شاعري

آخري سِٽ لکڻ ڏي

هن ڪتاب ۾ نزاڪت، سُونهن سان ڀريل نفيس ۽ سھڻن لفظن جي مالها پويل آهي. شاعريءَ جي مڙني صنفن تي تمام خوبصورت طريقي سان فني و فڪري حوالي سان شاعري سرجي وئي آهي. مخدوم آسيہ جي شاعري پڙھي لڳي ٿو تہ ڏات سنڌ جي ھوائن سان خوشبو جيان مھڪندي هن وٽ آئي آھي. آسيہ جي شاعري ڪنوارين جيان ھار سينگار ڪري سونھن ڀري سرھاڻ ٿي آئي آھي! جنھن کي پڙھڻ سان اندر ۾ ھڪ نئون احساس جاڳي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 38
  • 19
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book آخري سِٽ لکڻ ڏي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نئين ٽھيءَ جي شاعرہ مخدوم آسيہ قريشيءَ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”آخري سِٽ لکڻ ڏي“  اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هن ڪتاب ۾ نزاڪت، سُونهن سان ڀريل نفيس ۽ سھڻن لفظن جي مالها پويل آهي. شاعريءَ جي مڙني صنفن تي تمام خوبصورت طريقي سان فني و فڪري حوالي سان شاعري سرجي وئي آهي. مخدوم آسيہ جي شاعري پڙھي لڳي ٿو تہ ڏات سنڌ جي ھوائن سان خوشبو جيان مھڪندي هن وٽ آئي آھي. آسيہ جي شاعري ڪنوارين جيان ھار سينگار ڪري سونھن ڀري سرھاڻ ٿي آئي آھي! جنھن کي پڙھڻ سان اندر ۾ ھڪ نئون احساس جاڳي ٿو.
ھي ڪتاب احساس پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون احسان آڪاش جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو، مھرباني مخدوم آسيہ .قريشيءَ جي جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

ارپنا

هيءُ آڱرين جو پورهيو ارپيان ٿي
پنهنجي محنت ڪش مزدور پيءُ کي، ۽ امان کي !
جيجل ۽ بابا نذير کي جن منهنجي پرورش ڪئي،
خصوصاً ارپيان ٿي پنهنجي پياري ماءُ جهڙي جگني کي !
جنهن جي اکين ۾ مون هميشه سنڌ ڏٺي آهي.
جنهن کان مون ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ سِکي
۽
پروفيسر ڪفايت الله کي
جنهن کي پيار مان اسان “ادا” چوندا آهيون.
ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا !

جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير،
تيئن مون من ماروئڙن سين .

خاص ارپنا

هيء سمورو ڪتاب ارپيان ٿي انهيء شخص کي،
جيڪو آسماني آهي٠ جنهن جي هٿن، اکين ۽ چَپَن تائين پهچي هيءَ بي ترتيب اکر امر ٿي ويا٠

تو مون ۾ روح ڦوڪيو آ،
مون تو ۾ روح ڦوڪيو آ۔
تون منهنجو خدا آهين!
مان تنهنجو خدا آهيان.

پبلشر نوٽ:

اڪثر شاعر تمام حساس هوندا آهن. انهن جي لفظن ۾، شاعريءَ ۾، اُٿڻي ويهڻي ۾، فعل و قول ۾ حساسيت تمام ڀرپور هوندي آهي. انهن وٽ سماج جو اونو ۽ درد پڻ هوندو آهي. سو احساس جي جذبي جي پالنا ڪندڙن لاءِ هي ڪتاب واقعي هڪ خوبصورت تحفو ثابت ٿيندو.
احساس پبليڪيشن جو هي 18 هون ڪتاب سنڌي ادب جي اُفق تي جلد اُڀري ايندڙ نوجوان شاعره مخدوم آسيه قريشي جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس خيالن جي اُڏام مان هن جي تخليقي سگهه جي پروڙ پوي ٿي ته هن جو مشاهدو ۽ مطالعو ڳوڙهو آهي. هن ڪتاب ۾ نزاڪت، سُونهن سان ڀريل نفيس ۽ سهڻن لفظن جي مالها پويل آهي. شاعريءَ جي مڙني صنفن تي تمام خوبصورت طريقي سان فني و فڪري حوالي سان شاعري سرجي وئي آهي.
هن موقعي تي نوجوان شاعره مخدوم آسيه قريشي کي سندس پهرين مجموعي شايع ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ اهيو يقين سان چئي سگهون ٿا ته ايندڙ وقت ۾ هي نالو ”گمنامين جي اونداهين“ مان نڪري سنڌي ادب جي روشن راهه تي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ضرور ٺاهيندو.

ڪتاب پڙهي ڪري پنهنجي قيمتي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.


احساس پبليڪيشن -حيدرآباد
balochahsan110@gmail.com
03013324100

ٻه اکر: امداد حسيني

شاعري جي تخليق هڪ الڳ ذميواري آهي ۽ ان کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ان تي لکڻ مختلف ذميواريون آهن. جنهن لاءِ توهان کي پهرين ته ذهني طور تيار هئڻ کپي. انهن ذميوارين نڀائڻ لاءِ توهان جي آڏو شاعري به اهڙي هئڻ کپي، جيڪا توهان کي ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ پاڻ تي لکڻ لاءِ اُتساهي. آسيه آشا مخدوم جي شاعري ۾ ڪا ڳڻڻ جهڙي ڳالهه، ڪا روح رچندي رمز آهي ضرور ، جنهن تي ڪجهه لکڻ سجوڳو آهي.

ڦُر نه ائين ڪتاب مون کان،
مون کي ٿورو سکڻ ڏي،
بتيءُ کي نه وسائج سهڻا،
آخري سِٽ لکڻ ڏي !

مون پهرين به چيو آهي ۽ وري به چوان ٿو ته ادب /شاعري توڙي زندگي جي هر شعبي ۾ نئين ٽئلينٽ جي اهائي اهميت آهي جيڪا جسم لاءِ نيئن رت جي آهي. ان کي Space ڏيڻو پوندو. ان ڏَس ۾ به ليکڪائن ۽ شاعرائن آڏو جيڪي مسئلا اچن ٿا، انهن کي حل ڪرڻو پوندو، مجموعي طور تي اهڙو ادبي ماحول جوڙڻو پوندو، جتي انهن جي تخليقي ڪم جي ڇپجڻ جو جوڳو بندوبست ٿي سگهي. انهن جي تخليقي ڪم کي مڃتا ملي سگهي. گهرو سماج، سنڌي سماج لاءِ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، ان کي ترجيحي طور سنڌي سماج سان جوڙڻو پوندو. جيسيتائين ائين ٿئي، تيسيتائين اچو ته آسيه آشا مخدوم جي سٽن سان پاڻ کي جوڙيون. “آخري سِٽ لکڻ ڏي” آسيه آشا مخدوم جو هڪ چَوسِٽي جي به آخري سِٽ آهي. چَوسِٽي جي انهن چئن سِٽن جي انهيءَ “آخري سِٽ” کان مٿي ٽي سِٽون ٻيون به آهن ۽ ظاهر ته انهن ٽنهن سِٽن جي به اهميت آهي! “ ڪتاب نه ڦُرڻ”، “ٿورو سکڻ” ۽ “بتيءَ نه وسائڻ” جي ڳالهه آهي انهن سِٽن ۾. ان ريت “پڙهڻ” (ڪتاب)، “ڪڙهڻ” (سِکڻ) ۽ “روشني” (بتيءَ) جي ڳالهه ڪئي وئي آهي.
آئون رات آهيان
ڪا تارن ڀري
نڪرندو بس وهائو
روشن ٿي وينديس.
“آخري سِٽ لکڻ ڏي” آسيه آشا مخدوم جو پهريون شعري مجموعو آهي. ان ۾ پابند، آزاد ۽ ڪجهه نيم پابند، ڪجهه نيم آزاد ۽ نثري شاعري آهي. هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪجهه شاعرن جا نالا به کنيا آهن. انهن شاعرن ۾ شاهه لطيف جو به نالو آهي. شيخ اياز کي هوءَ پنهنجو “مرشد” مڃي ٿي، ان ريت ٻيا نالا به آهن. مطلب ته هن انهن شاعرن کي پڙهيو ته آهي. پر سُٺي ڳالهه اها آهي ته آسيا آشا مخدوم انهن کي ڪٿي به ڪاپي نه ڪيو آهي. هن وٽ جيڪي ڪجهه به آهي اهو هن جو پنهنجو آهي.

مُنڌ نه ويڙهيا وار،
در ۾ کُتل اٿس،
ساجن لاءِ نهار.

ريت نه بدلي،
رُتون بدليون،
پريت نه بدلي.
شاعريءَ ۾ ٿورن لفظن ۾ گهڻي ۽ گهري ڳالهه چوڻ ڏات جو ڪرشمو آهي ۽ اهڙي ڏات آسيا آشا مخدوم وٽ آهي.
سنڌ اڪيلي،
مان به اڪيلي،
ڪو به نه ٻيلي.

امداد حسيني
ڪراچي _ سنڌ
27 جون 2019ع

اندر جي اڌمن احساسن جو اظھار : رولاڪ آصف ڪالرو

ڪنھن به ٻوليء جي شاعري جون پاڙون پنھنجي ڀلاري ڀونءَ اندر گھرائيءَ سان کُٿل ھُونديون آھن٠ پر بدقسمتي سان اسان اھڙي مظلوم ٻوليءَ جا شاعر، ليکڪ آھيون، جنھن جو ھاستڪ سرمايو وسيع ۽ معيار ھئڻ جي باوجود به سدائين نا انصافي جو شڪار پيو ٿيئي٠ اسان جي ٻولي، ٻين ملڪن مان نه رڳو پر اسان سنڌي قوم مان به ورھائجي ڪڻو ڪڻو ٿي وئي آھي، ۽ اسان جي ٻوليءَ کي قومي مڃتا نه ملڻ ڪري قومي ٻوليءَ جو درجو به حاصل ڪري نه سگھي آھي٠ تڏھن سنجيده کان سنجيده شاعر به اڄ جي دور کي حرامي دور چئي بغاوت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آھي٠
مخدوم آسيه قريشي به انھن مانائتي شاعرائن مان ھڪ آھي نئين ٽھيءَ جي نوجوان شاعره آسيه مخدوم قريشي جي نِڪور لفظن مان مونکي ڀٽائي ۽ شيخ اياز جھڙي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جهڙي خوشبو اچي ٿي٠ شاعرن جي تخليق ڪيل لفظن تي لکڻ ھڪ وڏي ذميداريءَ جو ڪم آھي، پر اھُو به سچ آھي. مخدوم آسيه جي شاعري اھڙي آھي جو لکڻ کان سواءِ رھي نٿو سگھجي٠
سنڌ اڪيلي،
مان به اڪيلي۔
ڪوبه نه ٻيلي!
مخدوم آسيه جي ھنن لفظن کي پڙھندي مونکي اھُو احساس ٿئي ٿو ته اھُا انھيءَ ڏات وٽ مخدوم آسيه پاڻ نه وئي آھي، پر ڏات ھن وٽ سنڌ جي ھوائن سان خوشبو جيان مھڪندي هن وٽ آئي آھي. ھا اھُو سچ آھي ته شاعري ھڪ عورت جيان ھار سنگھار ڪري تقاضائون ڪندي آھي ته مان ڪئين ٿي لڳان؟ پرآسيا مخدوم جي شاعري ڪنوارين جيان ھار سينگار ڪري سونھن ڀري سرھاڻ ٿي ائي آھي! جنھن کي پڙھڻ سان اندر ۾ ھڪ نئون احساس جاڳي ٿو٠ مخدوم آسيه قريشي جي شاعري جو ھي(آخري سِٽ لکڻ ڏي) پھريون مجموعو آھي. ان ڪتاب جي نالي مان ئي محسوس ٿئي ٿو ته مخدوم آسيه قريشي ھن ڏاڍ، ڏمر جي دور ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کان پوءِ ڏاڪو ڏاڪو ٿي اُڀري آھي!
شاعري اندر جي اڌمن ۽ احساسن جو سڌو سنئون اظھار ھُوندي آھي٠ پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ھن جاھلاڻي سماج ۾ عورتن کي ھميشه سڌي اڻ سڌي طرح پنھنجي احساسن کي دفن ڪرڻ جي تربيب ۽ تنبيه ڪري ھنن جي احساسن کي قيدي بڻايو ويندو آهي٠ عورتن لاء اھُو به تمام مشڪل آھي، جو ھُو پنھنجي اندر جي احساسن کي شاعري جو روپ ڏئي ھن سماج جي مرد سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي بيھاري سگھن! مونکي يقين آھي ته مخدوم آسيه قريشي جي ھن پھرين شاعري کي نئين ذھن کي دل سان قبول ڪيو ويندو، واقعي آسيه“ جي لفظن ۾ قبولڻ جھڙو گھڻو ڪجهه آھي.
ڦُر نه ائين ڪتاب مونکان،
مونکي ٿورو سکڻ ڏي،
بتيءَ نه وسائج سھڻا!
آخري سِٽَ لکڻ ڏي!

پنهنجي پاران:

هي سپنا منهنجي جهوليءَ ۾ !

سلام...

سمورن ڏات ڌڻين جي پيرن تي هٿ !
مون پنهنجي ڪنهن ڊائريءَ ۾ لکيو هو ته “اکرن کي مون راتين جي ننڊ ڏني آهي. ڇا هي اکر منهنجي زندگي جو روشن سج ٿي سگهندا؟”
سائين ! اسان جهڙا ماڻهو گُهگهه اوندهين ۾ جيئندا آهن. انائن ۽ بي شعورين جي ڪارين راتين ۾ فقط سج کي ڏسڻ جي، روشن سج جي تمنا ئي ڪري سگهبي آهي. ڀتين مان اڳتي اسان جي ڪا به منزل ناهي هوندي، پر منزل ته تقدير ۾ ئي نه لکيل هوندي آهي. بس اجڙيل راهن تان ڪنڊن جهڙا خواب ميڙيندي هٿ ۽ اکيون زخمي ٿي پوندا آهن. پوءِ الائي ته ڪڏهن، ڪيئن، ڪٿي اندر جو ڪروڌ، لڙڪ، اکر اکر بڻجي ڪاڳرن تي لکجي (چٽجي) ويندا آهن...؟؟؟ خبر ئي ناهي پوندي پابندين ۽ حجابن جا آڙاهه ..... ۽ دونهان ساهه ٻوساٽڻ لڳندا آهن. اسان جا سپنا اکين مان لڙڪ لڙڪ ٿي جهوليءَ ۾ ڪرندا آهن. هر روز اهو تماشو صبح ۽ شام پنهنجي اکين سان ڏسندا آهن. اهڙي اوندهه ۾ ۽ مسلسل ماتم ڪدي ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجا سپنا ڌرتيءَ لاءِ، ڌرتي ڌڻين لاءِ امانت ڪري رکڻ، ڇا ان کان وڌيڪ ڪا ٻي خوشنصيبي هوندي...!!؟؟ واريءَ ۾ گلاب جا گل پوکڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي. پنهنجي سپنن جا پوپٽ گلن بدران ٿوهرن تي رکبا آهن. تڏهن وڃي ڪا سِٽ جنم وٺندي آهي. پوءِ ڪڏهن نثر جي صورت ۾ ته ڪڏهن نظم جي.... خبر ناهي ته هيءُ اکر اوهان جي دلين ۾ جڳهه ڪڏهن ٺاهيندا...؟
مون ته لڳائي سپني ول،
ڦول ڪڏهن ٽڙندا،
ڇا ڄاڻان ؟
سائين ! فاعلاتن فاعلات جي اڃان ڄاڻ چڱيان ناهي مون کي پر شايد سٽ ۾ گهرائي ۽ تخيل آهي. منهنجي لفظن جي اکين ۾ ڪي لڙڪ آهن، جيڪي اوهان پنهنجي ادبي هٿن سان اگهندا ته .... ڪجهه ڦٽن جو مرهم ٿي پوندو. الائي ته ڇو پر مون کي لڳندو آهي ته فاعلاتن فاعلات ايترو ضروري ناهي، جيترو ضروري تخيل.... ۽ گهرائي . جيئن مولانا رومي چيو:
مون نه دانم فاعلاتن فاعلات،
شعر مي گويم به از آب حيات.
(مان نه ٿو ڄاڻان فاعلاتن فاعلات پر شعر آبِ حيات جهڙو چوان ٿو.)
مان فقط ايترو ڄاڻان ٿي ته هي سٽون منهنجا اهي اڻ اظهاريل ٻول آهن جيڪي پنهنجي محبت وانگي هميشه سيني ۾ سانڍي رکيا اٿم. التجا آهي ته بس ايتري... اوهان سڀ منهنجي دٻيل آواز جو آواز بڻجي پئو... ۽ منهنجو اظهار بڻجي پئو ! منهنجي لاءِ ايترو ته حوصلو گڏ ڪيو جو اڳيان آيل ديوارون ۽ بي شعور ڀتيون ڊهي پٽ ٿي پون. مان اوهان سڀني جي جواب جي منتظر رهنديس. اوهان سڀ جيڪي منهنجا پنهنجا آهيو، منهنجي ايڏو ويجهو آهيو جو آئون جڏهن چاهيان اوهان سان ملي سگهان ٿي، اوهان کي ڏسي سگهان ٿي. پوءِ چاهي اهو سائين امداد حسيني هجي، سائين امر جليل هجي، سائين اياز، سائين ادل، سائين حفيظ باغي، سائين جواد جعفري، سائين اشفاق، سائين وسيم، سائين اسحاق يا سائين حبدار سولنگي... ۽ کوڙ شاعر، شاعرائون، ليکڪ.... مان اوهان سڀني جي اکرن جيان اوهان سان محبت ڪريان ٿي. يا کڻي حيدرآباد جي ٿڌين هوائن جهڙو ٿڌو، مٺو ۽ ڌيمو بي حد خوبصورت آواز وارو سائين نصير مرزا ئي ڇو نه هجي. سائين نصير مرزا جي لاءِ ڪنهن ڪيڏو سٺو لکيو ته “نصير مرزا جو سڀاءُ ۽ پيارپسي ماڻهو زندگي جي بڇڙائين کي ڄڻ ته چماٽ هڻي وري جيئڻ ۾ ايمان محسوس ڪرڻ لڳندو آهي.” جيئن سائين جاويد سوز هالائي سائين نصير کي “حيدرآباد جو اداس شهزادو” به چيو. توهان جي جاءِ منهنجي دل ۾ آهي. خبرناهي اوهان جي دلين ۾ آئون جاءِ ٺاهينديس يا نه ؟
سچ ته تصور ئي تصور ۾ مان اوهان سڀني جي پيرن تي هٿ رکي آلين اکين سان اوهان جي شفيق سيني سان لڳي سنڌي ادب جي راهن تي هلندي پاڻ کي محسوس ڪندي آهيان.
جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير،
تيئن مون من ماروئڙن سين .
منهنجي سٽ کي اوهان سڀني جي اصلاح جي ضرورت آهي. سوين اوڻايون آهن سٽ ۾، کوڙ ڪچايون، ڦڪايون نظر اينديون پر نظر انداز نه ڪري ڇڏجو.... مون کي غلطين کان آگاهه ضرور ڪجو ته سُڌارو آڻڻ جي ڪوشش ڪريان. مان تنقيد براءِ اصلاح جي دل کولي احترامن آجيان ڪنديس. مان سائين امر جليل جي سٽن سان متفق آهيان هن چيو ته “مان ليکڪ لاءِ مڪمل آزادي سان لکڻ جي حق ۾ آهيان.” بيشڪ اهو ئي سچ آهي ۽ خصوصاً مون لکندڙن جو حوصلو بڻجي هنن جي دل سان آجيان ڪجي. سائين منهنجي به دل چوندي آهي ته منهنجا اوهان جهڙا اديب، دانشور دوست هجن، جيڪي قدم قدم تي منهنجي رهنمائي ڪن، مون کي اوڻاين جو احساس ڏيارين ۽ منهنجن چڱين سٽن کي پسند ڪن. مان چاهيندي آهيان ته اکر منهنجي سڃاڻپ بڻجن منهنجي اکرن کي به ڳايو وڃي. آئون ڀي چاهيان ٿي ته ساز ۽ سُر منهنجي لفظن ۾ اوتي ٿوري امرتا جي لائق بڻايو وڃي. وري به فيصلو اوهان تي آهي....!؟ اسان هونئن به تعبيرن جي ڊڄ کان خواب ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيندا آهيون. بس چاهيان ٿي ته سٽ ڇپجڻ ۽ ڳائڻ وارو خواب ساڀيان ماڻي. منهنجي به اکرن جي ڇانو هر مسافر دل سان محسوس ڪري...
مون جو گهر ۾ پوکيو، ايڏو ٿي ويو وڻ،
ان جي ڇايا ڄڻ، آساري سنسار تي.
منهنجي اکرن ۾ اگر نواڻ نظر نه اچيو ته حيران نه ٿجو، نواڻ نه اسان جي گهر ۾، نه گهٽين ۾، نه ماڻهن ۾ نه ئي ڌرتي تي.... پوءِ اکرن ۾ نواڻ به ڪاڏانهن اچي؟ هڪ ليکڪ جو مواد هي معاشرو هوندو آهي. هن جي اردگرد جو ماحول.... پر ماحول ۽ معاشرو ته الائي ڪيترن سالن کان بيٺل پاڻي جيان گندو ۽ بدبودار ٿي پيو آهي. اسان اڄ به بي شعور قوم آهيون. اسان فقط چنڊ پري کان ڏسي سگهندا آهيون، چنڊ تي پهچڻ واري قوم بڻجي ناهيون سگهيا. مون جهڙيون کوڙ نياڻيون صرف انڌا منڊا پنج پڙهي سگهنديون آهن، ڄڻ ته پنجين ڪلاس کان اڳتي اسڪول ئي ناهن !!! سچ ته هي 21 صدي اسان تي ڏند ڪڍي کلي رهي آهي، ڇا اها فخر جهڙي ڳالهه آهي جو اسان هن جديد دور جي جاهل ترين قوم بڻجي ويا آهيون...!؟ هن جديد دور ۾ به اسان جا خواب حويلين جي ديوارن سان ٽڪرائجي چڪنا چور ٿي رهيا آهن. اڄ به ڪارو ڪاري، رسم آب و تاب سان زندهه آهي.
افسوس ! اسان جي نرم جذبن جو ڪنڌ رسمن ۽ انائن جي ڪهاڙين سان لاٿو وڃي ٿو. پر اسان خاموش ... ڪڇئون جهڙي ڀت ! بغاوت ڪرڻ ڏوهه، ڳاڙڻ لاءِ رڳي گونگا ڳوڙها، سڄي ڏينهن جون سوچون، ڦٽ اڊيڙڻ... وري سبڻ وري اڊيڙڻ .... وري ....!!! هڪ عجيب نفسياتي ماحول... ڪنهن جا ڪارا عَلم هٿن ۾.... اُف حل ڪو به نه .....!
هر شام عزاداري،
هر صبح عزاداري،
ڪاٿي آهي يار ڏياري ؟ (آسيه)
اسان جي اکين تان پنبڻ ڇلي لاٿا ويندا آهن، چيو ويندو آهي ته ڪو به خواب آزادي جو نه ڏسجو، بغاوت جو ته سوچجو به نه ! گناهه ڪبيرا آهي. عورت جو ٻاهر نڪرڻ اهڙي بي شعور ۽ گهٽيل ماحول کي ڇا ڪجي؟ ڪيڏانهن وڃجي ...!؟ هنن رستن جا مسافر سڀ هيڪلا، هارايل. سانئڻ نور الهدى شاهه چيو “اسان آيل جي پيٽ کان قبر جي گهور اونداهين تائين اسان ان محڪوم قوم وانگي آهيون جيڪي بغاوت ته ڪرڻ چاهي ٿي پر هن وٽ هٿيار ناهن.” پر سائين قلم جهڙو ڪو به هٿيار ناهي. تڏهن ته الاهي مضبوط پروپئگنڊا سان اسان کي قلم کان به پري رکيو ٿو وڃي. هٿ ۾ جي قلم کڻون ٿا ته ڪرڙين اکين سان نهاريو ٿو وڃي. ڊڄڻ وارا ڊڄن ٿا ته متان هيءُ انهي قلم کان تلوار وارو ڪم نه وٺن. نياڻين کي تعليم کان محروم رکڻ اسان جي قوم جي بدنصيبي آهي. بس هر روز اسان ٻاٻري ڪنڊن واري راهن جو سفر ڪريون ٿا. ۽ هر ساهه پيلو پيلو ٿي کڄي رهيو آهي.
ڪانڊين، ٽانڊين، ٻاٻرين پچان مَرُ پيئي،
جيرا، جگر، بڪيون، سيخن ۾ ٽيئي.
پنهنجي پاران جو عنوان “مرشد اياز” جي سٽ مان لکيو آهي.

هي سپنا منهنجي جهولي ۾،
هي آڌي رات اڻت لوڪو !
مرشد اياز سان ڄڻ ته ڪو پراڻو ناتو آهي، گذري ويل ڪنهن جنم جهڙو رشتو، مٽي جو رشتو، سنڌيت جو رشتو، هر ٽئين ڏينهن هو منهنجي خوابن ۾ ايندو آهي. هو مان مراد “مرشد اياز.” ۽ مان اڪير سان هن جي پيرن تي هٿ رکي هن سان نهايت عاجزي سان ملندي آهيان ۽ پاڻ مون کي سيني لائي چوندو َآهي.
“آشا ! تون مسقتبل جو نُور آن ...!”
۽ منهنجي اک کلي ويندي آهي. مان سوچيندي آهيان ته ڇا اهو فقط هڪ خواب آهي...!؟ پر چوندا آهن ته خواب مستقبل جا اشارا هوندا آهن. مان اڄ به ڏسان ٿي، هو درد مان ڳائي پيو...
جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
مرن پيون مارويون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
مان مرشد اياز سان محبت ڪريان ٿي، آئون ڄاڻان ٿي ته منهنجي لفظن سان ڪو ٿرٿلو ڪو نه مچندو، ڪو عجيب انقلاب ڪين ايندو!؟ هي سچ آهي ته منهنجا لفظ ڪي پرهه جهڙا خواب اوهان جي نيڻن ۾ ضرور سجائيندا. ڇو اسان جو ايمان آهي ته لفظن ۾ وڏي طاقت هوندي آهي. لفظ روشني آهن، لفظ رستا آهن، لفظ منزلون آهن، لفظ عبادت جيان آهن، لفظن ۾ سجدن جهڙو سڪون آهي. مون کي سُڌ آهي ته سٽون منهنجون پڙهي هڪدم پين سان نشان ڪو نه هڻندو، پر يقين اٿم پڙهندي پڙهندي دل ۾ ٽنبيل ڇيت جهرندي ضرور محسوس ڪئي ويندي.

هي لکيل لفظ منهنجا صدائون ٿي پوندا،
نظم سارا سج جون شفائون ٿي پوندا. (آسيه)
ڪجهه ڳالهيون اوهان سان سلڻ لاءِ دل چويم ٿي. سائين منهنجا! مون کي جيتري سوچڻ جي بيماري آهي، ايتري لکڻ جي ناهي. ڪتابن کي بس رڳو اٿلائي پٿلائي ڏسندي آهيان، پڙهڻ ايترو ڪو نه پڄي... جي پڙهندي آهيان ته ساڳيو ساڳيو ڪتاب هر هر پڙهڻ ڏاڍو وڻندو اٿم. سُستي ته اسان سنڌين کي ڪو ڏاجي ۾ مليل آهي. ۽ مون محسوس ڪيو آهي ته اسان حوصلو الاهي جلدي هاري ويهندا آهيون. انهي ڪري اوهان کي اپيل آهي ته مون کي حوصلو هارڻ نه ڏجو ...!!!
الاهي دفعا سنڀري آهيان پر اڄ تائين نه ڇپجي سگهيون آهن سٽون.... نه ئي “بابا سائين” کي ٻڌائي سگهي آهيان ته مان لکندي آهيان يا ڇپجڻ چاهن ٿيون سٽون هي.... اها ڪا اسان جي عادت ٿي وئي آهي اندر ۾ سانڍي سڀ... اندر ۾ مرڻ ..... وري جيئڻ .... کامڻ. پچڻ ۽ وري چَپ سبي ڇڏڻ ! نه ئي ڪير سمجهي سگهندو آهي نه وري ڪنهن کي سمجهائي سگهندا آهيون. ناڪاميون ڳلي جو طوق بڻجي وينديون آهن. ڪنهن کي به پڇڻ جي همت نه ٿيندي آهي يا هاسڪاري پڇڻ ناهن چاهيندا .... ته متان ڪا وڏي ڊمانڊ ڪيون !؟ صحيح چوندو آهي سائين امر جليل ته “ڪو ڪو ماڻهو پنهنجي وجود ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو آهي، ذرا ذرا ٿي ويندو آهي. هو ٽڪرن ۾ جيئندو آهي، ذرن ۾ جيئندو آهي ۽ اهڙي ريت جيئڻ سٿرو ناهي.” اوهان سڀ ڪيڏو بور ٿيا هوندا منهنجي فضول ڳالهين مان ...!؟ پر هي ڳالهيون هڪ ڪَوڙي حقيقت آهن، اهي زهر جا قطرا جيڪي اسان هر روز پيئون ٿا ۽ جيئون ٿا.
بحرالحال ٻڌو اٿم ته پنهنجي تخلص جي وضاحت به ضروري آهي. سهڻا سائين ! ڪن مسافرين ۾ پير پٿون ٿي پوندا آهن پر رستن جي پچر ڪا نه ڇڏبي آهي. کوڙ رولو ڪتا تنگ ڪندا آهن، عادت کان مجبور ڀونڪندا آهن پر ڪتن جي ڊڄ کان رستا ڇڏيا ناهن ويندا. مرشد اياز چيو ته “نه روڪ انهن کي اهي رولاڪ مسافر آهن، انهن جي منزل دُور هوندي به الاهي ويجهي هوندي آهي، انهن کي وڃڻو هوندو آهي.” سو مون کي سمورن پڙهندڙن جي نيڪ تمنائن جو بي صبري سان انتظار رهندو، آگاهه ضرور ڪجو. ڇا هي سٽون اوهان جي سيني ۾ لهي سگهيون ...!؟
هڪ مسافر ٻئي مسافر جي پيڙاءُ کي سمجهي سگهندو آهي. بلڪل ائين ئي هڪ شاعر ٻئي شاعر کي سمجهي سگهندو آهي. انهن جي سٽن ۾ مرڪ ۽ لڙڪ پنهنجا لڳندا آهن. مون کي ته اوهان سڀني اديبن، شاعرن جون سٽون مرڪ، لڙڪ، سڀ جذبا، اُڌما پنهنجا لڳندا آهن.
بس هڪ التجا آهي ته هن رنگين ڪينواس تي ڪجهه رنگ اوهان به ڀرجو. منهنجو آواز ۽ حوصلو ٿجو. گهور اونداهين ۾ مون لاءِ هڪ روشني جي لاٽ ٿجو جيڪا ڪڏهن نه وسامي. شايد اها وڏي دعوى آهي پر مون کي لڳندو آهي ته هي اکر منهنجي ڪاميابي جو راز آهن. هي اکر سموريون انائن جون زنجيرون ٽوڙي سگهن ٿا.
سوين کيت تنهنجا، سوين مارويون،
نه زيريون نه زنجير جن کي جهلن،
ڀڳائون ڪڙا ڪوڙجي ڪوٽ جا،
پليا ڪو نه پيرن مٿان پيڪڙن.
اميد ته الاهي جلد پنهنجن پيارن اديبن، شاعرن، شاعرائن تائين هي پيار جو پيام ۽ محبت جو اظهار پهچي سگهي...!
هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين نينهن
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سِکيا
(شاه)
سڀ کان پهرين ٿورائتي آهيان، پنهنجي محبوب جي جنهن خوابن کي تعبير ڏيڻ لاء هر ڏکيائيءَ جي باوجود سمورا وچن نڀايا٠ جنهن مون کي وک وک تي ساراهيو، حوصلو ڏنو، جنهن منهنجا هٿ مضبوطيء سان جهلي فرمايو ته ”سانئڻ! تون اهو ڪجهه ڪري سگهين ٿي جيڪو ٻيو ڪير نٿو ڪري سگهي“ حالانڪه ادب جي وشال ڳليء ۾ مان گمنام "آسيه" جيڪا اڃا ادب جي پڌر تي بانبڙا پئي پايان! انهيء کي چوندو رهيو ته: ”سانئڻ! تون ڏات جي ديوي آهين! تون ئي ڏات آهين!“
سائين! مان قيامت جي صبح تائين ناز ڪنديس ”توتي“. ڇو ته ازل کان ابد تائين تنهنجي آهيان ۽ تون منهنجو٠
ٿورائتي آهيان ”سائين محترم امداد حسينيء“ جي جن ڪتاب جي ٻه اکر لکيا ۽ فرمايو ته توهان جو ”پنهنجي پاران“ لکيل ئي توهان جي ڪتاب جو مهاڳ آهي تڏهن مان مهاڳ نه لکندس، بس ٻه اکر لکندس٠“ ۽ اهي ٻه اکر مون کي مهاڳ کان وڌيڪ عزيز آهن٠
دعاڳو آهيان ٿورائتي آهيان ”سائين ايوب کوسو“ جي، جن بيحد شفقت،عقيدت منجهان بئڪ ٽائٽل لکي ڏنو. سچ ته سائين ”امداد ۽ سائين ايوب کوسو“ جن منهنجي ڪتاب تي لکي، ڄڻ ڪاميابيءَ جي مهر هڻي ڇڏي آهي٠
مان ٿورائتي آهيان مزدور پيءُ جي ۽ محبتڻ ماءُ جي جن مون کي ڄڻي هن بي حس دنيا کي سمجهڻ جو موقعو ڏنو شايد مان به ڪنهن مقصد لاء ڄائي آهيان...!!؟؟ پر اهو مقصد ڳولهيندي، لڇندي مون زندگيءَ جا ٻاويهه سال وڃائي ڇڏيا، لڌو ڪجهه نه٠ منهنجا والدين سڀ چاچا ۽ چارئي پڦيون به آهن٠ جن هميشه ماءُ پيءُ جيان محبت ڪئي!
ٿورائتي آهيان پنهنجي وڏي ڀاءُ ”دادا اسد“ جي سڀني ڀينرن، پڦاٽن جي جن حد کان وڌيڪ بيوسيءَ جي باوجود به حوصلي جا لفظ چئي مون کي حوصلو ڏنو! خوش هجن شال. ٿورائتي آهيان انهن جي جيڪي منهنجي شاعريءَ ڪرڻ تي اعتراض ڪن ٿا٠ هٿ ۾ قلم کڻڻ تي ڪَرڙيون اکيون ڪري حقارت مان ڏسڻ وارن جي به ٿورائتي آهيان٠ جن جي نظرن مون کي وڌيڪ لکڻ تي مجبور ڪيو، ٿورائتي... انهن سڀني جي جيڪي منهنجي اکرن سان اختلاف رکن ٿا٠
ها...!!!
ٿورائتي آهيان احساس پبلڪيشن جي سرواڻ سائين ”احسان آڪاش“ جي جنهن نهايت شفقت، اڪير منجهان ڪتاب جي ڪريڪشن ۽ ڇپائيء دوران وک وک تي سهڻيون ڪارائتيون صلاحون ڏنيون٠
اسان وٽ به آهي گهڻو ڪجهه چوڻ لئه
مگر لفظ ناهن پني تي لکڻ لئه ...!!! (امداد)
اي ڪاش ! ته اوهان سمورن جي شاگردي هيٺ آئون به هجان. بس ڪجهه شيون اسان جي تقدير ۾ لکيل آهن ته ڌرتي جا وڏا ڊاهي ڇڏيندا آهن اهي تحريرون .... سمورا درد اوهان سان سلبا انشاءَ الله پر !
هيڪر جي گڏجن ته چوان،
سور اندر جا ساري ساري.
آڱرين جو پورهيو ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي. احساسن جي ول تان لفظن جا گل روڙي ڪاڳرن تي سجائبا آهن. ۽ اسان وٽ بچندا آهن ڪي ڪنڊا.
گيت جو “تنوير” مان اڄ ٿو اڪيلو ڳائيان،
وقت ايندو جو انهي کي نيٺ ڳائيندا گهڻا....

انشاءَ الله

مخدوم آسيه قريشي
مورو سنڌ
13 سيپٽمبر 2019
asiyamakhdoom827@gmail.com

غزل

---

ڇني ساٿ مون سان ڇورو ڪري وئي

ڇني ساٿ مون سان ڇورو ڪري وئي،
هاءِ هوءَ هٺيلي ڄام شورو ڪري وئي.

المنظر تي هڪ ڊيٽ مون سان ملهائي،
بس اهوئي هڪڙو ٿورو ڪري وئي.

لڏئون پيا اسان ڪنهن ناز نين وانگي،
اسان جي هن دل کي هندورو ڪري وئي.

چڪر تي آئي ڪالهه ورسٽيءَ هئي هوءَ،
مڙئي گهمڻ لاءِ آئي، دورو ڪري وئي.

هن جي ڪري روز ڪلاس ۾ ٿو مان اچان!
هئه هئه ڪيڏو ته سدورو ڪري وئي.

اڃا ڏس! هوائن ۾ هلچل آ ڪيڏي!

اڃا ڏس! هوائن ۾ هلچل آ ڪيڏي!
اڃا تنهنجي نيڻن ۾ کيچل آ ڪيڏي.

اسان ته ٻڌڻ لاءِ آتا آهيون،
هٺيلي ڀر پيرن جي پايل آ ڪيڏي!

گلن ڀي هٿن ساڻ ڳوڙها اگهيا هئا،
الا! هي حياتي به گهايل آ ڪيڏي!

نظر ڀي کٽي وئي کُٽيو درد ناهي،
ڏکن جي ته چادر وڇايل آ ڪيڏي!

پرهه جو ڪري جاڳي اوسيئڙو ڪيڏو،
الا رات اڄ ڀي اوجاڳيل آ ڪيڏي!

رستا به مون کي ڌڪاري ڇڏن ٿا،
۽ منزل به مون کان وڃايل آ ڪيڏي.

سهيلي! سفر ۾ سدا ساڻ هوندينءَ،
اها آس من ۾ سمايل آ ڪيڏي!

نه راڻو به سُک سان سُتو هوندو ڪڏهين،
هتي ڪاڪ راڻِي ڏکايل ته ڪيڏي!

(پياري دوست ۽ ڀيڻ اسمه لاءِ)
ـ

پٿر مون ڏي آءٌ کڻي تون،

پٿر مون ڏي آءٌ کڻي تون،
مان شيشي جهڙا خواب ڏيانءِ.

ننڊون ساريون توکي پرتيون،
اچ ٿوري ٿوري جاڳ ڏيانءِ.

تون ڏي بس هڪڙي دل مون کي،
مان پنهنجي ملڪيت ماڳ ڏيانءِ.

سنڌ سڄي آ گروي تو وٽ،
اي وڏ وڏيرا آڳ ڏيانءِ؟

چُپ ڪري بس ويهه تون سامهون،
جوئر جي ماني، ساڳ ڏيانءِ.

پاڳل آهيان، گهايل آهيان،

پاڳل آهيان، گهايل آهيان،
تنهنجي پيرن جي پايل آهيان.

اونداهي رات ٻران ٿي آئون ڏيئي وانگر،
ڪو گيت انوکو ڳايل آهيان.

دُکدائڪ ڪنهن دلڙيءَ تي،
مان برسان، برسان، بادل آهيان.

اياز، ادل کان سکڻو آ ڪجهه،
مان اڻڄاڻ جاهل آهيان.

(سائين اياز گل ۽ سائين ادل سومرو)

ڏئي اندر اسان جي کي ڦڻي ٿا وڃو،

ڏئي اندر اسان جي کي ڦڻي ٿا وڃو،
گاهه جيان يارو! لُڻي ٿا وڃو.

نه وکريو نه هوائن تي لُڏي به سگهيو،
اهڙو گل وارن ۾ هڻي ٿا وڃو.

ڪڏهن ته اندر ۾ ٿوَ ديرا ڄميل،
ڪڏهن واءُ - پن ٿي ڇڻي ٿا وڃو.

هُن تائين نه پهتو پيغام منهنجو،
قاصدئو! ڪاڏي کڻي ٿا وڃو؟

ويندي ويندي هوءَ نهار تنهنجي،
سنهن خدا جو اسان کي وڻي ٿا وڃو.

نانگ جيان قيمتي ٿي ويا آهيو اڄڪلهه؟
ڇا اندر ۾ کڻي ڪا مڻي ٿا وتو؟

پوکيا ها جي گاههَ سڪي ويا،

پوکيا ها جي گاههَ سڪي ويا،
کڄندا ها سي ساههَٰ سڪي ويا.

ويندي هئي ميهر ڏي ترندي،
سهڻا سي درياههَ سڪي ويا.

روندي روندي ساجهر ٿي وئي،
نيڻين لڙڪ اٰٿاههَٰ سُڪي ويا.

جنهن هو توکي ڪيڏو ساريو،
تنهن مومل جا چاههَ سُڪي ويا.

ڇوليون، ڇوليون پوتر پاڻي،
سنڌو ڌارا، آههَ، سُڪي ويا.

خواب ڦٽجي پيا ساڀيائن جي پويان،

خواب ڦٽجي پيا ساڀيائن جي پويان،
اسان ڪيڏو رُلياسين تن نگاهن جي پويان.

سِکيو ئي ڇنڻ آن تون ساجن سهڻا!
مون ڀوڳيو تنهنجي وفائن جي پويان.

منهنجا رستا اکين تنهنجين تي کٽي ويا،
وڃايم سڀ تنهنجي وفائن جي پويان.

اسان جي مقدر ۾ سفر ئي لکيل هو،
اجايو ڀڳاسين آشيانن جي پويان.

خواب ڀي پرائو هو، رات ڀي پرائي هئي،

خواب ڀي پرائو هو، رات ڀي پرائي هئي،
سموري زندگي منهنجي اجائي هئي.

اکيون رکيم ٻاري ميڻ وانگي جنهن لاءِ،
نه موٽيو رات جنهن لاءِ سجائي هئي.

چون ٿا سزا جي آ لائق هيءُ شاعر،
ڀلا احساس ڪاڳر تي لاهڻ ۾ بُرائي هئي؟

هليو ويو هن کي ڪو فرق نه پيو ڪو،
مون لاءِ ته روح کي وڍڻ جهڙي جدائي هئي.

مون کي ڦٽڪا هنيا ويا، منهنجو ڏوهه هي هو،
مون جيئي سنڌ، جيئي سنڌ ٻولي ٻُرائي هئي.

اڃا ياد آ اهو منظر تنهنجي شهر جي چوڪ تي،
اجايو سجايو مون ذلت پرائي هئي.

نماڻا نينهن هاڻا ڏِس.

نماڻا نينهن هاڻا ڏِس.
پکي سارا اڏاڻا ڏِس.

مون هن جي ڪنڌ هيٺان ڏنا،
هي ٻانهن جا وهاڻا ڏِس.

موهن جي بستيءَ ۾ هو،
لاڙڪاڻا- ساهه سيباڻا ڏِس.

ڪاڪ تي ڪي ئي ڪُسجڻ آيا،
مومل جي لاءِ راڻا ڏِس.

تون پنڇيءَ جان اڏري وڃ!

تون پنڇيءَ جان اڏري وڃ!
ها منهنجي دل مان نڪري وڃ.

مان چاهيان ٿي، ها چاهيان ٿي،
تون مون کان هاڻي وسري وڃ!

ڪين مڙيس ٺڳين کان مان،
امان چيو هو سڌري وڃ.

ٿورو هيڏي ٿي، ٿي بيهان،
وچ تان تون گذري وڃ.

اَهڙو منهن کنيو ويندين؟
ٿورو ته يار سنڀري وڃ.

زندگيءَ کي زندگيءَ مان،

زندگيءَ کي زندگيءَ مان،
هڪڙي ڏينهن ڌڪاري ڇڏجي.

دل چوي ٿي، دل سان سهڻا!
توکي هاڻ وساري ڇڏجي.

ڪيترا ڏينهن ٻرندي رهندي؟
جيون بٿي ٺاري ڇڏجي.
سوچان ٿي سوچن پنهنجين کي،
شهيد ڪجي؟ يا ماري ڇڏجي.

اسان ڇو پئون موت جي منهن ۾،
عشق کي زهر پياري ڇڏجي.

ٻُڏئون جي اسان خير آ سائين،
اوهان کي بس ڪناري ڇڏجي.

هزار جيون هجن ته مٺڙا،
هر هڪ سنڌ تان واري ڇڏجي.

سڀ ڪنهن لاءِ جڳ روشن روشن،
اهڙي لاٽ ڪا ٻاري ڇڏجي.

آشا ڪا راهه ۾ رُلي وئي آ،
سوچي ٿي، همت هاڻي هاري ڇڏجي؟

ٿڪل شام ۽ راتيون ڏُکاريون لڳن ٿيون،

ٿڪل شام ۽ راتيون ڏُکاريون لڳن ٿيون،
ٿرين جي اکين جيان اُڃاريون لڳن ٿيون.

هيءَ تو جي پَني تي ٺاهيون هِن تصويرون، *
سي ڪاڳرن تي ڪيڏيون پياريون لڳن ٿيون.

وفائون روئندي ڏٺم ڪالهه تنها،
تنهنجي ئي در جون ڌڪاريون لڳن ٿيون.

جن ٿي چيو بس اکر آهن مڙئي،
سِٽون منهنجون تن کي به پياريون لڳن ٿيون.

(* پنهنجي ڀيڻ حبيبه لاءِ جيڪا پني تي گل ائن ٺاهيندي آهي، ڄڻ ته سچ ۾ ڦٽي آيا هجن.)

سنڌوءَ جي اکين ۾ واري آ،

سنڌوءَ جي اکين ۾ واري آ،
ٿي نياڻي اڄ ڪا ڪاري آ.

اڃا ته رستو کُٽو به ناهي،
ڇو هينئر ئي تو همت هاري آ.

تو ڳالهه هُئي ڪئي ڌوکي جي،
سا به ڏاڍي مون کي پياري آ.

هِت رت سان هوليون کيڏن ٿا،
هِت ڪيڏي يار انڌاري آ.

تو اُڃ جي ڳالهه جڏهن به ڪئي،
ياد آئي ٿر جي ناري آ.

سُڏڪن ۾ ديس لئه دعا ڪئي ٿم،
هيءَ ڌرتي ڏاڍي پياري آ.

مون ڪچو گهر آ سهڻو ٺاهيو،
چيائون ڪيڏي ته سُٺي معماري آ.

ڏسو ٿا ائين بيهي تماشو ته ناهي،

ڏسو ٿا ائين بيهي تماشو ته ناهي،
هيءَ منهنجي آشائن جو لاشو ته ناهي.

ٻيا هڻن پٿر، هيءُ هڻي گل ٿو،
لڳي ٿو پنهنجو پرائو ته ناهي!

سڀني لاءِ آ جاءِ ساڳي اسان وٽ،
هڪڙو هجي راشو، ٻيو کاشو ته ناهي.

هڻي چڪٰ سڀ وات مٺو ڪيو ٿا،
سنڌ آهي منهنجي،ڪميڻو! پتاشو ته ناهي.

وري ڪاڪ ايڏي اداس آهي،

وري ڪاڪ ايڏي اداس آهي،
هتي ڇو رهي پئي اماس آهي؟

وڃائي مون ڌرتي پنهنجي سڄي،
قسمت ۾ لکيل نه آڪاس آهي.

تو جهڙو هر چهرو بي وفا لڳي ٿو،
بس ايئن مري ويو وشواس آهي.

لفظن مان زهر اوڳاڇن رڳي ٿا،
زماني جو اهڙو انداز آهي.

ڪڏهن ۽ ڪيئن وڇوڙو ٿيو هئو؟
نه پڇو مون کان! اهو راز آهي.

اکين جي ادائن کان پري ٿي وياسين،

اکين جي ادائن کان پري ٿي وياسين،
اسان يار ڇانئن کان پري ٿي وياسين.

سسئي جيان ستاسين ننڊ غفلت سندي،
پنهونءَ جي وفائن کان پري ٿي وياسين.

تنهنجي وئي کانپوءِ هاءِ افسوس!
تنهنجي قاتل ادائن کان پري ٿي وياسين.

هيءُ رستو اوندهه تي کُٽي آ ويو،
آهه! اسان روشنائن کان پري ٿي وياسين.

ڏور ڪيڏو نڪري وياسين مسافر!
ماءُ جي دعائن کان پري ٿي وياسين.

ٻڌايائون هلڻ لئه جو ماڳ اسان کي،

ٻڌايائون هلڻ لئه جو ماڳ اسان کي،
پهتاسين ته ات هئا ڪاريءَ وارا ڪک.

چيائون اسان هون وڏا قومي شاعر،
پڙهيوسون، لفظن جي اڏامي پئي رک.

حاڪمن گروي رکيا آهن ڪاٿي؟
سنڌ جيجل جا سمورا پار سک.

دنيا مريخ فتح ڪري آهي ورتو،
اسان جي وڌي نه تعليم ڏانهن وک.

هونديون کوڙ اکيون، پڙهنديون دل سان،
اڙي مسافر! تون ويهي بس لک!

جهونو اديب (ڀيٽا)

جهونو اديب (ڀيٽا)

ڳولِهي جهوني اديب پراڻي ڊائري،
پڙهيائين، ساڳي پيڙاءُ، ڪهاڻي، شاعري.

جڏهن ٿيو هو چوٻول هُن جي عشق جو،
تڏهن تر۾ ڳالهه سا کُلي هئي ظاهري.

ويچاري ته چاهيو گهڻو ڇوڪريءَ کي،
هوءَ پر نڪتي ڏاڍي وائڙي.

سُورن کي اکرن جو ڏنائين روپ،
واهه اديب جهونا! تنهنجي ماهري.

مسلسل عشق ۾ ڌوکو اڃاريون هيءُ اکيون منهنجون،

مسلسل عشق ۾ ڌوکو اڃاريون هيءُ اکيون منهنجون،
هيو هر هنڌ هيءُ هوڪو ته وڇڙيون هِن سکيون منهنجون.

عجيب آ پريت جو ناتو، ستم ۾ سونهن ڪيڏي آ،
اچڻ تنهنجي جو ٿم اُلڪو، سُتيون ڪونهن سڌون منهنجون.

تنهنجي قدمن جي نشانن تي رکيون هن اکيون مون ڏس!
تنهنجي ساهن جي خوشبو سان معطر هن گهٽيون منهنجون.

۽ لهندي سجٰ سنڌوءَ منجهه مُرڪي هو چيو مون کي،
نه دل لاهي مسافر تون، کٽيون ناهن سِٽون تنهنجون.

بهار آئي جڏهن تر ۾،

بهار آئي جڏهن تر ۾،
اسان موجود نه هاسين گهر ۾.

ها ڳالهه اُها پَر سال جي آ،
وڏي آڳ لڳي هئي اندر ۾.

سادگي منهن جهڙي من ۾ نه ٿس،
اهوئي ته عيب آهي دلبر ۾.

رات جي راهه تي چنڊ آ مسافر،
فرق نه آ، هُن جي، منهنجي سفر ۾.
ـ

نوان روپ ڌاري وري ٿا اچئون،

نوان روپ ڌاري وري ٿا اچئون،
اسان سنڌ لئه ڏس مري ٿا اچئون.

ڳنڍ سُورن جي سدا آهي ساڻ،
ڄڻ مٿي تي کڻي گاهه جي ڀري ٿا اچئون.

تو ۾ ايتري ٿوم ئي ڪانهي،
اسان روز تو ڏي لڙي ٿا اچئون.

سنڌ تي ڪک به سهون ئي نٿا،
تو لئه ته ڊَڀَ به چَري ٿا اچئون.

رکي ڇڏيسين سنگت ڪتابن سان هاڻي،

رکي ڇڏيسين سنگت ڪتابن سان هاڻي،
اسان جو وڃي ڇا شرابن سان هاڻي؟

ڍڪيسين محبت پردي ۾ مسلسل،
ڍڪبس به ڪيترو نقابن سان هاڻي.

اميري اسان جي آ پيرن جي جُتي،
رکيو ٿئون رشتو نوابن سان هاڻي.

گناهن ڪري وڌي دل ڪاري سڄي،
ڌوئنداسين ڪيئن ثوابن سان هاڻي.

پوکيا اٿم- نيٺ ٽڙندا به دوست!
ٿيندي سنڌ مُعطر گلابن سان هاڻي.

پنهنجن مان ته پيار ويو موڪلائي،
رکون ڪو سٻنڌ پروان سان هاڻي.

هڪ ڳالهه اندر ۾ هُري رهي آ،

هڪ ڳالهه اندر ۾ هُري رهي آ،
ڪا آڳ ته آ جا ٻُري رهي آ.

محبت منهنجي پن ڇڻ جهڙي،
بيوس پنن جيان ڀُري رهي آ.

سارن سپنن جي هِن سماج ۾،
تعبير سدائين بُري رهي آ.

نيڻ وڇايم ٿوهرن تي پنهنجا،
دل تڏهن ائين جُهري رهي آ.

راڻا! رحم ٿورو ڌار دل ۾،
ڪجهه ساعتن جو ساٿ گُهري رهي آ.

موت ٿو مري پيو،

موت ٿو مري پيو،
ڪو ته ٿو رڙي پيو.

ڏسو سَنڌ سَنڌ مان،
رت ٿو ڳڙي پيو.

ساڳين ڪال ڪوٺين ۾،
نذير* ٿو مري پيو.

اڃا به ڪنهن مظلوم جو،
اجهو ٿو سڙي پيو.

گجگوڙ ڪري شينهن جان،
ڪو دولهه ٿو گجي پيو.

ڏڪاريلن جي ڏيهه تي،
اڄ مينهن ٿو وسي پيو.

دشمن هِن سنڌ جو،
ٻڏي وري تري پيو.

(نذير شهيد عباسي، دولهه درياءَ خان)

عالم سڄي کي محبتون مبارڪ،

عالم سڄي کي محبتون مبارڪ،
دل سان سڀني کي عظمتون مبارڪ.

سدائين سکن ۾ ڀٽائيءَ جي نگري،
مزدورن کي هُجن راحتون مبارڪ.

جنين نيڻ ٻاري رکيا، رات ساري،
تنين پيارين اکين کي الفتون مبارڪ.

ڌيئن توڙي ديس جي سڀني پٽن کي،
مائرن پيئن جون شفقتون مبارڪ.

پريت جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل جيڪي آهن،
انهن کي عشق جون ساعتون مبارڪ.

پورهيت سارا منهنجي ديش جا،
تن محنت ڪشن کي محبتون مبارڪ.

شاعرو، اديبو، دانشورو، محققو!
اکرن جون سڀني کي جنتون مبارڪ.

محبت جي هن عالمي ڏينهن تي،
سڀني کي، محبتون،محبتون، محبتون مبارڪ.

هيءَ نه آ شاعري مڙئي زخم آهن،

هيءَ نه آ شاعري مڙئي زخم آهن،
نه ڪياسين جيڪي اُهي جرم آهن.

سواءِ تنهنجي ڪو ٻيو محبوب آهي،
اِهي تنهنجا انڌا سڀئي وهم آهن.

سُتيءَ ۾ ڏنا هئن لوڙيون پيا ٿا،
خبر ناهي لکيل ڪيترا اڃا ستم آهن.

لُٽيل قافلي سان گڏ آهيون اسان،
ڏکن جا هٿن ۾ کنيا عَلم آهن.

ڌاريا حرامي، نه ٿيندا پنهنجا،
ڪيا جن سنڌ تي رُڳي ظلم آهن.

اکيون ٻوٽي ڪيوسين اعتبار جن تي،
ٽوڙيا انهن ئي سڀئي ڀرم آهن.

ماڻهپو ۽ احساس قائم رهي شل،
سوا انسانيت جي نه ڪي دين ڌرم آهن.

ملي آهي ساڀيان سپنن سڀن کي،
خدا جا اسان تي وڏا ڪرم آهن.

آهن پير زخمي ته ڇا ٿيو ڀلا؟

آهن پير زخمي ته ڇا ٿيو ڀلا؟
هلو هلڻ لاءِ تيار آهيون.

ڇڏيو يار! بند ڪيو محبت جا قصا،
اڳيئي اسان گهڻئي خوار آهيون.

ادب ۾ رکيو ٿئون هاڻي قدم،
نوان آهيون پوءِ به نروار آهيون.

اسان جو به حق آ ديس جي گلن تي،
سنڌ جي باغ جو سينگار آهيون.

نٿا مڃئون ڪوڙي آزديءَ کي ڇا ڪندو؟
هلو ٺيڪ آ اسان غدار آهيون.

مخدوم، پير، شاهه، ناهيون ته ڇا ٿيو،
اسان ڪوري، موچي، لوهار آهيون.

جيڪا جنگ ڏاهر رِٿي دشمنن سان،
انهيءَ جنگ جا سپهه سالار آهيون.

مرڻ کانپوءِ به موٽبو سنڌ ۾،
گواهه رهو هوائون وفادار آهيون.

ننڊ ۾ جاڳ ۾،

ننڊ ۾ جاڳ ۾،
سوچ آهي ڀاڳ ۾.

بهار ڇو ٽِڪي نه ٿي،
اسان جي ماڳ ۾؟

لکيل آخر ڇا آهي؟
سنڌ جي سِڀاڳ ۾.

سجدي جهڙو سُڪون آ،
ڀٽائي جي راڳ ۾.

پَرڻي آ ته لوڙي ٿي پئي،
مائٽن ڌڪيس آڳ ۾.

هاڻ اڇا ڪارا پڌرا ٿيندا،

هاڻ اڇا ڪارا پڌرا ٿيندا،
پنهنجا پيارا پڌرا ٿيندا.

جن وٽ ناهي پريم اسان لئه،
سي دل وارا پڌرا ٿيندا.

هڻن ٿا جي ڪاپاري ڌڪ،
سي ئي سارا پڌرا ٿيندا.

آثار اڃا به گهڻا عجيب،
موهن وارا پڌرا ٿيندا.

ڇڏ کڻي ڌرتيءَ جون ڳالهيون،
آڪاس جا تارا پڌرا ٿيندا.

خدا جي خدائيءَ تي حيرت ٿي لڳي،

خدا جي خدائيءَ تي حيرت ٿي لڳي،
ماڻهن جي بيوفائي تي حيرت ٿي لڳي.

جنهن کي هو سمجهيو خوابن جو راڻو،
انهيءَ جي ٻيائيءَ تي حيرت ٿي لڳي.

کائن به سنڌ جو، مڃين به نٿا،
اهڙي بي حيائيءَ تي حيرت ٿي لڳي.

جيئڻ مرڻ جا وڏا اقرار ٿيا هئا،
ڪُمهلي جدائي تي حيرت ٿي لڳي.

هڻن پيا جي الزام اسان جي مٿان،
تن جي پارسائي تي حيرت ٿي لڳي.

ٿئي ڀل ڇا به چاهبو پر توکي!
دل جي ارڏائي تي حيرت ٿي لڳي.

پير ڪڙين ۾ پائي آئين،

پير ڪڙين ۾ پائي آئين،
ڪيئن تون هن کي ڊاهي آئين.

ٿي شڪاري، ماري ماري،
پنڇيءَ لئه ڄار وڇائي آئين.

دونهين دکائي جيئن لاهن ماکي،
ائين اسان کي لاهي آئين.

ڀِٽ تان آندل منڊي ڏنم توکي،
ڪاٿي چريا! وڃائي آئين.

گهمين پيو ائين چرين وانگر،
ڪنهن سان اک اڙائي آئين؟

تنهنجا ٿورا لک احسان،
آئين وِک وڌائي آئين!

وڏو ولولو آ، وڏو حوصلو آ،

وڏو ولولو آ، وڏو حوصلو آ،
پر گذريو سُورن ۾ سفر هيءَ سڄو آ.

زندانن ۾ ڪيئن جيئبو آهي،
اسان کان پڇو، اسان کي پتو آ.

اڃا ڀي نه وسريو ورهاڱو آ مون کان،
اندر ۾ اِهو وَڍُ يارو وڏو آ.

ملي جو نٿو انهيءَ عشق کي،
نڀائڻ ۾ سهڻا! ڏاڍو مزو آ.

غزل نه لکجو، نظم نه لکجو،

غزل نه لکجو، نظم نه لکجو،
ڀلي اسان جو ڀرم نه رکجو.

اسان جي رهندي سدا اوهان تي،
اوهان ڪا نظرِ ڪرم نه رکجو.

ڏيئي نه سبق انسانيت جو،
اهڙو دين ڪو ڌرم نه رکجو.

توکان سواءِ به ڏسون ٿا ڪنهن ڏي،
اهڙو گندو وهم نه رکجو.

ٿئي نه جو قربان سنڌ تان،
ڪوبه اهڙو جنم نه رکجو.

محبت کي به ڍونگ چئو ٿا اوهان،
لفظن ۾ اهڙو ظلم نه رکجو!

اسان هوُن عادي پٿرن تي هلڻ جا،
ڀلي ڪو غاليچو گلم نه رکجو.

اسان ته آهيون جهڙا تهڙا شاعر،
اسان جو درجو اتم نه رکجو.

رات روئي پئي رِيهاٽ ڪري،

رات روئي پئي رِيهاٽ ڪري،
ٿي ڏور ڪائي لاٽ ٻري.

منزل جا سپنا به ڪيئن ڏسي،
هُن جي ته آهي واٽ پري.

ٿو روڊ ڏسي اکيون ڦاڙي،
ٿي ڪار وڃي زوزاٽ ڪري.

ڪو روشن دان ته کول کڻي،
ڇو ويٺي آن ٻوساٽ ڪري؟

آواز دٻيل ديوارن ۾،

آواز دٻيل ديوارن ۾،
گيت رهيا نه بهارن ۾.

لفظ به روشن ڪيئن رهن؟
هيڏن سارن انڌارن ۾.

خزانو رهي محفوظ ڪٿان،
دغا آ چوڪيدارن ۾.

ٿيا ڏُور آهيون مارن کان،
آ چيڙهه تڏهن پيو وارن ۾.

ادب اهو رهيو ئي ناهي،
دوست اسان جي ٻارن ۾.

عشق ته گهٽجي آهي ويو،
هن ديس سندي دلدارن ۾.

مڌ ۾ به ملاوٽ ٿي لڳي،
اُهي کيپ نه آهن خمارن ۾.

هڪ ڏينهن ته تبديلي ايندي،
آهه طاقت هنن اشارن ۾.

پورهيت جي مُرڪ مٺي آهي،
موٽيا هن سُک سنگهارن ۾.

حوس پرست سڀ گڏ آهن،
جسم خروش واپارن ۾.

ڪا آهه ته رهجي وئي آهي،
آڪاس جي ڏکايل تارن ۾.

ڇا کپي زندگيءَ کي خبر ئي نٿي پئي،

ڇا کپي زندگيءَ کي خبر ئي نٿي پئي،
بي انت بندگيءَ کي خبر ئي نٿي پئي.

اوهان ٿا چئو ته اونداهيون ختم ٿين؟
هتي روشنيءَ کي خبر ئي نٿي پئي.

ڪيئن عشق رِڻ ۾ آ رولي ڇڏيو،
پر بي خودي کي خبر ئي نٿي پئي.

اندر کي اسان جي وڏا جهير آهن،
هِن ته آرسيءَ کي، خبر ئي نٿي پئي.

ڇڳو بوٽ آهي، ترو ڀي لهي ويو،
پر بوٽ جي ڪهيءَ کي خبر ئي نٿي پئي.

جوانيءَ جو آڪاش چاندي به ٿي ويو!
اسان جي وهيءَ کي خبر ئي نٿي پئي.

ڇا وهيو واپريو ويچاري ڪُني سان؟
مکڻ ۽ مهيءَ کي، خبر ئي نٿي پئي.

ڦٽيل پير آهن، لُٽيل خواب آهن،

ڦٽيل پير آهن، لُٽيل خواب آهن،
رکيل زندگيءَ ۾ رڳو سراب آهن.

اچي ڪڏهن هِن شهر اسان جي،
ڏسي وڃ ته ڪيڏا عذاب آهن.

گهڻو وقت ٿيو جو مئخانا ڇڏياسين،
بس تنهنجي اکين ۾ جو شراب آهن.

هاڻ ته اچي وئي وصل جي موسم،
پوءِ به تو وٽ ڇو ايڏا حجاب آهن.

سڄي هن تر تي حڪومت هُنن جي،
هن ڳوٺ جا هو نواب آهن.

گناهه ڇا ڪندا اسان کي ڀلا؟
اسان وٽ الاهي ثواب آهن.

اکيون ڏسڻ به ڏوهه آ ڪبيرو،
اکين تي ڀي چڙهيل نقاب آهن.

هڪ آڪاس وارو ٻيو ڌرتيءَ تي،
مون وٽ ٻه ٻه ماهتاب آهن.

گهورڙئي به محبت ڪئي ڪنهن سان هوندي،
جنهن جي گاڏي تي پيا گلاب آهن.

هيءَ جام ڇا، پيام ڇا، شام ڀي گواهه آ،

هيءَ جام ڇا، پيام ڇا، شام ڀي گواهه آ،
هر شيءَ ۾ سمايل تنهنجي ئي نگاهه آ.

ڀلي ته وطن کان پري مان رهان،
پر سنڌ توکي وسارڻ گناهه آ، گناهه آ.

جنهن کان ٿي پڇڻو؟ پڇي وٺ پڇي وٺ!
توسان ته مون کي مومل جهڙو چاهه آ.

نه، نه مون کي سنڌ کان پري نه ڪيو،
سنڌ جيجل ۾ ڦاٿل منهنجو ساهه آ.

سنڌوءَ تي بند، سنڌ کي ورهائڻ جا واڪا،
اها ته ڌرتيءَ تي سنئين سڌي ڪاهه آ.

ڪري ڪوڙا واعدا هو رمندا رهيا،
هتي محبتن جي رڳو ڀڃ ڊاهه آ.

ڇا ته پڙهيو هن شعر مشاعري ۾،
متي محفل سڄيءَ ۾ وهه واهه آ.

لنگهندي ٻني تان چيو چاچي ملهار،
هيءَ ڪهڙن انڌن لتاڙيو گاهه آ؟

چئو راڻي کي موٽي اچي ڪاڪ تي،
نه ته مرڻ لئه مون ٻارايو آڙاهه آ.

ڇڏ هن شهر کي هلون ٿا هتان،
هت حدِ نظر تائين اونداهه آ.

هاٿين تي آيا، سوار ٿي،

هاٿين تي آيا، سوار ٿي،
دل ڪعبي جهڙي ڊاهي ويا.

ڪنهن جا نه ٿي سگهياسين وري،
ائين ته اسان کي چاهي ويا.

ڪڍي ڇڏيائون ڏئي ڌڪا شهر مان،
وهه وا، واهه جو نڀائي ويا.

ٽَڏن پيا پنهنجي مردانگي تي،
ڪالهه ڏٺو مان چوڙيون پي پائي ويا.

آزادي آهي حق عورت جو،
اهڙا بينر کوڙ ورهائي ويا.

خوابن جي سيني ۾ خنجر لڳو آ،

خوابن جي سيني ۾ خنجر لڳو آ،
مون پويان هو قاتل دلبر لڳو آ.

کائي ماس هڏا بچايا آهن جنهن،
اهوئي ظالم ڇو قوم جو رهبر لڳو آ.

هجي ها ڪائو ته آواز ٿئي ها،
تير نفرت جو، دل ۾ اندر لڳو آ.

ٻنهي ٻانهن سان ڏکن کي ڀاڪر وڌو ٿس،
هو شخص مون کي سمندر لڳو آ.

انسانيت جي ايڏي پوڄا ڪئي ٿئون،
ناپاڪ به اسان کي پوتر لڳو آ.

ڪاٿان آيو طوفان وڇوڙي جو خبر ناهي،
ڇا اولهه، ڇا اوڀر، ڇا اُتر لڳو آ؟

ايڏو ته زور سان نه کڙڪاءِ دوست!
ڪالهه ئي ته دل جو ڀڳل در لڳو آ.

اهو ڪنهن جي ڇيرن جو آواز آهي؟
يا مڙئي ٿيل کڙڪو به جهانجهر لڳو آ.

هڪ ڪوڙو ڀوتار هارائي ويو اڄ،
عوام جو هن کي منهن وارو پادر لڳو آ.

هيڏي ساري حَسين جهان ۾،
بس هڪ شخص سونهن جو ساگر لڳو آ.

بابا سائين ڏانهن

بابا سائين ڏانهن

نه نالو نه ئي ڪا تصوير ايندي،

نه نالو نه ئي ڪا تصوير ايندي،
بابا!ٰ بس منهنجي تحرير ايندي.

بس ڏي تون اجازت ڇپجڻ جي مون کي،
سنورجي پوءِ ڏسجان تقدير ايندي.

بابا! تون به واس وٺجان ڀلي،
جيڪا خوشبو، خوشبو ٿي هير ايندي.

نه ڪر قيد اکرن منهنجن کي بابا!
ٽُٽي هر ڪا ڏسجانءِ زنجير ويندي.

وئي ڀانءُ پئجي تنهائي اسان کي يار!

وئي ڀانءُ پئجي تنهائي اسان کي يار!
مس مس ملي آ اڪيلائي اسان کي يار.

وِسائي ڏئيا سڀ کڻي هِتان پري ڪِيو،
اچي وئي راس اونداهي اسان کي يار.

وڪڻي ضمير، هيءَ نُور ويٺاسين،
ٺهي نٿي اکين ۾ روشنائي اسان کي يار.

ڏسون ٿا ته ڪيستائين کڻي ٿا جيئون،
جا وِيا ڏئي پنهنجي طرفان ٻيائي اسان کي يار.

صبح سارا جن تان اسان گهور ڪياسين،
بدلي ۾ ڏئي ويا، سياهي اسان کي يار!

هتي نوڪر ۽ مالڪ ۾ وڏو فرق آهي،
مالڪ جهڙي نه ملي خدائي اسان کي يار.

وڇوڙن جون واٽون، يادن جا ٿوهر،
حصي ۾ رڳي آئي جدائي اسان کي يار.

چيوسين ٻٽن ڏينهن لئه ڏيو، مهربان ٿيو،
اڌاري به نه ڏنئون سَهائي اسان کي يار.

رات ٿي روئي، سڏڪا ڏئي،

رات ٿي روئي، سڏڪا ڏئي،
وڇڙئين به ته ڪيڏا ڌوکا ڏئي.

سنڌ آزاديءَ جي تحريڪ هلايم،
گهر، گهر ڪيڏا هوڪا ڏئي.

اچي سرويچو سرواڻو!
هن قوم کي اٿاريو جهوٻا ڏئي.

تبديليءَ جو ائين اعلان ڪيو،
جو گونجن سڏ پڙاڏا ڏئي.

هڪڙو حادثو نه هئو، هزار حادثا هئا،

هڪڙو حادثو نه هئو، هزار حادثا هئا،
پر پوءِ به ماڻهو ڪيڏا ته بي ڊپا هئا.

هيڏانهن دل ٽُٽو، هوڏانهن ڪجهه نه ٿيو،
پٿر هن دل تي مون ئي سَٺا هئا.

مڌ پي محبت جي ڍرڪي ڪريا ناهن،
ڪوڙا هيءُ مئخانا ڪوڙا مئڪدا هئا.

اڙي چنڊ! هاڻي تون ته نه اَل،
چانڊوڪيءَ تنهنجي وٽ هو ٻئي ڇڳا هئا،

مُند نه موٽي تنهنجي اچڻ جي،
منهنجا نيڻ پريتم تو لئه وُٺا هئا.

اڃا ٻاٺ اوندهه اڃا رات ڪاري،

اڃا ٻاٺ اوندهه اڃا رات ڪاري،
غلاميءَ ۾ گذري وئي عمر ساري.

وري سنڌ کي اڌ ڪرڻ جهڙيون سوچون،
ڪَٿا مون نه ورهاڱي واري وساري.

اڃا پيچرا ۽ اڃا پنڌ پرتي،
ڪٽيون ڪيئن سفر آ نه ٽانگو نه لاري.

امڙ سنڌ! سنڌوءَ جي آيل او جيجل!
الا پاڻ آهين اڃاري اڃاري

ٿيا وار چاندي لُڪن ۽ ڌڪن ۾،
سورن سان جواني ته ساري مون گهاري.

وڃي چنڊ تي آهه انسان پهتو،
الا سنڌ ۾ آهي ڪيڏي انڌاري.

چڱو ٿئي ٻُڏي تون وڃي مر مُورک!
اٿئي سنڌ کان وڌ ٿي جان پياري.

پي ٿو اچي ۽ ماري ٿو هُن کي،
ڏنئون مڙس نياڻيءَ کي هڪڙو جوئاري.

اچن يا نه سا آهي مرضي هنن جي،
چيو ماءُ ڌيءَ کي تون ڏئي ڇڏ ٻهاري.

نٿو ڪير روڪي سگهي روشنيءَ کي،
ڪري حوصلو سج ڪئي ٿي تياري.

ڏات سموري ڏانءُ سمورو،

ڏات سموري ڏانءُ سمورو،
ڀُريل جيون ٿانءُ سمورو.

تون جو وڇڙئين سهڻل سائين!
ڇڄي پيو آ هانءُ سمورو.

ٻين جي في الحال ڳالهه نه ڪر،
اجڙيل آهيان آنءُ سمورو.

عارضي طور هت ويٺل آهيان،
هون ٿم مسافر نانءُ سمورو.

لڳي من کي آڳ وري،

لڳي من کي آڳ وري،
موٽ تون پنهنجي ماڳ وري.

هليو نه وڃنئي وري هو راڻو،
او مومل ننڊ مان جاڳ وري.

هو جي موٽي توڏي آيو،
سچ ۾ کلي پوندئي ڀاڳ وري.

ڪروڌ ڪيڏو شروع ڪيو ٿئي!
کنيو اٿئي ڇا نڀاڳ وري؟

سرنهن آ ڦُٽي ٻنين منجهه،
ڦٽندو سڄڻ ساڳ وري.

ڪردارن سان گڏ ڀوڳيو ٿم،

ڪردارن سان گڏ ڀوڳيو ٿم،
شڪر آهه پوري ڪهاڻي ٿي وئي.

توکي ساريندي ساريندي،
چانهن ٺري ڏِس پاڻي ٿي وئي.

سج لهي ويو سنڌوءَ ۾،
هئه يار! سمهڻي ٿي وئي.

موسيقيءَ سان عشق وڏو ٿس،
تڏهن ته راڳ جي راڻي ٿي وئي.

جوڀن ۾ کڻندي ڀريون مٿي تي،
پيريءَ ۾ هوءَ ساڻي ٿي وئي.

ڪُپو ٿي تون چانهن وجهڻ لئه،
هوءَ چئي ائين پاڻ ڇاڻي ٿي وئي.

تماچيءَ سيني _ منهن لڪائي،
رتبي واري هوءَ مهاڻي ٿي وئي.

آڪاش جون اکيون آليون، ڌرتي حيرت ۾،
ڪاري اڄ هڪ نياڻي ٿي وئي.

جنهن کي روڳ ڏنو هو تو،
سا ته هاڻي جوڳياڻي ٿي وئي.

مسافر ڪيڏا درد کنيا هئا،
ڳالهه اها آکاڻي ٿي وئي.

اماس راتيون اجاڙ رستا،

اماس راتيون اجاڙ رستا،
هيڏي ٿورو نهار رستا.

هُت چنڊ کي ڪنهن قتل ڪيو آ،
هت آهن رڳو انڌار رستا.

ڇا ٿو سوچين اڃا، اياز
اچ اچ هاڻي سنوار رستا.

گاڏين جو ڪو ڏوهه نه آهي،
آهن ئي بيڪار رستا.

ور وڪڙ، نانگ وانگر ورائي،
وڇائي ويٺا هن وار رستا.

مان ٿو ڍرڪان هٿ ته وجهه،
جهل ته منهنجي مَهار رستا.

لولي ڏئي ڪنهن ماءُ جيان،
هنج ۾ مون کي سمهار رستا!

پرديسي پکي هلي ويندا،
ائين نه تن کي اڏار رستا!

غفلت ۾ هيءُ سمهي پيا هن،
تن کي ننڊ مان اٿار رستا!

مئو ڪنهن جي محبت ۾ آ،
مسافر کي وري جيئار رستا!

سوچيون ٿا سفر کي ڪو نانءُ ڏجي،

سوچيون ٿا سفر کي ڪو نانءُ ڏجي،
اوهان جي نظر کي ڪو نانءُ ڏجي.

انهن اکين ڪارو ڪيو جو آ جادو،
انهيءَ ئي سحر کي نانءُ ڏجي.

رهياسين رڳو گمنام تاريخن ۾ سدائين،
هاڻي هن شهر کي ڪو نانءُ ڏجي.

ڪِريا نت آسمان ته به شڪر ۾ رهياسين،
ايڏي هن صبر کي ڪو نانءُ ڏجي.

سڙيل آ چمن نه آکيرا، نه پنڇي،
اُجڙيل جهنگ جهر کي ڪو نانءُ ڏجي.

ڪنارا ته ڇا پر گهرايون به خالي،
درياهه جي ڪپر کي نانءُ ڏجي.

نه در، نه دري، نه ڪا نام جي تختي،
ڀڳل هن گهر کي ڪو نانءُ ڏجي.

ڪيڏو باشعور آهي هو شخص،
تنهن ونيءَ جي وَرَ کي ڪو نانءُ ڏجي.

اجنبي روڊ رستا ۽ اوپرا ماڻهو،
مسافر جي تر کي ڪو نانءُ ڏجي.

اڏاڻا جي پکي سڀ پوءِ آکيرا وري ڇا جا؟

اڏاڻا جي پکي سڀ پوءِ آکيرا وري ڇا جا؟
اجايو چهچٽو هيڏو اجايا بينڊ ۽ باجا.

هوائون سوڳواري مان پٽن ٿيون منهن مٿو پنهنجو،
پڙهيا ڪنهن جي ڇڻيل، پيلن پنن جا پيا جنازا.

ڌماڪو آ ٿيو ڪنهن چرچ ۾، مندر ۾، مسجد ۾،
پيا آهن پٽ تي هُو ڏسو ڪي بي ڪفن لاشا.

پيو ڍرڪي اکيون اُپٽيل ۽ آيس آخري هڏڪي،
لڙيل سج سان لڙيا ٿس زندگي جي شام جا پاڇا.

ڏٺو هو چنڊ اُڀ تان هيٺ ڌرتي تي ٿيو جيڪو،
لٿل سج کان پڇو گذريو اسان تي آههِ ڇا ڇا.

منهنجون راهون سيلها ڪنڊا،

منهنجون راهون سيلها ڪنڊا،
رت ۾ ٻوڙيل ڳاڙها جهنڊا.

ديس ٿو روئي ڳاڙها ڳوڙها،
ديس ڌڻي ٿيا انڌا منڊا.

ڪيئن هو لڙندا سنڌ امڙ لئه؟
ننڍا وڏا سڀ هي چنڊا!

سورن ۾ سڀ ڌڪي سمهي پيا،
اکين هوندي ايڏا جڏا.

تخت تي جيڪي چڙهي ويٺا،
مُڏا، مُڏا، سڀئي مُڏا.

ڪوڙن ڪانئرن جا ته قسم سان،
ڀڃي ڇڏجن هڏا، گڏا.

هر ڪم اونڌو آهين، ڪندو تون،
هل پري ٿي هتان ڇِڏا.

نظم ڪو يا غزل ڪا ته وائي لکان،

نظم ڪو يا غزل ڪا ته وائي لکان،
هي نه هوُ، هُو نه هِي، ڌُوڙ ڇائي لکان.

دُونهن جان جا هوائن سان وکري وڃي،
سِٽ امر آهه ناهي اها ئي لکان.

سچُ ڪنهن کي به هتڙي وڻي ئي نه ٿو،
سچ ڇڏي ڇو نه هاڻي ٻيائي لکان.

وصل تي ڪيترو ئي لکيو ٿم سڄڻ!
ڏي اجازت ته ٿوري جدائي لکان.

ڇو نه خواجا سرا تي به ٿورو لکان؟
ڇو پني تي رڳو مرد، مائي لکان.

مون خدا کان به ٿوري وٺي هئي رکي،
سوچيان ٿي ته سا ئي خدائي لکان.

وحشي وحشي قاتل ماڻهو،

وحشي وحشي قاتل ماڻهو،
ڪيڏا آهن جاهل ماڻهو.

عورت پويان ڊوڙِن ٿا پيا،
جسمن سان سڀ مائل ماڻهو.

جن جو جيون لهرون لهرون،
نيڻ نماڻا ساحل ماڻهو.

سُڌرڻ پنهنجو مشڪل آهي.
ڏوهن جا هون قائل ماڻهو.

ڌتڪارين يا هنج رکين تون،
تنهنجي در جا سائل ماڻهو.

هٿ ۾ تسبيح من ۾ اوندهه،
روز ڏسون ٿا فاضل ماڻهو.

درد ڏسي جي دارون بڻجن؟
ڪو نه بچيا ڪي عاقل ماڻهو.

پير چُمن ٿا مدهوشي ۾،
پيرن جي ڄڻ پايل ماڻهو.

وايون

---

سائين ڄام ساقي جي وفات تي لکيل وائي

اڙانگو سفر هو،
مهانگو ثمر هو.
پوءِ به وياسين گهاري.

پٺي ساري ڦٽڪا،
ڀريل هيءَ اندر هو.
پوءِ به وياسين گهاري.

ڌرتيءَ جو ڌڻي هوس،
پر ڪوبه نه گهر هو.
پوءِ به وياسين گهاري.

نه ڪئي ڪا ٻيائي،
دشمن سڄو تر هو.
پوءِ به وياسين گهاري.

ڪنگڻ جنهن جي ٻانهن ۾،
سوئي هئي نرُ هو.
پوءِ به وياسين گهاري.

لکيوسين رت سان،
ڊٿل سوئي اکر هو.
پوءِ به وياسين گهاري.

ساڳئي انقلاب،
واٺيو جهنگ جهر هو.
پوءِ به وياسين گهاري.

اسان جي رڙ ۾،
ڪيڏو ته اثر هو.
پر لوڪ ڇڏيو ماري،
پوءِ به وياسين گهاري.

ننڊ ئي نٿي اچي،

ننڊ ئي نٿي اچي،
خواب ڪهڙو ڏسان؟

سُکي ڏسڻ ۾،
سنڌ ئي نٿي اچي.
خواب ڪهڙو ڏسان؟

توسان ملڻ جي،
مند ئي نٿي اچي.
خواب ڪهڙو ڏسان؟

جا اچي سدا ڪار ۾،
سا پنڌ ئي نٿي اچي.
خواب ڪهڙو ڏسان؟

توسان جڙيل هيءُ،
بند ئي نٿي اچي.
خواب ڪهڙو ڏسان؟

ويرون ڪيڏيون چڙهي ويون،

ويرون ڪيڏيون چڙهي ويون،
تمنائون لڙهي ويون.

تنهنجون هيڪل گهڙيون،
اکيون منهنجون پڙهي ويون،
تمنائون لڙهي ويون.

مون رکيون يادون ڪاڙهڻ لاءِ،
سي هاڻي ڪڙهي ويون،
تمنائون لڙهي ويون.

پريت جون ڳنڍيون ڏنل،
هڪ هڪ ٿي ڇڙي ويون.
تمنائون لڙهي ويون.

پل پل جون پچارون،
ٿي زهر جي پُڙي ويون،
تمنائون لڙهي ويون.

عشق جي چُلهه ۾ وڌم،
آشائون سڙي ويون،
تمنائون لڙهي ويون.

خوشبو خوشبو ٿي ويو،
سارو هيءُ سنسار،
ڪير پئي ڳالهائي؟

ويهي پيهي تي وَرَ سان،

ويهي پيهي تي وَرَ سان،
هڪلي پئي جهار،
ڪير پئي ڳالهائي؟

پُٽ کي چيائين صبح سان،
پي ستي هانءُ ٺار.
ڪير پئي ڳالهائي؟

موٽي آءٌ تون راڻا!
مومل لڳي تار،
ڪير پئي ڳالهائي؟

هو ايندو توڏي ضرور،
سانڍي رک سار،
ڪير پئي ڳالهائي؟

غدار آ جو ڌرتي جو،
تنهن تي وجهه مار،
ڪير پئي ڳالهائي؟

ٽانڊا وساڻا ته ڇا ٿيو؟
ميڙي رک تون ڇار،
ڪير پئي ڳالهائي؟

گهاريا آهن مون،

گهاريا آهن مون،
سُک جا ڪيئي ڏينهن.
سکر سيئي ڏينهن.

هن سال ٿر تي،
وسيا ڪيئي مينهن،
سکر سيئي ڏينهن.

وڙهه تون پير ڄمائي،
دودي جا پٽ شينهن!
سکر سيئي ڏينهن.

ساري پيو توکي هو،
جنهن سان اٿئي نيهن،
سکر سيئي ڏينهن.

اُنءُ ئي پڙهجان لاڏلا،
سيکاريم توکي جيئن،
سکر سيئي ڏينهن.

واعدا جي سچا هئا،
وساريئي پو ڪيئن؟
سکر سيئي ڏينهن.

اسان جي راڳ،

اسان جي راڳ،
ڇيڙيو ڪو،
هوائون مست ٿي وينديون.

عشق جا ڪاڳر (تي)،
سور جي سهيڙيو ڪو،
هوائون مست ٿي وينديون.

اڪيلائن ايڏين سان،
اڪيلو جي جهيڙيو پو،
هوائون مست ٿي وينديون.

ستارن ڀريي آڪاس تان،
ٽوپو جي اُڊيڙيو پو،
هوائون مست ٿي وينديون.

هن انتها پسندي ۾،
ڀٽائي کي جنجهوڙيو پو،
هوائون مست ٿي وينديون.

ويٺي ڪيڏو ويجهو آ،
چڳن هن جن وڪوڙيو پو،
هوائون مست ٿي وينديون.

اي مزدور توسان گڏ،
مون به جي لوڙيو پو،
هوائون مست ٿي وينديون.

ڏِياري

ڏِياري

جو اوجهرا لتاڙين پيو،
اڄ سوجهرن جو ڏڻ آهي.

اڃا نيڻن مان،
اُداسيون ڇاڻين پيو،
اڄ سوجهرن جو ڏڻ آهي.

ڪنهن جي جدائي ۾،
کَٽون هجر واڻين پيو؟
اڄ سوجهرن جو ڏڻ آهي.

اُٿ، اُٿ او سنڌي!
ڪنهن لئه نهارين پيو؟
اڄ سوجهرن جو ڏڻ آهي.

گڏ ٿا جلايون جوت،
ڏيئا ڪنهن لئه ٻارين پيو؟
اڄ سوجهرن جو ڏڻ آهي.

اچي پيو آواز ڪٿان؟

اچي پيو آواز ڪٿان؟
حق، حق اناالحق.

ڀٽائي جي تنبوري مان،
يا ٻڌجي پيو ساز ڪٿان؟
حق، حق اناالحق.

خدا کي پائڻ جو،
سکيو ٿئي انداز ڪٿان؟
حق، حق اناالحق.

سنڌ مون کي معاف ڪر،
آڻيان وري شهباز ڪٿان!
حق، حق اناالحق.

سنڌڙي آهي سوُرن ۾

سنڌڙي آهي سوُرن ۾
او منهنجا گهوٽ ڀٽائي.
هاڻ وري تون،
موٽ ڀٽائي.

وطن جي ويرين سان،
جنگ نئين جوٽ ڀٽائي.
هاڻ وري تون،
موٽ ڀٽائي.

پنهنجي آيتن منجهان،
جام اڃا ڪو اوت ڀٽائي
هاڻ وري تون،
موٽ ڀٽائي.

ٿي وڃي سڀ سوجهرو،
ٻار اهڙي جوت ڀٽائي.
هاڻ وري تون،
موٽ ڀٽائي.

هڪ لفظ وراڻي واري وائي

هڪ لفظ وراڻي واري وائي

مون ڏي اوري- اوري آئي،
تنهائي.

آهه اڪيلي اڄ رات سهائي.
تنهائي.

ٿي جا ڪچهري، مون نه ڀلائي،
تنهائي.

ڪيان ڪيئن اعتبار، تو ۾ آ ٻيائي.
تنهائي.

ڳوڙها اُگهه اياز جا شاهه ڀٽائي.
تنهائي.

الئه ڇو اڄ رات، ننڊ نه آئي،
تنهائي.

رستو وَرَ، وڪڙ ڪانهي سڌائي،
تنهائي.

اڄ موٽي هوت! جهوري پئي جدائي،
تنهائي.

توسان اٿم ڇو جند اڙائي،
تنهائي.

ٻه لفظي وراڻي واري وائي

ٻه لفظي وراڻي واري وائي


گڏ هونداسين، دشمن سڙندا.
سوچ سڄڻ.

کلنداسين ته اندر ۾،
تن جي ڪاڙها ڪڙهندا.
سوچ سڄڻ.

سنڌ لاءِ ڪيئن وري،
ڊڄڻا وڙهندا؟
سوچ سڄڻ.

ڪاڪ ڊٿو ته پوءِ،
راڻا ڪنهن لاٰءِ مرندا.
سوچ سڄڻ.

اکر جي پوکيم،
گل ته ٽڙندا.
سوچ سڄڻ.

خوشيون هِن ڪريل،
سڀ ميڙي کڻندا.
سوچ سڄڻ.

آشا مسافر سي،
مون کي ئي چوندا.
سوچ سڄڻ.

نه ڪر رعب تاب.

نه ڪر رعب تاب.
هوندين لاٽ صاب،
پنهنجي لئه هوندين!

ڪندين به ڇا؟ ڪندين؟
ٻوليان ٿي بي حساب،
هوندين لاٽ صاب،
پنهنجي لئه هوندين!

وات پٽيا واڇرا،
واپس ڪر ڪتاب.
هوندين لاٽ صاب،
پنهنجي لئه هوندين!

ٻوڙيندو نيٺ هيءُ،
لڙڪن جو سيلاب.
هوندين لاٽ صاب،
پنهنجي لئه هوندين!

پري ٿي بيهه،
توکان ٿم حجاب.
هوندين لاٽ صاب،
پنهنجي لئه هوندين!

اهو ڇا چئجي؟
چوان توکي جناب؟
هوندين لاٽ صاب،
پنهنجي لئه هوندين!

نه ڪنديس توسان پرڻو،
منهنجو اٿئي جواب.
هوندين لاٽ صاب،
پنهنجي لئه هوندين!

شڪل ڏٺي اٿئي پنهنجي؟
سڏرائين ٿو ماهتاب.
هوندين لاٽ صاب،
پنهنجي لئه هوندين!

سنڌ سِڪي ٿي سوڀن لاءِ،

سنڌ سِڪي ٿي سوڀن لاءِ،
تبديلي جي جوڀن لاٰءِ.
آهه ڏکايل ديش.

ڪو ته ٿئي مرهم،
اباڻن هنن دردن لاءِ.
آهه ڏکايل ديش.

آڻيو ٿورو ته پاڻي،
مُرجهايل گلڙن لاٰءِ.
آهه ڏکايل ديش.

ڪو ته جواني موٽائي،
روڙيل منهنجن ڳلڙن لاءِ،
آهه ڏکايل ديش.

سنڌ سِڪي ٿي سوڀن لاءِ،
تبديلي جي جوڀن لاءِ.
آهه ڏکايل ديش.

هيڊ هاري ويو،

هيڊ هاري ويو،
ڪير آڪاس تي.
شام جو سج مٿان؟

آهي حاوي ويو ٿي.
ڪو ته احساس تي.
شام جو سج مٿان؟

سڀ رتو ڇاڻ هئا،
رڱ ڪئنواس ٿي.
شام جو سج مٿان؟

ضرب آهي لڳي،
هاءِ وشواس تي.
شام جو سج مٿان؟
ديس مهڪي اُٿيو،
لفظ جي واس تي.
شام جو سج مٿان؟

چِٽَ چٽيم سندءِ،
دل جي ڪئنواس تي.
شام جو سج مٿان؟

نه ڪيوسين مطالبو،

نه ڪيوسين مطالبو،
نئين گهر جو.

اکيون ياد آيون،
مزدور پيءُ جون.

هر شخص دکايل،
آهي شهر جو.

اکيون ياد آيون،
مزدور پيءُ جون.

نه رستو ٺهيو،
ساڳي ئي تر جو.

اکيون ياد آيون،
مزدور پيءُ جون.

ٿيو موت آهي،
نياڻيءَ جي ور جو.

اکيون ياد آيون،
مزدور پيءُ جون.
اداس مور ڏٺم،
سونهاري ٿر جو.

اکيون ياد آيون،
مزدور پيءُ جون.

ڪندو ڪير ازالو،
هيڏي قهر جو؟

اکيون ياد آيون،
مزدور پيءُ جون.

ڀري ڪو ته هنيانءَ!
خالي پڌر جو.

اکيون ياد آيون،
مزدور پيءُ جون.

ڪري ٿي سوچ هيءُ سجدا.

ڪري ٿي سوچ هيءُ سجدا.
آڌيءَ جو اُٿي.

چوي ٿي مارو ڪڏهن هلندا.
آڌيءَ جو اُٿي.

وري ڪي دودا سنڌ لئه مرندا.
آڌيءَ جو اُٿي.

لمحا يادن جا پٿر هڻندا.
آڌيءَ جو اُٿي.

اڃا ڀي سُور هو سهندا؟
آڌيءَ جو اُٿي.

ٻاٽ ۾ مسافر وک ڪيئن کڻندا؟
آڌيءَ جو اُٿي.

ڦرڻي ڪرسيءَ تي ويهي،

ڦرڻي ڪرسيءَ تي ويهي،
ڪَيئي نه ڪجهه به سنڌ لئه!
لڄ جهڙي ڳالهه آ.

ڪهڙو ٿو پُٽ سڏجين؟
مُئين نه جيجل جند لئه.
لڄ جهڙي ڳالهه آ.

ٻيائي مَن ۾ رکي،
ڪَيئي سڀ ڪنڌ لئه.
لڄ جهڙي ڳالهه آ.

جنهن واٽ تي نه سنڌ هئي،
پڇئي اهڙي پنڌ لئه.
لڄ جهڙي ڳالهه آ.

هت پيئڻ لئه نه پاڻي آ،
ٿو سوچين تون منڌ لئه.
لڄ جهڙي ڳالهه آ.

ايڏو نه ڳالهاءِ،

ايڏو نه ڳالهاءِ،
هل پري ٿيءُ.
منهنجو رت نه پي.

امان! چادر وجهه،
ٿئي ٿو مون کي سيءُ.
منهنجو رت نه پي.

هئي وڏي ناداني،
جو توسان جڙيم جيءُ.
منهنجو رت نه پي.

آنءُ وينديس،
منهنجو وطن هيءُ.
منهنجو رت نه پي.

ٿڃ مان ملهائينديس،
آهيان سنڌ جي ڌيءُ.
منهنجو رت نه پي.

راڻا! رُٺل موٽ کڻي،
ڪيئن جيئان تو ريءَ.
منهنجو رت نه پي.

اڙي او غدار،

اڙي او غدار،
تنهنجي اِها اوقات.
ڀڃي نه ڇڏيائين وات.

کنيو ٿو وتين،
ڇو ڪهاڙا ڪات.
ڀڃي نه ڇڏيائين وات.

پُڇين ٿو مون کان،
ڇا هي منهنجي ذات.
ڀڃي نه ڇڏيائين وات.

ڪِني منهن سان،
ڳاءُ ته وري لات.
ڀڃي نه ڇڏيائين وات.

تنهنجي چوڻ سان،
نه ايندي ڪا برسات.
ڀڃي نه ڇڏيائين وات.

اسان سان وري،
وڙهندين تون واهيات؟
ڀڃي نه ڇڏيائين وات.

آزديءَ جا نعرا،

آزديءَ جا نعرا،
اڃا هڻون پيا.
ڊڳا ته ناهيون.

ڄمين ميدان ۾،
اڃا بيهون پيا.
ڀڳا ته ناهيون.

سنڌ امڙ لاءِ،
اڃا ڏس وڙهون پيا.
ڊڳا ته ناهيون.

هنن کي اسين،
اڃا به وڻئون پيا.
ڀڳا ته ناهيون.

ڇو ائين سدائين،
قربان ٿيئون پيا؟
ڊڳا ته ناهيون.

شهيد راجا ڏاهر جئن،
ديس لئه مرون پيا.
ڀڳا ته ناهيون.

هيمونءَ دلير جان،
ڦاهي ڦندا چمون پيا.
ڊڳا ته ناهيون.
ڀڳا ته ناهيون.

ايندي تبديلي،

ايندي تبديلي،
ووٽ اسان جي سان.
هُل هُليو آ ڳوٺ ۾.

ڀوتار نه ٽپي سگهندا،
ڪوٽ اسان جي تان.
هُل هُليو آ ڳوٺ ۾.

رڍن جيان وڏيرا،
ڪن پيا ڀان ڀان.
هُل هُليو آ ڳوٺ ۾.

هو کوهن جا ڏيڏر،
ٻڌجي پئي ٽان ٽان.
هُل هُليو آ ڳوٺ ۾.

جيڏو لِڪ لڪاءُ،

جيڏو لِڪ لڪاءُ،
ته به،
ڳولهي لڌءِ مون کي!؟

نه رهيو اهو هڳاءُ،
ته به،
ڳولهي لڌءِ مون کي!؟

آهي نه واءُ، سواءُ،
ته به،
ڳولهي لڌءِ مون کي!؟

ڀاءُ نه مون وٽ ماءُ،
ته به،
ڳولهي لڌءِ مون کي!؟

چنگ نه ساڳيو چاءُ،
ته به،
ڳولهي لڌءِ مون کي!؟

سج ۾ رهيو نه تاءُ،
ته به،
ڳولهي لڌءِ مون کي!؟

فضول وڙ، وڙاءُ،
ته به،
ڳولهي لڌءُ مون کي!؟

ٻڌجيو ڪين ٺڪاءُ،
ته به،
ڳولهي لڌءُ مون کي!؟

زخمي زخمي جيون منهنجو،

زخمي زخمي جيون منهنجو،
ٿي ويو، روڳي موهن منهنجو،
ڪو ته ٿئي اڄ ساجن منهنجو.
زخمي زخمي جيون منهنجو.
پاڇو منهنجو مون سان ناهي،
اونداهي بس اونداهي آ،
روشن ناهي جوڀن منهنجو.
زخمي زخمي جيون منهنجو.
رات کي خبر ناهي،
پرهه ڪيڏي ڀري آهي.
اجڙيل اجڙيل درپن منهنجو.
زخمي زخمي جيون منهنجو.
ماريو مون کي جيون آ،
مان دردن جي مزار آهيان،
ڪير ڪندو درشن منهنجو؟
زخمي زخمي جيون منهنجو.
ٽُٽي ويا هِن خواب سمورا،
مري ويون سڀ آشائون،
ٿي ويو روڳي موهن منهنجو،
زخمي زخمي جيون منهنجو.

اچو آ ڇلايون،

اچو آ ڇلايون،

هيءُ ميريون انائون،
سڀ منافق هوائون،
بي وفا جون وفايون.

اچو آ ڇلايون،

انائن ڪوڙيون ڊاهيون ديوارون،
۽ زنگ لڳل سماج جي،
اوگهڙ ڍڪايون.

اچو آ ڇلايون،

پرههَ جا پکي اوس اچڻا آهن،
روشنيءَ جون وڏي واڪ،
ڏيون ڪي صدائون.

اچو آ ڇلايون،
اچو آ ڇلايون.

توکي ڪهڙي خبر،

توکي ڪهڙي خبر،
هو آ ڪيڏي ويل ۾.
بي ڏوهي جيل ۾.

هارائي ويو ڄڻ ڪو،
ڏاندن جي ميل ۾.
بي ڏوهي جيل ۾.

تماشو ٿئي ڪيڏو،
پُتلين جي کيل ۾،
بي ڏوهي جيل ۾.

ننڍڙي ٻار سان آ ويڌن،
چڙهيو جو چوڏيل ۾.
بي ڏوهي جيل ۾.

هوءَ هلي ٿي اهڙي،
چال جهڙي ڊيل ۾.
بي ڏوهي جيل ۾.

خواب پٽڙيءَ تان لٿا،
زندگيءَ جي ريل ۾.
بي ڏوهي جيل ۾.

ويڇا سڀئي وساري هلو،

ويڇا سڀئي وساري هلو،
ايڪتا اچي وئي.

دل جوڙي دل سان،
قدم قدم سنڀاري هلو،
ايڪتا اچي وئي.

ڦوڪي روح تبديليءَ جو،
سنڌ کي جياري هلو،
ايڪتا اچي وئي.

ديس جي غدارن کي،
قلم سان ماري هلو،
ايڪتا اچي وئي.

سچل جا چئي آهي،
لاٽ سا ٻاري هلو،
ايڪتا اچي وئي.

ڇڏيو جهيڙا قبيلائي،
شرم ڪوته ڌاري هلو،
ايڪتا اچي وئي.

پائي اجرڪ، ٽوبي، پٽڪو،
هنياءُ پنهنجا ٺاري هلو.
ايڪتا اچي وئي.

(3 ڊسمبر 2017 تي ايڪتا عيد جي مناسبت سان لکيل)

سڏئي پيو سڪ مان.

سڏئي پيو سڪ مان.
ڪچو رستو ڳوٺ جو.

ڪير آ ايڏانهن؟
گهوري پيو لِڪ مان،
ڪچو رستو ڳوٺ جو.

ڇڪي آيس تو ڏي،
الاءِ ڪهڙيءَ ڇِڪ مان،
ڪچو رستو ڳوٺ جو.

هلي نه ٻيڙي سنڌوءَ ۾،
ڌوڪيان پئي ڌِڪ مان،
ڪچو رستو ڳوٺ جو.

کوڙ لکيئي،

کوڙ لکيئي،
تون سُمهه هاڻي.

اکر سارا،
ائن سکيئي،
تون سُمهه هاڻي.

رات سان پيارا،
سور سليئي،
تون سُمهه هاڻي.

جيءَ جيارا،
پاڻ پليئي،
تون سُمهه هاڻي.

او چنڊ ستارا!
ٿي رات چَوئي،
تون سُمهه هاڻي.

محبت ۾،
مان مليئي،
تون سُمهه هاڻي.

مون کان ڇو،
ائين اليئي؟
تون سُمهه هاڻي.

هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ،

هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ،

توکي پائڻ جي خواهش،
هُئي يار! نماڻي هڪ.
هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ.

خوشبو ٿي نه مهڪي سگهي،
اهڙي رات جي راڻي هڪ.
هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ.

تحرير منهنجي ٿي نه سگهي،
ڪنهن جي اک جو پاڻي هڪ.
هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ.

مون پاڻ اڙائي هئي توسان!
دل ڄاڻي واڻي هڪ.
هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ.

پابندين جا پهاڙ ڪريا،
نياڻي هئي ساماڻي هڪ.
هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ.

ذهن جي گهاٽي وڻ مان،
ياد اٿم ڇاڻي هڪ.
هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ.

الاءِ ته ڪهڙي ڪاڪ تي،
مومل اٿم ماڻي هڪ.
هوا تي لکيم ڪهاڻي هڪ.

ڇا ٿو چئي آڪاس؟

ڇا ٿو چئي آڪاس؟

سُر ٻُر سُر ٻُر پئي ٻُڌجي.

ڪيئن ٽٽئي وشواس؟
سُر ٻُر سُر ٻُر پئي ٻُڌجي.

ڇا وکري ويو احساس؟
سُر ٻُر سُر ٻُر پئي ٻُڌجي.

ڪيئن ڪٽيون بنواس؟
سُر ٻُر سُر ٻُر پئي ٻُڌجي.

ڪير ٽنگيو ويو ٽياس؟
سُر ٻُر سُر ٻُر پئي ٻُڌجي.

ظالم کي ٿئي ڪهڙو قياس؟
سُر ٻُر سُر ٻُر پئي ٻُڌجي.

هيج منجهان هٿڙن تي،

هيج منجهان هٿڙن تي،
مرڪي مينڌي لائجي،
منڙا من موٽي اچين !

ٽاريءَ ٽاريءَ سڪ مان،
گُل ڦُل چولڙو پائجي،
منڙا من موٽي اچين !

درد ڀري تحرير سان،
گهايل کي ڇو گهائجي،
منڙا من موٽي اچين !

ڇيڙي تار تنبور جي،
شاهه جي وائي ڳائجي،
منڙا من موٽي اچين !

گيت

---

اچ ته پيارا گيت لکئون

اچ ته پيارا گيت لکئون،
اياز جهڙي جيت لکئون.
اچ ته پيارا گيت لکئون.

پڙهي پڙهي نه ٿڪجن مارو،
اهڙي ڪائي پريت لکئون.
اچ ته پيارا گيت لکئون.

تنبوري جي تارن مان،
نئون ڪو سنگيت لکئون.
اچ ته پيارا گيت لکئون.

تقدير نئين ٿا ٺاهيون پاڻ،
ڪنهن جو ڪنهن سان ميت لکئون.
اچ ته پيارا گيت لکئون،
اياز جهڙي جيت لکئون.

رستا ايڏا رول الو ميان

رستا ايڏا رول الو ميان،
رستا ايڏا رول.

واجهائي واٽن تي،
ڇا پيو ڳولين ڍول! الو ميان.
رستا ايڏا رول.
ٻاٻيهن جا ٻول،
الو ميان
رستا ايڏا رول.

ڇا ڇا ڪندين صاف تون؟
اندر، ٻاهر آ ڪچڪول الو ميان.
راز سمورا کول.
رستا ايڏا رول.

راتيون سڀيئي راتيون،
باتيون سڀئي ڀُول، او ميان،
ڦٽندا، ڦٽندا ڦُول،
الو ميان
رستا ايڏا رول.

ڏيندو ته ڏاتار،
جهل اڳيان تون جهول، الو ميان.
ايڏو ڇو ٻڙڌول،
رستا ايڏا رول.

گهوريان گهوريان مارُن تان،
پٽ، وهاڻا، طول، الو ميان.
رستا ايڏا رول،
الو ميان
ڇا پيو ڳولين ڍول.
واجهائي واٽن تي!

ايندا ايندا جوڳي ايندا،

ايندا ايندا جوڳي ايندا،
مون کي پاڻ سان گڏ نيندا،
مرلي وڄائي ڳيت ڳائي،
منهنجي دک تي دانهيندا.
ايندا.... ايندا جوڳي ايندا.

ڌرتيءَ تي، ڌرتيءَ جا وارث،
پکڙا هتي رساهيندا
منهنجي آشائن جهڙي،
سنڌ اچي سي ٺاهيندا
ايندا.... ايندا جوڳي ايندا.

ڦاٽي آهي مٽي جٿان،
تنهن کي لٽو پائيندا،
ڇڏي پراڻا کڙتول ذهن،
نوان عمل ڪي ٺاهيندا.
ايندا.... ايندا جوڳي ايندا.

جنازي منهنجي تي روڳي،
ڳوڙها ڪيڏا ڳاڙيندا،
سرد ٿي ويل جسم تي،
اجرڪ آڻي چاڙهيندا.
ايندا.... ايندا جوڳي ايندا.
هو جنهن نڪتا ڳولا ۾،
منزل سا ئي ماڻيندا،
جنهن سين گهر ۾ برڪت ٿئي،
اهڙو چوپايو ڌاريندا.
ايندا.... ايندا جوڳي ايندا.

جيڪي ديش سان ڪن غداري،
اهڙن کي جيل ۾ واڙيندا،
موهن سان جيڪي نه ملن،
اهڙيون سوچون ساڙيندا.
ايندا.... ايندا جوڳي ايندا.

گند، ڪچرو ڪا ناپاڪي،
سنڌوءَ ۾ هاڻي نه هاريندا،
جيڪي به ڪيا تن مون سين،
سي سڀئي وچن پاڙيندا.
ايندا.... ايندا جوڳي ايندا.
مون کي پاڻ سان گڏ نئيندا....

الاءِ ته ڇو اندر ۾

الاءِ ته ڇو اندر ۾،
هُر کُر هورا کورا.

چنڊ ۾ رهي نه سُونهن،
نه ڪا وندر ورونهن.

خبر ناهي ڇو؟
گيت هن اڌورا،
هُر کُر هورا کورا.

بهارن ۾ ناهي ڪا تصوير،
ڇا ڦِٽي آهي تقدير؟

ڪُڇ ڀلا ڪو؟
اڙي ڄامشورا؟
هُر کُر، هورا کورا.

وري وري اچي سامهون سا صورت،
وساري نه سگهبي اهڙي هوءَ مورت.
ايڏو ياد نه اچ،
ٻڌئي ڪونه ڇورا؟
هُر کُر، هورا کورا.

قصا پڇي پئي پوڙهيءَ کان،
سکر ۽ روهڙي جا.

ٿيندو هوندس سور،
تنهن کي نه جهورا!

الاءِ ته ڇو اندر ۾،
هُر کُر، هورا کورا.

ٻولي جيئندي، مارو جيئندا،

ٻولي جيئندي، مارو جيئندا،
سنڌ به رهندي،
سنڌي رهندا.

اڃا به سورهيه سچ تي مرندا،
سنڌ به رهندي،
سنڌي رهندا.

پويتر مٽي چاهه مان چمندا،
سنڌ به رهندي،
سنڌي رهندا.

درياهه شاهه جو پاڻي پيئندا،
سنڌ به رهندي،
سنڌي رهندا.

اڪيتا جهڙا ميلا لڳندا،
سنڌ به رهندي،
سنڌي رهندا.

صوفيت سان من ڌوئيندا،
سنڌ به رهندي،
سنڌي رهندا.
ٻولي جيئندي، مارو جيئندا،
سنڌ به رهندي،
سنڌي رهندا.

هاءِ مسافر مانجهي يار

هاءِ مسافر مانجهي يار،
رستي ويندي ٿي وئي،
هيڏانهن – هوڏانهن سانجهي يار!

هاءِ مسافر مانجهي يار!
ٿو ڇو پُڇائين اهڙا پار؟
جٿ اوندهه ۽ انڌار.

هاءِ مسافر مانجهي يار!

جيت ڪيڏي ته پري هئي،
هٿ آئي توکي هارٰ،
هاءِ مسافر مانجهي يار،
ٿي ساري دڳ ۾ سانجهي يار.

درد ڪٿا بس بند ڪر هاڻي،
ڪيڏا نه وهايا نيڻن نار
ٿي هر پاسي کان سانجهي يارٰ،
هاءِ مسافر مانجهي يار.

اکين ڪٽيو آ اوجاڳو

اکين ڪٽيو آ اوجاڳو،
اکيون چَون ٿيون او.... جاڳو!
ڪيئن جيئان توکان پو؟
اکين ڪٽيو آ اوجاڳو.

اً ڏات به ڏانوڻ پاٿا هن،
اڄ سانت به سانوڻ پاٿا هن،
هيڪلو ڪيئن هلي ٽانگو؟
اکين ڪٽيو آ اوجاڳو.

ڇا ورندءِ مارُئي آهن مان؟
مومل توکي دانهن مان؟
ڪر ڪا واهُر ووءِ الا وو،
اکين ڪٽيو آ اوجاڳو.

صُبح سوير ئي اٿڻو آهي،
رب کي راضي ڪرڻو آهي،
ڇو دير تائين ٿا جاڳو؟
ڪيئن جيئان توکان پوءِ
اکين ڪٽيو آ اوجاڳو.
اکيون چون ٿيون او جاڳو....!!

هل ته هلون اوڏانهن

هل ته هلون اوڏانهن ساجن!
جِٿ اونداهين جو منڊ نه آ،
خاموشيون اُت ڳالهائينديون آهن،
لهندو اولهه ۾ چنڊ نه آ،
هل ته هلون اوڏانهن ساجن!

اُت ڌرتيءَ جا وارث ڌوڪيل ناهن،
اٽو، لٽو حق هنن جو،
ڌرتي جن جي ماتر ڀومي.
من جا اجُرا ڌوتل آهن،
هل ته هلون اوڏانهن ساجن!

هل سندرتا ۽ سونهن ڏسون،
رنگ برنگي گُل چمون،
سنڌوءَ پوتر پاڻي پيون،
جنت جهڙي جوءِ پسون.
هل ته هلون اوڏانهن ساجن،
هل ته هلون اوڏانهن ساجن.

اُٿو اُٿو ڪا جوت

اُٿو اُٿو ڪا جوت جلايون،
چانڊوڪي ۽ چنڊ ورهايون.
لوچيو لوچيو ها ها،
سوچيو ڇا ٿا؟؟؟

هيءُ جو اُڀريو آهي سج،
سک جو سنڀريو آهي سج.
جام شهادت اوتيو ها ها،
سوچيو ڇا ٿا؟

هيءُ ڪارونڀار به گذري ويندو،
رستو ڏک جو اُڪري ويندو.
جان جوکي ۾ روليو ها ها،
سوچيو ڇا ٿا......؟

رات کُٽي وئي ڪاري آ،
باک ڦُٽي وئي ساري آ،
ٻوليو ڪوئل- ٻوليو ها ها،
سوچيو ڇا ٿا؟

مان به ته آهيان ڏات ڌڻي،
وک ڪا مون ڏي! اچو کڻي.

آشا مسافر، ڳوليو ها ها،
سوچيو ڇا ٿا؟؟؟

نظم

---

نوان رستا

نوان رستا، نيون راهون،
اچو ٺاهيون، اچو ٺاهيون!

وڏا هيءُ ڪوٽ نفرت جا،
۽ هيءُ کيپ غفلت جا،
وڏيرن جي ڀڙوت جا،
ڪلفت ۽ ظلمت جا.
سمورا بُت ڪيرايون،
نوان رستا نيون راهون،
اچو ٺاهيون اچو ٺاهيون.

هلئون گڏجي، گهمئون گڏجي،
ٻه وهاڻا ڏئي نه ڌارين سان سمهئون گڏجي،
اچو اچو کلئون گڏجي، روئون گڏجي،
هڪ آواز ٿي ديس لئه،
اٿئون گڏجي.
اچو بيغيرتيون ڊاهيون.
نوان رستا، نيون راهون.
اچو ٺاهيون، اچو ٺاهيون!

اُٿو سندرو ٻڌي اُٿو،
اڙي او سنڌ واسيو!
سنڌيت جا حاميو
قطاري قافلا هلو،
ڪري ڪي فيصلا هلو،
وڏا ٿي سلسلا هلو،
هلو ٿي بي ڊپا هلو.
آزاديءَ جو سنڌ کي،
تاج پارايون،
نوان رستا، نيون راهون،
اچو ٺاهيون، اچو ٺاهيون!

اچو بغاوت ڪري اچو،
وڏي جرئت ڪري اچو،
هماليه-همت ڪري اچو،
غيرن جي چالاڪيءَ کان بچو.
نوان رستا، نيون راهون،
اچو ٺاهيون، اچو ٺاهيون!

اٿو نئين باک هت پوکيون،
سچي ڪا ساک هت پوکيون،
ڀًڄائي دور اوندهه کي،
نئين ڪا ڊاک هت پوکيون،
عجب هت انقلاب آڻيون.
نوان رستا، نيون راهون،
اچو ٺاهيون، اچو ٺاهيون!

غلاميءَ جا ڪڙا ڇني،
آزاديءَ جا پڙا پايون،
مٺي جيجل سنڌ سان،
سچ پچ نينهن نڀايون،
جهنڊا اجرڪ جا جهومايون،
جمالن تي نچي جهومي،
وڏيون جهمريون پوءِ پايون.
نوان رستا، نيون راهون،
اچو ٺاهيون، اچو ٺاهيون!

ڳولهي لهو... سنڌي شاعرن ڏانهن

سارٰ جي تار مان،
گيت گونجارٰ مان،
او پرين! پيار مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو!

جو ڪري ٿيون گهمن،
پدمڻيون ڪامڻيون،
هار سينگارٰ مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو!

بٰرپٰٽن، جنگلن، وستين، واهڻن،
هت ۽ هُت وڇايل گلن ۽ ڦلن،
۽ ڳچيءَ هار مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو.

جاتي ڇيريون وڄن،
لاڏليون ٿيون لُڏن،
تنهن چندٰن ٽارٰ مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو!

ڪا لڪل ڏات آهي؟
يا وري مات آهي؟
آر يا پار مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو!

ها، جٿي راحتون، چاهتون،
عزتون، عظمتون،
اهڙي آثار مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو!

ڀڙڪو کائي اُٿان،
چڻنگ ٿي ٿي جلان،
ٽانڊن يا ڇارٰ مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو!
مان ته گُل گُل جو رسُ،
مان ئي چاهت ۽ چٰسُ،
ماکيءَ لارٰ مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو!

آءٌ آشا اُها،
حٰقٰ جي جا صدا،
سچ سنسار مان.
مون کي ڳولهي لهو.
مون کي ڳولهي لهو!

اسان ناهيون شاعر

اسان ساڻ شامون ملهايون نه وينديون،
ڪڏهن محفلون پڻ سجايون نه وينديون،
اسان ڇو ته شاعر نه آهيون وڏا.
اسين گفتگو جا به ماهر نه آهيون وڏا،
اسان صرف مٽيءَ جي دز تي ته آهيون،
اسان آهيون رات جو ڪوئي اونداهو پهر،
ادب اجنبي آ اسان لاءِ شهر،
اسان جي نه سالگرهه،
اسان جي نه ورسي،
چون ٿا مڙئي آهيو شاعر حَوالِي!
مڃون ٿا
اسان ناهيون شاعر!
مڙئي لکندا آهيون،
۽ لفظن سان گڏ ويهي رتُ رُوئندا آهيون،
کلندا به آهيون
جيئندا به آهيون،
اسان لڙڪ پيئندا به آهيون،
اسان جون ته سڀ ڪوششون،
اجايون ئي وينديون،
اسان لئه ڪڏهن محفلون، ڪي سجايون نه وينديون،
اسان ساڻ شامون ملهايون نه وينديون ،
اسان ڇو ته شاعر نه آهيون وڏا!

رنگ نوان

روح ۾ رنگ نوان،
مون وٽ آهن ڍنگ نوان،
نازڪ جند جا،
انگ انگ نوان،
هيءُ نهارون ؟
۽ سلسلا سنگ نوان،
هو خماريل اکيون،
ريشمي ونگ نوان،
زندگي راز آ،
۽ ڦُٽا دڳ نوان،
آسمانن مٿي،
وٰلٰر ۽ وڳ نوان،
مون وٽ آهن ڍنگ نوان.
روح ۾ رنگ نوان.
سلسلا سنگ نوان....!!!
اباڻو ڳوٺ
اباڻو ڳوٺ عجيبن جو،
اباڻي هيءَ وستي جن جي،
لٽيو ويو وطن رقيبن جو،
ڦُري وئي زوريءَ ڇو ڌرتي؟
ازل کان هئي بستي جن جي.
ڪي ڪيئن لٽيا، ڪي ڪيئن لُٽيا،
ڪي ماريا ويا، ڪي لوڌيا ويا.
ڪيئن سولين تي به ته چاڙهيا ويا،
ڪي مقتل جو سينگار ٿيا،
عشق جو عجب اظهار ٿيا،
اڌ هت رهيا، اڌ هُت رهيا.
اڌ هندو ٿيا، اڌ مسلم ٿيا.
سنڌي ته ورهائجي يار! وٰيا!
اي وقت! تو ڪيڏا ڪيسٰ ڪيا!
سنڌ ظلم سهيا بس ظلم سهيا.
پنهنجي وطن ۾ جلاوطن!
هو ائين جيئا.
هو ڪيئن جيئا؟؟
سنڌين جون ڦٽڪا پٺيون ٿي ويون،
سٽڪا، سٽڪا گهٽيون ٿي ويون.
ڪربل، ڪربل، ڪاري رات!
ايڏي يار انڌاري رات؟؟؟
ڏور اڃا ڀي آ پرڀات،
هي سنڌ وطن صليبن جو،
لٽيو ويو وطن رقيبن جو،
اباڻو ڳوٺ عجيبن جو...!!!

نئون نظم

وائي کي وات ناهي،
نظم کي نڪ ناهي.

وائي ڪيئن ڳالهائي؟
نظم ڪيئن نٿ پائي؟

غزل ته غارِ لِڪٰ لڳي ٿو،
چوسٽو به چُڪ لڳي ٿو،
ٻه سٽو ڄڻ ٻُڪ لڳي ٿو.

غزل ٿو شرمائي،
چوسٽو ٿو چَورائي!
ٻه سٽو به پرڀائي.

نئون نظم

لاشعور ۾ گهڙي،
بي شعور ٿي ڪري،
شاعري ٿي ڪيان.

ڪجهه لڪائي جيبُ ۾،
ڪجهه ظاهري ٿي ڪيان.

ڏات بيوس،
بات بيوس،
جيت آڏان،
مات بيوس.

چنڊ ڇو اُڀري نٿو؟؟

هن انڌير نگري ۾،
او جيجل ماءُ،
هيءُ ته ٻڌاءِ؟
ستارو ڀاڳ جو ڇو نڪري نٿو؟
چنڊ ڇو اڀري نٿو؟

هٿ ڏيئي دٻائين ٿي،
ڇو اسان جي وات کي،
راڪاسن جي دوڏن کان،
ڇو ڪونه تون بچائين ٿي؟
رڳو راڳ ڏکن جو ڳائين ٿي،
امان.
ڪو گل ڇو نکري نٿو؟
چنڊ ڇو اڀري نٿو؟

تون همت ائين آن هاري ويٺي،
خواهشون گُهٽي ماري ويٺي،
بس، ڏيئن جان پاڻ ٻاري ويٺي،
تون آخر بغاوت ڇو ڪرين نٿي؟
هر نياڻي تو ڏي نهاري ويٺي،
تون آخر جرئت ڇو ڪرين نٿي؟
معاشرو تڏهن ته سڌري نٿو،
چنڊ تڏهن اڀري نٿو.

آزاديءَ جو ڪڏهن گهلندو واءُ؟
هيءُ ته ٻڌا او جيجل ماءُ؟
ستارو ڀاڳ جو ڇو نڪري نٿو؟
چنڊ ڇو اڀري نٿو...؟؟؟

دل هاڻي منهنجي نٿي لڳي

دنيا جي هن شور شغل ۾،
دل هاڻي منهنجي نٿي لڳي.

ڌرتيءَ کان دور وڃڻ ٿي چاهيان،
هڪ ننڍڙو سور سهڻ ٿي چاهيان،
مان ڊهي وري ٺهڻ ٿي چاهيان،
ڪوڙن جي ڪوڙي محفل ۾،
دل هاڻي منهنجي نٿي لڳي.

من پاڳل خاني جون چيخون،
رسمن جون اڳيان آهن شيخون،
سڀ ديوار ڀڃڻ ٿي چاهيان،
ها- هاڻي آڻ مڃڻ ٿي چاهيان،
پنهنجن جي هٿان مرڻ ٿي چاهيان،
خوابن جي ساڳي ڌُٻڻ ۾،
دل هاڻي منهنجي نٿي لڳي.

ٻي دنيا ڪاٿان آڻي ڏيو،
هيءَ دنيا وئي ٿي پراڻي آ،
فريب تي ٻڌل ڪهاڻي آ،
ڪا نوري اڄ به نماڻي آ.

هو، ساڳي سنڌ سڄڻ ٿي چاهيان،
جند پنهنجي ڏانهن ورڻ ٿي چاهيان،
يارو! مان جيئڻ ٿي چاهيان.

چوڙين جي ڇڻ ڇڻ ڇڻڪي ۾،
دل هاڻي منهنجي نٿي لڳي.
دل هاڻي منهنجي نٿي لڳي.

شعور

آيو آ شعور عوام ۾،
هاڻي ڇا ٿيندو؟؟؟
وڏيرا ويهي اوطاق ۾،
واڇون پيا ڇڪين.
ڀٰري ڀٰري جام پي،
ڏکڙا پيا ڏورين،
کڻي وڏا- ٿڌا ساهه،
سور پيا اورين.

واڇون پيا ڇڪين،
ڪري اکيون ڪَرڙيون،
ڇا مان ڇا پيا سوچين،
چون پيا هڪ ٻئي کي،
هاڻي ڇا ٿيندو؟؟؟
آيو آ شعور عوام ۾.

الاءِ ته ڇو؟؟؟
سوار ناهي،
سڌار ناهي،
الاءِ ته ڇو؟
زندگي آهي بيٺل صدين کان،
بدلجيو هتي ڪو وهنوار ناهي.

جذبن سان راند آ جاري،
اکين ۾ سچائيءَ جو سينگارناهي،
چرين وانگي ٻاٿون پيا ٿا کائون،
ٽٽل انقلابي اوزار آهي.

تمنا مڙئي بس تمنا رهي آ،
اسان کان ڦري وئي اسان جي وهي آ.
طبيعت ۾ وحشت،
نظرن ۾ دهشت،
درندگيءَ جي بس اُلار آهي.
پڄريل ڌرتي پڇي ٿي اسان کان،
ڇو توهان وٽ تمدن جو مينار ناهي؟

اسين ديس واسي،
اهي ئي ڌڪن ۾،
پڇو ديس جي ڪونپل ڪلين کان،
الاءِ ته ڇو؟
زندگي آهي بيٺل.
صدين کان.

سَڳو

سڳو آهي مون وٽ،
سُئي آ پرينءَ ڏي،
سبجن به ڪيئن؟
هيءَ جدائي جا رستا.
ٻڌو آسمانو.
ٻڌو سر زمينون !
کسيا ويا اسان کان،
خدائي جا رستا.
سبجن به ڪيئن ؟
جدائي جا رستا...!

زخمي

هر ڪا آس اسان جي زخمي،
موتيو ۽ مهراڻ به زخمي،
سورٺ ڇا سرهاڻ به زخمي،
ٿيو آ سڄو مانڊاڻ به زخمي،
ڪنهن اديب جي ڄاڻ به زخمي،
تخليق سڄيءَ جو روح ٿيو زخمي،
ڄڻ لفظن جو انبوهه به زخمي،
ڏات به زخمي ڏانءُ به زخمي،
بڙ جي وڻ جي ڇانءَ به زخمي،
خيال زخمي جمال زخمي،
ٿي ويا ڪيڏا ”ڪمال“ زخمي،
تون وڇڙئين سڀ مثال زخمي،
هيءَ به زخمي هو به زخمي،
ماڻهو ڪو مهان زخمي،
ٿيو ڄڻ جڳ جهان به زخمي،
ڌرتي ڇا آسمان زخمي،
جيئن ڪربل جو ميدان هو زخمي،
ڪنهن ساميءَ جو گيان به زخمي،
مسافر جو عارضي آستان به زخمي،
جيءَ به زخمي، جان به زخمي،
زيان به زخمي، ڌيان به زخمي،
هرڪو هت مهمان به زخمي،
آشا ڇا نراشا زخمي،
ماريل سڀ هت لاشا زخمي،
هاءِ يار اسان هون زخمي،
هٿ ته ڇا پر ٻانهون زخمي،
موٽي آيل آهون زخمي،
ڇانئون زخمي، دانهون زخمي،
ڪنهن ڳڀروءَ جون مائون زخمي.
هر ڪا آس اسان جي زخمي،
هر ڪا پياس هتان جي زخمي.

درد !

ستي جاڳندي ڀوڳيون درد ٿا
اڃا رات نانگڻ جيان ٿي ڏنگي
اڃا آهي محبت اها ئي اسان وٽ
اڃا راهه جا ور وڪڙ سڀ سٺا ٿا لڳن
اڃا سڀ مسافر مٺا ٿا لڳن.

اڃا اوپرا آهيون هن ديس ۾
اڃا تون رهين يار پرديس ۾
اڃا تو وٽ احساس ڪو ئي نه آ
اڃا ڀروسو توکي مون تي ٿيو ئي نه آ؟

هي هڪ طرفي محبت ڪيڏانهن ڪيان؟
اڃا مان رئان ٿي
اڃا ڏس لڇان ٿي
۽ هر واٽ ويندڙ کان
تنهنجو پڇان ٿي
ڪيون نانءُ تنهنجو سڄڻ ورد ٿا
ستي جاڳندي ڀوڳيون درد ٿا
اڃا....
رات نانگڻ جيان ٿي ڏنگي...!!!

چوسٽا، ٻه سٽا، ڏيڍ سٽا، ٽيڙو، پنجڪڙا

---

چوسٽا

تون ڇا وڙهندين ڀوڪ،
ڊڄڻو آهين ڊوڪ،
هل هاڻي هل هتان،
سانڊي جهڙي ڦوڪ.
*

ڪانئر! ڪڍي نه ڇڏيائين اک،
تون سگريٽ جي آن رک،
مان هان طوفان تيز ڌار.
منهنجي سامهون بيهندو ناهي ڪک.
*

ڪهڙو ڀلا فائدو؟
رولي پو لڌئي،
هل ڀلا ٺيڪ ٿيو،
ڳولي ته لڌئي.
*

ڪيڏا درد کنيا مون،
عشق جي راهه جو راهي ٿي،
محبت جي بارڊر تي بيٺس،
الاءِ ڪنهن جو سپاهي ٿي.
*
منهنجا گيت هوائن جهڙا،
بڙ جي ٿڌڙين ڇانئن جهڙا،
جي مسافر ڀٽڪيا آهن،
تن سان روشن راهن جهڙا.
*

هن منهنجي ڌرتي تي،
تون رت جي راند کيڏي نٿو سگهين،
گهڻو ٿيو هاڻ ڇڏ کڻي،
ڊيگهه ڪري ايڏي نٿو سگهين.
*

يا خدا! توفيق تون عطا ڪر،
نئين تقدير ٺاهيون ڪا،
نه ڊهي ڪنهن ساڙ سڙئي کان،
اهڙي تصوير ٺاهيون ڪا.
*

سنڌو تنهنجي سينڌ،
ڇو واريءَ سان آ ڍڪجي وئي،
ڇا پنهنجن هٿان هي،
سنڌ سڄي آ وڪجي وئي.
*
ڪري نه سگهون ٿا ڪجهه،
پنهنجا ڇو سڏايو ٿا؟
ذات جي چادر ۾ ويڙهجي،
مخدوميءَ ٿي پڏايو ٿا.
*

هي ٿي رات مون هرکائي،
ته شعر نوان ٺاهيان،
ڪوٽ وڏا ڪيرائي ٿي،
جيئن مان انقلاب آڻيان.
*

اکر جوڙي اونداهيون ٽوڙي،
خون جگر مان قلم کي ٻوڙي،
مان آڻي سگهان ٿي انقلاب،
سچائي جا جهنڊا کوڙي.
*

جي مرندا هئا اسان جي لئه،
سي سنگتي سڀ ڇڏي ويا،
ڏئي ويڙهو ڏکن جو ويڪرو،
ساٿي يار لڏي ويا.
*
سرهاڻ اچي ٿي سينڌ مان،
مهراڻ جي سهڻين موجن مان،
حب سنڌ جي ڪڍي نه سگهندين،
اسان سنڌين جي سوچن مان.
*

توکي قتل ڪندي ڪجهه ڪين ٿيو،
هٿيار به مون لئه روئن ٿا،
ڌرتي ته گواهي ڏيندي يار،
ڪو مقتل گاهه کي ڌوئن ٿا.
*

لکندو راهه او ڪوهيارل!
ڦڙي ڦڙي مان تلاءُ ٿيندو،
وستي وستي تنهنجون ڳالهيون،
ڳلي ڳلي مان هڳاءُ ايندو.
*

نه رهي آ آس روشنائين جي،
رات ڊگهي آهي تنهائين جي،
نه پئي ٿئي اڃا ڀي خبر ڇا؟
جيون جي جدائين جي.
*
مُڙي نهاريم جو پوئتي،
جهومي پيو جهونو وڻ،
ويجهو وڃي جو پير چميم،
چيائين “هي دعائون کڻ”.
*

لِک اهڙو جو تسلسل نه ٽٽي،
اکر اکر مان ڪنول نئون ڦُٽي،
چڪيل چاڪ آهن جيڪي ڀي،
هر زخم هڪ هڪ ٿي ڇُٽي.
*
ڪِرن ٿا هن جي لاش مان،
اڄ به تازا رت ڦُڙا،
تو نه هن سان وڙ ڪيو،
پيپلا ! بي وڙا.
(27 ڊسمبر تي لکيل محترم بينظير ڀٽو)

قاتل، ڪارا ڪانئر !
هت بيهه جواب ڏي،
هيڏي وڏي خون جو،
حساب ڏي، حساب ڏي.
(محترم بينظير ڀٽو جي شهادت جي مناسبت سان)

تو ماڻي آهي امرتا،
سنڌڙي جا فرزند!
نه ويندا هي اجايا،
تنهنجا ڳايل پنڌ.
(17 ڊسمبر سرمد سنڌي جي ورسي تي لکيل)

*
شام رنگين، شام دلڪش،
شام آ تنهنجي اکين جهڙي،
سنڌو ۾ لهندڙ هوءَ لهر،
گلفام آ تنهنجي اکين جهڙي.

*
هليو وڃ هتان، هليو وڃ،
تنهائين ۾ خلل نه وجهه!
سِٽون هي سدا جيئنديون،
عزرائيل هنن ۾ اجل نه وجهه.

*
مٿان ٿي ڪرنديون هڪ ڏينهن،
ڪچيون رسمن جون ديوارون،
الاهي اڳتي نڪري هلبو،
پيا ڏين سڀ ميارون.
هن دنيا جي جنت مان،
ڌُريان ڌڪاريل آهيون يار،
پڙهي ڊسٽ بن ۾ اڇلايل،
ورق وساريل آهيون يار.

*
آڱر نه کڻ سنڌ تي،
چيري نه وجهان لوڻ،
وات ڪنو بند رک،
آڀاڻيل او ڳوڻ!

*
ٿورو ڀي احساس نه ٿئي؟
تو ۾ ايڏي خود غرضي،
هر ڳالهه تي نه نه ڪندو وتين،
رڳو هلي ٿي تنهنجي مرضي.

*
ڦُر نه ائين ڪتاب مون کان،
مون کي ٿورو سِکڻ ڏي،
بتيءَ کي نه وسائج سهڻا،
آخري سِٽ لکڻ ڏي!
*
تنهنجو ڏسجي ٿو مُک،
اندر منهنجو آئينو آ،
دل تنهنجي آ يار سڄي،
منهنجو بس هي سينو آ.

*
ڌارين کي ڪهڙي ڌوڙ وجهئون؟
پنهنجا ئي غدار هتي،
ڪن نٿا ڪجهه سنڌ لاءِ،
ڪوڙا سڀ ڪنڌار هتي.

*
ڌارين جو ته منهن ڪارو آ،
پنهنجا به ته چپ ۾ ويٺا هِن،
حق کسي وٺڻ نه سکيا،
اونداهي گهُپ ۾ ويٺا هِن.

*
وطن پرستيءَ جي ڌاڳن کي،
هڪ هڪ ڪري ڇنن ٿا پيا،
هو ڏس! روڊ ڪنارن تي،
سنڌي ٻار پنن ٿا پيا.
*
سِڪ به ڪيڏي سڪ آ توکي،
لِڪ به ڪيڏي ٿئي،
رُڪ به روڪي ٿو سگهين،
ڇڪ به ڪيڏي ٿئي.
*

توسان محبت ننڊ ۾ ٿي هئي،
الاءِ ته جاڳ جو قصو هيو،
سڦلتا نه ٿي سگهي تنهن ۾،
اجڙيل ڪنهن ماڳ جو قصو هيو.
*

ٻيجل رهيو ناهي ته ڇا ٿي پيو،
چنگ تون ڇيڙي نٿو سگهين؟
ڪِريا خواب گلن جان آهن،
تن کي هاڻ ميڙي نٿو سگهين؟
*

چيري ڳاڙهو ڪري ڇڏيائون،
روپ منهنجو درد جي تلوار ٿيو،
هر دور ۾ يسوع جيان،
آهيان صليبن جو سينگار ٿيو.
*
لڳا هئا داغ دل تي جي،
ڌوئي نٿو سگهين،
انڌن اڳيان او يار تون!
روئي نٿو سگهين.
*

واٽ جو مسافر واٽ تي ماري ويا،
راهه ويندڙ نينگريءَ تي تيزاب هاري ويا،
گهرائي گهر ذليل ڪيائون،
وجود هي پاڻي لوڻ جان ڳاري ويا.
*

نه پڇندو ڪر زندگي جو فلسفو،
گذري پيو پيارو اونهارو سُور ۾،
دنيا ۾ ڪيئن ڀلا پورا خواب ٿين؟
اٽڪي جو پيا جنت جي حور ۾.
*

ائين اڪيلو مون کي ڇڏي،
ڏور تون ويندو نه ڪر،
ايترو جي وڃڻ جو شوق ٿي،
موٽي وري ايندو نه ڪر.
*
مئا ناهن دودا يار،
جيئن سنڌ جو اعلان ٿو جيئي،
ورهن کان غلامي منجهه،
اڃا ٿو انسان جيئي.
*

کيڏي مون کي هارائي وئي،
محبت منهنجي دوڌاري،
پوءِ به ته ڏس ساري جڳ ۾،
ٿي آ ڪيڏي سوڀاري.
*

ڪجهه ته ڳالهاءِ دوست!
ايتري چپ سُٺي ناهي،
نٿي وڻئي ڀلا ڇو؟
ڇا چانهن اڄ مٺي ناهي؟
*

سنڌ کان شروع ٿي، سنڌ تي ختم آ،
سوچ منهنجي اهڙي صنم آ،
جيئڻ به هتي ۽ مرڻ ڀي هتي،
سنڌ تان قربان هر هڪ جنم آ.
*
قسمت پنهنجي آزمائي ڏسون ٿا،
اوهان کي پنهنجي گهر گهرائي ڏسون ٿا،
هن شهرِ محبت جي بازار ۾،
پنهنجو پاڻ کي وري ڦُرائي ڏسون ٿا.
*

نگري نگري وستي وستي،
تڙپي ٿي هي منهنجي هستي،
بي حس هن سماج وارا،
دل وڪڻن ٿا ڪيڏي سستي.
*

جيون جي هن رستي تي،
کوڙا پيارا وڇڙيا هن،
منهنجي دل جي ويجها ماڻهو،
سڀ دل وارا وچڙيا هن.
*

ٿيو جو قهر ڪلاچ ۾ تنهن تي،
آڪاش لڙڪ لاڙي ٿو،
استادن کي ڪيئن گهليو ويو آ،
وشواس لڙڪ لاڙي ٿو.
(ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن جي بي حرمتي ڪئي وئي.)
سنڌ! تنهنجي ڪاڪ محل ۾،
هاڻ ڪو به نه راڻو ايندو بس،
سچي آزادي ڏيارڻ جو،
ڪو به نه هاڻي ڏيندو ڏَس.
*

منزل ڪين کپي مون کي،
رستو مون کي موٽائي ڏيو،
زوري مون کان کسيو ويو جو،
بستو مون کي موٽائي ڏيو.
*

ڌڙا ڌڙا ٿيا آهيو،
اڃا به گهڻا ٿيندئو،
نيٺ ٿيو منتشر،
ڪڻا ڪڻا ٿيندئو.
(ايم ڪيو ايم، پي ايس پي)
*
سنڌ جي وحدت تي وار،
ڪيڏو ته مهانگو پيو ٿو،
هاڻ پئي ٿو خبر،
جڏ ڊينگر ڍانگو ٿيو ٿو.
(ايم ڪيو ايم)
گل ويا ڪومائجي،
مکڙيون ويون مرجهائجي،
*ڄام ساقي سڄڻ وڇڙي ويو،
روح ويو هي گهائجي.
(* سائين ڄام ساقي جي وفات تي لکيل)
*

تنهنجي پيرن وٽان مٽي کڻي،
ڳوڙهن سان مون آلي ڪئي آ،
توکان پوءِ اي *تنوير سائين!
سنڌ سڄي ڄڻ خالي پئي آ.
(* سائين تنوير عباسي جي ياد ۾ لکيل)
*

هنن کي وٺي اچو يا هُنن کي وٺي اچو،
ماڻهن کي وٺي اچو ڀلي جنن کي وٺي اچو،
ڪرڻو آهي جيڪو سو ته مان ڪنديس،
سڄي ملڪ جي ڀلي مُلن کي وٺي اچو.
*
غدار! تنهنجون ٽيڏيون اکيون،
تون ته ڪن ڪُرو آهين،
تنهنجي سڃاڻپ ڪوڙي آ،
سُوئر جي پير جو مُرو آهين.
باک جي مند ۾،
روشنايون نه آهن،
عشق جي پنڌ ۾،
سيکلايون ته آهن.
*

ڌرتي جي سرپرستي واري،
ڪرسي هنن سَکڻي ڇڏي آ،
جديد وقت ٿو پڇي مون کان،
ڇا غيرت سنڌين وڪڻي ڇڏي آ.؟
*

سنڌ ديش جي خاطر يار،
مرڻ اسان کي قبول آهي،
زبان ڏئي ڦِري وڃون،
اهو اسان جو اصول ناهي.
*

نئين ڪونپل ٻج جان نسري سگهون ٿا،
اسان نه تاريخن مان وسري سگهون ٿا،
هڪ رڙ سان ڏسج انقلاب ايندو،
ڌرتيءَ تي سج جان اُڀري سگهون ٿا.
*
تارخ جي تارن مان،
نڪري نروار ٿيندس،
تاريخون لکجنديون،
امر ڪو پيار ٿيندس.
*

ڀڳل چوڙيءَ جو رَهڙ ڏئي،
ٻانهن وڍي وڌي ٿم،
آرام سان هر خواهش،
ائين گهُٽي ڇڏي ٿم.
*

گاري مان جي گل ٺهن ها،
پٿر موتي پو سڏجن ها،
حق اڪيلو وٺي سگهجي ها،
ماڻهو ڇو پو گڏ ٿين ها؟
*

کولي چپ حق ڇن!
ماٺ سان ڪجهه ٿيندو به ناهي،
ڀلي کٽ ڪانئر ڪارا،
مات سان ڪجهه ٿيندو به ناهي.
*
نهارين نٿو مون کي،
ڇو ته وڻڻ جي ڳالهه آ،
هوا... ڏس پنن کي،
رڳي ڇڻڻ جي ڳالهه آ.
*

ليلائيندي هُن کي چيم،
ڪجهه ته دل ۾ غم رک،
چيائين اکيون ڪرڙيون ڪري،
چپ پنهنجي ڪم سان ڪم رک.
*

مان خزان جي پنن مان جان پيلو لڳان،
تون آڪاش جي اکين جان نيرو لڳين،
سوين چنڊ ڌرتي تي لهي ڀلي اچن،
تون سمورن جي وچ ۾ ٿو هيرو لڳين.
*
شرابي اکيون
ٿئي،
نماڻا هي نيڻ تنهنجا،
اياڻا لڳن ٿا،
سياڻا هي نيڻ تنهنجا.
*
شهيد ٿيل خواب،
وک وک ٿي عذاب،
زهر نٿو ملي ته ڇا،
پيئون پيا شراب.
*

اي ڪاش! ڪڏهن روبرو اظهار جو موقعو ملي،
توسان ڪريان بي حد پيار جو موقعو ملي،
کٽيل کيل هارائي وڃان تنهنجي لاءِ،
تنهنجي مد مقابل هار جو موقعو ملي.
*

پارس سنهيو سِٽن کي،
قلم، ڪاڳر ٻئي سون ٿي ويا،
لفظن جو تخيل سمنڊن به سمجهيو،
علم، ساگر ٻئي سون ٿي ويا.
*

سِٽون سهائي رات جهڙيون،
اوچي اجائي ذات جهڙيون،
ٿورو چنڊ باقي اوندهه،
مڙئي سڙئي جذبات جهڙيون.
*
شعر ته مُنڊي تي ٽڪ جهڙو،
سهڻي سڄڻ جي سِڪ جهڙو،
هر قدم نئون اُتساهه،
حوصلي سندي وک جهڙو.
*

صحت لئه ننڊ ضروري آ،
جيئڻ لئه سنڌ ضروري آ،
سنڌ نٿي جي محبوبه،
حياتي پو اڻپوري آ.
*

سجوڙ (ٻه سٽا)

شيخ اياز کي ڀيٽا !

مون پاڻ ڏٺو پنهنجي اکين سان،
اياز موٽي آيو آ.
*
اڃا به ڏس اڃا به ڏس،
اياز لکي رهيو آهي.
*
موت به مات کائي ويو،
اياز جي هٿان.
*
جديد شاعري جي کوکلي جسم ۾،
اياز روح آ ڦوڪيو.
*
هن صدين لاءِ لکيو هو،
هو صدين تائين رهندو.
*
اياز جي ته هنج ۾،
سُڪون آهي ڪيڏو.
*
تو جي ڇڏيا نقش پيرن جا.
اسان انهن تي ئي هلون پيا.
*
نئين بلندي ڏني هن اسان کي،
اياز پرهه آ سنڌ جو.
*
بي رُخي نظرن سان چوٽ ٿي مون کي لڳي،
تنهنجي نيت ۾ کوٽ ٿي مون کي لڳي.
*
کوٽي پٿر مون هيرا ڪڍي وتا،
هن سماج مان انڌيرا ڪڍي وتا.
*
رت هاڻو هن جو جسم،
ڪفن ۾ ويڙهيل پيو آ.
*
ڪري مُهڙ سنڌ ڏي، پڙهان ٿي نماز،
ڌرتي آهي منهنجو ڪعبو، قبلو.
*
اِها آڪڙ هاڻي ڇڏي ڀي ڏيو،
اچو گڏجي مسئلن کي حل ڪيون.
*
چون ٿا محبت ڪرڻ اچئي ئي نٿي،
چيم محبت ڪرڻ لئه به اسڪول کوليون!؟
*
گهُٽ ٻوسٽ ته ڏسو هوا به ناهي،
تتل دل جي ڪنهن وٽ دوا ناهي.
رات جي پيرن ۾ ڪنهن ڇير آ ٻڌي ڇڏي،
ديس ڌڻين جي دلين ۾ ڪنهن مير آ وجهي ڇڏي.
*
خبر نه هئي محبت موٽ کائيندي،
عجيبن کان الفت چوٽ کائيندي.
*
ڏئي ڪي دڙڪا اچو راهه روڪيو،
ڏسون ٿا اسان به ته ڪيئن ٿا ٽوڪيو.؟
*
لکڻ به آ هڪ لُوڙ،
هجي سانت ۾ ڄڻ گوڙ.
*
ٿي وئي سگريٽ جي ڇار،
محبت لڳي ڪچي گار.
*
زندگي ڪار جيان گذري وئي،
مان اڏامان ڌوڙ وانگر.
*
سِٽون پڙهي آليون ڪري اکيون،
اي ڪاش! ڪو هجي احساس وارو؟
*
ڏسي حال ديس جو اٿن نٿا،
سي مرد آهن *خواجا سرا.
خبر ناهي ڇا ٿو پيو ڪيرائي؟
“ڪو ته آهي” دل پيو چورائي.
*
شاعرو! ڪيو هي قبول،
خالي سٽون ناهي سٽون آهن.
*
پڙهي ته ڏسو لفظ منهنجا،
دل ۾ پاڻهين لهي ويندوَ.
*
انڌاري واٽ کٽڻي آ،
ڪاميابي اوس اچڻي آ.
*
الاريون گل، رڙيون ٿي ويون،
اسان لاءِ هي قاتل گهڙيون ٿي ويون.
*
اوجاڳا اکيون اديب خون،
وري جاڳي لکيو اٿائين شايد.
*
ساڳي ڳالهه وري وري ٿا ورجائن،
ماڻهو ۽ ڪتا هڪجهڙو ٿا ڳالهائن.
*
ڳوٺ سڄو سُتل آهي،
رستو اڪيلو جاڳي ٿو.
گل ويا ڪومائجي،
پرهه ڪا ڳولهي اچو.
*
مان ڀلجي پوان ٿي اڪثر،
چنڊ به تو جهڙو ٿو لڳي.
*
ٿا پکي اڏرن آڪاش تي،
ڪاش مان تن جي هجان.
*
وطن آزاد ڪرائڻ وارا،
تڏهن ئي وطن وڪڻي ويا.
(1947ع)
*
ڌوڙ مٽي ٿي ويا خواب سارا،
تو ڏانهن رهيل حساب سارا.
*
پري تائين پڪارون ٻڌجن ٿيون مون کي،
هتي آهن بهارون ڏسجن ٿيون مون کي.
*
ننڍڙي بکئي ٻار سان گڏ،
ڪالهه فوٽ پاٿ روئي هو ڏنو.
*

ڪاڳر تي لکان جڏ “سنڌ”،
قلم به سجدا ٿو ڪري.
*
هيڏانهن “سنڌ” هوڏانهن “تون”،
پري ... ته مان “سنڌ” کڻان.
*
ڀتيون نه ٽٽنديون رواج نه ٽٽندا،
مشڪل رستا ڪڏهن نه کٽندا.
*
ڪر ڀلي اکيون بند،
سج پوءِ به اڀرندو.
*
تون نٿو سمجهين سگهين،
رمزون منهنجي راڳ جون.
*
ڏٺم جنت جي ڀتين تي،
شاهه سائين جون آيتون.
*
وري بهارون رنگا رنگي،
ياد آيو وڇوڙو صادق جو.
(صادق فقير جي ورسي تي لکيل)
*

ڪينجهر چمي پيو کاڏي،
شام جي سج جي.
*
وڃي ٿي نظر منهنجي ڏور تائين،
تون ته ناهين ير دور تائين.
*
فيبروريءَ ۾ “سوز” به وڇڙيو سُر به وڇڙيو،
آهن بهارون درد جهڙيون.
(سوز هالائي، صادق فقير)
*
ملي ٿي هر شيءَ ورثي ۾،
ائين سنڌ اسان جو ورثو آ.
*
چوريءَ چوريءَ رنگ هڻي وڻين،
من ته منهنجو هوليءَ جهڙو.
*
ڄاتل سُڃاتل شهر ۾،
سڃاڻپ وڃائجي وئي.
*
ڪولهڻ! تنهنجو ڪچو خراب،
پائي ڪيئن هان ساڀيان؟؟
*

جيجل! هتي ساهي ڪيئن پٽيان؟
هتي مان محفوّظ ناهيان.
*
صحرائن ۾ سرد راتيون،
گهارڻ چاهيان ٿي.
*
موهن جي جهوليءَ ۾ رکي مٿو،
ڪا ته سمبارا روئي پئي.
*
تصوير ٺاهيم دونهين ۾،
ڊهي وئي ڊهي وئي.
*
هليو ويو انقلابي مسافر،
پٿر به سنڌ جا روئي پيا.
(ڄام ساقي)
*
منهنجا خواب خدا،
ساڀيان ٿا گهرن.
*
هڪ وڏي قرب مان،
گذر ٿو منهنجو ٿئي.
*

اکين جي روشنائي گهٽجي وئي،
اچو خواب ٻاري کڻي اچو.
*
ڌرتي ڏنو ٿم ڪيڏو درد،
هلو آسمانن تي هلون.
*
ڪير سمجهي هن شعور کي؟
ڳوٺ سڄو آ اڻپڙهيل.
*
نه وڃجان ڪڏهن هن واٽ تان،
هتي پيئڻ بلا ٿي رهي.
*
اسان ته ڏڪي ٿا وڃون،
ڌاڙ، گهوڙا ايڏي نه ڪر.
*
ٻاهر بم ڦاٽو آ،
اندر ٻار ڊڄن ٿا پيا.
*
ڪنهن ماءُ نه ڄڻيو آ اهڙو پٽ،
جو مون کي روڪي سگهي.
*
تون بس پنهنجو ڪم ڪر،
ڪتا پيا اهي ڀونڪندا.
قلم منهنجو تلوار آ،
کوڙن جا ڪنڌ لاهيندو!
*
تون به ٿو مون کي جهلين !؟
مڙڻ جي ته مان به ناهيان.
*
مان جٿي ڀي ٿي وڃان،
گلزار گهر ٿي وڃي ٿو.
*
وات ڦاڙي کوڙ واڳون،
اڃا به هت ويٺا هَن.
*
همت اگر به هاري وڃان،
حوصلو ضرور ڏيارجو.
*
وڏي مشڪل سان گذري وقت ٿو،
وقت به ڄڻ زندگي بيواهه جي.
*
هن بهار جي هوليءَ ۾،
درد آهي ڄاتم جو.
*
جاڳ ۾ ته ڪو چيٽ نه آ،
پر سپنا آهن هوليءَ جهڙا.
ٻاهر هوا بهار جي،
اندر ساڳي گهُٽ.
*
کوڙ قاتل پويان آهن،
تڏهن مان روپوش هان.
*
تون ڀلي پيو رات ڀانءِ،
مان پرهه هان باک هان.
*
آزاد هان هوا جيان،
قيد تون وري ته ڏس!
*
مايوسي پري ڪري وحدت پائي گهم،
ادعوني استجب لڪم.
*
جيئري ته لوڙيندين،
مري به توکي مزو نه ايندو.
*
تون ڇڏيندي ڀڙوت ڪرڻ وڏيري جي،
تبديلي پوءِ ئي ايندي.
*
گيت جي سرجيان ٿي ويهي سانت ۾،
هي پڙاڏا سڏ ٿي گونجي پوندا.
تون به منهنجي ماٺ کي نه ٽوڙي سگهين؟
اڙي عزرائيل! توکي ڀلا مان ڇا چوان؟
*
گمنام مسافر جو جنازو ٿو وڃي،
او ڏات ڌڻي، اچ ڇٽ ڦول ٻٽي.
*
ڇڳل کٽ تي سُمهين،
ڪو خواب ٿو نوان ڏسي.
*
صبح جو ويهي سوچي پئي،
رات واري خواب تي.
*
دل جي ڪا تار ڳنڍيل آ تنهنجي نيڻن سان،
نهارين ته ٿرٿلو مچي ٿو وڃي.
*
مڃتا ٿو گهري،
آڱرين جو پورهيو.
*
عشق ذري گهٽ ڪافر ڪري ڇڏيو آ،
خدا به توکان پوءِ ٿو ياد اچي مون کي.
*
حد آ ديانتداري جي،
توکان پوءِ ڪير وڻي ئي نٿو.
اي اديب تنهنجي وڃڻ کان پوءِ،
ڌوڙ ٿي ويا هن ڪتاب سارا.
*
چٽو ته ڪجهه به ڏسجي نٿو،
وقت جي منهن تي ڌوڙ آهي لڳل.
*
دل جڏهن به ڌڙڪي ٿي،
مان ڌرتي لاءِ ٿي سوچيان.
*
تخليق جو روح ٻوساٽجي پيو ٿو،
سٽون هي منهنجون ڇپجڻ ٿيون چاهين.
*
شاعر جي ارمانن جو قتل ٿيو آ،
پنن تي تڏهن رت هاريو پيو آ.
*
شان مان سان لاش منهنجو،
ڏسو وڃي پيو سنڌ جي گهٽين مان.
*
سٽن جي رسامي کي گهڻا ڏينهن ٿيا هن،
ذات جو رشتو به ڀلجي وئي هان.

ڏيڍ سٽا

ڪنهن کي هُئي سُڌ،
سنڌ کي ورهائڻ وارا، پاڻ ۾ ٿيندا ٻه اڌ.
(ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي)
*
درد چِڪن ٿا،
نيڻن جي پو ڪڪرن ۾، هو ته لڪن ٿا.
*
بابا مون کي پڙهڻو آ،
پنهنجي پيرن تي بيهي، انائن سان وڙهڻو آ.
*
تون ته نه مون کي روڪ!
ڪنا، ڊڄڻا گدڙ، آهين ته صفا ڪو ڀُوڪ.
*
مون وٽ آهي ساک،
ٿيندو نئون سوجهرو، ڦُٽندي ڪا ته باک.
*
ويٺو هوس ٻني تي،
سور سُري آيا، دل جي ڇني تي.
*
فقط هڪڙو آ سوداءُ،
اکرن ۾ سچ هجي، ڪيان نه ڪو وڌاءُ.
*

ڪيو هن مڙئي ماڻو،
رُٺو اٿس سچ ۾، مومل کان راڻو.
*
موهيو تو موهن،
سهڻين اکين وارا، او منهنجا ساجن.
*
جهوريل هڪ نهار،
الئه ته ڪنهن لاءِ اڇا ٿي ويس وار.
*
صدين پڄاڻان کوليم ڊائري،
نڪتي هڪ تصوير، ڇوڪري لڳي وائڙي.
*
بابا تون ڇپر ۽ ڇانوَ،
لهين تون لانوَ، سدا خوشين سان پيو.
*
اکين ۾ شام ٽڪيل اٿس،
چنڊ اُڌاري ورتي آ، دلبر کان روشني.
*
تو جيئن به چاهيو،
هن مهل تائين مون توسان نڀايو.
*
اولهه ۾ سج لهي ويو،
وڇوڙي منهن ۾، مسافر ڪالهه مري ويو.
رات ڳائي ڏينهن چپ ۾،
گم ٿي وياسين اونداهي گهُپ ۾.
*
سپنا اڻپورا رهن ٿا،
لکڻ کان پو به ڪيڏا، اڌورا رهن ٿا.
*
اکيون هن عجيب،
ڪڏهن وسائن تير، ڪڏهن لڳن غريب.
*
مصور! ڪنهن کي ٿو چاهين؟
ايڏي پيار منجهان، جو تصوير پيو ٺاهين.
*
مان اياز ڏسان ٿي پئي،
سنڌ جي مستقبل جو، ڪو راز پسان ٿي پئي.
*
تون ويٺو آن ائين ڀورل!
ٽالهيءَ وڻ تي، ڄڻ ويٺي آ ڪوئل.
*
مان ڪيئن ڇڻي آهيان،
ايڏي پيڙاءُ کان پوءِ به، توکي نه وڻي آهيان.
*
مان ڪا نه بچي آهيان،
ڄڻ ته پاڻي بنا، ڪا مئل مڇي آهيان.
اکين ڏٺي رُڃ ئي رُڃ،
روح سڄو صحرا، بس اُڃ ئي اڃ.
*
تون ڳنڍ نه ڇوڙي وڃ،
هي پريت سندو پيارا، منڊ نه ٽوڙي وڃ.
*
هي رات اڀاڳي آ،
چوڻ سان به نه ٿي مُڙي، ڇا ياد نڀاڳي آ؟

ٽيڙو

گرانٺن چانڊوڪي جن سان،
چنڊ ٿو ماپي گهٽيون،
چنڊ چريو آ مون جيان!
*
رهي پئي آ رات،
باک بکي ناهي اڃا،
چوڏس چُپُ چپات.
*
حويليءَ ۾ رات،
گونگا ڳوڙها ٿي ڳڙيا،
رڳو آ سڪرات.
*
حويليءَ سڄي سنسان،
آهون ۽ دانهون،
هر ڪا هت ويران.
*
پيڙاءُ پيڙاءُ ساهه،
حويليءَ ۾ مون ڏٺا،
زخمي ڪيئي چاهه.
*
اسان جون آهون،
ڪوٽن ۾ رهجي ويون،
ڪنواريون ٻانهون.
حويليءَ ۾ عذاب،
ڌرتيءَ جا خدا هتي،
وٺن ٿا حساب.
*
ماريو ماري زال،
پاڙي مان ڪيهون ٿيون،
ڪير پڇيس ته حال؟
*
پوپٽ چوسي رَسُ،
جيئن گلن مان مٺي،
تو مان چوسيان چَسُ.
*
ڪو به نه منهنجو ٿاڪ،
راهه نه ڪا منزل سندم،
مان راتين جو رولاڪ!
*
لڙڪ کپي ويا بچيو رَتُ،
ٿڪجي پئي آهيان،
ڪونهي مون ۾ سَتُ.
*
رات، شراب ۽ مان،
ياد، ياد ، ياد،
حشر، حساب ۽ مان.
رت ۾ ڳاڙها لال،
ارمانن جا لاشا،
ڪانڌي رنج ملال.
*
ڏي نه اسان کي گار،
ديس دروهي ناهيون،
مارڻو ٿئي کڻي مار!
*
رات
تنهنجي يادن جو،
ثابت ٿي آ ڪات.
*
رول...!
رلي رلي ڪڏهن،
مون کي ته اچي ڳول!
*
وئي هان رشتيدارن کان ڪٽجي،
لکندي وڃي ٿو ڏينهن گذري،
وئي هان اڌ ته مان وڍجي.
*
اڄ وري رات،
چمڙا ڳالهائيندا،
باقي چُپ چپات.
تون ئي هن جي ڏور،
منهنجو من لاٽون،
تون ئي دل جو چور.
*
پرهه ڏاڍي آ ڏُور،
رات ڀاري ٿي لڳي،
سُور ٿيو ناسُور.
*
کائن سَٽ پٽ تي،
غريب ميرڙا ٻار،
سمهن ڇڳل کٽ تي.
*
ڪاڪ تي ڪنول،
ڦٽن نٿا هاڻي،
نه راڻو نه مومل.
*
ٻڌا ٿمانءِ ڇا ڌڻ؟
ڏسين ٿو ائين ڇو،
هل ڪارا واڱڻ.
*
پادر جهلي بيٺي هان،
دشمن منهنجي ديس جا،
لنگهه ته هڻانءِ.
لڳي پئي آ ٻاٽ،
هن اونداهي سماج کي،
کپي ٿي ڪا لاٽ!
*
هڻي پيو ڄاڙي،
غيرت مان نياڻي کي،
هنيانءَ ڀري ڪهاڙي.
*
شعر جو پڙهنداسين،
تون به چُپ مان به،
ڪير سمجهائي.؟
*
ڪالهوڪو ڪلاچي،
دهشت جي لپيٽ ۾،
اڄوڪو ڪراچي.
*
نه ڪر ايڏي کِج کِج،
وات ڪنو بند ڪر،
ڪيائين نه بُج بُج.
*
ڪيان ڪيئن مٿي ڳاٽ،
اهڙو جو هنيو اٿئي،
اندر ۾ ڏس کاٽ.
ٻُور بڻجي ڇڻي،
سا شرميلي ڇوڪري،
مون کي وئي وڻي.
*
چريو هو راڻو،
ذري ڳالهه تان بس،
مڙس آڀاڻو.
*
ويهاري ٻين کي پَٽ،
وٽي پنهنجي مڇ کي،
وڏيرو ويٺو کٽ.
*
ٻڌي پئي چندر،
رکي ريڊيو ميز تي،
سهڻي ٿيس وندر.
*
نه ريڌو ڪاڪ ڌڻي،
ٻارائي مچ وڏو،
چکيا چڙهي ڪامڻي.
*
رستو ڪچو ڳوٺ جو،
۽ ياد پيا هو ماڻهو،
هر ماڻهو سچو ڳوٺ جو.
شفيق جي لالڻ،
ڏٺم اکيون تنهنجون،
ڄڻ شام جي ڳاڙهاڻ.
*
رات جي آڌيءَ جو،
ٽٽل هڪ شخص ڏس،
رُلي پيو هيڪلو.
*
ٻيجل چوريو چنگ،
دائرن ۾ ويٺل ماڻهو،
رهجي ويا دنگ.
*
ڪاڳرن ڏي نهاريندي،
رات گذري ٿي وڃي،
سٽن کي سمهاريندي.
*
هت رڳو ٿوهر اُڀريل،
رُڃ، اڃ، سڃ واري ٿي ڏسجي،
مارو، جهوپا سڀ جُهريل.
*
اچ ٿورو سَکي،
اکين ۾ لهي وڃ،
پلڪن تي پير رکي.
ڳوڙها تنهنجا تسبيح داڻا،
هن جي درد فراق ۾،
روئندو نه ڪر راڻا.
*
اُڇلي ڪري وئي ڪنو،
معصوم ڪنهن ٻالڪ کي،
ڪا ڇورو ڇنو.
*
تون ٿو ڏسين چنڊ کي،
لڳي ائين ٿو سڄڻ،
چنڊ ڏسي ڄڻ چنڊ کي.
*
ائين ڀلا ڇو آ،
تو جهڙا ٿا لڳن،
چَپ گلاب جا.
*
پاتل آڪاس کي،
رات تنهنجو رئو سورٺ،
ڏٺو مون ستارن تي.
*
سهان پئي پٿر،
صليب تي چڙهي،
لٺيون ۽ پٿر.
تخيل ته ناهي،
بس ٻاراڻو خيال،
ڏات ڀلا ڇاهي.
*
شرمائي ٿو چنڊ،
توکي ڏسي سڄڻ،
جڳ تي مڙهيو منڊ.
*
مضبوط تنهنجو سينو،
ويجهو ٿي اچ ويهه،
تون منهنجو آئينو.
*
هن انڌيري کي،
پئي پري تائين ڏسان،
پنهنجي ويڙهي تي.
*
اڃا توکي پيو ووڙي،
توکان وڇڙي پوءِ به هو،
اڃا ته پيو ٿو لوڙي.
*
سنڌ اڪيلي،
مان به اڪيلي،
ڪو به نه ٻيلي.
ريت نه بدلي،
رُتون بدليون،
پنهنجي پريت نه بدلي.
*
مُنڌ نه ويڙهيا وار،
در ۾ کُتل اٿس،
ساجن لاءِ نِهار.
*
ڳولهيون پيا ساک،
ساهه گهگهه رات ۾،
ڦُٽي نٿي باک.
*
گذريو سوچي سوچي جيون،
گهاريم عمر مزدورن جان،
گذريو لوچي لوچي جيون.
*
اهڙو ته جُهريو،
پنهنجن کيس گل هنيو،
اندر تاءِ ڀُريو.
*
وري مون وٽ واٽ،
تو وٽ بچيو به ڇا،
ٻري مون وٽ لاٽ.
چوڪيدار ٿي بيٺا،
آهه اڄڪلهه جا سنڌي،
غدارن جي گهرن جا.
*
توتي ڪهڙي ميار،
تون آن ڪانئر ڪوڙو،
وٺ ڀونڊن جي ڀرمار.
*
رات ۽ برسات جو،
خواب مان آهيان،
ديس جي پرڀات جو.
*

پنجڪڙا

ائين گهوري نه ڏس ستارن کي تون،
ڇا رکيو آ انهن ستارن جي پويان،
رُليو آن رڳو تون بهارن جي پويان،
ڇڏي ڏي بيڪار اشارن کي تون،
ائين گهوري نه ڏس ستارن کي تون.
*

ڏکن جي موسم ۾ وهانوَ ڇا جا؟
هتي رُلن ٿا گهاوَ گهٽيءَ چٽيءَ ۾،
هتان جون نياڻون سڱ چٽيءَ ۾،
سُکيا ستابا اسان جا هيانوَ ڇا جا؟
ڏکن جي موسم ۾ وهانوَ ڇا جا؟
*

گلن کان پوپٽ رُسي ويا هن،
ڳلن تي ڪنهن جي خوشي به ناهي،
چڱيان محبت مئي به ناهي،
پر احساس سمورا ڪُسي ويا هن،
گلن کان پوپٽ رسي ويا هن.
*

نه باغ، نه پوپٽ گل رهيا،
هي چمن ڇو ائين اجڙيو آ،
هنڌان ماڳان اُڊڙيو آ،
هوائن ۾ نه هُل رهيا،
نه باغ نه پوپٽ گل رهيا.
*

وشواس انهيءَ رولي وئي،
جنهن بيهي مٿان ڇانءُ ڪيس،
جنهن پنهنجو پورو نانءُ ڏنس،
سورن جا ڦاٽڪ کولي وئي،
وشواس انهيءَ رولي وئي.
*

ڇو روز توهان ميڙيو گل ٿا؟
ڪنڊا ٿا اسان لئه ڇڏي ڏيو،
محبت ۾ نفرت گڏي ڏيو،
بس مرضي تي روڙيو ڦول ٿا،
ڇو روز توهان ميڙيو گل ٿا.
*



چيڪي مٽي ڳوٺ جي،
جنهن تي ڪِريل ٻٻرن ڦُليون،
ٿڌي هوا تي مهڪي اٿيون،
ڄڻ موڙ ڪنهن گهوٽ جي،
چيڪي مٽي ڳوٺ جي.
*

چيڪي مٽي ڳوٺ جي،
ڇڻڪار تي ڄمي وڃي،
هُٻڪار ٿي پو ٿي وڃي،
خوبصورتي ٿئي چوٽ جي،
چيڪي مٽي ڳوٺ جي.
*

وار ٿي کولي ڇڏين،
رات ٿي ڏس ٿي وڃي،
اڪيلي ڪا بات ٿي ٿي وڃي،
سانت ٿي رولي ڇڏين،
وار ٿي کولي ڇڏين.
*

هن کان پوءِ اڃا،
اکر هي ڇپجندا،
پوءِ ماڻهو پڙهندا،
سُور ويهي سوءِ اڃا،
هن کان پوءِ اڃا.
*

پرتي پئي آهيان،
اڻوڻيل ڪنهن شيءَ وانگيان،
بي سري لئي وانگيان،
وڃايل سُئي آهيان،
پرتي پئي آهيان.
*

راڄ ٿو رِيسون ڪري،
انوکي انداز تي،
اندر جي احساس تي،
ڪيڏيون ٿو فِيسون ڀري،
راڄ ٿو رِيسون ڪري.
*

ترائيل، بيت، دوها، سورٺا، چؤنڪ

---

ترائيل

هت چنڊ به نڪري چوريءَ ٿو،
ستارن تي انا جي چادر ڍڪيل آ،
هر رشتو ڳنڍجي زوريءَ ٿو،
هت چنڊ به نڪري چوريءَ ٿو.

هت لاش ملي ٻوريءَ ٿو،
سچارن جو ڪنڌ جهڪيل آهي،
مري ڪو جي جهوريءَ ٿو،
هت چنڊ به نڪري چوريءَ ٿو.
*

آنءُ جي مري وڃان،
اکر منهنجا سانڍي رکجو،
مٽي جان ڀُري وڃان،
آنءُ جي مري وڃان.

پنهنجن هٿان جُهري وڃان،
ڪلها مون لئه ڪانڌي رکجو،
ٻُڏي به جي تري وڃان،
آنءُ جي مري وڃان.
*

ترائيل امداد جهڙو مان نه لکي سگهنديس،
هو ادب جو آڪاس آهي،
انهي کان ڪيئن وڌي سگهنديس،
ترائيل امداد جهڙو مان نه لکي سگهنديس.

هڪ ڏينهن هن سان سکي سگهنديس،
جهڙو هن وٽ وشواس آهي،
پنهنجو شعر سائين کان ٻڌي سگهنديس،
ترائيل امداد جهڙو مان نه لکي سگهنديس.
*

ڏسو ڪيئن وقت اوندهه ۾ گذاريون ٿا،
هٿوراڙيون ڪيڏيون هڻڻيون پون ٿيون،
يادون سٿيل روح کي کڻڻيون پون ٿيون،
ڏاند گاڏي جيئن وهون ٿا پيا.

رات پلصراط توکي پڪاريون ٿا،
ڊگهيون راتيون به سَهڻيون پون ٿيون،
ڇو پن پن ٿي ڊهون ٿا پيا،
ڏسو ڪيئن وقت اوندهه ۾ گذاريون ٿا.
*

موسمن کي وري ڪيئن سمجهايون اسان؟
توسان ملڻ جو ضد ٻڌي بيٺيون هن،
ڪيئن آواز تو تائين پهچايون اسان؟
موسمن کي وري ڪيئن سمجهايون اسان؟

ڄڻ توسان ملڻ لئه اُڀيون بيٺيون هن،
چون ٿيون تون ڳول ۽ ٿا ڳولايون اسان،
توکان ڪيئن ڪجهه ٻولايون اسان؟
موسمن کي وري ڪيئن سمجهايون اسان؟
*

بيت

نٿي رات کُٽي، نٿو ويهائو نِڪري،
پنڌ نٿو نِڀري، پير پِٿون هِن ٿي پيا.
*

رُڳو ٿا ٽمڪائن اکيون، گُونگا هِي تارا،
ساڳيا انڌارا، ڌرتيءَ جي حصي ۾ آيا.
*

ايڏي ڀاري ڀُونءِ تي، هي الا ڇو رات؟
سوچي ٿي پرڀات، ڪڏهن ايندي تون ڪهي.
*
هئه هئه هيءَ به سال، گذريو، گذريو ڄاڻ!
اسين اڃان اڻڄاڻ، وقت هٿن مان ويو هليو.
*
هي به گذري ويندو، موُر نه موٽي ايندو،
توکي نه ڏسيندو، وقت به گونگن وانگيان.
*
اڃا نه ٿيو ڪجهه، لنگهيو هي به سال،
سنڌڙي تنهنجو حال، ڇا نه بدلبو ڪڏهن؟
*


پياري سائين اياز گل ۽ سائين ادل کي ڀيٽا !

ڪيڏو سهڻو ٿو کلين، سهڻا اياز گل،
ڪِريا تنهنجي ڳالهين مان ڦُل، ڌرتي خوشبو ٿي وئي.
*
اوهان سِٽن مان، ڪيڏا ٿا گل ڦُٽن،
ماڻهو ٿا پڙهن، بي حد محبت سان.
*
پوکي گُل ادب ۾، گل ٿا سڏجو تڏهن،
سي ميڙيون ٿا جڏهن، من مهڪي ٿو پوي.
*
دوستي جو حَسين مثال، اوهان ۽ ادل،
جوڙي ته گل ڦُل ٺهي ٿي ڪيڏي.
*
اوهان جي پوکيا، سي وڌي وڻ ٿيا،
اهڙو وري ٻيا پوکي ئي نه سگهندا.
*
اُجرو اٿو اندر، هنن ڪاڳرن جيان،
سائين اياز ميان! سکيا هجو شل سدا.
*
توهان سان محبت جو هي ننڍڙو آ اظهار،
منهنجو هي پيار قبول پوي اوهان وٽ.
*



ڀٽائي ڏانهن ... !

ڀٽائي منهنجا يار سڄڻ! هن ديس سڄي جا وڻ ڏڻ،
ڪن ٿا ڪا ڀُڻ ڀُڻ، توسان ڳالهائڻ چاهن ٿا.
*
ڀٽائي سهڻا سائين! هي سپنا هي اڻ تڻ،
نيڻن جو هي سانوڻ، توکي ٿو ساري سڪ مان.
*
ڍولڻ سائين شاهه، تنهنجي ئي مزار تي،
گهوريم پنهنجو ساهه، ڀري اٿم اڄ حاضري.
*
ڀري اٿم اڄ حاضري، پاتم گيڙو رنگ،
صوفيت سان سنگ، سائين وڌندو ٿو وڃي.
*
ڀٽائي منهنجا سائين اکيون کول مون ڏي ڏس،
بادل ٿي هت وس سنڌ سُڪي ٿي پئي.
*
ڀٽائي ڀٽ ڌڻي، نيڻ اهي کول کڻي،
تنهنجي وئي وڻي، هر هڪ آيت سنڌ کي.
*

مجازي عشق ... !

مجازي عشق ماٺ ۾، ڪبو رهبو يار،
ماري ٿو مون کي مگر، عشق هن جيجل سنڌ جو.
*
مجازي عشق ۾ موچڙا، پيا کائينداسين،
پر جيجل سنڌ کي، لينگهو نه لائينداسين،
مٽي پائينداسين، سرمو ڪري سنڌ جي.
*
مجازي عشق جي کيڏبي رهبي راند،
پر سنڌ لئه ويڙهاند آهي آخري دم تائين.
*
مجازي جو موهه آهي ۽ ناهي،
سنڌ عشق جو جوهه، سدائين ساڳيو.
*
مجازي محبت کان، وري به هٽي وڃبو،
پر سنڌ جي مٽي سين، منهن هي ملبو،
سور سڄو سلبو، شاهه ڀٽائي گهوٽ سان.
*
مجازي جي مار، آهي ايڏي ڪينڪي،
سنڌ جي پر ساز جهورائي ٿي جيءَ کي.
*

سائين ابراهيم جوئي جي وڇوڙي تي لکيل !

هڪ صدي کان مٿي، رهيو اسان ۾ جو،
وڇڙيو آهي سو، نوَ نومبر ڏينهن تي.
*
ملهائبي هي ايڪتا، سائين کان بغير،
من ۾ جنهن جي نه مير، عاشق سچو سنڌ جو.
*
صدي رهي سنڌ ۾ اوچتو هليو ويو،
ڏک ڏاڍو ٿيو اسان سڀني کي سنڌ ۾.
*
رهندا اسان جي وچ ۾ اوهان جا ڪتاب،
وٺندي ڪو نه حساب، ڌرتي هي اوهان کان.
*
اوهان جي وڇوڙي تي سوچي پئي سنڌ،
توهان جهڙي جند، وري ڏکي پيدا ٿيندي.
*
اچي عزرائيل کڻي ويو، اسان جو جهُور،
دُکي پيو سُور، “سائين جويو” وڇڙي ويو.
*


“جويا” جيءُ چيو ڌرتي توکي دل سان،
تنهنجي هڪ کِل سان جڳ جرڪي پيو.
*
جڏهن روح پرواز ٿي وڃي، ڏجو اجرڪ جو ڪفن،
هي منهنجو بدن، هن ئي مٽي ۾ پورجو.
*
ڇا ٿي پيو جي، پهتس مان نه چنڊ تي،
مون جو هن سنڌ تي چنڊ ڪئين چمڪايا.
*
ڇا ٿي پيو، تون پهتين مريخ تي،
منهنجي هڪڙي چيچ تي، سنڌ ڪٺي ٿي ٿئي.
*
ڇا ٿي پيو، تون آن سُپر پاور،
منهنجو به زور آور هر سڏ آهه سياڻا.
*
تون مچائي تباهي، ساري هن سنسار ۾،
تنهنجي گولي تاڙ ۾ آ سارو هي سنسار.
*
مون وٽ جا محبت تو وٽ ناهي اها،
منهنجي هڪ دعا، عرش ٿي چيري وجهي.
*
تو وٽ بم گولا ۽ رڳو ئي ظلم،
مون وٽ هڪ قلم، ڪري جنگ جهان سان.
انڊلٺي رنگن جو، منڊيو اهڙو منڊ،
ڄاڻ سنڌ ڌرتي تي کڙندو چوڏهين چنڊ،
سنڌين جو سمنڊ، اٿلي پوندو جڏهن.
*
سنڌ سموري وهنجهندي پاڻي سان،
مومل ماڙي تان ماڻان ڪري جئن مُرڪندي.
(ايڪتا عيد تي لکيل)
*
موت نه ايندو ڏسجانءِ موج ڀرئي مهراڻ کي،
سنڌي هر سرواڻ کي، امرتا الله آ ڏني.
*
ڪر ڀلي حيلا، جيئندي منهنجي ٻولي،
ماءُ جي لولي، امر آهي، امر آهي.
*
ٻين سان ڏند ٽيڙ، زال سان نه ڳالهائي،
پراوَن درن ڏي واجهائي، اهو به مرد چئبو.
*
سنڌ رُني آ زارو زار، پنهنجي بالم لاءِ،
سهڻي طارق عالم لاءِ، هاءِ هي درد.
(سائين طارق عالم ابڙي جي ياد ۾ لکيل)
*
مڙئي مديون مون ۾، اوهان ۾ نه لڌي ڪا،
اوهان سوجهري جيها، اسان سڄا اونداهي.
ڪڇ تي اٿس ريڊيو، پاسي منجهه ڪتاب،
هڪ شاعر جا خواب، ڪڏهن ساڀيان پائيندا؟
(مون پنهنجي لاءِ لکيو)
*
ڪيڏو اونداهو پيچرو، پري تائين نه چنڊ،
هيءُ سڄو کنڊ، ڏکايل ٿو لڳي.
*
عشق اٿئي “اياز” جهڙو، يا “ادل” جان ڪرين”؟
ائين پيو ٻرين، ڄڻ بلب اڇو ڀت تي.
*
ڪيڏو سائو سائو ڦُٽو آهي گاهه،
وهي جو ٿو واهه، ڳوٺ جي ڀر ۾.
*
سِپ ۾ موتي جهڙا، ڀٽائي جا ٻول،
شاهه منهنجا ڍول! قربان ٿيان تو تان.
*
ڀٽائي سهڻا سائين! رحمت وسئي شال،
تنهنجا سڀ خيال، سانڍي رکيم ساهه ۾.
*
هو* نه آ ڀٽائي پر، ڀٽائي جو اولاد،
سِٽون جنهن جون فولاد، ڪيرائن طوق غلامين جا.
(*شيخ اياز)
*
تنهنجي سڄڻ کِل آهي اياز جهڙي،
ڪيان ڳالهه ڪهڙي؟ تون به شاعر ٿو لڳين.
(شيخ اياز ۽ اياز گل)
*
کِلي جيئن “اياز گل” سهڻي شهر ۾،
شام جي پهر ۾، سج کِلي ائين موڪلايو.
*
سڄڻ ۽ ساڻيهه وساري جو ويٺو آن،
توکي ڇا چوان؟ ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي.
*
ڏٺائين گهوري، ڀڳي دل جي ڀت،
بچي ڪا نه ڇت، ڌڪ ڏسو دلبر جا.
*
رات جو ٻني ۾، واڪا، واڪا وو،
ڇا ٿا پيا چئو، ٻڌڻ نٿو اچي.
*

دوها

مون کي ڇڏي پيار جا روپ سمورا رولي وئي،
ڄڻ ته وڻ تي ويهي ڪا ڪوئل ٻولي وئي.
*
هيڏو انياءُ ٿئي ٿو، ڀٽائي جي بستيءَ ۾،
تنهنجو ئي پيغام وساري، ويٺا آهن وستيءَ ۾.
*
هن کان پوءِ جيئري ئي مري وئي آ،
الائي ڇو ڳڻتي ۾، ڇوڪري ڳري وئي آ.
*
پرائي آئي سور مٿي جو وئي هئي وهان تي،
ڪيڏو ٿي بار ڀانئين هوءَ پنهنجي هان تي.
*
ڇڏي ويون گهر ۾، مون کي اڪيلو،
پڊعيدن ۾ لڳو هو “جمن شاهه” جو ميلو.
*
مومل ويٺي ماٺ ۾، ڇا پئي سوچين؟
تڪي راهون راڻي جون اڃا پئي لوچين.
*
ڇا سوچي رهي آن تون کاڏي تي هٿ رکي،
تنهنجي منهن منجهان عجب وارتا پئي لکي.
*


وڏو دوهو:
ويهي ڪينجهر تي، گُهر دعا مٺڙا،
پَس نظارو نينهن جو ڪنول کِڙيا سر تي.

کَرو دوهو:
واءَ وانگر وڃان سڀ چون ٿا وڃ،
سمنڊ منجهه ٿي تران لهي نه پوءِ به اُڃ.

آزاد دوهو:
ميرو ميرو ٿو لڳي اڄ ته آڪاس،
ٽڙيو نه ڪو تارو کڙيو نه ڪو چنڊ.

پڇ کنيا دوهو:
وڍي پيو ٿو وڻ کڻي ڪهاڙي،
مٿي سارين مڻ کڻي ڏهاڙي،
ڏينهن جي پڇاڙي.

عجيب مسئلن تي نه ڇيڙ مون کي،
اي هوا پنن جان نه ٽيڙ مون کي،
نه ميڙ مون کي.



منهنجي وڃڻ کان پو پٽ جي پارت اٿئي،
مرڻ مهل هڪ ماءُ مون کي نصيحت ڪئي.

تيار ٿي وٺو ڇا هلنديون مون سان گڏ؟
ڀر وارن جي وهانوَ جو مليو آهي سڏ.


وڏو دوهو:
کٽي سنڌ جي سوڀ تون به ڪيئن سگهندين،
بيڪار گيت لکندين پوندءِ پلئه لوڀ.

کَرو دوهو:
منهنجا گيت گلابي گرميءَ جي شام جهڙا،
تنهنجا نيڻ شرابي شاعر “شيام” جهڙا.

آزاد دوهو:
ڪوڙا سڀ نظريا ڪوڙو هو انقلاب،
توکي ڇا ناهي خبر؟ سنسار سڄوئي ڪوڙ آ.

دوهو:
هن پاڻ به مون کي ڏني آهي گار،
امان! تون مون کي ائين ته نه مار.

سورٺا

کرو سورٺو:
موتي تو ميڙيا سمنڊن جي سير مان،
آهن مون کيڙيا سونا سنگ ساک سان.

سورٺو:
ڪوٽن ۾ ماري وڏيري وٽ قيد آ،
اڄ جي ناري ساڳن قيد خانن ۾.

کرو سورٺو:
هن کي پاتل آ اهڙي ڪا پوتي،
ڳنڍ ته ڦاٽل آ ڪري پيا سڀ موتي.

سورٺو:
هن کي ته جهل وڃئي پئي هٿن مان،
آڌيءَ رات مهل ڪاڏي نڪتي آ نينگري.

دوهو:
گهر جي سامهون ٻني آيو هاري پيو هر ڪاهي،
وري ويهي وڻ هيٺيان ٿڪ پيو لاهي.

ميڻ جهڙو هينانءُ منهنجو ڳرندو وڃي ٿو،
پيرين اگهاڙو ٻار هو گهر تائين سڙندو وڃي ٿو.

گهڙيال تي اڄ به رات جا ڏهه وڄي رهيا آهن،
۽ ٻاهر گهٽي ۾ ڪتا، ٻلا ڀڄي رهيا آهن.

چؤنڪ

آئون کوهه آهيان،
مٿان کان ئي ڏس،
تري تائين نه تون،
پهچي سگهندين.
*

آئون رات آهيان،
ڪا تارن ڀري،
نڪرندو بس وهائو،
روشن ٿي وينديس.
*
آئون اوطاق خالي،
پيل ڇڳل موڙهو،
سڪل هوڏانهن دلو،
ڀڳل هيڏانهن در.
*

آئون گهُگهه اوندهه،
آئون آهيان روشني،
آئون سڙيل پروانو،
آئون پاڻ شمع.
*

مان ڳڙيل ڳوڙهو،
مان سُندر مُرڪ،
سڪ سڪ ۾ سُرڪ،
اندر ڄام شورو.
*

مان ئي پيرين پنڌ،
مان ئي ڪا ڊُڪ،
روڪيان ٿي رُڪ،
پاڻ ٿي ڇڄي پوان.
*
قيد جي ريل جون،
پٽيون ٿي اکيڙيان،
رات ٿي چوي ڏسي،
“وري هيمون آيو آ.”
*

دل وري دوکو ڪري وئي،
ڪنهن ڪنواري جي نڪ جو،
ڪوڪو ڪري وئي،
دل وري دوکو ڪري وئي.
*

نئين ڪويتا

---

روشني

مان به نفرتن جي اونداهي
ختم ڪري سگهان ٿي،
هو ڏس ....!
اڪيلو بلب
سڄي اونداهي گهٽيءَ کي
روشن ڪري ويٺو آ.
*

اديب

هڪ اديب جي وات تي،
مُهر هنئي وئي آهي
هن جا هٿ ڪَرائين کان ڪپي
ڪُتن آڏان اُڇلايا ويا آهن
هن جون اکيون پاڙان ڪڍي
ڪانگن کي تحفي ۾ ڏنيون ويون آهن
دليلن ۾ ثابت ٿيو آهي
ته هو ڏوهي آ
هن جو ڏوهه فقط هي آهي
هو سچ لکڻ واري عادت ڇڏي نه سگهيو هو...!!!

رولاڪ مسافر

اسان سان پتو پڇيو ٿو وڃي گهر جو
وقت جي وائڙن ڪانٽن کي
ڪير سمجهائي؟
ته رولاڪ مسافرن جو
ڪو به گهر هوندو ئي ناهي
اسان جلاوطن
پيچرن جا پانڌيئِڙا
ها جي پڇڻو اٿو ته پڇو ؟
جيون ۾ آيل
گهٽ، گهيڙ ۽ گسن جو ڏَس
آواره پنن جي ايڊريس
اسان جي زندگي جو ڏيئو
ماءُ جي پيٽ ۾
وسايو ويندو آهي
اسان جي ڄمڻ تي
اداسين جا پتاشا ورهايا ويندا آهن
هر روخ خواب چِکيا تي چاڙهيا ويندا آهن
آشائون
لٿل سورج سان گڏ
اولهه ۾ لهي وينديون آهن
ساهه جو معصوم پنڇي
سماج جي بي حس اکين آڏان
ڪُٺو ويندو آهي
مُڏي ڪاتي سان
چڱي ناهي رهي مسافري اسان جي
راهون ڏنڀ ڏينديون آهن
رستان ڏنگ هڻندا آهن
اسان جلاوطن پيچرن جا پانڌيئڙا
گهر جو اسان کان پتو نه پُڇ ....!!!

ورهايل قوم

هو ورهايل سڀئي
طبقا طبقا، فرقا فرقا
ڪافر مسلمان جو جهيڙو
شيعي سُني جو جهيڙو
ڪنهن چيو: “سنڌ ڇو کنڊر ٿيندي ٿي وڃي”.
چيم: “سنڌي اهي رهيا ئي ناهن.”
هاڻي هي قوم ناهي
بس فرقا هن.... ٽڪرا، ٽوٽا
باقي بچيا آهن
هاڻ نه وڙهندا سنڌ ۽ سنڌيت لئه گڏجي؟
سنڌي رهيا ناهن
سُني، وهابي، شيعا بچيا
ڪيڏو به ڳولهي ڏسو دوستو!
سنڌيت اوهان کي نظر ئي نه ايندي
ورهايل واٽون
ورهايل رستا
نظرين ۽ نفرن تي جهيڙو
ذات پرستي
مذهبي ڪٽرپڻو
پنهنجي پيرن پاڻ ئي هنيل ڪهاڙا
ڏنگيل سنڌ پنهنجن جي
يرغمال
وڏيرن، پيرن، ڀوتارن ، ملن ۽ ڌارين وٽ
هاءِ ڇا ٿيندو؟
ٿيندو به ڇا؟
اُف هيءَ ورهايل قوم !

ويران شهر

ويران شهر جون ڳالهڙيون
هت راڪاس رستا
آڪاش قاتل
ڏٻرا سڀئي کاڌل
رت جي رتي به نه
بُک، بدحالي، بي روزگاري
ماڻهو جا ماريل
پيلا مُنهن
اندر گهڙيل اکيون
پيٽ پُٺي سان لڳل
غم جا سڙيل
چم جو ذرو به نه
ڀار هن شهر جا
ڍير تان ڪُتن سان گڏ
کائڻ لئه ڪجهه ڳولهن ٿا
ويران شهر جون ڳالهڙيون
خودڪش ڌماڪي ۾
ٻوٽيون، ٻوٽيون ٿي ويل چهرا
رُت جون نديون
هي منهنجو
ويران شهر....!!!

پراڻا ڏوهه

اسان لوڙيون ٿا
پراڻن سراڻن گناهن جو
نيون بي حد نيون سزائون
پوئين جنم جا ڏوهه
هن جنم ۾ بڻيا آهن
طوق، سنگهرون، تير، ڀالا
ايترا به بي ڏوهي ناهيون
الاءِ ته ڇو
پوءِ به آسمان به اسان تي
ڦوڪيو ٿو وتي...!!!

تون آهين به ڇا؟

اڙي او بي غيرتي جي چادر ۾
ويڙهيل غيرتمند!
حيران آن نه تون؟
ته هنن کي اڻ پڙهيو رکيوسون
پوءِ به آخر ڪيئن ٿيون
لکي پڙهي سگهن؟
خبر نه اٿئي راڪاس
هي قلم سان سڱ
جڙيل آهي هڪ ڏات، اجمل ڏات
ته جهلي سگهندين، نه پلي سگهندين
تون آهين به ڇا؟
منهنجي جذبن جو قاتل
منهنجي وسايل هڪ هڪ لڙڪ
جو مجرم ۽ ساڳيا لڙڪ
جڏهن اکرن ۾ سمائڻ لڳندا ته
ويندا وڏن وڏن جا وڻ وڄي
جيئري ئي کوڙن جا جنازا کڄي
تنهنجون ڀڀڪيون،
بغاوت منهنجي کان وڏيون ناهن
تون آهين به ته ڇا؟
هڪ لفظ منهنجي جو به
ڌڪ سهي نه سگهندين...!!!
اٺ مارچ
(عورتن جي عالمي ڏينهن تي)
ڪنهن به نه باسيا
ايڪيهين صدي ۾ به حق عورتن جا
مفلوج عالمي ادارا
سلهه جا مريض
انساني حقن جا علمبردار
عورت اڃا به
قيد تنهائي ۾
پٿرن جي دور جي
ڪا بي جان مورتي
هن جي ڪاميابي جا دڳ
بند ٿيل
هن جو ڳلو گهٽيل
زبان ڪٽيل، پير لڦون،
زخمي اکيون ڳوڙها اداسي جا
عورت هتي
راند جي گُڏي
تماشي جي پُتلي
قرباني جو ڍڳو
“عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ”
ڪوڙ
سڀ دوکو
سڄي سُڃ
مڙئي دلاسا
پنهنجو نالو چمڪائڻ
ڪنهن به نه باسيا
ايڪيهين صدي ۾ به
حق عورتن جا.....!!!

سنڌ ڪاٿي آهي ...!؟

هي ٻه اڌ ٿيل
پراڻي اخبار
ڄڻ اڳي ئي سنڌ
مها سنڌ
صديون پراڻي
جنهن کي ورهاڱي ويل
ٻه حصا ڪري
هڪ ڏنو ويو
هندوستان کي
هڪ پاڪستان کي
هو سڏجيو
هندوستان
۽ هي پاڪستان
باقي
سنڌ ڪاٿي آهي...!؟

وصيت

پڇيو ويو
آخري پساهن مهل
“آشا....”
ٻچن لئه وصيت ۾ ڇا رکيو ٿئي؟
چيم: “سنڌ ساري ٻچن جي ته آهي.”

چپ سبي ڇڏيو

جگر ۾ خنجر لڳو آ
خواب سارا قتل ٿيا هن
قاتلن جا پهرا
سخت ٿيندا ٿا وڃن
گرم پاڻي جا حوض
اُٻري اُٻري اسان کي
سڏي رهيا آهن
ڪنڌ اسان جا هڪ پاسي
ڌرڪيل آهن
هٿن ۾ طاقت ناهي
پير بي ساها آهن
وقت پوءِ به اکيون ڏيکاري چوي ٿو
ماٺ ۾ ويهو
چپ سبي ڇڏيو...!

اکيون

تنهنجي سڄي جسم مان
اگر آهي اکيون
ڌار ڪيون وڃن
ته ....
تو وٽ ڪجهه به نه بچندو
نه ئي هن ڪائنات ۾
ڪا خوبصورتي

(تيري آنکھوں کے سوا دنیا میں رکھا ہی کیا ہے؟)

محبتون

محبتون
اگر چورائجي وڃن
ته ڇا موٽي ملنديون آهن؟
منهنجا شاعر!
شيخ اياز... آئون توکان ٿي پُڇان....!؟؟؟

ارهو آڳر

تنهنجي پيرن جي نشانن تي
دزي آ ڄمي وئي
موسمون سڀئي پن ڇاڻي ويون
نه آئين تون
اڱڻ جون اداسيون
جاڳي پيون هن
شام هاڻي اسان وٽ
ناهي ٿيندي
ٽاڪ منجهند هتي ٽڪي پئي آ
ڳوٺ اچڻ کان کنيل تنهنجو قسم
اڃا ياد آهي
تنهنجو موٽڻ هاڻي ممڪن نه ناهي
اهو رڳو مان نٿي چوان
اڱڻ جون نمون به چون ٿيون
تون جي ناهين
تون جي ناهين
ها سهڻا
ارهو آهي آڳر....!!!

درد

رات آرام ۾
گذري نٿي
ڏينهن ٿو پڻ
ڏکيو گذري
آه درد سنڌ جو
کائي ويو مون کي.

جستجو

ساهه پرواز ٿي بيشڪ ويا هن
منهن اڃا ڀي
ڌرتي ڏي منهنجو
هٿن کي مٽي
سنڌ جي لڳل
جسم سارو
اجرڪ ۾ ڍڪيل
چئبو ....
زندگي وئي کُٽي
جستجو نه کُٽي...!

ڇپجڻ

منهنجا اکر
ڄڻ آخري سڏڪن ۾ آهن
ڇا هي
ڇپجڻ جو خواب
چانڊوڪي جهڙن
نيڻن ۾ کڻي
مري ويندا....!!!

رڻ

رڻ ٻاري ڏنو اٿن
مون لئه
سنڌ ....
تنهنجو نانءُ
ورتو اٿم جو چپن سان.

بيروزگاري

اڄ مون به
بيروزگار جيون کان
بيزار ٿي
پکي ۾ رئو ٻڌي
پنهنجو انت آندو آهي.

شاعرا

آئون آسمان جي ستارن کي
هٿن ۾ جهلي سگهان ٿي
آئون چنڊ جي ڪنارن کي
چمي سگهان ٿي
آئون اونداهين ۾
ڏيئا ٻارڻ جي سگهه رکان ٿي
ڇو ته
آئون شاعرا آهيان...!!!

قبرستان

قبرستان جهڙي
هن ويران شهر ۾
هڪ قبر جو وات
پٽيو پيو آهي
ڀلا ڇو؟
ٻڌائي به ڪير؟
هن شهرِ خموشان ۾
ڄڻ ته
آهن سڀ
بي گناهي جي
عذاب ۾ متبلا
اُف...
هي شهر ِ خموشان...!!!

خاموشي

خاموشي رکي هٿ وات تي
اکين ۾ ڪپهه وجهي
ڪنن کي ٻوُٽي
جديد هن دور جي
قديم دردن تي
سوچي ٿي
ڏئي ڏندين آڱريون...

قلم

قلم کي رڳو
آهي بس وات
جو لفظ اوڳاڇيندو
وڃي ٿو
جي هجنس هان
اکيون ته
درد منهنجي تي
روئي پوي ها
زارو قطار....

اوٿاري جهڙو موسم

اوٿاري جهڙو موسم آهي
ننڊون لڏي ويون هِن
پنبڻين جي جڳهه تي
پيل آهن ڪنڊا
چنڊ موڪل تي آهي
سج ڪارو ٿي ويو آ
ستارا انڌا ٿي هِن ويا
سوچن ٿا
ته ...
هتان هاڻي لڏڻ گهرجي
اڀاڳي شهر کي هاڻي
ڇڏڻ گهرجي...

نظم

ڪنهن نظم جي
اکين ۾
تِکي ڪاتي هنئي آهي
نظم جَهٽ ڪري
آڱريون اکين تي رکندي
رڙ ڪئي آهي
درديلي ، جهريل، رڙ...
نظم جون اکيون
ڦِسي پيون آهن
هُن جي اکين تي
ڏنل آڱرين جي وٿين مان به
رت ٺينڍون ڪري
وهي رهيو آهي
اچ ڪپهه سان
رت هڻيون
اکيون اگهينس ....

ڀڳل در

منهنجي گهر کي
دروازو ناهي
۽ رلي به ڦاٽل
ٽنگيل آهي
مان به ڊڄان ٿي ڪيڏو؟
کوڙ بدمعاش ماڻهو
گهٽي مان ٽهڪ ڏيندي
لنگهن ٿا
اچن ٿا، وڃن ٿا
ٽيڏين، شرارتي، لوفر
نظرن سان
منهنجي گهر ڏي
ڏسن ٿا
۽ مان ڊڄان ٿي
منهنجي گهر کي
دروازو ناهي....

ڪُتا ماڻهو

سدائين جيان اڄ به ماڻهو سمهي پوندا
۽ آڌيءَ رات جو
ڪُتا ڀونڪڻ لڳندا
نه...
ڪُتا سمهي پوندا
۽ سدائين جيان
اڄ به
ماڻهو ڀونڪڻ لڳندا...

مسافر

مون هنن ئي گنهگار اکين
سان ڏٺو
رستو ڳالهائيندو
اڳتي وڌي
رهيو هو
۽ مسافر !
چُپ چاپ
اُتي ئي بيٺا هئا...

ڪتاب

ڪتاب به ڳالهائيندا آهن
تڏهن، جڏهن
اچي ويندو آهي ليپو
ماڻهن جي واتن کي
۽ وڏا وڏا
قاضي انصاف کي ويڙهي
پيتي جي تري ۾
رکي ڇڏيندا آهن
ها سهڻا !
تڏهن ڪتاب به ڳالهائيندا آهن...

آزادي جو جشن

سرحدن جي ٻنهي پار
ملهائجندڙ آزادي جا جشن
انڌا ۽ ٻوڙا ٿي چڪا آهن
هنن کي نظر نٿو اچي
وساريل تاريخ جي
ڏٻرين ۽ ڪارين ٻانهن ۾
ڪاريون پٽيون ٻڌل آهن
هنن جي لاشن تي لکيل آهي
ننڍي کنڊ جو ورهاڱو
منظور ناهي
۽ سرحدن جي ٻنهي پار
ڀتيون ڏک جا عَلم
هٿن ۾ کڻي
ڪيڏي دردناڪ آواز ۾
بي گناهه لاشن تي
بيهي نوحا، مرثيا چئي رهيون آهن
جشن ملهائڻ وارا
هوڏانهن ڏسو
ورهاڱي ۾ ورهايل وجود
ڌرتي جا وارث لڏين ٿا
هو ڏسو
پنجاب جون نديون
سِکن جي رت ۾
ڳاڙهيون آهن
هي ڏسو
سنڌ.... ۽ سنڌي
پنهنجن کي ئي اوڳاڇي
اڇلين پيا
رت هاڻا ڳوڙها
اباڻن ڪکن کي ڇڏڻ
وارو سُور
ننڍو کنڊ درد جي
تصوير بڻيل آهي
ڏسو ٿورو هوڏانهن ڏسو....!