شخصيتون ۽ خاڪا

اللہ بخش سومرو

شھيد الله بخش سومرو ھڪ دورانديش، روادار۽ سرويچ سياستدان ھو. ھو سادگي پسند ۽ سچار ھيو. سنڌ اسيمبلي جي سابق ميمبر محمد امين کوسي الله بخش سومري کي ڀيٽا ڏيندي سندس عدل ۽ انصاف متعلق لکيو آهي تہ ””الله بخش جي حڪومت جي خطا ۽ ٻيو قصور  ڇا هو؟ سواءِ ان جي تہ سندس حڪومت ۾ ظالم ۽ مظلوم کي ڄاتو ويو.“ شھيد اللہ بخش سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سياسي ۽ سماجي ارتقا ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪيو، معاشي طور وڌائڻ لاءِ زرعي سڌار آندا ۽ فڪري طور سنڌ ۾ قومي ۽ انسانيت جي لاٽ ٻاري.

  • 4.5/5.0
  • 68
  • 31
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اللہ بخش سومرو

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي پھرين وزيراعظم، دورانديش، اصول پرست ۽ سنڌ پرست سياستدان شھيد اللہ بخش سومري جي شخصيت تي لکيل ڪتاب ”اللہ بخش سومرو“  اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن جو ليکڪ خادم حسين سومرو آھي. 
شھيد الله بخش سومرو ھڪ دورانديش، روادار۽ سرويچ سياستدان ھو. ھو سادگي پسند ۽ سچار ھيو. سنڌ اسيمبلي جي سابق ميمبر محمد امين کوسي الله بخش سومري کي ڀيٽا ڏيندي سندس عدل ۽ انصاف متعلق لکيو آهي تہ ””الله بخش جي حڪومت جي خطا ۽ ٻيو قصور  ڇا هو؟ سواءِ ان جي تہ سندس حڪومت ۾ ظالم ۽ مظلوم کي ڄاتو ويو.“ شھيد اللہ بخش سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سياسي ۽ سماجي ارتقا ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪيو، معاشي طور وڌائڻ لاءِ زرعي سڌار آندا ۽ فڪري طور سنڌ ۾ قومي ۽ انسانيت جي لاٽ ٻاري.
ھي ڪتاب 2011ع ۾ سائين پبلشرز پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون خادم حسين سومري صاحب جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

انتساب

ارڙهين صدي جي سنڌ جي مهان انسان
صوفي شاهه عنايت
روحاني سماجواد ۽ روادار جنهن اصولن خاطر سر ته ڏئي ڇڏيو
پر حاڪمن جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو.
شهادت مهل سندن لبن تي هي لفظ هئا:
ســـر در قـــدم يـــار فــدا شــــــد چــــــــه بـــــجــــا شـــد
اي بـــــــــار گـــــــــــــران بــــــــــود ادا شـــد چه بــجا شـــد

سر محبوب جي قدمن ۾ فدا ٿيو بجا ٿيو
هي هڪ وڏو وزن هيو ادا ٿيو بجا ٿيو

الله بخش جي شان ۾ جڳت - ايس- برائيٽ جي ڀيٽا

(1)
الله بخش او مٺڙا ستارا تون امن ۾ ستو پيو آهين
او مقدس جنگ جا شهيد
تون زنده رهئين ۽ مئين بنا ڪنهن داغ جي
تنهنجي ڌرتي شاد آباد رهي

(2)
توکي تمام وڏو ڪردار ادا ڪرڻو هو
تنهنجا دشمن گهڻا دهشت زده ها
آزادي جا دشمن هڪ ڏينهن پريشان ٿيندا
آزادي لاءِ تنهنجي عدم موجودگي وساري نه سگهبي

(3)
اسان آزادي جي جدوجهد کان پاڻ کي پري ڪونه ڪنداسين
جنهن مقصد لاءِ قربان ڪئي آهي تو زندگي
ايستائين جو قاتل ۽ ان جو خنجر
اعلان ڪري تنهنجي لازوال عظمت جو

(4)
ڪوبه دشمن تنهنجي نالي کي مٽائي نه سگهندو
ڪوبه ظالم وقت تنهنجي شهرت کسي ڪين سگهندو
تنهنجو روح چمڪندو شعائن واري تاري جي طرح
ان روح تائين جيڪو اڃا پيدا ٿيڻو آهي.

(5)
تنهنجو مقصد هر پهاڙ تي چمڪندو رهندو
تنهنجو روح هر ندي ۾ ڌار جي طرح هوندو
تون هر ذهن ۾ رهندي ۽ هر آواز ۾ گونجندو رهندين
تون هر گهر ۽ دل ۾ موجود رهندين

(6)
تنهنجو مادر وطن تو کي ياد ڪندو رهندو
پنهنجي سنهري دور ۾
اي آزادي جا مجسما
اي سندُر آزاد انسان جي سرزمين جا

- جڳت - ايس- برائيٽ

ليکڪ پاران

سائين جي ايم سيد قومن ۾ اُتساهه ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڳالهين کي اهم ۽ ضروري قرار ڏنو آهي:
سماجي، سياسي ۽ ثقافتي گڏجاڻيون
زبان جي ترويج ۽
پنهنجن قومي اڳواڻن کي ياد ڪرڻ لاءِ انهن جا ڏينهن ملهائڻ ۽ انهن جي جدوجهد ۽ قرباني کان واقف ڪرڻ.
سائين جي وفات کان پوءِ ان جي ساٿ جي هڪ 25 سالن کان پانڌيئڙي جي حيثيت ۾ مون تي اهو فرض بنجيو ٿي ته مان هن پنڌ کي جاري رکان.
تمام گهڻا دوست سائين جي سياسي جدوجهد کي جاري رکڻ جو عظم ڪري چڪا هئا، ان ڪري مون سائين جي گهڻ پاسائتي شخصيت جي حيثيت ۾ ان جي مختلف پهلوئن تي سوچيو ۽ فيصلو ڪيو ته سائين جي ڪتابن کي اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي دنيا تائين سائين جو امن ۽ آشتي، تصوف، انسانيت ۽ جديد قومپرستي جو پيغام پهچايان.
سائين، جي ايم سيد جي تصوف جي حوالي سان ٺاهيل ”بزم صوفياءَ سنڌ“ جي طرح. ”سنڌ صوفي انسٽيٽوٽ“ ٺاهي سائين جا جديد تصوف جا خيال پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پڻ ”پيغام سنڌ“ جيڪو امن ۽ پيار جو پيغام آهي ان کي ڪانفرنسن، ادب ۽ اجلاسن ذريعي پيش ڪري رهيو آهيان.
سائينءَ سنڌ جي عظيم شخصيتن ، تصوف ۽ سنڌ جي سياسي تاريخ تي لکيو آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگي جو آخري ڪتاب ‘سنڌ ڳالهائي ٿي’ لکيو ۽ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ان جي ترجمي لاءِ دوستن کي چيو ۽ گهڻن دوستن جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود سائين جي ايم سيد جو ڪورٽ جو بيان انگريزي ۾ ترجمو ٿي نه سگهيو. سائين جي ايم سيد مون کي حڪم ڪيو ته مان ان کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرايان، ان جو مون پاڻ اردو ترجمو ڪري، سيد افضل حيدر جي مدد سان، لاهور جي ڊان اخبار جي ڪالمسٽ ۽ ريزيڊنٽ ايڊيٽر محترم ظفر اقبال مرزا کان ترجمو ڪرائي سيد ضيا الحق شاهه ۽ غلام شاھ جي حوالي ڪيو. جنهن کي سنڌ ۾ “The Case of Sindh” جي نالي سان ڇاپيو ويو.
سائين مون کي ٻيو حڪم ڪيو هو ته ان جي خود نوشت ڇپايان، مواد مون وٽ نه هئڻ جي ڪري اهو ڪم مون کان مٿي هو، سائين جلال محمود شاهه ان ڪم کي سرانجام ڏيندي ان کي ڇپائي رهيو آهي.
مان سوچيو ته سائين جي ايم سيد جي خود نوشت ته ڇپائي نه سگهيس پر ان جي نوشت ڇپايان، مان ان سلسلي ۾ سائين جي لائبريري ۾ ڪجهه دستاويز ڏسي رهيو هوس ته ان ۾ هڪ ميٽنگ جو احوال مليو:
سائين جي ايم سيد جي زير صدارت هڪ ميٽنگ 1960ع جي پوين سالن ۾ ٿي گذري، اجلاس ۾ سنڌ جا ڏاها ۽ ليکڪ موجود هئا، ان ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي قومي اڳواڻن، شهيد الله بخش سومرو، سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ هر چند راءِ ۽ ٻين قومي سورمن جي نوشت لکي ويندي. ان لاءِ ڪم ورهائي مختلف ماڻهن جي ذمي لڳايو ويو. مون محسوس ڪيو ته سواءِ سائين جي ايم سيد جي جنهن” سنڌ جا سورما“ ڪتاب لکي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي باقي ڪنهن به ڪجهه نه لکيو آهي، ان وقت مون فيصلو ڪيو ته سائين جي ان خواهش کي به پورو ڪندس، هي ڪتاب به ان خواهش جو حصو آهي.
سائين جي زبان مان هيمشه انهن شخصيتن لاءِ احترام ٻڌو هوم ان جو هڪ مثال هي آهي ته سائين جڏهن شهيد الله بخش جي قبر تي شڪارپور ۾ ويا هئا ته سائين هي تاريخي لفظ چيا هئا:
”اي شهيد اسان کي معاف ڪر اسان توکي سڃاڻين نه سگهياسين“
تاريخ جي هڪ وڏي ماڻهو سائين جي ايم سيد جي شهيد الله بخش سومري کي اهڙي وڏي ڀيٽا، شهيد جي عظمت کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي:
ليڪن افسوس جو سنڌ جي اهڙي مهان انسان تي ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو هو سواءِ مشهور ليکڪ جڳت ايس برائيٽ جي ڪتابچي:
Allah Bux Soomro – India’s Nationalist No. 1 يا Golden Brain of Sindh” “The 1944ع ۾ ڇپيو هو. مان جڏهن سائين جي ايم سيد تي نوشت لکڻ جي حوالي سان لنڊن ۾ ”برٽش لائبريري“ ۾ سائين جي متعلق مواد ڏسي رهيو هوس ته سورهيه بادشاهه سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري ۽ شهيد الله بخش سومري تي تمام گهڻو مواد نظر آيو، ان مواد منهنجو ڪم وڌيڪ آسان ڪري ڇڏيو ۽ 1999ع ۾ سائين جي ايم سيد جي نوشت ”جي ايم سيد آدرشي انسان سي اوتار تڪ“ لکي ڇپائڻ کان پوءِ مون شهيد جي نوشت تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ان سلسلي ۾ آءُ ٻيهر به لنڊن ويس ۽ 2001ع ۾ ٻن سو صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب
Allah Bux Soomro - Apostle of Secular Harmony
لکي ڇپايم.
محترم بئريسٽر محمد عمر سومري صاحب سان ڊسمبر 2010ع تي ملاقات ٿي ۽ انهن خواهش جو اظهار ڪيو ته شهيد تي سنڌي ۾ ڪتاب اچڻ گهرجي ۽ اڄ هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
شهيد جي زندگي جا ڪيترائي پهلو آهن. الله بخش سومري سنڌ ۾ سماجي ۽ معاشي بهتري لاءِ ”سنڌ وليجرس ايسوسيئشن“ ٺاهي, ان ايسوسيئشن جي ذريعي جيڪي ڪم ٿيا اهو ته تاريخ جو حصو آهن پر سنڌ ۾ جيڪي لائبرريون ايسوسيئشن ٺاهيون ان لاءِ 1940ع ۾ سنڌ جي عظيم انسان راج رشي ديارام گدومل جي پٽ ۽ پي - ڪي شاهاڻي ۽ اين- ڪي شاهاڻي جي والد محترم ڪيول رام شاهاڻي 10 هزار روپين جا ڪتاب مهيا ڪيا هئا، اهو ڳوٺن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ڏانهن هڪ وڏو قدم هو.
سنڌ جي ٽن اهم شخصيتن شهيد الله بخش سومرو، سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو ۽ سائين جي ايم سيد انتهائي خوشحال گهراڻي ۾ پيدا هئڻ جي باوجود سادگي اپنائي ۽ هنن پنهنجي اٿڻ، ويهڻ ۽ پهرڻ جو انداز سادو رکيو. هنن کاڌي پهرڻ کي اهميت ڏني. چاهي سياست هجي، يا معاشرتي طور اٿڻ جو انداز هجي، هنن بازاري هيرو بنجڻ جي بجاءِ هڪ حقيقي قومي پيغام رسان ٿيڻ پسندڪيو. ان ۾ نه لالچ هئي نه لوڀ هو ۽ نه ئي جر ڦوٽي واري ڦونڊ هئي صرف ايثار ۽ قرباني هئي. روسي انقلاب جي دماغ ۽ تاريخدان ليون ٽراٽسڪي پنهنجي ”خود نوشت“ ۾ هيرن جي متعلق هڪ جملو لکيو آهي:
Heroes are instantly blinded by their own effulgence
هيرو هڪدم پنهنجي تجلي ۾ ئي انڌا ٿي ويندا آهن.
ان ڪري انهن ٽن عظيم شخصيتن هيرو ٿيڻ جي بجاءِ ايثار، سادگي، قرباني، علم ۽ حلم جي ذريعي جيڪا لاٽ ٻاري آهي ان جو اثر صرف سنڌ ۾ نه بلڪ دنيا به ان روشني مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪندي.
سائين جي ايم سيد ۽ سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي قرباني، ايثار، سادگي ۽ فڪر جي متعلق مون انهن جي جيڪا ”نوشت“ لکي آهي ان ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان هت صرف برڪت علي آزاد جيڪو شهيد جو هڪ بهترين ساٿي هو ان جيڪو ڏٺو ۽ لکيو آهي اهو پيش ڪري رهيو آهيان:
”مان ڪراچي ۾ شهيد الله بخش سومري وٽ وزير اعظم هائوس ۾ ترسيل هوس ته اتي هڪ ٻيو به مهمان رهيل هو. ان شهيد سان شڪايت ڪئي ته صبح جو روزي رکڻ مهل اوهان جو نوڪر مون کي گهرڻ جي باوجود گرم پاڻي نه ٿو ڏئي، شهيد ان کي چيو ته صبح اوهان کي گرم پاڻي ملي ويندو ۽ روزي رکڻ مهل مون ڏٺـو ته مهمان کي نوڪر جي بجاءِ الله بخش پاڻ گرم پاڻي ڏيئي رهيو آهي.
سخي ٿيڻ قدرت جي وڏي عطا آهي.
سائين جي ايم سيد الله بخش سموري جون خصوصيتون بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”الله بخش جيترو ڪمائيندو هو، ايترو ئي ڪشاده دلي سان خرچ ڪرڻ ڄاڻيندو هو. مجلسن، يارن، دوستن، محتاجن، علمي ادارن ۽ شاگردن تي خرچ ڪرڻ ۾ هٿ ڇوٽ هوندو هوس. ان ڪري سندس اثر جو دائرو ويو وڌندو.“
پير علي محمد راشديءَ شهيد کي ثابت قدم ۽ بهادر قرار ڏيندي لکيو آهي ته:
”صحيح يا غلط پر سندس رفاقت هڪ ڀيرو ڪانگريس سان ٿي وئي هئي، ان رفاقت کي پڇاڙي تائين قائم رکندو آيو. وزارت وئي ۽ سياست چڪر ۾ پئجي ويئي پر ڪانگريس سان سندس قرابت آخر تائين قائم رهندي آئي.“
”مسجد منزل گاهه متعلق جيڪو فيصلو ڪيائين ان تي آخر تائين قائم رهيو سندس خلاف وڏا طوفان کڙا ٿيا هڪ - ٻه ڀيرو ته پنهنجي زندگي خطري ۾ ڏٺائين پر هڪ دفعي جي معين ڪيل نظريي تان پڇاڙي تائين نه هٽيو“
شهيد جي ساٿي ۽ هڪ سخن سياستدان ۽ سنڌ اسيمبلي جي سابق ميمبر محمد امين کوسي الله بخش سومري کي ڀيٽا ڏيندي سندس عدل ۽ انصاف متعلق هيئن لکيو آهي:
”الله بخش جي حڪومت جي خطا ۽ ٻيو قصور ڇا هو؟ سواءِ ان جي ته سندس حڪومت ۾ ظالم ۽ مظلوم کي ڄاتو ويو.
خدا پناهه ڏئي، جتي عدل و انصاف ۽ حق و صداقت کان خالي حڪمراني آئي، اتي يقيني تباهي و بربادي ۽ زوال آيو. الله بخش عادل ۽ انصاف وارو حڪمران هو. وٽس رعيت جي حقن جي باري ۾ ڪا به ٻيائي ڪا نه هئي. سنڌ وارو توهان برابر هنن واقعن کي وساري ڇڏيو آهي.“
شهيد جو هڪ اهم پهلو وزيراعظم جي حيثيت ۾ انتظامي گرفت، چابڪدمتي ۽ پاليسي پيش ڪري ان تي عمل ڪرائڻ جو آهي. برطانيه جي 19 صدي جي موتبر شخصيت ۽ وزير اعظم محترم بينجمن ڊسرائيلي جو چوڻ آهي ته:
”اهو هڪ عظيم ماڻهو جو ڪم آهي ته جيڪا شي انقلاب مهيا ڪري سگهي ٿو اهو ڪم پاليسي جي ذريعي عمل ۾ آڻي.“
شهيد، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي سياسي ۽ سماجي ارتقا ۽ جاڳرتا لاءِ ڪم ڪيو، معاشي طور وڌائڻ لاءِ زرعي سڌار آندا ۽ فڪري طور سنڌ ۾ قومي ۽ انسانيت جي لاٽ ٻاري آهي. اچو ته ان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سنڌ جي عظيم سرويچ جي ياد ۾ ميٽنگون ۽ مذاڪرا ڪرايون ۽ ان تي لکي سنڌ ۽ دنيا کي هن جي خيالات ۽ جدوجهد کان واقف ڪريون.
محترم الاهي بخش سومرو، سيد جلال محمود شاهه، بئريسٽر محمد عمر سومرو، ڊاڪٽر ضياءُ الحق شاهه، فادر يونس عالم، سيد غلام شاهه، محترم فضل الله قريشي، محترم اشفاق ميمڻ، محترم نصير ميمڻ، محترم اسد الله ابڙو، محترم هاشم ابڙو، محترم يوسف حيدر شيخ، محترم ساجد الله صديقي، محترم يونس مهر ۽ محترم سليمان جتوئي جو ممنون آهيان.
ٽائيٽل ۽ ڪمپوزنگ لاءِ محترم ظفر آفتاب ابڙو، محترم ڪپتان ابڙو، سارنگ ابڙو ۽ محترم قمر آفتاب ابڙو جو ٿورائتو آهيان.

خادم حسين سومرو

مهاڳ

سنڌي کي انساني تهذيب ۾ اعليٰ مقام ان جي ڪري آهي ته هو سٺي ڪم لاءِ آواز بلند ڪري ٿو ۽ هن جو رويو اعتدال پسند ۽ مهذب آهي، هي هميشه امن ۽ انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿو، هن جو ايمان خالق ۽ هن جي درميان آهي. برصغير انگريز جي آمد کان اڳم ”هند ۽ سنڌ“ سڏبو هو. سنڌ برصغير ۾ اسلام جي آمد جو دروازو رهيو آهي، سنڌ جا آخري حڪمران ٽالپرهئا. برطانيه جي فوج سنڌ تي قبضو 1843ع ۾ ڪيو ۽ 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ملايو ۽ سنڌ ۽ هند جي لفظ کي رد ڪيو ويو، هند کي ڪيترن ئي صوبن ۽ راجائن جي رياستن ۾ تبديل ڪري، برطانيه پهنجي سولائي لاءِ بنايو ته جيئن اتي پنهنجي مرضي سان حڪمراني ڪري سگهي.
سنڌ ۾ حرن جي تحريڪ حزب الله شاهه پير پاڳاري جي قيادت ۾ شروع ٿي هئي ته پنهنجي وڃايل آزادي حاصل ڪجي. 1896- 1893ع تائين پهرين حر بغاوت جاري رهي رد عمل به ساڳئي طرح جو هو، ڪمشنر جيمس، ڊپٽي ڪمشنر هينري لوڪس ۽ نوجوان آفيسر هيو ڊو حر بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ تمام سخت اپاءُ ورتا.
اهو ساڳيو ڍڳ سنڌ جي ٽن عظيم شخصيتن، سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو، 1909ع جي ايم سيد 1904ع ۽ الله بخش سومرو 1900ع اختيار ڪيو.
محترم خادم حسين سومرو آف سيوهڻ شريف، پاڻ کي ارپي، انتهائي درجي جي پورهئي ۽ اورچائي سان تحقيق ڪري مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي عظيم شخصيتن جي سوانح لکي ان ۾سنڌ، برصغير ۽ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ انهن جي ڪردار جو ذڪر ڪيو آهي.
تاريخدانن انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۽ ان جي اڳواڻن تي ڪافي بحث به ڪيو آهي ۽ لکيو به آهي پر محترم خادم سومري تمام سهڻي نموني سان مسلم قوم پرستن جو خيال ۽ فڪر پيش ڪيو آهي. هي هڪ وساريل ٽيون گروهه آهي.
20 صدي جي ابتدائي ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي ٻن اهم شخصيتن غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچندراءِ برصغير جي سياست ۾ اهم مقام حاصل ڪيو. بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ هر چندراءِ (جديد ڪراچي جو ابو) بمبئي کان سنڌ جي جدائي ۽ سياسي جاڳرتا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
30 آڪٽوبر 1930ع تي محترم جي ايم سيد ڪراچي ۾ پنهنجي گهر تي، جناح صاحب، سر شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين شخصيتن جي دعوت ڪري انهن کي گذارش ڪئي ته سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. محمد علي جناح لنڊن ۾ ٿيندڙ گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي متعلق آواز اٿاريو ۽ سر شاهنواز ڀٽي ان کان پوءِ تحريڪ ۾ اهم حصو ورتو.
صوفياڻي سنڌ جي فرزند الله بخش سومري 1923ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ جي ميمبر ٿيڻ سان پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي ۽ 1926ع ۾ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر لاءِ اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. هن اتي سنڌ جي خدمت به ڪئي ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن 1934ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو ۽ جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جي پهرين سياسي پارٽي”پيپلز پارٽي“ ٺاهي ۽ 1936ع ۾ سر حاجي عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ٺاهي.
سنڌ بمبئي پريزيڊنسي کان 1936ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 تحت عليحده ٿي. فيبروري 1937ع جي اليڪشن ۾ هن حصو ورتو ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. هن جي پارٽي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي کي 60 اسيمبلي ميمبرن مان 22 نشستون مليون ۽ اها هائوس جي اڪثريتي پارٽي هئي پر گورنر سنڌ سر لانسلاٽ گراهام، ٽن ميمبرن جي اڪثريت رکندڙ سر غلام حسين کي سنڌ جي وزارت ٺاهڻ جي دعوت ڏني ۽ ان کي اها به اجازت ڏني ته هو ڪجهه مهينن تائين پنهنجي اڪثريت ڏيکاري. الله بخش سومرو قائد حزب اختلاف ٿيو، هڪ سال جي اندر سر غلام حسين جي حڪومت کي ڪٽ موشن تي شڪست ٿي ۽ الله بخش سنڌ جو جمهوري عمل ذريعي پهريون وزير اعظم ٿيو، هن 23 مارچ 1938ع تي قسم کنيو. هي هڪ ساڌو ماڻهو جنهن جا ڪئي قصا آهن جيڪي هن حقيقت کي بيان ڪن ٿا. هن ڪڏهن به پنهنجي سرڪاري گاڏي تي جهنڊو نه چاڙهيو. برطانيه جيڪي زرعي سهولتون نه ڏئي سگهيو هو. هن غريب هارين ۽ زراعت پيشه ماڻهن کي زرعي اصلاح آڻي انهن کي سهولتون مهيا ڪيون. هن ڪمشنر ۽ ڪليڪٽري درٻارن ۽ ڪرسي ڏيڻ جا اختيار ختم ڪيا. (اهو نوڪر شاهي جو اختيار هو ته سندن آفيسن ۾ ايندڙ شخصيتن جا نالا ڪرسي تي ويهڻ لاءِ پڌرا ڪن).
الله بخش سومري محسوس ڪيو ته هندو سنڌين جي اسڪولي تعليم جي شهرن ۾ سهولت هجڻ جي ڪري هنن تمام شعبن ۾، ڊاڪٽرن، وڪيلن، استادن ۽ انجنيئرن ۾ ڪثرت حاصل ڪئي آهي هو واپار ۽ صنعت ۾ به آهي.
هن زراعت پيشه سنڌي مسلمان ڪٽنبن کي چيو ته شهرن ۾ منتقل ٿيو، جتي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم جي سهولت آهي، ان عمل جي ڪري هن جي سنڌ جي خاندانن سان ويجهڙائپ ٿي.
الله بخش سومرو مسلمانن جي غير فرقيوارانه جماعت ”آزاد مسلم بورڊ“ جو صدر ٿيو، اها ڳالهه سنڌ جي سياسي گروهن، گورنر سنڌ ۽ برطانوي انتظاميه لاءَ چڙ ڏياريندڙ هئي، ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ وقت هن پنهنجا لقب خانبهادر ۽ آرڊر آف برٽش امپائر واپس ڪيا ۽ وائسراءِ کي ساڳي خط ۾ برصغير جي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ان کي آزاد نه ڪرڻ جي حالتن تي روشني وڌي. ان ڳالهه تمام برطانوي انتظاميه ۾ بيچني پيدا ڪئي ۽ هنن ردعمل طور 10 آڪٽوبر 1942ع تي الله بخش سومري کي سنڌ جي وزير اعظم تان معطل ڪيو. الله بخش سومري گورنر جي هن عمل کي غير آئيني قرار ڏنو.
ياد رهي ته شهيد الله بخش سومري کي اسيمبلي ۾ اڪثريت هئي ۽ هو سنڌ جي تمام مذهبي ڌرين هندو - مسلم - پارسي- عيسائين ۽ سکن جو مقبول اڳواڻ هو.
هن سامراج جي خلاف پنهنجي جنگ جاري رکي ۽ هڪ روادار ۽ وطن پرست سياستدان جي طور فرقيواريت ۽ سامراجي تسلط کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکيو.
انگريز سامراج جي نوڪر شاهي ۽ ڪجهه سياستدانن غلط پروپيگنڊا ڪري حرن کي غصي ۾ آندو ته سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو، الله بخش سومري جي وزارت عظميٰ جي دور ۾ گرفتار ٿيو آهي، انتظاميه جي سازش ڪامياب وئي ۽ حرن جي هڪ ٽولي الله بخش سومري کي 14 مئي 1943ع تي شهيد ڪيو.
حقيقت هي آهي ته سنڌ جي گورنر سر هيو ڊو سنڌ جي وزيراعظم الله بخش کي بنا ڪنهن اطلاع ڏيڻ ۽ باخبر رکڻ جي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي پير صاحب کي سنڌ کي آزادي ڪرائڻ جي بغاوت ڪيس ۾ گرفتارڪرايو. ياد رهي ته الله بخش سومرو گرفتاري وقت سنڌ کان ٻاهر هو ۽ جڏهن هن کي پير صاحب جي گرفتاري جي خبر پئي ته هن وائسراءِ هند لارڊ لنلٿگو سان گورنر جي خصوصي اختيارات استعمال ڪرڻ جي عمل تي احتجاج ڪيو ۽ سنڌ اسيمبلي کي اعتماد ۾ وٺندي گورنر جي خصوصي اختيارات کي غير آئيني قرار ڏيندي ان کي ننديو.
پير صاحب تي مارشل لا ٽربيونل ۾ ڪيس هلايو ويو. هن ٽربيونل جو وڏو جج مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجر جنرل رچرڊسن هو. جنهن پنهنجي فيصلي ۾ پير صاحب کي ڦاسي جي سزا ڏني ۽ پير صاحب کي 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
تاريخي ڳالهه جي طورتي مان هتي سنڌ جي گورنر جي طرفان وائسراءِ هند کي 21 سيپٽمبر 1942ع تي لکيل خط پيش ڪري رهيو آهيان.
”مسلم ليگي انتهائي بي احتياط آهن، الله بخش سومري کي بدنام ڪرڻ لاءِ مارشلا جي ناخوشگوار واقعن ۾ هن کي ملوث ڪرڻ ۾“
هڪ سوال تحقيق ڪندڙن ۽ تاريخدانن لاءِ آهي ته سنڌ جي ٻن غير فرقيوارانه سياست ڪندڙن کي سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا جي سياست کان ڇو ٻاهر ڪڍيو ويو؟
سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري کي 20 مارچ 1943ع تي ڦاسي ڏني وئي ۽ ٻن مهينن اندر 14 مئي 1943ع تي الله بخش سومري کي قتل ڪيو ويو.
سنڌ سڄي اونڌاهي ۾ هلي ويئي ۽ ٻئي روشنيءَ جون لاٽون اجهامي ويون. سنڌ ۾ غيرفرقيوارانه سياست جي جڳهه تي فرقيواريت اچي وئي. سنڌ کي روادار سياست جي ذريعي برصغير کي فرقيوارانه اوڙاهه مان ڪڍڻون هو اهو ختم ٿي ويو ۽ سامراجي ۽ انهن جا هم نوالا ۽ هم پيالا جشن ڪري رهيا هئا ۽ نفرت جي سياست بام عروج تي پهتي ۽ محبت دور دور کان نظر نه اچي رهي هئي، سنڌ جي سياست ۾ ان وقت صرف سائين جي ايم سيد روشني جي ڪرن هو جنهن سان منهنجي والد حاجي مولا بخش سومري جو سهڪار به شامل هو، پر فرقيواريت ايتري وڌي وئي هئي ۽ ان جي پٺيان سامراج جو ايڏو وڏو هٿ هو جو سائين جي ايم سيد باوجود وڏي مقابلي ۽ جدوجهد ڪرڻ جي سنڌ جي روادار سياست جي ذريعي ايڏي وڏي ديو سان پهچي نه سگهيو. هڪ دفعو اهڙو آيو جو سائين جي ايم سيد ۽ منهنجو والد ان ۾ ڪامياب ٿي ويا پر برطانوي سامراج جو ڪارندو گورنر سنڌ سر هيو ڊو رڪاوٽ بڻيو. حقيقت هي آهي ته سائين جي ايم سيد پنهنجي پارٽي مسلم ليگ جي وزير اعليٰ سر غلام حسين جي خلاف فيبروري 1945ع ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ پاس ڪرائي، نئين وزير اعليٰ طور منهنجي والد کي آڻڻ چاهيو پر گورنر منهنجي والد سان ميٽنگ ڪري هن کي چيو ته مان توکي ڪنهن به صورت ۾ وزير اعليٰ ٿيڻ نه ڏيندس، هن کي خوف هو ته هي الله بخش وارو ساڳيو خون آهي ۽ اهو خون اسان لاءِ مصيبت نه بڻجي.
الله بخش سومرو فرقيوارانه سياست جي خلاف هو، هن جون تقريرون ۽ عمل ان جو شاهد آهي. هو ٻه قومي نظّريي سان متفق نه هو ۽ ان ڳالهه ئي سياسي طور تي جناح صاحب ۽ مسلم ليگ کان هن کي دور ڪيو.
هن مارچ 1940ع جي دهلي واري تقرير ۾ جارح ۽ قابض جي مذمت ڪئي ۽ هن ٻڌايو ته هي جيڪا ٻي جنگ عظيم آهي اها سامراجين جي طرفان هڪ نئين نظام New world order جي لاءِ آهي ته جيئن غلامن کي مزيد غلام ڪجي ۽ پنهنجا قبضا برقرار رکجن. الله بخش سومري پنهنجي آخري تقرير ۾ چيو ته اهو عمل انسانيت لاءِ نقصان وارو آهي ۽ جيستائين ان کي ختم نه ٿو ڪيو وڃي دنيا ۾ امن نه ايندو.
فرقيواريت کي هن انساني ترقي ۽ امن ۾ وڏي رڪاوٽ قرار ڏنو.
ڪلهه جيڪي هندستان جا سياسي اڳواڻ ۽ بديسي سامراج، الله بخش سومري جي انهن خيالن کي پنهنجي ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ ڏکيو سمجهندا هئا آمريڪا هجي يا برطانيه اهي اڄ فرقيواريت جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ ان کي خطرناڪ سمجهن ٿا. اڄ به امن لاءِ دنيا کي الله بخش سومري جهڙي عظيم شخصيتن جي ضرورت آهي.

الاهي بخش سومرو
سابق اسپيڪر
قومي اسيمبلي پاڪستان

خانداني لڙهي

عربن جي 712ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ فاتح اميه خاندان جي ڪجهه عرصو حڪمراني رهي. انهن کي شڪست ڏيئي عباسي خاندان تخت نشين ٿيو، ان جي سنڌ ۾ ڍيلي ڍالي حڪمراني رهي. 1021ع ۾کشتري جاٽن مان مقامي سومرا قبيلي آخري عرب حڪمران هباري قريشين کان تخت حاصل ڪيو. سومرا دور کي تاريخ جي هر پهلو سان ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي سان گڏ، مقامي لوڪ داستان عمر ماروي، مومل راڻو ۽ علم و دانش جو دور قرار ڏنو ويو آهي. اُچ سومرا دور ۾ وڏو علمي مرڪز رهيو آهي. هن خطي جا وڏا درويش قلندر لعل شهباز، بابا فريد، حضرت بهاولدين زڪريا ۽ شاهه شمس سبزواري ملتاني به هن ئي دور جا آهن. خوجه اسماعيلين جا گنان به شاهه صدرالدين ۽ ٻين هن ئي دور ۾ لکيا. قريبن 3 سو سال کان مٿي حڪمراني ڪندڙ سومرا خاندان کي سندن ئي فوجي جرنيل، سما راجپوت شڪست ڏئي، سنڌ جا حڪمران ٿيا.
سما دور قريبن 1350 کان 1520ع تائين ٻه صديون رهيو. هن دور ۾ ثقافتي ۽ سماجي ترقي سان گڏ اقتصادي خوشحالي رهي، سما دور کان پوءِ ارغون، ترخان، ۽ مغل دور رهيا ان ۾ سومرا ته ڇا سڄي سنڌي قوم پسماندگي ۾ هلي وئي. ان دور کي سنڌ جو اونداهون دور قرار ڏجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. 1700ع کان 1782ع تائين ڪلهوڙا ۽ 1783کان 1843 جو عرصو ٽالپر حڪمرانن جو رهيو. 1843ع ۾ ٽالپر حڪمرانن کي شڪست ڏئي انگريز سنڌ جا حڪمران ٿيا. سنڌ کي آزاد وطن طور فتح ڪندڙ انگريز ، سنڌ کي متحده هندستان جو هڪ صوبو قرار ڏنو ۽ 4 سالن کان پوءِ فاتح انگريز ڪمانڊر ۽ سنڌ جي پهرين گورنر سر چارلس نيپيئر جي سنڌ مان روانگي کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري. گورنر جي جڳهه تي ڪمشنر مقرر ڪري سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو. انهن حالتن جي باوجود سنڌ جي باسين همت نه هاري ۽ هنن تعليمي ادارا ٺاهي سنڌ ۾ انگريزي جي تعليم کي وڌايو ۽ پڻ سماجي ۽ سياسي تنظيمون، سنڌ سڀا ۽ محمدن ايسوسئيشن ٺاهي، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندا رهيا. ان دوران سيد حزب الله شاهه پير پاڳاري ۽ ان جي مريدن انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ 1893 کان 1896ع واري پهرين حر بغاوت ان جو نتيجو هئي.
سومرا خاندان جو حال شڪست خورده قومن ۽ حڪمرانن جي طرح ٿيو ۽ هو تتربتر ٿي وڃڻ سان گڏ پسماندگي ۾ هليا ويا. محترم ڊاڪٽر مهر عبدالحق سومري پنهنجي ڪتاب "The soomras" ۾ سومرا دور ۽ ان کان پوءِ جي حالات تي مفصل لکيو آهي. ان وچين دور ۾ ڪئي سومرا بزرگ ۽ اهم شخصيتن جنم ورتو. شڪست کان 550 سو سالن کان پوءِ برصغير جي اهم شخصيت الله بخش سومرو 1900ع ۾ شڪارپور ۾ خانصاحب محمد عمر جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي جرئت، دورانديشي، ديانتداري سادگي ۽ انتظامي حڪمراني جي ذريعي خود کي ۽ ابن ڏاڏن کي ملهايو اهو تاريخ جو هڪ بينظير مثال آهي.
20 صدي جي ابتداءِ ۾ صرف الله بخش سومري جنم نه ورتو پر ان جي ابتدائي ڏهاڪي ۾ ٻن اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد 1904ع ۽ سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو 1909ع ۾ جنم ورتو، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هنن ٽن شخصيتن کان سواءِ سنڌ جي جديد سياسي، سماجي ۽ تهذيبي تاريخ نامڪمل آهي، ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته شهيد الله بخش سومرو جديد سنڌ جو دماغ، سورهيه بادشاهه ان جي دل ۽ سائين جي ايم سيد روح آهي. اڄ تائين مون جي ذهن ۾ هڪ سوال رهي ٿو ته انهن سنڌ جي ٽن عظيم شخصيتن سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري کي 34 سالن جي عمر ۾ ڦاسي تي ڇو چاڙهيو ويو، الله بخش سومري کي 43 سالن جي عمر ۾ ڇو قتل ڪرايو ويو ۽ سائين جي ايم سيد کي مرڻ گهڙي تائين 30 سالن کان مٿي ڇو قيد ڪيو ويو؟ اڄ به اسان انهن عظيم شخصيتن جي فڪر ۽ جدوجهد کي مشعل راهه بنائي سنڌ کي روحاني، ثقافتي ۽ سماجي طور بهتر ڪري سگهون ٿا ۽ معاشي ۽ سياسي خود مختياري ڏئي سگهون ٿا.

سياست ۾ پير

الله بخش جيئن ئي 19 سالن جو ٿيو ته سندن والد خان صاحب محمد عمر سومري وفات ڪئي. والد جي وفات نه صرف سندن تي گهر جي ذميواري سونپي پر تعليم کي به متاثر ڪيو ۽ ميٽرڪ کان پوءِ مزيد تعليم ڏانهن توجهه ڏئي نه سگهيا.
الله بخش سومري جو سنڌ جي حڪمران خاندان سان تعلق هجڻ جي ڪري سياست ۽ عوامي خدمت هن جي خون ۾ سمايل هئي. پاڻ 1923ع ۾ ضلع لوڪل بورڊ سکر جا ميمبر ٿيا. جيڪب آباد ميونسپالٽي جا به ساڳي وقت ميمبر ٿيا. 1928ع ۾ ضلع لوڪل بورڊ سکر جا نوجوان پريزيڊنٽ ٿيا. شهيد الله بخش سومري جي ضلع سکر لوڪل بورڊ جي دور کي عوامي ڀلائي ۽ بهبود جو سنهري دور قرار ڏئي سگهجي ٿو. الله بخش سومري ضلعي لوڪل بورڊ سکر جي پريزيڊنٽ جي حيثيت ۾1931ع ۾جيڪب آباد ۾چوپائي مال ۽ گهرو صنعتي ميلي دوران تمام سنڌ جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پريزيڊنٽن جي ميٽنگ سڏائي، ڪانفرنس ۾هن ضلعي لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽن جا اختيار وڌائڻ جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي جيڪا يڪراءِ طور منظور ڪئي وئي.
ساڳئي وقت عبدالله هارون جي زير صدارت ميٽنگ ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائي جي قرارداد منظور ڪئي وئي. هڪ ٻي قرارداد آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي حق ۾ پڻ منظور ڪئي وئي. هڪ ٻي اهم ڳالهه لوڪل بورڊ جي حوالي سان، سائين جي ايم سيد جون سياسي سرگرميون ۽ سندس ڪراچي ضلعي ۾ عوامي مهم ڏسي ان وقت جي ڪراچي جي ڪليڪٽر محترم گبسن ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جي بمبئي انتظاميه کان گرانٽ رد ڪرائي. شهيد الله بخش سومرو، سر شاهنواز ڀٽو، سيد ميران محمد شاهه ۽ خانبهادر غلام نبي شاهه جيڪي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر ۽ مختلف ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊن جا صدر هئا. انهن بمبئي انتظاميه سان ڳالهائي ضلعي لوڪل بورڊ جي گرانٽ بحال ڪرائي.
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل
1926ع ۾ پاڻ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائون ۽ نوجوان ۽ وچين طبقي سان تعلق هجڻ جي باوجود، سردارن ۽ زميندارن جي تڪ شڪاپور مان پنهنجي اهليت جي بنياد تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر منتخب ٿيا. بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيڻ سان هن پنهنجي پارلياماني سياست جي ابتدا سر شاهنواز ڀٽو جي ساٿاري جي حيثيت ۾ ڪئي، سر شاهنواز ڀٽي جو عملي سياستدان هجڻ جي ڪري اهو خيال هو ته انگريز سرڪار سان ساٿ ڏيڻ جي ڪري سولائي سان پنهنجي تڪ ۽ سنڌ جا عوامي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.
شهيد الله بخش سومري، سر شاهنواز ڀٽي جي ساٿاري جي حيثيت ۾ سرڪار سان سهڪار واري پاليسي هلڻ سان گڏ جتي به ان جي ضمير محسوس ڪيو ته سرڪار جو هي رويو عوامي مفادن جي خلاف آهي ته پاڻ ان جي مخالفت ڪيائون.
برٽش لائبرري جي فائيل V/9-2841 ۾ لکيل آهي ته الله بخش سومري 17 فيبروري 1927ع تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت ۾ حلف کنيو.
بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ان سيشن جي چيئرمين سر شاهنواز ڀٽو ولد غلام مرتضيٰ ڀٽو ميمبرن کان حلف کڻايو
حلف کڻندڙ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبرن جا نالا سر چني لال مهتا، محترم ڪاوسجي جهانگير، محترم جي - ايل ريو، محترم جي - اي هوسٽن، سر غلام حسين هدايت الله، سرهري لال ڊي، ڊيسائي، خانبهادر حاجي عبدالطيف، محترم جو ايڊي مين، مولوي رفيع الدين احمد، خان صاحب الله بخش محمد عمر سومرو، ڊاڪٽر جي - آر امبيڊڪر، محترم هري ڀائي جواهر ڀائي امين، محترم ايف- جي - ايڇ اينڊرسن، راءَ بهادر شنمکپاننگپا آنگندي، رامچندرا سنتارام اسالو، محترم اتمارام مهاديوآتواني، محترم بالڪ رام، محترم جان محمد خان ولي محمد خان ڀرڳڙي، خانبهادر شير محمد خان بجاراڻي، سردار محبوب علي خان محمد اڪبر خان بردار، محترم ستيا رام ڪيشاؤ بول، محترم ڊي. آر . ايڇ بروني، محترم نرساو بالڪرشنا چندرا چڊ، محترم جي چيٽفيلڊ، سر وسنت راو داڀولڪر، محترم غلام احمد ڊاگميا، محترم ڀلو ڀائي ترڀود ڊيسائي، محترم جيرام داس بيچرداس ڊيسائي، راؤ صاحب دادو ڀائي، پشو تمداس ڊيسائي، محترم لڇمڻ مهاديو ديشپانڊي، ڊاڪٽر موهن ناٿ ڪيڊارناٿ ڊڪسٽ، محترم جي گوسل، محترم غلام حيدر شاهه، سيد غلام نبي شاهه، ڊاڪٽر مان چرشڌن جي ڀائي گلڊر، محترم فراموز جمشيد جي گنوالا، محترم نارائن رام گنجال، محترم ڀسڪاراؤ ويٺوج راؤ جادهو، محترم جيرام داس دولت رام، خانبهادر جان محمد خان، خان بهادر شاهه پسند خان، محترم ديوان صاحب ابا صاحب جان ويڪر، خان بهادر حاجي امام بخش خان غلام رسول خان، محترم حاجي ابراهام، حاجي محمد جيٽڪر، محترم وشنو ناٿ نارائڻ جوڳ، محترم ڊبليو- اِلس جونس، محترم ايس- سي- جوشي، راءَ بهادر ٽوٽاپا ڪمبلي، محترم منجناٿ ديوار ڀاٽڪرڪ ، سر جوزف ڪي، محترم محمد ايوب شاهه محمد کهڙو، محترم حسين ڀائي عبدالله ڀائي، محترم لالجي نارنجي ۽ محترم شام راءُ پانڊورنگ راؤ لگيڊ.
الله بخش بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾9 سالن تائين سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تائين ميمبر رهيو، برٽش لائبريري مان مليل مواد جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته الله بخش سومرو ڪائونسل جي هر اجلاس ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور انداز ۾ ڳالهائيندو رهيو، هن سنڌ ۾آبپاشي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ هميشه بمبئي حڪومت تي زور ڀريو، جنهن ۾ بيگاري واهه، ڪڙيا ۽ ٽيل تي رهندڙ آبادگارن تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ حڪومت کي تجويز ڏيئي ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ زور ڀريو.
سنڌ ۾پاڻي جي متعلق هو ڪيترو حساس هو ان جو اندازو 4 آڪٽوبر 1932ع تي بمبئي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هن جي ڪيل تقرير مان ڪري سگهجي ٿو. هن ڪلري ڪئنال ۽ ڪڙين جي متعلق ڳالهائيندي چيو:
”پاڻي هڪ پاڻيٺ وارو خزانو“ آهي، اسان کي پاڻي کي احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي، هڪ ڪيوسڪ پاڻي جي ضايع ڪرڻ جي معنيٰ آهي ته اوهان قومي معيشت کي نقصان پهچائي رهيا آهيو.“
شهيد الله بخش سومري جي هن مدبرانه ۽ دورانديشانه ڳالهه جيڪا صرف ٻن جملن تي مشتمل آهي ان کي اڄ به حقيقي تناظر ۾ جيڪڏهن ڏسبو ته اها سنڌ لاءِ نه پر تمام دنيا لاءِ هڪ مشعل آهي، ان تقرير کي 100 سال نه گذريا آهن ۽ اهو چيو وڃي ٿو ته ايندڙ جنگيون پاڻي تي ٿينديون ۽ هنن لفظن ۾ اهل سنڌ لاءِ به هدايت آهي ته سنڌو ۾ اسان جو ساهه آهي ان جي پارت اٿو.
الله بخش سومري جي اهليت ۽ ڪردار جي ڪري هن کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ڪيترن ئي ڪاميٽين تي ميمبر نامزد ڪيو ويو، سومرو صاحب سکر بئراج ڪاميٽي جو پڻ ميمبر هو.
12 مارچ 1930ع تي سومري صاحب بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ ۽ ٻين هنڌن تي بئراج قائم ڪرڻ جي اهميت تي تقرير ڪئي. ياد رهي ته سنڌ جون ٻئي ابتدائي تنظيمون سنڌ سڀا ۽ محمدن ايسوسئيشن 20 صدي جي پهرئين ۽ ٻئي ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ”سنڌ ڪانفرنسن“ ۾سنڌ ۾ بهترين زراعت لاءِ جديد آبپاشي نظام لاءِ مطالبا ڪيا، جديد سنڌ جي ابتدائي سياست جي ٻن روح روائن رئيس اعظم غلام محمد خان ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچندراءَ وشنداس ۽ ٻيا سنڌ جا سڄڻ آواز اٿاريندا رهيا.
سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي راس ٿيو، جنهن سان سنڌ جديد آبپاشي نظام ۾ شامل ٿي ويو ۽ سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين آباد ٿي ۽ سنڌ جو زراعت پيشه ماڻهو خوشحال ٿيو ۽ حڪومت کي به ڍل جي مد ۾ ڪافي رقم حاصل ٿي. سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي کان سواءِ الله بخش سومري سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ حالات بهتر ڪرڻ لاءِ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڳالهايو.
13 مارچ 1928ع تي هن سنڌ ۾ بهتر تعليمي نظام لاءِ ڳالهايو.
28 مارچ 1931ع تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾تقرير ڪندي هن سنڌ ۾ ڇهه ”ماڊل فارمز“ ٺاهڻ جو مطالبو ڪندي حڪومت تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ”ماڊل فارمز“ ٺاهڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
12 مارچ 1931ع تي الله بخش سومري بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾تقرير ڪندي جيل ۽ ان ۾ رهندڙ قيدن جي حالت تي ڳالهايو ۽ انهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت کي چيو.
15 آگسٽ 1931ع تي هن رسائي ۽ لاپي تي ڳالهايو ۽ چيو ته بمبئي ڪائونسل جي ميمبرن جي سنڌ جي هن اهم مسئلي ۾ ڪابه دلچسپي ناهي. هن وڌيڪ چيو ته رسائي ۽ لاپو انتهائي خراب نظام آهي ۽ اهو ضروري آهي ته ان کي ختم ڪيو وڃي.
آگسٽ 1934ع ۾ الله بخش سومري سنڌ ۾ جننگ فيڪٽري لڳائڻ لاءِ بمبئي ڪائونسل ۾تقرير ڪندي چيو ته اها جلد به جلد لڳائي وڃي.
هن ساڳي اجلاس ۾ Sindh De-limitation Report سنڌ ڊي لميٽيشن رپورٽ تي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي جمهوري نظام گهرجي ، ان نظام تحت ڪائونسل جي ميمبر کي پارٽي پروگرام تحت منتخب ٿيڻ گهرجي نه ڪه انفرادي يا ذات ۽ برداري بنياد تي.
هن سندس تقرير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مستقبل جي سنڌ جي حوالي سان ڪهڙو نه سندس روشن خيال خاڪو هو، هن محسوس ڪيو ٿي ته جديد سنڌ جي ترقي لاءِ جمهوري نظام ئي بهتر طريقه ڪار آهي، جيڪڏهن اسان پارٽي پروگرام جي بنياد تي مستقبل جي سنڌ کي وٺي نه وياسين ته پوءِ انفرادي يا ذات پات وارو طريقه ڪار سنڌ کي پوئتي وٺي ويندو ۽ سنڌ پسماندگي مان نڪري نه سگهندي، ان لاءِ هن 1934ع ۾ ئي سر شاهنواز ڀٽو ۽ سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جي پهرين سياسي پارٽي”پيپلز پارٽي“ ٺاهي.
پيپلز پارٽي
1934ع ۾ سائين جي - ايم سيد جي گهر ”حيدر منزل“ تي سنڌ جي پهرين سياسي جماعت ”پيپلز پارٽي“ جو بنياد رکيو ويو، سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش سومرو ۽ سر شاهنواز ڀٽو هن پارٽي جا روح روان هئا. بزرگ سياستدان جي حيثيت جي ڪري سر شاهنواز ڀٽو کي پيپلز پارٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو، سر شاهنواز ڀٽو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ بمبئي ۾ سياسي ۽ فلاحي مصروفيتن سبب پارٽي ڏي توجهه ڏيئي نه سگهيو ۽ پارٽي وڌيڪ هلي نه سگهي. پارٽيءَ صرف هڪ ڪم ڪيو جو 1934ع ۾ هندستان ليجسليٽو ڪائونسل تي پنهنجو اميدوار نواب نبي بخش خان ڀٽو بهاريو، ان اليڪشن ۾ ٽن اميدوارن سر حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ نواب نبي بخش خان ڀٽو حصو ورتو هو. نواب نبي بخش خان جي اليڪشن مهم جو الله بخش سومرو اتر سنڌ جو ۽ سائين جي ايم سيد هيٺين سنڌ جو انچارج هو. انهن ڪوششن سان نواب بخش خان هندستان ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو.

ميمبر سنڌ اسيمبلي

1935ع جو سال برصغير جي تاريخ جو اهم سال آهي هن سال برطانوي پارليامينٽ آل انڊيا گورنمينٽ ايڪٽ 1935 منظور ڪيو. هن ايڪٽ جي ڪري برصغير ۾ ڪيتريون تبديليون آيون ۽ هن ئي ايڪٽ تحت سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ٿي ۽ برٽش- انڊيا ۾ سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏني وئي.
سنڌ جي ماڻهن جي هي ديرينه خواهش پوري ٿي پر هاڻي ڏسڻو آهي ته اها خواهش سنڌ جي مسلم قيادت جي جدوجهد ڪري پوري ٿي يا برطانيه پنهنجي مستقبل جي منصوبي تحت سنڌ کي بمبئي کان عليحده ڪيو. اها ڳالهه مورخن ۽ ايندڙ وقت تي ڇڏي اهو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته هن جدوجهد ۾ سنڌ جي مسلم ۽ هندو قيادت اڳيان اڳيان هئي پر 1924ع ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جهڙي اعليٰ ۽ روادار مسلم قيادت جي بي وقت وڇوڙي سبب هندو قيادت ان جدوجهد ۾ ڪردار ادا نه ڪري سگهي، ايتري قدر جو سيٺ هرچندراءِ وشنداس جنهن ابتدائي طور سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي ڳالهه هر پليٽ فارم تي ڪئي، اهو به مخالفت ڪرڻ لڳو.
پهرين دور ۾ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سر غلام حسين، ٻئي دور ۾ سنڌ جي نوجوان قيادت شهيد الله بخش سومرو، سائين جي ايم سيد ۽ محمد ايوب کهڙو پيش پيش هئا. سنڌي پارسي جمشيد نسروانجي مهتا به پاڻ ملهايو، ميران محمد شاهه جو به اهم ڪردار رهيو. سر شاهنواز ڀٽي هن جدوجهد ۾ ابتدائي طور حصو نه ورتو پر آخري مرحلي ۾ آزاد سنڌ ڪانفرنس جو صدر ٿي جدوجهد کي اڳتي وڌايو، شيخ عبدالمجيد سنڌي جو ڪردار ابتدا کان وٺي جدوجهد جي آخر تائين انتهائي اهم رهيو.
سائين جي ايم سيد” سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي“ ڪتاب لکي ان جدوجهد تي مفصل لکيو آهي۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو پنهنجي والد محمد ايوب کهڙي تي ڪتاب لکي ان جدوجهد تي مفصل روشني وڌي آهي.
1936ع ۾ سر لانسلاٽ گراهام، سنڌ جو گورنر مقر ٿي، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي پهتو.
هي گهڙي سنڌي قيادت لاءِ وڏي امتحان جو وقت هئي. اليڪشنون مٿان هيون. سنڌ ۾ هندو ۽ مسلم قيادت ۾ ويڇا اچي ويا هئا. انگريز سرڪار سنڌ کي بمبئي کان عليحده ته ڪيو پر ٻه اهم شرط وڌا:
ويٽيج: ويٽيج تحت سنڌي مسلمان جن جي آدم شماري 75 فيصد هئي ان کي 60 فيصد نشستون ڏنيون ويون. سنڌي هندو جن جي آدمشماري 25 فيصد هئي ان کي 40 فيصد نشستون ڏنيون ويون ۽ مٿا سوني تي سهاڳ 3 يورپين لاءِ به 3 نشستون رکيو ويون.
سکر بئراج جو مرڪز کان کنيل قرض، نئين صوبائي حڪومت کي ڀرڻو هو.
سائين جي ايم سيد جيئن 1934ع ۾ پيپلز پارٽي ٺاهڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ان حالتن جي سنگيني کي محسوس ڪندي اها اهم ذميواري سر انجام ڏيڻ لاءِ پهرين ڪوشش طور پنهنجي گهر حيدر منزل ڪراچي تي هندو ۽ مسلم سياسي قيادت کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو.
ابتدائي طور ته سنڌي هندو اڳواڻ جيرام داس دولترام پارٽي ٺاهڻ ۽ سوالنامي متعلق صلاح مشورو به ڏنو ۽ تعاون به ڪيو ليڪن ٻي ميٽنگ ۾ محترم جيرام داس دولت رام نه آيو ان ميٽنگ ۾ سنڌ دوست صوفي منش انسان دادا چيٺمل پرسرام، راءِ بهادر هوتچند، ريوا چند ٿڌاڻي ۽ ڊينگو ٿڌاڻي شريڪ ٿيا. مسلم قيادت مان خانبهادر الله بخش سومرو ، محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد، علامه آءِ آءِ قاضي، سر غلام حسين، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، حاتم علوي ۽ سيد ميران محمد شاهه شريڪ ٿيا.
ان طرح ٻن ٽن ڪوششن کان پوءِ سر حاجي عبدالله هارون جي بنگلي تي هڪ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هڪ اقتصادي بنيادن تي غير فرقيوارانه جماعت ٺاهي وڃي جنهن جو آل انڊيا بنياد تي ٺهيل جماعتن سان ڪو به واسطو نه هئڻ گهرجي. ان لاءِ هڪ سب ڪاميٽي ٺاهي وئي ته آئين ٺاهي پارٽي جي اجلاس ۾ پيش ڪري، پارٽي اجلاس جي مقرر تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾سر غلام حسين ۽ سر شاهنواز ڀٽو به اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي حامي ڀري، 31 آڪٽوبر 1936ع تي پارٽي جو اجلاس سر عبدالله هارون جي گهر ٿيو. پارٽي ٺاهڻ وقت عهدن تي تنازعو ٿيو ۽ سر غلام حسين ۽ محمد ايوب کهڙي الڳ مسلم پوليٽيڪل پارٽي ٺاهي.
سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ سر عبدالله هارون ۽ نائب اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو کي مقرر ڪيو ويو.
هندو سنڌي قيادت جي گڏيل سياست ڪرڻ جي انڪار کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي مسلم قيادت جو متحد نه رهڻ به مستقبل جي سنڌ لاءِ نيڪ فال نه هو.
شيخ عبدالمجيد 15 جون 1936ع تي ڊيلي گزيٽ اخبار ڪراچي ۾ بيان ڏيندي يونائٽيڊ پارٽي جي ٺهڻ جي عمل کي چند قدامت پسند مسلمانن جو نشستن حاصل ڪرڻ جو قدم قرار ڏنو.
17 جون 1936ع تي جوابي بيان ڏيندي سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد جي بيان کي رد ڪندي چيو ته سنڌ يونائٽيڊ پارٽي غير فرقيوارانه طرز تي ٺاهي وئي آهي ۽ ڪو به قدم جيڪو سنڌ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي طرز تي فرقيوارانه جماعت ٺاهڻ جو هوندو اهو مستقبل جي اسيمبلي ۽ سنڌ لاءِ وڏي تباهي هوندو.
فيبروري 1937ع ۾ اليڪشنون ٿيون ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي 60 نشستن مان 22 نشستون کٽي سنڌ اسيمبلي جي اڪثريتي ڪامياب پارٽي ٿي ليڪن ان جا اڳواڻ سر عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو اليڪشن هارائي ويا.
شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر شاهنواز ڀٽو ۽ سر عبدالله هارون جي مقابلي ۾ بيٺو هو ۽ هن جو چوڻ هو ته مان سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي قيادت کي شڪست ڏيندس يا ڏياريندس، لاڙڪاڻي جي نشست تي شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي درميان دوبدو مقابلو هو. جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ سر شاهنواز ڀٽو کي شڪست ڏني، لياري ڪراچي واري تڪ تي سر عبدالله هارون ، خانبهادر الله بخش گبول ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ ۾ مقابلو هو، شيخ عبدالمجيد پاڻ ته هارائي ويو. پر هن سر عبدالله هارون جا ووٽ کاري، خانبهادر الله بخش گبول جي کٽڻ لاءِ رستو هموار ڪيو.
سنڌ اسيمبلي جي 24 ميمبرن گورنر سر لانسلاٽ گراهام کي لکت ۾ گذارش ڪئي ته سرشاهنواز ڀٽو کي وزير اعظم مقرر ڪيو. پر گورنر اهو چئي ان درخواست کي رد ڪيو ته شڪست کائيندڙ کي مان وزارت ٺاهڻ لاءِ نه ٿو چوي سگهان، ياد رهي ته سائين جي ايم سيد، سر شاهنواز ڀٽو کي آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن گورنر، وزير اعليٰ جي لاءِ اوهان کي سڏائي ٿو ته مان پنهنجي سنڌ اسيمبلي جي نشست اوهان لاءِ خالي ڪندس.سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي پارلياماني قيادت جي ذميواري ٻن نوجوان اڳواڻن، الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد تي آئي.
الله بخش سومري کي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو سنڌ اسيمبلي لاءِ پارلياماني اڳواڻ منتخب ڪيو ويو، برطانوي سرڪار جي نظر ۾ ٻه تجربيڪار ۽ بزرگ سياستدان سر شاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين هئا ۽ انهن جا انگريز سرڪار سان به بهتر تعلقات هوا ۽ انهن ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جي وزير اعليٰ بنجڻ تي هو راضي هوا پر اها ڳالهه ممڪن نه رهي، سر شاهنواز ڀٽو شڪست کائي چڪو هو ۽ سر غلام حسين وٽ 60 جي هائوس مان صرف ٽي نشستون هيون.

پارٽي کٽيل نشستون
اتحاد پارٽي 22
ڪانگريس 7
مسلم پوليٽيڪل پارٽي 3
آزاد مسلم پارٽي 3

۽ بقايا هندو ۽ مسلمان آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا. هندو آزاد ميمبرن اسيمبلي لاءِ هندو انڊپينڊنٽ گروپ ٺاهيو.
انگريز سرڪار نوجوان قيادت جي خوف کان سنڌ يونائٽيڊ پارٽي کي اقتدار نه ڏيڻ پئي چاهيو. 27 اپريل 1937ع تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس هلائڻ لاءِ سر لانسلاٽ گراهام، گورنمينٽ آف آنڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ مليل اختيار تحت ديوان بهادر هيرانند کيم سنگهه کي اجلاس هلائڻ لاءِ چيئرمين مقرر ڪيو.
ان اجلاس ۾ هيٺين ميمبرن قسم کنيو: شيخ عبدالمجيد سنڌي، پيرزادو عبدالستار، اکجي رتن سنگهه سوڍو، الله بخش سومرو، مير الهه داد ٽالپر، حاجي امير علي لاهوري، ارباب توڳاچي، ڀوج سنگهه گرڏنو مل، ڏيئل مل دولت رام، دولت رام موهن داس، گنشيام ڄيٺانند شوداساني، گنومل تارا چند، مير غلام حيدر ٽالپر، مير غلام الله ٽالپر، مخدوم غلام حيدر، پير غلام حيدر شاهه، غلام محمد اسراڻ، غلام مرتضيٰ شاهه (جي -ايم - سيد)، سيد غلام نبي شاهه، گوڪل داس ميول داس، هاسارام سندر داس، هيمن داس روپچند واڌواڻي، هوت چند هيرانند، پير الاهي بخش، ايسرداس ورند مل، جعفر خان بڙدي، جمشيد نسروانجي مهتا، ڄام جان محمد خان جوڻيجو، مسز جنو ٻائي غلام علي الانا، ڄيٺي ٻائي تلسيداس سپهملاڻي، خانبهادر قيصر خان، سيد خير شاهه، ڪرنل جي- ايڇ ماهون، سيد ميران محمد شاهه، سيد محمد علي شاهه، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، مير محمد خان چانڊيو، محمد عثمان سومرو، محمد يوسف چانڊيو، نارائڻداس بيچر، سيد نور محمد شاهه، ڊي اين او سيلون ، پرتاب راءِ ڪيسوکداس، پوپٽ لال ڀوپٽڪر، جي- ايڇ - راسچن، رسول بخش خان انڙ، رسول بخش شاهه، رستم جي سڌوا، شمس الدين خان، سيتلداس پيرومل، سهراب خان سرڪي، مير زين الدين خان سندراڻي، سر غلام حسين ۽ مکي گوبندرام.
گورنر سر لانسلاٽ گراهام غير جمهوري قدم کڻندي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ الله بخش سومري کي حڪومت بنائڻ جي بجاءِ 3 نشستن رکندڙ سر غلام حسين هدايت الله کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ چيو، هي سنڌ ۾ جمهوريت کي ابتدائي جهٽڪو هو ۽ اهو 1947ع تائين برقرار رهيو.
سائين جي ايم سيد گورنر جي ان غير جمهوري عمل کي هن طرح ڏٺو آهي.
”سنڌ ۾ صوبائي خودمختياري جي شروعات سٺي نموني نه ٿي، ان کي ابتدا ۾ تڏهن وڏو جهٽڪو لڳو جڏهن گورنر سر لانسلاٽ گراهام جمهوريت جا پڙخچا اڏائيندي سر غلام حسين جنهن وٽ صرف 3 ووٽ هئا، هڪ پنهنجو، ٻيو محمد ايوب کهڙو ۽ ٽيون مير بنده علي خان ٽالپر جو، ان کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ چيو.“
ڊاڪٽر حميده کهڙو گورنر جي ان عمل تي هيٺيون تبصرو ڪيو آهي:
”سنڌ يونائٽيڊ پارٽي کي نظر انداز ڪرڻ جو عمل صوبي ۾ هڪ انتهائي خراب عمل هو. سنڌ ۾ ان عمل ۽ ٻين غير جمهوري قدمن جا نتيجا جمهوري عمل جي واڌ ۾ انتهائي تباهه ڪن هئا“
تاريخدان جونس ايلن ڪيٿ ان عمل کي هن نظر سان ڏٺو آهي:
”جنهن طرح سان سر غلام حسين اقتدار ۾ آيو اها پارٽي جي مٿان هڪ شخص جي فوقيت هئي. ان حالت ۾ سنڌ جي سياسي مستقبل کي غير يقيني صورت حال کي منهن ڏسڻو پوندو. گورنر، 3 يورپين ميمبرن کي چيو ته هو سر غلام حسين جي مدد ڪن، ان طرح هندو انڊپينڊنٽ گروپ“ اڪثريتي پارٽي جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ سرڪار جي ٿاڦيل وزير اعليٰ سر غلام حسين جو ساٿ ڏنو . اهڙي طرح مسلم آزاد ميمبرن ۽ ڪجهه سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي ميمبرن جي مدد سان سر غلام حسين وزارت جوڙي ورتي.“
الله بخش سومرو هن غير جمهوري عمل جي ڪري سنڌ جو وزير اعليٰ نه ٿي سگهيو ۽ يونائٽيڊ پارٽي ۽ ڪانگريس کيس اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ منتخب ڪيو.
مخالف ڌر جو اڳواڻ
الله بخش سومري جي قيادت ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ ڪانگريس مخالف ڌر جي نشستن تي ويٺا، هنن اسيمبلي جي اندر هيٺين ڳالهين کي پنهنجو مقصد بنايو.
سرڪار تي صحيح سمت ۾ تنقيد ڪرڻ ته جيئن عوام ۾ جاڳرتا ۽ حق حاصل ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿئي.
سرڪار کي ان جي غلطين جو احساس ڏيارڻ ۽ ان کي مجبور ڪرڻ ته ان جو ازالو ڪري.
هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺيون طريقو اپنايو ويو.
اسيمبلي ۾ تقريرن جي ذريعي تنقيد ڪرڻ، ڪٽ موشنس ۽ قراردادون پيش ڪرڻ.
عوام ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ انهن کي سکيا ڏيڻ لاءِ صوبي ڀر ۾ ميٽنگون ڪرڻ.
گورنرسر لانسلاٽ گراهام جي بنايل ڪافوري حڪومت جي وزير اعليٰ سر غلام حسين محسوس ڪيو ته، پارٽي بنياد تي نه ٺهندڙ حڪومت، انفرادي مفادن تي مشتمل ميمبرن جي محتاج آهي ۽ هندو انڊپينڊنٽ گروپ کي به پنهنجا مفاد عزيز آهن، ان ڪري هن يونائٽيڊ پارٽي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، صاحبزاده عبدالستار جان سرهندي جي ٽياڪڙي ۾ وزير اعليٰ ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي قيادت جي درميان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ نتيجتن اسيمبلي جو ڪار وهنوار هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي جنهن جي ٺهڻ سان ڪجهه جلدي فيصلا ٿي سگهيا.
زرعي زمين تان ڪٽائي في معاف ڪئي وئي.
ٻيلن تان ڪٽائي في گهٽائي وئي.
تڪاوي قرض آسان قسطن ۾ وٺڻ ۽ خصوصي صورت ۾ معاف ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
هي گڏيل ڪم جاري هو ته اچانڪ مکي گوبندرام وزارت تان استعيفيٰ ڏني. انڊپينڊنٽ گروپ جي خواهش هئي ته نيچلداس وزيراڻي کي وزير مقرر ڪيو وڃي پر سر غلام حسين ڊاڪٽر هيمنداس واڌواڻي کي وزير مقرر ڪيو.
هڪ ٻئي واقعي سر غلام حسين ۽ انڊپينڊنٽ هندو گروپ ۾ وڌيڪ بي اعتمادي پيدا ڪئي. راءِ بهادر ڀوڄسنگهه، سنڌ اسيمبلي جو پهريون اسپيڪر فوت ٿي ويو، هندو انڊپينڊنٽ گروپ جي خواهش هئي ته جيئن سر غلام حسين سان طئه ٿيل هو ته وزير اعليٰ سنڌي مسلمان ٿيندو ۽ اسپيڪر سنڌي هندو ٿيندو ۽ هينئر به اسپيڪر تي حق سنڌي هندو جو آهي. سر غلام حسين انهن جي خواهش جي برعڪس سيد ميران محمد شاهه کي اسپيڪر جو اميدوار نامزد ڪيو، هندو انڊپينڊنٽ گروپ محترم پمناڻي کي اسپيڪر جو اميدوار نامزد ڪيو، سيد ميران محمد شاهه پمناڻي کي شڪست ڏيئي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيو.
سر غلام حسين جي ٻي ڪمزوري هي هئي ته هو عمر رسيده هو ۽ ابتدا ۾ سرڪاري وڪيل (ملازم) رهيو، جنهن جي ڪري عام راءِ جي حقن جي ڳالهه کان هو برطانوي سرڪار سان تعاون ۽ ان جي آشيرواد ۾ يقين رکندو هو. ان ڪري عوامي امنگن ۽ جمهوري روايتن پٽاندڙ صوبي کي هلائڻ هن لاءِ مشڪل هو.
سنڌ يونائٽيڊ پارٽي محسوس ڪيو ته سر غلام حسين جي هن ڏار پوندڙ حڪومت جو هو وڌيڪ ساٿ ڏئي نه سگهندا ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪمزور حڪومت صوبي جي ڀلائي جو ڪو به ڪم نه ٿي ڪري سگهي ۽ بهتر ٿيندو ته گورنر جي پسنديده ڪافوري حڪومت کي ڪيرائي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي حڪومت آڻجي.
هندو انڊپينڊٽ گروپ جي نيچلداس وزيراڻي جا الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد سان سٺا سياسي تعلقات هئا ۽ هو ان ڳالهه تي راضي ٿي ويو ته هندو انڊپينڊنٽ گروپ، سر غلام حسين کي هٽائڻ ۾ سندن مدد ڪندو.
سر غلام حسين کي هٽائڻ لاءِ سڀ انتظام مڪمل ڪيا ويا ۽ اسيمبلي جي اجلاس دوران هڪ روپئي جي ڪٽ موشن تي حڪومت کي شڪست آئي”سر غلام حسين رڙيون ڪيون ته مون سان غداري ڪئي وئي آهي“ هن آخري وقت تائين ڪوشش ڪئي ته سندس حڪومت بچي پر ائين ٿي نه سگهيو ۽ وزارت 22 مارچ 1938 تي استعيفيٰ ڏني. گورنر جنهن خوف کان غير جمهوري عمل ڪندي سر غلام حسين کي وزير اعظم بنايو ۽ الله بخش سومري جي رستي روڪ ڪئي هئي. اُن هڪ سال جي اندر پاڻ الله بخش سومري کي چيو ته وزارت ٺاهه.
سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي ميمبرن جي حڪومت کان جدائي تي جي - ايڇ - گيرٽ جي وائسراءِ کي رپورٽ.

18 مارچ 1938ع
”اسين هيٺ صحيح ڪندڙ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جا ميمبر مخلوطه پارلياماني پارٽي کان جدا ٿي رهيا آهيون، پروگرام ۽ اصول جن جي تحت اسان شامل ٿياسين، ان تي عمل نه ڪيو ويو، ان جي متعلق اسين مفصل بيان جاري ڪنداسين. تمام معمولي ڪم متعلق به سرڪاري ڪامورن جو رويو نامناسب ۽ انهن ۾ ڪا به تبديلي نه هئي.
جي ايم سيد
محمد عثمان سومرو
غلام نبي شاهه
پير الاهي بخش
الله بخش سومرو
جعفر خان بڙدي
خير شاهه
حڪومت سنڌ جي چيف سيڪريٽري ايڇ - ڪي ڪرپلاڻي، نئين تبديلي تي مرڪزي سرڪار کي هيٺيون خط لکيو.
سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي
9 اپريل 1938ع
تبديلي جي عوام تمام سٺي نموني آجيان ڪئي آهي، ختم ٿيندڙ حڪومت جي ماڻهن ان تبديلي کي ”اسلام خطري ۾ قرار ڏنو آهي .“

وزير اعظم

الله بخش سومري 23 مارچ 1938ع تي وزير اعظم سنڌ جو قسم کڻي، جمهوري عمل ذريعي پهريون منتخب وزير اعظم ٿيو. هن پنهنجي تقرير ۾ اميد ڏيکاري ته هو صوبي کي بهتر طريقي سان هلائيندو ۽ هن سرڪاري پاليسي جي متعلق هڪ بيان به ڏنو، جنهن جو لب ولباب هيٺ ڏجي ٿو:
”هندستان ۾ جيڪا قومي بيداري پيدا ٿي آهي ان جو اثر هن صوبي تي به ٿيو آهي، عوام جي جذبات ۽ اميدن کي مدنظر رکندي منهنجي وزارت انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ جن ٻين پارٽين جي تعاون سان وجود ۾ آئي آهي انهن جي پروگرامن کي ملڪي حالتن ۽ ضرورتن جو خيال رکندي حتي الامڪان عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
مان صاف صاف ڳالهه چوڻ گهران ٿو ته اسان جي پارٽيءَ سودي بازي ڪري حڪومت ناهي ورتي، اسان صرف اهو وعدو ڪيو آهي ته سنڌ وطن جو انتظام قوم پرستي جي بنياد تي هلايو ويندو. ان جي تحت عوامي نمائندا نوڪر شاهي جي دست اندازي بغير حڪومت کي عوام جي خواهشات مطابق هلائين،. مان اسيمبلي ميمبرن کي گذارش ڪندس ته اسان جي ڪم کي ڏسي سٺي ۽ خراب جو فيصلو ڪن، اسان جو صوبو مرڪز جي امداد تي انحصار ڪري ٿو. اسان مرڪزي حڪومت کي گذارش ڪنداسين ته سنڌ تي جيڪو قرض آهي ان جو نئين سري سان حساب ڪري.
ٻيو اسان جي لاءِ اهم مسئلو زراعت پيشه ۽ زراعت تي دارومدار رکندڙ ماڻهن جو آهي. سکر بئراج کان هيٺ وهندڙ ڪئنالن جي خراب صورت حال جي ڪري اتي جو زراعت پيشه ماڻهو متاثر ٿيو آهي، ان کي بهتر سهولتون مهيا ڪنداسين. سرڪار هڪ اسپيشل آفيسر مقرر ڪيو آهي ته جانچ ڪري رپورٽ ڏئي ته جهرڪ يا ٻئي هنڌ هڪ ڊيم ٺاهيو وڃي.
اسان اتر سنڌ ۽ خاص ڪري روهڙي ڊويزن جي زرعي علائقي کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪنداسين
اسان انتظامي بهتري ۽ خرچ کي گهٽائڻ لاءِ بمبئي ري آرگنائزيشن ڪاميٽي ”Bombay Reorganistion Committee“ جي طرفان پيش ڪيل رپورٽ جي آڌار تي جيڪي شيون سامهون آيون آهن ان لاءِ هڪ مطالعاتي ڪاميٽي ٺاهينداسين ته جيئن ان جي تناظر ۾ اسين قدم کڻي سگهون.
اسان ڪانگريس وزارتن جي طرح گهٽ پگهار کڻنداسين
عدم ادائيگي جي صورت ۾ جيڪي سزائون ڏنيون ويون آهن، ان صورت ۾اهو قانون آهي ته ڪا به ڪورٽ ان متعلق وارنٽ جاري نه ڪري، ڪنهن خاص ڪيس ۾ لکت ۾ سبب ڄاڻائي ڪورٽ جي طرفان اهو ڪري سگهجي ٿو، گورنمينٽ جو اهو خيال آهي ته ضلع مئجسٽريٽن کي هدايت ڪري ته ڪورٽن جي ڌيان تي اها ڳالهه آڻائين ته سرڪار جي اها خواهش ناهي ته ان طريقي سان ڏنڊ ورتا وڃن.
موجوده اسپيشل مئجسٽريٽ نظام کي ختم ڪري ان جي جڳهه تي سرڪاري مئجسٽريٽ رکنداسين ۽ انهن جو خرچ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان اسيمبلي ۾ بل پيش ڪنداسين، اسپيشل مئجسٽريٽ ايستائين ڪم ڪندا رهندا جيستائين اسان متبادل انتظام ڪري وٺون
لوڪل باڊيز جي ٿاڦيل ميمبرن جي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسان بل پيش ڪنداسين.
درٻار، درٻاري نظام ۽ ڪرسي ڏيڻ واري ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر جي اختيار کي ختم ڪرڻ لاءِ جلد حڪم نامو جاري ڪنداسين.
رستن تي عام ماڻهن جي اچ ۽ وڃ لاءِ روڊ جو انتظام ضلعي لوڪل بورڊ کي ڏينداسين.
تڪاوي قرض جيڪو سابق حڪومت 2 روپيه هڪ ايڪڙ جي حساب سان رکيو هو ان مان ڪيترائي ماڻهو فائدو وٺي نه سگهيا آهن، خاص ڪري ٿرپارڪر ضلعي جا آبادگار، جن کي ٻوڏ جي حوالي سان تڪاوي قرض ڏنو ويو هو. مان اهو اعلان ٿو ڪيان ته انهن جو ڪيس همدردي سان ڏٺو ويندو ۽ انهن لاءِ اهڙيون آسان قسطون رکيون وينديون جنهن مان انهن کي تڪليف نه ٿئي.
استادن جي پگهارن کي وڌايو ويندو
مولانا عبيدالله سنڌي جيڪو سعودي عرب ۾ جلاوطن آهي ان کي واپس وطن آڻڻ جا اختيارات مرڪزي حڪومت وٽ آهن ان کي وطن واپس آڻڻ لاءِ اسان کي مرڪز کي سفارش ڪرڻ جي ضرورت پئي ته ضرور ڪنداسين. “
هن سنڌ جي جوان خون وزير اعظم جيڪو ڪجهه چيو اهو ڪري ڏيکاريو.
هن پراڻو درٻار نظام ختم ڪيو
هن ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر جا ڪرسي ڏيڻ جا اختيار ختم ڪيا.
هن سرڪار طرفان لوڪل باڊيز ۾ ٿاڦيل ميمبرن جي رواج کي ختم ڪيو
هارين جي بهتري لاءِ هن زرعي اصلاحات آندا
مولانا عبيد الله سنڌي کي وطن واپس آڻائي هن جو ڪراچي بندرگاهه تي استقبال ڪيائين.
ياد رهي ته انگريز سرڪار جي زير عتاب هجڻ جي ڪري مولانا صاحب سعودي عرب ۾ جلاوطني جا ڏينهن گهاري رهيو هو. اهو الله بخش سومري جو همت ڀريو فيصلو هو جنهن جي ڪري مولانا عبيد الله سنڌي باوقار نموني سان وطن واپس موٽيو.
سنڌ جيئن ته جمهوري طرز حڪومت جي ابتدائي دور ۾ هئي ان ڪري قومي مفادن کان مٿي ذاتي ۽ گروهي مفادن کي اوليت ڏني ٿي وئي، مٿان انگريز حڪمرانن جا پنهنجا مقصد هئا، اهي ڳالهيون نه صرف الله بخش سومري جي ڪم ۾ رڪاوٽ هيون بلڪ سنڌ ۾ جمهوري عمل جي واڌ ويجهه ۽ معاشي ترقي ۾ وڏي رڪاوٽ هيون.
نوڪر شاهي جنهن 1843ع کان بيدردي سان سنڌ تي حڪمراني ڪئي هئي اها محسوس ڪري رهي هئي ته صوبائي خود مختياري ۽ جمهوري نظام سندن اثر رسوخ گهٽايو آهي.سائين جي ايم سيد چواڻي:
”سنڌ نوڪر شاهي جو شڪار گاهه هئي. هو سنڌ جي عوام کي پنهنجو غلام سمجهندا هئا. رشوت ۽ بدعنواني عام جام هئي“
نوڪر شاهي جيڪا 1843ع کان سر غلام حسين جي حڪومت تائين صوبي جو پاڻ کي بادشاهه سمجهندي هئي، ان الله بخش سومرو جي حڪومت کي پنهنجي لاءِ لغام محسوس ڪيو. الله بخش سومري نوڪر شاهي جي بجاءِ منتخب پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو. پراڻي دور جي بي لغام نوڪر شاهي، الله بخش سومري جي حڪومت جي خلاف سازشون شروع ڪري ڇڏيون ۽ ٻيهر پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ الله بخش سومري جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ منصوبه بندي ڪندي رهي.
گورنر، وزير اعظم کان وڌيڪ اختيارات جو مالڪ هو. ان کي هڪ مبهم آئيني فقري تحت اهو به اختيار هو ته هو وزير اعظم کي هٽائي ٿي سگهيو. ان حيثيت ان کي اهو اختيار ڏيئي ڇڏيو هو ته عوامي حڪومت جي معاملن ۾ سولائي سان مداخلت ڪري، اهڙو هڪ واقعو الله بخش سومري جي درو اقتدار ۾ پيش آيو جنهن سنڌ جي سياست جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ برسر اقتدار سنڌ يونائٽيڊ پارٽي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي وقت جيڪي ٻه وڏا شرط وڌا ويا هئا، ان ۾ هڪ سکر بئراج ٺاهڻ لاءِ مرڪز کان جيڪو قرض ورتو ويو هو، نئين صوبائي حڪومت اهو واپس ڪندي. ان جو مدو 50 سال هو يعني 1977ع تائين سنڌ کي مرڪز کي قرض واپس ڪرڻو هو. 1939ع جي شروعات ۾ ٻي جنگ عظيم لڳڻ جي ڪري ۽ برصغير ۾ آزادي لاءِ قومي جاڳرتا پيدا هئڻ جي ڪري برطانوي حڪومت محسوس ڪيو ته اسان زياده وقت برصغير ۾ رهي نه سگهنداسين ۽ اسان جي بادشاهي جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي. هنن ان حالتن کي مدنظر رکندي سنڌ حڪومت تي زور ڀريو ته ڍل کي وڌائي قرض جلد به جلد واپس ڪيو وڃي.
ان مسئلي تي سنڌ اتحاد پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي هڪ ڌڙو شهيد الله بخش سومري ۽ ٻيو سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو، شهيد جو خيال هو ته نئين حڪومت عوامي بهتري لاءِ سٺا ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان کي تاج برطانيه سان رساڪشي ۾ اچڻ کان پاسو ڪري سنڌي عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي ۽ وائسراءِ هند ۽ گورنر جي ان خواهش کي پورو ڪرڻ گهرجي. سائين جي ايم سيد جو خيال هو ته سنڌي زراعت پيشه ماڻهن تي اهو اقتصادي بوجهه هوندو، ان ڳالهه تي اختلاف ايترو وڌيو جو شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد جي درميان ڪيترن سالن جي سياسي رفاقت، جدائي ۾ تبديل ٿي وئي. ان ساري معاملي تي سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۾ مفصل روشني وڌي آهي. آءُ صرف ”برٽش لائبرري لنڊن“ مان ڍلن وڌائڻ جي معاملي تي گورنر ۽ وائسراءِ جي درميان جيڪا خط و ڪتابت ٿي آهي ان مان هڪ خط پيش ڪري رهيو آهيان ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پئي ته برطانوي سرڪار ڍلن وڌائڻ جي معاملي تي ڪيڏي سخت هئي.
وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جو گورنر سنڌ سر لانسلاٽ گراهام ڏانهن خط.

ڪلڪته
20 ڊسمبر

پيارا گراهام
مان دير لاءِ معذرت خواهه آهيان جو مان تنهنجي ڳجهي خط جيڪو تو مون کي9 ڊسمبر تي لکيو هيو، ان جو شڪريو ادا ڪري نه سگهيو آهيان، ان خط مون کي گهڻو خوش ڪيو آهي. مان انهي جي ڪري گهڻو خوش ٿيو آهيان جو تو الله بخش سان ڍلن وڌائڻ جي معاملي تي کرو کرو ڳالهايو آهي.
دٻاءَ جي نتيجي ۾ هن جي رويي متعلق تو جيڪو ڪجهه ٻڌايو آهي، اهو مطمئن ڪندڙ آهي ۽ اها منهنجي راءِ آهي ته تون الله بخش تي اهو دٻاءُ جاري رک.
توهان جو
لنلٿگو

هن خط جي لب ولباب مان اها ڳالهه واضح آهي ته مرڪزي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۾ ڍلون وڌائي سکر بئراج جو قرض واپس ڪرڻ گهريو ٿي.
الله بخش سومري ڍلن وڍائڻ وارو بل اسيمبلي کان منظور ڪرايو. سنڌ جنهن کي 50 سالن ۾ قرض واپس ڪرڻو هو مرڪزي حڪومت ڌونس ۽ دٻاءَ جي ذريعي سنڌ کان 20 سالن جي اندر واپس ورتو.
قرض ڏيڻ ايڏو وڏو مسئلو نه هو جيترو ان مسئلي سنڌ جي سياسي اتحاد کي نقصان پهچايو، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويئي ۽ ان پارٽي جا ٻه روح روان ۽ سنڌ جي سياست جا ٻه جرئتمند ۽ هڏ ڏوکي سياستدان، الله بخش سومرو ۽ سائين جي ايم سيد جي رستن جدا ٿيڻ، سنڌ کي ايڏو نقصان پهچايو، جنهن جي ڪٿا نه ٿي ڪري سگهجي.
منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڍلن وڍائڻ جي معاملي تي، عملي سياسي نقطه نگاهه کان الله بخش سومرو درست هو ۽ نظرياتي سياسي نقطه نگاهه کان سائين جي ايم سيد صحيح هو.
برصغير ۾ ايندڙ سياسي تبديلي جا اثرات سنڌ تي به پيا ۽ ساڳئي سال جي آخر ۾ جناح صاحب، سر عبدالله هارون جي دعوت تي ڪراچي ۾ آل انديا- مسلم ليگ جي تنظيم سازي ڪرڻ آيو. سر عبدالله هارون، سائين جي ايم سيد کي ان ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، سائين جي ايم سيد جي مسلم ليگ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ وري شامل ٿيڻ جي آمادگي شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد جي راهن کي مزيد جدا ڪري ڇڏيو. سومرو صاحب غير فرقيوارانه سياست ڪندو هو ۽ مسلم ليگ جو بنياد ئي فرقيوارانه بنياد تي هو.
ان اجلاس ۾ هڪ تجويز آئي ته جناح صاحب ۽ الله بخش سومري جي درميان جيڪا سياسي وڇوٽي آهي ان کي گهٽ ڪجي ۽ الله بخش سومري کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪجي. مولوي فضل حق وزير اعظم بنگا ل ۽ سر سڪندر حيات وزير اعظم پنجاب، سر سعد الله خان وزير اعظم آسام ۽ ٻين سياستدانن الله بخش سومري سان ملاقات ڪئي. الله بخش سومري انهن کي چيو ته مسلم اسيمبلي ميمبرن جي اتحاد جي حوالي سان آءُ توهان جي تجويز سان متفق آهيان پر مرڪزي آل انڊيا مسلم ليگ جي تابع ٿي ڪم ڪرڻ مون لاءِ ڏکيو آهي.
هن مرڪزي سياست کي رد ڪندي پنهنجي دورانديش ٿيڻ جو ثبوت ڏيندي ان ڳالهه جو ڄڻ ته اظهار ڪيو هو ته مرڪزي سياست جا پنهنجا رنگ آهن ۽ وطن ۽ وطن پرست ان جا متحمل نه ٿي ٿا سگهن. 7 سال پوءِ سائين جي ايم سيد جناح صاحب سان صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪري، مسلم ليگ کان پنهنجون راهون جدا ڪيون.
الله بخش تمام سياسي زندگي ۾ مرڪزي پارٽي ۾ شام نه ٿيو، هن سيٺ هرچندراءِ وشنداس ڀارواڻي جو رستو اختيار ڪيو. هرچندراءِ جو والد سيٺ وشنداس جڏهن 1885ع ۾ ڪانگريس ٺهي رهي هئي ته ان جي پهرين اجلاس ۾ مبصر طور شريڪ ٿيو هو. 1887ع ۾ نوجوان شاگرد جي حيثيت ۾ هرچندراءِ ڪانگريس جي مرڪزي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو. 1913ع ۾ ڪانگريس جو مرڪزي اجلاس هرچندراءِ جي ڪوششن سان ئي ڪراچي ۾ ٿيو هو. هرچندراءِ ان اجلاس جي آڌرڀاءُ ڪاميٽي جو چيئرمين هو ۽ هن جي دوستي جي ڪري مسلم قيادت رئيس اعظم غلام محمد خان ڀرڳڙي، غلام علي چاڳلا ۽ مير ايوب خان ڪانگريس اجلاس کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ وڏي مدد ڪئي پر جڏهن 1921ع ۾ هندستان اسيمبلي جي لاءِ ڪانگريس وارن، ڪانگريس جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءَ گذراش ڪئي ته هن ان کان انڪار ڪندي چيو ته پارٽي ٽڪيٽ وٺڻ کان پوءِ مان ان جي هر حڪم جو تابع رهندس، مان پنهنجي آزادي ٽڪيٽ خاطر ختم نه ٿو ڪرڻ چاهيان، ڪانگريس هن جي مقابلي ۾ اميدوار بهاريو پر هرچندراءِ جهڙي اعليٰ پائي جي سياستدان کان هو کٽي نه سگهيو. هرچندراءِ اليڪشن جو خرچ ۽ ان جي مهم هلائڻ جا ڪشالا ته ڪٽيا پر پنهنجي آزادي جو سودو نه ڪيو، ان طرح الله بخش سومري مرڪزي سطح تي مسلم قوم پرستن جي ”آزاد مسلم ڪانفرنس“ پارٽي ته ٺاهي پر ڪنهن ۾ شامل نه ٿيو.
جناح صاحب ۽ الله بخش سومري اخباري بيان جاري ڪيو، تاريخدان جونس ايلن ڪيٿ پنهنجي پيپر،
"Muslim Politics and the Growth of Muslim League in Sindh" ۾ان کي هن طرح ڏٺو آهي:
”جناح صاحب 14 آڪٽوبر تي هڪ پريس بيان ذريعي الله بخش سومري کي جوابده ڄاڻائيندي طئه ٿيل معاهدي تان ڦري دغابازي ڪندڙ ڪوٺيو. هن چيو ته وزير اعظم کي اها ڳالهه ٻڌائي وئي هئي ته سندس وزارت کي مدد ڪرڻ جي حوالي سان ڪانگريس سوچي رهي آهي ٻيو ته الله بخش سومري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جيڪڏهن مسلم ليگ جي وزارت ٺهي ٿي ته مان وزير اعظم رهان“
”جناح صاحب جي الزام جو جواب ڏيندي الله بخش چيو ته ڪانگريس جي وزارت جي حمايت يا سندس وزير اعظم رهڻ جي ڳالهه جي جواز تي هن اهو قدم نه کنيو هو، هن وضاحت ڪندي چيو ته 9 آڪٽوبر جي معاهدي کي سندس پارٽي جي ٻه طرفي پاليسي جي ڪري ختم ڪيو ويو. مسلم ليگ جي آل انڊيا سطح جي اهم معاملن ۾ مدد ڪئي وڃي ليڪن آل انڊيا مسلم ليگ جي صوبائي معاملن ۾ ڪا به مداخلت نه هجي، الله بخش سومري اها ڳالهه زور ڏيندي چئي ته اهو طريقو مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي رڪنيت کي روڪيندو“
گورنر سنڌ سر لانسلاٽ گراهام جو ان تمام معاملي تي وائسراءِ لنلٿگو ڏانهن خط:
”مون کي ان معاملي تي الله بخش وٽان اهم معلومات ملي آهي، هن مون کي جناح طرفان هارون کي لکيل خط جنهن جو مقصد هو ته الله بخش کي اهو ڏيکاريو وڃي جي ڪاپي ڏيکاري، اصلي خط جناح لکيو هو ۽ هارون کي ان ۾ ٻڌايو ويو هو ته شيخ عبدالمجيد ۽ سر غلام حسين تيار ٿي ويا آهن ته موجوده وزارت سان تعاون ڪندا، جيڪڏهن الله بخش پاڻ کي مسلم ليگ سان صاف طور ظاهر ڪري . الله بخش مون کي ٻڌايو ته مون کي ان ۾ ڪا به جهجهڪ نه ٿيندي ته ان آڇ کي رد ڪيان. هي موجوده مسلمانن ۽ هندن تي مشتمل وزارت کي جاري رکندو بجاءِ ان جي ته پاڻ کي لاڳاپي، انتها درجي جي فرقيوارانه جماعت سان. نتيجو ڇا نڪرندو ان متعلق ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، پر الله بخش مون کي پر اعتماد لڳو ۽ منهنجي خيال ۾ هو حد کان وڌيڪ پر اعتماد هو.“
سنڌ اسيمبلي ۾ صرف پارلياماني پارٽي طور سنڌ يونائٽيڊ پارٽي اڀري آئي هئي اها به 2 سالن ۾ ٽوڙ ڦوڙ جي شڪار ٿي وئي. سنڌ ڪانگريس مرڪزي ڪانگريس جي حڪم جي ماتحت هئي. ”هندو انڊپينڊنٽ گروپ“ جي قومي مفادن کان مٿي هندو سيٺين جي مفادن کي اوليت هئي. مسلم آزاد ميمبر پنهنجي مفادن ۽ ٺاهه ٺوهه ۾ ئي پورا هئا، ان صورت ۾ هڪ تجربيڪار سياستدان جي حيثيت ۾ الله بخش سومرو هر ڳالهه کي منهن ڏيندو آيو.
هندو انڊپينڊنٽ گروپ طرفان جاتي بنياد تي اوم منڊلي تي پابندي هڻڻ جو مسئلو حڪومت سنڌ آڏو رکيو ويو. الله بخش سومري اوم منڊلي تي پابندي هڻڻ کان انڪار ڪيو ته منڊلي تي سرڪاري طور پابندي لڳائي نه ٿي سگهجي. ان مطالبي الله بخش سومري جي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو.
دادا ليکراج جيڪو سنڌ ورڪي هو ان اوم منڊلي نالي هڪ حيدرآباد ۾ مرڪز ٺاهيو جنهن ۾ ڌرمي ۽ درسي تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ان مرڪز ۾ ڀائي بند جاتيءَ جي بيوه ۽ غير شادي شاده عورتن کي پناهه ڏني ويندي هئي. ڀائي بند جاتي جو چوڻ هو ته اوم منڊلي جي ڪري هنن جي گهرو زندگي متاثر ٿي رهي آهي، ان ڪري اوم منڊلي تي پابندي لڳائي وڃي، هندو انڊپينڊنٽ گروپ ڀائي بند جاتي جو سنڌ اسيمبلي ۾ نمائنده گروپ هجڻ جي ڪري اخلاقي طور پابند هو ته ان مسئلي تي وزارت جي نه مڃڻ جي صورت ۾ مخالف ڌر سان ڳالهائي، ڄيٺمل پرسرام جي ذريعي مخالف ڌر سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ مسلم ليگ ۽ هندو انڊپينڊنٽ گروپ ۾ حڪومت کي ڪيرائڻ جو ٺاهه ٿيو.
الله بخش سومري مخالف ڌر سان ان مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان کي سمجهايو ته هي خالصتن هندو جاتي جو مسئلو آهي. اوهان ان جي وچ ۾ نه اچو، پر مسلم ليگي قيادت ان خوشيءَ ۾ ته ڄاڻ ٿا حڪومت ڪيرايون، الله بخش جي ڳالهه ڏي توجهه نه ڏنو. الله بخش لاءِ ٻه صورتون هيون، هندو انڊپينڊنٽ گروپ جو اوم منڊلي تي پابندي هڻڻ جو مطالبو مڃي يا حڪومت جو خاتمو قبول ڪري. الله بخش سومري هندو انڊپينڊنٽ گروپ جي مطالبي کي مڃي پنهنجي حڪومت بچائي.
اسيمبلي ۾ جڏهن عدم اعتماد جي رٿ آئي ته هندو انڊپينڊنٽ گروپ مخالف ڌر جي بينچن تان اٿي سرڪاري بينچن تي ويٺو ان طرح عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿي.
هي هڪ رپورٽ آهي جيڪا ان حالت جي سنگيني تي روشني وجهي ٿي:
دي ٽائيمس 20 مارچ 1939
سنڌ ۾ عدم تعاون جي تحريڪ ٻن وزيرن استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي.
بمبئي
مارچ 27
سنڌ سرڪار جي ٻن وزيرن محترم نيچلداس وزيراڻي ۽ ڏيئل مل دولت رام استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سرڪار جي تڪليف وڌڻ جو سبب اوم منڊلي عورتن جي اداري خلاف شروع ڪيل عدم تعاون جي تحريڪ آهي ۽ ان تحريڪ جي ڪري 110 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سرڪار جي خلاف جيڪي عدم اعتماد جي تحريڪ ڪانگريس پيش ڪئي هئي اها ناڪام ٿي آهي. اوم منڊلي عورتن جو تعليمي ۽ ثقافتي ادارو سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ آهي. سيپٽمبر مهيني ۾ ان جي انتظاميه تي ڪيترائي الزام لڳايا ويا هئا ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ان کي بند ڪري، تحريڪ جاري آهي ۽ ان فرقيوارانه رنگ ورتو آهي ۽ مقامي مسئلي کي صوبائي مسئلو بنايو ويو آهي.“
اهو مرحلو پورو ئي نه ٿيو هو جو مسلم ليگ هڪ نئين عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي. مسلم ليگ اها تحريڪ مخالف ڌر جي اڳواڻ سر غلام حسين جي بجاءِ سائين جي ايم سيد جي ذريعي پيش ڪئي. سر غلام حسين اها تحريڪ پيش ڪرائي پنهنجا ٻه مقصد حاصل ڪرڻ گهريا ٿي جيڪڏهن اها ڪامياب وڃي ٿي ته آءُ سنڌ جو وزير اعظم ٿيندس نه ته الله بخش سومري سان ڪا سياسي ڏي وٺ ڪندس، ائين ئي ٿيو سر غلام حسين، الله بخش سومري سان ٺاهه ڪري وزارت وٺي عدم اعتماد جي تحريڪ خلاف ووٽ ڏئي ان کي ناڪام بنايو. ان متعلق ڪيتريون ئي رپورٽون برٽش لائبرري لنڊن ۾ موجود آهن ۽ مون شهيد الله بخش تي 2001 ۾ پنهنجي لکيل ڪتاب "Allah Bux Soomro: Apostle of Secular Harmony" ۾ ڏنيون آهن. انهن مان هڪ هت ڏئي رهيو آهيان.

21 جنوري 1939
پيارا پڪل
ٻن هفتن کان اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي. موجوده وزارت جي خلاف مخالف ڌر جي تحريڪ تڏهن ظاهر ٿي جڏهن محترم جي ايم سيد وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي. هن مهيني جي 10 کان 12 تاريخ تائين ان تي بحث جاري رهيو ۽ نتيجن سرڪار کي وڏي ڪاميابي ملي. عدم اعتماد جي تحريڪ جي فائدي ۾ 7 ۽ مخالفت ۾ 32 ووٽ پيا. ڪانگريس غير جانبدار رهي ۽ ڪجهه ميمبر جن ۾ سر غلام حسين سابق وزير اعليٰ جيڪو هن وزارت جو سخت مخالف هو ان حڪومت جي حق ۾ ووٽ ڏنو آهي.
تنهنجو خير خواهه
آءِ- ايڇ - ٽانٽن

هي ٻه واقعا ان ڳالهه جا گواهه آهن ته سنڌي هندو اسيمبلي ميمبر پنهنجي جاتي جي مسئلن ۾ صرف دلچسپي رکندا هئا ۽ سنڌي مسلمان ميمبر پنهنجي ذاتي مفادن ۾ دلچسپي رکندا هئا. سر غلام حسين جهڙو بزرگ سياستدان، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ سنڌ جو پهريون وزيراعظم صرف وزارت خاطر پارٽي سان بي وفائي ڪئي ۽ وزارت وٺي الله بخش سومري جي بعيت ڪيائين.
مسلم ليگ کي الله بخش سومري کي هٽائي سگهڻ جا ٻه ڌچڪا آيا هئا ۽ هو مسلم اسيمبلي ميمبرن جي اتحاد جي نالي يا عدم اعتماد جي تحريڪ جي ذريعي الله بخش سومري کي هٽائي نه سگهي هئي.
الله بخش سومري عوامي ڀلائي ۽ بهبود جو ڪم جاري رکيو ۽ هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته مسلم ليگ ان ٻن ناڪامين کان پوءِ ان مان سبق سکي هڪ سٺي مخالف ڌر جو ثبوت ڏيندي الله بخش سومري جي عوامي ڀلائي جي ڪم ۾ ان جي مدد ڪري ها پر هتي معاملو ئي ٻيو هو ۽ الله بخش کان انتقام وٺڻ لاءِ هنن اهڙو مذهبي هٿيار استعمال ڪيو جنهن سنڌ جي صدين جي ايڪتا ۽ ٻڌي کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو ۽ صوفين جي ڌرتي تي مذهب جي آڙ ۾ ڪشت و خون ٿيو.
فرقيوارانه پاليسي هنن جو وڏو هٿيار هو. ان لاءِ هڪ مثال پيش ڪريان ٿو، سر غلام حسين جي وزارت جڏهن ڪيرائي وئي هئي ته مسلم ليگ جو هڪ اجلاس 29 مارچ 1930 تي غلام حسين خالقڏني هال ۾ ٿيو هو. ان اجلاس جي روداد سائين جي ايم سيد نئين سنڌ لاءِ جدوجهد” ڪتاب ۾ بيان ڪئي آهي ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو به پنهنجي ڪتاب ”محمد ايوب کهڙو“ ۾ ان تي مفصل روشني وڌي آهي.
سر غلام حسين جي وزارت هٽڻ تي مسلم ليگي ڪارڪن تمام گهڻا ناراض هئا ۽ اڳواڻن کي وزارت هٽڻ جو ذميوار سمجهي رهيا هئا. ايتري تائين جو پنهنجي اڳواڻن جي وضاحت به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا. جڏهن هنن پير الاهي بخش ۽ پير علي محمد شاهه راشدي کي نه ٻڌو ته سائين جي ايم سيد اٿي بيٺو ۽ هن وزارت کي ڊاهڻ جي ذميواري قبول ڪئي. ان ميٽنگ ۾ اهڙي صورت حال ٿي وئي جو سر غلام حسين جي وزارت ڊاهڻ کي ڄڻ اسلام جي شڪست قرار ڏنو پئي ويو.
ايڇ - پي - ڪرپلاڻي چيف سيڪريٽري سنڌ جي وائسراءِ ڏانهن لکيل خط ۾ اهو جملو واضح لکيل آهي ته سر غلام حسين جي وزارت ڊهڻ کي ”اسلام خطري ۾“ قرار ڏئي رهيا آهن. مذهب جي نالي الله بخش سومري جي حڪومت هٽائڻ جو جواز مسلم ليگ کي ”مسجد منزل گاه“ جي نازڪ مسئلي ۾ ملي ويو. ڊاڪٽر حميده کهڙو جي لفظن ۾، ڪتاب ”محمد ايوب کهڙو“
”وزارت کي هٽائڻ لاءِ هڪ سبب ملي ويو ۽ ان تحت منصوبه بندي ڪئي وئي ته جيئن صوبائي حڪومت واپس وٺجي، مسئلو انهن جي هٿن ۾ هو ۽ ڪيتري وقت کان اڳواڻن جو در کڙڪائي رهيو هو، انهن چوڌاري نهاريو ۽ ڳولي لڌو ”مسجد منزل گاه“
مسجد منزل گاه
الله بخش سومرو ان ۾ عمل جي حد تائين يقين رکندو هو ته صوبي جي رهواسين جي مذهبي ڇوت ڇات، ذات پات ۽ طبقي کان مٿي ٿي خدمت ڪبي. ليڪن جيڪي ماڻهو فرقيواريت ۾ يقين رکندا هئا ۽ ان کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ چاهين پيا، انهن ئي مسجد منزل گاه جو مسئلو پيدا ڪيو.
الله بخش سومري پاڻ به ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهيو پئي ۽ هن ان معاملي تي مسلم وفد سان به ميٽنگ ڪئي هئي ۽ انهن کي يقين ڏياريو هئائين ته هو مسئلي کي جذباتي طرح نه پر حقائق جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هندن کي ان تي اعتراض آهي ان لاءِ هن کي وقت گهرجي. هندن جو خيال هو ته سندن مقدس عبادت گاهه ساڌ ٻيلو به ان طرف آهي ۽ عبادت ڪرڻ لاءِ ويندڙ عورتن لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا ۽ جهيڙي جو به امڪان آهي ان ڪري مسجد کي بحال نه ڪيو وڃي.
مسلمان پنهنجي ضد تي ۽ هندو به سندرو ٻڌي بيهي رهيا. مسلم ليگ مسجد منزل گاه جي معاملي تي اجلاس گهرايو، ميٽنگ ۾ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ قيادت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته ”مسجد منزل گاه“ جو مسئلو خالصتن مذهبي آهي ۽ ان کي جمعيت العلماءِ هند تي ڇڏيو وڃي ۽ مسلم ليگ کي صرف سياسي معاملن تائين محدود ڪيو وڃي. سائين جي ايم سيد جي ان راءِ کي رد ڪندي ورڪنگ ڪاميٽي وڏي اڪثريت سان مسجد منزل گاه جو مسئلو پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو . الله بخش سومري جو خيال هو ته مذهبي مسئلو مختصر وقت ۾ حل ٿيڻ جوڳو نه هو. مسلم ليگ اهو محسوس ڪيو ته الله بخش سومرو هنن کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ان تي هنن مسجد کي بحال ڪرائڻ لاءِ هڪ ”مسجد بحالي ڪاميٽي“ ٺاهي ۽ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. سائين جي ايم سيد جي موقف جي ڪري ان کي مسجد بحالي ڪاميٽي ۾ نه کنيو ويو.
اها پڙهندڙ لاءِ تعجب خيز ڳالهه هوندي ته جنهن شخص شروع ۾ مسجد منزل گاه جي معاملي ۾ مسلم ليگي دوستن کي تحريڪ هلائڻ لاءِ منع ڪيو هو. اهو تحريڪ هلندي ان ۾ ڇو شامل ٿيو؟
مسجد منزل گاه بحالي ڪاميٽي تحريڪ جي ابتدائي مرحلي تائين سائين جي ايم سيد ان ۾ شامل نه رهيو پر محمد ايوب کهڙي جي خطن ۽ ٻي مسلم ليگي قيادت جي زور ڀرڻ تي شامل ٿيو. سائين جي ايم سيد ڪهڙي به سبب جي ڪري مسجد منزل گاه جي تحريڪ ۾ شامل ٿيو پر ان عمل کي هميشه غلط قرار ڏيندو رهيو.
منزل گاه جي تحريڪ شروع ٿي وئي، ستياگره تي ويٺل ڪئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اتر سنڌ ۾ ڦرلٽ ۽ قتل ڪرڻ جي بازار گرم ٿي وئي. صوفي سنڌ جا باسي سنڌي نه رهيا هئا پر هو پاڻ کي پڇ هڻي هندو سنڌي ۽ مسلمان سنڌي ٿي ويا، ان عمل جو آخر ۾ نتيجو ڇا نڪتو. سنڌي هندو در بدر ٿي ويا ۽ سنڌي مسلمان خاڪ بسر ٿي ويا.
الله بخش سومري هڪ دورانديش سياستدان جي حيثيت ۾ محسوس ڪيو ته هي مستقبل جي سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جو سامان آهي. هن ٻنهي ڌرين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو انڌي گهوڙي تي سوار هئا. تحريڪ جڏهن ٿڌي ٿي ۽ سائين جي ايم سيد ۽ مسلم سياسي ڪارڪن آزاد ٿيا، تڏهن مسلم قيادت ۾ سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو ته هي وڏو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ ان جي ازالي لاءِ هن ڪوشش شروع ڪئي، سائين ان پنهنجي عمل کي پنهنجي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي.
”اسان جي 19 نومبر 1939ع تي گرفتاري کان پوءِ سکر ۽ ان جي ڀرپاسي ٿيندڙ واقعات دکدائڪ آهن. جنهن وقت مان جيل ۾ هوس ته مون کي جيل ۾ هندو ۽ مسلم دوست انهن حالتن کان واقف ڪندا رهيا. مون کي افسوس آهي ته مان جيل ۾ هجڻ جي ڪري متاثرن سان همدردي جو اظهار ڪري نه سگهيس. مان هن وقت سنڌي هندن ۽ مسلمانن جيڪي ان واقعات کان متاثر ٿيا آهن انهن سان هن بيان ذريعي دلي همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. خاص ڪري اهي معصوم اڻ ڌريا هندو جن کي هنن واقعن جي ڪري نقصان ٿيو آهي.
جڏهن مان هن تحريڪ سان پاڻ کي وابسته ڪيو ته ان وقت منهنجي خيال ۾ به نه هو ته تحريڪ اهڙو ڀيانڪ رخ اختيار ڪندي. جيڪي به قتل ۽ غارت گيري جا واقعا ٿيا آهن اهي قابل مذمت آهن. وقت جي ضرورت آهي ته سنڌ جي باسي هندو ۽ مسلم عوام جي وچ ۾ امن ۽ ايڪتا پيدا ڪئي وڃي ۽ مان ان کي پنهنجو اولين فرض سمجهان ٿو ته ان امن ۽ ايڪتا جي حاصل ڪرڻ تائين پنهنجيون ڪوششون جاري رکان.“
مسلم ليگ مسجد جي بحالي جي تحريڪ آڪٽوبر 1939 کان ان حوالي سان شروع ڪئي ته وزير اعظم سنڌ الله بخش سومرو کي ليگين ڪافي وقت ڏنو ۽ هو ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان ڪري هنن تحريڪ شروع ڪئي هئي.
مسلم ليگين جي ان استدلال جي حوالي سان پڙهندڙن ۽ تاريخدانن جي ذهن ۾ ڪجهه سوال ته ضرور پيدا ٿيا هوندا.
ڇا اها ڳالهه سومري جي وس ۾ هئي ته فرقيوارانه مسئلي کي جلدي ختم ڪري سگهيو ٿي؟
ڇا مسئلي کي سومرو سمجهي نه سگهيو هو؟
ڇا سبب هو جو پراڻو ڏهاڪي سالن جو مسئلو بمبئي پريزيڊنسي وقت، ڪمشنر سنڌ، نوڪر شاهي ۽ سنڌ جي خودمختياري وقت سنڌ جو پهريون وزير اعظم سر غلام حسين حل ڪري نه سگهيا هئا؟
جيڪڏهن فرقيوارانه مسئلو حل طلب هو ته مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، محمد علي جناح ۽ ابوالڪلام آزاد برصغير ۾ ان مسئلي کي ڇو نه حل ڪري سگهيا؟ اها به حقيقت آهي ته برصغير جي تقسيم ان فرقيوارانه مسئلي جي ڪري ٿي ۽ 15 کان 20 لک ماڻهو قتل ٿيا ۽ لکين عورتن جو عصمتون لٽيون ويون. اربين روپين جو نقصان ٿيو ۽ لکين ماڻهو پناهگير ٿيا.
ڇا فرقيوارانه مسئلو سنڌ تائين محدود هو، برصغير جي ٻين صوبن ۾ ان جو اثر نه هو؟
ڇا ٻين صوبن جا وزير اعظم ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا؟
ڇا سومري جي لاءِ حالات بهتر هئا ته هو فرقيوارانه مسئلي کي جلدي حل ڪري سگهيو پئي؟
جيڪڏهن اهڙي صورت حال نه هئي ته پوءِ ڇو الزام لڳايو ويو ته سومرو مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو؟
جيڪڏهن فرقيوارانه ڇوت ڇات جي تاريخ کي سمجهن ها ته ڪيئن ساڳي عيسائي مذهب جي ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽن جي وچ ۾ خون وهايو ويو ۽ يهودين ۽ عيسائين ۾ ڪيئن قتل وغارت گيري ٿي ته هو ان مسئلي کي هٿ ۾ کڻڻ کان اڳ سو دفعا سوچين ها ۽ تڪڙ نه ڪن ها.
بغير ڪنهن نتيجي جي ٻئي هندو ۽ مسلم ڌريون، مسئلي ۾ ڦاسجي ويون، هاڻ ڇا ڪجي، فرقيوارانه ڪوڙڪي جيڪا هنن خود ٺاهي هئي، ان مان ڪيئن نڪرجي انهن جي لاءِ مسئلو بنجي وئي.
سنڌي هندو انڊپينڊنٽ گروپ ۽ مسلم ليگي قيادت جيڪي پاڻ ۾ مسجد منزل گاه جي مسئلي تي چانڊيا ۽ مگسي هئا، انهن فيصلو ڪيو ته سومري کي هٽائڻ لاءِ چانڊيا- مگسي اتحاد ضروري آهي. ڪلهه جن سنڌ جي صوفيانه ڌرتي تي فرقيواريت جي مسئلي تي خون خرابو ڪرايو، اڄ هي ڀائي ڀائي ٿي ويا ۽ هنن سومري کي هٽائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي. هندو انڊپينڊنٽ گروپ وچ ۾ گوهي هڻندي الله بخش سومري سان ڀائي ڀائي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي 21 پوائنٽن جو مسودو ڏنو پر سومري صاحب انهن سان معذرت ڪندي واپس ڪيو ۽ چيو ته وزارت کي بچائڻ لاءِ مان اهڙي ڳالهه قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان جيڪا منهنجي اصولن جي خلاف هجي.
هندو انڊپينڊنٽ گروپ جي طرفان ڏنل 21 پوائنٽن سان متفق هوندي به الله بخش سومري ان کي ڇو نه قبول ڪيو، سائين جي ايم سيد ان کي پنهنجي ڪتاب نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ۾قلمبند ڪيو آهي. هي سائين جي ايم سيد جا خيال پڙهندڙن کي الله بخش سومري جي شخصيت ۽ خيالن کان بهتر نموني واقف ڪري سگهندا.
”ڪو به سوال ڪري سگهي ٿو ته سومري هندو انڊپينڊنٽ گروپ جي 21 نقطن کي ڇو نه قبول ڪيو ؟ هن سوال جو درست جواب لهڻ لاءِ مان چاهيندس ته پڙهندڙ هن تجزئي ۾مون سان گڏ رهن. گذشته ٻن سالن جي تلخ اسيمبلي تنازعات جا نفسياتي اثرات الله بخش سومري جي ذهن ۾ هئا.
گنڀير معاملن جي وقت الله بخش جوکم کڻندو هو ۽ جڏهن هو ڪنهن معاملي تي فيصلو ڪندو هو ته ان معاملي ۾ هو هر شي کي جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار رهندو هو. هي زيرڪ قسم جو ٺيڪدار هو ۽ هو واپار جي طرح هر شي جو تخمينو لڳائيندو هو ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هو انتها تائين ويندو هو. آفيسرن کي پنهنجو ڪرڻ هن کي ايندو هو ۽ وڏن زميندارن کي پنهنجي فراخ دلانه مهمان نوازي جي ذريعي پاڻ ڏانهن مائل ڪندو هو.
پنهنجي بهترين رويي، سخاوت ۽ شفقت جي ذريعي اسيمبلي ۾ عزت ۽ مرتبو حاصل ڪندو هو. اسيمبلي جي اليڪشن وقت قبائلي سردارن ۽ خاندانن تي توانائي، پيسو ۽ سڀ ڪجهه خرچ ڪندو هو، مقصد کي يقيني طور حاصل ڪرڻ لاءِ هو جيڪو ڪجهه ڪندو هو اهو ڳڻ ڳوت ۽ منصوبي تحت هوندو هو. پر هي ڳڻ ڳوت واڻڪي نموني نه هوندي هئي ته جيڪو هن خرچ ڪيو آهي ان جو لاڀ حاصل ڪري، هي نقصان ۽ فائدي جي سوچ کان مٿاهين فتح حاصل ڪرڻ جي تمنا رکندو هو، هن جا طريقا ان جنرل جي طرح هئا جيڪو خاص جنگ کٽڻ جي تمنا رکندو هو. “
مسجد منزل گاه جي مسئلي تي الله بخش سومري، سر عبد الله هارون ۽ مسلم ليگي قيادت سان مسئلي جي نزاڪت ۽ ان جي حل ڪرڻ لاءِ ضروري قدمن متعلق ملاقات ڪئي ۽ کين سمجهايو پر جيئن ته ليگ اڳواڻن کي مسجد منزل گاه جي بحالي کان وڌيڪ هڪ اهم ڪم الله بخش سومري جي وزارت کي ڊاهڻو هو. بهرحال مسجد جي تحريڪ جي ذريعي مسجد بحال ٿي نه سگهي پر هندو انڊپينڊنٽ گروپ ۽ مسلم ليگ (چانڊيا - مگسي) اتحاد جي ذريعي اسيمبلي ۾ هڪ تحريڪ پيش ڪئي ۽ ان تحريڪ تي الله بخش سومري جيڪا تقرير ڪئي آهي، اها تاريخ جو هڪ اهم باب سمجهندي پيش ڪري رهيو آهيان:
محترم اسپيڪر
اوهان جي اجازت سان هاڻ ڪجهه وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن هائوس ۾ آندل تحريڪ تي بهترين نموني سان مڪمل ۽ کلي طرح سان بحث ٿي سگهي.
اڳئين ڏينهن تحريڪ کي آڻڻ تي مون ان ڪري اعتراض ڪيو هو ته مان تنقيد کان نه بچان بلڪ منهنجو خيال هو ته اهڙي خاص موضوع تي بحث ڪرڻ لاءِ ماحول سازگار نه آهي، حالات معمول مطابق نه آهن ۽ مون کي خوف آهي ته بحث باهه کي نه ڀڙڪائي ڇڏي ۽ تڪليف ده حالتن ۾ مزيد اضافو نه ڪري، هينئر تحريڪ کي هائوس ۾ زير بحث آندو ويو آهي ۽ مان اميد ٿو ڪريان ته محترمه ميمبر صاحبان تنازعي پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ٻاهران موڪليو ويون هونديون ان کان بالا ٿي بحث ۾ حصو وٺندا، مان هائوس جي تمام اڪابرين کي گذارش ٿو ڪريان ته هو مسئلي کي هن ۽ هُن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي بجاءِ ان کي حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن نتيجي تي پهچن، ائين ڪرڻ سان دکدائڪ ۽ افسوسناڪ واقعات جيڪي ٽن مهينن کان جاري آهن انهن جي پڄاڙي ٿيندي.
مان اهو مڃان ٿو ته اڃا تائين سکر ضلعي جي هندن ۾ خوف ۽ حراس آهي ۽ اهو حڪومت جو فرض آهي ته گهٽ ۾ گهٽ عرصي ۾ سنڌ جي تمام طبقن ۾ احساس تحفظ پيدا ڪري ۽ قانون جي عملداري جو يقين ڏياري. گذريل ٻن مهينن جي افسوسناڪ واقعن اسان جي ترقي کي گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ جيستائين ان ۾ بهتري اچي، صوبي کي هڪ نسل تاءَ پوئتي ڪيو ويو آهي.
اهو چوندي مان ڏکارو ٿيان ٿو پر اها هڪ حقيقت آهي ته سکر ۽ ان جي آس پاس ۾ ٿيندڙ بد ترين واقعات سنڌ جي تاريخ ۾ ڪاري ٽڪي طور رهندا.
سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ کان پوءِ ڪيترن ئي حلقن ۾ اقتدار، چاهي اهو ڪيتري ئي قيمت ادا ڪرڻ تي ملي جي بک پيدا ڪئي آهي. هڪ گروهه جنهن اقتدار حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي اهو ئي سکر ضلعي ۾ ڀنڀڙ ٻارڻ جو ذميوار آهي. ڪنهن دور ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا غلط هٿ ڪنڊا استعمال ڪيا ويندا هئا ۽ لاقانونيت ڦهلائي ويندي هئي. اهوئي هينئر ڪيو ويو آهي، منهنجي خيال ۾ انهن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقصد وارن ماڻهن کي اقتداري حوس ۽ جارحانه طريقي ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ واري عمل کي ختم ڪرڻ گهرجي. اهو طريقو ئي صوبي کي مستحڪم انداز ۾ ترقي ڪرڻ لائق بنائيندو ۽ هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري به قيمت جي ادائگي گهڻي نه هوندي.
منهنجي خواهش آهي ته هائوس کي متنبه ڪيان ته ڪنهن به سوچ کي جيڪا سياسي ۽ ٻئي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ جارحيت جو ذريعو بنجي ان جو هتي وڌڻ ۽ ويجهڻ، تباهه ڪن ٿيندو، مون کي اها اميد هئي ته منهنجا مسلمان ڀائر هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ غير مسلم ڀائرن جا انهن تي عائد حق وساري نه ويهندا، ڪهڙا به سبب ها پر ڦر لٽ، خون ۽ خرابو ۽ عورتن جو اغوا ۽ انهن سان ناروا سلوڪ هڪ بي شرمائي جو عمل آهي.
اهو ضروري آهي ته جنهن سبب هي واقعا ٿيا آهن ان واقعي جي تاريخ جي خوجنا ڪئي وڃي، اقتدار ۾ اچڻ کان ٿوري دير بعد مون ڪوشش ڪئي ته ان کي حل ڪيان، مون کي اهو نظر آيو ۽ اهو اڄ به منهنجو خيال آهي ته ان کان ڪو به بهتر حل نه آهي جيڪو متفق طور سڀني پارٽين کي قبول هوندو، جيڪي هن وقت مسئلي جي گرمائش سبب متاثر آهن. سرڪار تي اهو الزام هنيو وڃي ٿو ته هن بي سبب دير ڪئي. مان هائوس کي ياد ڏيارڻ گهران ٿو ته مسئلو ايترو سولو ناهي جيترو سمجهيو وڃي ٿو. هڪ طرف سچائي سان هڪ ڌر جو ايمان آهي ته مسجد منزل گاه جي عمارت مسجد هئي ۽ ان کي مسلمانن جي مذهبي جذبات جو احترام ڪندي عوامي حڪومت کي بحال ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف هڪ ٻئي گروهه جو ايمان آهي ته اها عمارت ڪڏهن به مسجد نه رهي آهي، هڪ ٽيون طبقو آهي جنهن جي خيال ۾ اگر اها مسجد به آهي ته به ساڌ ٻيلي جي عبادت گاهه جي موجودگي ۾ مسلمانن کي ان جي حوالي ڪرڻ سنڌي قوم جي ٻن مذهبي گروهن ۾ نفرت پيدا ڪندو، اڃان هڪ ٻيو گروهه آهي جيڪو مذهبي لڳ لڳاپي هجڻ کان سواءِ صرف ان مسئلي کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف غير مسلمانن جو هڪ گروهه آهي جيڪو پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مسجد جي بحالي جي مخالفت ڪري رهيو آهي. سرڪار مسجد ۽ مندر ٺاهڻ لاءِ زمين ڏيڻ ۾ ڪڏهن به دير نه ڪئي آهي پر جتي مذهبي معاملو آڏو اچي وڃي اتي زمين ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي، مان هنن حالتن ۾ ڪنهن به ڌر تي الزام نه ٿو هڻان پر هن وقت هائوس کي مسئلي جي اصلي سبب کان واقف ڪرڻ گهران ٿو. واسطيدار ڌرين جي نيڪ نيتي ۽ امن ڀريو رويو رهيو ته سرڪار پر اميد آهي ته ان مسئلي کي حل ڪري وٺندي، سرڪار ان مسئلي جي جلد حل ٿيڻ جي خواهش کان واقف آهي، سرڪار هڪ خاص وقت تائين ان مسئلي جي حل جي خواهش ڏيکاري ۽ مسئلو حل ٿيڻ جي نزديڪ هو ته مسجد بحالي ڪاميٽي ستياگرهه جي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سرڪار اهڙي ڌمڪي کان مرغوب نه ٿيندي. ڪنهن فيصلي ڪرڻ کان پهرين تمام حالتن جو اڀياس ڪيو. سوال ڪيو ويندو ته تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ سرڪار قدم ڇو نه کنيو. ان جو جواب آهي ته پروپيگنڊا ڪئي وئي هئي ۽ انهن اڃا ڪو به غير قانوني قدم نه کنيو هو. سرڪار کي اميد هئي ته حواسن کي درست استعمال ڪيو ويندو ۽ اُها بحالي ڪاميٽي سان ڪنهن مطمن ڪندڙ نتيجي تي پهچندي.
احترام لائق ميمبر ان واقعي کان ته ضرور واقف هوندا ته ڪيئن ستياگرهين مسجد منزل گاه جي عمارت تي زوري قبضو ڪيو. بحالي ڪاميٽيءَ گهڻا ماڻهو گڏ ڪري انهيءَ کي ستياگرهه نالو ڏنو، هنن کي اهو ته محسوس ڪرڻ گهرجي ها ته جيڏي مهل جوش جو هوش تي غلبو هجي ۽ مذهبي هيجان انتهائي مٿي هجي ته نتيجو ڇا نڪرندو. سرڪار محسوس ڪيو ته تحريڪ کي جلدي چٿڻ لاءِ خاصي قوت استعمال ڪرڻي پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي مزيد ڳڙ ٻڙ پيدا ٿيندي. سرڪار ان ڪري مسجد منزل گاه تان پوليس هٽائي ۽ قيدين کي ان اميد سان آزاد ڪيو ته ڪاميٽي هوش ۽ حواس ۾ ايندي حالتن جي خطري کي جيڪو عوام جي تحفظ ۽ امن امان لاءِ هاڃيڪار ۽ انتهائي خطرناڪ آهي ان کي محسوس ڪندي ۽ ان کان پوءِ سرڪار ۽ بحالي ڪاميٽي جي درميان ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اها حقيقت آهي ته سرڪار عمارت جو قبضو ان لاءِ ورتو هو ته وقت سر طاقت جو استعمال ڪري سگهي پر اهو وڏو خطرناڪ عمل هو جنهن جي نتيجي ۾ مزيد هنگاما آرائي ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف اهو امڪان هو ته سرڪار ۽ بحالي ڪاميٽي جي درميان ڳالهه ٻولهه بهتر نتيجي تي پهچي سگهي ٿي. ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جا امڪان گهٽ هئا يا وڌيڪ، سرڪار فيصلو ڪيو ته هڪ وڌيڪ ڪوشش ڪري ته جيئن طاقت جي استعمال ڪرڻ سان غلط نتيجا نڪرڻ کان بچي. سرڪار، بحالي ڪاميٽي جي چيئرمين سان ڳالهه شروع ڪري ڏني ۽ چيئرمين ۽ ٻين ڪجهه بحالي ڪاميٽي جي ميمبرن سرڪار سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي انهن کي راضي ڪيو پر بحالي ڪاميٽي جي اڪثريت انهن سان سهمت نه ٿي، چيئرمين نه سهمت ٿيندڙ ميمبرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت ورتو، جيڏي مهل چيئرمين ۽ بحالي ڪاميٽي جي ميمبرن جي ڪوشش ناڪام ويئي، انهن تحريڪ کان پاڻ کي جدا نه ڪيو ۽ نتيجتن سرڪار سان عدم تعاون جي تحريڪ جو اڀار ڪيترن ئي ماڻهن ۾ پيدا ٿي ويو. ساڳئي وقت هندن جي طرفان پريس جي ذريعي سکر ۾ڊاڪٽر مونجي جي صدارت ۾ جيڪا تحريڪ شروع ڪئي وئي هئي ان به ان طرف پنهنجو پلڻو ڪيو. هندو اڳواڻن کي حالات کي سمجهندي هن ڏکئي وقت ۾ سرڪار سان تعاون ڪرڻ گهرجي ها، بحالي ڪاميٽي جا هوشمند ميمبر پنهنجي ذميواري محسوس ڪن ها ۽ خراب حالتن جي مد نظر پنهنجي ساٿين کي مشورو ڏين ها ته هو سرڪار جي حڪمن جو احترام ڪن. جيڪڏهن انهن جي مشوري کي ٻڌو نه ويو هو ته پاڻ کي تحريڪ کان جدا ڪن ها. رونما ٿيندڙ واقعا انتهائي دکدائڪ آهن ۽ مان هن موقعي مان فائدو وٺندي لاقانونيت ۽ تشدد جي متاثر ماڻهن ۽ انهن جي وارثن سان انتهائي دلي همدردي جو اظهار ڪيان ٿو.
هينئر سوال آهي ته مسئلي جو ڪهڙو حل آهي؟ جيئن مان اڳ ۾ چئي چڪو آهيان ته عدم تحفظ جو احساس موجود آهي ۽ تازا قتل، جن جا ڪهڙا به سبب آهن، اهي انهن ۾ پريشاني پيدا ڪندا، جيڪا هندن ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي، ممڪن آهي ته ائين هجي ته جيڪي فساد ٿيا اهي جوش جي غلبي تاري ٿيڻ جي ڪري ٿيا، هي لڳاتار خون خرابي جو جاري رهڻ هندن ۾ عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪندو ۽ سرڪار ان ڳالهه کي هائوس کان لڪائڻ نه ٿي چاهي ته اهو انهن ۾ گهري سوچ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اهي ان حالتن مان نڪرڻ ۽ ان تي قابو پائڻ لاءِ سوچي رهيا آهن. جيڪڏهن وزارت کي هٽائڻ مسئلي جو حل آهي ته علاج هٿن ۾ آهي ۽ 24 ڪلاڪن جي اندر ان تي عمل ٿي سگهي ٿو ٻئي طرف جيڪڏهن هائوس محسوس ڪري ٿو ته مسئلو گنڀير آهي ۽ ان عمل جي ذريعي ان کي حل نه ٿو ڪري سگهجي ته هائوس جا تمام ميمبر پنهنجا اختلاف ختم ڪري، پنهنجي ذهن تي زور ڏئي رستو ڪڍن ته اسان کي اڳتي ڪيئن وڌڻو آهي.، سرڪار جي نظر ۾ هي آهي ته ٻه ڳالهيون ئي مطلوب شده نتيجا آڻي سگهن ٿيون.
قانون جو احترام
صوبي جي رهندڙ ٻنهي ڌرين جي درميان نيڪ نيتي ۽ امن
سرڪار جي خيال ۾قانون جي عزت ۽ احترام ايستائين بحال ٿي نه سگندو جيستائين امن و امان ۾ خلل وجهندڙ عناصر اهو محسوس نه ڪندا ته اهو رويو معاشري جي لاءِ نقصان ڪار آهي، اهو ضروري آهي ته امن لاءِ نقصان ڪار ماڻهن کي سزا ڏني وڃي ته جيئن ٻيا ماڻهو ان مان سبق حاصل ڪن. ٻنهي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪار تيار آهي، هن پروپيگنڊا شروع ڪري ڏني آهي ته ماڻهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ احساس ذميواري پيدا ڪجي. مسلم اڪثريتي گروهه جا ميمبر غير مسلم ماڻهن جيڪي انهن سان گڏ رهن ٿا انهن ۾ احساس تحفظ پيدا ڪن، سرڪار تيار آهي ته ان بدامني کي ختم ڪرڻ لاءِ پئسه ۽ موقعا ميسر ڪري، سرڪار جي اها به خواهش آهي ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن هائوس جا ميمبر ان سان تعاون ڪن، ان حوالي سان مان مخالف ڌر ۾ ويٺل گروپن کي دعوت ٿو ڏيان ته پنهنجي رويي کي بهتر ڪن. ان ۾ پهريون مسلم ليگي گروهه آهي. سرڪارجي خيال ۾ اهوئي گروهه مسجد منزل گاه تحريڪ جو هر اول دستو رهيو آهي ۽ ان تحريڪ جي ڪري ئي حالتون گنڀير ٿيون آهن ۽ بهتر ڪرڻ لاءِ سرڪار هر ڪا ڪوشش ڪئي آهي، اهو گروپ سرڪار سان نه صرف مذمت ڪرڻ ۾ تعاون ڪري بلڪه سرڪار سان انهي جي پاليسي ته انهن سڀن مجرمن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي ماڻهن تائين اها ڳالهه پهچائڻ ۾ تعاون ڪري ته جيڪو ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي، اهو اسلام جي تعليمات جي خلاف آهي. سرڪار سندن تعاون تي انتهائي خوشي محسوس ڪندي. سرڪار جو مسلم ليگ گروپ جي متعلق خيال آهي ته هو ان مسئلي تي پنهنجا خيال پيش ڪن.
ٻيو گروپ هندو انڊپينڊنٽ گروپ آهي، اهو افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهو درست هو ته خراب حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ جڏهن هنن جي نمائندن جي ضرورت هئي انهن وزارت مان پنهنجن نمائندن کي ٻاهر ڪيو. معذرت سان مان اهو چوان ٿو ته هنن جو اهو عمل دانشمندانه نه هو، مان سمجهان ٿو ته ٿڌي دماغ سان سوچي هو مڪمل تعاون ڪندا.
آخري ڪانگريس گروپ آهي، هندستان ۾ سياسي حالات خراب هجڻ جي ڪري انهن لاءِ مشڪل آهي ته هو وزارت ۾ شامل ٿين، مهاتما گانڌي ۽ وائسراءِ جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته اهي آئيني مسئلو حل ڪري وٺندا ۽ اهو ڪانگريس وزيرن لاءِ مختلف صوبن ۾آفيس ۾ ويهڻ جي راهه هموار ڪندو، سنڌ سرڪار لاءِ ان وقت سولو ٿي پوندو ته ڪانگريس ميمبرن کي چئي ته هو وزارتي ڪرسي ماڻين، اها اميد ڪئي وڃي ٿي ته جيستائين منهنجي وزارت آهي ته هو ۽ ٻيا گروهه اهليت جي بنياد تي حمايت جاري رکندا.
هڪ آخري نقطو مان محترم ميمبر صاحبان کي چوندس ته ڪنهن گهٻرائڻ کان سواءِکلي دل سان ڳالهائين. مان پنهنجا خيال لڪائڻ نه ٿو چاهيان. مان هن هائوس جو ان معاملي تي رويو ڏسڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن انهن جو خيال آهي ته موشن تي ڳالهايو وڃي، سرڪار انهن جي ڳالهه کي ذهن نشين ڪندي هڪ ڪاميٽي ٺاهيندي جيڪا هن حالت کي بهتر ڪرڻ ۾ رستو ڪڍي ڏئي. جيڪڏهن ٻئي طرف ميمبرن جي اها خواهش آهي ته موشن تي ووٽ ڏين ، مان دعا ٿو ڪريان ته 7 بجي تائين بحث پورو ٿئي ته جيئن موشن تي (ڊويزن) ووٽنگ ٿي سگهي. جيڪڏهن ووٽنگ جي ذريعي موشن کي پيش ڪيو ويو ته مون ڪنهن بغاوت ۽ للڪار جي حوالي سان نه چيو آهي پر اهو مان ايماندارانه طور سمجهان ٿو ته تمام بهترين ڪم ڪرڻ جي باوجود منهنجي ساٿي ميمبرن جو مون ۾ اعتماد نه رهيو آهي ته مون کي عهدو رکڻ جو ڪو به حق نه آهي. اهو ضروري نه آهي ته ان آفيس ۾رهجي جيڪا ڪا گلن جي سيج نه آهي. صوبو انتهائي نازڪ دور ۾آهي ۽ حالات جي تقاضا آهي ته عوام کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ضروري آهي، هن حالات مان تڏهن نڪربو جڏهن ان کي مدبرانه انداز ۾ منهن ڏبو. اسلام جي اها تعليم آهي ته طاقتور ڪمزور جو تحفظ ڪري. اسان مسلمان سنڌ ۾ نه صرف اڪثريت ۾ آهيون بلڪ اسان ايترا مضبوط آهيون جو ڪمزور ۽ اقليتن کي تحفظ ڏيئي سگهون ٿا. مان ان تناظر ۾ اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر جي مسلمانن کي اپيل ٿو ڪريان ته پنهنجي مذهب جي تعليمات کي سمجهندي صوبي کي امن ۽ آشتي جو گهر بنايو جتي هرڪو آرام سان رهي سگهي“
اسيمبلي ۾ موشن جي ذريعي مسلم ليگ ۽ هندو انڊپينڊنٽ گروپ گڏ ٿي الله بخش سومري جي وزارت ڊاٺي. انهن ڇا حاصل ڪيو، ان کي مان پنهنجن لفظن جي بجاءِ تاريخدان جونس ايلن ڪيٿ جي لفظن ۾پيش ڪري رهيو آهيان.
”الله بخش سومري کي مسلم ليگ ۾ شامل ڪرڻ جون ڳالهيون ناڪام ٿيڻ ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت نه ٺهڻ، سنڌ جي ليگين جي ذهن۾خدشا پيدا ڪيا ته انهن جي آل انڊيا ڪوششن ته صوبائي معاملن کي پنهنجي طرف آڻجي، اهو تاثر پيدا نه ڪري سگهيا. الله بخش سومري کي شڪست ڏيڻ لاءِ هنن مسجد منزل گاه وارو ڌماڪي خيز مواد ڳولي لڌو. انهن جي خيال ۾ هندن جي ٽيڪ ۽ پٺڀرائي ۽ طاقتور مسلم عوام جي حمايت سان، دٻاءَ وجهي، الله بخش وزارت کي ڊاٺو وڃي. هي سنڌ مسلم ليگ جي خواهش هئي ۽ سنڌ مسلم ليگ جي تعلق کي وائکو ڪري ٿي. اهو طريقو مزيد وائکو ٿيو، جڏهن سنڌ مسلم ليگ طرفان مرڪزي مسلم ليگ جي اجازت کان سواءِ ستياگرهي تحريڪ شروع ڪري پنهنجي مهم ذريعي مسجد منزل گاه کي بحال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ جا ليگي ان مذهبي هٿيار جي قوت کان خاصا واقف هئا ليڪن منصوبه بندي ۽ ڪيتري حد تائين ان مسئلي کي کڻي وڃجي ان ۾ ورهايل هئا، ليگ ۾ اعتدال پسند ۽ انتها پسند قيادت جي شامل ٿيڻ جي ڪري مزيد سندن وڌندڙ سياسي بناوٽ کي ظاهر ڪري ٿو. انهن جي متحد نه هجڻ جي ڪري انهن کي مبهم ڪاميابي نصيب ٿي.“
سنڌ جي ليگين الله بخش سومري کي هٽائي پنهنجو اهم مقصد ته حاصل ڪيو پر اهو ڀاري قيمت تي، هڪ ته ليگ جو هُليو خراب ٿيو ۽ ٻيو سنڌ جو فرقيوارانه امن تباهه ٿيو. اهو نتيجو ليگين جي اهليت ته حڪومت هلائڻ جهڙا آهن ان تي انتهائي سوال پيدا ڪري ٿو.“
هن تمام فرقيوارانه معاملي ۾سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جو ڪردار تمام مٿانهون رهيو. پاڻ فسادن کي روڪڻ لاءِ پنهنجي مريدن کي حڪم ڏنائون ۽ پير صاحب جي حڪم تي حرن سنڌ ۾ فسادن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پير صاحب پير ڳوٺ ۾ هندو- مسلم گڏيل ميٽنگون گهرايون. هن ليگي اڳواڻن جي هن فرقيوارانه عمل کي رد ڪندي پنهنجي اخبار ”پير جو ڳوٺ“ گزيٽ ۾ هيٺيون ڪجهه لکيو.
”منهنجا وڏا “هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد جا امين هئا ۽ اهو ئي منهنجو اصول آهي..... الله ساڳيو آهي جيئن پرماتما، صرف مختلف نالن سان. مان خوش ٿيندس. جڏهن مندرن ۽ مسجدن کي گڏ ڏسندس ۽ انهن جي وچ ۾ صرف ديوار هوندي ۽ هر هڪ (عبادت) پنهنجي مسلڪ جي تحت ڪري رهيو هوندو ۽ ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي کان رنجش نه هوندي.“
موشن جي ذريعي الله بخش سومري جي حڪومت کي ڪيرايو ته ويو پر منصوبه بندي ساز ڦاسي پيا، پهرين ته وزير اعليٰ ڪير ٿئي. اڪثر ميمبرن جو خيال هو ته بزرگ سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي کي وزير اعليٰ مقرر ڪيو وڃي، مير گروپ جي اڳواڻ مير بنده علي خان ان تي اعتراض ڪيو ۽ مير جي مدد کان سواءِ حڪومت بنجڻ ڏکي هئي. آخر ۾ غور ويچار کان پوءِ مير بنده علي خان کي سنڌ جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو، مير صاحب ذاتي طور تي سٺو ماڻهو هو پر نئين صوبي ۽ سنڌ جون سياسي ۽ معاشي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڏي قدآور شخصيت جي ضرورت هئي اهو هي نه هو.
18 مارچ 1940ع تي مير بنده علي خان ۽ ان جي وزيرن حلف کنيو:
ميربنده علي خان وزير اعظم سنڌ
نيچلداس وزيراڻي روينيو
خانبهادر محمد ايوب کهڙو پبلڪ ورڪس
جي ايم سيد تعليم
شيخ عبدالمجيد ماليات
گوڪل داس ميولداس لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ زراعت
ان تمام معاملي تي گورنر جي وائسراءِ کي رپورٽ
گورنمينٽ هائوس
23 مارچ 1940ع
مان نه ٿو سمجهان ته پارلياماني تاريخ ۾ اهڙو مثال ملندو، جهڙو سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن غير ذميوارانه رويو اختيار ڪيو، سرڪار جي 3 حامي ميمبرن جي عليحدگي اصولن تحت نه پر مسلم ليگ جي دٻاءُ سبب ٿي آهي ته جيئن هڪ ڪانگريس ميمبر ۽ ٻن هندو انڊپينڊنٽ پارٽي جي ميمبرن جي پيروي ڪندي جوابي توازن برقرار رکيو وڃي. گرانٽ تي بحث مهل آيل معاملو ٽري ويو ۽ هڪ ووٽ جي اڪثريت سان بل منظور ٿي ويو ۽ ائين ڊويزن جي بغير ڪاروائي هلندي رهي. پنجن گرانٽن جي منظور ٿيڻ کان پوءِ ڊويزن کي چيلنج ڪيو ويو ۽ ٻن هندن هڪ سابق وزير مکي گوبند رام ۽ ٻئي آزاد ميمبر، ڪميونسٽ بيچر، طرف بدلايو............... نئين وزارت ٺاهي وئي آهي......... مون کي اجازت هجي ته چوان اهو هندو انڊپينڊنٽ گروپ، مسلم ليگ ۽ بلوچ گروپ جو اتحاد آهي. ٽيون گروپ (بلوچ گروپ) حڪومت جو مضبوط اتحادي هو ۽ ان جو اڳواڻ مير بنده علي خان اڳين حڪومت ۾ وزير هو. ليڪن جنهن نموني سان هن الله بخش سومري کي ڇڏيو آهي اهو اسان جي اصولن تحت انتهائي بي وقار ڪم آهي.
نئين وزارت ڀانت ڀانٿ قسم جي ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ صرف هڪ ئي شيءَ انهن کي آفيس ۾آندو آهي اها آهي انهن جي ”خواهش“ ته آفيس ۾ رهون. وزارت جي کاتن جي ورهاست ۾ به هو مطمئن ناهن،3 وزير ڪراچي کان ٻاهر آهن ۽ 26 تاريخ سيشن شروع ٿيڻ تائين اهو مان چئي به نه ٿو سگهان ته اهي پاڻ ۾هلي به سگهندا يا نه، اها ڳالهه منهنجي لاءِ اطمينان بخش نه آهي ته ان وزارت ۾ گهٽ اهل ماڻهو وزير اعظم آهي.
لانسلاٽ گراهام
الله بخش سومرو مخالف بينچن تي ويٺو ۽ هن جو خيال هو ته نئين حڪومت کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن صوبي ۾ امن امان جي حالت بهتر ٿئي. نئين حڪومت ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر ڪم وڏو هو ۽ وزير اعليٰ جي اهليت کان مٿانهون هو، سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو ته ”الله بخش سومري کان سواءِ اوندهه آهي“. سائين جي ايم سيد پنهنجي طور ڪجهه ڪرڻ جي شروعات ڪندي، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي متبادل طور غير فرقيوارانه جماعت ٺاهڻ جوسوچيو ۽ هن ان معاملي تي ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي سان صلاح مشورو ڪري ”سنڌ پيپلز ائسوسيئشن“ ٺاهي.
ايسوسيئشن جي ٺهڻ جي متعلق حڪومت سنڌ جي طرفان مرڪزي حڪومت ڏي موڪليل رپورٽ ۾ ايسوسيئشن جي مقصد ۽ ٺهڻ جو ذڪر آهي.

10 جولاءِ 1940ع
پيارا ڪونران سمٿ

سنڌ پيپلز ائسوسيئشن جي 18 جون تي ميٽنگ ٿي گذري، هن نئين تنظيم جو مقصد ديهي آبادي جي عوام جو اعتماد بحال ڪيو وڃي ۽ ٻنهي مذهبي گروهن جي درميان ايڪتا ۽ اتحاد پيدا ڪيو وڃي، ايسوسيئشن ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار وزير ماليات شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻنهي ڌرين جي اهم ماڻهن جو آهي.
وزير ماليات ايسوسئيشن کي خطاب ڪندي شهر ۾ والنٽيئرن جي تنظيم سازي ڪرڻ جو چيو ته جيئن شهر ۾ ڊيوٽي ڏئي سگهن، محترم ڄيٺمل پرسرام چيو ته ائسوسيئشن ڪراچي ۾ والنٽيئر فيڊريشن ٺاهڻ ۽ ان جو شاخون سڄي سنڌ ۾ کولڻ چاهي ٿي. سکر مسجد منزل گاه جي تنازعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هي جلدي سکر ويندو ۽ اتي هندن کي چوندو ته مسلمانن سان مسجد منزل گاه جو مسئلو پر امن طريقي سان طئه ڪيو ۽ بنا ڪنهن شرط جي مسجد انهن جي حوالي ڪيو.
تنهنجو خير خواهه
آءِ - ايڇ - ٽانٽن

سنڌ پيپلز ائسوسيئشن تمام سٺي نموني ڪم شروع ڪيو پر مرڪزي جماعتن ڪانگريس ۽ ليگ کي ائسوسيئشن جا سٺا ڪم سندن شهرت لاءِ نقصان ڪار لڳا. ائسوسيئشن پئسي ۽ ڪارڪنن جي ڪمي سبب وڌي ويجهي نه سگهي.

نظرياتي سياست فطري عمل

سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي. ته”الله بخش سومري کي نظرياتي سياست ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي پر 15 سالن جي سياسي تجربي هن کي مجبور ڪيو ته هو نظرياتي سياست ڪري.“
الله بخش سومري محسوس ڪيو ته مذهبي ڇوت ڇات جنهن تمام برصغير کي پنهنجي وڪڙ ۾ آندو آهي اها صوفيانه سنڌ تي به اثر انداز ٿي وئي آهي، ان ڪري هن فيصلو ڪيو ته قوم پرست مسلمانن جي هڪ تنظيم ٺاهي ان ذريعي فرقيوارانه باهه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، شهيد جي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾9 سال ميمبر رهڻ جي ڪري بر صغير جي اڪثر سياستدانن سان ڏيٺ ويٺ ٿي چڪي هئي ۽ وزير اعظم سنڌ جي حيثيت سان مسلم اڪثريتي صوبن جي وزير اعظمن ۽ ٻين سياستدانن سان به تعلق هئس، ان ڪري برصغير جي سطح تي مسلمان قوم پرستن جي جماعت ٺاهڻ ۾ هن کي ڪا به ڏکيائي نه ٿي ۽ هن تمام برصغير جي مسلمان دوستن سان مشوري ڪرڻ بعد”آزاد مسلم ڪانفرنس“جو اجلاس اپريل 1940ع ۾دهلي ۾ گهرايو. ان اجلاس ۾ صدارتي تقرير ڪندي الله بخش سومري برصغير جي سياسي حالتن ۽ فرقيوارانه مسئلي تي ڳالهايو ۽ بين الاقوامي سياست تي ڳالهائيندي ٻي جنگ عظيم کي نئين دنيائي نظام ”نيو ورلڊ آرڊر“ جو بنياد قرار ڏنائين. الله بخش سومري جي هيءَ تقرير برصغير جي سياست ۾ اهم حيثيت رکي ٿي ۽ سندس اعليٰ سياسي بصيرت جو هڪ مثال آهي، مان اُن جا اهم حصا هيٺ پيش ڪري رهيو آهيان:

آزاد مسلم ڪانفرنس
پهريون اجلاس ، نئي دهلي- 27 اپريل کان 30 اپريل 1940ع

جيڪڏهن جرمني جا بي رحمانه ۽ ظالمانه قدم ٻين خود مختيار قومن جي امن ۾ رهڻ لاءِ تهذيب کي للڪار آهن ته پوءِ فرانس ۽ برطانيه به ان ۾ سڀ ڪجهه جهونڪي ڇڏي. برطانيه آخري هوندو جيڪو برصغير جي خودمختيار ۽ آزاد رياست کي للڪاري ۽ ان جي ماڻهن جي طرفان پاڻ آئين ٺاهڻ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . ..
الله بخش سومري چيو ته هي ڪانفرنس ۽ صرف هي ڪانفرنس ان حالت ۾ آهي ته سياسي تالابندي جو بهتر حل ڏئي سگهي. جيڪڏهن اوهان فرقيوارانه مسئلي جي حل تائين پهچڻ چاهيو ٿا، ڪانگريس جيڪا برصغير جي وڏي طاقتور جماعت آهي اها به توهان جون تجويزون جيڪي سنهري پل آهن، سياسي ۽ فرقيوارانه امن لاءِ قبول ڪندي ڇاڪاڻ ته اهو ئي آزادي تائين پهچڻ جو رستو آهي. اوهان جا فيصلا ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڏي دلچسپي سان ڏٺا وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ئي بهترين حل نظر اچي ٿو.
مان وڏو پر اميد آهيان ته ڪانگريس فرقيوارانه مسئلي جي حل لاءِ اوهان جي ڏنل تجويز کي قبول ڪندي، ڪانگريس کي هينئر جواز نه رهندو ته هو چوي ته فرقيوارانه مسئلي لاءِ مسلمانن طرفان ڪو به انفرادي يا تنظيمي طور حل پيش نه ڪيو ويو آهي.
اهو مڪمل طور عيان آهي ته اقليتن جي حقن ۽ ان جي مفادن لاءِ جيڪو به اوهان منصوبه پيش ڪندو اهو چاهي مسلم يا هندو اڪثريتي صوبن ۾ هجي. ان لاءِ اوهان کي وفاقي طرز عمل اختيارڪندي هر جڳهه تي هڪ جهڙو رويو اختيار ڪرڻو پوندو.



جار حانه فرقيواريت جو خطرو
سامعين کي تنبيهه ڪندي هن چيو ته جارحانه فرقيواريت ڀائرانه طرز عمل، سٺي پاڙيسري واري رويي ۽ قومي حوالي سان انتهائي خطرناڪ آهي ۽ ساڳئي وقت قومي مفاد ۽ ملڪ ۾ ماحول کي سٺو رکڻ، امن، ترقي ۽ استحڪام لاءِ بهتر نه آهي.
الله بخش سومري چيو ته ملڪ جي عام ضروريات جي سهڻي نموني هم آهنگي لاءِ تمام گروهن کي هڪ ٻئي لاءِ فياضانه، روادار ۽ ڀائپي وارو رويو رکڻ گهرجي، ڪهڙا به اسان جا عقيدا هجن پر اسان کي امن ۾ رهڻ گهرجي ۽ اسان جا تعلقات هڪ ڪٽنب جي ڀائرن وانگر هجڻ گهرجن ۽ انهن کي پنهنجي عقيدي جي کلي آزادي هجي ۽ اسان سڀ ان گڏيل ملڪيت مان فائديمند ٿيون.
مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن هڪ خاڪو پيش ڪيو . . . . . . . . . . . الله بخش سومري برطانيه جي متعلق ڳالهائيندي چيو ته جلد يا دير هن کي برصغير کي آزادي ڏيڻي پوندي. الله بخش سومري تقرير ۾ ورهاڳي ۽ ٻه قومي نظريي جي سوچ سان متفق نه ٿيندي آزاد مسلم ڪانفرنس جي غير فرقيوارانه پاليسي کي مستقبل جي برصغير لاءِ بهتر قرار ڏنو.
بين الاقوامي حالات تي ڳالهائيندي الله بخش سومري ٻي جنگ عظيم کي نئين دنيائي نظام New World Order جو مقصد قرار ڏنو، هن چيو ته بهتر سوچ رکڻ واري انسان، انساني آزادي ۽ تهذيب جي جارح جي مذمت ڪئي آهي، نتيجو ڇا ٿيندو، ان متعلق ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي پر هڪ شي واضح آهي ته جيستائين جارحانه نظام جي ظالما نه طريقن جي مٿان نظر نٿي رکي وڃي ۽ شهنشاهتن جا حرص ۽ هوس وارا نقشا چاهي اهي جمهوري يا آمرانه نظريات تي ٻڌل هجن، انهن کي ويڙهيو نه ٿو وڃي، امن ۽ خوشحالي جنهن جي لاءِ انسان ذات واجهائي رهي آهي، اهو هن ڌرتي تي ڪڏهن به نمودار نه ٿيندو“
گورنر سر لانسلاٽ گراهام جو دهلي مان الله بخش سومري جي سنڌ واپسي تي تبصرو، جيڪو هن خط ذريعي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي لکيو آهي.

گورنمينٽ هائوس، ڪراچي
22 مئي 1940ع

”الله بخش سومرو دهلي مان تمام خوش ٿي واپس موٽيو آهي، هن جو مرتبو سنڌ ۾ وڌي ويو آهي ۽ هن کي آل-ا نڊيا اڳواڻ سمجهيو وڃي ٿو.“
الله بخش سومري هڪ وطن پرست ۽ روادار سياستدان جي حيثيت ۾ آزاد مسلم ڪانفرنس جي پروگرام ۽ مقصد کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ دوستن جي هڪ ميٽنگ گهرائي. ميٽنگ جي متعلق وقتي گورنر آءِ - ايڇ ٽانٽن جي وائسراءِ کي رپورٽ.

گورنمينٽ هائوس، ڪراچي
7 مئي 1940ع

7 مسلمان قوم پرستن جي ميٽنگ سابق وزير اعظم سنڌ الله بخش سومري جي گهر تي ٿي گذري، هڪ صوبائي ڪاميٽي ٺاهي وئي. خانبهادر الله بخش سومرو ان جو چيئرمين ۽ سابق وزير پير الاهي بخش ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي محمد امين کوسو سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا ته قاعدي جو مسودو تيار ڪن. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هڪ صوبائي ڪانفرنس به گهرائي ويندي.
توهان جو خير خواه
آءِ - ايڇ ٽانٽن

وقتي گورنر آءِ ايڇ ٽانٽن جي وقتي وائسراءِ ڪونران سمٿ کي هڪ ٻي ميٽنگ جي رپورٽ

گورنمينٽ هائوس، ڪراچي
10 جولا 1940ع
منهنجا پيارا ڪونران سمٿ
جيڪب آباد ۾ 22 جون تي ميٽنگ ٿي گذري، ميٽنگ ۾ ٻين کان سواءِ سابق وزيراعظم سنڌ خانبهادر الله بخش سومري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بديسي غلامي جو طوق جيترو جلدي ٿي سگهي لاهي اڇلي ڇڏيو.
توهان جو خير خواه
آءِ - ايڇ ٽانٽن

آگسٽ 1942ع تي آزاد مسلم ڪانفرنس جو اهم اجلاس ٿي گذريو. ان اجلاس ۾ برصغير ۾ فرقيواريت جي شعلن کي ختم ڪرڻ لاءِ آزاد مسلم ڪانفرنس طرفان حل ڳولڻ لاءِ ٺوس تجويزون زير غور آيون.
ان اجلاس جي تجويزن ۽ ان بابت شهيد الله بخش سومري جي لکيل خط جو متن پيش ڪري رهيو آهيان.
مرڪزي آفيس
آل آنديا آزاد مسلم پارٽيز ڪانفرنس
دهلي
15 آگسٽ 1940ع
آل انڊيا مسلم پارٽيز ڪانفرنس 27 اپريل کان 1 مئي تائين دهلي ۾ ٿي گذري . ڪانفرنس ۾ 28 ميمبرن جو بورڊ ٺاهيو ويو ته جيئن برصغير ۾ هندن ۽ مسلمانن ۾ جيڪي اختلاف آهن انهن جي سببن تي تحقيق ڪري فرقيوارانه مسئلي جي هميشه جي حل لاءِ جيڪو واسطيدار ڌرين کي قبول هجي، تجويزون پيش ڪجن، بين الاقوامي ۽ برصغير جون حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، جيستائين ڪو هندو - مسلم مسئلي جو مڪمل حل نڪري، ابتدائي حل لاءِ ڪيتريون ئي ڌريون ڪم ڪري رهيو آهن، اهي ڪوششون پنهنجي جڳهه تي جاري آهن پر اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته مستقل طرح جو ڪم جيڪو بورڊ جي ذمي لڳايو ويو آهي ان ۾ ڪا دير نه ٿئي. اڳ ۾ جيڪي به ڪوششون ڪيون ويون هيون انهن جي ناڪامي کان پوءِ اهو عيان اهي ته بورڊ جي ذميواري وڌي وئي آهي ۽ هاڻي ٻين پارٽين جي ٿيندڙ ڪوششن جي نتيجي جو انتظار نه ڪيو ويندو.
بورڊ کي تمام واسطيدار ڌرين کي هڪ سوال نامون موڪلڻون آهي ته هن مسئلي جي حل لاءِ انهن کان تجويزون گهرائين، سوالنامي ٺاهڻ وقت هندو – مسلم مسئلي جي ابتداءِ کان وٺي اڄ تائين جي وقت کي ذهن ۾ رکيو وڃي، جيڏي مهل بورڊ جي طرفان تجويزون ۽ سفارشون ڏيڻ جو وقت آيو ته ان وقت مسئلي جي حقيقت جو مختصر مگر جامع جائزو ورتو وڃي ۽ ان ۾ هيٺين نقطن کي شامل ڪيو وڃي.
اسلام جو ظهور ۽ مسلمانن جي برصغير ۾ آمد ۽ واپارين جي برصغير ۽ مسلم ملڪن ۾ آمدورفت ۾ اسلامي تعليمات جو واپارين ۽ صوفياءَ جي ذريعي سنڌ، مالبار ۽ برصغير جي ٻين حصن ۾ خاموشي سان آمد.
هزار سالن جي هندو مسلم تعلقات جي مختصر تاريخ ۽ برصغير جي مختلف حصن ۾ مسلمانن جي اختياراتي حڪومتن جو ٺهڻ.
مسلمانن ۽ هندن جي هندوستان ۾ برطانوي راڄ جي دوران تقسيم ۽ ان جا سياسي اثرات. زباني ۽ ثقافتي علائقا جيڪي ثقافتي پيدائشي حق جي بنياد تي اٿي کڙا ٿيا.
مسلمانن جون اقتصادي حالتون ۽ انهن جي غربت جا سبب. هڪ سياسي ڍانچي جي خواهش جنهن جي تحت غربت ۽ بيروزگاري مسلمانن کي محتاج نه ڪري.
مسلمانن جو جديد تعليم ۾ پٺتي هجڻ ۽ ان جا سياسي نتيجا ۽ مسلمانن ۾ تعليم وڌائڻ لاءِ سياسي پروگرام.
نوڪرين ۾ برطانوي راڄ جي تحت حق تلفي ۽ ان جا گذشته اثرات ۽ انهي انتظام تحت ان جو بهتر ۽ خراب هجڻ جو دارومدار ۽ ان ڳالهه کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا بهتر تجويز.
شريعت جي قانون جو ڍانچو ۽ جديد دور ۽ جديد حڪومت ۾ ان جي بحالي جا امڪان .
برصغير جي مسلمانن ۾ ثقافتي، ادبي، زباني، لکت ۽ فنون لطيفه ۾ ترقي ۽ مسلمانن ۾ انهن جي بنيادي جڙت.
مختلف صوبن ۾ مسلمانن جي درميان زباني، سماجي ۽ ثقافتي فرق ۽ ٻين گروهن سان تعلق ۽ ان جا نتيجا.
تمام ملڪ جو هڪ اقتصادي نظام ۽ برصغير جي مختلف صوبن جي تناظر ۾ برصغير جي مسلمانن جو، زراعت، واپار ۽ صنعت ۾ مقام.
برطانوي راڄ ۾ هندو - مسلم تعلقات ۽ سياسي واڌ ٿيڻ جي ڪري ان جي تباهي ۽ ايندڙ اقتدار جي منتقلي جو وسيع منظر.
ڪوششون جن جي ذريعي عام بنيادي سياسي حل ڪڍي سگهجي.

ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي 1916ع جي منصوبي تحت صوبائي خود مختياري.
ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪ جو 1919ع جو خيال (خودمختيار حڪومت) لاءِ .
انتهائي بي چيني وارو عرصو ۽ انتهائي گروهي تلخي ۽ 1922ع ۽ 1924ع جا فرقيوارانه فساد ۽ ان جي ڪري ناڪامي جو پهريون ڌچڪو ۽ نتيجن قومي عناصرن جو مختلف گروهن ۾ورهائجي وڃڻ.
1924ع ۾ دهلي ۾ ڪوٺايل اتحاد ڪانفرنس.
1927ع ۾ ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ جي پاس ڪيل قرارداد (تازي سياسي هوا).
نهرو رپورٽ (هڪ نئون سياسي حل).
الله آباد ۾1932ع ۾ اتحاد ڪانفرنس (سياسي حل لاءِ هڪ وڌيڪ قدم).
آخر ۾ 1932ع کان اڄ تائين، فرقيوارانه حل لاءِ کنيل قدم ۽ انهن جا نتيجا.
”اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته صرف گهرائي سان گذشته 1000 سالن ۽ برطانوي حڪومت ۾ حالتون جن سياسي ڌرين هندن ۽ مسلمانن جي موجوده رويي کي انتها ۽ عروج تي پهچايو آهي انجو گهرائي سان جائزو ورتو وڃي.
اڄ مسلم جاتي کي جن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان جو حل ڳولي، فرقيوارانه مسئلي کي ختم ڪيو وڃي. نه ئي هي سوالنامو ۽ نه ئي هتي جيڪو ڏنو وڃي ٿو. اهو جامع يا ڪوڙ ۽ سچ ته مشتمل آهي يا هي هڪ قدامت پسند خيال آهي، اهو برصغير جي مسلمانن لاءِ آهي ته هو ڪنهن نتيجي تي پهچن، هن ۾بحث مباحثي کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي، هي هڪ قدم آهي ته توهان کي ان مسئلي جنهن جو اوهان حل چاهيو ٿا جي طرف متوجه ڪيو وڃي.
اوهان کي گذارش ڪئي وڃي ٿي ته بورڊ تي مهرباني جي نظر ڪندي پنهنجي اهم سوچن ۽ خيالن کان نوازيو ته مسودو تيار ڪري ان ۾ ڪيل سفارشن کي هندستاني مسلمانن جي گُهرن موجب، آزاد مسلم ڪانفرنس جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي. سوال نامو تيار ڪري برصغير جي مسلمانن ڏي موڪليو وڃي ته هو پنهنجي ان تي راءِ ڏين ۽ ان کي پريس ۾ به جاري ڪيو وڃي، اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته 25 سيپٽمبر تائين پنهنجون لکيل تجويزيون موڪليو ته گڏ ٿيندڙ مواد کي بورڊ ڏسي سفارشون مرتب ڪري، آخري فيصلو ايندڙ ڪانفرنس ۾ ٿيندو، اميد ٿا ڪريون ته ان ۾ شريڪ ٿي مسلمانن لاءِ دانشمندانه ۽ ضروري پروگرام مرتب ڪيو وڃي.
الله بخش سومرو
صدر
آل انڊيا

آزاد مسلم پارٽيز بورڊ“
ان تناظر ۾هڪ اهم سوالنامو ٺاهي مسلم عالمن، دانشورن ۽ سياستدانن ڏانهن موڪليو ويو. ان سوالنامي ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ مسلمانن جي سياسي، ثقافتي، مذهبي ۽ سماجي بهتري لاءِ سوال مرتب ڪيا ويا هئا.، جيئن مٿي الله بخش سومري جي خط ۽ ابتدائي متن ۾ خاصو مواد ملي ٿو، ان سوالنامي ۾ برصغير جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ فرقيوارانه حل جو ڪافي مواد آهي ۽ اهو مددگار به ٿي سگهيو ٿي.
شهيد الله بخش سومري جون ڪوششون صرف برصغير جي مسلمان لاءِ نه پر مسلم دنيا لاءِ هيون ۽ هي غيرفرقيوارانه سياست کي اڳتي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ مدد ڪن ها. پر جيئن ته سندن سياسي عمل، فرقيوارانه سياست ڪندڙ ۽ مستقل مفاد ماڻهن ۽ سامراجي منصوبه بندي لاءِ نقصان ڪار هو. ان ڪري هنن هن شمع کي وسايو ۽ هن سان گڏ سندس ٻاريل شمع ”آزاد مسلم ڪانفرنس“ به وسامي وئي.

وزير

سنڌ جي سياست الله بخش سومري جي وزيراعظم تان هٽڻ کان پوءِ جمود جو شڪار ٿي وئي، وزير اعظم انگريز گورنر ۽ نوڪر شاهي کي نه منهن ڏيئي سگهيو ٿي نه ڪي سرڪاري ڪم کي جلدي اڪلائڻ ۾ ماهر هو.
سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙن ٻن ايماندار، محنتي ۽ اهل وزيرن جي ڪوششن جي باوجود ڪو به بهتر نتيجو نه پيو نڪري، عوام جي خدمت ۽ هڪ آدرش جنهن کي سائين جي ايم سيد ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ قرار ڏنو آهي دور دور کان نظر نه اچي رهي هئي، ايتري قدر جو سائين جي ايم سيد کي ٻين وزيرن جي کاتن جي ڪارڪردگي لاءِ به پڇڻو پوندو هو. اها ڳالهه گورنر ۽ نوڪر شاهي کي ڏکي لڳندي هئي. جنهن جو اظهار گورنر، پنهنجي لکيل خط ۾ وائسراءِ سان به ڪيو آهي. سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو ته الله بخش سومري کان سواءِ اونداهه آهي ۽ جيڪا ”نئين سنڌ“ سندس آدرش آهي ان جي مشعل جو هر اول دستو الله بخش ئي آهي. ان ڪري الله بخش کي ڪنهن به صورت ۾ وزارت ۾ آڻجي.
حالتن کي سمجهڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جي انهن ڪوششن کي پيش ڪرڻ کان اڳ ۾ گورنر جو لکيل خط ۽ سائين جا خيالات پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.

گورنمينٽ هائوس، ڪراچي
23 جولاءِ 1940ع

منهنجا پيارا لنلٿگو
منهنجو وزير خزانه شيخ عبدالمجيد هندو کان مسلمان ٿيل، ان جي ڪا به جائداد نه آهي ۽ نه ئي رشوت وٺڻ طرف مائل آهي، ابتدائي طور تي مذهبي تبديلي جي سبب هن ۾ جوش و خروش آهي، مان ان کي پسند ڪيان ٿو، منهنجي سيڪريٽري رپورٽ ڪئي آهي ته هو ايماندارانه نموني حالتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ مشورو مڃڻ لاءِ تيار آهي، هي ڪجهه وقت پهرين سنڌ مسلم ليگ جو سيڪريٽري به رهيو آهي.
محترم جي ايم سيد دادو ضلع جو ننڍو زميندار ۽ مسجد منزل گاه جو متحرڪ ميمبر ۽ ان سلسلي ۾ جيل ۾ به ويو هو، هن جي دل ۾ ڪو به ڪينو نه آهي پر مون ۽ هن جي پنهنجي ساٿين هن کي آسان شخص نه پاتو، هو پنهنجي کاتي ۾ اندازي ڪرڻ کا بغير غير مطمن انداز ۾ جلد بازي کان ڪم وٺي ٿو بلڪ اهو ڏسڻ کان بغير ته اهو کاتو هن جو آهي يا نه خواه مخواهه ڪم پڇندو رهي ٿو. مون هن کي پنهنجي تحمل تي بوجهه سمجهندي چيو ته تون هروڀرو ڳالهائي رهيو آهين. ان تي هن احتجاج ڪيو ۽ مون پنهنجا لفظ واپس ورتا ان کان پوءِ اسان کي هڪٻئي لاءِ دلي احترام آهي، هن قبول ڪيو ته هو ان ڏينهن ملال ۾ هو ۽ مون به قبول ڪيو ته مان پاڻ تي ظابطو نه رکي سگهيس ليڪن هن پنهنجو رويو ترڪ نه ڪيو آهي، هو آفيسرن کي ناپسند ۽ انهن کي شڪ جي نظر سان ڏسندو آهي، سرڪار جي حمايت ڪرڻ کي هو پاڻ تي واجب نه ٿو سمجهي، هو هميشه نيون ڪاميٽيون بنائيندو رهي ٿو. مان ۽ ان جا ساٿي هن کي پاڻ تي بوجهه سمجهون ٿا. هن جي طريقه ڪار جو هڪ مثال ڏيڻ چاهيان ٿو.
مون هن کان 30 مضمونن جي فهرست وصول ڪئي آهي جنهن ۾ هن وزير اعليٰ کي نوٽس لکي موڪليا هئا ۽ انهن تمام جو هن جي کاتي سان ڪو به تعلق نه آهي، هن شڪايت ڪئي ته هي نوٽس وزيراعليٰ وٽ ئي رهيا ۽ ان کان سواءِ ڪو به انهن کي ڏسي نه سگهيو آهي.
وزير زراعت گوڪل داس اتر سنڌ جوخوشحال زميندار آهي. سياست ۾ حصو وٺندڙ عام هندو کان گهٽ ۽ عام زميندار کان وڌيڪ تعليم اٿس، هو زراعت ۽ بلديات جو وزير آهي. هو پنهنجي کاتي ۾ سخت آهي، مون کي ان کان ڪا به شڪايت نه آهي ۽ هو ۽ مان بهتر طريقي سان هلي رهيا آهيون.
نيچلداس کي اوهان سڃاڻون ٿا. هو ٽن سالن کان وزارت ۾ اچي ٿو ۽ وڃي ٿو. هي قابل ۽ خواهشمند آهي ليڪن هن جي خواهش جي پٺيان هندو ڪهاڙي کان سواءِ ڪا به ڪهاڙي نه آهي.
محمد ايوب کهڙو حڪومت ۾ تجربيڪار پارليامينٽرين ۽ منتظم آهي، منهنجي خيال ۾ نيچلداس ۽ منهنجي پي - ڊبليو - ڊي جي وزير محمد ايوب کهڙو ۾ ڪيترن ئي سببن جي ڪري اختلاف آهن، کهڙو مسلمانن جي همت افزائي ڪرڻ ۾ بي حجاب آهي ۽ هو پي- ڊپليو- ڊي ۾ هندن جي حوصلا شڪني ڪري رهيو آهي. تمام وزير جن اڄ تائين حلف کنيو آهي انهن ۾ انتهائي بي ايمان آهي. هن کي ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس نه ٿو ٿئي، ڪوڙو چوڻ تي هُن کي ڪو به اعتراض نه آهي. مان ۽ سيڪريٽري پبلڪ ورڪس هن جون غلط ڪاريون روڪڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، مون کي يقين آهي ته اهڙو وقت نه اچي ته جيڪو مواد مون وٽ موجود آهي ۽ اوهان جي نظر ۾ به آهي اهو مون کي هن کي برطرف ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. سنڌ ۾ اچڻ کان پهرين برابورن مون کي ٻڌايو هو ته کهڙي کي مان انتهائي بي ايمان شخص پائيندس“
سائين جي ايم سيد جي خيال ۾ صوبي جي گورنر جي حيثيت ۾ هن کي سنڌ جي پسمانده ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اسان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي ها، گورنر ان جي بجاءِ وزيرن ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ لڳو ۽ اسان کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته اسان گورنر سان پنهنجي ڪيل ڳالهه کان هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا رهندا هئاسين.
گورنر جي ان رويي ۽ وزارت ۾ حال نه هجڻ جي ڪري سائين جي ايم سيد، الله بخش سومري کي گذراش ڪئي ته وزارت ۾ شامل ٿئي پر الله بخش سومري انڪار ڪيو، ڪانگريس اڳواڻ آصف علي سنڌ ۾ دوري تي آيو ۽ سائين جي ايم سيد هن سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي حالتن تي ڳالهه ٻولهه هلندي سائين جي ايم سيد، آصف علي خان کي گذارش ڪئي ته سنڌ جي سياسي حالتن جي مد نظر الله بخش سومري ۽ اسان جي درميان هڪ ٺاهه ٿيڻ گهرجي ۽ الله بخش گروپ کي وزارت ۾ شامل ٿيڻ گهرجي الله بخش سومرو ان ڳالهه تي راضي ٿيو ته ان جي بجاءِ سر غلام حسين وزارت ۾ شامل ٿيندو ۽ ڳالهيون اڌوريون رهجي ويون.
ٿورڙي عرصي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد سنڌ ۾ آيو، مير بنده علي ۽ محمد ايوب کهڙي ڊرگ روڊ ايئر پورٽ تي ان جو استقبال ڪيو، شام جو شيخ عبدالمجيد ۽ سائين جي ايم سيد مولانا سان ملاقات ڪئي. مولانا جي ڪوششن سان ٺاهه ٿيو جنهن جي تحت، سومري گروپ کي ٻه وزارتون ڏنيون وينديون ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ الله بخش سومري کي وزير اعليٰ بنايو ويندو.
سر عبدالله هارون جيڪو ان وقت ڪراچي ۾ آيو هو، ان ٺاهه جي مخالف ڪندي جي ايم سيد کي خط ۾ لکيو ته وزارت کي نه ڇڏ. سائين جي ايم سيد طئه ٿيل معاهدي جي تحت 22 نومبر 1940ع تي استعيفيٰ ڏني ۽ ساڳئي ڏينهن الله بخش سومري وزارت جو حلف کنيو.
الله بخش سومري جي وزارت ۾ اچڻ سان ڄڻ ته حڪومت ۾ ساه پئجي ويو ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گروپن تي مشتمل ”هڪ ايڊوائزري ڪاميٽي“بنائي وئي. هي ڪاميٽي هيٺين ميمبرن تي مشتمل هئي.
مير بنده علي خان (چيئرمين )
جي ايم سيد (سيڪريٽري)
الله بخش سومرو
خانبهادر محمد ايوب کهڙو
شيخ عبدالمجيد
سر غلام حسين
پير الاهي بخش
محمد هاشم گذدر
محترم نيوندرام
محترم نيچلداس
راءِ صاحب گوڪلداس
آر - ڪي - سڌوا
نارائڻداس - بيچر
ڊاڪٽر چوئٿرام
محترم فريزر
هڪ”هندو انڊپينڊنٽ گروپ“ مان
گورنر جي سنڌ جي تازه تبديل شده سياسي حالات تي وائسراءِ کي رپورٽ.
هوم ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ
5 ڊسمبر 1940
پيارا ڪونران سمٿ
هن هفتي جو تمام اهم واقعو ابوالڪلام آزاد جي ڪوشش جي ڪري وزارت ۾تبديلي جو آهي، نتيجي طور محترم جي ايم سيد مسلم ليگي اڳواڻ استعيفيٰ ڏني ۽ آزاد مسلم پارٽي جي اڳواڻ الله بخش سومري وزارت جو حلف کنيو، هن جي وزارت ۾ شامل ٿيڻ کي ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ گروپ طرفان خوش آمديد چيو ويو آهي پر مسلم ليگي حلقا ان تي ناخوش آهن. وزارت ۾ تبديلي سان گڏ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي هڪ 16 رڪني ايڊوائيزري ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي ۽ جي ايم سيد کي ان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي جو 27 نومبر تي اجلاس شروع ٿيو آهي ۽ اڃان تائين جاري آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد، سنڌ جي ڪانگريس اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته جيستائين صوبي ۾ حالتون ٺيڪ ٿين ايستائين ستياگرهه تحريڪ ۾ حصو نه وٺن.
توهان جو خير خواهه
لانسلاٽ گراهام
وزارت جي تبديلي تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي وقتي وائسراءِ کي رپورٽ.

گورنمينٽ آف سنڌ
8 ڊسمبر 1940

پيارا ڪونران سمٿ
هن هفتي جو اهم واقعو مولانا ابوالڪلام آزاد جي ڪوششن سان وزارت ۾ تبديلي آهي، نتيجتن، مسلم ليگي اڳواڻ جي ايم سيد وزارت تان استعيفيٰ ڏني ۽ آزاد مسلم پارٽي جي صدر، الله بخش سومري وزارت جي جو حلف کنيو.
گورنر طرفان مرڪز کي لکيل خط ۾ وزارت جي تبديلي تي تبصرو.
گورنمينٽ هائوس، ڪراچي
12 ڊسمبر 1940ع
منهنجي خيال ۾ مولانا ڪنهن حد تائين وڌيڪ حاصل ڪيو جنهن جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي ، مولانا جي هت اچڻ کان اڳ ۾ وزير اعليٰ سميت ٻن وزيرن مون کي الله بخش جي وزارت ۾ اچڻ جو مشورو ڏنو ۽ وزير اعليٰ جي چوڻ تي مون الله بخش سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن مون کي چيو ته مير جي ماتحت وزير جي حيثيت ۾ ڪم نه ڪندس، اها مولانا جي فتح چئجي ته هن الله بخش سومري کي وزير ٿيڻ تي راضي ڪيو پر مير وعدو ڪيو آهي ته بجيٽ کان اڳ ۾ الله بخش سومري جي لاءِ وزير اعليٰ جي ڪرسي خالي ڪندو، حقيقت ۾ مان ان ڳالهه کان واقف ناهيان ته مير جي طرفان ان تي رضامندي ڪنهن ڏيکاري آهي. مون مير کان ڪڏهن به اهو نه لڪايو آهي ته هو بلڪل وزارت لاءِ اهل ناهي.
لانسلاٽ گراهام
عوام جو خيال هو ته هن معاهدي کان پوءِ انهن جي ڀلي جو ڪجهه ڪم ٿيندو ۽ مذهبي تفرقي بازي کي ٻنجو ايندو. گروپ جيڪي هن معاهدي جي خلاف هئا، خاص ڪري آل انڊيا سطح جون جماعتون جن هن معاهدي کي دل سان قبول نه ڪيو هو اهي ان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويون. ڪانگريس جي آواز اخبار ”دي ڊيلي گزيٽ“ ان کي جي ايم سيد ۽ الله بخش جو لڪيل معاهدو قرار ڏنو. جناح صاحب 16 ڊسمبر تي ڪراچي پهتو ۽ هندو پريس انديشو ڏيکاريو ته جناح ڪراچي جو دورو ان ڪري ڪيو آهي ته ”آزاد پيڪٽ“ کي ٽوڙي جناح صاحب نئين وزات کي ڪن اعتراضن سان قبول ڪيو، هن جو شرط هو ته وزارت ۾ مسلم ليگ جو اثرائتو آواز هجڻ گهرجي.
جناح صاحب جي ڳالهه پنهنجي جڳهه تي بجا هئي پر هيءَ مختلف گروپن جي مخلوط حڪومت هئي. جي ايم سيد جنهن معاهدي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ ايستائين جو پنهنجي وزارت قربان ڪئي هئائين، ڪوشش ڪري جناح صاحب سان الله بخش جي ملاقات ڪرائي پر ٻئي اڳواڻ هڪ ٻئي سان متفق نه ٿيا. جناح صاحب جو خيال هو ته الله بخش مسلم ليگ سان متفق ٿئي. الله بخش سومري ان ڳالهه سان سهمت نه ٿيو ۽ نه ئي ڪو وعدو ڪيائين. الله بخش سومرو سان ملاقات کان پوءِ جناح صاحب جو خيال هو ته مسلم ليگي وزير مخلوطه حڪومت مان نڪري اچن .
سنڌ جي هن سياسي منظر تي گورنر سنڌ لانسلاٽ گراهام جو وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط:
گورنمينٽ هائوس، ڪراچي
18 ڊسمبر 1940ع
پيارا لارڊ لنلٿگو
مون جناح سان اڄ شام جو ملاقات ڪئي ۽ منهنجي خيال ۾ اسان کلئي انداز ۾ ڳالهايو. هي مون سان متفق هو ته مسلم ليگ جا وزير جيڪي منهنجي وزارت ۾ آهن اهي مطمئن ناهن ۽ هن شڪايت ڪئي ته پاليسي ٺاهڻ ۾ مسلم ليگ کي دخل نه آهي. ڇاڪاڻ ته مون وٽ ٻه غير مسلم ليگي مسلم وزير آهن ۽ ٻه هندو وزير آهن، هن مونکي چيو ته اسيمبلي کي ٽوڙڻ سان ئي تون مستحڪم وزارت حاصل ڪري سگهين ٿو. مون ان کي چيو ته جيستائين منهنجي آڏو ڪا اهڙي صورت پيدا ٿئي ، تمام وزير استعيفيٰ ڏين ته پوءِ مان اسيمبلي ٽوڙڻ جي حيثيت ۾ شايد هجان منهنجي خيال ۾ مون وٽ اسيمبلي کي ٽوڙڻ جا حالات به هجن ته به مان ان تي آماده نه ٿيندس ڇاڪاڻ ته پروگرام اجازت نه ٿو ڏئي ته اليڪشن ڪرائي وزارت ٺاهي وڃي ۽ اها بجيٽ کان اڳ ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل هجي. مان نه ٿو چاهيان ته ٽئي سال بجيٽ جي وقت نازڪ صورتحال هجي. جناح چيو ته صوبائي مسلم ليگ هن جي خيال ۾ اهو انتهائي ناپسنديده ڪم ڪيو آهي جو هن جي ٽن وزيرن مولانا ابوالڪلام آزاد سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ نتيجي ۾ هڪ مسلم ليگي وزير جي ايم سيد، الله بخش سومري جي حق ۾ استعيفيٰ ڏني، جنهن کي آزاد مسلم پارٽي جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ هو نفرت ۽ حقارت سان ڏسي ٿو.
توهان جو خير خواهه
لانسلاٽ گراهام
مير بنده علي خان، جناح صاحب جي خيالن کان پوءِ بجيٽ کان اڳ ۾ وزير اعليٰ تان استعيفيٰ ڏيڻ کان نابري واري ۽ هن سوچيو ته اهو سنهري موقعو آهي ته مسلم ليگ جي سايي ۾ وزارت اعليٰ کي بچائجي. هن نين حالتن ڪانگريس ۽ ٻين هندو ميمبرن کي موقعو فراهم ڪيو ته هو الله بخش کي چون ته وزارت کي ڊاهي هن کي وزير اعليٰ ڪيو وڃي. ليگ به وزارت اعليٰ يا اڌ وزارتن جو مطالبو ڪيو . ان ڪري مير صاحب جي وزارت ڊهڻ تائين حالتون خراب رهيون.
ان سياسي تناظر ۾ جنوري 1941ع ۾ الله بخش سومري ۽ نيچلداس وزيراڻي، جي ايم سيد جي ڳوٺ سن وڃي ان سان ملاقات ڪئي، سياسي حالتن تي ڳالهائيندي الله بخش سومري ۽ نيچلداس وزيراڻي سائين جي ايم سيد کي چيو ته الله بخش تنهنجي ڪوششن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ وزارت ۾ شامل ٿيو هو ۽ هينئر هو پنهنجي جماعت مسلم ليگ جي اڳواڻن کي سمجهائي ته الله بخش جي وزيراعليٰ ٿيڻ ۾ رڪاوٽ نه بڻجن. سائين جي ايم سيد هنن جي ڳالهه سان متفق ٿيندي چيو ته مان مسلم ليگين کي اڳ ۾ ئي چئي چڪو آهيان ته وعدو پاڙيو ۽ سائين هنن کي ان سلسلي ۾ ڪيل خط و ڪتابت به ڏيکاريا. مسلم ليگ جي ايم سيد جي ڳالهه ڏي توجهه نه ڏنو ۽ هڪ مهيني جي اندر وزارت کي بجيٽ اجلاس ۾ شڪست آئي.
ياد رهي ته شهيد الله بخش سومري کي ٻيهر وزير اعظم بنائڻ لاءِ سيد صبغت الله شاهه پير پاڳارو ڪراچي ۾آيو ۽ هن پنهنجي ميمبرن کي الله بخش سومري جي حمايت لاءِ هدايتون ڏنيون. سائين جي ايم سيد به پنهنجي وعدي کي پاڙڻ خاطر مرڪزي ۽ صوبائي مسلم ليگ جي پاليسي جي برخلاف الله بخش سومري کي وزير اعظم ڪرايو.
سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي وقتي وائسراءِ کي رپورٽ.
هوم ڊپارٽمينٽ سنڌ
21 مارچ 1941ع
منهنجا پيارا
ڪونران سمٿ
عدم اعتماد جيڪو اڳين حڪومت جي خلاف پيش ڪيو ويو هو ٽن وزيرن خانبهادر الله بخش سومرو، عزت ماب نيچلداس وزيراڻي ۽ راءِ صاحب گوڪل داس ميولداس جن استعيفيٰ ڏني، انهن حالتن جي مدنظر مسلم ليگ جي ٽن وزيرن به استعيفيٰ ڏني. نئين وزارت ٺاهي وئي آهي ان ۾ عزت ماب نيچلداس وزيراڻي، عزت ماب سر غلام حسين هدايت الله، محترم راءِ صاحب گوڪل داس ميولداس ۽ پيرالاهي بخش نواز علي وزير طور کنيا ويا آهن. هڪ وڌيڪ مسلم وزير کنيو ويندو پر ان متعلق اڃان تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ وزارت جي تبديلي تي انتهائي ناراض ٿي آهي ۽ ليگ هن مهيني جي 6 تاريخ تي غلام حسين خالقڏنا هال ۾ سر عبدالله هارون جي زير صدارت اجلاس ڪيو ۽ ان ۾ ٻه سابق صوبائي وزير، شيخ عبدالمجيد ۽ جي ايم سيد شريڪ ٿيا. ان ۾ دلچسپ تقريرون ڪيون ويون
توهان جو خير خواهه
سي -بي - بي-ڪلي
الله بخش سومري ۽ جناح صاحب کي نزديڪ آڻڻ لاءِ ٻه ناڪام ڪوششون ڪيون ويون، هڪ 1938ع ۽ ٻي 1940ع جي آخر ۾، هن جي ناڪامي جا سبب جيترا ئي گهڻا آهن اوترائي مختلف آهن.
منهنجي خيال ۾ فرقيوارانه مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تمام جماعتن وٽ پنهنجو پروگرام هو. ٻيو اهم فرق الله بخش سومري ۽ جناح صاحب ۾ اهو هو ته مسلم ليگ صوبائي مسئلن تي پنهنجو اختيار رکڻ چاهيو پئي ۽ صوبائي معاملا جن ۾ مسلم ليگ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي اهي جناح صاحب جي ماتحت هجڻ گهرجن، الله بخش مرڪزي مداخلت کي قبولڻ لاءِ تيار نه هو.
5 سال بعد ۾ ساڳئي حالت پيدا ٿي جڏهن جي ايم سيد چاهيو پئي ته صوبائي مسئلا صوبائي مسلم ليگ ئي حل ڪري. مسلم ليگ ۽ اڪثر مرڪزي پارٽين جو خيال هو ته مرڪز هميشه فيصله ڪن حالت ۾ هجي. مرڪز جي ايم سيد جي گذارش کي نه مڃيو ۽ جي ايم سيد مسلم ليگ کان عليحده ٿي ويو.
مرڪز ۽ صوبن جي معاملي ۾ سومري صاحب جو نقطه نظر مسلم ليگ ۽ ٻين مرڪزي پارٽين کان مختلف هو. ان جو آڪٽوبر 1942ع جو بيان ان کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي.
”آڪٽوبر 1942ع ۾ آزاد مسلم پارٽي جي صدر (الله بخش سومرو) اعلان ڪيو ته آزاد مسلم ڪانفرنس آئيني منصوبو پيش ڪيو آهي“ غور ڪرڻ کان پوءِ ڪانفرنس جو خيال آهي ته برصغير جي آزادي جي تناظر ۾، صوبن کي مڪمل خودمختياري هوندي، هنن کي فيڊريشن کان عليحده ٿيڻ جو به حق هوندو. (الله بخش سومري جي 7 آڪٽوبر 1942ع تي دهلي ۾ پريس ڪانفرنس، لاهور جي ٽربيون اخبار ۾ اهو بيان 10 آڪٽوبر تي ڇپيو).
ڊبيلو – سي پنهنجي ڪتاب ”ماڊرن اسلام اِن انڊيا“۾ وڌيڪ بيان ڪيو آهي ته هو عوام کي قوم پرستي جي بنياد تي متحرڪ ڪرڻ تي يقين رکن ٿا ۽ هنن آزاد قوم پرست حڪومت لاءِ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي معاهدي تي زور ڀريو“
ان تناظر ۾ سائين جي ايم سيد ۽ الله بخش سومري جي درميان ٿيل ڳالهه جو هتي خلاصو پيش ڪري رهيو آهيان:
”سائين جي ايم سيد جي سوال جو جواب ڏيندي الله بخش سومري چيو ته”ٻه قومي نظريو اسلامي تعليمات سان ٺهڪي نه ٿو اچي ۽ اهو قوم پرستي جي جديد اصولن جي خلاف آهي“ سائين جي ايم سيد، شهيد الله بخش سومري کان پڇيو ته ڪانگريس - مسلم ليگ ٺاهه متعلق اوهان جي ڇا راءِ آهي” سومري صاحب چيو ته ٻئي هندستان سطح جون تنظيمون آهن ۽ انهن ۾ شامل ٿيڻ نقصان ڪار آهي، سنڌ مشڪل سان بمبئي کان عليحدگي حاصل ڪئي آهي ۽ اسان کي اهڙو ڪم نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان خود مختياري ختم ٿئي“ جي ايم سيد تون سمجهي ٿو ته سنڌ پنهنجي مسئلن مان ٻه قومي نظريي تحت نڪرندي ، اهو غلط ۽ حقيقت کان گهڻو دور آهي، علامه شيخ محمد اقبال جي 1930ع ۾ الهه آباد ۾ ڪيل تقرير تي نظر وجهندي ته ان مان تو کي معلوم ٿيندو ته هو سنڌ جي خودمختياري ختم ڪري ان کي پنجاب جي ماتحت ڪرڻ گهري ٿو، هن وقت عامل هندو جي دماغ ۽ هندو واڻئي جي ڦر لٽ کان خوف زده آهين پر پوءِ توکي پنجاب جي سپاه ۽ نوڪر شاهي ۽ يوپي جي دماغ سان منهن ڏيڻو پوندو. جي ايم سيد تون قرارداد لاهور 1940ع جي خواب ۾ رهين ٿو ۽ ان ڪري عملي سياست جون ڪارگذاريون نه سمجهي رهيو آهين، عملي سياست ۾ وعدن، قراردادن ۽ اصولن کي گهٽ اهميت هوندي آهي.“
سنڌ جا هي ٻه عظيم سپوت هن وقت اسان وٽ موجود ته نه آهن پر هنن جي هن ڳالهه ٻولهه ۾ سبق به آهي ته روشني جو شعاع آهي جيڪو سنڌ کي اونداهي مان ڪڍي ۽ بهتر مستقبل مهيا ڪري سگهي ٿو.
1940ع جي قرارداد جنهن ۾ مسلم اڪثريتي صوبن جي خودمختياري جي ڳالهه آهي ان تناظر ۾ سائين جي ايم سيد 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ مسلم اڪثريتي صوبن جي خود مختياري جي حوالي سان هڪ قرارداد پيش ڪئي ۽ قرارداد کي منظور ڪرائي 1940ع جي قرارداد جي روح کي قانوني شڪل ڏني،
نتيجو اهو ئي ٿيو جيڪو الله بخش سومري سائين کي ٻڌايو هو ته عملي سياست ۾ واعدن ۽ قراردادن کي ڪا به اهميت نه آهي. سيد کي پهريون ڍچڪو تڏهن لڳو جڏهن 1945ع ۾ شملا ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي جناح صاحب جي صدارت ۾ اجلاس ۾ صوبائي مسلم ليگن جا اختيار ختم ڪري، مرڪزي مسلم ليگ کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا. جي ايم سيد ان ميٽنگ ۾ سخت احتجاج ڪيو ۽ سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ، سنڌ مسلم ليگ جو اجلاس سڏائي مرڪزي فيصلي کي رد ڪندي صوبائي مسلم ليگن جا اختيار بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر هن جي هڪ نه ٻڌي وئي ۽ هن لاءِ مسلم ليگ کان جدا ٿيڻ کان سواءِ ڪو به رستو نه رهيو ۽ هو مسلم ليگ کان جدا ٿيڻ (ڊسمبر 1945) کان پوءِ پنهنجي وفات تائين مرڪزيت جي خلاف جدوجهد ڪندو رهيو.
جناح صاحب ۽ مسلم ليگ دهلي ۾ 9 اپريل تي منتخب اسيمبلي جي ميمبرن جي ڪنوينشن ۾ هڪ نئين قرارداد پيش ڪري منظور ڪرائي هيٺ ٻنهي قراردادن جو متن پيش آهي:
آل انڊيا مسلم ليگ جو 27 اجلاس، 22، 23 ۽ 24 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ٿي گذريو.
”اهي علائقا جتي مسلمانن جي عددي اڪثريت آهي، جيئن انڊيا جا اتر - اولهه ۽ اوڀر وارا علائقا، انهن جو گروپ ٺاهيو ويندو ته جيئن هو“خود مختيار رياستون ٺاهي سگهن، جنهن ۾ آڪائيون خود مختيار ۽ آزاد هونديون“
ليگ جي 9 اپريل 1946ع دهلي ۾ ٿيل اجلاس جي قرارداد جو متن.
”اهي علائقا، بنگال، آسام، جيڪي اتر ۽ اوڀر ۾ آهن ۽ پنجاب، اتر - اولهه ۾ سرحد صوبو، سنڌ ۽ بلوچستان جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي اهي هڪ خودمختيار ۽ آزاد حڪومت ٺاهين ۽ انهن کي ان تي عمل جي يقين دهاني ڪرائيندي پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪا به دير نه ڪئي وڃي.“
جناح صاحب ۽ مسلم ليگ جو اهو قدم ٻه سوال اٿاري ٿو.
1940ع جي قرارداد جي موجودگي ۾ ان قرارداد کي منظور ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
ماڻهن مسلم ليگ ۽ ميمبرن کي ووٽ قرارداد 1940ع جي جذبي تحت ڏنو . ڇا ليگي اسيمبلي ممبرن کي اهو قانوني ۽ اخلاقي حق هو ته ان کي تبديل ڪن؟ 1946ع جي قرارداد جي تناظر ۾ صوبن مان هنن کي منتخب ٿي پوءِ 1940ع جي قرارداد جي روح سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻي هئي، وقت ۽ مستقبل جي تاريخ ئي ٻنهي قراردادن جي اثرن ۽ انهن جي فائدن ۽ نقصان لاءِ بهترين منصف آهي.

ٻيهر وزير اعظم

الله بخش سومري، سنڌ جون ٻيون دفعو وزير اعظم ٿيڻ جو حلف 7 مارچ 1941ع تي کنيو.
اڄ ڪلهه جاگيردار ۽ جاگيرون ختم ڪرڻ جون وڏيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ پارٽين جا اهم اڳواڻ ان تي وڏا بيان ڏيئي رهيا آهن، منهنجي خيال ۾ جاگيردار ۽ جاگيرن متعلق انهن کي يا ته ڪا به خبر نه آهي يا دانسته طور پنهنجا عارضي قد وڌائڻ لاءِ اهڙا نعرا هڻي رهيا آهن، منهنجي خيال ۾ جيڪا بنيادي طور جاگيرداري ۽ جاگير جي وصف آهي ان مطابق هتي ڪو به جاگيردار يا جاگير نه آهي. بادشاهتن جي دور ۾ جاگيرون، فوجي جرنيلن ۽ پسنديده ماڻهن کي انعام طور ڏنيون وينديون هيون ۽ جڏهن ڪو ٻيو بادشاهه اهو علائقو فتح ڪندو هو ته اهي جاگيرون هو وري پنهنجي پسنديده ماڻهن کي ڏيندو هو. جاگيرداري ۽ زمينداري ۾ فرق اهو آهي ته جاگيرون مستقل نه آهن ۽ زمينداري ڪنهن حد تائين مستقل آهي ڇو ته اها ذاتي ملڪيت جي ذمري ۾ اچي ٿي. جنهن زمين تان سرڪار ڍل اڳاڙي ٿي يا لينڊ روينيو جي 7 فارم ۾ جيڪا زمين داخل آهي اها جاگيرداري ۾ نه ٿي اچي.
شهيد وزير اعظم ٿيڻ سان پهريون قدم جاگيرداري نظّام ۾ اصلاح آڻڻ جو ڪيو. شهيد سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻي ۽ ان کي منظور ڪرائي، سنڌ ۾ جاگيرادري نظام ۾ اصلاح ڪئي. يادرهي ته ڪانگريس برصغير جي آزادي کان پوءِ جاگيرداري نظام ۾ اصلاح ڪئي.
سومري صاحب جي سنڌ ۾ تبديلي جي هيءَ ڳالهه، مسلم ليگ ۽ ان ۾ شامل جاگيردار، مير گروپ کي نه وڻي ۽ هنن وقت جو انتظار ڪيو. جڏهن الله بخش سومري جي حڪومت ختم ٿي ته انهن اصلاحات کي واپس ڪرڻ لاءِ سر غلام حسين جي وزارت اعظميٰ جي دور ۾ هڪ قرارداد اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سائين جي ايم سيد اهم قدم کڻندي مسلم ليگ جي اهڙي عمل جي مخالفت ڪئي ۽ اسيمبلي ۾ قرارداد آڻڻ کي روڪايو.
الله بخش سومري ٻيو اهم ڪم ڪيو ته هن ڌرتي جي ناسور، فرقيواريت جون پاڙون پٽي. الله بخش سومري ٻين دوستن سان گڏجي، برطانيه جي ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو.“ پاليسي سان مهاڏو اٽڪايو ۽ هن ڪوشش ڪئي ته فرقيواريت جيڪا خراب حالت پيدا ڪئي آهي ان کي بهتر ڪري ۽ بني نوع انسان جي اتحاد لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکي. ان سلسلي ۾ هي لاهور ويو ۽ پنجاب جي وزير اعظم سر سڪندر حيات سان مشورو ڪيو.
سر سڪندر حيات ۽ الله بخش سومري جي ملاقات جي تناظر ۾ سنڌ جي گورنر سر هيو ڊو جو وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط:

گورنمينٽ هائوس ڪراچي
23 جولاءِ 1941

پيارا لارڊ لنلٿگو

هن مهيني جي 6 تاريخ تي مون الله بخش سومري جي لاهور مان واپسي تي سومري ۽ سر سڪندر حيات جي ملاقات جي تناظر ۾ حال احوال پڇيو، سومري مان مون کي معلوم ٿيو ته سر سڪندر حيات پنهنجي مسلم ليگ سان تعلق ۽ تنظيم جي ٻين ميمبرن تي پنهنجي اثر رسوخ هجڻ جي ڪري پر اعتماد هو ته جنگ جي ڪري ڪهڙيون به حالتون ٿين پر پنجاب ۾ ڪو به فرقيوارانه مسئلو نه ٿيندو، سر سڪندر حيات پنهنجي اتحادي حڪومت ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن کي گڏ کنيو آهي، الله بخش جي موجب، سر سڪندر حيات، سنڌ جي مسلم ليگين جي هٺ ڌرمي تي حيران هو ۽ ان جو هن سخت نوٽيس ورتو.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته الله بخش ان معاملي ۾ ڪمزور آهي، ان جو سبب هي آهي ته هي مسلم ليگ ۾ شامل نه آهي ۽ جيستائين مسلم ليگ تي جناح صاحب جا اختيار آهن، هن جو ان سان ٺهڻ مشڪل آهي.

اوهان جو خير خواهه
هيو ڊو

هن معاملي تي ان ساڳئي رپورٽ ۾ گورنر سنڌ هيو ڊو جا وائسراءِ لارڊ لنلٿگو سان ويچار.
”منهنجي خيال ۾ الله بخش سومرو، ان نتيجي تي پهتو آهي ته مسلم ليگي يا انفرادي طور جيڪو به فرقيواريت جي پرچار ڪري ٿو يا ”يونٽي مومينٽ“جنهن جي لاءِ اسيمبلي مان پئسه به منظور ڪيا ويا آهن ان جي خلاف جيڪي به ڌريون پروپيگنڊا ڪن ٿيون انهن جي خلاف سخت قدم کڻي. مون وٽ ڪو به اهڙو سبب نه آهي جو ان کي ان عمل ڪرڻ کان روڪيان، ان ڳالهه تي عمل جي ممڪن هجڻ کي محسوس ڪندي منهنجي انهن مسلم ليگين جي خدو خال کي بيان ڪرڻ کي اوهان پسند ڪندو.
انهن ۾ اڌ درجن کن اهم آهن جن جي خلاف قدم کڻي صوبي مان اهڙين حالتن کي ختم ڪري سگهجي ٿو، اهي آهن سر عبدالله هارون ايم. ايل اي، سابق صوبائي وزير جي ايم سيد، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد، محمد هاشم گذدر ميئر ڪراچي ۽ سابق وزير اعليٰ سنڌ مير بنده علي خان.
انهن سڀني مان مون کي رڳو جي ايم سيد لاءِ احترام آهي، هي انتهائي خطرناڪ ماڻهو آهي. هي هڪ ئي وقت قدامت پسند، ذهين ۽ جرئت مند آهي . هن مان مون کي خوف آهي ۽ اهو ضروري آهي ته مان هن کي قابو رکان، هي ئي سنڌ ۾ تحريڪ جو حقيقي اڳواڻ آهي. هارون وڏو اڳواڻ نه آهي هي پڻ قدامت پسند آهي، هن جو اثر هن جي دولت ۽ حيثيت جي ڪري آهي. هي مضبوط ماڻهون به ناهي، جيڏي مهل هن کي معلوم ٿيو ته سرڪار معنيٰ ”واپار“ ان وقت هي ٺهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. عبدالمجيد هندو مان مسلمان ٿيڻ جي ڪري اهل آهي ۽ هو سياسي هيرا ڦيري جو ڪنهن کي به رستو ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، کهڙو ايماندار نه آهي بلڪ غرض مند آهي پر مان هن ۾ ڪا به قرباني ڪرڻ جي ڳالهه نه ٿو ڏسان، مسجد منزل گاه جي تحريڪ جنهن کي شروع ڪرڻ ۾ هن جو اهم ڪردار هو جڏهن خطري جي حالت تي پهتي ته هو انتهائي تيار هو ته ان مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍي.
گذدر زندگي ۾ پهريون دفعو خراب معاملي ۾ پيو آهي، ان لاءِ اهو ڪافي آهي ته ميئر جي حيثيت ۾ هن جيڪي لکي ڏنو آهي ان تي عمل ڪري، باقي، سابق وزير اعليٰ سنڌ مير بنده علي خان ٽالپر بچي ٿو. هن جو مسلم ليگ سان تعلق عارضي آهي، هن پنهنجي هر سياسي دوست جنهن هن جي وعدي تي هڪ مرد جي حوالي سان اعتبار ڪيو آهي، هن ان سان دوکو ڪيو آهي ۽ صرف هڪ ئي شي جي ان ۾ اميد رکي سگهجي ٿي ته هو انهي عمل کي وري ورجائيندو.
توهان جو خيرخواهه
هيو ڊو

سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي ٻيهر گرفتاري
24 آڪٽوبر 1941ع تي سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري کي گرفتار ڪيو ويو، گورنر سنڌ هيو ڊو، سنڌ جي وزير اعليٰ الله بخش سومري سان مشورو ڪرڻ يا اجازت وٺڻ جي بغير ۽ هن جي سنڌ کان ٻاهر بمبئي ۾ هجڻ جو فائدو وٺندي، 24 آڪٽومبر 1941ع تي پنهنجو حڪم جاري ڪري سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري کي گرفتار ڪرايو. برطانوي حڪومت پير صاحب کي هي پهريون دفعو گرفتار نه ڪيو هو بلڪ هن نوجوان پير جنهن کي سنڌ جا ماڻهو”سورهيه بادشاهه“ سڏيندا هئا، خوف منجهان 21 سالن جي عمر ۾ گرفتار ڪرايو هو. پير صاحب هندستان جي مختلف جيلن ۾ 7 سال سزا ڀوڳي 1936ع ۾ سنڌ ۾ واپس آيا هئا.
گورنر جي هن قدم جي خلاف سڄي سنڌ ۾ حر تحريڪ شروع ٿي وئي ۽ رد عمل گورنر ۽ نوڪر شاهي جي سوچ کان مٿانهون ٿيو. سرهيو ڊو جي هن آمرانه عمل پر امن صوبي جي ماحول کي انتهائي مشتعل ڪري ڇڏيو.
الله بخش سومري جو رد عمل فطري هو ۽ هن 19 ڊسمبر 1941ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ گورنر جي اختيارن جي غلط استعمال کي غير جمهوري ۽ غير آئيني قرار ڏنو.
”19 ڊسمبر 1941ع تي وزير اعليٰ سنڌ الله بخش سومري، گورنر سنڌ جي روز بروز خصوصي اختيارن جي استعمال جي حوالي سان آئيني اثرن تي سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪئي.
”ڪانگريس طرفان وزارت کي قبول ڪرڻ وقت جيڪو مسئلو پيدا ٿيو هو ان جو ذڪر ڪندي، وائسراءِ جي برطانوي حڪومت جي منظوري سان گورنر جي انفرادي فيصلي جي حوالي سان يقين دهاني ڪرايل هئي. خانبهادر ان ڳالهه کي کوليو ته هن گورنر جي اچڻ کان اڳ ۾ جڏهن مون وزير اعظم جي حيثيت سان اقتدار حاصل ڪيو هو ته ان وقت جي گورنر جي ڪا به خواهش نه هئي ته هو خصوصي اختيارات استعمال ڪندي صوبي جي معاملن ۾ مداخلت ڪري، موجوده گورنر خصوصي اختيارن جي استعمال جي مختلف وصف بيان ڪري رهيو آهي.
گورنر محسوس ڪري رهيو آهي ته ايڪٽ جي تحت انفرادي طور تمام مسئلن ۾ جتي هن جي ذميواري ٿئي ٿي هي اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. پڻ هن جو خيال آهي ته جتي به هن جي راءِ وزيرن کان مختلف هوندي، چاهي اهو مسئلو ڪيڏو ئي اهم هجي ۽ وزيرن جي راءِ بيجا ۽ مختلف هجي هن جي خصوصي اختيارن جي ذميواري چاهي ساڳيو مسئلو جنهن ۾ روزمرهه جي اتنظامي معاملي ۾ اختلاف راءِ هجي، هو خصوصي اختيارات استعمال ڪري سگهي ٿو. هز ايڪسيلنسي اهو ڏسي نه رهيو آهي ته جيڪا هن جي خصوصي ذميواري آهي اها وزيرن جي به بنيادي ذميواري آهي.
وزير اعليٰ چيو ته گورنر ان حد تائين هليو ويو آهي جو صوبائي گورنر جن اختيارن کي استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا، چاهي اهي مناسبت موجب نه آهن يا اهي هدايت يا برطانوي پاليسي موجب آهن، جيڪڏهن موجوده گورنر جي طرز عمل کي وائسراءِ يا برطانوي حڪومت منظور ڪيو ته اهو هڪ اهم آئيني مسئلو هوندو. هي هائوس منهنجي ان ڳالهه سان متفق هوندو ته وزير رڳو اسيمبلي جي آڏو جوابده آهن نه ٻئي ڪنهن جي آڏو ۽ گورنر سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي آڏو جوابده آهي.
وزير اعظم چيو ته گورنر جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي ان تي ڪا به”ڏي وٺ“ نه ٿيندي، جيڪڏهن روز مرهه جي معاملن ۾ هو پنهنجا ذاتي فيصلا هلائڻ گهري ٿو ته پوءِ انهن معاملن جي روزانه هڪ فهرست جاري ڪئي وڃي ته ڪٿي اسان جي مفادن ۾ ٽڪراء ٿي رهيو آهي، ان جي معنيٰ اها ٿي ته برطانوي حڪومت جي نمائندي گورنر ۽ عوامي حڪومت جي درميان توازن ماپيو وڃي، هڪ لمحي لاءِ اهو خيال به نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪانگريسي وزارتون جتي آهن اتي گورنر خصوصي اختيارات استعمال ڪندي صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪري پر اتي اها ڳالهه ڏٺي وڃي ٿي ته چاهي اهليت جي بنياد تي ڳالهه هجي انهن صوبن ۾ گورنر مداخلت نه ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته اتي هڪ جماعت جي حڪومت آهي. ان مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته برطانوي سرڪار پنهنجا اختيارات ختم ڪرڻ نه ٿي گهري ۽ هن جي خواهش آهي ته جيستائين ممڪن آهي اختيارن کي پاڻ وٽ رکي.
وزير اعظم ڳالهه جاري رکندي چيو ته قانوني طرح هائوس پڇا ڪري سگهي ٿو ته وزارت ان تذليل جي حالت ۾ به آفيس ۾ ويٺي آهي، هن چيو ته هي جڏهن دهلي ويو هو ته ان گورنر جي خصوصي اختيارن جي استعمال تي وائسراءِ سان شڪايت ڪئي هئي، وائسراءِ جي اعلاميه ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي وئي ته گورنر ۽ وزيرن جي درميان جيڪا به لکپڙهه ٿئي ٿي ان کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو، آءُ جڏهن واپس آيس ته مون فيصلو ڪيو ته سڀئي ڳالهيون هائوس جي سامهون رکان، ليڪن گورنر مون کي مشورو ڏنو ته هڪ ٻئي سان سهمت نه هجڻ جو معاملو سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڏانهن موڪليو وڃي ۽ اسان ان جي فيصلي جو انتظار ڪريون، وزير اعظم چيو ته حالانڪ اسان کي اهو چيو ويو آهي ته مان ذاتي طور سمجهان ٿو ته اهو ضروري نه آهي ته چڙچڙهاٽ جي حالت جي ڪري استعيفيٰ ڏجي. جيڪا وائسراءِ ڳالهه ڪئي آهي، ان جو انتظار ڪجي، مزيد معلومات حاصل ڪجي ۽ مڪمل جواب تائين برطانوي سرڪار جي ان معاملي تي رويي جو انتظار ڪجي، ان کان پوءِ هائوس کي اعتماد ۾ وٺندي، ٿيندڙ معاملن کان واقف ڪيو ويندو ته هو اهليت جي بنياد تي فيصلو ڪن ته جيڪا ڳالهه وزيرن ڪئي آهي اها درست آهي يا گورنر جيڪي فيصلا ڪيا آهن اهي ملڪي مفادن ۾ آهن يا نه، هن ڳالهه پوري ڪندي چيو ته، اسان وزير اڃان تائين حتمي نتيجي تي نه پهتا آهيون پر اسان اهي واقعا سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي لکت ۾ موڪلي رهيا آهيون.“
ان دوران حر تحريڪ پنهنجي جوڀن تي پهتي ۽ برطانوي حڪومت اره زورائي ڪندي حرن جو قتل، انهن کي جيل ۾ وجهڻ ۽ انهن جون زمينون کسڻ روزمرهه جو معمول بنائي ڇڏيو هو، پر سر جو سودو لڳائڻ وارا حر ”ماءُ ۽ مرشد“ تان سر ۽ مال گهورڻ جو وچن ڪري چڪا هئا، انهن کي هي ڪوٽ ۽ ڦاسيون روڪي نه سگهيون نيٺ آخري حربي طور برطانوي سرڪار سنڌ جي ڪجهه حصن ۾مارشل لا هنئي.
الله بخش جا مخالف جن سندس پهريون دفعو سنڌ جو وزير اعظم ٿيڻ تي” اسلام خطري ۾“ جي پروپيگنڊا ڪئي هئي، انهن حر تحريڪ جي خلاف برطانوي سرڪار جي قدمن کي الله بخش سومري جي ذمي لڳائڻ جي پروپيگنڊا ڪئي ۽ ان پروپيگنڊا جي اثر سنڌ ۾ هڪ وڏو واقعو الله بخش سومري جي شهادت جي صورت ۾ ڪرايو.
سر هيو ڊو ۽ سنڌ جي آخري گورنر سر فرانسس موڊي ۽ سرحد جي گورنر ڪائرو کي برصغير جا بدنامه گورنر سمجهيو ويندو هو. تاريخ جا ورق ورائيندي هڪ ڳالهه ضرور ڪرڻ گهران ٿو ته اهو سر فرانسس موڊي هو جنهن 1946ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سائين جي ايم سيد کي وزير اعليٰ بڻجڻ نه ڏنو ۽ جنوري 1946ع ۾ منتخب اسيمبلي کي ڏهن مهينن ۾ ٽوڙيو ڇاڪاڻ ته هو جي ايم سيد کي وزير اعليٰ نه ڏسڻ پيو چاهي.
حقيقت ڇا آهي ان کي مان ان وقت جي گورنر سر هيو ڊو، جنهن جي هوڏ ۽ انانيت پسندي جي ڪري حر تحريڪ شروع ٿي بيان ڪرڻ گهران ٿو.
سر هيو ڊو جو سنڌ جي حالتن تي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط.

گورنمينٽ آف سنڌ
21 سيپٽمبر 1942ع

پيارا لارڊ لنلٿگو
مون کي اهو معلوم ٿيو آهي ته سنڌ مسلم ليگ جيڪا گذشته فيبروري کان مارشل لا هڻڻ جو مطالبو ڪري رهي هئي ۽ مارشل لا لڳائڻ تي هنن سرهائي ظاهر ڪئي هئي، اها مارشل لا هٽائڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي. اهو ان جي ڪري نه آهي ته حر تحريڪ کي مات ڪيو ويو آهي پر ان جي ڪري آهي ته ان جماعت جي ٻن اڳواڻن جي ايم سيد ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو جا حرن سان تعلقات آهن ۽ مارشل لا اختياريون انهن جي خلاف جانچ ۾ مصروف آهن. هنن جي تحريڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته جيڪي مسلم ليگي پير جي جماعت جي مخالفت ڪري رهيا هئا، اهي حرن سان ٺاهه ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن حرن جو رخ هندن جي خلاف ڪيو وڃي، ”مسلم ليگي الله بخش سومري کي مارشل لا جي ناخوشگوار واقعن جو ذميوار قرار ڏيڻ ۾ تمام بي احتياط آهن“.
هيو ڊو

وائسراءِ جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري کي لکيل خط ۾ سنڌ جي گورنر سرهيو ڊو جي وزير اعظم سنڌ الله بخش سومري بابت ڏنل راءِ:
نئي دهلي
6 آڪٽومبر 1942ع
”ڊو جي راءِ آهي ته سنڌ مان حر تحريڪ ختم نه ٿي آهي. ڪوشش ٿي رهي آهي ته معاملي کي گرم رکيو وڃي، حرن لاءِ هندو پريس ۽ وزيرن جي طرفان هلڪي همدردي ۽ الله بخش سومري جي طرفان به همدردي جا بيان جاري ڪيا ويا آهن“
ياد رهي ته جيستائين الله بخش سومرو وزير اعظم سنڌ هو، برطانوي سرڪار سيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري تي ڪنهن به ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ جي جرئت نه ڪئي، الله بخش سومري کي هٽائڻ کان پوءِ ئي هو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪري سگهيا.
. . . . . . . . . . . .
الله بخش سومري جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جلد ئي 1942 ۾ برصغير ۾ سياست جو رخ انتهائي تيز ٿي ويو سنڌ ۾ حر تحريڪ کان سواءِ ٻيا مسئلا به اڀري آيا جي سنڌ جي معاشي ۽ سياسي حالتن تي اثر انداز ٿيا.
ٻوڏ
هندستان خالي ڪريو تحريڪ
ٻوڏ جي حوالي سان اڄ به اتر سنڌ جا ماڻهو جڏهن به ٻوڏ کان متاثر ٿيندا آهن ته هو الله بخش کي ياد ڪندا آهن.
شڪارپور شهر کي ٻڏڻ جو خطرو هو ۽ سومري صاحب کي ٻڌايو ويو ته شڪارپور شهر کان اڳتي ڪٿي ڪٽ ڏئي شهر کي بچائي سگهجي ٿو، سومري صاحب حڪم ڏنو ته جتان منهنجون زمينون آهن اتان پاڻي کي موڙي شهر کي بچايو وڃي.
الله بخش صرف اها قرباني نه ڏني پر ٻوڏ کان بچاءُ جا انتظام ۽ متاثرين جي جنهن نموني مدد ڪئي اهو تاريخ جو هڪ اهم باب آهي.
الله بخش سومرو ۽ ان جا سياسي دوست آزاد مسلم بورڊ جي پليٽ فارم تان اڳئي اقتدار جي منتقلي جو مطالبو ڪري رهيا هئا. هي ان سلسلي ۾ ڪيترين ئي ميٽنگن ۾ شريڪ ٿيو ۽ هن برصغير ۾ پر امن ماحول آڻڻ لاءِ وائسراءِ، لارڊ ڪرپس ۽ ڪانگريس اڳواڻن سان خط و ڪتابت ۽ ملاقاتون ڪيون.
ان سلسلي ۾آزاد مسلم بورڊ جي هڪ ميٽنگ مارچ 1942ع ۾ دهلي ۾ ٿي گذري، ان ۾ بورڊ مطالبو ڪيو ته برصغير کي هڪدم آزاد ڪيو وڃي.
وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري کي تار:

نئي دهلي
2 مارچ 1942ع
39. D. 42- هيٺ آهي نام نهاد آزاد مسلم بورڊ جي قرارداد جو متن، هي ميٽنگ 28 فيبروري کان 1 مارچ تائين دهلي ۾ الله بخش سومري جي زير صدارت ٿي گذري. ان ميٽنگ ۾ فضل حق، آصف علي، افتخار الدين، نوري، (سابق وزير بمبئي سرڪار) ۽ ابراهيم (سابق وزير متحده صوبه جات) شريڪ ٿيا.
”هندستان هن جنگ ۾ ڪو به پري جو تماشائي نه آهي بلڪ انتهائي خطري جي حالت ۾ آهي، اهي جيڪي هن جارحيت جي زد ۾ آيا آهن انهن جي قسمت موڙڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ لاءِ هندستان جي تمام ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر ڇڏي نه ويندي. انهن کي همت ڏياري ويندي ۽ ان جي قوت ملڪ کي بچائڻ جي ڪم لاءِ تيار ڪئي ويندي ۽ جارحيت کان آزاد دنيا ۾ آزادي کي مستحڪم ڪيو ويندو، بورڊ جو اهو خيال آهي ته هندستان ۾ اها عام راءِ آهي ته ملڪ کي ماتحتي مان نڪرڻ گهرجي ۽ اهو مقصد جيڪڏهن حاصل ٿي ويو ته انهن کي آزادي جا مزا ماڻڻ جو حق ملندو جيئن ٻيا ملڪ، برطانيه ۽ ان سان واسطيدار ملڪ ماڻي رهيا آهن، نون مسلم تنظيمن جي نمائندگي ڪندي ۽ هندستان جي اڪثر عوام جي آواز ٿي بورڊ ان مطالبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. . . . . . . . . . . . . .
بورڊ پڻ هڪ قرارداد منظور ڪئي ۽ ان ۾ چيو ته قريبن تمام مسلمان ملڪن جي آزادي، ڀنگ ڀرڻ لاءِ روڪي وئي آهي، اسان جي جنگ جي متاثر ملڪن ۽ ٻين ملڪن جي باسين سان دلي همدردي آهي ۽ اميد آهي ته مصر، فلسطين، شام، عراق ۽ ايران هن بري حالت مان نڪري جارحيت ۽ ناجائز استعمال کان آزاد دنيا ۾ مضبوطي ۽ آزادي ماڻيندا.
آزاد مسلم بورڊ جي ميٽنگ جي حوالي سان وائسراءِ لنلٿگو جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري کي تار.

نئي دهلي.
7 مارچ 1942ع
No-557-G - توهان جي تار جي حوالي نمبر 4017، تاريخ 4 مارچ، آل انڊيا آزاد مسلم ڪانفرنس.
”هن اجلاس جو آصف علي منتظم هو، جنهن قرارداد کي ٺاهڻ ۽ پريس ۾ ڏيڻ جو بندوبست ڪيو”نو مسلم تنظيمون“ جن جو قرارداد ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن جي تمام سڃاڻپ نه ٿي ڪري سگهجي.
پر انهن ۾ احرار، جمعيت العلماءِ هند، شيعه انتها پسند، هڪ حصو ”مومن“ جماعت جو، اتحاد ملت ۽ ريڊ شرٽس، انهن مان ڪا به تنظيم اهم نه آهي، ۽ انهن جو ميلاپ بناوٽي آهي. انهن ۾ اثر رکندڙ غير ڪانگريسي مسلمان، الله بخش سومرو ۽ فضل حق آهن.
مسلم ليگ جا اسيمبلي ميمبر ڪڏهن به ڳڻي نٿا سگهجن ۽ انهن جو مڪمل تخمينو نه ٿو لڳائي سگهجي. مسلم ليگ جي ٻاهر ۽ اسيمبلي ۾ حمايت جي تفريق ڪرڻ گهرجي. بنگال ۾ 112 نشستن مان فضل حق کي اڌ کان وڌيڪ اڪثريت آهي ليڪن هن جي اڪثريت ذاتي بنياد تي آهي ۽ بنگال مسلم ليگ جو نئين اليڪشن جو مطالبو اهم آهي. پنجاب ۾ مسلمانن جي 84 نسشتن مان رڳو 12 مخالف ڌر ۾ آهن، باقي سر سڪندر حيات جي سر مهر قيادت ۾ مسلم ليگي ميمبر آهن. سنڌ ۾ ذاتي مفاد تي ٻڌل گروهه ٻين گروهن کان وڌيڪ مضبوط آهن، مسلمانن جي 33 نشستن مان اڌ الله بخش سومري سان آهن ۽ 11 مسلم ليگ جا ميمبر آهن.
صوبه سرحد ۾ مسلم ليگ ڳڻپ ۾ نه آهي، مسلم اقليتي صوبن ۾ جناح جي مضبوط حمايت آهي. بنگال ۽ پنجاب ۾ اسيمبلي کان ٻاهر مسلم ليگ کي وڌيڪ حمايت حاصل آهي. آسام ۽ سنڌ ۾ جيڪي به ليگ دعويٰ ڪري، اتي ٻي مسلم تنظيم نه آهي.
”مومن جماعت“ جو ڪو به اثر نه آهي ۽ هن جماعت جا اڪثر ميمبر مسلم ليگي آهن
”احرار“ قوم پرست مسلمانن ۾ هٿيار بند آهن ۽ ڪانگريس جي حمايت ڪن ٿا ۽ عدم تعاون جي تحريڪ کي به هنن جي مڪمل حمايت آهي. 1940ع ۾ قريبن 5000 هزار والنٽيئرن جي تنظيم هجڻ جي ڪٿا ڪئي وئي هئي. هنن جو مضبوط ڳڙهه، پنجاب، صوبه سرحد ۽ متحده صوبه جات آهي.
جمعيت العلماءِ هند جي اڳواڻ حسين احمد مدني، جمعيت العلماءِ جي 13 سيشن کي خطاب ڪندي چيو ته آئيني طور تي برصغير جي سياسي مسئلي جو حل، وفاقي طرز حڪومت آهي.
شيعا هندستان جي مسلمانن ۾ اقليت ۾ آهن ۽ سني اڪثريت جي خوف کان هو مسلم ليگ جي مخالفت ڪن ٿا، مسلم ليگ جي شيعه مخالف گروپن کي شيعه فرقي جو مڪمل طور نمائندو نه ٿو سمجهي سگهجي، ڪيترائي اهم شيعا شخصيتون جناح سميت مسلم ليگي آهن.
آل انڊيا مومن ڪانفرنس جي ميٽنگ ڪانپور جي مرڪز ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڪورين جي سماجي، سياسي ۽ معاشي ترقي جي ڳالهه ڪئي وئي (مومن طور سڃاتا وڃن ٿا)
اتحاد ملت، نيري رنگ جي والنٽيئرن طور سڃاتي وڃي ٿي، 1935ع ۾ مولانا ظفر علي خان ان تنظيم کي ٺاهيو ته سکن کان لاهور واري مسجد شهيد گنج جو قبضو ڇڏايو وڃي.“
الله بخش سومري، فضل حق ۽ خان صاحب طرفان اقتدار جي منتقلي جي حوالي سان هڪ ٻي تار:
پنل کي ٽرن بل جي طرفان
انڊيا آفيس
10 مارچ 1942ع
وزير اعظم هيءَ تار، فضل حق، خان صاحب ۽ الله بخش سومري کان وصول ڪئي آهي.
”هي ڏکيو وقت جيڪو انڊيا تي حملي جي خطري جي صورت ۾ پيدا ٿيو آهي. ان ڪري اقتدار جي حقيقي منتقلي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ آزادي کي تسليم ڪندي ان جي حقيقي نمائندن تي مشتمل هڪ نمائنده حڪومت قائم ڪئي وڃي، جيڪا مڪمل اختيار حاصل ڪندي، ملڪ جو بچاءَ آزاد ۽ جمهوري حڪومتن جي تعاون سان ڪندي جارح جو مقابلو ڪري.
اها هندستان جي مسلمانن جي به پڻ راءِ آهي. جيڪڏهن توکي ڪو به اعتراض نه هجي ته وزير اعظم جي طرفان وصول ڪرڻ جو اطلاع ڏيڻ فرمائيندا.“
ان دوران برطانوي حڪومت هندستان جي مستقبل بابت راءِ جو اظهار ڪندي پنهنجي نمائندي سر سٽافرڊ ڪرپس کي هندستان موڪليو ته هو جنگ کان پوءِ برصغير جي آزادي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري، وزير اعظم سنڌ ۽ آزاد مسلم بورڊ جي صدر جي حيثيت ۾ الله بخش سومري کي به ڪرپس مشن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ دهلي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني وئي.
سيڪريٽري ڊومينن معاملات جو نوٽ.
11 ڊائوننگ گهٽي، ايس - ڊبليو - آءِ
7 مارچ 1942ع
تاج برطانيه جي حڪومت طرفان، هندستان جي مستقبل جي حڪومت جي حوالي سان مان جنگ جي وزارت کي غور ڪرڻ لاءِ هڪ مزيد تبديل شده مسودو هندستان جي وزيرن جي ڪاميٽي طرفان پيش ڪري رهيو آهيان.
C. R. A
265 - انيڪس
شهنشاهه جي سرڪار، ملڪ ۾ بيچيني کي محسوس ڪندي ۽ مستقبل جي هندستان جي حوالي سان ڪيل واعدو نڀائڻ خاطر، مختصر ۽ صاف شرطن جي بنياد تي قدم کڻي خود مختيار حڪومت بنائي، هن قدم کڻڻ جو مقصد آهي ته هندستان جي يونين ٺاهجي جيڪا (Domain) بادشاهه جي تابع رهندي تاج برطانيه ۽ ٻين ڊومينن سان برابري جي بنياد تي منسلڪ هجي ۽ ڪنهن به صورت ۾ اندورني توڙي بيروني معاملن ۾انهن جي تابع نه هجي.“
لارڊ ايمري طرفان وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي هڪ ٻي تار.
انڊيا آفيس
12 مارچ 1942ع
اميد ته لارڊ ڪرپس هوائي جهاز ذريعي 21 يا 22 مارچ تي ڪراچيءَ پهچندو پر پڪي تاريخ جو تو کي بعد ۾ ٻڌايو ويندو، هن سان گڏ ٽرن بل، اي. ڊي .ڪي اوون ۽ گراهم سپري سيڪريٽري طور هوندا، اوهان جو ٿورائتو ٿيندس جيڪڏهن اوهان اعتماد جوڳي سيڪريٽريٽ انهن کي مدد ڪرڻ لاءِ جوڙيندا.
جيڪڏهن تون راضي آهين ته پوءِ هي توسان گڏ ٻه ڏينهن يا وڌيڪ گذاريندو ۽ تو سان، ڪمانڊر انچيف، گورنرن، ڪائونسل جي ميمبرن ۽ ٻين سرڪاري مشوري ڏيندڙن سان ۽ ٻين جن کي تون اهل سمجهين ملاقات ۽ بحث لاءِ ملندو. هن خصوصي طور تي هالٽ، هربرٽ ۽ ليوملي سان ملاقات لاءِ چيو آهي پر اها ڳالهه شڪ ۾ آهي ته جيڪڏهن هي دهلي اچي ٿو ته هي ٻين گورنرن سواءِ ڪننگهام جي ملاقات ڪندو يا نه.
ان کان پوءِ هو خانگي گهر ۾ منتقل ٿي هندستاني اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، هي ٻن هفتن کان مٿي اتي نه ترسندو سواءِ ان جي ته جنگي وزارت جي پاليسي موجب ڪنهن خاص ڪم لاءِ هن کي رهڻو پوي. جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه نتيجه خيز ٿي رهي آهي ته هي وڌيڪ رهندو، هي صوبن جو دورو نه ڪندو پر ضرورت ۾ هي ڪري به سگهي ٿو. هن جي خواهش آهي ته هي دهلي ۾ ئي اهم ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن سان ملاقات ڪري. هن جي خواهش آهي ته ابتدائي طور هي انهن ماڻهن سان ملاقات ڪري جن جا نالا پيرا نمبر 4 ۾ لکيل آهن ۽ هي خوش ٿيندو ته جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي چئين ته هو 26 مارچ کان 5 اپريل تائين دهلي اچن . هن جي خواهش آهي ته ڪنهن کي به اهو موقعو نه ڏنو وڃي ته هو مختصر وقت جي ڪري دهلي اچي نه سگهي، اهو بهتر ٿيندو ته وقت اچڻ مهل ئي انهن دعوت نامن کي موڪلجان، ڪرپس شايع شده فهرست ۾ وڌيڪ واڌ چاهيندو ۽ تو طرفان تنهنجي ڪائونسل جي ڪنهن به ميمبر سان ملاقات ڪرڻ جي تنهنجي خواهش تي ان سان ملاقات ڪندو.
فهرست:
ڪانگريس: آزاد، نهرو، راج گوپال آچاريه، پنت، کير، خان صاحب
مسلم ليگ: جناح، سڪندر، ناظم الدين ۽ سعدالله
اعتدال پسند: سپرو ۽ جيڪر
غير مسلم ليگي مسلمان: فضل حق، الله بخش
مهاسڀا: ساوارڪر
هيٺيون طبقو: امبيڊڪر
ليبر: جوشي
سک: گورنر پنجاب جيڪي هڪ يا ٻه نالا ڏئي
رياستون : نوان نگر، ڀوپال، بيڪانير، ڪشمير،ڇتاري ۽ ڪرشنا ماچاري
الله بخش سومري، ڪرپس مشن جي حوالي سان 12 مارچ تي سنڌ اسيمبلي ۾ بيان ڏنو.
”مان سياسي ۽ فرقيوارانه تنظيمن کي گذارش ٿو ڪريان ته مادر وطن جي بهتري ۽ ڪامن ويلٿ ۾ آزاد قوم جي حيثيت سان هجڻ ۽ برصغير جي مستقبل جي آئين جي حوالي سان ڪرپس سان تعان ڪيو وڃي. محترم چرچل جي اعلان کي هتي جي سکر ماڻهن دل سان مڃيندي سمجهيو آهي ته برصغير جي آئيني مسئلي جي حل لاءِ اهو هڪ اهم قدم آهي. ڪرپس کي موڪلڻ اميد پيدا ڪئي آهي ته مستقل مفاد ۽ جماعتون جيڪي تنازعي ۾ آهن اهي عقل کان ڪم وٺندي مسئلن کي باهمي رضامندي ۽ تعاون جي جذبي سان حل ڪندا. ذاتي ڳالهه ٻولهه تالابندي کي ختم ڪرڻ جو رستو ڪڍندي. ڪرپس ڪيترا ئي اهڃاڻ ڏنا آهن ته هو بر صغير جي آزادي ۾ مدد ڪندو، اها ڳالهه اهم آهي ته هي صرف سفير ٿي نه اچي رهيو آهي پر هي تاج برطانيه جي طرفان مليل مڪمل اختيارن سان اچي رهيو آهي.“
الله بخش بيان ڏئي ڪرپس مشن کي آزادي جي حوالي سان سٺو سوڻ قرار ڏنو پر آزاد مسلم بورڊ جي الله بخش جي زير صدارت 2 مارچ 1942ع جي قرارداد کي انگريز اختيارين بد سوڻي ۽ سندن مستقبل جي مفادن ۽ منصوبن لاءِ نقصان ڪار سمجهيو هو.
الله بخش سومري جي هنن خيالن کي يقيني طور سامراجي ذهنيت جي مالڪ برطانوي اختيارن هڪ باغي جا خيال ئي سمجهيا هوندا. هنن سمجهيو هوندو ته هڪ ننڍي صوبي جو سياسي ماڻهو اسان دنيا جي مالڪن کي نصيحت ڪري رهيو آهي. انهن الله بخش سومري جي ڳالهه ڏي توجهه ته نه ڏنو پر وائسراءِ پنهنجي طور يا مٿان جي حڪم تي الله بخش سومري جي ڪرپس مشن سان ملاقات ۾ به روڙا اٽڪايا هئا ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جي زور ڏيڻ تي ڪرپس مشن الله بخش سومري سان ملاقات ڪئي. مولانا صاحب پنهنجي ڪتاب ”انڊيا ونس فريڊم“ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي.
”ڪرپس جي حوالي سان بي بي سي تي جيڪو اعلان ٿيو هو ان نقطن تي اسان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. ان وقت جيڪو بيان ڏنو ويو هو، ان ۾ اهو واضح هو ته هندستان کي موقعو آهي ته هو پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪري ۽ اها لکت هئي جيڪا ڪرپس پهرين ملاقات ۾ ڏيکاري پر ڳالهه ٻولهه جي دوران جيڪو ابتدائي رويو ، اعتماد ۽ اميد هئي اها آهسته آهسته فضول لڳي رهي هئي.
رويي ۽ ماحول تبديل ٿيڻ جا ٻيا به سبب هئا، ڪرپس هندستان ۾ اچڻ کان اڳ ۾ وائسراءِ کي چيو هو ته ملاقات لاءِ دعوت ڏنل سياسي اڳواڻن الله بخش سومري سميت سڀني کي دعوت نامون ڏنو وڃي. اهو عيان آهي ته ڪرپس هندستان ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجو رويو تبديل ڪيو. شايد، وائسراءِ هائوس جي اثر جي ڪري، الله بخش دهلي ۾ وائسراءِ جي دعوت تي آيو ۽ سر اسٽافرڊ ڪرپس سان ملاقات لاءِ انتظار ڪندو رهيو پر ملاقات جو وقت طئه نه ڪيو ويو ان هڪ خراب ماحول پيدا ڪيو. مان ان معاملي تي ڪرپس سان ڳالهايو ۽ هن مونکي چيو ته هو جلد ئي الله بخش سان ملاقات جو وقت رکي ٿو. الله بخش جي ملاقات جي حوالي سان ڪرپس وعدو نه پاڙيو ۽ الله بخش مايوس ڪن صورت حال جي پيش نظر چيو ته هو وڌيڪ انتظار نه ڪندو. مون جڏهن اهو ٻڌو ته مون ڪرپس سان سختي سان ڳالهايو ۽ چيو ته الله بخش جي متعلق توهان کي ڪي تحفظات هئا ته پوءِ ان کي ملاقاتين ۾ شامل ئي نه ڪيو ها. اها الله بخش سان بدتميزي نه آهي پر مسلمانن جي هڪ تنظيم ۽ ان جي صدر سان آهي. منهنجي مداخلت جي ڪري الله بخش ۽ ڪرپس درميان ٻئي ڏينهن ملاقات رکي وئي. ملاقات هڪ ڪلاڪ تي مشتمل هئي ۽ ان ۾ اصل مسئلن جي بجاءِ عام معاملن تي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ڪرپس حقيقي معاملن تي نه ڳالهايو.
هن واقعي مون تي خراب اثر ڪيو. مون محسوس ڪيو ته ڏکين معاملن تي بحث ڪرڻ جو اهو طريقو ڪار غلط آهي. منهنجي خيال ۾ ڪرپس جو رويو موتبر شخص وارو نه هو. الله بخش سومري کي دعوت هندستاني سرڪار جي مشوري کان سواءِ جاري نه ڪئي وئي هوندي. جيڪڏهن ڪا تڪليف هئي ته اها سڌي طرح الله بخش کي ٻڌائي وڃي هان ته هو دهلي ۾ ايترو انتظار نه ڪري هان.“
الله بخش سومري جي سنڌ واپس اچڻ کان پوءِ سنڌ جي گورنر سرهيو ڊو سان ملاقات ٿي ۽ ان ۾ سندس ڪرپس مشن سان ملاقات جو به ذڪر آيو گورنر سر هيو ڊو پنهنجي رپورٽ ۾ وائسراءِ سان ان ملاقات جو ذڪر ڪيو آهي.
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
25 اپريل 1942
”اها حقيقت تي مبني ڳڻتي آهي ته ڪرپس مشن ناڪام ويو آهي. الله بخش جنهن ڪرپس مشن سان ملاقات ڪئي هئي. ان مونکي ٻڌايو ته مون ڪرپس مشن کي چيو ته بچاءِ کاتي کان سواءِ تمام معاملن تي هڪ وڏي ڪائونسل حقيقي وزارت هوندي، اها ان ڳالهه جي مجاز هجي ته هو اڪثريتي فيصلا ڪري ۽ ان ۾ وائسراءِ کي ويٽو ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه هجي. هن زور ڏيندي چيو ته بحث ختم ڪرڻ وقت، ڪرپس اصل ڳالهه تان پوئتي هٽي ويو. ان مان هن اندازو لڳايو ته اهو وائيٽ هال جي هدايتن تي ئي ڪيو ويو آهي. اهو خيال پريس ۾ ڦهلايو ويندو. جيڪڏهن ان ڳالهه جو ڪو بنياد نه آهي ته منهنجو خيال آهي ته اهو اهم ٿيندو ته ان جي ترديد ڪئي وڃي پر ممڪن آهي ته هائوس جي ايندڙ اجلاس ۾ بحث ان سوال کي صاف بيان ڪندو.“
الله بخش سومري جي ڪرپس سان برصغير جي سوال تي ڳالهه ٻولهه مان واضح آهي ته هو برطانيه ۽ هندستان جي سياسي اڳواڻن ۽ جماعتن جي درميان هڪ بهترين حل جو خواهشمند هو ۽ ان لاءِ ڪوششون به ڪري رهيو هو ۽ هنن الله بخش سومري جي راءِ ڏانهن توجهه نه ڏنو ۽ ٿيو ڇا پنجن سالن کان بعد هنن کي هندستان کي خالي ڪرڻو پيو، هنن جي ان تڪڙي روانگي کي ٻي جنگ عظيم جي ويڙهاند جي هيري ۽ برطانوي وزير اعظم، سر ونسٽن چرچل "Shameful Flight"بي شرمي واري روانگي قرار ڏنو آهي.
خان عبدالولي خان ان برطانوي هوڏ کي پنهنجي ڪتاب facts are facts ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
”هي سنڌ جي وزير اعليٰ الله بخش سومري سان تعلق رکي ٿو، اهو ذڪر ٿيل آهي ته قوم پرست مسلمانن جو هڪ اجلاس دهلي ۾الله بخش سومري جي زير صدرات ٿيو هو. ان وائسراءِ کي ڪاوڙائي ڇڏيو. سومري جو مسلم ليگ سان ڪو به واسطو نه هو ۽ هو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هو. وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ هو وائسراءِ جي ڊفينس ڪائونسل جو ميمبر هو. هن ڪنوينشن کان پوءِ وائسراءِ جو هن سان رويو صرف سخت نه ٿيو بلڪ موتبر ماڻهن وارو به نه هو، وائسراءِ جي چوڻ تي، فرقيوارنه مسئلي جي حل لاءِ سومري ڪجهه تجويزون وار ڊفينس ڪائونسل جي آڏو پيش ڪيون، هن اهو به مشورو ڏنو ته جواهر لال نهرو ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جيڪي ان وقت جيل ۾ هئا انهن کي آزاد ڪيو وڃي، وائسراءِ لکيو آهي ته 11 آڪٽوبر 1941 جي خط ۾ ڇا ڇا ٿيو.
”جڏهن،هن چيو مان توهان کان ٻڌڻ گهران ٿو؟ توهان فيصلو ڪيو آهي؟ مون جواب ڏنو ڪجهه به نه ٻڌندي. تون منهنجو مشير ڪو نه آهين. پر وزير اعظم سنڌ آهين. مون کي زرو به خيال نه آهي ته توکي ٻڌايان ته مان ڪيئن پنهنجا معاملا هلايان ٿو. ان ڳالهه کي سمجهه ته مان توتي اعتماد ان ڪري ڪيان ٿو جو تون صاف گو آهين. مون چيو، مان اهو فرض سمجهان ٿو ته صاف گو هجان اهو منهنجو معاملو آهي ۽ منهنجي زميواري آهي.“
”اهو تعجب خيز لڳي ٿو ته هڪ طرف وائسراءِ مسلم ليگي اڳواڻن سان تمام سياسي، آئيني ۽ تنظيمي مسئلن تي ڳالهائي رهيو هو. ٻئي طرف هڪ صوبي جي وزير اعليٰ ۽ پنهنجي ڊفينس ڪائونسل جي ميمبر کي اجازت نه ٿو ڏيئي ته هو ڪجهه تجويزن تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري، هن جي ڳالهائڻ ۾ هٺ ڌرمي ڏسو. ظاهر آهي، ان جي خواهش هئي ته محترم سومري تي واضح ڪري ته هو مسلم ليگ کان ٻاهر ۽ جناح صاحب جي منظوري کان سواءِ ڪنهن به مسلمان چاهي اهو مسلم اڪثريتي صوبي جو وزير اعليٰ هجي يا ڊفينس ڪائونسل جو ميمبر هجي. ان جي اختيار کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.“
ڪرپس مشن جي هندستان آمد ۽ ان جي ڪارگذاري ۽ ناڪامي تي لارڊ پروي سيل جي رپورٽ:
لارڊ پروي سيل جي طرفان ياداشت
6 جولاءِ 1942ع
منهنجي خيال ۾ سرڪاري ڪارگذاري کي مقصد ۽ ٻئي ڪنهن مشن جي هندستان ۾ آمد جي مدد لاءِ هندستان جي اڳواڻن سان منهنجي هندستان ۾ آمد وقت ٿيل ڳالهه ٻولهه جو مڪمل ذڪر ڪيان. مشن جو مقصد جنهن لاءِ وار ڪيبينيٽ مون تي ڪم سونپيو هو ته ذاتي طور هندستان جي اڳواڻن کان هنن جي راءِ معلوم ڪيان ته شهنشاهه جي سرڪار جيڪو مسودو پيش ڪيو آهي اهو انهن کي منظور آهي ته ان کي قابل قبول ضمانتن سان برصغير جي عوام جي راءِ اڳتي وڌائڻ لاءِ موجوده سرڪاري اختيارين سان هندستاني اڳواڻ تعاون ڪن. ٻه مختلف پر هڪ ٻئي سان جڙيل ڳالهيون مسئلي سان لاڳاپيل هيون، پهريون قبوليت يا ٻي صورت ۾ جنگ کان پوءِ جي هندستان لاءِ آئين ٺاهڻ لاءِ ان جا بنيادي اصول ۽ طريقه ڪار طئه ڪرڻ ۽ ٻيو دوران جنگ هندستاني اڳواڻن جي جلدي ۽ اثرائتي نموني موجوده حڪومت ۾ حصيداري ۽ نئين آئين بنائڻ واري معاملي کي پوئتي ڪيو وڃي. وار ڪيبينيٽ جي اها راءِ هئي ته جيڪڏهن مسودي جي متعلق مان اصولن تي حمايت حاصل ڪري وڃان ٿو ته پوءِ گورنر جنرل هندستاني اڳواڻن سان موجوده حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان ڳالهيون ڪري پر ڪانگريسي اڳواڻ مسودي ۾ مستقبل جي ضمانتن کان سواءِ راءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. ابتدائي طور هنن سان فقري (اِي) تي بحث ٿيو ۽ حالانڪ خاص ٺهراءِ جي حوالي سان ڊگهي عرصي جي تجويز مخالفت جي حوالي سان بيان ڪئي وئي. ان فقري تي ئي ڳالهيون ناڪام ويون.
ان مقصد کي وڌائڻ لاءِ ته مان صوبائي نقطه نظر ٻڌان، مڪمل دروازي کليل رکڻ کان سواءِ مون صوبائي حڪومت جي وزير اعظمن ۽ سابق وزير اعظمن جيڪي قاعدي 93 تحت بنايا ويا آهن ته هو مون کي اچي ڏسن. انهن ۾ تمام گهڻن دعوت قبول نه ڪئي پر مون راج گوپال آچاريه ۽ سر سڪندر حيات خان سان قيمتي بحث ڪيو، جن سان مان پارٽي حوالي سان ڳالهه ڪيان پيو نه ته منهنجي لاءِ ڏکيو هو ته نوان تعلقات بنايا ها. مون بنگال جي وزير اعظم فضل حق سان ملاقات ڪئي، راجا آف پارلاڪمڊي وزير اعظم اوڙيسا، پنڊت پنت، محترم کير، سر محمد سعدالله ۽ الهه بخش، سابق وزير اعظم متحده صوبه جات، بمبئي، آسام ۽ سنڌ ۽ محترم شڪلا سابق وزير اعظم مرڪزي صوبه جات سان به ملاقات ڪئي، مون لارڊ لنلٿگو جي مشوري تي مهاتما گاندي کي به دعوت ڏني ته مون سان ملاقات ڪر، مون ڪاميابي لاءِ ان کي ضروري سمجهيو هو. ان کان سواءِ مون تيج بهادر سپرو ۽ جيڪر کي به دعوت ڏني ته هو گڏ اچي مون سان ملاقات ڪن. آخر ۾ نيشنل لبرل فيڊريشن ۽ انڌراس جي نمائندن سان به ملاقات ڪئي.“
الله بخش جو آزادي جي حوالي سان وائسراءِ کي خط .
سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي
31 آگسٽ 1942ع
مان پنهنجو فرض سمجهان ٿو ته توهان جي آڏو ڪجهه حل طلب معاملا رکان ته جيئن موجوده تالابندي واريون سياسي حالتون ختم ٿين، انهن حالتن تي هر نيڪ نيت ۽ ملڪ جي ڀلائي چاهيندڙ ماڻهو ۽ اقوام متحده جيڪا هن عظيم مقصد لاءِ مختلف جڳهن تي حالت جنگ ۾ آهي ان کي نندي ٿي.
هندستان جي ماڻهن جو خيال آهي ته برطانوي حڪومت جي نه اڳ ۾ نه ئي هينئر خواهش آهي ته هندستان مان وڃي هتي جي باسين جي قانوني خواهش کي پورو ڪري. بيان جيڪي وقت به وقت برطانوي نمائندن سر اسٽافرڊ ڪرپس سميت ڏنا ويا آهن عيان ڪن ٿا ته برطانيه ڪنهن به صورت ۾ هندستان کي اختيارات منتقل نه ڪندو. حالانڪ اهي جمهوريت کي بچائڻ لاءِ موجوده جنگ وڙهي رهيا آهن ليڪن هندستان ۾ جيڪي تجويزون سر اسٽافرڊ ڪرپس ڏنيون آهن ان يقين کي مزيد وڌايو آهي ۽ موجوده حالت هن جي اچڻ جو ئي نتيجو آهي، جنهن صرف هندستان جي عوام ۾ برطانوي حڪمرانن لاءِ تلخي پيدا ڪئي آهي.
هندستاني قوم پرست جيڪي ڪانگريس ۽ ان کان ٻاهر آهن، جيڪي هندستان جي عوام جو سياسي حوالي سان وڏو قد ڏسڻ گهرن ٿا انهن جو اهو مڪمل ايمان آهي ته هندستان ۾ سياسي ۽ فرقيوارانه مسئلا برطانوي حڪمرانن جي پاليسي جا پيداوار آهن، جنهن جو مقصد هندستاني معيشيت کي برطانوي دولتمندن ۽ عوام لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. فرقي پرست گروهن ۽ فردن کي طاقتور ڪيو ويو آهي۽ غير فرقيوارانه ماڻهن ۽ اعتدال پسندن کي ان ڪري گهٽايو ويو آهي ته دنيا جي غصي کي برطانيه جي حق ۾ ٿڌو ڪري، فرقيوارانه اختلافن کي بهانو بنائي هندستان تي برطانيه جو تسلط قائم رکجي، اهو برطانيه جو هڪ طرفو رخ آمريڪا ۽ الائيڊ حڪومتن کي ڏيکاريو وڃي ٿو.
هر جڳهه اهو سوال ڪيو وڃي ٿو: هندستان هميشه ايستائين غلامي ۾ رهندو جيستائين هڪ خاص گروهه ۽ تمام جاتيون يا ان جون سياسي تنظيمون فيصلي ڪن نتيجي تي پهچي پنهنجي ملڪ جي آزادي جو مطالبو نه ٿيون ڪن.
جيڪڏهن ان هيئت کي تسليم ڪيو ويو ته جنگ کان پوءِ به هندستان کي آزادي نه ملندي نه ئي ڪنهن مرحلي تي برطانوي حڪومت هندستان جي مختلف گروهن کي انهن جي اهم قومي حوالي، قومي نقطه نگاهه ۽ ملڪ جي عظيم مقصد لاءِ متحد ڪيو آهي، صرف اُن اها ئي ڪوشش ڪئي آهي ته انهن ۾ جدائي پيدا ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪيو وڃي.
اهو منهنجو خيال آهي ته تردد جي خوف کان پاسو ڪري اهو چوان ته هندستان ۾ ڪا اهڙي تنظيم آهي جنهن جو يقين هوندو ته برطانيه جي اها انتها درجي جي خواهش آهي ته هندستان کي آزاد ڪري. هندستان ۾ مڪمل طور اها راءِ آهي ته متحده قوتون سٺي مقصد لاءِ وڙهي رهيون آهن، هندستان جي اڳواڻن جو هندستان جي مسئلي متعلق ٻن سوچن رکندڙ مڪتب فڪر جي حوالي سان سمجهيو وڃي.
سوچ رکندڙن جي هڪ گروپ جي راءِ آهي ته اقوام متحده جنهن بنياد تي قدم کنيا آهن اها ساڳي هندستان جي ماڻهن جي به خواهش آهي ۽ جنهن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هي جنگ وڙهجي پئي، هندستان پنهنجي تمام قوت جنگ ۾ جهوڪيندو ته ان جي فتح کي يقيني بنايو وڃي. هو ان ۾ ايمان رکن ٿا ته جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ قرباني ڪرڻ کان سواءِ هنن کي آزادي نه ملندي، انهن جو ايمان آهي ته قومي آزاد ي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي وڌيڪ قرباني ڏيڻي پوندي پر انهن جو خيال آهي ته عالمگير مقصد پهرين حاصل ڪيو وڃي ۽ آزادي لاءِ جدوجهد پوءِ ڪئي وڃي، هي اهو پڻ محسوس ڪري رهيا آهن ته جنگ جي ٿڪاوٽ جي سبب برطانيه جي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو ته هو پنهنجي شرطن کي هن ملڪ جي ماڻهن تي مسلط ڪري ۽ هندستان وارن لاءِ ان حالتن جي ڪري سولو ٿي پوندو ته هو آساني سان آزادي حاصل ڪن. هڪ ٻي سوچ رکندڙ گروهه کي خوف آهي ته برطانيه جنگ کان پوءِ پنهنجي معيشيت کي سهارو ڏيڻ لاءِ هندستاني عوام جو معاشي استحصال ڪندو.
جيئن مان چئي آيو آهيان ۽ هندستان جي ماڻهن جو به اهو يقين آهي ته برطانيه هندستان کي آزاد نه ڪندو ۽ هي جيڪي هندستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي اهو علامتي سامراجي ڏيک آهي، ان صورت ۾ ظالم جي اها پاليسي، اتحادي قوتون جنهن مقصد لاءِ جنگ وڙهي رهيون آهن ان کي نقصان پهچائيندي، اها پاليسي ڪنهن به لاڀ ڏيندڙ نتيجي تي نه پهچائيندي ۽ اها جيڪڏهن ڪنهن حاصلات کي ڏيکاري ٿي ته اها صرف ڏيکاءَ واري هوندي. جنهن بنياد تي ناراضگي آهي، ظالم ان کي ختم ڪري نه سگهندو ۽ اهو ان ناراضگي کي زير زمين وٺي ويندو. ان ظلم ملڪ جي مختلف طبقن کي ڪانگريس جي قريب ڪيو آهي ۽ انهن ۾ هندستان جي قومي مقصد جي حوالي سان قوم پرستي پيدا ڪئي آهي ۽ هو برداشت نه ٿا ڪري سگهن ته هنن جي هم وطنن تي ظلم ڪيو وڃي. جيترو ظلم وڌندو ايترو ئي قرباني لاءَ اتساهه وڌندو ۽ انهن ۾ انتها درجي جي ناراضگي پيدا ڪندو ۽ ڪانگريس لاءِ همدردي پيدا ڪندو. ڪنهن ٻي سوچ کان سواءِ مان اهو ضرور چوڻ گهران ٿو ته اها پاليسي اتحادي قوتن لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ نقصان ڪار آهي ۽ محوري قوتون ان مان فائدو وٺندي پروپيگنڊا ڪري سگهن ٿيون. پاليسي جي سبب جيڪو اڻ ٽر گوڙ آهي اهو محوري قوتن کي موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو ته هو ملڪ ۾ گهڙي اچن ۽ هي جيڪا روزمرهه جي برطانيه جي خلاف ناراضگي آهي اها حملي جو موقعو مهيا ڪري رهي آهي ۽ حالات پيدا ڪري رهي آهي ، جنهن جا هو متحمل ناهن. ان پاليسي جي ڪري برطانيه ۽ اتحادي قوتون هر نقطه نگاهه کان وڃائي رهيون آهن.
انهن ڳالهين جي مدنظر، مان ان خيال جو آهيان ته برطانوي حڪومت کي هڪ اعتبار جوڳي ثبوت جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته هو اقتدار منتقل ڪري رهيا آهن. منهنجو خيال آهي ته اهڙو ثبوت اعلان جي ذريعي ڪيو وڃي، جنهن ۾ ڪا به شڪ جي گنجائش نه هجي ته جنگ کان پوءِ هندستان کي آزاد ڪيو ويندو ۽ انهن کي آئين ٺاهڻ جي مڪمل آزادي هوندي. ڪنهن به جاتي جي مفادن جي تحفظ جي حوالي سان ان مسئلي کي آزاد بين الاقوامي ٽربيونل ڏانهن موڪليو ويندو، برطانيه جي مداخلت کان سواءِ جيڪو هندستان جي معاشي ڦرلٽ ۾ دلچسپي رکي ٿو.
اهو دليل ڏنو وڃي ٿو ته هن وقت ڳالهين جو دروازو کولڻ ۽ ڪانگريس سان ڪنهن معاهدي تي پهچڻ برطانيه جي توهين سمجهي ويندي. جيڪڏهن اهو خيال جاري رهيو ته اهو ان يقين کي وڌيڪ پڪو ڪندو ته هو هندستان ۾ پنهنجي اقتدار کي مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ڪنهن جي عزت کي نقصان ٿيندو: جيڪڏهن هن کي ڪا به خواهش نه آهي ته هندستان کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ۽ نه ئي هو هندستان جي ماڻهن کي پنهنجي سامراجي تسلط ۾رکڻ چاهي ٿو ته پوءِ سامراجي موتبري جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۽ نه ڪنهن سامراجيت جي موتبري جي متعلق سوچي سگهجي ٿو.
مون ڪوشش ڪئي آهي ته کلي دماغ سان مسئلي تي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيان، مون محسوس ڪيو آهي ته جتي ملڪي مفاد داءِ تي هجي اها انساني خدمت جي حوالي سان بدنيتي ۽ ڪوتاهي ٿيندي ته با اختيار حڪمرانن کي خوش ڪرڻ لاءِ سچ نه ڳالهايو وڃي. مان اتساه سان اها ڳالهه توهان جي آڏو پيش ڪري رهيو آهيان ته جيڪو مون مشورو ڏنو آهي ان بابت شهنشاه جي سرڪار صاف اعلان ڪري. هندستان جي تمام جماعتن جي اڳواڻن کي ڳالهين جي دعوت ڏئي موجوده ختم ٿيل ڳالهين کي جاري ڪري ۽ متحده قوتون جن اعليٰ مقصد لاءِ لڙهي رهيو آهن ان کي فائدو پهچائي. دشمن هندستان جي در تي بيٺو آهي ۽ هن ملڪ جا ماڻهو ئي هن عظيم مقصد کي اثرائتي ۽ تهه دل تعاون سان آزادي جي حالت ۾ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي حقن جو بچاءُ ڪري سگهن ٿا.
الله بخش سومرو
الله بخش سومري جي لکيل خط جي جواب ۾ وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جو الله بخش سومري کي خط.
وائسراءِ هائوس، نئي دهلي
8 سيپٽمبر 1942
پيارا خانبهادر الهه بخش
توهان جي 31 آگسٽ جي لکيل خط جي مهرباني. مون ان کي تمام توجهه ۽ خيال سان پڙهيو آهي، پر مون کي خدشو آهي ته توهان جي اڪثر خيالن ۽ دليلن کي قبول ڪيان. مان توهان جي ڳڻتي ته هندستان جي بهتري لاءِ تمام ڌرين جو معاهدو ٿيڻ گهرجي ان کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو. مان تسليم ڪيان ٿو ته توهان پنهنجي صوبي جي مشڪل حالات کي منهن ڏئي رهيا آهيو، ان جي باوجود مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ اوهان جي ڳڻتي قابل قدر آهي.
توهان جو خير خواهه
لارڊ لنلٿگو
ڪرپس مشن جي ناڪام واپس وڃڻ کان پوءِ ڪانگريس ۽ برطانيه سرڪار جي وچ ۾ ”هوم رول“ حڪومت بنائڻ جي ناڪامي بعد ڪانگريس جي لاءِ ان کان سواءِ ڪجهه به نه بچيو هو ته هو ڪو انتها جو قدم کڻي، ڪانگريس آگسٽ 1942ع ۾ پنهنجي اهم اجلاس ۾ تاج برطانيه کان آزادي جو مطالبو ڪندي عدم تعاون جي تحريڪ "Quit India Movement" هندستان خالي ڪريو جي نعري سان شروع ڪئي. برطانوي حڪومت جواب ۾ ڪانگريس اڳواڻن، مهاتما گانڌي، ابوالڪلام آزاد، جواهر لال نهرو ۽ ٻين اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ۽ تمام برصغير ۾ گرفتارين ۽ تشدد کي روا رکيو. هتي هڪ ڳالهه لکڻ ضروري سمجهان ٿو: برطانوي حڪومت تمام برصغير ۾”ڊفينس آف انڊيا رولز “ جي شق 16 تحت تمام برصغير مان هزارين ڪانگريسي ۽ آزادي جو مطالبو ڪندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. برطانوي سرڪار جي ان عمل جي خلاف چيف جسٽس آف آنڊيا جسٽس گائير جي ڪورٽ ۾ حبس بيجا جي درخواست داخل ڪئي وئي. چيف جسٽس گائير ڊفينس آف انڊيا جي شق 16 جي تحت گرفتارين کي غير قانوني قرار ڏنو، جنهن تحت هزارين ماڻهو آزاد ٿيا ۽ ان فيصلي کان پوءِ هزارين ڪارڪن ان ڪاري قانون جي تحت گرفتاري کان بچي ويا. عدل جو اهو مثال تمام انصاف ڪندڙن لاءِ هڪ وڏو سبق آهي.
ڪانگريس جي آزادي جي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي ۽ برطانوي سرڪار ٻي جنگ عظيم کي منهن ڏئي رهي هئي. جنگ ۽ هن تحريڪ فطري طور برطانوي سرڪار ۾ چڙچڙاهٽ پيدا ڪئي ۽ ان جو مثال سر ونسٽن چرچل جي پارليامينٽ کي 11 سيپٽمبر جي خطاب مان ملي سگهي ٿو.
پارليامينٽ کي خطاب ڪندي هن ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ جي ڪانگريسي ۽ وطن پرست اڳواڻن جي خلاف نفرت انگيز ٻولي ڳالهائي. الله بخش سومري کي اها اميد نه هئي ته سر ونسٽن چرچل جهڙو اڳواڻ پارليامينٽ جي آڏو اهڙا لفظ به ڳالهائي سگهي ٿو. هن محسوس ڪيو ته هن بيان کان پوءِ برطانيه مان برصغير جي بهترين حل جي ڪا به اميد نه ٿي رکي سگهجي ۽ هو جيڪي برطانيه ۽ ڪانگريس جي درميان عزت ڀرئي ٺاهه جون ڪوششون ڪري رهيو آهي اهي اونداهي ۾ هليون ويون آهن ۽ هن فيصلو ڪيو ته آزادي لاءِ پنهنجي حصي جي قرباني ڏئي، هن صرف ان جو اعلان نه ڪيو بلڪ وزارت اعظميٰ ۽ سر جي قرباني ڏئي پنهنجي وچن کي عملي طور پاڻي ڏنو. 15 ڏينهن کان پوءِ 26 سيمٽمبر تي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط لکي، چرچل جي ڪيل تقرير جو جواب ڏنو ۽ انگريز سرڪار کان مليل خطاب آرڊر آف برٽش امپائر Order of British Empire)) ۽ خانبهادر جا لقب واپس ڪيا. الله بخش سومري جي هن عمل کي دنيا جي مظلومن ۽ غلام قومن طرفان ساراهيو ويو ۽ دنيا جي پريس ان کي اخبارن ۾ جڳهه ڏني.
”مانُ وارا سائين هن خط ذريعي اوهان کي آگاه ڪريان ٿو ته منهنجو ضمير گوارا نه ٿو ڪري ته حڪومت برطانيه طرفان مليل ٻئي لقب ”خانبهادر“ ۽ ”او- بي - اي“ پاڻ وٽ رکان.
هندستان گهڻي وقت کان پنهنجي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. ٻي جنگ عظيم شروع ٿيڻ وقت اصولن ۽ نظريي جي تحت اها اميد ڪئي ٿي ويئي ته جنگ ۾ بچاءُ جنهن لاءِ اتحادين تمام وڏو تصادم سر تي کنيو آهي، ان صورت ۾ انڊيا کي آزاد ڪيو وڃي ته هو دنيا جي هن جدوجهد ۾ هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ حصو وٺي سگهي.“
”اهو منهنجو يقين آهي ته انهن کي اهو حق آهي ته هو آزادي ماڻين ۽ انهن لاءِ اهڙا حالات هجن جو هو امن ۽ آشتي سان رهن. برطانيه جي اعلان ۽ عمل مان واضح آهي ته هو پنهنجو سامراجي تسلط قائم رکندي. هندستان جي ڪنهن به سياسي پارٽي سان هندستان جي اقتدار اعلى جي حوالي سان اختلاف ختم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ نه ئي اختيار ڏيڻ چاهين ٿا ته هو پنهنجي مرضي مطابق خوش خورم ۽آزاد گذارين ۽ پنهنجي تقدير جو پاڻ فيصلو ڪن . برطانيه جو اهو به طرز عمل آهي ته هو مذهبي فرقيوارانه ۽ سياسي اختلافن کي وڌائي قومي قوتن کي چٿڻ چاهي ٿو ته جيئن سامراجي مقصد ۽ مرادون حاصل ڪري سگهي.
وزير اعظم برطانيه سر ونسٽن چرچل جي هائوس آف ڪامنس ۾ تازي ڪيل تقرير خير سگالي جو جذبي رکندڙ ماڻهن ۾ جن جي خواهش آهي ته انصاف جيڪو ڪيتري وقت کان واجب الادا آهي، اهو هندوستان جي عوام کي نه ٿو ڏنو وڃي، ان انهن ۾ سخت نااميدي پيدا ڪئي آهي.
بدقسمت اعلان، انصاف کي روڪي ڇڏيو ۽ اهو اعلان گواهي ڏيئي رهيو آهي ته برطانيه جي ڪابه خواهش ناهي ته هندستان تان پنهنجو تسلط ختم ڪري. اهو منهنجو خيال آهي ته حڪومت برطانيه طرفان مليل ٻئي لقب سامراجي نشاني آهن، انڪري انهن ٻنهي لقبن کي انهن حالتن ۾ مان پاڻ وٽ رکي نه ٿو سگهان.“
برصغير جي ڪنهن به پارٽيءَ ايڏو سخت رد عمل نه ڏيکاريو هو ان ڪري هنن کي ان ڳالهه جي توقع به نه هئي ته ڪو ڪنهن صوبي جو وزير اعظم ايڏو سخت رد عمل ڪندو. ان ڳالهه جي ڏونڪي جو آواز هندستان جي انگريز اختيارن ته ڇا پر برطانوي حڪمرانن تائين پهتو ۽ ان معاملي تي گهري انداز ۾ بحث ڪيو ويو. ابتدائي طور ته گورنر، الله بخش سومري کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر الله بخش جي ثابت قدم رهڻ تي گورنر، وائسراءِ هند ۽ برطانوي اختيارن جي خواهش مطابق، الله بخش سومري کي وزير اعظم تان معطل ڪيو.
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
21 سيپٽمبر 1942
منهنجو وزير اعظم دهلي جو دورو اڪثر بيشتر ڪندو رهي ٿو. هن وقت جڳهن جي هجڻ ڪري، هن گهڻو حصو سياسي منظر ۾ حاصل ڪيو آهي. هي انتهائي سخت رخ ۾ موٽيو آهي، جڏهن مقامي اخبارن سندس خط کي شه سرخين سان ڇاپيو آهي،”الله بخش“ ”چرچل“ کي جواب ڏنو، ۽ هن جي وائسراءِ کي لکيل ”اعليٰ خط“ "Classic letter" جو ذڪر ڪيو هو. هو پاڻ کي ”بين الاقوامي شخصيت“ سمجهي رهيو آهي ۽ اهو ڏکيو آهي ته ان کي اُن ڳالهه تان هٽائجي، اهو ارمان آهي ته هن جو متزلل نه ٿيڻ ڪيترن ئي بهترين خصوصيتن کي بي اثر ڪندو. هن کي ان ڳالهه ڳولڻ ۾ ڏکيائي لڳي رهي آهي ته هو ڪهڙي ڌر ڏي وڃي. مون توهان کي انهن حالتن کان واقف ڪيو هو ته ڪهڙين حالتن جي سبب هو پنهنجا خطاب واپس ڪرڻ جي طرف وڃي رهيو آهي. 19 تاريخ تي هن مون سان ملاقات ۾ تجويز ڏني ته هو پنهنجو خط پريس کي جاري ڪري ۽ اوهان ڏانهن موڪلي ۽ اهو ڪجهه ڏينهن ۾ اوهان کي پهچي ها. مون هن سان هلڪو سخت رويو اختيار ڪيو. مون هن کي چيو ته اهو مسئلو بهترين رويي جو آهي ۽ اهو منهنجو ڪم نه آهي ته توکي پڙهايان، مون ان کي چيو ته اها ڳالهه سوچ ته اهو ڪو دنيا کي هِلائيندڙ واقعو آهي جو عوام کي ان کان ڪجهه ڏينهن لاءِ واقف نه ڪيو وڃي ۽ پڻ هن کي چيو ته تنهنجي وزارت ۾ شامل وزيرن جن کي اهي خطاب پڻ آهن ان تي اثر انداز نه ٿيندو جن وزيرن کي هو پاڻ کان گهٽ ذهين سمجهي ٿو. ان هن کي متاثر ڪيو ۽ هي مون سان سهمت ٿيو. (مون ان متعلق اوهان کي تار ڪئي هئي)۽ هن ان جي اشاعت کي روڪيو. جيڪا اڄ ”ڊيلي گزيٽ“ اخبار ۾ شايع ٿي آهي، جيڪا اوهان پڻ ڏٺي هوندي، مان اهو چئي نه ٿو سگهان ته اها وزير اعظم جي پنهنجي عمل جي ڪري ٿي آهي پر اها گهڻو ڪري ان جي سيڪريٽري ڏني آهي، جيڪو صحافي رهيو آهي ۽ ڊيلي گزيٽ اخبار جو اڳوڻو ايڊيٽر آهي. هن جي ڪجهه وقت لاءِ وزير اعظم سان سٺي راهه رسم نه هئي۽ هينئر ان کي ڇڏي جوناگڙهه ۾ نوڪري ورتي اٿس.
وزير اعظم تان استعيفيٰ ڏيڻ کان سواءِ هن لاءِ ڪو به رستو ناهي. هن مون کي پهرين اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي ته ڪانگريسي اسيمبلي ميمبر ۽ قيدين کي آزاد ڪيو ويندو. ان دوران نيچلداس جيل جو دورو ڪيو ۽ انهن سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڏهن صفحن تي مشتمل تجويزون ڏنيون اٿس جنهن جي ذريعي انهيءَ جي ساٿين کي سک ملي.
توهان جو خير خواهه
هيو ڊو
خطاب واپس ڪرڻ ۽ وائسراءِ کي خط لکڻ کان پوءِ، گورنر هيو ڊو جو سنڌ جي سياسي حالتن ۽ الله بخش سومري کي سمجهائڻ جي گورنر جي پنهنجي ڪوشش جي حوالي سان وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط .
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
5 آڪٽوبر 1942
پيارا لنلٿگو
سنڌ ۾ پنڌرهن ڏينهن خاموشي سان گذريا آهن. عوام۾منهنجي وزير اعظم جي طرفان خطاب آرڊر آف برٽش امپائر ۽ خان بهادر جا لقب واپس ڪرڻ جو ذڪر آهي، گهڻي ڳاله ٻولهه ۾ مون ڪوشش ڪئي ته هن جي غير دانشمندانه فيصلي تي هن کي سمجهايان. مقامي طور به ان کي هن جي طرفان سياسي دٻاءَ طور ڏٺو وڃي ٿو. مون کي تعجب ٿيندو جڏهن اها ڳالهه ان جي سياسي اثر کي ضلعن ۾ گهٽ نه ڪندي جتي انهن خطابن کي شهنشاهه سان ذاتي تعلق جي تناظر ۾ انتهائي ڏٺو وڃي ٿو. ماڻهو ان حقيقت کي سمجهن ٿا ته الله بخش جا ساٿي وزير هن جي عمل کي نه دهرائيندا ۽ الله بخش جو پنهنجو ڀاءُ جنهن سان هن جا سياسي ۽ ذاتي قريبي تعلقات آهن ۽ سر عبدالله هارون جي وفات جي ڪري اتي ٿيندڙ اليڪشن ۾ مرڪزي ليجسليٽو اسيمبلي لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي ۽ هن کي گذريل سال خان بهادر جو لقب مليو آهي ۽ ان جي ڪا به خواهش ناهي ته لقب کي واپس ڪري. الله بخش هڪ هفتي کان صوبي کان ٻاهر آهي ۽ هن جي واپسي جي تاريخ جو ڪو به پتو ناهي، هن کي ڌچڪو آيو هوندو ته ڪانگريس کان سواءِ ڪنهن به ٻئي ان جي عمل تي داد نه ڏنو آهي. اهو واضح آهي ته نه هي نه ئي هن جا ساٿي جلدي نمودار ٿيندڙ سياسي نتيجن جي قيمت جيڪا انهن سڀني کي ملندي کي سمجهي سگهيا آهن.
توهان جو خير خواهه
هيوڊو
سياسي معاملن ۾ الله بخش سومري جيڪي ڪانگريس ۽ برطانوي سرڪار جي درميان ٺاهه جون حقيقي بنيادن تي ڪوششون ڪيون پئي اهي برطانيه جي هٺ ڌرمي جي ڪري ناڪام ويون. برطانيه کي هن مشڪل گهڙي ۾ برصغير جي سياسي اڳواڻن جي ضرورت هئي. وائسراءِ ان سلسلي ۾ مختلف سياستدانن سان ملاقاتون ڪري رهيو هو. هن جو خيال هو ته الله بخش وزارت عظميٰ تان معطل ٿيڻ جي خطري جي ڪري اسان جي مدد نه ڪندو، وائسراءِ جو برصغير جي سياسي تناظر جي حوالي سان خط:

شملا
6 آڪٽوبر 1942ع
نمبر 449 ايس - سي - تنهنجي 3 آڪٽوبر جي تار نبمر 17284، سوال جو مقصد هي آهي ته، اهو به وزن اسان تي وڌو ويو آهي ته سياسي اڳواڻن کي گذارش ڪيون ۽ انهن جي درميان ٺاهه ڪرايون جيڪو هو خود تلاش نه ڪري رهيا آهن، ڪانگريسي اڳواڻ جيل ۾ آهن يا تعاون نه ڪري رهيا آهن. يورپين کان سواءِ مسلم ليگي ۽ مها سڀا وارا رهيا آهن، مڪرجي سان مون ملاقات ڪئي ۽ اوهان کي معلوم آهي ته اسان جي درميان ڇا وهيو واپريو، ٻئي ڏينهن مون جناح کي چيو ته مون سان اچي ماني کاءَ، هن انڪار ڪيو (اخلاقي بنيادن تي) هن جي اڳ ۾ طئه ٿيل پروگرام جي ڪري، مان ان کي سٺو نه ٿو سمجهان ته ان کي وري ملاقات لاءِ چوان، مان ڪا به ڳالهه چوان ايستائين جو جڏهن ڪنهن سياسي مسئلي جو معاملو هجي، مون هن جي انڪار کي وائکو نه ڪيو، جيڪا هتي اشاعت پذير نه ٿي. فضل حق تجويز ڏني ته هو دهلي اچي رهيو آهي ۽ هن ملاقات جي لاءِ چيو پر هو بنگال ۾ نظر بند ڪيو ويو. اسان جا ٽي ڏينهن نيشنل ڊفينس ڪائونسل جي نمائندن سان گذريا آهن ۽ ان جي ڪيترن ميمبرن سان انفرادي طور ملاقات ٿي آهي، (بدنيصبي سان حق ۽ پارلاڪمڊي غير حاضر رهيا ۽ الله بخش سندس معطلي سر تي هئڻ جي ڪري اسان جي دليل جي حمايت نه ڪندو ) مون 8 آگسٽ کان ٻين اهم ماڻهن سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ يورپين (هن جي پڌرائي نه ڪئي وئي آهي) ضياءُ الدين، سر محمد يوسف ايند ڪمپني، اسيمبلي ۾ منهنجي ڪائونسل ۾ مددگار، جنهن کي اهو موقعو مليو آهي ته پاڻ کي انفرادي ماڻهن جي نمائندي طور پيش ڪري.“
وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جو الله بخش ۽ سنڌ جي سياسي حالات تي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري ڏانهن خط:
M.SS. EUR. F.12511
10 آڪٽوبر 1942ع
جيئن مان خط لکائي رهيو هوس ته ڊو فون جي ذريعي الله بخش ۽ هن جي ملاقات ۽ ان جي نتيجي جي مون کي خبر ڏني. مان معذرت خواهه آهيان ته هن تڪليف ده ۽ ڪڪ ڪندڙ معاملي متعلق لکي رهيو آهيان، مان وزارت جي ان فيصلي ته الله بخش کي معطل نه ڪيو وڃي ان جو قدر ڪيان ٿو.
اها حقيقت آهي ته اها معطلي آهي ۽ جيئن تون ڏسي رهيو آهين، آءُ ان ڪري تبديل شده اعلان جو مشورو ڏئي رهيو آهيان ته جيڪڏهن الله بخش سومرومستعفي نه ٿي رهيو آهي ته پوءِ پهرين مسودي ۾ تبديلي ڪئي وڃي ۽ ڊو ان کي حالات جي مطابق ڪري رهيو آهي. مان اهو سمجهي نه سگهيو آهيان ته الله بخش اهڙو ڪڪ ڪندڙ عمل ڇو ڪيو آهي. ڊو ان ۾ درست آهي ته هن جو سر ڦري ويو آهي ۽ هن کي مستقبل ۾ سٺو فائدو نظر اچي رهيو آهي. مان اهو وسوق سان چئي رهيو آهيان ۽ مان اها اميد ٿو ڪريان ته ڊو غلام حسين کي پاڻ ڏي ڪندو، مون اهو سمجهيو آهي ته هو اڄ بنا ڪنهن دير جي وزارت ٺاهيندو ۽ الله بخش جي تحريڪ ۽ ٻاهران تنقيد ڪندڙن، جيڪي شايد اهو مشورو ڏين ته هو ئي صوبي جو حقيقي نمائندو هو لاءِ بهترين جواب آهي. مون اهو محسوس ڪيو آهي ته ڪيترائي هندو وزير نيچلداس جي طرح ڪانگريس سان پنهنجي راهه رسم رکن ٿا، الله بخش هڪڙو ئي شخص آهي جنهن جا انهن سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، جيڪڏهن غلام حسين وزارت ٺاهي وڃي ٿو ته اهو ڪانگريس کي ٻيو جواب هوندو“
گهڻي بحث کان پوءِ برطانوي انتظاميه فيصلو ڪيو ته الله بخش سومري کي معطل ڪيو وڃي. گورنر سنڌ، سر هيو ڊو گورنمينٽ آف آنڊيا ايڪٽ 1935ع جي شق 51 (الف) جي تحت الله بخش کي معطل ڪيو ۽ هيٺيون بيان گورنر هائوس مان جاري ٿيو:
”هزايڪسيلنسي گورنر سنڌ، الله بخش سومري سان سندس خطاب واپس ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهايو ۽ خطاب واپس ڪرڻ جا سبب هن جي شايع شده خط ۾ موجود آهن.
ان ڳالهه جي تناظر ۾ هن وٽ ڪو به رستو نه آهي. سواءِ ان جي ته هو الله بخش سومري کي اطلاع ڏيئي ته هي گورنر جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي ۽ هو ان صورت ۾ پنهنجي عهدي کي جاري نه ٿو رکي سگهي، الله بخش کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي شق 51 (الف) تحت معطل ڪيو ويو آهي، جيڪو بيان ڪري ٿو، ”گورنر جا وزير منتخب ۽ هن جي طرفان سڏي سگهجن ٿا. هو هن جي رضا جي تحت ڪائونسل جي ميمبر طور قسم کڻي سگهن ٿا ۽ آفيس ۾ ويهي سگهن ٿا.“
الله بخش سومري هڪ بيان ذريعي چيو ته ”مون کي اسيمبلي جي اڪثر ميمبرن جي حمايت حاصل آهي ۽ گورنر جو هي عمل غير آئيني آهي. هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن کي ئي حق آهي ته مون کي تحريڪ عدم اعتماد جي ذريعي هٽائن.“
”برطانوي پارليامينٽرين محترم سرونسن هائوس آف ڪامنس ۾ 15 آڪٽوبر 1942ع تي الله بخش سومرو جي معطلي جي خلاف آواز اٿاريو. مسٽر ايمري جواب ڏيندي چيو ته ”مون الله بخش سومرو جي وائسراءِ کي لکيل خط جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه سان متفق آهيان ته هن حالت ۾ سندس وزير اعلى ٿي رهڻ نامناسب ٿيندو. هن کي معطل ڪرڻ جو آخري فيصلو گورنر، الله بخش سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڪيو. هيءَ ملاقات وزير اعلى جي سنڌ کان ٻاهر هجڻ جي ڪري 10 آڪٽوبر تي ممڪن ٿي سگهي. ”هڪ خاص سوال ته ڇا هن جي معطلي لقب واپس ڪرڻ جي ڪري ٿي آهي! مسٽر ايمري چيو ”نه“ اهو انتهائي نازڪ وقت ۾ هن جو نامناسب رويو کنيل قدمن جي سنئون سڌو خلاف هو ۽ پڻ اخباري بيان ذريعي ڪانگريس جي رويي جي حوالي سان مڪمل حملو هو.“
گورنر صرف اهو غير آئيني عمل نه ڪيو پر هڪ ٻيو غير جمهوري عمل به ڪيو، هن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمد ايوب کهڙي کي حڪومت بنائڻ لاءِ سڏڻ جي بجاءِ الله بخش سومري جي حڪومت جي وزير سر غلام حسين کي وزارت بنائڻ جو چيو. اهو هڪڙو صرف سنڌ جي گورنرن جو غير جمهوري عمل نه آهي پر 1937ع ۾ ٽن ميمبرن واري ساڳئي سر غلام حسين کي چيو هو ته حڪومت ٺاهه، فرق صرف هي هو ته پهريون عمل، سنڌ جي پهرين گورنر سر لانسلاٽ گراهام ڪيو هو ۽ ان جي نقش قدم تي هلندي ٻيو عمل سنڌ جي ٻئي گورنر سر هيو ڊو ڪيو هو. پهرين عمل جي ذريعي الله بخش سومرو سنڌ جو وزير اعظم نه ٿيو هو پر محمد ايوب کهڙو سر غلام حسين جي وزارت ۾ وزير ٿيو ۽ ٻئي عمل جي ڪري کهڙو وزير اعليٰ نه بنيو پر هن جو پراڻو ساٿاري سر غلام حسين وزير اعظم ٿيو.
”الله بخش سومري جو وائسراءِ کي خط لکڻ ۽ برطانوي اختيارن جي جوابي ڪاروائي ڪرڻ تائين جي حالتن کي مشهور ليکڪ جڳت ايس برائيٽ، جنهن 1944 ۾ الله بخش سومري تي ڪتابچو انڊيا جو پهريون نمبر قوم پرست Indian’s Nationalist No.1 لکيو هو ان کي هتي مان پيش ڪيان ٿو.
الله بخش 11 سيپٽمبر 1942 ع تي سخت احتجاج ڪيو. محترم چرچل جي تقرير جو هندستان ۾ چرچو هو، تمام ملڪ غصي ۾ ٻري رهيو هو. وزير اعظم اعلان ڪيو ته انڊين نيشنل ڪانگريس جا اڳواڻ جاپاني ففٿ ڪالم جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ ڪانگريس جي سازش جو خاتمو آندو ويو آهي، هن پنهنجي تلخي جو مزيد اظهار ڪيو. اهي ان جي ذهن ۾ ڪانگريس جي گذريل آگسٽ جي ”هندستان خالي ڪريو“ “Quit India Movement” جي پروگرام ۽ ”ڪريو يا مرو“ جي پاليسي اپنائڻ جي ڪري آهن. چرچل هڪ طئه شده تقرير ڪئي جيڪا داڻيدار ختم ٿيندڙ جملي سان ڀريل هئي ان جو هتي ڪجهه حصو ڏيان ٿو: ”انڊين نيشنل ڪانگريس تمام هندستان جي نمائندگي نه ٿي ڪري (تاڙيون) اها هندستان جي عوام جي اڪثريت جي نمائنده نه آهي (تاڙيون) ايتري تائين جو هندو عوام جي به نمائندگي نه ٿي ڪري (تاڙيون) اها هڪ سياسي جماعت آهي جيڪا پارٽي مشين جي بنياد تي ٺهيل آهي ۽ هن جو موجود هجڻ ڪجهه ڪاريگري ۽ معاشي مفاد تي آهي (تاڙيون ۽ کل). محترم چرچل وڌيڪ اظهار ڪيو. ”ڪيترائي جنگجو نسل ڪانگريس سان نه ڳنڍجندڙ خال جي ڪري ان جي حڪمراني ۾ رهڻ نه ٿا چاهين.“ اهو چيو ويو آهي ته برطانيه، آمريڪا ۽ آسٽريليا جون فوجون هندستان ۾ ڪنهن به ڪانگريسي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.“ پارليامينٽ ۾ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ وارن ۾ هڪ شن ويل هو. هن سوال ڪيو ته برطانوي فوج جپانين کي روڪڻ لاءِ يا عدم تعاون جي تحريڪ سان منهن ڏيڻ لاءِ هندستان ۾ موڪلي وڃي ٿي. اهو ٻئي مورچي کولڻ جو ته حصو نه آهي؟“ هن کي ان جو ڪو به جواب نه ڏنو ويو پر ان جو آواز ايٽلانٽڪ پار ٻڌڻ ۾ آيو، واشنگٽن هڪدم قدم کنيو. هندستان ۾ موجود امريڪي فوج لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو ويو. اهي پنهنجيون انڱريون عوامي تندور ۾ نه ساڙين.
چرچل جي تقرير کي هندستان ۾ تپش واري پذيرائي ملي، سڄي قوم غصي ۾ تپي وئي، جذبات اڀري آيا، جنگجو قومن جوابي بيان جاري ڪيا. سک قوم پرستي لاءِ اٿي کڙا ٿيا. ايستائين جو مسلم ليگين ڏک مان ڳالهايو، تقرير قوم جي ڇاتي تي لوهه داغي ڇڏيو. هر اڳواڻ ان تي ڀرپور آواز اٿاريو، اها هندستان جي وقار تي للڪار هئي ۽ هر عزت مند ماڻهو هن جي سوچ تي اظهار ڪيو. ڊاڪٽر امبيڊڪر جيڪو انتهائي وفادار هو ان به وزير اعظم کي سنڱن تي کنيو ايستائين جو برطانوي – هندستاني اخبارون جيڪي برطانوي اقتدار جو ٻانهن ٻيلي آهن. ان تي ناخوش هيون. شهري ۽ فوجي گزيٽ ڦوڪون ڏيڻ لڳيون، ٽائيمس آف انڊيا ميائو ميائو ڪرڻ لڳي ۽ دي اسٽيٽسمين گجگوڙ ڪرڻ لڳي.
الله بخش کي انتهائي ڏک ٿيو. ڏک ۽ ڪاوڙ، گهري ۽ انتهائي درجي جي، هن برطانيه جي پاليسي کي حقيقي رنگ ۾ ڏٺو. اها خنجر جي طرح ننگي هئي. محترم چرچل مريض جي منهن تي دروازي کي زور سان بند ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ وفادار، سر سپرو، برطانيه جي پياري دوست پنهنجو قلم ڪاوڙ مان کنيو، هندستان جو ضمير انتهائي صحيح جڳهه تي هو.عوام کاٻي ڌر هو. جيل ۾ قيد ڪانگريسي اڳواڻ غصي ۾ خاموش ٿي ويا. گانڌي جي طرفان ڪو به احتجاج نه ڪيو ويو، جواهر لال نهرو جو ڪو به روح ڀريو آواز نه آيو، پر ان جا روحاني آواز هوا ۾ هئا، محترم جناح، گانڌي سان گڏ قطار ۾ بيهڻ کي وساري ڇڏيو، هن کي چرچل جي خلاف ڪيترائي واضح سبب هئا پر اهي سبب هن جا پنهنجا هئا.
الله بخش ڪيترن ڏينهن کان اداس هو، هن هندستان جي مستقبل تي گهڻو سوچيو ۽ برطانيه جي ماضيءَ تي به نگاهه ڪئي موجوده وقت ترڻ هن جي اکين جي آڏو هوائي ٻيڙي هو. حڪومت جي وزن سان، هو هلڪي ٻيڙي جي طرح هو، هن جون گلن ڀريون اميدون ڪومائجي ويون، صوبائي خودمختياري جو چوغو ٿڳڙيون ٿي ويو، خنجر جي طرح هڏن جي طرح ڏيکارجي رهيو هو. وزير رولس رائس گاڏين ۾ گهمي رهيا هئا ۽ عوام گندي ڪچري ۾ پيا هئا.
26 سيپٽمبر 1942ع تاريخ ۾ اهم سنگ ميل هو، جنهن ڏينهن خانبهادر الله بخش سومري. ”آرڊر آف برٽش امپائر “ ۽ خان بهادر، وائسراءِ لارڊ لنلٿگوکي” اعليٰ خط“ “Classic Letter” لکيو.
ان خط لکڻ کان پوءِ الله بخش نه خانبهادر ۽ نه ئي ان جو ”آرڊر آف برٽش امپائر“ جو خطاب رهيو، هن اهي ٻئي لقب قربان ڪيا قوم پرستي جي مٿاهين قربان گاهه تي ۽ هن درست ڪيو. جمهوريت جي مهاديويءَ جو هلڪو رويو هو لقب وارن اهم شخصيتن سان اها ساڌه جوهن ۽ غلام پسند ڪري ٿي، ننڍا ۽ وڏا نواب هن جي لذت نه آهن، اهو بهتر آهي ته هي ۽ هو ٿيڻ بجاءِ ان جي عقل چرخ خاندان جو ميمبر ٿجي، حقيقي عزت حاصل ڪئي ويندي آهي، اها عنايت نه ٿيندي آهي. اها انصاف ۽ سچ جي جدوجهد ذريعي ايندي آهي نه ڪنهن تاج واري شخصيت جا گوڏا چمڻ سان.
الله بخش سومري جو تاريخي خط ڪيترا اهم نقطا پيش ڪري ٿو. اهو هڪ سونو دستاويز آهي ۽ جيتو جاڳتو ثبوت آهي برطانيه جي خراب مدبر پائي جو. ابتدائي طور تي برطانيه دنيا جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. جرمني جي پڃري مان ڳيري کي آزاد ڪرڻ لاءِ جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ سندس پڃري ۾ جيڪو ڪبوتر آهي ان کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، گهڻائي دليل گهڙيا ويا آهن. ايتري تائين جو آمريڪا، انگريز گوشت جي حقيقت ۽ انگن اکرن جو سواد چکڻ لاءِ تيار نه آهي، برطانيه جو هندستان ڏانهن رويو هن جي خير خواهي جي ڪسوٽي تي آهي ۽ دنيا ان کي هندستان ڏانهن برطانوي پارليامينٽ جي رويي سبب پرکي ڇڏيو.
ٻيو، الله بخش جو اهو يقين هو ته هندستان کي هر حق آهي ته هو آزاد ٿئي، برطانيه ان کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي. ايتري تائين جو سختگيرن به ان کي قبوليو آهي. محترم چرچل حالانڪ ان کي تسليم نه ڪيو آهي پر هن پنهنجي پورهئي جي ذريعي ثابت ڪيو آهي، قبضو اوڻيهون قانون آهي. ڇاڪاڻ ته برطانيه ان کي بنايو آهي ان ڪري برطانيه جي طرف آهي. هندستان کي حق آهي پر ان کي طاقت نه آهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته قلم ڪنهن قيمت ۾ تلوار کان مٿي نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه مستقبل ۾ ايئن ٿيڻو آهي.
ٽيون، الله بخش چاهيو پئي ته هندستان امن ۽ ايڪتا ۾ رهي، اها دوا اسان لاءِ انتهائي ضروري آهي. برطانيه انهي ايڪتا تي ڌاڙو هنيو آهي. هندستاني فلسفي جي تاج ۾ چمڪندڙ هيرو جيڪو برطانيه جي هن سر زمين تان اچڻ کان پوءِ، اسان ڪا اندورني شي وڃائي چڪا آهيون جيڪا ماڻهو کي کل مک رکي. اسان کاڌو نه ٿا چاهيون نه آزادي ۽ نه اختيار. برطانيه سٺو ٿيندي اسان کي امن واپس ڏئي.
چوٿون، الله بخش جو خيال هو ته برطانوي سرڪار هندستان جي مختلف جماعتن جي درميان اختلاف نبيرڻ ۾ تعاون نه ٿي ڪري، برطانيه چرڻي جي ڏاڪي جو ڦيٿو هندستاني ٻڌي ۾ وجهي رهي آهي، آزاد هندستان جپاني جارحيت جي خلاف ڪوٽ هوندو، ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسي اڃان تائين جاري آهي، حالانڪ گڏيل اقتدار، برطانيه لاءِ عملي طور سـٺو ڪجهه آڻيندو. سياسي بيان بازي لاءِ مذهب کي ڍال طور استعمال ڪيو پيو وڃي اهو هڪ نقاب آهي.
پنجون، برطانوي سرڪار جو ڪو به خيال نه آهي ته هو” اقتدار کان جدا ٿئي.“ وعده ڪيا ويا آهن، اهي صرف خالي وعده آهن، گلن وارا آئين معطل ڪيا ويا آهن، پر ان جي پسمنظر ۾ بدخواهي جو ڪنڊو هميشه رهندو. لفظ ڳالهايا وڃن ٿا پر اهي عمل جو ڪو رستو نه لهن ٿا. ڌرتي ڌڻين کان اقتدار پري ڪري نه ٿو سگهجي، ڪير به هجي ان کي ملڪ جي تقدير خاڪ ۾ملائڻ نه ڏبي؟ جيڪو هنن جو پيدائشي حق آهي.
ڇهون، الله بخش سومري چيو” برطانيه جي پاليسي آهي ته پنهنجو سامراجي قبضو جاري ۽ انهن کي ماتحت رکان ۽ فرقيوارانه اختلاف کي دونهي جي بادل طور استعمال ڪيان. قومي ڪارڪنن کي ڪچليو وڃي ۽ سامراجي مقصد تي عمل ڪيو وڃي. قومي ٻڌي تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. سياسي اصلاحات راند آهن، نوجوان گلن جهڙي هندستان جا اڏامڻ لاءِ مٿي چڙهڻ جي ذهن کي هيٺ زمين تائين ڪيرايو وڃي ٿو ختم ٿيل راڪيٽ جي طرح، اختلا ف جي خلا ڪڏهن به پر نه ٿيندي، سياسي افق تي ڪا به گلابي نشاني نه آهي.
ستون، محترم چرچل جي تازي تقرير، تمام وڏي مايوسي ڦهلائي آهي ”بهتر سوچ رکندڙ ماڻهن کي ڌچڪو ڏنو آهي. نماڻي هندستان تي آسمان مان ڄڻ وڄ جو ڪڙڪو ٿيو آهي. جمهوريت جي ڪفن ۾ آخري ڪلي هنئي وئي آهي،“ سر اسٽافرڊ ڪرپس نئون آئين جاپاني حملي کي خريد ڪرڻ لاءِ لٽڪائي رهيو هو. الله بخش انهن تمام مراعات کي برطانوي سامراجيت ڏسي رهيو هو، الله بخش تا هم محوري قوتن جي حمايت نه ڪئي، هن کلي انداز ۾ اخبارن کي ٻڌايو ”مان ٻن ڳالهين ۾ يقين رکان ٿو، برطانوي سامراج کي شڪست ڏجي ۽ ساڳئي وقت نازي ازم ۽ بربريت جو مقابلو ڪجي، اهو منهنجو پيدائشي حق آهي“ مزيد هن چيو ”مان بديسي غلامي جو طوق لاهڻ چاهيان ٿو ۽ ساڳي وقت بديسي حملي جو مقابلو ڪندس“ هن کان سوال پڇيو ويو ته ٺاهه ڪرائڻ لاءِ هي مزيد قدم کڻندو، هن سادو جواب ڏنو، ڏسو ۽ انتظار ڪريو، هڪ صحافي چيو،هن کان پوءِ توکي وزير اعظم چيو وڃي، وزير اعظّم کلندي جواب ڏنو. مان نه ٿو ڄاڻان ته منهنجھي وزارت عظميٰ ڪيستائين هلندي.
الله بخش جي وزارت عظميٰ گهڻو وقت نه هلي ۽ هن جي کل وليانه هئي. هو پنهنجي دشمنن کي چڱي طرح سڃاڻيندو هو، اوندهه جي طاقتن رفتار ورتي هن طوفان کي ڏسي ورتو هو. ان جون نشانيون اڳ ئي آسمان تي هيون، هي سياسي قوت جي انتهائي منزل تي پهچي چڪو هو. انتهائي قومي وقار جي آڪاش جي انتها تي پهچي چڪو هو. موجوده آئين ڪا به نئين ڳالهه پيش نه ڪري رهيو هو. اڀرندڙ قدم ختم ٿي چڪو هو.
نازڪ وقت سر تي ۽ ماجرا تريءَ تي هئي، محترم الله بخش قوم پرستي جي مڪمل قيمت ادا ڪري رهيو هو. اها نقد پئسو هئي رت ۽ لوهه جو. هن تمام طاقتور ڪم سر تي کنيو هو. اهو ڪم طاقتور شهنشاهت سان مقابلو هو ”الله بخش ان جي قيمت ڏيڻ کي ڪٿيو هوندو، هن کي اها بهادري سان ادا ڪرڻي هئي، هي سڀ ڪجهه بهتر طور ڄاڻيندو هو ۽ خرابي ڪا دور ڪا نه هئي جيئن ئي طوفان لڳو، دوزخ تيزيءَ سان ۽ انتهائي تڪڙو هن جي سر تي ڪريو.
10 آڪٽوبر 1942ع تي هيٺيون سرڪار اعلان گورنر هائوس ڪراچي مان جاري ٿيو:
هز ايڪسيلنسي گورنر سنڌ، الله بخش سومري سان سندس خطاب واپس ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهايو ۽ خطاب واپس ڪرڻ جا سبب هن جي شايع شده خط ۾ موجود آهن.
ان ڳالهه جي تناظر ۾ هن وٽ ڪو به رستو نه آهي. سواءِ ان جي ته هو الله بخش سومري کي اطلاع ڏيئي ته هي گورنر جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي ۽ هو ان صورت ۾ پنهنجي عهدي کي جاري نه ٿو رکي سگهي، الله بخش کي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي شق 51 (الف) تحت معطل ڪيو ويو آهي، جيڪو بيان ڪري ٿو، ”گورنر جا وزير منتخب ۽ هن جي طرفان سڏي سگهجن ٿا. هو هن جي رضا جي تحت ڪائونسل جي ميمبر طور قسم کڻي سگهن ٿا ۽ آفيس ۾ ويهي سگهن ٿا.“
محترم الله بخش سومري صحافين کي ٻڌايو ”منهنجي معطلي جو آئيني مسئلي سان ڪو به واسطو نه آهي.“ هن مزيد چيو” انهي ڳالهه کي تسليم نه ٿو ڪري سگهجي ته آئين جي تحت وزير اعظم ايستائين وزير اعظم رهندو جستائين ان تي گورنر جو اعتماد هوندو ۽ نه ان تي ته وزير اعظم تي پارليامينٽ جو اعتماد هوندو“. هن کان پڇيو ويو ته هن جا ڪي اڳتي لاءِ منصوبه آهن، سابق وزير اعظم چيو ”انتظار ڪريو ۽ ڏسو“.
الله بخش سومري جي معطلي کي هندستان جي اخبارن شهه سرخين سان ڇاپيو. گورنر جي ان عمل جي سخت نندا ڪئي وئي. سنڌ جو وزير اعظم پهريون نه هو جنهن خطاب واپس ڪيا هئا، ٻين اهڙو مثال ڪئي سال اڳ ۾ قائم ڪيو هو ۽ ڪنهن کي به سزا نه ڏني وئي هئي، سر ايس سبرامانيا آئير، مدراس جي هاءِ ڪورٽ جي وڏي جج برطانيه جي طرفان پهرين جنگ عظيم کان پوءِ هندستان کي گهرو حڪومت نه ڏيڻ تي احتجاج ڪندي ڪي - سي - آءِ - اي جو لقب واپس ڪيو. 1919ع ۾ جليانواله باغ پنجاب ۾ قتل وغارت تي احتجاج ڪندي امر شاعر رابندرناٿ ٽئگور پنهنجو نائٽ هڊ جو لقب قربان ڪيو ۽ هن هڪ اعليٰ خط لکي چلمسفورڊ ان وقت جي وائسراءِ کي واپس ڪيو ۽ گانڌيءَ قيصر هند جو لقب وائسراءِ کي واپس ڪيو ۽ گانڌئ جي ان قدم تي ڪيترن ئي قوم پرستن عمل ڪيو. ته پوءِ ڇو اڪيلو الله بخش، قوم پرستي جي ڪري ڏمر هيٺ آيو. هن تي پارليامينٽ جو مڪمل اعتماد هو، هو عوام جي آڏو جوابده هو، گونر ان کي معطلي جي ريشمي روڊ تي نه وٺي ويو هو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو طاقتور ٿي اڀريو، طاقت جي استعمال کي هن ملڪ ۾ رُڪ جي طرح استعمال ڪيو ويو جتي جمهوريت اڃان پلجڻ جي صورت ۾ آهي. اهو سٺو آهي ته ديو جهڙي طاقت هجي، پر جيئن ”شيڪسپيئر جو نقطه نظر آهي ته اهو ظّلم ٿيندو ته ان کي ديو جي طرح استعمال ڪجي.“
راجا مهيشور ديال سيٺ، جنرل سيڪريٽري آل - انڊيا مها سڀا هيٺيون بيان جاري ڪيو:
”جنهن جمهوريت لاءَ متحده قوتون وڙهي رهيو آهن ان جهموريت جي ڪفن ۾ ٻي ڪلي لڳائي وئي آهي. اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته لقبن جي واپسي جو پارليامينٽ ۾ اڪثريت جي حمايت سان واسطو آهي“.
فري پريس جنرل پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ راءِ ڏني :
”الله بخش سومري سابق وزير اعظم سنڌ هڪ لقب هٿ ڪيو.
هي هئو ”خانبهادر“
ان جي معنيٰ ڇا آهي يقينن ڪو به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي،
ڪيترائي خان آهن، بهادر کان سواءِ ۽ ڪيترا بهادر آهن خان کان سواءِ،
پر خان بهادر برطانيه جا ٺهيل آهن،
محترم الله بخش خان بهادر هو.
هن پنهنجا لقب واپس ڪيا ۽ واپس ڪرڻ هن کان عهدو کسي ڇڏيو.
محترم الله بخش کي ٿورڙو ئي سبب آهي ته هو شڪايت ڪري، يقيني طور اُهو گورنر سنڌ جو اختيار هو ته الله بخش جي خيالن جي متعلق مشورو ڪري. اهو تمام ساڌو آهي ته فرضي جمهوريت سنڌ ۾ ڪفن دوزن جي نگهاباني ۾ ڏني وڃي. اهو انتظار نه ڪندو پر ان جو عاليشان دفن ڪندو.“
ڪانگريس جي 1942ع جي تحريڪ کان ئي سرڪار هندستان جي واڳن کي ڇڪيو آهي، تمام اميدون زمين تي ڪچليون ويون ايتري قدر جو اعتدال پسند به پنهنجا ڏند ڀيڻڻ لڳا. اهو نظر اچي رهيو آهي ته تالابندي ڪڏهن به نه کلندي، چرچل جي ٽولي مان تمام مختصر اميد رکي سگهجي ٿي. برطانوي وزير اعظم وڏو ڪاريگر آهي ۽ اهو ڪجهه هن جو نائب ايمري آهي. انهن جا ڏند جرمني کي کائڻ لاءِ آهن ۽ انهن کي ڪا به هٻڪ نه ٿيندي ته رستي ۾ ايندڙ هندستان کي پنهنجن تيز چنبن ۽ تيز ڏندن سان چڪ هڻي، الله بخش سندس معطلي وقت هيٺيون بيان جاري ڪيو، ”محترم ايمري جي ڪلهوڪي هائوس آف ڪامنس جي تقرير هندستاني عوام ۽ اڳواڻن جي چرچل ۽ ايمري ۽ ڪمپني جي متعلق جڙيل راءِ مطابق هئي. ايمري مقصد تي ڳالهايو، جيڪي هن چيو: برطانيه دنيا جي آڏو حلفيه انجام ڪيو آهي. هن ڪڏهن ۽ ڪنهن به وقت ڪا به شئي درست نموني سرانجام ڪئي؟
اڻ چٽائي برطانيه جي رويي جو پيش ٿيل گناهه آهي، هر ماڻهو جي خواهش آهي ته جوهن بُل ٿورو مفڪر هو، منطق جو انگريزي ڪردار ۾ ڪو به عمل دخل نه آهي. اها صاف هلت آهي جيڪا کاڌ چرچل ڏئي رهيو آهي، هن وٽ ڪجهه به نه آهي سواءِ پگهر ۽ خون جي، انگلينڊ لاءِ جنگ جي دوران ۽ جنگ کان بعد ڪا به اميد نه آهي ته برطانيه جي تاج ۾ جيڪو روشن هيرو آهي اهي واپس ڪندا. انهن اهو ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي ته شنهشاهت جي قرض جي صفائي جي صدارت نه ڪئي وڃي پر دنيا جي پنجين حصي جي عوام جي آزادي جي قرض جي صفائي شهنشاه تي آهي؟ جيڪڏهن ايئن آهي ته اها انهن جي مهرباني آهي. مناسب آهي هڪ عظيم موتبر ماڻهو لاءِ، هر انگريز ان کي آڌرڀاءُ ڪندو، آزاد هندستان برطانيه لاءِ هڪ طاقتور ڪلهو آهي ليڪن برطانيه ۾ اهو حال ئي نه آهي ته حقيقتن کي منهن ڏئي. هو آزادي جي تلوارن سان پنهنجي غلام تي اعتبار نه ٿو ڪري. آمريڪا جي تاريخ مهمل تي رکي آهي. آمريڪا پنهنجي فتح خوني جنگ ذريعي حاصل ڪئي، برطانيه کان پاڻ کي اڇو نه ڪيائين. پاڻ پرواهه نه ڪندي؟ اهي اڃان تائين قريبي دوست آهن، هندستان جيڪڏهن ڪنهن رت ڦڙي وهائڻ کان سواءِ آزاد ٿيندو ته اهو ڪيئن نه احسان مند رهندو؟ غلام هندستان هڪ پکي هٿ ۾ آهي، اقتدار جي بکين سياستدانن لاءِ، ڏهن پکين کي هڪ ٻوڙي ۾ ڪا به اهميت نه آهي.“
هي جڳت ايس برائٽ جا الله بخش ۽ ان جي ڪردار بابت خيال هئا.
سنڌ ۾ ڇا ٿي رهيو هو ان تمام سياسي صورتحال تي گورنر سنڌ سر هيو ڊو جي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي رپورٽ.
گورنمينٽ هائوس ڪراچي
22 آڪٽوبر 1942
پيارا لنلٿگو
گهڻو ڪري ان دوران صوبي جو سياسي وايو منڊل الله بخش سومري جي معطلي ۽ ان کان پوءِ جي سياسي نتيجن متعلق رهيو. اهو توهان جي لاءِ ناگوار ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ڪو به فائدو نه آهي ته صوبي ۾ ٿيندڙ ننڍڙين سازشن جو مڪمل چٺو پيش ڪيان ته نئين وزارت ٺاهڻ مهل ڪيئن نه وفاداريون تبديل ٿين پيون. صورتحال لمحي به لمحي تبديل ٿي رهي آهي ۽ ذاتي مفادن کي اصولن تي فوقيت آهي، پر مان ڪوشش ڪندس ته موجوده حالات جي مختصر وضاحت ڪيان ۽ ايندڙ مستقبل جي صورت کي واضح ڪيان.
پريس ۾ منهنجي قدم کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو پئي اهو هاڻي روز بروز گهٽجي رهيو آهي، اهو واضح ٿي ويو آهي ته الله بخش کي اڪثريت ان ڪري هئي جو هو وزير اعظم هو. سر غلام حسين کي ڪا به دقت نه ٿيندي ته هو وزارت ٺاهي ۽ الله بخش کان وڌيڪ ميمبر گڏ ڪري. الله بخش به اهو دليل ڏيڻ گهٽ ڪري ڇڏيو آهي ته منهنجو عمل غير آئيني هو. هن بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي وزارت تان نه لهڻ جي ڪري گورنر کي ڪو به رستو نه بچيو هو سواءِ ان جي ته هو مون کي معطل ڪري حالانڪ آخري ڳالهه هي اميد ڪري پيو ته ان جي لفظ مطابق هجي ۽ هن جي معطلي کي تمام جماعتن حيرانگي سان ڏٺو.

توهان جو خيرخواهه
سر هيو ڊو

آزاديءَ لاءِ ارپڻ

الله بخش سومري سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ گهٽ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، هن محسوس ڪيو ته انگريز سامراج کي اسيمبلين جي ذريعي برصغير مان ڪڍيو نه ويندو بلڪ تمام سياسي جماعتن جي جدوجهد ۽ اتحاد ئي حقيقي ذريعو آهي سامراج کي پنهنجي ڌرتي تان ٻاهر ڪڍڻ جو ۽ هن برصغير جي آزادي جي سياست سان پاڻ کي واڳي ڇڏيو.
مهاتما گانڌي گرفتاري کان پوءِ مطالبا مڃڻ لاءِ مرڻ ورت رکيو هو، ان جي صحت تمام خراب ٿي وئي هئي، الله بخش ۽ ان جي ساٿين برطانوي سرڪار کي خط لکي مهاتما گانڌي جي ورت ۽ انجي صحت تي تشويش جو اظهار ڪندي، ان معاملي کي حل ڪرڻ ۽ برصغير مان سامراجي لالچون ختم ڪري نڪرڻ جو مشورو ڏيندا رهيا ۽ هيٺ ان بابت ڪجهه رپورٽون ڏجن ٿيون.
محترم راج گوپال آچاريه جو سر جي ليٿويٽ کي خط

MSS. EUR. F. 125/125
28 فيروز شاه ورڊ، نئي دهلي
19 فيبروري 1943ع

پيارا سائين گلبرٽ

اڳواڻن جي ڪانفرنس مهاتما گانڌي جي ورت جي ڪري حالتن جي سبب جيڪا گهرائي وئي هئي انهي اڄ منجهند جو ملاقات ڪئي. ان ڪاميٽي ٺاهي آهي ته هن ڪانفرنس جي طرفان قرارداد ٺاهي وڃي. ڪاميٽي هيٺين شخصيتن تي مشتمل آهي:
عزت ماب سر تيج بهادر سپرو، ڊاڪٽر ايم - آر - جيڪر، ڊاڪٽر شيام پرساد مڪرجي، سر راج گوپال آچاريه، محترم الله بخش، محترم جي - ايل- مهتا، محترم ڪي - ايم - منشي، سر جگديش پرساد، محترم اين ايم جوشي، محترم ڀولا ڀائي ڊيسائي، سر مهاراج سنگهه، ماسٽر تارا سنگهه، سر آرد شير دلال، پنڊت ايڇ - اين ڪنزرو، سر - اي - ايڇ غزنوي، محترم ڪستور ڀائي لال ڀائي، محترم ڪي - سي - نيوگي، راجا مهيشور ديال، ڊاڪٽر بينرجي، محترم ايڇ - اي لالجي، محترم اين - سي- چيٽرجي، محترم رانديو، ڊاڪٽر مونجي، محترم ڪرن شنڪر راد، خواجه حسن نظامي، محمد ظهير الدين، محترمه سرلا چوڌراڻي، ڊاڪٽر شوڪت انصاري، محترم ايم- اي - ڪاظمي، محترم ظفر حسين، محترما ڪي سياني، محترم عبدالحليم صديقي ۽ محترما هناسين.
”هي متفته طور قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جيڪا صبحاڻي ميٽنگ ۾ پيش ڪئي ويندي. مهاتما گانڌي جي انتهائي طبيعت خراب هجڻ جون خبرون ٻڌڻ کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان قرارداد جو متن هز ايڪسيلنسي کي اڳ ۾ موڪلجي ته هو ڪو جلدي قدم کڻي. مان ان مطابق اوهان کي گذارش ٿو ڪيان ته مهرباني ڪري هز ايڪسيلنسي کي پيش ڪندا.

توهان جو خير خواهه
راج گوپال آچاريه

(قرارداد جو متن )
هي برصغير جي مختلف گروهن، عقيدن ۽ ان ۾ دلچسپي رکندڙ نمائندن جو اجلاس هندستان جي مستقبل جي پيش نظر ۽ هنن جي بين الاقوامي سٺائي لاءِ گذارش ڪري ٿو ته مهاتما گانڌي کي بنا ڪنهن شرط جي هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ڪانفرنس جو خيال آهي ته جيڪڏهن سرڪار ڪو هڪدم قدم نه کنيو ته خراب حالات پيدا ٿيندا ۽ ان ماجرا کان بچڻ لاءِ هڪدم قدم کڻندي مهاتما گانڌي کي آزاد ڪري.
تيج بهادر سپرو طرفان سر ليٿويٽ کي مهاتما گانڌي جي ورت تي هڪ ٻيو خط:

MSS.EUR.F.125/125
پيارا سر گلبرٽ
اڄ جيڪا قرارداد ڪانفرنس متفق طور منظور ڪئي آهي مان توکي قرارداد جي متن جي ڪاپي موڪلي رهيو آهيان، مان توکي انهن ماڻهن جا نالا به موڪليان ٿو جن قرارداد پيش ڪئي ۽ منظور ڪرائي ۽ مان انهن معزز شخصيتن جا نالا به موڪلي رهيو آهيان جن انهي قرارداد منظور ڪرڻ ۾ حصو ورتو آهي يا ان سان لاڳاپيل آهن. مان توهان جو شڪر گذار رهندس ته توهان هي خط ان سان گڏ متن هز ايڪسيلنسي وائسراءِ کي پيش ڪندا.
Enclosure No. 2-506
انهن ماڻهن جي فهرست جن قرارداد پيش ڪئي ۽ ان جي حمايت ڪئي.
ڊاڪٽر ايم - آر - جيڪر، ڊاڪٽر ايس- پي مڪرجي، راجا سر مهاراج سنگهه، سر سليمان قاسم حاجي مٺا، شريمتي سرلا ديوي چوڌراڻي، الله بخش، سر وجايا آف وزيا نگرام، سر اي- ايڇ غزنوي، مولانا احمد سعيد صاحب، اين - ايم جوشي، عبدالقيوم، جي - ايل مهتا، ظهير الدين، همايون ڪبير، پندت ايڇ - اين- ڪنزرو، ڪي - ايم منشي - سردار سنت سنگهه ۽ بي - ٽي رانديو.
سر تيج بهادر سپرو ۽ ٻين جي طرفان وزير اعظم برطانيه سر ونسٽن چرچل کي مهاتما گانڌي کي جيل مان آزاد ڪرڻ لاءِ تار.
21 فيبروري 1943ع
صبح 25 : 8

هندستان جي مختلف علائقن جي ٽي سو ماڻهن جيڪي نمائندگي ڪن ٿا، مختلف گروهن، عقيدن، صنعتن ۽ واپار، صنعتي ڪارڪنن، ڪميونسٽ، هندو، مسلمان، عيسائي، سک، فارسي، ۽ برطانيه جا مشنري، انهن ڪلهه دهلي ۾ ميٽنگ ڪئي آهي، انهن هڪ متفقه قرارداد منظور ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته مهاتما گانڌي جنهن جي ورت جي ڪري نازڪ حالت آهي ان کي بنا ڪنهن شرط جي هڪدم آزاد ڪيو وڃي. اسان کي اهو خوف آهي ته جيڪڏهن هن کي تڪڙو آزاد نه ڪيو ويو ته هو وفات ڪري ويندو، عوام جي راءِ آهي ته مهاتما گانڌي، آزاد ٿيڻ کان پوءِ حالتن جو جائزو وٺي عوام کي حالتن مطابق مشورو ڏئي سگهڻ لاءِ ورت رکيو آهي نه ڪ ملڪي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ، اسان ان جي ان ڳالهه سان متفق آهيون، جيڪا هن 23 سيپٽمبر جي خط ۾ڪئي آهي ۽ جيڪو خط حڪومت خود شايع ڪيو آهي، ان ۾ هو پنهنجي ۽ ڪانگريس طرفان تشدد جي تمام عمل کي رد ڪري ٿو. چيئرمين تيج بهادر سپرو ڪالهه هڪ قرارداد وائسراءِ هند کي موڪلي، ان کان پوءِ وائسراءِ جي طرفان جواب موڪليو ويو ته اهڙا حالات ئي نه پيدا ٿيا آهن جو اڳئين فيصلي ۾ تبديلي ڪئي وڃي ۽ هن ان سان 10 فيبروري جي سرڪاري اعلان جي ڪاپي به موڪلي. اسان ان تي گهري رنج جو اظهار ڪريون ٿا ته وائسراءِ ڪيترن ئي نمائندن ۽ ذميوار ماڻهن جي مشوري کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو. اسان جو اهو يقين آهي ته مهاتما ڱانڌي جي حياتي بچڻ سان امن ۽ آشتي جو دروازو کلندو ۽ هن جي مرڻ سان عوام ۾ تلخي وڌندي. جيڪي مهاتما گانڌي تي الزام لڳايا ويا آهن، انهن جي تفتيش اڻ ڌرئي ٽربيونل ۽ آزاد ماڻهن کان نه ڪرائي وئي آهي. اهو اسان جو يقين آهي ته جيڪي مشڪلات آهي، گذشته گرمين ۾ گانڌي ۽ وائسراءِ جي جيڪڏهن ملاقات ٿئي هان ته ان مان ڪنهن رستي نڪرڻ جي ڪري اها گهٽجي هان، هن ملڪ جي لکين ماڻهن جو خيال آهي ته مهاتما جي زندگي بچائڻ سرڪار جي ذميواري آهي، ان ڪري اسان مطالبو ٿا ڪريون ته مهاتما گانڌي کي جلد آزاد ڪيو وڃي. موجوده آئين جي تحت هندستان ۾ امن ۽ آشتي جي ذميواري برطانوي پارليامينٽ جي آهي، اسان جي هيءَ گذارش آهي ته هي تار وزير اعظم کي ذهن نشين ڪئي ويندي ته جيئن هو ان مسئلي تي انصاف ڪري سگهي. اسان جو اهو ايمان آهي ته دانشمندانه اعتدال پسند موتبر پائي هند ۽ برطانيه جي درميان تيز ۽ اثرائتي حل طرف ويندي، بجاءَ سخت ظلم جي.
تار تي صحيون ڪندڙن جا نالا:
سرتيج بهادر سپرو، سي - راج گوپال آچاريه، الله بخش، اين - سي- چيٽر جي، سر اي - ايڇ غزنوي، محترمه سرلا ديوي چوڌراڻي، ڊاڪٽر اشرف، ڊاڪٽر ايس انصاري، بي - ٽي رانديو، ڊاڪٽر ايس - پي موڪرجي، ڊاڪٽر جي - ايس - مونجي، رضا، مهيشور ديال سيٺ، ڀولاڀائي ڊيسائي، ڊاڪٽر پي اين بينرجي، پنڊت ايڇ - اين ڪنزرو، محترما هناسين، پي سبرايان، جي- آر - ڊي ٽاٽا، اين - ايم - جوشي، سر آرد شير، آر - دلال، ڊاڪٽر سچچينندا سنها، جي - ايل مهتا، ڪرن شنڪر گل، همايون ڪبير، ڊاڪٽر ايم- آر - جيڪر، ڪي - ايم - منشي ۽ سر جگديش پرساد.
وائسراءِ لنلٿگو جو بمبئي جي گورنر سر ليوملي کي خطه، هن بمبئي ۾ اعتدال پسند اڳواڻن جي ٿيندڙ اجلاس تي تبصرو ڪيو آهي جنهن مان هن جي وڏائي ۽ حالتن جو حل امن سان نه پر هن کي اهو بندوق جي نوڪ ۾ نظر اچي رهيو آهي.
وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جو بمبئي جي گورنر سر ليوملي ڏانهن خط:

MSS.EUR. F.125/57
دي وائسراءِ هائوس، نئي دهلي
11 مارچ 1943ع

منهنجا پيارا ليوملي

12- ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان بمبئي ۾ نام نهاد اعتدال پسند اڳواڻن جي گانڌي جي آزادي متعلق ٿيندڙ اجلاس ۽ انهن جي ورڪنگ ڪاميٽي ۽ ٻين تي نظر رکون. اهو وقت جو ضياع ٿيندو ته انهن جي ڪنهن ڳالهه تي ڪو تبصرو ڪجي يا انهن جي فرضي سوالن جو جواب ڏجي. پر اهو مضبوط خيال آهي. ته هو ڪنهن طرف هلن ٿا ۽ هو ڇا چوڻ چاهين ٿا، ان جو جواب اهو آهي ته جيڪڏهن گانڌي، جيڪو مان اڳ ۾ ئي هڪ خط ۾ بيان ڪري آيو آهيان ته هو تحريڪ کي ختم ڪري ٿو ۽ آگسٽ 1942ع جي قرارداد تان هٿ کڻي ٿو ۽ مستقبل جي حوالي سان يقين دهاني ڪرائي ٿو (مان مزيد ان ۾ شامل ڪيان ٿو، شرطن جي ختم ڪرڻ، جيئن، ”بغاوت“ يا ”ڪريو يا مرو“) ان کان پوءِ حالات تي مان سوچي سگهان ٿو ليڪن منهنجو خيال آهي ته اسان کي اعتدال پسندن سان سخت رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، انهن ۾ ڪو به ڳڻپ ۾ سواءِ ٽاچڻين جي ٺڻ ٺڻ جي ڪجهه به نه آهي، اهي ملڪ ۾ ڪجهه به نه ڪرڻ لاءِ اٿيا آهن. هنن حالتن ۾ مونکي انهن جي خيالن جو زرو جو به احساس نه آهي. منهنجو خيال آهي ته انهن مان ڪيترا اليڪشن به کٽي نه سگهندا. انهن اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي آهي. جيڪڏهن انهن مونکي انهن جي وفد سان ملاقات لاءِ چيو ۽ مان ان تي راضي ٿيس، مان انهن سان صاف سڌو رهندس ۽ تون ۽ مان بهتر محسوس ڪيون ٿا ته هو غير نمائنده آهن ۽ ڪو به اهو چوڻ لاءِ تيار نه آهي ته الله بخش ۽ غزنوي مسلم دنيا جا نمائندا آهن ۽ هيٺيون طبقو ۽ شهزادا انهن کان جدا آهن.“
اعتدال پسند اڳواڻن جي بمبئي ۾ ميٽنگ ٿي گذري، جنهن ۾ هنن هندستان جي خراب حالتن جي مدنظر ڪانگريس ۽ سرڪار کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي فيصلن تي نظر ثاني ڪن.
وائسراءِ لارڊ ويول طرفان منظور ڪيل قرارداد جو متن سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري ڏانهن موڪليو ويو. وائسراءِ لارڊ لنلٿگو جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري ڏي تار
MSS. EUR . F. 125/24
نئي دهلي
13 مارچ 1943

688 - ايس- هيـٺ آهي 10 مارچ تي منظور ڪيل قرارداد: اسان ان خيال جا آهيون ته گذشته مهينن جي افسوسناڪ واقعن جي پيش نظر ڪانگريس ۽ برطانوي سرڪار کي گذارش ڪيون ته سندن موجوده پاليسي تي نظرثاني ڪن، اسان مان ڪجهه جن گانڌي سان تازو ئي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي انهن جو اهو ايمان آهي ته سرڪار جون گانڌي سان ڳالهيون لاڀ ڏينديون. اهو اسان جو ايمان آهي ته جيڪڏهن گانڌي کي آزاد ڪيو ويو ته جيڪا ڳالهين جي حوالي سان تالابندي آهي ان کي حل ڪرڻ لاءِ بهترين اپاءُ وٺندو ۽ جنگ جي حوالي سان ڪو به خطرو نه محسوس ڪيو وڃي. اسان وائسراءِ کي گذارش ٿا ڪريون ته نمائنده وفد گانڌي ڏانهن موڪلي ته جيئن وفد ۽ گانڌي ڳالهين لاءِ جڳهه جو تعين ڪن. ان لاءِ هيٺين هندستاني اڳواڻن بيان جاري ڪيو آهي. محترم جيڪر جي گهر تي ٿيل ميٽنگ ۾ هي اڳواڻ موجود هئا:
سر تيج بهادر سپرو، محترم ايم - آر - جيڪر، محترم سي- راج گوپال آچاريه، محترم جي - ڊي برلا، سر پرشو تمداس ٺاڪرداس، محترم ڀولا ڀائي جي ڊيسائي، محترم ڪي - ايم منشي، سر ارد شير دلال، محترم جي - آر - ڊي ٽاٽا، محترم ايس - اي بريلوي، محترم والچند هيراچند، سر چني لال ڀائي چند مهتا، سر هومي موڊي، محترم ديوداس گانڌي، ماسٽر تارا سنگهه، محترم ايس تارا سنگهه، محترم ايس رامن ناٿ، محترم جي - ايل مهتا، الله بخش، جگديش پرساد، محترم ڪستور ڀائي لال ڀائي ۽ ڊاڪٽر ميڪنزي.
محترم وي ڊي ساورڪر جيڪو ميٽنگ ۾ غير حاضر هو ان به ان بيان جي حمايت ڪئي آهي. ان کان سواءِ جيڪي اڳواڻ ميٽنگ ۾ بمبئي ۾ موجود نه هئا اهي به ان سان متفق هئا انهن ڏي ڪاپيون موڪليون ويون آهي ته جيئن اهي انهن تي پنهنجيون صحيون ڪن.
محترم ڪي سرنيواسن، محترم سي - آر سرنيواسن، محترم اين آر - سار ڪر، ڊاڪٽر شيام پرساد موڪرجي، محترم امرت لال وي ٺاڪر، راجا مهيشور ديال سيٺ، محترم پي سبرايان، پنڊت هردياناٿ ڪنزرو، سر عبدالحليم غزنوي، محترم اين، ايم جوشي، سردار سنت سنگهه ۽ محترم ايم - ايس، ايني.“
محترم ڪي ايم منشي جو گلبرٽ ليٿويٽ کي خط

26 رج روڊ بمبئي
15 مارچ 1943

پيارا سائين گلبرٽ
مان تو کي سرتيج بهادر سپرو جو خط موڪلي رهيو آهيان جيڪو 11 تاريخ تي مون کي مليو آهي، ان کي قرارداد تي صحيون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ تو ڏانهن موڪليو ويندو.
تنهنجو خيرخواهه
ڪي . ايم منشي
سرتيج بهادر جو خط
بمبئي 11 مارچ 1943ع

بمبئي ۾ منهنجي زير صدارت اجلاس 9 ۽ 10 مارچ تي ٿي گذريو، ان جي منظور ٿيل قرارداد موڪلي رهيو آهيان، جن شخصيتن ان ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي انهن جا نالا ڪاپي ۾ موجود آهن، منهنجي گذارش آهي ته ان کي وائسراءَ جي آڏو پيش ڪندا، جيڪڏهن وائسراءِ اهو ممڪن سمجهي ٿو ته هو وفد سان ملڻ گهري ٿو ته ان حالت ۾ گذارش هي آهي ته ڪافي وقت ڏيندا ته جيئن آرام سان وفد دهلي پهچي سگهي.
ان جو جواب منهنجي الهه آباد جي مستقل پتي تي موڪليندا.
Enclosure 2 No. 591
هيٺين ماڻهن قرارداد تي صحيون ڪيون:
سر تيج بهادر سپرو، ڊاڪٽر ايم، آر جيڪر، سري نواسا شاستري، سي راج گوپال آچاريه، ڀولاڀائي ڊيسائي, ڪي ايم . منشي، ڊاڪٽر ايس پي موڪرجي، راجا ناريندرناٿ، راجا مهيشور ديال سيٺ، سر جڳديش پرساد، سر پي. ايس سواسوامي آيئر، ماسٽر تارا سنگهه، الله بخش، سر مهاراج سنگهه، دي بشپ آف ڌورناڪال ، محترم ڪي سرنيو اسن، جي آر، ڊي ٽاٽا، جي، ڊي برلا، سر پرشوتمداس، سيٺ والچند، سر چني لال جي، مهتا، جي ايل بريلوي، دي ريورنڊ جي مڪنزي، سر وجايا آف وزياناگرام، سر عبدالحليم غزنوي، ڊاڪٽر پي اين بينرجي، سردار سنت سنگهه، پنڊت ايڇ اين، ڪنزرو، ڊاڪٽر سچچيدنندا سنها، اين - ايم جوشي، محمد ڀائي، آءِ ايم رواجي، سر چني لال مهتا، ڪستوري لال ڊاڪٽر، پي سرباريان، سر رامن ناٿ، سيٺ هريداس، مادهوجي، قاضي محمد احمد ڪاظمي، اين. سي چيٽرجي، ۽ تلسيداس ڪلاچند“
. . . . . . . .
الله بخش سومري جي اسيمبلي ۾ اثر کان انگريز حڪمران ۽ سياسي گروپ خوف زده هئا.
الله بخش سومري، جناح صاحب ۽ مسلم ليگ جي حوالي سان سنڌ جي گورنر سر هيو ڊو جي ڏنل رپورٽ مان ظاهر آهي ته الله بخش سومري جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ جو اثر رسوخ وڌيو آهي ۽ وزير ليگ جي پروگرام سان نه پر پنهنجن مفادن سان گڏ آهن.
5 مئي 1943
پيارا لنلٿگو
جناح محسوس ڪري ٿو ته سنڌ ۾ مسلم ليگ وزارت تي هن جو اختيار نه آهي ۽ چيائين ته 99 فيصد مسلمان ليگ سان آهن. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته الله بخش کي وزارت اعظميٰ تان هٽائڻ کان پوءِ ليگ ۾ گهڻي شموليت ٿي آهي. منهنجي خيال ۾ اگر جناح وزارت تي ان جي مفادن خلاف دٻاءُ وڌو ته جيئن مميبرن جو تعداد وڌيو آهي ائين اهو گهٽ ٿي ويندو، هن جي پارٽي ۾ جن ٻن وزيرن شموليت ڪئي آهي اهي ۽ ٻين مان ڪجهه ئي مضبوط ليگي آهن.اهو بلڪل ممڪن آهي ته وزير عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي بجاءِ مسلم ليگ کان عليحده ٿي ويندا. منهنجو خيال آهي ته جناح ان بابت باخبر آهي ۽ هو موجوده حالتن جي ڪري وزارت تي ڪو به پنهنجو فرمان جاري نه ڪندو.
هيو ڊو
سر جي هربرٽ، الله بخش سومري ۽ ٻين وزيرن ۽ وزير اعليٰ جي گورنر طرفان معطلي متعلق آئيني بحث ڇيڙي، ان جو آئيني دروازو کوليو آهي. هيٺ آهي سر جي هربرٽ جو وائسراءِ لارڊ لنلٿگو کي خط.
MSS. EUR. F. 125/43
گورنمينٽ هائوس دارجلنگ
16 جون. 1943ع
پيارا لنلٿگو
مان تنهنجي هن سوال جي معاملي تي راءِ جي آجيان ڪندس، جيڪو اٿاريندو نه صرف آئين جي عام اصولن جو وڙُ (حالانڪ آءُ اميد ٿو ڪريان ته اهو نه ٿيندو) پر ان جي تمام خصوصيت بنگال ۾ ٿيندي جيڪا ڳالهه مستقبل نزديڪ ۾ پري ناهي، عام طرح بيان ڪجي ته، اهو سوال آهي ته گورنر هڪ محفوظ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ فقري VII جي آوزار ۽ هدايتن جي هوندي پاڻ کي مشورو وٺڻ کان بري ڪري سگهي ٿو، (يا ٻين لفظن ۾ هڪ طاقتور وزير اعليٰ کي چئي سگهجھي ٿو.) ان شخص کي اسيمبلي ۾ اڪثريت به هجي. ”ان تي جيڪڏهن گورنر جو اعتماد نه هجي“؟ مٿين ڪامائن کي ڪجهه خزانو آهي، حالانڪ مان ان ۾ آئين تحت ڪو به آوزار يا هدايت نه ٿو ڏسان. حقيقت ۾ هدايت وارو جملو VII صاف طرح ان محاوري ۾ استعمال ڪيو ويو آهي ته ” پارليامينٽ ۾ هن کي اڪثريت هجي.“ ايڪٽ جي قلم (51) (الف) جي تحت وزير، گورنر جي راضپي تحت عهدي تي رهي سگهي ٿو ۽ هن جو اهم بيان هي آهي. ”گورنر جو اعتماد هجي.“ اهو ان قلم جي عبارت کي ظاهر ڪري ٿو.“
ٻي طرح سوال کي بيان ڪري سگهجي ٿو ته حالات گورنر جي وزير کي معطل ڪرڻ کي درست ثابت ڪن (وزير اعليٰ) ۽ اها ثابت ڪرڻ جي راءِ تي گورنر ان ڳالهه کي مدنظر نه رکي ته هڪ طاقتور وزير اعليٰ کي اسيمبلي ۾ اڪثريت آهي پر ان کي گهٽ صورت ۾ ڏسجي.
الله بخش کي معطل ڪرڻ واري عمل جي سببن جو احترام ڪندي، اهو چئي سگهجي ٿو ته الله بخش کي وري وزارت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت آهي، اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن وزير نا اهل هو ته اهڙي ماڻهو کي هو وزير نه ڪري ها.
جواب آهي ته جنگ جي دوران آئين جي تحت هدايت نه ٿي ٿي سگهي، (جيئن مون ڏٺو آهي) تون ياد ڪر ته اهو تو صاف چيو هو ته ڪا به حڪومت جيڪا قلم 93 تحت ٺهي ٿي ان کي جنگ جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻي پوندي، مان اهو سمجهان ٿو ته رِيڊ قلم تحت ڪجهه وقت رهيو حالانڪ اتي مضبوط حڪومت هئي پر اها جنگ جي ڪوششن جي حمايت نه ڪري رهئي هئي. اهو نظر اچي ٿو ته عملي ۽ خالص آئيني توجيه منهنجي سوال ۾ وزن رکن ٿيون.
عملي صورت ان جو جواب جنهن ۾ منهنجي دلچسپي آهي ته ناظم الدين جي وزارت جو ڪرڻ، هينئر جيئن مون کي ٻڌايو ويو آهي ته هن سرت بوس سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت گهري آهي، منهنجي اها خواهش ناهي ته توکي چوان ته اهو ٿيندو، پر جيئن ان معاملي ۾ اوهان مشورو ڏنو آهي ته اهو ممڪن آهي ته انهن حالتن جي مد نظر اسان کي منهن ڏيڻو پوندو، مختصرن، منهنجو حق يا موڪرجي کي وزارت ٺاهڻ لاءِ نه چوڻ کي درست ثابت ڪري سگهجي ٿو. هن گڏيل رڪارڊ ۽ عهدي ڇڏڻ تي؟ “
لارڊ ڪيسي طرفان لقب نه وٺڻ جي حوالي سان سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ ايمري، الله بخش سومري جي لقبن واپس ڪرڻ سان موازنو ڪيو آهي، هيٺ آهي لارڊ ايمري جو وائسراءِ لارڊ لنٿلگو کي خط.
L/PO/10/21
انڊيا آفيس
12 نومبر 1943ع
مون توکي ڪيسي جي متعلق تار ڪئي آهي، هو ٽن سالن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ بنگال وڃڻ چاهي ٿو، پر ان جي آسٽريليا ۾ سياسي خواهشن جي ڪري ڊيوڪ يا نائيٽ هڊ جو عهدو وٺڻ نه ٿو چاهي، مان هندستانين جي حوالي سان ان ۾ ڪجهه اعتراض ڏسان پيو ته ڪو به ماڻهو بادشاهه کان مليل لقب وٺڻ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهي ۽ اُهو محسوس ڪندي ته ڪيسي اهو ڪجهه ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪم الله بخش ڪيو هو“.
1946ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سائين جي ايم سيد ۽ مسلم ليگي وزير اعليٰ سر غلام حسين وٽ ووٽ برابر هئا ۽ سائينءَ گورنر فرانسس موڊي کي خط لکيو ته مون کي حڪومت ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي پر گورنر 10 مهينن واري اسيمبلي ٽوڙي نئين اليڪشن جو اعلان ڪيو ۽ غلام حسين کي وزير اعليٰ جي حيثيت ۾ ڪم جاري رکڻ لاءِ چيو. ان جو هي غير جمهوري عمل الله بخش کي معطل ڪرڻ واري عمل کان گهٽ ڪو نه هو. سنڌ جي پهرين گورنر لانسلاٽ گراهام 3 ميمبرن واري سر غلام حسين کي وزير اعظم بنايو، ٻئي گورنر هيو ڊو اسيمبلي ۾ اڪثريت جي باوجود الله بخش سومري کي معطل ڪيو ۽ ٽئين گورنر فرانسس موڊي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو. گورنر ان ڳالهه جو وائسراء لارڊ ويول سان ذڪر ڪندي الله بخش سومري جي معطلي کي بدنصيب نظير قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته انگريزن جو الله بخش سان ڪيل غير آئيني عمل انهن جي ذهنن تي سوار هو.
سنڌ جي گورنر سر فرانسس موڊي جو لارڊ ويول کي خط.

14 سيپٽمبر 1946ع
پيارا لارڊ ويول
مان اوهان جي طرفان اسيمبلي معطل ڪرڻ جي اجازت تي انتهائي ممنون آهيان. هي اعلان تمام اخبارن شايع ڪيو. سيد، نيچلداس کان متاثر ٿي چئي رهيو هو ته مان ان کي هڪ موقعو ڏيان ته هو حڪومت ٺاهي. هن خطن جي ذريعي منهنجو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪيٿ جي ڪتاب “ڊومينن ۾ ذميوار حڪومت” جو مثال ڏئي رهيو هو. هن جي تمام دليلن جو لب و لباب هي هو ته گورنر صرف پنهنجي اختيارن جي مطابق قدم کڻي ٿو، ان کي وزير اعليٰ جي برعڪس مخالف ڌر جي اڳواڻ جو مشورو مڃڻ گهرجي. الله بخش جي معطلي هڪ بدنصيب نظير هئي ۽ اها جائز ان لاءِ هئي ته ان لقب واپس ڪيا هئا ۽ اسان حالت جنگ ۾ هئاسين .

موڊي

الله بخش جو قتل

منهنجي خيال ۾ برطانيه سرڪار کي خطرو هو ته اسيمبلي ۾ ڪا ڪايا پلٽ ٿئي ۽ الله بخش سومرو پنهنجو ماڻهو وزيراعظم طور آڻائي ۽ ٻيو برطانوي سامراج جي خلاف الله بخش سومري جو سخت رويو. اهي سبب آهن الله بخش جي قتل ٿيڻ جا، گورنر سر هيو ڊو اسيمبلي جي حوالي سان خدشو ظاهر ڪيو هو ته مسلم ليگي وزير پنهنجي مفادن لاءِ ليگ ۽ محمد علي جناح کي ڇڏي ويندا. سنڌ اسيمبلي جو برصغير جي سياست ۾ اهم ڪردار هو ۽ مستقل مفادن کي الله بخش سومري مان به خطرو هو ۽ برطانيه کي پنهنجي سياسي حوالي سان خوف هو،
ٽيون سبب هن جو برصغير جي سياست ۾ مدبرانه، مذهبي ۽ ثقافتي رواداري ۽ سرويچي وارو ڪردار هو. الله بخش جي موجودگي انهن کي ڪنڊي طور لڳي پئي، هنن جو وزير اعظم تان هٽائڻ جي باوجود هانءَ نه ٺريو هو ۽ انهن فيصلو ڪيو ته هن کي ختم ڪيون.
14 مئي تي هو دوستن سان ٽانگي تي سوار هو ته شڪارپور شهر ۾ هن کي ڏينهن ڏهاڙي، سج جي روشني ۾ قتل ڪيو ويو.
ظاهر ۾ ته محمد ايوب کهڙي کي ان قتل جي سازش ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي ٻيا ماڻهو به گرفتار ڪيا ويا. پر منهنجو ذاتي خيال آهي ته هي عام ماڻهو جو قتل نه هو پر هن سان برصغير جي مستقبل جي سياست جو تعلق هو ۽ ان ۾ وڏا هٿ هوندا جيڪي اڄ تائين مڪمل ظاهر نه ٿيا آهن.
الله بخش سومري جي وفات کان 16 مهينا پوءِ دُريش، محمد ايوب کهڙي صاحب جو ڪمدار 19 سيپٽمبر 1944ع تي گرفتار ٿيو ۽ هن بيان ڏنو ته محمد ايوب کهڙي جي چوڻ تي هن ولي محمد کرل کي چيو هو ته حرن کي گڏ ڪري الله بخش کي قتل ڪري ۽ هنن کي 10 کان 12 هزار روپيه انعام ڏنو ويندو.
کهڙي صاحب کي به ڪجهه ڏينهن بعد الله بخش سومري جي قتل ۾ گرفتار ڪيو ويو. محمد ايوب کهڙي جي گرفتاري کان پوءِ وائسراءِ گورنر سر هيو ڊو جي موڪليل رپورٽ جي تناظر ۾ لارڊ ايمري، سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي خط موڪليا آهن اهي هت ڏجن ٿا:

لارڊ ويول جي طرفان لارڊ ايمري کي خط جنهن ۾ وزارت کي وري ٺاهڻ ۽ سنڌ جي سياسي ماحول تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.

دي وائسراءِ هائوس، نئي دهلي
11 جولاءِ 1944

سنڌ هڪ نئون صوبو ٿيندو جنهن ۾ وزارت تي ڏکيو وقت آهي، ايندڙ سيشن ۾ ممڪن آهي ته کهڙي جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي وڃي، کهڙو هڪ وزير جنهن تي الله بخش سومري جي قتل جا ڇنڊا آهن، ڊو هن کي وزارت مان ڪڍڻ تي خوش ٿيندو، ۽ مون پڻ محسوس ڪيو آهي ته وزير اعظم به سرهو ٿيندو .گذشته ڪجهه ڏينهن کان سنڌ مسلم ليگ تمام وزارت جي مستعفي ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وزير اعظم ان ڌمڪي کي خلاف ورزي قرار ڏئي رهيو آهي ۽ هن ڊوکي ٻڌايو ته صوبائي مسلم ليگ کي مداخلت ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي ۽ جناح ان کي رد ڪري ڇڏيندو، وزارت جي نئين جوڙ ضروري آهي پر مان تمام وزارت ختم ٿيڻ ممڪن نه ٿو سمجهان. “

وائسراءِ لارڊ ويول جو لارڊ ايمري ڏي خط.
L/ PO/10/21
دي وائسراءِ هائوس، نئي دهلي
27 سيپٽمبر 1944

صوبي مان ڪا به اهم سياسي خبر نه آهي توهان ياد ڪيو ته خانبهادر کهڙي، سنڌ ۾ هڪ وزير تي شڪ هو ته هي سابق وزير اعظم الله بخش سومري جي قتل ۾ ملوث آهي. هن جو ڪمدار جيڪو پڻ شڪ ۾ هو ۽ مفرور هو، هي ويجهڻ ۾ گرفتار ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي بيان ۾ کهڙي کي قتل ۾ ملوث ڄاڻايو آهي. پوليس جي انسپيڪٽر جنرل ڊوکي ٻڌايو ته هو کهڙي کي گرفتار ڪندو، هن پنهنجي وزير اعظم کان مشورو ڪرڻ کان پوءِ کهڙي کي چيو ته بهترين طريقو اهو آهي ته تون مستعفي ٿي، کهڙي راضپو ڏيکاريو ۽ هن جي استعيفيٰ جو اعلان ڪيو ويو. وزارت جي مستحڪم هجڻ تي ڪو به فرق نه پوندو.
الله بخش سومري هڪ آزاد، خودمختيار ۽ رواداري وارو برصغير ڏسڻ چاهيو پئي، هن کي انهن ماڻهن ختم ڪرڻ پئي چاهيو جيڪي هن پروگرام جا مخالف هئا ۽ هنن جي مستقبل بابت منصوبي کي خطرو هو پر انهن ڪهڙي قميت تي؟ مستقبل جا واقعا گواهه آهن ته ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ برطانيه جي وچ ۾ رسه ڪشي جي سبب لکين ماڻهو مهاجر ٿيا، لکين ماڻهو مئا ۽ اربين روپين جي ملڪيت تباهه ڪئي ۽ ساڙي وئي. ان وقت الله بخش سومري جهڙي قداور شخصيت جي ضرورت هئي، پر چند مفادن پرستن هڪ اها شمع وسائي جنهن جي روشني جنگ وجدال جي اونداهي رستي جي بجاءِ امن وآشتي جو رستو ڏيکاري هان.

شهادت تي اڳواڻن جا خيال
راج گوپال آچاريا چيو ته ”الله بخش سومري وڏي قيمت ادا ڪئي پر اها قيمت قوم پرستي جي هئي، اسان کي ياد ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن دور ۾ عوامي خدمت جي قيمت ان طريقي سان ادا ڪئي ويندي هئي“. هندوستان پنهنجو هڪ قرباني ڏيندڙ روح وڃايو آهي. جيڪڏهن هن کي ان ظالمانه طريقي سان قتل نه ڪيو وڃي ها ته هو تمام سنهري ڪردار ادا ڪري ها. هي آزادي جي مقصد جو حقيقي شهيد آهي. هي آزادي جي راهه ۾ قربان ٿي ويو. هي هڪ سفاڪانه قتل آهي. الله بخش سومرو هڪ اڀرندڙ شخص هو ۽ سياسي فلڪ تي بي مثل حيثيت حاصل ڪئي هئائين. اقتدار جي پيار هن کي مقصد کان ڪڏهن به پري نه ڪيو. هن حقائق ۽ ڳڙ ڳوت ۾ ماهر هجڻ جو مرتبو حاصل ڪيو هو. برطانوي حڪومت کان عليحده ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي جيڪو ڪيو هو. ان کي بهتر ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. هن جو ڪوبه دشمن نه هو. جيئن سنڌ جي ميرن ۽ پيرن کي ذاتي رنجش هوندي آهي. هن جي اها به نه هئي. هي مضبوط ارادي ۽ مقصد وارو ماڻهو هو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن پنهنجي سياسي حريفن جي دشمني مول کنئي هئي. اهو هن تي پهريون قاتلانه حملو نه هو. جڏهن هي وزيراعظم هو ته هن تي ٻه حملا ٿيا هئا پر انهن مان هي بچي ويو هو.

راج گوپال آچاريه

محترم سيف الدين ڪچلو اهو درست چيو هو ته ”آزادي جي جنگ جي نازڪ لمحي مهل الله بخش سومري جو قتل قوم پرست قوتن لاءِ انتهائي وڏو نقصان آهي الله بخش سومرو مڪمل قوم پرست هو. مسٽر الله بخش مري ويو آهي. پر ان جو ڪم موجود رهندو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن پنهنجي پٺيان دردناڪ يادون ڇڏيون آهن. ايستائين جو لنڊن ۾ هن جي لاءِ دعائون گهريون ويون آهن ۽ اوڀر جي مسلمانن هن لاءِ خصوصي دعائون گهريون آهن.

ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو

ڊاڪٽر خان صاحب سابق وزير اعلى سرحد چيو ”هي عظيم قوم پرست هو ۽ صرف سنڌ ڇا پر تمام هندستان هن جي موت تي ماتم ڪندو. سنڌ تمام وڏي عرصي تائين تڪليف ۾ رهندي ڇو ته اتي ڪوبه اهڙو ماڻهو نه آهي جو عوامي خدمت جي حوالي سان صوبي ۾ ان جي جڳهه ڀري سگهي. مون کي معلوم آهي ته ڌرتي جي آزادي جي جنگ ۾ هي هڪ بهادر ويڙهاڪ هو. منهنجون سندس خاندان سان دلي همدرديون آهن. هي پنهنجي اصولن جي وقار لاءِ زندگي جي آخري گهڙي تائين لڙندو رهيو.“

ڊاڪٽر خان صا حب

”14 مئي، الله بخش سومرو جي قتل تي سڄي سنڌ صدمي ۾ اچي ويئي. سنڌ جو هي انتهائي وڏو نقصان ٿيو. اسان جا ڪيترا به سياسي اختلاف هئا پر ان ۾ ڪوبه انڪار نه آهي ته الله بخش سومرو اعلى مقصد رکندڙ انسان هو ۽ وزارت اعلى تان سبڪدوش ٿيڻ کانپوءِ هي برطانيه سامراج جي خلاف انتهائي سخت انداز ۾ اٿي کڙو ٿيو. الله بخش سومري ۾ وقار ۽ ڪشش هئي ته ڪٿي به دوست بڻائي سگهي. اسيمبلي سياست جي دوران اسان جا اڪثر اختلاف رهيا ۽ مون هن جي مخالفت ڪئي پر مان جڏهن هن جي خصوصيتن کي ياد ڪيان ٿو. مان صرف اهو ئي چئي سگهان ٿو ته هو هڪ انتهائي وڏو ذهن هو. هن جي لاڏاڻي سان سنڌ هڪ عظيم انسان وڃايو آهي، جنهن جي جڳهه آساني سان ڀري نه ٿي سگهجي.“

جي- ايم- سيد

”الله بخش جي رت سان هر قسم جي آزادي جو دستاويز لکيل موجود آهي. هن ”سنڌ جي نوشته تقدير“ کي فقط کولي پڙهڻ جي ضرورت آهي. خبر نه آهي ته هن آزادي جي دستاويز کي ڪنهن پڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي يا نه.......!!!

محمد امين کوسو

اخبارن جا تبصرا
الله بخش سومري جو قتل هڪ خوني جنگ جي ابتدا آهي. اهو اهڙو فائر هو، جنهن جو آواز سڄي برصغير ۾ ٻڌو ويو. مولانا ظفر علي جي اخبار ”زميندار“ هنن خيالن جو اظهار ڪيو. ”هي هڪ ويڙهه هئي؛ دليل ۽ گولي جي وچ ۾.“
ان سلسلي ۾ اهم انتظام ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هڪ شخص کي راءِ يا عقيدي جي اختلافن جي بنياد تي ماريو وڃي ٿو ته ڪوبه اڳواڻ روالر جي گولي کان بچي نه سگهندو ۽ جيڪڏهن دليل جي جڳهه تي گولي آئي ته ڪوبه پارٽي اڳواڻ محفوظ نه هوندو. جيڪڏهن ان دهشتگردي کي جنهن جي ابتدا هن حادثي سان ڪئي ويئي آهي، ان کي نه روڪيو ويو ته اها هميشه جي تباهي جو ڪارڻ بڻبي.“
ٽربيون لاهور پنهنجي 15 مئي 1943ع جي اداريه ۾ لکيو ته هي حادثو هڪ وڏي ذهن جو خاتمو هو. الله بخش سومري جو قتل هڪ قومي حادثو آهي. اهو سنڌ لاءِ ڪو سٺو شگون نه آهي. اها هڪ شرمناڪ حرڪت آهي وڏي آتشفشان اثر جي. الله بخش جو طرز عمل تمام اعلى مرتبي وارو هو. فرقيواريت جي سيلاب جنهن هن فرقي جي ماڻهن کي متاثر ڪيو، ان هن تي اثر نه ڪيو هو. ”آزاد مسلم ڪانفرنس“ جنهن جو هي صدر هو، اها هن جي سياسي عظمت ۽ تدبر جي هڪ نشاني ۽ سندس بهترين خيالن جو استحڪام هئي. هن هميشه سامراج کي للڪاريو. گورنر ايندا ۽ ويندا رهندا پر الله بخش سومري جو نالو لازوال ستاري وانگر هندوستان جي سياسي اُفق تي چمڪندو رهندو.

پڄاڙي

الله بخش سومري جي اچانڪ موت برصغير ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏي خلا پيدا ڪري ڇڏي، مستقبل جي سنڌ ۽ برصغير کي هن جي سخت ضرورت هئي، هن ۾ اها اهليت ۽ جرئت هئي ته هو فرقيوارانه مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ برطانوي انتظاميه جي”تقسيم ڪريو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسي سان منهن ڏيئي سگهي ها.
برصغير جون سياسي حالتون اهڙيون هيون جو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪ ٻئي سان گٿم گٿا هيون، سواءِ هڪ وقت جي جڏهن مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ جناح صاحب اي - بي - سي نظام تي متفق ٿيا پر نهرو جي ڪانگريس جي صدر ٿيڻ کان پوءِ هن اهڙو بيان ڏنو جنهن محمد علي جناح کي مجبور ڪيو ته هو ان طئه ٿيل ڳالهين تان هٿ کڻي وڃي، مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي ڪتاب ”انڊيا ونس فريڊم“ ۾ ڪانگريس جي صدارت تان هٽي وڃڻ ۽ جواهر لال نهرو کي ڪانگريس جو نئون صدر ڪرڻ کي غلط عمل ڪوٺيو آهي، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي هن جهيڙي ۾ سنڌ جي ٻن عظيم سياستدانن شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد، انهن جي درميان ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. شهيد الله بخش سومري غير فرقيوارانه جماعت آزاد مسلم بورڊ جي سربراهه هوندي به هميشه ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٺاهه تي زور ڏيندو رهيو ۽ هن جو خيال هو ته انگريز جو زياده رهڻ جو سبب ئي برصغير جي ٻن اهم سياسي جماعتن جي درميان ڪنهن دانشمندانه سياسي فيصلي تي نه پهچڻ آهي ۽ هن محسوس ڪيو پئي ته انهن ٻنهي جماعتن جي نه ٺهڻ جي ڪري انگريز جي غلامي جو دور نه صرف وڌي رهيو آهي پر انهيءَ جي پٺيان جيڪا نفرت ۽ ڪشت وخون هو اهو ان کي نظر اچي رهيو هو.
سج سڀاڻي جا ڪري سا ساميءَ روءِ،
سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جي درميان ڪنهن عزت ڀرئي ٺاهه جي ڳالهه به ڪئي ۽ ان لاءِ ڪوششون به ڪيون.
آگسٽ 1942ع ۾ ”هندستان خالي ڪريو“ جي ڪانگريس تحريڪ کان پوءِ جناح صاحب ان تمام معاملي جي تناظر ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي بمبئي ۾ ميٽنگ سڏائي. ان اجلاس ۾ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو ۽ هن اجلاس کان اڳ ۾ ڪانگريس جي عورت اڳواڻن ارونا آصف علي، محترما هاٿي سنگهه ۽ سر لاديوي چوڌراڻي سان ان سلسلي ۾ ملاقات به ڪئي ۽ انهن سان اهاڳالهه طئه ٿي ته گانڌي، جناح صاحب سان هڪ بهترين ۽ باوقار ٺاهه لاءِ تيار آهي.
سائين جي ايم سيد اها ڳالهه ميٽنگ ۾ رکي پر ان جي ڳالهه تي ڪو به توجهه نه ڏنو ويو ۽ جناح صاحب ان عمل کي رد ڪيو ۽ سائين جي ايم سيد ان ميٽنگ ۾ ڪانگريس- ليگ ٺاهه تي زور ڀريندي اختلافي نوٽ لکيو.
1945ع ۾ ڪيبينيٽ مشن ۽ وائسراءِ شملا ۾ هندستان جي اڳواڻن کي گهرايو ته هو سياسي مسئلي جو حل ڳولين ۽ ڳالهيون تمام ننڍي ڳالهه تي ٽٽيون، جناح صاحب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪانگريس جي نمائندگي صرف هندو ئي ڪري سگهن ٿا، جناح صاحب جي ان ڳالهه سان به سائين جي ايم سيد اختلاف ڪندي چيو ته ڪانگريس جو هي اندورني مسئلو آهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو نمائندو سمجهن. قومي مسئلي جي متعلق به سنڌ جي هن ٻنهي اڳواڻن جي راءِ هئي ته برصغير جي گهڻ قومي ۽ ثقافتي هجڻ جي ڪري ڍيلي ڍالي فيڊريشن ئي ان جو بهترين حل آهي، شهيد الله بخش سومري آزاد مسلم پارٽي جي صدر جي حيثيت ۾ بيان ڏيندي اها ڳالهه ڪئي هئي ته وفاقي اڪايون پنهنجا سياسي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ ۾ آزاد هونديون ۽ سائين جي ايم سيد ڪيبينيٽ مشن ۽ وائسراءِ هند سان 2 اپريل 1946ع ۾ ڪيل ميٽنگ ۾ برصغير جي ڍيلي ڍالي فيڊريشن ۽ وفاقي اڪاين جي سياسي ۽ معاشي خود مختياري جي ڳالهه ڪئي آهي. 40 سال پوءِ شهيد الله بخش سومري ۽ سائين جي ايم سيد جي ڳالهه تي عمل ڪندي ميخائل گوربا چوف سابق صدر متحده روس، قومي مسئلي کي سمجهندي روس ۾ زار بادشاهن جي ڪيل قبضن کي ختم ڪري نئين روس کي جنم ڏنو ۽ اڄ نئون روس سياسي ۽ اقتصادي طور تي اڳتي وڌي ويو آهي. آزاد ملڪ به پنهنجي خوشحالي ۽ ترقي ڏي وڌي رهيا آهن. ميخائل گوربا چوف صرف اهو ڪجهه نه ڪيو پر پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ اوڀر يورپ جا ملڪ جيڪي روس جا تابع بنيا هئا انهن کي پنهنجي اطاعت مان ڪڍيو جنهن جي ڪري اوڀر جرمني ۽ اولهه جرمني پاڻ ملي هڪ ساڳو فطري ملڪ ۽ قوم بنيا.
شهيد سومري جي تقريرن ۽ عمل جي ڪري برطانوي سامراج کي خوف هو، شهيد جو مولانا عبيدالله سنڌي کي جلاوطني ختم ڪرائي سنڌ ۾ گهرائڻ انگريز جي نظر ۾ هڪ باغيانه عمل هو ڇاڪاڻ ته هن انهن جي باغي مولانا عبيدالله سنڌي کي وطن آندو هو.
مولانا صاحب جي سوچ به غيرفرقيوارانه هئي ۽ انگريز محسوس ڪيو ته مولانا جي ذريعي سومري جا مذهبي رواداري جا خيالات وچ اوڀر جي اسلامي ملڪن تي نه اثر ڪن. ان وقت برطانيه جو پنهنجي سامراجيت کي مضبوط ڪرڻ جو وڏو هٿيار فرقيواريت هو. برطانوي سامراج جو خيال هو ته جيڪڏهن مذهبي رواداري جو فروغ برصغير کان ٻاهر نڪري وچ اوڀر تائين پهتو ته پوءِ مستقبل جا جيڪي به هنن جا سامراجي منصوبا آهن، انهن ۾ رڪاوٽون اچي وينديون ۽ قومن جي معاشي ۽ سياسي آزادي جو رستو کلي پوندو.
گورنر سر هيو ڊو جو وائسراءِ کي خط ۾ ذڪر ته الله بخش برطانوي وزير اعظم چرچل جي تقرير جو وائسراءِ کي خط لکي جواب ڏنو آهي، هو ان کان پوءِ پاڻ کي ’بين الاقوامي اڳواڻ سمجهڻ لڳو آهي‘، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيتري قدر الله بخش سومري مان خوف زده هئا.
دنيا ۾ ڪنهن ملڪ جي سربراهه ٿيڻ سان ماڻهو وڏو نه ٿو ٿئي، هن انگريز سامراج جي گورنر کي ڪهڙي خبر ته وڏي انسان ٿيڻ جا پيمانا ئي ٻيا آهن، دنيا ۾ اهم شيون ٻيون آهن جن جي ڪري انسان اعليٰ بڻجي ٿو، ” هڪ ڪردار ۽ ٻيو فڪر“.
الله بخش سومري جي 43 سال زندگي تي نظر وجهنداسين ته هو ٻنهي ڳالهين ۾ بلند نظر ايندو، شاهه لطيف به ان ڳالهه کي سر مارئي ۾ چيو آهي.
سونهن وڃايم سومرا ميرو منهن ٿيوم
وڃڻ ات پيوم جت هلڻ ناهي حسن رئ
اهو ئي حسن جنهن لاءِ الله بخش سومري پنهنجو سر ته ڏنو پر پنهنجي ڪردار ۽ عمل تي ٽڪو هڻڻ نه ڏنو.
هن صرف برصغير جي لاءِ امن جو پيغام نه ڏنو هو پر دنيا جي سياسي ساخت ۾ اٿل پٿل کي هن پنهنجي تجربي ۽ ڏات سان ڏسندي، 1940ع ۾ دهلي ۾ تقرير ڪندي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو. اڄوڪي دنيا لفظ ”نيو ورلڊ آرڊر“ کان 1990ع جي ڏهاڪي ۾ واقف ٿي جڏهن آمريڪا ان نئين نظام جي ڳالهه ڪئي، پاڻ پنهنجي تقرير ۾ چون ٿا:
هي ٻي جنگ عظيم”نيو ورلڊ آرڊر“ لاءِ آهي، هي يقيني وڏو پيغام هو ته هي طاقتور ۽ذهين ڌرين جو ڪمزور، پسمانده عوام ۽ قومن کي تابع ڪرڻ جو عمل آهي، هنن کي ته پنهنهجي مفاد کي ڳڻڻو آهي نه لاشن ۽ ملڪيتن جي تباهي کي، اهوئي سبب آهي ته هن وائسراءِ کي لکيل خط ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين قوتن کي جتي سامراجي سڏيو اتي جرمني جي قيادت ۾ وڙهندڙ قوتن کي به نئين سامراج جو پيش خيمو قرار ڏنو.
1940ع جي تقرير ۾ جيڪا ٻي انتهائي اهم ڳالهه آهي.
”حوص ۽ هرس جا نقشا چاهي اهي جمهوريت جي بنياد تي هجن يا آمريت جي بنيادن تي جيستائين انهن کي ويڙِهيو نه ويندو تيستائين امن جنهن لاءِ انسان ذات واجهائي رهي آهي اهو هن ڌرتي تي نمودار نه ٿيندو“. الله بخش جي ان ڳالهه مان اهو واضح آهي ته جتي حرص ۽ هوس هوندو اتي امن ۽ آشتي اچي نه سگهندا. اهو حرص ۽ هوس هو جنهن جي ڪري دنيا ۾ جنگ و جدال ٿيندو رهيو آهي، 20 صدي ۾ ٻه عظيم جنگيون ان جو اهم مثال آهن.
ٻي عظيم جنگ جي هيتري ڪشت وخون کان پوءِ به حوص ۽ هرس هنن کي سرد جنگ (Cold War) ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ روس ۽ آمريڪا ٻن نون بلاڪن جا اڳواڻ هئا، جيڪڏهن هو ٻي عظيم جنگ مان سبق حاصل ڪري امن ۽ آشتي لاءِ پنهنجون توانائيون صرف ڪن هان ته امن ۽ آشتي اچي ها ۽ انسان ذات سک جو ساهه پٽي هان پر هنن جي ان عمل آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جهڙو واقعو ڏنو، جنهن دنيا کي معاشي ۽ سياسي طور وڏو نقصان پهچايو ۽ ڪشت و خون جي هولي اڃان تائين جاري آهي. اڳتي ان دلدل مان نڪرڻ جي ڪا به ممڪن راهه نظر ٿي اچي.
ان ساڳئي تقرير ۾ هن چيو ته جارحيت ڪنهن به روپ ۾ هجي اها عقيدي جي بنياد تي هجي يا دنيا کي مهذب بنائڻ جي سبب ڪئي وڃي اها قابل مذمت آهي ۽ هر انسان دوست ان کي نفرت سان ڏسي ٿو. آخر ۾ هن چيو ته انهن ٻن شين حرص ۽ هوس ۽ جارحيت کي ختم ڪرڻ کان سواءِ هن دنيا تي امن نه ٿو اچي سگهي.
الله بخش سومري کي جتي به موقعو مليو ان حرص ۽ هوس ۽ جارحيت جي نشانين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن سنڌ مان جاگيرن ۽ جاگيرداري نظام کي مٽائڻ جي ابتدا ڪندي، ان ۾ اصلاح آڻڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪري ان کي اسيمبلي کان منظور ڪرائي ان تي عمل ڪرايو.
اهو سچ ڳالهائڻ ئي الله بخش جي معطلي جو سبب هو پر معطلي انگريز کان هضم نه پئي ٿئي. وائسراءِ جنهن وزير اعظم لاءِ چئي ته تون “صاف گو آهين” ۽ پنهنجي صوبي جي مقبول اڳواڻ کي ان ڪري معطل ڪيو ويو ته غلام قوم مان هو ۽ حق جو پيغام ڏئي رهيو هو.
ڇا سچ چوڻ جو حق صرف حاڪم قوم لاءِ آهي؟ اهو ڪجهه عجيب لڳي ٿو! ان حوالي سان هيٺ آهن لارڊ ايمري جا 5 آڪٽوبر 1942ع جي خط ذريعي وائسراءِ لارڊ لنلٿگو سان ونڊيل خيالات:
”اهو حقيقت جي خلاف ٿيندو جڏهن دنيا ٻڌندي ته وزير اعظم کي لقب واپس ڪرڻ جي ڪري معطل ڪيو ويو آهي. آسٽريليا جي ڊومين ۾ ڊئڪن ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ هر ٽزوگ پروي ڪائونسلري کان انڪار ڪري چڪا آهن. اها حقيقت آهي ته پارليامينٽ ۾ تنقيدڙ ڪندڙ اهو چئي سگهن ٿا ته هڪ وزير اعظم کي ان ڪري معطل ڪيو ويو جو هن چرچل جي بيان کي پسند نه ڪيو.“ 1
ياد رهي ته پارليامينٽ ۾ چرچل جي تقرير کان پوءِ پارليامينٽ جي ميمبر شن ويل چرچل جي تقرير تي تنقيد ڪئي هئي. ڇا ان عمل جي ڪري اُن جي پارليامينٽ جي رڪنيت معطل ڪئي وئي هئي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اهو چوڻ بجا ٿيندو ته حاڪمن ۽ غلامن لاءِ الڳ قانون آهن. انگريزن جي معطلي بابت اُڻ تُڻ لاءِ 5 آڪٽوبر جي خط جو حاشيو ڏجي ٿو.
آخر ۾ مان اهو چوندس ته اهو انومان ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن الله بخش جي ڪردار کي قبول ڪيو وڃي هان ته برصغير ۾ فوجي مداخلت کان بغير جمهوري حڪومتون هجن هان ۽ ڪا به فرقيوارانه جماعت اقتدار ۾ نه اچي هان ۽ نه ئي بنگلاديش جهڙو حادثو ٿئي ها نه ئي عرب دنيا ۾ مذهبي انتها پسندي وڌي ها ۽ نه ئي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو واقعو ٿئي ها.
الله بخش سومرو هن دنيا ۾ موجود ته نه آهي پر هن جو فڪر ۽ عمل جنهن لاءِ هن وزارت اعظميٰ ۽ جان قربان ڪئي اهو موجود آهي.
شاهه لطيف اهڙن عظيم فرزندن کي ڀيٽا ڏيندي فرمايو آهي:
جـــوڳــيـــئڙا جــهــان ۾ نـــــوري ۽ نــــاري
ٻري جن ٻاري، آءُ نــه جــيــئــنــدي ان ريء

مددي ڪتاب، ڪاغذ ۽ اخبارون

نئين سنڌ لاءِ جدوجهد جي ايم سيد
سنڌ ڳالهائي ٿي جي ايم سيد
جنب گذاريم جن سين جي ايم سيد
سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي ايم سيد
شهيد الله بخش سومرو - شخصيت ۽ سياست آزاد قاضي
Colorful Personalities of Sindh M. U. Abbasi
Allah Bux Soomro India’s Nationalist No.1 Jagat. S. Bright
Modern Islam in India W. C. Smith
India Wins Freedom Abul Kalam Azad
Muhammad Ayub Khuhro Dr. Hamida Khuhro
Growth of Muslim Nationalism D.A. Pirzada
The Soomras Dr. Mahar Abdul Haq Soomro
Transfer of power Volume i , ii, iii, iv, v,
The Governors of the Sindh to the Viceroy (Fortnightly Confidential Reports) L/P&J/5/251 to 258 British Library London
Indian Annual Register
Proceedings of Assembly of Sindh
Reports of the Annual Conventions of All-India Muslim League Sharifuddin Pirzada
Muslim Politics and the Growth of the Muslim League in Sindh Jones Allen Keith
Proceeding of Bombay Legislative Council, File V/9/2841- British Library London
The Daily Gazette Karachi , 15 May 1943
Reports of “The All-India Azad Muslim parties Conference” April 1940, March 1942 and August 1942
Khan Abdul Ghaffar Khan Humayon Kabir
Abul Kalam Azad Malsiani
The Dictionary of National Biography of India
Daily Dawn Karachi 1947
Facts are Facts Khan Abdul Wali Khan