شاعريءَ جو ھي مجموعو ڪلاسيڪل صنف بيت ۽ وائيءَ تي ٻڌل آھي، جنھن کي مختلف سُرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو ويو آھي. سُرن ۾ نوان موضوع کنيا ويا آھن، تنھنڪري ھي مجموعو بيت جي قديم صنف رکندي بہ جديد دور جو آواز سڏجي تہ بہ ان ۾ وڌاءُ ڪونھي. سُر سنڌوءَ ۾ سنڌو درياءَ جي شان، تاريخي تذڪري وارا بيت بہ آھن تہ ڌارين جي يلغار جو تاريخي ذڪر بہ آھي. سنڌ جو ڪيڏارو، سُر شھيد نذير عباسي، سُر کاھوڙي، سُر بختاور ۽ سُر روپلو مضمون ۽ عنوان جي لحاظ کان نرالا سُر آھن. عزيز جي شاعريءَ ۾ ھر ھنڌ ڪاڇي جا عڪس بہ ملن ٿا تہ ڪاڇي جون موسمون بہ ملن ٿيون. ڪتاب ۾ عزيز جي خوبصورت خيالن، انيڪ منظرن، تاريخي حوالن، ڪاڇي جي ڳوٺن، ندين، نالن ۽ نين جو ذڪر پڻ ملي ٿو.
شاعري
تڙ تڙ تي طوفان
- 5.0/5.0
- 21
- 7
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ محقق عزيز ڪنگراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”تڙ تڙ تي طوفان“ اوھان اڳيان پيش آھي.
شاعريءَ جو ھي مجموعو ڪلاسيڪل صنف بيت ۽ وائيءَ تي ٻڌل آھي، جنھن کي مختلف سُرن ۾ ورھائي ترتيب ڏنو ويو آھي. سُرن ۾ نوان موضوع کنيا ويا آھن، تنھنڪري ھي مجموعو بيت جي قديم صنف رکندي بہ جديد دور جو آواز سڏجي تہ بہ ان ۾ وڌاءُ ڪونھي. سُر سنڌوءَ ۾ سنڌو درياءَ جي شان، تاريخي تذڪري وارا بيت بہ آھن تہ ڌارين جي يلغار جو تاريخي ذڪر بہ آھي. سنڌ جو ڪيڏارو، سُر شھيد نذير عباسي، سُر کاھوڙي، سُر بختاور ۽ سُر روپلو مضمون ۽ عنوان جي لحاظ کان نرالا سُر آھن. عزيز جي شاعريءَ ۾ ھر ھنڌ ڪاڇي جا عڪس بہ ملن ٿا تہ ڪاڇي جون موسمون بہ ملن ٿيون. ڪتاب ۾ عزيز جي خوبصورت خيالن، انيڪ منظرن، تاريخي حوالن، ڪاڇي جي ڳوٺن، ندين، نالن ۽ نين جو ذڪر پڻ ملي ٿو.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ڪرزمہ ويب جي ٿورن سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف عزيز ڪنگراڻي
- ڇپيو ويو 2005
- ڇپائيندڙ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 18/Aug/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 7 ڀيرا