سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم ۽ محقق ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌ جي ھندن جي تاريخ (ٻئي ڀاڱا)“ اوھان اڳيان پيش آھي.
جن سنڌي عالمن، اُستادن ۽ محققن، پنهنجي وت ۽ وس آهر سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ پتوڙيو ۽ نور نچوئي بنا ڪنھن لالچ ۽ لوڀ جي ادب جي آبياري ڪئي، انھن ۾ ڪاڪي ڀيرومل جو نالو وسارڻ جوڳو ڪونھي. سندس ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ھندن جي تاريخ، سنڌ ۾ ھندن جي سمورين آڪھين جو احوال، انھن جي وڏن جي زندگي ۽ ڪارنامن کي ھڪ ھنڌ سھيڙيو آھي. ھي ڪتاب رڳو سنڌ جي ھندن جي تاريخ ڪونھي، پر سنڌ جي تاريخ آھي، جيڪا رگ ويد، آرين، سپت سنڌو، سنڌ سڀيتا جي شاخن کان اڄوڪي سنڌ تائين شامل آھي .
ھن ڪتاب جو پھريون ڀاڱو 1943ع ۾ ۽ ٻيو 1947ع ۾ ڇپيو. روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران 2006ع ۾ ٻنھي ڀاڱن کي گڏيل طور نئين ترتيب سان ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي