سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار شيخ اياز جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جي تند برابر توريان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھن ڪتاب جو سھيڙيندڙ ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو آھي.
شيخ اياز جيڏو عظيم شاعر ھو، اوترو ئي عظيم نثر نويس پڻ ھئو. سندس نثر ۾ بہ سندس شاعريءَ واري جهلڪ نظر اچي ٿي. سندس عظيم شاعريءَ جي ڪري، سندس افسانہ نويسيءَ وارو پاسو ماڻھن کان اوجهل رھيو آھي. شيخ اياز جي ڪھاڻين جي ڇپيل ٻن مجموعن ”سفيد وحشي“ ۽ ”پنھل کان پوءِ“ سميت سنڌي رسالن ”اڳتي قدم“، ”سنڌو“ ۽ ٻين ھنڌن ڇپيل ڪھاڻين کي سھيڙي ھي ڪتاب ڇپايو ويو آھي.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي