شاعري

جلاوطن لُڙڪ

هي ڪتاب هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن
  • 4.5/5.0
  • 22
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book جلاوطن لُڙڪ

ڪتاب جا حق ليکڪ وٽ ۾محفوظ

ڪتاب جو نالو: جلا وطن لُڙڪ
موضوع : نثري احساس
ليکڪ : سردار ٻرڙو
ڊجيٽل ڇاپو: جولاءِ 2021
ڪمپوزنگ : جويريا پھنور
ڇپائيندڙ موکي پبليڪشن مورو
ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

ارپنا

سَمبارا جي رَقص
سانوري جي وِشال ٽَھڪن
۽
انھن ڀوڳنائن جي نانءُ
جِن ڪارڻ آءُ لکي سگھيس.

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نوجوان شاعر سردار ٻرڙي جي نثري احساسن تي مشتمل ڪتاب ”جلاوطن لُڙڪ“ اوهان اڳيان پيش آهي. يوسف جميل لغاري لکي ٿو:
”هي ڪتاب:”جلاوطن لڙڪ“ هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو تہ وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو بہ وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا بہ گڏ کڻي ايندا آهن.“
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ڇپايو ناھي پر سردار ٻرڙي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ ڊجيٽل ايڊيشن لاءِ موڪليو آھي، اسان سندس ٿورائتا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مُھاڳ : احساسن جي ڪائنات.. .

ون يونٽ کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ ۾ ٻه ڌارائون رهيون آهن. هڪ ترقي پسند ۽ ٻي جمعيت الشعراءِ... پاڻ کي انهن ڌارائن تي بحث ناهي ڪرڻو رڳو راءِ ڏيڻي آهي ۽ اها راءِ اِها آهي ته انهن ڌارائن کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ اندر جڏهن پهريون ڀيرو نثري نظم لکيو ويو ته ان جي پهرين پهرين مخالفت جمعيت الشعراءِ وارن ڪئي.
هو ايئن چوندا هئا ته ”اها وري ڪهڙي صنف آهي، جيڪا نثر به آهي ۽ نظم به آهي.“ هنن وٽ اهو دليل هيو ته نظم الڳ آهي ۽ نثر الڳ آهي. نه رڳو اهي پر هر ڪو ايئن ئي چوندو ته نظم الڳ آهي ۽ نثر الڳ آهي. اصل ۾ اهو سُٽ الجهيل ڪونه آهي، جيترو ان کي سمجهيو ويو هو يا اڃا به ٿورو سمجهيو وڃي ٿو.
جڏهن جڏهن به ڪو نئون نظريو يا نئون تجربو جنم وٺندو آهي ته ان کي ضرور مخالفت کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي ته پنهنجي جاءِ جوڙڻ لاءِ وقت جو انتظار به ڪرڻو پوندو آهي ۽ ان دوران ان جي حق ۾ ضرور ڪي دليل اڳيان آڻڻا پوندا آهن.
مان ان ڳالهه کي اتان کان ئي کڻي هلڻ ٿو چاهيان:
نثر سڪڙجي سوڙهو ٿي ”مائڪرو ڪهاڻي“ تائين پهتو آهي ۽ نظم سڪڙجي سوڙهو ٿي ”نثري نظم“ تائين پهتو آهي. ان سڄي عمل دوران نه نثر جو ڏوهه آهي ۽ نه ئي وري نظم جو ڏوهه آهي. ڏوهه ڪنهن جو آهي اهو سوال آهي؟ ۽ ان سوال جو جواب سڀني وٽ پنهنجو ۔ پنهنجو آهي.
جيئن جيئن دنيا ترقيءَ طرف تڪڙيون وکون کڻندي اڳتي وڌندي پئي وڃي تيئن تيئن شيون تڪڙيون شڪليون مٽائينديون ٿيون وڃن.
ظاهري ڳالهه آهي جيڪا به شيءِ وقت سان گڏ نه ٿي هلي ته اها فنا ٿي وڃي ٿي. ان سڄي ڳالهه کي پاڻ ايئن ٿا سهيڙيون ته شاعري به شڪل ٿي مٽائيندي وڃي. ان جو وڏو مثال هيءُ ڪتاب آهي.
هن ڪتاب تي اچڻ کان اڳ ۾ پاڻ ڪجهه ٻيون ڳالهيون ونڊيون ٿا ۽ اهي ڳالهيون اسان کي هن ڪتاب جي روح تائين آڱر پڪڙي وٺي هلنديون!
ڳالهه نثري نظم کان شروع ٿي هئي ۽ نثري ٽُڪرن تي ختم ڪرڻي آهي... سو سنڌ اندر سدا بهار شاعر شيخ اياز جي ڪتابن کي جڏهن پڙهجي ٿو ته هن جي ڪتابن مان جڏهن نثر جي ڪتابن کي پڙهجي ٿو ته انهن جي هڪ هڪ صفحي تي هڪ کان وڌيڪ اسان کي سندس نثر ۾ ”نثري ٽُڪرا“ ملندا ۽ ساڳيءَ ئي طرح سان ايئن وري عبدالواحد آريسر جي نثر ۾ به اسان کي سندس نثر ۾ ”نثري ٽُڪرا“ ملندا.
شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر جي نثر کان پوءِ اعجاز منگي ۽ ايوب کوسو اهڙا نثر نويس آهن، جن جو نثر به نظم جو واس ڏيندو آهي. ان کان علاوه اسان وٽ ڪيئي اهڙا ليکڪ آهن، جن جو نثر به نظم جو چولو پاتل لڳندو آهي.
انهن ئي ليکڪ جو نثر باڪمال ۽ نظم جي ويجهو هوندو آهي، جيڪي بنياد طور ”شاعر“ هوندا آهن، پوءِ ڀلي اڳتي هلي اهي شاعريءِ سان شناسائي نه رکندا هجن پر انهن جي نثر ۾ ضرور نظم ساهه کڻندو رهندو آهي. مثال طور نصير مرزا جو نثر پڙهو ۽ وري نواز خان زئور جو نثر پڙهو. اوهان کي انهن ٻنهين ۾ مٿين ڳالهه جو سُٽ سُلجهيل ملندو.
نواز خان زئور ته نثري ٽُڪرن جو هڪ مڪمل ڪتاب به لکيو آهي. ”رنگ رتو آڪاس“ نالي سان... نئين پيڙهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعري جي سهڻي نالي سعيد سومري جا به ٻه ڪتاب نثري ٽُڪرن جا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
نوجوان ليکاري به ان ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن. جهڙوڪ رشيد احمد خاصخيلي ۽ سردار ٻرڙو آهن. ان کان علاوه به ڪيترائي نوان نالا ڳڻائي سگهجن ٿا پر پاڻ هن وقت سردار ٻرڙو جي هن ڪتاب تي مختصر راءِ لکنداسين!
جنهن جي من ۾ مِٽي ۽ محبت جي خوشبوءِ جو جنم ٿيندو آهي. اهو ئي شاعر ۽ عاشق ٿيندو آهي... ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ اهڙي نگاهه جو جنم ٿئي ٿو، جنهن سان جهان جي جماليات طرف توجهه ڇڪجي وڃي ٿو ۽ ان کان پوءِ ئي اظهار جو جنم ٿئي ٿو ۽ ان جو وڏو مثال هيءُ نوجوان آهي، جنهن مسلسل محنت سان اهي سڀئي منزلون پار ڪيون آهن.
هو نہ رڳو نالي جو سردار ناهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙا خيال پيش ڪندو آهي، ايئن لڳندو آهي ته خيالن جو به سردار آهي!
سردار ٻرڙو نه رڳو ليکاري آهي پر هو مسلسل مطالعي جي ملڪ ۾ رهندڙ پڻ آهي. مان هن جيان جذبي کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهان ٿو ته: ”جيڪڏهن هو مسلسل مطالعي جي ملڪ جو سيلاني رهندو ته هڪ ڏينهن ضرور خوبورت خيالن جي خزانن جا درَ هن طرف کُلندا!“
هو نه رڳو مطالعي سان محبت ٿو ڪري پر هو ڪڏهن ڪهاڻي ٿو لکي اظهار ڪري ته ڪڏهن وري شاعريءَ جي شهر ۾ ڏات جا ڏيئا ٿو ٻاري ته ڪڏهن وري ترجمي جي تلاءُ ۾ ترندو رهي ٿو.
گهڻ طرفو ڪم ڪرڻ سان هو هينئر تائين ڪنهن به هڪ شعبي ۾ پاڻ مڃائي ناهي سگهيو پر هن جو جذبو ئي هن جي سڃاڻپ آهي، جنهن هن کان هيءُ ڪتاب لکرائي ۽ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل نثري ٽُڪرا ڪٿي ڪٿي شعريت سان پُر آهن ۽ اها ئي وڏي خوبصورتي هن ڪتاب ۾ شامل نثري ٽُڪرن جي آهي ته اهي پنهنجي اندر ۾ شاعري سمائن ٿا.
هنن ڪتابن جي اهميت ان ڪري به ٿئي ٿي جو نثر ۽ نظم هڪ ڪتاب ۾ ساهه کڻڻ ٿا.
آخر ۾ مان سردار ٻرڙو کي جس ٿو ڏيان جنهن سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ هڪ خوبصورت ڪتاب جو تحفو (گُل) ڏنو آهي.


احمد شاڪر
اشڪا جو گهر، ميهڙ
١ جُون ٢٠٢١ع

پيش لفظ: جڏهن لڙڪ جلاوطن ٿيندا آهن ته ڇا ٿيندو آهي!

سموري دنيا جا ماڻهوءَ مايا جي موھ تي فدا ٿيڻ لاءِ تيار آهن. اهڙو ته دور اچي ويو آهي جو جنهن کي ڏس، اهو لالچ جي دٻڻ ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. اهڙي دور ۾ ذهني تسڪين ۽ روح جي راحت لاءِ ماڻهوءَ ادب جو سهارو وٺندا آهن. ڪتاب هٿ ۾ کڻي صفحن کي اٿلائڻ سان گڏ پنهنجي پاڻ کي سُلجهائڻ توڙي پنهنجي ڏکن ۽ تڪليفن کي دفنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ادب ئي اهڙو واحد گلستان آهي، جنهن ۾ ٻه گهڙيون ويهي ڪري سڪون حاصل ڪري سگهجي ٿو. ٿڪل جسم، صحتمند ذهن کي ٿڪائي وجهندو آهي. شاعري جڏهن ڀڳل، ٽٽل جذبن کي سميٽڻ جو ڪم ڪندي آهي ته اُن مهل ماڻهوءَ ٻه اڌ ٿيڻ کان بچي پوندو آهي. اهڙي بچاءُ کي مستقل بنيادن تي قائم رکڻ لاءِ لکڻ ۽ پڙهڻ واري ڪرت سان واسطو جوڙڻڻ لازم ٿي پوندو آهي.
هي ڪتاب:”جلاوطن لڙڪ“ هڪ اهڙي نوجوان جي نثري احساسن جو مجموعو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي. سندس ڀوڳنا، کيس لکڻ تي هر وقت اُتساهيندي رهندي آهي ۽ ھُو قلم توڙي ڪاغذ سان هر وقت ائين جُڙيل رهي ٿو، جيئن موت زندگي سان جُڙيل آهي. اسان جو هي نوجوان ساٿي سردار ٻرڙو پنهنجي اندر جي آند مانڌ کي ڪڏهن نثر ۾ اظهاري ٿو ته وري ڪڏهن کيس نظم جو سهارو به وٺڻو پوندو آهي. هن جي هنن ننڍڙن توڙي طويل نثري احساسن ۾ انيڪ ڪهاڻيون، درد، وڇوڙا ۽ ھِجر توڙي فراق جون گهڙيون پساھ کڻي رهيون آهن. هن جيڪو ڪجھ به لکيو آهي، اُهو ڀوڳنا جي بدولت ئي لکيو آهي. هي نثري احساس ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ليکڪ جي دل پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دلين سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ سندس لفظ، جملا توڙي سهڻيون تشبيهون سندس مشاهدي جا ساکي آهن. جلاوطن ٿيندڙ لڙڪ جڏهن اکين مان جاري ٿيڻ شروع ٿيندا آهن ته اُهي پنهنجي پاڻ سان گڏ کوڙ سارا ڏوراپا به گڏ کڻي ايندا آهن.
اسان جلاوطن ٿيندڙ لڙڪن جي ڪٿا کي اڄ تائين سمجهي ئي نه سگهيا آهيون. اکيون لڙڪن کان جڏهن موڪلائينديون آهن ته اُنهن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي ۽ اِها تڪليف ڪڏهن ڪڏهن اکين کان انهن جو نور به کسي وٺندي آهي. هڪڙو تخليقڪار جڏهن اکين جي ڳالھ ڪري ٿو، اکين مان وهندڙ لڙڪن جي ڳالھ ڪري ٿو ۽ اتي ئي وري جلاوطن ٿيندڙ لڙڪن جو تذڪرو ڪري ٿو ته پڪ سمجهو اُن جي اکين رات جو جاڳي ڪري محبوب جي ديدار لاءِ سنهرا خواب اُڻيا هوندا، اُنهن خوابن ۾ پاڻ کي بطور شهزادو ڏٺو هوندو، ان سان گڏوگڏ نه ڄاڻ ٻيا به الائي ڪيترا خواب پنهنجي پاند ۾ مضبوط ڪري ٻَڌي ڇڏيا هوندا. خوابن جڏهن کان حقيقتن جو روپ ڌارڻ کان انڪار ڪيو هوندو تڏهن سندس اکين مان لڙڪ جلاوطن ٿي ڪري جاري ٿيا هوندا ۽ تڏهن هي سڀ ڪجھ اُن هٿان لکجي ويو هوندو، جيڪو اڄ اوهان اسان جي مطالعي ۾ آهي. اکين مان جلاوطن ٿيندڙ لڙڪن جي هن ڪٿا کي پڙهي ڪري اوهان پنهنجي اکين جا بند مضبوط ڪجو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو اُهي بند به ٽٽي پون ۽ دلين ۾ صدين کان مدفون ٿيل وڇوڙي جا وڍ توهان کي وڍڻ شروع ڪن ۽ اوهان هڪ نئين توڙي اڻ ڄاتل پيڙاھ جي اونهي غار ۾ هليا وڃو جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه واپس ڪونه وريو آهي!


يوسف جميل لغاري

پنھنجي پاران! : ھي منھنجي جيون ڪٿا آھي!

ليکڪ جي ھڪ ڪتاب ۾ سندس ڪيترين ئي راتين جا اوجاڳا، اکين جو ٿَڪُ، رولاڪين جي دَزُ، سوچن جا نشان، سگريٽ جي ڦلي جيان ڇڻندڙ جوڀن جواني جي خاڪ شامل ھوندي آھي، ھو انھن سڀني ڪاوشن، ڪوششن، اڻٿڪ جُھدَ جي ازالي جي اميد پڙھندڙن مان رکندو آھي.
عبدالواحد آريسر چيو ھو ته وڇڙڻ فطرت آھي ۽ وسارڻ ڪميڻائپ آھي، جڏھن ھوءَ وڇڙي ھئي (ھوند به وڇوڙي جھڙو آھي)، آء رنو ھيس، تڙپيو ھيس، پيڙاء، درد مان گذريو ھيس......!!
ھجر و وصل ڪنھن عذاب کان گھٽ نہ ھيو، ۽ پوء پاڻ مٿان نازل ٿيندڙ ھر ڪيفيت ڪاغذ تي لکيم ٿي، لکندي لکندي خبر ئي نه پئي منجي(منھنجي ) وجود منجھ ھڪ لکاري جو ڪردار لھي آيو ۽ آء ادب سان سلهاڙجي ويس.
ھڪ ليکڪ جڏھن لکندو آھي ته، اھو وڏي عذاب مان گذرندو آھي، ڌرتي ۽ ماڻھن جا درد ان جي تحرير ۾ سمايل ھوندا آھن، دقيانوسي سماج جي مدي خارج ريتن رسمن سبب سمبارا جي وڇوڙي خلاف احتجاج ۽ ڌرتي کان وڇڙندڙ سونا پٿر، سنڌوءَ جو جرڪندڙ پاڻي ۽ قوم کان کسيل اظھار جي آزادي تي ڳاڙيل لڙڪن کي منھنجي قلم لفظن جو ويس پارائي ڇڏيو آھي.
منھنجي احساسن ۾ خيال ھڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آھن، ان جو اھو ئي سبب آھي جو منھنجي محرومي، مفلسي، ۽ احساس ڪمتري ھڪ سائيڪل ۾ گھمي ٿي.
امرتا پريتم لکيو آھي ته:
ھر ڪوتا، گيت، ڪھاڻي، چتر، ڪلاڪار جو ھڪ خاموش خط ھوندو آھي جيڪو ھو پنھنجي پريمي ڏي لکندو آھي، پر اھو پڙھندڙ ئي آھي جيڪو ان ۾ پنھنجي ارٿ موجب لفظ ۽ سپنا ڀريندو آھي. جڏھن کان سانڀر آئي آھي، مسلسل ڀٽڪندو رھيو آھيان، انھن پنڌن ۽ پيرن ۾ لڳل ڪنڊن جي نشانن ۽ چھري تي ڇانيل صدين جي ٿَڪ، ھجر جي ولوڙ جو جواب منھنجا ھي احساس آھن،
بنيادي طور آء نثر جو ماڻھو آھيان، پر ھي نثري احساس جيڪي نظماڻو رڌم رکن ٿا تن کي مان پنھنجي "جيون ڪٿا" "پنھنجو ماضي" "سمبارا جو وڇوڙو" "سانوري جون نادانيون" "زماني جون لاھيون چاڙھيون" "مفلسي ۽ محرومي" "اڻ ڄاتل منزل ڏانھن پنڌ" "آزادي سان عشق، انسانيت جو اونو ڪوٺيان ٿو.
جڏھن لڙڪ اکين جي ملڪ مان وڇوڙي جي ڪيفيت سبب تڙي جلاوطن ڪيا ويندا آھن، ته اھي ڳلن جي صحرا تي ڀٽڪندي وسامي ويندا آھن، ائين جيئن رات کان پوء اڀ جي چولي جا سڀ تارا وسامي ويندا آھن.
جڏھن آءُ اداس ٿيندو آھيان ته پوءِ اُداسي کي ڳوٺَ جي دَڳَن تي وَلَرَ جي کُرن مان اُٿندڙ ڌُوڙ سان گڏ اُڏاري اُفق تي سَجيل شَفق جَھڙي شَام ڪنھن ڪِتاب ۾ گھاري موٽي ايندو آھيان، اھو منھنجو غير معمولي مشغلو آھي،
ھي جيڪو ڪتاب (احساساتي مجموعو )اوھان جي مطالعي ھيٺ آھي، اھو منھنجي ڪتابي ترتيب مان چوٿون ڪتاب آھي، پر اھا خوشنصيبي چئبي جو ھن جو وارو اڳ اچي ويو، آس اٿم ته ٻيا ڪتاب به اوھان جي ڊجيٽل ٽيبل تائين ۽ نازڪ ھٿڙن تائين جلد کان جلد پھچايان.
يقيناً ھن ڪتاب ۾ ڪيتريون غلطيون ھونديون، پڙھندڙن کي گذارش آھي ته منھنجي ھن ننڍڙي محبت ۽ محنت کي پڙھي غلطين جي نشاندھي ڪن ۽ پنھنجو رايو پڻ ڏين، جنھن کي آء قبول ڪندس ۽ اڳتي سڌارا آڻيندس.
آخر ۾ ھن ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاء پياري ڀيڻ جويريا پھنور جنھن کي آء پيار منجھان (جيا آپي سڏيندو آھيان) جو ٿورائتو آھيان، ان کان علاوه مھاڳ لکڻ لاء امڙ اقبال جي لاڏلي، ڪونڌر پٽ احمد شاڪر ۽ پيش لفظ لاء ٺري ميرواھ سان تعلق رکندڙ سڃاڻ نثر نويس يوسف جميل لغاري جو ٿورائتو آھيان، جن پنھنجي طويل مصروفيتن مان وقت ڪڍي چند لفظ لکي عزت بخشي، ۽ جن جن ھن ڪتاب ۾ پنھنجو ھٿ ونڊايو، جن مفلسي سبب بيزاري جا طعنا ڏنا ۽ پنھنجي انھن سمورين سماجي ناقص حالتن جو پڻ ٿورائتو آھيان، جيڪي ٿورڙي عرصي تائين مون کان دور رھيون، جن جو قرض آءُ سود سميت ادا ڪندس.

سردار ٻرڙو
ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو
مورو_سنڌ
وقت: 1:22 رات
03052356233

حصو پھريون: نثري احساس

---

تلاش گمشده

ٽيڪنالاجي جي دنيا، ڪيڏي بي وڙي آھي؛
آءُ ھرروز ڊائري تي، ھڪ نظم لکي؛
تنھنجو فيسبڪ اڪائونٽ سرچ ڪيان ٿو،
نه ڄاڻ!
تنھنجي ھم اسم ڇوڪريون،
الائي ڪيتريون ايڊ ٿي ويون آھن.
ڪالھ ته ھڪ ميسيج به آيو،
مون کان ڇرڪ نڪري ويو،
خبر اٿئي ھن مون کي ڇا چيو؟
چيائين مون تي ھڪ نظم لکُ،
اھو مون لاء وڏو الميو چئبو،
پوڻن ٽن سالن جي وڇوڙي کانپوء،
آء توکي ڳولي ناھيان سگھيو،
ھونئن ته اليڪٽرانڪ ترقي،
دنيا کي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آھي،
پر....
ٽيڪنالاجي منھنجي مدد ۾ بہ،
ڪيڏي نه پوئتي بيٺي آھي،
ڪھڙو فائدو اھڙي ترقي جو؟
ناسا مريخ تي جاندار ڳولي لھي تہ؛
ڇا مان توکي ڳولي سگھندس؟
انھن ماڻھن جو ماضي ڪيڏو نه سندر ھيو؛
جن جا خط باڪس جي کوکن ۾ پارسل ٿي،
چاھيندڙن تائين رسندا ھئا،
ھر ايپليڪشن آزمائي چڪو آھيان،
پر تنھنجي لوڪيشن نٿي ملي،
ھڪ ھنڌ ته ھر وقت موجود آھين،
اھا آھي منھنجي دل،
ايندڙ وقت ۾ ڪو اھڙو ايپليڪشن اچي سگھي ٿو؟
جنھن ۾ تنھنجو نالو ھڻڻ سان تنھنجي لوڪيشن جي خبر پوي؟

مان ليکڪ آھيان

مان خوش نويس آھيان،
ھڪ حالت ۾ رھڻ،
منھنجي لاء ممڪن ناھي،
ڏس!
مون کي ھڪ ڪھاڻي،
تحرير ڪرڻي آھي.
جنھن لاء مون کي؛
بيچيني گھرجي،
سرد ھوا جيتري،
سستو سگريٽ،
ھلي ويندو.
پنھنجا ساز سموئي ڇڏ!
مون کي رات گذارڻي آھي،
مان پنن تي،
لکيل لفظن مان،
فطري ساز..
ٻڌي سگھان ٿو،
چڏا چير جھڙي تڪليف زده تحرير،
ٽارچر سيل جي قيدين
جي نانٔ،
ھڪ رات جو قلمي پورھيو،
ڏس!
مون کي لکڻو آھي،
تنھنجا مٺڙا ٻول،
کنڀي گم ڪيل
سپوت جي مڱيندين
جي اشڪن جي تذليل ڪري رھيا آھن،
مون کي ھڪ ھڪ ڪنواري،
جي لڙڪن
جي بوندن جو،
قرض ادا ڪرڻو آھي،
ڇا!
تنھنجو رومانچڪ رويو،
رات جا چار پھر..
ڍڪو نٿو رھي سگھي؟
ايندڙ صبح،
تنھنجي خوش مزاجي
۽
منھنجي تحرير
نڪور خيال جنميندا
مان لکڻ گھران ٿو،
مون کي قلم ۽ سفيد پنو کپي،
سستو سگريٽ به ھلي ويندو،
چڏا چير= ٽارچر سيل ۾ سزا جو ھڪ قسم*
رھجي ويل خط
ھجر جي رُتُ ۾؛
لکيل سمورا خط،
جن جي تو تائين رسائي
ھن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي سماج:
اجازت نٿي ڏني.
اڄ منھنجي اڳيان
منھنجو ماضي بڻجي؛
مونسان ڳالھائين پيا,
پنن جون ڦاٽل ڪنڊون،
ھوا ۾ جھومي,
مون کي طنزياتي ٽھڪڙا اُرپي رھيون آھن!
لفظ جيڪي پنن جي ريگستان تي؛
پڳلي پوڙھا ٿي ويا آھن،
ڪي ورھيه اڳ,
جڏھن ڳوٺ جي ڪارين راتين ۾؛
آءُ فقط تولاء لکندو ھيس،
۽....
ڏينھن جو پاڻ لاء جيئندو ھيس.
۽...
ھاڻ قوم لاء جيئان ٿو!
اڄ اھي سموريون لکڻيون؛
منھنجي اڳيان وکريل آھن!
ھڪ سٽ........
جا اڄ مون پاڻ سان ڳالھائي چئي ته:
تو طرفان مليل دردن جي تحفن؛
مون کي مجبور ڪيو ته؛
آءُ توکي وساري ڇڏيان!
سا مون مٿان! وڄ بڻجي ڪڙڪي آھي!
آء توکي ته وساري ڇڏيان...
پر! اھي لکڻيون...
ڪنھن جي کاتي چاڙھيان!
جيڪي مون تو لاء سرجيون؟
ڪاش! ڪو اھڙو لائبريرين به ھجي؛
جيڪو ھي دستاويز سانڍي رکي!

سچائي جي وجدانيت

جيل جي ھڪ ڪنڊ ۾،
سقراط سوچي رھيو آھي ،
گونگو چنڊ يونان مٿان،
پھرا پيو ڏئي،
ماڻھو گونگا آھن ،
چونڪن تي ڪتا ڀونڪي رھيا آھن،
رات خاموش آھي،
سج ڪني ڪڍي آھي ،
اٿينس جي چوڪ تي،
سقراط جو سرد لاش،
خاموش پيو آھي ،
ماڻھن سوچڻ شروع ڪيو،
اڄ تائين سوچين ٿا,
ھتي ڏڪر آھي ,
ڇو؟
ڳالھائڻ تي پابندي آھي ,
ڇو؟
ماڻھو سوچين ٿا ،
۽ سڀاڻي سوال ڪندا ,
اھا آھي ،
سچائيءَ جي وجدانيت .

سمبارا ۽ سانوري

سمبارا!
اھو سچ آھي ته؛
توکان پوء؛
آء ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿي پَوان ٿو.
۽....
سانوري!
مون کي سمجھائيندي ٿڪجي نٿي!

سوچان ٿو توتي ھڪ نظم لکان

رات موڪلائي رھي آھي،
وقت چار، پنجونجاھ ٿيو آھي،
اجھو ھيڏانھن يا ھوڏانھن،
ملان ٻانگ ڏيندا.
۽ چوندا
الصلواة خير من النّومُ
پر ! انھن کي ڪھڙي خبر
مان ساري رات ستو ناھيان
سوچي رھيو آھيان!
سانوري تي ھڪ نظم لکان.
واپس وڃي ميسينجر ۾
تنھنجا سڀ ميسيج پڙھان ٿو.
پڙھندي پڙھندي اوچتو تنھنجي تصوير سامھون اچي وڃي ٿي.
تصوير کولينم!
تنھنجي تصوير کي غور سان ڏسي رھيو آھيان.
محسوس ٿيو تنھنجي اکين ۾ موکي جي تڙ کان وڌيڪ سڪون بخشيندڙ مئہ خانو آھي.
۽ ائين لڳي ٿو منھنجا صدين جا ٿڪ لھي ويا..
زندگي جي سفر ۾
عمر ئي ڪانه ھئي پوء به الائي ڪھڙي طاقت ڏسي لوڪ
اذيتون ڏيندو رھيو،
ھا پر! مون کي يقين ھو .
ھڪ ڏينھن منھنجي طاقت
منھنجو سھارو مان
ڳولي لھندم...
۽ ھاڻ ڳولي لڌو اٿم..
تنھنجي اکين ۾ گھوريندي
ڏسان ٿو ته !
موکي جي مڌ کان وڌيڪ
ڪو بھشتي آب ڇوليون ھڻي رھيو آھي.
ٻڌ سانوري....
ڇا تو ڪڏھن اھو سوچيو آھي؟
تنھنجي لب مٿان اھو تر ڇو آھي؟
تنھنجي لب مٿان تر
خدا جو ڏنل آٽوگراف آھي.
توکي خبر آھي جڏھن آء ننڍڙو ھنيم،
ته مسڪرائڻ وقت، منھنجي مٽ تي
کڏ ٺھي ايندي ھئي.
ماڻھن چيو اھو ڊمپل آھي.
ڪيئي سال منھنجي ان ڊمپل تي
پاڙي واري ڇوڪري عاشق ھوندي ھئي.
جڏھن آء ھن وٽ ٽيوشن پڙھندو ھيس تہ چمي ڏيندي ڳِٽي جو رت چوسي ويندي ھئي.
پوء زندگي جي وھڪري ۾
آء جڏھن اڪيلو رھجي ويس..
منھنجي چھري جون سڀ ڪششون
سڀئي مسڪراھٽون سائيبريا جي ڪونجن جيان اڏامي ويون.
منھنجي زندگي ڀيانڪ بڻجي وئي..
ھاڻ اھو ڊمپل تنھنجي ڳٽي تي پسيو اٿم.
ھاڻ تنھنجون اکيون ۽ سدا سرھو چھرو
ڏسي جيئڻ جي خواھش ٿي آھي.
ڀائيان ٿو اڄ رات نئون ڄائو آھيان.
تنھن ڪري ته ننڊ نه ڪئي اٿنم..
سانوري....!
ملان فجر جي ٻانگ ڏئي رھيو آھي،
چوي ٿو:
"نماز ننڊ کان وڌيڪ آھي"
مان ته سڄي رات ستو ناھيان.
سوچيندو رھيو آھيان
تہ توتي ھڪ نظم لکان...
آء تنھنجي سادگي ۽ مئڪشي ۾ گم ٿي ويو آھيان.
سوچان ٿو توتي ھڪ نظم لکان.

پوسٽر

خوشيون ڪيئن خريد ڪيان؟
منھنجي کيسي کان وڏيون آھن.
نئون جوڙو ڪيئن پائيندس؟
اھو ته پراڻي قرض ۾ گروي رکيل آھي.
ڇڳل جتي نٿو پائي سگھان،
ماڻھو ڇا چوندا....!؟
خوشيون سڃاڻپ ۾ نٿيون اچن.
ڇو ته؛
انھن کي ماسڪ پاتل آھي.
شايد پنھنجو شناختي ڪارڊ بہ،
ڪيفيت کان لڪائڻ چاھين ٿيون.
ڪٿي ملنديون؟
شھر تہ لاڪڊائون آھي.
آءُ توکي مبارڪ جي مٺي ڪيئن ڏيندس؟
چپن کان رَسُ رُسي وئي آھي.
منھنجو تو تائين پھچڻ مشڪل آھي،
ڇو تہ؛
خوشيون ايڪسپائير ٿيڻ ۾ ٿورو وقت بچيو آھي،
جيڪڏھن تون منھنجي خيالن کي آواز ڏئي سگھين تہ؛
مبارڪون به وصول ڪجان!
منھنجي آواز کي اٽيڪ پئجي ويو آھي.
ھجر ڪٽيندڙ ماڻھو تنھنجي گھر ڪيئن اچي؟
ان لاء
گلوبل وليج جي ڀت تي؛
خوشين جو پوسٽر چنبڙائي واپس وڃي رھيو آھيان

تنھنجي ٽھڪن لاء جدوجھد

ھوءَ ھر ڀيري کلندي چوندي آھي،
اسان جا ٽھڪ به سماج کي نٿا وڻن،
سچ اھو آھي ته؛
جڏھن ھوءَ وشال ٽھڪ جي پاتال مان گذر ڪندي آھي،
ھڪ نئين ڪائنات تخليق ٿيندي آھي،
۽ مان اھي ٽھڪ ٻڌي؛
ڪنھن ڪھڪشان جي سحر ۾ گم ٿي ويندو آھيان،
ھن جا وشال ٽھڪ،
فطرت جا گيت چوندا آھن.
۽ مان ھر واري ھن سان وچن ڪندو آھيان،
سانوري!
مان تنھنجي ٽھڪن لاء؛
صحتمند معاشرو تخليق ڪرڻ لاء جدوجھد ڪندس،
جنھن جي آزاد فضا ۾؛
تنھنجا ٽھڪ خوشين جا پکي ٺاھي اڏرائيندا،
جن کي ھي معاشرو قيد نٿو ڪري سگھي!

پيار وڏو ڏوھ آھي

سمبارا!
اڄ وري تنھنجي آواز سان گڏ،
تنھنجو رقص ياد پيو اٿم!
۽..
ھوءَ بارش واري رات،
ھئہ...! اھا ته توکان نه ڪانه وسرندي،
تنھنجي ياد ۾ لکيل،
"ڪيفيتن جي ڊائري"
چاھيان ٿو منظرعام تي اچي وڃي،
ھئہ مفلسي......
اھا ته !
مون سان گڏ مري رھي آھي.
سمبارا عرصو ٿيو آھي
تنھنجي ڪال ناھي آئي!
۽ آء چاھيندي به
قاصد ھٿان پيغام نٿو موڪلي سگھان!
ڇو ته دقيانوسي معاشري ۾ پيار ڪرڻ وڏو ڏوھ آھي،
ھا وڏو ڏوھ آھي!

بيواھ ننڊ

ننڊَ جا ترپَ کان آجي ھُجي،
طويل ھجي،
ماضي حال ۽ مستقبل جو اونو
ھجي ئي نه...!
آدرش کان خالي،
ڪو خواب خيال نه ھجي!
سا ننڊَ اجائي آھي
ننڊَ جا سڪون جي تَلاشَ ھجي!
اھا ننڊَ نه!
سنڍَ ھوندي آھي،
ننڊَ خوابن بنا بيواھ ھوندي آھي

اندر جو ڏُک

ڪالھ کان سوچيان پيو
پنھنجي اندر جو ڏک
ھڪ ڍڪ ۾ پي
تنھنجي وشال ٽھڪن
الھڙ جواني
آزاداڻي سوچ
کي نپوڙي
ھڪ نثري نظم تخليق ڪيان..
پر!
توسان جي ڳجھ جون ڳالھيون سلڻيون ھيون.
اھي تون ٻڌڻ لاء تيار ناھين...
شايد....!
آء تنھنجي سوچ کي سمجھڻ کان قاصر آھيان.
ڇوته..!
تون ڪوھستان پرڳڻي جي نادان ناري آھين
مان ساھتي پرڳڻي جو ڀٽڪيل ڇوڪرو..
ڇا تو ڪڏھن سوچيو آھي؟
مون کي سانورا ماڻھو ڇو وڻندا آھن؟
ڇو ته اھي وفادار ھوندا آھن.
پر مان چوان ٿو
وفا جو ليبل رنگن تي ناھي ھوندو..
جيڪڏھن ڪير توکي چوي تہ؛
ڏک پيئڻ جو فن ٻڌا!
تون ان کي مون ڏانھن رفر ڪجان!
آء ڪچي ڪڙي مڌ جيان
ان کي ڏک پيئڻ جو فن سيکاريندم
۽ ھو
مون جيان ڏک پيئڻ جو
آرٽ سکي وٺندو..
۽ ھو پنھنجي گرل فرينڊ
جي مک تي
وشال ٽھڪ بيواھ نه ٿيڻ ڏيندو.
جيئن آء تنھنجي
ڪنوارن ٽھڪن کي
پنھنجي خواھش کي ماري.
زنده رکڻ ٿو چاھيان..

روح جو وجود

سائنسي حساب سان،
روح جو ڪو وجود ناھي،
ھا ! پر.....
ھجر جي رُت ۾؛
ڪاڇي جي تتل،
رڻ ۾،
گاج جي پٿريلن جبلن منجھ،
جڏھن ڪو جسم تڙپندو ھجي،
فقط!
ان آس تي؛
ته ھڪ ڏينھن،
روشنين واري چرچ ۾،
تون اڇو ويس پھري،
ھٿن ۾ گلاب کڻي،
منھنجو انتظار ڪنديئن،
ھا!
جيڪڏھن اھو محض خيال آھي تہ؛
ڇا ؟
خيالن ۾ تنھنجو آواز ..؟
ڇا ھوائون ڳالھائين ٿيون؟
ھا پيغام جي رسائي ٿئي ٿي،
ھوائن ذريعي،
مون سامونڊي ھوائن ۾ ،
اڏرندڙ زلفن جي خوشبو ،
چٽر جي موسم ۾ ،
جڏھن گرم جھولا عروج تي ھوندا آھن،
جوئر جي سنگ مٿان بلبل ،
رقص ڪندو آھي،
مون انھن زلفن جو خوشبو ،
ھت محسوس ڪئي آھي،
ھا!
ھا جيڪڏھن آء ڪوڙ ڳالھايان..
ته ڇا ؟
ھوائون به ڪوڙيون آھن؟
ھوائون ڪوڙيون نٿيون ٿي سگھن
ڇو ته!
ھوائون انسانن جا رُخ بدلائي ڇڏينديون آھن،
ھا ! سپوت اھو آھي ،
جيڪو ھوائن کي چيري،
نئون رستو ٺاھي ، تاريخ اڏي،
ھا! جيڪڏھن سائنسي حساب،
سان روح جو ڪو وجود ناھي تہ؛
اچ شاعري مان احساس ،
ڪھاڻي مان تصور،
ناول مان خيال،
۽ پيار مان اڪير ،
ڪڍي ڇڏيون ،
پوء ڪھڙي سائنس ،
ترقي ڪندي؟

وڃايل دڳ

خيالن جي،
جھرمر جھنگ ۾،
تنھنجي پويان
ائين ڊوڙيو آھيان,
جيئن ٻالڪپڻ ۾،
لغڙ پويان ڊوڙندو ،
جھنگ ۾ پھتو ھيس.
جتي نٽھڻ اس ۽ گرمي منجھ
ڪارڙو تتر پنھنجي ڪٻي کي
پاڻ ڏانھن پڪاري رھيو ھو،
زندگي خيال آھي؛
اھو اڻ وسرندڙ خيال
جنھن جا سڀ سپنا
ماضي بڻجي وڃن ٿا،
ھن خيال ۾
تون مون کان ڪٽيل لغڙ جيان
ڏور نڪري وئي آھين،
ھِجر جي رُت ۾
ساٿ ڏيندڙ پڪ رنگي
دوست جو ميسيج آيو،
کيس مٿان ڪشف ٿيو آھي،
چيائين؛
آءُ ھاڻ ڊگھا ڪش نٿو ڇڪي سَگھان.
ھا...!
مون کي خبر ھُئي،
ھڪ ڏينھن تون بہ
چَند گھڙين واري سُڪون
کان تنگ ٿي ڇڏي ويندين،
تنھنجو ميسيج آيل ھو،
ڪنا..! پاڻ کي سڃاڻ،
شايد تو تصوير جي
ڳالھ ڪئي آھي،
آء ته تنھنجي ياد ۾ پاڻ وساري ويٺو آھيان،
فرق اھو آھي
تنھنجي زندگي تصويرن تائين محدود آھي،
ائين کڻين چئجي؛
تون احساس جي حقيقي
معنيٰ کان واقف ناھين.!
تووٽ شايد اظھار ناھي..!
آء اظھار جون سرحدون اورانگھي،
خيالن جي جھنگ ۾ وڃائجي ويو آھيان،
جتي تنھنجي مکڙي واري
ڊمپل جي ڪُن ۾؛
منھنجو احساس ڦيراٽيون کائي رھيو آھي،
احساس جنھن جي عمر
حضرت انسان کان وڏي ٿئي ٿي،
احساس ۽ آدرش
شايد سڳا ڀائر آھن،
جنھن کي سموري ڄمار
ھمدردي جو ھڪ پل بہ؛
وڏي مشڪل سان ملي ٿو،
تو اھو به چيو ھو،
ان رات کان پوء منھنجا لفظ
جواب ڏئي ويٺا آھن،
۽...!
ان رات کان پوءِ ..
مقصد جا ھڙئي دڳ،
منھنجي اڳيان،
سائيبريا جي ڌنڌ جھڙا بڻجي ويا آھن.

الميو

اليمو اھو آھي
ھو چون ٿا مان خوش آھيان
دراصل مان زنده لاش آھيان
مسلسل نٽرھڻ اس ۾ تڙپندو رھيو آھيان
آس ھئي ڪنھن گھاٽي بڙ جي
ڇانو ۾ ساھي پٽيان ڪجھ ورھيه
ھلندي ھلندي گھاٽو ٻوريل بڙ نظر آيو
آءُ ھن جي ڇانَو ۾ ترسڻ لاءِ
ھلندو رھيس
پر بڙ مون کان ڏور ٿيندو ويو
ڏور ٿيندو ويو...
آءُ ڀري رھيو آھيان
آءُ روئي رھيو آھيان,

حويلي جي قيدياڻي

مون ڪڏھن به اکيون کڻي
ھُن جي چھري ۾ گھُور وجھي
نه ڏٺو .
پر ھوءَ ھميشه چوندي ھئي ،
تنھنجي ھوند اکين ۾ چنڊ پسان .
ھوءَ مذھبي ڇوڪري ،
ڪڏھن ڪڏھن تاريخي ڳالھيون ،
چئي ويندي ھئي .
ويٺي ويٺي چيائين؛
حويلين جا راز چنڊ کان پڇو ،
مون نظرون کڻي ھن جي چھري ۾ ڏٺو ،
ھن جون اکيون چھري ته سمنڊ مٿان لامارا ڏيندڙ،
اڇڙي ڪبوتر جيان لڳي رھيون ھيون .
ائين جيئن !
حويلين مٿان چنڊ لامارا ڏيندو ھجي.!

تَلخ نظم

خدا ڄاڻي ٿو شايد! تون بہ
تُنھنجي دِل پشم جِيان نَرم آھي،
پر پنھنجو پاڻ کي قيد ڪري،
چوندي رھي آھين،
اھا منھنجي فطرت آھي،
بي رخي، ھڪ ھٺي، ڏکائڻ.
پر سائنس چوي ٿي؛
فطرت ھڪ ھنڌ بيھندي ناھي،
ھوءَ گول دائري ۾ گھمندي رھندي آھي،
انساني ارتقا تي پڻ انجا گھرا اثر پون ٿا.
مون کي يقين آھي تون ھڪ ڏينھن
مون کي سمجھنديئن،
جي ائين نه ٿيو ته؛
مان توکي ضرور سمجھي ويندس
دل چوي ٿي تہ؛
سانوري جي ديس،
جوھي جي مندر ۾؛
ھولي ملھائڻ کان اڳ
ڀڳت جي جاء تہ؛
شوو ماتا جي مورتي اڳيان؛
تاڙي ڇڻڪي تي؛
تنھنجي مور جھڙي ھلڻي؛
تي لکيل نظم پڙھي؛
پنڊت پوڄاري کان پوڄا ڪرائيندس
ته منھنجا تلخ لفظ
۽
سانوري جا تلخ لھجا ميسارجي وڃن.
توکي خبر آھي؟
جوھي جو مندر ڪاڇي جي نرڙ تي
تلڪ جيان آھي،
جيئن تو تي لکيل نظم منھنجي
ھڙني لکڻين جو نڪ آھن؛
سانوري تون منھنجي لکڻين جي؛
محور بڻجي چڪي آھين.
روز ھڪ نظم توتي تخليق نہ ڪريان؛
ته شايد بي چيني ھوندي،
تنھنجي لھجن تي ھونئن بہ؛
منھنجا اکين جي ڍنڍ مان؛
ننڊ جا پکي اڏاري ڇڏيا آھن.
منھنجن نظمن مان بي رخي جھڙا،
تلخ ۽ دل جھوريندڙ لفظ اڏامي ويندا،
منھنجي ڪلڪ جي چھنب
جڏھن ڪاڇي جي حسن تي لکندي،
تڏھن تنھنجا تلخ لھجا به نرم ٿيندا
۽ آء فخريه نظم لکندس.

سِڪ

جڏھن کان ھوءَ ملي آھي
منھنجي سوچن ۽ پيرن جون وکون،
ھر روز ھن پٺيان ڊوڙيون آھن،
ڪيمپس جو آخري گيٽ منھنجي لاء
روز سرحد بڻيو آھي،
سوچان ٿو ته......
ڪي ڏينھن ان جي شھر ھليو وڃان...
ان جي شھر ۾ رھي..
"مدھوش" جي شاعري جا ڍڪ ڀري
جوھي واري مندر ۾...
رقص ڪندو رھان....
مستانن جيان
ھن جي شھر جي گھٽين ۾ رلندو رھان...
اھا خبر ھن کي جڏھن پئي
ھوءَ چاھيندي به...
مون کي پنھنجي شھر مان نيڪالي نه ڏئي سگھي....

سانورين سان ڪير پريم ڪندو؟

مون ھن ۾ جھاتي پائي ڏٺي آھي .
ھوءَ اندران پشم جيان نرم آھي،
ائين نه چئه ته ھو صرف انسان جھڙي شڪل رکي ٿي،
انسان ناھي...!
اھو چوڻ ڏوھ ٿيندو....
ڇا توکي خبر ناھي...؟
عورت غلام آھي..
سماج جي ريتن ۽ رسمن جي،
انجون سوچون غلام آھن،
ان جا رويا به غلام ٿي سگھن ٿا تہ،
ان جون اميدون به....
اھو وسارڻ نه گھرجي تہ؛
جيڪڏھن مون ھن کي بي وفا چيو؛
ڀلي کڻين ٿي به پئي...!
پوء ڇا....؟
سانورين سان ڪير پريم ڪندو،

سوچون

آءُ اھو سوچڻ کان قاصر آھيان.
ته ماڻھو منھنجي باري م ڇا ٿا سوچين،
دنيا ۾ ڇا پيو وھي واپرائجي،
توھان ڇا پيا سوچيو؛
منھنجون سوچون محدود ٿي چڪيون آھن،
ھونئن ته سوچن جي سرحد ناھي ھوندي.
پر! اڄ ڪلھ آءُ،
ھُن جي ديس ته نظم تخليق ڪري رھيو آھيان،
ھُن جي ديس جون سانوريون،
ڪاڇي جي توڏَن جيان،
ڳاٽ اوچو ڪري ھلن ٿيون،
ھنن جي چھري تي،
کير ٿر جي سونھن جھڙي،
مسڪراھٽ پکڙيل آھي،
منھنجي سوچ ھن جي،
ڪُڏ ڏئي ھلڻ کان،
وشال ٽھڪن تائين،
محدود ٿي چڪي آھي،
آءُ ھن جي چھري تي رقص ڪندڙ،
وارن جي چڳي ته پورو ڪتاب لکي سگھان ٿو.

محدود

ھوءَ چوي ٿي؛
آءُ پنھنجي سوچن
۽ پنھنجي لکڻين کي؛
لامحدود بڻايان؛
پر شايد ھوءَ نٿي ڄاڻي؛
منھنجي لاء سانوري؛
ائين آھي، جيئن؛
سُڌريل قومن لاء آثارِ قديمہ,
ھن جي ڳالھين،
سارنگ جي وسڪاري جيان؛
منھنجي دل تي اثر ڇڏيا آھن،
آء ڪيئن چوان تہ؛
منھنجون سوچون لامحدود آھن.
ڇو ته؛ تون مون لاء..
چنڊ نه، ڪائنات آھين،
جنھن ۾ ھزارين چنڊ،
سوين، ستارا، آبشار،
کربين ڪھڪشائون ۽ چنڊَ آھن.
ڏس آء ٿي ويس نه ڪائنات تائين محدود !

سرمد ۽ ان جا گيت

واءُ جو جھوٽو لڳو
مون وڻن ڏي ڏٺو
پن پن مان پڙلاءُ اچي رھيو ھو
جھڙو آزادي جو گيت ڳائيندا ھجن،
ڪالھ منجھند ڌرتَتي،
جوئر جي سنگ مٿان رَقص ڪندي
طوطو ٻولي رھيو ھو
ھوڏانھن ٽريڪٽر ۾
سرمد جا گيت ھلي رھيا ھئا،

ڪارونجھرکي بچايو

: او مٺي! مون کي معاف ڪجان؛
توکي ياد ھوندو،
مون توسان ڪَچي گھر واري:
ڪَٽھڙي جي اوٽ ۾واعدو ڪيو ھو تہ،
پاڻ نگر پارڪر ھلنداسين ،
توکي ڪارونجھر ڏيکاريندس
جنھن جو ڳاٽ اوچو رکڻ لاءِ
ڪارونجھر جي ڪولھياڻين
پنھنجا مڙد ڪُھرائي ڇڏيا،
۽ ھر واري جڏھن تون مليئن
توکي نگر جي سھڻي؛
مورن جون تصويرون ٿي ڏيکاريم ،
جيڪي تنھنجي وارن کان به وڌ؛
غضب جا سھڻا ھئا ،
او ڪارونجھر !
مون کي تون ڪڏھن معاف نه ڪجان
ڇاڪاڻ!
آءُ تنھنجي لاء جيڪي خواب سوچيا
شايد اھي منھنجي لکڻين ۾ ملن
او ڪارونجھر !
انقلاب کان پوء مون پھريون ڪم
ظالم جي خاڪي وردي تنھنجي چوٽي تي ساڙي
روپلي جي روح کي دونھين جو واس ڏئي
وري اٿارڻ ٿي چاھيو
ڇاڪاڻ !
اسان کي روپلي جي ضرورت آھي ،
تنھنجو ڳاٽ روپلو ئي بچائي سگھي ٿو
او ڪارونجھر !
اسان جي خوابن جو ڀرم رکيج
اسان کي روپلو موٽائي ڏي
اسان تنھنجو ڳاٽ بچايون.

ڪاش تون ڄاڻين ھان

او پرين !
ڇا تُون ڄاڻين ٿي ؟
مان تنھنجون راھون ائين تڪيندو آھيان،
جيئن !
ڳوٺاڻا جھاز کي.....
ڇا تون ڄاڻين ٿي؟
مون کي تنھنجي ايتري ضرورت آھي
جيتري!
ھڪ جھوني کي سياري ۾ سوَڙ جي،
۽
گرمي ۾ ھوا جي...
ڇا تون ڄاڻين ٿي؟
الماري ۾ ڪتابن تي راڄ ڪندڙ ..
تنھنجي لاء آندل گفٽ،
دز جي ھولي کيڏي رھيا آھن..
او پرين !
توکي خبر آھي؟
تنھنجون يادون منھنجي ،
دل جي آڳند تي،
ائين ڪُڏنديون آھن،
جيئن!
چوڏس چانڊوڪي رات ۾
سکئي گھر جا ٻار گھرَ جي ,
آڳند تي نچندا آھن...
او پرين!
آء ته ان ڏينھن روحاني طور ,
مري ويو ھيس...
جنھن ڏينھن تون ٻئي ڪنھن جي زندگي ٿي ھئين...
۽
ان ڏينھن کانپوءِ...
ھرروز تنھنجون يادون،
منھنجي خوشين جي تَڏي تي،
تعزيت ڪنديون آھن.
او پرين !
توکي خبر آھي ؟
جڏھن تون ڇڏي وئينءَ..
مون ڪنھن کي ائين نه چيو
Leave me alone
پر پوء به مون کي سڀ ڇڏي ويا،
تون منھنجي ملڪيت ھئينءَ،
ڪاش!
تون سڀ ڄاڻين ھان،
ته شايد!
مون تي ھِجر جا پھاڙ نه ڪِرن ھا،

تون ياد رھندين

جيئن رام کي ياد ڪرڻ وقت
سيتا کي بہ ياد ڪيو ويندو آھي.
جيئن!
مجنون سان گڏ ليلا کي؛
۽
رانجھي سان گڏ ھير کي ياد ڪيو ويندو آھي.
جيئن!
پنھون سان گڏ سسئي کي،
۽
ميھار سان گڏ سھڻي کي،
جيئن
موکي کي ياد ڪرڻ وقت متارن کي؛
۽،
سنڌ سان گڏ لطيف کي،
جيئن!
چين جو نالو ٻڌڻ وقت؛
ان عظيم ديوار جو عڪس؛
تري ايندو آھي،
جيئن برصغير جي ورھاڱي تي؛
سوچيندي روئڻ ايندو آھي،
ائين ئي مان؛
ڪاڇي جو ذڪر ٻڌڻ وقت؛
توکي ياد ڪندو آھيان.
اھا انساني فطرت جي ؛
پرمپرا آھي.
ائين ئي ايندڙ نسل
مون کي ياد ڪرڻ وقت
توکي به ڪونه وساريندو.

ڪير ٿو چوي آدرش

انسان سان گڏ ،
مٽي ۾ سمھي پوندا آھن ؟
آدرش زنده رھن ٿا ،
زنده رھندا آيا آھن ،
ٺٽي جي سورشن ،
کان وٺي ،
جکرن جي ويڙھاند تائين ،
ھيمون جي بغاوت کان ،
ھوشؤ جي سرفروشي تائين ،
آدرش مئا ناھن ،
آدرش ساڳيا آھن.....
ھا پر.......
حالتون تبديل ٿيون آھن،
تلوارن کان قلم تائين ,،
ڏاڍا گابا به تبديل ٿيا آھن ،
عربن کان انگريزن تائين ،
ترخانن کان ترڪن تائين ،
غزنوين کان مغلن تائين ،
پر آدرش ساڳيا آھن....
جابر ضرور تبديل ٿيا آھن..
شاھ بيگ ارغون کان ،
مدد خان پٺاڻ تائين ،
بن قاسم کان خلجي تائين
ھر دور ۾ان آدرش پٺيان ،
ماءُ جي لالن،
حسينائن جي ڀاڪر ،
مان اٿيل گھوٽن
آدرش کي زنده ،
رکڻ لاءِ
ڌَرتي کي رت جو
ريج ڏنو آھي .
اھو آدرش آھي
آزادي......!!!
جيڪو اسان کي ،
ٿر جو پيارو ماڻھو
عبدالواحد آريسر،
ٻڌائي ويو ،
ته ڌرتي لال لھو تي،
تڏھن سرگم ڪندي آھي ،
جڏھن کيس لال لھو
ساڻ ريج ڏنو وڃي.

تنهنجون يادون ڏمر

مون کان پاروٿي ماني،
اڃان ناھي وسري ،
جيئن ملان کان جنتي حورون،
نٿيون وسرن،
ھن جي آخري چمي،
اڃان به منھنجي چپن ،
جي سرحد تي ٽنگيل آھي ،
جيئن يسوع مسيح ،
اڃان به صليب تي چڙھيل آھي ،
ڪافي عرصي کان ،
ھن کي وسارڻ جي ڪوشش پيو ڪيان،
پر ھوءَ ائين ياد آھي ،
جيئن ماڻھن کي خدا..!!
ھن جي بي وفائي,
ائين ياد ٿي اچي،
جيئن ماڻھن کي خدا جو ڏمر..

خواب ڀورا ڀورا

ھن جي گھاٽي سرنھن ،
مون کي تہ ڏٺل ھئي،
اربع خطا ته نه ڪندي ھئي
پر عين موقعي تي....
ھوءَ نه پھچندي ھئي ،
آء ھن لاء لائبريري ويندو ھيس تہ؛
ھوءَ اٿي ويندي ھئي،
ڪيمپس جي ڪينٽين تي،
ڪٽ چانھ جي تي:
ھن جي تعريف ڪندي ،
منھنجي واڇن مان مٺي گگ ،
پپريسر جي واٽرڦال جيان،
سنڌوءَ جي بچاء بندن جھڙن ٿُلھن ،
چَپن جي ڪنڊن مان ڳڙي پوندي ھئي،
ھوءَ سانوري ڇوڪري ،
ڪيمپس جي سونھن،
ڊپارٽمينٽ جو نڪ ھوندي ھئي.
ورھيه ٿي ويا آھن ،
ھن جي رسڻ کانپوءِ..
يادن جو سافٽويئر،
انسٽال نه ڪيو ھيم ،
اڄ پاڻ ڪال ڪري چيائين ؛
ايندڙ چنڊ جي ٽئين تاريخ ,
چانڊوڪي رات،
بن عشق شادي حال ۾ ،
دعوت اٿئي ،
ٽھڪ ڏئي چيومانس؛
خير !
اھو حق تہ مون کي ھو ,
پر جلدي ٻڌاءِ ڇوڪرو ڪير آھي ,
ھلڪڙي خار منھجان چيائين؛
ڪنوار مان آھيان ,
۽ گھوٽ...
ڪاڇي واري چاچي؛
يارو جو پٽ.....

ڪانجي سانوريا رام جي نانءُ

ھو چريو ڇوڪرو،
جنھن جون لکڻيون،
ڏکڻ واءُ ۾ لھرائينديون،
سڄي سنڌ ۾ پھچن ٿيون ،
جنھن جا اڏول لفظ،
محبوب جي لبن تان،
گگ چوسڻ کان وڌيڪ لذيذ آھن،
ھن جا خيال ايڏا ڇيڳرا آھن،
جيترو ٿر جو ٻار،
ھو جو مذھبن کان اُتم آھي،
انسان ,حق، حسن ،پيار ،پاٻوھ
جنھن جي لکڻين جو محور آھي،
خليل جبران شايد ھن لاء چيو :
“حساس دل
رکڻ وارن لاء پيار
قدرت طرفان
عطا ڪيل اڻ ملهه
تحفو آھي،،
ھو حساس آھي،
ھن جي لفظن جي گھرائي ۾
سنڌ جو درد ڇوليون ڏئي ٿو،
المنظر جي مٿان لامارا ڏيندڙ،
سفيد ڪانگ جھڙا،
اُجرا پرين،
تون نثر جو بادشاه آھين،
تون اياز جي ان وڃايل لکڻين جو روپ آھين،
جيڪي ھن جيل مان لکڻ ٿي چاھيون،
تون حسن درس جو اھو خيال آھين،
جيڪو سگريٽ جي دونھين سان اڏامي ويو ھو،
تون ھر ان ڇيڳري ڇوري جو نمائندو آھين،
جا محبوب جي ڇاتي ۾،
خدا ڳولَڻ چاھي ٿي،
ان سڀاڳي تاريخ ،
جنھن تي تون ھن نظام مٿان ،
سعادت حُسين منٽو جو ٻيون جنم ٿي،
ڪڙڪيو آھين ،
تنھن ڏينھن کي جس ھجي؛
دل چوي ٿي؛
وڏن ڀاڪرن ،
۽ بد نصيب چپن ،
جنھن کي ڪڏھن ،
محبوب جي چپن مان ،
آب ڪوثر نصيب نه ٿيو ،
سگريٽي ڪاراٽيل چپن سان ،
اڻ ڳڻين چمين جي برسات ،
لاڙ اچي توسان ملي وڃان.

سماج خراب آهي

پھرين سِٽ ۾؛
لکيل ھو ؛
ھوءِ بہ
وڪوڙجي وئي !
سماج جي رسمن ۾؛
اُھي مدي خارج رسمون....
جيڪي ھُن کي؛
ڪاليج جي گيٽ؛
طرف حسرت ڀريون؛
نظرون کڻي ڏسڻ؛
کان به روڪين ٿيون.
ھُن جو خط مليو؛
شايد لڙڪن سان لکيل ھو ؛
ڳالھ ڳالھ پٺيان !
ھُن دھرايو آھي ؛
جانان !
"فيمينِزم خراب ناھي ھي سماج خراب آھي''
خَط جي پوئين پاسي؛
ڏَڪندڙ ھٿن سان،
روئيندي لکي موڪليومانس؛
جانم !
ڪميونزم خراب ناھي، ھي سماج خراب آھ
چنڊ منھنجومحبوب
جتي ھر رات چنڊ ئي درشن ڪرائيندو آھي؛
جتي ھزارين آدرش بي معني ھوندا آھن؛
جتي اڪيلائي ۾ ئي اکيون پٽي؛
ڪنھن صورت جو تصور ڪيو ويندو آھي؛
جتي غلامي جي علامت؛
سونيون زنجيرون تحفي طور ڏنيون وينديون آھن.
جتي پريم جو سوچڻ به ڏوھ ھوندو آھي؛
جتي نَر جانور ناھي پالبو؛
شھر جي اترئين پاسي......
شھر جي معزز ماڻھو؛
جي نالي سان_
آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ؛
وڏن ڪوٽن واري؛
سفيد حويلي ۾؛
ڪاري سوچ رکندڙ؛
ماڻھن وچ ۾ رھان ٿي..
جتي محبوب جيان ھر رات؛
چنڊ منھنجو محبوب بنجي؛
حويلي مٿان بيھندو آھي.

روپلي جي روح کي اجاگر

جو ڏينھن اسانجو ھوندو،
تنھنجا بوٽ تنھنجي ڳِچي ۾ ٻڌندس,
تنھنجي وردي آء ڪارونجھر جي چوٽين تي ساڙي,
دونھين جي واس سان؛
روپلي جي روح کي اجاگر ڪندس.
تنھنجا جديد ھٿيار بم، گولا؛
ڏاٽن, ڪھاڙين ۽ بڙڇين اڳيان؛
بانء ڪري ويھندا.
ھا ان ڏينھن منھنجي ڌرتي جون ناريون؛
پنھنجي ورن، پيئرن ۽ ڀائرن سان؛
تون ميدان ۾ وڙھندي ڏسندين.
اڄ جيڪي حقوق جا علمبردار سڏائيندڙ؛
ادارا به چپ آھن,
انھن جو حشر به ڏسڻ وٽان ھوندو .
۽ تنھنجو ڀڄڻ قنڌار رستي سان؛
ھن ڀر ڏسڻ وٽان ھوندو.
ان ڏينھن کان پوء؛
ھولي ۽ عيد؛
اسان سڀ گڏجي ملھائينداسين.
جو ڏينھن اسانجو ھوندو؛
ھا اسان توکي ڪونه بخشينداسين.

آخري آدرش

ائين ٿو لڳي زندگي رُڪجي وئي آھي،
ڪنھن جسم جيان مسلسل ٽياس تي ٽنگيل آھي.
چارو طرف رڙين رنڀن جيئڻ جو احساس کَسي ورتو آھي
ڪوھين ڏور وڃڻ ٿو چاھيان ،
جتي ڪو پنھنجو نه ھجي .
نڪرڻ جي ارادي سان اٿيس به ته ,
پيرن ۽ نظرن جون وِکون ڪتابن واري ڪَٻٽ تي رُڪجي ويون.
آھستي آھستي حالتن کي پرکي به وٺان ٿو،
پر...... !
وڇوڙي جي صدمن سبب،
اندرون زارو قطار رنڀون نڪريو وڃن.
پري وڃڻ گھران ٿو.
ساڻ،
ڊائري،
سگريٽ،
مان ۽،
گفتگو ھجي .
اھِو ئي منھنجو
آخري آدرش آھي.

غلامن جو چي

جيتوڻيڪ! مون توکي روبرو ته نه ڏٺو ھو
ھا پر تنھنجون تصويرون آء ٻاروتڻ کان چڱن مڙسن جي گاڏين،
تي سينگار ۾ شامل ٿيل ڏسندو ھيس،
پر جڏھن کان حق جي رستي جو راھي ٿيس.
جنھن رستي تي تو ڪيتريون ئي تڪليفون ڏٺيون ،
ان رستي تي ھلندي؛
سياسي رومانس ۾ مون ڪُجھ ڀيرا خوابن ۾ توکي پسيو ھو.
تنھنجي ڊائري پڙھي اسان اتساهه وٺندا آھيون
جيتوڻيڪ تو ڪيوبا جي آزادي کان پوء,
مستقل انقلاب لاء نڪتين ،
تون دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ !!
سوويت سگھاري خلاف؛
تقريرون ڪندو رھين,
ڇاڪاڻ ھنن توکي اڳتي وڌڻ جي اجازت نٿي ڏني
توکي رستي تان ھٽائڻ لاء تنھنجي ڪميونسٽن ,
نه ڄاڻ ڪيتريون کڏون کوٽيون,
پر پوءِ به تُنھنجا حوصلا بلند رھيا،
ڪنھن سوچيو به نه ھو !
تون عالمگير انسانيت جو علمبردار ٿيندين،
اھو ڏينھن سڀاڳو چئجي،
جنھن ڏينھن تنھنجو جنم ٿيو.
تنھنجا لفظ اڄ به منھنجي دماغ ۾ گونجن ٿا٫
"بزدلو گولي ھلايو!
توھان مون کي ماري ٿا سگھو
پر منھنجي نظريي کي ڪڏھن به
ماري نٿا سگھو"
ڌرتي ھر خطي ۾...
تو جھڙا جوڌا پٽ پنھنجي خمير مان پيدا ڪري
پنھنجا محافظ پاڻ چونڊيا.
ھزارين دلين تي راج ڪندڙ٫
او چي گويرا !!!
جيڪي نعرا تو ڪيوبا جي ٻيلن ۾ ھنيا !
اھي نعرا اڄ به اسانجي روح کي،
اتساھ بخشين ٿا .

مالڪياڻيءَ ڏانھن نياپو

او چنڊ !
تون ھاڻ اھا قاصدي
ھئ چوڪيداري
ڇڏي ڏي.
منھنجي سوچن جي ٻيڙن
جا سِڙھ سُرخ ٿي ويا آھن
اسانجو سفر !!
آزادي ڏانھن آھي.
او چنڊ !
مالڪياڻي کي چئجان !
مھاڻو قوم جو آجپو حاصل ڪري؛
پوء پتَڻ تي واپس ورندو

اونداهي کان اڳتي

چيلھ سان غربت جي ڀري ٻڌي،
ڪلهي ۾ يادن جي؛
ڀريل ڳوٿري لڙڪائي،
ڪاراٽيل چپن تي بانسري سان محبت جو پيغام ڏيندي,
اکين ۾ پنڌ جي منزل,
جوڳي جي درشن
جو اوسيئڙو سهيڙي,
هوءَ رات
گرجا گهر ۾ پهتي،
صديون پراڻي محبت جي
ٽياس تي ٽنگيل
امن ۽ اهنسا واري مورتي
کي التجا ڪري رهي هئي
هن جا گرمايل ڳل
لڙڪن کي پي ٿي ويا,
سڏڪن جو سمنڊ
برپا ٿي ٿہ ويو،
سنياسڻ جا ڳنڊيدار وار
هن جي منهن تي لهي ٿي آيا,
هوءَ بار بار
پيس گاڊ کي
پڪاري رهي هئي,
مان امن ۽ اهنسا جي پوڄارڻ آھيان
مون تي ٻاجھ ٻيلاٽي ڪر
شال تنهنجي گرجا گهر
من مورتين اڳيان
مٽي جا ماڻھو ٻاڏائيندا رهن،
هي پکيئڙا شال محبت جو پيغام ڏيندا رهن ,
شال تنهنجي باغيچن ۾
سرخ گلاب جهڙا
پادري طالب ڪڏندا رهن,
شال تنهنجا کيت سدا ساوا رهن,
ايتري ۾ مذهب جو پيشوا
فادر اچي ٿو ,
هِن ڏانهن ڏسي مسڪرائي ٿو,
هوءَ پيس گاڊ کي پڪاريندي
ڊوڙ پائي گرجا گهر مان
ٻاهر نڪري وڃي ٿي ,
هُن جي پيرن جو آواز اونداهي ۾
گم ٿي وڃي ٿو.

جڏهن رقص ڪندي آهين

جي سچ پڇين تہ؛
جڏهن رقص ڪندي آھين ....
موھن جي دَڙي واري سمبارا لڳندي آھين‚
اونداهي رات ۾ جي منھن ڏسيندي آھين....
آسمان جو مکڙو چنڊ لڳندي آھين,
چپڙن ۾ جي ڳائيندي آھين....
مائي ڀاڳـي لڳنــدي آھين,
نِوڙت سان جڏهن خط کڻندي آھين....
دريــاء تــي گھاگھر ڀريندڙ ملاحڻ لڳندي آھين,
داستان ڏکن جا جڏھن ٻڌائيندي آھين....
جمال ابڙي جي ڪھاڻي واري پيراڻي لڳندي آھين,
گھر اندر جي بغاوت ڪندي آھين ....
واقعي مون کي ھارياڻي لڳندي آھين,
رستي تان جي ڪڏ ڏئي ھلندي آھين ...
نو ٽينشن ٻار لڳندي آھين‚
بندوق کڻي جڏهن فوٽو ڪڍرائيندي آھين..
چي جي ڀيڻ سانتا لڳندي آھين,
حجاب ويڙھي جي نڪرندي آھين.....
پاڪ دامن يار لڳندي آھين,
اونداھين ۾ جڏھن سس پس ڪندي آھين...
ھڪ پڙاڏو آواز لڳندي آھين,
ٻپڙو اجرڪ جي اوڍيندي آھين....
سنڌ سموري جي سونهن لڳنــدي آھين‚
ٻار پڙھائيندي توکي ڏســندو آھيان...
تاريخ جي حقدار لڳندي آھين
ويجھو جڏھن ايندي آھين...
ساھ ساھ سان جڏھن ملائيندي آھين ...
گوڊليف جي ڪش لڳندي آھين,
چپ چپن سان جڏهن ڳنڍيندي آھين...
ٿَر جو اڃايل ٻار لڳندين آھين‚
جي سچ پڇين ته....
منھنجا ٺڳي جا ٺاھ به سھندي آھين
ڊاڙ ھڻندي جي پڪڙيو ويندو آھيان...
ڀاڪرن ۾ پوء به ڀريندي آھين,
ڳوٺ منهنجي جڏهن به ايندي آھيـن...
پوء به مون کي ڄاڻ نه ڪندي آھين.
امان‚ بابا کان حال پڇندي آھين...
پوء الائي ته ڇا سوچيندي آھين.
جي سچ پڇين ته..........
توم پاڻ ڳوليندو آھيان‚
حال سمورو روليندو آھيان.
پوئتي پئجي ويندو آھيان.
سوچن جا گھوڙا ڊوڙائيندو آھيان..
وري آخر موٽندو آھيان
آخر ڇا سوچيندي آھين؟
اھو ويچار ڪندو آھيان..
جي سچ پڇين ته...
وڏو اڀاڳو مان آھيان..
جو پنهنجو مستقبل نٿو ٺاھيان,
ماڻهن ۾ مڃوتي ناھي جڏهن اھو چوندي آھين....
پوء توتي سوال اٿاريندو آھيان ,
ماٺ ٿي ويندي آھين..

جلاوطني

ھن بھار جي رت ۾؛
منهنجي ذھن منجھ؛
وطن جا نظارا لھي ٿا اچن،
منهنجي ذھن ۾ زرخيز ٻنيون؛
لھي ٿيون اچن
منهنجي ڪنن ۾ پپل جي پنن مان؛
آزادي جو ورد ورجائيندي،
آواز ٻڌجي ٿو...
مون کي ياد ٿيون اچن ؛
وطن جون ڪنواريون سانوريون؛
جن جا مڱيتر لاپتا آھن!
منهنجي خوابن ۾؛
بانسري وارو خيالي آواز؛
لھي ٿو اچي.
مون کي ڏاندن جي ڳچي ۾؛
وڄندڙ گھنڊ ياد ٿا اچن.
مان دڳن جي ڌوڙ؛
جي سڳند شرير ۾ لھندي!
محسوس ڪريان ٿو،
مون کي ڳوٺن جي مٿان؛
اڏرندڙ لغڙ ۽ ڪبوتر يــاد ٿـا اچن
مون کي ڪارونجھر جي مورن جا رقص،
ڏاڍو ياد ايندا آھن،
منھنجي بند اکين جي پويان؛
سج ڪني ڪڍندي نظر اچي ٿو،
جو نظارو ڏسڻ لاء؛
آء روز سنڌو ڪناري ويندو ھيس،
مون کي خانه بدوش زندگي؛
ياد ٿي اچي.
مون کي وطن جون دلڪش
۽ ڳاڙھسريون شامون؛
ياد ٿيون اچن،
روپوشي وارا پنڌ ياد ٿا اچن
ڇرڪ ڀري اٿان ٿو...
مون کي جلا وطن ڪرڻ وارا ڏينهن؛
ياد ٿا پون..
پوء ٻه سڏڪا ڀري چوان ٿو؛
منھنجي وطن جا جوانو!
شال توھان جي اکين ۾؛
آزادي جو خواب جاڳندو رھي،
سوچن سوچن ۾ ڏسان ٿو؛
امان منھنجي اچڻ جو؛
انتظار ڪري رھي آھي.

محبت ۽ محنت

ھوء چوندي آھي.
ھي وقت گذرڻو آھي،
ھڪ ڏينھن توکي.
ڪاميابي ضرور ملندي؛
مون کي اتساھ ڏيندي آھي،
۽ جڏھن محبت ۾ ناڪامي؛
رسوائي، ذلت، بي رخي،
جي ڳالھ کلندي آھي تہ؛
آءُ سوچيندو آھيان....!!!
محبت ۾ ڪاميابي ڇو نٿي ملي؛
ھوءَ چوندي آھي...!
تنھنجو ڪم محبت ونڊڻ آھي،
ته ماڻھن مان اميدون نه رک؛
سچ ته ڪيل ھر محنت؛
تي مون کي خار ايندي آھي.
منھنجو ڀرم ذرا ذرا ٿي ويندو آھي،
ڇا! محبت ۾ سچائي محنت ناھي؟
پوءِ ان محنت جو ڦل ڇو ڏاڍو ڀيانڪ ھوندو آھي؟

وفا جو ليبل

اھا الڳ ڳالھ آھي تہ؛
تون وفا نٿي ڪرين،
تنھنجون بي رخيون،
منھنجي من جي مندر؛
کي جھوري ڇڏين ٿيون،
پر! اھا حقيقت آھي تہ.
تنھنجون ڳالھيون،
تنھنجا وشال ٽھڪ،
تنھنجي ڳل تي ڊمپل؛
غضب جا آھن.
آء چاھيندي به؛
تنھنجي ڪردار تي؛
بيوفا جو ليبل ناھيان لڳائي سگھيو،
ڇو ته: تنھنجون ڳالھيون؛
بي وفا نہ ٿيون ٿي سگھن..

سانوري ۽ ڪاغذ

سوچان ٿو ڇا لکان؟
لکڻ لاء ڪجھ بچيو ئي ناھي؟
لکبيون ته روح جون ڳالھيون آھن،
جيڪي ھن سان نہ اوري سگھيو آھيان!
منھنجي لاء ڪورو ڪاغذ
سانوري مثل آھي!
خبر اٿوو! ڇو؟
ڇوته! جيڪي ڳالھيون سانوري سان نه سلي سگھيس،
اھي ڳالھيون آء ڪاغذ ته اتاري ڇڏيندو آھيان!
منھنجا سڀ عيب سانوري ۽ ڪاغذ ڄاڻين ٿا.
فرق اھو آھي...
سانوري مون کي سمجھائيندي آھي،
جيئڻ جا نوان گس ڏسيندي آھي،
ڪاغذ خاموشي سان منھنجا تلخ لفظ برداشت ڪندو آھي،

صدين جي وڇوڙي کان پوءِ

منھنجي لکڻين جي محور؛
جنھن جي بي رخين مون کي؛
ڊائري طرف وٺي آئي,
ائين لکندي لکندي مان اڄ اديب ٿي ويو آھيان،
منھنجي ھر تخليق ۾ ھڪ لڪيل عڪس،
منھنجو ۽ ھن جو آھي.
اسين ٻه الڳ سوچون آھيون،
پوء به وڇڙڻ کانپوء مليا آھيون،
جنھن جي رقص ۾ مون کي؛
موئن جي دڙي واري ڊانسگ گرل؛
جو عڪس پسڻ لاء ملندو آھي،
جنھن چار ڄمار جا وڇوڙا ڏئي؛
مون کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو ھو،
ھوء مَذھبي ڇوڪري،
جا پنھنجو پاڻ ۾؛
سيڪيولر ۽ روايتن سان بغاوت ڪندڙ آھي.
صدين جو وڇوڙو ڏيڻ کان پوء،
اڄ وري موٽي آئي آھي،

اندر جو ڏک

ڪالھ کان سوچان پيو؛
ھوء وائس ميسيج ڇو نٿي ڪري؟
شايد مصروف ھوندي!
نه نه خوف اٿس!
ڪنھن وقت مون کان ته؛
ڪنھن وقت سماج کان؛
ھن جي آواز ۾....
ڪاڇي جي ڪوئل کان وڌ
سرور آھي،
جا ڪوئل صدين کان برسات لاء؛
پڪاري رھي آھي...
ھن جو آواز....
منھنجي من جي مندر ۾...
ڪنھن پاڪيزه پوڄارڻين جيان!
ڀڳت جيان لڳندو آھي,
جنھن آواز تي...
مندر جا سڀ ڪبوتر رقص ڪندا آھن،
شايد ماتا کي به پاڻ تي رَشڪ ايندو ھوندو،
جيئن مون کي...
آء چاھيندي به ھن کي؛
وائيس ميسيج جو؛
چئي نٿو سگھان:
ڇو تہ؛
مون ھن کي گذارش ڪرڻ؛
ھن جي چوڻ تي ڇڏي ڏني آھي،
ھن جي نيچر واري ڳھج کي ائين پروڙي رھيو آھيان!
جيئن ڊارون اسپيشيز جي ڳجھ کي پروڙيو ھيو،
پر ڇا آءُ ھن کي وائس ميسيج جو چئي سگھان ٿو؟
نه نه ھوء ڏک ڪندي...
ڏک نه ڪندي ته چئي ڏيندي..
جيڪو چوڻو ھوندس...

روشن سماج جو خيال

سماج! جيڪو ھڪ جھنگ مثل آھي،
جنھن ۾ ڪيترائي ساھ دار جسم رھن ٿا،
سماج ڏسڻ ۾ ته؛
نھايت حسين آھي،
جسم کان ويندي؛
فطري حسن تائين،
ھوا کان ويندي،
ٻولين تائين،
ھر شي مان سڳند ٿي اچي،
ھاڻ ته سماج کي چؤڦير؛
وحشت جي باھ وڪوڙي وئي آھي،
ان باھ منجھ؛
سُڪن سان گڏ ساوا به سڙي ويندا.
ھن سماج جي؛
خوبصورتي ائين آھي،
جيئن کنڊر بڻيل آثار قديمہ؛
جيڪو ھاڻ زوال جي صورت اختيار ڪري چڪو آھي،
سماج جو روشن خيالن وارو عروج:
پري پري تائين ڏسڻ ۾ نٿو اچي..

صحتمند سماج جي ڳولا

ڏاھي جي صلاح؛
سماج کي تبديل ڪرڻ؛
ائين سمجھي وڃي ٿي،
جيئن! مذھب ۾ ترميم ڪرڻ،
سماجي ترقي ڳولڻ؛
ائين سمجھي وڃي ٿي؛
جيئن! اميزون جي جھنگ منجھ؛
ڪنھن اپسراء جي تلاش ڪرڻ.
دراصل! ڏاھو سماج کي؛
سمجھڻ کان ايترو قاصر آھي،
جيترو مڌ جي نشي ۾ ڌت؛
مئڪش ميخاني ۾؛
دنيا جون ڳالھيون ته ڪندو ھجي؛
پر دنيا کي ڏسي نه سگھندو ھجي،

سماج جو ڪيس

سماج مان ٻڌڻ جي سگھ؛
ختم ٿي وئي آھي،
جيئن؛
ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻين مان؛
خارجي ڪردار اڏامي ويندو آھي،
۽ ھو..
ھر ڪھاڻي جو داخلي ڪردار؛
پاڻ کي ارپي؛
سماج ۾ پنھنجو ڪيس وڙھڻ چاھيندو آھي،

وحشت پڻي کان خوف

ھو سماج کان خوف کائيندو؛
ڊوڙندو گھر پھچي ٿو،
بلب جي شعاع تي؛
مڇر جھٽيندڙ ڪرڙي؛
ھن کي ڏسي؛
خوف مان؛
زمين ته ڦھڪو ڪري ٿي،
ھن کي بہ سماج مان ايترو خوف ٿيو؛
جيترو! مڇرن کي ڪرڙي کان؛
سرمائيدار جي ڪارخاني ۾؛
مزدور پيٽ گذر لاء؛
نار ۾ وھندڙ؛
اکيون ٻڌل ڏاند؛
جيان ڊوڙي رھيو آھي،
۽ سرمائي جي ترقي؛
ان ڏاند جيان ڊوڙي رھي آھي،
جنھن کي آخري؛
منزل جو پتو ڪونھي!

گلن جي عيد

توکي خبر آھي؟
گل ڪڏھن خوش ٿيندا آھن؟
جڏھن "ڌرتي جي شھيد" جي قبر تي؛
انھن کي نڇاور ڪيو ويندو آھي؛
انھن کي فخر ٿيندو آھي،
ھوا ۾ جھومريون پائيندي؛
سڳند جو گيت ڳائيندا آھن..
اسان جي وڍيل سِرن مان ٺھيل مالھا؛
ڌرتي جي عشق ۾؛
سِر جي قرباني ڏيندڙ گھوٽ؛
تي نڇاور ٿيا آھيون،
توکي خبر آھي؟
گلن لاء ڪارو ڏينھن ڪڏھن ھوندو آھي؟
ٻڌ..!!!
جڏھن ڪنھن مالدار، پير مير،
جڏھن ڪنھن ظالم تي گل نڇاور ڪيا ويندا آھن،
جڏھن گل لانگ بوٽن جي ھيٺان؛
چيپاڙجندا آھن،
ته باغيچا به روئي پوندا آھن،
جڏھن ڌرتي جو غدار ماڻھو؛
ڪنھن باغيچي مان گذر ڪندو آھي تہ؛
باغيچو ڪاوڙ ۾ تپي باھ ٿي ويندو آھي؛
ھو پنھنجي سڳند پکين جي پرن ۾ ٻڌي؛
اڏرائي ڇڏيندو آھي،
توکي خبر آھي؟
گلن جي عيد ڪڏھن ھوندي آھي؟
محبتن جي عالمي ڏينھن تي؛
جڏھن گل محبوبائن؛
جي نازڪ ھٿڙن جو ڇھاء محسوس ڪندا آھن؛
تڏھن غلام قومن جا فردن؛
ھڙئي محبتون، ڌرتي جي شھيدن؛
کي گلن جي مالھا سان ارپيندا آھن.
گلن جي حقيقي عيد اھا ھوندي آھي،

مُختصر مدو

ڄاڻان ٿو ته؛
ايندڙ وقت ۾؛
ڪي خوشيون ملنديون.
پر! پوء به؛
دل جھڙو خوفزده آھي.
عجيب ميخانو آھي دل به؛
ڏک ھوندو ته لڳندو؛
بس دل جي ڌڙڪن؛
بيھڻ واري آھي،
ساھ بند ٿيڻ لڳندو،
۽ خوشي ھجي ته لڳندو پيو؛
دل زور زور سان ڌڙڪي رھي آھي
۽ پوء ڌڙڪن به بيھي ويندي،
پر اھو نٿو ڄاڻان تہ؛
خوشين جو مدو؛
ايترو مختصر ڇو ھوندو آھي؟

جلا وطن لڙڪ

ديس اسان جو آ،
ڏکايل اک جيان؛
جنھن منجھان ھرروز؛
ڪيترا لڙڪ،
ڌرتي جي جوڌن جيان،
جلاوطن ٿين ٿا،
ھو ڏس ڌرتي جو سپاھي؛
ڳل جھڙي رڻ پٽ تي،
جلاوطن ڪيل لڙڪَ ؛
جيان ڀٽڪي رھيو آھي.

توکي ضرور ياد ايندس

جڏھن گاج جون ڇوليون،
منڇر ۾ ڇوڙ ڪنديون،
۽..
ٽوٻا ڍنڍ ۾ رقص ڪندا،
تڏھن آء توکي، ضرور ياد ايندس،
جڏھن ڪيھر جي ڪنڊي،
ڦڪي ٻور تي ورندي،،
۽...
ڪو مجاور وائي چوندو،
تڏھن آء توکي، ضرور ياد ايندس،
جڏھن ھولي جي رنگن ۾،
جوھي رڱجندو،
۽
جڏھن امن جا سنک،
مندر ۾ گونجندا،
تڏھن آء توکي، ضرور ياد ايندس،
جڏھن ڪو شاعر،
کير ٿر جي ھنج ۾ ويھي,
پکين جا بيت ٻڌندو،
تڏھن آء توکي، ضرور ياد ايندس،
جڏھن ڪاڇي جو سانوريون،
وفادار وَر چونڊينديون،
۽...
تنھنجي جواني،موٽ کائيندي؛
جڏھن ڪاڇو برساتين ۾ ڀڳل ھوندو،
پکي جي پرن ڇنڊڻ تي،
ٻٻرن مان، پلر ڇڻندو،
۽ ڪي ٻار ڇاڙپن سان،
ٻير سٽيندا،
تڏھن آء توکي، ضرور ياد ايندس،

ڳوٺَ

مشينن جي شھر کان؛
ڪيڏيون پياريون آھن،
ڳوٺ جون لوليون ۽؛
ڳوٺ جون ٻوليون،
رھي پوان ڪي ڏينھن ڳوٺ ۾؛
ڏس! ڏاند ڊوڙن ٿا،
ڇم ڇم ڇير پائي،
ھو ڏس..!
ناري ڀوڪ ميڙي ٿي،
ڪامبي منجھ اميدون سھيڙي ٿي،
ڇا ته لڳندو ھوندو،
برساتين ۾ ڳوٺڙو،
جڏھن ويڙھي سڄي مٿان،
ابابيل طواف ڪندا ھوندا،
چانڊوڪين راتڙين ۾؛
جگنو پٺيان ٻار ڊوڙندا ھوندا،
ھو ڏس..!
جوئر جي سنگ تي؛
بلبل رقص ڪري ٿو.
ڏس ميھار جون مينھون،
ڪيئن گور گھمن ٿيون،
ڀوري ڪنڊي ۽ پڇ ڪاري،
شھمور گھمن ٿيون،
ھو ڏس..!
سرنھن جا ڦڪا گلڙا،
ھئہ ڪلياڻ ڪين ٿا،
"بيروت" سان ڳوٺن پنھنجن کي؛
بنھ ڪونه ڀيٽيندس،
اسان جا ڳوٺَ نرالا ھن،
تِن جي سونھن پنھنجي آ.

جواني جو ڏوهه

جڏھن کان تون جوان ٿي آھين
تو نڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي،
جيڪڏھن ٻاھر توکي
مرد کڙي کان چوٽي تائين
گھوري ڏسندا تہ؛
گھر ۾ به پوڙھيون
تنھنجي اڀريل ڇاتي کي ڏسي
ڏٻرو منھن ڪنديون ھونديون
جھڙو تنھنجو جوان ٿيڻ ڏوھ آھي

ڏاهر جي تلوار علي بابا جي هٿ ۾

اوڏاھر!
تنھنجي رَت سان رَڱيل تلوار
ڪڏھن مِيري ناھي ٿِيَڻي؛
۽
زَنگ نہ چڙھندس...!!
ڇوتہ؛ ھن ويس بدلايو آھي
تنھنجي تلوار قلم جي صورت ۾
علي بابا نالي ھڪ ڪوي جي ٽِن آڱرين ۾ ھئي
ھُن جي اکين ۾ صدين جو ٿڪ ھو
چھري تي سنڌ جي آزادي جو سيھو
کنيو ٿئي گھميو، تنھنجي تلوار جو کنيل قسم
علي بابا جي لکڻين ۾ اظھاريل آھي
۽ سڀاڻي ڌرتي جا وارث ان کي عملي جامو پارائيندا.

راجا ڏاهر کي ڀيٽا

اوڏاھر
تنھنجي سنڌڙي
جا داسي،
مزاحمت پسند آھن،
ھردور ۾ حملي جوجواب،
مزاحمت سان ڏنواٿن،
اوڏاھر!
اھواسانکي تو ٻڌايوتہ؛
ڌرتي جي آزادي خاطر سِر جو سانگھو لاھي
ويڙھ جي ميدان ۾ ملھائڻو پوندو آھي،

وڻ کان وڇڙيل پن

مان وڻ جواھوپن آھيان؛
جيڪوبھارجي مند ۾،
وڻ کان وڇڙي،
ماڻھن جي پيرن ھيٺان،
لتاڙبورھي ٿو،

سڄو ملڪ بند پيو آ

ڪالھ مون ڏٺو:
روڊ تي دونھين جي دنيا
جي چوڦير
الله رسول جا نعرا
وڏين ڏاڙھين واتان گونجي رھيا ھيا،
فٽپاٿ وٺي ويندڙٻڍڙيءَ
ڇرڪ ٿي ڀريا،
ڪنھن باساختہ چيو
الله پنھنجي پناھ ۾ رک
ھوخدا کان ڇرڪيل ھئا يا نعرن کان؟

خدا جي خَلق

ھڪ الله جا ٻانھا
شھربند ڪرائي ويٺا ھئا،
ھڪ خداجي ٻانھي
دعا گھري رھي ھئي
منھنجي ورکي روزي ڏجان.

دين خطري ۾ آ

ڪالھ ھن کي ماء ڇولا ٺاھي ڏئي
وڪروڪرڻ لاء موڪليو
ھوساروڏينھن ويران رستن تي:
سائل اکين سان
اڀ ڏانھن نھاريندو:
رات جوٿيڙکائيندو،
گھرواپس وريو،
ھن ماءکي سڏڪي چيو؛
دين خطري ۾ هو ملڪ بند پيو آ.....!!! ۾ ھوملڪ سڄوبند پيو آ

حصو ٻيون: نثري ٽڪرا

---

نثري ٽڪرا

جابر رياستون جڏھن بوکلاھٽ جو شڪار ٿينديون آھن
تڏھن ھو عوام کي ھاٿي جيان پيرن جيان لتاڙينديون
سوئر جيان ڪُک ۾ نيش ٽُنبينديون
مارخور جيان پويان وار ڪنديون آھن.
*******

وڇوڙن کان پوءِ ڪتابَ ان محبوبا مِثل آھن
جنھن جي گوڏي تي سمھي صدين جا ٿَڪ لاھي سگھجن ٿا.
*******

او آزادي مون کي پَرَ نه ڏيج
آءٌ قلندر ٿيڻ نٿو چاھيان ،
آءٌ ته تنھنجي عشق ۾ساري ڄمار ،
چراغبندي ۾ رقص ڪرڻ ٿو چاھيان .
******

او مينڌرا
اچ ته کرکنا ھڻين
ھن سماج کي،
اڇو اُجرو ڪيون ،
اھڙو اڇو اُجرو،
جھڙو پاڪ ٿڃ جو کير .
*******

تاريخ لکڻ لاءِ ورقن جو اڇو يا ڪارو ھجڻ لازمي آھي ،
ائين ئي تاريخ ٿيڻ لاءِ ماڻھو ٿيڻ ۽ ماڻھن بابت سوچڻ لازمي آھي ،
*******

ھن جي شھر کي ڇڏڻ پلصراط تان گذرڻ برابر آھي،
ڏس ڪيئن !، وڇڙڻ جو احساس؛ گھرو ٿيندو پيو وڃين؛
يادون جھڙو آئي سي يو ۾ ھجن.
*******

ننڍپڻ توسان گذريو،
جوڀن وڇوڙا ڏنا،
جھونائپ ۾ تنھنجو انتظار رھندو.

*******


ھي امن جو ديس آ؛
امن ۾ رھڻ ڏي.
نگر جي ڪارونجھر کي؛
سلامت رھڻ ڏي.،

*******


زندگي ٿَڪل گھوڙي جي؛
چرپر تي ڳچي ۾؛
وڄندڙ گھنڊ جو ساز ٿي لڳي.

*******


آء نه مليس پرين سان؛
تون نڪري ٿئين نروار
سج توتي ميار،
رھندي ساري ڄمار

*******

محبت ۾ رومانس ائين آھي جيئن سگريٽ نوشي ۾ وڏو ڪَشَ جو سرُور

*******

اندازي موجب پاڪستان ۾،
پنج لک ماڻھو دم جي مرض ۾ مبتلا آھن
بس آءُ ڇڙو عشق ۾ مبتلا آھيان.

*******


ڳالھيون ھلن پيون ھوء ڳوٺ ڇڏي وئي آھي،
پر ڪالھ مون ھن کي نم جي ڇانونء ۾ ڏٺو.....

*******

پوليو جا ڦڙا ھٿيار جي زور تي پياري سگھجن ٿا،
پر منشيات ڪنٽرول نٿو ٿئي
*******


ھو وڏو اديب آھي،
پر مھيني تي،
ٽي سو فيس گھري ٿو....
*******

پوري دنيا ۾ ڪا اھڙي،
قوم اڃا پيدا ناھي ٿي،
جنھن کي مسلمان سڏجي.

*******


پڇڻو اھو ھو پاڪستان اسٽڊي ۾
پي ايچ ڊي ڇو ناھي ٿيندي؟؟؟؟؟
*******

ٻڌ !ٿورو مسڪراء،
آءُ ! ڀٽائي کي وٺي اچان .
تنھنجي سوڀ تي،
ھڪ سُر لکي وٺي .
اھو روزو !
تيستائين نه ڀڄجان
جيستائين !
بخاري پاڻ نه اچي.

*******

:
تُون چَنڊ کي پيغام ڏئي اَچ
اَڄُ چَڪُور آسمان ڏانھن..!
ڄامشوري جي ڇَڙھَن ڇورن واريون..
اُلُرُوُن نه ڏيندو ..


*******

ٽھندي آ ھوء منھنجي خطن کان!
خبر اٿئي ڇو...؟
دراصل ھوء آزاد ناھي.

*******

بيشڪ! توکي زيور سھڻا لڳندا آھن,
ان ۾ ڪو شڪ ناھي!
پر! مون کي غلامي جون زنجيرون ٽورڙيون آھن.

*******

تنھنجي ڊائري تي؛
ھٿ اکري ۽ ڪنواري؛
ڇوڪري جي اُرھ تي؛
سجيل چولي جي؛
ڳچي تي سيکڙاٽ؛
ڪاريگر جو پوئيل؛
ھُرمچو ڀرت ساڳي ڳالھ آھي .

*******

جذبن جو جبل
پيشاني منجھان پگھر ڦڙا،
چاندي داڻا ٿي پئي ڪِريا،
تنھنجي بي رُخُين ،
جذبن جا جبلَ ،
ڏاري وڌا .
*******

زمين ماء آھي.،
پاڻي ٿڃ آھي،
ماء جي ٿڃ سڪڻ ...
جو ڏک ھڪ کير پياڪ ٻار،
سمجھي سگھي ٿو.

*******

ھاري لوڙي ٿو،
شھري کائين ٿا ،
جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا؟
ڪاڇو خوشحال ھجي ,
ته پوء !!
ھنن ھارين جو ساٿ ڏيو .

*******

دماغ جي تخليقي ڀڃ ڊاھ ۾ ,
بغاوت! شعوري فردن جو؛
ڏاج آھي..

*******

ڦوھ جواني ۾ جڏھن؛
ماس ڪلھن تي وري اچي،
ته اھا جواني!
قوم جي آزادي کي اُرپڻ گھرجي،

*******


ترس! سنواري وٺان پاڻ کي؛
پوء تنھنجي لاء،
کڙھ کليل ھوندي؛
حال پڇڻ ضرور اچجان،
*******



تنھنجي ھڪ مسڪراهٽ؛
ميدان ۾ وڙھندڙ لشڪر کان؛
ھٿيار ڦٽا ڪرائي سگھي ٿي

*******

صدين جا ٿَڪ لاھي ڇڏيا ؛
تنھنجي شھر جي ھوائن.
خوشبو آئي ٿي رابيل جھڙي ؛
پَڪ ڏني مون کي تنھنجي شھر جي ھوائن.
سمنڊ ڪناري گھميا ٿي ڪي جوڙا؛
اڪيلائي جو ڏک ڏنو تنھنجي شھر جي ھوائن


*******

.چيائين: ڪھڙا حال اٿئي؟
وراڻيم؛اڃا جُتي ڪنھن سُٺي ۾ پير وڌو ناھي ،
اڃا کرکڻا ساڳا پاتل آھن،

*******

اختلاف رکندڙن؛
کي پسند ڪندو آھيان.
ھو منھنجي علم ۾،
اضافي جو سبب بڻبا آھن .

*******

سوچن جي ٽياس تي ٽنگيل؛ خواھشن کي مروڙي؛
مسلسل پاڻ کي اذيتون ڏيندو رھيس،
فقط!ان آس تي ته؛
منھنجي لکڻين جا جوڳي؛
ڪنھن جا غلام نه ٿين.

*******

جيڪڏھن توکي خبر پوي ته
نصاب ۾ ڇا ٿو پڙھايو وڃي
ته توکان ڇرڪ ويندو


*******

تون ھڪ ڀيرو کنڀيل جوانن جي
امڙين، ڀينرن ۽ ننگن سان،
ڪچھري ڪري ڏس.....
تنھنجي اکين جي ڪينجھر جا بند ٽٽي پوندا،

*******

منھنجي ديس جون سانوريون
جيڪڏھن روپلي جي وني جي للڪار کان واقف ٿي پون،
ته پوء ھر گھر مان روپلو نڪرندو.

*******

توکي خبر آھي قومن جو زوال ڪيئن ايندو آھي؟
جيئن ورھاڱي جي وڍ سنڌ
جي رواداري جي سينڊ ميري ڪري ڇڏي.

*******

دل چوي ٿي ھڪ مدرسو کوليان
جنھن ۾ راجا ڏاھر، شاھ عنايت ،لطيف ۽ دودي سومري جي قربانين جو،
خطابين کي حفظ ڪرايان،

*******

منھنجي ديس جي سانورين جا لڙڪ
سمونڊ ۾ وھي وڃن ٿا،
انھن ئي ته سمونڊ کي نمڪين بڻايو آھي،

*******

توکي خبر آھي ماڻھو جلدي ڇو ٿا مرن؟
ڇوته ھو پڙھن گھٽ ٿا...!!!

*******
اميدن جا به قبيلا ٿين ٿا
ھنن خوابن جو سمورو
قبيلو ڪُٺو

*******

ھاڻ نيڻ کڻي
ڏِس ھولي آئي ھولي..
*******

سماج کي مان ٿو ڌوڻو ڏيان،
تون اچين ته؛
ھولي جي رنگن ۾ رڱجي اچجان،

*******

وڃايل ھيس دونھين ۾:*مان
ھولي جي رنگن ڳولي لڌو.

*******


بس ھڪ شام ٿي کپي نه پڇجان ڇو؟
اسان جي ھولي کيڏڻي آھي نہ پڇان ڇو،

*******

بھار جي رت ۾؛
اسين اڃان اداس آھيون،

*******