سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران مشھور انگريز ليکڪ ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڪتاب “Terrorist” جو ڇپيل سنڌي ترجمو ”حُر گوريلا جنگ“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو آھي.
هن ڪتاب جو موضوع 1942ع کان 1952ع تائين حر جماعت سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين جو بيان آهي، جنھن کي ايڇ ٽي لئمبرڪ انگريز سرڪار جي نقطہ نظر کان لکيو آهي. تڏهن بہ ڪتاب ۾ موجود حوالا ۽ ان دور جو بيان تاريخي حيثيت رکي ٿو . هن ڪتاب جو مقدمو محمد عمر چنڊ لکيو آهي، جنھن ۾ هن انگريز سرڪار جي نقطہ نظر کي مڪمل دليلن سان رد ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي تہ حُر وطن جي آزاديءَ جا مجاهد هئا نہ ڪي ڏوهاري.
ھي ڪتاب پھريون دفعو 2000ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٻيو ڇاپو سنڌيڪا اڪيڊمي، جڏھن تہ ٽيون ڇاپو 2010ع ۾ سنڌي ساھت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي