچي_ ۽ڊپٽي خزانچي
• اطلاعات سيڪريٽري
• آفيس سيڪريٽري
• 27 ڪاروباري ڪميٽيءَ جا ميمبر
اسان جي 50 جي لڳ ڀڳ عهديدرارن تي مشتمل يونين هئي.
اهڙي ريت اسين 4 وڏن مطلب ته سرپرستِ اعليٰ جي اميدوار محمد خان ابڙي، صدر لاءِ ملڪ ارسلان خان (لاهور)، جنرل سيڪريٽري لياقت علي ساهي (ڪراچي) ۽ چيئرمين عبدالنبي بلوچ (ڪوئٽا) مان ڌڙا ڌڙ ورڪ ڪئي. ۽ سڄي ملڪ جو دورو پڻ ڪيو. مٿين اهم عهدن ۾ توازن پئدا ڪرڻ لاءِ چيئرمين جو عهدو پشاور وارا به گھري رهيا هئا ته ڪوئٽا وارا به ضد ڪري رهيا هئا. مگر منهنجي مؤقف ۽ ڪنهن حد تائين هوڏ جي ڪري هو مڃي ويٺا. آخرڪار 29 جنوري 2000 ع ۾ ٿيل ريفرينڊم ۾ اسان ڪاميابي ماڻي ۽ ايم ڪيو ايم کي دفن ڪري ڇڏيوسين. جنهن جو مان بئنڪ جوائن ڪرڻ وقت عزم ڪيو هيو.
گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي ٿُڏو!
مان ڪنهن به ريت پنهنجي آئيني حق کان هڪ انچ به پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ڪونه هئس. شام جو جنرل باڊيءَ جي ميٽنگ هئي ان ۾ به سڀني چيو ته اگر سرڪيولر يا ڪارڊ ۾ گورنر سان گڏ تنهنجو نالو لکون ته متان هو نه اچي. مون چيو ته ٺيڪ آهي. ان جي ڪا ايڏي اهميت به ڪونه آهي. پهريان مونکان حلف وٺجو پوءِ مان اوهان کان حلف وٺندس. گورنر جي نه اچڻ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. هاڻي اگر ملڪي ليول جي سي بي اي ۾ گورنر نه ٿو اچي ته ان جو مطلب ته فنڪشن ناڪام ٿيندو ۽ هيٺيان آفيسر يونين وارن جي عزت نه ڪندا.
هڪڙي پاسي هي سڀ هيا ته ٻئي پاسي مان اڪيلو. بهرحال جنرل باڊيءَ جي اجلاس ۾ مان اهو چئي ڪاوڙجي نڪري آيس ته اگر مون کان صدارت نه ڪرائي وئي ته پوءِ مان فنڪشن جو بائيڪاٽ ڪندس. ۽ مان گيٽ تي ٻن لائينن جو سرڪيولر لکندس ته پنهنجو آئيني حق نه ملڻ ڪري مان بائيڪاٽ ڪيان ٿو.
مگر بعد ۾ انهن اهو طي ڪيو ته جنرل باڊيءَ جي صدارت محمد خان ابڙو ڪندو ۽ مهمانِ خاص گورنر هوندو ۽ حلف به گورنر کڻائيندو. مون چيو ته ٺيڪ آهي. مگر اسٽيج سيڪريٽري منهنجي پاران هوندو. هو ان تي راضي ٿيا. جڏهن گورنر اچي رهيو ته مان هن کي گيٽ تي وٺڻ ڪونه ويس. ڇو جو مان صدارت ڪري رهيو هيس. ان ڪري مون چيو ته مان گورنر جو اسٽيج تي آڌر ڀاءُ ڪندس.
گورنر جي اچڻ کان پوءِ پنهنجي ڏنل آجياڻي کان پوءِ اسٽيج سيڪريٽريءَ مونکان اڳ ۾ تقرير لاءِ گورنر کي گھرايو. جيڪو پاڻ سان گڏ ڪانسيپٽ پيپر به کڻي آيو هيو. هن پنهنجي سڄي تقرير ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي ايجندا تحت ڪئي. جنهن ۾ هن چيو ته ”اسٽيٽ بئنڪ جو ڪم نوٽ ڳڻڻ ڪونه آهي. اسان جو ڪم فقط مانيٽري پاليسي ڏيڻ آهي. اسين پرائز بانڊ به نيشنل بئنڪ کي منتقل ڪنداسين... وغيره وغيره. هن اسان جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران اهڙي پاليسيءَ جي ڳالهه ڪئي جنهن تحت هزارين ملازمن جي بيدخل ٿيڻ ۽ ٻين ادارن ۾ وڃڻ جو خطرو هيو. ان تحت ڪجهه ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ملڻ جو خدشو هيو ته ڪجهه کي وري والنٽيئرلي رٽائرمينٽ جو آپشن ڏنو وڃي ها.
هي تقرير ڪري اچي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ته اسٽيج سيڪريٽري اڀ ڏاريندڙ نعرن جي صورت ۾ مون کي اسٽيج تي سڏايو. مون گورنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسين اوهان کي هتي ڪانسيپٽ پيپر پڙهڻ لاءِ ناهي سڏيو. اسين اوهان کي اهڙي ڪنهن به حرڪت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. اسين اوهان جي ان پيپر کي مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا. مان هن کي چتاءُ ڏيندي خبردار ڪيو ته اگر اوهان ڪنهن اهڙي فيصلي جي ڪوشش ڪئي ته اسان جي يونين سڄي اسٽيٽ بئنڪ کي بند ڪري ڇڏيندي. ۽ ملڪ جو ڦيٿو جام ڪري ڇڏينداسين. منهنجي تقرير سان هيٺ ويٺلن ۾ همٿ اچي وئي. پوءِ ته هوڪرا پئجي ويا. منهنجي لاءِ ڀرپور تاڙيون وڄي ويون. ملڪ جي مختلف حصن مان آيل ماڻهن پوءِ ته منهنجا هٿ چميا. انهن چيو ته اگر گورنر جي تقرير مٿان تنهنجي تقرير نه هجي ها ته اسان ختم ٿي وڃون هان. منهنجي هوڏ جي ڪري ملازم ڏاڍو خوش ٿيا جڏهن ته گورنر ۽ انتظاميه جا منهن لٿل هيا.
ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان منهنجي حڪمت عملي ڪامياب وئي ۽ يونين جو مورال بلند ٿيو. گورنر، ڊپٽي گورنر ۽ ٻيا آفيسر به مون کي وڏو اڳواڻ سمجھڻ لڳا. جيسيتائين مان يونين ۾ رهيس ان وقت تائين منهنجي مرضيءَ (جيڪا آئيني ۽ ملازمن جي حقن جي پاسداريءَ سان سرشار هئي). کان سواءِ ڪو به ڪم ڪونه ٿيندو هيو. مان ان کان بعد 14 سال اسٽيٽ بئنڪ ۾ رهيس. اهو سڄو عرصو مان يونين جو مرڪزي اڳواڻ رهيس.
اهڙي وڏي پوزيشن تي تمام گھٽ سنڌي مزدور اڳواڻ پهتا آهن. جن ۾ مان به شامل هيس. ڇو ته ايڏي وڏي اداري جي ايڏي سگھاري يونين جو صدر ٿيڻ وڏي ڳالهه هوندي آهي. مونکان اڳ ۾ حاجي خان ڀٽي، پي ٽي سي ايل جو اڳواڻ هيو. مگر ان وقت پ پ جي حڪومت هئي. جنهن جو فائدو سڄي ملڪ کي پهتو. مان بغير ڪنهن، ملڪي ليول جي پارٽيءَ جي حمايت جي ان عهدي تي محض پورهيت دوستيءَ جي جذبن سان سرشار ۽ سچتپائيءَ جي ڪري پهتو هئس. جي ها، منهنجي آقا ﷺ جو به اهو ئي فرمان آهي ته؛ الکاسب حبیب اللّٰہ ”پورهيت، الله جو دوست آهي.“ جڏهن ته آئون الله پاڪ جي دوستن جو ئي سهڪاري ۽ ساٿي هئم، آهيان ۽ رهندس!