
تن ۾ تئونس پرينءَ جي پيان نہ ڍاپان
پروفيسر ممتاز صاحبہ جي سڄي زندگي پڙھڻ ۽ پڙھائڻ ۾ گذري آھي. اسلامي تاريخ سندس مطالعي جو خاص موضوع رھيو آھي. پر ھن ٻين موضوعن تي پڻ مقالا ۽ مضمون لکيا آھن. ھن ڪتاب ۾ سندس 30 مضمون ۽ مقالا شامل آھن، جن ۾ سيرت پاڪ کانسواءِ سنڌ جي تاريخ ۽ ڪن مشھور سياسي، سماجي ۽ علمي ادبي شخصيتون شامل آھن. ڪتاب ۾ سندس ڪجه ڪھاڻيون پڻ موجود آھن.