سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ محقق عزيز ڪنگراڻيءَ جي ڪھاڻين جو ڪتاب ”روڳ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
عزيز ڪنگراڻيءَ جي ڪھاڻين ۾ جيڪي ڪردار نظر اچن ٿا سي حقيقت آھن. ھن جي ڪھاڻين ۾ موجود ڊرامائيت پڙھندڙ کي پاڻ ڏانھن ڇِڪي ٿي ۽ پڙھندڙ لاچار ٿي سندس ڪھاڻين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. عزيز جي ڪھاڻين ۾ فتوائن بجاءِ سوال اٿن ٿا. سوال جيڪي ناانصافين خلاف بغاوت تي اڪسائين ٿا.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي عزيز ڪنگراڻيءَ جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي