سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي تاريخي شھر حيدرآباد بابت لکيل ڪتاب ”حيدرآباد جي مختصر تاريخ“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب نور محمد ڀٽو آھي.
هيءُ ڪتاب حيدرآباد جي تاريخ تي مشتمل آهي. حيدرآباد شھر جي تاريخ تمام قديم آھي، ھن شھر کي ڪڏھن پٽيالہ، ڪڏھن نيرون ڪوٽ، ڪڏھن اون تہ ڪڏھن ارون پور سڏيو ويندو ھو. ھن شھر ڪيترائي عروج ۽ زوال ڏٺا آھن. ڪتاب ۾ مختلف ليکڪن حيدرآباد جي مختلف علائقن ۽ ادارن بابت ڪيترن ئي موضوعن تي لکيو آهي، جھڙوڪ: حيدرآباد قلعي جي اڏاوت، قدم گاھِ مولا علي، ايلي گهاٽ، ٽنڊو يوسف، حيدرآباد ۾ پوليس کاتي جو قيام، تعليمي ادارا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، صحت کاتو، حيدرآباد جون مسجدون ۽ حيدرآباد جا مندر، حيدرآباد جو تاريخي شخصيتون، حيدرآباد جا تاريخي ماڳ مڪان وغيرہ.
ھي ڪتاب جو پھريون ڇاپو 2010ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سج پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي ٿورن سان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي