ھي ڪتاب مولانا عبدالغفور ‘مفتون ’ همايونيءَ جي جڳ مشهور ڪافي ”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي 80 کن ٻين شاعرن جي ڪلام ۽ تعارف تي ٻڌل آھي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافيءَ جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافيءَ جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.
شاعري
حيران هزارين مان نہ رڳو
- 4.5/5.0
- 12
- 4
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
مصنف: پروفيسر فدا حسين فدا
ڪمپوزنگ: ساجد حسين آچراني
اِي ڪمپوزنگ: الشيخ ڪمپوزرس سانگي 03363412071
لي آئوٽ: راز لغاري
ٽائٽل: عرفان علي ميمڻ
ڇاپو: پهريون مئي 2021ع
تعداد پنج سو
قيمت: املهه پڙهي دعا ڪندا
ڇپائيندڙ: غلام محمد محمدي يادگار اڪيڊمي
دادلوء پنو عاقل
پبلشر نوٽ
بابا سائين کي جيئن ته بزرگ همايوني جي تتبع تي سيد محمد اسحاق شاهه نقويءَ جي چيل ڪافي پسند هئي ۽ سائين فدا حسين کان ان جو هيءُ بند ٻڌڻ جي اڪثر فرمائش ڪندا هئا.
الحمد رکي هڪ لام بطن ڪيو مخفي فاتحه نام سجن
ان احمد تي گلفام ڇڪن، چڪچور هزارين مان نه رڳو
هن اڪيڊميءَ طرفان پهرين وک طور ڪتاب “حيران هزارين مان نه رڳو” پيش ڪندي سرهائي محسوس ٿئي ٿي. هن ڪتاب جو مصنف اهل علم ناميارو محقق، شاعر اسان جو عزيز پروفيسر فدا حسين صاحب گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. اڪيڊميءَ طرفان هن ڪتاب کان علاوه 2 ٻيا ڪتاب پڻ تياريءَ جي مرحلي ۾ آهن. بابا مرحوم جي مشن کي اڳتي وڌائنندي اسان ڀائرن ۽ دوستن اهو عزم ڪيوآهي ته پنهنجي سينئر عزيزن ۽ دوستن جي صلاح ۽ سهڪار سان علمي ادبي ۽ سماجي سرگرميون وقت بوقت منعقد ڪندا رهنداسين.
صفدر حسين محمدي
دادلوء
انتساب
“ تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو”
جي سرجڻهار بزرگ هستي، مفتي اعظم، عاشق صادق، ڪامل اولياء، واصل بالله
حضرت قبله مولانا عبدالغفور‘مفتون’همايوني رحه
جن جي ذات گرامي ڏانهن منسوب ڪندي سرهائي محسوس ڪريان ٿو
‘جي مون پورهيت ڪن، پورهيت ٿي پاڻي ڀريان’
فدا حسين ‘فدا’
ڳوٺ دادلوء تعلقو پنو عاقل ضلع سکر
دعائيه ڪلمات
تاريخ 1. 1. 2021 بروز جمع
16 جمادي الاول1442هه
دعاگو
فقير عبدالباقي
سجاده نشين درگاه عاليه همايون شريف
ضلع شڪارپور (سنڌ)
مهاڳ
نعت گوئي جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان پهرين پاڻ سڳورن ﷺ جي چاچي حضرت ابو طالب نعت چئي ان کان پوءِ مشهور شاعر حضرت ڪعب بن زبير نعت ذريعي حضورﷺ جن جي صفت ۽ ساراهه بيان ڪئي. کانئن پوءِ حضرت حسان بن ثابت نعت چئي جيڪي پاڻ سڳورنﷺ جا تمام گهڻا پيارا هئا. امام بوصيري جو قصيده برده شريف جڳ مشهور آهن. جنهن جا ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجما ٿيا. ان کان علاوه پاڻ سڳورن ﷺ جن جي چاچي حضرت حمزه رضه بيبي فاطمه رضه امُ المومنين بيبي عائشه رضه خلفاء راشدين ۽ ڪيترن ئي عرب شاعرن عربي زبان ۾ نعتون چيون. فارسي زبان جي مشهور شاعر شيخ سعدي جي عربي زبان۾ چيل نعت پڻ جڳ مشهور آهي.
بلغ العليٰ بماله کشف الدجا بجماله
حسنت جميع خصاله صلو عليه وآله
ان کان علاوه سنڌي زبان جي اڻ ڳڻ شاعرن فارسي، اردو سنڌي ۽ سرائڪي ۾ بارگاه رسالت ۾ نعتن جا نذرانا پيش ڪري پنهنجي عقيدت ۽ الفت جو اظهارڪيو پر سنڌي زبان ۾ جيڪا شهرت ۽ مقبوليت سنڌ جي عالم ۽ بزرگ مولانا عبدالغفور همايوني جي هڪ نعتيه غزل نما ڪافي يا غزل کي حاصل ٿي سگهي آهي. انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي ته پروفيسر فدا حسين وڏي جاکوڙ ڪري ان ڪافي جي تتبع تي چيل مختلف شاعرن جو ڪلام ڪٺو ڪري هي ڪتاب تيار ڪيو آهي. جنهن ۾ اسي کن شاعرن جو ڪلام شامل آهي. جس هجي فدا حسين صاحب کي جنهن ٽڙيل پکڙيل ڪلام وڏي محنت ۽ محبت سان گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪيو آهي، جنهن سان پڙهندڙ محظوظ ٿيندا ۽ کين دلي سڪون ۽ سرور حاصل ٿيندو. منهنجي خيال ۾ ان قسم جو هي پهريون ڪتاب آهي. جنهن۾ هڪ غزل نما ڪافي جي تتبع تي هيترن سارن شاعرن جو ڪلام شايع ٿي رهيو آهي تنهنڪري هن ڪتاب جي وڏي اهميت ۽ افاديت آهي.
پروفيسر فدا حسين صاحب هڪ مڃيل محقق آهي. سندس ٻه تحقيقي ڪتاب “دادلوء تاريخ جي آئيني ۾، ۽ “پنوعاقل هڪ اڀياس” ڇپجي چڪا آهن. شعر و شاعريءَ سان به شوق رکندو اچي. سندس شاعري جو هڪ ڪتاب“عشق ٿيو استاد” ڇپجي چڪو آهي.
پروفيسر فدا حسين جيئن ته هڪ محقق آهي. تنهنڪري هن نه رڳو مولانا“مفتون” همايوني جي مقبول غزل نما ڪافي “تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا” جي تتبع تي چيل ڪلام ڪٺو ڪيو آهي. پر مولانا صاحب جي سوانح پڻ محققانه انداز ۾ لکي آهي. مولانا جي سوانح متعلق جيڪي غلط روايتون اڳ ۾ بيان ڪيون ويون هيون. هن انهن جي مدلل نموني ڇنڊڇاڻ ڪري صحيح حقيقتون نروار ڪيون آهن. سوانح عمري واري باب ۾ فدا صاحب بزرگ همايوني جو مشرب سندن همعصر سندن مطبوعه ۽ غير مطبوعه ڪتابن بابت پڻ مفيد معلومات ڏني آهي ان ئي باب ۾سندن تعليم متعلق ذڪر ڪندي ان دور جي مدرسن، معلمين۽ شاگردن بابت وڏي معلومات ڏيئي تحقيق جو صحيح حق ادا ڪيو آهي. مولانا “مفتون” جي مشهور ۽ مقبول غزل نما ڪافي جون جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي سوچ ويچار موجب جيڪي پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن، سي سڀ پروفيسر صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنيون آهن، ان کان علاوه ان ڪافي جو عالماڻي انداز ۾ ادبي جائزو پيش ڪيو آهي.
آخر ۾ ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته پروفيسر فدا حسين جو سنڌي زبان ۾ لکيل هي هڪ منفرد ڪتاب آهي ۽ سندس جاکوڙ ۽ تحقيق قابل تعريف آهي.
ڊاڪٽر نوا علي‘شوق’
ڪراچي سنڌ
17 فيبروري 2021ع
تقريظ
زير طبوعه ڪتاب پروفيسر فداحسين ‘فدا’ صاحب جو علمي ۽ تحقيقي شاھڪار آهي جنهن ۾ پروفيسر فداحسين صاحب ان ڪلام جي تتبع تي ڪيل 80 کان وڌيڪ شاعرن جي شاعري کي سهيڙي هڪ هنڌ گڏ ڪري قارئين تي احسان عظيم ڪيو آهي يقينا تحقيق جو ڪم هڪ مشڪل مرحلو آهي. جنهن جو اندازو هر هڪ ليکڪ کي بخوبي هوندو ۽ ان ڳالهه کي ملحوظ رکڻ نهايت لازم آهي ته اها تحقيق مستند ۽ معتبر روايتن ۽ ڪتابي حوالن تي مشتمل هجي. جنهن انداز سان پروفيسر فدا حسين صاحب هڪ عظيم علمي ڪم تحقيقي انداز ۾ سرانجام ڏنو آهي اهو يقينا قابل ستائش و قابل صد تحسين آهي.
آئون ڌڻي در دعاگو آهيان ته شال رب ذوالجلال والاڪرام پروفيسر صاحب جي ان تحقيقي ڪاوش کي شرف قبوليت بخشي ۽ سندن قلم کي اڃا به تقويت بخشي ته جيئن هو پنهنجي قلم ذريعي سونهاري سنڌ جي رهواسين جي تصنيف ذريعي تحقيقي انداز خدمت ڪندا رهن.
دعاگو
صاحبزاده ميان محمد سالم جان هاشمي الياسيني
خانقاه عاليه قاسميه ڳڙهي ياسين ضلع شڪارپور
27 جمادي الاول 1442هه ، 12 جنوري 2021ع سه شنبه
تاثرات
وعليٰ آلک و اصحابک يا حبيب الله
الله پاڪ هر دور ۾ اهڙا ماڻڪ موتي پيدا فرمايا جن پنهنجي ڪمال ۽ فن جو ته نه فقط ڌاڪو ڄمايو بلڪه پنهنجي علم ذريعي دين متين جي خدمت سان گڏوگڏ قوم و ملت جي به رهنمائي ۾ پنهنجو ڪردار چڱي طرح ادا ڪيو، اھڙن ئي مانجهي مردن مان سرتاج الاولياء سيد الفقها غوث الزمان حضرت علامه عبداالغفور “مفتون” همايوني رح به هڪ هئا.
حضرت همايوني جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي سندن اسم گرامي کان هر طبقي جا انسان واقف آهن. پاڻ پنهنجي وقت جا ولي ڪامل عالم رباني مفتي اعظم بي مثل مصنف و مناظر “حڪيم” بلند پايه شاعر۽ مرجع الخلائق صاحب توڪل ۽ مستجاب الدعوات هئا. سندن فقهي مقام ۽ مرتبي جو اندازو ان ڳالهه مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو ته سندن دور ۾ ڪنهن به فتويٰ يا تحرير کي ان وقت تائين قبوليت جي نگاهه سان نه ڏٺو ويندو هو جيسيتائين ان تي حضرت همايوني جي تصديق ۽ دستخط نه هجي. قرآن پاڪ جي تلاوت وقت ان جو ادب ايتري قدر ملحوظ رکندا هئا هو مصحف شريف کي هٿ نه لائيندا هئا بلڪ کجيءَ جي پن سان ورق اٿلائيندا هئا سادات ڪرام جي تعظيم جو هي عالم هو جو جڏهن سادات ڪرام مان ڪنهن گهر ۾ دعا گهرائڻ لاءِ کين مدعو ڪيوويو ته دروازي کان وٺي گهر جي اڱڻ تائين پلال ۽ ان جي مٿان تڏا رکرايائون پوءِ اندر تشريف وٺي ويا پُڇا ڪرڻ تي فرمايائون ته جنهن جاءِ تي بيبين سڳورن جو پير پيو آهي اتي آئون پير رکان اهو مون کي نه ٿو سونهين مستجا الدعوات هئڻ ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندن آستاني تي هر وقت خلق خدا جو هجوم هوندو هو. پاڻ بلند پايه شاعر به هئا ۽ شاعريءَ ۾ هڪ الڳ مقام رکن ٿا جنهن جو اندازو سندن ديوان جي مطالعي سان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. سندن ڪلام “ تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو” کي بي انتها شهرت ملي.
زير نظر ڪتاب مانواري سائين مشفق و مهربان شخصيت جاکوڙي ۽ محقق شاعري ۽ موسيقي سان لڳاءُ ۽ ان متعلق ڄاڻ رکندڙ پروفيسر فدا حسين مڱڻهار صاحب جو حضرت همايوني جي سيرت سوانح سندن تعليمي ۽ استادي سلسلي سندن والد بزرگوار ۽ اساتذه ڪرام جي سيرت وسوانح سندن مدرسي جي تاريخ ۽حضرت همايوني جي شاعري ۽ سندن مشهور زمانه ۽ مقبول ڪلام جي متعلق بهترين تحقيق ۽ علمي شاهڪار آهي. حضرت همايوني جي شاعري ۾مشهور زمانه ڪلام جي تتبع تي چيل شاعرن جي شاعري کي سهيڙڻ جو ڪم ٻين به سرنجام ڏنو پر جنهن احسن طريقي ۽ تحقيقي انداز سان پروفيسر صاحب جن ڪيو آهي اهو يقينا قابل صد تحسين ۽ باعث مسرت آهي.
اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڪنهن سعادت کان گهٽ ناهي جو مون ناچيز هتي حضرت همايوني جي سيرت سوانح ۽ شاعري متعلق چند سٽون لکيو آهن. آئون دل جي گهرائين سان شڪر گذار آهيان مانواري سائين پروفيسر فدا حسين “فدا” صاحب جو جن مون ناچيز کي حضرت همايوني “مفتون” صاحب متعلق سندن ڪتاب تي ٻه اکر لکڻ جو شرف بخشيو گڏ و گڏ آئون ڌڻي در دعاگو آهيان ته شال رب ڪريم پروفيسر فدا حسين “فدا” صاحب جي ان ڪيل تحقيقي ڪم تي کين جزا، خير عطا فرمائي ۽ سندن ڪاوشن ڪوششن کي شرف قبوليت عطا فرمائي يا رب العالمين.
طالب دعا
قمر الدين عطاري
سلطان ڪوٽ ضلع شڪارپور
28 جمادي الوليٰ 1442هه
11 جنوري 2021ع بروز دو شنبه
ادب جو خاموش خدمتگار، استا فداحسين فدا
چون ٿا ته ڪارل مارڪس (1818، 1883) جڳ مشهور جرمن فلاسفر جڏهن پنهنجو ڪتاب Das Kapital لکيو پئي ته سندس ملازم اچي ٻڌايو ته توهان جو پُٽ مري ٿو پيو، جنهن تي ڪارل مارڪس وراڻيو ته ڀلي مري وڃي مان هاڻي هڪ اهڙي پٽ کي جنم ٿو ڏيان جيڪو ڪڏهن به نه مرندو اهڙي طرح مولانا عبدالغفور “مفتون” همايونيءَ“ تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا” جهڙيءَ ڪافيءَ کي جنم ڏئي سنڌي ادب کي اڻ مٽ تحفو ڏنو آهي. جيئن ته عالمي ادب جي اصول مطابق خاص ڪري شاعري جي ڪا به صنف جيڪا ڪنهن نظريي ڪنهن عقيدي يا ڪنهن مت ڀيد جي اصول تي تخليق ڪئي ويندي آهي سا ديرپا ثابت نه ٿي سگهندي آهي ليڪن ڏٺو وڃي ته مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي هن ڪافيءَ عالمي اصول کي ڪنهن قدر شهه ڏني آهي ڇو ته ڪافي هر مڪتب فڪر جي اديبن شاعرن وٽ پنهنجي مڃتا ماڻي آهي. جنهنڪري امداد حسينيءَ مولانا همايونيءَ هن سڄي ڪافيءَ کي سون ۾ تورڻ لاءِ لکيو آهي وڌيڪ هن مان اندازو ڪري سگهون ٿا ته هن ڪافيءَ جي تتبع تي 80 کان مٿي شاعر متاثر ٿي طبع آزمائي ڪئي آهي ليڪن خان بهادر محمد صديق ميمڻ چواڻي ته مفتون جي درجي تائين ڪوبه شاعر پهچي نه سگهيو آهي. پروفيسر فدا حسين جي لاءِ ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هن بغير ڪنهن ڏيک جي سنڌي ادب جي خاموش خدمتگاريءَ جو ثبوت ڏيندي نظم توڙي نثر جا هن وقت تائين 5 ڪتاب ڏئي پاڻ کي سرخرو ڪيو آهي. ان لئه چيو ويندو آهي ته فڪر جون منزلون انهن ماڻهن جي حصي ۾ اچن ٿيون جيڪي ماٺ ۾ مطالعو ڪن ٿا پروفيسر فدا حسين مڱڻهار جو هي ڪتاب تحقيق ۽ تاليف تي مشتمل آهي جنهن ۾ هن تحقيق واري حصي ۾ مولانا عبدالغفور “مفتون ”همايونيءَ جي سوانح عمريءَ ۾ جيڪي مطالعي وقت کيس ڪي جهول نظر آيا آهن انهن کي سائنسي تحقيق جي بنياد تي مڪمل سنوارڻ سڌارڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندي مختلف اديبن جي لکڻين جا حوالا ڏنا آهن تاليف واري حصي۾ لڳ ڀڳ 84 شاعرن جو ڪلام ۽ انهن جي سوانح عمري لکي آهي جيڪا مطالعي۽ محنت کان سواءِ لکي نٿي سگهجي هن قسم جي تحقيق توڙي تاليف اهي ماڻهو ڪري سگهندا آهن جن جي جيون ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو جنون لڪيل هوندو آهي هن ڪتاب لکڻ لاءِ پروفيسر فدا حسين کي چڱي جاکوڙ ڪرڻي پئي آهي جنهن لاءِ مختلف ڪتب خانن سان گڏوگڏ شاعرن ۽ اديبن جا دروازا کڙڪائڻا پيا هوندا جنهن کان سواءِ تحقيق ۽ تاليف جو ڪم ڪرڻ ناممڪن آهي منهنجي دعا آهي ٿه پروفيسر فدا حسين صاحب جي قلم ۾ الله تعاليٰ اڃان به وڌيڪ سگهه ڏي ۽ صحت ڪامل رکي ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر کان بهتر ڪتاب ڏيندو رهي آمين.
ربنواز مير بحر
رٽائرڊ اِي ڊي او (ايجوڪيشن) سکر
پنوعاقل22 اپريل 2021ع
پنهنجي پاران
بنده پروردگار امت احمد صه نبي
دوست دارِ چار يارم، تاب اولاد علي
مذهب حنفي دارم، امت حضرت خليل
خاڪپائي غوث اعظم زير سايه هر ولي
سڀ تعريفون ان مالڪ حقيقيءَ لاءِ آهن جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي سوين صلواتون ۽ سلام سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي ذات مقدس تي جيڪي رسولن جا سردار ۽ خاتم الانبياء آهن.
حضرت علامه مفتي اعظم مولانا عبدالغفور “مفتون” همايوني بزرگ همه گير شخصيت جا مالڪ آهن سندس ڪمالات جو جڳ معترف رهيو آهي. پاڻ علمي ادبي روحاني فقهي ۽ طبي ميدان ۾ نهايت شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون اٿائون. سندس زندگيءَ جي هر پهلو تي لکڻ لاءِ دفتر درڪار آهن. هر طبقي جو فرد عقيدت ۽ احترام سان پنهنجو ناتو ساڻن ڳنڍيون اچي ٿو آئون به نهايت سڪ منجهان پنهنجي هيءَ ادنيٰ ڪوشش پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان جنهن ۾ سندن زندگي مبارڪ جي ٻن پهلوئن کي پنهنجي بحث جو موضوع بڻايو آهي پهريون سندن والد بزرگوار خليفي حضرت محمد يعقوب همايوني رحه جي وفات کان پوءِ سندن رهيل تعليم جنهن ۾ سندن والد بزرگوار جي شاگرد سلطان محمود سيتپوريءَ کان علاوه سندن والد محترم جي هڪ ٻئي شاگرد مولانا عبدالله سومراڻي واري عرف (محمد يعقوب) جو نالو به شريعت سوانح نمبر ۾ ملي ٿو اهڙي طرح مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو نالو به آيو آهي ان تي مون پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
ٻي ڳالهه اها جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خليفي محمد يعقوب همايوني صاحب پاٽ شريف جي بزرگ ميان محمود پاٽائيءَ کان خلافت جو خرقو حاصل ڪيو ان کان علاوه بزرگ مولانا عبدالغفور“مفتون” همايوني صاحب لاءِ اهو به لکيو ويو آهي ته پاڻ شعر جي اصلاح ساڳئي بزرگ ميان محمود پاٽائيءَ کان ورتائون ان ڪري انهن روايتن تي به تاريخي نقطي نگاه کان روشني وڌي وئي آهي. ان کان علاوه مولانا “مفتون” رحه جي تعليمي سلسلي ۾ استاد الکل حضرت علامه حافظ عبدالحليم ڪنڊوي جي حالات تي به تفصيل سان لکيو ويو آهي. جنهن ۾ سندن سوانح جي ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن ان لاءِ مولانا حافظ عبدالحليم ڪنڊوي جي مدرسي “ڪنڊي” کان شروعات ڪئي وئي آهي پوءِ “مدرسو همايون” ۽ “مدرسو شهداد ڪوٽ” جو ذڪر ڪري روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. منهنجي هيءَ دعوي بلڪل ڪونه آهي ته جيڪي ڪجهه بحث هيٺ آندو ويو آهي اهو ڪو حرف آخر آهي بلڪه اڃا به وڌيڪ جستجو سان نيون راهون کلي سگهنديون جن تي وڌيڪ لکي ۽ سوچي سگهبو ڪتاب جو ٻيو حصو بزرگ حضرت علامه عبدالغفور “مفتون” همايوني بزرگ جي شاهڪار ڪافي “تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا. زندان هزارين مان نه رڳو” جون مختلف پڙهڻيون، شهرت ۽ مقبوليت ادبي جائزو ۽ انهيءَ جي تتبع تي سندن همعصر ۽ پوءِ جي شاعرن کانئن متاثر ٿي جيڪا طبع آزمائي ڪئي آهي. انهن مان جن شاعرن جو ڪلام راقم الحروف کي ملي سگهيو آهي ان کي سڪ سان سهيڙيو آهي.
مون کي جنهن به شاعر جو ڪلام جهڙيءَ طرح مليو آهي ان کي مون جيئن جو تيئن پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي پنهنجي طرفان ان ۾ ڪابه گهٽ وڌائي نه ڪئي آهي ان جي هيٺان حوالو به ڏنو آهي ته هيءَ ڪافي ڪٿان ملي آهي. حضرت مولانا تاج حمود امروٽي رحه جي ڪافي ڊاڪٽر سيد محمود شاه بخاري جي ٻن ڪتابن(1) وطن جي آزادي جو امام(پي ايڇ ڊي ٿيسز) ۽ عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن ۾ درج ٿيل آهي ٻنهي ڪتابن ۾ بندن جون پڙهڻيون مختلف آهن مون عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن جي پڙهڻيءَ کي اختيار ڪيو آهي. جيڪا پهرئين ڪتاب جي ڀيٽ ۾ موزون آهي. مون حتي المقدور ڪوشش ڪئي آهي ته ڪلام کي پڙهي پرجهي خبرداريءَ سان لکان جيئن شاعر جو ڪلام سان هٿ چراند نه ٿئي. جيڪڏهن پڙهندڙن کي ڪٿي ڪا گهٽ وڌائي نظر اچي ته اها ناقل جي چئبي جنهن وٽان ڪلام دستياب ٿيو البته گهڻو ڪلام شاعرن جي رسالن تان کنيو ويو آهي پوءِ به انسان خطا جو گهر آهي ان لاءِ اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان. ڪجهه شاعرن جو ڪلام “مفتون صاحب” واري ڏنل رديف تي نه آهي ليڪن خيال ملندڙ جلندڙ آهي، انڪري انهن جو ڪلام به ڏنو ويو آهي مولانا مفتون همايوني صاحب جي انهيءَ لازوال ڪافيءَ “ تنهنجي زلف جي ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو” جون مختلف پڙهڻيون شهرت ۽ مقبوليت ادبي جائزو ۽ انهيءَ جي تتبع تي سندن همعصر۽ پوءِ جي شاعرن کانئن متاثر ٿي جيڪا طبع آزمائي ڪئي آهي ان هن مان جن شاعرن جو ڪلام راقم الحروف کي ملي سگهيو آهي ان کي سڪ سان سهيڙيو ويو آهي.
مون کي جنهن به شاعر جو ڪلام جهڙيءَ طرح مليو آهي ان کي مون جيئن جو تيئن پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. پنهنجي طرفان ان ۾ ڪابه گهٽ وڌائي نه ڪئي آهي ان جي هيٺان حوالو به ڏنو آهي ته هيءَ ڪافي ڪٿان ملي آهي. حضرت مولانا تاج محمود امروٽي رح جي ڪافي ڊاڪٽر سيد محمود شاهه بخاري جي ٻن ڪتابن(1) وطن جي آزادي جو امام (پي ايچ ڊي ٿيسز) ۽ عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن۾ درج ٿيل آهي ٻنهي ڪتابن ۾ بندن جون پڙهڻيون مختلف آهن مون عرفان امروٽي عرف ڪليات حسن جي پڙهڻيءَ کي اختيار ڪيو آهي جيڪا پهرئين ڪتاب جي ڀيٽ ۾ موزون آهي. مون ھتي المقدور ڪوشش ڪئي آهي ته ڪلام کي پڙهي پرجهي خبرداريءَ سان لکان جيئن شاعر جي ڪلام سان هٿ چراند نه ٿئي. جيڪڏهن پڙهندڙن کي ڪٿي ڪا گهٽ وڌائي نظر اچي ته اها نافل جي چئبي، جنهن وٽان ڪلام دستياب ٿيو البته گهڻو ڪلام شاعرن جي رسالن تان کنيو ويو آهي پوءِ به انسان خطا جو گهر آهي ان لاءِ اڳواٽ معافي جو طلبگار آهيان ڪجهه شاعرن جو ڪلام “مفتون صاحب” واري ڏنل رديف تي نه آهي ليڪن خيال ملندڙ جلندڙ آهي. ان ڪري انهن جو ڪلام به ڏنو ويو آهي. مولانا “مفتون” همايوني صاحب جي انهيءَ لازوال ڪافيءَ جي تنقيدي جائزي ۾ محترم شيخ اياز۽ هڪ ٻئي وڏي عالم۽ علم عروض جي ڄاڻو شاعر مولانا عبدالرحمان ضيائي صاحب جي ڪيل تنقيد کي به پيش ڪيو ويو آهي. شيخ اياز جي تنقيد تي مشهور نقاد مرحوم قربان بگٽي صاحب پنهنجو رايو ڏنو آهي حيرت هن ڳالهه جي آهي ته مفتون صاحب جي اها جڳ مشهور ڪافي شهرت جي بلنديءَ تي پهتل آهي. وقت جي وڏن وڏن عالمن اديبن محققين نقادن ۽ شاعرن ان کي دل کولي داد ڏنو آهي ۽ تحسين جي نگاهه سان ڏٺو آهي. ان جي هر هڪ بند ۾ معنيٰ جا موتي ۽ وڏو سون سمايل آهي ٻولي ۽فن جي پختگي به آهي. عالم سڳورا پنهنجي واعظن ۾ ۽ مداحي حضرات مسجدن ۾ اها ڪافي خوش الحانيءَ سان پڙهندا آهن. “مفتون” جو سڄو ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي جنهن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمدﷺ جن سا ڪمال عقيدت جو اظهار آهي. سندس ڪلام پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان هڪ درد مند انسان بي قابو ۽ بي اختيار ٿي وڃي ٿو ليڪن خبر نه آهي ته شيخ اياز مرحوم اها راءِ ڪهڙي بنياد تي ڏني آهي!
ان جي ڪابه وضاحت ٿيل نه آهي بهرحال اها سندس شخصي راءِ ۽ بيجا تنقيد چئبي اهو ڪافيءَ جو اثر ئي چئبو جو پاڻ بزرگ “مفتون” صاحب جي انهيءَ ڪافيءَ جي پر ان جو تتبع به ڪيو اٿائين.
بزرگ “مفتون” همايوني صاحب جي انهيءَ تتبع ٿي چيل ڪلام کي ڪن ليکڪن پنهنجن ڪتابن۽ مضمونن ۾ گڏ ڪري شايع ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. اهو وچور هن ريت آهي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب “سنڌي زبان نعتيه شاعري” جنهن جو پهريون ڇاپو 1980ع ۾ سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻي پاران شايع ٿيو جنهن ستن شاعرن جو ڪلام ڏنل آهي. ماهوار نئين زندگي رسالي جي مئي جون 1999ع واري شماري ۾محترم محبوب اختر پٺاڻ صاحب پنهنجي ليک “واصف ۽ شعراءِ سنڌ” ۾ پنجن شاعرن جو ڪلام ڏنو محترم عبدالجبار “عبد” سال 2001ع “حيران هزارين” ڪتاب ۾ 22 شاعرن جو ڪلام الحاج رحيم بخش قمر کي ڇڏي جو ان رديف تي نه آهي سهيڙي هڪ سٺي ڪوشش ڪئي. ٽماهي مهراڻ رسالي سال 2017ع واري شماري ۾ محترم مجاهد سولنگي صاحب 12 شاعرن جو ڪلام ڏنو الحاج رحيم بخش قمر جي ڪلام کان علاوه محترم اورنگ زيب ”عاجز” مهر صاحب پنهنجي ڪتاب زلف جي بند ڪمند وڌا) ميان عبدالغفور “مفتون” همايوني احوال ۽ ڪلام ۾ 16 شاعرن جو ڪلام ڏنو جيڪو مزمل پبليڪيشن عبدو پاران سال 2019ع ۾ منظر تي آيو آهي. جنهن ۾ 16 شاعرن مان 14 شاعرن جو ڪلام عبدالجبار عبد صاحب واري “حيران هزارين” ۾ اڳ ئي اچي چڪو آهي. سنڌ ڌرتي پروڊڪشن جي ڪيسٽ واليوم نمبر 42 ۾ اٺن شاعرن جو ڪلام حاجي امداد الله ڦلپوٽي صاحب جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي تازو جامع الفاروقيه مدرسي ڪراچي جي ربيع الاول جي پرچي “الفاروق” ۾پڻ انهي تتبع تي ڪجهه شاعرن جو ڪلام ڇپيو آهي. اهڙيءَ طرح انهن مٿين سڀني تذڪرن جملي شاعرن جو تعداد 33 بيهي ٿو جيڪي راقم الحروف جي سهيڙيل مجموعي کان اڳ منظر تي اچي چڪا آهن.
هيءُ ڪتاب جيڪو اوهان صاحبن جي هٿن ۾ آهي انهيءَ جملي شاعرن جو تعداد 84 آهي جنهن ۾مٿين ذڪر ڪيل 33 اڳ آيل شاعرن جو ڪلام به شامل آهي باقي 51 شاعرن جو ڪلام نئون آهي جيڪي اڳين تذڪرن۾ شامل ڪونه آهن. پڙهندڙن جي سهولت خاطر اهڙن نون شاعرن جي نالن مٿان “ ستاري” جو نشان لڳايو ويو آهي ته جيئن پڙهندڙ سمجهي سگهن ته انهن شاعرن جو ڪلام اڳ آيل نه آهي. جن شاعرن جا ٻه ٻه ڪلام شامل آهن انهن ۾ سيد محمد اسحاق شاه نقوي محترم سيد رفيق احمد شاهه امروٽي محترم علي اڪبر اسير قريشي مهيسر خادم رفيقي محترم محمد ياسين ڪنڀر ۽ راقم الحروف اچي وڃن ٿا. مرحوم شيخ اياز مرحوم درگاهي ميراڻي صاحب ۽ نذير سنڌي صاحب جا قومي ڌارا تحت ساڳئي گهاڙيٽي تي سرجيل ڪلام به شامل آهن. شاعر حضرات جيڪي رديف استعمال ڪيا آهن اهي هن ريت آهن.
“هزارين مان نه رڳو، لکين مان نه رڳو، ڪروڙين ما نه رڳو هزارين مان ڇاهيان، حيران ٿيا هزارين هزارين آئون نه هڪو ۽ هزارين پيا ٿيندا وغيره
پڙهندڙن جي سڌ لاءِ عرض آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ حضرت مولانا بزرگ “مفتون” همايوني صاحب جي ٻن همعصر نامور عالمن سڳورن مان هڪ سندن قريبي دوست ۽ درگاهه مخاديم کهڙا شريف جي نامور هستي محترم مخدوم الهه بخش عاصي کهڙوي ۽ ٻيو بزرگ “مفتون” صاحب جو شاگرد رشيد مولانا عبدالعزيز قريشي جيڪو پوءِ دارالعلوم ديوبند ۽ سهارنپور به پڙهڻ ويو. اتان موٽي واگهه (ضلعو جيڪب آباد) ۾ اچي مدرسو کوليائين پوءِ پنهنجي مرشد چشموي بزرگ جي مشوري سان علي پور (نور واه لڳ ڀنگرن جي ڳوٺ) ۾ مدرسو جاري ڪيائين پوءِ اتان ڇڏي پنهنجي سالن وٽ فيملي لائين جيڪب آباد ۾ رهيو ۽ اتي به پڙهائيندو رهيو انهن ٻنهي انهيءَ تتبع تي پنهنجون ڪافيون جوڙيون ليڪن افسوس جو گهڻي ڪوشش جي باوجود سندن ڪلام هٿ اچي نه سگهيو مولانا عبدالعزيز قريشي جي پوين سان رابطي رکڻ تي معلوم ٿيو ته سال 2010ع واري مها ٻوڏ سندن ڪتب خانو ۽ مولانا صاحب جي شاعريءَ وارو نوٽ بوڪ ضايع ٿي ويا. مخدوم الهه بخش عاصي کهڙوي مرحوم جي ڪافي لاءِ درگاه مخاديم کهڙا شريف جي سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشمي صاحب جن سان به رابطو رکڻ جي باوجود سندس ڪافي هٿ اچي نه سگهي جو سندن چوڻ هو ته “بياض” اها ڪافي نٿي ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب “مولود” مان خبر پوي ٿي ته کهڙن جي بزرگ مخدوم پير محمد جي ڏينهن ۾ “خواجن جي مولودين” جي ٽولي مشهور هئي جن وٽ مخدوم الهه بخش عاصي کهڙن واري جا ۽ ٻين شاعرن جا مولود قلمبند ٿيل هئا. جيڪڏهن ڪو ادبي ذوق رکندڙ دوست جاکوڙ ڪري اهو ڪلام هٿ ڪري سگهي ته بنده ڏانهن ڏياري موڪلي ته انشاء الله ٻي ايڊيشن ۾ سندس شڪريي سان اهو ڪلام شامل ڪيو ويندو.
آخر ۾ انهن مهربان بزرگن ۽ دوستن جا نالا ڳڻائڻ ضرور سمجهان ٿو جن هن سلسلي ۾ پنهنجا ڀال ڀلايا آهن انهن هستين ۾ آئون درگاه همايون شريف جي سجاده نشين جناب حضرت ميان عبدالباقي صاحب جن جو تهدل سان شڪر گذار آهيان جو پاڻ ڪمال مهرباني فرمائي ڪتاب لاءِ پنهنجي خيالن جو اظهار فرمايائون ۽ دعائون ڏنائون محترم نواز علي شوق صاحب جيڪي علم و ادب جي ميدان جا شهسوار ناليوارا اديب، دانشور ۽ محقق آهن. تن وڏا وڙ فرمائي منهنجي مسودي جو اکر اکر ڪري پڙهيو ۽ ڪتاب بابت ٻه اکر بلڪه چڱا اکر لکي پنهنجا عالمانه ويچار ونڊيا. ان کان علاوه پنهنجي نيڪ مشورن سان بنده جي رهنمائي ڪرڻ فرمائي. ان کان علاوه محترم سيد محمد اسحاق شاه جيلاني عرف غلام علي شاه نقوي صاحب جا هن تتبع تي ٻه نادر ڪلام پڻ بنده ڏانهن ڏياري موڪليا جيڪي هن مجموعي ۾ شامل ٿي هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويا. آئون سندن لاءِ دعاگو ۽ ممنون آهيان.
ڳڙهي ياسينوي بزرگ عالمن سڳورن جي چشم چراغ محترم صاحبزاده ميان محمد سالم جان هاشمي صاحب جن پنهنجي بزرگ حضرت مولانا محمد ابراهيم ناظم” ڳڙهي ياسينويءَ جو پهريون ترتيب ڏنل رسالو ”ديوان مفتون” جيڪو شيام سندر پريس شڪارپور مان شايع ٿيو هو سو ڪمال مهرباني فرمائي بنده جي ڳوٺ قدم رنج فرمائي هٿئون هٿ ڏنائون. ان کان علاوه مولانا “ناظم” ياسينوي بزرگ جو انهيءَ تتبع تي چيل ڪلام به فراهم ڪيائون ۽ ڪتاب بابت “تقريظ” پڻ لکيائون جنهن لاءِ سندن ٿورا وساري نٿو سگهان. محترم مهربان ساٿي ۽ هردلعزيز شخصيت جناب قمر الدين عطاري صاحب سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور واري جو به بيحد شڪر گذار آهيان جو مولانا مفتون همايوني بزرگ جي سوانح تي لکيل ڪتاب “هما همايوني” ۽ “ تذڪره مشائخ ڪٽبار شريف” تحفتا موڪلي ڏنا ۽ ڪتاب بابت پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. پنهنجي راڻي رفيق ۽ دلبر دوست محترم ربڏني ميربحر صاحب سابق اِي ڊي او ايجوڪيشن ۽ حال پرنسيپال روشن تارا اسڪول پنوعاقل جن به پنهنجو پراڻو ساٿ نباهي پنهنجا تاثرات لکيا روهڙي شريف جي سڄاڻ ليکڪ ۽ ناليواري اديب ۽ موسيقي جي ڄاڻو محترم اختر درگاهي صاحب جن به مهرباني ڪئي جو پنهنجي نامور والد مرحوم درگاهي ميراڻي صاحب جن جي ڪلام جي عنايت ڪرڻ فرمائي. پنهنجي هڪ ٻئي ڪرم فرما دوست نعت گو شاعر ۽ سيرت اڪيڊمي شهداد ڪوٽ جي روح روان جناب پروفيسر سيد گل محمد شاهه بخاري جن جو به احسانمند آهيان جو پنهنجو ڪلام واٽس ايپ ڪيائون. مجاهد سولنگي صاحب ليڪچرر آءِ بي اي نوابشاهه جن جو به ٿورائتو آهيان جو مولانا عبدالقادر “عبدي” سولنگي صاحب جو ڪلام موڪلي ڏنائون. نامياري شاعر ۽ اديب محترم ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي صاحب جا ڳڻ ڳائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان جو انهيءَ تتبع تي پنهنجا ٻه ڪلام ۽ محترم رياض احمد چنجڻي جو ڪلام ڏياري موڪليائون. جاتي ضلعي سجاول جي اديب شاعر ۽ ڪتاب “ٺٽو صدين کان” جي مصنف محترم رسول بخش تميمي صاحب جن به پنهنجا ڀال ڀلايا جو پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب “طرب وطن” بنده راقم ڏانهن ڏياري موڪليو. جنهن مان انهيءَ تتبع تي سندن ڪلام مليو جيڪو هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهي راڻيپور جي جاکوڙي جوان ورڪشاپ مڪينيڪل انجن يئر ايريگيشن محترم بشير احمد ڪلهوڙي جا ٿورا به وسارڻ جهڙا نه آهن جو مرحوم الحاج رحيم بخش قمر لاکي صاحب جي انهيءَ تتبع تي چيل ناياب ڪافي وٽنئس ئي دستياب ٿي سگهي ان کان سواءِ پاڻ تڪليف وٺي بنده جي عرض ڪرڻ تي مخدوم الهه بخش عاصي کهڙوي جي مٿي ذڪر ڪيل ڪافي لاءِ کهڙا شريف ويوو ۽ اتان جي اديب دوستن سان مليو ليڪن مذڪوره ڪافي نه ملي سگهي. “چنهياڻي لئبريري ڪنڊياري” جي مالڪ ۽ علم ادب سان چاهه ۽ ڄاڻ رکندڙ شخصيت محترم محمد عثمان صاحب جن به ادب دوستيءَ جو ثبوت ڏيندي مولانا مفتون جي سلسلي جي شاعر ۽ سندن فرض يافته صوفي حضرت محمد بخش ڦرڙي جي ڪافي واٽس ايپ ڪري موڪلي جنهن لاءِ آئون سائين جن جو به احسان مند آهيان محترم مولانا محمد رمضان مهيري صاحب جن جا به وڏا قرب جو انهيءَ سلسلي جي هڪ نامور لاڙ جي عالم دين مولانا علي محمد مهيري جي سوانح تي لکيل ڪتاب “تن پنهوارن پچار” ۽ مولانا صاحب جا ڪجه ٻيا ڪتاب ۽پنهنجو لکيل ڪتاب تاريخ گولاچي” ارسال ڪيائون جنهن لاءِ سندن شڪريو ادا ڪرڻ پنهنجي لاءِ واجب ٿو سمجهان پنو عاقل جي شاعر حضرات مان مولوي ثناءُ الله جتوئي صاحب ۽ محترم محمد بچل سميجي جو ڪلام مشهور ۽ سريلي نعت خوان محترم محمد يوسف سومري صاحب جي وساطت سان موصول ٿيو پنوعاقل جي ڄاتل سڃاتل شاعرن محترم بيخود بلوچ ۽ اسد چاچڙ محترم محمود مخمور ملڪ ۽ محترم حافظ عبدالجبار جتوئي انهن سڀني صاحبن به مهرباني فرمائي پنهنجو ڪلام بنده ڏانهن عنايت ڪرڻ فرمايو.
صوفي بزرگ حضرت لعلڻ سائين “درگاهه لعلڻ سائين مست بخاري جي فرزند محترم سائين غلام ميران شاهه صاحب جن به پنهنجا ڀال ڀلائي پنهنجي والد بزرگوار جي سرائيڪي ڪافي ڏياري موڪلي جيڪا هڪ بيش بها اضافو آهي.
پنوعاقل جي ڳوٺ سلطان پور جي نوجوان ۽ بهترين نعت و شاعر ۽نعت جي ڪيترن ئي ڪتابن جي ليکڪ محترم محمد ياسين ڪنڀر جو جيڪڏهن ذڪر نه ڪيان ته ڳڻ چور ٿيندس جو پاڻ فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي ڌرتي پروڊڪشن ڪيسٽ واليوم 42 حاجي امداد الله ڦلپوٽي صاحب مشهور نعت خوان جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل شاعرن کان علاوه ڪجهه ٻين شاعرن جو ڪلام ۽ مولانا عبدالله “عبد” چانڊئي جي تصوير فراهم ڪيائون. جنهن لاءِ سندن وڏا وڙ ۽ احسان سمجهان ٿو مشهور نعت خوان حاجي خان محمد چاچڙ صاحب جا به وڏا قرب جو “عبدالجبار “عبد” جو ڪتاب حيران هزارين ڏنائون پنهنجي پراڻي رفيق ۽مهربان دوست محترم مير مرتضيٰ ڪلوڙ صاحب ليڪچرر سنڌي هميشه وانگر منهنجو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو ماهوار نئين زندگي رسالي جو مئي جون 1999ع وارو شمارو آڻي ڏنائين جنهن۾ محترم محبوب اختر پٺاڻ صاحب واري ليک ۾ انهيءَ تتبع تي پنجن شاعرن جو ڪلام مليو سندن فرزند مزمل حسين جو به سهڪار شامل حال رهيو جو انٽر نيٽ تان متعلقه مواد هٿ ڪري ڏيڻ ۾ راقم الحروف جي مدد ڪئي. ڪتاب جي ڪمپوز محترم ساجد حسين آچراڻي نهايت محبت ۽ جان فشانيءَ سان راقم جي اڳين ڪتابن جيان هن ڪتاب جي به سهڻي ڪمپوزنگ ڪئي. جنهن لاءِ آئون ان جو به ٿورائتو آهيان. ڪتاب جي هر مرحلي جي نگراني توڙي سهڻي ڇپائيءَ جو سِهرو اڳ جيان مانواري سڄڻ محترم شوڪت چاچڙ صاحب جي سِر تي سونهين ٿو جنهن صاحب پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي پنهنجو ڪم سمجهي پنهنجي فني مهارت سان ڪتاب کي پاييه تڪميل تي پهچايو سنس شڪريي ادائي لاءِ مون وٽ اهڙا لفظ ئي نه آهن جو قرطاس تي آڻيان. بس ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي کيس ڏيندو.
آخر ۾ هن ڳالهه جو ذڪر ڪندو هلان ته منهنجي چاچي مرحوم استاد غلام محمد محمدي جن کي هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو شدت سان انتظار هو پاڻ هر لمحي راقم الحروف کان ان بابت پڇندا ۽ معلومات وٺندا رهيا ته ڪتاب ڪڏهن ٿو ڇپجي؟ آئون ان بابت کين آگاهه ڪندو رهندو هوس ته سڄو مواد ڪمپوز ٿي ماهرن ڏانهن راين لاءِ موڪليو آهي. اهو ٻڌي کين اطمينان حاصل ٿيندو هو پاڻ بزرگ همايوني رحه جي تتبع تي سيد محمد اسحاق شاه نقويءَ جي چيل ڪافيءَ کان ڏاڍو متاثر هئا ان جي بند ٻڌڻ جي اڪثر فرمائش ڪندا هئا.
الحمد رکي هڪ لام بطن، ڪير مخفي فاتحه نام سڄڻ
ان احمد تي گلفام ڇڪن، چڪچور هزارين مان نه رڳو
جيئن ته پاڻ سچا عاشق رسول اللهﷺ هئا اهو بند ٻڌڻ سان سندن اکيون اشڪبار ٿي وينديون هيون ۽ چوندا هئا ته بزرگ همايوني جي ڪافي ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي ليڪن هن شاعر به ڪمال ڪيو آهي. افسوس جو هيءُ ڪتاب پريس ڏانهن وڃي رهيو هو ته سندن حياتيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو ۽ اسان کي جدائي جو داغ ڏيئي اجل جي پيغام کي لبيڪ چوندي 1 جنوري 2021ع مطابق 16 جمادي الاول 1442هه بوز جمعت المبارڪ صبح صادق جو 4:30 وڳي پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا (انا لله وانا اليه راجعون)
دعا آهي ته الله تبارڪ وتعاليٰ سندن درجات بلند فرمائي. آمين مون کي اميد آهي ته منهنجو هيءُ ادنيٰ پورهيو سنڌي ۽ اسلامي ادب توڙي تصوف ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو.
خاڪپاءِ اولياء
پروفيسر فدا حسين فدا
ڳوٺ دادلوء
27 1پريل 2021ع
14 رمضان المبارڪ 1442هه
حضرت علامه الزمان عبدالغفور“مفتون” همايوني رحه جو مختصر احوال
آخري ڏينهن۾ بزرگ صاحب تي حال جو غلبو هو ان ڪري استغراق واري ڪيفيت مٿن طاري رهندي هئي. جنهن ڪري اڪثر گوشه نشين گذاريندا هئا ۽ تدريس جو ڪم ڇڏي ڏنائون البته ڪن خاص شاگردن کي پڙهائيندا هئا. جيڪي به سائل فتويٰ جي سلسلي ۾ وٽن ايندا هئا. شريعت مطهره جي روشني ۾ انهن مسئلن کي حل فرمائيندا هئا. ان وقت پاڻ بيدار مغز نظر ايندا هئا.
اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا پير حزب الله شاهه “مسڪين” تخت ڌڻي پير پاڳارا حضرت شاهه مردان شاهه (اول) پير سيد رشدالله شاهه راشدي.پير جهنڊي وارو سيد غلام محي الدين شاهه جيلاني(والد صاح پير سيد صالح محمد شاهه جيلاني راڻيپوري) سخي قبول محمد(ثاني) فاروقي درازي مخديم محمد امين “ثالث” پکن ڌڻي پير رفيع الدين سرهندي شڪارپوري مخدوم الهه بخش عاصي کهڙوي مولوي غلام محمد مهيسر ڪمالديرائي فقير محمد محسن بيڪس حافظ محمد صديق ڀرچونڊي شريف مولانا سيد تاج محمود امروٽي خواجه محمد حسن جان سرهندي ٽنڊو سائين داد،مولانا پير حسن لنواري شريف محمد عمر جان چشموي نقشبندي مولانا بهائوالدين بهائي مولانا محمد ابراهيم ڀيو سرحدي مولانا عبدالغفار مهر خانڳڙهي مولانا محمد يعقوب عرف عبدالله رستماڻي مولانا عبدالستار رستمي مولانا عبدالرحمان سکروي مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواري مولانا گل محمد شهدادڪوٽي مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي مولانا حسن الله پاٽائي، مولاناعطاءُ الله فيروزشاهي مخدوم غلام محمد ملڪاڻي مولانامحمد هاشم ڳڙهي ياسينوي مولانا مخدوم محمد صالح پاٽائي ميان غلام حيدر ڪٽباري مولاناتاج محمدڪٽباري مجذوب محمد سيوهاڻي مير علي نواز علوي مير امام بخش خان ٽالپور والي رياست خيرپور سيد رکيل شاه فتح پورسيد فيض محمد شاهه عرف فيض درياه انباه شريف ٻڍل فقير حڪيم محمد صادق راڻيپوري مولانا محمد حسن حيدرآبادي مولانا حامد الله ميمڻ ٻيلوي شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ميان محمد علي انڍڙ (قبو جامي درگاه) مولوي قادر بخش گولو (صحبت پور) مولوي عبدالقادر سولنگي مولوي محمد صديق سيتائي ولي محمد ڪاتياري شاهه نصير الدين نوشهرو فيروز مولوي محمد عاقل عاقلي خواجه عبدالرحمان ٽکڙائي ۽ مير عبدالحسين خان سانگي.
حضرت مولانا مفتون رحه جا شاگرد
سندن شاگردن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي جن کانئن دين جو علم پڙهيو ۽ خلق خدا جي خدمت ڪئي. هن بزرگ جا ڪيئي عالم شاعر ۽ حڪيم شاگرد هئا.
مولانا صاحب جون تصنيفون
بزرگ همايوني صاحب هڪ جيد عالم دين هو. تفسير حديث فقهه تصوف رياضي طب ۽ ٻين علمن ۾ وڏو درڪ حاصلو هوس. خاص ڪري فقهه ۾ وڏي مهارت رکندا هئا. محترم نياز همايوني موجب پاڻ سنڌي فارسي سرائڪي هندي ۽ عربي ٻولين ۾ شاعري ڪئي اٿائون.
مطبوعه ڪتب:
فتاويٰ همايوني (فارسي 2 جلد) علامه مفتي محمد قاسم ڳڙهي ياسيني جي ڪوشش سان 1331هه مطابق 1913ع ۾ لاهور مان پهريون دفعو شايع ٿيو. مفتي محمد ابراهيم ياسيني پهرئين جلد جو ٻن حصن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو جيڪو ڇپبو رهيو آهي مفتي سيد فهيم احمد شاهه راشدي “فتويٰ همايوني” فارسيءَ جو اردو زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنهن جو جلد اول 2020ع ۾ شايع ٿيو آهي.
فرهنگ همايوني( تحقيق فقير عبدالغفور همايوني (ترتيب نياز همايوني سنڌي لئنويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ سال 2004ع ڇاپو پهريون)
ديوان مفتون (سنڌي) هيءُ ديوان پهريون دفعو مولانا محمد ابراهيم ناظم ياسينوي ترتيب ڏنو جيڪو شيام سندر پريس شڪارپور پاران شايع ٿيو هو. پوءِ نياز همايوني صاحب مرتب ڪيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ٻه دفعا شايع ڪيو آهي.
غير مطبوعه ڪتب:
ديوان مفتون فارسي
الفوائد الملهمت في رد ازالت الشبهت( احتياط ظهر جي مسئلي تي)
الدر المنثور في رد منکري الا ستمداد من اصحابه القبور (سماع موتيٰ جو اثبات)
التنبيه المعظم للمولوي فيض الڪريم
اثنا عشريه منجي المومنين جي رد ۾
جواب فتويٰ مولوي عبدالغني کڏهري (احتياط ظهر جي منع جي جواب ۾)
السراج الهندي في تحقيق خراج السند (سنڌ جي زمين خراجي آهي. انهيءَ موضوع تي آهي
مجربات همايوني
رساله حساب هندسه
بهار عشق (پارسي مثنوي) ٻيا به ڪافي رساله هئا جن جو پتو نٿو پوي محترم نياز همايوني فرهنگ همايوني ۾ لکن ٿا ته مولانا جن پنهنجي والد محترم محمد يعقوب همايوني جي لکيل تفسير يعقوبي پڻ ترتيب ڏني هئي جنهن جو ناياب نسخو هڪ ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي.
مولانا صاحب جي مريدن ۽ معتقدين ۾ مسلمان هندو عالم فاضل پير فقير سرڪاري ڪارندا رياست جا وزير قومن جا سردار ۽ نواب مطلب ته هر طبقي جا ماڻهو شامل هئا. مولانا صاحب جي سجع جيڪا پاڻ فتويٰ جي آخر ۾ مهر طور هڻندا هئا ان تي هي الفاظ لکيل هئا.
اگرچه پرز عصيان وقصورم_ بحمد الله که من عبدالغفورم
بزرگ “مفتون” همايوني جو مشرب
حاجي شير محمد چغدي جا وڏا ديري غازي خان لڏي آيا هئا سندس پڙڏاڏو خيرپور ميرس ۾ رهيو جنهن بعد سندس اولاد شڪارپور اچي سڪونت پذير ٿيو. حاجي شيرمحمد جو وطن شڪارپور هو پاڻ هڪ استاد هو. سندس مٿين روايت پڪي ۽ پختي آهي جنهن مان خبر پئي ٿي ته بزرگ مفتون همايوني صاحب قادري سلسلي جو بزرگ هو.
هڪ غلط فهميءَ جو ازالو
هتي نياز همايوني صاحب ڳالهه کي وچڙائي گول مول ڪري ويو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته پهرئين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ 1919ع ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي. الوحيد اخبار 1919ع ۾ جاري ٿي. هن اخبار خلافت تحريڪ کي زور وٺائڻ شروع ڪيو. تاريخ 23 نومبر 1919ع ۾ دهليءَ ۾ پهرئين خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي ان کان اڳ ۾ تاريخ 17 اڪٽوبر 1919ع تي سڄي هندوستان وحيد الدين جي خلافت جي بقا لاءِ دعائون گهرايون ويون. اهو خلافت تحريڪ جو پهريون ڏينهن هو. حڪومت جي طرفان الوحيد اخبار کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اخبار “سچائي” نالي جاري ڪئي ۽ شهرن ۾ “امن سڀا” ڪاميٽيون قائم ڪيون.
انگريزن سنڌ ۾مولوي فيض الڪريم ٺارو شاهي جون خدمتون حاصل ڪيون جيڪو مولوي عيسيٰ ساندن واري جو فرزند هو. هن حجاز جي شريف حسين جي فائدي پنهنجو ڪتاب“ تحقيق الخلافت” لکيو. جنهن ترڪي جي خليفي وحيد الدين کي جڙتو ثابت ڪيائين ۽ شريف حسين کي خلافت جو حقدار قرار ڏنائين. انهيءَ جي رد ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صلاح سان مولانا دين محمد وفائي مرحوم هڪ رسالو “اظهار الڪرامت” لکيو جنهن ۾ وحيد الدين جي خلافت کي حق تي قرار ڏنو ويو ۽ شريف حسين کي خليفو نه پر باغي سڏيو ويو.
مولانا “مفتون” صاحب اڳ ۾ 1918ع ۾ هيءُ جهان ڇڏي چڪو هو. ليڪن حڪيم نياز حسن صاحب ان فتوٰي جي تائيد ۾ مولانا همايوني بزرگ صاحب کي به شامل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. جيڪو تاريخي حقائق جي ابتڙ آهي.
حضرت خليفي محمد يعقوب همايوني ۽ بزرگ علامه مولانا مفتون متعلق هڪ ٻي غلط روايت جو جائزو
مولانا محمد يعقوب همايوني، مولانا عبدالحليم ڪنڊوي کان فارغ التحصيل ٿيو. ان کان پوءِ پاٽ شريف جي روحاني پيشوا ميان محمود کيس خلافت جي خلقت عطا ڪئي.
ڊاڪٽرميمڻ عبدالغفور سنڌي به“ سنڌي شخصيتون ۾ نياز همايوني صاحب جي تقليد ڪندي لکي ٿو ته“خليفو محمد يعقوب همايوني مولانا ڪنڊوي وٽان پڙهي پوءِ سنڌ ۾ وڏي پاٽ مان آخوند ميان محمود وٽان خرقه خلافت ڍڪيائين. واپس وطن وري جهٽ پٽ ۾ پنهنجو مڪتب کوليائين.
نياز همايوني صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته “ همايون جي زمينداري ميان غازي خان سومري جي استدعا ۽ ميان محمود جي هدايت تي خليفو صاحب همايون ۾ آيو ۽ 30 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ علمي اداري جو پايه وڌائين.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب به ساڳئي مضمون خليفي صاحب متعلق نياز همايوني واري ڳالهه ڪئي آهي. لکي ٿو ته“ ڳوٺ همايون جا ميان غازي خان سومرو ۽ وڏيرو مسو خان سڌايو وٽس لنگهي آيا پهريائين ته پاڻ انڪار ڪيائين پر پوءِ ميان محمود پاٽي جي چوڻ تي باقبائل لڏي اچي همايون ۾ آستانو اڏيائين. 25 ذوالقعد 1253 هه مطابق 17 جون 1837ع تي راهه رباني ورتائين پٺيان هڪ پٽ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيائين.
انسائڪلو پيڊيا سنڌيا جلد ٻارهين بزرگ مولانا عبدالغفور همايوني جي احوال ۾ آيو آهي ته مولانا صاحب شاعريءَ سان به وڏو شغف هو ميان محمود پاٽائي کان شاعريءَ جي اصلاح ورتائين. ”
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب به مٿي بيان ڪيل مضمون ۾ اها ساڳي حڪايت آندي آهي لکي ٿو، “ مولانا صاحب کي شاعريءَ سان به وڏو شغف هو هن سلسلي ۾ميان محمود پاٽائيءَ جي رهبري حاصل هيس.
ميمڻ عبدالغفور سنڌي ۽نياز همايوني جي روايتن ۾ مٿي آيو آهي ته “ همايون جي زميندارن ميان غازي خان سومرو ۽ وڏيرو مسو خان سڌايو وٽس لنگهي آيا. انهن جي استدعا ۽ ميان محمود پاٽائي جي هدايت تي خليفي صاحب 30 ورهين جي عمر ۾ هڪ علمي اداري جو پايو وڌائين. ”
غازي خان سومرو ۽ مسو خان سڌايو سنئون سڌو خليفي صاحب وٽ ڪونه ويا بلڪه ان وقت 1822ع ۾مولاناعبدالحليم ڪنڊوي“مدرسي ڪنڊي” کي خير باد چئي جيڪب آباد جي ڳوٺ“آباد” ۾ اچي مدرسو کوليائين جتي خليفو صاحب به ساڻن گڏ هو. همايون جا اهي زميندار مولانا عبدالحليم ڪنڊوي وٽ عرض کڻي ويا مولانا ڪنڊوي صاحب سندن استدعا تي 1825 ۾اچي همايون شريف ۾ مدرسي جو بنياد رکيو. جتي خليفو صاحب نائب مدرس جي حيثيت ۾ پنهنجي استاد سان گڏ پڙهائڻ لڳو.
محمود پاٽائي جنهن کي خليفي صاحب جو مرشد ڄاڻايو ويو آهي اهو بحث اڳتي اچي ٿو. ان جي هدايت تي همايون شريف ۾ خليفو صاحب ڪونه آيو بلڪه محمود پاٽائي جو انهن ڏينهن ۾ اسان کي وجود به نظر ڪونه ٿو اچي. اها روايت ڪٿان آندي وئي آهي ان کي تفصيلي بحث هيٺ آڻجي ٿو.
مولانا خليفي محمد يعقوب همايوني بزرگ لاءِ اهومشهور آهي ته هوقادري سلسلي جو بزرگ هو ۽ پنهنجي استاد مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو دست بيعت هو.
هما همايوني جي ليکڪ مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسيني “خليفي” لقب لاءِ لکيو آهي ته مولانا محمد يعقوب همايوني پنهنجي استاد جي نظر ۽ خاص پيار هوندو هو. پاڻ سڀني شاگردن ۾ هوشياربه هو انڪري مولانا ڪنڊوي کيس پنهنجي مدرسي جي سڀني شاگردن مٿان“خليفو” ڪري رکيو.
خليفي محمد يعقوب همايوني پنهنجي استاد ۽ مرشد مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ کان ظاهري ۽ باطني فيض حاصل ڪيو اهو ئي سبب هو جو پاڻ آخري ڏينهن ۾ “همايون جومدرسو” سندس حوالي ڪري پاڻ روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ اچي رهيو.
مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جو خليفي محمد يعقوب همايوني متعلق اهو چوڻ آهي ته“ اسان وٽ جيڪا به امانت هئي سا خليفو صاحب کڻي ويو. اهو انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته پاڻ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو قادري سلسلي جو دست بيعت به آهي.
هاڻي اچون ٿا انهيءَ ڳالهه تي ته اهو بزرگ محمود پاٽائي ڪيرآهي ۽ سندس زمانو ڪهڙو آهي؟ جنهن کي مٿين روايتن ۾ خليفي محمد يعقوب همايوني جو مرشد ڄاڻايو ويو آهي ۽ بزرگ علامه عبدالغفور “مفتون” همايوني صاحب جي احوال ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد 12 ۾ آيو آهي ته مولانا مفتون همايوني کانئس شاعريءَ ۾ اصلاح ورتي.
علامه مخدوم محمود صديقي پاٽائي متعلق هيٺين ڪتابن جو مطالعو ڪيو ويو جن۾ پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ ليکڪ گلزار احمد ڪلهوڙو صاحب مهراڻ سوانح نمبر جو مضمون ميان محمود پاٽائي مضمون نگار مولانا دين محمد اديب فيروزشاهي ۽ مقالات قاسمي ليکڪ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڪلام فضل الله پاٽائي ليکڪ عبدالجبار صديقي انهن سڀني تذڪرن ۾ ميان محمود پاٽائي متعلق وضاحت سان لکيل آهي جنهن جو لب لباب هن طرح آهي:
مخدوم محمود صديقي ولد مخدوم محمد صالح جي ولادت پاٽ ۾ ٿي. شروعاتي تعليم حاجي حسن الله پاٽائي کان حاصل ڪرڻ بعد ٽونڪ ۽ ان بعد اجمير ۾ مولانا معين الدين وٽ پڙهيو. علامه قاسمي صاحب مقالات قاسمي ۾ ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ پاٽائي بزرگن جي احوال ۾ هن طرح مذڪور ملي ٿو. ميان محمود مولانا حاجي حسن الله پاٽائي جو شاگرد هو مخدوم فضل الله (وفات 1290هه) کي هڪ پٽ مخدوم نظام الدين هو جنهن کي ڪوبه نرينه اولاد نه ٿيو. کيس نياڻيون هيون جن مان هڪ مولانا حاجي حسن الله پاٽائي جي عقد نڪاح ۾ هئي ۽ ٻي هڪ نياڻيءَ جو فرزند ميان محمد صالح پاٽائي هو مخدوم نظام الدين جي وفات کا پوءِ مسند نشيني تي مولانا حسن الله ۽ محمد صالح جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو جنهن کي نبيرڻ لاءِ مخدوم محمد سيوهاڻي مجذوب (مخدوم بصر الدين سيوهاڻي جو ڏاڏو) آيو جنهن ميان محمد صالح جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ان ڏينهن کان پوءِ اهو خاندان مسند نشين ٿيندو آيو آهي ميان محمد صالح کان پوءِ ان جو فرزند صاحبزادو محمود مسند نشين ٿيو.
مولانا عبدالقادر لغاري جي روايت آهي ته ميان محمود پاٽائي پير جهنڊي جي مدرسي ۾ مولانا عبيد الله سنڌي کان به پڙهيو 50 ورهين جي عمر ۾ 1351هه مطابق 1932ع ۾ وفات ڪري ويو.
مولانا دين محمد اديب فيروزشاهي جيڪو سندس شاگرد به آهي ان به مهراڻ سوانح نمبر ۾ ساڳيو ئي احوال تفصيل سان قلمبند ڪيو آهي. مولانا دين محمد فيروزشاهي به سندس وفات جي باري ۾ لکي ٿو ته“ علامه محمود پاٽائي 50 ورهين جي عمر ۾ آچر ڏينهن 29 جمادي اللآخر 1351هه سج جي لهڻ وقت هي علم و عرفان جو سج هميشه لاءِ لهي ويو. سندس ماده تاريخ “غفرله” ۽ “غفره الله” آهي. ”
مولانا عبدالقادرلغاري ۽ مولوي دين محمد اديب فيروزشاهي جي مصدقه روايتن موجب 1351هه ۾ وفات وقت ميان محمود پاٽائي جي عمر 50 سال آهي ته پوءِ سندس ولادت 1301هه ٿي آهي ته علامه محمد يعقوب همايوني بزرگ جي وفات 1273هه مطابق 1856ع آهي يعني خليفو محمد يعقوب همايوني ميان محمود پاٽائي کان 28 سال اڳ ۾ وفات ڪري ويو آهي ته پوءِ کانئس ڪيئن خرقه خلافت حاصل ڪيائين؟ ۽ سندس هدايت تي همايون ۾ مدرسو کوليائين. مولانا عبدالغفور مفتون همايوني بزرگ لاءِ به ايترو لکڻ ڪافي آهي ته ميان محمود پاٽائي کانئس چاليهه سال عمر ۾ ننڍو آهي. سندس والد ميان محمد صالح پاٽائي مفتون صاحب جو همعصر آهي. ٻيو ته علم ۽ عرفان ۾ به مولانا عبدالغفور همايوني بزرگ جو درجو نهايت بلند هو ٽين ڳالهه اها ته ميان محمود پاٽائي جو احوال مان اهو به ثابت نه آهي هو ڪوشاعر به هو. پر جيڪڏهن شعر چيو به اٿائين تڏهن به اها ثابتي ڪانه ٿي ملي ته بزرگ همايوني کيس اصلاح لاءِ پنهنجو شعر موڪليندو هو ان لاءِ ٻنهي بزرگن جي وچ ۾ اهڙي ڪنهن به قسم جي خط و ڪتابت ڪانه ٿي ملي خليفي محمد يعقوب همايوني ۽ مولانا عبدالغفور مفتون همايوني بزرگن جي زماني ۾ انهيءَ ذڪر ڪيل محمود پاٽائي کان سواءِ ٻيو ڪو محمود پاٽائي جي نالي سان بزرگ ڪونه ٿي گذريو آهي البته همايوني بزرگن کان گهڻو اڳ پاٽ جي بزرگن ۾ محمود پاٽائي بزرگ جو نالو پاٽ جي شروعاتي بزرگن ۾ ملي ٿو.
نياز همايوني هڪ ته پاڻ سڄاڻ ليکڪ هو. ٻيو ته سندس والد قائم الدين همايوني بزرگ مفتون همايوني جي خدمت ۾ به رهي آهي ۽ سندن پاڙيسري به هو خبر نه آهي ته اها روايت ڪٿان آندائين جنهن جي تقليد پوءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب به ڪئي آهي بس انهيءَ روايت جو بگردان راوي آهي.
بزرگ علامه حضرت مولانا عبدالغفور “مفتون”همايوني صاحب جي ڪرامت
هيءُ باڪمال بزرگ 11 رمضان المبارڪ1336هه مطابق 1918ع تي جمعي جي رات لاڏاڻو ڪري وويو. سندن جنازي نماز مولوي محمد قاسم ڳڙهي ياسيني پڙهائي. سندن جسد خاڪي کي جمعي جي ڏينهن جامع مسجد همايون لڳ پنهنجي نامور والد بزرگوار جي ڀرسان سپرد خاڪ ڪيو ويو جتي سندن مزار شريف مرجع خلائق آهي. سندن شخصيت جو احاطو هنن چند سٽن ۾ ڪري نٿو سگهجي. ان لاءِ دفتر درڪار آهن. کين نرينه اولاد ڪونه هو انڪري سندن ڏوهٽو مولوي عبدالباقي گادي نشين ٿيو. هن وقت ميان عبدالباقي (ثاني) سجاده نشين آهن.
مولانا “مفتون” همايوني جي والد جي وفات بعد سندس رهيل تعليم جي تڪميل
شريعت سوانح نمبر ص 245 تي مولانا قاضي محمد ابراهيم ڪارڙائيءَ جي حوالي سان ڄاڻايل آهي ته مولانا گل محمد شهدادڪوٽيءَ جو والد مولانا نور محمد ڪجهه مولانا محمد يعقوب همايونيءَ وٽ پڙهيو. مولاناهمايونيءَ جي وفات بعد مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي تعليم لاءِ مولانا محمد يعقوب جي فاضل شاگردن مان مولانا عبدالله سومراڻي واري مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي ۽ ٻين ڪجهه وقت همايون ۾ رهي حق استادي ادا ڪيو. پوءِ مولانا سيتپوري مستقل رهي مولانا کي پڳ ٻڌائي.
شريعت سوانح نمبر صفحي 129 هن طرح آهي ته مولانا محمديعقوب همايوني وٽان چار شاگرد گڏ فارغ ٿيا. مولانا عبد الله(يعقوب) سومراڻي وارو مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي ، مولانا عبدالرحمان سکر ۽ مولانا عبدالقادر انڍڙ پهنواريءَ وارو. اڳي دستور هوندو هيو ته دستار بندي ٻڌڻ مهل استاد پنهنجي شاگرد کي چوندو هو ته هن وقت تنهنجي لاءِ هڪ دعا ضرور قبول پوندي ٻڌاءِ ته تنهنجي لاءِ ڪهڙي دعا گهرون. مولانا عبدالله چيو سائين اسان جي خاندان علم ۽مدرسي جو شوق باقي رهي. مولانا نور محمد چيو ته الله تعاليٰ حق گوئي جي توفيق ڏئي. مولانا نور محمد چيو ته اسان جي فتويٰ جي شهرت چوٽ چڙهي وڃي. مولانا عبدالرحمان چيو ته عمليات مهارت ٿئي. مولانا محمد يعقوب همايونيءَ جي وفات کان پوءِ مولانا عبدالله همايون ۾ رهي مولانا عبدالغفور کي پڙهايو. انهيءَ پس منظر ۾ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحي 131 تي هن طرح رقمطراز آهي ته مولوي در محمد خاڪ الرحيم جي مشاهير ۾ مولانا عبدالله ۽ مولانا عبدالستار کي مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو شاگرد لکيو آهي. سومراڻي جي خانداني روايتن ۽مولانا وفائي ۽تذڪره مشاهير سنڌ جي روايت موجب مولانا نور محمد آخري طرح دستاربندي مولانامحمد يعقوب همايونيءَ وٽ ڪئي آهي. بلڪ مولانا عبدالله وارن سان گڏ فارغ ٿيو آهي. تنهنڪري خاڪ صاحب جو بيان صحيح نظر نه ٿو اچي.
مولانا دين محمد وفائي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ حضرت مولانا خليفي محمد يعقوب صاحب جي شاگردن ۾ مولانا نور محمد شهداد ڪوٽيءَ جو نالو آندو آهي. (تذڪره مشاهير سنڌ ڀاڱو پهريون ص 265 سنڌي ادبي بورڊ سال 1985ع)
مخدوم الحاج شفيع محمد عرف عبدالخالق هاشمي پنهنجي تاليف تاريخ و تذڪره بزرگان سنڌ ۾ به لکيو آهي ته مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي ظاهري علم جو فيض خليفي محمد يعقوب کان پرايو.
محمد قاسم ڳڙهي ياسيني مهراڻ سوانح نمبر ۽ هما همايونيءَ ۾ مولانا عبدالغفور مفتون جي احوال ۾ لکيو آهي ته خليفي محمد يعقوب جي مدرسي همايون مان مولانا نور محمد شهدادڪوٽي پڙهيو آهي.
مٿين روايتن مان مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جو شاگرد هجڻ ظاهر ٿئي ٿو. ان کان علاوه اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته خليفي صاحب جي وفات کانپوءِ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي به مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ کي پڙهايو آهي.
همايون جي مدرسي ۾ مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ کي پڙهائڻ وارين مٿين روايتن جي ڇنڊڇاڻ
انهن ٻنهي روايتن جي پرک لاءِ خليفي صاحب محمد يعقوب همايوني ۽ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جي حصول تعليم ۽ سندن زندگيءَ جي ابتدائي حالات تي نظر رڻي پوندي ته جيئن اهو ڦورو ڦولجي پوي ۽ چٽائي ٿي سگهي. ان لاءِ مدرسي ڪنڊي کان شروعات ڪجي ٿي. جتان هي ٻئي عالم سڳورا پڙهي نڪتا آهن.
مدرسو ڪنڊو:
مدرسي جا مشهور شاگرد:
خليفو مولانا محمد يعقوب همايوني (2) مولانا نور محمد شهدادڪوٽي (3) مولانا تاج محمد (ڀائيٽو) (4) مولانا عطا محمد (ڀائيٽو) (5) مولانا محمد حسن ڪٽباري (6) حامد حضوري تنيو ميروخاني ( 1798_1873ع) ڊاڪٽر همت علي سانگي آباد واري مدرسي جي شاگردن ۾ علامه سلطان محمود سيتپوري (پنجاب جو ويٺل) ۽ مولانا عبدالڪريم جوڻيجو ( ٺل رتوديرو) جا نالا به ڏنا آهن. جيڪڏهن مولانا سلطان محمود سيتپوري ( جيڪو خليفي محمد يعقوب همايوني صاحب جي فرزند فخر العلماء حضرت مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ جو استاد آهي) آباد مدرسي ۾ پڙهي فارغ ٿيو آهي جيئن ته آباد مدرسو ڪل ٽي سال هليو ۽ پوءِ همايون منتقل ٿيو ته پوءِ خليفو صاحب همايوني آباد جي مدرسي ۾ نائب مدرس هئڻ ڪري علامه سلطان محمود سيتپوريءَ جو استاد آهي جيئن سڀني تذڪره نگارن ڄاڻايو آهي.
خليفو محمد يعقوب همايوني:
خليفي صاحب جي وفات 1273هه مطابق 1856ع ٿي. سندس وفات جي تاريخ “چراغ دوجهان” مان نڪري ٿي.
خليفي صاحب جي مزار همايون شريف ۾ سندس مسجد شريف جي ڀرسان پنهنجي نامور فرزند عبدالغفور مفتون همايونيءَ سان گڏ آهي. جتي مٿن الاهي انوار وسندا رهن ٿا.
مدرسو همايون:
مدرسي ڪنڊي جي 1822ع ۾ بند ٿيڻ وقت سندس خليفي صاحب جي عمر 27 سال، ٽي سال آباد( جيڪب آباد ضلعو) جي مدرسي ۾ ٿيا 30 سال سال 1825ع ۾ همايون ۾مدرسو کوليائين پنهنجي استاد مولانا ڪنڊويءَ سان همايون ۾ نائب مدرس جي حيثيت 1825ع کان1838ع تائين 13 سال پوءِ ڪنڊوي مدرسوسندس حوالي ڪري روهڙي ويو مدرسي جو ٻيو دور 1838ع کان خليفي صاحب جي وفات 1856ع تائين 19 سال(پهرئين ۽ ٻئي دور همايون مدرسو) جا 32 سال ٿيا. اتان ناميارا عالم پڙهي نڪتا جن جو ذڪر اڳتي ايندو.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي:
پاڻ پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي تنبو ۾ سموري تعليم پنهنجي استاد ۽ مامي استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب وٽان حاصل ڪري ڪمال حاصل ڪيائين. مولانا در محمد خاڪ سندس باري ۾ الرحيم مشاهير نمبر ۾ لکي ٿو ته “ سندس علمي غلغلو ايڏو ته مشهور ٿيو جو قلات جي والي خان اعظم خدا داد خان کيس گهرائي پنهنجي علائقي جو قاِضي القضاء مقرر ڪرڻ فرمايو ۽ کيس جاگير به عطا ڪيائون جتي عمر عزيز جو چڱو حصو گذاري آخر ڪنهن شرعي مسئلي جي مخالفت ٿيندي ڏسندي عهدي تان استعفا ڏيئي پنهنجي ڪٽنب ۽ خاندان سميت 1272هه مطابق 1855ع ۾پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏي لاڙڪاڻي ضلعي جي ميروخان جي بزرگ عالم حضرت ميان حامد حضوريءَ جو اچي مهمان ٿيو( جيڪو ڪنڊي واري مدرسي ۾ ساڻس گڏ پڙهيو هو. ) خان آف قلات کي پوءِ پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ ساڳئي عهدي جي آڇ ڪئي پر شهدادڪوٽي بزرگ واپس نه ويو شهدادڪوٽ جي زميندار خان بهادر پير بخش خان کهاوڙ جي اصرار تي مولانا صاحب ميروخان مان لڏي اچي شهدادڪوٽ ۾ مقيم ٿيو.
مدرسو شهدادڪوٽ:
مولانا نور محمد شهدادڪوٽ ۾ سال 1272هه مطابق 1855ع ۾ مدرسو قائم ڪري درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيو. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپور به پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا اسلامي درسگاهه” ۾ شهدادڪوٽ جي مدرسي جي قيام جو سال ساڳيو 1272هه مطابق 1855ع ڄاڻايو آهي. هن مدرسي مان به وڏا وڏا عالم پڙهي نڪتا جن سڄي سنڌ کي خصوصا سنڌ جي مٿئين ڀاڱي کي پنهنجي فيض سان رڱي ڇڏيو.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي قادري سلسلي جي بزرگ مولانا ميان محمد حسن ڪٽباري (1198هه1274هه) جا دست بيعت هئا. سندس وفات 1296هه مطابق 1880ع ۾ ٿي. الرحيم مشاهير نمبر ۾ 1296هه مطابق 1878ع ۽ سيد گل محمد شاهه بخاري 1298هه لکي آهي شهدادڪوٽ ۾درگاهه صديقيه ۾ هميشه لاءِ آرامي آهن.
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو مدرسي ڪنڊي کي ڇڏڻ کانپوءِ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جو ان مدرسي ۾ رهي تدريس جو سلسلو جاري رکڻ
مهراڻ سوانح نمبر ۾ منظور احمد حليمي لکي ٿو ته، “ ميان گل محمد صاحب 21 رجب 1249هه ۾ شهر ڪنڊو تحصيل ڀاڳ ۾ تولد ٿيا. علامه ميان گل محمد صاحب ڪجهه تعليم ڪنڊي بلوچستان ۽ ڪجهه شهداد ڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. سمورو علم پنهنجي والد مولانا نور محمد کان حاصل ڪيائون 22 سالن جي عمر ۾ فارغ التحصيل ٿيا. ”
جيئن ته مولانا گل محمد صاحب جي ولادت 1240هه ۾ ٿي آهي. 22 سالن ۾ فراغت وقت سال 1262هه بيهي ٿو. جڏهن ته شهدادڪوٽ وارو مدرسو 1272ه ۾قائم ٿيو آهي ته پوءِ ڪجهه تعليم شهدادڪوٽ ۾ ڪيئن پڙهيا؟ مدرسي ڪنڊي ۾ ئي فراغت ڪيائون بلڪ 10 سال اتي پڙهايو به اٿائون. شهدادڪوٽ ۾ سندن والد وٽ پڙهڻ ثابت نٿو ٿي.
البته ميان غلام صديق شهدادڪوٽي سندن مولانا گل محمد صاحب جو ننڍو ڀاءُ آهي. ان جي ولادت ڪنڊي شهر ۾ 1260هه ۾ ٿي آهي اهو صاحب شروعاتي تعليم ڪنڊي ۾ ٿي والد صاحب وٽ پڙهيو ۽ پوءِ جڏهن 1272هه ۾ اتان لڏي اچي شهدادڪوٽ ۾ هيا ۽ مدرسو کوليائون پوءِ به جيڪڏهن هڪ روايت موجب 13 سالن جي عمر ۾ سندن فراغت تسليم ڪجي ته به پنهنجي والد بزرگوار ۽ وڏي ڀاءُ مولانا گل محمد صاحب شهدادڪوٽ ۾ پنهنجي والد وٽ تحصيل نه ڪئي آهي. بلڪه ڪنڊي واري مدرسي ۾ پڙهيو آهي جيئن مٿي يان ٿي چڪو آهي.
مولانا گل محمد شهدادڪوٽي کان علاوه ميان غلام حيدر ۽ ميان تاج محمد ڪٽباريبزرگ جيڪي ميان محمد حسن ڪٽباري جا فرزند ۽ مولوي نور محمد شهدادڪوٽي جا مرشد زادا هئا. اهي به مدرسي ڪنڊي ۾ وٽس پڙهيا.
“تذڪره مشائخ ڪٽبار” جي ضميمي ۾ آهي (جيڪو ميان تاج محمد ڪٽباري جي پوٽي ميان عبدالحي ڪٽباري جو لکيل آهي) ته مولوي ميان محمد حسن ولد ميان تاج محمد وڪد ميان محمد حسن اول) 3 مهينا ميان گل محمد شهدادڪوٽي وٽ پڙهيوجيڪو ان وقت مٺڙي شهر ۾ سردار محمد اسد الله خان جي طرفان قاضي جي عهدي تي فائز هو. ”
جيئن ته مولوي محمد حسن جي پيدائش 1283هه ۽ وفات 1350هه آهي 1272هه ۾ مولانا گل محمد شهدادڪوٽي پنهنجي والد ۽ سموري اهل و عيال سان وطن جا وڻ ڇڏي پهريائين ميروخان ۽ پوءِ شهدادڪوٽ ۾ مدرسو کولي تدريس جي ڪم کي لڳي ويا ته پوءِ مولوي ميان محمد حسن مولانا گل محمد وٽ ڪيئن پڙهيو هوندو! البته اها ڳالهه تحقيق طلب آهي ته مدرسي شهدادڪوٽ ۾ پڙهائڻ دوران انهن سالن ۾ يعني تيرهين صدي هجري جي آخري سالن ۾ مولانا گل محمد شهدادڪوٽيءَ سردار محمد اسد الله خان جي طرفان مٺڙي شهر ۾ قاضي مقرر هو يا مدرسي شهدادڪوٽ ۾ درس ڏيندو هو
مٿئين سڄي مذڪور مان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:
خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جي ولادت 1795ع ۾ ٿي.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَجي ولادت 1791_92ع ۾ ٿي.
مدرسو ڪنڊوقائم ٿيو 1800ع ۾جتان اهي ٻئي بزرگ مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ وٽان پڙهي فارغ ٿيا.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي، خليفي محمد يعقوب همايونيءَ کان ڪجهه سال عمر ۾ وڏو آهي ۽ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي ( سندس استاد) جو ڀاڻيجو ۽ هڪ ئي ڳوٺ ڪنڊي جا ويٺل آهن.
مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ڪنهن شرعي مسئلي تان ناراض ٿي پنهنجي عهدي تان سبڪدوش ٿي ڪٽنب ۽ خاندان سميت 1272هه مطابق 1855ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ميرو خان ڳوٺ ۾ ميان حامد حضوريءَ جو مهمان ٿيو ۽ ساڳئي سال يعني 1855ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ اچي مدرسو کوليو مدرسي کولڻ کان پوءِ 1856ع ۾ يعني هڪ سال اندر خليفو محمد يعقوب همايوني وصال فرمائي ويو.
مهراڻ سوانح نمبر ۾ ۽ الرحيم مشاهير نمبر ۾ آهي ته مولانا نور محمد شهدادڪوٽي علم جي تحصيل پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي ۾ مولانا عبدالحليم جي درسگاهه ۾ڪئي. سمورو علم مولانا ڪنڊويءَوٽ پڙهيو. ڪن سوانح نگارن مولانا شهدادڪوٽيءَ کي مولانا ڪنڊويءَ جو پهريون شاگرد تسليم ڪيو آهي. جو خليفي صاحب کان اڳ ۾ فراغت ڪيائون.
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جڏهن ڪن سببن ڪري1822ع ۾ مدرسو ڪنڊو بند ڪري بلوچستان کي خير باد چئي سنڌ ۾ جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺ آباد ۾ اچي مدرسوکوليو جيڪو 1825ع تائين ٽي سال هليو ته ان سفر ۾ خليفو صاحب به پنهنجي استاد مولانا عبدالحليم ڪنڊوي سان گڏ هو ۽ آباد توڙي همايون واري مدرسي ۾نائب مدرس طور ڪم ڪيائين جڏهن ته مولانا نور مححمد شهدادڪوٽي ساڻن گڏجي ڪونه آيو ۽ اتي ئي رهي پيو جو قلات جي والي خان اعظم خداداد خان کيس پنهنجي علائقي جو قاضي القضاء مقرر ڪيو ۽ کيس وڏي جاگير به ڏنائين جتي مولانا نور محمد شهدادڪوٽي عمر جو وڏو حصو گذاريو.
مٿين سڄي روئداد يعني مدرسي ڪنڊي جي بند ٿيڻ 1822ع کان وٺي 1838ع همايون مدرسي جي دور تائين مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ساڻ گڏ نظر ڪونه ٿو اچي بلڪه مولانا نور محمد شهدادڪوٽي بلوچستان ۾ ئي پنهنجي استاد جي مدرسي ڪنڊي ۾ ئي مدرس طور پڙهائڻ لڳو ۽ قضا جو منصب به سنڀالڻ لڳو سندس وڏو فرزند مولانا گل محمد شهدادڪوٽي مولانا غلام صديق کان علاوه ميان غلا حيدر ۽ ميان تاج محمد ڪٽباري جيڪي سندس مرشد ميان محممد حسن ڪٽباريءَ جا فرزند هئا ۽ سندس مرشدزادا هئا. سي وٽس اتي پڙهيا. آخرڪار اتي ڪنهن شرعي مجبوري سبب قضا جي عهدي تان سبڪدوش ٿي پنهنجي اهل و عيال سميت 1272هه مطابق 1855ع مدرسو قائم ڪري تدريس جي ڪم کي لڳي ويو. سنڌ ۾ شهدادڪوٽ ۾اچڻ کان اڳ پورا پنجاهه سال بلوچستان ۾ قضا ۽ درس جو ڪم سرانجام ڏيندا رهيا.
انهيءَ سڄي مذڪور مان خبر پوي ٿي ته پاڻ مدرسي ڪنڊي مان ئي پنهنجي استاد ۽مامي مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ وٽان خليفي محمد يعقوب همايونيءَ سان گڏ فراغت ڪئي اٿائين. آباد يا همايون جي مدرسي ۾ ڪونه آيل ٿو ڏسجي بلڪه پاڻ بلوچستان ۾ ئي هي پيو ۽ ڪنڊي مدرسي ۾ ئي پڙهائڻ لڳو ۽ قاضي القضاء بڻيو جي اتي سندس وڏي ناماچاري ٿي. جڏهن خليفي صاحب سان گڏ فراغت لڌي اٿائين بلڪه اڃا به کانئس ڪجهه وقت اڳ ته پوءِ خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جو شاگرد ڪيئن ٿيو؟ ۽ڪڏهن اچي مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ کي اچي پڙهايائين جو خليفي صاحب وارو استاديءَ جو حق ادا ڪيائين اهو پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو.
هاڻي اچجي ٿو، روايت جي انهيءَ حصي تي شريعت سوانح نمبر ۾ ص245 تي آهي ته مولانا خليفي محمد يعقوب همايونيءَ وفات بعد مولانا عبدالغفور همايوني جي تعليم لاءِ مولانا محمد يعقوب جي فاضل شاگردن مان مولانا عبدالله سومراڻي واري، مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ۽ ٻين ڪجهه وقت همايون ۾ رهي حق استادي ادا ڪيو. پوءِ مولانا سميت پوري مستقل رهي مولانا کي پڳ ٻَڌائي.
علامه قاسمي صاحب مقالات قاسميءَ ۾ هڪ هنڌ سنڌ جي همايوني استادن جي هڪ شاخ جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته، “ مولانا محمد يعقوب سومراڻي واري کي استاد جي نالي ڪري عبدالله سڏيندا هئا. خليفو محمد يعقوب (عبدالله) کي وصيت چئي هئي مولانا وصيت مطابق مفتي عبدالغفور صاحب کي پڙهائي فارغ ڪيو. ”
مولانا مفتون همايوني جي تعليم جي حوالي سان اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته خليفي صاحب جي وفات وقت مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي عمر 13 سال هئي ۽ ڪي مٿيان ڪتاب رهيل هيس جو سندس والد جي شاگرد علامه سلطان محمود سيتپوري هڪ سال همايون ۾ رهي کيس پڙهايو 14 سال سالن جي عمر(1858ع) ۾ فراغت ڪرايائينس. جيڪڏهن صرف هڪ سال ۾ رهيل ڪتاب پورا ڪري تحصيل ڪيائين ته پوءِ مولانا عبدالله سومراڻين واري ۽ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ڪڏهن کيس همايون۾ پڙهايو؟ ڇاڪاڻ ته مولانا مفتون همايوني جي فراغت کان اڳ ۾ مدرسو شهدادڪوٽ 1855ع ۾ قائم ٿي چڪو هو ۽ مولاناشهدادڪوٽي اتي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته مولانا سيتپوري ئي کيس بقايا ڪتاب پورا ڪرايا. جڏهن ته مٿي سڄي مذڪور مان مولانا شهدادڪوٽيءَ جو آباد جي مدرسي توڙي همايون جي مدرسي ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونه ٿو ملي.
مولانا محمد يعقوب همايوني ۽ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جا شاگرد
مختلف تذڪرن ۾ مولانا نور محمد شهدادڪوٽي ۽ خليفي محمد يعقوب همايونيءِ جي شاگردن جا نالا مشترڪ ملن ٿا آئون فقط اهي نالا ڄاڻايان ٿو جن جي باري ۾ اڪثر جاين تي ڪثرت سان آيو آهي ته اهي ٻنهي بزرگن مان ڪنهن وٽ پڙهيا آهن. هونئن ته لسٽ ڊگهي آهي پر طوالت جي باعث مشهور شاگرد لکان ٿو.
مثلا الرحيم مشاهير نمبر ۾ خليفي مولانا محمد يعقوب همايوني صاحب جي شاگردن ۾ ميمڻ عبالحميد سنڌي صاحب، حضرت مولانا محمد هاشم ياسينوي مولانا حسن الله پاٽائي، مولانا عطاءُ الله فيروزشاهي جا نالا ڏنا آهن جيڪي مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جا شاگرد آهن.
اهڙي طرح مولانا درمحمد خاڪ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ جي شاگردن ۾ هي نالا ڄاڻائي ٿو.
مولانا عبدالرحمان سکر وارو، عبدالله صاحب ۽ سندس ڀاءُ مولانا عبدالستار رستمي مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواري وارو وغيره ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي به لاڙڪاڻي ماضي حال ڪتاب ۾ ساڳيا نالا لکيا آهن. هما همايوني جي ليکڪ مولانا عبدالغفار خانڳڙهيءَ کي مولانا عبدالقادر پهنوايءَ جو شاگرد لکيو آهي. .
مولانا عبدالغفار خانڳڙهي مولانا عبدالقادر انڍڙ واري جو شاگرد نه بلڪه هم درسي آهي ۽ ٻئي بزرگ خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جا شاگرد آهن
ميان رياض ميڪڻ لکي ٿو ته مولاناعبدالرحمان سکر وارو، مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جي وصال سببب آخري ڪتاب سندس شاگرد اول ميان نور محمد شهدادڪوٽي وٽ مڪمل ڪيا. شاگردن جي اها فهرست به منجهائيندڙ آهي. ان لاءِ وري مٿا ڪٽ ڪرڻي پوندي ۽ تاريخ جو سهارو وٺڻو پوندو ته عقدو حل ٿي ويندو. هتي خليفي صاحب جي شاگردن مان مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواريءَ واري ۽ مولانا محمد يعقوب (عبدالله) سومراڻي واري جي عمر جو تعين ڪجي ٿو. مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواري وارو ولادت 1208هه مطابق 1790ع وفات 1330هه
شهدادڪوٽ جو مدرسو جيئن ته 1855ع۾ قائم ٿيو همايون جو مدرسو گهڻو اڳ ۾ پهريائين آباد ۾ 1822ع ۾ پوءِ همايون جو مدرسو هاڪارو هو. جو وقت جا جيد علماء خود استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊوي ۽ خليفو صاحب اتي پڙهائيندا هئا. ٻيو ته شهدادڪوٽ جي مدرسي وقت سندن عمر 65 سال ۽ همايون جي مدرسي وقت 32 سال ٿئي ٿي. عمر جو حساب به ان ڳالهه کي ڪونه ٿو مڃي ته شهدادڪوٽ پڙهيا هجن. ائين به نه ٿو ٿي سگهي ته همايون جو مدرسو جيڪو ٻنهي عالمن مولانا عبدالقادر انڍڙ ۽ مولانا محمد يعقوب (عبدالله) سومراڻين واري کي ويجهو هو. اهو مدرسو ڇڏي مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ ڪنڊي جي ڳوٺ ڀاڳناڙي(بلوچستان) ۾ وڃن جيڪو شهدادڪوٽ مدرسي جي ايام کان اڳ ۽ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ جي ڪنڊي ڳوٺ ڇڏي اچڻ کان پوءِ اتي ئي ڪنڊي ڳوٺ ۾ پڙهائيندو هو ها ڳالهه به بعد از قياس آهي.
اهڙي طرح مولانا محمد ابراهيم ڀيو سرحدي(وفات 1303هه) ۽ مولانا عبدالغفا مهر خانڳڙهي به مولانا عبدالقادر انڍڙ پنهواريءَ ۽ مولانا سومراڻي واري جا هم عمر آهن خليفي صاحب جا شاگرد آهن. ميان رياض ميڪڻ مولانا عبدالرحمان ساکرو متعلق لکي ٿو ته مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جي وفات سبب آخري ڪتاب مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ مڪمل ڪيا.
مولانا عبدالرحمان ساکرو متعلق امور عالم دين مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب جي ڪتاب “ من جي مالا” ۾ لکن ٿا ته (1895_96) جي طاعون جي بيماريءَ سبب 70 سالن کان مٿي جي عمر ۾ وفات ڪري ويا. جيڪڏهن سندن عمر 75 سال شمار ڪجي ٿي ته پوءِ سندس ولادت 1830ع سال مڃبي. حافظ عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ جي وفات 1838ع آهي. ان وقت مولانا عبدالرحمان ساکرو 18 سال جو هوندو سندس زندگيءَ جو شروعاتي احوال هن طرح آهي ته پنهنجي والد مولوي ڪمال الدين سان گڏجي بلوچستان مان اچي درياء بندر (سکر) ٿي رهيو. سنڌ جي مشهور عالم خليفي محمد يعقوب همايونيءَ کان ديني علمن جي دستار بندي ڪيائين. سندس والد خود مولوي هو. ان وچ ۾ ڪٿي پڙهيو. ان جو ذڪر ڪونهي ٿي سگهي ٿو ته ابتدائي تعليم والد صاحب وٽ پڙهيو هجي. ان وقت مولانا عبدالقادر ۽ مولانا رستمي کانئس عمر ۾ وڏا آهن. همايون جي مدرسي ۾ جيڪڏهن 15 سال جي عمر ۾ آيو هجي ته ان وقت1835ع سال بيهي ٿو. ۽ صدر مدرس مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب آهن. 1838ع ۾ مولانا ڪنڊوي صاحب مدرسو پنهنجي شاگرد خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جي حوالي ڪري روهڙي آيو ته پوءِ تحصيل خليفي صاحب وٽ ڪئي هوندائين جيئن مٿي مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب جن لکيو آهي ته خليفي محمد يعقوب همايوني صاحب کان ديني علمن جي دستاربندي ڪيائين. ڏاڏا استاد پوءِ به استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جن آهن.
مدرسو شهدادڪوٽ (قيام 1855ع) جي فيض يافته عالمن مان علامه حسن الله صديقي پاٽائي ولادت(1836) علامه گل محمد شهدادڪوٽيءَ کان 1865ع ۾ سند ورتائين سندس نامور عالمن ۾ علامه محمد صصديق سولنگي سيتائي ، علامه مخدوم بص الدين سيوهاڻي، غلام عمر جتوئي، سوني جتوئي وارو (مولانا دين محمد وفائي جو استاد مشهور آهن علامه عطاءُ الله فيروزشاهي ولد مولانا خير محمد(1262هه برابر 1847ع) ڳوٺ فيروشا، تعلقي ميهڙ وارو به علامه گل محمد شهدادڪوٽي جو شاگر آهي. سندس شاگردن جو وڏو سلسلو آهي. جنهن جو ذڪرعلامه قاسمي مقالات قاسمي ۾ شجري جي صورت ۾ ڏنو آهي. مولانا حامد الله ٻيلائي مشهور ۽ اعلي پايي جو عالم علامه عطاءُ الله فيروزشاهيءَ جو شاگرد آهي جنهن جو شاگرد علامه علي محمد مهيري آهي جن لاڙ پٽ ۾ فيض جي پالوٽ ڪئي. علامه محمد هاشم ڳڙهي ياسينوي اصل شهدادڪوٽ جو رهواسي هو. جنهن جي ولادت 1259هه ۾ ي. سندس والد جو نالو محمد بخش سومرو هو. سموري ديني تعليم شهدادڪوٽ جي مدرسي ۾ مولانا نور محمد شهدادڪوٽيءَ وٽ پڙهيو ڀر ۾ مدرسي تعلقي ميروخان ۽ مدرسي ڪٽبار بلوچستان ۾ پڙهايائين. آخر ڳڙهي ياسين اچي مدسو کوليائين انهيءَ نسبت سان پاڻ کي ڳڙهي ياسينوي سڏائڻ لڳو. سندس فرزند علامه محمد قاسم ۽ مولانا محمد ابراهيم مشهر عالم ٿي گذريا آهن. جيڪي سندس شاگرد به هئا. مفتي اعظم سنڌ علامه صاحب داد جمالي مدرسي قاسميه جي پيداوار هو. جيڪڏهن سڀني شاگردن جو ذڪر ڪبو ته طوالت جو باعث ٿيندو.
ائين ٿي سگهي ٿو ته هڪ استاد جي وفات سبب ٻئي استاد وٽ تحصيل لاءِ وڃبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن استاد ۽ شاگرد جي عمر ۾ ايترو فرق نه هوندو آهي. بلڪه شاگرد جي عمر استاد کان وڏي هوندي آهي. ائين به ٿي سگهي ٿو ته علم جي ڪنهن شاخ (شعبي) جي تشنگيءَ لاءِ ٻئي استاد وٽ تحصيل ڪبي آهي. اهي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ جاءِ تي ليڪن انهن سڀني شين کي نظر ۾ رکي تاريخ تي به نظر رکڻي پوندي آهي.
مٿيون سمورو بحث فقط تاريخي نقطي نگاهه جي لحاظ سان ڪيو ويو آهي ته جيئن مواد کي ڇنڊي ڇاڻي آڏو آڻجي ته جيئن حقيقتون عيان ٿين. ورنه اهي ٻئي بزرگ(همايوني ۽ شهدادڪوٽي) هڪ ئي مدرسي (ڪنڊي) ۽ هڪ ئي ڪامل استاد علامه عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ جا شاگرد رشيد آهن. جيڪڏهن اتر ۾ خليفي صاحب فيض جا واهڙ وهايا ته ڏکڻ ۾ شهدادڪوٽيءَ بزرگ جي فيض جو اثر آهي. سنڌ جي اڪثر علماء جي استادي سلسلي جي ڪڙي انهن ٻنهي بزرگن سان ملي ٿي مولانا عبدالحليم ڪنڊوي تي اچي ٿي. اڄ به انهن مدرسنمان قال قال جا آواز بلند آهن الاهي رحمت جا انوار مٿن وسندا رهن ٿا.
علامه حافظ عبدالحليم ڪنڊوي رح
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جي وڏن جي احوال ۾ ذات متعلق مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب پنهنجي ڪتاب من جي مالا ۾ چٽائي ڪئي آهي. مولانا صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مولاناعبدالحليم ڀاڳناڙي بلوچستان علائقي جي ڪنڊي ڳوٺ پيدا ٿيا.
سندس ولادت جو سن ۽ تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. تذڪره مشاهير سنڌ (تيرهين صدي جا علماء) رسالي الرحيم ۾ به ولادت جو سن ڪونه ڄاڻايل آهي البته وفات جو سال 1254هه آيو آهي. سندس والد جو نالو احمد هو ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي صوفي احمد دين ڄاڻايو آهي.
ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي پنهنجي ڪتاب لاڙڪاڻو سڀيپتا سندس نالو ۾ مولانا ڪنڊويءَ جي ولادت جو سال1191هه برابر 1777ع ڄاڻايو آهي. ميان رياض ميڪڻ مولانا ڪنڊوي جي وصال جو سن 1254هه مطابق 1838ع ڄاڻايو آهي. عمر 91 سال لکي آهي ته پوءِ سندن ولادت جو سال 1163هه بيهي ٿو.
تعليمي سلسلو: مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحٻ شريعت سوانح نمبر جي صفحي 64 تي لکي ٿو ته:
6. مولانا عبدالحليم ڪنڊوي مولوي نظام الدين ڀٽي جو شاگرد هو جيڪواوٻاوڙي جو ويٺل هو. کيس ٽي پٽ هئا نور الله، ضياءُ الله ۽ خدا بخش وڌيڪ لکي ٿو ته مولوي خدا بخش مولانا عبدالغفور همايوني سان ملڻ ويو ان کي چيائين ته مان مولوي نظام الدين جو پٽ آهيان. مولوي همايوني کانئس پڇيو ته اهو ڪنهن جو پٽ هو؟ چيائينس ته اهو مولانا عثمان جو پٽ هو اهڙيءَ طرح مفتون همايوني صاحب ٽي ڀيرا مولوي صاحب کان پڇيو پوءِ پنهنجي خليفي کي چيائين ته مولوي خدا بخش اسان جي استادي گهراڻي جو عالم آهي. جيتري تائين هتي آهي مصلو ان جو آهي.
7. پير حسام الدين شاه راشدي تذڪره مشاهير سنڌ جي حاشيه ۾ لکن ٿا ته هيءَ روايت قاضي جان محمد روهڙي واري جي زباني منهنجي برادر محترم علي محمد شاه راشدي نقل ڪئي آهي. مولانا عبدالحليم صاحب ڪنڊوي نزديڪ (بيل پٽ) جا باشندا هئا. وڏا عالم فقير ۽ حافظ هئا. طريقو سندن قادري سروري هو. محمد پور پنوعاقل (گهوٽڪي تعلقي) جي بزرگن جا شاگرد هئا. محمد پور واري بزرگ جو نالو محمد صديق ذات سيهڙ هو بيعت به انهن جي هٿ تي ڪيائين. جن جو سلسلو حضرت سلطان باهو سان ملي ٿو.
راقم الحروف کي درگاهه مخدوم محمد صديق سيهڙ رحه جي موجوده سجاده نشين حضرت ميان نثار احمد مخدوم جن جي فرزند مخدوم زيد احمد صاحب جن ٻڌايو ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ حضرت ميان محمد صديق سيهڙ جن کان شير واري کڏ واري (تعلقو گهوٽڪي) واري مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪئي ۽ دست بيعت به مخدوم محمد صديق سيهڙ جن کان هو. مخدوم محمد ڪامل ڪٽباري به مخدوم محمد صديق جو فيض يافته هو. مخدوم محمد صديق سيهڙ کي غلطي چان لکندڙ مهيسر لکيو آهي. حقيقت اها آهي ته سندس درگاهه قبو شريف مهيسر ريلوي اسٽيشن (تعلقو گهوٽڪي) آهي. سجاده نشين ۽ ٻيو خاندان ڳوٺ محمد پورتعلقي گهوٽڪي ۾ رهائش پذير آهي باقي مهيسر جا ذات آهي. مهيسر ريلوي اسٽيشن جو نالو انگريز سرڪار مهيسر سردار جي خوشنودي خاطر رکيو هو.
8. مولانا عبدالحليم جو ٽيون استاد مولانا محمود ڀاڳناڙي وارو هو جنهن وٽ ابتدائي تعليم ڀاڳ واري مدرسي ۾ پڙهيو.
9. مشهور عالم قاضي محمد ابراهيم مير پوراني هو. جنهن وٽ رياست قلات جي شهر ميرپور ڪافيه تائين پڙهيا. جن جي سفارش تي آريجا ڳوٺ تعلقي ڏوڪري جي وڏي عالم مخدوم محمد صاحب آريجوي ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويا. جنهن کانئن پڙهيل علم مان ڪي ڏکيا مقام(سوال) پڇيا جن جو پاڻ با صواب جواب ڏنائون. مخدوم محمد آريجوي ڏاڍو خوش ٿيو پوڙهي هجڻ جو چئي پنهنجي شاگرد عاقل شاه هالاڻي واري ڏينهن خط لکي ڏنائون. (هيءُ پير سائين محمد راشد (روضي ڌڻي) بادشاهه جو هم درس هو) ان وچ ۾ مخدوم محمد آريجوي وفات ڪري ويو جو سيد عاقل شاهه پنهنجي استاد جي تعزيت لاءِ آريجن ۾ آيو. استاد جو لکيل خط ڏسي مولانا عبدلحليم کي پاڻ سان گڏ هالاڻي وٺي ويو. جتان فراغت حاصل ڪيائين.
10. سيد عاقل شاهه هالاڻيءَ وارو سندن پنجون استاد آهي.
مولانا عبدالوهاب چاچڙ صاحب جن اهو اهو ڪونه ڄاڻايو آهي ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب مولوي نظام الدين ڀٽي جو ڪڏهن ۽ڪٿي شاگرد ٿيو ۽ وٽس ڪيترو علم پڙهيو؟
مٿي اسان ڏسون ٿا ته سندن ابتدائي استاد مولانا محمد ڀاڳ وارو هو. جيڪو کين ويجهو به هو پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ مخدوم محمد صديق سيهڙ واري جي مدرسي ڏانهن رخ ڪيائون. ٿي سگهي ٿو ته اتان پوءِ مولوي نظام الدين ڀٽي ڏانهن اوٻاوڙي ويا هجن جتان پوءِ مشهور عالم قاضي محمد ابراهيم ميرپورائي( بلوچستان) وٽ عربي نصاب ڪافيه تائين پڙهيا جنهن سندن ذهن ۽ ذڪاءُ کي ڏسي وقت جي وڏي عالم مخدوم محمد آريجوي صاحب ڏانهن آيا ۽ سندس شاگرد سيد محمد عاقل شاه هالاڻي وٽ فراغت ڪيائون.
مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جو استادي سلسلو:
مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا عبدالوهاب اچڙ صاحب شريعت سوانح نمبر ۾ هن طرح ڏنو آهي، “ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي شاگرد آهن مولانا سيد محمد عاقل شاه هالاڻي واري جا، اهي مولانا نور محمد(محمد) آريجوي جا، اهي محمد دائود آگري جا، اهي مولانا عاقل احمد جن جا، اهي ٻنهي والد مولانا عبدالله لبيب کان ۽ ان پنهنجي والد مولانا علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽيءَ کان پڙهيو.
ٻيو سلسلو هن طرح آهي مولانا عبدالحليم ڪنڊوي شاگرد آهي مولانا سيد محمد عاقل شاه هالاڻيءَ واري جو اهو علامه مخدوم نور محمد(محمد) آريجوي بزرگ جواهو شاگرد هو مخدوم شهاب الدين مڱرئي جو (ولادت1110هه برابر 1698ع) وفات1751ع اهو شاگرد هو مشهور بزرگ ڪامل ولي ۽ علامه مخدوم محمد اسماعيل پريالوي جو.
بيعت:
(1 پير حسام الدين شاه راشدي تذڪره مشاهير سنڌ جي حاشيي ۾لکن ٿا ته هيٺين روايت قاضي جان محمد روهڙي واري جي زباني منهنجي برادر پير علي محمد شاه راشدي نقل ڪئي آهي ته “مولانا عبدالحليم ڪنڊوي، محمد پور واري بزرگ حضرت مخدوم محمد صديق سيهڙ جو شاگرد به هو ۽ سندس هٿ تي بيعت به ڪئي هئائين. ”
مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جي سلوڪ جي حوالي سان سندس مرشد مخدوم محمد صديق سيهڙ محمد پور تعلقي گهوٽڪي واري جو نالو مٿي سندن استادن ۾ سيدحسام الدين شاه راشدي جي حوالي سان آندو ويو آهي جيڪو سندن مرشد هئڻ کان علاوه استاد به هو. هڪ ٻي روايت پير حسام الدين شاه راشدي ساڳئي تذڪري۾ پير تراب علي شاه راشدي قنبر واري جي حوالي سان آندي آهي. پير تراب علي شاه مولانا نور محمد شهدادڪوٽي جي فرزند متبحر عالم ۽ غوث زمان مخدوم غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو شاگرد ۽ نياڻو به هو. مخدوم غلام صديق شهدادڪوٽي بزرگ جو والد مولانا نورمحمد شهدادڪوٽي جيڪو مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو شاگرد هو سو ميان محمد ڪامل ڪٽباري(1150هه_1239هه) جي فرزند ميان محمد حسن ڪٽباريءَ جو مريد هو. ميان غلام صديق شهدادڪوٽيءَ جو شاگرد ۽ خاص خليفو علامه غلام محمد مهيسر ڪمال ديرائي هو.
پيرتراب علي شاهه جي روايت آهي ته استاد العلماء حافظ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي ميان محمد ڪامل ڪٽبارن واري جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي.
(3) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب مقلات قاسمي لکي ٿوته، “ روايت آهي ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب جيڪي ميان صاحب وڏن ميان محمد ڪامل ڪٽباري جا مريد هئا سي ميان صاحب جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ميان محمد حسن وٽ توجه ۽ تلقين جا طلب ٿيا. ميان محمد حسن جي توجه تلقين جو مٿن اهو اثر ٿيو جو گهڻي عقيدت مان فرمايائون ته الحمد لله جو ميان محمد ڪامل جوفيض اڃا تائين هلندواچي ٿو. ”
مٿين روايتن ۾ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جي سلوڪ جي سلسلي ۾ ٻن بزرگن جا نالا آيا آهن.
پهرين روايت جو راوي پير علي محمد شاه راشدي آهي جنهن قاضي جان محمد روهڙي واري جي زباني بيان ڪئي آهي جن وٽ مولانا ڪنڊوي صاحب آخري ڏينهن ۾ مدرسو همايون خليفو محمد يعقوب همايوني جي حوالي ڪرڻ وٽن اچي رهيو هو ۽وفات به اتي ڪئي هيائين جو مدفن به روهڙي اٿس. ان کان علاوه مخدوم محمد صديق سيهڙ بزرگ جي خاندان جي مشاهيرن ۾ اها روايت پڻ متواتر هلندي اچي ٿي. انڪري اها روايت به نهايت پڪي ۽ پختي آهي.
ٻي روايت
ٻي روايت جا راوي پير تراب علي شاهه راشدي ۽ تذڪره مشائخ ڪٽبار شريف جو مصنف مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسينوي صاحب تڪبير جن آهن ٻيو تراب علي شاهه راشدي علامه الزمان عارف بالله حضرت مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي بزرگ جا شاگرد رشيد ۽ نياڻا آهن مولانا غلام صديق جو والد مولانا نور محمد شهدادڪوٽي مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جو شاگرد آهي. ان کان علاوه مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي بزرگ به ميان محمد ڪامل ڪٽباري جي پوٽي ميان غلام حيدر ڪٽباري جو دست بيعت پڻ آهي. اڃا به ڏسون ٿا ته مولانا نور محمد شهداد ڪوٽي ميان محمد ڪامل جي فرزند ميان محمد حسن جو مريد نظر اچي ٿو. ٻئي پاسي تذڪره مشائخ ڪٽبار شريف جو ليکڪ مولانامحمد قاسم سومري جي نسبت شهدادڪوٽي بزرگن ۽ ڪٽباري بزرگن سان هن طرح آهي.
مولانا محمد قاسم سومرو پاڻ به هڪ جيد عالم دين هو. سندن والد مولانا محمد هاشم سموري تعليم ڳڙهي ياسين جي مدرسي مان مولانا نور محمد شهدادڪوٽي وٽان حاصل ڪئي آهي ته بيعت مولانا تاج محمد ولد غلام حيدر ڪٽباري کان آهن۽ پنهنجي مرشد مولانا تاج محمد ڪٽباري جي فرزند مولانا گل حسن سجاده نشين ڪٽبار شريف جا استاد به هئا. ان ڪري اها روايت به پنهنجي جاءِ تي اهم آهي.
هتي مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسينوي جي روايت جو جائزو وٺجي ٿو. مولانا صاحب پنهنجي مذڪوره ڪتاب جي فصل ستين جي صفحي 44 تي هن طرح لکي ٿو ته“ چيو وڃي ٿو ته 32 علماء مولانا محمد ڪامل ڪٽبار شريف واري جا مريد هئا. انهن مان سڀ کان وڏو عبدالحليم (ساڪن ڪنڊو) هو جيڪو شروع ۾ سندن وڏو معتقد هو ليڪن آخري عمر ۾ ميان صاحب ان کان ڪنهن سبب ناراض ٿيو جنهن ڪري هو حضرت مخدوم صاحب ڏانهن هليو ويو. ”
ساڳئي ڪتاب جي صفحي 82 تي هن طرح آيو آهي، “ نقل آهي ته مولوي عبدالحليم صاحب ڪنڊي وارو جيڪو وڏي ميان صاحب(محمد ڪامل) جو مريد خاص هو ميان جي وفات کانپوءِ ميان محمد حسن وٽ حاضر ٿيو(هيءُ بزرگ ميان محمد ڪامل جو فرزند هو) توجه ۽ تلقين جي درخواست ڪيائي تلقين کانپوءِ مولانا ڪنڊوي ميان صاحب جي قدم بوسي ڪئي ۽ چيائين ته الله جو شڪر آهي جو ميان محمد ڪامل جو فيض اڃا تائين جاري آهي. ”
مولانا محمد قاسم اهو ڪونه ڄاڻايو آهي ته آخر اهوڪهڙو سبب هو جو مولانا عبدالحليم ڪنڊوي تي ايڏي ناراضگي! جو هڪ صادق مريد ۽ شريعت جو باڪمال استاد الڪل مرشد جي ناراض ٿيڻ تي کيس ڇڏي هليو وڃي. مولانا جي لکڻ موجب مولانا ڪنڊوي مخدوم صاحب(؟) ڏانهن هليو ويو. جيڪو ان وقت حيات هو. مولانا محمد قاسم ان مخدوم جو نالو ڪونه لکيو آهي اندازو اهو آهي ته ته اهومخدوم صاحب محمد صديق سيهڙ بادشاهه ڏانهن اشارو آهي.
مخدوم محممد صديق سيهڙ جي وفات جو سن 1233هه آهي ۽ميان محمد ڪامل 1239هه ۾ وفت ڪئي آهي يعني ميان محمد ڪامل مخدوم محمد سيهڙ( سندس مرشد) کان پوءِ فقط ڇهه سال حيات هو. جو سندس وفات کان پوءِ مولانا عبدالحليم ڪنڊوي وري سندس فرزند ميان محمد ڪامل وٽان ئي هليو ويو ته پوءِ وري موٽي سندس پٽ وٽ اچڻ بعيد از قياس آهي.
اها ڳالهه ان وقت تسليم جوڳي آهي جڏهن هڪ طالب ڪنهن سلوڪ جي صاحب وٽ سلوڪ جي ابتدائي مرحلن ۾ هجي ۽ سندس مرشد وفات ڪري وڃي ته پوءِ ڪماليت تي پهچڻ لاءِٻيو مرشد وٺي سگهجي ٿو پوءِ کڻي سلسلو ئي ٻيو ڇو نه هجي ان ڪري اها روايت صحت جي درجي تي پهچي نٿي سگهي.
مٿين روايت مولانا عبدالحليم ڪنڊوي جهڙي ڪامل استاد ۽ بزرگ جي شخصيت کي داغدار بڻائي ٿي جو ڪهڙي به ناراضگي ڇو نه هجي ۽ مرشد رهبر کي ڇڏي بيعت ٽوڙي ڇڏجي ۽ اتان هليو وڃجي. ڪوبه ڪامل مريد ائين ڪري نٿو سگهي. هتي ته عارف ڪامل مرد مجاهد استاذ العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جهڙو بزرگ آهي. ان ڪري اسان کي پهرئين روايت جنهن ۾ مولانا ڪنڊوي صاحب کي مخدوم ميان محمد صديق سيهڙ جو مريد ڏيکاريو ويو آهي. اها روايت معتبر آهي. جو مولانا ڪنڊوي صاحب مخدوم محمد صديق سيهڙ جي مدرسي شير واري کڏواري تعلقي گهوٽڪيءَ مان تعليم به حاصل ڪئي ۽ مخدوم صاحب وٽان ئي کيس فيض مليو جي رچي ريٽو ٿيو ۽ کيس ميان محمد ڪامل ۽ سندس فرزند ميان محمد حسن ڪٽباريءَ وٽان فيض حاصل ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي.
هيءُ بحث تحقيقي نقطه نگاه کان ڪيو ويو آهي. بزرگ جو سلسلو ساڳيو ئي قادري آهي. ميان محمد ڪامل ڪٽباري بزرگ به مخدوم ميان محمد صديق سيهڙ جو مريد آهي ۽ سندن ئي ارشاد تي ڪٽبار شريف اچي وسايائين جتي مرشد جي نظر جي اثر سبب سندس شهرت ٿيڻ لڳي مٿئين حقيقت جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي بزرگ ميان محمد ڪامل ڪٽباريءَ جو مريد نه بلڪه پير ڀائي آهي.
وفات:
همايون واري ٻئي دور جي مدرسي جي پڄاڻي يعني 1838ع ۾ ٿي مدرسو خليفي صاحب جي حوالي ڪيائين ۽ روهڙيءَ ۾ قاضين رهيو ته انهيءَ ئي سال وصال فرمائي ويو. تذڪره مشاهير سنڌ جي حاشيه ۾ پير حسام الدين راشدي جي حوالي سان آيو آهي ته (30_35) ورهيه قاضِ غلام محمد بن قاضي جان محمد ثالث جي اوطاق ۾ رهيو اتي درس ڪونه ڪرائيندا هئا پاڻ چوندا هئا ته اسان وٽ جيڪا امانت هئي سڀ محمد يعقوب لُٽي ويو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٽي مهينا پنهنجي وطن ڪنڊي ڏانهن هليا ويندا هئا. ڪنڊي ۾ سندن ڀائرن جو اولاد آهي. ڪتاب جي هڪ ورق تي دل جي تصوير هٿ سان ڪڍي هئائون. جنهن ۾ تصوف جي اصولن مطابق محمد ﷺ جو نالو لکيو اٿائون. عمليات به کين دخل هوندو هو. سڄي عمر مجرد رهيا. ڊاڪٽرغلام علي سانگي سندن وصال جو سال 1254هه برابر 1838ع عمر 63 سال ڄاڻائي آهي. ميان رياض ميڪڻ 5 محرم 1254هه مطابق 1838ع عمر 91 سال ٻڌائي ٿو. انهيءَ حساب سان سندن ولادت جو سال 1163هه بيهي ٿو سندن مزار روهڙي کان (سکر ڪوئيٽا) ريلوي لائين جي پل هيٺان جتان روهڙي کان سکر ٽريفڪ جو گذر ٿئي ٿو روڊ سان لڳو لڳ کاٻي پاسي ڏکڻ طرف پکي واري پير سان مشهور آهي. فقير قادر بخش بيدل جي محبوب قاضي پير محمد جي مزار مولانا صاحب جي ويجهو آهي جنهن جي مٿان ڪچو ڪوٺو ٺهيل آهي اندر ٻيون به تربتون آهن.
الرحيم مشاهير نمبر مولانا ڪنڊوي جي وفات بابت لکيل آهي ته سندس وفات ڀاڳناڙي جي ڳوٺ ڪنڊي ۾ ٿي هيءَ روايت صحيح نظر نٿي اچي ڇاڪاڻ ته پاڻ روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ رهيل هئا وفات به اتي ٿي ۽ مزار به روهڙيءَ ۾ اٿن.
مفتي محمد ٻيرائي جو مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ کان تعليم حاصل ڪرڻ
مفتي محمدٻيرائي جو مولاناعبدالحليم ڪنڊويءَ وٽ روهڙيءَ۾ پڙهڻ جو ذڪر ملي ٿو. مولانا قاسمي صاحب مقالات قاسمي ۾ مفتي محمد ٻيرائي بابت لکن ٿا ته ابتدائي تعليم کان پوءِ کيس سندس مامو استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جي خدمت ۾ هن کي روهڙي وٺي ويو. هن اتي نه رڳو ظاهري علم پرايو پر روايت آهي ته باطني فيض به مولانا عبدالحليم صاحب کان پرايائين مولانا مرحوم روهڙيءَ مان فارغ ٿي ڳوٺ پهتو.
مولانا محمد قاسم سومرو سوانح حيات حضرت سائين ٻير وارا ۾ لکي ٿوته مولانا عبدالحليم صاحب آخري عمر ۾ روهڙيءَ ۾ اچي رهيو. درس تدريس جو ڪم اتي ڪندا هئا. حضرت مولانا مفتي محمد ٻيرائي مولان عبدالحليم صاحب جن وٽان تعليم جي تڪميل سان گڏ باطني فيض جون منزلون به طئي ڪيائين مفتي صاحب روهڙيءَ مان فارغ التحصيل ٿي ڳوٺ پهتو.
مفتي محمد ٻيرائي جي تعليم بابت چٽائي:
ڪتاب لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو ۾ ڊاڪٽر غلام علي سانگي صاحب جن لکن ٿا ته، “ 29 ڊسمبر 1976ع تي قنبر تعلقي جي ڳوٺ ٻير ۾ مولانا عبدالڪريم قريشي سان سندن رهاڻ ٿي جنهن کيس ٻڌايو ته سندس وڏي ڏاڏي علامه محمد ٻيرائي مدرسي ڪنڊي بلوچستان ۾علامه حافظ عبدالحليم کان تعليم پرائي. ” ڊاڪٽر غلام علي صاحب هن معاملي جي هن طرح ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. علامه مفتي محمد ٻيرائي جو جنم 1158هه برابر 1745ع قمبر سن جي حساب سان سندس عمر 115 سال بيهي ٿي جڏهن ته علامه عبدالحليم ڪنڊويءَ جي پيدائش 1191هه برابر 1777ع ۽ لاڏاڻو 125هه برابر 1438ع ان ليکي سندس عمر 63 سال آهي مذڪوره اپٽار ٻڌائي ٿي ته جڏهن استاد ڪنڊوي ڄائو تڏهن شاگرد ٻيرائي صاحب جي عمر 32 سال هئي. (جيڪڏهن ميان رياض ميڪڻ موجب مولانا ڪنڊوي جي ولادت وارو سال (1163 هجري) مڃجي ته پوءِ مفتي محمد ٻيرائي صاحب( جنم 1158هه) کانئس 5 سال عمر ۾ وڏو آهي(راقم الحروف) ساڳئي شاگرد ڪتاب المخزن الروايات 1236هه برابر 1801ع ۾ لکي تيار ڪيو ته شاگرد ٻيرائي صاحب جي عمر 56 سال هئي. ان ڪٿا مان سندس استاد ڪنڊويءَ صاحب 23 ورهين جي عمر سان مدرسي هالاڻيءَ مان علامه سيد محمد عاقل شاهه جي رهنمائي ۾ پڙهي 1800ع ۾ سند ورتي ۽ ساڳئي سمي مدرسو ڪنڊو بلوچستان کوليو.
1800 ۾ مدرسو ڪنڊو جاري ٿيو جنهن ۾ 55 سالن جي شاگرد پيراڻي صاحب ديني علوم جي سکيا وٺڻ شروع ڪري ته کيس تعليم ۾ پرائڻ (تحصيل ڪرڻ ۾) 15 سال لڳي وڃن ان روءِ سان هو 70 سال جي ڄمار ۾ تحصيل ڪري وٺي. ايتري وڏي عمر واري کي جوان ته نه تسليم ڪيو ويندو. ”(ڊاڪٽر غلام علي سانگي)
راقم الحروف موجب جڏهن علامه ٻيرائي صاحب ڪتاب مخزن الروايات 1216هه برابر 11801ع ۾ لکي تيار ڪيو جيڪو فقه ۽ فتوائن تي مشتمل آهي ان بياض جونالو آهي “مخزن الروايات في تصحيح مسائل العبادات والمعاملات ته ان وقت مدرسي ڪنڊي جي شروع ٿيڻ کي سال ش گذريو هو علامه مفتي ٻيرائي ان وقت به فتوائون صادر فرمائيندو هو ته پوءِ ڪيئن چئبو ته ابتدائي تعليم پوري ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ مولانا ڪنڊوي جي مدرسي ۾ اچي داخل ٿيو. مفتي صاحب فتوائن جي هيٺان پنهنجي مهر به ثبت ڪندا هئا. ڪن مهرن تي 1216هه سن به لکيل آهي. مولانا محمد قاسم سومرو وڌيڪ پنهنجي ڪتاب ۾ هن طرح لکي ٿو ته، “ مخدوم محمد عاقل صاحب فيصل ۽ توائن جي سلسلي ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر قنبر جي ڀرسان اچي لٿو چو ٿا ته پنهنجي معتقدن ۽ مريدن وٽ ڳوٺ ٻير ۾ لٿل هو. هن جي آمد جو ٻڌي مفتي محمد صاحب کي مولوين جي صورت ۾ڏسي مخدوم صاحب هن کان ڪي سوال پڇيا جنهن تي مفتي صاحب ٻرائي باصواب جواب ڏنا. مخدوم صاحب کٽ تان اٿي هن نوجوان مفتي محمد صاحب کي پٽ تان اٿاري پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاريو. ”
هتي ته 70 سالن جي عمر هوندي به کيس نوجوان سڏيو آهي. جيڪڏهن مفتي ٻيرائي جو مدرسي ڪنڊي نه بلڪ مولانا قاسمي ۽ مولانا محمد قاسم سومري موجب روهڙيءَمان مولانا عبدالحليم ڪنڊوي کان علم پرائڻ مڃجي ته پوءِ معاملو اڃا به پري پوندو. ڇاڪاڻ ته مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب 1838ع ۾ مدرسو همايون پنهجي شاگرد مولانا خليفي محمد يعقوب همايونيءَ جي حوالي ڪري پاڻ روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ اچي رهڻ لڳو ۽ انهيءَ ئي سال يعني 1838ع ۾ وصال ڪري ويا. سندس وصال جي سال ۾ ڪوبه اختلاف ڪونهي. انڪري مفتي محمد ٻيرائي جو مولانا عبدالحليم ڪنڊوي کان ڪنڊي واري مدرسي مان فراغت حاصل ڪر واري مولانا عبدالڪريم قريشي مرحوم واري روايت ڀروسي جوڳي نظر اچي ٿي.
مولانا ڪنڊوي جي زندگي تي هڪ نظر:
مولانا ڪنڊويءَ جو روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ قيام واري زماني جو تعين ٿيل ڪونه آهي ته ڪهڙي عرصي دوران رهيو؟
مولانا دين حمد وفائي جي لکڻ موجب همايون ۾ ٿورو وقت رهي پوءِ مولانا ڪنڊوي اچي روهڙيءَ ۾رهيو. جڏهن ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي بيان کي ڏسجي ٿو ته مدرسي ڪنڊي کان وٺي همايون جي مدرسي واري دور(1838 ع تائين) کانپوءِ صرف ٿورو عرصو روهڙيءَ ۾ رهيا آهن جو انهيءَ سال 1838ع ۾ وصال فرمائي ويا.
مولانا عبدالحليم ڪنڊويءَ جي سوانح تي نظر وجهڻ سان چئي سگهجي ٿو ته پاڻ تعليم جي حصول جي سلسلي ۾ پنهنجي زندگيءَ جو چڱو عرصو گذاريو اٿائون جو بلوچستان جا وڻ ڇڏي سنڌ جي ڏورانهين حصي اوٻاوڙي تائين به ويا آهن. محمد پور (تعلقي گهوٽڪي) جي مشهور بزرگ مخدوم محمد صديق سيهڙ جي مدرسي ۾ به پڙهيا آهن ۽ سندن دست اقدس تي قادري سلسلي بيعت به ڪئي اٿائون. ان کان پوءِ وري پنهنجي ديس بلوچستان واپس وڃي قاضي محمد ابراهيم ميرپورائي وٽ رياست قلات جي شهر ميرپور کان ٿيندا وري سنڌ ۾اچي آريجن جي مدرسي (تعلقي ڏوڪري) پهتا آهن. جتان هالاڻي جي مدرسي مان سيد عاقل شاهه هالاڻي واري وٽان دستار فضيلت ٻڌي واپس پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي وڃي سال 1800ع ۾ مدرسو ڪنڊو جاري ڪيائون مدرسي ڪنڊي کان وٺي مدرسي همايون پنهنجي شاگرد خليفي محمد يعقوب صاحب جي حوالي ڪري روهڙيءَ ۾ وڃي قاضين وٽ رهيا. جتي جلدي وفات ڪري ويا. انهيءَ سڄي روئداد مان تذڪره مشاهير سنڌ واري روايت مان اهو اشڪال پيدا ٿئي ٿو ته روهڙيءَ جي قاضين وٽ ڄاڻايل 30_35 سالن وارو عرصو مولانا صاحب جي زندگيءَ جي جدول سان نٿو ٺهڪي. ڇاڪاڻ ته قيام وارو اهو عرصو مولانا صاحب جي درس و تدريس کان پوءِ جو ئي ٿي سگهي ٿو. راقم الحروف جو قياس به مولانا وفائي مرحوم واري روايت جي تائيد ڪري ٿو ته پاڻ همايون ۾ ٿورو عرصو رهي پوءِ زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا روهڙيءَ ۾ قاضين وٽ اچي شروع ڪيائين ته پوءِ پنهنجي وفات واري عرصي يعني 1838ع تائين وقفي وقفي سان (مسلسل نه) روهڙيءَ قاضين وٽ اچي ٿو ترسندا هجن جو اهي قاضي سندن شاگرد هئا. ٻيو ته وار مبارڪ جي زيارت جي اشتياق ۾ اڪثر سندن اچڻ روهڙي شريف ۾ ٿيندو هو پوءِ ڪجهه ترسي واپس تدريس جي ڪم کي لڳي ويندا هئا. استاد العلماء مولانا عبدالحليم ڪنڊوي صاحب بابت راقم کي جيڪي ڪجهه معلومات مختلف تذڪرن مان هٿ اچي سگهي سا پڙهندڙن جي آڏو رکي ويئي آهي ٿي سگهي ٿو ته وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان اڃا وڌيڪ معلوم ٿي سگهي ۽تحقيق جي ڪسوٽيءَ تي پرکي پوءِ ئي ڪا حتمي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي.
مولانا عبدالغفور“مفتون” همايونيءَ جي ڪافي
حضرت مولانا عبدالغفور “مفتون همايوني رح جن هڪ زبردست عالم ۽ فقيه هجڻ سان گڏ وگڏ قادر الڪلام شاعر پڻ هئا. پاڻ سنڌي سرائڪي فارسي ۽ ٻين ٻولين ۾ به شعرچيو اٿائون.
ديوان مفتون پهرين دفعو حافظ محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني شيام سندر پريس شڪارپور(سنڌ) مان ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن ۾ 49 صفحا سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون (118) شامل آهن. ان کان پوءِ نيازهمايوني صاحب جو مرتب ڪيل ديوان مفتون جنهن ۾ سنڌي۽سرائڪي ڪافيون (جملي 116) سنڌي ادبي بورڊ طرفان سال 1973ع پهريون ڀيرو شايع ٿيو. جنهن جو ٻيو ڇاپو به سنڌي ادبي بورڊ سال 2000ع شايع ڪيو آهي. جنهن مان اول الذڪر بزرگ همايوني صاحب جو شاگرد مولانا محمد قاسم سومري جو ڀاءُ آهي؟ ۽ سندس ڏوهٽي ميان عبدالباقي جو استاد به هو. ۽ سندن ننڍو معاصر پڻ آهي. آخرالذڪر بزرگ همايوني جن جو ڳوٺائي هو سندس والد مولانا صاحب جي خدمت ۾ به رهيو هو.
مولانا مفتون همايوني جي انهيءَ مشهور ڪافي“ تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا” جي ٿلهه لان سواءِ ڇهه بند آهن. جن ۾ مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني ۽ نياز همايوني صاحب جي مرتب ڪيل ديوان مفتون ۾ غلمان قافيو ڪونه ڏنل آهي ٻيا قافيا به هيٺ مٿي ٿيل آهن.
هيٺ ديوان مفتون مرتب مولانا محمد ابراهيم ناظم ياسينوي نياز همايوني ڊاڪٽرميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو ۽ ٻين سڃاڻ لکندڙن جي قافين وارن بندن جون اختلافي پڙهڻيون هيٺ ڏجن ٿيون. پڙهندڙن جي سڌ لاءِ لکجي ٿو ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي اهو غزل پنهنجي ڪتاب سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعريءَ۾ ڏنو آهي ڊاڪٽر عبدالخالق راز صاحب اهو غزل مير علي نواز جي ڪلام ڪليات علوي۾ڏنو آهي. مولائي شيدائي صاحب تاريخ سکر ۾علي محمد راشدي اهي ڏينهن اهي شينهن ۾ ۽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ پڻ اوائلي سنڌي ليکڪ آهي جنهن پنهنجي سنڌي ادبي تاريخ۾ اهو ڪلام ڏنو آهي.
ڪافيءَجي بندن جون اختلافي پڙهڻيون:
مفتي محمد ابراهيم ناظم ڳڙهي ياسينوي ۽ نياز همايوني
(1) ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا
ريءَ ناڻي خريد ڪيا قربان هزارين مان نه رڳو
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي داڪٽر عبدالخالق راز ۽ مولائي شيدائي ۽پير علي محمد راشدي
ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي خريد ڪيا سلطان هزارين مان نه رڳو
مفتي ناظم ڳڙهي ياسينوي ۽ نياز همايوني جيڪي مٿي قافيو “قربان” ڏنو آهي. اهو قافيو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سنڌي صاحب آخري بند ۾ “مفتون” جي جاءِ تي ڏنو آهي ۽ قربان جي جاءِ تي مفتون تخلص ڏنو آهي.
مفتي ڳڙهي ياسينوي بزرگ ۽ نياز همايوني
(2) تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري
ڇا جن ملائڪ حور پري حيران هزارين مان نه رڳو
ڊاڪٽر صاحبان ۽ مولائي شِدائي
تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري
ڇا جن ملائڪ حور پري غلمان هزارين مان نه رڳو
جن ملائڪ حور ۽ پري سان قافيو“غلمان” رطب ۾ ۽ ڪڙو ڪڙي سان ملي ٿو شعر ۾ انهيءَ صنعت کي تجنيس مرصع چئبو آهي يعني شعر ۾ شروع وارن لفظن کي ڏسي اندازي سان اڳواٽ سمجهي سگهجي ته ڪهڙو قافيو ڪم ايندو.
ڳڙهي ياسينوي بزرگ ۽ نياز همايوني
(3) ماهِ لقا محبوب مٺا تنهنجي ناز ادا تان جان فدا
ٿيا دامنگير امير گدا حيران هزارين مان نه رڳو
ڳڙهي ياسينوي بزرگ ۽نياز همايوني
(4) دلبر پيارا ڪر نور نظر تون ته سرور عالم جن و بشر.
تو تان قربان تارا شمس و قمر “مفتون”هزارين مان نه رڳو
انهيءَ آخري بند ۾ شاعر جيڪو تخلص ڪم آندو آهي انهيءَ متعلق نالي وارو اديب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جلد ٻئي ۾ لکي ٿو ته انهيءَ بند معنيٰ ته صحيح آهي پر قافيو ترتيب موجب نه آهي اهو مستان ئي ٿي سگهي پوءِ تخلص ٻي جاءِ تي آڻجي ها. ”
جوڻيجي صاحب جي راءِ وزندار آهي ڇاڪاڻ ته قافيو هم وزن ته آهي پر هم آواز نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪلام سهيڙيندڙن کان سهو ٿي ويئي هجي توڙي جو مرتب پاڻ به عالم اديب ۽ شاعر آهن پر لاشعوري طور ائين ٿي سگهي ٿو ٻيو ته ڪلام جو قلمي نسخو به ناپيد هو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي راءِ کي ڏسجي ٿو ته پوءِ اسان ڏسون ٿا ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب ۽ ڊاڪٽر عبدالخالق راز صاحب انهيءَ بند قافيو صحيح صورت ۾ بيهاريو آهي.
ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالجبار عبد
دلبر پيارا ڪر نور نظر تون ته سرور عالم جن بشر
تو تان “مفتون” تارا شمس و قمر قربان هزارين مان نه رڳو
ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومرو، پير علي محمد راشدي ۽ خانبهادر محمد صديق ميمڻ اهو آخري نالي وارو سند هن طرح ڏنو آهي.
دلبر پيارا نور نظر سرور عالم “مفتون” سير،
ٿيا تو تان تارا شمس و قمر قربان هزارين مان نه رڳو.
ڊاڪٽر ميمڻ صاحب ۽ راز صاحب جي قافين جي ترتيب به صحيح آهي ته معنيٰ ۽ مفهوم ۾ به فرق نه آهي بزرگ هڪ قادر الڪلام شاعر هو ۽ شعر جي فني نزاڪتن کان واقف هو.
جيئن ته بزرگ جو نالو عبدالغفور آهي ان ڪري ڪن دوستن غفور کي ڏسندي ان کي غلطيءَ وچان تخلص سمجهيو آهي.
ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا مخمور غفور سرور سندا
تنهنجي نور حضور ظهور سندا نگران هزارين ما نه رڳو
مولانا صاحب جي انهيءَ نعتيه ڪلام کي ڪن سڄڻن “ڪافي” ته ڪن غزل جي صنف ۾ شمار ڪيو آهي ته وري غزل نما ڪافي سڏيو آهي ته ڪن وري مولود شمار ڪيو آهي.
ڪافيءَ جي شهرت ۽ مقبوليت
پير حسام الدين راشدي صاحب “ هو ڏوٿي هو ڏينهن” ۾ لکن ٿا ته ڪافي جو تخليق ٿيڻ هو ۽ سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري ويئي. نئون خيال ۽ نئين طرز سُر سٺو، لفظ چيدا ۽ تڪن مان تڪان. اهڙيءَ طرح بيٺل ڄڻ هيرن ۽ موتين جو جڙاءُ ٿيل آهي. انهيءَ جي جواب ۾ شاعرن پنهنجو ڪلام ٺاهيو مطلب ته سڄيءَ سنڌ ۾ عجيب چهچٽو ٿي ويو. انهيءَ ڪافي لاءِ ته شاعر پاڻ ۾ گڏيا ۽ نه مشاعرو ڪيائون ۽ نه واه واه نه مڪرر مڪرر جي ڌماچوڪڙي ٿي. ڪافيون هيون عوامي زبان عوامي جذبات سان ڀريل انڪري ماڻهن هٿئون هٿ جهٽي ورتيون ۽ فورا مشهور ٿي ويون. ”
امداد حسيني صاحب ٽماهي مهراڻ 1961ع واري شماري ۾ چوي ٿو ته“ همايوني صاحب جو اهو سڄو غزل سون ۾ تورڻ جهڙو آهي ان ڪلام کي سنڌ گير شهرت حاصل آهي شاعريءَ ۾ ان کي دائميت جو عنصر چئجي ٿو”
مشهور نقاد جناب قربان بگٽي صاحب مرحوم جي به ساڳي راءِ آهي ته، “ مولانا صاحب جو اهو ڪلام شاعرانه خوبين سن معمور آهي. “ خانبهادر محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ لکي ٿو ته “ هن تتبع تي ڪيترن ئي شاعرن ڪوششون ڪيون پر مفتون جي درجي تي اڃا ڪوئي ڪونه آيو آهي. ”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب به پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو سنڌي ٻولي باختيار اداري حيدرآباد سنڌ سال 2005ع ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته “مولانا صاحب جي هڪڙي ئي ڪافي کيس سنڌ ملوڪ شاعر بنائي ڇڏيو. اها شاهڪار ڪافي اهڙي آهي جنهن جو ڪيترن شاعرن تتبع ڪيو. ”
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي راءِ بلڪل صحيح وزندار آهي جو سوناري جا سو ڌڪ لوهار جو هڪڙوئي ڌڪ وارو مثال آهي. بزرگ جيڪو رنگ هن ڪافيءَ ۾ رکيو آهي. اهو ٻيو ڪو به ڀري نه سگهيو آهي. سڄي ڪافي موسيقي ۽ سٽاءُ جي لحاظ کان انفرادي حيثيت رکي ٿي. توڙي جو بزرگ هڪ باشرع ديني عالم هو ۽ موسيقيءَ کان ڪوهين ڏور هو.
محترم مجاهد سولنگي ٽماهي مهراڻ جي نمبر 4 سال 2017ع واري پرچي جي پنهنجي ليک مفتون هزارين ۾ لکيو آهي ته“ اسان جو استاد علي ڏنو سانگي فائنل پاس اديب سنڌي سلور ميڊل) راڳ جي راڻي عابده پروين سان ڳائيندو به هلندو هو ڪنڌ به هڻندو هو جڏهن ڪافي پوري ٿيندي هئي ته آخر همايوني صاحب جي مذڪوره ڪافي ۽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي مدح بابت ضرور اظهار ڪندو هو ته سنڌي ادب ۾ هي ٻه تخيل مرڻا ئي نه آهن. ”
جهڙي طرح شيخ سعدي جي مشهور شعر“بلغ العليٰ بکماله” جون فارسي ۽ اردو ۾ گهڻيون ئي تضمينون چيون ويو آهن. ساڳئي طرح حضرت مولانا مفتون همايونيءَ جي هن مشهور ڪافي تي به سنڌيءَ جي ڪيترن ئي وڏن شاعرن تتبع ڪيو آهي.
ادبي جائزو
جيئن ته ڪافيءَ جو ٿلهه مرڪزي حيثيت جو حامل هوندو آهي.
انهيءَ جا سڀيئي بند ڪافيءَ جي ٿلهه سان موافقت رکندا آهن. ۽ اهو ڳانڍاپو آخر تائين سلسليوار قائم رهندو آهي. ائين کڻي چئجي ته سڄي ڪافيءَ ۾ شاعر جو مرڪزي خيال انهيءَ هڪ ئي نقطي (ٿلهه) کر مرڪز هوندو آهي مولانا صاحب جي اها ڪافي انهن سڀني ڳالهين تي پوري اچي ٿي ڪافيءَ ۾ ٿلهه کان پوءِ ڇهه بند آهن جيڪي سڀ جا سڀ مضون ۾ ٿلهه سان سلهاڙيل آهن. ۽ ڪڙي ڪڙي سان مليل آهي بزرگ جيئن ته هڪ نامور جيد عالم دين هو فقهه۽ فتويٰ ۾ سندس بلند مقام هو. اهڙي طرح سنڌي شاعريءَ جي مقبول صنف ڪافي ۾ به سندس شمار چوٽيءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُنه آهي ته پاڻ ڪافيءَ جا باڪمال ڪافي گو شاعر آهن. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم به شاعريءَ جي ميدان ۾ سندس بلند مرتبي جو معترف هو هڪ هنڌ پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو:.
مٽ نه “مفتون” سان ڪڏهن ٿيندين قليچ،
ناهي حاصل سا توکي طبع رواني جاني.
مولانا مفتون همايوني جي انهيءَ ڪافي لاءِ ڪجهه سڃڻن پنهنجا رايا ڏنا آهن
شيخ اياز چوي ٿو ته مفتون همايوني جي سڄي ڪافيءَ جي اها هڪ سٽ ئي پڙهڻ جهڙي آهي.
شيخ اياز جي ان راءِ کي رد ڪندي امداد حسيني صاحب ٽماهي مهراڻ 1961ع واري شماري ۾ پنهجي لکيل مضمون لفظ نه آهن کيڏوڻا ۾ لکي ٿو ته مفتون همايونيءَ اهو سڄو غزل سون ۾ تورڻ جهڙو آهي. ” ان ڪلام کي سنڌ گير شهرت حاصل آهي. اڄ به اهو ڪلام پڙهجي ۽ ٻڌجي ٿو هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي شاعريءَ ۾ ان کي دائميت جو عنصر چئجي ٿو ان جو گهاڙيٽو ٻولي خيال ۽ قافين جو سٽاءُ حيرت انگيز طور تي متوازن آهي اهي غير معمولي سٽون آهن وڏي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ لاشعوري طور تي سر ست سريءَ ۾ پوئجي ويون آهن.
مشهور نقاد ۽ محقق محترم قربان بگٽي مرحوم به شيخ اياز جي مٿئين راءِ تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته مولانا مفتون همايوني صاحب جو اهو سڄو ڪلام تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو ڪلام ڪيڏو نه شاعرانه خوبين سان معمور آهي. ”
راقم الحروف جي خيال موجب حضرت علامه مولانا مفتون جي ڪافي تي شيخ اياز جيڪا راءِ ڏني آهي ان ۾ ڪوبه وزن نه آهي ان ڪري ان تي وڌيڪ تبصرو نٿو ڪجي.
مولانا عبدالرحمان ضيائي سعدي سنڌ مولانا بهائي جو فرزند سنڌي ۽ فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. ان صاحب به هن ريت پنهنجو ويچار ونڊيو آهي. دادا سنڌي لکي ٿو ته هڪ دفعي ڪچهري ڪندي غزل جي ٽيڪنيڪي پهلو تي گفتگو ٿي مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي غزل:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو
جو ذڪر ڇڙيو مون کان پڇيائون ته هن غزل ۾ نظري ۽ فڪري غلطي ڪهڙي آهي؟ جيتوڻيڪ فني ۽ ٽيڪنيڪي لحاظ کان اعليٰ آهي پر معنوي لحاظ کان ضعيف آهي مون چيو ته قبلا اوهين ئي روشني وجهو چوڻ لڳا ته محبوب جي هر شيءِ هر ادا به محبوب هوندي آهي ان جي ڪڙائي ۾ مٺاڻ ۽ جدائي ۾مزو هوندو آهي محبوب جي قيد کي زندان سڏڻ ۽ زلف جي ڪمند کي بند سڏڻ نظري فڪري ۽ معنوي لحاظ کان گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نظر ۾ ٺيڪ نه آهي. ”
محبوب جي ڪڙائيءَ ۾ برابر مٺاڻ آهي. لطيف سائين فرمائي ٿو ته:
پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي چکين جي چت ڪري.
مولانا ضيائي جو اهو چوڻ ته محبوب جي قيد زندان سڏڻ ۽ زلف جي ڪمند کي بند سڏڻ سندس نظر ۾ ٺيڪ نه آهي.
سندس انهيءَ ڪلام جي لفظن(بند، ڪمند ۽ زندان) تي معنيٰ طلب لفظ:
بند* بند ٿيڻ قيد ڪرڻ قابو ڪرڻ ٻڌجي وڃڻ باندي ٿيڻ داءُ پيچ ور وڪڙ داءُ يا وجهه ۾ قابو ڪرڻ
ڪمند: مضبوط رسو چمند( کاٻر جو وٽيل رسو جيڪو کجيءَ تي چڙهڻ لاءِ چاڙهو چيلهه سان ٻڌندو آهي) ڦاهيءَ جو ڦندو.
زندان: بنديخانو قيد جيل عشق جو قيدي عشق جو گرفتار(فيروزاللغات)
شعر جي انهيءَ سٽ جو حاصل مطلب : مولانا صاحب پنهنجي انهيءَ ڪافيءَ جي ٿلهه ۾ محبوب جي زلفن مبارڪن جو فڪر ڪندي فرمائي ٿو ته اي سهڻن زلفن وارا سائين تنهنجن انهن ڪارن ڪنڊيدارن زلفن مبارڪن مون کي اهڙو ته ڪمند(رسي) سان مضبوط ٻڌي بند(سوگهو) ڪيو آهي جو مان انهيءَ بن جو باندي آهيان ۽ زندان ۾ آهيان يعني تنهنجي عشق ۾ گرفتار آهيان. انهيءَ زندان ۾ رڳو هڪ مان نه پرمون جهڙا هزارين گرفتار آهن.
جيئن ته بند لفظ جي ٻي معنيٰ داءُ پيچ ڏنگ ونگ داءُ يا وجهه ۾ قابو ڪرڻ به آهي. انڪري هيءَ معنيٰ به نڪري ٿي. اي محبوب! تنهنجي ور وڪڙ زلفن مبارڪن اهڙو ته داءُ يا وجهه هڻي وڪڙ ۾ آندو آهي جو انهيءَ پريت جي پيچ ۾ ۽ نينهنن جي ناتي ۾ مون جهڙا هزارين زندان ۾ جڪڙيل آهن يعني باندي اسير يا گرفتار آهن.
هاڻي ڏسو ته شعر جو مفهوم پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب ۾ڪيڏو نه واضح ۽ چٽو آهي. ليڪن ضيائي صاحب “بند” لفظ جي معنيٰ جي مغالطي سبب زلف جي ڪمند کي بند سڏيو آهي. حالانڪ هتي بند فارسي لفظ جي ٻي معنيٰ پيچ داءُ ڏنگ ونگ ۽ ور وڪڙ به آهي. جيڪي زلفن جي بند کي عاشقن لاءِ ڪمند سڏيو آهي اهڙيءَ طرح زندان لفظ به ائين آهي ته انهيءَ پريت جي پڪي پيچ ۾ڪيئي عاشق صادق جڪڙيل ۽ سوگها آهن يعني زندان ۾ آهن.
حاصل مطلب ته انهيءَ شعر ۾ ڪي به علمي موشگافيون نه آهن. اهو مولانا ضِيائي صاحب جو پنهنجو خيال آهي جو ڇڪي تاڻي وڃي پنهنجي تاويل ڪئي اٿائين. حالانڪه ضيائي صاحب عربي فارسي ۽ سنڌي زبانن جو وڏو عالم، شاعر ۽ علم عروض کان به ڀليءَ ڀت واقف هو ليڪن سندس ذهن زلف جي ڪمند کي بند سمجهڻ ۾ ٻئي پاسي هليو ويو آهي.
ساڳئي تتبع تي پير سيد ابو صالح شاهه جيلاني پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي. چوي ٿو“تنهنجي زلف جي پيچ اسير ڪيا” خود مولانا ضِيائي حضرت مولانا مفتون جي ڀران پنهنجي ڪافي پڻ چئي آهي ان جي آخري بند ۾ چوي ٿو:
انهيءَ زلف دراز جي دام اندر ٿيا قيد ڪروڙين شام و سحر،
۽ مثل ضيائي خاڪ بسر، پريشان هزارين مان نه رڳو.
هاڻي سندس انهيءَ بند جي لفظ دام تي راقم الحروف کي به اعتراض آهي (دام) لفظ جي معنيٰ آهي* پکين کي ڦاسائڻ لاءِ چوڻ وجهڻ، ڄاراڏڻ ڄار ۾ ڦاسائڻ، حرفت ۽ دوکي سان شڪار ڪرڻ ناحق بند ڪرڻ دام ۾ڦاسائڻ جو اصطلاح سنڌي ٻوليءَ ۾مٿين معنيٰ ۾ ئي استعمال ڪجي ٿو ته پوءِ ڇا محبوب حقيقي جو حسن و جمال ۽ زلف مبارڪ عاشق صادق کي ڪوڙو ڏيک ڏيئي يا مجازي موهي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا جو هو ويچارو ناحق ۽ اجايو انهيءَ ڄار يا قيد ۾ ڦاسي پوي ٿو.
مولانا ضيائي صاحب جي شعر جي معنيٰ به هتي سندس مقرر ڪيل اصول موجب ساڳي بيهي ٿي. جيڪا پاڻ سائين بزرگ همايوني صاحب لاءِ لاڳو ڪئي اٿائين. بلڪه ائين نه آهي سندس حاصل مطلب هي آهي،
يعني اي محبوب! تنهنجي انهن سهڻن ڏنگن يعني ور وڪڙن وارن مبارڪن مون کي اهڙو ته ڄار ۾ ڦاسايو آهي جو انهيءَ بند ۾ (دام ۾ ) ڄار ۾ ڪروڙين عاشق ويچارا قيد آهن يعني ڦاٿل آهن هتي دام مان ٻي معنيٰ بند به نڪري ٿي ته پوءِ ائين چئي سگهبو ته محبوب جي زلفنمبارڪن جا جيڪي قيدي آهن سي ناحق بند ۾ آهن. هر گز نه.
غلام محمد شاهه گدا جنهن کي سنڌي غزل جي بادشاه شاعر مير عبدالحسين خان سانگي پنهنجو استاد سڏيو آهي. ان جي هڪ غزل جي مصرع آهي.
اها ئي آرزو منهنجي اها ئي اشتياق آهي،
ڪريان آءٌ طوق گردن جو سندءِ زلف مسلسل کي
زلف مسلسل پيچيده زلف جيڪي محبوب جي ڳلن ۽ گردن تي پون ٿا انهن کي شاعر ڳچيءَ جو هار سڏي ٿو. جنهن کي گلوبند به چوندا آهن. محبوب جي خمدار زلفن مبارڪن جو ذڪر سپورنج سگهڙن کان وٺي عروض توڙي صوفي شاعرن پنهنجي پنهنجي ڪلام ۾ نهايت اعليٰ پيرايي ۾ ڪيو آهي. پر بزرگ علامه مفتون همايوني جي هن بند ۾ جيڪا ڪشش بيان جي سگهه ۽ قدرت آهي. اها سندس ئي حصي ۾ آئي اهي. محترم الطاف آثيم صاحب سابق ايڊيشنل ڊائريڪٽر سچل چيئر شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور راقم الحروف کي نياز همايوني جي حوالي سان ٻڌايو ته سندس (ناز همايوني جو) والد ٻڌائندو هو ته اها ڪافي بزرگ همايوني صاحب به جهونگاريندا هئا. ان وقت سندن اکين مان ڳوڙهن جون قطارون وهي نڪرنديون هيون.
حقيقت هيءَ آهي ته اسان جي مڙني شاعرن نعت شريف جي سڀني لوازمات جو ادب ۽ احترام ملحوظ رکيوآهي ۽ پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. تشبيهون استعارا ۽ محاورا با مقصد بيان ڪيا آهن. هن مجموعي ۾ جن به شاعرن جو ڪلام آيو آهي. انهن مان اڪثر شاعر ته وڏا عالم فاضل عربي فارسي ۽ سنڌي جا بلند پايه شاعر آهن. هر هڪ جي شاعريءَ ۾ پنهنجو پنهنجو رس ۽ چس آهي. حاصل مطلب ته بزرگ مفتون صاهب جي انهيءَ ڪافيءَ ۾ لفظن جي جڙاوت لفطن جو صحيح انتخاب بندش توڙي بيان جو انداز مولانا صاحب جهڙو عارف ڪامل ۽ با ڪمال شاعر ئي ادا ڪري سگهي ٿو. هيءُ ڪلام سنڌي نعتيه شاعريءَ منفرد ۽ اعليٰ مقام رکي ٿو. جو ڪو به شاعر مولانا صاحب جهڙو خيال پيش نه ڪري سگهيو آهي. حق اهو آهي ته ڪلام جي لفظي ۽ معنوي دلڪشي فڪر جي صحت تخيل جي بلندي ۽ انداز بيان جي ڪمال جي لحاظ کان هيءُ ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
سڀني شاعرن سرڪاِ دو عالم ﷺ جن جي شان ۾ مدح سرائي ڪندي پنهنجي علم ۽ ادراڪ جي ڪوتاهيءَ جو اعتراف ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته سندن ﷺ واصف خود رحمان آهي ته پوءِ عاجز انسان سندن شان مبارڪ ڇا بيان ڪري سگهندو جنهن جو شان ورفعنا لک ذکرک آهي. بس هر هڪ پنهنجي فهم ۽فراست موجب مٽيءَ آهر هوڪو ڏنو آهي
بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر.
بزرگ مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ جي شاهڪار ڪافي
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي شاهي دستر خوان مٿي مهمان هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا، مخمور غفور سرور سندا،
تنهنجي نور ظهور حضور سندا نگران هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي ابرو تيغ شهيد ڪيا ڪيئي ناز مزيد مريد ڪيا،
ريءَ ناڻي ديد خريد ڪيا سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي جلوي جمال جي عشوه گري ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري
ڇا جن ملائڪ حور و پري غلمان هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي نوڪر چاڪر ۽ اڪبر ڪيئي خادم خاقان هن نوڪر
سوين در تي دارا ۽ سڪندر دربان هزارين مان نه رڳو.
اي ماه لقا محبوب مٺا تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دستگير امير گدا حيران هزارين مان نه رڳو.
دلبر پيارا ڪر نور نظر تون ته سرور عالم جن و بشر،
توتان “مفتون” تارا شمس و قمر قربان هزارين مان نه رڳو.
مختلف شاعرن جو تتبع
مولوي عبدالقادر عبدي
منجهه عشق تنهنجي محبوب مٺا نالان هزارين آئون نه هڪو،
سي تيغ بره تو ڪيئي ڪٺا غلطان هزارين آئون نه هڪو.
ڪئي چمن حسن اڄ گلزاري ٿيا بلبل نالان چوڌاري،
ڪئي ذات صفت ۾ اظهاري گردان هزارين آئون نه هڪو
ڪيو شمس شعاع ميان مظهر ڪئي نورتجلي منجهه گهر گهر،
بر شمع حسن تو اي دلبر پروان هزارين آئون نه هڪو.
منجهه درد فراق تنهنجي دلبر شب روز ڦرندڙ بحر و بر،
لک مجنون جهڙا ليلي پر ديوان هزارين آئون نه هڪو.
بر حسن حقيقي تو منور، اي پارس پير مغان پرور،
لک ڪهندا ارني شام و سحر مستان هزارين آئون نه هڪو.
منجهه نور تجلي روئي تو لک مست ٿيا ڏانهن بوئي تو،
سو غلطان اندر ڪوئي تو جو شان هزارين آئون نه هڪو.
سين مهر ملو اي منٺار ڪر غور غريب جو غمخوارا،
شب روز وصل تو دلدارا جوبان هزارين آئون نه هڪو.
منهن منور محب لڪائين ڇو هن سڪندي کي تون سڪائين ڇو،
هن دردي کي تون ڌڪائين ڇو خواهان هزارين آئون نه هڪو.
گهنڊ کول حبيبان منهن ڏيکا تون وارث وهلو منهن ويکا،
تون درسن دلبر اڄ ديکا قربان هزارين آئون نه هڪو.
لا غرضي اهڙي يار نه ڪر، سر پنهنجي خون هزار نه ڌر،
اڄ قتل ڪيا تو ساڻ خنجر، هزارين آئون نه هڪو.
منجهه سوز گداا مثل “عبدي” لک عريان عاشق اي احدي،
بر بي پروا در تو صمدي گريان هزارين آئون نه هڪو.
( عبدي جو رسالو محترم مجاهد سولنگي جي ٿورن سان)
مير علي نواز علوي شڪارپوري
تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا، انسان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي شان برابر شاهه نه ڪو، تنهنجي سونهن سندو مٽ ماه نه ڪو،
تنهنجي خيال کان خالي ساه نه ڪو خواهان هزارين مان نه رڳو.
قرآن سراسر شان تنهنجو آهي واصف خود رحمان تنهنجو،
ٻيو ڪهڙو ڪري ته بيان تنهنجو حيران هزارين مان نه رڳو.
ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا ڪن سهسين سڪ مان سلام تنهنجا،
ٿيا حلقه بگوش غلام تنهنجا سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجا مادح ميڪائيل جهڙا، ڪيي عاشق اسرافيل جهڙا،
تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا، دربان هزارين مان نه رڳو.
توتان پاڻ فدا ڪن شاه و گدا، ريءَ ناڻي ٻانها ٻول ٻڌا،
ٿيا خادم تنهنجي خلق سندا، خاقان هزارين مان نه رڳو.
ناهي “علوي” هڪ مفتون تنهنجو آهي عالم سڀ ممنون تنهنجو،
ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو قربان هزارين مان نه رڳو.
مولانا تاج محمود امروٽي
تنهنجي جلوي جوت جمال مٺا موهيا خان لکين هڪ مان نه رڳو، .
تنهنجي نيڻ ناز ڪمال ڪيا حيران لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي محبت۾ مخمور وتن، درس ڌيان ڇڏي ديوانا ڦرن،
مجنون وانگي مستان ڦرن صنعان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي عشق اتاريا خيال فڪر، سنسار سندي سامان ڪنان،
جند جان جثو مڏيون مال سڄو قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
لکين لوڪ لقا جي لاءِ ڪٺا، مشتاق ملڻ جي ڪاڻ مٺا،
جن ملڪ فلڪ حيوان سڀئي انسان هزارين مان نه رڳو.
جڏهن ذات اوهان جي ظهور ڪيو، هر مظهر کي پر نور ڪيو،
تڏهن عشق مونکي مخمور ڪيو پڙهن سبحان لکين هڪ مان نه رڳو.
ويس صورت جي واه واه مٺا ماريون بڙڇيون برهه جون ڪان چٽا،
سوين سرواهين سوز جي آهن ڪٺا مرد ميدان لکين هڪ مان نه رڳو.
جڏهن پرتئون پيچ “حسن” کي پيو. تڏهن محب کڻي من قيد ڪيو،
ويو هوش عقل اي عشق ويو ڪيا پريشان لکين هڪ مان نه رڳو.
ٻڍل فقير
تنهنجي اکڙين جي اسرار حيران ڪيا
پير پغمبر شاه سڪندر ڪلنگي دار موهي مستان ڪيا
انهن ڪجلين ڪيئي گهايا ابرووءَ جي جهلڪار ڌتاري ديوان ڪيا
عشق مجني کي بر ۾ بيهاريو ولين ڪيس ولهار گوندر گهمسان ڪيا
عشق ٻڍل ٿي اوکو اڻانگو درد ڌڌڪار سورن سامان ڪيا
مولانا حبيب الله شهدادڪوٽي
تنهنجي حسن جي نظر عنايت سان ويران ٿيا معمور سوين،
درويش ٿيا سلطان سوين سلطان ٿيا مزدور سوين.
اي مرڪز حسن حقيقت نت ڪي پڇندا وٽن ٿا نشان راه
تنهنجي نقشِ قدم ڳوليندا وتن، غلمان هزارين حور سوين.
پنهنجو پاڻ مثال تون نازن ۾ پنهنجو پاڻ نظر نيازن ۾،
تنهنجي خاڪ تي سر بسجود رهن سج چنڊ جيان ڪي نور سوين.
تنهنجي ريگستان جي هر ذري ۾ وادي ايمن مستور ڏٺم،
تنهنجي در و ديوار جي گرد سدا طواف ڪرن ٿا طور سوين.
هر ذلت کان محفوظ رهن تنهنجي خس خاني جا خاڪ نئين،
هر عزت کان محروم رهيا تنهنجي چانئٺ کان رهي دور سوين.
ڀر پيچ تنهنجو و منزل آ، سا بند سدا بي ساحل آ،
ائين ٻڏڻ ترڻ جي غوطن ۾، ٻيڙا غرق ٿيا ڀرپور سوين.
توکان منهن موڙي بي باڪ سوين ڳري خاڪ ۾ ٿي ويا خاڪ سوين،
ڪيئي سر ڦريل مغرور سوين مري ٿي ويا چڪنا چور سوين.
تنهنجي مشڪين خال جا شيدائي، صحراءِ ختن ۾ رلندا وتن،
تنهنجر زلف سياه جا سودائي برباد ٿيا ڪافور سوين.
اي ناقه سور آهسته هلاءِ ڪجهه بيهي پوئتي نهاري ڏس،
ڪيئي پيدل پنڌ “حٻيب”جيان رلندا ٿا اچن معذور سوين.
سيد ابو محمد صالح شاهه جيلاني
تنهنجي زلف جي پيچ اسير ڪيا عرفان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي حسن جي تعريف سهڻا سدا جن ملڪ حيوان ڪندا،
تابع تنهنجا شاه وگدا انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي محبت دل ۾ دام وڌو قابو ٿئڙس عام ٻڌو،
پيچ پريت جي قيد ڪيو، ملوان هزارين مان نه رڳو.
ديدار سندءِ لئه شمس و قمر ٿيا زير زبر ان جي اختر،
حيوان پرنده الڳ دلبر ديوان هزارين مان نه رڳو.
تنهجي خاڪ قدم تان جان فدا دارا جهڙا در جا گدا،
مفتون “صالح” نيڪ هدي قربان هزارين مان نه رڳو.
(ساعت ساعت راه نهاريان الطاف اثيم)
مير علي نواز ناز ٽالپور والي رياست خيرپور
توتي جن ملڪ انسان ٿيا حيران هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي اکڙين جا احسان ٿيا جن سورن جا سامان ڏنا،
تنهنجي پنبڙين جي پيڪان ڪيا قربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي زلفن ڏاڍا زور ڪيا ڄڻ نانگ بشيهر شور ڪيا،
جن ڏنگ هڻي في الفور ڪيا بيجان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي حسن جا جلوا ڇا چئجن جيڪي تازو ٿا ايمان ڪرن،
جن تي دم دم ٿا صلوات پڙهن انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي “ناز” گهڻا نروا ڪيا جيڪي تنهنجا تابعدار ٿيا،
تنهنجي نينهن جا نوڪر يار ٿيا سلطان هزارين مان نه رڳو.
( ڪليات ناز، ميرعلي نواز “ناز” از ڊاڪٽر عطا محمد حامي)
مولانا محمد ابراهيم ڳڙهي ياسيني
تنهنجي نانءُ مٿان سردار سچا قربان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي محبت ۾ مخمور ٿيا مستان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي در جي مٿان خاقان ڪيئي ۽ ڪسري قيصر خان ڪيئي،
چمي چانئٺ تنهنجو سلام ڪرن، سلطان هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي سهڻي ميهر مجنون جهڙا، سسئي پنهون هير رانجهن جهڙا،
. تنهنجي برهه جي درد فراق ڪيا، ديوان هزارين مان نه رڳو.
اي شاهه عرب تون رحمت رب دل ساڻ فدا ٿيا تو تان سڀ،
تنهنجو قدر عظيم الشان ڏسي حيران هزارين مان نه رڳو.
ڇا وصف بيان ڪري سگهندو هي هاشمي ادنيٰ امت جو،
تنهنجي مدح ثنا جي لاءِ ٿيا، حسان هزارين مان نه رڳو.
( صاحبزاده محمد سالم جان هاشمي نگران مدرسه قاسميه ۽ ڪتب خانه ڳڙهي ياسين جي ٿورن سان)
پير محمد معشوق شاهه راشدي
تنهنجي حسن مليح خداداد مٿي دلداد هزارين مان نه رڳو
سو عاشق تنهنجي تصوير ڪيا، لک تابع تنهنجي تحرير ڪيا،
سر خمر تسليم ڪيا استاد هزارين مان نه رڳو
تنهنجي زلف زنجير گلوگير اندر نخچير ڪثير اسير اندر،
بيدار زنخ هي بير اندر، افتاد هزارين مان نه رڳو
ڪيا چاڪ فراق بي چاق اڃا، منهن ماه لقا جا مشتاق اڃا،
ڪن عرب عجم جا عشاق اڃا، فرياد هزارين مان نه رڳو
ڏس “معشوق” جي هن حال مٿي جنهن جو جيءُ جانب جمال مٿي،
تنهنجي شيرين محب مقال مٿي، فرهاد هزارين مان نه رڳو
( سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعري ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
آغا غلام النبي)آغا صوفي)
تنهنجي زلف سياه خط خال مٿان قربان سوين هڪ مان نه مٺا
ٿا لات پکي ڏينهن رات لنون، تنهنجي ساره ملڪ بملڪ جون،
تنهنجي در تي نادر ناٿ نون ٿا خان سوين هڪ مان نه مٺا
هڪ زلف اوهان جي ماهه لقا، ڪيا خادم خاقان شاه گدا،
تنهنجي در تي دارا دلربا، دربان سوين هڪ مان نه مٺا
تنهنجا عين مثل الماس ٻئي، سڌ سونهن سندي هر سو ۽ ٻئي،
تنهنجي الفت جا ٿا ڪن ڪيئي ارمان سوين هڪ مان نه مٺا
ڪيئي محبت ملهه خريد ڪيا، ڪيئي پاڪ پريت پليد ڪيا،
تنهنجي ديدن مست مريد ڪيا، سلطان سوين هڪ مان نه مٺا
ڪئي آه “آغا” هي خوب ثنا، وڃ هوت اڳيان پره باد صبا،
ڪن صفت اوهان جي صل عليٰ انسان سوين هڪ مان نه مٺا
( سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعري ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تان کنيل)
صوفي محمد بخش ڦرڙو
تنهنجي تاب حسن بي دست ڪيا، نگهوسار هزارين مان نه رڳو
ڪئي جن جان فدا مئگون مدا دن رين مدا نئين نينهن وڌا
ٿيا فوج حسن ۾ شاه و گدا نروار هزارين مان نه رڳو
ٿيا پار لقا ۾ محبوب مُڪا سي ڪين لڪا،
آيا عشق ۾ پيالا پي ته چُڪا، لکوار هزارين مان نه رڳو
“محمد” ڪيئي مخمور ٿيا، منصور مڙيي مسرور ٿيا
تنهنجي نور ظهور ۾ ڄُور ٿيا، سردار هزارين مان نه رڳو
( امواج محمدي ڪلام ۽ سوانح عمري صوفي محمد فقير ڦرڙو ڀاڱو پهريون تان ورتل (محمد عثمان چنيهاڻي لئبريري جي مالڪ جي ٿورن سان)
فقير اميد علي دلگير
تنهنجي ديد سڄڻ خريد ڪيا سلطان هزارين مان نه رڳو
نينهن جا نيزا روز نوان، مون ڪاهيو اچن ٿا سيني سنوارن،
ڪريو مهر جي بخشش مون تي اوهان قربان هزارين مان نه رڳو
وڃان آءٌ سخي ڏاتار ڏي هاڻي هلي، ڪندو مرشد منهنجي پاڻهي ڀلي،
اوسر تاج صاحب آهي ٻَلي، انسان هزارين مان نه رڳو
روز رڙان ٿي راڙو ڪري ويو دلڙي کسي ير ڌاڙو ڪري،
من محب اچي مون لاڙو ڪري، حيران هزارين مان نه رڳو
لڪي نينهن ڳنڍڻ آ اوکو ادا. “دلگير” جيها اتي ڪيئي گدا،
اچي يار بره مون باري وڌا، ديوان هزارين مان نه رڳو
(سر مست 14 ص 84_85 1994ع سخي قبول محمد ڀٽي جي سلسلي جا شاعر ڊاڪٽر نواز علي شوق)
محمد بخش واصف
تنهنجي نيڻ نظر ڪري ناز ڪيا، مستان هزارين مان نه رڳو
انهيءَ ابروجي تکي تاب ڪيا، قربان هزارين مان نه رڳو
تنهنجا زلف اچيو ڪن قيد دليون وجهيو دام هڻن ڏاڍيون ڏنگيون،
گهٽي ڪاڪل ڪيا سڀئي يار گهٽيون زندان هزارين مان نه رڳو
عارض جا هي انوار ٿيا، پچي يار پتنگ نثار ٿيا،
اتي عاشق ڏس صدبار ٿيا، بريان هزارين مان نه رڳو
تنهنجو ماه منور نور فشان، خورشيد ڪيا ڪيئي زرد نشان،
انهيءَ ماه ملاحت دار مٿان حيران هزارين مان نه رڳو
تنهنجي حسن جڏهن ڪئي جلوه گري شيدا شوق ڪنان ٿيا حور پري،
وڌا ناز نشي جاني يار وري، جولان هزارين مان نه رڳو
. .
ڪيئي دارا سندءِ دربان ٿيا خدام لکي خاقان ٿيا، .
تنهنجي شان ڪنان جي شان ٿيا، ذي شان هزارين مان نه رڳو
لکين دوست ري اڄ بي تاب ڏسان، سوين سوز جگر ۾ ڪباب ڏسان،
لکين “واصف” بي خور و خراب ڏسان گريان هزارين مان نه رڳو
( ماهوار نئين زندگي مئي جون 1999ع محبوب اختر پٺاڻ)
مولوي غلام الرسول جتوئي
تنهنجي حسن صبيح مٿان حيران هزارين مان نه رڳو
پير پيغمبر شاه و گدا قربان حيران هزارين مان نه رڳو
تون نور خدا جو آهين عڪس تون آهين سراپا نور سندس،
ڏسي توکي ويا ٿي ڪئين بيوس، انسان حيران هزارين مان نه رڳو
حسن تنهنجي جي هڪڙي جهلڪ ڏينهن رات ڦرن پريشان فلڪ،
حورون ديو پريون ۽ جن ملڪ مستان حيران هزارين مان نه رڳو
ڏسي توکي ٿي شرمندي بجلي، جهلي ڪير سگهي تنهنجي تجلي،
ڪئين پتنگ مثل ويا جوان جلي، خود خان حيران هزارين مان نه رڳو
تنهنجو شان وڏو ڪيو آهي خدا، توتئون ساري خدائي آه فدا،
تنهنجي در جا “غلام رسول” سدا سلطان هزارين مان نه رڳو
(مولود ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
مولانا عبدالرحمان ضيائي
تنهنجي برهه جي باهه آڙاهه ڪيا، سوزان هزارين مان نه رڳو
ڪي علم اصول سندا عالم، ڪي حڪم هلائيندڙ حاڪم،
تنهنجي تهه دل سان سڀ ٿيا خادم سلطان هزارين مان نه رڳو
ڪيئي مرد مجاهد اهل صفا، ڪي رندي رمز جا راهنما،
سوين قرب جي قيد ۾ قابو ٿيا، انسان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي مدح ۾ محب مٺا، منهنجا ٿيا محو مدامي شام و گدا،
ڪن باغن ۾ بلبل مدح سندا اعلان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي حسن جي هاڪ تمام مٿي ۽ لطف لياقت علم مٿي،
ڪيئي ڪامل تنهنجي ڪلام مٿي قربان هزارين مان نه رڳو
انهيءَ زلف دراز جي دام اندر، ٿيا قيد ڪروڙين شام و سحر،
۽ مثل “ضيائي” خاڪ پريشان هزارين مان نه رڳو
مولانا عبدالله عبد چانڊيو
تنهنجي حسن جي جوت جمال ڪيا، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي مشعل منهن تي مست سدا، پروان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي ابرو تيغ شهيد ڪيا تنهنجي ناز نگاه مريد ڪيا،
تنهنجي ديد خريد مزيد ڪيا، انسان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي زلف زنجير اسير ڪيا، نخپير امير وزير ڪيا،
تو تان صدقي پير فقير ٿيا، ۽ جوان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي قامت آڏو سرو نمن ٻيا باس ۽ بان به پيا ٿا جهڪن،
نمي نياز منجهان لکين قدم چمن سلطان هزارين مان نه رڳو
سدا درد مندن جا درد دکن، ۽ سڪ وارن جا ساه سڪن،
تنهنجي روءِ ڏسڻ لئه راڄ روئن گريان هزارين مان نه رڳو
چانڊيو“عبد” ڪري ڪهڙي صفت ثنا، دل آهي پريشانيءَ ۾ فنا،
نه ڪي پورا پوندا ورق پنا، ثنا خوان هزارين مان نه رڳو
“احمد ساڻ اپار” مولانا عبدالله عبد چانڊيو جي شاعري
مرتب عبدالسلام چاچڙ)
لطف الله بدوي
تنهنجي حسن جهان افروز مٿي، حيران هزارين مان نه رڳو
تنهنجي نقش قدم تي سجده ڪنان، قربان هزارين مان نه رڳو
تون روز ازل جو راز نهان، تنهنجي نانءُ سندو مشتاق جهان،
تنهنجي قدسي ذات صفات مٿان، هزارين مان نه رڳو
اي صاحب حسن جميل الشيم، تنهنجي دست ڪرم ۾ لوح و قلم،
تنهنجي لطف سندا ارباب همم، نگران هزارين مان نه رڳو
تنهنجي ذات جڏهن ٿي جلوه نما، هر ذري پڙهيو ٿي صل عليٰ،
هي ارض و سما هي خلق خدا، خواهان هزارين مان نه رڳو
جي صرف ڪيان هي عمر سڄي تعريف ڪيا مان ڪين وڄي،
هي بحر عميق ۽ فصيح لڄي، غلطان هزارين مان نه رڳو
هي ذڪر جميل آ “لطف” لکيو ، آ هجر ۾ جنهن جو حال ڏکيو،
هي ڪين فقط پروانو ٿيو، مستان هزارين مان نه رڳو
(سنڌي زبان ۾ نعتيه شاعري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
غلام علي مخمور (1906 _1958ع)
در تنهنجي گدا ڏينهن رات سدا، سلطان هزارين مان ڇاهيان،
مفتون لکين ڪاڪل تي ٿيا، قربان هزارين مان ڇاهيان.
تون نور منور نر خدا، سلطان زمن محبوب خدا،
هن حسن تجليءَ تيز ڪيا، مستان، هزارين مان ڇاهيان.
محبوب زليخا سان نسبت هو، عڪس تنهنجي تصور جو آ،
هن صورت زيبا خون ڪيا، ارمان هزارين مان ڇاهيان.
آ چاٽ لڳي الفت جي جنهين مدهوش سدا ديوان رهن،
حيران هزارين مان ڇاهيان حيران پريشان حال زبون
مخمور ڪيا هڪڙي نگهه مخمور سوي مخمور رهن
هن صبح مسا هو در پيا، ديوان هزارين مان ڇاهيان.
(شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ص275)
خليفو محمد دين درسُ
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي در تي ڪيئي اچن ڇڏيو شان مراتب شاهه نمن،
ڇا قيصر ڪسريٰ شاهه هجن، خاقان هزارين مان نه رڳو.
ٿي عجز اچيو هارون ڪيا، خادم شاهه جهان مامون ٿيا،
تنهنجي در تي عالمگير جها، دربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي مدح پڙهن ٿا جن و بشر ٿيا آهن ثناگر شمس و قمر،
صلوات پڙهن ٿا حجر و شجر، حيوان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي فلڪ ثنا افلاڪ چئي تعريف خداوند پاڪ ڪئي،
شاهد ٿيا لولاڪ ڪهي طاهان هزارين مان نه رڳو.
تون احمد آهين “ميم” سوا، تنهنجو علم سڳورو ڪل لوي،
ان هيٺ امير فقير گدا، سلطان هزارين مان نه رڳو.
توکي عبد بشر يئن عام وان، نڪي خالق رب انعام چوان،
ڪل مومن تنهنجا غلام چوان، انسان هزارين مان نه رڳو.
توکان “درس” گهريو آهي دان اچي ڏي ڏان لنگهي کي سيد سخي
تنهنجي در تان ويا ايمان وٺي، دانان هزارين مان نه رڳو.
(ڪافيون جلد ٽيون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
سيد محمد اسحاق شاهه عرف غلام علي شاهه نقوي
تنهنجي نور ڪيا معمور مڪان مخمور هزارين مان نه رڳو
اول ما خلق الله نوري، بي صاف صبوحي جلد ظهوري،
آيا چهرا سهڻا صوري، پر نور هزارين مان نه رڳو
ڪيو فاتحه مخفي نام سجن، الحمد رکي هڪ لام بطن
ان احمد تي گلفام ڇڪن، چڪچور هزارين مان نه رڳو
منجهه يثرب آيو پير ڀري رخ معجز جي پاکر پهري،
درٻار اتي ڪل خلق ڍري، فغفور هزارين مان نه رڳو
ريحان زلف پر پيچ پيا، تن قرب ڪشالا ڪيچ ڪري،
منجهه ذوق ذري سرويچ ٿيا، سحرور هزارين مان نه رڳو
هي “نقوي” غلام غلامن جو ٿيو بلبل رعنا گلبدن جو،
خوش خوان مداحي پنجتن جو مشهور هزارين مان نه رڳو
ڪلام 2
رخ پاڪ تي مه ڪنعان ٿيا، مستان هزارين مان نه رڳو
سر ذات حقاني پاڪ آيا سرتاج رکي لولاڪ آيا،
جبرئيل وٺي بوراق آيا، نازان هزارين مان نه رڳو
ڇا حور پري جن آدم ٿيا، لک روح قدس جها خادم ٿيا،
دائود سليمان سرخم ٿيا سلطان هزارين مان نه رڳو
بن دوست نه ٻي ڪا بات ڇون، مٺي احمد وائي وات چون،
ملڪوت ملڪ صلوات چون، هر آن هزارين مان نه رڳو
والشمس عجب رخسار ڏسي، واليل مسلسل وار ڏسي،
ٿيا شيفته بلبل زار ڏسي ريحان هزارين مان نه رڳو
نت نيڻ خماري ناز ڀري، موزون سخن اعجاز ڦري،
مازاع بصر جانباز ڪري ديوان هزارين مان نه رڳو
نت “نقوي” چوي مسڪين گدا ڪر مقصد پورا نور هدي
ڪن شوق منجهان قربان فدا، جند جان هزارين مان نه رڳو
نواب شاهنواز خان لغاري
سر تاج سٽي سرشارٿيا، سلطان هزارين مان نه رڳو،
تو نينهن نشي نروار ڪيا غلطان هزارين مان نه رڳو،
ٿيومست مگن تو نام ڳنهن، اغيار هجن ڇا يار هجن،
تو پرت سندا پُر پيگ پين، پيمان هزارين مان نه رڳو،
هي نور ظهور ٿيو جنهن دم ڏسي تاب جهلي ويو طور تنهن دم،
ٿيا حسن حقيقي تي هر دم حيران هزارين مان نه رڳو،
حب ناز نظارا نينهن ڪيا، ڏسي حسن حبيبي هوش ويا،
تنهنجي درد سي دانهه دم ۾ ڪيا ديوان هزارين مان نه رڳو،
جي ديدن سان دوچار ٿيا، تکا تير تنهين مان پار ويا، .
تو برهه ڪيئي بيمار ڪيا، بيجان هزارين مان نه رڳو،
جن چاش چکي چاهت جي ذري، رهي ماٺ نه تن ساعت نه سري،
تنهنجي تاب طلب ۾ حور و پري غلمان هزارين مان نه رڳو،
اهي راز ته رب جليل جا هئا، ڏيان ڏيهه سندا تمثيل ڪها،
تو در اتي جبرئيل جيها، دربان هزارين مان نه رڳو،
ڪي نياز مند نوڪر رهيا، ڪي“خام” خاص خريد ٿيا،
تنهنجي ٻانهپ ۾ ٻهڳڻ به ٻڌا، ٻلوان هزارين مان نه رڳو،
( ڪتاب تاج پور جي نوابن جو علم و ادب ۾ حصو تان ورتل)
مخدو م محمد زما “طالب الموليٰ”
محبوب سندءِ مئخاني ۾، مئخوار هزارين مان نه رڳو،
مستانا ۽ مدهوش ٿيا، هوشيار هزارين مان نه رڳو.
اخلاق اوهان جي ير آڻي، ڪيئي پنهنجي غلام ڪيا ريءَ ناڻي،
نيا نينهن نهوڙي رب ڄاڻي، منٺار هزارين مان نه رڳو.
ٿي هستيءَ کان جن فخر ڪيو، سي قرب اوهان جي قيد ڪيا
پيا پيش گهڻا ڏسي ڏيل ڏيا، سردار هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي شاهه وڏا ڪنڌ نايو نمن، قدمن تي جبين ٿا روز رکن،
سڀ چاه منجهان چو ڦير چمن، پيزار هزارين مان نه رڳو.
محبوب کنئي جو هڪڙي نظر، پئي ڪانه ڪنهين کي ڪابه خبر،
سڀ هڪڙي دم ٿي ويا بهتر، بيمار هزارين مان نه رڳو.
جن ساڻ پرين تو پيار ڪيا، ۽ آرا انگل هر بار ڪيا،
ڪئي شاه تو شاهوڪار ڪيا، پينار هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي ناقص تو وٽ ٿيا ڪامل، ڪيئي جاهل اعليٰ ٿيا عاقل،
در تنهنجي مون جهڙا سائل، اي يار هزارين مان نه رڳو.
هي “طالب الموليٰ” صبح و مسا، رحمت ٿو گهري چئي صل عليٰ،
بخشيا تو سدائين مونجهڙا، بدڪار هزارين مان نه رڳو.
( ماهوار نئين زندگي مئي جون 1999ع محبوب اختر پٺاڻ)
ڊاڪٽر عطا محمد حامي سوهو
ويهه کاوان ڏهه ڪرايو ۽ لٽا الله تي،
ٽيهه روپيه در مهينو لت آ منهنجي ساهه تي.
حامي صاحب 1946ع ڌاري انٽر پاس ڪري ڪراچي کي ڇڏي رياست ۾ موٽي اچي تعليم کاتي ۾ ماستري ڪئي. ون يونٽ ٿيڻ بعد ممتاز ڪاليج خيرپور ۾ سنڌي جو ليڪچرر ٿيو. 31 ڊسمبر 1979ع ايسوسئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين. سنڌ جو هيءُ سچو عاشق 3 جون 1982ع تي اسان کان جدا ٿي ويو شعر ۾ پهريائين عطا پوءِ گرامي ۽ پوءِهميشه لاءِ حامي تخلص اختيار ڪيائين.
تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري، حيران هزارين پيا ٿيندا،
تنهنجي نينهن جي نازڪ ناتي ۾ نقصان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي زلف جي قيدن ڪاڻ مٺا، سامان هزارين پيا ٿيندا
هر روز نون تعزيرن جا، فرمان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي تيز نظر جي تيرن سان، بي جان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي قدمن ساڻ قيامت جا، سامان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي گهور جا گهايل گهوٽ گهڻا، اڻ موٽ چڙهن ٿا چوٽ گهڻا، .
تنهنجي حسن جي روشن شمع ڏسي قربان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي ناز ادا جي شعلن مان ڪا، باه مبادا ڀڙڪي پوي،
ان باهه ۾ تنهنجي تباهيءَ جا امڪان هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي ناز جا سڀ انداز نوان، هر سوز نئون سڀ ساز نوان،
هر رمز نئين سڀ راز نوان هر آن هزارين پيا ٿيندا
تنهنجي رات کي جن روشن نه سڏيو تنهنجي زهر کي جن ماکي نه چيو،
تنهنجي پيرن ۾ پامال اهي، انسان هزارين پيا ٿيندا
جنهن پنهنجي جگر جو خون ڏئي، تنهنجي حسن ۾ رونق آندي آ،
ان عاشق تي الزامن جا، احسان هزارين پيا ٿيندا
جي ٻول مٺا ٻوليندا سي مرغ چمن جا سڪ ٿيندا
صياد جي پاپي پڃرن ۾ مهمان هزارين پيا ٿيندا
هر لهر لتاڙي سير لنگهي جنهن وقت ڪناري تي ايندي،
ان وقت اسان جي ڪشتي لئه طوفان هزارين پيا ٿيندا
هر وقت فلڪ ناراض رهي پيو لوڻ جفا جو ٻرڪيندو،
هيئن اهل وفا جي زخمن جا درمان هارين پيا ٿيندا.
هن وقت نٿو جو قدر ڪري هڪ ڏينهن اهو افسوس ڪندو،
حاميءَ جي مرڻ کانپوءِ سندس ارمان هزارين پيا ٿيندا
شيخ اياز
بي موت مئا تو لاءِ ڪٺا، انسان هزارين مان نه رڳو
هن دنيا ۾ اي ديس! هيا، نادان هزارين مان نه رڳو
جي راه اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
هيءَ ڌرتي توکي پرتي آ مهمان هزارين مان نه رڳو
اک ساري رات نه جهپڪي آ ۽ شبنم شبنم ٽپڪي آ،
جي باک گهري ٿي بک ته اي زندان هزارين مان نه رڳو
ٿو ساري ڪوبه نه سڃ مئا، هو رڃ مئا جي اڃ مئا،
ڇا پاپ پرکي پڃ مئا، ارمان هزارين مان نه رڳو
ڇو چنڊ! اسان کي رات ٺري، ڏي چانڊوڪيءَ جو زهر ڀري،
آ ڪيڏو پويون پهر پري! حيران هزارين مان نه رڳو
تون چئه نه ڪڇان تون چئه نه لڇان، پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين اعلان هزارين مان نه رڳو
هي دور “اياز” گذرڻو آ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،
ڪو ٻارڻ نيٺ ته ٻرڻو آ امڪان هزارين مان نه رڳو
( وڄون وسڻ آئيون)
آغا ممتاز حسين دراني
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو،
زم زم جو قسم تنهنجي غب غب ۾ غلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجو حسن نزاڪت ڇا چئجي تنهنجي سونهن لطافت ڇا چئجي،
تنهنجي موت خراج ملاحت تان مستان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي عشوي غمزي ناز مٿان، تنهنجي حسن و ادا انداز مٿان،
قربان ٿين ٿا جن ملڪ انسان هزارين مان نه رڳو
جيڪي پاڻ تي ناز آفرين هئا، سي هڪڙي گهور سان گهائي ڇڏيا،
تنهنجي تير نظر جا تير فگن، نيشان هزارين مان نه رڳو
تون شعله صفت آن سيمي بدن، تنهنجا ابرو زلف ۽ غنچه دهن،
تنهنجي پيڪر حسن جي شمع مٿان پروان هزارين مان نه رڳو
منصور “ممتاز” ويو دار چڙهي ۽ شاه عنايت ويو ڪسجي،
تنهنجي قرب ۾ ٿيا ڪل جڳ ۾ قربان هزارين مان نه رڳو
( ڪتاب: شاعري ۽ شخصيت “ميراث” تان ورتل
ليکڪ پروفيسر آغا وقار حسين دراني)
نثار بزمي
تنهنجي حسن تي ٿيا محبوب خدا، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي قول ۽ فعل تي مدني مٺا، قربان هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي الفت جا اعلان ڪيئه، پاهڻ به گهڙي انسان ڪيئه،
تنهنجا ورجائن ٿا صبح و مسا، احسان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي ڄاپي جهان هي جرڪي پيو، تنهنجو نانءُ محمد مهڪي پيو،
تنهنجا ياد رکن ٿا دل ۾ سدا، فرمان هزارين مان نه رڳو
تون شافع روز جزا آهين ڪوئي مون کان پڇي ته تون ڇا آهين؟
تنهنجي ذات بابرڪت تي آقا، نازان هزارين مان نه رڳو
آهين هادي تون آهين حامي تون آهين نرمل نامي گرامي تون،
تنهنجي چاهه ۾ ٿيا “بزمي” جهڙا، چسپان هزارين مان نه رڳو
(ڪيسٽ سهڻي ڌرتي پروڊڪشن واليوم 42
آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو صاحب)
سليم ڳاڙهوي
تنهنجي قرب جا قيدي قرب ڀريا، قربان ڪروڙين مان نه رڳو،
تنهنجي سونهن جا سائل سونهن سٺا، سلطان ڪروڙين مان نه رڳو
تنهنجو تاب تمام توانو آ، تنهنجي زلف ۾ قيد زمانو آ،
تنهنجي نينهن نهوڙيا نام ڪٺا، انسان ڪروڙين مان نه رڳو
تنهنجي ياد ۾ يوسف يار سدا، تنهنجي آس ۾ عيسيٰ ۽ موسيٰ،
تنهنجي جوت جمال ڪمال ڪيا، حيران ڪروڙين مان نه رڳو
پاڪ پيرن اڪسير پڻي، آهي اکين وهه واهه وڻي،
تنهنجي عشق ۽ شوق جا عالم ۾، عنوان ڪروڙين مان نه رڳو
جن انس ملائڪ مدحت ڪن، حيوان پکي به حڪايت ڪن،
سج چنڊ ستارا سونهن ڀريا، قربان ڪروڙين مان نه رڳو
محبوب مٺا تنهنجي ذات مٿان داور به درود اماڻي ٿو،
قرآن ڪيا تنهنجي عظمت جا، اعلان ڪروڙين مان نه رڳو.
تنهنجا عاشق صادق شائق لک، تنهنجا طالب ۽ مفتون گهڻا،
تنهنجي تات طلب ۽ نينهن سدا، نيشان ڪروڙين مان نه رڳو.
تنهنجي شان ۾ شاعر شعر لکن، پر حق جي ادائي ڪير ڪري،
لک لفظ “سليم” سهيڙن ٿا، دربان ڪروڙين مان نه رڳو
( حيران هزارين عبدالجبار عبد)
رحمت الله شوق شڪارپوري
هن حسن عجب حيران ڪيا، انسان لکين هڪ مان نه رڳو،
ڪيئي مست ٿيا فرمانروا، سلطان لکين هڪ مان نه رڳو
محبوب جو منهن مان نور چوان، وڌ شمس و قمر کان ظهور چوان،
مٽ جنهن جي نه ڪوئي ور چوان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
ڪيئي شاه و گدا غمگين ڏٺم، ڪيئي مير غني مسڪين ڏٺم،
سڀ سهڻل جا شوقين ڏٺم خاقان لکين هڪ مان نه رڳو
قرآن مبارڪ ان تي لٿو، معراج انهيءَ جو مان ٿيو،
ڪوئي نه ٿيو جهڙس ٻيو، دربان لکين هڪ مان نه رڳو.
خود جنهن کي خدا دلدار ڪيو، سڀ امت جو سردار ڪيو،
هن “شوق” جو هو آڌار ڪيو، مدح خوان لکين هڪ مان نه رڳو.
( حيران هزارين: عبدالجبار عبد)
سيد سردار علي شاهه “ذاڪر”
تنهنجي حسن ڪيا حيران پرين، سڀ جن ملڪ انسان پرين
ڪٿي حسن حجابي حور سندو، ڪٿي شعلو تابان طور سندو،
ڪٿي عرش تي جلوو نور سندو، تون ته هر جلوي جي جان پرين.
تنهنجي سونهن اڳيان سنسار جهڪن، مه و انجم جا انوار جهڪن،
هڪ وار نه پر سووار جهڪن، تون ته صورت جو سلطان پرين.
سردار هجن سلطان هجن، پنهنجي ليکي خاني خان هجن،
ڪي خسرو يا خاقان هجن، تنهنجي در جا سڀ دربان پرين.
توکي محبوبي معراج مليو، لولاڪ لما جو تاج مليو،
پنهنجي ڏاتر کان جيڪو ڏاج مليو، سو ته شاهنشاهي شان پرين.
تو سان نسبت تنهنجو نام سڄڻ هر عاصي لئه آرام سڄڻ،
سردار علي تنهنجي سام هجڻ ڪر عاجز تي احسان پرين
(واردات عشق عرف زادِ ذاڪر نعتيه ڪلام سيد سردار علي شاهه ذاڪر سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1403هه)
سيد محي الدين “اعجاز” شاه راشدي
تنهن جي مٿي جي مٽي ميخاني تي، مٿي پياڪ هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي جود و ڪرم جي آيا سڻي نت هاڪ هزارين مان نه رڳو.
تنهنجا جام ڪمام دمام ساقي، پسي خوب خرام گرام ساقي،
ٿيا خان خدام مدام ساقي، پئه خاڪ هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي جودي جرس تنهنجي توهي ترس رخ واري عڪس رنگ وحي رس،
هر وار نواز يا خام خاروخس، خاشاڪ هزارين مان نه رڳو.
مد ماڪ تنهنجي مئخان سندي پڪ تڪ به تنهنجي پرين پان سندي
ٿا گهرن ڏيو دل جان سندي، املاڪ هزارين مان نه رڳو.
ههڙا جن کي جُرع امداد ٿيا، سي عقبيٰ دنيا کان آزاد ٿيا،
تنهنجي شوق شغل ۾ شاد ٿيا، نمناڪ هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي مست مٽي جو “اعجاز” ڏٺم، هر پيئندڙ کي ناز ونياز ڏٺم،
تن ۾ عشق جو سوزو گدام ڏٺم، چت چاڪ هزارين مان نه رڳو.
(سخن اعجاز ڪلام سسائين اعجاز شاه راشدي)
معمور يوسفاڻي
تنهنجي در جا اچي دربان ٿيا، سلطان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي محبت ۾ مستان ٿيا، انسان هزارين مان نه رڳو
ڏسي جلوه گري ٿي خلق چري ڇا جن ملڪ ڇا حور پري،
دلدار اپٽ درسن جي دري، ديوانه هزارين مان نه رڳو
تنهنجي حسن پي حيران ٿيا، تنهنجي خدمت جا خوهان ٿيا،
تنهنجي قدمن تان قربان ٿيا پروانه هزارين مان نه رڳو
سردار سچي آڌار اجها، محبوب خدا اهي ماه لقا،
تنهنجي درسن لئه دلدار مٺا ڪو شان هزارين مان نه رڳو
دک درد جهان مان دور ٿيا مفهوم وري مسرور ٿيا،
مسرور ٿيا “معمور” ٿيا، شادان هزارين مان نه رڳو
(مهراڻ شاعر نمبر تان کنيل)
سيد محمد شاهه امروٽي
محبوب مٺي جوو ڳائن ٿا پيا، شان لکين هڪ مان نه رڳو،
ان ريت ڪرن ٿا دردن جو درمان لکين هڪ مان نه رڳو،
الله عطا ڪيو عربيءَ کي، قرآن سڳورو صاف سٺو،
دل سان ٿا پڙهن هن دنيا ۾، قرآن لکين هڪ مان نه رڳو،
ٿئي شال زيارت مدني جي، محبوب مديني ملڪ سندي،
اهڙو رکن ٿا دل اندر ارمان لکين هڪ مان نه رڳو،
اي يار“محمد شاه” سٺو ڪيڏو نه محمد ڪيو جڳ کي،
دل سان ٿا محمد صه جا ڀانئن احسان لکين هڪ مان نه رڳو،
(ڪيسٽ ناز پروڊڪشن واليوم 42 آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو صاحب محترم محمد ياسين ڪنڀر جي مهربانين سان. )
فقير سيد لعلڻ سائين صوفي القادري
تيڏي پاڪ حسن دا بيان آکهان، کيا حور وملڪ غلمان آکهان،
تيڏي خاطر هر دوجهان بڻيا، چوڏهن طبق اُتي آسمان بڻيا.
بر بهشت عدن رضوان بڻيا، جن ديو بشر آکهان،
اُتون شمس و قمر قربان ٿيون بردا ماه مصر ڪنعان ٿيون،
حضرت يوسف جيهي حيران ٿيون توڙي طور سينا تابان آکهان.
بديعل باغ ارم بستان کجا، شاه سيفل سر سلطان کجا،
جيئن تخت هوا سليمان کجا، ڪيئي مجنون جيهي مستان آکهان.
شاه ملڪ محمود اياز هو ون، سوين ناز غماز انداز هوون،
شهباز هوون پرواز هو ون، تک لعلڻ سر لاثان آکهان.
تيڏي شان اتي صلوات پڙهن، ۽ ذات صفات تي نعت پڙهن،
ساري زمن زمين ڪلمات پڙهن لٿا “لعلڻ” اتي قرآ آکهان.
شاه محمد “ثاقب” منگي
تنهنجي ديد جي عيد سعيد ڪيا، سلطان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي سونهن جي روح ورونهن سندا، مستان هزارين مان نه رڳو
ڪيئي گهايل تنهنجي گهور سندا ڪيئي عارف عبد غفور سندا،
مدمست شراب طهور سندا، مستان هزارين مان نه رڳو
تنهنجي جلوي جوت جمال ڪيا، رخ روشن خد خال ڪيا،
تنهنجي نينهن نجيب نهال ڪيا، سلمان هزارين مان نه رڳو
اي جاني تنهنجي جود و سخا، سڀ ڪنهن تي روا آ صبح مسا،
منصور شمس تبريز ته ڇا، صنعان هزارين مان نه رڳو
اي روح ڪل تزئين زمن، اي نور اول مختار عدن،
تنهنجي مدح ۾ “ثاقب” ڪيئي مگن، مهمان هزارين مان نه رڳو.
(شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو انور فگار هڪڙو ص 375)
مھيسر خادم “رفيقي”
ڪلام 1
اي احمد عربي تنهنجي مٿان، مستان هزارين مان نه رڳو،
اي شاه عرب تو نمن انسان هزارين مان نه رڳو،
اي منهنجا سائين محب خدا جا گوليءَ جي گفتار ٻڌو،
ٿا حشر جو عاصي عليل گهرون، درمان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي ثنا چيها ڪبوتر طوطا گڏجي ڳُٽ ڳُٽ ڪن،
ڇاظاهر ۾ ڇا باطن ۾ مدح خوان هزارين مان نه رڳو،
ٿو توتي پڙهي صلوات گهڻي، سڪ چاه مان پرور پاڪ ڌڻي،
پوءِ ڇو نه پڙهن هت شاه گدا، سلطان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي شان تي شيدا مست مگن پروانه مثل شب و روز رهن،
ادريس بلال ۽ خالد ڇا، سلمان هزارين مان نه رڳو،
پور جو پيارو آهين تون، هيڻن جوسهارو آهين تون،
پدمن ۾ نيارو آهين تون، قربان هزارين مان نه رڳو، .
ڪلام2
ٿا توتي صلوات و سلام پڙهون، ٿا توتي درود ڪلام پڙهون،
تنهنجي مدحت ۾ ٿا تمام پڙهون، قرآن هزارين مان نه رڳو،
تون فخر زمان تون ماهِ عرب تون نور مبين،
تون سرور ۽ سالارِ آمين، شادان هزارين مان نه رڳو،
توکي نور مان پرور پيدا ڪيو، تنهنجي حسن جي مٽ نه حسين ٻيو،
تنهنجو فخرِ زمان آ لقب ٿيو، نازان هزارين مان نه رڳو،
نهنجا ڳايون ڳڻ سردار لکين، محبوبِ خدا منٺار لکين،
۽“خادم” جهڙا ڪيئي ڪن، اعلان هزارين مان نه رڳو.
(حيران هزارين عبدالجبار عبد)
استاد حق نواز “خادم”
تنهنجي دستر خوان تي مهمان لک، ٿا تعجب ۾ رهن سلطان لک
ڪر سعادت ساڻ مونکي سرفراز گهر ڪري دل ۾ويا شيطان لک
ڪنهن طرح ديدار جي ڏي ڪا جهلڪ دل ۾ عرصي کان رهن ارمان لک
مير مرسل پنهنجي در مون کي گهراءِ هت لڳي مون تي رهيا بهتان لک
بي سمر آهيان سفر ڪنهن پر ٿئي جي گهرايو ٿي وڃن احسان لک
موڪليان اڻ ڳڻ صلواتون ۽ سلام، عمر ڀر آيا بحران لک
تنهنجي درماني کپي بيمار کي، آزمائي مون ڏٺا درمان لک
آهي هر ڪنهن کي شفاعت جو يقين آس ان تي شاه ۽ دربان لک
هڪ ته خادم موڪلي تو تي سلام. . . . . . . . . . . انسان لک.
مولانا الحاج رحيم بخش قمر
تنهنجي مست نظر پيغمبرڪيا، مخمور هزارين مان نه رڳو
تنهنجي زلف اسير ڪثير ڪيا، مجبور هزارين مان نه رڳو
اي ماهِ جبين سر تاج حسين تنهنجي در تي جبين هجي منهجي مبين
تنهنجي سونهن بسونهن ورونهن ڪيو معمور هزارين مان نه رڳو
تون شاد هجين آباد هجين هر وقت هنئين ۾ ياد هجين
تنهنجي ريت پريت ۽ جيت جو ٿيو مذڪور هزارين مان نه رڳو
تو ديد سعيد مجيد ڪئي ريءَ عيد جي اکڙين عيد ڪئي،
تنهنجي قال جمال نهال ڪيو، مسرور هزارين مان نه رڳو
اي رشڪ “قمر” تنهنجي ناز نظر ڪيو دل تي اثر ٿيو زخمي جگر،
تنهنجي گُهور ظهور ڪلور ڪيو، ٿيا چُور هزارين مان نه رڳو.
( محترم بشير احمد ڪلهوڙي راڻيپوري جي ٿورن سان)
صوفي ولي محمد تراب
تنهنجي حسن سرتاج مٿي نثار ڪروڙين مان نه رڳو
ڪيئي سڪندا ويا سڪندا رهيا هروار ڪروڙين مان نه رڳو
تون شمع ته ٻيا سڀ پروانا ڪيئي دانهه ٿي ويا ديوانا،
ڪيئي سالڪ مست ملنگ ٿيا بي شمار ڪروڙين مان نه رڳو
تنهنجي صورت تان قربان ٿيان لک لک درود سلام ڏيان،
ڪيئي بزرگ شيخ مخدوم ميان پيزار ڪروڙين مان نه رڳو
توکي رحمت جو درياه چوان، توکي شاهن جو مان شاه چوان،
غوث قطب اولياء مطيع سردار ڪروڙين مان نه رڳو
شمس و قمر قربان ٿيا ملڪ حورون دربان ٿيا،
جن انس ملائڪ حور پري، جاندار ڪروڙين مان نه رڳو
صورت يوسف جي هئي چنڊ جهڙي پر عاشق زليخان ٿي هڪڙي،
تنهنجي عاشقن جو نه شمار ڪوئي، اڪيچار ڪروڙين مان نه رڳو
پڙهان صلوات سردار مٿي ڪري ڪرم “تراب” بدڪار مٿي،
ڪيئي سوالي تنهنجي در تي ٿيا پينار ڪروڙين مان نه رڳو
(اذان عشق صوفي ولي محمد تراب جو ڪلام
سهيڙيندڙ: نصر الله ڏاهري)
مولوي ثناءُ الله جتوئي
تنهنجي حسن عجب حيران ڪيا انسان هزارين مان نه رڳو،
ڪيئي حيرت ۾ حيران ٿيا، سلطان هزارين مان نه رڳو
محبوب جو مان ڇا شان چوان جنهن جو خلق سڄو قرآن چوان،
تنهن جي مٽ نه ڪوئي انسان چوان، قربان هزارين مان نه رڳو
ڪيئي شاه گدا مسڪين ڏٺم، ڪيئي مير غني غمگين ڏٺم،
سڀ سيد جا شوقين ڏٺم، مستان هزارين مان نه رڳو
قرآن مبارڪ شان ٿيو، معراج جنهين جو مان ٿيو،
نڪي جهڙس ڪو انسان ٿيو، دربان هزارين مان نه رڳو
خدا پاڪ جنهن کي دلدار ڪيو، هن امت جو سردار ڪيو،
ثناءُ الله سندو آڌار ڪيو، ثناخوان هزارين مان نه رڳو.
( نعت خوان محترم يوسف سومري صاحب جي ٿورن سان)
ضياءُ الدين “ضيا” خياروي
تنهنجي جوت جمال ڪمال سندا، جنسار هزارين هڪ نه رڳو
ريءَ تيل ڦليل ۽هار سوا، سينگار هزارين هڪ نه رڳو
تنهنجو ناز نئون انداز پرين، ريءَ ساز سٺو آواز پرين،
تنهنجي ٻولي مٺي ممتاز پرين، اسرار هزارين هڪ نه رڳو
تنهنجو حسن هزار بهار عجب سونهن سراپا اسرار عجب،
تنهنجي قامت قد، مقدار سبب، خمدار هزارين هڪ نه رڳو
تنهنجو ظاهر نور ظهور شهر بحر بر مشهور ٿيو،
مشهور “ضيا”گهڻو طور ٿيو، ڪوهسار هزارين هڪ نه رڳو.
(نوابشاه ضلعو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي ڪتاب تان)
مير غلام حسين مير
تنهنجي جوت جمال ڪمال ڪيا، حيران لکين هڪ مان نه رڳو،
توتي حور پري ڪل انس رجال، مستان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجو شان رفعنا لڪ شاه جهان، پڙهن توتي درود داراءِ زمان،
تنهنجي نام سان آهي رطب اللسان، لقمان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي خوان ڪرم تي خان ڏٺم، سوالي در تي اُڀا سلطان ڏٺم،
فاتح زير نگين فرمان ڏٺم، خاقان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي جام پيئڻ وارا جامي هئا، سعدي ٻيا به ثناگر سلامي هئا،
تنهنجي نعت پڙهڻ لئه نظامي هئا، نازان لکين هڪ مان نه رڳو.
بي مهره رهي جڏهن برڪت کان وٺي چوپ حنا نه فرقت کان،
تنهنجي هجر رئا رياهي حسرت کان بي جان لکين هڪ مان نه رڳو
آهي ختم الرسل جي هي خاص ثنا، ملحوظ ادب کان رک “مير” ادا،
هت ڪيا فرق مراتب جي فڪر فنا محبان لکين هڪ مان نه رڳو.
(ٺٽو صدين کان رسول بخش تميمي)
حافظ نثار احمد “حافظ سنڌي”
صورت ڏسي سڄڻ جي، حيران ٿيا هزارين،
حور و ملڪ ۽ رضوان غلمان ٿيا هزارين.
ڇا تاب دلبري آ، ڪٿي قيد هر پري آ، .
سوگها سگهارا سارا سلطان ٿيا هزارين.
مهتاب هت خجل آ، ساجد به جان و دل آ،
اهڙا انهي جي رو تان قربان ٿيا هزارين.
مطلع تي اڀريو اختر، گلشن بڻيو ته بهتر،
سارا سقيم لاغر، خندان ٿيا هزارين.
نوري تمام خادم، مخدوم جا ملازم،
دائم نبي جي درجا دربان ٿيا هزارين.
نارين ۾ تاب ناهي ان جو جواب ناهي،
پيڪر ڏسي پرينءَ جو پروان، ٿيا هزارين.
جلوو جهين جو دلڪش، موهي ڇڏيا پري وش،
پيرين پيادا پهتا، مهمان ٿيا هزارين. .
گوهر فشاني گفتو، جنهن ڀي ٻڌو سو پهتو،
گهر ٻار کي وساري، سلمان ٿيا هزارين.
( محترم محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان)
ڪلام حافظ سنڌي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور
ڪرم ٽالپور
محبوب مٺا تنهنجي حسن مٿان، حيران هزارين ڦرندا ٿا وتن،
هڪ عاشق تنهنجو مان نه رڳو، انسان هزارين ڦرندا ٿا وتن.
تنهنجي صورت لاءِ ٿو هر ڪو سڪي، آ هر جا تنهنجي هاڪ حسن،
منهن پاڪ ڏسڻ لاءِ منهنجا مٺا، مهمان هزارين ڦرندا ٿا وتن.
تنهنجي ٻاجهه جو هر ڪوئي ٻانهو آ، تنهنجي نينهن جو هر ڪوئي نوڪر آ،
تنهنجي در جي غلاميءَ جي خاطر، دربان هزارين ڦرندا ٿا وتن
تنهنجي سيرت تان سر ساهه فدا، تنهنجي ڳڻن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان،
تنهنجي قرب هٿان ۽ “ڪرم” مٿان، قربان هزارين ڦرندا ٿا وتن
مولانا جمال الدين اجمل کهڙو
تنهنجي جلوي جمال ڪمال ڪيا پروان ڪروڙين مان نه رڳو،
تنهنجي تانگهه طلب ۽ تلاش ۾ ٿيا گردان ڪروڙين مان نه رڳو.
ڪيئي رومي شامي ٿيا، ڪيئي سعدي جامي نظامي ٿيا،
ڪيئي عاشق اويسي نامي ٿيا قربان ڪروڙين مان نه رڳو.
شيدا شاه لکين رند راه پڇن، سج چنڊ ستارا مست ڦرن،
محبوب اوهان تان سر ساهه ڏين جندجان، ڪروڙين مان نه رڳو.
اي جان جهان اي شاهِ زمن، مرجان مثل موهيو لعل لبن،
منگتا مير فقير پيا ينو پنن، دردان ڪروڙين مان نه رڳو.
ڏينهن رات کي تات اوهان جي آ، ڪائنات ۾ نعت اوهان جي آ،
محبوب ئي ذات اوهان جي آ، محبان ڪروڙين مان نه رڳو.
لجپال اوهان جي لڙهه لام ڪيئي، سردار سڪندر سام ڪيئي.
پين شوق ۽ ذوق جا جام ڪيئي. مستان ڪروڙين مان نه رڳو
سرڪار حسن سرتاج مٺا، اٿو “اجمل” تي ڀي راج مٺا،
آهن در اوهان جي محتاج مٺا، دربان ڪروڙين مان نه رڳو.
( الرياض الاجمل جمال الدين ولد علي بش کهڙو “اجمل”)
ڊاڪٽر عبداللطيف قمر لغاري
سچي سرور تي صلوات پڙهن انسان هزارين مان نه رڳو،
جنهن جي جوت جمال ڪمال ڪيا حيران هزارين مان نه رڳو.
هر فرد ٻڍو ۽ ٻار جوان صلوات سڀن کي ورد زبان،
تنهنجي ڪلمي ۽ قرآن مٿان فرمان هزارين مان نه رڳو.
جيڪي شان شريعت جو سمجهن، سي حب مان هلي طيبه ڏي وڃن،
ٿي امير وزير فقير وڃن، احسان هزارين مان نه رڳو.
محشر ۾ شفا لاءِ عرض ڪندا، مون جهڙا بدڪاربندا،
تنهنجي درشن ۽ ديدار سندا، خواهان هزارين مان نه رڳو.
علماء حق فصيح اللسان ڪن سيرت سان تبليغ قرآن،
شاعر به شريعت وارا ٻيڻا ڪن، شان هزارين مان نه رڳو.
جڏهن نرمل نور ظهور ٿيو، باطل جو انڌيرو دور ٿيو،
هر قلب “قمر” مسرور ٿيو، مستان هزارين مان نه رڳو.
درگاهي ميراڻي
هن سهڻيءَ ڌرتيءَ پيدا ڪيا، انسان هزارين مان نه رڳو،
هت سورهيه ٿيا سرويچ سوين ٻلوان هزارين مان نه رڳو.
هٿيار هلائي همت سان پنهنجي عمر گذاري امر ٿيا،
ٿيا جکري جهڙا ڪئي جوڌا ۽ جوان هزارين مان نه رڳو.
هت ڪيئي سوليءَ چڙهندا ويا ته به نينهن جا نعرا هڻندا ويا،
هت هيمو هوشو دودا ۽ دريا خان هزارين مان نه رڳو
هت چارڻ وارا چنگ چريا، هت ڏاڍ جا ڪيئي ڏيل ڏريا،
ٿيا آزاديءَ جا صدين کان، اعلان هزارين مان نه رڳو.
هيءَ گهوٽ ڀٽائي نگري آ ۽ شاه عنايت سنڌڙي آ،
گهوري مان هن تان جندڙي آ ، قربان هزارين مان نه رڳو.
(محترم اختر درگاهي)
پير سيد غلام جيلاني شاهه
تنهنجي پيار ڀري رخسار مٿي، مستان لکين هڪ مان نه رڳو
ان ناز اندر انداز اندر، حيران لکين هڪ مان نه رڳو
ايءَ ترڇي نظر سيني مان ٻهر، ات ڪيئن خنجر جي قوت آ،
ان تيرڪيا دلچير مڙئي، نيشان لکين هڪ مان نه رڳو.
گفتار تنهنجي منٺار مٺا، اقرار سوا بس ڪين ڇڏي،
لب لال انهيءَ بيحال ڪيا، انسان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجا وار مٺا ڪئين ڪار ڪري پيا هار گلي منجهه دامون ٿي،
ان دام ڪيا قتلام سٽي، پهلوان لکين هڪ مان نه رڳو.
ڇا شمس قمر اڳيان تنهنجي نظر، تون مڙنئان ڪثر منهنجا ماه لقا،
پوءِ“پير” نه ڪيئن دلگير ٿئي، پروان لکين هڪ مان نه رڳو.
گلشن ڪنڌر
محبوب محمد جي ٿا ڪرن، ساراهه لکين هڪ مان نه رڳو،
ان چاهه ۾ ڪيئي مست ٿيا، داناءَ لکين هڪ مان نه رڳو.
ڪي عشق منجهان ٿا شعر لکن، ڪي درد منجهان ٿي گيت چون،
ڏينهن رات لکن، سڀ شان سدا، شعراءِ لکين هڪ مان نه رڳو.
جن دل ۾ رکي الفت سچي سي پاڻ پتوڙي پار ٿيا،
ڪي نيڻ کڻي ويٺا ئي ڏسن، اها راهه لکين هڪ مان نه رڳو.
دين ڏنو محبوب سچو، ان دين مٿان “گلشن” به فدا،
قربان ڪرن سو بار دفعا، سر ساهه لکين هڪ مان نه رڳو.
(محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان ڪتاب: گلشن جا گل”)
عبداللطيف لطيف سومرو
تنهنجي پيارا نرمل نيهه ڪيا، ناشاد هزارين مان نه رڳو،
شب روز ٿا توکي شوق سان ڪن پيا ياد هزارين مان نه رڳو.
جي ڏي به تو آهن نيڻ کنيا، ڄڻ قهري تون تن کي تير هنيا،
ان چست نشاني بازيءَ ٿيا، برباد هزارين مان نه رڳو.
تنهنجا وار سهڻل آهن ڇا، ڪاڪل ڪارا ڪارا ڪنڊڙا،
ان زلفن ۾ ٿي قيد پيا، آزاد هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي حسن جا عجب اسرارمٺا، جيڪي به اڳيا تنهنجي آيا،
ٿي نرم پيا صاحب دل جا، فولاد هزارين مان نه رڳو.
هن پنهنجي “لطيف” جا پيارا، دک درد وڃائن سڀ دل جا،
هر هنڌ ڪن پيا تنهنجي ثنا، استاد هزارين مان نه رڳو.
(حيران هزارين عبدالجبار عبد)
عبدالقيوم جوهر بروهي
تنهنجي قدرت قرب ڪمال اڳيان، حيران هزارين مان نه رڳو،
هر شام و سحر ٿا حمد پڙهن انسان هزارين مان نه رڳو.
ملڪن ۾ چٽيل سج چنڊ ڪتيون، صدين کان ٻرن تارن جون بتيون،
تسبيح ٿا ڳائن صدق منجهان نيشان هزارين مان نه رڳو.
ڪو صفي به آ ڪو خليل به آ، ڪو ذبيح ڪليم جميل به آ،
پر مدني مير محابي مڃن، احسان هزارين مان نه رڳو.
بوبڪر عمر عثمان علي، تسبيح پڙهن ٿا پير ولي،
هر ڀيري اچي ٿا در تي جهڪن، سلطان هزارين مان نه رڳو.
تون دردن منجهه دوا به ڏئين، تون مرضن منجهه شفا به ڏئين،
تنهنجي قدرت حيرت منجهه وڌا، لقمان هزارين مان نه رڳو.
تون رحيم ڪريم ۽ رازق آن، تون عليم بصير ۽ خالق آن،
تنهنجي مهر ڪري آباد ٿيا، ويران هزارين مان نه رڳو.
تنهنجو ڪافي ڪشادو رب در آ، جت سوالي بروهي جوهر آ،
ان در تان وٺن ٿا فيض ڪرم، عرفان هزارين مان نه رڳو.
(محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان ناز پروڊڪشن ڪيسٽ نمبر 42 آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو صاحب)
ميان رسول بخش تميمي
هڪ جلوي جوت جمال ڪيا، حيران لکين هڪ مان نه رڳو،
ناز نياز و انداز ڪيا، مستان لکين هڪ مان نه رڳو.
سيرت صورت جا ڪمال ٿيا، الفاظ ڪٿان اهڙا آڻجن،
ٿعريف پيا ڪن جن ۽ ملڪ انسان لکين هڪ مان نه رڳو.
ارض و سما ۾ جهڙس نه ڪو آ، مخلوق ۾ ثاني ناهي ڪوئي،
واکاڻ پيا ڪن پن گل وڻ بستان لکين هڪ مان نه رڳو.
محبوب سڀن مخلوقن جو خالق ڀي محبوب چئي ٿو،
بر سر ان محبوب مٿي هن، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
هن جي در تي دربان ڏٺم، خان گهڻا خاقان به جهڪيل،
فاتح ڪيئي هت زير نگين سلطان لکين هڪ مان نه رڳو.
ارباب علي عادل چوهاڻ
تنهنجي قرب سڄڻ ڪيئي قيد ڪيا انسان هزارين مان نه رڳو،
اخلاق عجب تان سارا فدا، سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي سونهن برابر ناهي مٺا، ڪو شمس قمر يا تارا ڪتيون،
سڀ حسن مٺا تنهنجي موهي وڌا، حيران هزارين مان نه رڳو.
سرشار سوين تنهنجي پيار ڪيا، ديدار لئه ڪئي ديوانا ٿيا،
هي پير فقير ۽ شاه گدا، دربان هزارين مان نه رڳو.
پروانا مديني پهچي ويا، اکڙين سان ڏسنٿا روضو مٺا،
ٿيا شهر مديني ۾ ڪيئي ڪٺا، مستان هزارين مان نه رڳو.
گفتار تي عاشق جڳ ۾ سوين، هر دلڙي اها ٿي ڳالهه مڃي،
پرواني جيان هر هڪ ٿو پچي، قربان هزارين مان نه رڳو.
سڪ تنهنجي دل ۾ سرس رکن ٿا پرت جا پير ڀري هو اچن،
در تنهنجي سلامي سارا ٿين، خاقان هزارين مان نه رڳو.
ساراه ۽ شاعر نعت لکن، مولود غزل ۽ گيت چون،
ٿا چاه ۾ “عادل” شعر پڙهن، مدح خوان هزارين مان نه رڳو.
(حيران هزارين عبدالجبار عبد)
حافظ عبدالجبار عاجز جتوئي
تنهنجي تعريف لکن محبوب خدا، مشتاق هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي حڪمن حاڪم قيد وڌا، مشتاق هزارين مان نه رڳو.
تون سڀن نبين زيب بڻين، تون دين دنيا لاريب بڻين،
تون ئي حڪيم طبيب بڻين، تون امت جوئي حبيب بڻين،
سڀ تو تي پڙهن صلوات سدا، مشتاق هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي حسن ڪمال جمال مٿي، تنهنجو ساري جهان ۾ جلال مٿي،
تنهنجو شان شريعت خيال مٿي، قربان ڪيان گهر مال مٿي،
تنهنجي مالڪ ڪئي تخليق جدا، مشتاق هزارين مان نه رڳو.
تون اجمل اڪمل انور آن، تون طبيب طاهر اطهر آن،
تون سرور ساقي ڪوثر آن، تون صاف حقيقت مطهر آن،
تو تان حافظ جي جند جان فدا، مشتاق هزارين مان نه رڳو.
مزمل مدثر تنهنجو مان پڙهان، والضحيٰ تنهنجو شان چوان،
واليل تنهنجا مان زلف چوان، تنهنجا نوانوي ورد ڪيان،
شفاعت جي گهري جبار گدا، مشتاق هزارين مان نه رڳو.
شمس قمر ۾ جلوو عيان، انجيل ۾ تنهنجو ذڪر بيان،
تنهنجو ذڪر پکين بلبل جي زبان، تنهنجي صفت ستارن روح روان،
ابوجهل کان ڇو ٿي پو به خطا، مشتاق هزارين مان نه رڳو.
صديق ۾ ڪيڏي صداقت هئي، فاروق ۾ڪيڏي عدالت هئي،
عثمان غني ۾ سخاوت هئي، ڇا حيدر جي ته شجاعت هئي،
توکي مالڪ ڪيا هي غلام عطا، مشتاق هزارين مان نه رڳو.
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
تنهنجي چشمن جي چمڪار ڪٺا، خاقان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجا مڙئي مشتاق مٺا، انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي نينهن نزاڪت نور سندا، جن ملڪ مخمور بندا،
توريءَ يار بندا هي ڪيئن ڪندا، اعلان هزارين مان نه رڳو.
توتي محب صلواتون درود لکين پڙهن پيا ٿا محمود لکين،
عابد زاهد مقصود لکين، شاذان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي در ٿي سڄڻ دربان لکين، تنهنجي محبت جا مستان لکين،
تنهنجي قرب ڪنڍيءَ ۾ سلطان لکين، زندان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي ناز و ادا تان ساه فدا، توتان هر ڪو شام پگاه فدا،
اسير اڪبر “توتان آه فدا، قربان هزارين مان نه رڳو.
ڪلام 2:
تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا، سلطان لکين هڪ مان نه رڳو،
تنهنجي محبت موهي مستان ڪيا، انسان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي عشق انور نور پرين ڪيا شاه و گدا مخمور پرين،
ٿيا نور نظر مشهور پرين، صنعان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي در تي آهن دربان لکين، ڇا جن ملڪ انسان لکين،
ٿيا حور و پريون رضوان لکين، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
وهوا تنهنجو آ ناز و ادا، توتان سڪندر دارا يار فدا،
ڪن ساراه تنهنجي ٿا شاه گدا، ثنا خوان لکين هڪ مان نه رڳو.
ڪيئي قيد ڪيا تو رهير سڄڻ، ڪي پير امير وزير سڄڻ،
ٿيا علي اڪبر جهڙا اسير سڄڻ، زندان لکين هڪ مان نه رڳو.
پروفيسر سيد گل محمد شاهه گل بخاري
.
تنهنجي عظمت شوڪت شان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو،
تنهنجي قرب ڪرم احسان مٿان قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجو شان پڇي ڪو خدا کان پڇي ڪم علم بشر ڪهڙي خبر،
تنهنجي رتبي مقام ۽ مان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
بي علمن کي تو ٿي علم ڏنو، بي فيضن کي توڻي فيض ڏنو،
تنهنجي فيض عطا فرمان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تو ئي مينهن وسايو رحمت جو، ويو دور جهان مان زحمت جو،
تنهنجي رحمت جي باران مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي روح مبارڪ انور آ، تنهنجو جسم مبارڪ اطهر آ،
تنهنجي پاڪ بدن جانان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
جنهن توکي پسيو سو تنهنجو ٿيو، توتان ساه به ان قربان ڪيو
تو سان پيار ڪندڙ انسان مٿان قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
توکي قادر جو قرآن ڏنو، سو آهي هدايت جو مرڪز،
ان قادر جي قرآن مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي شهر ۾ رهندڙ هر هڪ تان، ننڍي ٻار جوان ۽ جهور مٿان،
تنهنجي روضي ماڳ ۽ مڪان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
تو ريت جي ذري ذري کي، شاداب ڪيو گلزار ڪيو،
تنهنجي “گل” ڦل ۽ بستان مٿان، قربان لکين هڪ مان نه رڳو.
(نعتيه ديوان برهان شريف از سيد گل محمد شاهه بخاري)
محمد بچل سميجو
تنهنجو حسن ڏسي حيران ٿيا، حيوان بشر هڪ مان نه رڳو،
تنهنجي قدمن تان گس گهور ٿيا، بي جان پٿر هڪ مان نه مگر. .
تنهنجون ڪجليون ڪٽاريون ٻئي اکڙيون وڏي ناز واريون ٿئي اکڙيون
لک نيڪ نظر سان موهي ڇڏيا، سلطان صدر هڪ مان نه مگر.
تنهنجون ڀروون تيز ترار تکيون لک اوهان رب رمزون رکيون،
ڏند موتي ۽ مرجان چون، قربان قمر هڪ مان نه مگر.
تنهنجي صورت آ سبحان الله تنهنجو مرڪڻ به آ بسم الله،
وئي قدمن کان سر چوٽي تائين، مستان مصر هڪ مان نه رڳو.
تنهنجا زلف عجب مک مهتابي ڏسي ک مشتاق ٿيا اصحابي،
صديق اڪبر ۽ حيدر عثمان عمر هڪ مان نه رڳو.
تنهنجو جسم نوراني نور چوان، صفا رحمت سان ڀرپور چوان،
ڇا ملڪ پري هر حور چوان قربان ڪڪر هڪ مان نه رڳو.
تنهنجا لبڙا لمل گلابي گل، تعريف ڪري ڇا سميجو بچل،
لک ناهن ٻيا ببه دنيا ۾ غزل ثنا خوان شاعر هڪ مان نه رڳو.
(نعت خوان محمد يوسف سومري صاحب جي مهرباني سان)
محمود مخمور ملڪ
تنهنجي سونهن مٿي ٿي مست پيا، مستان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي شان مقدس تي ٿا لکن، ديوان هزارين مان نه رڳو.
لاريب لبيب ماکيءَ کان، تنهنجو نانءُ مزيد آهي مٺو،
تنهنجي نام مٺي تان جان ڪريان قربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي چانئٺ مبارڪ پاڪ چمڻ خاقان اچن ٿا خان پيا،
جت شاه گدا سردار ڪيئي سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي تير حسن جي ڌار تکي مجروح ڪئي مخلوق سڄي،
ڇا جن ملائڪ حور پري، انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي ناز ادا مخمور ڪيا، مدهوش ڪيا سڀ ملڪ مٺا،
تنهنجي ناز نشانبر جا ته ٿيا، نيشان هزارين مان نه رڳو.
سڪندر راز بلوچ
تنهنجي الفت ۾ ڪي ديوانا ٿيا، انسان هزارين مان نه رڳو،
ڪي پتنگ جيان پچندا ٿي رهيا، سلطان هزارين مان نه رڳو.
ڪي حسن اڳيان حيران ٿيا، ڪن پلپل پاڻ پتوڙيو ٿي،
ڪي رمزن ۾ ٿي رند ويا، مستان هزارين مان نه رڳو.
پنهنجي نازڪ نرمل اکڙين ۾، پيرن جي پڻي پئي پاتائون،
پوءِ شوق جي شمع روشن ٿي، حيران هزارين مان نه رڳو.
سهڻل جي چاه جا دود دکيا، دروازا دل جا سڀئي کليا،
پيون قرب ڪروڙين ٿي قيد ويا، خاقان هزارين مان نه رڳو.
الفت جو جڏهن اقرار ٿيو، ڪاڏي هوش يو ڪاڏي عقل ويو،
تنهنجي در تي دلبر راز سندا دربان هزارين مان نه رڳو.
(حيران هزارين عبدالجبار عبد)
مولانا سراج احمد جمالي
سرور ﷺ تي سوين سلام پڙهن، سلطان هزارين مان نه رڳو،
مخمور محبت منجهه رهن، مستان هزارين مان نه رڳو.
جت سارا نبي ڀي نفسي چون، تو کان امتي جا سي ٻول ٻڌن،
تنهنجي شاهت شوڪت شفقت تان، حيران هزارين مان نه رڳو.
تنهنجا وار مٺا گهنڊيدار چوان، تنهنجو ڀروان جيان تلوار چوان،
تنهنجي چشم سياه جي چاهت ۾، حوران هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي منهن تان فدا مرجان ڪيان لب لال تان گهور مان لال ڪيان،
دندان دهن تان موتي سڀ قربان هزارين مان نه رڳو.
جنهن جو عرش برين معراج چون، ثقلين جو سو سرتاج چون،
پنجاه مان پنج کي ڏاج چون، انسان هزارين مان نه رڳو.
مجبور جمالي سراج احمد مسرور ٿئي مغفور ٿئي،
مهجور جا هجر جي دور ٿين دربان هزارين مان نه رڳو.
نعمت الله سنڌي
ٿيا جلوه گري تان ڪيئي فدا، انسان هزارين مان نه رڳو،
سڀ جن ملڪ ۽ حور پريون غلمان هزارين مان نه رڳو.
جنهن به ٿي ڏٺو هڪ وارکڻي، محبوب جي چهري املهه ڏي،
هڪ ديد مٿان قربان ٿيا، مستان هزارين مان نه رڳو.
مان خُلق عظيم جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان، ساراهه سڄڻ جي صاف صفا،
دشمن به اچي دلبر جا ٿيا، دربان هزارين مان نه رڳو.
جڏهن ڄايو ڄام جي خبر ٻڌي هُت ڪوٽ ڪري پيا ڪسريٰ جا،
سڄي دنيا ۾ ٿي اهڙا ويا، اعلان هزارين مان نه رڳو.
کڻي بوجهه ۽ ڪيئي مجبوريون مٺڙي جي در تي جي آيا،
ڏسي سهڻل جي سخا ڪيئي ٿيا، مهمان هزارين مان نه رڳو.
پنهنجي محب مٺي تان گهور وڃان “سنڌي” جي آهي رب کان دعا،
تنهنجي در جا اچي ٿيا ڪيئي گدا، سلطان هزارين مان نه رڳو.
سيد رفيق احمد شاه امروٽي
تنهنجي در تي جهڪن ٿا منهنجا خدا، بيڪار لکين هڪ مان نه رڳو،
تنهنجي گنج منجهان ٿا وٺن، پينار لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي سڀ تي عطا تنهنجي سڀ لئه سخا، تنهنجي سڀ تي ڪرم اي منهنجا خدا،
تنهنجي در تي سوالي آهن رب، لاچار لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجو نانءُ ڏکن جي آهي دوا، تنهنجو ذڪر مريضن لاءِ شفا،
تنهنجو ورد اچارن ٿا جڳ ۾، بيمار لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجو شان ڪريمي ڇا چئجي، رحمان به تون ۽ رحيم به تون،
بخشي ٿو سگهين ڇا هڪ لمحي ۾، بدڪار لکين هڪ مان نه رڳو.
هر دل۾ رهين ٿو تون مالڪ، هر جاءِ وسين ٿو تون ئي تون،
تنهنجي ذات مبارڪ جا ٿا ڪرن، اذڪار لکين هڪ مان نه رڳو.
پيدا به ڪئي رب تو ئي دنيا، ۽ رزق به سڀ کي ڏئين ٿو تون،
تنهنجي خير منجهان ٿا کائن رب، گهر ٻار لکين هڪ مان نه رڳو.
بزمي ٿو لکي جوهر ٿو لکي، تنهنجي حمد خدا ٿو “رفيق“ لکي،
تنهنجي شان ۾ لکندا آهن رب اشعار لکين هڪ مان نه رڳو.
( ناز پروڊڪشن ڪيسٽ واليوم42 آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو
محمد ياسين صاحب جي ٿورن سان)
ڪلام 2
عربيءَ جاعُشاق لکين هڪ مان نه رڳو، مدنيءَ جا مشتاق لکين هڪ مان نه رڳو،
ڪلمي ۽ صلوات جي خاطر کولن ٿا دل واري اوطاق لکين هڪ مان نه رڳو.
بڻجي ويا محبوب سندواخلاق ڏسي، جڳ ۾ خوش اخلاق لکين هڪ مان نه رڳو
پيغمبر پڳدار پرينءَ سان پيار ڪري چاق ٿيا ناچاق لکين هڪ مان نه رڳو
هاديءَ جي تبليغ ٻڌي ٿا دل سان پڙهن توحيدي اسباق لکين هڪ مان نه رڳو
دين جي خاطر جان ڏيڻ جو عهد ڪري ڀاڙيندا ميثاق لکين هڪ مان نه رڳو
انسانن جي محسن جا هن دنيا ۾، ڀائن ٿا اشفاق لکين هڪ مان نه رڳو
مير مٺي جي ملڪ مٺي جو عشق رکي ڪاٽن ٿا فراق لکين هڪ مان نه رڳو
نعت نبيءَ جي لکندي لکندي يار “رفيق” بدلن ٿا اوراق لکين هڪ مان نه رڳو.
رياض احمد چنجڻي
تنهنجي سونهن مٿان سڀ سهڻل سائين قربان ڪروڙين مان نه رڳو،
محبوب محمد صه صدقي توتان ٿين خان ڪروڙين مان نه رڳو.
تنهنجي اچڻ سان ڏيهه مان وئي اوندهه صفا،
هر هنڌ ٿي ويئي چانڊوڪي شادان ڪروڙين مان نه رڳو.
واندو نه تنهنجي واکاڻ مان ڪوئي،
جن ملائڪ تعريف پيا ڪن انسان ڪروڙين مان نه رڳو.
حسين تنهنجي تي ڪائنات سموري آهي فدا،
پير پيغمبر حورون پريون حيوان ڪروڙين مان نه رڳو.
درويش ولي اولياء اوهان تي،
عاشق صدق هر وقت چوان مستان ڪروڙين مان نه رڳو.
ڳڻ ڳالهيون تنهنجون دل ۽ زبان سان،
ٿا هر هر ڳائن ڳوٺ ڳلين ۾ احسان ڪروڙين مان نه رڳو.
شاعر اديب ۽ امين ليکڪ،
ابدال قطب سڀ توکان وٺن ٿا دان ڪروڙين مان نه رڳو.
مخدوم ۽ خادم پرت مان توتي،
صلوات درود ڪل پيا ٿا پڙهن هر آن ڪروڙين مان نه رڳو.
ڪيو نازل مرسل تنهنجي مٿان رب
پڙهن پير جوان ۽ پوڙها پڪا قرآن ڪروڙين مان نه رڳو
چرند پرند سڪن ديدار اوهان لئه
گل ڦل مکڙيون سڀ مرڪن بستان ڪروڙين مان نه رڳو.
رابيل گلاب ۽ چنبيلي خوشبو،
تولئه واسن گهر گهر چارا گلدان ڪروڙين مان نه رڳو.
سج چنڊ ۽ تارا توکان هر دم وٺن
نور جون لاٽون اعلان ڪروڙين مان نه رڳو
اظهر اڪبر ۽ راز ٿا گڏجي
ٿيا تنهنجا ثناگر ثنا خوان ڪروڙين مان نه رڳو
تون شاه عرب ۽ شاه عجم
اي ختم الرسل ڪئين تنهنجي در تي دربان ڪروڙين مان نه رڳو
هي چنجڻي تنهنجي نانءُ تان صدقي
ڪر تون عطا ٿا توکان گهرن ايمان ڪروڙين مان نه رڳو.
بيوس بهار سومرو
تنهنجي جلوي جوت جمال ڪيا، حيران هزارين مان نه رڳو،
محبوب اوهان جي محبت۾، مستان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي عشق ۾ جي آباد ٿيا ناشاد دلين مان شاد ٿيا،
هر درد و الم کان آزاد ٿيا انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي پڃري پاڪ پياري تي ۽ نرمل نورنظاري تي،
تنهنجي روضي اطهر ساري تي دربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي محبت ۾ محبوب مٺا، مون پنهنجي اکين سان کوڙ ڏٺا،
تنهنجي ديس اچڻ لئه ڪن ٿا ڪٺا، سامان هزارين مان نه رڳو.
ڪي چاهه ۾ “بيوس” چُور ٿيا، ڪي محبت ۾ مخمور ٿيا،
ڪي ملڪ تنهنجي ۾ حضور ٿيا مهمان هزارين مان نه رڳو.
( حيران هزارين عبدالجبار عبد)
وفا منظور چوهان
تنهنجي سونهن ڏسڻ لئه محبوب مٺا، مستان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي نظرن ڪيئي گهائي وڌا، انسان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي حلموسخا کي سڄڻ ڏسي ديوانا ٿيا توتان سڀئي،
در تنهنجي اچي ڪيئي قيدي بڻيا، خاقان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجو عشق لڳو جن کي سائين، وسري ته ويو تن کان سڀ ڪجهه،
ڇا جن بشر حوران پريون حيران هزارين مان نه رڳو.
پنڌ پياري ڏي ٿا روز اچن ڪيئي قرب ۾ ٿا قيد ٿين،
ڪي محبت ۾ مخمور ٿين، مهمان هزارين مان نه رڳو.
تعريف ڪري ڪين سگهندو “وفا” ، دفتر جي ٿين ڀل کوڙ ڪٺا،
تنهنجي شان ۾ روز ٿا شعر چون، ثنا خوان هزارين مان نه رڳو.
(حيران هزارين عبدالجبار عبد)
مولانا ضمير احمد لنجار
پڳدار پيغمبر تان صدقي پروان لکين هڪ مان نه رڳو،
هر عاشق ڀريا پياري سندا پيمان لکين هڪ مان نه رڳو.
مخلوق اٺارهن هزار سان گڏ، هر عالم جي هر چيز فدا،
ڪن پيار پرينءَ سان ٿا بيشڪ بيجان لکين هڪ مان نه رڳو.
سج چنڊ ستارا سيارا، آڪاش ست ئي ۽ عرش عُليٰ،
قربان بهشت جي حورن سان غلمان، لکين هڪ مان نه رڳو.
ان وقت اسان پيدا ٿيون ها، پوءِ ڀاڳ اسان جا ٻيا ڪهڙا
دل ۾ ٿا رکن هي حسرت سچي سلطان لکين هڪ مان نه رڳو.
ڏس ناري ۽ نورن کان وڌ، اعزاز اسان کي ملي ويو آ،
مدنيءَ جي صدقي اشرف ٿيا انسان لکين هڪ مان نه رڳو.
معراج ۽ عرش برين پهتو، محبوب نبي مطلوب نبي،
معراج نماز ۾ امت جو، شڪران لکين هڪ مان نه رڳو.
الفت جا وڏا اظهار ٿيا، اڄ پنهنجن سان پراون ڀي،
جاني به ٿيا لاثاني اتم، جانان لکين هڪ مان نه رڳو.
روحاني حلاوت وڌندي آ، جڏهن ياد مدينو ايندو آ،
ان رمز ڪيا بيتاب چوان نالان لکين هڪ مان نه رڳو.
سڪ ۾ ٿا سڪون اڄ ڀي ڏاڍو، سڪ لاهيون ٿا وڃي روضو ڏسي،
آسيس ٿا اڄ ڀي ساڳي وٺن، مستان لکين هڪ مان نه رڳو.
جوڙن ٿا نظم شاعر ڪيئي ڄڻ موتي پروڙن ٿا ويهي،
ها پيش ڪرن ٿا عقيدت جا گلدان لکين هڪ مان نه رڳو.
تڪبير جي نعرن سان گڏ گڏ هڻي ختم نبوت جو نعرو،
لنجار وڌائن ٿا جذبا جولان لکين هڪ مان نه رڳو.
فتح الله ببيخود بلوچ
تنهنجي سونهن سندرتا تي آ لکي تحرير گهڻن ئي مان نه رڳو
ذهنن جي فريم ۾ تنهنجي رکي، تصوير گهڻن ئي مان نه رڳو.
هن برهه بڇي بدنامي آ، هر ڪو ٿو چوي تو ۾ خاص آ،
هن نينهن جي ناتي ۾ آ سٺي، تعزير گهڻن ئي مان نه رڳو.
ٿو نينهن رلائي نٽهڻ ۾، پل ناهي ڪٽيو ڪنهن ڪڻ ڪڻ ۾،
محسوس نه ڪٿي آ پل به ٿڌي ڪا هير گهڻن ئي مان نه رڳو.
هت سارا خواب جلايا ويا، خوابن جا پکي ڦٿڪايا ويا،
هت پنهنجن خوابن جي نه ڏٺي، تعبير گهڻن ئي مان نه رڳو.
هي “بيخود” عشق نگر آهي، هت ڪير آ جو رسوا ناهي،
هت الزامن جا روز سٺا، سو تير گهڻن ئي مان نه رڳو.
اسد چاچڙ
هن ڌرتيءَ لاءِ وڙهڻ خاطر انسان سوين هِن مان نه رڳو،
آزاديءَ لاءِ ۽ خوشحاليءَ جا اعلان سوين هِن مان نه رڳو.
هن سهڻي ٻولي سنڌيءَ ۾ ڪن آکاڻيون ۽ گيت لکيا،
هن سنڌڙيءَ لئه هر شاعر وٽ عنوان سوين هِن مان نه رڳو.
هي تنهنجي سونهن جياپو آ، ۽ تنهجا ماڻا گهائين ٿا،
پر تنهنجي مُک جي تجلن تي حيران سوين هِن مان نه رڳو.
هي سچ وڏو ڏوهاري آ ايئن ڏاهن کان ته ٻڌو آهي،
ان سچ تي يار مرڻ خاطر عرفان سوين هِن مان نه رڳو.
سيد سراج احمد شاهه
پرور تو اڳيان پهچائن ٿا، فرياد لکين هڪ مان نه رڳو،
ڪجهه اهڙيءَ طرح دانهن جو گهرن ٿا داد لکين هڪ مان نه رڳو.
مخلوق سڄيءَ جو خالق تون ۽ رزق ڏئين ٿو رازق تون،
پوشاڪ به پائن ۽ کائن ٿا، کاڌ لکين هڪ مان نه رڳو.
سڀ سمنڊ نديون ۽ درياه جبل، توڻي ته رکيا ڪينجهر ۾ ڪنول،
انسان گلستانن ۾ ڪيئه آباد لکين هڪ مان نه رڳو.
سنسار سارو فنا آهي توکي ئي بقا آهي بيشڪ،
هن جسم جي پڃري مان ٿيندا، آزاد لکين هڪ مان نه رڳو.
مشڪل جي مهل تون ياد آهين ڪر ڪاٿي ڪهل تون ياد آهين،
روئي ٿا پڪارن توکي رب، نر ماد لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي ذات ڀلي آهي سائين تنهنجي تات ڀلي آهي سائين،
تنهنجي نالي سان ناشاد دليون ڪن، شاد لکين هڪ مان نه رڳو.
در تنهنجو ڇڏي منهنجا موليٰ ويندو ئي “سراج” آخر ڪاڏي،
توکان ٿا گهرن تڪليفن ۾، امداد لکين هڪ مان نه رڳو.
( محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان ناز پروڊڪشن ڪيسٽ واليوم 42
آواز حاجي امداد الله ڦلپوٽو صاحب)
حماد الله حماد سومرو
محبوب خدا تنهنجي وصف ثنا، ڳائن ٿا لکين هڪ مان نه رڳو،
پنهنجي جان کان توکي وڌ پيارو ڀائن ٿا لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي آئي اجالا ٿيندا ويا، ڪم ظرف نرالا ٿيندا ويا،
توتي ڪلموڀري عزت عظمت، ماڻن ٿا لکين هڪ مان نه رڳو.
تو سهڻو سڀن کان آهين سٺو، تنهنجو ماکيءَ کان وڌ نانءُ مٺو،
توکي چاهه منجهان پيا صبح و مسا، چاهن ٿا لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي حسن تي آهن سڀ حيران، انسان ملڪ حوران غلمان،
تو سان پيچ پريت جو سڀ جا سڄڻ پائن ٿا لکين هڪ مان نه رڳو
تو سان نينهن نبين به لاتو، تو لاءِ آ سڀ جو من آتو،
تنهنجو عشق اندر ۾ جان وفا پائن ٿا لکين هڪ مان نه رڳو.
تو علم جو آهين بحر مٺا، تنهنجو من مهڻو آ شهر مٺا،
تنهنجي روضي اطهر جي سڪ ۾ جالن ٿا لکين هڪ مان نه رڳو.
“حماد” نه تنهنجي سڪ ۾ سڪي ٿو تنهنجي ڪري پيو شعر لکي”،
تنهنجي شان ۾ شاعر شعر سدا، ٺاهن ٿا لکين هڪ مان نه رڳو.
(محمد ياسين ڪنڀر جي ٿورن سان)
ابو انس قاري مير حسن عطاري
تنهنجي ديد جا طالب جن و بشر غلمان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي در جي سلاميءَ لئه تڙپن، انسان هزارين مان نه رڳو.
منهنجي نيڻن جي اوقات ڪٿي تنهنجو جلوو پسڻ جو تاب ڪٿي،
تنهنجي حسن جي هر جا هاڪ ٻڌي، حيران هزارين مان نه رڳو.
گلڙا جيئن باغن ۾ٽڙن، تنهنجو ذڪرٻڌي مومن ٿا ٽڙن،
تنهنجا عاشق صادق بڻجڻ لئه مهمان هزارين مان نه رڳو.
شل منهنجي دل جا تاڪ کلن ۽ عصيان جا سڀ باغ ڌلن،
هي عرض کڻي حاضر ٿين روضي تي هزارين مان نه رڳو.
ڪر نوري نبي رحمت جي نظر، بس منهنجي پڄاڻي تي آ عمر،
هن آس ۾ پهچن تنهنجي در مهمان هزارين مان نه رڳو.
هر سال خزان جو ماه گهارڻ کان بعد ڪڍن جيئن گونچ شجر،
سائو کڻي ايئن ايمان جو وڻ طالب ٿين هزارين مان نه رڳو.
مفرور آهيان مفرور آهيان عيبن گهڻو مشهور آهيان،
آزاد ڪيو عصيان مان ڪڍو حاضر ٿين هزارين مان نه رڳو.
مفتون تنهجي تربت جي مٿي رحمت جو سدائين مينهن وسي،
تنهنجو شان لکي ويا اهلِ قلم مفتون هزارين مان نه رڳو
مفتون ٻڌي مون تنهنجو سخن دل تنهنجي ٿي زندان بدن،
هن سمنڊ ۾ ڪئين پيا “مير” ٻڏن عشاق هزارين مان نه رڳو.
( نيٽ تان ورتل)
اورنگزيب “زيب عاجز” مهر
تنهنجي زلف اکين منهن مٿان، مستان هزارين مان نه رڳو،
تنهجي حسن جوت جمال مٿان، حيران هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي ابرو تيغ ڪمان مان، تنهنجي سيني مهر نشان مٿان،
تنهنجي عزت عظمت مانَ مٿان، قربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي جلوي جمال ڪمال سندا، تنهنجي نور ظهور جلال سندا،
تنهنجي محبت ۾ ڪيئي بلال سندا، دربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي هڪ اشاري چنڊ ٽٽو، تنهنجي نالي سان منهن کنڊ مٺو،
تنهنجي شان مٿي سڄو سمنڊ کٽو، ديوان هزارين مان نه رڳو.
حورون ملائڪ ۽ جن و بشر، تائب تارا سڀ شمس و قمر،
صورت اڳيان آ جهڪو جوهر، مرجان هزارين مان نه رڳو.
غوث قطب هي پير قلندر، خان ملڪ ۽ دارا سڪندر،
آهن تنهنجي در جا نوڪر، سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي قرب ۾ ڪيئي قيد مٺا، توتي شائق آهن طالب سندا،
توتي مست ڪيئي مفتون سدا، مدح خوان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي در جو ئي دربان آهيان، تنهنجي محبت ۾ مستان آهيان،
آءٌ عاجز اڪيلو اورنگزيب ڇاهيان، انسان هزارين مان نه رڳو.
(سندس ڪتاب تان کنيل)
مير احمد چنڙ
ڏسي محبوب جو چهرو حيران هزارين مان نه رڳو
سهڻي صورت ڏسي ازخود پيا چون سبحان هزارين مان نه رڳو
مست ٿيا ڪي مون پارا مستان هزارين مان نه رڳو
هڪ جهلڪ ڏسي ٿا جهومي پون ديوان هزارين مان نه رڳو
هن شمع مٿان ڪيئي جلي ويا پروان هزارين مان نه رڳو
مير ڪيئي مدهوش ٿيا، انسان هزارين مان نه رڳو
هڪ بيوس “چنڙ” ڇا چريو ٿيو قربان هزارين مان نه رڳو
عبدالواسع عبد سهندڙو
سندس قلمي مسودا (1) ساريالي ٻولي (2) ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي الا(3) سنڌي ادب جو سفر(ٽن جلدن ۾) ڇپائي جا منتظر آهن.
تنهنجي حسن ڪيا اي مير مڪي مخمور هزارين مان نه رڳو
هڪ مرڪ مٿان مفتون ٿيا منصور هزارين مان نه رڳو.
هي عرب سڄو ۽ عجم سڄو، هڪ جهلڪ سندو ڇا عجب ڪيو؟
تو قرب ۾ قابو قيد ڪيا مفرور هزارين مان نه رڳو.
تو ٻاٽ ۾ آهي لاٽ ڏني، بي راهن کي آ واٽ ڏني،
سڀ واٽ وٺي هي راهي ٿيا مجبور هزارين مان نه رڳو.
تو لعب جهل کي مات ڏني، تو زيد زبير کي ذات ڏني،
جي عام هئا سي خاص ٿيا، ڀرپور هزارين مان نه رڳو.
جت شرڪ ڪفر جا ڪوٽ هئا ۽ ڏاڍ ڏمر جا اوٽ هئا،
ٿي خاص خلاصي جلد ويا محمور هزارين مان نه رڳو.
ڇا تعريف ڪري هي “عبد” ادا صلوات پڙهي ٿو خود خدا،
ٿيا مست الست ٻار ٻڍا، مستور هزارين مان نه رڳو
ڊاڪٽر وحيد سمائر
تنهنجي حسن جا هر هنڌ هُل ميان، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي نظرن ڪيئي موهي وڌا انسان هزارين مان نه رڳو.
تون هڪڙو ڀيرو چئه ته سهي ڪيان، تنهنجي مٿان مان جان فدا،
تنهنجي نظرن جا هي تير تکا مستان هزارين مان نه رڳو.
ڏند تنهنجا موتيءَ داڻا هي گفتار تنهنجيءَ تان جان فدا،
تتنهنجي نظرن ۾ ڄڻ آهن ڪي زندان هزارين مان نه رڳو.
هي چنڊ به ڇا هي سج به ڇا، ڪيان ڪنهن سان تنهنجي ڀيٽ مٺا،
تنهنجو ٿورو جلوو جن به ڏٺو، پريشان هزارين مان نه رڳو.
مشتاق اوهان جي صورت جا واجهائندا هِن واٽ پيا،
تنهنجي آڌرڀاءُ جي لاءِ هتي دربان هزارين مان نه رڳو.
هيءَ عمر سموري نوڪر ٿيان، تعريف ڪري مان ڪين ٿڪان،
تنهنجي هڪڙي سڏ تي پهچن ٿا مهمان هزارين مان نه رڳو.
محمد ياسين ڪنڀر
توسان رکن ٿا چاهه لکين هڪ مان نه رڳو
پنهنجو سنوارڻ ساه لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجي خاطر وڙهندا آهن ۽ تولئه
جڳ ۾ ڪن ٿا ٺاه لکين هڪ مان نه رڳو.
نرمل تنهنجي نعت لکي مولود لکي،
حاصل ڪن ٿا چاه لکين هڪ مان نه رڳو.
تون پيارو پيءُ ماءُ کان وڌ گهر سر زر کان،
اهڙو رکن ٿا ويساه لکين هڪ مان نه رڳو.
تنهنجا سوا لک اصحابي وڌ چار مٺا،
تنهنجو مڃن ٿا سپاه لکين هڪ مان نه رڳو
تو سان پيچ پريت رکي “ياسين” سدا،
نينهن جو ڪن ٿا نباه لکين هڪ مان نه رڳو.
ڪلام 2
دلبر جا دربان لکين هڪ مان نه رڳو، مدنيءَ جا مستان لکين هڪ مان نه رڳو
مير مديني واري جا شب روز ادا، ڳائن ٿا احسان لکين هڪ مان نه رڳو
پڙهندي پڙهندي اسوه حسسنه احمد جي تازا ڪن ايمان لکين هڪ مان نه رڳو
معجزا مرسل مدنيءَ جا سچا سڀئي حيرت ۾ حيران لکين هڪ مان نه رڳو
مان ته حقير فقير مگر محبوبن کي ساراهن سلطان لکين هڪ مان نه رڳو
رب جي حبيب جي سڪ ۾ لکندڙ جوڙن ٿا نعتيه ديوان لکين هڪ مان نه رڳو
عبدالله ۽ عبدالرحيم يا عبد الرب ۽ عبدالرحمان لکين هڪ مان نه رڳو
ختم نبوت تان صدقي صدقي سارا عام اهي اعلان لکين هڪ مان نه رڳو
خواب ۾ زيارت ٿئي شل پاڪ محمد جي الفت ۾انسان لکين هڪ مان نه رڳو
نعت لکي ۽ پرهي “ياسي ڪنڀر” بڻج ٿا باشان لکين هڪ مان نه رڳو
ساجد حسين آچراڻي
تنهنجي نور صورت جي تعريف مٺا، ڪن مسلمان ته ڇا پر ڪئي آهي خدا،
تو تان صدقي جن و ملڪ حوران انسان ته ڇا پر هر مخلوق خدا.
ڪيئي دفتر سهڻي جي سيرت تي لکي. مشهور ليکڪ ۽ شاعر شامل ٿيا،
ڏينهن رات پڙهن محبوب مٺا، رڳو ڪتاب نه پر قرآن پڙهيا،
تنهنجي عشق ۾ ڪيئي لقب مليا صديقي اويسي حافي بڻيا،
گهوريا تن من ۽ ٻار ٻچا، ڏس اهڙي سخا ڪئي شير خدا،
تنهنجا سبط سردار بڻيا، اسلام جا جي سرتاج بڻيا،
تنهنجي امت جا سي آڌار بڻيا، ڪيان گهر ٻار ته ڇا جند جان فدا
تنهنجي مدح ڪئي ابوطالب آ، ابوتراب ڪئي خود خالق آ،
صلوات مومن جي آ ورد زبان هڪ “ساجد” ڇا پر ڪيئي مدح خوان بڻيا.
گل حسن گل سنڌي سولنگي
محبوب مٺا تنهنجي محبت ڪيا، مستان هزارين مان نه رڳو،
جن توکي ڏٺو سي تنهنجا بڻيا، دربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجو جلوو جمال جن به ڏٺو تنهنجي محبت مٺا تن کي ڪٺو،
هر ادا ۾ لڳين تون سڄڻ سٺو، قربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي هڪ جهلڪ تي ڪريا تونگر، جيءُ جيءُڪري تنهنجا ٿيا نوڪر،
تنهنجي در تي جهڪيا سو سڪندر، سلطان هزارين مان نه رڳو.
جنهن ڏانهن نيڻ کڻين سو سوگهو ڪرين، هڪ منٽ توکان پري ٿين نه پرين،
گهر ٻار تنين کان وساري ڇڏين، پريشان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي عشق ۾ گهايل ڪيئي ڄڻا، ڪنهن ڪنهن جا سڄڻ مان نانءَ کڻان،
تنهنجا عاشق آهن گهڻي کان گهڻا، اعلان هزارين مان نه رڳو.
فيض محمد
تنهنجا زلف زوراور دام ڏٺم، قابو قيد انهي خاص ڏٺم،
ڦاٿل محبت منجهه مدام ڏٺم، ديوان هزارين مان نه رڳو.
ابر و سيف سٽن سرواهيون سدا، ماري ماري ڪٿي تن جان جدا،
ٿيا عجيب و غريب شاه و گدا، قربان هزارين مان نه رڳو.
واه جلوي ذات صفات چوان، پڙهن وصف وڏي صلوات چوان،
پريون حورون ملڪ جنات چوان، غلمان هزارين مان نه رڳو.
فيض محمد منهن مثل، منور سو محراب مشعل،
تنهنجي قرب قريني ڪاب مثل، دربان هزارين مان نه رڳو.
الهڏنو بروهي
محبت تنهنجي ڪيئي موهيا، حيران هزارين ٿي پيا هِن.
تون سهڻن جو سردار آهين تون محب مٺو منٺار آهين،
ڇا شان لکان تنهنجو مان داستان هزارين ٿي پيا هِن.
تنهنجي زلفن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان مان ڇا ته چئي ڇا بيان ڪيان،
هتي اليهر تليهر سڀ اچي دربان هزارين ٿي پيا هِن.
تنهنجي پيرن جي پيزار چمان، هڪ وارنه پر سو وار چمان،
تون مهر نظر آ مون تي ڪئي، احسان هزارين ٿي پيا هِن.
مان تنهنجو مٺا نوڪر آهيان، تون منهنجو دلي دلبر آهين،
هڪ خادم مان نه آهيان پيارا، سلطان هزارين ٿي پيا هِن.
هر جاءِ آهي سرهاڻ تنهنجي ٻي ڳالهه ناهي واکاڻ تنهنجي،
هت جن ملائڪ حورون اچي قربان هزارين ٿي پيا هِن.
الله ڪيو هن الهڏني تي قربت ڪيائي ڪوجهي ڪني تي،
بروهيءَ جا سڀ بار لهي ويا، مهمان هزارين ٿي پيا هِن.
جاويد علي (ڪنڌڪوٽ)
تنهنجي حسن جي ڇا تعريف ڪيان، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي قرب ۾ ڪيئي ڪڙجي ويا سلطان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي مک مهتاب جو تاب تکو، لڳي ماکيءَ کان به ٻول مٺو،
ڪيئي گهايل ٿيا هن گهوٽ هتي، جوان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي ديد ڪيا ڪيئي ديوانا، ۽ سونهن مٿان ڪيئي مستانا،
ڪي پتنگ پچي ٿيا پروانا، انسان هزارين مان نه رڳو.
حوران پريون ۽ جن ملڪ پڙهن صلوات ٿا سرور صه تي،
هڪ مان ته در جو نوڪر ڇا، دربان هزارين مان نه رڳو.
لولاڪ نما مظهر نما، ان آيت ۾ ناهي ڪو شڪ گمان،
ڏني شاهدي آهي ارض و سما فرمان هزارين مان نه رڳو.
“جاويد” ڪريان جند جان فدا، پنهل پنهنجي پياري تان،
هي هڪ سر ڇا جي سو سر هجن، قربان هزارين مان نه رڳو.
خطائي ٿيٻو
تنهنجي مرڪ ڪرايا نيٺ اڏي، اعلان هزارين مان نه رڳو.
گگهه رات انڌي کي مات ملي، تنهنجي ياد ملي ۽ تات ملي،
خوش کوڙ ٿيا سوغات ملي، انسان هزارين مان نه رڳو.
او محبوب مٺا منٺار سڄڻ هڪ وار کڻي نيهار سڄڻ،
تنهنجي گهور ڪيا مهندار سڄڻ، مستان هزارين مان نه رڳو.
پنهنجا ڀاڳ ستل جاڳائن ٿا، تنهنجون ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳائن ٿا،
تنهنجي در تي اچبو ٻاڏائن ٿا سلطان هزارين مان نه رڳو.
ڪيئي توکي “خطائي” سارن ٿا، پل توکي ڪين وسارن ٿا،
توتان پنهنجي وارين ٿا جندجان هزارين مان نه رڳو.
حافظ محمد حبيب الرحمان سومرو
جن انس ملائڪ حور پريون، مستان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي سهڻي صورت ماه و لقا، ته ڪو همسر تنهنجو آهي مٺا،
تنهنجي رخ انور تي گهور ٿياپروان هزارين مان نه رڳو.
تون نظر ڪرين ته نصيب لهن، هڪ لحظي ۾ سڀ سور لهن،
تنهنجي قربن تان محبوب ٿين، قربان هزارين مان نه رڳو.
هي “حبيب” کڻي کل ٻاجهارا، ته به سومرا سهڻو تنهنجو آ،
ڪر پنهنجو کڻي جو تنهنجو آ دربان هزارين مان نه رڳو.
فدا حسين فدا
تنهنجي گهور مٺا ڪيئي گهائي وڌا نيشان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي پيار پرين وڌا، انسان هزارين مان نه رڳو.
واه نرمل پيارا نور نبي تو تي هر دم آهي راز ربي،
تنهنجي در تي ڪيئي ناٿ نمن، سلطان هزارين مان نه رڳو.
پنهنجو جوت جمال پسي، شرمائيا چنڊ ۽ تارا ڪِٿي،
تنهنجي صورت جو مٽ ماه نه ڪو، مستان هزارين مان نه رڳو.
ڪيڏو قادر جو توسان قرب ٿيو، تولئه جڳ جڙي سڀ راس ٿيو،
توتي راضي رب رحمان ٿيو قربان هزارين مان نه رڳو.
تو لئه انس ملڪ حيران رهن، تنهنجي زيارت لئه مستان رهن،
ڏينهن رات “فدا” مشتاق ڦرن، خواهان هزارين مان نه رڳو.
ڪلام 2
تنهنجي جلوي جمال ڪمال ڪيا، حيران هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي روشن رخ رخسار مٿان، مستان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي تاب حسن جي جهلڪ تکي، شرمائيا چنڊ ۽ تارا ڪتي،
فيل مطلب نور نراڙ ڏسي قربان هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي نالي مٺي سان ڏين چپ چميون، تو ۾هن رب رمزان رکيون،
سوا لک نبين جون وصفان ڪٺيون، دردان هزارين مان نه رڳو.
تون شاه عجم ۽ شاه عرب، تنهنجو عالم تي رحمت لقب،
توسان راضي هردم رازق رب، پروان هزارين مان نه رڳو.
ڪيڏو قادر جو تو سان ڪرم ٿيو، تنهنجي زلفن جو رب قسم کنيو،
جنهن توکي ڏٺو تن رب کي ڏٺو، نيشان هزارين مان نه رڳو.
آدم ولد سندءِ توڙي والد آ، لولاڪ لما ڏس شاهد آ،
تنهنجوذڪر صلّ عليٰ وارد آ، ثنا خوان هزارين مان نه رڳو.
معراج وڏو ٿيو مان تنهنجو، جبرئيل بڻيو دربان تنهنجو،
خود خالق ٿيو ميزبان تنهنجو، نازان هزارين مان نه رڳو.
توکي شاه شفاعت جو اذن مليو، ولسوف جو توسان واعدو ٿيو،
تنهنجي شان ۾ “فدا” هي شعر چيو، حسان هزارين مان نه رڳو.