سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني پير صاحب پاڳارو پنھنجي بزرگن جي نقش قدم تي ھلندي پنھنجي روحاني جماعت کي درگاھہ شريف تان وقت بوقت ناصحانہ نڪتن سان نوازيندو رھيو. 1952ع کان اھو سلسلو ھلندو رھيو ۽ پاڻ پنھنجي منصبي فرض نڀائيندي حر جماعت کي سلامتي، خوشحالي، سجاڳي ۽ جاڳرتا واري واٽ تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رھيا. ھن ڪتاب ۾ پير صاحب پاڳاري جي تقريرن، خطن ۽ سندس شخصيت تي لکيل ڪالمن، مضمونن ۽ تاثرن کي سھيڙيو ويو آھي.
ڪالم / مضمون
سجاڳيءَ جو سڏ
- 0/5.0
- 2
- 1
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي سياسي ۽ مذھبي شخصيت، حر جماعت جي پيشوا سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني پير صاحب پاڳاري جي تقريرن، خطن ۽ سندس شخصيت تي لکيل ڪالمن، مضمونن ۽ تاثرن تي ٻڌل ڪتاب ”سجاڳيءَ جو سڏ“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو مرتب ڪندڙ سردار ڀيو آھي.
سيد شاھہ مردان شاھہ ثاني پير صاحب پاڳارو پنھنجي بزرگن جي نقش قدم تي ھلندي پنھنجي روحاني جماعت کي درگاھہ شريف تان وقت بوقت ناصحانہ نڪتن سان نوازيندو رھيو. 1952ع کان اھو سلسلو ھلندو رھيو ۽ پاڻ پنھنجي منصبي فرض نڀائيندي حر جماعت کي سلامتي، خوشحالي، سجاڳي ۽ جاڳرتا واري واٽ تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رھيا. ھن ڪتاب ۾ پير صاحب پاڳاري جي تقريرن، خطن ۽ سندس شخصيت تي لکيل ڪالمن، مضمونن ۽ تاثرن کي سھيڙيو ويو آھي.
ڪتاب 2010ع ۾ روضي ڌڻي پبليڪيشن، عمرڪوٽ پاران ڇپايو ويو. ھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان آندي وئي آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مُرتب سردار ڀيو
- ڇپيو ويو 2010
- ڇپائيندڙ روضي ڌڻي پبليڪيشن، عمرڪوٽ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 19/Aug/2021
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 1 ڀيرا