سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”سمنڊ ڇوليون ٽھڪ“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
سرڪش سنڌي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ سان گڏ عشقيہ شاعري جو نالو آھي. سرڪش جي غزليہ شاعريءَ جي ھن مجموعي ۾ ننڍي بحر ۾ رچيل، مسلسل ۽ غير مسلسل غزل، پنھنجي ٻوليءَ جي سادگيءَ سان، آزاديءَ ۽ پيار جي فڪري وشال واٽ تي، نت نڪور غزل جي سٽاو ۾، نئين غزل لکندڙ لاءِ تہ سونھان آھن پر سنڌي جديد غزل جي عاشقن لاءِ پڻ تحفي سمان آھن.
ھي ڪتاب 2009ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان ميراڻيءَ جي سھڪار سان شيئر ڪجي ٿي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي