سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر الھداد ٻوھيي جو لکيل ڪتاب ”ادب جا فڪري محرڪ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
تحقيق ۽ تنقيد وارن شعبن ۾ سنڌي ادب ۾ جن اديبن قابلِ ذڪر ڪم ڪيو آهي، تن ۾ گهڻ پڙهيي ۽ گهڻ رُخي ليکڪ ڊاڪٽر الھداد ٻوهيي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي. ھن ڪتاب ۾ ادبي جي فڪري پسمنظر، يونان ۽ روم جي عظيم ادب، مشرق جي عظيم ڪتابن، حياتياتي فڪر، ارتقا جي نظريي جي فڪري رجحان، ادبي فڪر جي تاريخي رجحان، فڪر ۽ فلسفي، ويھين صديءَ ۽ عقلي ڇنڊ ڇاڻ جي دور، ادب ۽ ڪرداريت ۽ سماجي تبديلي جھڙي موضوعن تي لکيو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1984ع ۾ سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي