ڪھاڻيون

اناميڪا

ھي ڪتاب پرڏيھي ادب مان ترجمو ڪيل چونڊ ڪھاڻين جو مجموعو آھي. الطاف شيخ لکي ٿو:”ڪيتري وقت کان اهو خيال هوم تہ، دنيا جي مشھور ٻولين جي بهترين ڪھاڻين کي سنڌيءَ جو روپ پھرايان، جيئن دنيا جي لازوال ادب سان سنڌي سٻاجهڙا واقف ٿي سگهن. ان ارادي سان ننڍي کنڊ جي سرسبز زبان بنگاليءَ سان گڏ ڪجهہ ٻين مشھور لکڻين کي سنڌي ٻوليءَ جو روپ اوڍائي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. بنگال منھنجو وطن ئي آهي، جتي مون زندگيءَ جو بھترين وقت گذاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون هن محنت جو نالو ”اناميڪا“ رکيو آهي. بنگال سان هونئن بہ منھنجون ڪيتريون ئي ڪَڙيون مِٺيون يادون جڙيل آهن.“

  • 4.5/5.0
  • 14
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اناميڪا

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

نيو فيلڊس پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر ٻه سئو اڻٽيهه

ڇپائيندڙ: نيو فيلڊز پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، سنڌ.
ڇپيندڙ: ذڪي پرنٽنگ پريس، ڪراچي
چوٿون ايڊيشن: 1999ع
قيمت: 60 روپيه، پڪي جلد سان 80 روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com

(سڀ حق ۽ واسطا قائم)

ANAMEKA (Short stories) Translated by ALTAF SHAIKH.
Published by New Fields Publications, Tando Wali Muhammad, Hyderabad Sindh. Pakistan.

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1966ع ۾، ٻيو ڇاپو 1979ع ۾، ٽيون ڇاپو 1981ع ۾، چوٿون ڇاپو 1999ع ۾ شايع ٿيو.

انتساب

جھانگير حبيب جي نالي

بحرِ _ هند جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اداسي ڇائنجي ويئي جڏهن زندگيءَ جي پهرين سامونڊي سفر تي تنهنجون آسون، تنهنجون اميدون ۽ تنهنجون تمنائون هميشه هميشه لاءِ سمنڊ جي سير ۾ سرد ٿي ويون ۽ موت جي ڪاري ڀيانڪ روپ توکي اسان مڙني کان جدا ڪري ڇڏيو.
زندگيءَ جي هيءَ پهرين ڪوشش توسان ئي منسوب ڪريان ٿو. اميد ته قبول ڪندين.

الطاف شيخ

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرنامانگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ پاران پرڏيھي ادب مان ترجمو ڪيل چونڊ ڪھاڻين جو ڪتاب ”اناميڪا“ اوهان اڳيان پيش آهي. الطاف شيخ لکي ٿو:
”ڪيتري وقت کان اهو خيال هوم تہ، دنيا جي مشھور ٻولين جي بهترين ڪھاڻين کي سنڌيءَ جو روپ پھرايان، جيئن دنيا جي لازوال ادب سان سنڌي سٻاجهڙا واقف ٿي سگهن. ان ارادي سان ننڍي کنڊ جي سرسبز زبان بنگاليءَ سان گڏ ڪجهہ ٻين مشھور لکڻين کي سنڌي ٻوليءَ جو روپ اوڍائي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان. بنگال منھنجو وطن ئي آهي، جتي مون زندگيءَ جو بھترين وقت گذاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون هن محنت جو نالو ”اناميڪا“ رکيو آهي. بنگال سان هونئن بہ منھنجون ڪيتريون ئي ڪَڙيون مِٺيون يادون جڙيل آهن.“
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1966ع ۾، ٻيو ڇاپو 1979ع ۾، ٽيون ڇاپو 1981ع ۾، چوٿون ڇاپو 1999ع ۾ شايع ٿيو. اسان ٿورائتا آھيون الطاف شيخ جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پنهنجي پاران

ڪيتري وقت کان اهو خيال هوم ته، دنيا جي مشهور ٻولين جي بهترين ڪهاڻين کي سنڌيءَ جو روپ پهرايان، جيئن دنيا جي لازوال ادب سان سنڌي سٻاجھڙا واقف ٿي سگھن. ان ارادي سان ننڍي کنڊ جي سرسبز زبان بنگاليءَ سان گڏ ڪجھه ٻين مشهور لکڻين کي سنڌي ٻوليءَ جو روپ اوڍائي اوهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.
بنگال منهنجو وطن ئي آهي، جتي مون زندگيءَ جو بهترين وقت گذاريو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون هن محنت جو نالو “اناميڪا” رکيو آهي. بنگال سان هونئن به منهنجون ڪيتريون ئي ڪَڙيون مِٺيون يادون جڙيل آهن. آءٌ انهن يادن سان گڏوگڏ هي ڪتاب پنهنجي پياري ساٿي مرحوم جھانگير حبيب جي نالي سان منسوب ڪريان ٿو، جيڪو آڪٽوبر 1965ع ۾ جهاز مان ڪِرڻ سان سمنڊ جي تکين لهرن جو شڪار ٿي ويو هو. جھانگير جي بي وقت موت جو ماتم آءٌ هميشه ڪندو رهندس ۽ هي ڪتاب سندس ياد سان منسوب ڪري آئون ائين محسوس ڪريان ٿو ڄڻ جھانگير زندا آهي، امر آهي.

الطاف شيخ
ڪراچي
15 مئي 1966ع

ڪهاڻيون

---

دل جي دنيا

۽ “دل جي دنيا” جي ويجھو پهتس ته پير ڄڻ پَٽ سان ڄمي ويا. فلم ڏسڻ جي سَڌَ وڏي چاهه سان جاڳي پيئي. کيسي ۾ جيڪڏهن پئسا نه هجن ها ته شايد اها خواهش ايتري شدت اختيار نه ڪري ها، پر اڄ پگھار مليو هو. هڪ ڪائنات ملي هئي مون کي. ان ڪري روح اندر راحت محسوس ڪري رهيو هوس. چئن مهينن کانپوءِ جيڪڏهن اڄ به پڪچر نه ڏٺم ته پوءِ اهو نسورو ظلم ٿيندو. منهنجي دل تي اهو جبر ٿيندو ۽ منهنجي نازڪ دل اها سختي هرگز سهي نه سگھندي. مون کي پڪچر ڏسڻي ئي پوندي.
سئنيما جي ورانڊي ۾ داخل ٿيس. سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ جي قطار ۾ بيهي، ڪڇ مان ڪملا لاءِ ورتل جارجٽ جي آسماني ساڙهيءَ جو پئڪيٽ ڪڍي، خوشيءَ مان سوچڻ لڳس ته اڄ ڪملا منهنجي هٿن ۾ ساڙهي ڏسي ڪيڏو خوش ٿيندي. هن جي گلابي چپن تي مرڪ ڪيڏي نه وڻندڙ لڳي ٿي. ۽ آسماني ساڙهي ته هن جي حسن کي اڃا به وڌائي ڇڏيندي. هوءَ ان ۾ اڃا به وڌيڪ حسين لڳندي. ان ڏينهن پاڙي واريءَ هڪ اهڙي ساڙهي پسند ڪرائڻ لاءِ اسان جي گھر موڪلي هئي. ساڙهيءَ کي ڪملا پنهنجي بدن جي مٿان رکي ايئن ئي آرسيءَ جي سامهون ٿي بيٺي. ان وقت هن جي اکين مان هڪ دٻيل خواهش جو اظهار ٿي رهيو هو، جيڪو مون ڏسي ورتو هو. آئون سڀ ڪجھه محسوس ڪري ويو هوس. هن پنهنجي اها خواهش منهنجي اڳيان ظاهر نه ڪئي. ٿي سگھي ٿو ان خيال کان ته مون کي اڃا پگھار نه مليو آهي. هن سمجھيو ٿي ته مون ۾ ايتري سگھه نه آهي جو اهڙي ساڙهي خريد ڪري سگھان. پر اڄ مون کي پگھار مليو آهي. ٻن مهينن جي يڪي پگھار ملڻ بعد ڪملا جي اها خواهش پوري ڪرڻ مون لاءِ تمام ضروري هو. ٿوري دير اڳ هيءُ ساڙهي خريد ڪرڻ مهل منهنجي دل ۾ خوشيءَ جا ڄڻ ڪيترائي ڏيا روشن ٿي ويا هئا، ۽ هاڻ قطار ۾ بيٺي بيٺي پلان ٺاهڻ لڳو هوس. پڪچر ختم ٿيڻ بعد آئون جڏهن گھر پهچندس ته ساڙهيءَ کي پٺيان لڪائي هڪ نامعلوم مايوسيءَ جي ائڪٽنگ ڪندي کٽ تي ڪري پوندس. مون کي ان حال ۾ ڏسي هوءَ ڊوڙندي ايندي ۽ حيران ٿي سوال ڪندي. آئون وڌيڪ غمگين منهن ٺاهي چوندس: “پگھار اڄ به نه مليو ڪملا! خبر ناهي هاڻي ڪڏهن ملي۽ ڪيترو انتظار ڪرڻو پوي.”
۽ پوءِ ڏسڻو آهي ته هوءَ ڇا ٿي چوي. شايد مون سان گڏ هوءَ به اداس ٿي وڃي، پر گھڙي کن کانپوءِ هڪدم کيسي مان نوٽ ڪڍي هن جي مٿان اڇلائيندس. ڄڻ ته قدرت طرفان اهي پئسا هن جي مٿان گھورڻ لاءِ مليا هجن. پوءِ آسماني ساڙهي هن جي مٿان ورائي چوندس:
“ تون اداس ڇو ٿي ٿين، ڪملا! تنهنجي آرام ڪارڻ، تنهنجي خوشيءَ ڪارڻ ته آئون وڏي کان وڏي طاقت سان به مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. تنهنجي چهري تي خوشيءَ جا ڪِرڻا ڏسي منهنجي زندگيءَ جي آرزو پوري ٿئي ٿي. اچي هيءَ آسماني ساڙهي. هن کي پائي تون ڪائنات جي مڙني خوبصورت شين کي چئلينج ڪري سگھين ٿي. آسماني ساڙهيءَ مان تنهنجو مرڪندڙ چهرو، آسمان تي چمڪندڙ چنڊ کان به وڌيڪ سهڻو لڳندو.”
ٽڪيٽ شروع ٿيڻ ۾ اڃا چڱي دير هئي. دل ۾خيال آيو ته تيستائين سئنيما گھر جو چڪر ئي هڻي وٺجي. وقت به گذري ويندو. ٽڪيٽ وٺڻ وارن جي قطار مان نڪري آئون اڳيان وڌيس ۽ آهستي آهستي، خيالن ۾ ائين ئي پنهنجو پاڻ ۾ گم سم، پنهنجي دل جي دنيا جو سير ڪرڻ لڳس. ايتري ۾ ڪنهن مون کي “هيلو” ڪيو.
“اوهه!” ڇرڪ ڀري، مون پٺيان مڙي ڏٺو ته رينا هئي. رينا کي ڏسندي ئي مون کي ڪاليج جي دنيا ياد اچي ويئي. هيءَ اها ئي رينا آهي، ڪاليج جي مشهور بلبل. هرڻيءَ جي اکين واري رينا. مٺن ٻولن ۽ رسائتن گيتن واري رينا، جيڪا گھڻو وقت ڪرسچن ڇوڪري رچرڊ سان گڏ رهندي هئي. تن ڏينهن ۾ هر ڪو هن سان ڳالهائڻ جو موقعو ڳوليندو هو. سليم پنهنجي ڪار ۾ کيس لفٽ ڏيڻ لاءِ واجھائيندو هو. تن ڏينهن ۾ ڪيترائي دفعا منهنجي دل ۾ به خواهش جاڳي ته جيڪر مان به رينا جي قريب ٿيان. رينا مون سان به ڳالهيون ڪري. منهن ۾ گھُنڊ پائي مون کان به پڇي ته ٻيو پيرڊ ڪنهن جو آهي. مون سان به ڪتابن جون ڳالهيون ڪري. ليڪچرارن تي نالا رکڻ لاءِ مون سان به صلاح ڪري. ڪاليج جي ڊرامن بابت مون سان به پروگرام ٺاهي. پر هن مون کان ڪڏهن به ڪا ڳالهه نه پڇي. ڪڏهن نگاهون به مٿي کڻي مون ڏي نه ڏٺو. مون کي پنهنجي سادن ڪپڙن ۽ مسڪين حالت جي ڪري ايتري همٿ نٿي ٿي جو پاڻهي کڻي رينا جي ويجھو وڃان. هن جي سامهون اچي هن کي “هيلو” چوان. هن جي پٺيان بيهي اوچتو دانهن ڪريان ۽ هوءَ ڇرڪي جواب ڏئي: “اُف! آئون ته سڄي ڊڄي ويس.”
ان وقت اهي سڀ ڳالهيون مون لاءِ رڳو خواب يا خيال هيون، جيڪي هن وقت خبر ناهي ڇو ياد پيون اچن. پيءُ جي وفات کانپوءِ مون کي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي نوڪري ڪرڻي پيئي. اڌ مان ڪاليج ڇڏڻ وقت به مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو ۽ سوچيو هوم ته هاڻ زندگيءَ ۾ وري ڪڏهن به اهڙو رنگين ۽ آزاد ماحول نه ملندو. کلندا ڪڏنا ساٿي نه ملندا. هرڻيءَ جي اکين جهڙي رينا نظر نه ايندي. هينئر خبر ناهي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کپن يا نه. پر آئون ڪري به ڇا ٿو سگھان. ڪنهن جو تصور ماضيءَ جي منجھيل يادين کي سلجھائڻ لڳي ته ڇا ڪجي. اڄ ته رينا ئي مون کي “هيلو” چئي ويٺي هئي. نه ڄاڻ ڇو اڄ اوتيل جمنا اڃايل وٽ اچي نڪتي. منهنجيون نگاهون يڪدم پنهنجن ڪپڙن ڏي هليون ويون. خير اهو به سٺو ٿيو جو اتفاق سان مون ان ئي ڏينهن نئون سوٽ پاتو هو ۽ اهو فقط ان لاءِ ته ٻيا سڀ ڪپڙا ميرا ٿي ويا هئا، ۽ مهيني جي آخري تاريخن ۾ انهن کي ڌئارڻ لاءِ پئسا ڪٿان آڻي ٿي سگھيس.
منهنجي چپن تي مرڪ مڙڻ لڳي. ڇوڪرين کي ڏسڻ سان اهڙي قسم جي مرڪ خودبخود نمودار ٿي ويندي آهي. مون به رينا کي “هيلو” چيو ۽ وڌيڪ ويجھو ٿيس.
“گھڻن ڏينهن کانپوءِ ڏيکائي پيا ڏيو. توهان__؟” رينا مرڪندي پڇيو، “ڪاليج ۾ ته نظر ئي ڪونه ٿا اچو__؟”
“مس رينا، مون ڪاليج جي زندگيءَ کي الوداع چئي ڇڏيو آهي.” مون چيو ۽ لهجي ۾ ڪجھه پنهنجائپ ڪندي چيو “در اصل آءٌ ڪتابي زندگيءَ کان وڌيڪ عملي زندگي جي ميدان ۾ ملندڙ تجربن جو قائل آهيان.”
رينا کلي ڏنو ۽ آئون سوچڻ لڳس ته ڪاش اها کِل مون کي ڪاليج جي ورانڊن ۾ نصيب ٿئي ها. پوءِ اها کِل مون لاءِ زندگي هجي ها ۽ ان زندگيءَ مان ڀرپور لطف وٺي سگھان ها. خوشيءَ جا ڪيترائي گيت ڳائي وٺان ها.
“اڄ توهان اڪيلي آهيو، مس رينا؟” پنهنجو پاڻ کي خيالن جي دنيا مان ڪڍي مون پڇيو.
“ها ٿوري دير اڳ تائين اڪيلي هئيس. پر هاڻ ته نه آهيان.”
“آئي سِي___.”
اهڙن موقعن تي “آئي سي” چوڻ نه رڳو پنهنجي لياقت ڏيکارڻ آهي پر معاملو ڊهڻ کان به بچيو وڃي.
“ڏاڍو سٺو ٿيو، جو توهان اچي ويائو. نه ته سچ پچ آئون ته پاڻ کي هيڪاندي اڪيلي محسوس ڪري رهي هيس. اصل ۾ اڄ طبعيت ٿوري بور پئي ٿي، سو هيڏانهن هلي آيس. ڪو پهرين جو پروگرام نه ٺاهيو هوم.”
“ها سائين،” مون جواب ڏنو. “ڪجھه ماڻهو ته ملڪ جي پنج_ساله رٿا وانگر فلم جو به پروگرام گھڻو اڳ ٺاهيو وٺن. مون کي ته انهن ماڻهن تي رحم ٿو اچي جيڪي ههڙي معمولي تفريح کي به ايتري اهميت ٿا ڏين.”
رينا وري مرڪڻ لڳي. ايتري ۾ ٽڪيٽ گھر جي دري کلي. مون کي اهو ڊپ ورائي رهيو هو ته ڪٿي ڪو همراهه هِتان هُتان اچي نڪري ۽ هو مون کان رينا نه کسي وٺي. ان ڪري مون يڪدم ٻه ٽڪيٽون گرانڊ سرڪل جون ورتيون. ٽڪيٽ خريدڻ وقت مون اهو به نه سوچيو ته اڄ پهريون دفعو سئنيما لاءِ ايڏي ڳري ٽڪيٽ وٺي رهيو آهيان. دل ۾ رڳو اهو ئي سوچي رهيو هوس ته هاڻ رينا ۽ آئون “دل جي دنيا” ۾ داخل ٿي وينداسين. هڪ ٻئي جي ڀرسان ويهي فلم ڏسنداسين. ۽ ان دوران آءٌ هيرو ۽ هيروئن جي اداڪاريءَ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو رهندس ۽ اهڙيون فلمون ٺاهڻ وارن جي دماغن تي چٿرون ڪندو رهندس. رينا سان هجائتو ٿيڻ لاءِ ڪهڙو نه سٺو موقعو هو. هال ۾ جڏهن گھڙياسين ته رينا پئڪيٽ بابت پڇيو، جنهن ۾ ڪملا لاءِ ورتل ساڙهي هئي.
جواب ڏيڻ بدران مون پئڪيٽ ئي کڻي رينا جي هٿن ۾ ڏنو. پئڪيٽ کليو ته هن جي اکين ۾ هڪ چمڪ پئدا ٿي ويئي.
“هائي رام! ڪيتري نه پياري ٿي لڳي!”
“توهان کي وڻي ٿي ڇا_؟”
“رنگ ڏاڍو سٺو اٿس.”
مون هڪ دفعو وري چتائي ڏٺو. رينا جي نظرن ۾ سمائڻ بعد، هاڻ مون کي به هن جو رنگ پهرين کان گھڻو حسين ڏيکائي ڏيڻ لڳو ۽ آءٌ سوچڻ لڳس ته هاڻ ته گھر پهچڻ سان ڪملا کي اهو چوندس ته هينئر هينئر ان ساڙهيءَ کي پاءِ ته ڏسان ڪيئن ٿي لڳين. آسماني رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ڪملا بيحد دلڪش لڳندي. هن جي چهري جي جوت وڌيڪ اڀري ايندي. ان وقت جيڪڏهن هوءَ ڇڙو موتئي جو گل پنهنجن وارن ۾ هڻندي ته به حور پري لڳندي. رينا منهنجي زال جي ساڙهي ڏسڻ ۾ غرق ٿي ويئي ۽ آئون خبر نه آهي ڇا جو ڇا سوچيندو رهيس.
“ڪيتري ۾ ورتي اٿانوَ_؟” رينا اوچتو سوال ڪيو.
“قيمت پڇي ڇا ڪندا. پسند اچانوَ ته کڻي رکو.” مون جواب ڏنو ۽ رينا وري کلي ڏنو.
هن جو کلڻ يا مرڪڻ ان ڏينهن مڙيئي ڪجھه وڌيڪ ئي لڳو ٿي. يا شايد دل فريبي ۽ کِل ۾ ڪجھه اهڙو ئي ناتو آهي _ ڪجھه چئي نٿو سگھان. ٿوري دير بعد هن “ٿئنڪ يو” چيو ته منهنجي دل ڄڻ بيهي ويئي. هال ۾ به ان ئي وقت اونده ٿي ويئي ۽ پوءِ جيتوڻيڪ فلم شروع ٿي ويئي، پر آءٌ فلم ڏسڻ بدران ٽيڏيءَ اک سان رينا جي هنج ۾ رکيل ساڙهيءَ جو بنڊل ڏسندو رهيس. رکي رکي سوچڻ لڳس ته مون اهو آخري جملو ڇو چيو. ڳالهه کي ايترو ڇو وڌايو. رينا ته سچ پچ ۾ ساڙهي قبول ڪري ڇڏي. هيڏي مهانگي ساڙهيءَ کي ائين دل جي دنيا ۾ لٽائي ڇڏڻ هڪ غريب ماڻهوءَ لاءِ گھر جي دنيا ۾ باهه لڳائڻ برابر هو. دل ۾ آيو ته جھپ هڻي رينا جي هنج مان پئڪيٽ کڻي ڀڄي وڃان. هن اونداهيءَ ۾ ڪير ڏسي سگھندو ۽ رينا منهنجو ڪري به ڇا سگھندي. وڌ ۾ وڌ ڪاليج جي چئن ڇوڪرن سان کڻي ڳالهه ڪندي، ۽ هو چوندا ته آئون ڪو چريو ۽ بيوقوف آهيان، پر ڪملا کي پائڻ لاءِ ته هڪ ساڙهي ملي ويندي. مون هٿ وڌائڻ ٿي چاهيو پر ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪا اڻ ڄاتل طاقت منهنجن هٿن کي جھلي رهي هجي. نيٺ ارادو ڪيم ته انٽرول يا فلم ختم ٿيڻ تي ڳالهه مان ڳالهه ڪڍي مس رينا کي چوندس ته هوءَ اها ساڙهي مون کي موٽائي ڏئي، هن لاءِ مان ٻي وٺي ايندس. انٽرول ۾ ڪجھه عجيب حالت هئي. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون پر ساڙهيءَ جو موضوع نه نڪتو ۽ فلم ختم ٿيڻ تي جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته ڪڙو منهن ٺاهي رينا کي چيم“ رينا ديوي توهان سان هڪ ڳالهه ڪرڻي اٿم.”
“هڪ ڳالهه ڇا سئو ڳالهيون ڪريو،” رينا چيو، “پر هينئر نه. مون سان گڏ هلو. اڄ رات ڪلب ۾ هڪ شاندار پروگرام آهي. منهنجا به ڪجھه پارٽ آهن. توهان کي ضرور پسند ايندا.”
۽ هڪدم هوءَ ڀرسان بيٺل ٽئڪسيءَ ۾ ويهي رهي. ٻه چار لمحا سوچي ٻيو ڪو چارو نه ڏسي آئون به ڀر ۾ ويهي رهيس. سوچڻ لڳس ته ٺيڪ آهي اڄ زندگيءَ ۾ نه رڳو پهريون دفعو ڪلب ڏسندس پر هڪ شاندار پروگرام ۾ به وهندس. انهيءَ وچ ۾ رينا کان ساڙهي وٺڻ جو به وجھه ملي ويندو. رينا ٻاهر خلا ۾ گھوري ڪجھه سوچيندي رهي. مون پڇيو:
“ هي پروگرام آخر ڪهڙي سلسلي ۾ ٿي رهيو آهي.”
رينا ائين ڇرڪ ڀريو ڄڻ ڪنهن خواب مان سجاڳ ٿي هجي.
“اوه! واهه جي توهان ياد ڏياري.”
۽ هن دل جي شڪل جو هڪ وڏو پرس کوليو ۽ اندر هٿ وجھي ڪجھه ڳولڻ لڳي. مون پنهنجي منهن ڀڻڪندي چيو: “هيءَ رينا پاڻ سان گڏ هيڏو وڏو پرس ڇو پئي کڻيو هلي. شايد هن ۾ ڪاليج جي ڇوڪرن جون دليون ڀري رکيون هجنس. پر هن جڏهن پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ته ان ۾ ڪنهن جي دل نه پر هڪ ڪاغذن جي چوپڙي هئي.
“ڳالهه در اصل هيءَ آهي ... ” هن مون سان مخاطب ٿيندي چيو، ” هي پروگرام اسان هڪ چئرٽي_ يعني خيرات جي سلسلي ۾ ڪري رهيا آهيون. هن مان جيڪي پئسا ملندا سي اسان يتيم ٻارن جي تعليم تي لڳائينداسين. بيواهه زالن لاءِ گھريلو ڪارخانا کولي ڪمائڻ لاءِ راهه کولينداسين. مون کي اميد آهي ته اوهان به اسان جي هنن ڪوششن کي ضرور سارهائيندا.”
“ها بلڪل. اهو ته تمام سٺو ڪم آهي.” مون ڄڻ ڪٿان پري کان وراڻيو. منهنجي دل ڏڪي رهي هئي ڇو ته اهڙي قسم جي گفتگو جي پڇاڙيءَ کان ڀلي ڀِت واقف هوس ۽ واقعي ٿيو به ائين.
“ڏسو ته سهي. مون هيتريون ساريون ٽڪيون وڪڻي ڇڏيون آهن سواءِ هن هڪ جي. شايد توهان لاءِ وڃي بچي آهي.”
“نه رينا ديوي. مان غريب آهيان.”
جواب ۾ رينا ٽهڪ ڏيندي چيو: “ اها توهان مردن جي عجيب عادت آهي، سئنيما ۽ ٻين عياشين پٺيان ته دل کولي خرچ ڪريو ٿا پر جتي خيرات جي ڳالهه نڪري ٿي ته پنهنجو پاڻ کي دنيا جو غريب تصور ڪرڻ لڳو ٿا. نه فقط توهان پر توهان کان اڳ ٻين به ڪيترن مردن اهو کِٽراڳ ڪيو ٿي ته پئسو نه اٿئون.”
رينا وري کلڻ لڳي ۽ آئون سوچڻ لڳس ته جيڪڏهن ٽڪيٽ نه خريد ڪندس ته پوءِ ساڙهيءَ جو معاملو ائين ئي گول ٿي ويندو. ڪجھه رپيا خرچ ڪري جيڪڏهن مهانگي ساڙهي واپس ورتم ته اهو سودو ايترو مهانگو نه پوندو ۽ هونئن به ڪلب وٽ ان ٽڪيٽ کي بليڪ ۾ واپس وڪڻي سگھان ٿو. ان خيال کي ڌيان ۾ رکي پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌم. خبرداريءَ باوجود سؤ جو نوٽ کيسي مان ليئا پائڻ لڳو. رينا جي اکين کان ڀلا ڪيئن ٿي لڪي سگھيو.” ٽوڪ طور منهنجي اهل ڪندي چيو: “مان غريب آهيان رينا ديوي.” ۽ وري کلي چوڻ لڳي: “ توهان جي دولت جو اندازو ته فقط انهيءَ کيسي جي خرچيءَ مان لڳائي سگھجي ٿو. چڱو ڏسو هيءَ جيڪا ٽڪيٽ رهجي ويئي آهي سا سؤ جي آهي.”
هن وڏي حُجت سان هٿ وڌائي نوٽ کنيو، جيڪو ڪنهن پڙدي لڳل رڪشا ۾ ويٺل پڙدي پوش عورت وانگر ٻاهر ڏسي رهيو هو، هن جو ٿي ويو. ان کان اڳ جو اهو رينا کان موٽائي وٺان، ٽئڪسي هڪ وڏي لوڏي سان بيهي رهي. مون مڙي ڏٺو ته ڪلب پهچي ويا هئاسين ۽ چوڌاري ماڻهن جا انبوهه ۽ انهن جو گوڙ شور هو. رينا کن پل ۾ ان گوڙ منجھه گم ٿي ويئي. دروازو کولي آئون اڃا لٿس ئي مس ته ڊرائيور کڻي جھليو.
“سائين پئسا ڪير ڏيندو؟”
“ته توکي ڀاڙو به ڏيڻو آهي. اهو ته .... اهو ته منهنجو مطلب آهي ... رينا ديوي ڏيندي.”
“ڪٿي آهي ... ڪير آهي اها ديوي؟”
“اها ئي جيڪا هينئر هينئر لٿي.”
“پر هاڻ ته ڪانهي. ڪيڏانهن ويئي_؟”
“مون کي پاڻ خبر ناهي. ان ئي توکي سڏايو هو. انتظار ڪرينس اجها ته آئي.”
“ها پر انتظار جا پئسا ڌار ٿيندا. تيستائين بابو توهان کي به هتي ترسڻو پوندو.”
منهنجي نرڙ تي پگھر جون بوندون ظاهر ٿيڻ لڳيون. ڀلا اهڙي به ڪهڙي جلدي لڳي هئي رينا کي جو گھڙي کن ترسي پئسا ڏيڻ بنا ڀڄي ويئي. هاڻ خبر ناهي هوءَ ڪڏهن اچي. ٿي سگھي ٿو هن جي دل تان ڳالهه لهي ويئي هجي ته ڪو ٽئڪسي واري کي ڀاڙو ڏيڻو آهي. يا شايد هن سمجھيو هجي ته مون کي ڏيڻو آهي. سڄي ميڙ منجھه ڪير به سڃاڻو نه هو جنهن کي اندر موڪلي رينا کي گھرائي سگھان ۽ هن ڊرائيور جي پٽ مون کي ڇڏڻ نٿي چاهيو. ڪيترائي منٽ گذري ويا. ٽئڪسيءَ جو ميٽر جيتوڻيڪ ڪجھه ڪڇونءَ وانگر وڌي رهيو هو پر سهي کان ڊوڙ کٽڻ ڪارڻ پڪي ارادي سان اڳتي وڌي رهيو هو. آءٌ سوچڻ لڳس ته رينا ڊرامي ختم ٿيڻ کانپوءِ به جي نه آئي ته پوءِ آءٌ ڇا ڪندس. هڪ صورت اها هئي ته ڊرائيور کي پئسا ڏيئي آجو ڪري ڇڏيان ۽ پوءِ ايترا پئسا رينا کان وصول ڪريان. اهو سوچي جيتوڻيڪ منهنجي دل ڏڪڻ لڳي پر ڪجھه دير بعد مون کي اها ئي صورت مناسب لڳي ۽ پئسا پنهنجي کيسي مان ڏيئي ميڙ ۾ اڳيان وڌيس. هڪ چرسي قسم جي ماڻهوءَ منهنجي اڳيان بيهي چيو: “ڊرامون فرسٽ ڪلاس آهي. پنجاهه روپين جي ٽڪيٽ جا فقط سؤ رپيا .”
مون کي هڪدم دل ۾ خيال آيو. کيس ٿورو پري وٺي پڇيومانس: “ ڇا سڀ ٽڪيٽون ختم ٿي ويون؟”
“تڏهن ته بليڪ پيو وڪڻان. پنجاهه جي سؤ ۾. فقط هڪ رهجي ويئي آهي.”
“منهنجي ڳالهه ٻڌ، ” مون آهستي چيومانس. “مون وٽ هڪ سؤ جي ٽڪيٽ آهي. پرواهه ناهي جي اها نوي ۾ وڪامجي. مون کي تون اسي رپيا ئي ڏجانءِ”.
“سچ_”
هن جي اکين ۾ حيرت هئي.
“اچي. هيءَ اٿئي ٽڪيٽ.” مون هن کي ٽڪيٽ ڏيندي چيو. ان سان گڏ آئون به هن جي پٺيان هلڻ لڳس ڇو ته ڊپ هوم ته ڪٿي گوڙ ۾ هو به نه گم ٿي وڃي. ٿوري جدوجهد بعد هن ان ٽڪيٽ کي سؤ رپين ۾ وڪڻي ڇڏيو. جيئن ئي هن پئسا وٺي کيسي ۾ وڌا ته آئون اچي سامهونءَ بيٺوسانس ۽ خوشيءَ مان ڏند ٽيڙي پڇيو مانس:“ تون ته تمام سٺو ماڻهو نڪتين، هل ويهه رپيا تنهنجا اَسي منهنجا....”
“ڇا جا اَسي؟”
“هينئر جو تو منهنجي ٽڪيٽ وڪرو ڪري پئسا حاصل ڪيا آهن.”
“چئو ڇا پيا_؟”
“ها، ها، هينئر... هينئر تو منهنجي ٽڪيٽ ٻئي ماڻهوءَ کي سؤ رپئي ۾ جا وڪڻي آهي.” مون تکو ٿيندي چيومانس.
“توهان کي غلط فهمي ٿي آهي، مسٽر. هن صاف جواب ڏيئي ڇڏيو. پاسي ۾ بيٺل هڪ همراهه ٻئي کي چيو: “ڏس ته سهي چيرٽي جون ٽڪيٽُون به بليڪ ٿي رهيون آهن.”
“اسان جي سماج جو معيار روز بروز ڪرندو وڃي.” ٻئي جواب ڏنس.
“منهنجا پئسا ڇڏاءِ.” مون وري چيو.
هن اطمينان سان جواب ڏنو: “توهان جينٽلمئن ٿا ڏسجو. پوءِ هي “ٿڪي ان کي چٽڻ جي عادت ڇو.” ٽڪيٽ توهان يتيم ٻارن جي مدد لاءِ خريد ڪئي هئي. ظاهر آهي ته توهان جا پئسا فنڊ ۾ هليا ويا، ۽ ٻيو ڇا کپي توهان کي؟”
هن شخص جي وجھو بيٺل ٻين همراهن به هن سان همدردي ڪئي ۽ هاڻ اتي ڳالهه کي وڌائڻ منهنجي لاءِ ئي نقصانڪار هو. هاڻ ڇا ٿي ڪري سگھيس. آخر مون کي هتان وڃڻو ئي پيو. دل جو سور ۽ سخت تڪليف جو احساس کڻي گھر واپس پهتس. ڪملا منهنجي واٽ نهاري رهي هئي. منهنجا ٻار منهنجي ٽنگ ۾ چنبڙي پيا. منهنجو ضمير مون کي ملامت ڪرڻ لڳو. “اصل ۾ منهنجي پنهنجي دنيا هيءَ آهي” مون دل ۾ چيو، “منهنجي گھر جي ئي دنيا منهنجي دنيا آهي، مون هن ماحول کان ڇو بغاوت ڪئي.”
ڪملا ويجھو اچي پڇيو: “اڄ توهان هيڏي دير ڪئي؟”
مون وٽ ان جي جواب لاءِ لفظ نه هئا. سوچيم ته باقي بچيل پئسا سندس هٿن تي رکي سڄي ماجرا مٿان کان وٺي ٻڌايانس. اهو خيال ڪري مون کيسي ۾ هٿ وڌو ته ايتري ۾ ڪملا وري ساڳيو سوال ڪيو.
مون کيسي ۾ هٿ وڌو ته اتي ڪجھه به نه هو!
منهنجو کيسو ڪپجي چڪو هو...! گھوماٽجي ڪِرڻ کان اڳ کيس جواب ڏنم “دل جي دنيا ۾ ويو هوس، ڪملا!”

پيار جو بکايل

هوءَ جا هن ڪنڊ واري ميز وٽ جديد ترين ڊيزائين جي شلوار قميص ۾ ملبوس ڇوڪري بيٺي آهي. هوءَ جنهن جا وار مس ڊي نيل جي بيوٽي پارلر تان سجايل آهن_ جنهن کي آسماني رنگ جي ڊبل نٽنگ جو سئيٽر پاتل آهي، اها ڇوڪري مون سان محبت ڪندي هئي.
اها منهنجي خوش فهمي ناهي پر اها حقيقت آهي. هڪ تمام وڏي حقيقت!
ڪنهن سچ چيو آهي ته محبت انڌي ٿيندي آهي ۽ اها ڪيتري نه سٺي ڳالهه آهي، نه ته هڪ ڊسپوزل جي آمريڪي سوٽ، جيڪو مون نيلام ۾ ٻاويهين روپئي ورتو ۽ پنهنجي بدن تي فٽ ڪرائڻ لاءِ درزيءَ کي چوڏهن رپيا ڏنا، يعني جنهن جي قيمت ڇٽيهه رپيا آهي ۽ هڪ سٺ رپئي واري سئيٽر جو ڇا ميل_؟
ان آمريڪا جي ڊسپوزل_ يعني لنڊا بازار جي مال ته اسان جي شهر جي وچولي طبقي کي هڪ نئين سماجي زندگي ڏني آهي. ڪهڙا نه عمده عمده سوٽ آهن. چيسٽر آهن. اوورڪوٽ آهن. ڪن اسان جهڙن خفتين ته انهن ڪوٽن کي نالو ئي کڻي ڏنو آهي_ آئزن هاور ڪوٽ.
اڄڪلهه جي زندگيءَ کي سائن بورڊن جي ڪيتري نه ضرورت آهي. وچولي طبقي جي ماڻهن لاءِ سائن بورڊ جي ضرورت کي هنن آئزن هاور ڪوٽن ۾ پورو ڪيو آهي.
بهرحال ڳالهه هن ڪانچ جي گڏيءَ جهڙي ڇوڪريءَ جي پئي هلي، جنهن کي مون سان محبت ٿي ويئي هئي. هيءَ ڇوڪري هر خميس ڏينهن شام جو “روزالنڊ” ۾ تنبولا کيڏڻ ايندي هئي ۽ منهنجي ته هر شام اتي گذرندي هئي. ڇو ته هڪ آمريڪن سوٽ پائڻ سان دماغ به ذري گھٽ آمريڪن ٿيو وڃي ۽ ماڻهو هر وقت ماڊرن ٽائيپ ريسٽورنٽ ۾ ئي نظر اچڻ لڳي ٿو _ جيئن هيءَ پنهنجي روزالنڊ آهي.
هاڻ جڏهن ڳالهه نڪتي آهي ته آئون توهان کي اهو ٻڌائڻ به ضروري سمجھان ٿو ته آئون ڪٿان ۽ ڪيئن اهي پئسا هٿ ڪندو هوس، جنهن سان روزالنڊ جو ڳاٽي ڀڳو خرچ ادا ڪندو هوس_ نه ته پڪ اٿم ته توهان ضرور سوچڻ لڳي ويندائو ته هي ٻن سئو رپين جي نوڪريءَ وارو ڪيئن ٿو روزالنڊ وڃي! آئون نٿو چاهيان ته اڃا منهنجي ڪهاڻيءَ جي شروعات پئي هلي ته توهان جي سوچ ۽ فڪر جو وهڪرو ڪنهن ٻئي طرف مُڙي وڃي ۽ توهان پوليس ۽ جاسوسي کاتي جي مطلب ۾ سوچڻ لڳو.
ته سائين آئون رشوت هرگز نه وٺندو آهيان. منهنجو واسطو ئي هڪ اهڙي آفيس سان آهي، جنهن ۾ ڏيڻ وٺڻ بنهه گھٽ آهي. ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته آئون پارٽ ٽائيم جاب ڪندو آهيان. يعني هڪ ٻن سئو رپين جي نوڪريءَ سان گڏوگڏ آرٽسٽ به آهيان ۽ آفيس مان موڪل بعد پنهنجي دماغ جون ڳنڍيون برش ۽ رنگن سان سلجهائيندو آهيان. پر جيئن ته توهان کي خبر آهي ته آرٽ ۽ شعر و شاعري جو مالڪ پئسي پونجيءَ جي معاملي ۾ بک ئي مرندو آهي، سو ڪجھه سال اڳ مون اهو ڌنڌو ڇڏيو ٿي ته هڪ مهربان ۽ خداترس دوست صلاح ڏني ته سٺو ائين ٿيندو ته آئون ڪمرشل نموني جون شيون پينٽ ڪريان، جنهن سان گھٽ ۾ گھٽ برشن، رنگن، ڪينواسن جا ئي پئسا نڪري پوندا. صلاح ته تمام سٺي هئي ۽ مون صابڻ جا اشتهار، هيئر آئل جي شيشين جا ليبل، رسالن ۽ ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور ٺاهڻ شروع ڪري ڏنا.
ڌنڌو واهه جو هليو. هاڻ ته رنگ خريد ڪرڻ لاءِ به جام پئسو ٿي پيو ته برش به اوچي کان اوچا گھرائي سگھندو هوس. وڏي ڳالهه ته روزالنڊ جو چڪر به مزي سان لڳي ويندو هو. هونءَ به منهنجي لاءِ روزالنڊ جو سير ڪو ايترو مهانگو نٿي پيو جيترو هن جي بلن مان ظاهر آهي. ڇو ته خميس ڏينهن آئون تمبولا به کيڏندو هوس ۽ ذري گھٽ سڄي هفتي جو خرچ پکو ان مان نڪري ايندو هو. تمبولا_ ڇا ته مزيدار راند ٺاهي اٿن! ڪنهن چيو ته هيءَ به پوڪر وانگر آمريڪن راند آهي. ها سائين! ضرور هوندي. اها راند جنهن ۾ روڪ ناڻي جي ڏيتي ليتي ٿئي، آمريڪا جي نه ته، ڇا آفريڪا جي ٿي سگھي ٿي؟ سوچڻ جي ڳالهه آهي!
ها ته ڳالهه هن ڊيل جي چال جهڙي ڇوڪريءَ جي ٿي رهي هئي، جيڪا پڻ هر خميس ڏينهن شام جو روزالنڊ ۾ تمبولا کيڏڻ ايندي هئي. هيءَ ڇوڪري ايڏي ته خوبصورت ۽ حسين هئي جو پهرين نظر سان انسان پيار ڪرڻ لاءِ بيوس ٿيو وڃي. ان ڪري هتي روزالنڊ ۾ ڪيترائي ڇوڪرا هن سان فقط ڳالهائڻ لاءِ پيا واجھائيندا هئا. اهي ڇوڪرا جيڪي شيورليٽ، ڪئڊلڪ ۽ مرسڊيز جهڙين قيمتي ڪارن ۾ ايندا هئا. اهي ڇوڪرا جيڪي ڇوڪرين وانگر ميڪ اپ ڪري آمريڪي لهجي ۾ ڳالهائيندا هئا، اهي ڇوڪرا جيڪي سوڙهن پائنچن واريون ڪانٽينينٽل پتلونون ۽ چهنبائتا بوٽ پائي ايندا هئا_ اهي سڀ ڇوڪرا هن “مون کي_ هٿ _ نه_ لاهيو_ آءٌ_ ٽڙڪي_ پونديس” جهڙي ڇوڪريءَ جي حسن ۽ ادا تي فدا ٿيندا هئا. آئون ان گروپ جو ماڻهو نه هوس. ان ڪري آئون ڪنهن به حساب ۽ ليکي ۾ نٿي آيس.
اهو ڏينهن خميس جو هو. روزالنڊ سڄي ماڻهن سان ٽٻ هئي. سڀ ماڻهو پنهنجين پنهنجين ٽڪيٽن تي جھڪي نمبر ڳولهي رهيا هئا. منهنجون نظرون به ٽڪيٽ ۾ کتل هيون پر ڪَنَ نمبر ٻڌائڻ واري ڏي هئا. آڱرين ۾ جھليل پينسل ڏڪي رهي هئي ڇو ته نمبر ڪٽڻ تي ٻه سئو رپيا هئا ۽ “سنو بال” اڍائي سؤ رپين جو هو.
ٽِڪ... ٽِڪ... ٽِڪ....
منهنجي ٽڪيٽ تي نمبر ڪٽبيا ويا. ۽ پوءِ مون کان هڪدم رڙ نڪري ويئي.
“ييس!”
سڀني ماڻهن وٺي تاڙيون وڄايون. مون سوڀائتي انداز ۾ چوڌاري ڏٺو. پر... تاڙين جو رخ مون ڏي نه هو. ٻي ڪنڊ مان به هڪ آواز آيو هو ۽ تاڙيون اصل ۾ ان آواز جي آڌرڀاءُ ۾ وڄي رهيون هيون. ڀڙڪندڙ باهه جي ڄڀيءَ جهڙي ڇوڪري پنهنجي جاءِ تي بيهي داد وٺي رهي هئي. مون ڏي به هن هڪ مٿاڇري نظر وڌي ۽ آئون به بنا ڪنهن مطلب جي هن ڏي ڏسڻ لڳس. نظرون ٿوري دير لاءِ چار ٿيون ۽ پوءِ اسان ٻئي ڪائونٽر تي ملياسين ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جا پئسا ورتاسين. جنهن وقت بلڪل ويجھا ٿياسين ته مون هن ڏي ادا سان ڏٺو ۽ هن جي نازڪ چپن تي ان وقت هڪ اڻ لکائتي مرڪ ظاهر ٿي غائب ٿي ويئي.
بس ايتري سا ڳالهه ٿي، ان کانپوءِ آئون به اچي جاءِ تي ويٺس ۽ هوءَ به وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺي. پر خبر ناهي پوءِ ڇا ٿيو جو منهنجي هر ٽڪيٽ جو نمبر غلط نڪرڻ لڳو ۽ جيستائين منهنجو خيال آهي ته اهو اڄ تائين غلط نڪرندو اچي .... ڇو ته اهو شايد منهنجو آخري ئي انعام هو. ان ڪري مون پنهنجي ڪمرشل آرٽ جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو. هاڻ ته فلمن جا پوسٽر به ٺاهڻ لڳس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مالدار حلوائي يا سيٺ جو پورٽريٽ به ٺاهي وٺندو هوس.
سو ڳالهه ته هن گلاب جي مکڙيءَ جهڙي ڇوڪريءَ جي ڪري رهيا هئاسين. هڪ ڏينهن دستور موجب ٽيبل تي اڪيلو ويٺو هوس. ذري گھٽ سڀني پنهنجون ٽڪيٽون وٺي ڇڏيون هيون. ايتري ۾ هوءَ به اچي ويئي. اندر گھڙڻ سان پهرين هن چوڌاري نظر وڌي ۽ پوءِ مٿي ٽيبل وٽ اچي بيهي رهي.
“آئون هتي ويهي سگھان ٿي؟”
“ضرور اکين تي ...” مون جواب ڏنو.
“اولڊ بگر!” ڪنهن پٺيان ٽوڪيو، ۽ ايتري ۾ نمبر به شروع ٿي ويا ۽ سڄي هال ۾ ماٺ طاري ٿي ويئي. آئون ٽڪيٽ ڏي ڏسڻ لڳس.
“آئون توهان سان ڪجھه ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿي...” هن آهستي پيار واري لهجي ۾ چيو.
“هينئر_؟”
“نه، راند کانپوءِ.”
آئون چاهيندي به ٽڪيٽ تان نظر کڻي هن ڏي ڏسي نه سگھيس. خبر ناهي هيءَ ڇوڪري مون سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي؟ دل ئي دل ۾ خبر ناهي ڇا جو ڇا سوچيندو رهيس. منهنجي ٽڪيٽ جا نمبر غلط سلط نڪرڻ لڳا ۽ مونجھاري ۾ انهن کي ڦاڙي هن ڏي ڏٺم ته هوءَ ميز تي نگاهون ڄمائي ويٺي هئي.
رائونڊ ختم ٿيڻ بعد هوءَ پنهنجي جاءِ تان اٿي ۽ مون کي اشاري سان گڏ هلڻ لاءِ چيو ۽ روزالنڊ کان ٻاهر نڪري آئي.
ٻاهر اچي اسان ٻئي هڪٻئي سان گڏ هلندا چڱو اڳيان نڪري وياسين. ماٺ ئي ماٺ ۾. بلڪل خاموش.
“منهنجو نالو نيلوفر آهي.” هن جي چپن نيٺ چرپر ڪئي.
“۽ منهنجو نالو نيل ڪنٺ آهي.”
“آئون هڪ اسپتال ۾ نرس آهيان.”
“آئون امپورٽ ايڪسپورٽ جو ڌنڌو ڪريان ٿو.” مون لئه رکڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهايو.
“آئون ڪا ايڏي امير ناهيان. وچولي گھراڻي جي ڇوڪري آهيان. ائين پوز هڻندي آهيان. منهنجي ماءُ اسڪول ۾ ٽيچر آهي ۽ اسان جو گھر هڪ تمام معمولي گھر آهي، جنهن ۾ سنئون سبتو فرنيچر، ريڊيو يا ٿرماس به ناهي.”
“خير ڪجھه نه ڪجھه اَجھو ته هر ڪنهن کي آهي. پوءِ کڻي جھوپڙي هجي يا بنگلو. هونءَ آئون ڪم ڪارڻ گھڻو ڪري آمريڪا، انگلنڊ ۽ يورپ ۾ ئي رهان ٿو. ان هوندي به هتي به هڪ ٻه گھر ٺهرائي ڇڏيا اٿم، جتي ڪڏهن ڪڏهن اچي رهندو آهيان. نه ته نوڪر چاڪر ٽڪيا پيا آهن.”
“منهنجي ڪيترن ڏينهن کان اها تمنا هئي ته پاڻ هڪٻئي سان دوستي رکون.”
او! وڏي خوشيءَ سان! ڀلا اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي. مون کي ڀلا ان ۾ ڪهڙو رنج.” مون چيو.
هن چپ چاپ پنهنجو کاٻو هٿ وڌايو، جنهن کي مون پنهنجي ساڄي هٿ ۾ کڻي جھليو ۽ مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪرنٽ منهنجي سڄي بدن مان ڊوڙي ويو. رستي تي لڳل مرڪيوري بلبن جي روشني تمام تيز هئي.
“چڱو، مان هلان ٿي.” هن چيو ۽ مون ڏي ڏسڻ بنا هلي ويئي. هن جي وڃڻ کانپوءِ دير تائين اتي بيهي هن کي ويندو ڏسندو رهيس. هن هڪ دفعو به پٺيان مُڙي مون ڏي نه ڏٺو. آئون واپس موٽڻ وارو ئي هوس ته منهنجي نظر هڪ تمام وڏي سائن بورڊ تي پيئي، جنهن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو “اولڊ مونڪ” ۽ هيٺان هڪ پوڙهي راهب جي تصوير ٺهيل هئي، جنهن جي هٿن ۾ هڪ ٻرندڙ ڏيئو هو.
اهو سائن بورڊ منهنجو ئي ٺهيل هو.
وقت وقت جي ڳالهه آهي. هر هڪ گھڙي ۽ لمحو ٻئي کان مختلف هوندو آهي. جيڪڏهن ڪجھه گھڙيون اڳ ڪو مون کي چوي ها ته هيءَ ڇوڪري ڪنهن هاءِ ڪمشنر جي ڌيءَ آهي، ته به آئون يقين ڪريان ها. پر هاڻ؟
هاڻ ته نيلوفر ۽ آئون دوست ٿي ويا هئاسين ۽ شام جو روزالنڊ جي ڪنهن اڪيلي ڪنڊ ۾ ويهي ڪچهري ڪندا هئاسين. هوءَ هميشه مون کان مرعوب نظر آئي ٿي. ڇو ته هن جي نظرن ۾ آئون هڪ وڏو بزنيس مئن هوس، جنهن جو گھر هر ان جاءِ تي هو، جتي سونهن ۽ حسن هجي. سچ پچ ڪڏهن ته پاڻ کي واقعي آمريڪن يا يورپين سمجهندو هوس. اها حد جنهن تي انسان پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏئي ڇڏيندو آهي_ ذري گھٽ ان تائين پهچي ويو هوس.
خير آهستي آهستي اسان جي دوستي ۽ پيار جون ڳنڍيون مضبوط ٿينديون ويون. مون ايترو ضرور خيال کان ڪم ورتو جو هن کي ڪڏهن به پنهنجي گھر نه گھرايو. نه وري ڳالهه جو رخ ان طرف ڪيو، متان هوءَ منهنجي حقيقت کان واقف ٿي وڃي.
هڪ ڏينهن روزالنڊ ۾ جيئن نيلوفر جو انتظار ڪري رهيو هوس ته بئري اچي فون جو اطلاع ڏنو. آئون ان ڪنڊ واري ٽيبل تي وڃي ويٺس، جنهن تي فون رکيو هو. رسيور هٿ ۾ کنيم.
“هيلو_!” نيلوفر جو آواز آيو.
“ڇا ڳالهه آهي ڊارلنگ_؟”
آءٌ اسپتال مان ڳالهائي رهي آهيان. هينئر هڪ ڪيس آيو آهي. منهنجي ان تي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. آئون اڄ شايد نه اچي سگھان.”
“اوڪي ڊيئر! سڀاڻي ته ايندينءَ نه...”
“او شوئر شوئر. باءِ.”
ان بعد واپس رسيور ڪريڊل ۾ رکي پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺس. پر اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته ان وچ ۾ ٽيبل تي هڪ خوش پوش ۽ سهڻي شڪل جو نوجوان منهنجي ٽيبل تي اچي ويٺو.
“هيلو مسٽر نيل ڪنٺ” هن مون ڏي نهاريو.
ڪمبخت! خبر ناهي ڪٿان منهنجي نالي جي خبر پئي اٿس ۽ ڇا ٿو ڇاهي_ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
“هيلو” ۽ پوءِ بي دليءَ سان جواب ڏنو.
“آئون ڪيترن ڏينهن کان هن موقعي جي ڳولا ۾ هوس، جيئن اڪيلائيءَ ۾ توهان سان ڪجھه ڳالهيون ڪريان.”
“چئو_؟”
“آئون.... آئون مس نيلوفر جي باري ۾ ڪجھه ڳالهائڻ گھران ٿو.”
“ڇا_؟”
“ڳالهه هيءَ آهي ته ... آئون مس نيلوفر سان پيار ڪريان ٿو.”
“توهان ڪجھه گھڻو ته نه پي آيا آهيو، اڄ ...؟”
“نه سائين. آئون پيئندو ناهيان. مون کي ٻي ڪا راهه نه سُجھي. سوچيم ته توهان جي اڳيان سنئون سڌو پنهنجي پيار لاءِ جھولي جھليان.”
“توهان کي شرم اچڻ کپي ... مسٽر ...”
“مڌوڪر ... مڌوڪر شرما منهنجو نالو آهي. آئون شرمندو آهيان. معاف ڪجو، مون کي پهرين پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائڻ کپندي هئي. آئون مڌوڪر شرما آهيان ۽ هتي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندو آهيان. منهنجو پيءُ رام نگر جو چيف انجنيئر آهي .....”
“ڏس مسٽر مڌوڪر! پيار يا محبت جهڙيون شيون مردن کان نه پر عورتن کان ئي گھريون وينديون آهن. توهان جي اطلاع لاءِ توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجي نيلوفر سان عنقريب شادي ٿيڻ واري آهي.”
“اهو ته توهان صحيح نٿا ڪريو. بهرحال سائين حقيقت ۾ ڏوهه منهنجو ئي آهي. آئون بيوقوف ٿيس. مون کي پهرين ئي مس نيلوفر سان شادي جي ڳالهه ڪرڻ کپندي هئي. پر تڏهن مون کي پنهنجو پاڻ تي ايڏو ڀروسو نه هو، جيترو هاڻ آهي ... خير...”
ان رات جڏهن آئون گھر پهتس ته منهنجي دل ڏاڍي بيچين هئي. دروازو کوليندي ئي سامهون آرسيءَ تي نظر پيئي. مون کي پنهنجو ضمير مارڻ لڳو.
“نيل ڪنٺ! ڇا عمر آهي تنهنجي_؟” مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو.
“چاليهه سال.”
“تنهنجو پيءُ به چيف انجنيئر آهي_؟”
“نه.”
“تنهنجي حيثيت ڇا آهي_؟”
“ڪجھه به نه.”
“تون ڇو نٿو مس نيلوفر سان هڪدم شادي ڪري ڇڏين؟ ڇا تون ان وقت لاءِ ترسي رهيو آهين جڏهن ڪو ٻيو هن جو هٿ جھلي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏي هليو ويندو_؟”
“نه.”
“ته پوءِ.......”
“مان پنهنجو ڀرم ڪيئن قائم رکان. ڪيئن قائم رکان_؟”
اهي سوال ان وقت به منهنجي ذهن ۾ ڪنڊن وانگر چڀي رهيا هئا، جڏهن نيلوفر جي اڳيان مون شاديءَ جي رٿ پيش ڪئي. سڪون ڀري چانڊوڪيءَ سان سڄو ڪنارو ڇڻڪاريل هو. اسان بيدنگ بوٽ جي ڇت تي ويٺا هئاسين. پري پري تائين چانديءَ جون لهرون ڏڪي رهيون هيون. سامهون پئلس هوٽل جون بتيون چهڪي رهيون هيون. نيلوفر جو نازڪ هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي مون دل جي ڳالهه ڪئي. هن مون ڏي فقط هڪ گھڙيءَ لاءِ ڏٺو. نهايت خاموشيءَ سان پوءِ نگاهون هيٺ جھڪائي چوڻ لڳي:
“ٻن ڏينهن جي مهلت ڏي.”
“ٻن ڏينهن جي مهلت! آخر ڇو_؟”
“بس اڄ سڀاڻ ۾ ڪجھه ٿيڻ وارو آهي.” هن چيو.
۽ پوءِ اها گھڙي گذري ويئي. پوءِ ڪيترا لمحا گذري ويا. ڏينهن ۽ مهنا گذري ويا . پر پوءِ نيلوفر ڪڏهن به نظر نه آئي.
هڪ ڏينهن روزالنڊ ۾ مڌوڪر مليو. هن شڪي نظرن سان مون ڏانهن نهاريو ۽ مون ان ڏينهن کانپوءِ روزالنڊ وڃڻ ڇڏي ڏنو. هيئر آئل جي شيشين جا ليبل ٺاهڻ ڇڏي ڏنا. پورٽريٽ ٺاهڻ ڇڏي ڏنا.
اڄ جڏهن آئون ڊسپوزل جو هڪ ٻيو آمريڪي آئزن هاورڪوٽ خريد ڪري پئي موٽيس ته رستي تي اوچتو نيلوفر ملي ويئي. آءٌ کيس سڃاڻي نه سگھيس. ان ڪري نه ته ڪا هوءَ بدلجي ويئي هئي. بس، ائين ئي نه سڃاتومانس. پر هن مون کي سڃاڻي ورتو.
“هيلو نيل ڪنٺ!” هن سڏيو.
“اوه! هيلو!!”
“ڪاوڙيل آهيو ڇا. اچو....”
۽ هوءَ منهنجي انڪار جي باوجود مون کي روزالنڊ ۾ وٺي آئي ۽ اچي ڪنڊ واري ميز تي ويٺاسين. ٻئي چپ چاپ هئاسين. منهنجي دل ۾ ڪا به ڪاوڙ يا پيار نه هو. ڪا به دانهن يا ڏوراپو نه هو. ڪنهن به قسم جو جذبو نه هو.
“هڪ ڏينهن تو منهنجو دوستيءَ لاءِ وڌايل هٿ جھليو هو... ياد اٿئي نه_؟” اوچتو هن پڇيو. مون ڪو به جواب نه ڏنو.
“خبر اٿئي، تنهنجي دوستيءَ مون کي ڪيترو فائدو رسايو_؟”
جواب ۾ آئون وري به چپ رهيس.
“آئون مڌوڪر کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.”
“مڌوڪر.” منهنجي وات مان ڄڻ پاڻ مرادو نڪري ويو.
“جي ها. مڌوڪر کي آئون شروعات کان چاهيندي هيس. مون هن سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. اڄڪلهه جي زندگي ئي اها آهي. هن وٽ اهو سڀ ڪجھه هو، جنهن جو مان خواب ڏسندي هيس. مون وٽ ڪجھه به نه هو. مان به تو وانگر هنج جا پر هڻي هنجن ۾ گھمندي هيس. تو وانگر ڪانگ هيس پر ڊيل واري چال هلندي هليس.”
“مون وانگر_؟!”
“جي ها. تو وانگر. تون به ته پنهنجي مٿان پوش چاڙهي وڏي ملڪيت جو مالڪ سڏرائي رهيو هئين. ڇوڪريون مردن جي باري ۾ سڀ ڪجھه يڪدم ڄاڻيو وٺن. مرد عورتن کان ايترو واقف نٿا رهن. اسان جي جنس تمام خبردار ۽ محتاط آهي. ان جي برعڪس بي پرواهي مردن جي عادت آهي. اهو ئي سبب آهي جو مڌوڪر منهنجي باري ۾ سڀ ڪجھه معلوم ڪرڻ جي ڪڏهن به ضرورت محسوس نه ڪئي. پر هن مون سان محبت ڪرڻ جي باوجود شاديءَ جو لفظ پنهنجي زبان تي نٿي آندو.
“مون سڀيئي هٿيار آزمايا، پر ناڪام ويس. آخر منهنجي نظر تو تي پيئي. تو ۾ ٻاروتڻ نه هو ۽ تنهنجي عمر ۾ پختگي هئي. تو کان مون کي ڪو به ڊپ ڊاءُ نه هو. نوجوانن جي ڳالهه ٻي آهي. مون هڪ ناٽڪ ڪيو فقط مڌوڪر لاءِ. هن جي دل ۾ ريس ۽ ساڙ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ آءٌ توسان گڏ گھمڻ لڳيس، آخر ڪامياب ٿي ويس.”
“ڇا ڪاميابي حاصل ٿي آهي توکي_؟”
“مون ۽ مڌوڪر ٻه مهينا اڳ ڪورٽ ۾ شادي ڪري ڇڏي. ياد اٿئي، جنهن ڏينهن تو منهنجو هٿ جھلي شاديءَ جي مرضي ظاهر ڪئي هئي؟ ان جي ٻئي ڏينهن ئي هو مون سان روزالنڊ ۾ مليو ۽ منهنجي اڳيان گوڏا کوڙي شاديءَ لاءِ التجا ڪئي ۽ اهو به واعدو ورتو ته آئيندي آئون توسان ڪڏهن به نه ملان.”
اسان جي وچ ۾ هڪ ڊگھي ماٺ ڇانئجي ويئي. سامهون رکيل ڪافيءِ جا ڪوپ ٿڌا ٿي ويا. ڄڻ ته انهن ۾ ڪنهن برف جا ڳنڍا وجھي ڇڏيا.
“آئون هينئر به تنهنجي دوست آهيان ۽ هميشه رهنديس... ” هن چيو ۽ بنا ڪجھه ٻڌڻ جي هلي ويئي.
ان رات مون خواب ۾ اهو ساڳيو سائن بورڊ ڏٺو، جنهن تي ٿلهن اکرن ۾ “اولڊ مونڪ” لکيل هو ۽ هيٺ هڪ پوڙهي راهب جي تصوير ٺهيل هئي، جنهن جي هٿن ۾ ٻرندڙ ڏيئو هو. گھڙي کن لاءِ ان ٻڍي راهب ڏيئو مٿي کنيو ته ان جي چنجھي روشنيءَ ۾ مون ڏٺو ته اهو پوڙهو راهب ٻيو ڪونه پر آئون پاڻ هوس، جيڪو پاڻ کي اونداهه ۾ رکي ٻين کي روشني ڏيکاري رهيو هو.
ٻئي ڏينهن کان آئون وري سائن بورڊ پينٽ ڪرڻ لڳي ويس.

ڏک جا بادل، غم جا پاڇا

پيارا عرفي_
مان زندگيءَ ۾ اڄ پهريون ۽ آخري دفعو توکي خط لکي رهي آهيان. پهريون دفعو ان ڪري جو هن کان اڳ توکي خط لکڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي ۽ آخري دفعو ان ڪري جو هن کان پوءِ توکي ڪو به خط نه لکنديس.
منهنجي خيال موجب ته تون هي خط وٺي ڏاڍو حيران ٿيندين، پر عرفي ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪا ڳالهه ناهي، ڇو ته حالتن مون کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. هينئر ٿوري دير اڳ تنهنجو پيءُ منهنجي ڊيڊيءَ سان پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه پڪي ڪرڻ آيو آهي. هو هيٺ ورانڊي ۾ بحث ڪري رهيا آهن. منهنجو وڏو ڀاءُ ۽ ٻيا مائٽ به ان بحث ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ مان پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي توکي خط لکان. منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪي رهي آهي. ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ منهنجي مغز جون نسون ڦاٽڻ تي هجن. ايئن ٿو لڳي ڄڻ مان ڪنهن مٿاهين چوٽيءَ تان هيٺ ڪنهن اونهي کاهيءَ ڏي وڌندي وڃان، جتي اونداهه ڪارونڀار هجي. منهنجو ساهه گھٽجي رهيو آهي. هيٺ ورانڊي ۾ هلندڙ بحث جو هڪ هڪ لفظ منهنجن ڪنن ۾ رجھيل ڌاتوءَ وانگر ٽمي رهيو آهي. ڪو تنهنجي غريبيءَ ڏي اشارو پيو ڪري ته ڪو تنهنجي تعليم جي تعريف پيو ڪري، ڪو تنهنجي خانداني شجري جي گِلا پيو ڪري ته ڪو تنهنجي شخصيت جي واکاڻ پيو ڪري. گھر جي ڀاتين ۾ ايڪو به آهي ته اختلاف به! پر ان هوندي به ڊيڊي سڀني جي اڳيان منهنجي راءِ کي اهميت ڏيئي رهيو آهي ۽ تنهنجي پيءُ سان واعدو ڪري ويٺو آهي ته اهو هن مهني جي ٽيهين تاريخ اندر پاڻ ٻنهي جي شاديءَ جو بار لاهيندو. تو وٽ جڏهن ڊيڊيءَ جي مرضي جي خوش خبري پهچندي ته تنهنجي خوشيءَ جو ان وقت ڪو ٺڪاڻو نه هوندو ۽ ان گھڙيءَ کان وڌيڪ حسين گھڙي تنهنجي زندگي ۾ شايد پوءِ ڪڏهن به نه اچي. ڇو ته مان چڱيءَ طرح سمجھان ٿي ته تنهنجي مرادن جي منزل فقط مان ئي آهيان. تو مون کي چوڏهينءَ جي چنڊ جي روشني ۽ آرزوئن جي بهار سڏيو آهي. تو منهنجي زندگي جي گيت کي ساز ڏنو. مون کي تنهائيءَ جي سمنڊ مان ڪڍي هڪ هلچل جي ڪناري تي بيهاريو آهي. مان ڄاڻان ٿي عرفي ته تون سالن کان پنهنجي حسين خوابن ۾ مون کي پنهنجي اڱڻ تي هڪ ڪنوار جي ڳاڙهي وڳي ۾ ڏسندو رهيو آهين. پر اڄ جڏهن منزل ويجھي اچي ويئي آهي ته مان هي خط لکي تنهنجي ذهن مان ان منزل جا خيال کسي وٺڻ چاهيان ٿي. جڏهن ۽ جنهن وقت منهنجو هي خط توکي منلدو ته تنهنجون سڀ آشائون ۽ تمنائون سڙي راک ٿي وينديون. توکي ان وقت دنيا جي هر شيءَ ڦِرندي نظر ايندي. توکي پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ٿيندي ۽ ٿوري دير لاءِ ته شايد توکي يقين ئي نه اچي. ڇو ته توکي مون مان ان فيصلي جي اميد قيامت تائين نه هئي. پر مان ڇا ڪريان، مان فيصلو بدلائڻ لاءِ مجبور آهيان ۽ هاڻ منهنجي دل اهو ئي فيصلو ڪيو آهي ته توسان شادي ڪري مان تنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خواهش کي گلن جون مالائون پارائينديس ته ائين ڪرڻ سان توسان انصاف نه ٿيندو _ ڇو ته جلد ئي اهي مالائون ڇڄي پونديون ۽ انهن جي خوشبوءِ ٽڙي پکڙي ويندي ۽ تنهنجي زندگي زهر ٿي ويندي. تون مون کي بي وفا چوندين پر مان تنهنجي زندگيءَ ۾ توکي ڪو ڏک ڏيڻ نٿي چاهيان. ڇو ته منهنجي زندگيءَ سان جيڪي ڏک ۽ درد ڳنڍيل آهن، انهن جي ڇپ ۾ مان اڪيلي سر چيڀاٽجڻ چاهيان ٿي. تون مون کي ياد ڪري ناحق پنهنجي زندگيءَ ۾ درد پئدا نه ڪجانءِ، نه ته مون کي تڪليف رسندي.
عرفي، ٿي سگهي ٿو ته تون مون کي هڪ دوکيباز ۽ مڪار عورت سمجھين. تنهنجي سمجھه مطابق جنهن ڄاڻي واڻي توسان دوکو ڪيو. جا منزل تائين تنهنجو ساٿ نه ڏيئي سگھي. پر خدا جي واسطي پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو خيال هرگز نه آڻجانءِ. تون يقين ڪر ته جيڪڏهن مون توسان شادي ڪري وڌي ته اهو توسان هڪ وڏو فريب ٿيندو. تو جهڙي هڪ شريف ۽ اٻوجھه انسان لاءِ دوکو ٿيندو. هڪ جٺ ٿيندي. ۽ جي مون توسان شادي نه ڪئي، جيئن مون فيصلو ڪيو آهي ته اها توسان ڀلائي ٿيندي، جنهن لاءِ تون زندگي جي آخري پساهن تائين منهنجو احسان مند رهندين. يقين ڪر ته توسان مون کي بيحد محبت آهي. تنهنجي هر شيءِ سان دلي لڳاءُ آهي ۽ تنهنجي هر ڳالهه سان دلچسپي آهي. آئون اهو چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿي ته تنهنجو آخري فيصلو اهو ئي ٿيندو جو ڪجھه هن خط پڙهڻ کانپوءِ سوچڻ بعد تنهنجي ذهن ۾ ايندو. تڏهن به جو ڪجھه به سوچين، منهنجون ڳالهيون ۽ حالتون سامهون رکي سوچجانءِ. ايئن نه ٿئي ته مون کي توسان ڏوراپو رهي. اڄ جڏهن عرش جي بلندين کي ڇڏي فرش جي پستيءَ ڏي وڃي رهي آهيان ته الائجي ڇو هڪ دفعو وري منهنجو ذهن ڪرڻن جي ڏاڪڻ تان چڙهي، چنڊ جي حسين ماٿريءَ ڏي وڃي رهيو آهي ۽ اهي حسين لمحا منهنجي اکين اڳيان ڦري رهيا آهن، جڏهن اڄ کان ٻه سال اڳ آئون پنهنجي پياري ساهيڙي شوبيءَ جي گھر ويئي هيس. ان ڏينهن هن جي گھر ۾ ڪو ڪاڄ هو. نه رڳو آئون پر سعيدان، صغرا، بدر ۽ ممتاز ماڻهن جي گوڙ کان ڀڄي اندر ڪمري ۾ آيون هيونسين. جيئن ئي اسان ويٺيونسين ته سامهون لڳل ڪنهن ڪاليج جو گروپ فوٽو نظر آيو، جو ڪنهن ادبي مباحثي جي سلسلي ۾ نڪتل هو. وچ ۾ پرنسپال صاحب هٿن ۾ شيلڊ جھليو ويٺو هو ۽ پاسي کان ٻيا سڀ عجيب پوز ٺاهيو ويٺا هئا. هڪ بندري قد ۽ گھنڊي وارن واري همراهه کي ڏسي اسان ڏاڍو کليو هو ۽ سندس نالو “نابالغ پوڙهو” رکيو. اهڙيءَ طرح ٻين همراهن کي به لقب ڏينديون رهيونسين. ايم راهيءَ جي فوٽوءَ کي “اڃان_ ته_ آهيان_ مان_ جوان” لقب ڏيئي جڏهن تنهنجي تصوير ڏي ڏٺوسين، ته نه ڄاڻ ڇو منهجي دل ڌڙڪڻ لڳي ۽ تنهنجي دلڪش چهري کي تڪيندي ئي رهيس ۽ دير دير تائين منهنجيون ساهيڙيون مون کي گھورينديون رهيون. شوبي ان وقت موجود نه هئي. منهنجي خاموشيءَ لاءِ الائي ڇو سڀني ڇوڪرين پڇيو. خاص ڪري فوزيه ته شوبيءَ کي ڏسندي ئي مون تي رمارڪ پاس ڪيو: “ڇا خاموش تصويرن جي سيني ۾ به آواز ٿيندو آهي_؟” تنهنجي ڀيڻ شوبي ته ان جملي جو مطلب ڪجھه به نه سمجھي سگھي ۽ جڏهن ان لاءِ وضاحت گھري ته صغرا جھٽ تنهنجي فوٽوءَ جي کڻي ڳالهه ڪئي. شوبيءَ جڏهن گروپ فوٽو ڏسي ٻڌايو ته اهو هن جو ڀاءُ عرفان آهي ته خبر ناهي ڇو مون شوبيءَ کان تنهنجي باري ۾ ڪيترائي سوال ڪري ورتا. تنهنجي باري ۾ ايتري اڻ ڄاڻ چاهت جو مقصد مون پاڻ به نٿي ڄاتو. شوبيءَ مون کي تنهنجي بار ي۾ سڀ ڪجھه ٻڌايو ته تون اڪيلائي پسند آهين. فقط سگريٽ ئي تنهنجي اڪيلائيءَ جو ساٿي آهي. تون هميشه خيالن جي دنيا ۾ گم ٿيندڙ انسانن مان آهين. ملڪ جي وڏن وڏن رسالن ۾ تنهنجا افسانا ۽ ڪهاڻيون ڇپجن ٿيون. تنهنجن افسانن ۾ ڏک ۽ مايوسي هوندي آهي ۽ اڄ ڪلهه تون ايم اَي ڪرڻ جي ارادي سان يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺي رهيو آهين.
ان ڏينهن شوبيءَ مون کي ڪيترائي رسالا پڙهڻ لاءِ ڏنا، جن ۾ تنهنجيون ڪهاڻيون پڙهي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ تون پنهنجي بيجان لکڻين ۾ ڪنهن درد جي پيڙا کان لڇي رهيو آهين. ڄڻ ته تو پنهنجي زندگيءَ ۾ هميشه وڃايو هجي، پر حاصل ڪجھه به نه ڪيو هجي. تنهنجي افسانن منهنجي ذهن تي گھرو اثر ڇڏيو ۽ مون کي تنهنجي ذات سان بيحد عقيدت ۽ همدردي ٿي ويئي.
جڏهن کان مون هوش سنڀاليو هو، تڏهن کان منهنجي ذهن ۾ به هڪ الف ليلا واري شهزادي جنم ورتو هو. منهنجيون نگاهون ان جي ڳولا ۾ خبر ناهي ڪٿي ڪٿي رلنديون رهيون. آخر منهنجي نگاهن کي روح جي ڳولا بند ٿي ويئي ۽ مون توکي اصلي روپ ۾ ڏسڻ ٿي چاهيو. نيٺ آئون تنهنجي ديدار جي انتظار ۾ ڪيترن ڏينهن جو نه گذرڻ وارو ڊگھو عرصو گذارڻ لڳيس. ڇو ته شوبيءَ مون کي ٻڌايو هو ته تون جڏهن گھر ايندين ته هوءَ مون کي توسان ملائيندي.
وقت گذرندو رهيو ۽ ان سان گڏ انتظار جا اذيتناڪ لمحا ماضيءَ جي گھراين ۾ غائب ٿيندا ويا ۽ آخر هڪ ڏينهن تون اچي وئين. ان ڏينهن شوبي مون کي اسان جي گھران وٺڻ آئي. اهو ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو حسين ترين ڏينهن هو. ڪيترن ئي سکائن بعد چنڊ منهنجي اڱڻ تي لهي آيو هو. ان ڏينهن جي ان لمحي کي آئون ڪيئن ٿي وساري سگھان، جڏهن آئون تنهنجي گھر پهتيس ۽ شوبيءَ توسان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪرائيندي چيو هو: “ ادا هن سان ملو، هيءَ آهي منهنجي سڀ کان پياري ۽ کل مُک ساهيڙي شازي، جنهن کي توهان جي افسانن پڙهڻ جو شوق تمام گھڻو آهي، ۽ شازي هي آهي منهنجو ڀاءُ عرفان، جنهن جي هابي ڇوڪرين سان ملڻ آهي.”
تون ان وقت ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ رُڌل هئين. ان ڪري تو ڇرڪي مون ڏي ڏٺو ۽ کلندي شوبيءَ جي ان نموني ملائڻ تي ڪاوڙ ڪئي هئي. رسمي کيڪار بعد تو سامهون پيل ڪرسيءَ تي مون کي وهڻ لاءِ پُرخلوص دعوت ڏني هئي. شوبي ۽ آئون ان ڪمري ۾ ڪافي دير توسان ڳالهيون ڪنديون رهيونسين ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم سان يا ته وري پاڻ کي اڪيلو ڇڏڻ ڪارڻ شوبي ٻاهر هلي ويئي ته ڪمري ۾ هڪ قسم جي معناخيز ماٺ ڇانئجي ويئي هئي. نه فقط مون پر تو به ان ماٺ کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو. آخر تو ڪجھه ڪڇيو:
“ توهان منهنجا ڪهڙا ڪهڙا افسانا پڙهيا آهن_؟”
“پيار جي ڳولا، اڃايل اکيون، سهڻو بدلو، ڌاڙيل، ۽ ٻيا به ڪيترائي.”
“ ڌاڙيل عنوان سان ته منهنجو ڪو به افسانو ناهي.”
تو منهنجي يادگيريءَ جو امتحان وٺڻ ٿي چاهيو.
“ نه، آهي! شايد لکڻ بعد توهان کان وسري ويو آهي.”
“نه توهان ڀليل آهيو.” تو يقين واري لهجي ۾ وراڻيو هو.
“ خير، پنهنجو حافظو ته اهڙو ڪمزور ناهي جو هڪ سال اڳ جي پڙهيل شيءِ وسري وڃي.”
منهنجو اهو جملو ٻڌي تو ڪجھه مرڪيو ۽ پوءِ وڏي اعتماد سان چيو هو: “اهو افسانو “ڌاڙيل” نه پر “چور” هو جنهن مون کي ادب جي بلندين تي پهچايو.” ۽ پوءِ ان وقت مون پنهنجي هار جي احساس کي لڪائڻ ڪارڻ ڳالهه ڪڍي: “هڪ سال پراڻو چور ڇا هينئر ڌاڙيل نٿو ٿي سگھي؟”
تون منهنجي ان حاضر جوابيءَ تي دير تائين کلندو رهئين. ايتريقدر جو تنهنجي ٽهڪن جي آواز تي شوبي اچي پهتي ۽ وائڙي ٿي مون کي چيو: “ايتري جلدي هجائتو ٿيڻ، تعلقات جي جلدي ڇڄڻ جي اڳڪٿي آهي.” ۽ اڄ مان هن وقت سوچيان پيئي ته شوبي واقعي سچ چيو هو. ان ڏينهن پاڻ ٽنهي ڪافي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. آئون تنهنجي سنجيده شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿي هيس. منهنجي ذهن جي پڙدن تي انهن يوناني ديوتائن جو تصور ڇانئجي ويو هو، جن جون فقط ڪهاڻيون ئي پڙهي اسان کي انهن سان لڳاءُ ٿيو وڃي. جڏهن شوبيءَ کان موڪلائي آئون ڪمري مان ٻاهر نڪتيس ۽ چند وکون تنهنجي گھٽيءَ جون به پار ڪري ويس ته تون ڊوڙندو مون ڏي آيو هئين. آئون سوچي رهي هيس ته شايد ڪا شيءِ تنهنجي ڪمري ۾ وساري آئي هونديس، جيڪا ڏيڻ لاءِ تو تڪليف ورتي آهي. ان وقت تو مون کي سڏ به ڪيو هو. پنهنجو نالو تنهنجي واتان پهريون دفعو ٻڌي منهنجي دل ۾ هڪ عجيب خوشي پئدا ٿي هئي. ڪاش! تون هميشه مون کي ان طرح سڏيندو رهين. جڏهن تون منهنجي ويجھو پهتين ته تو تمام معصوميت سان چيو هو: “جيتوڻيڪ ڳالهه رسمي آهي پر معاف ڪجو، مون کان هڪ ڳالهه چوڻ وسري ويئي هئي. توهان سان ملي مون کي خوشي ٿي آهي.” ۽ اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي کِل آئي هئي. گھر پهچڻ کان پوءِ آءٌ ڪافي دير تائين کلندي رهيس. آئون ڪڏهن تصور به نٿي ڪري سگھيس ته تو جهڙو سنجيدو انسان، جيڪي شوبيءَ تنهنجي باري ۾ مون کي ٻڌايو هو، ايترو چرچائي به ٿي سگھي ٿو. يا ته اها يونيورسٽيءَ جي هوا هئي، يا تنهنجي دوستن جي صحبت جو اثر هو، جنهن توکي هڪ سال اندر کِلڻ، ڳالهائڻ سيکاري ڇڏيو هو.
وقت جي رفتار جيئن جيئن تيز ٿيندي ويئي، پنهنجي وچ ۾ آڏيون آيل تڪلف جون ڀِتيون پاڻ مرادو ڊهنديون ويون ۽ اهڙي طرح پاڻ هڪٻئي جي بلڪل ويجھو پهچي چڪا هئاسين. ماضِيءَ جي انهن گھڙين ۾ مون پنهنجي ذهن ۾ ايندڙ هر شيءِ تنهنجي خيالن تان گھوري ڇڏي. ڇو ته ان وقت تنهنجي پيار ۽ قرب مان مون ائين محسوس ڪيو ٿي ڄڻ ته پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن حصي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ تتل واريءَ تي هلڻ بعد بي اختيار ٿي ڪنهن نرم گاهه تي ڪري پيئي هجان. پر هاڻ، جڏهن مون پنهنجن قدمن جي قوت جو اندازو لڳايو آهي ته مون کي ٿڪ ۽ ڪمزوريءَ جو احساس ٿو ٿئي.
عرفي، مون کي توسان ڪا به گِلا ناهي. ڪا به شڪايت يا فرياد ڪونهي. بلڪه آئون پاڻ پنهنجي جاءِ تي غلط آهيان، جو تنهنجو ساٿ ڏيئي نه سگھيس. تون ڏوهاري بلڪل نه آهين. هر ڳالهه جي شروعات مون ئي ڪئي هئي. آئون هڪ آزاد فضا ۾ پاليل ڇوڪري آهيان. منهنجي ۽ تنهنجي ملڻ تي ان ڪري ڪڏهن به ڪا پابندي نه وڌي ويئي. زندگيءَ جي واٽن تي توسان گڏ مون جدائيءَ جا اذيت ناڪ لمحا به ڏٺا آهن. ميلاپ جي خوشبوئن سان جھول به ڀري آهي. ڪڏهن تون منهنجي گھر آئين، ڪڏهن آئون تنهنجي گھر هلي آيس. پر منهنجي گھر وارن کي ڪڏهن به توسان ڪا شڪايت نه رهي. ۽ نه اسان جي هن محبت اڳيان، دنيا جي محبتن وانگر سماج جي مضبوط ۽ ڊگھي ڀِت سامهون آئي. ڪڏهن به اسان تي ڪو پهرو نه لڳايو ويو، ڇو ته اسان جي دل ۽ ذهن بالغ ۽ صاف هئا. جيتوڻيڪ تون غريب هئين ۽ تو پنهنجي غربت جو ذڪر ڪيترائي دفعا ورجايو ٿي، پر ان هوندي به مون ڪڏهن زبان مان اهڙا لفظ نه ڪڍيا، جن مان ظاهر ٿئي ته آئون هڪ دولتمند گھر جي ڇوڪري آهيان ۽ منهنجو تنهنجو ساٿ ڪڏهن به نه ٿي سگھندو.
آئون باسديو پارڪ جي شام ڪڏهن به نه وسارينديس، جڏهن آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڍڪيل هو. رکي رکي ٿڌي هير پئي لڳي. تون ڳالهين ڳالهين ۾ جذباتي ٿي ويو هئين. تو ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪرڻ بعد پنهنجي اڻ ڄاڻ خوف جو اظهار ڪيو هو:
“ شازي! تون مون کي ڪڏهن دوکو ته نه ڏيندينءَ_؟” تو پڇيو هو.
مون جواب ۾ قسم کڻي توکي يقين ڏياريو هو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. توکي ان وقت يقين ايندي به يقين نٿي آيو. تو مون ڏي معناخيز نظرن سان ڏٺو ۽ آئون سمجھي ويس. تو کي يقين ڏيارڻ ڪارڻ مون چيو هو: “جڏهن تون ايم_ اي پاس ڪندين ۽ آئون بي_اَي ڪنديس ته پوءِ آئون پنهنجي ڊيڊيءَ سان پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه پاڻهي ڪنديس. پر مون تنهنجي سامهون منزل حاصل ڪرڻ جو هڪ سخت شرط پنهنجي طرفان وڌو هو ته ايم_اَي فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪندين. تو مون سان واعدو ڪيو هو ۽ مون تنهنجي يقين کي پختو ڪيو هو. ان ڏينهن توکي ايترو چوڻ ۽ ٻڌڻ باوجود منهنجي ذهن تي خبر ناهي ڇو اونداهه ۽ رَءُ ڇانئجي ويو هو ۽ ڪجھه سوچ ۾ غرق ٿي ويئي هيس ۽ تو ڀر ۾ لڳل گلاب جي ٻوٽي مان هڪ گلاب جو گل پٽي منهنجي وارن ۾ لاڳيو هو ۽ چيو :“ خدا توکي هن گل وانگر هميشه تازو رکي.” پر انهيءَ ويل اهو گل منهنجي وارن مان نڪري پٽ تي ڪري پيو هو ۽ ان جي نازڪ پنکڙين ۾ مٽيءَ جا ذرا لڳي ويا هئا. پوءِ مون هڪدم اهو گل کنيو ۽ توکي پنهنجي طرفان پيش ڪيو هو. پر تو جھٽ وراڻيو هو:
“آئون ڌُوڙاٽيل گل کي ڇا ڪندس.” ان وقت تنهنجو اهو جواب ٻڌي منهنجي ذهن ۾ ڌُنڌ ڇائنجي ويو هو ۽ منهنجون اکيون پاڻ مرادو جھُڪي ويون هيون. تنهنجي هر هر پڇڻ تي به مون پنهنجي روئڻ جو سبب هي ٻڌايو هو ته دنيا ته پنهنجن غمن تي روئي ٿي پر آئون زندگيءَ جي اونداهين روشنين تي ڳوڙها ڳاڙيان ٿي. پر ان ڏينهن تون منهنجي ڳالهه جي گھراين تائين شايد نه پهچي سگھئين. تڏهن آئون توکي اڄ سڀ ڪجھه ٻڌائڻ چاهيان ٿي. ان ملاقات کان ڏهن ڏينهن پوءِ تون يونيورسٽي واپس وڃڻ لڳين. جيتوڻيڪ ان وچ ۾ پنهنجيون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون هيون، پر ان هوندي به آئون توکي اسٽيشن تي ڇڏڻ آئي هيس.
ڏينهن جو قافلو، ماضيءَ جي منزلن ۾ گم ٿيندو ويو.
نوان ڏينهن آيا ۽ گذرندا ويا.
۽ هڪ سال پل وانگر گذري ويو.
تون جڏهن ايم _ اَي فائينل جو امتحان ڏيئي واپس آئين ته مون سان به ملئين. ان ملاقات ۾ مون تنهنجي صحت جو اندازو لڳايو هو ته تو امتحان لاءِ سخت محنت ڪئي هئي. ۽ تون پڪ فرسٽ ڊويزن حاصل ڪندين. ٿيو به ائين ئي. تون نه رڳو منهنجي چاهت مطابق پاس ٿئين پر يونيورسٽيءَ طرفان توکي اهڙي شاندار ڪاميابيءَ تي گولڊ ميڊل پڻ مليو. پر آئون پنهنجي قسمت ۽ بدلجندڙ حالت کي ڇا چوان. ڊويزن ته پري، پاس به نه ٿي سگھيس. منهنجي فيل ٿيڻ جي خبر ٻڌي تو مون کي ڏاڍا دلاسا ڏنا هئا، جنهن لاءِ آئون بلڪل پريشان نه هيس. آئون ته شروع کان واقف هيس. سو انجام تي دلي ڏک نه رسيو. ان دوران تنهنجي چاهت ۾ ۽ خلوص ۾ ڪو به فرق نه آيو ۽ جيڪو ڪجھه تو منهنجي باري ۾ سوچي رکيو هو، اهو ئي مون به سوچيو هو، ان ڪري اڄ مون توکي چوائي تنهنجي پيءُ کي ڊيڊي ڏي موڪليو ۽ هن بنا ڪنهن ڊيگھه جي هيءَ مِٽي قبول ڪئي. هن کي هي رشتو هر حالت ۾ منهنجي ڪارڻ قبول ڪرڻ کپندو هو. جي قبول نه ڪري ها ته هن جي سامهون ٻيو ڪهڙو ڇوڪرو هو، جيڪو منهنجي جيئري لاش کي پنهنجين حسين ۽ خوبصورت سوچن سان گڏ پنهنجي مستقبل جي مقبرن ۾ دفن ڪري سگھي ها. ڇوڪريون ماءُ پيءُ جي ڪلهن تي بار هونديون آهن_ چاهي هو بادشاهه جون ڌيئرون هجن يا ڪنهن فقير جون. آئون به هڪ پيءُ جي ڌيءُ آهيان ۽ منهنجو وجود به هنن لاءِ بار آهي. ان بار کي لاهڻ خاطر انهن تنهنجي پيءُ کي منظوري ڏني آهي.
عرفي يقين ڪر ته مون کي توسان بيحد محبت آهي. تو بنا پنهنجي زندگيءَ جو ڪو به لمحو گذاري نٿي سگھان ۽ انهن ئي لمحن کي ابدي بڻائڻ خاطر پاڻ شاديءَ جا پروگرام ٺاهيا هئا. اڄ اهي منصوبا پنهنجي معراج ماڻي چڪا آهن، پر ائين هرگز نه ٿيندو. آئون ڪڏهن به اهو نه چاهينديس ته تون منهنجي جيئري لاش کي پنهنجي ڪلهن تي کڻي رلندو رهين. ماضيءَ جي پهرين ملاقات کان وٺي هينئر کان ڪجھه دير اڳ تائين آئون انهيءَ حق ۾ هيس، ته آئون توسان شادي ڪنديس. پر جڏهن منهنجي ڊيڊيءَ “ها” ڪئي آهي ته خبر ناهي ڇو ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ منهنجو ڊيڊي توسان انصاف نه ڪري رهيو آهي. توکي دوکو ڏيئي رهيو آهي. تون نٿو ڄاڻي عرفي! ۽ نه مون توکي اڄ تائين اهو راز ٻڌايو آهي ته منهنجي امي ۽ وڏي ڀيڻ ٽي _بي جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويون. هي مرض ڄڻ ته اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. مون کي پڻ هينئر ٽي_بيءَ جي ٻي اسٽيج شروع ٿي چڪي آهي. آئون گھڻا ڏينهن ڪيئن جيئري رهي سگھنديس. ان ڪري توسان گھڻا ڏينهن ڪيئن وفا ڪري سگھنديس. منهنجي احساس جي اونداهين بتخانن کي انهيءَ طرح اونداهو ئي رهڻ ڏي. توسان جيڪڏهن منهنجي شادي ٿي به وڃي ها ته دنيا جا ماڻهو توکي لالچي چون ها. تون نٿو ڄاڻين ته اڄڪلهه آئون ڪيتريون قيمتي دوائون استعمال ڪري رهي آهيان. تون ڪو به فڪر نه ڪر ۽ مون کي هن اونداهيءَ ۾ ٻڏڻ ڏي. منهنجي زندگيءَ جو ڏيئو، جيڪي ڪجھه ڏينهن ٻرڻو هوندو، ٻرندو ئي رهندو. منهنجي زندگيءَ جي ٻرڻ لاءِ جنهن تيل جي گھرج آهي، اهو تمام مهانگو آهي ۽ تون ته اڃا نوڪري به نه پيو ڪرين. پر جيڪڏهن ڪرڻ به لڳين تڏهن به تنهنجي پگھار مان منهنجي دوائن جي پورت ٿي نه سگھندي. توکي هڪ سکي زندگيءَ جي ضرورت آهي. پوءِ تون ڪيئن ڪَنڊن ۾ وچڙي پنهنجي زندگي برباد ڪرڻ چاهيندين. منهنجي ڀيڻ شاديءَ کانپوءِ ٻئي سال ئي ان مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويئي ۽ اهو ئي حال هاڻ منهنجو به ٿي سگھي ٿو. توکي اها پروڙ ناهي ته منهنجي ان مرض جي مصيبت ڪري ڪو به شاديءَ جي ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڊيڊيءَ کي منهنجي شادي توسان ٿيڻ ۾ ڪو به آر ناهي _ نه ته هو ۽ ڪنهن غريب کي پنهنجو ناٺي ڪري.
عرفي! آئون توسان ان ڪري شادي نه ڪنديس جو مون کي توسان محبت آهي. مون کي توسان سچو پيار آهي ۽ انسان جنهن سان محبت ڪندو آهي ان کي ڪڏهن به ڄاڻي ٻجھي ڏک ڏيڻ نه چاهيندو آهي. آئون نٿي چاهيان ته آئون رت ٿُڪان ۽ تون ڳوڙها ڳاڙ. ڇو ته منهنجي نظرن ۾ تنهنجا ڳوڙها منهنجي رت کان وڌيڪ قيمتي آهن......!

تنهنجي شازيه

ڇوٽڪارو

شوڪت سڄو ڏينهن آفيس ۾ مٿو کپائي هاڻ گھر پهتو هو. سال ختم ٿي رهيو هو. هونءَ به هن جي آفيس ۾ ڪم ڪجھه گھڻو ئي هوندو آهي. ڪڏهن ڪو وڏو آفيسر انسپيڪشن لاءِ پيو ايندو هو ته ڪڏهن ڪنهن ملڪ جي صنعتي نمائش جو بندوبست شوڪت جي فرم حوالي ڪيو ويندو هو. هن جي هڪ ائڊورٽائزنگ ايجنسي هئي، جيڪا ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جي ڪري نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ پر ملڪ کان ٻاهر به مشهور هئي. شوڪت ان فورم جي هيڊ آفيس ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو. هن جي محنت، هوشياري ۽ سٺي اخلاق ڪري هن جا سڀ ماڻهو هن مان خوش هئا. هو ننڍي ماڻهوءَ کان وٺي وڏي تائين، سڀني سان پيار ۽ عزت سان پيش ايندو هو. جڏهن به هن کي هيڪلائي ملندي هئي ته هو ٿڌو ساهه کڻي، پنهنجي مٿي کي ٻنهي هٿن سان جھلي، ڪا دير ويٺو سوچيندو هو. جنهن ڏينهن آفيس بند هوندي هئي، اهو ڏينهن هن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اداس، سڀ کان گھڻو ويران هوندو هو. هو ٻين ملڻ وارن کي ته خوشيءَ جا گل ڏيندو هو پر سندس زندگي ڪنڊن سان ڀريل هئي. هو محفلن ۾ ٻين کي پنهنجين دلچسپ ڳالهين سان کلائيندو هو، پر سندس پنهنجو وجود هڪ لڳاتار عذاب کان سواءِ ڪجھه به نه هو. موڪلن جي ڏينهن تي هو ڪنهن ويراني ۾ نڪري ويندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا ڪنهن مطلب جي هيڏانهن هوڏانهن رلڻ بعد ٿڪجي ڪنهن پٿر تي ويهندو هو، يا ڪنهن ڇٻر واري پٽ تي ليٽي پوندو هو ۽ اهو ئي وقت هوندو هو، جڏهن هن جي منهن تان هن جو اهو نقلي ماسڪ لهي ويندو هو، جنهن کي هن سالن جي محنت کانپوءِ پنهنجي شخصيت جي اصلي روپ کي لڪائڻ لاءِ ٺاهي رکيو هو. اڪيلائيءَ ۾ هو هڪ ٻيو ئي شوڪت هوندو هو. هڪ اهو شوڪت جيڪو مايوسي، ٿڪ ۽ هار جو پتلو هو _ جنهن جي دل ۾ ناڪام آرزوئن جون قبرون هيون ۽ دماغ ۾ نفرت جو دونهون ڇانيل هو. جنهن پنهنجي ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ، عزيزن مائٽن ۽ دوستن کي سهارو ڏنو، مدد ڪئي، پر جڏهن هن جي زندگيءَ ۾ ڏکيو وقت آيو، مصيبتن هن تي حملو ڪيو، قسمت هن کي ڏک ڏنا ته ڪو به هن جو نه ٿيو. مائٽن ۽ دوستن کي ته ڪير ڇا چوي، ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ ۽ زال ۽ ٻچا به هن جا نه ٿيا ۽ هن کي هميشه ائين محسوس ٿيو ٿي ڄڻ ته هو بنا پنن يا ٽارين جي هڪ اهڙو وڻ آهي، جيڪو ڪنهن رڻ پٽ ۾ اڪيلو ئي اڪيلو بيٺو هجي، بلڪل اڪيلو!
شوڪت کي پنهنجي هيڻائي ۽ غريبيءَ جو احساس ان وقت هيڪاندو گھڻو ٿيندو هو، جڏهن هو پنهنجي خاموش ڪمري ۾ گھڙندو هو ۽ آيل خطن تي نظر پوندي هيس، جيڪي ٽپالي سندس غيرموجودگيءَ ۾ ڇڏي ويندو هو. هو انهن خطن کي ڏسي منهن موڙي ڇڏيندو هو، پر پوءِ بي دلي، ڊپ ۽ ڌڪار وچان انهن خطن ڏي هٿ وڌائيندو هو. هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ هو ڪنهن نانگ کي جھلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي. هو چڱي طرح واقف هوندو هو ته انهن خطن ۾ ڇا لکيل هوندو. انهن ۾ ڪنهن بيروزگارنوجوان جو خط هوندو هو، جيڪو پنهنجي گرئجوئيشن ڊگري، پنهنجي غربت، پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ بيمار ڀيڻ جو حوالو ڏئي نوڪريءَ لاءِ ليلائي رهيو هوندو يا ڪنهن اهڙي نوجوان ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جو خط هوندو هو، جنهن ڪنهن تازي رسالي ۾ شوڪت جو شعر يا افسانو پڙهي ان جي اجائي واکاڻ ڪئي هوندي. يا ڪنهن اهڙي دوست جو هوندو، جيڪو زندگي ۾ ڪڏهن به هن جي ڪم نه آيو هاڻ وقت اچڻ تي هن کان تمام وڏي قرض جي گھر ڪري رهيو هوندو. يا ماءُ جو خط هوندو، جنهن نه ته هن جي خير عافيت پڇي هوندي ۽ نه دل وڌائي هوندي پر پئسن لاءِ لکيو هوندائين يا پنهنجي ننهن جو دانهون ڪوڪون لکيون هوندائين، ۽ جي انهن مڙني مان ڪنهن جو خط نه هوندو ته پوءِ سندس زال جو ئي خط هوندو، جنهن عيد جي خوشيءَ خاطر ڪپڙن لاءِ هڪ هزار رپين جو چٺو موڪليو هوندو ۽ سَسُ جي سورن جي پٽي پڻ _ ان بعد طلاق وٺي پنهنجي گھر وڃڻ جو دڙڪو لکيو هوندو. ڀلا شوڪت اهڙن خطن کان ڊڄي نانگ سمجھي هٿ نه وجھي ته ٻيو ڇا ڪري. اهي خط پڙهي هن کي ڏک رسندو هو ۽ پنهنجي منهن روئندو رهندو هو. پوءِ انهن کي هڪ هڪ ڪري ساڙي ڇڏيندو هو ۽ بنا ڪنهن کائڻ پيئڻ جي ڪمرو بند ڪري ٻاهر نڪري ويندو هو. رستن تي رلڻ کان سواءِ هو ٻيو ڪجھه ڪري به ڇا ٿي سگھيو.
هو نوڪري گھرڻ وارن کي ڪهڙيءَ طرح اهو لکي موڪلي ته هن جي فرم ۾ رڳو اهي ماڻهو نوڪريءَ لاءِ کنيا ويندا آهن، جيڪي ڪنهن وزير يا وڏي ماڻهوءَ جي سفارش تي ايندا آهن. نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگري، تعليم، غريبي، ماءُ جو ٻڍاپو يا ڀيڻ جي بيماريءَ جو حوالو ڏيڻ ڪافي نه آهي. هو پنهنجين لکڻين جي پرستارن کي ڪيئن اهو جواب لکي ته هن کي سندن تعريفي خطن جي ضرورت ناهي. هن اهي گيت ۽ افسانا داد وٺڻ لاءِ نه لکيا آهن. پر اهي ته سندس ڏکويل دل جون دانهون آهن. اندر جا اُڌما آهن. هو پنهنجن دوستن کي ڪيئن ٻڌائي ته هن جو عهدو ته فقط نالي ماتر آهي. هن جي فرم کيس ان شرط تي نوڪري ڏني آهي ته هو ڏيڍ سئو رپيا پگھار وٺي ٽي سئو رپين جي رسيد تي صحيح ڪندو ۽ اها نوڪري به کيس تڏهن ملي هئي، جڏهن هو سڄو سال مفت ڪم ڪندو رهيو. انهن ڏيڍ سئو رپين مان هو ڇا ڇا ڪري سگھيو ٿي. ماءُ پيءُ ڏي موڪلي؟ زال جون نيت نيون گھرجون پوريون ڪري يا پاڻ کي جيئرو رکڻ لاءِ خرچ ڪري؟ ۽ پوءِ ڪهڙي منهن سان دوستن کي قرض ڏئي؟ هي اهي ئي ته دوست آهن، جن سدائين هن سان بي وفائي ڪئي. هن جا ڪتاب ڪپڙا ۽ پئسا هضم ڪيا. هو ماءُ کي ڪيئن پنهنجو اندر ڏيکاري ته هن جون ڪيتريون ئي خواهشون هن جي دل ۾ گھٽجي رهجي ويون آهن. هن وٽ ته فقط ٻه جوڙا ڪپڙن جا آهن، جن کي هو ڌوئي پائي ٿو ۽ پنهنجي پوزيشن قائم رکندو اچي. هيڏي وڏي شهر ۾ ته پوزيشن رکڻ بنا فقير به پني نٿو سگھي. ڪاش! هن جي ماءُ جيڪر اهو سمجھي سگھي ته پنهنجا ڏکڙا ٻڌائڻ سٺو ناهي ۽ سندس خود غرض زال کي جيڪڏهن ان ڳالهه جو احساس هجي ته سندس مڙس ڪيڏو نه شريف، رحم جوڳو ۽ صبر وارو انسان آهي، جيڪو ٿوري مان پورت ڪيو ويٺو آهي ۽ باقي سڀ ڪجھه گھر وارن کي موڪلي ٿو ڏئي. شوڪت اهو سوچڻ باوجود به پنهنجي حساس دل، پنهنجي لڄاري طبيعت ۽ پنهنجي شرافت جي هٿن ۾ مجبور هو. هو ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه چاهيندو هو. ڇو ته خود هن جي دل ڀڄي چڪي هئي.
اڄ به جڏهن آفيس مان ٿڪجي ٽٽجي هن پنهنجي گھر جو دروازو کوليو ته کيس ڪجھه خط هن جو انتظار ڪندي نظر آيا. هن جي دل کي ته ڄڻ ڌڙڪو وٺي ويو. هن ڄاتو ٿي ته انهن خطن ۾ ڇا هوندو. هن خطن کي کڻي بي پرواهيءَ سان ميز تي اڇلايو. هٿ منهن ڌوتو. اسٽوو تي چانهه ٺاهي پيتي ۽ پوءِ ڪجھه وقت سوچڻ بعد، الله کي مخاطب ٿي دعا گھري: “منهنجا مولا! مون کي هنن لڳاتار عذابن کان ڇوٽڪارو ڏيار. آئون پنهنجي ڇوٽڪاري کان سواءِ توکان ٻيو ڪجھه به نٿو گھران.” دعا ختم ڪري هو ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو. نه ڄاڻ ڇو اڄ هن جي دل کي سڪون هو. هن ٻئي چپ ڀيڙي هڪ هڪ خط پڙهڻ شروع ڪيو.
پهريون خط ان ئي بي روزگار نوجوان جو هو. لکيو هئائين:“ شوڪت صاحب! توهان بيحد سخت دل آهيو. توهان جي اندر ۾ دل نه پر پٿر آهي. منهنجي ماءُ بک وگهي مري ويئي. بيمار ڀيڻ دوا جي نه ملڻ ڪري ساهه ڏنو. انهن ٻنهي جو خون توهان جي ۽ فقط توهان جي ڳچيءَ ۾ پوندو. هاڻ آئون توهان کي ڪڏهن به خط نه لکندس. توهان ظالم، پاپي ۽ خوني آهيو.”
شوڪت اهو خط ڦاڙي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلايو ۽ ٻيو خط کوليو. اهو هڪ ڇوڪريءَ جو هو.
“مسٽر شوڪت! توهان جا شعر ته هاڻ مها ڪوي ڪاليداس ۽ ٽئگور جو مقابلو ڪن ٿا ۽ توهان جو تازو افسانو ته چئٽرجي سان اکيون ٿو ملائي.”
شوڪت اڳيان پڙهڻ بنا خط کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. ٽيون خط قرض گھرندڙ دوست جو هو، جنهن لکيو هو:
“ بي وفا شوڪت! هاڻ مون کي تنهنجي دوستيءَ جي پرواهه ناهي. وڃي ڌوڙ پاءِ. هاڻ آئون شراب ٺاهڻ لڳو آهيان ۽ مون وٽ ايترا پئسا آهن جو تو جهڙن سوين شوڪتن کي خريد ڪري سگھان ٿو.”
شوڪت چپن ۾ ئي مرڪيو. ميز تي باقي هڪڙو لفافو وڃي بچيو هو. هن جلدي ان کي به کوليو. وڏي ڀاءُ لکيو هو:
“شوڪت! مون کي اهو لکندي ڏاڍو ڏک ٿي رهيو آهي ته پنهنجي گھر ۾ هڪ تمام وڏو طوفان آيو. امان ۽ بابا کي تنهنجي زال رات جو ستي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پاڻ، تنهنجي ٻنهي ٻارن سوڌو ڇت تان ٽپو ڏيئي مري ويئي. صبر ڪر ڀاءُ. جيڪو ٿيڻو هو سو ٿيو.”
شوڪت هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو. خدا ڄاڻي ته اهو ٽهڪ ڏکن جي خاتمي جو نتيجو هو، يا غمن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي خوشيءَ ۾. پوءِ هو بيهوش ٿي ڪرسيءَ تان هيٺ ڪري پيو.

شڪست

“منهنجي چري ڀيڻ! مون توکي ڪيترا ڀيرا سمجهايو آهي، پر تون آهين جو ڪنهن جي ٻڌين ڪٿي ٿي. خبر ناهي توکي ڇا ٿي ويو آهي. تون چوين ٿي ته تون دل کان مجبور آهين. اهو ٻڌاءِ ته ڇا رڳو تو وٽ ئي دل آهي. آخر آئون به ته آهيان. مون تي ته ڪنهنجو به اثر نٿو ٿئي. مون تي ڪنهن جو به جادو نٿو هلي، جڏهن ته تون چوين ٿي ته آئون تمام سهڻي آهيان، تمام گھڻي پياري آهيان.” اهو چئي هن پنهنجو جائزو ورتو.
“منهنجي ويهين صديءَ جي جوليٽ! ٿورو پنهنجي بي چئي دل کي سمجھاءِ. اها به ڪا ڳالهه ٿي ته ڪنهن سان ڪجھه ڏينهن کلي ڳالهائڻ تي ان کي دل ڏيئي ويٺينءَ. اڙي پرڪاش جهڙا ته خبر ناهي ڪيترا ڇوڪرا جيڪر تنهنجي اڳيان ڦرندا رهن. پنهنجي عقل کان ڪم ته وٺ. اڄ ڪلهه جي ڇوڪرن جي ڇا ڳالهه ڪجي. ٻه ڏينهن انهن سان گڏ ماڻهو اٿيو ويٺو ته بس. سمجھندا ته ڪو عشق ٿي ويو. هر هڪ سان ڳالهه ڪندا رهندا ته اڄ هوءَ ملي هئي. هُن سان هي ڳالهيون ٿيون. هن هينئن چيو ۽ هونئن چيو ۽ خبر ناهي ٻيا ڪهڙا ڪوڙ سچ ملائي پنهنجن دوستن کي ٻڌائيندا وتندا ۽ سڀ کان عجيب هنن جي دل هوندي آهي_ تمام سادي سودي ۽ سستي، جيئن ئي ڪنهن هنن سان کلي ڳالهايو يا کين غور سان ڏٺو ته بس. سمجھو ته هو غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا. پوءِ کڻي تون چرچي ڀوڳ مان کلي هجين. هو اهو ئي سمجھندا ته تون سندن ڳالهيون ٻڌي متاثر ٿي آهين. انهن جي شخصيت جو جادو آهي.”
هن اڻ_ وڻندڙ شڪل ٺاهي. ڄڻ ڇوڪرن جي ڳالهه کان هن جي منهن جو مزو خراب ٿي ويو هجي. اسان سڀني جي سمجھه ۾ اڄ تائين اها ڳالهه نه اچي سگھي ته هيءَ ڪهڙي عجيب ڇوڪري آهي، جنهن کي محبت لفظ سان به چڙ آهي. ڇوڪرن جي ڳالهين تي خار اٿس. اسان جڏهن به ڪنهن ڇوڪري جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪنديون هيونسين ته هوءَ رسي ويندي هئي ۽ مجبور ٿي اسان کي ٻي ڪا ڳالهه ڪرڻي پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته اسان سڀني کي ائين محسوس ٿيندو هو ته هن کي دل ته آهي ئي ڪانه. يا ته دل جي جاءِ تي ڪو سخت پٿر اٿس، جنهن تي محبت جهڙي لطيف ۽ نازڪ شيءِ جو اثر ٿيئي ڪونه ٿو. پر ان ئي ٽاڻي اها راءِ بدلائڻي پوندي هئي. ڇو ته اسان سڀني ساهيڙين ۾ هوءِ مهربان ۽ همدرد هئي. اسان مان ڪنهن کي ٿوري به تڪليف رسندي هئي ته هن کي ڳڻتي کڻي ويندي هئي. ائين لڳندو هو ڄڻ ته اها تڪليف هن کي ئي رسي هجي. جيڪڏهن هاسٽل ۾ ڪا ڇوڪري بيمار ٿي پوندي هئي ته بس ڏينهن رات ان وٽ ويٺي خذمت ڪندي هئي. پوءِ انهن ڏينهن جا ڪلاس ۽ رات جي ننڊ حرام ٿي ويندي هيس. ڪڏهن هن کي دوا پيئي پياريندي هئي، ڪڏهن ٽيمپريچر پيئي ڏسندي هئي ته ڪڏهن ڳالهيون ڪري هن جي دل پيئي وندرائيندي هئي. اسان سڀني لاءِ هن جو وجود هڪ ڳجھارت کان گھٽ نه هو. تمام ئي مهربان ۽ تمام ئي سخت. ڪڏهن تمام گھڻو سنجيده ته ڪڏهن سڀ کاڻ گھڻو ڳالهائڻي. پنهنجي حسن ۽ محبت جي ڪري اسان سڀني ساهيڙين تي ڇانيل هئي. ان ڏينهن جڏهن هن ريکا کي سڏڪا ڀريندي ڏٺو ته هن جي ڪاوڙ جو پارو گئس وانگر ٽهڪڻ لڳو.
“آخر اها ڪهڙي بيوقوفي آهي. ڏهاڙي ڪونه ڪو مونجھارو ٿيندو رهي ٿو. جڏهن به ڏس ته ڪا نه ڪا مصيبت کي آهي. آئون توهان سڀني کي ڪيترا دفعا سمجھائي چڪي آهيان ته کلي ڳالهيون ڪرڻ ۽ چند ڏينهن گڏ رهڻ جو اهو مطلب هرگز ناهي ته ڪا محبت ٿي ويئي. توهان سڀني “محبت” کي ٻارن جي راند کڻي سمجھيو آهي. جيئن ئي ڪو ڇوڪرو ٻه چار ڏينهن ڳالهيون ٿو ڪري ۽ ان سان گڏ ڪوڙا واعدا ۽ قسم ٿو کڻي ته توهان ڄڻ مريو ٿيون وڃو. سچ آهي ته اڄ ڪلهه جي مٿي ڦريل ڇوڪرن اسان ڇوڪرين کي رانديڪو سمجھيو آهي.”
“ريکا! ڏسي ڇڏئي پنهنجي روميو کي؟ جڏهن ڏس ته هن جا گڻ پئي ڳائين. هن جي تسبيح هر وقت زبان تي هوندي هئي ته هو اهڙو آهي ۽ ههڙو آهي. هو هي ٿو چوي. هو هي ٿو ڪري. تنهنجو سچو عاشق هڪ معمولي امتحان ۾ به ڪامياب نه ٿي سگھيو. هن کي آزمائڻ جي سڀ کان سولي واٽ اها ئي هئي. هاڻي مون کي ٻڌاءِ ڪيڏانهن ويون تنهنجيون دعوائون ۽ هن جا واعدا؟ سڄي حقيقت معلوم ٿي ويئي. انهن رولاڪ ڀونئرن کي ڀڄائڻ جي سڀ کان سولي ترڪيب اهائي آهي ته جلدي شاديءَ جي ڳالهه کڻي اڳيان رکجي، پوءِ هنن جي سڄي محبت ائين ميڻ ٿي ويندي، جيئن اُس ۾ برف. پهرين ته بهانا ڪندا. اڃا تعليم حاصل ڪري رهيو آهيان، ايترو جلد شادي ڪرڻ ڪٿي جي عقلمندي آهي. شادي ته سروس ملڻ بعد ئي ڪجي، وغيره وغيره. ۽ اڃا به شاديءَ لاءِ وڌيڪ زور ڀريندينءَ ته ائين گم ٿي ويندا جيئن گڏهه جي مٿي تان سِڱ.”
“اڄ آئون توهان سڀني جي اڳيان اهو واعدو ٿي ڪريان ته هاڻ آئون ان پرڪاش کان توهان سڀني جو بدلو وٺنديس. خبر ناهي پنهنجو پاڻ کي ڇا ٿو سمجھي. هن توهان سڀني کي کڻي وقت گذاريءَ جو ذريعو سمجھيو آهي. گذريل سال پريتيءَ کي ان لاءِ امتحان مان ڊراپ ٿيڻو پيو ۽ هن دفعي تون هن جو شڪار بڻينءَ. هاڻ تون هن کي وساري ڇڏ ۽ خاموشيءَ سان سڄو کيل ڏسندي ره ته ڪيئن ٿي نچايانس ۽ بيوقوف بڻايانس. سڀاڻي کان هڪ عجيب ڳالهه ٿيندي. آئون هن سان دوستي رکنديس ۽ اهي سوانگ ان وقت تائين رچائينديس جيسين هن کان دل وٽان بدلو وٺي هن کي شڪست ڏيان.”
۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو سڄي ماحول ۾ افواهه پکڙجي ويا. ڪاليج جي کليل فضا ۾ عجيب سنسني پئدا ٿي ويئي. ۽ هاسٽل کان ڪاليج جي ڪئنٽين تائين، رجنيءَ ۽ پرڪاش جون ڪهاڻيون پکڙجي ويون. انهن ڪهاڻين جي پٺيان جيڪا لچائي لڪل هئي، ان جي تفصيل کان رجني پنهنجين ساهيڙين کي ذرو پرزو ٻڌائيندي رهي.
“... ڪالهه پرڪاش چئي رهيو هو ته آئون هن جي خوابن تي ڇائنجي ويئي آهيان. هو هر وقت مون کي خواب ۾ ڳالهيون ڪندي ڏسي ٿو. پنهنجن وارن سان کيڏندو ڏسيم ٿو. اڄ صبح ته چئي رهيو هو ته آئون هن جي هر ساهه ۾ گل جي خوشبوءِ وانگر سمائجي چڪي آهيان. منهنجو خوبصورت وجود پاڇولي وانگر هميشه هن سان گڏ آهي ۽ اهڙي طرح ٻي به ڪافي بڪ شڪ ٿي ڪيائين. چريو ڪٿي جو!”
ڪجھه مهنن بعد، رجنيءَ ٻڌايو: “اڄ پرڪاش هڪ تمام قيمتي ساڙهي تحفي طور ڏني اٿم.”
“هن پنهنجو هڪ پوز فريم ڪرائي ڏنو اٿم. جنهن کي مون پنهنجي ميز تي سجائي رکيو آهي. جيئن هن کي منهنجي محبت تي اڃا به پڪو يقين ٿئي. حقيقت ۾ آءٌ ته هن کي زندگيءَ جي اهڙي موڙ تي پهچائي ڇڏي ڏينديس جو هو سڄي ڄمار ياد ڪندو رهندو ته ڪنهن سان واسطو پيو هوس. منهنجو نالو به رجني آهي رجني! هن ڏند پيهندي چيو.
اهڙي طرح خبرون ملنديون رهيون.
“پرڪاش، رجنيءَ کي سنگمرمر جو تاج محل تحفي طور ڏنو آهي.”
“رجني ۽ پرڪاش ڪالهه پڪچر تي ويا هئا.”
“اڄ ٻئي ڄڻا پئراڊائيز هوٽل ۾ چانهه پي رهيا هئا.”
خبرون هر روز ملنديون رهيون ۽ اسان ٻڌي ڏاڍو خوش ٿينديون هيونسين ته رجني پنهنجو رول تمام ڪاميابيءَ سان ادا ڪري رهي آهي. پنهنجو واعدو تمام سهڻي ۽ دلچسپ انداز سان پورو ڪري رهي آهي. پرڪاش کي بيوقوف ٿيندي اسان دل ئي دل ۾ ڏاڍيون خوش ٿينديون هيونسين. خبر ناهي ڪيتريون حسرتون هيون جيڪي پوريون ٿي رهيون هيون. هاڻ اسان ڊرامي جي ڊراپ سين ڏسڻ لاءِ آتا هئاسين.
ان ڏينهن صبح سوير رجني آئي. تمام گھڻو خوش هئي. هن جي منهن تي خوشيءَ جي مرڪ صاف بکي رهي هئي. اسان سڀ سمجھي ويونسين ته هوءَ ڊرامو پورو ڪري پئي اچي. ويچارو پرڪاش.... هاڻ هن کي سٺو سبق مليو هوندو. رجنيءَ مون کي ڏسي کڻي ڀاڪر پاتو. ۽ پوءِ منهن چمي چيو:
“ ريکا! ڪالهه جڏهن مون پرڪاش جي اڳيان شاديءَ جي آفر رکي ته هو تيار ٿي ويو ۽ اسان ٻنهي شادي به ڪري ڇڏي.”
“ شادي_!” ڪيترائي آواز هڪ وئي قت اڀري ٻڏي ويا.
۽ پوءِ سڄي هاسٽل ۾ سانت ڇانئجي ويئي. هڪدم ماٺ مٺوڙو.

پينو

شهر جي پراڻي مندر جي دروازي وٽ هيءَ انڌي عورت هر روز وڃي بيهندي هئي. جيئن ئي پوڄاري ٻاهر نڪرند اهئا ته هوءَ پنهنجو هٿ سڀني اڳيان ڊگھيڙي، نهايت نهٺائيءَ سان پنندي هئي.
“بابا! انڌيءَ ويچاري تي رحم ڪريو.”
هن جو اهو خيال هو ته مندر ۾ ايندڙ مڙئي انسان رحمدل ۽ سٺي ڪردار وارا ٿين ٿا. اهو بلڪل صحيح هو جو ايندڙ ويندڙ ڪجھه نه ڪجھه هن انڌيءَ کي ڏيئي ويندا هئا ۽ هوءَ کين دعائون ڏيندي رهندي هئي ۽ سندن نيڪيءَ جا گُڻ ڳائيندي رهندي هئي. ان کان سواءِ جڏهن به هوءَ ڪنهن پاڙ ي مان لنگھندي هئي ته پاڙي واريون به ڪجھه نه ڪجھه بچيل سچيل شيءِ کيس کائڻ لاءِ ڏينديون هيون.
هن جو صبح کان شام تائين ڏينهن پنڻ ۾ گذرندو هو ۽ رات جو لٺ جي آڌار تي موٽي گھر وڃڻ وقت دل ئي دل ۾ پنهنجي رب جا شڪر بجا آڻيندي هئي. سندس گھر شهر کان چڱو پري هڪ ڪکائين جهوپڙي هئي.
رستي تان به هوءَ پنندي ويندي هئي، پر واٽهڙن ۾ جيتوڻيڪ گھڻا اڇن ڪپڙن وارا هوندا هئا، پر سندن دل ڪپڙن جهڙي صاف نه هوندي هئي. هو ڪجھه ڏيڻ بدران ڏکوئڻ ۾ ئي لطف وٺندا هئا. ان هوندي به هوءَ دل شڪستو نه ٿيندي هئي ۽ پنهنجي جھوپڙي تائين پهچندي پهچندي ٻه ٽي ٻيا پئسا به حاصل ڪري وٺندي هئي.
جهوپڙيءَ جي ويجھو پهچندي ئي هڪ ڏهن ورهين کن جو ٻار کيس اچي چنبڙندو هو. انڌي جھڪي هن جي نرڙ تي چمي ڏيندي هئي.
اهو ٻار ڪير هو_؟” ڪنهن جو هو يا ڪٿان آيو؟ ان کان ڪو به واقف نه هو. پنج سال ٿيا جو پاڙيسرين هن کي اڪيلو رلندي ڏٺو هو ۽ پوءِ اوچتو هڪڙي ڏينهن شام جو هنن انڌيءَ جي ڪڇ ۾ ان ننڍڙي ٻار کي ڏٺو. انڌي هن کي ڪوڏائي ماٺ ڪرائي رهي هئي. اهو ڪو عام رواجي واقعو نه هو، پر ڪنهن به ڏينهن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ته ٻار ڪنهن جو آهي. بهرحال ان ڏينهن کان اهو ٻار هر وقت انڌيءَ جي ڪڇ ۾ ئي ڏِسبو هو.
انڌيءَ جھوپڙيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ننڍو ناندان ٺاهي ڇڏيو هو. جيڪي ڪجھه روز پني ايندي هي، اهو اچي ان ۾ رکندي هئي ۽ پوءِ ان کي ڪنهن ڪپڙي لٽي سان ڍڪي ڇڏيندي هئي، جيئن ڪنهن جي نظر ان تي نه پوي. کائڻ لاءِ ته روزانو کيس چڱو خاصو اٽو ۽ چانور ملي ويندا هئا ۽ سڄو ڏينهن ان مان گذارو ڪري وٺندي هئي. سڀ کان پهرين پنهنجي نپايل نينگر کي کارائيندي هئي ۽ پوءِ پنهنجي پيٽ جي پوڄا ڪندي هئي. رات جو ٻار کي ڇاتيءَ سان لاهي، اتي ئي سمهي رهندي هئي ۽ صبح ٿيندي ئي مندر جو رستو وٺندي هئي.
ڀر واري شهر ۾ سيٺ بنارسي داس نالي هڪ تمام مشهور ماڻهو رهندو هو، جنهن کان ننڍو وڏو چڱيءَ طرح واقف هو. ڏاڍو نيڪ ۽ ڌرمي مڙس هو. صبح جو ٻارهين وڳي تائين پوڄا پاٺ ۾ رڌل رهندو هو. سندس اوطاق تي سڄو ڏينهن ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي هئي . اوڌر وٺندڙن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي اهڙا ماڻهو ايندا هئا، جيڪي پنهنجي بچت سچت اچي هن وٽ ڌراوت طور رکندا هئا. فقير فقرا به پنهنجي پنيل موڙي هن وٽ اچي ڇڏي ويندا هئا. انڌيءَ کي به ان جي خبر هئي. پر پنهنجي پاڇي ٿيل رقم سيٺ وٽ رکڻ کان خبر ناهي ڇو پئي ڪيٻائيندي هئي.
هاڻ هن وٽ چڱا پئسا گڏ ٿي ويا هئا. جھوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ کوٽيل کڏ به اچي تار ٿي هئي. هن کي اچي ڊپ کنيو ته ڪٿي ڪو چورائي کڻي نه وڃي ۽ سڄي زندگيءَ جي محنت هڪ پل ۾ چٽ ٿي وڃي. اهو سوچي، هڪ ڏينهن سانجھيءَ جو پئسا پنهنجي چادر جي ڪنڊ ۾ ٻڌي، سيٺ جي گھر پهتي.
سيٺ فقيرياڻيءَ کي ڏسي ڌيرج سان پڇيو: “ڇا آهي؟”
انڌيءَ پئسا اڳيان وڌائي ڏڪندي ڏڪندي چيو: “سيٺ صاحب! مهرباني ڪري هي پئسا پاڻ وٽ رکو. آئون انڌي آهيان. پئسا کڻي ڪٿي پيئي لڪائينديس.”
سيٺ پنهنجي منشيءَ کي اشارو ڪندي چيو: “هي پئسا کاتي ۾ جمع ڪري ڇڏ.” پوءِ پوڙهيءَ کان پڇيائين: “مائي تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
انڌيءَ نالو ٻڌايو ۽ منشيءَ پئسا وٺي هن جي نالي جمع ڪيا. فقيراڻي ٻڪ کڻي سيٺ کي دعائون ڪندي پنهنجي جھوپڙيءَ ڏي رواني ٿي وئي.
ٻه سال تمام سک ۽ آرام سان گذري ويا.
هڪڙي ڏينهن اوچتو انڌيءَ جو پٽ بيمار ٿي پيو. ڪيتريون ئي دعائون ۽ دم دلاسا ڪيائين پر ڪو فرق نه ٿيو. ڇوڪري جي حالت ڏينهون ڏينهن وئي خراب ٿيندي. انڌي ويچاريءَ جي دل ڀُري پيئي ۽ همت جواب ڏئي ويس، پر وري خيال آيس ته متان ڊاڪٽر جي علاج مان فائدو ٿي پوي. انهيءَ خيال ايندي ئي ڌڪا ٿاٻا کائيندي سيٺ جي گھران اچي نڪتي. ان وقت سيٺ ويٺو هو.
انڌيءَ چيو: “ سيٺ صاحب! منهنجي رپين مان مهرباني ڪري ڏهاڪو کن ڏيو ته وڏي مهرباني. پنهنجي بيمار پٽ جي دوا لاءِ ڊاڪٽر کي ڏيڻا اٿم.” سيٺ ڪاوڙ مان پڇيو: “ڇا جا پئسا_؟ مون وٽ تو پئسا رکيا ئي ڪڏهن هئا_؟”
انڌي فقيرياڻيءَ روئيندي وراڻيو: “ٻه سال ٿيا ته آئون توهان جي اوطاق تي پنهنجا پئسا امانت طور رکائڻ آئي هيس. مهرباني ڪري انهن مان هن وقت ڏهه رپيا ڏيو.”
سيٺ پنهنجي منشيءَ کي گھرائي ڳجھو اشارو ڪندي چيو: “منشي! ڏس ته سهي هن انڌيءَ نالي ڪا رقم جمع ٿيل آهي يا نه. تنهنجو نالو ڇا آهي پوڙهي؟”
انڌي فقيرياڻيءَ جي پيٽ ۾ ساهه پيو. پهريون سوال ٻڌي هن سوچيو ته هي سيٺ ڪپتيو آهي. پر پوءِ سوچڻ لڳي ته شايد وسري ويو هجيس. ههڙو نيڪ ماڻهو ڪڏهن به ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگھي. هن پنهنجو نالو ٻڌايو. منشيءَ سيٺ جو مطلب سمجھي چوپڙيءَ جا ورق هيڏانهن هوڏانهن اٿلائي چيو: “نه. هن جي نالي تي ڪا به رقم جمع ٿيل ناهي.”
انڌي ويچاريءَ جو ساهه ئي سڪي ويو. روئيندي چيائين: “ ڀڳوان جي نالي، پنهنجي ڌرم ڪارڻ، مون کي ڪجھه ڏي. منهنجو پٽ بچي پوندو. آئون سڄي ڄمار تنهنجي هن احسان جا ٿورا ڳائيندي رهنديس.”
سيٺ ڪاوڙ مان رڙ ڪندي چيو: “وڃي ٿي يا ڪريان نوڪر کي سڏ ته لوڌي ڪڍنئي؟”
انڌي ويچاري لٺ سڌي ڪري اٿي کڙي ٿي ۽ سيٺ ڏانهن نهاري چيائين: “چڱو ڀڳوان توهان کي جھجھو ڏئي.” ۽ پاڻ پنهنجي گھر ڏي رواني ٿي ويئي. اها هن جي دعا نه پر مصيبتن جي ستايل غريب جي پِٽَ هئي.
ڇوڪري جي حالت خراب ٿيندي ويئي. جڏهن دوا دارون ڪجھه به نه ٿي سگھيو ته پوءِ فائدو ڪٿان ٿئي. آخر اها گھڙي به اچي ويئي جو هن جي حالت تمام نازڪ ٿي ويئي. انڌي به نااميد ٿي ويئي. اوچتو هن جي دل ۾ خيال آيو ته ٻار کي کڻي اچي سيٺ جي در اڳيان ويهي رهي.
هڪ نوڪر ڪنهن ڪم سان ان وقت ٻاهر نڪتو ۽ انڌيءَ کي در تي ويٺل ڏسي وڃي سيٺ کي اطلاع ڪيو. سيٺ نوڪر کي حڪم ڏنو ته هن کي هڪدم ڀڄايو وڃي. نوڪر انڌيءَ کي گھڻائي دڙڪا ڏنا پر هوءَ اتان اهڙي چُري جهڙي ڀِت. نوڪر جي ڌمڪي به هن تي ڪو اثر نه ڪيو، نيٺ نوڪر وڃي سيٺ کي ٻڌايو.
سيٺ صاحب آخر پاڻ ٻاهر نڪري آيو. انڌيءَ جي جھوليءَ ۾ ٻار کي ڏسي نهايت حيران ٿي ويو. هن ٻار جو مهانڊو ۽ شڪل شبيهه سندس پٽ موهن سان ملي رهي هئي. ست سال اڳ موهن ڪنهن ميلي ۾ گم ٿيوو هو. ڏاڍي ڳولا هلي، پر ڪجھه ڪين وريو. موهن جو ڪٿان به ڪو ڏس پتو نه ملي سگھيو هو. سيٺ کي ياد آيو ته موهن جي سٿر تي هڪ ڪاو گول نشان هوندو هو. پڪ ڪرڻ لاءِ هن جھڪي انڌيءَ جي جھوليءَ ۾ سُتل ٻار ڏي چتائي ڏٺو. واقعي هن جي سٿر تي اهو ڪارو نشان هو، جيڪو هاڻ عمر سان گڏ وڌي چڪو هو. هن يڪدم ٻار کي انڌيءَ کان کسي پنهنجي سيني سان لاتو. ٻار جو جسم تپ کان ڄڻ باهه ٿي رهيو هو. نوڪر کي هڪدم ڊاڪٽر آڻڻ لاءِ حڪم ڪيائين ۽ پاڻ تڪڙو تڪڙو ٻار سميت گھر اندر گھڙي ويو.
انڌي اٿي بيٺي ۽ ٻار لاءِ منهن مٿو پٽڻ لڳي. “منهنجي ٻچڙي کي ڇو کڻيو پيا وڃو...”
سيٺ ٻاهر نڪري هن کي چيو “ اهو ٻار منهنجو پٽ موهن آهي. ست سال اڳ وڃائجي ويو هو. هينئر ڀڳوان مون کي واپس ملايو آهي. هاڻ آئون کيس سيني سان سانڍينديس. پنهنجي سڄي ملڪيت خرچ ڪري به کيس بچائيندس.
انڌي چرين وانگر کلي چوڻ لڳي: “ تنهنجو پٽ آهي تنهن ڪري تون کيس بچائيندين. منهنجو پٽ هجي ها ته هن کي ڪفن لاءِ ٻه پئسا به نه ڏين ها. ائين نه_؟ اهو آهي دنيا جو انصاف. ورهين کان پنهنجو خون پگھر هڪ ڪري هن کي نپايو ۽ پاليو اٿم. هن کي ائين ڪيئن ڇڏينديس.”
سيٺ جي حالت ان وقت ڏسڻ وٽان هئي. ڪجھه به سمجھه ۾ نٿي آيس. ڪجھه وقت اتي ئي ماٺ ۾ بيٺو رهيو . پوءِ گھر ۾ گھڙي ويو. انڌيءَ به ڪيتري دير تائين رئندي رهي ۽ پوءِ آهستي آهستي جھوپڙيءَ ڏانهن موٽي ويئي.
ٻئي ڏينهن صبح جو قدرت طرفان دوا اثر ڪيو ۽ موهن جو تپ لهي ويو. هوش ۾ اچڻ سان هن اکيون کوليون ۽ “ امان، امان” ڪري انڌيءَ کي سڏڻ لڳو. چوڌاري ڌاريا ماڻهو ڏسي هن وري اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ ان کانپوءِ تپ وري وڌي ويو. بي هوشيءَ جي حالت ۾ به هاڻ هو رکي رکي ماءُ کي سڏي رهيو هو، جنهن مان صاف ظاهر هو ته هن کي _انڌي ماءُ جي غير حاضريءَ جو صدمو هو. ڊاڪٽر وڌيڪ علاج ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويا. سيٺ جي اکين اڳيان اونداهه ڇانئجي ويئي.
“ڇا ڪريان، هڪڙو ئي سڪيلڌو پٽ آهي. سو به ورهن جي وڇوڙي بعد واپس مليو آهي. هاڻ وري موت هن کي مون کان هميشه لاءِ جدا ڪري رهيو آهي. کيس ان کان ڪيئن بچايان!”
امالڪ هن کي انڌيءَ جو خيال آيو. پر هوءَ ته واپس وڃي چڪي هئي. سيٺ گاڏي تيار ڪرائي، نوڪرن سميت شهر کان ٻاهر هن جي جھوپڙيءَ وٽ اچي نڪتو. جلدي جلدي اندر گھڙيو. ڏسي ته انڌي هڪ ڦاٽل پراڻي تڏي تي ويٺي آهي ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا. هن کي اها خبر نه پيئي ته ڪير سندس ڪکائين جھوپڙيءَ ۾ گھڙي آيو آهي. سيٺ ڊڄندي ڊڄندي هن جي ٻانهن کي لوڏيو. سندس بدن ٽانڊن وانگر ٻري رهيو هو.
سيٺ ڪنڌ جھڪائي چيو“ ٻڍي! تنهنجو پٽ مري رهيو آهي. ڊاڪٽر بلڪل جواب ڏيئي چڪا آهن ۽ هو رکي رکي توکي سڏي رهيو آهي. هينئر تون ئي هن کي جياري سگھين ٿي. هل ۽ منهنجي... نه، نه، پنهنجي پٽ کي هلي بچاءِ.”
انڌيءَ چيو: “ مري ٿو ته مرڻ ڏينس، آئون به مري رهي آهيان. اسان ٻئي ماءُ پٽ وري ٻئي جهان ۾ ملنداسين. هن دنيا ۾ ڪو به سک ناهي. اتي منهنجو ٻچو هميشه لاءِ سکي رهي سگھندو ۽ اتي آئون هن جي چڱي طرح پرگھور لهي سگھنديس.”
سيٺ روئڻ لڳو. هيستائين هن ڪنهن به اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جھڪايو هو. پر هينئر هڪ معمولي انڌي فقير جي پيرن تي ڪري پيو ۽ رئندي رئندي چيو: “منهنجي نه ته پنهنجي مامتا جي لڄ رک. نيٺ تو به ته هن کي پاليو آهي. تنهنجي هلڻ سان هو ضرور بچي پوندو.”
انهن ڳالهين انڌيءَ کي بي چين ڪري ڇڏيو ۽ يڪدم چوڻ لڳي: “هلو هلو. هينئر ئي هلو.”
سيٺ کيس سهارو ڏيئي ٻاهر وٺي آيو ۽ گاڏيءَ ۾ چاڙهي سڌو گهر جو رخ رکيو. ان وقت سيٺ ۽ انڌي ٻنهي جي دلين جي حالت ساڳي هئي. ٻنهي جي تمنا هئي ته هو هڪدم اڏامي هلي ٻار کي ڇاتيءَ سان لائين. گھر اچي ويو. سيٺ آهستي آهستي انڌيءَ کي گاڏيءَ مان لاهي اندر موهن جي کٽ وٽ وٺي هليو. انڌيءَ هيٺ جھڪي موهن جي مٿي تي هٿ رکيو. موهن اکيون کولي هڪدم سڃاڻي ورتو ته اهو سندس ماءُ جو هٿ هو.
“امان! تون اچي ويئينءَ؟”
انڌيءَ پيار مان هڪدم جواب ڏنو: “ها پٽ! توکي هتي ڇڏي آئون اڪيلي ڪيڏانهن وينديس.” ۽ پوءِ هن جي سيرانديءَ کان ويهي موهن جو مٿو پنهنجي جھوليءَ ۾ رکيو . موهن هاڻي آرام محسوس ڪرڻ لڳو ۽ اتي ئي ننڊ کڻي ويس.
ٻئي ڏينهن کان موهن جي حالت سڌرڻ لڳي. ڏهن پنڌرهن ڏينهن ۾ هو بلڪل چاق چڱو ڀلو ٿي ويو. جيڪو ڪم حڪيم ۽ ڊاڪٽر به نه ڪري سگھيا اهو ڪم انڌيءَ جي پيار هڪ پل ۾ ڪري ڏيکاريو.
موهن جي بلڪل تندرست ٿيڻ بعد انڌيءَ موڪل گھري. سيٺ ڪيتريون ئي منٿون ميڙيون ڪيون ته هوءَ اتي ئي رهي پوي، پر انڌيءَ کي هڪ به نه آئڙي. لاچار سيٺ کي موڪل ڏيڻي پيئي ۽ هوءَ گھر ڏي رواني ٿيڻ واري هئي ته سيٺ هڪ ڳوٿري اچي سندس هٿن ۾ ڏني.
انڌيءَ پڇيو: “ هن ۾ ڇا آهي_؟”
سيٺ جواب ڏنو: “هن ۾ تنهنجا پئسا آهن، جي تون مون وٽ امانت طور رکيا هئا. منهنجو ڏوه....”
انڌيءَ تڪڙ ۾ سندس ڳالهه کي ڪٽنيدي چيو: “هي رپيا مون تنهنجي موهن لاءِ گڏ ڪيا هئا. ۽ اها هن جي ئي ملڪيت آهي.”
انڌيءَ ڳوٿري اتي ئي رکي ۽ لٺ جي آڌار تي ٻاهر نڪري ويئي. ٻاهر اچي هن هڪ دفعو هن وري ان گھر ڏانهن نهاريو. ان وقت به هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا.

دل جي اک

تارا ٻائيءَ جون ٻئي اکيون تارن وانگر روشن آهن ۽ هوءَ آسپاس جي هر شيءِ کي حيرت مان چتائي ڏسي ٿي. در اصل تارا ٻائيءَ جي چهري تي اکيون ئي اکيون آهن. هوءَ ڏڪار جي سُڪل ڇوڪري آهي، جنهن کي بيگم الماس خورشيد عالم جي گھر ڪم ڪندي ڪي ٿورا مهينا ئي ٿيا آهن. هوءَ پنهنجي مالڪياڻيءَ جي شاندار فلئٽ جي قيمتي سامان کي اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسندي رهي ٿي، جو اهڙو عيش عشرت هن پهرين ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺو هو. هوءَ گورکپور جي هڪ ڳوٺ جي بيواهه ڇوڪري آهي، جنهن جو سهرو ۽ ماءُ پيءُ مرڻ تي هن جي مامي، جيڪو بمبئيءَ ۾ کير وارو آهي، گھرائي ورتو هو.
الماس بيگم جي خورشيد عالم سان شادي ٿئي ڪي ٽي چار مهينا ئي گذريا آهن. هن جي منگلور جي آيا، جيڪا هن سان گڏ مائٽن کان آئي هئي، واپس هلي وئي ته هن جي ماسي بيگم عثمانيءَ، جيڪا هڪ نامور سوشل ورڪر آهي، ايمپلائيمينٽ ايڪسچينگ فون ڪيو ۽ تارا ٻائي اکيون ڇنڀيندي هنن جي ڏهين ماڙ جي فلئٽ تي پهتي هئي. الماس بيگم هن کي هر خيال کان سٺو محسوس ڪيو. هوءَ ماٺ مٺوڙي ۾ ڪم ۾ لڳي رهي ٿي ۽ بيگم صاحبه ۽ ان جي صاحب کي فقط اکيون مچڪائيندي ڏٺو ٿي.
الماس بيگم جو جيڪڏهن وس پڄي ته هوءَ پنهنجي مڙس کي هڪ لمحي لاءِ به پنهنجين نظرن کان پري نه رکي. هوءَ جوان جمال ڇوڪرين کي گھر جي ڪم لاءِ رکڻ جي هرگز خواهشمند نه آهي. پر تارا پاڻيءَ جهڙي بي جان ۽ سگھڙ نوڪرياڻيءَ کي ڏسي هن پنهنجي تجربيڪار ماسيءَ جي چونڊ تي اعتراض نه ڪيو.
تارا ٻائي صبح جو بيڊ روم ۾ چانهه آڻي ٿي. وڏي عقيدت مان صاحب جي جوتن تي پالش ۽ ڪپڙن تي استري ڪري ٿي. هن جو شيوَ لاءِ پاڻي رکي ٿي. ڇنڊ ڦُوڪ ڪرڻ وقت هوءَ وڏي اچرج مان انهن خوبصورت شين تي هٿ گھمائي ٿي، جيڪي صاحب پئرس مان پاڻ سان گڏ آنديون آهن. هن جو وائلن وارڊ روب (ڪٻٽ) جي مٿان رکيو آهي. جڏهن پهريون دفعو تارا ٻائيءَ بيڊروم جي صفائي ڪئي ته وائلن تي ڪا دير هٿ گھمائيندي رهي. ٽيون ڏينهن صبح جو جڏهن معمول مطابق وڏي نفاست سان وائلن صاف ڪري رهي هئي ته نرم مزاج ۽ شريف صاحب (سندس زال ته ڄڻ سنهو مرچ آهي) ان ئي وقت ڪمري ۾ اچي نڪتو ۽ تارا ٻائيءَ تي ڪاوڙجي پيو ته وائلن کي هٿ ڇو لاٿو اٿئي. ان بعد هن کان وائلن ڦري ڪٻٽ مٿان کڻي اڇلايو. تارا ٻائي هيسجي وئي ۽ هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ صاحب ٿورو شرمندو ٿي ورانڊي ۾ هليو ويو، جتي بيگم صاحبه ويٺي چانهه پيتي. هونءَ بيگم صاحبه جا صبح گھڻو ڪري هيئر ڊريسر ۽ بيوٽي سئلون ۾ گذرن ٿا. ميني ڪيور، پيڊي ڪيور، مساج، فئشل_ هڪ کان هڪ اعليٰ ساڙهيون، ڊزنن جا ڊزن سلئڪس ۽ عطر جا دٻا ۽ ڳهه ڳٺا_ هن جي ڪٻٽن ۾ ڀريا پيا هئا. تارا ٻائي سوچيو ٿي: “ڀڳوان ميم صاحبه کي دولت به ڏني، راحت به ۽ اهڙو سهڻو مڙس به. بس شڪل ڏيڻ ۾ ڪنجوسي ڪري ويو.”
صاحب لاءِ ٻڌو ويو ٿي ته ميم صاحبان جي سوسائٽيءَ ۾ تمام گھڻو مقبول هو، پر شاديءَ کانپوءِ بيگم صاحبه هن تي تمام گھڻيون پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. آفيس ۾ ويندو آهي ته پٺيان بيگم صاحب ڪيترائي دفعا کيس فون ڪندي آهي. شام جو ڪنهن ڪم پٺيان اڪيلو ٻاهر وڃڻ تي بيگم صاحبه کي خبر رهي ٿي ته هو ڪٿي ڪٿي ويو آهي ۽ هوءَ انهن جاين تي به فون ڪندي رهندي آهي. شام جو سير تفريح يا ملڻ ملائڻ لاءِ ٻئي زال مڙس ٻاهر وڃن ٿا، تڏهن به بيگم صاحبه پنهنجي مڙس تي ڪرڙي نظر رکي ٿي. مجال آهي جو هو ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي ٽيڏي اک سان به ڏسي.
صاحب اهي سڀ قاعدا قانون کِل خوشيءَ ۾ قبول ڪري ورتا آهن. ڇو ته بيگم صاحبه تمام امير آهي ۽ صاحب کي نوڪري به هن جي دولتمند سهري ڏني آهي. نه ته شاديءَ کان اڳ صاحب ڏاڍو غريب ماڻهو هو. اسڪالر شپ تي انجنيئرنگ پڙهڻ فرانس ويو هو. واپس آيو ته روزگار نه مليو. هو مايوس ٿي گھمندو رهيو. ان وقت بيگم صاحبه جي گھر وارن هن کي کڻي ڦاسايو.
وڏن ماڻهن جا هي عجيب ۽ غريب قصا تارا ٻائي فليٽ جي بورچي، مستري ۽ ٻين نوڪرن کان ٻڌندي رهي ۽ هن جون اکيون حيرت مان ڦاٽي ويون ٿي.
خورشيد عالم تمام سٺو وائلن نواز به آهي، پر جڏهن کان هن جي شادي ٿي آهي، زال جي محبت ۾ اهڙو گم ٿي ويو آهي جو هن کي وائلن کي هٿ لائڻ جي به واندڪائي نٿي ملي، ڇو جو الماس بيگم کي هن ساز سان دلي نفرت آهي. خورشيد عالم زال جو بيحد احسانمند آهي، ڇو جو هن شاديءَ سان هن جي زندگي بدلجي وئي آهي، ۽ احسان اهڙي شيءِ آهي، جنهن لاءِ هڪ سنگيت ڪار پنهنجي سنگيت جي قرباني به ڏئي سگھي ٿو. خورشيد عالم شهر جي هڪ جھوني ڊٺل عمارت ۾ رهيو پيو هو ۽ بسن ۾ رلندو ڦرندو رهيو ٿي. هاڻ هو لکاپتيءَ جي حيثيت ۾ شهر جي هڪ خوبصورت ۽ مهنگي علائقي ڪمبالا هل تي رهي ٿو. مرد جي لاءِ هن جو اقتصادي تحفظ ئي سڀ کان وڏي شيءِ آهي.
خورشيد عالم هاڻ وائلن شايد ڪڏهن به نه وڄائي. هي فقط ڏيڍ سال اڳ جي ڳالهه آهي. الماس پنهنجي بزنيس مئن پيءُ جي عاليشان گھر ۾ مالا بار هِل تي رهي ٿي. هوءَ سوشل ورڪ ڪري رهي هئي ۽ عمر وڏي هجڻ ڪري شاديءَ تان هٿ کڻي چڪي هئي. جڏهن هڪ دعوت ۾ هن جي ملاقات خورشيد عالم سان ٿي ۽ هن جي هوشيار ماسي بيگم عثمانيءَ معاملو سمجھي پنهنجن “جاسوسن” ذريعي معلومات حاصل ڪئي. ڇوڪرو يوپي جو آهي. يورپ مان موٽي گذر سفر جي ڳولا ۾ آهي پر شاديءَ لاءِ تيار ناهي، ڇو جو فرانس ۾ هڪ ڇوڪري ڇڏي آيو آهي ۽ هن جي اچڻ جو انتظار اٿس. بيگم عثمانيءَ يڪدم پنهنجي مهم ۾ جنبي وئي. الماس جي پيءُ پنهنجي هڪ فرم ۾ خورشيد عالم کي پنڌرهن سئو رپيه ماهوار پگهار تي پاڻ وٽ رکيو. الماس جي ماءُ هن کي پنهنجي گھر مانيءَ تي گھرايو ۽ الماس سان ملاقاتون خودبخود شروع ٿي ويون. پر پوءِ به ڇوڪري ڇوڪريءَ بابت ڪنهن گرمجوشيءَ جو اظهار نه ڪيو. آفيس مان موٽي گھڻو وقت هن کي الماس جي گھر گذارڻو پيو ٿي ۽ ان ڇوڪريءَ جي مٿاڇري گفتگو مان ڪڪ ٿي هو ان هوادار بالڪنيءَ ۾ وڃي بيٺو ٿي، جنهن جو رخ سمنڊ ڏي هو. پوءِ هن سوچيو ٿي_ هڪ ڏينهن “هن” جو جهاز اچي هن ڪناري تي بيهندو ۽ “هوءَ” ان مان لهندي. هن کي موسان گڏ ئي اچڻ کتو ٿي، پر پئرس جي ڪاليج ۾ هن جو ڪم اڃا ختم نه ٿيو هو. پوءِ ايندڙ جهاز جي تصور ۾ هو بالڪنيءَ جي ريلنگ تي جھڪي افق کي گھوريندو رهيو ٿي. الماس اندران نڪري ڌيرج سان هن جي ڪلهن تي هٿ رکي پڇيو ٿي: “ڇا سوچي رهيا آهيو؟” هن ٿورو ڇرڪي فقط مرڪيو ٿي.
رات جي مانيءَ تي الماس جي پيءُ سان ملڪي سياست سان لاڳاپو رکندڙ هاءِ فائنانس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي گهر پهتو ٿي ۽ وائلن ڪڍي اهي ڌنون وڄائڻ لڳو ٿي جيڪي “هن” جي سنگت ۾ پئرس ۾ وڄائيندو هو. هو ٻئي هڪ ٻئي کي خط لکندا هئا ۽ گذريل خط ۾ هن کي اطلاع ڏنو هو ته کيس بمبئيءَ ۾ ئي هڪ سٺي نوڪري ملي وئي آهي. انهي نوڪريءَ سان گڏ جيڪي خوفناڪ پهلو هئا، انهن جو ذڪر هن خط ۾ نه ڪيو هو.
هڪ سال گذري ويو پر هن الماس سا شاديءَ جو ارادو ظاهر نه ڪيو. آخر بيگم عثمانيءَ فيصلو ڪيو ته پاڻ ئي ڇوڪري سان صاف ڳالهه ڪري ته مناسب رهندو. پر انهن ڏينهن ۾ پرتاب ڳڙهه کان تار آئي ته خورشيد عالم جي پيءُ جي طبيعت سخت خراب آهي ۽ هو موڪل وٺي روانو ٿي ويو.
هن کي پرتاب ڳڙهه وئي ڪجھه ڏينهن ئي گذريا هئا جو الماس، جيڪا هاڻ هن جي طرف کان نا اميد ٿي چڪي هئي، هڪڙي شام جو پنهنجين ساهيڙين سان گڏ هڪ جرمن پيانسٽ جو ڪانسرٽ ٻڌڻ تاج محل وئي، ڪرسٽل روم ۾ هميشه وانگر پوڙهن پارسين ۽ پارسياڻين جو ميڙ لڳل هو ۽ هڪ بيحد حسين اکين واري پارسي ڇوڪري ڪانسرٽ جو پروگرام ورهائي رهي هئي. هڪ پهرين جي واقف عورت الماس جي ڄاڻ سڃاڻ هن ڇوڪريءَ سان ڪرائي _ “مِس پيروجا دستور” ۽ پاڻ اڳيان وڌي وئي.
الماس پنهنجي عادت مطابق تکين نظرن سان هن اجنبي ڇوڪريءَ جو جائزو ورتو. ڇوڪري ڏاڍي سهڻي هئي.
“توهان جو نالو ڇا ٻڌايو؟” الماس پنهنجائي واري نموني سان پڇيو.
“مس پيروجا دستور” ڇوڪريءَ سادگيءَ سان جواب ڏنو.
“مون توهان کي پهرين ڪانسرٽ وغيره ۾ نه ڏٺو آهي.”
“آئون ستن سالن بعد گذريل هفتي ئي پيرس مان واپس آئي آهيان.”
“ست سال پئرس ۾! تڏهن ته توهان فرينچ لس ئي لس ڳالهائينديون هونديون.” الماس ٿورو بيزاريءَ مان چيو.
“جي ها_!” پيروجا کلڻ لڳي.
هاڻ خاص خاص مهمان پيانسٽ سان گڏ سي لائونج ڏي وڌي رهيا هئا. پيروجا الماس کان موڪلائي هڪ انگريز خاتون سان ان پيانسٽ جي موسيقي تي بيحد ٽيڪنيڪل قسم جو تبصرو ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وئي. پر سي لائونج ۾ پهچي الماس وري ڇوڪريءَ سان ٽڪرائجي وئي. ڪمري ۾ چانهه جي گهما گهمي شروع ٿي وئي هئي.
“اچ هتي اچي ويهه.” پيروجا مرڪندي الماس کي چيو. هو ٻئي دريءَ وٽ رکيل ميز تي آمهون سامهون ٿي ويهي رهيون.
“توهان ته ويسٽرن ميوزڪ جون ايڪسپرٽ لڳو ٿيون.” الماس ٿورو رُکائيءَ سان ڳالهه شروع ڪئي، ڇو ته هوءَ خوبصورت ۽ گھٽ عمر جي ڇوڪرين کي هرگز برداشت نٿي ڪري سگھي.
“جي ها. آئون پئرس پيانو جي اعليٰ تعليم لاءِ وئي هيس.” الماس جي ذهن ۾ ڪٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ خطري جي گھنٽي وڳي. هن ٻاهر سمنڊ جي شفاف، بيحد نيري تري تي نظر وجھي اوچتو وڏي اخلاق ۽ پنهنجائپ سان چيو: “هائو انٽريسٽنگ. پيانو ته اسان وٽ به موجود آهي. ڪنهن ڏينهن اچي ڪجھه ٻڌاءِ.”
“ضرور_” پيروجا خوشيءَ مان جواب ڏنو.
“ڇنڇر ڏينهن ڇا پروگرام آهي تنهنجو؟ آئون پنهنجي گھر هڪ چانهه پارٽي رکي رهي آهيان. منهنجيون ساهيڙيون توسان ملي ڏاڍو خوش ٿينديون.”
“آءِ وڊ لَو ٽو ڪم. ٿئنڪ يو.”
“تون رهين ڪٿي ٿي پيروجا؟”
پيروجا بمبئي جي هڪ سادي علائقي جي هڪ گھٽي ٻڌائي. الماس هڪ سڪون جو ساهه کنيو. اهو علائقو غريب قسم جي پارسين جو پاڙو هو.
“آئون پنهنجي چاچي سان گڏ رهان ٿي. منهنجا ماءُ پيءُ گذاري چڪا آهن. منهنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ به ناهي. مون کي چاچي ۽ چاچيءَ پاليو آهي. هنن کي ڪو اولاد ناهي. چاچو هڪ بئنڪ ۾ ڪلارڪ آهي.”
پيروجا نهٺائيءَ مان چوندي رهي. پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جي ڪجھه ڳالهين بعد سمنڊ جي پرسڪون سطح ڏي نهاريندي هن اچتو چيو: “ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي. گذريل هفتي جڏهن منهنجو جهاز هن ساحل ڏي وڌي رهيو هو ته آئون سوچي رهي هيس ته ايڏي عرصي بعد ڌارين وانگر بمبئي واپس موٽي رهي آهيان. هي وڏو ڪٺور شهر آهي. توکي ته معلوم ئي هوندو الماس؟ خلوص وارا دوست هتي ڏاڍو ڏکيائيءَ سان ملن ٿا. پر منهنجي خوش قسمتي ڏسو ، اڄ ئي منهنجي توسان ملاقات ٿي وئي.”
الماس ڏک مان ڪنڌ ڌُوڻيو. سي لائونج ۾ ڳالهين جي هلڪي هلڪي ڀڻ ڀڻ جاري هئي. ڪجھه لمحن بعد هن پڇيو:
“تنهنجو پئرس ڪيئن وڃڻ ٿيو؟”
“مون کي اسڪالرشپ ملي هئي. اتي پيانو جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ ڪجھه سالن تائين هڪ ميوزڪ ڪاليج ۾ ريسرچ ڪندي رهيس. آئون اتي تمام خوش هيس. پر منهنجو چاچو چاچي هتي بلڪل اڪيلا هئا. هو تمام پوڙها ٿي چڪا آهن. چاچي ويچاري ته پيري ۽ ضعيفي ڪري بلڪل ٻوڙي ٿي وئي آهي. آئون هن جي ڪارڻ واپس اچي ويس ۽ ان کان علاوه....”
“هيلو الماس! تون هتي ويٺي آهين!. جلدي هل. توکي فلاڻي پئي سڏي.” هڪ عورت ميز وٽ اچي چيو. پيروجا جي ڳالهه اڌ گابري رهجي وئي. الماس هن کي اهو چوندي موڪلايو ته هوءَ ڇنڇر جي صبح جو يارهين وڳي هن جي لاءِ ڪار موڪلي ڏيندي. هوءَ ميز تان اٿي مهمانن جي ميڙ ۾ غائب ٿي وئي.
ڇنڇر جي ڏينهن پيروجا، الماس جي گھر پهتي، جتي چانهه پارٽي پنهنجي عروج تي هئي. بيٽلز جا رڪارڊ وڄي رهيا هئا. ڪجھه ڇوڪرين، جن ڪجھه ڏينهن اڳ هڪ فئشن شو ۾ حصو ورتو هو، زور شور سان ان جي واقعن تي تبصرون ڪري رهيون هيون. هي سڀ ڇوڪريون جن جي مادري زبان اڙدو، هندي، گجراتي ۽ مرهٺي هي، انگريزي ۽ فقط انگريزي ڳالهائي رهيون هيون، ۽ هنن بيحد سوڙهيون پتلونون يعني “اسٽريچ پتلونون” پائي رکيون هيون. پيروجا کي هڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته هوءِ اڃا هندستان واپس نه آئي آهي. هن جو پنهنجو فرقو بيحد مغرب پرست هو پر سالن جا سال يورپ ۾ رهي هن کي معلوم ٿي چڪو هو ته اجنتا جي زنده تصويرن بدران هنن مغرب کي پنهنجو سمجھڻ وارين عورتن کي ڏسي يورپ جي باشندن کي سخت افسوس ۽ مايوسي ٿئي ٿي. ان ڪري مِس پيروجا دستور پئرس ۽ روم ۾ پنهنجي ٺيٺ هندستاني چال چلن تي فخر محسوس ڪيو ٿي. بمبئيءَ جي انهن نقلي آمريڪن ڇوڪرين کان بيزار ٿي هوءَ بالڪنيءَ ۾ وڃي بيٺي جنهن جي سامهون سمنڊ هو ۽ پاسي کان پارسين جي جنازي رکڻ جو ٽاور آف سائلينس (برج خموشان). هوءَ ڇرڪي وئي. گھاٽي ٻيلي مٿان کليل فضا ۾ ڪجھه ڳجھون ۽ ڪانگ جھرمٽ ڪري اڏامي رهيا هئا ۽ چئني پاسي هڪ ڀوائتي ماٺ هئي. هوءَ گھٻرائجي واپس موٽي ۽ زندگيءَ سان گونجندڙ ڪمري ۾ اچي هڪ صوفي تي ويٺي.
ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾، لڳي ٿو ته سينگار خاطر، اسٽين وي جو گرينڊ پيانو رکيو هو. ڇوڪريون هاڻ ريڊيوگرام تي هيري بيلا جو پراڻو ڪليپسو _ “جئميڪا فيئر ويل” وڄائي رهيون هيون. ڳائڻيءَ جو دل لڀائيندڙ آواز گٽار جي گونج سان گڏ گڏ ڪمري ۾ پکڙڻ لڳو.
Down the way where nights are gay
And the Sunshine’s daily on the mountain top
I took a trip on a sailing ship
And when I reached Jamica made a stop.
But I am sad to say I am on my way and
Won’t be back for many a day.
May heart is down, my head is turning around
I had to leave a little girl in Kingston town.
الماس ماٺ مٺوڙي ۾ بالڪنيءَ ۾ وڃي بيٺي. رڪارڊ وڄي ختم ٿيو ته هن اندر اچي پيروجا کي چيو: “پاڻ وڏا بي ذوق ماڻهو آهيون. هڪ ماهر پيانسٽ هتي ويٺي آهي ۽ پاڻ پيا رڪارڊ وڄايون! هلو ته هلون.”
پيروجا مرڪندي وڃي پيانو جي اسٽول تي ويٺي. “ڇا ٻڌايان؟ آئون ته فقط ڪلاسيڪل ميوزڪ ئي وڄايان ٿي.”
“هاءِ! پاپ `Pop` ميوزڪ نه؟” ڇوڪرين گوڙ ڪيو. “چڱو ڀلا ڪو انڊين فلم سانگ ئي کڻي وڄاءِ”.
“فلم سانگ به مون کي نٿا اچن، پر هڪ غزل ياد آهي مون کي ... جيڪو مون کي ... ” هوءَ شرمائي چپ ٿي وئي.
“غزل....؟ اوه! آءِ لَو اڙدو پوئٽري.” هڪ مسلمان ڇوڪريءَ جنهن جا والدين اهل زبان هئا، پسنديده انداز ۾ چيو.
مس پيروجا پڙدن تي آڱريون ڦيرايون ۽ هڪ اڻڄاتل خوشي محسوس ڪري، آهستي آهستي هڪ دل لڀائيندڙ ڌُن وڄائڻ شروع ڪئي.
“ڀائي ميوزڪ وڄائڻ سان گڏ گڏ ڳائي به ٻڌاءِ”. ڇوڪرين رڙ ڪئي.
“ڀائي آئون ڳائي نٿي سگھان. منهنجي اڙدو تمام خوفناڪ آهي.”
“چڱو ڀلا ان اڙدو غزل جا لفظ ٻڌاءِ اسين پاڻهي ڳائينديونسين.”
“اهو غزل ڪجھه هن ريت آهي...” مس پيروجا چيو.
“تو سامنَي هي اپنَي بتلا ڪه تو ڪهان هَي
ڪِس طرح تجه ڪو ديکون نظاره درميان هَي.”
ڪجھه ڇوڪرين ملي ڳائڻ شروع ڪيو... نظاره درميان هَي.... نظاره درميان هَي....
غزل ختم ٿيو، تاڙيون وڳيون.
“هاڻ ڪا ويسٽرن شيءِ وڄاءِ.” هڪ ڇوڪريءَ فرمائش ڪئي.
“شو پان جي ميڊنس فئنسي (Maiden’s Fancy) وڄايان؟ اهو نغمو آئون ۽ منهنجو مڱيندو گڏ وڄائيندا هئاسين، پئرس ۾. هو وائلن تي منهنجي سنگت ڪندو هو.”
“تنهنجو مڱيندو به ميوزيشن آهي؟” هڪ ڇوڪريءَ پڇيو.
“پروفيشنل نه، شوقي.” مس پيروجا جواب ڏنو ۽ نغمو وڄائڻ ۾ محو ٿي وئي.
ايندڙ ٻن هفتن ۾ الماس پيروجا سان تمام گھاٽي دوستي جوڙي ورتي. ان وچ ۾ پيروجا کي هڪ ڪانوينٽ ڪاليج ۾ پيانو سيکارڻ جي نوڪر يي ملي وئي هئي، جيڪو موڪلن بعد کلڻ وارو هو. هفتي ۾ ٽي دفعا هڪ ڏهه ساله آمريڪن ڇوڪريءَ کي پيانو سيکارڻ جي ٽيوشن به ملي وئي. آمريڪن جي زال جو ويجھڙائيءَ ۾ ئي موت ٿيو هو ۽ هو پنهنجو ڏک ميسارڻ لاءِ پنهنجن ٻارن سان گڏ سيرو سياحت لاءِ هندستان آيو هو ۽ جُوهُو جي علائقي ۾ سن ائنڊ سئنڊ هوٽل ۾ ترسيل هو. مس پيروجا جي گھر کان جُوهُو تائين جو سفر ڪافي ڊگهو هو پر آمريڪن پيروجا کي سٺو پگھار ڏيڻ وارو هو ۽ ڏاڍي سٺي نموني سان هليو ٿي. پيروجا في الحال پنهنجي زندگيءَ مان تمام خوش هئي. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ “هو” پنهنجي ڳوٺ کان واپس موٽڻ وارو هو. پيروجا هن کي پنهنجي بمبئي موٽڻ سان نوڪري ۽ ٽيوشن ملڻ جو اطلاع نه ڏنو هو. ڇو جو هن (پيروجا) هُن کي “سرپرائيز” ڏيڻ چاهي ٿي.
هڪ ڏينهن هوءَ الماس سان گڏ هن جي بنگلي جي باغ ۾ واڪ ڪري رهي هئي، ته ڦوهاري وٽ پهچي الماس هن کان هڪدم سوال ڪيو: “تو اهو غزل ڪنهن کان سکيو هو؟ اهو ئي جيڪو تون ان ڏينهن ڳائي رهي هئينءَ؟”
“اوهه .... اهو؟ پئرس ۾.”
“پئرس! هائو انٽريسٽنگ! ڪنهن سيکاريو؟”
“منهنجي مڱيندي.”
“اوهه پيروجا... يو ڊارڪ اورس! چار سئو ويهه! مون کي تو ٻڌايو به ڪونه، هيستائين!”.
“الماس تنهنجي ئي ڪميونٽيءَ جو آهي، هُو. منهنجو مطلب آهي اسان جي پارسين مان ناهي پر مسلمان آهي.”
“هو ... واقعي.” الماس ڦوهاري جي پڳهه تي ويهي رهي.
“منهنجو چاچو تمام روشن خيال آهي. هن مون کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.”
“ڇا نالو آهي صاحب زادي جو؟”
هي نالن جو به عجيب قصو آهي. خورشيد عالم هن جي نرگسي اکين تي عاشق ٿيو هو، جڏهن پئرس جي هندستاني سفارتخاني جي هڪ دعوت ۾ پهريون دفعو ملاقات ٿي هئي. ڪنهن هن جو تعارف “پيروجا” چئي هن سان ڪرايو هو ته هن چرچي ۾ چيو هو“ پر تنهنجو نالو ته نرگس هجڻ کتو ٿي.”
“اوه... نرگيش؟ نرگيش ته منهنجي آنٽيءَ جو نالو آهي.”
“لاحول ولا قوت.... !” خورشيد عالم پنهنجائپ واري نموني سان ائين چيو ڄڻ هن کي هميشه کان سڃاڻندو هجي.
“نرگيش، کهورشيٽ، پيروجا ... توهان ماڻهن حسين ايراني نالن جي ڇا ته ستياناس ڪئي آهي. آئون توکي فيروزه سڏيان ته توکي اعتراض ته نه ٿيندو؟”
“هرگز نه.” پيروجا کِلي جواب ڏنو هو... ۽ پوءِ هڪ دفعي خورشيد درياءَ جي ڪناري واڪ ڪندي هن کي چيو هو: “هي تنهنجيون وهندڙ درياهه جهڙيون اکيون ... هفت زبان اکيون، کڙ کٻيتي جهڙيون اکيون، وهائو تاري جهڙيون، هيرن جواهرن جهڙيون، چمندڙ اُس ۾ ٽم ٽم ڪندڙ برسات جهڙيون، لڳي ٿو نرگس جا گل تنهنجين اکين ۾ بدلجي ويا هجن.”
“مون پڇيو ته ڇا نالو آهي ان صاحب جو؟” الماس جي تکي آواز تي هوءَ ڇرڪي.
“کهورشيٽ عالم.” هن جواب ڏنو. ڪجھه لمحن جي سڪون کان پوءِ هن گھٻرائجي نظرون مٿي کنيون. ڪاري رنگ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس، چيلهه تي هٿ رکي ڪاري اٺ وانگر هن جي سامهون الماس هن کي چئي رهي هئي “ڪيڏو عجيب اتفاق آهي پيروجا ڊيئر! منهنجي مڱيندي جو نالو به خورشيد عالم آهي، هو به وائلن وڄائي ٿو، هو به پئرس کان آيو آهي ۽ اڄڪلهه پنهنجي پيءُ سان ملڻ پنهنجي ڳوٺ ويل آهي.”
آگسٽ جي آسمان تي زور سان کنوڻ جو تجلو ٿيو، پر ڪنهن نه ڏٺو ته اها ڪڙڪندڙ کنوڻ مس پيروجا دستور مٿان اچي ڪري، هو ڪجھه دير تائين پنڊ پهڻ ٿي وئي، ۽ پوءِ هن عاليشان محل تي نظر وڌي ۽ پنهنجي غريب علائقي سان سادي ۽ اڌ اونداهي فلئٽ جو تصور ڪيو. کنوڻ وري چمڪاٽ ڪيو ۽ مالا بار هِل جي هن منظر کي روشن ڪري ڇڏيو. پيروجا جي دماغ ۾ سڄي ڳالهه اچي وئي. هوءَ سمجھي وئي ته خورشيد عالم پنهنجي خطن ۾ هن جو ذڪر ڇو نه ڪيو ۽ هو ڪجھه عرصي کان شادي جي ذڪر کي ڇو ٽاريو ويٺو آهي. هو آهستي اٿي ۽ ڌريج سان چيو: “چڱو الماس، مڱڻو مبارڪ هجنئي. خدا حافظ.”
“ڇا وڃين پئي پيروجا؟ ترس، منهنجي ڪار توکي پهچائي ايندي ... ڊرائيور!” الماس سڪون سان سڏ ڪيو.
“نه الماس .. تنهنجي مهرباني.” هوءَ ذري گھٽ ڊوڙندي ڦاٽڪ کان ٻاهر نڪتي. رستي جي ٻئي پاسي ان وقت بس اچي ترسي هئي، هوءَ تکو رستو ٽپي بس ۾ وڃي سوار ٿي.
ڦوهاري وٽ بيٺل الماس ڦاٽڪ ڏي ڏسندي رهي. سانوڻيءَ جي زبردست برسات پام جي وڻن کي جھڪائي جھڪائي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ تکيون تکيون وکون ڀري، پنهنجو پاڻ کي گپ کان بچائيندي وڃي اڏاوت هيٺ بيٺي.
ان واقعي جي ٽئين ڏينهن خورشيد عالم جو خط الماس جي پيءُ جي نالي آيو، جنهن ۾ هن پنهنجي والد جي سخت بيمار هجڻ ڪري موڪل جا ڏينهن وڌائڻ لاءِ عرض ڪيو هو. هن الماس جي پيءُ کي اهو نه لکيو هو ته، ان خبر کان ته هن جو اڪيلو پٽ ڪنهن مسلمان رئيس زاديءَ بدران هڪ غريب پارسياڻيءَ سان شادي ڪري رهيو آهي، هن جي ڪٽر مذهبي پيءُ جو صدمي کان ساهه نڪري رهيو هو. خورشيد عالم جي خط مان ظاهر هو ته هو بيحد پريشان آهي. جواب ۾ الماس پاڻ هن کي لکيو.
“توهان کي جيترا ڏينهن وڻن اوترا رهو. ڊيڊي توهان کي پرايو نٿو سمجھي. اسان سڀ توهان جي پريشانيءَ ۾ شريڪ آهيون. توهان پنهنجي بابا کي علاج لاءِ هيڏانهن ڇو نٿا وٺي اچو.
“هلندي هلندي اهو به لکان ته ڪالهه آئون سئمنگ لاءِ سن ائنڊ سينڊ وئي هيس. اتي هڪ تمام دلچسپ پارسي ڇوڪري مس پيروجا دستور سان ملاقات ٿي، جيڪا پيانو وڄائي ٿي ۽ پئرس کان آئي آهي، ۽ شايد ڪنهن آمريڪن جي گرل فرينڊ آهي ۽ شايد ان سان ئي گڏ سَن ائنڊ سئنڊ ۾ ٽڪيل آهي. آئون توکي ان ڪري لکي رهي آهيان جو ٿي سگھي ٿو توهان به هن سان ڪڏهن مليا هجو، پئرس ۾.
“چڱو هاڻ توهان پنهنجي والد کي وٺي هليا اچو. تار ذريعي اطلاع ڪجو ته جيئن هتي جي ڪنهن سٺي اسپتال ۾ هن لاءِ ڪمرو ريزروَ ڪرائي ڇڏيون.”
توهان جي مخلص “الماس.”
شام جي وقت مس پيروجا جي غريب علائقي جي پراڻي عمارت اڳيان هڪ ٽئڪسي اچي بيٺي ۽ خورشيد عالم ٻاهر لٿو. کيسي مان نوٽ بڪ ڪڍي هن ائڊريس کي جانچيو ۽ گھر جي در وٽ پهچي دريءَ مان اندر ليئو پاتو. هڪ پوڙهو پارسي صدري ۽ ميري سفيد پتلون ۾ نظر آيو. سندس مٿي تي گول ٽوپي هئي. هو چيلهه سان ٻڌل “ڪسٽي” کولي ان کي ڳنڍيون به ڏئي رهيو هو ته چپن ئي چپن ۾ دعائون به پڙهي رهيو هو. هڪ طرف پراڻي زماني جي ڪرسي رکي هئي. ميز تي رنگين ڪور وڇايل هو. ڀت تي پارسين جي مذهبي رهنما زوروسٽر جي وڏي تصوير ٽنگيل هئي. ڪمري مان ناريل ۽ مڇيءَ جي تکي ڌپ اچي رهي هئي. هڪ پوڙهي پارسياڻي ڳاڙهي جارجٽ جي ساڙهيءَ ۾ مٿي تي رومال ٻڌل، ٻاهر نڪري رهي هئي.
“مس پيروجا دستور آهي؟” خورشيد عالم پڇيو.
“پيروجا؟” پارسي عورت ڌنڌ لڳل اکين سان خورشيد عالم کي جواب ڏنو، “جو هُو وئي آهي_ سن ائنڊ سينڊ”
“ڇا؟ ڇا مس پيروجا سن ائنڊ سئنڊ شفٽ ٿي وئي آهي؟” اڌ ٻوڙي ضعيف عورت هائوڪار ۾ کڻي ڪنڌ ڌوڻ ڪئي.
“ڪنهن سان ... ڪنهن سان گڏ؟” خورشيد عالم هٻڪندي پڇيو.
پوڙهي پٺيان پير ڪري اندر وئي ۽ هڪ وزيٽنگ ڪارڊ آڻي خورشيد عالم جي هٿ تي رکيو. ڪارڊ تي ڪنهن آمريڪن جو نالو ڇپيل هو.
“تون مسٽر کهورشيٽ عالم آهين؟ پيروجا چيو هو ته تون اچڻ وارو آهين. جيڪڏهن ڳوليندو هتي اچين نڪتين ته آئون يڪدم هن کي جوهُو فون ڪريان ۽ توکي ٻڌايان ته ڪيڏانهن وئي آهي!” هن بلائوز جي کيسي مان فون ڪرڻ لاءِ پنجويهن پئسن جو سڪو ڪڍيو.
خورشيد عالم وائڙو ٿي پوڙهيءَ ڏي نهاريو.
“توهان هن جي چاچي ٿيو. ڇا توهان کي ان ڳالهه تي ڪو اعتراض ناهي؟”
ٻوڙيءَ جي مٿي ۾ خبر ناهي ڳالهه ويٺي يا نه، هن کڻي ڪنڌ سان ناڪار ڪئي. “اسين تمام غريب آهيون پر هاڻ پيروجا هڪ آمريڪن...”
اتي اوچتو پوڙهيءَ کي ياد آيو ته هن معزز مهمان کي اندر نه سڏايو آهي، ۽ پوءِ هن جھڪندي چيو، “اچو ... اچو. اندر ته اچو.”
خورشيد عالم جهڙو بي جان بيٺو هو ۽ پوءِ جھٽڪي سان پٺيان مڙيو ۽ وڃي ٽڪئسيءَ ۾ ويٺو.
“باءِ باءِ.” پوڙهيءَ هٿ لوڏي موڪلايو.
پوڙهو پارسي دعا ختم ڪري ٻاهر نڪتو، پر ٽڪئسي زوم مان اڳيان وڃي چڪي هئي.
جنهن ڏينهن الماس ۽ خورشيد عالم جي مڱڻي جي دعوت هئي، اهڙي ته برسات ٿي جو سڄو ملڪ جل ٿل ٿي ويو. ڊنر کان ٿورو اڳ برسات جَھڪي ٿي ۽ خورشيد عالم ۽ الماس جي پيءُ جو دوست ڊاڪٽر صديقي، جنهن جي ويجھڙائيءَ ۾ پوني کان هتي بمبئي بدلي ٿي هئي، بالڪنيءَ ۾ اچي بيٺا، جتان ڪجھه مفاصلي تي ماٺ جو منارو (برج خموشان) جو اونداهو جهنگل ڀنل هوا ۾ شائين شائين ڪري رهيو هو. اندر ڊرائنگ روم ۾ مهمانن جي ٽهڪن جا آواز هئا ۽ گرينڊ پيانو تي رکيل شمعدان ۾ ميڻ بتيون ٽم ٽم ڪري رهيون هيون. بيحد رومانٽڪ ۽ پُرڪيف وقت هو. ايتري ۾ گئلري ۾ رکيل فون جي گھنٽي وڳي. هڪ نوڪر اندر اچي الماس کي چيو: “خورشيد صاحب لاءِ فون آهي.” ڪنوار جي روپ ۾ سجايل الماس لامارو هڻي فون کنيو. هڪ لوڪل اسپتال مان هڪ نرس پريشان آواز ۾ معلوم ڪري رهي هئي: “ڇا مسٽر خورشيد عالم اتي موجود آهي؟”
“توهان ٻڌايو ته توهان جو مسٽر خورشيد ۾ ڪهڙو ڪم آهي؟” الماس ٿورو چڙ مان پڇيو.
“مس پيروجا دستور هڪ مهيني کان سخت بيمار پئي آهي. اڄ هن جي حالت بنهه خراب آهي ۽ لڳي ٿو ته وڌيڪ جيئري نه رهي سگھي. هن چورايو آهي ته جيڪڏهن خورشيد عالم ڪجھه منٽن لاءِ هتي اچي سگھي.”
“مسٽر خورشيد عالم هتي نه آهي.”
“آر يو شوئر؟”
“ييس. آءِ ايم ويري شوئر.” الماس وڏي رعب سان جواب ڏنو، “ڇا تون سمجھين ٿي، ته آئون ڪا ڪوڙ پئي ڳالهايان؟” ۽ پوءِ ٺڪ ڪري کڻي فون رکيو ۽ اڳتي وڃي پنهنجي مهمانن سان ملي.
ٻن ڪلاڪن بعد وري فون آيو.
“ڊاڪٽر صديقي توهان جي ڪال.” گئلري مان ڪنهن آواز ڏنو.
“توهان کي اسپتال ۾ جلدي پهچڻ جو سڏ ٿيو آهي.”
ڊاڪٽر صديقي جلدي جلدي فون ڏي وڌيو ۽ پوءِ هن الماس کي آواز ڏنو: “بابا معاف ڪجانءِ، مون کي ڀڄڻو پئجي رهيو آهي.”
“ضرور... ضرور... گڊ نائيٽ” ڊاڪٽر صديقيءَ چيو ۽ ٻاهر نڪري ويو.
شهر جي وڏي اسپتال ۾ صحتياب ٿي خورشيد عالم جو والد خوش خوش پنهنجي ڳوٺ پرتاب ڳڙهه واپس وڃي چڪو هو. جيستائين ڪمبالا هِل وارو فلئيٽ تيار نه ٿيو هو، جيڪو ڪنوار کي ڏيج ۾ مليو هو، شاديءَ کانپوءِ گھوٽ صاحب ڪنواريتن وٽ ئي رهيو. گھڻو ڪري هو صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ بالڪنيءَ ۾ وڃي بيهندو هو. هيٺ گھاٽي باھ مان وڪڙ کائي لنگھندڙ رستو پارسين جي برج خموشان ڏي ويو ٿي. ڪنهن نه ڪنهن وقت سفيد ڪپڙا پهريل پارسي “نسيار” سفيد رومالن ذريعي هڪ ٻئي جا هٿ جھلي، قطار ٺاهي، جنازو کڻي ان ماٺ جي مينار ڏي وڌندا نظر آيا ٿي. لاش کي کائڻ لاءِ ڪانگ ۽ ڳجھون وڻن تي انتظار ۾ ويٺا رهيا ٿي. ان مينار جي اڱڻ جو ڦاٽڪ ڪنڊ تي کليو ٿي. ڦاٽڪ تي هڪ پوڙهو ڏاڙهيءَ وارو خوفناڪ پارسي درٻان ويٺل رهيو ٿي. سفيد ساڙهين ۽ سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس سوڳوار پارسي “ماٺ جي مينار” تي ميت چاڙهڻ بعد سرسبز پهاڙيءَ وٽان ڦري پنهنجين موٽرڪارن ۾ اچي ٿي ويٺا. ڦاٽڪ کان ٻاهر زندگيءَ جو پرجوش سمنڊ معمول مطابق هلندڙ چلندڙ رهيو ٿي. ڀر واري وڏي عمارت تي ايئر ڪمپنيءَ جو اشتهار انهن زنده انسانن کي سڄي دنيا ۾ پکڙيل هڪ کان هڪ دلچسپ شهرن تائين سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني ٿي.
هن هڪ دفعو خط ۾ لکيو هو .... ذهن جون هزارين اکيون آهن. دل جي اک فقط هڪ آهي. پر جڏهن محبت ختم ٿي وڃي ته سڄي زندگي ختم ٿيو وڃي.”
سمنڊ جي لهر پَل جو پَل ۾ فنا ٿي وئي. آسمان تي گذرڻ وارا ڪڪر فضا ۾ رلي ملي ويا. جڏهن هوءَ مُئي هوندي ته ڪانگن ۽ ڳجھن هن جو ڪيئن آڌرڀاءُ ڪيو هوندو؟ ان طوفاني رات جو اسپتال جي وارڊ مان نڪري هن جو روح جڏهن آسمانن تي پهتو هوندو ۽ عالم بالا جي گُگھهَ اونداهه ۾ ڪنهن ٻئي روح ان سان ٽڪرائجي پڇيو هوندو “ تون ڪير آهين؟” ته هن جواب ڏنو هوندو “ خبر ناهي .. آئون ڪالهه ئي ته مُئي آهيان.”
هيستائين هن جو روح ڪٿان کان ڪٿان نڪري چڪو هوندو... مئل انسان گھڻي تکي رفتار سان سفر ڪن ٿا.
تارا ٻائيءَ پنهنجين روشن اکين سان صاحب جي گھر جي هر شيءِ کي حسرت ۽ حيرت سان ڏٺو ٿي. هوءَ صاحب کي حيرت سان تڪيندي هئي. الماس بيگم هاڻ اميد واري ٿي آهي. تمام جلد تارا ٻائيءَ جو ڪم ٻيڻو ٿي ويندو.
اڄ صبح جو آئي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر صديقي آيو هو. جڏهن تارا ٻائي هن لاءِ چانهه کڻي ورانڊي ۾ وئي ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ پوءِ خوش ٿيندي پڇيو: “ اڙي تارا ٻائي ... تون هتي ڪم ٿي ڪرين ڇا؟”
“جي داگدر صاحب” تارا ٻائيءَ شرمائيندي جواب ڏنو.
“هاڻ صاف ڏيکائي ڏئي ٿو؟” ڊاڪٽر پڇيو.
“جي ها داگدر صاحب، هاڻ مون کي سڀ ڪجھه صاف نظر اچي ٿو.”
“گڊ.” ۽ پوءِ هو الماس بيگم ۽ مسٽر خورشيد عالم ڏي مخاطب ٿيو، “ڀائي هيءَ ڇوڪري ڏهن سالن جي عمر ۾ انڌي ٿي وئي هئي، پر خوش قسمتيءَ سان هن جي اکين جي نابيني عارضي ثابت ٿي. توکي ياد آهي الماس! تنهنجي مڱڻي واري رات دعوت مان مون کي اسپتال ڀڄڻو پيو هو؟ هڪ خاتون مس پيروجا دستور گذاري وئي هئي. هن مرڻ کان ڪجھه ڏينهن اڳ پنهنجون اکيون آئي بينڪ کي ڊونيٽ ڪرڻ جي وصيت ڪئي هئي. ان ڪري هن جي مرڻ تي مون کي يڪدم سڏايو ويو ته هن جون اکيون ڪڍي وٺان. بيحد نرگسي اکيون هيون ويچاريءَ جون. خبر ناهي ڪير هئي غريب. هڪ پوڙهي ۽ ٻوڙي پارسياڻي هن جي پلنگ جي سيرانديءَ کان بيهي روئي رهي هئي. ڏاڍو ڏک وارو منظر هو. خير پوءِ چند ڏينهن بعد هن تارا ٻائيءَ جو مامو هن کي مون وٽ وٺي آيو. هن کي ڪنهن ڊاڪٽر ٻڌايو ته نئين ڪورينا لڳائڻ سان هن نينگريءَ جي بينائي موٽي سگھي ٿي. مون اهي ئي مِس دستور جون اکيون اسٽور مان کڻي انهن جي ڪورينا هن ڇوڪريءَ جي اکين تي گرافٽ ڪئي. ڏس مس دستور جهڙيون اکيون ٿي ويون آهن هن جون. واقعي ميڊيڪل سائنس اڄڪلهه معجزا ڏيکاري رهي آهي.”
ڊاڪٽر صديقيءَ ڳالهه ختم ڪري سڪون سان سگريٽ دکايو پر الماس بيگم جو چهرو خوفناڪ ٿي ويو. خورشيد عالم ٿڙندي ٿاٻڙندي اٿيو ۽ انڌن وانگر هوا ۾ ڪجھه ڳوليندو پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. تارا ٻائي هن جي اها ڪيفيت ڏسي اندر ڀڳي ته پٺيان مڙي هن کي چرين وانگر گھورڻ لڳو. تارا ٻائيءَ جي سمجھه ۾ ڪجھه نه آيو ۽ هوءَ بدحواسيءَ جي عالم ۾ رڌڻي ۾ وڃي ٿانوَ ڌوئڻ لڳي.
ڏور ڏور ماٺ جي مينار (بُرج خموشان) تي هميشه وانگر ڳجھون ۽ ڪانگ لامارا ڏئي، ڪنهن مري ويل پارسيءَ جو گوشت کائي رهيا هئا.
ڪانگا سب تن کهائيو، چُن چُن کهائيو ماس،
دوئي نينان مت کهائيو، جن سي پيا ملن کي آس.

(قرت العين حيدر)

آنند ڪارج

جڏهن مون گھر ۾ پير رکيو ته مون کي هن جي چهري تي پريشانيءَ جا آثار نظر آيا. آئون ان پريشانيءَ کان واقف هوس، پوءِ به آئون ماٺ مٺوڙي ۾ ماءُ جي ڀرسان اچي ويٺس. مون هن جي وات مان هن جا خيال ٻڌڻ چاهيا ٿي.
مون کي سامهون ڏسي هن يڪدم پنهنجي ڳالهه شروع ڪري ڏني.
“پريتا جو فڪر مون کي اندران ئي اندران کائي پورو ڪري رهيو آهي.”
مون ڪجھه اڻڄاڻ بڻجي سوال ڪيو: “ڇا ڪا نئين ڳالهه ٿي آهي؟”
“ڳالهه ته پراڻي ئي آهي، پر هاڻ معاملو ڪجھه وڌيڪ ئي خراب ٿيندو وڃي. اسان ڇوڪريءَ وارا آهيون. اسان کي ته هر پهلوءَ کان سوچڻو پوندو. هينئر هينئر مون کي خبر ملي آهي ته پريتا اڄ وري گلداد جي گھر وئي آهي.”
“پر امان، گلداد چاليهه سالن جو ٿي چڪو آهي_ مڃون ٿا ته هن ۾ اڃا به نوجوانن واري همت آهي_ پر ارڙهن سالن جي پريتا کي هن سان ڪهڙي دلچسپي ٿي سگھي ٿي؟”
“اها به ڪا ڳالهه. ڇوڪرين جي معاملي ۾ گلداد ايترو بدنام آهي...”
“پر امان، هيءَ ڳالهه به ته مشهور آهي ته ڇوڪرين جي معاملي ۾ هو ڪڏهن به اڳرائي نٿو ڪري. ڇوڪريون پاڻ هن جي اڳيان پويان ڦرنديون رهن ٿيون.”
امان جي پيشانيءَ تي اونها گھنج ظاهر ٿي پيا. چوڻ لڳي. “ ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو. ڇُري، گِدري تي ڪري يا گدرو ڇُريءَ تي، نتيجو ته هڪڙو ئي ٿيو ...”
مون ڳالهه ڪٽنيدي چيو، “ اسان کي اهو به نه وسارڻ کپي ته گلداد جي شادي ٿي چڪي آهي.”
ان تي امان جي اکين ۾ ڄڻ ته جوت اچي وئي، “ها، پر ان سان گڏ هيءَ ڳالهه به وسارڻ جي ناهي ته هن جي زال عمر ۾ هن کان وڏي آهي. ٻي ڳالهه اها ته هنن کي ڪو ٻار به نه ٿيو آهي. خبر ناهي گلداد جي دل ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. شايد هو پريتا سان شادي ڪرڻ جو ئي سوچي رهيو آهي.”
هاڻ هوءَ ماٺ ٿي وئي. مون کي ان مسئلي جو ڪو حل نظر نه پئي آيو.
مون کي ماٺ ۾ ڏسي امان ڪجھه غمگين ۽ ڪجھه ڪاوڙ ۾ اچي چيو، “توهان ٽي جوان ڀائر آهيو. ڇا توهان گلداد جي نڪ ۾ ناڪيلي نٿا وجھي سگھو؟”
مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي جواب ڏنو: “نه امان، اهو ناڪيلي ٻڌڻ جو ڪم ناممڪن آهي. ان جو سبب مون کان نه پڇ. بس ايترو سمجھه کڻي ته اوسي پاسي جي سڄي علائقي جي ماڻهن مان ڪنهن کي ڪا ايتري همت نه آهي جو هو گلداد جي نڪ ۾ ناڪيلي ٻڌي سگھي.”
ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو پريتا کي پنهنجي گھر ۾ وهاري ڇڏي تڏهن به اسان ماٺ ڪري هن کي ڏسندا رهون. ٿورو سوچيو، هيڏي وڏي خاندان، برادريءِ ۾ اسان جي ڪيڏي بدنامي ٿيندي.”
مون اونهي سوچ ۽ ويچار بعد جواب ڏنو: “ ڪانه ڪا ترڪيب ته ضرور ڳولڻي پوندي.”
منهنجي ڳالهه ٻڌي امان جي اکين ۾ اميد جو تِروِرو نظر آيو. مون وري چوڻ شروع ڪيو: “منهنجو اندازو آهي ته گلداد ايڏو خراب ناهي جيترو هن کي ماڻهو سمجھن ٿا. جيڪڏهن پاڻ هن وٽ هلي هن جي سامهون هي مسئلو رکون ته ممڪن آهي ته ڪو رستو نڪري پوي.”
“ته هلو ته ايئن ڪري ڏسون.”
ٿوري دير کانپوءِ اسان سڀ گلداد جي اوطاق ۾ هن جي سامهون ويٺا هئاسين. هن وڏي مانَ سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين بعد مون هن اڳيان پنهنجو مسئلو رکيو. سڄي ڳالهه ڪرڻ بعد آخر ۾ مون اهو به چيو : “ڏسو گلداد صاحب! جيڪڏهن توهان جي ڀيڻ ڪنهن اهڙي حالت ۾ ڦاسي وڃي ها ته توهان کي ڪيئن محسوس ٿئي ها؟”
گلداد جي چپن تي هڪ هلڪي مُرڪ تري آئي. هن پنهنجي وڏن وڏن هٿن جون ڊگھيون آڱريون هڪ ٻئي ۾ کپائي پڇيو:
“ته توهان مون کان ڇا گھرڻ آيا آهيو؟ آئون هر طرح سان توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.”
اهو ٻڌي منهنجي دل ٽپا کائڻ لڳي. گلداد ته واقعي سٺو ماڻهو نڪتو. مون چيو: “اسين چاهيون ٿا ته توهان پريتا کي اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن وقت هوءَ توهان جي ئي گھر ۾ آهي. اسان جي سامهون توهان هن کي گھرائي اها ڳالهه هن کي صاف صاف ٻڌايو ته توهان کي هن سان ڪا دلچسپي نه آهي ۽ توهان چاهيو ٿا ته هوءَ پنهنجي گھر وارن جي مرضيءَ تي هلي ۽ جتي هو چاهين، اتي شادي ڪري.”
گلداد ٿورو ما ٺ ۾ رهي چيو: “ائين ئي ٿيندو.”
ايترو چئي اتي ئي ويٺي ويٺي هن پنهنجي زال کي سڏ ڏئي چيو ته هوءِ پريتا کي موڪلي.
پريتا تکيون تکيون ٻرانگون ڀري ملاقاتي ڪمري ۾ پهتي. جڏهن هن پنهنجي ٽنهي ڀائرن کي ويٺل ڏٺو ته گھٻرائجي وئي.
گلداد پريتا تي مٿاڇري نظر وڌي ۽ مضبوط لهجي ۾ چيو: “ڏس پريتا، مون کي توسان ڪا دلچسپي نه آهي. تنهنجا ڀائر توکي وٺڻ آيا آهن. تون هنن سان گڏ هلي وڃ. آئون دل سان چاهيان ٿو ته تون پنهنجي گھر وارن جي مرضيءَ تي هل ۽ جتي هو چاهين اتي شادي ڪر.”
پريتا حيران ٿي وئي. اسين سڀ هلڻ لاءِ اٿي بيٺاسين. مون پنهنجي سڀني ننڍن ڀائرن کي چيو ته هو پريتا کي پاڻ سان گڏ وٺي هلن. آئون پاڻ گلداد جو ٿورو مڃڻ لاءِ ٿوري دير ترسي پيس.
گلداد منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو: “مهرباني جي ڪا ضرورت نه آهي. مون توهان جو چيو مڃيو آهي. پر هڪ شرط منهنجو به آهي، جيڪو توهان کي مڃڻو پوندو.”
مون وڏي جوش ۾ اچي چيو، “چئو چئو، اسان کي توهان جو هر شرط منظور آهي. توهان اسان تي تمام وڏو احسان ڪيو آهي.”
گلداد پنهنجون چڀندڙ اکيون منهنجين اکين ۾ وجھي ڳري آواز ۾ چيو: “هاڻ توهان پريتا جي شادي ڪٿي ڪرائي ڇڏيو. جيڪڏهن توهان ان ۾ ناڪام رهيا ۽ پريتا وري مون وٽ ڀڄي آئي ته هوءَ وري توهان وٽ موٽي هرگز نه وڃي سگھندي.”

پريتا
جڏهن آئون پنهنجي ڀائرن سان گڏ گھر موٽيس ته منهنجي ماءُ ڄڻ ڀري ويٺي هئي. مون کي ڏسندي ئي لفظن جو مينهن وسائڻ شروع ڪري ڏنو. “نڀاڳي ڇوري، مون کي ڪهڙي خبر هئي ته تون ائين گھر جو ننگ ناموس ٻوڙي ڇڏيندينءَ ۽ پنهنجي سڄي خاندان جو ڪارو منهن ڪرڻ لاءِ ائين سندرو ٻڌندينءَ. هاڻ گھر ۾ ويهه. خبردار جو در جون ڌڪيون به پار ڪيون اٿئي. ٻئي ٽنگون ڀڃي رکنديسانءِ.”
ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي مون کي ڪو تعجب نه لڳو، ڇو جو آئون هن کان پهرين کان واقف هيس. البت دل ۾ اهو فڪر ضرور هو ته هاڻ ته گلداد به مون سان ناتو ڇني ڇڏيو. اهڙي صورت ۾ مون لاءِ ڪهڙو رستو رهجي ويو آهي؟ منهنجي دل هڪ عجيب مونجھاري ۾ ڦاسي پئي هئي، جنهن مان نڪرڻ جو ڪو به رستو نٿي سُجھيو.
ان ڏينهن شام جو جڏهن منهنجي ماءُ ڪجھه دير لاءِ ٻاهر وئي ته هن مون کي مٿين ماڙ جي ڪمري ۾ بند ڪري ٻاهران هڪ ٿلهو تالو لڳائي ڇڏيو. ان مان مون کي اندازو ٿي ويو ته هاڻ مون کي گهر ۾ هڪ قيديءَ وانگر رهڻو پوندو.
رات جو به مون کي ان ڪمري ۾ اڪيلي سمهڻو پيو. ٻئي ڏينهن منهنجي نيرن به اتي پهچائي وئي. ٻاهران دروازي مٿان ڪڙو هميشه چڙهيل رهيو ٿي. ٻن پهرن جو ماءُ هفتي جو راشن وٺڻ لاءِ گھر کان ٻاهر نڪتي ته وري تالو هڻي وئي.
آئون کٽ تي ليٽي، اکين تي ٻانهون رکي سوچي رهي هيس ته واهگرو! ڇا ته ويڌن ٿي آهي.
خبر ناهي ڪيستائين آئون ان ڪيفيت ۾ رهي هونديس جو لڳاتار منهنجي ڪنن تي ٺڪ ٺڪ جو آواز پيو. پهرين ته مون ان کي پنهنجي دل جو وهم سمجھيو، پر جڏهن آواز بند ئي نه ٿيو ته مون پنهنجين اکين تان ٻانهن پري ڪري ان طرف ڏٺو، جنهن طرف کان آواز اچي رهيو هو.
اڙي! کليل دريءَ جي شِيخن پويان منهنجي پياري ساهيڙي رانو بيٺي هئي. آئون يڪدم کٽ تان ٽپ ڏئي اٿيس ۽ دريءَ وٽ اچي بيٺيس. هن تکائيءَ مان پڇيو: “ اڙي! هي ڇا ٿيو؟ تون اندر ۽ ٻاهران ههڙو پادر جيڏو تالو؟”
مون هن کي مختصر طور سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو. هن چيو :“ ٿورو گھڻو ته مون کي معلوم ئي هو. تابان (گلداد جي زال) هيءَ ڳالهه مشهور ڪري ڇڏي آهي ته هن جي مڙس پريتا کي ڪن کان جھلي گھر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. هوءَ اجايو اسان جي گھر ۾ گھڙي آئي ٿي.”
مون ٻڏل آواز ۾ چيو: “اها ئي ته مصيبت آهي. گلداد ته رُکو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ گھر وارا منهنجي عزت بچائڻ لاءِ منهنجي شادي ڪنهن ڪاري ڪلوٽي، ٽيڏي ڪاڻي يا منڊي ٽنڊي سان به ڪرائڻ لاءِ تيار آهن. هو مون مان ڪنهن نه ڪنهن طرح جان ڇڏائڻ ۾ لڳل آهن.”
رانوءَ شيخن جي وچ مان هٿ اندر وجھي منهنجي ڳل تي چهنڊڙي هڻي چيو، “منهنجي جان، جيڪي ماڻهو عشق جي راهه اختيار ڪندا آهن، اهي ايترو جلد همت نه هاريندا آهن.”
“پر رانو، منهنجي همت هارڻ يا نه هارڻ سان ڇا ٿو ٿئي. جڏهن ته منهنجو ڪو سهارو ئي نه رهيو. منهنجي سمجھه ۾ نٿو اچي ته هڪدم گلداد جو رويو ڇو بدلجي ويو. هن اها ڳالهه ڇو چئي ته مون کي تو سان ڪا دلچسپي ناهي. هن ته ايتري قدر چيو ته آئون پنهنجي خاندان جي چوڻ موجب هلان ۽ جتي هو چون اتي شادي ڪريان.”
رانو منهن ٺاهي، نڪ شِيڪي چيو، “تون ڏاڍي ڪا وسوڙيل آهين. بنهه بيوقف آهين.”
آئون ڪاوڙجي پيس. “تون به مون کي ئي بيوقوف چئي رهي آهين. گھٽ ۾ گھٽ گلداد کان ته پڇين ها ته هن اهڙي طرح منهنجو ساٿ ڇو ڇڏيو؟”
“مون پڇيو هو.” رانوءَ وراڻيو.
منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي رکي مون ڏڪندڙ چپن سان پڇيو، “ته هن ڪهڙو جواب ڏنو؟”
“منهنجي پڇڻ تي پهرين ته هن فقط ڏند کڻي ڏيکاريا ۽ پوءِ چيو، “رانو، ٻڌاءِ ته سهڻيءَ ڇا ڪيو هو؟ ڇا پنهنجي عاشق سان ملڻ لاءِ ڪارين راتين ۾ مٽ جي سهاري درياهه پار نه ڪيو هو. ڇا سسئي گرم ريگستان ۾ اگھاڙين پرين ڊوڙندي نه رهي هئي؟... اهو هو هن جو جواب. هاڻ ٻڌاءِ ته تو ڪجھه سمجھيو؟”
“ها، ڪجھه ته سمجھيم. پر رانو، مون کي اهو ٻڌاءِ ته هن مون کي اهڙا لفظ ڇو چيا؟”
“هي ڏوراپا ڏيڻ جو وقت نه آهي. اهي ڳالهيون ته هن تنهنجي ڀائرن کي دلاسو ڏيڻ لاءِ چيون هيون، نه ته هو ته هينئر به توکي دل ۽ جان سان چاهي ٿو.”
“ٿي سگھي ٿو اهو تنهنجو وهم هجي.”
هاڻ رانوءَ ٿورو ڪاوڙ مان جواب ڏنو، “پريتا پهرين ته تون هن دفعو هن وٽ پهچڻ جي ڪوشش ته ڪر. هن توکي جيڪو ڪجھه به چيو آهي، پر اهو ته نه چيو اٿس ته ڪڏهن به مون وٽ موٽي نه اچجانءِ.”
اهو ٻڌي آئون سوچ ۾ ٻڏي ويس. دل ۾ وري اميد جي لهر اڀري. رانو چوڻ لڳي: “ مون کي تو وٽ ايندي ڪنهن به ڏٺو ناهي. ڇو ته گھر ۾ فقط تنهنجي وڏي ڀاڄائي هئي. پر ٿي سگھي ٿو ڪو اچي نڪري. جيڪا صلاح سولهي ڪرڻي هجنئي، جلدي ڪري وٺ.”
مون گھٻراهٽ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نظرون ڊوڙائيندي سوال ڪيو.
“پر آئون هتان نڪرنديس ڪيئن؟ هڪ طرف در کي تالو لڳل آهي. ٻئي طرف در جي اڳيان سوڙهو ورانڊو آهي ۽ اڳيان ٽين جي ڇت. جيڪڏهن آئون هن ڇت تان هيٺ ٽپو ڏينديس ته پڪ پنهنجا پير ڀڃي وهنديس.”
رانو ٻاهر بيٺي بيٺي ڪمري ۾ نظرون ڊوڙائي، پوءِ مون کي چهنڊڙي هڻي چيو، “ڏس، ڪمر ي ۾ ايتريون سوڙون ۽ وهاڻا پيا آهن. رسيون به پيون آهن. انهن مان تنهن جو ڪم هلي سگھي ٿو.”
مون سوڙين ۽ وهاڻن ڏي ڏٺو پر ڪجھه به سمجهه ۾ نه آيو. مون کي مونجھاري ۾ ڏسي رانوءَ سمجھايو، “تون هي سوڙيون، وهاڻا ۽ رسيون منهنجي ويجھو کڻي اچ. منهنجيون ٻانهون شيخن اندر سولائيءَ سان وڃي سگھن ٿيون. وهاڻا ۽ سوڙيون تنهنجي بدن جي چوڌاري ويڙهي رسيون ٻڌي تنهنجو هڪڙو ٿلهو متارو پارسل ٺاهي ڇڏينديس. تون آهستي آهستي رڙهي رڙهي بالڪني جي ريلنگ وٽ پهچي ٽين جي ڇت تي پاڻ کي ڦٽو ڪجانءِ. مٿو ۽ پير سوڙين جي گولي ۾ اندر ڪري ڇڏجانءِ. هي پارسل ٽين جي جھڪيل ۽ ترڪندڙ ڇت تي ڪرڻ سان هيٺ لهڻ لڳندو ۽ اچي اڱڻ ۾ ڦهڪو ڪندو. اڱڻ به ڪچو آهي، سرن ۽ سيمينٽ جو ٺهيل ناهي. ان ڪري توکي ٿورو به ڌڪ نه لڳندو. پٽ تي ڪرڻ سان تون هٿ پير هڻي پاڻ کي پارسل مان ٻاهر ڪڍي وٺجانءِ. تنهنجي مرزيل ڀاڄائي توکي جھلي نه سگھندي. تون ڀڄي نڪرجانءِ ۽ جيڏانهن وڻنئي هلي وڃجانءِ. منهنجي خيال ۾ ته تون سڌو ڳوٺ کان ٻاهر گلداد جي اوطاق تي پهچي وڃجانءِ.”
مون کي رانوءَ جي راءِ پسند آئي. مون سوچيو ته ائين ڪرڻ ۾ مري به ويس ته به ڪو حرج نه آهي. قسمت ته آزمائڻ کپي. شايد واهگرو ڀلي ڪري، ڇو جو گلداد ۽ منهنجو پريم سچو ۽ پاڪ آهي.
ٿوري ئي دير ۾ رانوءَ دريءَ اندر هٿ وجھي منهنجو پارسل تيار ڪري ورتو ۽ چيو، “چڱو، هاڻ آئون هلان ٿي، متان ڪو ڏسي نه وٺي. پر ياد رکجانءِ ته منهنجي وڃڻ شرط ٽپ نه ڏجانءِ. مون کي پڪ آهي ته ڪلاڪ ڏيڍ اندر ڪو به ڀاتي گھر نه موٽندو. منهنجي وڃڻ کان پنڌرهن ويهه منٽن بعد تون ٽپو ڏجانءِ. جيڪڏهن ويندي ويندي تنهنجي ڀاڄائيءَ سان منهنجو مهاڏو ٿي پيو ته آئون چئي ڇڏينديسانس ته تنهنجي ڪمري ۾ تالو لڳل آهي. دري بند آهي. شايد تون ستي پئي آهين. اڙي ها، دري ته بند رک.”
رانوءَ جي وڃڻ کانپوءِ مون ڪجھه دير انتظار ڪيو ۽ پوءِ گسر گسر ڪري بالڪنيءَ جي ننڍڙي ٻنوڙي وٽ پهتيس ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح ٽپ ڏئي پنهنجو پاڻ کڻي ٽين جي پاسيري ڇت تي ڇڏيم. وڏي زور سان ڌماڪو ٿيو. پارسل زمين تي ڪريو. سچ پچ ته مون کي ٿورو به ڌڪ نه لڳو. هٿ پير هڻي پنهنجو پاڻ کي پارسل کان آجو ڪيم ته سامهو ن ڀاڄائي بيٺي هئي. مون هن کي ايڏو زور سان ٿيلهو ڏنو جو ويچاري گھوماٽي کائي پٺئين پير وٺي ڀڳي.
آئون کنوڻ وانگر اڱڻ جي در وٽ پهتيس ۽ ڇال هڻي ٻاهر نڪري آيس. ان کان پوءِ مون پٺيان مڙي نه ڏٺو. سڌو گلداد جي اوطاق جو رخ ڪيم.
آئون چرين وانگر ڊوڙندي ويس_(مٽي هاڻي ڌرتيءَ جي ڌوڙ اڏائيندي، ٻنين ۾ ڦٽل ننڍا ننڍا سلا پيرن سان چيڀاٽيندي، وڻن سان ذري گھٽ ٽڪر کائيندي.
پري کان ڏٺم ته گلداد اوطاق جي ٻاهران بيهي ڪجهه ڪم ڪري رهيو هو. مون تي نظر پوڻ سان هن جا قدم بيهي ويا.
هن وٽ پهچي آئون بيهي رهيس ۽ زور زور سان ساهه کڻڻ لڳيس. منهنجي ڇاتي هيٺ مٿي ٿي رهي هئي.
سڌو ٿي بيهي رهيو. هڪ خاموش مرڪ هن جي منهن تي ڇانئجي وئي. هن جي اڳين ٻن ڏندن ۾ جڙيل سون جون تارون چمڪڻ لڳيون. هن وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان پنهنجو مضبوط هٿ منهنجي پگھر سان آلي ٿيل چيلهه تي رکيو ۽ مون کي اوطاق تي وٺي هليو.
اوطاق تي ڪوٺي ۾ پهچي منهنجي چادر جي پلئه سان منهنجي پيشاني، ڳلن ۽ ڳچيءَ جو پگھر اگھيو. مون کي کٽ تي وهاريو ۽ ٿڌي مٺي جو ڀريل وٽو مون ڏي وڌايو.
شربت پي چپ اگھي، مون گھٻرائيندڙ آواز ۾ پڇيو، “ هاڻ؟”
هن ڪو جواب نه ڏنو. آهستي آهستي هيڏانهن هوڏانهن جا ننڍا وڏا ڪم لاهيندو رهيو. پوءِ ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهران ڪڙو ڏئي ڪلف هنيو.
ڪجھه دير تائين آئون هن جي پري ويندڙ قدمن جو چيچاٽ ٻڌندي رهيس. ۽ پوءِ آئون مونجھاري جي ڪڪرن ۾ ٻڏي ويس ۽ لڙهندي رهيس.

گلداد جي زال_ تابان
ڏيڍيءَ جي دروازي تي ڪڙي جي لڳاتار ٺڪ ٺڪ تي لُوه پائي در تي آيس. دورازو کوليم ته سامهون پنهنجي پياري ڀاڻيجيءَ کي ڏسي حيرت لڳيم. هن جو نالو رتنا هو. اکيون مليندي هن مرڪي چيو، “مون کي دروازي تي ڏسي تون ڇرڪي ڇو وئينءَ؟ شايد تو سمجھيو هوندو ته تنهنجو سردار جي آيو آهي.”
هوءَ اندر هلي آئي. مون تاڙي ڏيندي جواب ڏنو، “تنهنجو اندازو غلط ناهي. هونءَ به تون اهڙي وقت تي پهرين ڪڏهن به نه آئينءَ. منهنجو مطلب آهي ته تون تمام گھٽ اچين ٿي.”
“پر اڄ اچڻو پئجي ويو.”
هوءَ منهنجي ٻانهن تي هٿ رکي اندرين ڪمري ۾ وٺي آئي. هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. چوڻ لڳي آئون ٽڪاڻي کان پئي اچان. رستي تي جڏهن آئون قبرستان وٽان لنگھي رهي هيس ته پري ٻنين ۾ مون کي هڪ ڇوڪري ڊوڙندي نظر آئي. مون اکين تي هٿ جو پاڇو ڪري گھوري ڏٺو ته سڃاڻي ويس ته اها پريتا هئي.
اهو ٻڌندي ئي مون کي ڄڻ نانگ ڏنگي ويو. بي اختيار هڪ قدم پٺيان ڪري رنڀ ڪيم. “پريتا؟ تو سچ پڇ هن کي صحيح طرح سڃاڻي ورتو هو؟”
“ها. ها. ان ڪري ته ٻڌائڻ آئي آهيان. جڏهن هوءَ اوطاق جي ويجھو پهتي ته ماسڙ پنهنجو ڪم ڇڏي هٿ هن جي چيلهه تي رکيو ۽ هن کي اوطاق اندر وٺي هليو.”
آئون ڄڻ ته پنڊ پهڻ ٿي ويس. رتنا پوتيءَ کي سنڀاليندي چيو، “چڱو ڀلا آئون هلان ٿي، وڌيڪ ترسڻ جو وقت نه اٿم. تمام گھڻو ڪم پيو اٿم. پريتا نظر اچي وئي ته مون سوچيو ته پهرين اها خبر تو تائين پهچائي ڇڏڻ کپي.”
ايترو چئي رتنا شلوار جي ڦڙ ڦڙ ڪندي هلي وئي. ٿوري دير بعد دٻيل پيرن سان ڪنهن جي هلڻ جو آواز ٿيو ۽ در تي ڪڙو لڳو. مون وڃي در کوليو ته رتنا جو ماسڙ يعني منهنجو سردار جي بيٺو هو.
هو ٿلهو متارو رڇ جھڙو اندر آيو ۽ چائنٺ ٽپي ورانڊي ۾ آيو ۽ ڀت ۾ لڳل ڪوڪي ۾ اوطاق جون ڪنجيون لڙڪايون. هونءَ شڪل شبيهه مان هو رڇ نٿي لڳو، باقي چال چلت رڇ واري هيس. اڃا هن جي مون ڏي پٺ ئي هئي ته آئون پڇي ويٺيس:
“هوءَ ڏائڻ وري اچي وئي نه؟”
هن مون طرف ڏسڻ بنا خاص انداز ۾ جواب ڏنو، “هوءَ ڏائڻ نه، منهنجي ٿيڻ واري زال آهي.”
آئون ٻڌي باهه ٿي ويس ۽ رڙ ڪري چيم، “ٿيڻ واري زال آهي ته پوءِ هن کي هتي ڇو نه وٺي آئين؟ اوطاق تي ڇو بند ڪري رکيو اٿئي؟”
هن پاڻ ئي هڪ وڏو وٽو ڏُڌ سان ڀريو ۽ وات جي ويجھو آڻيندي چيو، “بس آنند ڪارج (شادي) ٿي وڃي پوءِ ته هن کي سڄي عمر هتي ئي گذارڻو آهي.”
مون وات مان گڦ ڳاڙيندي چيو، “هن عمر ۾ آنند ڪارج؟ شرم نٿو اچنئي؟ دنيا ڇا چوندي؟”
منهنجو خيال هو ته منهنجي ان چوڻ تي هو مڇرجي ويندو. پر ائين نه ٿيو. هن ڏڌ جو وٽو خالي ڪري مڇين کي هٿ سان صاف ڪري پوءِ آڱرين سان استري ڪري چيو، “ڏس تابان، تون عمر ۾ مون کان به ٽي چار سال وڏي آهين. تو اڄ تائين ڪنهن ٻار کي ته ٺهيو، مئل ڪوئي کي به جنم نه ڏنو. مون کان پوءِ منهنجو نالو وٺڻ وارو ڪير ٿيندو؟ منهنجي جائداد جو، منهنجي ٻنيءَ ٻاري جو مالڪ ڪير ٿيندو؟”
مون وٽ انهن سمورين ڳالهين جو ڪو جواب نه هو. آئون پنهنجي ئي اندر جي باهه کان ڦاٽڻ لڳيس. “جيستائين آئون جيئري آهيان تون هن گھر ۾ پهاڄ نٿو آڻي سگھين.”
اهو ٻڌي هوءَ رڇ واري چال ٽلندو منهنجي ويجھو پهتو ۽ ڳري آواز ۾ چيو، “اها ته ڪا خاص وصيت يا شرط ناهي. قبرستان وٽ جيڪو ڊگھو ٻٻر جو وڻ آهي، ان جي ئي ڪنڊن واري شاخ تي سڀاڻي تنهنجو سِر لڙڪيل نظر ايندو ۽ ڌڙ جو ڪو نالو نشان نه هوندو. مطلب اهو ته جيڪو ڪم تنهنجي جيئري جاڳندي نه ٿي سگھندو اهو ائين ٿي ويندو.”
مون دل ئي دل ۾ سمجھيو ٿي ته آئون بازي هارائي چڪي آهان، پر مون همت نه هاري. ٽانءَ ۾ اچي چيومانس، “توکان شايد اهو وسري ويو آهي ته منهنجا چار ڀائر به آهن.”
هن جي مڇن هيٺيان اهي ڏند ڏيکائي ڏيڻ لڳا جن کي سون جون تارون لڳل هيون. چوڻ لڳو، “اڙي ها. انهن کي ته آئون گھڙي ساعت لاءِ وساري ويٺو هوس. خير، چئين ته تنهنجي چئني ڀائرن جا به چار چار ٽڪرا ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيان، جئين اهو شرط به پورو ٿي وڃي .... ڌيان سان ٻڌ، تون چڱي طرح ڄاڻين ٿي ته ان قسم جو چرچو ڪرڻ منهنجي عادت ناهي. وڃ، منهنجين ڳالهين تي ٿڌي دل سان وڃي سوچ ويچار ڪجانءِ. پر چڱيءَ طرح سمجھي وڃ ته هي آنند ڪارج (شادي) ترسي نٿي سگھي.”
آئون هن جي سامهون وڌيڪ ترسي نه سگھيس ۽ ڏڪندڙ ٽنگن سان اندر ڪوٺيءَ ۾ هلي ويس. دير تائين آئون پنهنجي ڌڙڪندڙ دل سنڀالڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس.
ڇو جو پنهنجي دل جي اونهائين سان چڱيءَ طرح سمجھيس ٿي ته هاڻ هي سڀ ڪجھه ٿي رهندو.

(هندي ڪهاڻي. ليکڪ: بلونت سنگھه)

اڪيلائي

اڌ رات جو اک کليو پوي. اڄ ڪلهه رات جو سٺي ننڊ نٿي اچي. وڏي عمر ٿيڻ سان ڇا انسان جي ننڊ غائب ٿيو وڃي؟ شايد ايئن ئي ٿئي ٿو. سڄي رات ۾ آئون ڪيترو سمهان ٿي. ٽي چار ڪلاڪ به ته نٿي سمهان. ڀِت تي لڳل گھڙيال ۾ ڪڏهن يارهن، ڪڏهن ٻارهن ۽ ڪڏهن هڪ وڄيو وڃي. ننڊ نه اچڻ سان به وڏي تڪليف رسي ٿي. سيني ۾ ڄڻ ساهه گھٽجندو محسوس ٿئي ٿو. هيڏي ساري پلنگ تي اڪيلي پاسا ورائيندي رهان ٿي، پوءِ به ننڊ نٿي اچي. ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد اينديون رهن ٿيون ۽ پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو بي سهارو محسوس ڪريان ٿي. غم جو احساس ٿئي ٿو. گھر ۾ ماڻهو به ته سڀ موجود آهن. راجو آهي، هن جو پيءُ آهي، نوڪرن چاڪرن سان گھر ڀريو پيو آهي، پوءِ به اڪيلائيءَ جو احساس پريشان ڪندو رهي ٿو.
بستري تان اٿي سيرانديءَ کان رکيل ميز تان اونداهه ۾ ئي پاڻي اوتي پيئان ٿي. ان کانپوءِ بتي ٻاريان ٿي. چمڪندڙ کير جهڙي روشنيءَ سان ڪمرو چمڪيو وڃي. موزائڪ ٿيل فرش سان روشني ٽڪرائجيو اکين ۾ لڳي ٿي. اکين جي نظر به وڃي ختم ٿيندي. عينڪ بنا ته هڪ هٿ تي رکيل شيءِ به نظر نٿي اچي.
پاڻي پيئڻ بعد دل جي ڌڙڪي ۽ آنڌ مانڌ ۾ ٿوري گھٽتائي اچيو وڃي. ننڍيون اوٻاسيون اچن ٿيون پر ننڊ نٿي اچي. ميز تي ڍڪي رکيل شيشي جي جڳ جي ويجھو ئي دوائن جو پاڪيٽ رکيو آهي. ننڊ جون گوريون به آهن. پر کائڻ مان ڪهڙو فائدو. ننڊ ته اچي ئي ڪانه ٿي. ٻه ٽي گوريون کائڻ کانپوءِ ٿورڙي غنودگي محسوس ٿئي ٿي. ڪلاڪ ٻن بعد اها غنودگي به هليو وڃي. ان کانپوءِ جيڪا اذيت ٿئي ٿي، اها بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. بستري تان اٿي بتي ٻاريو ويٺي رهان ٿي. ڪمري ۾ سڄي رات هلڪي روشنيءَ جو بلب ٻرندو رهي ٿو. چانڊوڪي رات جهڙي ٿڌي روشني ڇانيل رهي ٿي. پر ان سان ڇا ٿو ٿئي. اکين جي سامهون پوءِ به اونداهه محسوس ٿئي ٿي. بستري تي رکيل وهاڻي ڀرسان عينڪ رکي هوندي آهي. هٿ ڦيرائيندي ڳوليان ٿي ۽ اکين تي لڳايان ٿي. اڄ ڪلهه خبر ناهي ڇو اونداهه ۾ سڄو جسم ڏڪڻ لڳي ٿو. ڊپ جو احساس ٿئي ٿو. پهرين ڪڏهن به ائين نه ٿيندو هو. هاڻ برابر ائين ٿئي ٿو. ڇو؟ ڇا هاڻ گھڻن ڏينهن تائين... تمام گھڻو ڊپ لڳي ٿو. بابي جون ڳالهيون ياد اچن ٿيون. مرڻ کان ڪجھه ڏينهن پهرين بابا تمام گھڻو ڊنل ڊنل رهڻ لڳو هو. اونداهي ڪمري ۾ ماءُ، پيءُ ۽ اسين سڀ ڀيڻ ڀائر سمهندا هئاسين. بابا سب رجسٽرار هو. مرڻ کان اڳ هن ڪمري ۾ ليٽي ليٽي ذري ذري امان کي آواز ڏئي سڏيو ٿي ۽ هن کي ڏيئو ٻارڻ لاءِ چيو ٿي. امان ٿورو آرام پسند عورت هئي. ڪچيءَ ننڊ مان سڏ ڪري هن کي جاڳائڻ تي هوءَ هوشن مان نڪري ويندي هئي. بابا جڏهن آڌيءَ رات جو هر هر امان کي سڏي ڏيئو ٻارڻ لاءِ چوندو هو ته هوءَ ڪاوڙ مان بي قابو ٿي ويندي هئي. هن جي منهن تي چڙ اچي ويندي هئي. هوءَ بابا کي گھڻو ڪجھه سخت سست چئي ڇڏيندي هئي. بابا تي ان جو ڪو اثر نه ٿيندو هو. منٿن واري لهجي ۾ چوندو.... “مون کي ڏاڍو خوف ٿي رهيو آهي!”
“تون ڇا کير پياڪ ٻار آهين؟” امان رڙيون ڪندي بستر تان اٿي ڏيئو ٻاريندي هئي. سڄي رات ڏيئو بابا جي سيرانديءَ کان ٻرندو رهيو ٿي. آئون حيران ٿيندي، سوچيندي هيس ته سڄي رات ڏيئو ڇو ٻاريو وڃي ٿو. بابا کي آخر ڪهڙي ڳالهه جو ڊپ آهي!
ڪجهه ڏينهن بعد هو ڏينهن ڏٺي جو منجھند مهل به غسل خاني ۾ ويندي ڊڄندو هو. ڳوٺاڻي نموني جو گھر هو. باٿ روم ڪجھه پري ئي هو. آسپاس گاهه ڪچرو ڦٽي پيو هو. پيشاب يا ڪاڪوس جي ضرورت ٿيندي هئي ته بابا اسان ڀائرن مان ڪنهن هڪ يا ٻن کي سڏائي وٺندو هو. اسان پري بيٺا هوندا هئاسين. بابا واندو ٿي واپس ايندو هو. جيترو جلدي ٿي سگھندو هو ، بابا فارغ ٿي موٽڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هن جو منهن ڏسي ايئن محسوس ٿيندو هو، ڄڻ هر لمحي هن کي اندر ئي اندر خوف کائيندو رهي ٿو. خوف جي احساس کان هو ويو ٿي ڏينهون ڏينهن بس ٿيندو. هن کي ڪهڙي ڳالهه جو ڊپ هو، گھڻو سوچڻ تي به اسان جي سمجھه ۾ نٿو اچي. اسان سڀ ڀيڻون ڀائر بابا جي ان خوف جي احساس تي ماءُ جي سامهون چرچا ڪندا هئاسين.
پوءِ ڪجھه ڏينهن بعد ئي هو گذاري ويو.
بابا جي موت کانپوءِ آهستي آهستي سمجھه ۾ آيو ته اونداهه يا پاڇي ۾ بابا کي پنهنجي موت جو پاڇولو نظر آيو ٿي. انهيءَ ڊپ کان هو بس ٿي ويو ٿي. اسان سڀ ڀيڻون ڀائر ۽ ماءُ هڪ ئي ڪمري ۾ هن جي ويجھو سمهڻ جي باوجود اهو راز نه سمجھي سگھياسين. پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو هن جو ايئن موت ٿيو جو اسان کي خبر به نه پئي.
هنن ڏينهن ۾ بابا جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد اچي رهيون آهن. اونداهه ۾ سمهڻ تي، اک کليو وڃي ۽ ڪمري ۾ ڇانيل اونداهه کي ڏسي اوچتو دل کي ڌڙڪو رسي ٿو. خوف کان وار اڀا ٿيو وڃن ۽ بدن ۾ ڄڻ ته سيون چڀڻ لڳن ٿيون. ته ڇا آئون به پنهنجي موت جي پاڇولي کي گھمندو ڦرندو ڏسي رهي آهيان. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ٿي رهيا آهن ڇا؟
هي گھر تمام وڏو آهي. شهر ۾ ايڏا وڏا گھر گھٽ ئي نظر اچن ٿا. گھر جي اڳيان ۽ پٺيان گلن ۽ ميون جا وڻ لڳل آهن. وچ ۾ ٻه ماڙ گھر آهي. هيٺئين پٽ تي ست ڪمرا آهن. مٿئينءَ ماڙ تي هڪڙو ئي ڪمرو آهي، جيڪو راجوءَ حوالي آهي. هيٺين ڪمرن مان هڪ ۾ هو رهي ٿو، هڪ ۾ آئون پاڻ رهان ٿي. هڪ ۾ نوڪر چاڪر رهن ٿا. باقي ڪمرا خالي پيا آهن. ڊرائنگ روم، _ سڀئي. رات جو جڏهن هوائون لڳن ٿيون ۽ وڻن جون ٽاريون لڏڻ لمڻ لڳن ٿيون ته هڪ عجيب طرح جي شون شون جهڙا آواز پئدا ٿين ٿا. انهن آوازن کي ٻڌيو آئون هيسجيو وڃان. دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ ۾ به ڊپ لڳي ٿو. ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ سڄي گھر ۾ ڪو پٻن تي هوريان هوريان پاڇولي وانگر هلي رهيو هجي. وڻن جي ٽارين مان پئدا ٿيندڙ آواز ٻڌي ائين لڳي ٿو ڄڻ پاڇا پاڻ ۾ راز جون ڳالهيون ڪري رهيا هجن. اڃا ته منهنجي عمر پنجاهه سال به نه ٿي آهي. انهيءَ وچ ۾ ڏينهن پورا ٿي ويا! اڃان ته راجوءَ جي شادي به نه ڪئي اٿم. هو پنجويهه سالن جو ٿي چڪو آهي. ان ڏينهن شاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ تي هو ناراض ٿي ويو هو. ان دور ۾ به ڪنهن ان عمر ۾ شادي نٿي ڪئي. جيتوڻيڪ هن جو پيءُ مون کي پرڻائي وٺي آيو هو ته هن جي عمر چوويهه سال هئي. ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترا ته سال گذري ويا هئا. اسان ٻنهي جي مٿن ۾ چانديءَ جون تارون نظر اچڻ لڳيون آهن. هاڻ ڪي گھڻا ڏينهن باقي نه رهيا آهن.
ڀِت تي لڳل گھڙيال ٽي وڄايا آهن. ٿوري دير پهرين منهنجي ننڊ ڦٽي آهي. ان وقت کان وٺي سوچي رهي آهيان. اڄ وري ننڊ نه ايندي. آئون پاسو ورائي سمهي رهان ٿي، پر هن وقت مون کي مٿين ماڙ تان راجوءَ جي ڪمري مان رم جھم جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي. ڪيسٽ رڪارڊر تي شهنائي وڄي رهي آهي. ڇا راجو اڃا تائين نه ستو آهي؟ جاڳي جاڳي هاڻ ٽيپ رڪارڊر وڄائي رهيو آهي؟ ٽي وڄي چڪا آهن. راجو اڃا تائين ستو ڇو نه آهي؟ هن کي به ڇا مون وانگر ننڊ نٿي اچي؟”
منهنجي دل ۾ امالڪ راجوءَ کي ڏسڻ جي خواهش جاڳي پوي ٿي. ڊپ ۽ خوف جي احساس کي جھٽڪو ڏئي ڪمري جو دروازو کولي ڇڏيان ٿي.
ورانڊي ۾ هڪ گھٽ پاور جو بلب ٻري رهيو آهي. چونجھي ۽ ٽمٽمائيندڙ روشني آهي. هيءَ روشني ميوي جي وڻڻ تي به پئجي رهي آهي. ان کان اڳتي اونداهه آهي. ۽ اوڏانهن نظر ويندي ئي منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي ٿي.
آهستي آهستي ورانڊو اُڪري آئون ڏاڪڻ ڏي وڃان ٿي. ڏاڪڻ وٽ ئي هن جو ڪمرو آهي. دروازي وٽان گذرندي غير ارادي طور آئون دروازي جي تاڪ تي ڪن رکان ٿي. اندر ماٺ آهي.
شايد هو گھاٽي ننڊ ۾ آهي. مدهوشِيءَ واري ننڊ. هيڏي اچي عمر ٿي اٿس. قبر ۾ پير لڙڪايو ويٺو آهي پر پوءِ به شراب جي جان نٿو ڇڏي. شام ٿيندي ئي بوتل کڻي شغل ڪرڻ وهي ٿو. گلاس ۾ اوتيندو رهندو ۽ پيئندو رهندو.... ان خاطر مون سان ڪيترا دفعا جھيڙو ٿي چڪو اٿس. گذريل پنجن سالن کان اسان ٻئي جدا جدا ٻن ڪمرن ۾ رهون ٿا.
هن جي ڪمري جي سامهون گذرندي اوچتو دل ۾ اها خواهش اڀري ٿي. هن کي آواز ڏئي سڏڻ تي دل چاهي ٿي. دل چوي ٿي ته سڏي چوان: “هيڏانهن! ٻڌو! مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي.”
منهنجا قدم بيهي وڃن ٿا. منهنجي ڳالهه ٻڌي هن سوڀ واري انداز ۾ کلي ڏنو ته؟
نه، آئون آواز نه ڏينديس. تکيون تکيون وکون کڻندي آئون مٿين ماڙ تي راجوءَ جي ڪمري ڏي وڃان ٿي.
راجوءَ جي ڪمري ۾ روشني ٿي رهي آهي. دورازو کليو پيو آهي. هوا جي ڪري دورازي جو پڙدو لڏي رهيو آهي. ڪمري ۾ تمام هلڪي آواز ۾ ميوزڪ وڄي رهي آهي.
آئون پڙدو ريڙهي ڪمري ۾ داخل ٿي وڃان ٿي.
راجو پاسيرو ٿي صوفي تي ستو پيو آهي. مٿان پکو هلي رهيو آهي. راجو وڏي غور سان ڪو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. منهنجي قدمن جا آواز ٻڌي هو ڇرڪ ڀري اٿي ٿو. پوءِ هو صوفي تي سڌو ٿي ويهي رهي ٿو.
“امان! تون؟” هو ڌريرج سان پڇي مُرڪي ٿو.
“ڇا ڳالهه آهي راجو، تون اڃا تائين ستو نه آهين؟”
راجو اُٻاسي ڏئي ٿو ....“ ننڊ نٿي اچي امان.”
راجوءَ جي ڳالهه ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو. راجوءَ جي عمر پنجويهه سال آهي. ان عمر ۾ ننڊ جي نه اچڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگھي ٿو؟ ته ڇا مون وانگر راجو به اڪيلائيءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي؟ هن کي ڊپ لڳي رهيو آهي! ڇا مون وانگر هو به سڄي گھر جي وڻن جي چوڌاري پکڙيل اونداهه ۾ پاڇولن کي هلند و ڦرندو ڏسي رهيو آهي؟
آئون ٻئي صوفي تي ويهي رهان ٿي... “تو پنهنجي تعليم ته پوري ڪري ورتي. هاڻ تنهن جو ڪهڙو ارادو آهي راجو؟”
راجو وري ڪتاب پڙهڻ ۾ غرق آهي. منهن مٿي ڪرڻ بنا جواب ڏئي ٿو ... “بابا آفيس ۾ وهڻ لاءِ چئي رهيو هو.”
“پوءِ تون وهندين؟”
“ڪجھه ڏينهن ٻيا وهڻ ڏي.”
آئون ڇا چئي رهي هيس ته ....” ايترو چئي آئون ماٺ ٿي وڃان ٿي. راجو منهن مٿي ڪري مون کي ڏسي ٿو، پوءِ مرڪڻ لڳي ٿو.
“ڇا؟”
“پهرين تون شادي کڻي ڪر، ڪاروبار جي سار سنڀال پوءِ ڪجانءِ.”
“تو مون لاءِ ڪا ڇوڪري ڏٺي آهي؟” راجو وري مرڪي ٿو.
“ڇوڪرين جي ته ڪا کوٽ ٿوروئي آهي؟”
ڳالهين جي وچ ۾ مون کي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ راجو هاڻ پهرين وارو راجو نه آهي. ڪجھه ڪجھه غمگين لڳي رهيو هو. ڇا ٿيو آهي هن کي. منهنجي دل ۾ ڏک جو طوفان هلڻ لڳي ٿو. هن راجوءَ کي مون پنهنجي پيٽ ۾ رکيو هو. جنم ڏنومانس، هو منهنجي ئي بطن مان پئدا ٿيو هو. منهنجو ئي پٽ آهي. مون کي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ راجو ۽ منهنجي وچ ۾ ميلن جو وڇوڙو آهي. عمر سان گڏ گڏ ڇا پيٽ مان پئدا ٿيل پٽ به ماءُ کان ڏور ٿيو وڃي؟ ماءُ کي اڪيلو ڇڏي پاڻ به اڪيلائيءَ جي غار ۾ گم ٿيو وڃي؟
رات جو ٽين وڳي راجوءَ جي ڪمري ۾ داخل ٿي مون کي عجيب احساس ٿي رهيو آهي. آئون راجوءَ جي ڪمري ۾ ڇو آيس. جيڪڏهن اڄ جي رات آئون هتي نه اچان ها ته سڄي زندگي هيءَ حقيقت منهنجي نگاهن کان لڪل رهي ها.
ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ وقت منهنجو جسم ڏڪڻ لڳو آهي. گھر جي باغيچي وٽ ئي کليل گيراج آهي. سفيد رنگ جي ڪار گيراج ۾ اڪيلي بيٺي آهي. ڪار سڄو ڏينهن هلندي رهي ٿي. ڪاروبار جي سلسلي ۾ هو سڄو ڏينهن هيڏانهن کان هوڏانهن ڀڄندو ڊوڙندو رهي ٿو. ڪار کي ڏسي مون کي محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هن ڪار ۾ ۽ مون ۾ هڪ رتيءَ جو به فرق نه آهي.
هن جي ڪمري وٽان لنگھندي اوچتو منهنجا قدم ڄمي وڃن ٿا. وڻن تي ڪو پکي ٻولي رهيو آهي. ڪُو، ڪُو، رات وارو ڪو پکي آهي. ننڍپڻ ۾ پنهنجي شهر ۾ ڪيترا دفعا ان پکيءَ جو آواز ٻڌي چڪي آهيان. ڪڏهن به ڊپ نه لڳم. چانڊوڪي رات ۾ اڪثر منهنجي گھر جي اڱڻ ۾ ئي اهو پکي ٻوليندو هو. اڱڻ ۾ هڪ گھاٽو انب جو وڻ هو. ان وڻ تي ڏينهن رات پکي ٻوليندا هئا. رات جو ڪڏهن چٻري جو به آواز ايندو هو. امان چوندي هئي، اهو سٺو پکي ناهي. چٻرا منحوس ٿين ٿا.
هن آواز کي ٻڌي اسان سڀ ڀينرون ڀتر هڻڻ لاءِ نڪرندا هئاسين. اونداهه ۾ پري تائين وڻن تي ڀتر اڇلائيندا هئاسين. پکي پنهنجي جان بچائي اڏامي ويندا هئا. پر هاڻ ته اها عمر نه رهي آهي. هاڻ ته رات واري پکيءَ جو آواز ٻڌي خوف محسوس ٿئي ٿو. ڊڄيو وڃان. جسم ڏڪڻ لڳي ٿو. خبر ناهي هن جو آواز ڪهڙين منحوس گھڙين جي اڳڪٿي ڪري ٿو. مون کي پنهنجي ڪمري ۾ وڃڻ ۾ به خوف محسوس ٿئي ٿو. اڪيلائيءَ ۾ ته آئون پنهنجي ڪمري ۾ اونداهه جي ڊپ کان مري وينديس.
مون گذريل پنجن سالن ۾ جيڪو نه ڪيو هو، اوچتو ڪري ويهان ٿي. آئون هن جي دروازي تي کڙڪو ڪيان ٿي. هڪ دفعو، ٻيو دفعو، ٽيون دفعو.
اندارن ڳرو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو “ڪير آهي؟”
“آئون آهيان.” آئون ٿڪ ڳهي جواب ڏيان ٿي.
ڪجھه لمحن بعد دروازو کلي وڃي ٿو. هو منهنجي سامهون بيٺل نظر اچي ٿو. هن کي گوڏ ۽ سفيد ڪرتو پهريل آهي. هو اڃان به روزانو شيوَ ڪري ٿو. مون کي دورازي جي سامهون بيٺل ڏسي هو مرڪي ٿو.
“ڇا ڳالهه آهي؟”
آئون سوچ ۾ پئجي وڃان ٿي. ڇا چوان، ڇو آئي آهيان؟
“اچ، اندر اچ.” مون سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو.
آئون ڪمري ۾ داخل ٿي ڏسان ٿي. هن جو سگريٽ دکي رهيو آهي. آئون ڇرڪي وڃان ٿي. هو اڃا تائين ستو ناهي؟
آئون پڇان ٿي: “توهان اڃا تائين ستا نه آهيو؟”
“نه.”
“رات ته ختم ٿي رهي آهي.”
“ڇا ڪريان، ننڊ نٿي اچي.”
هو صوفي تي ويهي رهي ٿو. آئون هن جي پلنگ تي وڃي وهان ٿي. آئون ڏسان ٿي ته هو تمام گھڻو ڏُکويل پريشان آهي ۽ سگريٽ ڇڪي رهيو آهي. سامهون هڪ ننڍڙي ميز تي هڪ وڏي بوتل رکي آهي ۽ هڪ چلڪندڙ گلاس پڻ.
هو هڪ ٿڌو ساهه کڻي ٿو. منهنجي سيني ۾ طوفان لڳي ٿو. ڇا ٿيو آهي هن کي.
ڪجھه لمحن بعد هو مون ڏي ڏسي ٿو “تون ستي نه آهين؟”
“نه. ننڊ نٿي اچي.”
“مون تي ته ڊرنڪ جو ڪو اثر نٿو ٿئي. ننڊ نه اچڻ ڪري ڪيڏي اذيت محسوس ٿئي ٿي. اها ڳالهه ڪنهن کي سمجھائي نٿي سگھجي.”
ٻڌي خاموش رهان ٿي. منهنجي به ته اها ڪيفيت آهي. هو وري ٿڌو ساهه کڻي ٿو. ڳري آواز ۾ مون کي چوي ٿو. “اڄ ڪلهه پاڻ کي تمام گھڻو اڪيلو محسوس ڪريان ٿو.”
“مون کي به ايئن محسوس ٿئي ٿو.” آئون جواب ڏيان ٿي. ان کان پوءِ وڌيڪ ڪا به ڳالهه نه ٿي. اسان ٻئي هڪ ٻئي جي سامهون ماٺ ۾ ويٺا رهون ٿا. رات ختم ٿي وڃي ٿي. وڻن تي جھرڪين جي چهڪار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اسان ٻئي پوءِ به ماٺ ۾ رهون ٿا. آمهون سامهون هڪ ٻئي جون شڪليون ڏسڻ جي باوجود ڪا ڳالهه نٿي اڄهي. ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هو بلڪل اڪيلو آهي، آئون بلڪل اڪيلي آهيان ۽ مٿي ٻي ماڙ تي راجو، اهو به بلڪل اڪيلو آهي.

(بنگالي ڪهاڻي. ليکڪ: امداد الحق)

راز جي ڳالهه

ديوَپور جي زميندار رام گوپال زمينداري ۽ گھر راڄ پنهنجي وڏي پٽ جي حوالي ڪري پاڻ پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن دنيا جي جھنجهٽن کان ڏُور ڪنهن ويراني ۾گذارڻ لاءِ هليو ويو. علائقي جا سڀ غريب ۽ محتاج هن لاءِ ڳوڙها ڳاڙي ويهي رهيا. سڀني اهو چيو ٿي ته ههڙي همدردي، نيڪدلي ۽ اصول پرستي هن مشينن جي دور ۾ ڪٿي به نظر نٿي اچي.
هن جو پٽ ڪرشن گوپال نئين روشنيءَ جو تعليم يافته هو. ننڍي ننڍي ڏاڙهي هيس، رنگين چشمو لڳايائين ٿي ۽ ڪنهن وٽ به گھڻو اٿيو ويٺو نٿي. ڏاڍو شريف ۽ بلند اخلاق هو. ٻيڙي سگريٽ کي هٿ به نٿي لاٿائين. شڪل شبيهه ۾ بيحد عجز هوس پر طبيعت جو سخت هو.
هن جي هارين نارين کي جلدي ان ڳالهه جو احساس ٿي ويو ته وڏي مالڪ تي ته زور هلي ٿو پر هي مالڪ هڪ ٽڪو به ڇڏڻ وارو ناهي. ڪرشن گوپال جي هٿن م اختيار اچڻ سان هن ڏٺو ته ڪيترن ئي ماڻهن وٽ گھٽ مسواڙ تي زمين ڏنل آهي. هن کي اهو خيال آيو ته جيڪي نڪما ماڻهو گھر ويٺي ويٺي هن زمين جو فائدو کائي کائي ٿلها پيا ٿين، اهي رحم ۽ همدردي جا مستحق نه آهن. ان طرح ڪنهن کي ڪجھه ڏيڻ معنيٰ ڪاهلي ۽ سستيءَ جي همت افزائي ڪرڻ آهي.
ٻيو خيال ان کي اهو آيو ته هن جي پيءُ ڏاڏي جي وقت جي مقابلي ۾ اڄ ڪلهه روزي ڪمائڻ گھڻو ڏکيو ٿي پيو آهي، خرچ به وڌي ويا آهن. هن وقت پنهنجي عزت، پنهنجو وقار ٺاهي رکڻ ۾ چئوڻو خرچ ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري هن جو پيءُ جنهن طرح ٻنهي هٿن سان دولت لٽائي ويو آهي، هاڻ ان طرح ڪرڻ سان ڪم نه هلي سگھندو. بلڪ گھڻي کان گھڻي ملڪيت حاصل ڪرڻ وقت جي سڀ کان اهم ضرورت آهي. هن جي عقل ۾ جيڪا ڳالهه صحيح لڳي ٿي، هن اهو ئي ڪرڻ شروع ڪيو ٿي. هو ڪجھه اصول ٺاهي ان تي عمل ڪرڻ لڳو.
جيڪي ڪجهه گھر کان ٻاهر هو اهو آهستي آهستي وري گھر ۾ اچڻ لڳو. هو پنهنجي پيءُ جي ڌنڌي ڌاڙيءَ کي برقرار رکڻ لڳو.
رام گوپال کي جڏهن پنهنجن هارين نارين جي ڏک درد جو حال معلوم ٿيو ته هن ڪرشن گوپال کي خط لکيو ته هيءَ روش صحيح نه آهي. ڪرشن گوپال جواب ۾ لکيو : “زميندار کي نئين آئين مطابق فقط ڍل ملي ٿي. ان ڪري جيڪڏهن آئون پنهنجي آمدنيءَ تي ڪڙي نظر نه رکندس ته کائيندس ڇا؟”
رام گوپال زماني جي هن ڦيري کان فڪرمند ٿي ويو. هن سوچيو ته اڄ جا ڇوڪرا اڄ جي حالتن موجب ئي ڪم ڪن ٿا. منهنجي وقت جا اصول هاڻ ڪم نه ڏئي سگھندا. آئون پري ويهي ڪم ۾ دخل انداز ٿيندس ته ڇوڪرا چوندا ته پنهنجي جائداد اچي پاڻ سنڀال، اسان کان هن جي حفاظت ٿي نه سگھندي. آئون زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڀڳوان جي ڀڄن ۾ ئي گذاريندس.
_______
اهڙي طرح ڪم هلڻ لڳو. ڪيترا مقدما هلائي، جھيڙا ۽ فساد ڪري ڪرشن گوپال سڀ رنگ ڍنگ پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق ڪري ڇڏيا. ڪيترن ماڻهن ته ڊڄي ڪرشن گوپان جي خواهش مطابق ڪم ڪرڻ منظور ڪيو. فقط احمديءَ جو ڇوڪرو رمضاني ڪنهن طرح قابوءَ ۾ نه پئي آيو.
ڪرشن گوپال جي ڪاوڙ ته سڀ مان گھڻي هن تي هئي. برهمڻ کي معافي ڏيڻ جو مطلب ته ڪجھه سمجھه ۾ اچي ٿو، پر مسلمان جي پٽ کي معافي ڏيڻ جو ڇا مطلب؟ هڪ مسلمان رن زال جو پٽ ڳوٺ جي خيراتي اسڪول ۾ ٿورو گھڻو لکڻ سکي ايڏو مغرور ٿي ويو آهي جو ڪنهن کي نٿو ليکي.
ڪرشن گوپال کي پراڻن همراهن کان معلوم ٿيو ته رمضاني ۽ هن جي ماءُ تي گھڻن ڏينهن کان رام گوپال جون مهربانيون هلنديون آيون آهن. انهن مهربانين ۽ همدردين جو ڪو خاص سبب هو نه ٻڌائي سگھيا. شايد غريب بيواهه زال جو ڏک ڏسي رام گوپال کي هن تي قياس اچي ويو هو.
پر ڪرشن گوپال کي پيءُ جي هيءَ نگاهه ڪرم سڀ کان گھڻي بي فائدي ۽ فضول محسوس لڳي هئي. رمضانيءَ جي ترقي ۽ خوشحالي ڏسي ڪرشن گوپال کي اهو خيال آيو ٿي ته رمضانيءَ جي ماءُ احمديءَ رحمدل رام گوپال کي دوکو ڏئي ان جي ملڪيت جي هڪ حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي.
رمضاني به عجيب فطرت انسان هو. هن چيو: جان هلي وڃي پر آئون معافيءَ تي زمين نه ڇڏيندس. ٻنهي طرفن کان مقدمي بازيون شروع ٿي ويون. رمضانيءَ جي بيواهه ماءُ ڇوڪري کي بار بار سمجايو ته زميندار سان جھيڙو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي. هيستائين جن جي عنايت ۽ مهربانيءَ جي سهاري زندگي گذاري آهي، انهن جي ئي مهربانين تي جھلو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. زميندار جي چوڻ مطابق ڪجھه معافيءَ تي کڻي ڇڏ.
رمضانيءَ چيو: “ماءُ، تون ان معاملن بابت ڪجھه نٿي ڄاڻين.”
مقدمي بازيءَ ۾ رمضاني هارائن لڳو پر جيئن جيئن هن هارايو ٿي تيئن تيئن هن جو ضد وڌيو ٿي. هن پنهنجي معافيءَ جي حفاظت ۾ هر شيءِ بازيءَ تي لڳائي ڇڏي.
هڪ ڏينهن ٽين پهر رمضانيءَ جي ماءُ پنهنجي پٽ کان لڪائي، نذراني طور پنهنجي ٻنيءَ جون ڪجھه شيون کڻي، ڪرشن گوپال سان ملڻ وئي.
“الله تنهنجو ڀلو ڪري پٽ! رمضاني کي تنگ نه ڪجانءِ. آئون هن کي تنهنجي حوالي ٿي ڪريان. هن کي تون پنهنجو ننڍو ڀاءُ سمجھي هن جي کائڻ پيئڻ لاءِ اها زمين ڏئي ڇڏينس. تو وٽ بي شمار دولت آهي. جيتري زمين هن وٽ آهي، ان سان توکي ڪو به نقصان نٿو رسي سگھي.”
اهو ٻڌي ڪرشن گوپال ڏاڍو منجھي پيو. هن چيو: “تون عورت آهين، تون انهن ڳالهين کي نٿي سمجھي سگھين. جيڪڏهن توکي ڪجھه چوڻو آهي ته پنهنجي پٽ کي موڪل.”
هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ هوءَ انهن کي اگھندي موٽي وئي. مقدمو فوجداريءَ کان ديواني، ديوانيءَ کان ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۽ اتان کان هاءِ ڪورٽ تائين پهچي ويو. ان ۾ ئي ڏيڍ سال گذري ويو. رمضاني تمام گھڻو قرضي ٿي ويو هو. آخري اپيل ۾ هو مقدمو کٽي ويو هو.
پر هو آسمان مان ڪريو وڻ ۾ اٽڪيو. زميندار موقعو ڏسي ڊگري جاري ڪرائي. رمضانيءَ جو گھر گھاٽ نيلام ٿيڻ جو ڏينهن مقرر ٿي ويو. سانوڻ جو مهينو هو. سڄو آسمان ڪڪرن سان ڇانيو پيو هو. ايئن ٿي لڳو ڄڻ وسڪارو ٿيو ڪي ٿيو.
رمضاني هڪ وڏو چاقو ۽ ٿالهه کڻي بازار آيو هو. هن اهي ٻه شيون گروي رکي سودو خريد ڪرڻ چاهيو ٿي.
ٽين پهر ڪرشن گوپال هوا کائڻ لاءِ نڪتو. ٻه ٽي سپاهي به ڊگھيون ڊگھيون لٺيون کڻي هن سان گڏ هلي رهيا هئا. بازار ۾ هڪ هنڌ بيهي هو هڪ ماڻهوءَ سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ رمضاني چاقو تاڻي شينهن وانگر گجڪوڙ ڪندو هن ڏي ڊوڙيو. ماڻهن هن کي رستي تان ئي جھلي هن کان چاقو ڦرائي ورتو. ان ئي وقت هن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. بازار جي خريد و فروخت جو ڪم هڪ دفعو وري ساڳي طرح هلڻ لڳو. ان واقعي مان ڪرشن گوپال ڪجھه خوش نه ٿيو. اسان جنهن جو شڪار ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو جيڪڏهن اسان تي وار ڪرڻ اچي ته هن جي اها حرڪت برداشت نٿي ڪري سگھجي. هن بدمعاش کي عبرتناڪ سزا ملڻ کپي.
هيڏانهن رمضانيءَ جي ماءُ کي پٽ بنا خالي گھر ڊپ وارو محسوس ٿيڻ لڳو. هوءَ سڄي رات الله کي ٻاڏائي پٽ جي سلامتيءَ لاءِ دعائون گھرڻ لڳي. هن کي ڏينهن رات ۾ ڪو هڪ لمحو به سڪون جو نصيب نٿي ٿيو.
______
اهڙيءَ طرح ٽي مهينا گھذري ويا. عدالت ۾ ايندڙ ڏينهن تي مقدمي جي تاريخ هئي. ڪرشن گوپال کي شاهدي ڏيڻ لاءِ وڃڻو هو. ان کان اڳ زميندار ڪڏهن شاهدن جي ڪٽهڙي ۾ نه بيٺو هو پر ان معاملي ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ وڃڻ ۾ ڪرشن گوپال کي ڪا ڏکيائي، ڪو مونجھه سونجھه نه ٿيو.
ٻئي ڏينهن صحيح وقت تي واچ ٺاهي، پٽڪو ٻڌي، پالڪيءَ ۾ سوار ٿي ڪرشن گوپال ڪورٽ پهتو. مئجسٽريٽ عزت ڏيندي هن کي پنهنجي ڀر ۾ وهڻ لاءِ جاءِ ڏني. عدالت ۾ ايڏو وڏو ميڙ ڪڏهن به نه ٿيو هو.
مقدمو شروع ٿيڻ ۾ ڪا دير نه هئي. ايتري ۾ ڪرشن گوپال جي سپاهيءَ اچي ڪن ۾ ڪجھه چيو. هو ان ئي وقت “ هڪ ضروري ڪم آهي” چئي عدالت مان ٻاهر اچي ويو.
ٻاهر اچي ڏٺائين، ڪجھه پرڀرو هڪ پراڻي وڻ هيٺان هن جو پيءُ بيٺو هو. اگھاڙين پيرين، چادر اوڍي ۽ هٿ ۾ وڏي مالها جھلي پڙهي رهيو هو. هن جي ڪمزور جسم مان نور وسي رهيو هو. پيشاني تان سڪون ۽ رحمدلي ٽمي رهي هئي.
ڪرشن گوپال جھڪي پيءُ کي پرنام ڪيو. سندس مٿي تي ٻڌل پڳڙي ڪرندي ڪرندي بچي. کيسي مان واچ ٻاهر نڪري آئي. انهن کي صحيح ڪري ڪرشن گوپال پنهنجي پيءُ کي هڪ وڪيل جي ڪرسيءَ تي هلي وهڻ لاءِ چيو. رام گوپال جتي بيٺو هو اتان هڪ انچ به نه چُريو. “مون کي جيڪي چوڻو آهي اهو هتي ئي چوندس.”
ڪرشن گوپال جا سپاهي ماڻهن جي هجوم کي پري هٽائڻ لڳا. رام گوپال چيو: “رمضانيءَ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندئي ۽ هن جي زمين جو ٽڪرو جيڪو تو پنهنجي قبضي ۾ ڪري رکيو آهي، اهو هن کي موٽائي ڏيڻو پوندءِ. ”
ڪرشن گوپال حيرت مان پڇيو: “توهان ان لاءِ پوڄا پاٺ ڇڏي ڪاشيءِ کان هتي آيا آهيو. رمضانيءَ سان توهان کي ايڏي محبت ڇو آهي؟”
رام گوپال چيو: “پڇي ڇا ڪندين؟”
ڪرشن گوپال نه مڃيو. چوڻ لڳو: “مون سڀني ماڻهن کان جائداد وٺي ڇڏي آهي. انهن ۾ ڪيترا برهمڻ به هئا. پر توهان انهن جي معاملي ۾ ڪڏهن به دخل اندازي نه ڪئي ۽ هن مسلمان لاءِ توهان ايتري ڪوشش ڪري رهيا آهيو. مقدمو هلائي جيڪڏهن آئون رمضانيءَ کي ڇڏي ڏيندس ۽ هن کي سڀ زمين موٽائي ڏيندس ته ماڻهو ڇا چوندا؟”
رام گوپال ٿوري دير لاءِ ماٺ ۾ رهيو. آخر ڏڪندڙ آڱرين سان جلدي جلدي مالها ڦيري گجندڙ آواز ۾ چيو: “رمضاني تنهنجو ڀاءُ آهي ۽ منهنجو ڀاڻيجو. مون هن جي ماءُ کي سندس مڙس جي مري وڃڻ تي ڀيڻ ٺاهيو هو. ڇا تون منهنجي ڀيڻ جي جھولي خالي ڪرڻ چاهين ٿو؟ پنهنجي ڀاءُ کي جيل جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ اڇلڻ چاهين ٿو؟”
“رمضانيءَ جي ماءُ توهان جي ڀيڻ آهي ۽ رمضاني توهان جو ڀاڻيجو؟ منهنجو ڀاءُ؟”
“هائو.”
“چڱو هلو ته گھر هلون.”
“نه، آئون هاڻ گهر نه ويندس. هتان ئي واپس وڃي رهيو آهيان. جيڪي ڪجھه مون کي چوڻو هو سو توکي چيم. هاڻ جيڪي توکي مناسب لڳي اهو ڪجانءِ، پر منهنجي ڀيڻ کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچي، نه ته منهنجي روح کي سڪون نصيب نه ٿيندو.”
اهو چئي هو دعائون ڏئي روانو ٿي ويو. هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ جسم ڏڪي رهيو هوس.
ڪرشن گوپال ڪو به فيصلو نه ڪري سگھيو ته پيءُ کي ڇا چوڻ کپي. جڏهن هو عدالت ڏي آيو ته هن ڏٺو ته رمضاني ٻن سپاهين جي وچ ۾ هٿڪڙيون پائي ويٺو هو. هن جو جسم ڪمزور لڳي رهيو هو. چپ سڪي ويا هيس. اکين ۾ خاص قسم جي چمڪ هيس. هن جي بدن تي ميرا ڪپڙا اوڍيل هئا. هو ڪرشن گوپال جو ڀاءُ ٿيو. مقدمو ڪنهن طرح ختم ٿي ويو. ڪجھه ئي ڏينهن ۾ رمضانيءَ جي وري پهرين واري حالت ٿي وئي. پر ان جو سبب هن کي معلوم نه ٿيو ته هن جو ڇوٽڪارو ڪيئن ٿيو ۽ ڪرشن گوپال هن کي معافي ڇو ڏئي ڇڏي.
ٻين ماڻهن کي به ان جو ڏاڍو اچرج لڳو. پيءُ پٽ کان سواءِ هن راز کان ٻيو ڪو به آگاهه نه هو _ يا شايد رمضانيءَ جي ماءُ زميندار جي زبان ٿيل ڀيڻ، ان راز کي سمجھي وئي هجي.

(ڪهاڻيڪار: رابندر ناٿ ٽئگور)

ڪابلي وارو

منهنجي ڌيءَ ميني هئي ته اڃا فقط پنجن سالن جي پر مجال آهي جو هڪ گھڙي به ڳالهائڻ بنا رهي سگھي. دنيا ۾ قدم رکڻ بعد ڳالهائڻ سکڻ ۾ هن کي فقط ٻارهن مهينا لڳا هئا. ان بعد جيتري دير هوءَ جاڳي ٿي، هڪ پل به هن جي زبان نٿي جھلي. هن جي ماءُ اڪثر هن کي دڙڪا ڏئي ماٺ رهڻ تي مجبور ڪيو ٿي، پر مون کان اهو ڪم ممڪن نه هو. منهنجي خيال ۾ مينيءَ جو خاموش رهڻ هڪ خلاف فطرت ڳالهه هئي، جنهن کي آئون گھڻي دير تائين برداشت نٿي ڪري سگھيس. ان ڪري منهنجيون ۽ هن جون پهرن جا پهر دل کولي ڳالهيون ٿينديون هيون.
صبح جي وقت آئون پنهنجي ناول جو سترهون باب شروع ڪرڻ ويٺو هوس ته ميني اچي ڪڙڪي. چوڻ لڳي: “بابا دربان ڪانگ کي ڪاگا چوي ٿو، بلڪل مورک آهي. ڪجھه نٿو ڄاڻي.” ان کان اڳ جو آئون دنيا جي مختلف زبانن جو فرق هن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريان، هن ٻيو مضمون شروع ڪيو. چوڻ لڳي: “بابا، ڀولو چوي ٿو ته آسمان تي هڪ هاٿي آهي، اهو پنهنجي سونڍ سان پاڻي ڇٽڪاري ٿو ته مينهن پوي ٿو. بابا هي ڀولو ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪري ٿو. ڏينهن رات بڪندو رهي ٿو.” اهو چوندي چوندي هوءَ منهنجي لکڻ جي ميز جي ويجھو منهنجي پيرن وٽ اچي بيٺي ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان گوڏا جھلي کيڏڻ لڳي. هوءَ کيڏڻ ۾ مشغول هئي ۽ منهنجي ناول جي سترهين باب ۾ پرتاب سنگھه ڪنچن مالا کي وٺي اونداهي رات ۾ قيد خاني جي مٿين دريءَ مان نديءَ ۾ ٽپي رهيو هو.
منهنجو گھر رستي جي ڪپر تي آهي. اوچتو ميني کيڏڻ ڇڏي دريءَ ڏي ڊوڙي ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي:
“ڪابلي والا، ڪابلي والا.” ڍرو ڍارو لباس پائي، مٿي ته پٽڪو ٻڌي، پٺيان هڪ گودڙي لڙڪائي، ٻه چار پيتيون انگورن جون هٿ ۾ کڻي هڪ ڊگھو جانٺو ڪابلي پٺاڻ هتان گذري رهيو هو. خبر ناهي هن کي ڏسي منهنجي معصوم ٻارڙيءَ جي دل ۾ ڪهڙو خيال آيو، جو هوءَ ڪابلي همراهه کي سڏڻ لڳي. مون سوچيو ته پٺ تي گودڙي رکي، هيءَ بلا اچي ڪڙڪي ته منهنجي ناول جو سترهون باب پورو ٿي نه سگھندو. پر جيئن ئي مينيءَ جي گوڙ ڪرڻ تي ڪابليءَ کلندي منهنجي گھر جو رخ ڪيو، منهنجي ڌيءَ بدحواس ٿي اندر زناني ۾ هلي وئي ۽ هن جو پاڇو به نظر نه آيو. شايد بنا ڏسڻ جي ئي هن کي اهو يقين هو ته جيڪڏهن چڪاسي ورتي وڃي ته ڪابليءَ جي ان گودڙيءَ ۾ هن جهڙا ڪيترائي ٻار نڪرندا. مطلب ته ڪابلي اچي پهتو ۽ مون کي سلام ڪري بيهي رهيو. مون سوچيو ته جيتوڻيڪ منهنجي ناول جو هيرو پرتاب سنگھه ۽ هيروئن ڪنچن مالا ٻئي هن وقت نهايت خطرناڪ حالتن ۾ آهن، پر هن ڪابليءَ کي پنهنجي گھر ۾ سڏائي ڪجھه خريد ڪرڻ بنا ايئن ئي ٽاري ڇڏڻ مناسب نه ٿيندو. ان ڪري مون هن کان ضرورت نه هوندي به شيون خريد ڪيون ۽ ان ئي سلسلي ۾ هي ڳالهيون نڪري پيون. ڪجھه امير عبدالرحمان جو ذڪر آيو، ڪجھه روس جو. امير ۽ انگريزن جي وچ ۾ سرحد جي حفاظت جي باري ۾ جيڪو معاهدو ٿيو هو، ان تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هلندي وقت ڪابليءَ مون کان پڇيو: “تنهنجي هوءَ ڇوڪِري ڪٿي آهي.” مينيءَ جي دل ۾ ڪابليءَ لاءِ جيڪو بي بنياد خوف پئدا ٿي پيو هو، ان کي ڪڍڻ خاطر مون مينيءَ کي اندران سڏايو. ميني اچي وئي پر مون سان لڳي بيٺي ۽ ڪابلي ۽ ان جي گودڙيءَ ڏي شڪي نگاهن سان ڏسڻ لڳي. ڪابليءَ پنهنجي گودڙيءَ جي اندران ڪجھه ڪشمش، ڪجھه زردارلون ڪڍي مينيءَ ڏي وڌايون، پر هن ڪنهن طرح به وٺڻ قبول نه ڪيو. بلڪ هن جي ان خوف ۾ ويتر واڌارو اچي ويو ۽ هوءَ منهنجي گوڏن کي چهٽي وئي. اها هئي ميني ۽ ڪابليءَ جي پهرين ملاقات.
ڪجھه ڏينهن بعد هڪ ڏينهن صبح جي وقت ڪنهن ضرورت کان آئون ٻاهر وڃڻ لاءِ گھر کان نڪتس ته ڏسان ته منهنجي ميني دروازي وٽ بينچ تي ويٺي هئي ۽ لڳاتار ڳالهائي رهي هئي. ڪابلي هن جي ڀر سان ويهي غور سان هن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو ۽ کلي رهيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڀڳل بنگاليءَ ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو هو. مينيءَ کي پنهنجي پنجن سالن جي زندگيءَ ۾ پنهنجي پيءُ کان سواءِ ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو هو، جيڪو هن ڪابليءَ وانگر چڱي طرح سڪون سان هن جون ڳالهيون ٻڌي. مون ڏٺو ته مينيءَ جي پوتيءَ جي ننڍڙي پلئه ۾ بادام، ڪشمش ۽ اخروٽ وغيره هئا. مون ڪابليءَ کي چيو: “خان هيءَ تڪليف تون ڇو ٿو ڪرين. هن کي شيون نه ڏيندو ڪر.” اهو چئي مون هن کي هڪ آڌيو ڏنو. هن بنا ڪنهن جھل پل جي آڌيو پنهنجي گودڙيءَ ۾ وڌو. جڏهن آئون گھر موٽيس ته ڏٺم ته ان آڌئي چڱو خاصو هنگامو برپا ڪري وڌو هو. مينيءَ جي ماءُ هڪ گول چمڪندڙ شيءِ پنهنجي هٿ ۾ جھلي مينيءَ کي دڙڪا ڏئي رهي هئي ۽ پڇي رهي هئي: “ٻڌاءِ ته هي آڌيو توکي ڪنهن ڏنو؟” ۽ هوءَ اهو چئي رهي هئي “مون کي ڪابليءَ ڏنو آهي.” هن جي ماءُ چئي رهي هئي تو ڪابليءَ کان آڌيو ورتو ڇو؟” ان مصيبت مان نجات ڏياري مينيءَ کي آئون ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيس. پڇا ڳاڇا تي معلوم ٿيو ته ڪابلي ۽ مينيءَ جي هي ٻي ملاقات نه هئي. ڪابلي اڪثر مينيءَ کي پستا، بادام وغيره ڏئي ويو ٿي ۽ لڳو ٿي ته انهن ئي تحفن ڪري هن مينيءَ جي معصوم دل کٽي ورتي هئي ۽ هنن ٻنهي جي وچ ۾ خوب ڪچهري هلي ٿي. ڪابليءَ کي، جنهن جو نالو رحمت هو، ڏسڻ سان ميني کلندي پڇيو ٿي: “ڪابلي تنهنجي گودڙي ۾ ڇا آهي؟” رحمت بنا ڪنهن دير جي چيو “هاٿي”. يعني هن جي گودڙيءَ ۾ هاٿي آهي. ڪابليءَ جي خيال ۾ اهو تمام وڏو چرچو هو. اهو چرچو جيتوڻيڪ اهڙو ڪو خاص نه هو ته به هي ٻئي ٽهڪ ڏئي کليا ٿي. صبح سوير هڪ ڪراڙي مرد سان هڪ ننڍڙي نينگري جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌي منهنجي دل به وندري وئي ٿي. رحمت، مينيءَ کان پڇندو هو :“ ميني پٽ! تون ساهرين ڪڏهن ويندينءَ.” بنگالي ڇوڪري شايد ڄمڻ سان ئي ساهرن جي لفظ سان مانوس ٿي وڃي ٿي. پر اسان ماڻهو جيئن ته نئين روشنيءَ جي زير اثر اچي چڪا هئاسين، اسان جي ڇوڪريءَ کي ان وقت تائين ان جي ڄاڻ نه هئي. ان ڪري رحمت جو مطلب هن جي سمجھه کان ٻاهر هو. پر هن جي ڳالهه جو جواب نه ڏيڻ ۽ ماٺ ۾ رهڻ مينيءَ جي فطرت جي خلاف هو. هن پنهنجي طرف کان ٻيو سوال پيش ڪري ڪابلي جي سوال جو جواب ڏنو ٿي. چوندي هئي“ ڪابلي تون ساهرين نه ويندين؟” رحمت پنهنجي خيالي سهري جو نشان ٺاهي هڪ ڳرو ٺونشو ڏيکاري هن تي اُلر ڪري چوندو هو: “آئون پنهنجن ساهرن کي هن سان ماريندس.” سهرو ڪهڙي هستيءَ جو نالو آهي، مينيءَ کي معلوم نه هو، پوءِ به ان ويچاري خيالي سهري جي جوکم جو اندازو لڳائي کلي ڏيندي هئي.
انهن ڏينهن ۾ سرءُ جي موسم هئي. اهڙي ئي موسم ۾ پراڻي زماني جا راجا مهاراجا دنيا فتح ڪرڻ جي ارادي سان پنهنجي سلطنت کان ٻاهر ويندا هئا. آئون ڪڏهن ڪلڪتي کان ٻاهر نه ويو هوس. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو فقط خيال دنيا جي چوڌاري ڦيرا پائيندو رهي ٿو. آئون پنهنجي گھر جي ڪنڊ جو هڪ مستقل باشندو ٿي پيو آهيان. پر منهنجي دل هر وقت ٻاهر جي دنيا ۾ لڳل رهي ٿي. ڪنهن ڌارئين ملڪ جو نالو ٻڌڻ سان منهنجو تصور ان ڏي ڊوڙڻ شروع ڪر ي ٿو. جڏهن ڪنهن پرديسيءَ کي ڏسان ٿو ته تصور جي اکين جي سامهون ان ملڪ جي ندي، جبل ۽ جنگل ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ان سان گڏ هڪ آزاد زندگيءَ جو خيالي خاڪو منهنجي ذهن ۾ ٺهيو وڃي. جيتوڻيڪ منهنجي دل سڄي دنيا سان لڳي رهي ٿي، پر آئون ڄڻ هڪ وڻ مثال ٿي ويو آهيان، جيڪو پنهنجي هيٺ جي زمين ۾ هڪ هنڌ ڦاٿل رهي ٿو. جڏهن به آئون پنهنجي گھر کان ٻاهر نڪرڻ جو ارادو ڪريان ٿو ته ڄڻ منهنجي مٿان جبل ڪريو پوي. ان ڪري مون صبح جي وقت پنهنجي ننڍڙي ڪمري ۾ ميز جي ويجھو ويٺي ويٺي هن ڪابليءَ جون ڳالهيون ٻڌي سير ۽ سياحت جو شوق وڏي حد تائين پورو ڪري ورتو ٿي. ڀڳل سڳل بنگالي زبان ۽ گجندڙ آواز ۾ ڪابليءَ پنهنجي ملڪ ڪابل ۽ قنڌار جي حالت بيان ڪئي ٿي ۽ منهنجي اکين اڳيان هڪ نقشو ٺاهي ورتو ٿي. جابلو رستو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي ڳاڙهي ڳاڙهي پٿرائين زمين آهي. نه ڪٿي پاڻي آهي نه گاهه. ان رستي تان شلوار قميص ۽ پٽڪا ٻڌل پٺاڻ ۽ افغان واپارين ۽ مسافرن جو قافلو ويندو رهي ٿو. ڪو اٺ تي سوار آهي ته ڪو پيرين پنڌ هلي رهيو آهي. ڪنهن وٽ ڪا پراڻي زماني جي بندوق آهي ته ڪو هٿ ۾ بڻڇي کڻيو پيو هلي.
مينيءَ جي ماءُ جي طبيعت ڪجھه اهڙي قسم جي آهي جو ٿوري ٿوري ڳالهه تي گھٻرائجيو وڃي. رستي تي رڳو ٿورو گوڙ ٿيڻ تي هن کي اهو ئي محسوس ٿئي ٿو ته سڄي دنيا جا شرابي هن جي گھر ڏي ڊوڙندا اچن. هن جي عمر جيتوڻيڪ ايڏي ڪا وڏي ناهي، پر زندگيءَ جي لاهين چاڙهين کي سمجھڻ لاءِ چڱي خاصي ٿي چڪي آهي . پوءِ به هن جي دل مان اهو وهم نه نڪري سگهيو آهي ته دنيا جي هر ڪنڊ چورن، شرابين، نانگن، شينهن ۽ مليريا جي جراثيمن ۽ انگريزن سان ڀري پئي آهي. اهڙي صورت ۾ رحمت ڪابلي جي طرف کان مطمئن رهڻ هن لاءِ ناممڪن ڳالهه هئي. هن جي چرپر تي نظر رکڻ لاءِ هن مون کي هر وقت تاڪيد ڪئي ٿي. هن جي شڪ شبهن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي هن منهنجي اڳيان ڪيترائي سوال رکيا ٿي. ڇا ڪڏهن ڪنهن جو ٻار چوري نه ٿيو؟ ڇا ڪابل ۾ پورهئي لاءِ چوريءَ جا ٻار نٿا وڪامن؟ ڇا هڪ ڊگھي متاري ڪابليءَ لاءِ هڪ ننڍڙي نينگريءَ کي چورائڻ بلڪل ناممڪن آهي؟ آئون مڃيان ٿو ته جيڪي ڪجھه هوءَ چوندي هئي اهو امڪان کان ٻاهر نه هو. پوءِ به رحمت ڪابليءَ بابت ان قسم جو گمان ڪرڻ، نامناسب هو. پر اعتماد جو مادو هر انسان ۾ هڪ جيترو نٿو ٿئي. منهنجي زال جي دل ۾ ان قسم جو کٽڪو هميشه لڳو ئي رهيو ٿي. ان جي باوجود آئون رحمت کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ کان روڪي نه سگھيس.
هر سال رحمت ڪابلي ماگھه جي مهيني ۾ پنهنجي ديس هليو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هن کي ماڻهن جي گھرگھر وڃي پنهنجي اوڌر وصول ڪرڻ ۾ مشغول رهڻو پيو ٿي. پوءِ به هن سال هو وقت ڪڍي هر روز ميني سان مليو ٿي. صبح جو نٿي اچي سگھيو ته شام جو آيو ٿي. منهنجي گھر ۾ هن کي ڏسي ماڻهن کي حيرت ٿي ٿي. ڍرا ڍارا ڪپڙا پائي، گودڙي لڙڪائي، هن ڊگھي همراهه کي اونداهي ڪوٺيءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل ڏسي دل ۾ ڪجھه کٽڪو ته ٿيندو هو. پر جيئن ئي ميني “ڪابلي والا، ڪابلي والا” سڏيندي هئي ۽ کلندي هن ڏي ڊوڙي ايندي هئي، ٻنهي جي وچ ۾ چرچائي انداز ۾ ڳالهيون ٻڌي ماڻهن کي ڪي قدر اطمينان ٿي ويو ٿي.
صبح جي وقت پنهنجي ڪمري ۾ ويهي آئون پنهنجي مضمون جا پروف ڏسي رهيو هوس. ڏڪاڻي وارو سيءُ پئجي رهيو هو. ويندي ويندي سيارو پنهنجو ڪمال ڏيکاري رهيو هو. صبح واري اس جيڪا دريءَ مان اچي ميز هيٺ منهنجي پيرن تي پئجي رهي هئي، ان جي تپش مون کي ڏاڍو وڻي پئي. اٺين جو وقت هوندو. صبح جي واڪ ڪرڻ وارا پنهنجو مٿو ۽ ڪن مفلر سان ويڙهي پنهنجي گھرن ڏي موٽي رهيا هئا. ايتري ۾ رستي تان دانهن ڪوڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. مون مُڙي ڏٺو ته رحمت کي پوليس جا ٻه جوڌا جوان جھلي وٺي پئي ويا. انهن سان گڏ تماشائي ٻارن جو هڪ هجوم هو. رحمت جي ڪپڙن تي رت جا ڦڙا هئا ۽ هڪ سپاهيءَ جي هٿ ۾ رت ۾ ٻڏل ڇرو هو. مون ٻاهر وڃي پوليس وارن کان پڇيو ته ماجرا ڇا آهي. ڪجھه انهن ماڻهن کان، ڪجھه رحمت کان ٻڌي خبر پئي ته اسان جي پاڙي جي هڪ همراهه رحمت ڪابلي کان رامپوري چادر اوڌر تي ورتي هئي، جنهن جا ڪجھه رپيا باقي رهيا ٿي. پر هاڻ اهو شخص چادر وٺڻ کان ئي ڦري ويو. انهي تڪرار ۾ ڳالهه وڌي ويئي ۽ رحمت هن کي کڻي ڇُرو هنيو. رحمت ان شخص کي وڏيون وڏيون گاريون ڏئي رهيو هو. ايتري ۾ “ڪابلي والا ڪابلي والا” سڏيندي ميني گھر جي ٻاهران اچي بيٺي. رحمت جو چهرو خوشيءِ مان گل وانگر ٽڙي پيو. اڄ هن وٽ گودڙي نه هئي، ان ڪري ٻين ڏينهن وانگر هو مينيءَ کي ڪجھه ڏئي نه سگھيو. ميني رحمت کان پڇي ورتو: “ڪابلي ڇا ساهرين ويندين؟” رحمت مرڪندي جواب ڏنو: “بس اوڏانهن ئي وڃي رهيو آهيان.” پر جڏهن هن ڏٺو ته هن جي جواب سان مينيءَ کي لطف نه آيو ته هٿ سان اشارو ڪري چيو: “انهن ساهرن کي ماري ماري پٽڙو ڪري ڇڏيان پر ڇا ڪريان هٿ ٻڌل ٿي پيا آهن.” هڪ شخص کي قتل ڪرڻ لاءِ حملو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ رحمت کي ڪيترائي سال قيد جي سزا ٿي وئي.
ڪجھه ڏينهن بعد اسان سڀ ڪجھه وساري ڇڏيو ۽ ڏهاڙي وانگر پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ لڳي وياسين. اسان جي دل ۾ ڪڏهن اهو خيال به پئدا نه ٿيو ته هڪ آزاد جابلو مرد قيد خاني اندر ڪيئن ڏينهن گذاري رهيو آهي. مينيءَ جي ان ريت وسارڻ تي مون کي به شرم آيو ٿي. پنهنجي پراڻي دوست کي وساري هن نون سان دوستي ڪري ورتي هئي. ۽ پوءِ جيئن جيئن هن جي عمر وڌندي وئي، دوستن کي ڇڏي ساهيڙين جيڏين سان ملڻ جلڻ لڳي. هاڻ ته اهو حال آهي جو منهنجي ڪمري ۾ به ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿي. ڄڻ ته مون سان لڙائي هجيس.
______
ڪيترا سال گذري ويا. اها ئي سرءُ جي موسم آهي. مينيءَ جي شاديءَ جي تاريخ ٻڌجي چڪي آهي. پوڄا جي موڪلن ۾ هن جي شادي ٿيندي. درگاماڻي جنهن ڏينهن ڪيلاش رواني ٿيندي، منهنجي گھر جي رونق به پنهنجن مائٽن جو گھر اونداهه ۾ ڇڏي ساهرين هلي ويندي.
اڄ جو صبح ڏاڍو حسين آهي. ڄڻ برسات سڄي فضا کي ڌوئي ڇڏيو هجي. صبح جي اس وٽڙيل سون وانگر چمڪي رهي آهي. ايتري قدر جو گھٽين اندر ڪلڪتي جي پراڻن ميرن گھرن جون ڀڳل سرون به اس جي ڪرڻن ۾ سهڻيون ٿي پيون آهن. اسان جي گھر جي در تي صبح ٿيڻ کان اڳ شهنائي وڄڻ شروع ٿي وئي آهي. هن شهنائيءَ جو هر راڳ منهنجي دل کي نپوڙي رهيو آهي. لڳي ٿو ته ايندڙ جدائيءَ جو خيال منهنجي دل کي جيڪو ڏک ڏئي رهيو آهي، ان جو رنگ اس وانگر سڄي دنيا ۾ پکيڙي رهيو آهي. صبح کان ئي هل چل مچي رهي آهي. اڱڻ ۾ تنبو ٻڌڻ لاءِ بانس جا لڙها لڳايا پيا وڃن. ڪمرن اندر ۽ ورانڊي ۾ فانوس لڙڪائڻ جي ٺڪ ٺڪ ٿي رهي آهي. ماڻهن جي اچڻ وڃڻ ۽ گوڙ گھمسان ۾ ڪنهن جي به ڳالهه سمجھه ۾ نه پئي اچي. آئون پنهنجي آفيس ۾ ويٺو خرچ پکي جو حساب ڪريان. ايتري ۾ _ رحمت ڪابلي اچي مون کي سلام ڪري بيٺو آهي. پهرينءَ نظر ۾ ته آئون هن کي سڃاڻي نه سگھيس. ڇو جو نه هن وٽ گودڙي هئي ۽ نه وار ڊگھا ڊگھا هيس ۽ نه وري سندس بدن ۾ اها پهرين واري چستي هئي. مون پڇيو: “ رحمت تون ڪڏهن آئين؟” هن چيو “بابو جي ڪالهه شام جو جيل مان ڇٽي آيو آهيان.” هن جي ڳالهه منهنجي ڪنن کي سٺي نه لڳي. هڪ خونيءَ کي مون ڪڏهن ويجھو نه ڏٺو هو. هن کي ڏسي منهن جي دل دهلجي وئي. جيءَ ۾ آيو ته هو جيڪر هليو وڃي ته ڏاڍو سٺو. مون هن کي چيو : “اڄ اسان جي گھر ۾ هڪڙو ڪاڄ آهي، مون کي بلڪل واندڪائي ناهي. اڄ تون هليو وڃ.” اهو ٻڌي هو انهي پيرين موٽڻ لڳو. پر دروازي وٽ پهچي هن ڏڪندي چيو :“ ڇا ننڍڙيءَ کي هڪ دفعو ڏسي نٿو سگھان.” هن جو خيال آهي ته ميني جيڏي هئي، ايڏي ئي آهي ۽ “ڪابلي والا، ڪابلي والا” چوندي ڊوڙندي ايندي ۽ ٻنهي وچ ۾ وري کل ٽهڪ ۽ دل وندرائڻ جون ڳالهيون هلنديون. ميني جي لاءِ هڪ پيتي انگور، ڪاغذ ۽ ويڙهيل ڪشمش، بادام پنهنجي ڪنهن هم وطن دوست کان هو وٺندو آيو هو، ڇو جو هن جي پنهنجي گودڙي ته نه هئي. مون چيو: “گھر ۾ هڪ ڪاڄ آهي. اڄ ڪنهن سان به ملاقات ٿي نه سگھندي.” هو ڪجھه اداس ٿيويو. ٿوري دير خاموش بيٺو رهيو. پوءِ مون ڏي مخاطب ٿي چيو: “بابو سلام.” ۽ گهر مان هليو ويو. منهنجي دل کي هڪ ڌڌڪو لڳو. دل چيو ته هن کي واپس گھرائي وٺان. ايتري ۾ مون ڏٺو ته هو پاڻ موٽي رهيو آهي. منهنجي ويجھو اچي هن چيو: “هي انگور ۽ ڪجھه ڪشمش، بادام ٻارڙيءَ لاءِ آندا هئم. هن کي ڏئي ڇڏجو.” آئون هن جي قيمت ڏيڻ وارو هوس. هن منهنجو هٿ جھلي ورتو ۽ چيو : “بابوجي! توهان مون تي مهربان آهيو، آئون توهان جي مهرباني ڪڏهن وساري نه سگھندس. مون کي ان جو ملهه نه ڏي. بابو جي تنهنجي جهڙي ڇوڪري آهي، اهڙي منهنجي وطن ۾ منهنجي هڪ ڇوڪري آهي. آئون هن کي ياد ڪري توهان جي ڇوڪريءَ جي واسطي ڪجھه ميوو وٺي ٿو اچان. آئون توهان وٽ سودو وڪڻڻ نٿو اچان.” اهو چئي هن پنهنجي چوغي جهڙي قميص اندر هٿ وجھي هڪ ويڙهيل سيڙهيل ميرو ڪاغذ ڪڍيو ۽ منهنجي ميز تي پنهنجن ٻنهي هٿن سان آهستي آهستي ڪري کولي وڇايو. ان تي هڪ ننڍڙي هٿ جو ڇاپو هو. نه فوٽو هو نه رنگين تصوير. پنهنجي ڌيءُ جي هٿ تي ڪو رنگ هڻي ڪاغذ تي هٿ جو ڇاپو اتاري ورتو هو. هر سال رحمت ڪلڪتي اچي گھر گھر ۾ سڪو ميوو وڪيو ٿي ۽ هن ڇاپي کي سيني سان لڳائي رکيو ٿي. ڌيءَ جي جدائي شايد ان ڪري هن کي محسوس ٿيندي هوندي. سندس ڌيءَ جي هٿ جي ڇاپ ڏسي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ان وقت منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ ڪو فرق نه رهيو. مون کان وسري ويو هو هڪ ڪابلي ميوو وڪڻندڙ آهي ۽ آئون هڪ عاليشان بنگالي آهيان. مون محسوس ڪيو ته هو به مون وانگر هڪ ڌيءُ جو پيءُ آهي. پهاڙي ديس جي پاسي جي ڇوڪريءَ جي هٿ جي ڇاپ مون کي پنهنجي مينيءَ جي ياد ڏياري ڇڏي. مون يڪدم هن کي اندران گھرائي ورتو. عورتن تمام گھڻو اعتراض ڪيو پر مون هڪ به نه ٻڌي.
ڳاڙهي ريشمي ساڙهي پائي، پيشانيءَ تي چندن جون ليڪون، ڪنواريتي وڳي ۾ شرمائيندي لڄائيندي ميني منهنجي ويجھو اچي بيهي رهي. ڪابلي هن کي ڏسي منجھي پيو ۽ پراڻي طرز جون ڳالهيون نه ڪري سگھيو. پوءِ کلندي چيو: “ميني بابا تون ساهرين وڃين پئي.” ساهرا ڪنهن کي چئجي ٿو هاڻ مينيءَ چڱيءَ طرح ڄاتو ٿي. ان ڪري هوءَ پهرين وانگر رحمت جي سوال جو جواب نه ڏئي سگھي ۽ شرمائي کڻي منهن موڙيو. مون کي اهو ڏينهن ياد اچي ويو جڏهن ڪابليءَ سان مينيءَ جي پهرين ملاقات ٿي هئي. منهنجي دل پاسا ورائڻ لڳي.
مينيءَ جي هلي وڃڻ بعد رحمت هڪ ٿڌو ساهه کڻي زمين تي ويهي رهيو. هن جي دماغ ۾ هڪدم اچي ويو ته هن جي پنهنجي ڇوڪري به ايترن ڏينهن ۾ ميني ئي وانگر سياڻي ٿي چڪي هوندي ۽ هن سان نئينءَ طرح ڳالهه ٻول ڪرڻي پوندي. خبر ناهي ته اٺن سالن جي عرصي ۾ هن تي ڇا ڇا گذريو هوندو. هاڻ خبر ناهي ته هن جي ڇا حالت هوندي. صبح جي خوشگوار اُس ۾ شهنائي وڄي رهي هئي ۽ رحمت خاموش ويٺو هو. هن جي اکين جي سامهون افغانستان جي جبلن جي تصوير ڦري رهي هئي. مون هن کي هڪ نوٽ ڏنو ۽ چيو :“رحمت پنهنجي ڌيءَ وٽ وڃ. توهان ٻنهي پيءُ ڌيءَ جي ملڻ جي خوشيءَ سان منهنجي مينيءَ جي شاديءَ ۾ برڪت ٿيندي.”
ان نوٽ ڏيڻ سان شاديءَ جي ساز و سامان ۾ مون کي ڪجھه قدر گھٽتائي ڪرڻي پئي. مون بجليءَ جي بتين جو تعداد گھٽرائي ڇڏيو ۽ بئنڊ باجو به نه گھرايو. ان سان عورتن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر شادي تمام خوش خورميءَ سان پوري ٿي ۽ مون کي هڪ صحيح روحاني مسرت نصيب ٿي، جيڪا شايد دنيا جا سڀ ساز و سامان گڏ ڪرڻ سان به نه ٿئي.

(بنگالي ڪهاڻي. ليکڪ: رابندر ناٿ ٽئگور)

وڃايل سَڌون

مينهوڳيءَ جي موسم هئي. دارجلنگ پهتس ته اتي به چوڌاري آسمان ڪڪرن سان ڇانئيو پيو هو. گھر کان ٻاهر نڪرڻ تي دل نٿي چاهيو پر ساڳئي وقت گهر ۾ به ويٺو نٿي ٿيو. صبح جو نيرن پاڻي ڪري، مينهن مطابق ڪپڙا اوڍي گھمڻ ڦرڻ لاءِ ٻاهر نڪتس. هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿي رهي هئي. هماليا جي هن جابلو ديس ۾ هيٺ ساوڪ هئي ته مٿي ڪڪر. آئون ايئن ئي ويڳاڻن وانگر ڦرندو رهيس. هتي ڪا به اهڙي شيءِ نه هئي، جنهن سان کڻي دل ريجھي.
ايتري ۾ ويجھڙائيءَ کان ڪنهن ڏکويل عورت جي روئڻ جو آواز ڪنن تي پيو. آواز هلڪو هو. ڏکن سان ڀريل هن دنيا ۾ روئڻ جو آواز ڪو وڏو واقعو نه سمجھڻ کپي. ڪنهن ٻئي هنڌ اهو آواز ٻڌان ها ته شايد ايترو به ڌيان نه ڏيان ها. پر هنن ڪڪرن سان جھنجھيل ملڪ ۾ مون کي اهو آواز سڄي دنيا جو اڪيلو غمگين آواز لڳو. آئون ان کان لنوائي نه سگھيس. آواز ڏي ڪن ڏيئي اڳتي وڌيس. ڏسان ته گيڙو رنگ جا ڪپڙا پهريل هڪ عورت رستي جي ڪناري، پٿر تي ويهي آهستي آهستي روئي رهي آهي. هن جي سونهري وارن جو جُوڙو مٿي ڏانهن ٻڌل هو. ايئن ٿي لڳو ته هينئر هينئر هن سان ڪو حادثو ٿيو آهي جنهن جي صدمي کان روئي رهي آهي.
مون چيو ته هيءَ هڪ پيار ڀري ڪهاڻيءَ جي واهه جي شروعات چئبي. جبلن جي قدمن ۾ ڪنهن ويٺل جوڳڻ کي روئيندو پنهنجي اکين سان ڏسندس، اهو ته مون کي وهم گمان ۾ به نه هو. اها عورت ڪهڙي قوم جي ٿي سگھي ٿي؟ آئون سڃاڻي نه سگهيس. همدرديءَ جي لهجي ۾ هنديءَ ۾ پڇيم: “تون ڪير آهين؟ توکي ڇا ٿيو آهي؟”
پهرين هن ڪو جواب نه ڏنو. رڳو پنهنجن ڳوڙهن ڀريل چمڪندڙ اکين سان مون تي هڪ نظر وڌي.
مون ٻيهر پڇيو: “مون کان نه ڊڄ، آئون هڪ شريف ماڻهو آهيان.”
اهو ٻڌي هن کلي ڏنو ۽ سٺي هندي زبان ۾ وراڻيائين: “ ڊپ ۽ خوف ڇڏي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن. هاڻ ته شرم ۽ حيا به موڪلائي ويو آهي. سرڪار اهي به ڏينهن هئا، جو آئون اهڙي پڙدي ۾ هوندي هيس، جتي منهنجي سڳي ڀاءُ کي به اندر اچڻ لاءِ موڪل وٺڻي پوندي هئي. اڄ منهنجو سڄي دنيا کان ئي پڙدو هليو ويو آهي.”
پهرين مون کي ٿورڙي ڪاوڙ آئي. منهنجي شڪل شبيهه ۽ نمونو بلڪل انگريزن جهڙو هو، پوءِ به نڀاڳي عورت الائي ڇو مون سان ايئن پئي ڳالهايو. سوچيم ته ڪهاڻيءَ کي اتي ئي ختم ڪري انگريز صاحب بهادر جيان ڀرون شيڪي، سگريٽ مان دونهون ڪڍي، ڪاوڙ سان ڌرتيءَ تي پير هڻندي، تڪڙ ۾ روانو ٿي وڃان. پر منهنجي تجسس ائين ڪرڻ نه ڏنو.
حڪم ڏيڻ واري انداز ۾ پڇيم ،“ ڇا آئون تنهنجي ڪا مدد ڪري سگھان ٿو؟ ۽ تون ڪجھه چوڻ چاهيندينءَ؟”
هن سڪون سان مون ڏانهن ڏٺو، ٿوري دير رکي مختصر جواب ڏنو: “آئون بدراون جي نواب غلام قادر خان جي ڌيءَ آهيان،”
بدراون ڪهڙي ملڪ ۾ آهي ۽ نواب غلام قادر خان ڪهڙن نوابن مان آهي ۽ ان جي ڇوڪري ڪهڙي ڏک ۾ جوڳڻ بڻجي دارجلنگ ۾ ڪلڪتي روڊ جي ڪناري ويهي سگھي ٿي؟ ان جي مون کي ڪا به ڄاڻ نه هئي ۽ نه ئي اعتبار ٿي آيو. مون سوچيو اهو لطيفو ٻڌو ئي وڃي. دلچسپي به پئدا ٿيڻ لڳي هئي. هڪدم جھڪي ادب سان سلام ڪندي چيم :“ بيگم صاحبه، معاف ڪجو، آئون توهان کي سڃاڻي نه سگھيو هوس.”
هن کي نه سڃاڻڻ جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. پهريون ڪارڻ اهو هو ته هن مون کي اڳ ۾ نه ڏٺو هو. ان کان سواءِ ايڏو ڌنڌ هو جو پنهنجو هٿ پير سڃاڻڻ به ڏکيو هو. بيگم صاحبه به ڪاوڙ نه ڪئي. هن پنهنجي ڀر ۾ ويهڻ لاءِ ساڄي هٿ سان اشارو ڪندي چيو: “ويهو.”
ڏٺم ته حڪم ڪري ڄاڻي. آلي پٿر تي ويهڻ جي اجازت ملڻ سان مون کي توقع کان وڌيڪ اعزاز مليو. بدراون جي نواب غلام قادر خان جي ڌيءَ نور النساءِ يا مهر النساءِ يا بانو الملڪ مون کي پنهنجي ويجھو ويهڻ لاءِ ان گندي هنڌ ويهڻ جي اجازت ڏني، جنهن لاءِ اوچو سوٽ پائي هوٽل کان نڪرڻ مهل منهنجي خواب ۽ خيال ۾ به نه ٿي اچي سگھيو ته منهنجي ايڏي عزت ٿيندي. ٻن رستي ويندڙن ۾ ڳجھه ڳوهه جون ڳالهيون شاعري لڳنديون آهن. ۽ ان سان ڏسندڙن جي دل ۾ ڏور ڪنهن جبل جي غار مان آبشار جو آواز ۽ ڪالي داس جي لکيل ميگھه دوت، ڪمار سڀو جو سنگيت اجاگر ٿي ويندو آهي. پر هيءَ ڳالهه هر شخص کي مڃڻي پوندي ته بوٽ ۽ سوٽ پائي ڪلڪتي روڊ جي ڪناري تي گندي پٿر تي هڪ پينو عورت سان ويهي اهو سمجھڻ ته منهنجي عزت ۾ ڪو به فرق نٿو اچي _ هاڻوڪي دور ۾ اهو خيال بنگالين ۾ ٿورن کي ئي آهي. پر ان ڏينهن گھاٽي ڌنڌ سٺي فضا کي خراب ڪري ڇڏيو هو ۽ اتي ٻيو اهڙو ڪو به نه هو، جنهن جي سامهون شرم ڪجي. هر وقت ڇانيل ڪڪرن ۽ ڌنڌ جي انهيءَ ديس ۾ ان مهل رڳو بدراون جي غلام قادر جي ڌيءَ ۽ مان هڪ ماڊرن اسٽائل جو بنگالي هئاسين. ايئن پئي لڳو ڄڻ سڄي دنيا تباهه ٿي وئي آهي. رڳو اسان ٻئي پٿرن تي ويٺل بچي ويا آهيون. ان اوچتو ملڻ جي سڌ رڳو اسان ٻنهي کي هئي. ٽيون ڪو به ڏسي نه رهيو هو.
مون پڇيو: “بيگم صاحبه اوهان جي هيءَ حالت ڪنهن ڪئي آهي؟”
مون کي فقط بنگالي آئي ٿي. هندي ٻولي تمام ٿوري آئي ٿي، جيڪا هوٽل جي بيرن سان ڳالهائي سکي هئم.
بيگم صاحبه چيو ، “منهنجي زندگيءَ جي حيرت انگيز ڪهاڻي اڄ پوري ٿي آهي. توهان ٻڌڻ چاهيو ته عرض ڪيان.”
مون چيو، “اهو توهان ڇا ٿيون چئو؟ ان ۾ چاهڻ يا نه چاهڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. جيڪڏهن توهان ٻڌائينديون ته آئون پنهنجي عزت افزائي سمجھندس.” ڪو اهو نه سمجھي ته مون مٿين ڳالهه هندي ۾ ڪئي هئي. چوڻ جو ارادو ضرور هو پر چئي نه سگھيس. بيگم صاحبه جڏهن ڳالهائيندي رهي ته ايئن پي لڳو ڄڻ ماڪ سان ڌوتل ڪڻڪ جي فصل جي سونهري چوٽين تي صبح جي تازي هوا لهرون ڏيندي وڃي رهي آهي... آئون هن جي ڳالهين جو جواب ڪنهن ڄٽ جيان لفظ لفظ جوڙي ڏيئي رهيو هوس. منهنجي زبان هن وانگر مٺي ۽ لَس نه هئي. هن سان ڳالهائيندي مون کي پنهنجي انهيءَ ڪمزوريءَ جو احساس گھڙي گھڙي ٿي رهيو هو.
هن چيو: “منهنجو تعلق مغل شهنشاهن سان آهي. ان خاندان جي وقار کي قائم رکڻ لاءِ منهنجي شادي ٿيڻ ڏکي ڳالهه هئي. ڇو ته منهنجي مقابلي جو ڪو به ڇوڪرو نه ٿي مليو. نيٺ لکنو جي هڪ نواب منهنجو رشتو گھريو. منهنجو پيءُ ان بابت ويچار ڪري ئي رهيو هو ته ايتري ۾ بندوق جي ڪارتوسن کي ڏندن سان ڪپڻ جي ڳالهه تي انگريز سرڪار جي سپاهين سان لڙائي شروع ٿي وئي. توبن جي دونهين سان هندستان تي اوندهه ڇانئجي وئي.
عورت جي آواز ۾ مون ڪڏهن به هندي نه ٻڌي هئي ۽ خاص ڪري ڪنهن اعليٰ خاندان جي. پوءِ چڱيءَ طرح سمجھي ويس ته اها زبان مٿئين طبقي جي آهي. اها جنهن زماني جي زبان هئي، اهو زمانو هاڻي ناهي رهيو. هاڻي ريل، ٽيليگراف ۽ تجارت جي رش ۾ اميرن جو طبقو گم ٿيڻ ڪري انهن ڳالهين جي زينت هلي وئي آهي ۽ ترقي پڻ.
نوابزاديءَ کان ڳالهيون ٻڌندي ئي انگريزن جي آباد ڪيل هاڻوڪي دور جي پهاڙي شهر دارجلنگ ۾ ڌنڌ جي اونهي ۽ گھاٽي ڄار مان مغل شهنشاهن جي زماني جون وارتائون عقيدت جي ڇڪ سان منهنجي تصور جي اکين اڳيان اچڻ لڳيون. پٿرن سان جڙيل، آسمان کي ڇهندڙ محلن جي قطار، رستي تي تيز رفتار گھوڙن تي خوبصورت زين. هاٿين جي پٺين تي زريءَ جون جھالرون لڳل هود. شهري ماڻهن جي مٿن تي رنگ برنگي ٽوپيون، شالون، ريشمي ڪپڙا، چيلهه ۾ پٽا ٻڌل. زريءَ جون ٺهيل چهنب واريون جتيون. رسمن جي پابندي. انهن سڀني شين کي منهنجي دل جي اک ڏسي ورتو.
نواب زاديءَ چيو: “اسان جو قلعو جمنا جي ڪناري هو. اسان جي فوج جو آفيسر هڪ هندو هو. سندس نالو ڪيشر لال هو.” عورت پنهنجي زبان جو سمورو مٺاڻ هڪ لمحي لاءِ لفظ ڪيشر لال ۾ اوتي ڇڏيو. پنهنجي لڪڻ کي ڌرتيءَ تي رکي ڌيان سان ٿي ويٺس. “ ڪيشر لال ڪٽر هندو هو. آئون روزانو پرهه ڦٽيءَ جو اٿي گھر جي دريءَ مان ڏسندي هيس. ڪيشر لال سيني تائين جمنا جي پاڻيءَ ۾ لهي. غوطو هڻندو هو ۽ طواف ڪندو هو. جڏهن سج اڀرندو هو ته هٿ ٻڌي، سج ڏانهن منهن ڪري عبوديت جو اظهار ڪندي پاڻيءَ جي نذر چڙهائيندو هو ۽ آلن ڪپڙڻ سان گھير وٽ ويهي نياز ۽ نوڙت سان پوڄا ڪندو هو. ان کانپوءِ ڀيروي جي راڳڻي ۾ ڀڄن ڳائيندو گھر هليو ويندو هو.
آئون مسلمان ڇوڪري هيس. پر مون پنهنجي مذهب بابت ڪجھه به نه ٻڌو هو. اسان جي مذهب ۾ ڪيئن عبادت ٿيندي آهي، اهو به نه ڄاڻندي هيس. ان زماني ۾ اسان جي گھر جاڀاتي شراب ۽ عياشي ۾ رڌل هوندا هئا. هنن جو مذهب سان ڪو به واسطو نه هو. زناني حصي ۾ به مذهب جي وٺ وٺان ڍري ٿي وئي هئي. عورتن جا ڏينهن به کلندي ۽ موج مزا ڪندي گذرندا هئا.
شايد پالڻهار منهنجي طبيعت ۾ ئي مذهب لاءِ چاهه رکي ڇڏيو هو. يا ٻيو ڪو ڪارڻ هجي. جنهن جي مون کي خبر نه هئي. پر هر روز صبح جو سج جي نڪرڻ سان ئي جمنا جي گھير وٽ اچي ڏاڪڻ تي اڪيلو ويهي ڪيشر لال پوڄا ڪندو هو ته ان کي ڏسي منهنجي دل خوش ٿيندي هئي ۽ چاهه واري ڇڪ سان احترام ۾ ڀرجي ويندي هئي.
سدائين پابندي سان عبادت ۽ رياضت ڪرڻ جي ڪري ڪيشر لال جو سنهڙو، اڇو ۽ سهڻو بدن هڪ اهڙي مشعل جيان ڀاسندو هو جنهن ۾ دونهين جو نالو ئي نه هو. هن سٺيءَ سيرت واري برهمڻ جي غير معمولي ڇڪ هڪ اڻ سمجھه مسلمان ڇوڪريءَ جي دل نرم ڪري ڇڏي هئي.
هڪ هندستاني عورت منهنجي نوڪرياڻي هئي. جيڪا روزانو ڪنڌ جھڪائي ڪيشر لال کي پرنام ڪندي هئي. ۽ هن جي پيرن هيٺان مٽيءَ جي چپٽي کڻي پنهنجي مٿي ۾ وجھندي هئي. ان کي ڏسي مون کي سرهائي به ٿيندي هئي ۽ ريس به ايندي هئي. ڪريا ڪرم ۽ خوشيءَ جي ڏينهن تي هوءَ ڪڏهن ڪڏهن برهمڻ کي ڀوڄن ڪرائيندي هئي ۽ هن کي نذرانو به ڏيندي هئي.
مون پاڻ ئي هن کي ڪجھه پيسا ڏيئي چيو: “ تون ڪيشر لال کي دعوت نه ڏيندينءَ.” هن ڏندن ۾ زبان آڻي چيو، “ٺاڪر ڪيشر لال نه ڪنهن جي دعوت قبول ڪندو آهي ۽ نه ئي نذرانو وٺندو آهي.”
سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪيشر تائين پنهنجي ڀڳتي نه پهچڻ ڪري منهنجي بکايل دل سسي وئي.
منهنجي خاندان ۾ هڪ مرد هندو عورت کي زوريءَ پرڻائي آيو هو. محل سرا ۾ ويهي انهيءَ جو پوتر رت پنهنجي رڳن ۾ ڊوڙندو محسوس ڪري ۽ انهيءَ رت جي رشتي سان، ڪيشر لال سان هيڪڙائي جو تصور ڪري، ڪجھه سڪون محسوس ٿيندو هو.
پنهنجي هندو نوڪرياڻي کان هندو ڌرم جي عبادت جا رڪن ۽ رسمون سکي ورتيم. رامائڻ ۽ مهاڀارت جي پراسرار ڪهاڻين کي چڱيءَ طرح ٻڌم ۽ محل سرا ۾ ويهي من ۾ هندو دنيا جي حيرت جهڙي تصوير ٺهي آئي. بت، مورتيون، سنک وڄڻ جو آواز، سونهري گنبذ وارا مندر، لوبان ۽ اگربتين جي خوشبوءِ، چندن جي مهڪ سان گلن جو واس، جوڳين جي فطرت کان مٿانهين سگھه، برهمڻ جا ڪارناما، انسانن جي روپ ۾ ديوتائن جي ليلا، اهي سڀ شيون گڏجي ڏاڍيون پراڻيون، ڦهليل ۽ ڏور هڪ اهڙي مايا ڀريل دنيا کي منهنجي سامهون پيش ڪنديون هيون، جيڪي انسان جي عقل ۽ سمجھه کان ٻاهر هيون... منهنجي ننڍڙي دل ۾ هندو گھراڻو هڪ پرستان جو رومانوي روپ اختيار ڪري چڪو هو.
ايتري ۾ ڪمپني جي بهادر سان سپاهين جي جنگ شروع ٿي وئي. بدراون جي ننڍڙي قلعي ۾ به بغاوت جي لهر اچي وئي.
ڪيشرلال چيو، “پهرين ڳئون کائيندڙن کي آريا ورت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي. ان کانپوءِ ئي هندستان جي سلطنت لاءِ هندن ۽ مسلمانن ۾ اکر مهر ڪري پاڻهي ئي فيصلو ڪيو ويندو.”
منهنجو پيءُ غلام قادر خان هوشيار ماڻهو هو. هو انگريزن کي هڪ خاص رشتي سان ياد ڪندي چوندو هو، “ جنهن ڳالهه جو ٿيڻ ممڪن ناهي ان کي به هو ڪري سگھن ٿا. هندستاني هنن جو مقابلو نٿا ڪري سگھن. ڪوڙي اميد تي آئون پنهنجي هن ننڍڙي قلعي کي وڃائڻ نٿو چاهيان. آئون ڪمپني بهادر سان ڪونه وڙهندس.”
هندستان جي هندن ۽ مسلمانن جو رت جنهن وقت گرم ٿي چڪو هو ان ويل منهنجي پيءَ جي واڻڪي عمل ڪري سڀني جي دلين ۾ هن لاءِ نفرت ڀرجي وئي. منهنجون بيگم مائرون به بي چين ٿي رهيون هيون.
ايتري ۾ ڪيشر لال هٿيارن سان ڀريل هڪ دستي سان اچي پهتو ۽ منهنجي پيءُ کي چيائين: “نواب صاحب! جيڪڏهن توهان اسان جي مدد نه ڪندائو ته جيستائين لڙائي جاري رهندي اوستائين توهان کي هن قلعي ۾ قيد ڪيو ويندو ۽ هي قلعو آئون پنهنجي قبضي ۾ رکندس.” منهنجي پيءُ چيو :“ جھيڙو يا گوڙ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، آئون پاڻ توهان جو ساٿ ڏيندس.”
ڪيشر لال چيو : “ ۽ خزاني مان ڪجھه پيسا به ڪڍڻا پوندا.” منهنجي پيءُ وڌيڪ ته نه ڏنو ۽ چيائين، “جڏهن به جهڙي ضرورت پئي، ڏيندو رهندس.”
مون وٽ پيرن کان مٿي تائين جيڪي به زيور هئا، لاهي نوڪرياڻيءَ هٿان ڪيشر لال ڏانهن اماڻيم. هن قبول ڪيا. زيورن کان خالي منهنجي بدن جي انگ انگ ۾ خوشي ۽ جذبن جي لهر ڊوڙي وئي.
ڪيشر لال بندوقن ۽ تلوارن کي صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويو. اوچتو هڪ ڏينهن ٽپهري جو ضلعي جو ڪمشنر صاحب گورن جي ڳاڙهي ڪرتي واري فوج سان مٽي اڏائيندو، اسان جي قلعي ۾ داخل ٿيو. منهنجي پيءُ ڳجھه ڳوهه ۾ هن کي بغاوت جي خبر اماڻي ڇڏي هئي. بدراون جي فوج تي ڪيشر لال جو ايڏو اثر هو جو هن جي حڪم سان ڀڳل بندوق ۽ ڪٽيل تلوارن سان به وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
پنهنجي غدار پيءُ جو گھر مون کي جهنم جيان لڳي رهيو هو. درد ۽ پيڙا، شرم ۽ نفرت سان منهنجو سينو ڦاٽي رهيو هو. پوءِ به اکين مان هڪ ڳوڙهو نه وهيو. پنهنجي بزدل ڀاءُ جا ڪپڙا پائي گھر کان ٻاهر نڪتيس. ڪنهن کي به ڏسڻ جي فرصت نه هئي.
ان وقت تائين دز ۽ بارود جو دونهون، سپاهين جو گوڙ ۽ بندوقن جا آواز، سڀ بند ٿي چڪا هئا. ان جي جاءِ تي مُردن جي دردناڪ خاموشي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پکڙيل هئي. جمنا جي پاڻيءَ کي رت هاڻو ڪري سج به اُلهي چڪو هو، ۽ آسمان تي پورو چنڊ شام جو ئي نڪتو بيٺو هو.
لڙائي جي ميدان ۾ چوڏس لاشن جو هجڻ، خوفائتو منظر هو. ٻيو ڪو موقعو هجي ها ته درد ۽ غم سان منهنجي دل ڀرجي وڃي ها. پر ان ڏينهن خواب ۾ گم ٿيل شخص جيان ميدان ۾ گھمي رهي هيس. ڳولي رهي هيس ته ڪيشر لال ڪٿي آهي. انهيءَ هڪ ڌيان کان سواءِ باقي سڀ ڪجھه بي حقيقت ڀاسي رهيو هوم. ڳوليندي ڳوليندي اڌ رات گذرڻ کانپوءِ چنڊ جي روشنيءَ ۾، ميدان جي ويجھو جمنا ڪناري انب جي وڻ هيٺان ڪيشر لال ۽ سندس نمڪ حلال نوڪر دويڪي نندن جا لاش پيا هئا. آئون سمجھي ويس ته زخمي ٿيڻ کانپوءِ آقا نوڪر کي يا نوڪر آقا کي هن محفوظ جاءِ تي کڻي آيو ۽ پاڻ مري ويو.
پهريان ته مون ڪيترن ئي ڏينهن جو ارمان پورو ڪيو، جيڪو پورو ٿيڻ ممڪن نه هو. ڪيشر لال جي قدمن ۾ ويهي، پنهنجن گوڏن تائين لڙڪندڙ وارن سان هن جي پيرن کي صاف ڪيم. هن جي برف جهڙي پوتر پيرن کي پنهنجي گرم پيشاني تائين آندم. هن جا پير چمندي ڪيترن ئي ڏينهن کان جھليل ڳوڙها وهي پيا.
ايتري ۾ ڪيشر لال جي بدن ۾ ٿوري چرپر ٿي. اوچتو هن جو ڏکويل آواز ٻڌي ڇرڪي ويس. هن جو پير ڇڏي اٿي بيٺيس. هن بند اکين ۽ خشڪ ڳلي سان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ،“پاڻي.”
هڪدم آئون پنهنجي ڪپڙي جي ڪنڊ جمنا مان آلي ڪري آيس ۽ ڪيشر لال جي وات ۾ ڪپڙو نپوڙي پاڻي وجھڻ لڳيس. مون پنهنجي ڪپڙي جو آلو حصو ڦاڙي، هن جي زخمي ٿيل کاٻي اک ۽ پيشاني تي ٻڌي ڇڏيو.
اهڙي طرح کوڙ ڀيرا پاڻي هن جي وات ۾ وجھندي ۽ چهري تي ڇنڊا هڻندي رهيس. هن کي هوريان هوريان هوش اچڻ لڳو. مون کيس چيو ،“ ٻيو پاڻي آڻيان؟” ڪيشر لال پڇيو، “ تون ڪير آهين؟” مون چيو، “هي باندي اوهان جي نوڪرياڻي آهي. آئون نواب غلام قادر خان جي ڌيءَ آهيان.”مون سوچيو ته هو ڪيشر لال مرندي پنهنجي هڪ شيدائي جي سڃاڻ ساڻ کڻي ويندو ۽ ان خوشيءَ کان مون کي ڪو به محروم نه ڪري سگھندو.
منهنجي سڃاڻ ٻڌي ڪيشر لال شينهن جيان رڙ ڪري چيو ، “بي ايمان، بي ڌرم ڇوڪري، مون کي مرڻ وقت بي دين هٿن سان پاڻي ڏيئي منهنجو ڌرم نشٽ ڪري ڇڏيئي.” ايئن چئي هن سڄي هٿ سان منهنجي نرڙ تي ايڏي زور سان ٿڦڙ هنئي جو آئون هيٺ ڪري پيس ۽ منهنجي اکين ۾ اونداهه اچي وئي.
ان وقت آئون سورهن سالن جي هيس ۽ اهو پهريون ڏينهن هو جو آئون گھران نڪتي هيس. ان وقت تائين ٻاهر جي آڪاس تي سج جي لالچي ڪرڻن منهنجي جوانيءَ جي لوڻياٺ کي چورايو نه هو. ٻاهر جي سماج ۾ پير رکندي ئي سماج ۽ خاص ڪري منهنجي ديوتا اهڙي طرح آڌرڀاءُ ڪيو هو.
ايستائين آئون وساميل سگريٽ هٿ ۾ جھلي مورت جيان ويٺو هوس. ۽ ڪهاڻي ٻڌي رهيو هوس... مون کان نڪري ويو، “جانور!” نوابزادي چيو، “ڪير جانور؟ ڇا جانور موت جي اذيت وقت وات تي آيل پاڻي ناهي پيئندو؟”
آئون شرمائجي ويس. پوءِ چيم، “ها ٺيڪ آهي. هو ته ديوتا آهي.” نوابزاديءَ چيو ، “ڪهڙو ديوتا؟ ڇا ديوتا پنهنجي چاهڻ واري جي خلوص کي ٺڪرائي سگھي ٿو.”
مون چيو، “ها، اهو به ٺيڪ آهي.”
نوابزادي چوڻ لڳي، “پهريان ته ڏاڍو ڏک ٿيو. ايئن لڳو ڄڻ سڄو جهان ٽڪرا ٽڪرا ٿي منهنجي مٿي تي اچي ڪريو آهي. گهڙي پل کان پوءِ هوش آيو ته آئون ان ڪٺور، بي مورت ۽ بي حس پوتر، برهمڻ کي پري کان پيرين پيس. پنهنجي دل ۾ چيو ، “اي برهمڻ، تون غريب جي شيوا، غير جو اَنَ جل، امير جو عطيو، جوانڙيءِ جو جوڀن، عورت جو پريم، ڪجھه به بقول نه ٿو ڪرين. تون آزاد آهين. اڪيلو ۽ بي لغام آهين ۽ تو تائين پهچڻ ڏکيو آهي. تو وٽ پنهنجو پاڻ حوالي ڪرڻ جو به مون وٽ اختيار ڪونهي.”
نواب زاديءَ جو ڌرتيءَ تي مٿو رکيل ڏسي ان جو پرنام ڪندي ڪيشر لال ڇا سوچيو هوندو. آئون نٿي چئي سگھان. پر هن جي مک مان تعجب يا اهڙي ٻي ڪنهن به تبديليءَ جو اظهار نه ٿيو. اطمينان سان هڪ ڀيرو مون ڏانهن ڏٺائين. پوءِ هوريان هوريان اٿڻ لڳو. مون کيس سهارو ڏيڻ چاهيو، پر هن منهنجو هٿ هٽائي ڇڏيو. ڏاڍي ڏکيائي سان جمنا جي ڪناري آيو، جتي مسافرن کي پار پهچائڻ واري ٻيڙي ٻڌل هئي. ڪيشر لال ان کي کولي ٻيڙيءَ ۾ ويٺو. ٻيڙي وچ دريا ۾ پهچي ڌيري ڌيري اکين اڳيان گم ٿي وئي. منهنجي من ۾ آيو : پنهنجي دل جو سمورو بار، پنهنجي حسن ۽ ٺڪرايل محبت جو بار پاڻ سان گڏ کڻي، نظر کان گم ٿيل ان ٻيڙيءَ ڏانهن منهن ڪري، پنهنجا ٻئي هٿ گڏي اڌ رات جي چُپ ۾، وقت کان اڳ پهرين لام کان ڪريل مکڙيءَ وانگر، پنهنجي بنا ڪنهن ڪم واري زندگيءَ کي چانڊوڪيءَ ۾ ڇلڪندڙ سانتڪي جمنا ۾ پاڻ کي اڇلي ڇڏيان. پر ايئن نه ڪري سگھيس. آسمان تي چنڊ، جمنا جي هن پار اوندهه، گھاٽي ٻيلي ۾ وڻن جون قطارون، سانورو پاڻي، انهن سڀني بنا آواز موت جو گيت ڳايو. ان اڌ رات جو چنڊ، ستارن ۽ سيارن سان ٺهيل ٽنهي جهانن هڪ زبان ٿي مون کي موت جي دعوت ڏني. رڳو چپ چاپ ۽ پرسڪون جمنا ۾ ويندڙ نظرن کان ڏُور هڪ پراڻي ٻيڙي هن چانڊوڪيءَ ۾ مون کي موت جي هنج مان ڪڍي زندگيءَ جي دڳ تي وٺي هلڻ لڳي. ننڊ ۾ هلندڙ شخص جيان جمنا جي ڪناري، ڪڏهن ته جھنگ جي چڀندڙ گاهه تي ڪڏهن ريگستان جي واريءَ تي، ڪڏهن پٿرن جي پهاڙن تي ۽ ڪڏهن گھاٽي جھنگ مان لنگھندي رهيس.”
ايئن چئي هوءَ چپ ٿي وئي ۽ آئون به خاموش رهيس. چڱي خاصي دير کانپوءِ نوابزاديءَ چيو : “ ان کان پوءِ جا واقعا ڏاڍا الجھيل آهن. انهن کي ڪيئن سلجهائي بيان ڪيان. مون کي ته سمجھه ۾ ئي نه ٿو اچي. هڪ گھاٽي ۽ ڏکي ٻيلي مان هلي هيم. ڪهڙي رستي سان ٺيڪ هلي هيم ۽ ڪڏهن؟ اهو ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڪٿان شروع ڪيان ۽ ڪٿي انت ڪيان. ڪهڙيون ڳالهيون ڪيان، ڪهڙيون ڇڏيان؟ عمل کان ٻاهر ۽ فطرت جي ابتڙ معلوم نه ٿئي. پر اهو آئون ضرور سمجھي وئي آهيان ته ڏکي يا عمل کان ٻاهر ڪا به شيءِ ناهي. هڪ نوابزاديءَ جو محل مان نڪرڻ هڪ ڀوائتي ڳالهه لڳي ٿي. اهو سوچڻ واري جو وهم آهي. هڪ ڀيرو ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ چارو ملي ويندو آهي. ها پر اهو رڳو نوابي ناهي هوندو. پر رستو ته آهي. انهيءَ رستي تي ماڻهو لڳاتار هلندو آيو آهي. بيشڪ! اهو چارو تمام وڏو، لاهن چاڙهن وارو ۽ ڏکيو آهي. ۽ مختلف رستن ۾ ورهايل آهي. اهو رستو ڏک، سک ۽ رڪاوٽن ۾ الجھيل آهي، پر رستو ته آهي.
“انهيءَ عام رستي تي نواب زاديءَ جي اڪيلي سفر جي وارتا ٻڌندي ڪو مزو نه ايندو. جيڪڏهن مزو اچي به ته ان کي بيان ڪرڻ لاءِ منهنجو من نه مڃيندو. مختصر اهو ته مون کي ڏاڍي تڪليف ۽ ذلت کڻڻي پئي هئي. تڏهن به پنهنجي جيون مان ڪَڪ نه ٿيم. باهه جي راند جيان جيترو سڙندي ويم اوترو ئي اڀرندي ويس. جيستائين تيز هلي رهي هيس ان وقت مون کي احساس نه هو ته ڪو آئون سڙي به رهي آهيان. اڄ ان انتهائي اذيت ۽ غير محدود سرهائيءَ جي ميڻ بتي اوچتو وسامي وڃڻ تي، آئون اڄ هن رستي تي بيجان ٿي ويهي رهي آهيان. اڄ منهنجي پنڌ جي پچاڻي ٿي آهي. منهنجي ڪهاڻي به هتي ختم ٿئي ٿي.”
ايترو چئي نوابزادي چپ ٿي وئي. سوچيم ايئن ته ڪهاڻي ختم ئي نه ٿي سگھندي. کن پل رکي مون ٽٽل هندي ۾ عرض ڪيو، “ بي ادبي معاف ڪجو. آخر وارو حصو جيڪڏهن ٿورڙي وضاحت سان بيان ڪرڻ جي عنايت ڪندؤ ته منهنجي دل جي الجھن گھٽ ٿي ويندي.”
نواب زاديءَ کِلي ڏنو. مون ڏٺو ته منهنجي ٽٽل ڦٽل هندي ڪم اچي وئي ... هن ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو. “ڪيشر لال جي سڌ مون کي اڪثر پوندي هئي. پر هن سان ملڻ جو موقعو ئي نه ملي سگھيو. تانيتا ٽوپي جي ٽولي ۾ شامل ٿي، هو بغاوت واري آسمان هيٺان هو. ڪڏهن پورب ڏانهن ته ڪڏهن پڇم جي ڏس ۾. ڪڏهن اتر ڏانهن ته ڪڏهن ڏکڻ ۾، کنوڻ وانگر چمڪي ظاهر ٿي ۽ گم ٿي ويندو هو.
آئون ان وقت جوڳڻ بڻجي ڪشي جي شيب آند سوامي کي بابا چئي، ان وٽ سنسڪرت شاستر سکي رهي هئس. هندستان جون سموريون خبرون هن وٽ اينديون هيون. آئون اعتقاد سان شاستر سکي رهي هيس ۽ درد سان ڀرجي بي چينيءَ سان گڏ لڙائي جون خبرون ٻڌي رهي هيس.
هوريان هوريان برٽش راڄ هندستان ۾ بغاوت جي باهه کي پيرن سان چيڀاٽي ڇڏيو. پوءِ ته ڪيشر لال جون خبرون به هڪدم بند ٿي ويون. انقلاب جي خطرناڪ فضا ۾ رت جي شعاعن سان ڀارت جي جن شينهن مڙسن جون تصويرون منهنجي اکين ۾ اينديون هيون، اهي به اچتو اونداهه ۾ لڪي ويون.
تڏهن آئون اتي به رهي سگھيس. پنهنجي گرو جي ڇانو ڇڏي، جوڳڻ جو ويس اوڍي نڪري پيس. رستن تي رليس، ڪيترن ئي مندرن ۽ تيرٿن جا چڪر هنيم. ڪيشر لال ڪٿي به نه مليو. ڪجھه اهڙا ماڻهو ضرور مليا، جيڪي هن جي نالي کان واقف هئا. انهن چيو ، “يا ته لڙائي ۾ شهيد ٿي ويو آهي يا ڪنهن قيد خاني ۾ بند آهي.” منهنجي من جي گهراين مان آواز آيو. ڪيشر لال ڪڏهن به مري نٿو سگھي...
هندو شاستر ۾ آهي ته علم، عبادت ۽ رياضت سان شودر برهمڻ ٿي ويو آهي. مسلمان برهمڻ ٿي سگھي ٿو يا نه، ان جو ڪٿي به ذڪر ناهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته ان وقت مسلمان نه هئا.
آئون ڄاڻيان پئي ته ڪيشر لال سان ملڻ لاءِ مون کي اڃا به دير لڳندي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته مون کي ان لاءِ پهرين برهمڻ ٿيڻو هو. هڪ هڪ ڪري ٽيهه سال گذري ويا. آئون هلت چلت ۽ طور طريقن سان اندر ۽ ٻاهر پنهنجي دل ۽ جان سان برهمڻ ٿي ويس. منهنجي برهمڻ ڏاڏيءَ جو پوتر خون منهنجي سموري جسم ۾ پيهي ويو هو. جوان ٿيڻ ويل دل ئي دل ۾ برهمڻ ٿيڻ جي شروعات ٿي هئي ۽ جواني گذري وڃڻ کانپوءِ آئون چڱي ريت برهمڻ ٿي ويس. تڏهن ئي ته مون بنا رنڊڪ جي پنهنجي سموري جهان جي هڪ برهمڻ جي پيرن تي فنا ۽ بقا جي چمڪندڙ زندگي ماڻي.
انقلابي جنگ دوران ڪيشر لال جي بهادري جون ڳالهيون ڏاڍيون ٻڌيون هيم، پر انهن ڳالهين جو منهنجي دل تي ڪو خاص اثر نه ٿيو هو. مون جيڪو ڏٺو هو، چانڊوڪيءَ رات ۾ جمنا جي وچ ۾ ڪيشر لال هڪ ٻيڙيءَ تي چُپ چاپ اڪيلو وهندو وڃي رهيو هو. اهو ئي نقش منهنجي من ۾ رهجي ويو هو. آئون هر وقت اهو ڏسي رهي هيس. برهمڻ اڪيلو درياهه جي موج تي ٻيڙيءَ ۾ وَهندو ڪنهن اڻ ڏٺي هنڌ ڏانهن، ڪنهن قصد جي ڳولا ۾ وڃي رهيو آهي. نه ان جو ڪو سنگتي آهي ۽ نه ئي نوڪر، هن کي ڪنهن جي به گھرج ناهي. هو بي عيب ۽ خود دار جوان پنهنجي لاءِ پاڻ ئي کوڙ آهي. آڪاش تي چنڊ، ستارا ۽ سيارا خاموشيءَ سان هن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن.
ايتري ۾ سُڌِ مليم ته ڪيشر لال شاهي سزا کان ڀڄي نيپال وڃي لڪيو آهي. آئون نيپال ويس. اتي کوڙ ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته ڪيشر لال نيپال ڇڏي هليو ويو آهي. تڏهن کان آئون پهاڙي پربت ۾ گھمي رهي آهيان. هي هندن جو ديس ناهي. ڀُٽيا ۽ پچا، ناپاڪ ۽ مليچ قوم آهي. هنن ۾ کائڻ پيئڻ ۽ رهڻ جو ڪو فرق ناهي. هنن جا ديوتا ۽ پوڄا پاٺ سڀ ئي الڳ آهن. کوڙ ڏينهن جي رياضت کانپوءِ مون جيڪا خاص پاڪائي حاصل ڪئي هئي، ڊڄي رهي هيس ته ڪٿي ان ۾ داغ نه لڳي وڃي. مون ڏاڍي ڏکيائي سان ناپاڪي کي پاڻ کان پري رکيو. آئون ڄاڻي رهي هيس ته منهنجي ٻيڙي ڪناري اچي لڳي آهي ۽ منهنجي زندگيءَ جي آخري منزل ويجھي آهي. ان کان پوءِ ٻيو ڇا چوان؟” آخري ڳالهه تمام مختصر آهي. ڏيئو جڏهن وسامندو آهي ته هڪ ڦوڪ سان وسامي ويندو آهي. ان وضاحت سان ڇا بيان ڪيان؟
“اٺٽيهن سالن کانپوءِ هن ئي دارجلنگ ۾ اچي اڄ صبح ڪيشر لال کي ڏٺم.” هن کي چپ ڏسي بي چينيءَ سان پڇيم، “ توهان ڇا ڏٺو؟”
نواب زاديءَ چيو :“ مون ڏٺو ته ڦاٽل پراڻن ڪپڙن ۾ اداس ۽ غمگين حالت ۾ پوڙهو ڪيشر لال هڪ ڀوٽين جي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڀوٽيا پوڙهي زال ۽ انهيءَ مان ڏهٽن ۽ ڏهٽين سان ڪم ڪري رهيو آهي.”
ڪهاڻي ختم ٿي وئي. سوچيم هن جي دلجوئي لاءِ ڪجھه چوڻ کپي. چيم: “اٺٽيهه سال لڳاتار جنهن شخص کي پنهنجي جان لاءِ ٻي مذهب جي ماڻهن سان هر وقت ملڻو پيو آهي، اهو ڪيئن ايترا ڏينهن پنهنجن طريقن ۽ عادتن کي هڪ جھڙو رکي سگھيو آهي؟” نواب زاديءَ چيو :“ ڇا آئون اها ڳالهه نٿي سمجھان. پر ايترا ڏينهن آئون ڪهڙي دوکي ۾ ڦاسي گھمي رهي هيس. مون کي ڪهڙي خبر ته جنهن ڇڪ منهنجي ننڍپڻ جو من موهيو، اها روحانيت نه هئي پر هڪ ساڙ هو ۽ گھڻن ڏينهن جي عادت جو اظهار هو. پر مون سمجھيو هو ته اها هڪ الوهيت (رب جو هجڻ) هئي. جنهن جو نه منڍ آهي ۽ نه ئي انت. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته پوءِ ڪهڙو ڪارڻ هو جو جڏهن سورهن ورهين جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي گھر مان نڪتيس ۽ ان چانڊوڪيءَ رات ۾ وڏي دل سان پنهنجي جند جان وارڻ جي موٽ ۾ مون کي برهمڻ جي ٿڦڙ ملي. اها برداشت کان وڌيڪ ذلت هئي. تڏهن به چپ چاپ ان کي به پنهنجي گرو جو انعام سمجي، اڃا به وڌيڪ احترام سان هن اڳيان ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
“اي برهمڻ! تو ته پنهنجي هڪ عادت جي جاءِ تي ٻي عادت اختيار ڪئي آهي. آئون پنهنجي هڪ ئي جوڀن ۽ هڪ ئي زندگيءَ عيوض ٻيو جوڀن ۽ ٻي زندگي ڪٿان وٺان؟”
ايئن چئي هوءَ اٿي بيٺي ۽ مون کي چيائين :“ نمسڪار بابو جي”. تڪڙ ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي ٻيهر چيائين “سلام سائين”. انهيءَ مسلماني خطاب سان ڄڻ ته هن مٽيءَ ۾ مليل برهمڻيت کي آخري ڀيرو الوداع ڪيو. منهنجي ڪجھه چوڻ کان اڳ هوءَ اونداهي ڌنڌ سان وچڙيل هماليا جبل ۾ ڪڪر جيان گم ٿي وئي.
آئون ڪجهه دير تائين اکيون بند ڪري انهن سمورن واقعن جي نقشي کي پنهنجي دل جي آئيني ۾ ڏسندو رهيس. ڏٺم ته پنهنجي محل ۾ جمنا ڪناري سورهن سالن جي نوابزادي آرام سان ويٺي آهي. پوءِ هن کي تيرٿ ياترا ڪندي مندرن ۾ صبح شام نياز ۽ نوڙت سان عبادت ۽ رياضت ۾ ڏٺم. ان کانپوءِ هن دارجلنگ ۾ ڪلڪتي روڊ ڪناري ڌنڌ سان ڇانيل هن دل هاري ڏکياري جو مايوس منهن ڏٺم. هڪ جوانڙي جي رڳن ۾ هندو ۽ مسلمان رتن جي ٽڪرائڻ سان جيڪو سنگيت نڪري رهيو هو، اهو مٺي زبان جي ملڻ سان منهنجي ذهن ۾ گونجڻ لڳو.
اک کولي ڏٺم ته اوچتو ڪڪرن جي هٽڻ سان خوشگوار اُس ۾ آڪاش چمڪي رهيو آهي. انگريز عورتون رڪشائن ۾ ۽ مرد گھوڙن تي سوار ٿي هوا کائڻ لاءِ نڪتا آهن. هڪ ٻن بنگالين جا ٻٽ ۾ ويڙهيل چهرا به نظر اچن ٿا. انهن مان ڪجھه مون ڏانهن ڏسندا وڃن ٿا.
تڪڙ ۾ اٿي بيٺس. سج ۾ چمڪندڙ چؤڏس دنيا ڏسي مون کي ڪڪرن ۾ لڪل اها ڪهاڻي سچي معلوم نه ٿي ٿئي. هاڻي منهنجو خيال آهي ته ڌنڌ سان پنهنجي سگريٽ جو دونهون چڱي طرح ملائي، مون هڪ فرضي ڪهاڻي گھڙي هئي.
هوءَ مسلمان برهمڻ، هو بهادر برهمڻ، هو جمنا ڪناري جو قلعو، شايد ڪا به شيءِ سچ نه هجي. (بنگالي ڪهاڻي_ ليکڪ: رابندر ناٿ ٽئگور).

ٽئگور جي گيتا نجليءَ جا ڪجھه صفحا ...

آئون سڄي زندگي پنهنجن گيتن جو ڏيئو کڻي توکي ڳوليندو رهيس.
اهي منهنجا گيت هئا، جيڪي مون کي در در رُلائيندا رهيا ۽ انهن جي ذريعي آئون پنهنجو پاڻ کي وڃائيندو رهيس ۽ پنهنجي دنيا کي ڇهندو رهيس.
اهي منهنجا راڳ هئا جن مون کي سڀ ڪجھه سيکاريو. سڀ ڪجھه پڙهايو.
انهن مون کي وڃايل راهن جو ڏس ڏنو. انهن ئي منهنجي دل جي اُڀ تي کڙندڙ تارا ڏيکاريا.
انهن ڏک ۽ سک جي ديس جي لڪل ۽ ڳجھين منزلن ڏي منهنجي سڄي زندگي رهنمائي ڪئي ۽ آخرڪار هڪڙي راج محل جي ڦاٽڪ تي سفر جي پوري ٿيڻ تي منهنجي شامِ غريبان ڪرائي.
آئون اڪيلو نڪري آيو آهيان ۽ مقرر وقت تي پنهنجو وعدو پورو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.
پر هي ڪير آهي جيڪو اونداهه جي خاموشيءَ ۾ منهنجي پٺيان پٺيان هلندو اچي؟
آئون هن جي موجودگي کان پاڻ ڇڏائڻ خاطر رستي جي ڪپر تي ٿي بيهان ٿو پر هن کان جان ڇڏائي نٿو سگهان.
هو پنهنجي آڪڙ واري هلڻيءَ سان مٽيءَ جا تهه اڏائيندو اڳيان وڌندو وڃي. هر ان لفظ ۾ جيڪو آئون ڳالهايان ٿو ان ۾ کهرائي ۽ وڏو آواز ڀريو ڇڏي.
اي منهنجا مالڪ اها منهنجي ئي هڪ ننڍڙي خودي آهي، جيڪا بي شرم آهي، پر هن سان گڏ تنهنجي چائنٺ تي ايندي مون کي شرم ٿئي ٿو.
ماڻهن جي پٺيان تون ڪٿي بيٺو آهين اي منهنجا عاشق! پاڇولن ۾ پنهنجو پاڻ کي ڇو لڪائي ڇڏيو اٿئي؟ ماڻهو توکي ڌڪا ڏيندي ڌوڙاٽيل رستي تان لنگھيو وڃن. هو توکي رستي جي دز سمجھن ٿا. آئون هتي هڪ ٿڪائيندڙ انتظار ڪلاڪن کان ڪري رهي آهيان_ پنهنجا عقيدت جي نذراني جا گل سجائي. واٽهڙو هتان لنگھڻ وقت هڪ هڪ ڪري منهنجا گل کڻيو وڃن ۽ منهنجي ڇٻڙي اجھا ته خالي ٿي.
صبح گذري چڪو آهي ۽ منجھند به پوين پساهن ۾ آهي. شام جا پاڇولا وڏا ٿي رهيا آهن ۽ منهنجيون اکيون ننڊ کان ڳريون ٿي رهيون آهن. ماڻهو پنهنجي گھرن ڏي واپس ويندي مون تي مٿاڇريون نظرون وجهن ٿا. هو مرڪن ٿا ۽ آئون شرم ۾ ٻڏيو وڃان. آئون هڪ پينو فقيرياڻيءَ وانگر ويٺي آهيان_ پنهنجي جھول پنهنجي منهن تي وڇائي ۽ جڏهن ماڻهو مون کان پڇن ٿا ته مون کي ڇا کپي ته آئون نظرون هيٺ ڪريو ڇڏيان ۽ آئون هنن کي ڪو به جواب ڏئي نٿي سگھان.
آئون انهن ماڻهن کي ڀلا اهو ڪيئن ٿي چئي سگھان ته تو لاءِ آئون هتي منتظر آهيان ۽ تو اچڻ جو واعدو ڪيو آهي. آئون شرم ۾ ٻڏل، ماڻهن کي ڪيئن چئي سگھنديس ته مون غربت کي پنهنجي ڏيج وانگر رکي ڇڏيو آهي. مون ته پنهنجي دل جي راز کي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي.
آئون هيٺ گاهه تي ويٺي آهيان ۽ آسمان ڏي نظرون کڻي تنهنجي اوچتي اچڻ جي شان شوڪت جا خواب ڏسي رهي آهيان. جڏهن سڀ ڏيا ٻري ويندا ۽ تنهنجي سونهري گھوڙن واري رٿ اچي ويندي ته سڀ واٽهڙو حيرت مان ڏسڻ لڳندا ته تون رٿ مان پنهنجي جاءِ تان هيٺ لهي مون کي پٽ تان کڻي رهيو آهين ۽ مون جهڙي فقيرياڻيءَ کي پنهنجي ڀر ۾ وهاري عزت بخشي اٿئي.
پر وقت گذرندو وڃي ۽ اڃا تائين تنهنجي رٿ گاڏيءَ جي ڦيٿن جو آواز نه آيو آهي. ڪيترائي جلوس گذري رهيا آهن_ شاندار، ڌوم ڌام ۽ بئنڊ باجن وارا. ڇا فقط تون ئي پاڇولن ۾ لڪي ماڻهن پٺيان بيٺو رهندين؟ ۽ ڇا فقط آئون ئي انتظار ۾ رهنديس ۽ روئيندي رهنديس ۽ ڪڏهن به پوري نه ٿيندڙ آس جي ڏک ۾ پنهنجي جان وڃائي ويهنديس.

اڄ ڏينهن جو سوير سوير اها ڀڻ ڀڻ ٻڌڻ ۾ آئي ته پاڻ ٻيڙيءَ جي سير تي نڪرنداسين. فقط تون هوندين ۽ آئون. دنيا جي ٻئي بني بشر کي ڪا خبر نه هوندي_ پنهنجي هن تيرٿ ياترا جي_ جنهن جي منزل نه ڪو ديس آهي ۽ نه جيڪا ڪڏهن ختم ٿيڻ جي آهي.
هن بي ڪنار سمونڊ ۾ تنهنجي ماٺ ۾ مرڪندڙ سڌ ۽ ڌيان تي منهنجن گيتن جا سر ۽ انهن جا آلاپ لهرن وانگر آزاد لفظن جي ڳانڍاپي کان آزاد فضا ۾ گونجندا.
ڇا اڃا وقت نه آيو آهي؟ ڇا اڃا ڪجھه ڪم باقي رهجي ويا آهن؟ ڏس، ڪناري تي شام ٽُٻي هڻي چڪي آهي ۽ سامونڊي پکي پنهنجن آکيرن ۾ موٽي رهيا آهن. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته زنجيرون ڪڏهن کلنديون ۽ اسان جي ٻيڙي لهندڙ سج جي آخري ديدار وانگر ڪنهن وقت رات جي اونداهي ڪانڀار ۾ اکين کان غائب ٿي ويندي.

جتي دماغ خوف کان آزاد هجي، جتي ماڻهن جا ڪنڌ بلند هجن، جتي علم تي ڪا پابندي نه هجي.
جتي مڪاني حدبندين جي ڀتين سان دنيا کي ٽڪرا ٽڪرا نه ڪيو ويو آهي.
جتي لفظ صداقت جي اونهائين مان نڪرندا هجن.
جتي اڻ ورچ محنت عروج ڏي پنهنجيون ٻانهون وڇائي.
جتي عقل جو شفاف چشمو مئل ريتن جي ريگستان جي واريءَ ۾ پنهنجو رستو وڃائي.
آزاديءَ جي ان جنت ۾ اي منهنجا پيءُ، منهنجي ملڪ کي جاڳڻ نصيب ٿئي.
ڇا تو هن جي قدمن جو جھيڻو آواز نه ٻڌو؟ هو اچي ٿو اچي ٿو.... برابر ايندو رهي ٿو.
هر لمحي، هر زماني، هر رات جو هو اچي ٿو، اچي ٿو، برابر ايندو رهي ٿو.
مون ڪيترائي گيت ڳايا آهن، ڪيترين ئي ذهني ڪيفيتن ۾ پر ان جي سڀني سرن ۽ گيتن هميشه اهو ئي اعلان ڪيو ته هو اچي ٿو برابر ايندو رهي ٿو.
بيساک جي سڳنڌ سان ڀرپور ڏينهن ۾، جنگلن جي رستن کان هو اچي ٿو، برابر ايندو رهي ٿو.
سانوڻيءَ جي ڀنل ۽ اونداهين راتين ۾ ڪڪرن جي گجندڙ رٿ گاڏيءَ تي هو اچي ٿو، اچي ٿو، برابر ايندو رهي ٿو.
غم بعد ٻئي غم ۾ اهي قدم هن جا ئي هوندا آهن، جن جو دٻاءُ منهنجي دل تي پوي ٿو ۽ هن جي پيرن جو سنهري ڇهاءُ ٿئي ٿو، جيڪو منهنجي خوشيءَ ۾ واڌارو آڻي ٿو.

جڏهن ڏينهن هو ته هو ماڻهو منهنجي گھر ۾ آيا ۽ چيو، “اسان کي هتي فقط سڀ کان ننڍڙو ڪمرو کپي.”
هنن چيو: “اسين تنهنجي ديوتا جي پوڄا ۾ تنهنجي مدد ڪنداسين ۽ نهايت عجز ۽ انڪساريءَ سان ديوتا جي ڏنل خير ۽ برڪت ۾ فقط اهو حصو قبول ڪنداسين، جنهن تي اسان جو حق ٿيندو.”
۽ پوءِ هو ماڻهو چپڙي ڪري هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيا. پر پوءِ رات جي اونداهه ۾ ڇا ٿو ڏسان ته هنن اسان جي پوڄا جي پاڪ مندر ۾ کڻي کاٽ هنيو آهي ۽ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي هڪ هنگامو کڻي برپا ڪيو آهي. هو ناپاڪ لالچ سان ڀڳوان جي اڳيان رکيل هن جي نالي جون شيون چورائي رهيا آهن.”

آئون جيڪي ڪجھه آهيان ان جو فقط اهو ننڍي کان ننڍو حصو رهڻ ڏي، جيڪو توکي پنهنجو سڏي.
مهنجي پختي ارادي جو فقط ايترو ٿورو حصو رهڻ ڏي جيڪو مون کي هر طرف تنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ۽ هر ڳالهه لاءِ مون کي تو وٽ وٺي اچي ۽ جيڪو هر لمحي مون کي پنهنجي محبت توتي نذر ڪرڻ ڏئي.
منهنجي ڳانڍاپي جو فقط اهو ٿوري کان ٿورو عرصو باقي رهڻ ڏي، جيڪو مون کي تنهنجي رضا ۽ مرضيءَ سان لاڳو رکي جيئن منهنجي زندگي تنهنجي مقصد جو پورائو ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگھي ۽ اهو ڳانڍاپو تنهنجي پيار جو ڳانڍاپو آهي.

جيڪي ماڻهو هن دنيا ۾ مون سان پيار ڪن ٿا اهي مڙني طريقن سان مون کي ٻڌي رکڻ چاهين ٿا.
پر اها ڳالهه ناهي تنهنجي پيار ۾. تنهنجو پيار ٻين ماڻهن جي پيار کان تمام اُتم آهي. ۽ تون مون کي ٻڌي نٿو رکين.
ڪٿي ائين نه ٿئي جو آئون هنن کي وساري ڇڏيان. ان ڊپ کان هو مون کي اڪيلو ڇڏڻ جي همت نٿا سارين. پر ڏينهن مٿان ڏينهن گذرندا وڃن، پر تون ڏيکائي نٿو ڏين.
جيڪڏهن آئون پنهنجين عادتن ۾ توکي نه سڏيان، جيڪڏهن آئون پنهنجي دل ۾ توکي محفوظ نه رکان، ته به مون کي يقين آهي ته تنهنجو پيار منهنجي پيار جو انتظار ڪندو.

ليليٰ جي شادي

آخرڪار ليليٰ جي ماءُ آيل مائٽي قبول ڪئي ۽ چيو، “هاڻ ليليٰ کي مجنونءَ جي ئي حوالي ڪنديس.”
ٻڌڻ وارا اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا. ماڻهن ليليٰ جي ماءُ کي مبارڪون ڏنيون. مجنون ويچارو ڪيڏي عرصي کان ليليٰ پٺيان تڙڦي رهيو هو. عاشقي خاطر هو هن دنيا ۽ ٻئي جهان ۾ بدنام ٿي چڪو هو. جتي ڪٿي سندس خواري ٿي رهي هئي ۽ سندس مٿي تي عشق جو ڀوت سوار هو. بهرحال ليليٰ جي ماءُ اهو فيصلو ڏاڍو سٺو ڪيو. عاشق معشوق جي جوڙي پاڻ ۾ ملي ويندي. ٻنهي جو ڀلو ٿيندو.
۽ هوڏانهن ليليٰ جي ماءُ شاديءَ جي ڪاڄ جي بجيٽ ٺاهي رهي هئي. “ستر وال ڪمخواب، هڪ سؤ ستر وال تنزيب، سترهن ڳوڻيون ڪڻڪ، ويهه ڳوڻيون چانور ۽ پنڌرهن دٻا گيهه....!”
بجيٽ ته ٺهي وئي، مائٽن مٽن ۽ پاڙي وارن ان کي پاس به ڪري ورتو پر سيڌو سامان ڪيئن ملي؟ ليليٰ ماءُ بازار ۾ وڃي ڏٺو ته سيڌي وارن ميلو مچائي رکيو آهي. تيل وارا پنهنجا پنهنجا دڪان بند ڪري ستا پيا آهن. بازار جي دڪانن ۾ ڏنڊا هلي رهيا آهن. هيءَ جرمنيءَ جي جنگ ڇا ٿي، جو سڀني لاءِ آفت اچي وئي. ليليٰ جي ماءُ گھٻرائجي وئي. ماڻهن جي پيهه پيهان ۽ ڌڪ ڌڪان ۾ سندس هڏ گُڏ نه ڀڄي پون. منهنجا مولا هاڻ آئون ڇا ڪريان؟
اوچتو اوندهه ۾ ڄڻ کنوڻ جو تجلو ٿيو. هن کي ماڻهن جي ميڙ ۾ مجنون نظر اچي ويو. شاديءَ جي خوشيءَ ۾ هو دوستن سان گڏ سير تي نڪتو هو. ليليٰ جي ماءُ هن وٽ پهچي هن کي منٿ ميڙ ڪئي، ته: “ميان مجنون ڪا همت ته ڪر. هيءَ شادي ٿي يا مصيبت ٿي. ڪا شيءِ نٿي ملي پٽ. هر دڪاندار مال لڪايو ويٺو آهي ته سڀاڻي اگھه ڪري ته پوءِ مهانگو ڪري وڪڻجي. ڏس مجبنون! تون مڙس ماڻهو آهين ڪا مدد ڪر. تنهنجي ئي شاديءَ جي ڪاڄ جو سامان آهي. آئون تنهنجي ٿورائتي رهنديس.”
مجنون مونجھاري ۾ اچي ويو. اکيون ڦاڙي حيرت مان چيو، “ماسي تون به ڪمال ٿي ڪرين! ڇا تون چاهين ٿي ته آئون هيڏي پيهه پيهان ۾ وڃي ڪڻڪ خريد ڪري اچان؟”
“ها پٽ. ڪا گھڻي نٿي چوانءِ، فقط سترهن ڳوڻيون.”
سترهن ڳوڻيون! ٻڌڻ سان مجنونءَ جي اکين اڳيان سترهن هزار تارا چمڪڻ لڳا. ڪوهه قاف جبل تان ٿي اچڻ سولو ڪم آهي پر سترهن ڳوڻيون ڪڻڪ جون خريد ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. پگھر ۾ شل ٿيندي مجنونءَ جواب ڏنو:“ اهو ته ناممڪن آهي ماسي جان. ٽن سيرن جي ڳالهه هجي ته کڻي باهه ۾ ٽپو ڏيان ۽ ليليٰ جو نالو وٺي ميڙ ۾ ڌوڪي وڃان ۽ ٽي سير ڪڻڪ خريد ڪري اچان.”
ليليٰ جي ماءُ چيو: “پر هي شاديءَ جو معاملو آهي. سترهن ڳوڻين کان گھٽ مان ڪم هلي نه سگھندو.”
مجنونءَ ٿڌو ساهه کڻي جواب ڏنو، “هاڻ شادي ٿئي يا نه ٿئي، ڪڻڪ جون سترهن ڳوڻيون ته توهان کي ڪنهن به صورت ۾ ملي نه سگھنديون.”
مجنونءَ جي ان جواب ٻڌڻ سان ليليٰ جي ماءُ کي ڊپريشن ٿي پيئي. اکين ۾ ڳوڙها آڻي چوڻ لڳي، “ته ڇا تون چاهين ٿو ته ڪڻڪ نه ملڻ ڪري ليليٰ جي شادي توسان نه ڪرايان؟”
مجنونءَ چيو: “آئون چاهيان ته نٿو پر ڇا ڪريان مجبوري آهي.”
“ ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته هيءَ شادي نه ٿي سگھندي؟”
“شادي ته ٿي سگھي ٿي پر شاديءَ ۾ ڪڻڪ نه هوندي.”
“آئون چوان ٿي ته ڪڻڪ بنا شادي ڪيئن ٿي سگھي ٿي.”
“ ته پوءِ واقعي هيءَ شادي ٿيڻ مشڪل ڪم آهي.”
“تنهنجي معنيٰ مجنون، تون ڪجھه نه ڪري سگھندين؟”
“ان معاملي ۾ آئون ڪري ئي ڇا ٿو سگھان، ماسي.”
ان وقت ليليٰ جي ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ٽمي رهيا هئا ۽ هوءَ وچ بازار ۾ بيٺي هئي.
شهر جي بدنام غنڊي عثمان جي نظر هن تي پيئي. ليليٰ جي ماءُ وٽ وڃي هن روئڻ جو ڪارڻ پڇيو.
ليليٰ جي ماءُ روئيندي رهي. سڀ ڪجهه ٻڌڻ بعد عثمان چيو، “انهن سڀني شين جو ملڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. تون جيڪي چئين اهو خريد ڪري ڏيانءِ پر دنيا ۾ هڪ ئي ڇوڪرو مجنون ته نه آهي. آئون به ته ليليٰ لاءِ ڪڏهن کان مري رهيو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان گڏهه مجنونءَ وانگر جتي ڪٿي پيار محبت جون هينگون نٿو ڏيندو وتان. ڏس جيڪڏهن ليليٰ جي شادي مونسان ڪرائين سگھين ته ...”
۽ ماڻهن جي ميڙ کي چيريندو عثمان دڪاندار وٽ پهچي ويو. “ها ٿلها سيٺ! لاهيان موچڙو يا شرافت مان سترهن ڳوڻيون ڪڻڪ جون ڪڍي ٿو ڏين؟”
دڪاندار ڊڄندي چيو، “سترهن ڳوڻيون؟”
“ها. ها. سترهن کان سترهن سؤ ڳوڻين تائين توکي ڏيڻيون پونديون. جيڪڏهن سمجھين ٿو ته اهو ڪم نه ڪري سگھندي ته پوءِ آئون هوندس يا وري تون.”
دڪاندار عثمان جي ڪن وٽ بيهي ڪجھه منٿ ميڙ ڪرڻ لڳو. “توکي جيڪي شيون کپن انهن جي لسٽ ڏئي وڃ. هر هڪ شيءِ جتي چوندين پهچي ويندي. پئسن جي به ڪا ڳالهه نه آهي. سمجھي وئين نه؟”
۽ پوءِ ڪڻڪ، چانور ۽ ٻيو سيڌو گاڏي تي رکرائي ليليٰ جي ماءُ جي گھر پهچايو ويو.
هينئر هينئر اڄ جي اخبار ۾ پڙهي رهيو آهيان ته ليليٰ جي شادي ان ئي عثمان غنڊي سان ٿيڻ واري آهي. ۽ سندس جڳ مشهور عاشق ميان مجنون نا اميد ٿي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو آهي.

(هندي ڪهاڻي_ڪهاڻيڪار: راڌا ڪرشن)

ڌنڌ

بقر عيد جو موقعو هو. ماڻهو وڏي آواز ۾ ذڪر ڪندا ميٽرو انٽر نيشنل بلڊنگ جي وڏي هال ۾ داخل ٿيڻ لڳا.
“الله تمام وڏو آهي. الله تمام وڏو آهي. الله کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ناهي. الله تمام وڏو آهي. الله تمام وڏو آهي.”
جيتوڻيڪ اونهارو شروع ٿي ويو هو، پر اتر آمريڪا جي هن ملڪ ڪئناڊا ۾ اڃا سخت سيءُ هلي رهيو هو. سيءَ ۽ هلڪي هلڪي برسات هوندي به ماڻهن جا انبوهه نماز لاءِ اچي رهيا هئا. خاندانن پٺيان خاندان اچي رهيا هئا_ نوجوان ۽ ضعيف عورتون توڙي مرد، ننڍا وڏا ڇوڪرا ڇوڪريون. وڏي هال جي حدن ۾ اچڻ بعد مرد ۽ عورتون ڌار ڌار ٿي رهيا هئا. عورتون ساڄي پاسي واري دروازي کان داخل ٿي رهيون هيون، مرد ماڻهو ۽ ڇوڪرا وڏي هال جي کاٻي دروازي مان لنگھي هال ۾ اڳيان صفن ۾ ٿي ويٺا ٿي.
موٽر ڪارن جي پکڙيل پارڪنگ لاٽ ۾ نگهباني ڪرڻ واري هڪ رضاڪار رڪن پنهنجي هٿ ۾ جھليل واڪي ٽاڪيءَ جا نمبر دٻايا. ٻئي طرف انتظاميا جي اعزازي رڪن اهو ڪال رسيو ڪيو ۽ پڇيو:
“هيلو هيلو! ڇا ڳالهه آهي؟”
“جناب! ڇا توهان مون کي اهو ٻڌائي سگھندائو ته هن پارڪنگ لاٽ ۾ ڪيتريون ڪارون بيهي سگھن ٿيون؟”
“چار هزار ڪارون ته پڪ ئي پڪ بيهي سگھن ٿيون، پر توهان ڇو پيا پڇو؟”
“هي لاٽ ڀرجي چڪو آهي جناب، پر ايندڙ ڪارن جي ڊگھي قطار اڃا تائين نظر اچي پئي. توهان يڪدم گيٽ تي ڪنهن والنٽير کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ بورڊ لڳائي ڇڏيو ته هي لاٽ فل ٿي ويو آهي.”
“واهه! واهه!” انتظاميا جي هن رڪن ٻئي رڪن کي چيو. “چار هزار ڪارن جي پارڪنگ رکڻ وارو هي ميدان ڀرجي چڪو آهي. يعني پنڌرهن هزار ماڻهو گڏ ٿي چڪا آهن.”
پارڪنگ لاٽ جي رضاڪار رڪن انتظاميا جي ڪارڪن کي وري سڏ ڪيو:
“ايندڙ ڪارن کي پارڪ ڪرائڻ لاءِ ڪو ٻيو انتظام جلد ڪرڻو پوندو، جي نه ته ٽرئفڪ جام ٿي ويندي ۽ ان کي سلجھائڻ لاءِ تمام گھڻو وقت لڳندو.”
ٻيو رڪن پهرين رضاڪار کي جواب ڏئي رهيو هو، “هن دفعي عيد ويڪ اينڊ تي آئي آهي ان ڪري اهي ماڻهو به اچي ويا آهن جن جو ٻي صورت ۾ پنهنجي آفيس يا جاب تان موڪل ٿيڻ مشڪل ٿي پوي ها.”
“ها تنهنجو تجربو بلڪل صحيح آهي.”
نماز ڪميٽيءَ جي ٽين ميمبر چيو، “اهو به نه وسارجو ته هن ڀيري هتي جي سڀني عالمن جو پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتحاد ٿيو آهي، ان ڪري پنهنجي هن شهر ۾ پنهنجي برادريءَ جا سڀ ماڻهو گڏ ٿي هڪ ئي ڏينهن عيد ملهائي رهيا آهن نه ته عالمن ۾ اختلاف هجڻ ڪري ٻه عيدون ته عام طرح نه ته ڪڏهن ڪڏهن ٽي عيدون به پنهنجي وچ ۾ اينديون رهيون آهن.”
“اهڙيون عيدون پنهنجين خوشين جو به ورهاڱو ڪريو ڇڏين ۽ ٻين گروپن: عيسائين، يهودين، هندن وغيره اڳيان اسان تان چرچا ڪرائڻ جو سبب بڻجن ٿيون.”
“اڄ جي اسان جي هن ڪاميابيءَ جو ڇٽ اسان جي نئين مقرر ڪيل پيش امام جي مٿي تي آهي. هن هتي هلال ڪميٽي ٺاهي، جنهن جو ڪم چنڊ جي نظر اچڻ يا نه اچڻ جو فيصلو ڪرڻ مقرر ڪيو ۽ مذهب جي نالي وڏو آواز ڪڍڻ وارن ٺيڪيدارن کي هڪ مرڪز تي وٺي آيو، جيئن عيد جي ڏينهن بابت هڪ ئي فيصلو ڪيو وڃي.”
“ها. اها ڳالهه ته آهي.” ماڻهن حامي ڀري.
ماڻهن سان ڀريل هال اندر نماز ۽ خطبي کان اڳ پيش امام ماڻهن سان مخاطب هو. هن جو ڳرو ۽ رعبدار آواز هال جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين گونجي رهيو هو.
“ڀائرو ۽ ڀينرو! الله جو ڪرم ۽ احسان آهي جو نارٿ آمريڪا جي هن صوبي ۾ مسلمانن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ئي رهي ٿو. اسان جي هن شهر ۾ پنج سال اڳ فقط هڪ هنڌ جمعي جو خطبو ۽ پنج وقت نماز ٿيندي هئي. هڻ اهڙا يارهن هنڌ آهن. رمضان جي مقدس مهيني ۾ پهرين فقط ٽن جاين تي تراويح نماز پڙهائڻ جو بندوبست هو. هن دفعي اٽڪل ويهن جاين تي انتظام ٿيو آهي. جاين جو تعداد هاڻ هر سال انشاء الله وڌندو رهندو. پهرين اسان لاءِ حافظ سڳورا ٻاهران گھرايا ويندا هئا. هاڻ اهي اسان هتي تيار ڪري رهيا آهيون.”
جماعت مان ڪنهن رڙ ڪئي. “نعره تڪبير.”
“سڀني ماڻهن هڪ آواز ٿي ورندي ڏني، “الله اڪبر.”
“اسان جي نمازين جو تعداد به وڌندو وڃي، “پيش امام شهادت جي آڱر کي مٿي کنيو ۽ بلند آواز ۾ پنهنجي بيان کي جاري رکيو، “پر اسان وٽ عبادت ڪرڻ لاءِ پنهنجي جاءِ ناهي. ٿورو غور ڪريو ته اسڪولن، گرجا گھرن ۽ ڪميونٽي سينٽرن جي هالن کي مسواڙن تي وٺي آخر ڪيستائين، نمازون پڙهندا ۽ پڙهائينداسين. هن شهر ۾ ڏينهون ڏينهن پنهنجي وڌندڙ تعداد کي نظر ۾ رکي هڪ نئين، وڏي ۽ عاليشان مسجد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي.”
“نعره تڪبير”
“الله اڪبر.”
“هيءَ نمايان عمارت فقط مينار ۽ گنبذ جي نمائش نه پيش ڪندي پر ان جي اندر هڪ اعليٰ قسم جو اسلامي مرڪز هوندو. هتي اسين ٻارن ۽ وڏن کي دين جي تعليم ڏينداسين. هن جاءِ تان ايمان جي روشني ڦٽندي، جيڪا نه فقط اسان جي چهرن کي بلڪ اسان جي دل ۽ دماغ کي به منور ڪري ڇڏيندي. ”
پيش امام جي تقرير ۾ ڪشش هئي، جادو هو. مسجد جي تعمير لاءِ زمين ته پهرين ئي خريد ڪئي وئي هئي. کوٽائي ۽ بنياد جو پٿر رکڻ لاءِ فنڊن جي ضرورت هئي. هن چندو ڏيڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ قرآني آيتن جو ترجمو ٻڌايو:
“اي ايمان آڻڻ وارؤ، جيڪو ڪجھه مال متاع الله توهان کي بخشيو آهي، ان مان خرچ ڪريو، ان کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي جنهن ۾ نه خريد و فروخت ٿيندي، ۽ نه دوستي ڪم ايندي، نه سفارش هلندي.”
“الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو. الله کي قرض ڏيو. توهان جي هڪ اصل جي بدلي ۾ الله توهان کي ست سؤ دفعا وڌيڪ ڏيندو. الله کي حساب وٺندي دير نٿي لڳي.”
“جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا، انهن جي خرچ جو مثال ايئن آهي، جيئن هڪ داڻو پوکڻ سان ست سنگ ٿين ٿا ۽ هر سنگ ۾ سؤ داڻا ٿين ٿا.”
پيش امام جي تقرير ۾ زبردست ڪشش هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو مردن کي هنن جي کيسن ۾ ڊالرن جا نوٽ ۽ بئنڪن جا چيڪ بڪ بار ٿيڻ لڳا. هو پنهنجو بار گھٽ ڪرڻ لڳا. عيد جو موقعو هجڻ ڪري عورتن جي بدن تي زيور هئا. اهي زيور هنن کي چُڀي رهيا هئا. پنهني چُڀ چُڀ کي گھٽ ڪرڻ ۾ هو به لڳي ويون. ننڍي عمر جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وٽ نه بار هو نه چڀ چڀ. ان ڪري هنن اقرار نامن تي صحيحون ڪيون ته هو محلي محلي جي گھر گھر ۾ وڃي مسجد جي تعمير لاءِ چندو گڏ ڪندا.
پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پنهنجين آڱرين سان ڦڻي ڏيندي پيش امام لقمو ڏنو ته هي الله جي خوشنوديءَ جو ڪم آهي.
رقم جي ڳڻپ ٿيڻ لڳي، هڪ وڏي بورڊ تي مليل رقم جا انگ اکر لکيا ويا ته جيئن ماڻهن کي خاطري ٿي وڃي ته هنن جو ڏنل چندو پهچي ويو ۽ ان ئي مقصد لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ هنن ڏنو آهي.
ڏهه هزار ڊالر، پنجاهه هزار ڊالر ۽ ايئن وڌندو وڌندو اهو چندو ڪئش جي صورت ۾ ٻه لک ٽي هزار هڪ سئو پنجاسي ڊالر ٿي ويو. ان ئي جيتري ملڪيت جا ڳهه ڳٺا ٿيا هئا، جيڪي عورتن ڏنا.
پيش امام جي ڌيءَ ٽي ويءَ جي رپورٽر کي چئي رهي هئي:
“منهنجو ڊئڊي پنهنجي ارادي جو پڪو آهي. پهرين پنهنجي مهم جو مڪمل خاڪو ٺاهي ٿو. ان جي مڙني پاسن جو تجزيو ڪري ٿو. پنهنجن عملي قدمن کي هڪ ٻئي پويان ترتيب ڏئي ٿو، ان کانپوءِ ئي هن کي اونهائي ملي ٿي ۽ هو ٽُٻي هڻي سچا موتي ڪڍي ٿو. هيءَ جيڪا اڄ هيڏي رقم گڏ ٿي آهي، ان جي پٺيان ڪيترن ئي مهينن جي ڪوشش ۽ منظم پلاننگ آهي.”
“توهان ماڻهو هن ملڪ ڪئناڊا ۾ ڪڏهن آيائو؟”
“ساڍا چار، نه پوڻا پنج بلڪ پنج سال ٿي ويا آهن” ، پيش امام جي ڌيءَ ياد ڪندي جواب ڏنو، “پهرين اسان پئرس ۾ هئاسين. در اصل بابا جو تعلق هندوستان سان آهي. اتي هنن دين اسلام جي باري ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ قرآن حفظ ڪيو.
“ڪيترن ئي نوجوانن کي پڙهڻ لکڻ بعد ملڪ کان ٻاهر ويندو ڏسي بابا کي به شوق ٿيو ته هو به ٻاهر نڪري. هنن ان خواهش لاءِ رب پاڪ کان دعا گھري. هنن جي دعا قبول ٿي وئي. هو پئرس هليا ويا. پئرس ۾ هنن منهنجي ماءُ جي اڳيان اسلام پيش ڪيو. منهنجي ماءُ منهنجي پيءُ جو نوراني چهرو ڏسي اها پيشڪش قبول ڪئي. ٻنهي جي شادي ٿي ته بابا کي فرانس جي اميگريشن تحفي ۾ ملي. ان کان پوءِ هنن جي زندگيءَ ۾ خاص ڳالهه اها ٿي ته آئون پئدا ٿيس.”
پيش امام جي ڌيءَ کلڻ لڳي.
“توهان جو ڄمڻ خاص ڳالهه ئي آهي”، ٽي ويءَ جي رپورٽر چيو، “هڪ فرينچ ۽ هندوستاني جوڙي جي قائم ڪيل اُفق تي هڪ تو جهڙو چنڊ نمودار ٿيو، جيڪو خوبصورت آهي ته روشن به.
“مهرباني.”
“توهان جي ڊئڊ جي پئرس ۾ ڪهڙي وندر هئي؟”
“هڪ مسجد جي پيش امام طور هو ملازم هو. نمازون ادا ڪرڻ لاءِ گھڻو ڪري هن جي پٺيان ٽن سون جي لڳ ڀڳ ماڻهو گڏ ٿي ويا ٿي. آئون تمام ننڍي هيس. ڏسندي رهندي هيس ته بابا جي هٿ ٻڌڻ سان سڀ ماڻهو هٿ ٻڌندا هئا. بابا اڳيان بيٺل هوندو هو، جيڪي جيڪي بابا ڪندو هو، پٺيان قطارن ۾ بيٺل سڀ ماڻهو وڏي ادب سان ايئن ڪندا هئا. بابا جي هن قيادت کي ڏسي مون کي عجيب احساس ٿيندو هو. پوءِ هيئن ٿيو جو ڪئناڊا جي حڪومت جو هڪ اعلان نظر مان گذريو، جنهن مطابق اسان کي خبر پئي ته ڪئناڊا ۾ اميگريشن جا دورازا کوليا ويا آهن. امان بابا کي صلاح ڏني ته پاڻ کي معاشي حالت بهتر بنائڻ لاءِ ڪئناڊا هلڻ کپي. بابا مڃي ويو. اسين هتي هليا آياسين. مذهب جي ڪمن جو رجحان رکڻ واري هڪ ڪميٽيءَ بابا جو انٽرويو ورتو ۽ هن کي نوڪري ڏئي ڇڏي. بابا ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي سمجهايو ته هو هڪ مسجد جي تعمير جو منصوبو ٺاهين. ان سان گڏ هن ان ڳالهه جي به حامي ڀري ته هو ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ان منصوبي کي حقيقت بنائيندو. اڄ جو هي موقعو ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيو آهي.”
ٽي ويءَ تي رپورٽر پيش امام جي زال اڳيان مائيڪ رکيو ۽ پڇيو، “ڇا توهان خوش آهيو ته توهان پنهنجي مڙس ۽ ڌيءَ سان گڏ ڪئناڊا کي پنهنجو نئون وطن ٺاهيو آهي؟”
“شروع شروع ۾ ڏاڍي خوش هيس. ”
“هاڻ ڀلا ڇو نه؟”
“حسد، ساڙ، اڪيلائي، ڏک ۽ ڪاوڙ_ اِهي اُهي ڀتيون آهن جيڪي منهنجي چوڌاري اُڀيون ٿي ويون آهن ۽ آئون انهن جي اندر قيد ٿي وئي آهيان.”
“ڇا تون ٻڌائيندينءَ ته ائين ڇو ٿيو؟”
“منهنجو مڙس مون کان کسجي ويو آهي. هو پيش امام جيڪو عوام کان وڏا وڏا چندا پيو وٺي. منهنجو رفيق حيات هو. هاڻي نه آهي. هاڻ هن جي شادي مسجد جي مهم سان ٿي وئي آهي. هر روز فجر جي نماز کان اڳ هو گھر کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو ، پوءِ عشا نماز جي ختم ٿيڻ بعد به هن جي گھر موٽڻ جو وقت شروع نٿو ٿئي. جڏهن اسين اڃا ڪئناڊا نه آيا هئاسين ته هر پنجين ڏينهن بعد ٻن ٽن ڏينهن جو ويڪ اينڊ ايندو هو. مون کي ايئن لڳندو هو، ڄڻ آئون به انهن ماڻهن ۾ شامل آهيان، جيڪي ويڪ اينڊ لاءِ جيئن ٿا. صحتمند ۽ تازا توانا ساهه آئون هميشه ويڪ اينڊ کان حاصل ڪندي هيس. هاڻ هفتي جا ست ئي ڏينهن هو ڪم ۾ لڳو رهي ٿو. ويڪ اينڊ جي نالي کان ڏُور تمام ڏُور ٿي آئون ڏينهون ڏينهن مريض ٿيندي وڃان. جيڪڏهن اها ئي زندگي آهي ته پوءِ اهڙي زندگيءَ مان ڇا فائدو؟”
“ماءُ” پيش امام جي ڌيءَ وچ ۾ ڳالهايو، “توهان خواه مخواه پنهنجو پاڻ کي پريشان ڪري رهيون آهيو. هڪ دفعو هن عبادت گاهه جون ڀتيون مٿي کڄڻ شروع ٿيڻ ڏي ته پوءِ تنهنجو صبر مٺو ڦل آڻيندو. بابا پهرين وانگر معمول تي اچي ويندو. توهان ٻنهي جون قربانيون ڳايون وينديون. پنهنجي ڪميونٽيءَ جا ماڻهو توهان جا احسانمند رهندا. هو توهان جو قدر ڪندا.”
“هونهه!” پيش امام جي زال چيو، “مسجد جي تعمير کانپوءِ، اسلامڪ سينٽر، اسلامي ڪتابن جي لائبريري، اسلامي تعليم جو مسئلو، حافظ ٺاهڻ جي ضرورت تي غور، ڪيترائي اهڙا اڻ ڳڻيا مقصد، پروجيڪٽ ۽ پروگرام آهن جن جا منجھيل سٽ هر روز نظر اچن ٿا. مذهب جي هيءَ مال گاڏي تمام ڊگھي آهي، ڌيءَ ان جي انجڻ تنهنجو پيءُ ٺهيو ويٺو آهي. هيءَ مال گاڏي منهنجي احساسن کي روڙيندي اڳتي وڌي رهي آهي. هن جا گھمندڙ ڦيٿا منهنجين خوشين ۾ ڏرڙ پئدا ڪري رهيا آهن. مال گاڏيءَ جو پهريون دٻو گذري ويو آهي، اها مون کي خبر آهي، پر ان جو آخري دٻو ڪڏهن گذرندو ۽ آخري دٻي گذرڻ تائين منهنجي ڪهڙي حالت ٿي ويندي - مون کي اندازو ناهي. اهي ڳالهيون سوچيان ٿي ته مون کي وحشت ٿيڻ لڳي ٿي.”
آسپاس جي ماڻهن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته پيش امام جي زال جي منهن تي ڪاوڙ، نفرت ۽ وحشت جا نقش نظر اچي رهيا هئا. پر هي نقش مسجد جي تعمير جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي آڏ ثابت نه ٿيا. بهترين گولائي وارو گنبذ ظاهر ٿيو. هڪ ڊگھو مينار پنهنجي اعزاز جو اعلان ڪرڻ لڳو. گنبذ ۽ مينار پري پري کان نظر اچڻ لڳا.
__________
شهر جي وچ واري علائقي ۾ بيٺل هڪ بلند ۽ خوبصورت عمارت جي مٿاهين منزل تي جشن ملهايو پئي ويو. جديد فئشن جا ڪپڙا تيار ڪرڻ واري ڪمپنيءَ طرفان شهر جي ۽ شهر جي ٻاهران رهڻ وارن سڀني معزز ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني هئي. ان ۾ شامل تجارت پيشه ۽ صنعتڪار به هئا، محفل ۾ آيل دعوتي قسم قسم جي شراب سان دل وندرائي رهيا هئا. کل ڀوڳ ۾ به مصروف هئا. جيڪي هوش وڃائي رهيا هئا انهن کي فلور تي پهچي ڊانس ڪرڻ جو هوش اچي رهيو هو. ان ڪمپنيءَ جو چيئرمين هن وقت هڪ وڏي شخصيت جو مالڪ بنجي چڪو هو. اچڻ وارو هر معزز مهمان هن کي مبارڪون ڏئي رهيو هو ۽ هن جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهي رهيو هو. ڳالهه اها ٿي هئي ته فئشن جي دنيا رکڻ وارن ملڪن جي ڪميٽي جي طرف کان هڪ حسن جي عالمي مقابلي جو اعلان ٿيو هو، جنهن ۾ ماڊلنگ جو ڪم ڪرڻ واريون يا هن ڪئريئر ۾ اچڻ جي خواهشمند ڇوڪرين کي شريڪ ٿيڻو هو. فئشن جا ڪپڙا ٺاهڻ واري هن ڪمپنيءَ جي چيئرمين پنهنجي ڪمپنيءَ جي طرف کان هڪ ڇوڪريءَ کي هن مقابلي ۾ ماڊل طور مقرر ڪيو هو. اها ڇوڪري زبردست قسم جي نڪتي. هر ڏاڪي تان مقابلو کٽيندي پنهنجي اسپانسر ڪمپنيءَ جي نالي کي شهرت جي ڏاڪڻ تي مٿي کان مٿي پهچائيندي وئي. هوءَ سيمي فائنل مقابلن ۾ ڪامياب ٿي فائنل ۾ آئي ته ڪيترين ئي جي نگاهن جو مرڪز ٿي پئي. ان کانپوءِ فائنل مقابلو کٽي هوءَ نمبر ون ٿي وئي. ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر ۽ چيئرمين پنهنجي آفيس جي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ خوشيءَ وچان ناچ ڪرڻ لڳو، ڇو جو ان ڪاميابيءَ ذريعي هاڻ هن جي ڪمپنيءَ جو نالو دنيا جي مارڪيٽ ۾ نمايان ٿي ويندو. نمبر ون ماڊل جي نمائش ڪيل وڳن جي آرڊرن جو ملڻ يقيني هو. ايندڙ سال هن جي ڪمپنيءَ کي ڪيترن ئي ملين ڊالرن جو فائدو ٿيندو . هن جو بزنيس هر سال وڌندو ويجھندو. يورپ ۽ آمريڪا اندر تمام جلد هن جون گھٽ ۾ گھٽ سو شاخون هونديون. ڪمپنيءَ جي عهديدارن سڄو پروگرام ٺهي ورتو هو.
هڪ نوجوان ۽ خوش پوش عورت ڪمپنيءَ جي صدر کان دوستي واري لهجي ۾ پڇيو: “ تنهنجي اها عظيم ماڊل گرل ڪٿي آهي، جنهن جي ڪاميابي تي تو ايڏي شاندار ۽ رنگارنگ پارٽيءَ جو انتطام ڪيو آهي.”
“افسوس آهي جو هوءَ اچي نه سگھي آهي”، چيئرمين افسوس جو اظهار ڪندي چيو، “پر اسان توهان کي ٽي ويءَ تي هن ڇوڪريءَ کي هر ڪنڊ کان ڏسي سگھو ٿا. ان وڊيو ڪئسٽ جون اسان ڪيتريون ئي ڪاپيون ٺهرايون آهن، جيڪي توهان کي تحفي طور ڏئي سگھون ٿا.”
“ڇا اها ڇوڪري هن ئي شهر ۾ رهي ٿي؟”
“ها هوءَ هن ئي شهر ۾ رهي ٿي. اچ ته آئون توکي ٻڌايان ٿو ته هوءَ ڪٿي رهي ٿي.”
هو ٻئي وڏي دريءَ وٽ ويا. ڪمپنيءَ جي چيئرمين آڱر جي اشاري سان سامهون ڏيکاريون ۽ چيو : “هو ڏس هتي هڪ گنبذ ۽ مينار نظر اچي رهيو آهي.”
“سمجھان ٿي، اهو هڪ مسلم چرچ آهي.” عورت جواب ڏنو.
چيئرمين چيو: “اها هيڊ پريسٽ جي ڌيءَ آهي ۽ ان مسلم چرچ وٽ ئي هنن جو گھر آهي.”
“توکي هوءَ ڪيئن ملي؟”
“اسان جو شوروم هن ڇوڪريءَ جي گھر ۽ اسڪول جي وچ ۾ پوي ٿو. هوءَ هر روز هتان لنگھي ٿي ۽ ٻاهر جي شيشن تي نظرون کُپائي اندر سجايل مختلف ڊيزائنن جي وڳن کي ڏسندي هئي. شوروم ۾ رکيل ماڊل مجسمن تي هن جون نظرون ڄمي وينديون هيون. هن جي ان شوق کي ڏسي مون هڪ ڏينهن هن کي شوروم جي اندر اچڻ جي دعوت ڏني، جيئن هوءَ ويجھڙائيءَ مان پنهنجن پسنديده وڳن کي ڏسي سگهي. هوءَ اندر اچي وئي. ۽ پوءِ بنا خوف ۽ شرم جي هن جي اندر اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪپڙن جي اسٽئنڊ تان پنهنجن پسنديده وڳن کي کڻي پنهنجي بدن تي لڳائي آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسي خوشي ٿيندي هئي، پر انهن ڪپڙن تي قيمت جي ليبل ڏسي اداس ٿي ويندي هئي. ليبل ڏسڻ بعد هن ڪپڙن کي وري ايئن جو ايئن ريڪ ۾ سجائي رکيو ٿي ۽ پوءِ موٽي وئي ٿي. هڪ ڏينهن مون هن کي ٻڌايو ته مون کي فوٽوگرافيءَ جو شوق آهي، ان لاءِ ڇو نه هوءَ منهنجي شورم مان پنهنجي پسند جا ڪپڙا پائي ۽ آئون پنهنجي ڪئميرا سان هن جون خوبصورت تصويرون ڪڍان. هن مون کي بي اعتباريءَ سان ڏٺو ۽ انڪار ڪيو. مون هن کي يقين ڏياريو ته ڪڍيل تصويرون ۽ هن جا نيگيٽو ٻئي شيون، آئون هن کي ڏئي ڇڏيندس. پنهنجو پاڻ وٽ ڪجھه به نه رکندس. تڏهن هوءَ وڃي راضي ٿي. مون هن جون تصويرون ڪڍيون. هر ڊريس ۾ هوءَ جاذبِ نظر لڳي ٿي. اسان جي ڪمپنيءَ جون ڊيزائنون هن جي جسم تي ويتر وڻندڙ لڳيون ٿي. ڪيترن موقعن تي آئون هي وڳا هن کي تحفي طور ڏيڻ لڳس. مون پنهنجي طرف کان هن کي صلاح ڏني ته هوءَ فئشن جي دنيا ۾ اچي وڃي ۽ پنهنجو پاڻ کي ماڊلنگ لاءِ تيار ڪري. مون هن کي ٻڌايو ته هوءَ جيڪڏهن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿيندڙ هي مقابلو کٽي ويندي ته آمريڪا ۽ يورپ جي ڪا وڏي ڪمپني خوشيءَ سان هن کي نوڪري ڏئي سگھندي ۽ هن جو پگھار اٺن کان ڏهه هزار ڊالر في هفتو ٿي سگھي ٿو. هوءَ خوشيءِ وچان ٻهڪي ضرور هئي پر پوءِ ٿوري دير بعد اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو هو ته هن جو ڊئڊ هن جي اهڙي نوڪريءَ کي هرگز پسند نه ڪندو. مون هن ڇوڪريءَ جو ڌيان ان ڳالهه ڏي ڇڪايو ته هن جو ڊئڊ پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي هن ملڪ کي پنهنجو ٻيو وطن فقط هڪ سٺي معيار زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ بڻايو آهي. اهڙو ويچار رکڻ واري ماڻهوءَ جي ڌيءَ کي جيڪر ڏهه هزار ڊالر هر هفتي ملڻ واري نوڪري ملي ته زندگيءَ جو معيار اهڙو اعليٰ ۽ اوچو ٿي ويندو، جيڪو ٿورن ئي خوشنصيب ماڻهن کي ملي ٿو. هن جي ڊئڊ کي پوءِ ايڏي سخت محنت نه ڪرڻي پوندي. هوءَ منهنجي خيال سان سهمت نه هئي. مون آخري تجويز پيش ڪئي ته هوءِ مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري_ فقط اهو ڏسڻ لاءِ ته هوءَ ان مقابلي جي ڪهڙي منزل تائين پهچي سگھي ٿي. نوڪري ۽ ڪئرير جي ڳالهه پوءِ جي آهي. هن چيو ته هوءَ ان لاءِ غور ڪندي. هوءَ هلي وئي. ڪجھه هفتن کانپوءِ جڏهن هوءَ وري آئي ته هن مون کي اطلاع ڏنو ته هن جي ماءُ پيءُ وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي، جيڪا پوءِ طلاق جي صورت اختيار ڪري ويندي. هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ آهي ۽ هن جي ماءُ هن کي مقابلي ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
چيئرمين ٿوري دير لاءِ ترسيو. پنهنجي گلاس کي چپن سان لڳائي ڪجھه ڍڪ پيتا ۽ پوءِ چيو:“ ان کانپوءِ جو نتيجو توهان جي سامهون آهي. جڏهن هوءَ پهريون نمبر کڻي آئي ته اسان سوچيو ته هي ماڊل ڇو نه اسان جي ڪمپنيءَ جي نوڪري قبول ڪري. اها تجويز هن کي به پسند آئي. اسان پلان ٺاهيا. نوڪريءَ لاءِ جاءِ پئدا ڪئي ۽ ڏهه هزار ڊالر في هفتو پگھار تي ٽن سالن لاءِ معاهدو تيار ڪيو ۽ ٻنهي پاسن جي ڌرين صحيحون ڪيون.”
دريءَ وٽان هو واپس آيو ۽ ميڙ ۾ ملي ويو. ٽي ويءَ جي وڏي اسڪرين تي حسن جي مقابلي جون ڪجھه جھلڪيون ڏيکاريون پئي ويون. وڊيو ڪئسٽ جون ڪاپيون ماڻهن ۾ تقسيم ڪيون پئي ويون. هڪ ڪاپي گھمي ڦري ارجن سنگھه جي هٿ به لڳي وئي. پنهنجن دوستن جي ميڙ ۾ هن وي سي آر کي آن ڪيو ۽ سڀ نوجوان حسن جي مقابلي جي ڪارروائي ڏسڻ لڳا.
ارجن سنگھه چئي رهيو هو ته “اسڪول ۾ هيءَ ڇوڪري اسان سان گڏ هئي. هوءَ جڏهن اسڪول ايندي هئي ته هن جو مٿو ڪپڙي سان هميشه ڍڪيل رهندو هو. سڄو جسم ڍرن ڍارن ڪپڙن سان ڍڪيل هوندو هوس. هوءَ هميشه ڇوڪرين جي وچ ۾ رهندي هئي. ڇوڪرن سان تمام گھٽ ڳالهائيندي هئي. ڏسو اڌ اگھاڙي ڊريس ۾ هجي يا بدن تي پکڙيل فئشن وارا ڪپڙا، هن جو اسٽائيل ئي پنهنجو آهي. پاڻ کي سيٽيو هلي ٿي. هن جي بدن جي هر حصي ۾ اليڪٽرڪ جي قوت آهي، هوءَ کنوڻ ٿي ڪيرائي ۽ چانڊوڪيءَ جي چادر ٿي وڇائي. جيستائين اسڪول ۾ هئي ته پنهنجي مرڪ ورهائڻ ۾ به بخيل هئي. هاڻ ڏسو ڪيڏي وڏي دل سان مرڪي رهي آهي.”
هڪ دوست کلندي چيو : “ڇا هن مسجد جي نمازين کي به خبر آهي ته هنن جي پيش امام جي ڌيءَ دنيا جي اندر ئي جنت جي حور ٿي وئي آهي.”
“خبر نه آهي”، ارجن جواب ڏنو. “نمازين جي ڳالهه ڇڏيو. جن ڳالهين جو اطلاع مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي آهي، اهي ڳالهيون هن جي پيءُ پيش امام کي به خبر نه آهي.”
“ڏس ته سهي، ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي! جڏهن هن کي معلوم ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟”
“بم ڦاٽندو. ڌماڪو ٿيندو، وِڄ ڪرندي، ماڻهو وائڙا ٿي ويندا. ممي ٻڌائي رهي هئي ته نارٿ آمريڪا جي هڪ مشهور مئگزين آهي، جيڪا وڏي آب تاب سان نڪري ٿي. اها مئگزين فئشن جي دنيا سان ٻڌل آهي. هن ڇوڪريءَ تي هو خاص شمارو ڪڍڻ وارا آهن. ان مئگزين جي ٽائيٽل ڪور تي ۽ اندر جي ٽيڪنيڪلر صفحن تي به نئين نموني جون نڪتل اگھاڙيون تصويرون هونديون. جڏهن ان خاص شماري جون ڪاپيون پکڙبيون ته ماڻهن کي خبر پئجي ويندي. پوءِ طوفان ايندو. اڃا ته خاموشي آهي. ماٺ آهي. ان وقت وڏو گوڙ گڙڪو ٿيندو.”
________
آخر ماٺ ۾ ڏار پيا. خاموشي ختم ٿي وئي. طوفان آيو. وڏو گوڙ گھمسان مچي ويو.
رمضان جي مهيني ۾ اهو آيل ڏينهن جمعي جو هو. گڊ فرائيڊي جي ڪري سڄي ڪئناڊا ۾ عام موڪل هئي. ماڻهو وڏي تعداد ۾ مسجد ۾ اچي رهيا هئا. مسجد ٽُٻا ٽُٻ ڀرجي وئي هئي. وڏي هال ۾ ته وهڻ جي جاءِ ختم ٿي وئي. ماڻهو گھٽيءَ ۾ وهڻ لڳا. مسجد جي ڪيفيٽيريا مان ميز ڪرسي ريڙهي ويهي رهيا، جيڪا جاءِ جسماني ورزش ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، اتي به ماڻهو ويهي رهيا. ٻانگي ٻانگ ڏني. “الله تمام وڏو آهي، الله تمام وڏو آهي. ڀلائيءَ جي رستي تي اچو، نماز قائم ڪريو. الله تمام وڏو آهي.”
ماڻهن جون سنت نمازون ختم نه ٿيون هيون. وچ جي هڪ صف مان پيش امام اٿيو. پنهنجن ٻنهي هٿن سان ڏاڙهي ۽ چهري کي صاف ڪيو ۽ وڏي رعب ۽ شان سان اڳين صفن کي چيريندي منبر ڏي وڌي رهيو هو. اوچتو ڪنهن زور سان پٺيان رڙ ڪئي.
“پيش امام صاحب، مهرباني ڪري ٿورو هيڏانهن اچجو. هن هال جي دروازي وٽ هتي گھٽيءَ ، وضو ڪرڻ جي جاءِ تي ۽ ڪئنٽين جي ڀتين تي ڪنهن اڌ اگھاڙي ڇوڪريءَ جون ڪيتريون ئي تصويرون هڻي ڇڏيون آهن. مٿان ڪنهن اڇو پنو هڻي انهن کي عارضي طرح ڍڪي ڇڏيو هو. ڪنهن ڪاغذ ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ تصويرون نظر پيون اچن. توهان کي عرض ٿا ڪريون ته پهرين هيڏانهن اچو ۽ هن ڇوڪريءَ کي سڃاڻو.”
نماز جي انتظار ۾ ويٺل ميڙ ۾ چرپر مچي وئي. هڪٻئي سان سس پس ٿيڻ لڳي.
“پيش امام جي ڌيءَ جون اڌ اگھاڙيون تصويرون هڪ فئشن مئگزين جي تازي شماري ۾ شايع ٿيون آهن. ڪنهن ان شماري مان اهي صفحا ڪتري هتي کڻي چنبڙايا آهن.”
مسجد جي فرش تي ويٺل ماڻهو نماز پڙهڻ کان اڳ انهن تصويرن کي ڏسڻ لاءِ بي چين هئا. پيش امام جي طرف کان ڪجھه والنٽيئر گول دائرو ٺاهي پيش امام کي ٻاهر وٺي آيا. ڪنڌ جھڪائي هو انهن تصويرن جي ويجھو آيو ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ لفظن کي چٻيندي چيو:
“تصويرون منهنجي ڌيءَ جون آهن.”
پيش امام جي وات مان نڪتل لفظ سڄي مسجد ۾ پکڙجي ويا.
“پيش امام قبول ڪري ورتو آهي ته اهي هن جي ڌيءَ جون تصويرون آهن. هن کان انڪار ٿي نٿي سگھيو.”
ماڻهن جو پنهنجو پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو گوڙ وڌڻ لڳو. پيش امام ان گوڙ جي وچ ۾ پنهنجي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:
“پهرين منهنجو خطبو ٻڌو.”
گوڙ طوفان جي شڪل اختيار ڪئي. “اسين اهڙي پيش امام جو خطبو هرگز نه ٻڌنداسين، ۽ نه ان جي پٺيان نماز پڙهنداسين.”
مسجد جي ڪميٽي ميمبرن هڪدم هنگامي اجلاس ڪرايو. ان اجلاس ۾ ڪنهن گفتگو يا مباحثي جي ضرورت نه هئي. جيڪو ريزوليشن پاس ڪيو ويو، ان مطابق پيش امام کي مسجد جي نوڪريءَ مان ان ئي وقت ڪڍيو ويو.
لاس اينجلس جي سٽي هال ۾ منعقد ڪيل فيشن شو ختم ٿيو ته پيش امام جي ڌيءَ کي اخبارن جا نمائندا ڦري آيا. هنن جي سوالن جا جواب ڏيندي هوءَ چئي رهي هئي.
“هن ملڪ ۾ اسان جي ملڪ کان ايندڙ ماڻهن جي زندگي ٻٽي معيار جي ٿئي ٿي ۽ مذهب کي پارٽ ٽائيم سمجھن ٿا. عام طور تي ماڻهو مسجد جو رخ فقط جمعي جي ڏينهن رکن ٿا يا وري ڇنڇر آچر مان ڪنهن هڪ ڏينهن. ويڪ اينڊ ۾ گھر، مسجد يا هال جي اندر بندوبست ڪيل مذهبي گڏجاڻين ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي جسم کي مٿي کان پيرن تائين ڪپڙن ۾ لڪائين ٿيون. اکيون هيٺ جھڪائي رکن ٿيون، ڪپڙن تي خوشبوءِ نه هڻڻ جي هدايت ملي ٿي. عورتون ۽ مرد ڌار ڌار ٿي ويهن ٿا. هنن جو پاڻ ۾ گڏ ويهڻ ۽ پاڻ ۾ خوش اخلاقيءَ جي حد تائين کل خوشيءَ جا ٻه چار ٻول اڪثر اعتراض جوڳا ٿيو وڃن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي عورتون هفتي جا پنج ڏينهن آفيس ۾ ڪم ڪن ٿيون، ڇو ته پگھار ۾ مليل چيڪ گھر جي خرچ پکي لاءِ آڻڻ جي ذميواري هنن عورتن تي به وڌي وئي آهي. اتي هو مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪن ٿيون، اکين سان اکيون ملائي ڳالهه ٻول ڪن ٿيون، پنهنجي حق تلفي ٿئي ٿي ته عهديدارن سان بحث ڪن ٿيون. انهن ڇوڪرين ۾ ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ مون تي الزام هڻي منهنجي پيءُ جي نوڪري ختم ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي.”
ٻئي اخباري نمائندي کي جواب ڏيندي هن چيو:
“آئون سمجھان ٿي ته منهنجو پيءُ هن وقت مون سان خوش ناهي پر هن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها خوشي ضرور لڪل هوندي ته آئون هن جي ڌيءَ سڄي دنيا جي حسن جي مقابلي ۾ پهرين نمبر تي آئي آهيان. پنهنجي دل جي اندر هن کي اهو ناز به هوندو ته آئون هڪ هفتي اندر جيترا ڊالر ڪمايان ٿي ايترا اسان جي ملڪ جو ڪو وچين درجي وارو پنجن سالن ۾ به نه ڪمائي سگھندو هوندو. مسجد جي انتظاميا ڪميٽيءَ منهنجي پيءُ کي ڪڍي خود پنهنجو ئي نقصان ڪيو آهي. مسجد جو ڍانچو ته ضرور ٺهي ويو آهي پر ان ڍانچي جي اندر جيڪي تمام گھڻا منصوبا مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن، اهي هاڻ اڌ گابرا ٿي پيا هوندا. ڇو ته منهنجو پيءُ انهن منصوبن جي جان هو. آئون چند ڏينهن اندر مسجد جي ٽرسٽين کي هڪ لک ڊالر ن جو چيڪ بطور سوکڙي روانو ڪري ڇڏينديس جيئن هنن کي احساس ٿئي ته هنن ڇا وڃايو آهي ۽ اسان ڇا حاصل ڪيو آهي؟”
هڪ سوال جي جواب ۾ هن سنجيدگيءَ مان چيو:
“منهنجو سمارٽ جسم ۽ منهنجي خوبصورتي قدرت طرفان عطا ڪيل تحفو آهي. اسان جي ڪميونٽيءَ جا ماڻهو ٽوڪيندا رهن ٿا ته آئون پنهنجي خوبصورتيءَ ۽ سهڻي جسم جي نمائش ڪري هر سال ڪيترائي لک ڊالر ڪمايان ٿي. اسان جا ماڻهو پنهنجي ڳالهه ٻول ۾ اها ڳالهه ٽاريو ڇڏين ته آئون پنهنجي هن نئين ملڪ جي معاشيات کي ترقي ڏيڻ جي هڪ مشين بڻجي وئي آهيان. مون کي نوڪري ڏيڻ واري ڪمپني مون مان تمام گھڻو مطمئن آهي، ڇو جو منهنجي سٺي پرفارمنس جي ڪري هنن جو ڪاروبار وڌي رهيو آهي. گذريل سال هنن کي ٻيڻو ٽيڻو فائدو رسيو. فئشن جي صنعت ۾ سلائيءَ جا ڪارخانا وڏي تعداد ۾ کلي ويا آهن. انتظاميا ۽ وڪري جي ايجنسين ۾ ڪيترائي سؤ ماڻهو روزگار ۾ لڳل آهن. روزگار حاصل ڪرڻ وارن ماڻهن ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به شامل آهن، جيڪي نمازون پڙهڻ لاءِ مسجد وڃن ٿا ۽ جڏهن مسجدن مان نڪرن ٿا ته ٻين ماڻهن سان ملي منهنجي پاپ کي بدنام ڪن ٿا.”
هڪ سوال جي جواب ۾ هوءَ زور سان کلي ۽ چيو:
“ها مون کي خبر آهي. جڏهن منهنجو پيءُ پيش امام هو تڏهن هو روز هڪ يا ٻن نمازن کانپوءِ ماڻهن سان ملڻ ۽ انهن جي مسئلن تي انهن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍندو هو. هن سان ملڻ وارن ۾ اهڙا ماڻهو به هئا، جيڪي پنهنجو پاڻ تي غير ضروري ۽ غير حقيقي معذوري ٿاڦي سرڪار کان معذوريءَ جي خيرات حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن. بناوٽي ڪوڙن ڪار حادثن جو ٻڌائي هنن انشورنس ڪمپنين کان وڏيون رقمون ميڙيون ٿي. پنهنجي آمدني کي اصل آمدنيءَ کان گھٽ ٻڌائي حڪومت جي طرف کان گھٽ پگھار وارن لاءِ ٺهيل گھرن تي قبضو ڪيو ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي بيروزگار سڏائي بيروزگاريءَ جو الائونس ڦٻايو ٿي. جيتوڻيڪ هنن لڪ ڇپ ۾ ڪو نه ڪو ڌنڌو ڌاڙي به ڪيو پئي. اهي ماڻهو جڏهن مسجدن ۾ چندو ڏيڻ لاءِ اچن ٿا ته هنن جي آمدنيءَ جي جائز هجڻ يا نه هجڻ جو ڪٿي سوال اٿي به ٿو؟”
اهڙا ئي سوال کڻي اخبارن جا نمائندا پيش امام جي اپارٽمينٽ ويا. هن جي گھر جو دروازو کليو پيو هو. پنهنجي گھر ۾ هو اڪيلو هو. پنهنجي ڊرائنگ روم جي فرش تي ڌوتل چادر وڇائي، وهاڻي جو سهارو وٺي، هو اڪيلو ويٺو هو. انهن سوالن جي جوابن ۾ هو چوڻ لڳو: “ اسان ماڻهو هن ملڪ ۾ گھڻي ڀاڱي پنهنجي معاشي حالت کي بهتر ۽ پنهنجي زندگيءَ جي معيار کي مٿاهون ڪرڻ لاءِ ضرور آيا آهيون. اسان جو تعداد گھٽ آهي ۽ اسان جا طور طريقا مختلف آهن. ان ڪري ڪيترن ئي موقعن تي مڪاني حالتن سان سمجھوتو ڪرڻو پوي ٿو. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان انهن ڳالهين سان به سمجھوتو ڪري وٺون، جيڪي اسان جي مذهب جي بنيادي اصول کي به ڇيهو رسائي رهيا آهن. اهڙي صورت ۾ اسان کي ڪو نئون رستو ڪڍڻو پوي ٿو. منهنجي ڌيءَ جي ڪمائي جو پئسو مسجد جي تعمير لاءِ قابل قبول نه آهي. مون کي يقين آهي ته مسجد جي فنڊ جي ڪميٽي ان کي قبول نه ڪندي. هن جيڪو رستو اختيار کڻي ڪيو آهي اهو نامناسب آهي. آئون ٻين جي باري ۾ ڪا به راءِ نٿو ڏئي سگھان. خوشي يا ناز جي ڪا به ڪيفيت منهنجي دل جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ نه آهي. افسوس اٿم پر مايوسي هرگز نه اٿم. تڪليف اٿم پر اونداهه ناهي. مون پنهنجي دل جي هڪ هڪ ڪنڊ کي چڱيءَ طرح توري تڪي ڏٺو آهي. منهنجي ڌيءَ منهنجو هڪ ئي ٻار آهي. هن جي اندر منهنجو رت آهي. آئون هن کي ڪجھه به نٿو چئي سگھان. منهنجي وات مان نڪتل ڪو به سخت جملو مون کي ئي رنج رسائيندو. منهنجي دل ۾ هن جي لاءِ محبت جو جذبو آهي. جيڪو الله طرفان مليل آهي. ان کي آئون ختم نٿو ڪري سگھان. ائين ڪرڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. قدرت جي طرف کان جيڪو مون کي اختيار مليو آهي ان کي استعمال ۾ آڻي مون هن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏني آهي. سٺين ڳالهين سان هن کي نوازيو آهي. منهنجي ڌيءَ نيڪ آهي. سادي طبيعت جي آهي. اوچتو هن جي اکين اڳيان نئين دنيا جي اونداهه اچي وئي آهي ۽ هن جا هوش حواس گم ٿي ويا آهن. هن کي ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچي، مون کي اميد آهي ته اوندهه جلد ختم ٿي ويندي. منهنجي ڌيءَ صراط مستقيم جي ڳولا ڪري وٺندي. صراط مستقيم هن جي حاصل ڪيل ڊالرن جي بئنڪ بئلنس کان به وڌيڪ قيمتي آهي. هوءَ مون وٽ وري موٽي ايندي. آئون ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن هن جي اڳيان اونداهه جو آيل ڪڪر هٽي ويندو.”
اخبارن جي نمائندن نوٽ ڪيو ته پيش امام جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا.

ليکڪ: رضا الجبار؛ ٽورنٽو (ڪئناڊا)؛ ڄم جو سال 1937