سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران جنرل سر جارج ميڪمين جي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو ”سنڌوءَ جو موھ“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي.
ھن ڪتاب ۾ ھن حقيقت کي سمجهائڻ جا جتن ڪيا ويا آھن تہ ڪھڙي طريقي سان موجودہ ھندستان جي جاگرافيائي حدن جو بنياد رکيو ويو. ڪتاب ۾ انھن مکيہ پنجن جنگين جو ذڪر بہ ڪيو ويو آھي جيڪي 1839ع کان 1849ع تائين ڏھ سال ساندھ ھليون. ڪتاب ۾ سنڌ جي فتح، سنڌ جي حڪمرانن سان ڪيل عھدنامن، مياڻيءَ واري جنگ، دٻي واري جنگ جو پڻ ذڪر ڪيل آھي.
ھي ڪتاب 2002ع ۾ سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي