شخصيتون ۽ خاڪا
رئيس شمس الدين بلبل
- 4.5/5.0
- 40
- 36
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
انتساب
سنڌ، پنجاب ۽ هندستان جي جن به اهلِ قلم حضرات بلبل مرحوم تي مضامين ۽ مقالا تحرير ڪري سندس علمي، ادبي، سياسي، سماجي، صحافتي ۽ ديني خدمات جو ذڪر خير ڪرڻ فرمايو آهي ۽ سندس خوبيون ۽ خاصيتون بيان ڪري اهل علم حضرات کي متوجهه ڪيو آهي ۽ کيس علم و ادب، شعر و شاعري ۽ سياست جي تاريخ ۾ لافاني ۽ بلند مقام جو مستحق مڃيو آهي، آءٌ هي ڪتاب انهن اهلِ قلم حضرات جي نانءٌ نامي اسم گرامي سان منسوب ٿو ڪريان.
جيڪي صاحب هيءَ فاني دنيا ڇڏي دار البقا طرف راهي ٿي ويا آهن، انهن جي مغفرت جو طلبگار آهيان ته الله تعاليٰ جل شانَہُ کين پنهنجي جوارِ رحمت ۾ جاءِ عطا ڪرڻ فرمائي ۽ جيڪي صاحب حال حيات آهن، انهن جي صحت، ثروت ۽ ڊگهي عمر لاءِ دعاگو آهيان. الله تعاليٰ کين توفيق عطا ڪرڻ فرمائي ته جيئن هو پنهنجي مادري زبان سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۽ حفاظت ڪري سگهن ڇو ته ڪا ڳجهي تنظيم ۽ تحريڪ اسان جي ٻوليءَ کي بگاڙڻ ۽ برباد ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي ۽ غلط الفاظ اسان جي ٻوليءَ ۾ شامل ڪرڻ جي مڪروه ۽ مذموم ڪوشش ۾ مشغول آهي. مثال طور لفظ پڪڙيو جي جاءِ تي پڪتو، ورتو جي جاءِ تي وٺتو ۽ پچايو بدران پڪايو وغيره استعمال ڪري ٻوليءَ کي خراب ڪري رهيا آهن، افسوس اهوآهي ته پڙهيل لکيل ماڻهو به اهي غلط لفظ بي ڌڙڪ استعمال ڪري رهيا آهن ٻولي زنده رهندي ته قوم به زنده رهندي.
به صدِ احترام:
شمس ابن ضيا ابن بلبل
حق ۽ واسطا
حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
ڪتاب جو نالو:
محسن قوم، شمس العلماء، مَلڪ الشعراء سنڌ
رئيس شمس الدين بلبلؒ
(اهلِ قلم حضرات جا مقالا ۽ مضامين)مرتب
شمس ابن ضيا ابن بلبل
ڇاپو: پهريون
سال: 2016ء
ڪمپوزنگ:
سيد آفاق شاهه
ڇپرائيندڙ:
پروفيسر ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو (بلبل)
ڇپيندڙ: پيڪاڪ پرنٽرس ائنڊ پبلشرس
ملهه: 500 رپيا
رابطي لاءِ:
شمس الدين بلبل فائونڊيشن. هائوس نمبر 68-A فيز I
سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو
پيش لفظ
رئيس شمس الدين بلبل پنهنجي دور جي انتهائي وڏي ۽ اعليٰ شخصيت هئا. خدا تعاليٰ کين بيپناهه خداداد صلاحيتن سان نوازيو هو. بلبل صاحب انتها درجي جا ذهين ۽ فهيم شخص، سياسي رهنما، نيڪ صورت ۽ نيڪ سيرت پيار ڪندڙ شفيق انسان، صوم و صلواة جا پابند، علم ۽ ادب جا ڀنڊار، درس ۽ تدريس جي ميدان جا امين ۽ موتي داڻا هئا. سنڌ جي مسلمانن جي فلاح بهبود جي لاءِ ڏينهن رات مصروفِ عمل رهندا هئا. صحافت جا سرواڻ، موجوده سنڌي نثر جي نئين اسلوب ۽ سندن بيباڪيءَ جي ڪري صحافت ۾ انقلاب اچي ويو. بلبل صاحب اسڪول ۽ مدرسه قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي جاکوڙ ڪئي. ميهڙ ۾ ‘سنڌ مدرسو’ قائم ڪيائون جيڪو اڄ هاءِ اسڪول آهي. بلبل صاحب عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسيمبلي مان ڪافي مفيد قانون ۽ ايڪٽ پاس ڪرايائين.
رئيس شمس الدين بلبل قدرتي صلاحيتن جو هڪ خوبصورت گلدستو هئا. جنهن جو هر هڪ گل خوشبودار منفرد ۽ ناياب هيو. بلبل صاحب جي شخصيت جا ڪئي پهلو اڃان عوام آڏو ظاهر نه ٿيا آهن. سندس شخصيت بابت اڃان وضاحت سان نه لکيو ويو آهي. سندس ڪافي قلمي نسخا لائبريري ۾ محفوظ آهن جن کي ڇپرائي ظاهر ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي. رب تعاليٰ کان اها دعا آهي ته اسان کي توفيق ڏئي ته سندس ڪارنامن ۽ ڪاوشن کي قوم آڏو پيش ڪيون.
رئيس شمس الدين بلبل هند ۽ سنڌ جي مسلم ليڊر جي حيثيت سان ڄاتو وڃي ٿو. پاڪستان جو نه صرف تصور بلڪ مسلمانن لاءِ جدا ملڪ جي گُهر، علام اقبال رح جي تصور کان گهڻو پهريان 1918ع ۾ ڪتاب ‘جامِ جم’ لکي، ان ۾ واضح نموني سان چيائين ته اسان کي الڳ ملڪ گهرجي.
بابا سائين هن ڪتاب کي محنت ڪري مرتب ڪيو آهي. جيڪو يقينن پڙهندڙن کي وڻندو. بابا سائين شمس ابن ضيا، پنهنجي ڏاڏي سائين رئيس شمس الدين بلبل ۽ والد صاحب رئيس ضيا الدين ضيا بلبل جا ڪافي ڪتاب مرتب ڪيا آهن بلڪه ڪجهه ڪتاب تصنيف پڻ ڪيا آهن. انشاءَ الله جلدي اهي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪري پڙهندڙ آڏو پيش ڪيا ويندا.
هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي، بابا سائين مون کي ٻه سال اڳ ڇپائڻ لاءِ ڏنو هو. منهنجي سُستي سبب تاخير ٿي وئي. شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڪمپوزر ايترا پروفيشنل نه مليا، ٽائيپنگ ۽ گرامر جون ايتريون ته غلطيون هونديون هيون جو پروف ريڊنگ ڪندي بابا سائين ڏاڍو ڪاوڙ جو اظهار ڪندا رهيا. آخرڪار تنگ ٿي ڪن دوستن جي مشورن تي ڪتاب محترم ڊاڪٽر آفتاب ابڙو صاحب جي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب محنت سان ڪم کي جلدي اڪلائي ڪتاب مڪمل ڪيو، سندن مهربانيون.
آخر ۾ ٻه لفظ آءٌ پنهنجي والد محترم شمس الدين بلبل ابڙو جي صحت ۽ عمر درازي جي دعا لاءِ پڙهندڙن کي عرض ڪيان ٿو ۽ اها به دعا ڪن ته بابا سائين جي قلم کي رب تعاليٰ وڌيڪ طاقت ڏئي. الله تعاليٰ بابا سائين کي به پنهنجي ڏاڏي وانگر بيپناهه صلاحيتن جو مالڪ بڻايو آهي. سندس تحرير ۾ تسلسل ۽ لفظن جي جوڙجڪ ۽ پختگي انتها درجي جي آهي. سندن لکڻي تمام خوبصورت ۽ جاذب نظر آهي. انتهائي اصول پرست، دل جا سخي ۽ محنتي سليقي وارا آهن. خدا تعاليٰ سندن سايو اسان جي سرن تي هميشه قائم ۽ دائم رکي آمين ثم آمين.
پروفيسر ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو (بلبل)
مرتب طرفان
ضروري التماس
مان حضرت بلبل جي سوانح لکڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه اهڙي شئي لکي چڪو آهيان، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو: ڪک ڪاڊيرا ڪاٺيون ميڙي ٻڌم مڏ،
حقيقت هيءَ آهي ته نه آءٌ قلمڪار آهيان ۽ نه ئي ڪو شهپار و تخليق ڪرڻ جو ارادو اٿم، بس! پنهنجن بزرگن جي متعلق جيڪا منهنجي ڄاڻ آهي اها قلمبند ڪري عوام آڏو آڻڻ چاهيان ٿو ۽ جيڪو مواد مون وٽ موجود آهي اهو به منظر عام تي آڻڻ چاهيان ٿو. ڇاڪاڻ ته اها ڄاڻ عوام جي امانت آهي ۽ حق حقدارن تائين پهچڻ گهرجي. اميد اٿم ته ڪتاب“محسن قوم” کان جلد پوءِ “سوانح حضرت بلبل” به شايع ٿي ويندو.
آءٌ حضرت بلبل جي سوانح ۾ واضح ڪري چڪو آهيان ته مان هڪ ترديدي مضمون لکي رهيو هيس جيڪو اهڙي شڪل اختيار ڪري ويو جو نه ترديدي مضمون رهيو ۽ نه سوانح جو ڪتاب، بهرحال سموري گهربل معلومات هڪ جاءِ تي ڪٺي ٿي وئي آهي، مون کي اميد آهي ته منهنجا پٽ ايتري صلاحيت رکن ٿا جو ان کي روايتي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ۽ شايع ڪرائي سگهن. اميد اٿم ته سندن جينيٽيڪل ڪامپوزيشن ۾ اهڙا جين کين ضرور ورثي ۾ مليا هوندا جو هي ڪم آسانيءَ سان ڪري سگهن.
حضرت بلبل جي سوانح ۾ مون هڪ سؤ کان وڌيڪ اهل قلم حضرات جي مضامين مان استفادو ڪيو آهي. ڪن صاحبن جا هڪ کان وڌيڪ مضمون يا ڪتاب حضرت بلبل متعلق شايع ٿيل آهن جنهن ڪري مضامين جو تعداد اڃا به گهڻو ٿي ويندو. سوانح جي ڪتاب ۾ ته صرف چونڊ ٽڪرا ڏنل آهن انڪري اهو ضروري آهي ته پورا مضمون به قارئين ڪرام جي سامهون پيش ڪجن جيئن هو تفصيل معلوم ڪري سگهن. ان ڏس ۾ سنڌ جي برک اهل قلم حضرات جا مضامين ڪٺا ڪري هي ڪتاب “محسن قوم” جي شڪل ۾ ٺاهي اهل ذوق آڏو پيش ڪريان ٿو. سمجهو ته هيءَ هڪ انمول مالها پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪا هن وقت اوهان جي مطالع هيٺ آهي، جنهن جو هر موتي آبدار ۽ بيش بها آهي. اميد اٿم ته اهڙا اڌ درجن کن ڪتاب انهن مضامين مان ٺهي ويندا، جيڪي آهستي آهستي اوهان تائين پهچايا ويندا. مکيه ڪتاب سوانح بلبل جنهن جو ذڪر شروع ۾ ڪيو اٿم، اهو ڪجهه دير سان قارئين ڪرام تائين پهچندو.
هن ڪتاب جي منڍ ۾ مون حضرت ضيا جا 3 مضمون ڏنا آهن ۽ انهن جي پٺيان پنهنجو مضمون ڏنو آهي جيئن حضرت بلبل جو مفصل احوال پڙهڻ ۽ معلوم ڪرڻ ۾ قارئين ڪرام جو تسلسل قائم رهي ۽ گهڻي معلومات شروع ۾ ئي کين معلوم ۽ ميسر ٿي وڃي.
ديوان بلبل جو مقدمو (حضرت ضيا جو لکيل) جيڪو مون هن ڪتاب جي شروع ۾ ڏنو آهي ۽ ٻيو ديباچو جيڪو جناب گرامي جي ايڊٽ ڪيل ڪلام بلبل ۾ ڏنل آهي انهن ٻنهي جي صحت ۾ معمولي فرق آهي. ڪجهه جملا جن ۾ محترم گرامي صاحب کي بابا سائين اهڙو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ته هو ڀلي حضرت بلبل جي لکڻين ۾ پنهنجي مرضي موجب ردو بدل ڪري. اهي جملا بابا سائين جا لکيل قطعي ٿي نه ٿا سگهن. آءٌ پنهنجي والد محترم جي طبيعت ۽ احساسات کي تمام گهڻو ڄاڻندڙ آهيان. پنهنجي پيءُ جي لکت ۾ ردو بدل ڪرڻ جي منجهن به سگهه نه هئي ۽ اهڙي امر کي هو گستاخي سمجهندا هئا، ته پوءِ اهڙي اجازت حضرت گرامي صاحب کي ڪيئن ٿا ڏئي سگهن. هونءَ به ڪنهن اهل قلم جي لکت کي پنهنجي مرضيءَ مطابق بدلائڻ ادبي توڙي اخلاقي حدن جي لتاڙ سمجهجي ٿي.
بابا جن وفات 1966ع ۾ ڪئي آهي ۽“ديوان بلبل” ۽“ڪلام بلبل” مولانا گرامي صاحب جا ايڊٽ ڪيل سن 1969ع ۾ شايع ٿيا آهن. مقدمه ۽ پيش لفظ انهن ڪتابن لاءِ بابا سائين ضرور سن 1965ع ۾ لکي ڏنا هوندا مگر ڪلام ۾ تصحيح ۽ ترميم ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ٿا ڏئي سگهن. ڪنهن انسان کي ته ٺهيو ڪنهن ملائڪ کي به اهڙي اجازت نه ڏيندا. آءٌ سندن طبيعت کان بلڪل سورهن آنا صحيح طرح واقفيت رکندڙ شخص آهيان.
هونءَ به حضرت گرامي صاحب جيڪا تصحيح ڪئي آهي اها اهڙي آهي جو ان تي ڪافي وڏو طوفان برپا ٿي ويو هو. شيخ محمد ابراهيم خليل صاحب، جناب عبدالله خان چانڊيو همدم، جناب قربان بگٽي وغيره ته دفتر ڪارا ڪري ڇڏيا. خليل صاحب“ادب ۽ تنقيد” جي سري هيٺ “ديوان بلبل ۽ ان جو مرتب” تي ڊزن کن قسطون رهبر ڊائجسٽ ۾ لکي ڇڏيون. راقم التحرير به “اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا” جي عنوان تحت “ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ” جي سلسلي ۾ اٽڪل 5-6 قسطون نئين زندگيءَ ۾ لکيون هيون. انهن قسطن جو لبِ لباب اهو هو ته تصحيح ادب جي مقرر ڪيل حدن اندر ٿيڻ گهرجي، مصنف جي لکت کي الٽ پلٽ نه ڪجي ۽ نه نوان لفظ ان ۾ ٽنبجن، بلڪه غلط لفظ جي جاءِ تي صحيح لفظ هٿ ڪري لکڻ تصحيح آهي. مثال طور حضرت بلبل جو اصل شعر آهي: ٿيو ڪلام الهام، امر و نهي جو جنهن تي نزول. پنجابي ڪاتبن ان کي لکي ڇڏيو: ٿيو ڪلام احڪام، امرو نهي جو جنهن تي نزول. هاڻي اصل لفظ “الهام” هٽائي “احڪام” لکڻ تصحيح نه آهي. اهڙو ئي ٻيو مثال به ڏجي ٿو: لاهور جي پنجابي ڪاتبن لکي ڇڏيو: همدم و همراز هردم، هم مصاحب يار غار. محترم مولانا گرامي صاحب واري ايڊٽ ڪيل ديوان بلبل ۾ اڃا سوڌو لفظ “هم مصاحب” لکيل آهي. مگر حضرت گرامي صاحب دعويٰ ٿو ڪرڻ فرمائي ته هن ديوان بلبل مان غلط الفاط ڪڍي ان کي غلطين کان پاڪ صاف ڪري ايڊٽ ڪيو آهي. مگر غلط لفظ مصاحب درست نه ڪيو اٿس. هاڻي غلط لفظ هم مصاحب جي جاءِ تي صحيح لفظ ڳولهي هٿ ڪرڻو آهي، جنهن سان بحر وزن به خراب نه ٿئي. اهو لفظ آهي “هم مصائب”. هاڻي هيءَ سٽ هن طرح صحيح ٿيندي: همدم و همراز هردم، هم مصائب يار غار.
مرحوم حضرت گرامي صاحب غلط لفظ ته رهڻ ڏنا آهن بلڪه صحيح لفظ ڪڍي ڇڏيا آهن. آءٌ اوهان کي مثال ٻڌايان ٿو: صحيح شعر ديوان بلبل ۾ هن طرح لکيل موجود آهي: “يار ۽ غم خوار، واقفڪار، سڀ سينڌو سڃاپ-خويش اقرب، به صله رحمي، هر برادر جي ثنا.” هاڻي ڏسو هن صحيح شعر سان حضرت گرامي صاحب ڪهڙو ٿو ڪلور ڪري: “يار ۽ غم خوار، واقفڪار، سڀ سنڌ و پنجاب-خيوش اقرب، صلي رحمي، هر برادر جي ثنا.” هاڻي ڏسو چڱو ڀلو صحيح لفظ “سينڌو سڃاپ” ڪڍي غلط لفظ “سنڌ وَ پنجاپ” ٽنبيو ويو آهي. سينڌو سڃاپ سنڌي زبان جو مروج محاورو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ڄاڻ سڃاڻ” هي لفظ نه غير مانوس آهي ۽ نه متروڪ پوءِ مٽائڻ جو ڪهڙو ضرور هو؟! هاڻي “خويش” لفظ کي مٽائي خيوش لکڻ جو ڇا مطلب؟ صحيح لفظ جي جاءِ تي غلط لفظ ڄاڻي ٻجهي لکڻ مان گرامي صاحب جي مراد ڇا هئي؟ “خويش، اقارب” يا “خويش و اقرب” ته معروف چوڻيون آهن. سنڌي زبان ۾ مشهور چوڻي آهي اڳ ۾ ‘خُويش پوءِ درويش’. ڪم از ڪم آءٌ ته محترم غلام محمد صاحب گرامي جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهان مگر سمجهه ۾ به نٿو اچي ته هن صاحب ائين ڇو ڪيو؟ صحيح لفظ ڪڍي ان جي جاءِ تي غلط ۽ اهڙا لفظ جيڪي ڪنهن به ڊڪشنريءَ ۾ موجود نه آهن اهي رکيا آهن. ان جو فيصلو آءٌ قارئين ڪرام تي ڇڏيان ٿو. هن قسم جا 10-20 لفظ هجن ها ته آءٌ گرامي صاحب جي هن زيادتي کي سندس تعلقات ۽ خدمات جي زير نظر، نظر انداز ڪري ڇڏيان ها مگر هتي ته صفا ڪلور ڪيل آهن. سٽن جون سٽون الٽ پلٽ ڪيل آهن.
گرامي صاحب سنڌ جو ماياناز اديب، عالم ۽ نقاد ضرور آهي مگر سندس سڃاڻپ هڪ عظيم شاعر طور نه آهي. شاعر جي تعريف مون حضرت بلبل جي سوانح ۾ ڪئي آهي ۽ حضرت ضياءُ الدين ضيا به ديوان بلبل جي مقدمه ۾ نهايت وضاحت سان ۽ عالمانه انداز سان ڪئي آهي. اسان ٻنهي جو نظريو اهو آهي ته سچي شاعري ئي شاعري آهي جيڪا الله تعاليٰ طرفان تحفي طور عطا ٿئي ٿي ۽ ان شخص جي جينس (Genes) ۾ ورثي طور اچي ٿي. جيڪو ماڻهو محنت، مشقت ۽ پنهنجي علم جي زور تي ڪو شعر لکندو ته ان ۾ رنگ ته برابر هوندا مگر خوشبو نه هوندي. اهڙو شاعر سچو ۽ فطري شاعر نه آهي. جناب مرزا اجمل بيگ صاحب جي هڪ چونڊ تحرير به مون هتي انهيءَ خاص مقصد لاءِ شروع ۾ رکي آهي ڇو ته ان ۾ سچي ۽ ڪسي شاعر جي سڃاڻپ تي بحث ڪيل آهي. گرامي صاحب جو هڪ خط به شامل ڪيل آهي جنهن مان معلوم ٿيندو ته گرامي کي ڪنهن ڳالهه تان بابا سائينءَ سان ڪا رنجش هئي. مون گرامي صاحب جي زيادتي متعلق پنهنجا تاثرات جيڪي “اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا” جي عنوان تحت نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمون ۾ قلمبند ڪيا آهن اهو مضمون به شامل ڪيو اٿم.
گرامي صاحب مرحوم اسان جو پاڙيسري ۽ عزت ڀريو شخص هو. اسان سان سندس تعلقات تمام پراڻا ۽ پنهنجائپ وارا هئا، هيءَ ڳالهه به واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ميهڙ تعلقي جا سمورا طرم خان اسان جي اوطاق تي ايندا هئا، مگر بابا سائين ڪڏهن به ڪنهن جي اوطاق تي نه ويو هو. ڳالهه جو مطلب ته محترم گرامي صاحب جا ۽ سندس مائٽن مٽن جا جهڳڙا ۽ ٻيا گهڻا ڪم بابا سائين حل ڪندو ۽ حل ڪرائي ڏيندو هو، ٿي سگهي ٿو ڪو ڪم نه ٿيو هجي ۽ محترم گرامي صاحب کي رنجش رهي هجي. هي سموريون غلط شيون بابا سائين جي وفات کان پوءِ ٿيون آهن. سندس حياتي ۾ مولانا گرامي ته ڇا ڪو وڏي ۾ وڏو ماڻهو به تڪڙ ڪرڻ جي جسارت جي لائق نه هو. گرامي صاحب محسوس ڪيو ته رئيس صاحب ته هاڻي نه رهيو آهي، باقي اسان ۾ کيس اهڙي ٿوم نظر ئي نه آئي تنهن ڪري ان قسم جي تصحيح ۽ ترميم ڪري ڇڏيائين. بهرحال مرحوم کي الله تعاليٰ بخشي جنت ۾ جاءِ عطا ڪري. آخر هو به ته هڪ انسان هو ۽ غلطي انسان کان ئي سرزد ٿيندي آهي. هر ماڻهو پاڻ کي پوري دنيا کان وڌيڪ عقلمند سمجهندو آهي، ٿي سگهي ٿو گرامي صاحب به اهڙي جذبه تحت بلبل جي ڪلام جي تصحيح ۽ ترميم ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي ته هو بلبل جي ڪلام کي به درست ڪرڻ جي لياقت رکي ٿو ۽ پنهنجي اهڙي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ غلط لفظ ڇڏي ڏنائين جيئن ماڻهو سمجهن ته بلبل کي شاعري ايندي ئي ڪونه هئي.
هيءُ سڀ ڳالهيون لکڻ نهايت ضروري سمجهي لکيون اٿم جو مون کان پوءِ انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه شاهد يا ڄاڻڻ وارو نه رهندو ته “ديوان بلبل” سان ڪهڙا ڪلور ڪيا ويا آهن. مون وٽ ديوان بلبل جا اصل ڇاپا مختلف وقتن تي شايع ٿيل موجود آهن. انهن کي ڀيٽبو ته هڪ صحيح ڪاپي ٺهي پوندي. ڪلامِ بلبل سان به ساڳي ڪارروائي ٿيل آهي. سنڌي پريس ۾ گرامي صاحب جي هن غير مناسب عمل تي جا ڇتي تنقيد ٿي هئي اهو زمانو 1970ع کان 1984ع وارو هو. هن ڳالهه کي اٽڪل 40 سال گذري ويا آهن ۽ هي قصو، قصه پارينه ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن آءٌ اهڙي نشاندهي نه ڪري ويندس ته ڄاڻي واڻي غلط ڪيل ڪلام حضرت بلبل سان منسوب ٿي ويندو ۽ هر ڪو ان کي حضرت بلبل جو ڪلام ئي سمجهندو ان ڪري هيءَ لکت نه چاهيندي به مون کي لکڻي پئي آهي.
هن تحرير ۾ مون سنڌ جي برک ۽ ممتاز اهل قلم حضرات جا شاهڪار مضامين هڪ هنڌ جمع ڪري قارئين اڳيان پيش ڪيا آهن، انهيءَ اميد سان ته حضرت بلبل متعلق سمورو مواد محفوظ به ٿي ويندو ۽ اهلِ قلم حضرات لاءِ به آساني ٿيندي. اميد ته اهڙو ئي هڪ ٻيو ڪتاب به مهيني ٻن اندر اهل علم حضرات لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن جا مضامين اردو زبان ۾ حضرت بلبل تي لکيل آهن. اميد اٿم ته اهلِ علم ۽ اهلِ قلم حضرات هن سلسلي ۾ منهنجي هر طرح جي رهنمائي ڪندا ته احسانمند رهندس.
شمس ابن ضيا ابن بلبل
تصويرون
حضرت بلبل ۽ سندس فرزند ارجمند رئيس ضياءُ الدين ضيا، هي فوٽو ڪڍرائڻ وقت حضرت بلبل جي عمر 60 سال هئي، اٽڪل ٽن سالن بعد يعني 63 سالن جي عمر ۾ حضرت بلبل وفات ڪئي. هن فوٽو کي نڪتي اٽڪل 100 سال گذري چڪا آهن پر پوشاڪ ۽ وضع قطع جو سليقو ۽ انداز ڏسو، اڄ جي زماني جهڙو پيو لڳي.
سبق ٽيٽيهون
ٽيون ڪتاب
سبق ٽيٽيهون
شمس الدين“بلبل”
مرحوم شمس الدين“بلبل” ضلعي دادوءَ جي ميهڙ شهر جو رهاڪو هو. هو هڪ وڏو شاعر ۽ مصنف هو. هن قوم جي سڌاري ۽ واڌاري جا ڪيترائي ڪم ڪيا. سنڌ جي مسلمانن جي مالي ۽ تعليمي حالت خراب ڏسي هن کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. انهن جي سڌاري لاءِ هن ايترا ڪم ڪيا جو هو هڪ وڏو ليڊر ليکجڻ ۾ آيو.
هن مسلمانن ۾ تعليم جي شوق جاڳائڻ لاءِ هڪ ڪتاب“مسلمان ۽ تعليم” نالي ڇپائي مفت ورهايو. انهيءَ ڪتاب پڙهڻ ڪري مسلمانن ۾ گهڻو سڌارو آيو. ان کانسواءِ“هلال احمر” هلچل کي به سنڌ ۾ زور وٺايائين. مسلم ايڊيوڪيشن ڪانفرنس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪرائي اسڪولن ۾ فارسي ٻولي پڙهائڻ جو فيصلو ڪرايائين. مسلمانن جون ملڪيتون، جي وياج خور هضم ڪندا ٿي ويا، تن جي بچاءَ لاءِ اولاد کي زمينون وقف ڪرڻ جو قانون پاس ڪرايائين.
ان وقت نوڪرين ۾ هندو گهڻا هوندا هئا، مسلمانن کي نوڪريون ملنديون ئي ڪين هيون. هن مسلمانن کي نوڪرين ۾ پوري حق وٺي ڏيڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. مطلب ته مرحوم بلبل جي سڄي حياتي مسلمانن جي سڌاري ۾ گذري. هن جو جنم سن 1857ع ۾ ٿيو ۽ سال 1919ع ۾ وفات ڪيائين. وفات وقت سندس عمر 62 سال هئي. شال اسان سڀني کي ڌڻي تعاليٰ قوم جي خدمت ڪرڻ جي طاقت ۽ همت ڏئي!
مشق
مرحوم بلبل ڪٿي جو ويٺل هو؟
هن مسلمانن جي سڌاري جا ڪهڙا ڪم ڪيا؟
مرحوم بلبل ڪهڙي سال ۾ وفات ڪئي؟
هيٺيان جملا درست ڪريو:
- 1. ڪالهه آءٌ اسڪول ويو آهيان.
- 2. سڀاڻي سوير آيس.
- 3. هي ٽالهيون صفا آهي.
- 4. توهين ڪڏهن موٽي ايندين؟
- 5. هيٺين لفظن جي معنيٰ ٻڌايو:
مصنف-مرحوم-وفات-وياج خور-هضم
(نوٽ: هي سبق لاهور جي ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ قائم رکيو جن کي اسين متعصب پنجابي جي نالي سان ياد ڪريون ٿا ۽ سنڌ جي سنڌي سٻاجهڙن انهيءَ سبق کي غير ضروري ڄاڻي ڪڍي ڇڏيو، سندن شان ۾ ڪجهه لکڻ جي ضرورت ڪانهي، سنڌي ۾ چوڻي آهي “ٽٽونءَ کي ٽارو تازيءَ کي اشارو.”
شمس ابن ضيا ابن بلبل)
ميهڙ شهر لاءِ هڪ بزرگ هستي جي دعا
ميهڙ منهنجي مٺڙي ملڪن ۾ مشهور،
پيدا ڪيو جنهن پرت سان بلبل * ذي شعور
ميندي پڻ هن ملڪ جي هاڪاري حنا،
لايو سجايو سڀ جو توڙي ڏيهان ڏور
ڪريان نه مٽ ملير کي مر هوءِ مارئي ماڳ،
هت واري پئي واڪا ڪري هت مهراڻ آ مخمور
پکي لکي پرڏيهه جا سڀ مڙيو ميڙاڪا ڪن
ماءُ ماهي موڪ منڃر ماڻين ٿي مشڪور
پٻڻ پاٻوڙا ڪنول ڪليون بهه کنڀيل واکاڻ
جل جک لوڙهه پن ٻورائي ڪم ٿيا ڀرپور
ڪاريون ڀوريون چوڙ ڪنڍيون کير ٿڻين تمٽار
ٽهلن رنڀن ريجهه سان ڪڏڻ مٿي پڻ ڪور
سڳداسي سونهري سڳڌائين سنسار،
چانور سي چوکا ڏسي هٽيا هاري حقدارن سور
البت اڄ ڪلهه آهه ميهڙ سو ماٺائي ۾
اڳوڻي ٿا اوج جا پل پل پونس پور
هارين هاج هٿئون وئي نڪا برڪت آ منجهه ڀاڻ،
سم سڌا سيلا ڪيا پيا ولها ٿين وهلور
محبت منجهان ماڻهيئن وئي سڃائي ساڻ،
ڪپت قهري ڪست مان ڪيڏا ڪيا ته ڪلور
نگري نراسائي ٿي اکڙيا پير اميد،
مزور توڙي مالدار سڀ فنا منجهه فتور
فضا غذا غليظ ٿي منجهي پئي ميهڙ،
اونداهي انڌير ڪيو نچوڙيائين نور
مڙس نه ٿين مايوس ڪن ڪانئر ٿا اي پر
ڪنج ٻاهون ٻڌ سندرو غازي ٿي غيور
مست مثل منصور جي ٿي اچو منجهه ميدان،
مڃائي ميمبرن کي شهر ڪيو مسرور
شهبازن جا ٻچڙا اعليٰ ڪيو پرواز
بازن جون بازون نه ٿين اڏڻ کان مجبور
ڊريو ڀُٽي پارڪ سان سونهن وڌايو سرس
گند مٽي جي ڍير کي ڪريو چڪنا چور
ترڪيو تالاب کي صاف ڪيو رستا
بجلي کسي جاري ڪري شهر ڪيو پرنور
لا تقنطو من رحمت الله اجهو آس وندن
ڪين ڇڏيندو ڪارڻي هادي هوت حضور
مردم خيز مٽي چوي ميهڙ جي ته مدام
پاڪ ڪيو گهر پانهنجو مغز ٿيو مخمور
ابڙاڻن جا ابڙا سڻ ساڙيهه جو سڏ
ميهڙ جي مندن کي جن ڪيو معذور
فائق فورٽ پاڪستان جا، غازي عبدالرسول
مهاجر انصار جي دوئي ڪريو دؤر
همٿ مردان مدد خدا ياد ڪيو يارو
ضياء فشان ٿيو زور سان تجلي هڻي جيئن طور
دائم رهي دوستن جي قائم سا ته ڪلب
مهتاب ٿئي ميهڙ جي- جا مالڪ کي منظور
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
ميهڙ تي پڻ مهر ڪري ڏک ڪرين ڪافور
مدد علي شاهه جي ميهڙ کي مدام
مر مرڪن منٺار سي جن موکيو هي منشور
فرياد ميهڙ
از ڊاڪٽر حاجي عبدالرسول خان غازي ابڙو ساڪن ميهڙ
سنڌ جا محافظ سڀ سڏائن مڙس1 ميهڙ مان مري ويا موڙيائون مير2 کي بزدل ڪيائون باقين کي جو ڍيري، گڏهه رکپال جواري ڀنگي چرسي چٽر چغل چاپلوس گرگ مير وَ سگ وزير پيٽ پالڻ لاءِ پنهنجي ٿوري لالچ لوڀ تي هاج ڏنائون هٿن ۾ غيرت جن ضمير جي پنهنجا منهن موڙي ويا زندگي سڄي زهر ڪيائون معزز مهمانو ملاحظه ڪيو اچي بانس بدبو بڇڙي ڊريو پارڪ ڊهي ويو قاصائي ٿا قهر ڪن ڪراڙيون جهڪون رڍون پائي هڏا گڏي ڇڇڙا شي نه کاڌي جي سٺي ملي هٿ ٻڌي پنهنجي حاڪم جي مٺي آهي ميهڙ تڏهين ڪڇون ته ڪاٺ پئون موٽي مالڪ ٿيون ماڳ جا غيرت ايندي شل غريبن کي جي اٿن محبت ملڪ جي همٿ ڪيو پنهنجي قادر قائم ڪندو ڪلب کي ميهڙ جا محافظ ميهڙ ئي ٿيندا ڄاڻ ساماڻم شير | ميهڙ جا محافظ ڪير؟ پراون3 پاتا پير ڪري وڏا ڦند ڦير ڏئي سور سختيون سئو ڀير چڪر ڏين چؤڦير ڪن گهٽين ۾ پيا گير سلامي شام صبح سوير سڀ لالچي لٽير وڃي ڳيجهو ٿيا ته ڳهير وڌائون وطن سان وير جيڪي جيلي جوکا جهٽير سي گهريا نه انهي گهير ڏاڍا ڏک ڏين ٿا ڏير آڻي اوندهه انڌ انڌير ڏسو گند مٽي جا ڍير وڃن حواس ڦري هر وير ڀڳا ڀُٽي پارڪ جا ڀير ٿي وئي اٿن اهڙي هير ڏيئي ڇرين کي ڇير ڪسا تورن سير ڇڙٻون ڏين ڇٻير اڳيان بيهن جيئن بٽلير جڏهن غالب ٿيا آهن غير ڪريون سئو ستين (107) جا سير ڪيون خوشيون ۽ خير ٽوڙيندا غلامي جا نير وٺندا اباڻن جا اير هتئون ٻٻرن گهرڻا آهن ٻير دائم دوست ٿين دلير ٻيا نه ٿيندا ڪير لهندا غم“غازي” چوي. |
مقدمه
ديباچو
(ڪلام بلبل-ڇاپو سال-1969ع-ايڊٽ ڪيل=گرامي)
از قلم: رئيس ضيا الدين ”ضيا“بن مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“
“ديوان بلبل” جي مقدمي ۾، بلبل جي سيرت ۽ سوانح سان گڏ سندس فن تي به ڪافي بحٿ ڪيو اٿم. اميد ته ان جو مطالعو “بلبل” جي فن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ ڪافي ثابت ٿيندو.
“ديوان بلبل” کان علاوه “بلبل” جي باقي ڪلام جي تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪي به ڇپيل ۽ اڻڇپيل چيزون، دستياب ٿي سگهيون، اهي نقل ڪرايون ويون. افسوس اهو آهي ته سنڌ مان تمام ٿورن دوستن “بلبل” جي مواد متعلق امداد ڪئي آهي. ان مان ڪجهه حصي مان ڪجهه چيزون مختصر طرح سان ڇپائڻ جي ڪوشش به ڪيل آهي، پر سارو ڪلام اڃا يڪجا نه ٿيو آهي.
ان سلسلي ۾ جناب گرامي صاحب جي صلاح ۽ ترتيب تي آخرڪار اتفاق ڪرڻو پيو، جو پاڻ رحيما، ڪريما نيچرل، پليگي ڪريما جو انتخاب ۽ باقي اخلاقي، اصلاحي ۽ قومي ڪلام، “ڪلام بلبل” جي عنوان تي جمع ڪيو اٿس. خيال هو ته هر هڪ حصو جدا نموني ۾ آڻجي ها، پر باقي ڪلام جي ناياب هجڻ ۽ قلت محسوس ٿيڻ تي جو ڪجهه به موجود ٿي سگهيو، ان کي “ڪلام بلبل” ۾ آندو ويو آهي.
مرحوم “بلبل” جي فن ۽ سندس ظريفانه، تنقيدي ۽ تخريبي پهلوءَ لاءِ هن کان اڳ سمجهاڻي ڏئي چڪو آهيان ته “بلبل” جديد فيشن جي مضر اثرات جي ازالي لاءِ، ان قسم جو اسلوب پيدا ڪيو، جو سنڌي ادب ۾ جديد هو جنهن جو اعتراف سڀني محققن ۽ اديبن ڪيو آهي.
“ڪلام بلبل” ۾ آيل سارو ڪلام متفرقات کان سواءِ، ان تخريبي ۽ تنقيدي پهلوءَ تي آهي. رحيما، ڪريما، پليگي ڪريما وغيره.
ان حصي کي مطالع ڪرڻ سان “بلبل” جي فن ۽ ان جي افاديت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. جنهن سان مرحوم جو ڪلام معمور آهي.
ٻئي حصي ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي ڪلام آهي، جنهن ۾ توحيد، رسالت، تصوف ۽ اخلاق کان سواءِ، وقت جي قومي اڳواڻن لاءِ قصيده ڏنل آهن. انهن قصيدن مان قوم ۽ اڳواڻن جي وچ ۾ باهمي تعاون ۽ محبت پيدا ڪرڻ مقصد آهي. اها قوم جا پنهنجن محسنن ۽ خادمن جا رڳا عيب جاچيندي رهندي، سا ترقي ڪري نه سگهندي. اهي قصيده پڻ ساراهيا ويا آهن. انهن جي افاديت، مطالعي کان پوءِ محسوس ٿي سگهندي.
البت ڪلام ۾ موجوده جديد شاعريءَ جي مقابلي ۾ چند فني ۽ لغوي خاميون رهيل نظر اينديون، يا بحر ۽ وزن ۾ ڪٿي ڪٿي شڪستگي ۽ ناپختگي نظر ايندي يا ٽه-حرفا لفظ ختم ، فهم، وهم، صبر، قبر وغيره غلط ٻڌل نظر ايندا، ان کانسواءِ، ڪاتين جي لغزش به اصل عبارت کي بگيڙيو آهي. ٻيو ته اهي ٿوريون گهڻيون خاميون ان زماني ۾ نظر انداز ڪندا آيا آهن.جيئن موجوده شاعر پنهنجي شاعريءَ کي باڪمال چئي رهيا آهن، تيئن آئينده ايندڙ شعراءِ جي نظر ۾، سندن ڪلام ائين ئي نظر ايندو، جيئن اسان جي نظر ۾ اسان جي وڏن جو ڪلام آهي، جنهن ۾ لغت، قافيه، بحر، وزن، حرڪات، سڪنات وغيره جون خاميون نظر اچي رهيون آهن.
ان سلسلي ۾ هڪ جدا بحث لکڻ جو ارادو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ “ڪلام بلبل” جي عظيم ادبي خوبين جو اندازو بخوبي لڳائي سگهندا.
قصيدن جي اهميت متعلق مون هن کان اڳ، “ديوان بلبل” ۾ ڪافي لکيو آهي، منهنجو مطلب هي آهي ته “بلبل” پنهنجي زماني جي بزرگن ۽ بابرڪت هستين جي چونڊ ڪري انهن جي مدح ڪئي آهي ۽ انهن جي علم، خدمت ۽ ڪمال فضيلت کان قوم کي آگاهه ڪري سندس دل ۾ عزت ۽ محبت جو بي پناهه جذبو پيدا ڪيو آهي. ان طرح سان ڪارلائل جي “هيرو ورشپ” جو بنياد سنڌي ادب ۾“بلبل” مرحوم ئي وڌو آهي، جو افسوس جو اڄڪلهه نه رهيو آهي.
اهو به عرض آهي ته ڪنهن ٻئي جي تعريف ڪرڻ وڏو فن آهي، انسان جي ڪمزوري هميشه خامين ۽ غلطين کي ڳولڻ لاءِ آماده رهندي آئي آهي ۽ نڪته چيني ڪرڻ آسان ڪم آهي پر عيبن کي ڇڏي هنر ۽ خوبيءَ جي ساراهه ڪرڻ لاءِ دل جي وسعت ۽ دماغ جي طراوت گهرجي. ان طرح مدح ۽ لنڊي خوشامد ۾ به فرق آهي. “بلبل” ڪنهن جي به اجائي خوشامد نه ڪئي آهي. نڪو مالي منفعت لاءِ قصيدا لکيا اٿس. “بلبل” جي فن جي افاديت جو اعتراف، هڪ طرف سندس همعصر عالمن ۽ فاضلن ڪيو آهي ته ٻئي طرف شاعرن ۽ اديبن پڻ تعريف ڪئي آهي، ان طرح سندس سوانح نگارن پڻ مفصل طرح سان تبصرا ۽ جائزا پيش ڪيا آهن، جي مطالع جي قابل آهن.
سنڌ جي مشهور عالم ۽ بزرگ خاندان جي هڪ رڪن مخدوم ميان محمد انور صاحب پاٽائي (مرحوم)، قاضي نور الدين صديقيءَ ميمبر سنڌ پيلڪ سروس ڪميشن جي والد، مرحوم “بلبل” جي ڪلام ۽ فن تي هڪ مفصل جائزو، آفتاب 25 اپريل 1908ع ۾ شايع ڪرايو هو. ان جو هڪ مختصر اقتباس پيش ڪجي ٿو. فرمائي ٿو:
“جيئن ناليري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن پنهنجن ناولن ۾ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجي قوم ۾ جا فيشن جي دلداده ٿي چڪي هئي، هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو، تيئن “بلبل” جي ظرافتي مقالن، تصنيفن ۽ مزاحيه شعرن، جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو، سو قوم جي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي. جيستائين مصنف عوام جي دلين جي لاڙي کي جاچي انهن جي مزاج مطابق نه لکندا، تيستائين سندن تصنيفون گهربل اثر پيدا نه ڪنديون. مشهور شاعر شيڪسپيئر جي سر جو سهرو، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنهن تي سونهي ٿو ته اهو اسان جي فخر قوم “بلبل” جي سر تي سونهي ٿو.”
“بلبل جي فن ۽ ڪلام جا شائق، اڄ تائين “بلبل” جي تاليفات کي ساهه سان سانڍيو ٿا اچن. ڪيترا اهڙا اهل ذوق به موجود آهن، جن کي “بلبل” جي نظم ۽ نثر جا ڪيئي ڪتاب اصل برزبان ياد آهن، جن مان ڪافي مشهور ڪتاب، جناب گرامي صاحب ايڊٽ ڪيا آهن.
مون هت “بلبل” جي فن لاءِ چند اشارا ڏنا آهن، اميد آهي ته نظر وارا پارکو، ان مان ئي اندازو لڳائي سگهندا ته “بلبل” جي فن جي اڄ به ڪيتري نه ضرورت آهي!
هن سلسلي ۾، ٻين عالمن جا مختصر رايا پيش ڪرڻ ڪافي ٿو سمجهان، جن مان مرحوم خانبهادر محمد صديق ميمڻ، مرحوم واصف صاحب، مرحوم حاجي محمود “خادم” صاحب، مرحوم حافظ “بسمل” ٽکڙائي، جناب پير حسام الدين راشدي صاحب، محترم مولائي شيدائي، جناب سيد علي اڪبر شاهه صاحب، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم صاحب “خليل”، مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي، مرحوم “مخلص” صاحب، مرحوم مرتضائي ٺٽوي، مرحوم حڪيم نور محمد نظاماڻي “نورل” ۽ مرحوم جمعو خان “غريب” قابل ذڪر آهن.
مرحوم “بلبل” جي فن کي هر ڪنهن نقاد ۽ صاحبِ فن تسليم ڪيو آهي ۽ داد ۽ تحسين ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو آهي.
مرحوم خانبهادر محمد صديق ميمڻ لکيو آهي:
“ظرافت ۽ مذاقيه ڪلام جي ڪري “بلبل” پنهنجن همعصر، خواهه پيشرو شاعرن کان گوءِ کڻي چڪو آهي، سارو مذاقيه ڪلام ناصحانو ڪلام آهي.” (تاريخ سنڌي ادب جلد 4 ص 515)
مرحوم “واصف” صاحب رقمطراز آهي:
“سرزمين سنڌ جي هڪ مشهور اديب، شاعر عجيب ۽ اهل زبان مرحوم شمس الدين “بلبل” جنهن جي اڳيان بلبل هزار داستان به گنگي ۽ طوطي خوش گفتار کي به عجز جو اقرار هجي... مرحوم “بلبل” کي قيام ازل کان، ڪيتريون خوبيون قسمت ۾ آيون هيون، جيئن شعر و شاعري، فصاحت ۽ بلاغت، نثر نويسيءَ جي نزاڪت، ان سان گڏ ظرافت جي ضيافت، فن صحافت جي قابل قدر لياقت ۽ قابليت، انهن مڙني خوبين ۾ مرحوم “بلبل” پنهنجو مٽ پاڻ هو.”
“شعر و شاعري ۾ مرحوم “بلبل” پنهنجي همعصر شاعرن جي نقش قدم تي هليو آهي. جيئن ته دؤر جديد جي شاعرن وٽ جيڪا عروض وغيره جي پختگي ۽ پابندي آهي، اها مرحوم “بلبل” ۽ ان جي همعصر شاعرن ۾ ذرا گهٽ آهي. جنهن جا مثال ڳولبا ته گهڻي تعداد ۾ لڀي پوندا.
“درحقيقت هن ۾ مرحوم “بلبل” جو ڪوبه قصور ڪونهي، ڇو ته سندس دؤر جي شاعرن جو اهو دستور ۽ طريقو هو. تنهن هوندي به سندس ڪلام جي رواني، موج، دريا جي نشاني آهي، چوندي چوندي بحر پلٽيو وجهي!”
نظم جي عزم کي ڇڏي سندس نثر نويسيءَ کي وٺبو ته اتي به حيرت تي حيرت آهي. نثر جي نفاست توڙي ان جي نزاڪت لاجواب آهي، جنهن جي حد نڪو حساب آهي.
وري ظرافت جي چاشني چکجي ته اهڙي لذت ٿي وٺجي جو گويا شيخ ڪباب کي بلا حجاب هضم ڪيو ويو...! ظرافت جي لياقت، “بلبل” جي فطرت ۾ بلڪل ڪثرت سان ٿي ڏسجي. فقري فقري ۾ اهڙو رنگ رچايو اٿس ۽ جملي جملي ۾ اهڙو ڍنگ مچايو اٿس. خليل صاحب جو هي قول بلڪل صحيح آهي ته “بلبل” کان پوءِ اهڙي ظرافت ڪنهن کي نصيب نه ٿي...” باقي رهيو فن صحافت، ان جي حڪايت به ڪهڙي ڪجي! پنهنجي وقت جي اخبار نويسن ۾ “بلبل” پنهنجي نوع جو پاڻ مالڪ هو، حضرت خليل جيڪي مثال ڏنا آهن، انهن ۾ هن بيمثال اخبار نويس جو شان بلڪل بلند ۽ بالا آهي. رب تعالى ان کي اها وڏي ڏات ڏني هئي، جنهن جي ڪهڙي بات ڪجي...” (بلبل سنڌ ص ... مولف ڊاڪٽر خليل ص: ه، و، ز).
مرحوم “بلبل” لاءِ “مخلص” مرحوم فرمائي ٿو:
“‘بلبل’ مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، ۽ پهريون شخص هو جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ اهوئي هڪ هو جنهن پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس، پر اثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو ڄمايو.” (ڪشڪول رسالو، از مخلص مرحوم)
سنڌ جي مشهور عالمِ دين، محقق ۽ مورخ مولانا دين محمد صاحب “وفائي” مرحوم لکيو آهي:
“بلبل” جي لکڻي، ظرافت آميز ۽ پرمذاق هوندي هئي جنهنڪري هر هڪ ماڻهو سندس مضمونن کي ڏاڍي شوق ۽ لطف سان پڙهندو هو.
هن سنڌي زبان ۾ تمام چڱو سڌارو ڪيو ۽ نئين رنگ ۾ سنڌي لٽريچر ۾ اضافو ڪيائين. نظم توڙي نثر ۾ گهڻائي ڪتاب لکيائين... ديني تعليم لاءِ به ڪتابن جو سلسلو لکيو اٿس. سندس مطالعو تمام وسيع هو.
1907ع ۾ آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ فارسي زبان ۽ تعليم تي جا بلبل تقرير ڪرڻ فرمائي سا فصاحت ۽ بلاغت جو بهترين نمونو هئي، جنهن جو هندستان جي وڏن وڏن اڪابرن، نواب وقار الملڪ پارن داد ڏنو.”
(الوحيد، “سنڌ آزاد” نمبر 2، ص 164-165ـ
سنڌ جي مشهور اهل قلم ۽ عالم دين حڪيم مولانا فتح محمد سيوهاڻي مرحوم، “بلبل” جي فن جي تحسين هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:
“اهو محترم شخص سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهل قلم، رئيس شمس الدين “بلبل” هو، جنهن جي شعر جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل هو، سندس قلم جو زور ضرب المثل هو. مرحوم “بلبل” “پرگو ۽ بديهه گو” ظريف ۽ صاحبِ ذوق سليم شاعر هو. سندس قلم جون گلڪاريون، “آفتاب” جي صفحن تي ڏسڻ جهڙيون هونديون هيون. ظرافت نگاريءَ جو ته استاد هو. سندس ڪلام دلچسپ ۽ دلڪش هو.”
(خود نوشت حيات، از حڪيم مرحوم)
هڪ قطعي ۾ هن طرح ٿا فرمائين:
شمس الدین ‘بلبل’ جو ہے شیریں مقال،
سندھ میں شاعر ہے، عالی مرتبہ،
پرچہء الحق ہوا ہے، اور بھی،
حضرتِ ‘بلبل’کے اب زیرِ نگہ،
کہدو یوں سالِ تقرر، اے ”صغیر“،
روشن ‘الحق’ ‘آفتابِ’ دین ہے وہ!
مرحوم حاجي محمود “خادم” لاڙڪاڻوي، لکي ٿو:
“منهنجي خيال موجب، هڪ اعليٰ مفڪر کي پرکڻ جون ٽي نشانيون آهن، هڪ ته هن ڪا جدت آفريني ڪئي هجي، ٻيو ته هن سوسائٽيءَ ۾ نئون روح ڦوڪيو هجي ۽ نوان جذبا پيدا ڪري نيڪ اثر وڌو هجي. حقيقت جي ترجماني ڪري ٻين جي شڪن ۽ شبهن کي دور ڪيو هجي، ٽيون ته هن ۾ پيشنگوئيءَ جو مادو هجي ۽ قوم خواه وقت جو پورو نبض شناس ثابت ٿيو هجي.
هنن سڀني پرکائن تي “بلبل” بلڪل پورو لهي ٿو.
هو پهريون آهي جنهن ظرافتي نظم لکيو... هو پهريون آهي جنهن ظرافت جي رستي، انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو... هو پهريون آهي جنهن ظرافت جي رستي، حڪومت جي راشي آفيسرن، علماءِ ڪرام ۽ پيران عظام جي مخرب قوم ۽ اخلاق جي رياڪارانه ڪاررواين تي تنقيد ڪئي... هو پهريون آهي، جنهن يورپ جي مخرب اخلاق فيشن جي تقليد ۽ براين جي اصلاح بابت انگريزي خوانده نوجوانن تي طنز ڪري، کين ملڪي ۽ اسلامي تهذيب ڏي متوجهه ڪيو... هو پهريون آهي، جنهن ظرافت جي پردي ۾،“ڪريما” تي “تضمين” لکي، پنهنجا اسلامي اصلاحي خيالات ظاهر ڪيا. هو پهريون آهي، جنهن ڪريما سعديءَ جي طرز تي رحيما مثنوي مذاقيه ۽ اصلاحي رنگ ۾ نظم ڪئي. هو پهريون آهي جنهن موجوده سليس نثر نويسيءَ جو رنگ اختيار ڪيو. جو خاص طرح اخباري دنيا لاءِ بلڪل ڪارائتو ثابت ٿيو... “بلبل” جو اهو احسان ڪڏهن به نه وسرندو، جنهن نه رڳو اهو نمونو ايجاد ڪيو، بلڪه ان کي پنهنجي خدا داد ذهانت ۽ قلمي طاقت سان نهايت بلند مرتبي تي پهچايائين. هن پوئين راءِ ۾ “بسمل” مرحوم سان “مخلص” به شامل آهي.
“نوان استعارا، نيون تشبيهون،نيون تمثيلون، نيون ترڪيبون، نوان نڪتا، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت بلاغت ۽ نون مضمونن وغيره جهڙيون خالص فني خوبيون، سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيائين ۽ ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيائين.”
(اپريل 1951ع ڪراچي ريڊيو تان نشر ڪيل)
مرحوم حافظ عبدالله صاحب “بسمل” ٽکڙائي مرحوم لکيو آهي: “بلبل” مرحوم پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر نويسيءَ جي طرز ايجاد ڪئي. در حقيقت مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب هن طرز ۾ مرحوم “بلبل” جو ئي مقلد آهي... سندس ايڊيٽريءَ ۾ جيڪي اخبارون شايع ٿيون، انهن ۾ سندس پرزور ۽ فصيح ۽ بليغ نثر نويسيءَ جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي به پرزور اخبار نويس ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر “مسافر”يا مرحوم شيخ محمد سليمان يا مرحوم “مخلص” سي سڀئي “بلبل” جا خوشه چين ۽ مقلد آهن.
“هن ڳالهه کان ته هرگز انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سنڌ ۾ ظريفانه شاعريءَ جو پهريون پهريون موجد، مرحوم “بلبل” آهي. هن جو مخترع دماغ قومي اصلاح بابت جرئت ۽ طاقت سان عجيب عجيب مضمون پيدا ڪرڻ لڳو.
“... سندس ظريفانه ڪلام مطالع ڪبو ته ... واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀيئي ظريف شاعر، ويندي مخلص تائين “بلبل” جا منبع ۽ خوش چين آهن.
“مرحوم“بلبل” جو ظريفانه رنگ ۾ سنڌي نثر خواهه نظم ۾ ڪوئي ثاني نه آهي... زبان جي صفائيءَ ۽ فصاحت ۽ بلاغت ۽ ادائي مطلب ۾ “بلبل” مرحوم جو مَٽ ڪو ورلي پيدا ٿيندو.
... البت ڪلام جي موزونيت جو گهڻو خيال نه رکيو اٿس، جو ان وقت جي هر شاعر ۾ اها ڪمزوري نظر آئي ٿي.
... ظرافتي نثر نويسيءَ جي ايجاد به سنڌ ۾ پهريائين “بلبل” مرحوم ڪئي.
(بلبل جا ادبي اوليات، بلبل نمبر، نئين زندگي 1965ع)
پير حسام الدين صاحب راشدي، “سنڌي ادب” ۾ رقمطراز آهي:
“مرحوم “بلبل” پهريون شاعر شيرين بيان آهي، جنهن مولانا حاليءَ ۽ اڪبر الهه آباديءَ جي اصلاحي ۽ ظريفانه رنگ ۾ شاعري ڪئي”. (سنڌي ادب، اردو)
محترم مولائي شيدائيءَ “آفتاب” اخبار جي تاريخ لکندي، هڪ هنڌ لکيو آهي:
“مرحوم شمس الدين “بلبل” آفتاب جو ايڊيٽر ٿيو، جو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ يدطوليٰ رکندڙ اديب هو.” (آفتاب، سکر-نئين زندگي 1965ع)
جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب، (سابق ايم،ايل، اي سنڌ) لکي ٿو:
“بلبل” پنهنجي پرزور ۽ رنگين مضمونن سان ساريءَ سنڌ ۾ غلغلو پيدا ڪيو. جيڪي ماڻهو سنڌيءَ جي رنگينيءَ کان غير مانوس هئا، سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا. هن اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم آندا، جنهن جي مطالع سان خود اهل قلم به دنگ رهجي ويندا هئا. سنڌي زبان ۾ هن پنهنجيءَ رنگينيءَ ۽ ظرافت نگاريءَ سان جيڪا جدت پيدا ڪئي سا ان ۾ اڳ نه هئي، گويا ان فن ۾ کيس، سنڌي انشاءَ جو موجد چئي سگهجي ٿو.”
(رسالو علمي دنيا، ڪراچي- اپريل 1930ع)
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم “خليل” لکي ٿو:
“بلبل” مرحوم جي سخن سازيءَ تي غائر نظر ڪبي ته پڌري طرح معلوم ٿيندو ته جڏهن “بلبل” شعر ۽ ادب جي ڪوچي ۾ گامزن ٿيو ته نه رڳو سنڌي شاعري بلڪه اسان جو ادب هڪ مضحڪه انگيز نقالي بنجي رهجي ويو هو. ان ۾ نڪو لطف هو ۽ نه زندگيءَ جا آثار هئا. ان جي رنگيني ڪاغذ جي گلن جي رنگينيءَ وانگر هئي. “بلبل” کان اڳ جي شاعري، بي لطف، ڦڪي ۽ سنئين سنواٽي سنڌيءَ ۾ لکيل هئي. سندس ڪلام ناصحانه ۽ ظريفانه رنگ ۾ ڀريل آهي، ان جو مطالعو ڪبو ته “بلبل” جي خداداد قابليت ۽ شاعرانه قوت جو پورو پورو ثبوت ملي سگهندو ۽ واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀئي ظريف شاعر، ويندي “مخلص” تائين بلبل جا منبع ۽ خوشه چين آهن.” (بلبل سنڌ ص 63 ۽ 89)
مولوي حڪيم نور محمد نظاماڻي، ايڊيٽر “مرغِ فلڪ” هن طرح “بلبل” جي فن جي تحسين ڪئي آهي:
سخن جي ملڪ جو سردار بلبل،
بهار الحق سندو سينگار بلبل.
سخن جا سروَ، نرگس، لاله، چندين،
و ليڪن، غيرتِ گلزار بلبل.
به شهرِ شعر، ڪَن شربت فروشي،
گهڻا تاجر، مگر عطار بلبل.
سخنداني سندا، درياءَ چندين،
مگر هي بحر آ، ذخار بلبل.
منور جئن ڪه، شمس الدين، اسمش،
بـــلاشــڪ، تــئــن پُــر از انــوار بــلبــل.
خوشامد جي نه ورتي، راهه “نورل،”
مگر شيدائي، برگفتار بلبل.
(مختصر از مرغ فلڪ)
جناب ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب “خليل” هڪ نظم ۾ چيو آهي:
ڪنهن کي “بلبل” جي نه هٿ آئي ڪڏهن طرز مذاق،
ان جي شعرن جو تتبع ڪيو توڻي آفاق،
ملڪ و ملت کي ڏسي، اهڙي ته هن راههِ وفاق،
جو ڀڄي دور ٿيا، قوم کان خود بغض و شقاق.
سنڌ اهڙو نه ڪيو هو ڪو سخنور پيدا،
نه بلاغت ۽ فصاحت ۾ به همسر پيدا.
دلفريبيءَ جو ظرافت ۾ رکي ٿو سامان،
جنهن جي تنقيد تي نقاد ٿئي ٿو حيران،
دلڪشي نشر جي ڄڻ آهه، ٽڙيل ڪو بستان،
نظم جي آب تان پڻ گوهرِ رخشان قربان.
شعر جي هر سخنِ صنف ۾ ماهر بلبل
فارسيءَ جو هو، ته سنڌيءَ جو به شاعر بلبل.
مرحوم جمعو خان “غريب”، مرحوم “بلبل” جي وفات واري قطع تاريخ ۾ فرمايو آهي:
هو هندستان ۾، فصاحت جو فائض،
بلاغت جو عنوان، مرحوم بلبل.
هواءِ ادب ۾ هو پرواز ان جو،
هو شاهين، باشان، مرحوم بلبل.
هو علمِ معاني جو استاد ڪامل،
هو سعدي ۽ سحبان، مرحوم بلبل.
هو فيلسوفِ زمانه ۽ شاعر،
اديب، همه دان، مرحوم بلبل.
“هو مغفور” ۽ باسر، دل وري چئو،
1337هه 4
حق! اعليٰ تر انسان، مرحوم بلبل.
سرِ دل ويو! عيسوي سال ٿي ويو!
“هو جنت ۾ ذيشان”! مرحوم بلبل.
1337هه 1919ع
اميد ته سنڌ جا اهل ذوق حضرات، “ڪلام بلبل” جي مطالعي وقت،اڻويهين صديءَ جي تاريخي پس منظر ۽ ان دؤر جي حالات کي اڳيان رکي غور ڪندا ۽ ڏسندا ته ان دؤر ۾ پيش ڪيل خيالات هن اسان جي دؤر سان ڪيتري قدر ٺهڪي ڦهڪي ٿا بيهن.
آءٌ آخر ۾ جناب گرامي صاحب جو پڻ شڪريو ٿو ادا ڪريان جنهن جي وسيع مطالعي ۽ ڪاوش “بلبل” جي فن ۽ ڪلام کي نئين زندگي بخشي آهي.
ان سلسلي ۾ گرامي صاحب هيٺيان ڪتاب پڻ ايڊٽ ڪيا آهن، جي سڀ مطالع جي قابل آهن، جيئن “تيرهن ڄار مڪرن جا مار”، “بهار عشق”، “مسلمان ۽ تعليم”، “چٽ سوال پَٽ جواب”، “آئينه تجارت”، “ميلو قلندر لال شهباز”، “معيار الاديان”، “رساله ترحم يتيمان،” “لطائف ظرائف،” “گلزار لطائف” ۽ “اوائلي تعليم” وغيره. اميد ته باقي ڪتاب جيئن هٿ ايندا ويندا، تيئن تيار ٿيندا ويندا.
“مسلمان ۽ تعليم” تي گرامي صاحب جو لکيل مقدمو، هڪ تاريخي چيز آهي، جنهن جي پس منظر ۾ ان دؤر جي مسلمانن جا تعليمي مسئلا ۽ مطالبا سمجهي سگهجن ٿا. باقي سڀ ظرافت آميز ۽ مزاحيه نثر جا اصلاحي شاهڪار آهن ۽ “معيار الاديان“ ۽ “اوائلي تعليم” خالص ديني آهن.
والسلام، 20 فيبروري 1965ع
بلبل-سنڌ مفڪر جي حيثيت ۾
از قلم: رئيس ضيا الدين ضيا
گاهي گاهي باز خوان اين قصئه پارينه را
ريرڊيو پاڪستان جو سنڌي ادب تي هي احسان چئبو جو مون کي اڄ هڪ اهڙي نئين ۽ اهم ڳالهه پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، جنهن کي قلمبند ڪري ايندڙ نسلن جي رهنمائي لاءِ ڇڏي وڃڻ جو مون کي گهڻي وقت کان وٺي شوق هو. بلبلِ سنڌ مرحوم مغفور رئيس شمس الدين کي سنڌ جي علمي دنيا جو ننڍو وڏو فرد ائين سڃاڻي ٿو جيئن شيخ سعدي رحمت الله عليه کي يا حضرت مولانا اڪبر الهه آبادي کي جن ٻن بزرگ هستين سان کيس قبله علي اڪبر شاهه صاحب ايم.ايل.اي ڀيٽيندو آهي.يعني ته هن کي هڪ شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ هر ڪو ڄاڻي سڃاڻي ٿو پر اڄ منهنجي تقرير جو موضوع اهو نه آهي ته هن کي انهيءَ ساڳئي رنگ ۾ پيش ڪريان جنهن ۾ تاج الشعرا حضرت ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم صاحب خليل ۽ مولانا غلام محمد صاحب گرامي پيش ڪري چڪا آهن. منهنجو اشارو هنن صاحبن جي انهن دلڪش ۽ پرمغز تقريرن ڏانهن آهي جن ۾ 9 آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۽ 11 آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ۾ هنن بلبل مرحوم جي شعر و شاعريءَ تي ڪافي روشني وڌي هئي.
آءٌ اڄ هيءَ دعويٰ کڻي اوهان جي اڳيان آيو آهيان ته مرحوم و مغفور بلبل نه رڳو هڪ اعليٰ درجي جو شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر هو پر پهرين صف جو سنڌي مدبر مفڪر ۽ موجد پڻ هو. هن پهلو طرف تمام مختصر طرح جناب حاجي قبله سيد علي اڪبر شاهه پنهنجي “علمي دنيا” جي ماه اپريل سال 1930ع واري مضمون ۾ اشارو ڪيو آهي ۽ ساڳي طرح الوحيد جي اداري طرفان ان جي سنڌ آزاد نمبر ۾ جو سال 1936ع ۾ شايع ٿيو پڻ اهڙو اشارو ٿيل آهي، پر اڄ مون کي قدرت اهو نادر موقعو ڏنو آهي جنهن ۾ آءٌ انهن اشارن کي چٽي طرح ۽ کولي ثابت ڪري اوهان جي خيال کي بدلي سگهندس جو خود اوهان خوشيءَ سان تسليم ڪندؤ ته بلبل هڪ اعليٰ سنڌي مفڪر هو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ هيءُ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيندو.
حضرات شروع ۾ هي سمجهڻ نهايت ضروري آهي ته هڪ اعليٰ مفڪر جي سڃاڻپ جو معيار ڇا آهي ۽ ان جون نشانيون ڪهڙيون آهن جن جي آڌار تي قطعي طرح فيصلو ڪري سگهجي ته هيءَ هستي اعليٰ مفڪرن جي صف ۾ بيهڻ جي قابل آهي يا نه؟
هڪڙا مفڪر اهي آهن جي حڪمت ۽ فلسفي جا دقيق ۽ نوان نظريه پيش ڪن ٿا جيئن مثال طور بو علي سينا، امام غزالي رحمة الله عليه يا ڪانٽ ڪيو. ظاهر آهي ته هن قسم ۽ درجي جي تفڪر سان هت بحث ڪونه آهي. ٻيو نمونو انهن خالص فني مفڪرن جو آهي جي جذبات ۽ مشاهدات جا نادر شهپارا فني رنگ ڍنگ ۾ بنا ڪنهن ڪوشش ۽ ڪاوش جي، پيش ڪري ويا ته انهن جو اثر عوام تي ڪهڙو پيو يا پوندو يا انهن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ايندو به يا نه ايندو. هن قسم جي مفڪرن جا ٻه وڏا ٽولا آهن. هڪڙا اهي جن سوسائٽي تي سٺو اثر وڌو ۽ جن جو فن ممد حيات ثابت ٿيو. ٻيا اهي جن سوسائٽي تي تباهه ڪن اثر وڌو ۽ حيات لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيا. حضرت مولانا حسرت موهاني جي نظر ۾ شاعري جو ڪلام عاشقانه، عارفانه ۽ فاسقانه ٽن درجن جو ٿيندو آهي. سندس هيٺئين عجيب تشريح ۽ نادر تقسيم شجره جي شڪل ۾ قابل غور آهي:
هن قسم جي شاعرن اديبن وغيره لاءِ مولانا جو هڪ قطعو واه جو آهي:
پسند آیا طریقئہ شاعری تیرا ہمیں حسرت،
کہ جب کہنا کبھی کچھ نغز کہنا ہے بدل کہنا.
مثال طور وٺو حضرت غالب ۽ اوسوڪر وائيلڊ کي، ٻئي گويا سوسائٽيءَ کي چون ٿا ته:
من آنچہ شرط بلاغت باتو ميگويم
تو خواه از سخنم پدنگير خواه ملال
هو بي پرواهي سان پنهنجا فني شاهڪار پيش ڪندا آهن ۽ فن کي فن خاطر ڄاڻن ٿا، پر غالب جو اثر سوسائٽي تي نيڪ ئي پوي ٿو ۽ اوسڪر وائيلڊ جو ان جي ابتڙ، هن نوع جي برعڪس وري اهو ٽيون طبقو مفڪرن جو آهي جو فن کي فن خاطر نه پر پند و نصيحت خاطر ڄاڻي ٿو ۽ ان ۾ ڪوشش ڪري ڄاڻي ٻجهي پنهنجي فلسفئه حيات کي پيش ڪري ٿو. هن طبقي جي مکيه مثالن طورمنهنجي زبان تي مرحوم علامه اقبال ۽ جارج برنارڊ شا جا اسماءِ گرامي تري اچن ٿا. هن قسم جو هڪ ٻيو نهايت اهم گروهه اهو آهي جيڪي پنهنجي فن ۾ پند و نصيحت جو پهلو ته ضرور رکن ٿا پر اهو اهڙي نازڪ نموني ۾ مخفي رکن ٿا جو سامعين هنن کي هڪ ناصح يا فيلسوف جي ڍانچي ۾ نه ٿو ڏسي بلڪه هنن کي محض پاڻ جهڙو ۽ پنهنجو همدرد ۽ انسانيت جو پتلو ڄاڻي هنن کي پيار ڪري ٿو ۽ پيار ڪندي هنن جي هر مخفي اصلاح کي نادانسته طور قبول ڪري وٺي ٿو. هن درجي جو مفڪر ۽ پهريون نمبر آءٌ حضرت شاهه لطيف ڀٽائي رحمة الله عليه کي چوندس. انهيءَ ساڳي صف ۾ بلبل مرحوم به اچي وڃي ٿو. هن جو تفڪر ۽ فلسفئه حيات به اهڙي طرح جزئه هست بڻجي ويا آهن جو هن جي هر ادا، هر صدا ۽ هر ندا ۽ هن جي سڄي رهڻي ڪهڻي هڪ نازڪ، لڪل فن ۽ پيغام هو. هن جو خطاب ڪنهن خاص طبقي ڏانهن نه پر عوام لاءِ هو. اهوئي سبب آهي جو 80 سالن جي عرصي گذرڻ بعد به هو سنڌين جي دل ۾ خاص جاءِ رکي ٿو ۽ سندس ڪلام اڃا به ماڻهن کي ياد آهي ۽ زبان زد عام بڻجي چڪو آهي.مثال طور عرض ڪندس ته خانبهادر چاڪر خان بلبل مرحوم جو ڪلام هر مجلس ۽ هر محفل ۾ پيش ڪندو رهندو آهي ۽ ميان محمد ڏيرو صاحب وٽ هڪ مولوي صاحب مليو جنهن کي سموري رحيما بر زبان ياد هئي جا مرحوم احمد علي خان ڏيري منهنجي عرض تي لکرائي مون کي موڪلي هئي. سندس هن طرز جي اصلاح ۽ اخلاقي پهلو کي نظر ۾ رکندي ئي حضرت قبله سيد علي اڪبر شاهه صاحب بلبل مرحوم کي “سنڌ جو سعدي” سڏيو آهي.
بلبل مرحوم جي صف ۽ درجي جي تعين ڪرڻ کانپوءِ ڏسڻو آهي ته هڪ مفڪر جون جيڪي مکيه علامتون آهن انهن موجب بلبلِ سنڌ به ڪسوٽيءَ تي سچو ثابت ٿئي ٿو يا نه.
حضرات مون ناچيز جي خيال موجب هڪ مفڪر جون هيٺيون علامتون آهن:
ته هن ڪابه جدت آفريني ڪئي هجي ۽ اوليات جو مالڪ بڻجي چڪو هجي.
ته سوسائٽيءَ ۾ هن نئون روح ۽ نئون جذبه ڦوڪيو هجي ۽ هن تي سٺو اثر وڌو هجي.
ته هن ۾ پيش گوئي جو مادو هجي ۽ هو قوم ۽ وقت جوپورو پورو نبض شناس ثابت ٿيو هجي.
بلبل جي جدت آفريني ۽ ادبي اوليات:
هن باب تي ڳالهائيندي منهنجي خيال ۾ مرحوم حضرت حافظ بسمل ٽکڙائي جو اهو مضمون پيش ڪرڻ بلڪل بهتر ٿيندو جو مئي 1947ع ۾ “بلبل سنڌ” نالي اڃا غير مطبوعه ڪتاب جي مهاڳ لاءِ لکيو آهي. فرمائين ٿا ته:
“جن بزرگن شاعري جي پوري پوري خدمت ڪري ان کي ڪمال درجي تي پهچايو ۽ شاعريءَ کي قوم لاءِ ڪار آمد بڻايو ۽ ان ۾ اصلاح ڪئي انهن بزرگن ۾ حضرت بلبل مرحوم جو نام نامي ۽ سندن ذڪر گرامي، شاعري جي چهري تي آب و تاب ۽ سرزمين سنڌ لاءِ طره امتياز آهي. زمانو مرحوم جي خداداد قابليت ۽ شاعرانه قوت کي نڪي وساري سگهندو ۽ نڪو هن جا اوصاف وسارڻ جهڙا آهن ئي... تفصيل کي مجمل ڪرڻ لاءِ بلبل مرحوم جا ڪي اوليات ڏيکاريون ٿا جن جي ايجاد جو سهرو صرف سندس لاءِ مخصوص ۽ ان تائين محدود آهن. الاماشاء الله.
1. بلبل مرحوم پهريون آهي جنهن اصلاحي ظرافتي نظم لکيو ۽ ظرافت ذريعي ملڪ ۽ قوم جي اصلاح ۽ خدمت ڪئي. ظريفانه ڪلام جي زور تي مسلمانن کي انگريزي علم طرف راغب ڪيائين ۽ ظرافت جي رستي حڪومت جي ظالم آفيسرن ۽ نام نهاد علماءِ ڪرام ۽ پيرانِ عظام جي مخرب قوم ۽ اخلاق جي ريا ڪارانه ڪاررواين تي تنقيد ڪيائين. اسان جي تحقيق ۽ تلاش موجب سنڌ جي ادبي تاريخ جو وسيع دفتر اهڙي ڪنهن به بزرگ جو نالو هرگز هرگز پيش ڪري نٿو سگهي جو هن فن ۾ بلبل مرحوم سان همدوش ٿي موجد جو خطاب پائي سگهيو هجي.
حضرات هت حضرت بسمل جي مضمون کي قطع نظر ڪندي عرض ڪندس ته هيءَ ئي وصف آهي بلبل جي ڪلام جي، جنهن جي ڪري جناب حاجي سيد علي اڪبر شاهه صاحب کيس مولانا اڪبر الهه آبادي سان ڀيٽيو آهي ۽ مرحوم مخدوم محمد انور صاحب پاٽائي به کيس سنڌ جو شيڪسپيئر سڏيو آهي. ظرافت کي شخصي حملي کان بالاتر رکي ان کي طنز، ٽوڪ يا هجو کان بچائي ان ۾ اخلاق ۽ اصلاح جي چاشني ڀرڻ هندوستان ۾ فقط مرحوم مولانا اڪبر الهه آبادي جو شان هو ۽ سنڌ ۾ مرحوم بلبل جو. نه هندوستان ۾ ئي ڪو اڪبر الهه آبادي جو وري ڪو ثاني پيدا ٿيو ۽ نه سنڌ ۾ ئي بلبل جو مٽ وري نظر آيو. غلطي سبب ڪي صاحب مرحوم مخلص کي به ظرافت جي ميدان ۾ آڻيندا آهن، پر هن صاحب جي مزاح محظ هجو، ٽوڪ ۽ دل آزاريندڙ بڻجي وئي ٿي ۽ ان ۾ هڪ ايڊيٽر جو جذبو ڪارفرما هو ۽ اها ادبيت کان خالي هئي ۽ ان مرحوم کي ڪيترن جي دشمني جو شڪار ڪيو ۽ مرحوم ايتري قدر ان کان بيزار بڻجي ويو جو بلبل مرحوم ڏانهن هڪ خط ۾ جو 23 آڪٽوبر 1916ع جو لکيل آهي فرمائي ٿو ته:
“مڪرما و معظما دام تلطفه، عنايت نامو عين انتظار ۾ پهتو، مطالعو ڪري فرحت حاصل ٿي، مڪرما اوهان کي شايد معلوم هوندو ته جيڪڏهن مون کي پنهنجي والد ماجد کان سندس تجربو علمي ميراث ۾ نه مليو آهي تڏهن به سندس راست بازي ۽ حق گوئي جو ڪجهه حصو ضرور مليو آهي. انهيءَ راست بازي موجب هميشه پاڻ کي تڪليف ۾ مبتلا ڪندو آهيان... ٻيو ته آءٌ پاڻ ظرافتي مضامين کان بيزار آهيان تنهن ڪري هي سلسلو جو نيم حڪيمن لاءِ شروع ڪيو اٿم سو پورو ڪري آئينده استغفار ڪبو”
تنهن کانسواءِ مرحوم مخلص بلبل جي وفات تي جيڪا پنهنجي رسالي ڪشڪول ۾ واويلا لکي آهي ان ۾ به خود خوشيءَ سان مڃيو اٿس ته ظرافت ۾ بلبل مرحوم اڪيلو ۽ اعليٰ درجي جو شاعر هو. تنهن مان ظاهر آهي ته صحيح ظرافت جي ميدان ۾ اڪيلو بلبل مرحوم ئي هيرو آهي. اردو شاعريءَ ۾ به اڪبر الهه آبادي جو شان ۽ آن ۽ رنگ ڍنگ ڪو وري پيدا ڪري نه سگهيو آهي.
اها ڳالهه مثال طور اڄ ڪلهه جي مزاح گو شاعر رئيس امروهو جي شاعريءَ منجهان ئي ثابت آهي:
آهي اٺن جي ريگزار سنڌ جي زمين
تڏهن آسياست به سنڌ جي اٺن مثال
پڇڻو اٺن کان آهي اسان کي ائين ضرور
سچ پچ سڻايو ڪهڙي سڌي آ اوهان جي چال
(11 ڊسمبر، 1948ع اخبار مجاهد)
ڏسو هي ظرافت آهي يا ڪنهن جي دل آزاري سا به هڪ سڄي قوم جي يا ملڪ جي. هن مان هڪ گروهه يا قوم جي صحيح طبع شناسي بلڪل فوت ٿي ڏسجي جا غلطي نه بلبل مرحوم ڪئي نه اڪبر الهه آبادي. جو هنن چيو، خوب چيو ۽ سچ چيو. هڪ سنڌي ظريف مٿئين قطع جي جواب ۾ هڪ هيڊنگ ڏني: “اٺ سان گڏهه جو ڪلام”، ٻيو هڪ قطع آهي:
باتوں میں نہ جذب نہ جذبہ
ہاتھوں میں نہ تیغ نہ تیغہ
مسلم کا یہ حال یا الاہی
مومن کا یہ رنگ و دریغا
غور ڪيو ته هي قطع به محض لفاظي طنز جي لفظ “تيغه” تي مبني نظر ايندو جنهن منجهان به ذوق سليم جي ڪا بوءِ نه ٿي اچي. تيغه هڪ معيار کان ڪريل لفظ فقط کل ۽ ٽوڪ پيدا ڪرڻ خاطر ڪتب آندو ويو آهي ۽ ان جو مومن سان دُور جو به واسطو ئي نه ٿو ٿي سگهي. رئيس جي ٻئي هڪ قطع ۾ وري ڏسو ته حڪومت تي ٽوڪ آهي، فرمائي ٿو:
ہند والوں نے ترقی کی تو اس حد تک رئیس
سخت محنت سے اگائے ساگ لالو کھیت میں
واہ رے حکام پاکستان یہ ان کا کمال
بو دئے ہیں سینکڑوں انسان لالو کھیت میں
هنن مثالن جي برعڪس بلبل مرحوم ڪنهن به خاص فرد يا گروهه، شخصيت جي مذمت نه ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن ڪري ٿو ته مذمت نه پر نهايت نفيس، وڻندڙ ۽ اڻ سڌي طرح ظرافتي پيرايه ۾ تنقيد سا به وقت جي حڪومت يا ڪنهن شخصيت تي تنقيد ته هن وٽ بلڪل ناجائز ۽ ممنوع هئي ڇو جو ائين ڪرڻ سان وقتي کل ڀوڳ جي عيوض دائمي رنجش ۽ فساد جو انديشو پيدا ٿئي ٿو جا قيمت هو نهايت ڳري ۽ مهانگي ٿو سمجهي ڇو جو هن جو مقصد فساد نه پر اصلاح هو.
انهيءَ ڪري آءٌ حضرت بسمل جي هيٺئين فقري سان بلڪل متفق آهيان ته: “بلبل مرحوم سنڌ ۾ ظرافت جو پهريون موجد آهي ۽ اها ظرافت بلبل تي ئي ختم ٿي.”هن مرحوم کان وڌيڪ حضرت مخلص کي ٻيو ڪير ٿو سڃاڻي، تنهن ڪري سنڌ جي ظرافتي شاعري ۾ بلبل سان گڏ ٻئي ڪنهن کي بيهارڻ جي غلطي آئينده ڪو ڪونه ڪري ته بهتر ٿيندو.
حضرت بسمل مرحوم بلبل جي اوليات بابت ذڪر ڪندي وڌيڪ لکي ٿو“هي پهريون شخص آهي جنهن يورپ جي مخرب اخلاق ۽ فيشن جي تقليد جي براين جي اصلاح ڪري ايشيائي ۽ اسلامي تهذيب ڏي متوجهه ڪيو.” هن ڳالهه جي تصديق حضرت محمد انور صديقي صاحب پاٽائي هيئن ڪري ٿو “جيترومون تجربو ڪيو آهي ته ائين پيو معلوم ٿئي ته ڪنهن به بد ڪم کان روڪڻ ۽ قوم کي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين اسپيچن، تحريرن ۽ تصنيفن به اهڙو اثر پيدا نه ڪيو آهي جهڙو بلبل جي ظريفانه طرز قوم کي شرمسار ڪري پراثر بڻايو آهي.”
اها هڪ حقيقت آهي. آءٌ ان جي مد نظر ائين چوڻ لاءِ تيار آهيان ته سنڌ ۾ قومي شاعري جو موجد به بلبل مرحوم هو. قوم کي سجاڳ ڪرڻ ۽ پنهنجي روح کي تر و تازه ڪرڻ لاءِ هن نه رڳو شعر و شاعري کان لاثاني ڪم ورتو پر هن پنهنجن تقريرن، ايڊيٽوريل، مضامين ۽ ٻين تصنيفن کان عمدو ڪم ورتو ۽ هن نه رڳو علمي طرح قوم جي ترجماني، اصلاح يا رهنمائي ڪئي پر عملي طرح سياسي ۽ معاشرتي سطح تي به ساڳئي مقصد ۽ منشا حاصل ڪرڻ لآءِ گامزن ٿيو. شاعري ۾قوم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هن غزل، قطعه، مثنوي، مخمس، مسدس وغيره کان خوب ڪم ورتو ۽ ان کي ظرافت سان پر ڪري اعليٰ علمي سطح تي پهچائي قابل تحسين بڻائي ڏيکاريائين ۽ ساڳئي وقت زبان به آسان ۽ عام فهم رکيائين جيئن عوام الناس ان مان فيض ۽ فائدو حاصل ڪري سگهي. هو ڪنهن خاص گروهه جو شاعر نه هو. هن جي سنئين سڌي سليس ٻولي عوام لاءِ هئي. هن کي عوام جو شاعر به سڏجي ته بجاءِ آهي.
هن صفت ۾ هو مولانا حالي جي مٽ هو. جيئن بقول ڊاڪٽر مسعود حسين صاحب جي، “اردو ادب ۾ پهريون دفعو حالي ۽ آزاد هڪ نئين افق طرف اشاروڪيو ۽ پنجاهه سالن تائين اردو شاعري جو قافلو انهيءَ سمت ۾ اڳتي وڌندو ويو” تيئن بلبل مرحوم به سنڌي شاعريءَ ۾ پهريون دفعو مولودن، مداحن، مرثين ۽ مذهبي شاعري جي جهوني فضا کي ٽوڙي نئون ميدان گهڙيو ۽ خوشگوار انقلاب آندو.
بلبل مرحوم جي مولانا حالي سان نه رڳو انهن ٻن خيالن جي ڪري نسبت ڏسجي ٿي پر هو اڃا به ڪن وڌيڪ اهم ڳالهين موجب حالي سان ڀيٽي سگهجي ٿو. جيئن حالي سر سيد جو بازوئي راست هو تيئن بلبل مرحوم به سنڌ جي سر سيد حضرت حسن علي آفندي مجيدي جو سچو ساٿي هو. جيئن مولانا حصول معاش لاءِ پاڻي پٽ کي ڇڏي ڊپٽي ڪمشنر حصار جي دفتر ۾ هڪ معمولي نوڪريءَ سان شروعات ڪئي تيئن بلبل مرحوم به انجنيئري کاتي ۾ داروغپ جي نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي. جيئن مولانا حاليءَ جي پرورش ۽ تربيت سندس وڏي ڀاءُ انجام ڏني تيئن بلبل کي به سندس وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان پاليو ۽ بلبل به کيس پنهنجي والد برابر سمجهندو هو. جيئن مولانا گهر ڇڏي ڀڄي دهلي ويو هو ۽ ان جو ڪارڻ سندس شادي هئي تيئن بلبل کي به شادي سبب گهر ڇڏي حيدرآباد دکن وڃڻو پئجي ويو ۽ آخرڪار پنهنجي وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان جي اصرار ۽ بيماريءَ سبب واپس آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات تي حالي وانگر نهايت پردرد مرثيه لکيائين:
سال وفات جو ڏسو ته ڪيئن ٿو آڻي:
بہ ہجریِ سال وصل- اوشد آواز- کہ جائے پاک باغ- ارم بگزید
1324ھ
خرد سالِ نقل بار- دگر گفت- بہ احسن خلق و اصل حق گرید
1324ھ
بگفتا مکر سال- فوت مرحوم- ز تبصر عالم- جنت پسندید
1324ھ
چہارم بار سالش گفت تضوان- ولی مومن رئیس- خلد گردید
1324ھ
ز پنجم بار از ہاتف شنیدم- برستہ زندگانی یافت جاوید
1324ھ
سن- و صلش بجواز- ربشارت-بگو- اللہ بہ او بافضل بخشید
1904- 1906ء
شب- جان داد سحرم گفت پئے سال- کہ- صبح وصل خلعت رحم پوشید
1906ء
زسال- آخرش فکرم ہمی گفت- کہ در افشان بہ باغ ارم بازید
1906ء
برد صد رحمت- حق بلبلا باد- ثواب- کلمئہ توحید تمجید
بلبل مرحوم هن زماني جي بزرگ ۽ بابرڪت هستين جي چونڊ ڪري انهن جي مدح ۽ قصيده گوئي کان ڪم وٺي ڪار لائل جي قياس موجب هيرو ورشپ جي بنياد وجهڻ سان قوم کي پنهنجي صحيح ليڊرن سان آشنا ڪيو ۽ انهن جي لاءِ عوام جي دلين ۾ محبت ۽ عزت پيدا ڪري اصلاح جو ميدان صاف ۽ تيار ڪيو ۽ هن ڪم ۾ به کيس سبقت حاصل آهي.
ان وقت جي اهم واقعات جي تاريخ منظوم ڪيائين. ايڊورڊ جي جشن تاجپوشي سال 1903ع تي چيل هيٺيون غزل ملاحظه ڪرڻ فرمايو:
مبارڪ هز مجسٽي ايڊورڊا شاه سوڀارا
پيارا تاجدارا تخت وارا بخت موچارا
مبارڪ هوءَ توکي تاج تخت و بخت و ڌن دولت
قرارا ڪامگاراڪنگ قيصر هند هاڪارا
نئون هي سال نئون اقبال نئون تون شاه نئون هي ماه
نئين دولت نئين حشمت نئين نصرت نئين يارا
خميس جي ڏينهن پهرئين جنوري اڻويهه سئوٽن ۾
وڳا هت هند ۾ هرجا نغارا نوبتون نعرا
وغيره وغيره
ڪراچيءَ جي مشهور پليگي واقعي تي جنهن ۾ هزارين ماڻهو پليگ جي مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويا ۽ گهرن ۾ لاش بدبو ڪري ويا مگر انهن کي دفنائڻ لاءِ ڪير ويجهو نه ٿي ويو بيماري لڳڻ جي خوف کان، اهڙي واقعي تي “پليگي ڪريما” لکي ان کي هڪ قومي تاريخي واقعي طور محفوظ ڪري، ادبي خزانو بڻائي ڇڏيائين.
هي ڪتاب سال 1905ع ۾ شايع ٿيو هو. شروعات هن طرح اٿس:
پليگي جي لانڍين کان پرور بچاءِ - کریما بہ بخشاء برحال ما
پليگي بلا ۾ نه ڪر مبتلا - کہ ہستم ایسر-کمند ہوا
ڌني ڊاڪٽر کي نه ڪو شال ڏس - نداریم غیر از تو فرمادرس
وغيره
هي واقعو ته ڪراچيءَ جي ماڻهن کان وسري چڪو آهي مگر بلبل ان کي ادب جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
نيچرل ڪريما ۽ رحيما لطيف لکي بلبل مرحوم شيخ سعدي جي محبوب ۽ مرغوب شاعري کي هميشه لاءِ سنڌي زبان ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. مقفيٰ عبارت ۾ قلندر شهباز جي ميلي کي اهڙي طرح قلمبند ڪيو اٿس جو پڙهندڙ کي ائين محسوس ٿيندو ته هو نه رڳو ميلو ڏسي رهيو آهي بلڪه ان ۾ شريڪ آهي.
دهلي دربار 1911ع جي موقعي تي پارسي ۾ اهڙو قصيدو تيار ڪيائين جنهن جي هر هڪ مصرع مان سال جو تعداد ٿو نڪري:
شوڪت جم داور-داراز شهنشاه هند ملک آرا مشرق-انوار شاهنشاه هند
1911 1911
تاجپوشي شد مبارک باتو اي عالي کحال شرف دهلي مسند-دربار شاهنشاه هند
1911 1911
اهڙا ڏهه مصرعه آهن.
هر هڪ اهم ڪانفرنس، جشن جلوس، مجلس ميٽنگ، شادي غمي، اليڪشن تشريف آوري وغيره تي ڪونه ڪو عمدو قصيدو ضرور لکيو اٿائين، گويا انهن موقعن کي به ادب جي تاريخ ۾ محفوظ ڪيو اٿس. اهي سڀ قصيدا فارسي ۾ “عمدة التواريخ” جي نالي جمع ڪيل آهن، جيڪو ڪتاب اڃا غير مطبوعه آهي.
اسلامي اخلاق، روايتن ۽ عقائد کي وڌيڪ روشن ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ توحيد ۽ رسالت تي نهايت نفيس قسم جي شاعري ڪئي آهي. سندس بياض جو آخرين غزل به حضور سرور ڪائنات ﷺ جي مدح ۾ لکيل موجود آهي. توحيد ۽ رسالت کان سواءِ ٻيا اهڙا دلڪش ۽ دل پسند موضوع مقرر ڪيائين جهڙوڪ جهاد، توڪل، سياحت، جماعت بندي، تصوف، ڪسر نفسي، قدرت نگاري جن مان اسلامي روح لياڪا پائيندي نظر ٿو اچي جن جي ذريعي هن پنهنجي قوم کي خير الامت هجڻ جي ياد ڏياري آهي ۽ سندن شان، شيوو، رستو ۽ رتبو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مرحوم اقبال جي قول موجب قوم ۾ خود داري، خود اعتمادي ۽ خود شناسي جو جذبو پيدا ڪندڙ شخص ان قوم جو امام آهي:
تجھے حاضر و موجود سے بیزار کرے
دے کے احساسِ زيان تیرا لہو گرمادے
فقر کی سان چڑھاکر تجھے تلوار کرے
بلبل پنهنجي شاعريءَ ۾ خالص ادبي پهلو پيدا ڪيو آهي. زبان داني، سلاست، فصاحت، بلاغت، رواني، خوش بياني، جدت، ندرت، ڪلام جي پختگي، چست بندش، شوخ ادائي، نوان استعارا، نيون تمثيلون، سٺا محاوره ۽ نوان مضمون ٻڌائين، ائين ڪرڻ سان هن گويا وڏي قومي خدمت بجا آندي ۽ سنڌي زبان کي مالا مال ڪري محبوب ۽ مفيد بڻايائين. اهڙي تصديق خيرپور رياست جو سابق وزير آفريبل سردار محمد يعقوب صاحب مرحوم سي-آءِ-اَي پنهنجي هڪ خط ۾ سال 1906ع ۾ هيئن ڪري ٿو:
“هرگز هرگز اسان جو اهو ارادو نه آهي ته فقط ظاهري لباس ۾ اوهان جي تعريف ڪجي مگر سچ پچ اوهان جي اخبار جا مضمون اهڙي سنجيدگي ۽ آرائش ڪلام سان لکيل آهن جن جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. وڏي خوشيءَ سان هيءَ ڳالهه قبول ٿا ڪريون ته سنڌي زبان بيشڪ وڻندڙ نموني تي لکي سگهجي ٿي. جنهن جي ثابتي اوهان جي تحرير آهي. هيءَ راءِ فقط منهنجي نه آهي، پر منهنجو ڀاءُ محمد يوسف مون کان وڌيڪ اوهان جو معترف آهي.”
لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر جناب حامد علي صاحب آءِ-سي-ايس پنهنجي وقت جو هڪ عمدو شاعر ۽ اديب هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ برپا ڪيل شعر و شاعري جي هڪ بزم جو سرپرست هو، اهو سال 1911ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ سپرنٽينڊنٽ لينڊ رڪارڊس ۽ ايگريڪلچر مقرر ٿيو ته هڪ خط ۾ لکيو اٿس:
“خدا جو ڪيڏو نه فضل ٿئي جيڪڏهن سنڌ جي هن ريگزار کي باغ بڻائڻ لاءِ اوهان جهڙا ٻه ٽي ٻيا به بلبل موڪلي ڏئي.”
حضرات مٿي ذڪر ڪيل طريقن مان مرحوم بلبل قومي شاعريءَ جو سنڌ اندر بنياد رکيو. آءٌ اهڙي قسم جي قومي شاعريءَ کي صحيح قومي شاعري تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان، جنهن ۾ اگهاڙو ۽ سنئون سڌو بندوق جي گوليءَ جهڙو خطاب قوم کي ڪيل هجي، جنهن ۾ هن کي پڪاري چئجي ته تون ته اڃا ٽنگون ٽيڙيون پئي آهين، او نوجوان خواب غفلت مان بيدار ٿيو ۽ شرم ڪريو، توهان واسطي قوم جو ڪاروان ترسي پيو آهي وغيره وغيره. اهڙي نام نهاد قومي شاعريءَ جيڪو دلشڪن، همت شڪن ۽ پست ڪن اثر قوم تي وڌو آهي تنهن تي جيترو به ماتم ڪجي ٿورو آهي. افسوس جو عام ماڻهو هن قسم جي فحش شاعري کي قومي شاعري سمجهن ٿا، حالانڪه هي هڪ بالڪل شوقيانه قسم جي شاعري آهي جا اسان جي نفسياتي رد عمل جي بالڪل پرواهه نه ٿي ڪري ۽ قوم جي حوصلي ۽ جذبن کي اسٽيم رولر وانگر ڪچلي مهٽي مٽي دوز ڪندي رهي ٿي.
ساڳئي وقت آءٌ هيئن به چوندس ته نيچرل شاعري به بلبل کان شروع ٿي. ناس، ڀنگ، حقو، خط، سج، گرمي، بهار ۽ اڀ وغيره جهڙا دلچسپ ۽ نوان عنوان مقرر ڪري انهن تي شاعري ڪيائين ۽ سنڌ جي شاعري جا سندس وقت تائين رڳو حسن ۽ عشق يا مذهبي محور تي ڦرندڙ هئي تنهن گويا سندس ڪاوشن سبب ڪروٽ بدلي، نئين ميدان ۾ قدم ڌريو، بقول تاج الشعراء حضرت خليل “بلبل سنڌي زبان جو پهريون شاعر آهي جنهن فرضي تخيلات جي دائري کان پنهنجي ڪلام کي ڪڍي حقيقت جي ميدان ۾ آندو.”
مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته قومي شاعريءَ ۾ بلبل مرحوم قصيدي کان به خوب ڪم ورتو پر قصيده گوئي جي فن کي به هن قومي شاعريءَ ڪري ڪم آندو ۽ هن فن کي بام عروج تي پهچائي ڇڏيائين. سندس قصيدا بلا شبه نادر ۽ بي مثال شاهڪار آهن، بقول حضرت بسمل مرحوم “بلبل جي قصيدن جو رنگ ايراني شاعر قاآني جي ٽڪر جو آهي جنهن رواني، برجستگي ۽ قادر الڪلامي سان طبيعت جو جوهر ڏيکاريو اٿس ان جو جواب ناهي. انهن قصيدن کي پڙهي عجب ٿو لڳي ته هڪ سنڌي شخص جنهن ايران جي سرزمين ۾ پير به ڪونه پاتو هو ۽ نه ڪي ڪنهن ايراني اڪيڊمي مان ڪا تعليم ورتي هيائين، اهڙي فصاحت، رواني ۽ قوت بيانيه سان فارسيءَ ۾ ڪيئن ٿو شعر چوي ۽ ڪيترن موضوعن تي بروقت ۽ في البديهه اهڙا ته شهه پاره تخليق ڪيا اٿس جو عقل دنگ رهجيو وڃي. مجبوراً اهو مڃڻو ٿو پوي ته هي خاص موهيت الاهي جو ڪرشمو آهي.
مثال لاءِ هن قصيدي جا هي اشعار ملاحظه ڪريو:
الاکہ مژدہ می رسد زباغ نوبہار ہا-کہ ہر طرف چوروئی گل فروغ برغدارہا
بہ حمدکردگار من کشود قفل کارہا-برائی نعت مصطفیٰ بہ مدح چار یارھا
بوصف آل و صحب او صفار ھاکبار ھا
بلبل مرحوم جوهر قصيدو قاآني وارو رنگ ۽ رواني رکي ٿو. هن نڪته تي بحث ڪندي ياد ٿو اچي ته فن تضمين ۾ به بلبل يڪتا زمانه هو. هن جهڙي تضمين اڄ سوڌو ڪنهن نه ڪئي آهي. ڏسو مثال ۽ پاڻ انصاف ڪريو:
تظمين عربي قصيده
کا الشمس بضوء صاحتہِ کالفخر بحسنِ ملاحتہِ
الصبح بداء من طلعتہِ و الیلدجیٰ من دفرتہِ
آن پصر عطا آن ابر سغا آن نورِ خدا شہہ ارض و سما
فاق الرسّلا فضلا و علا اہدی السّبلا لدلالتہِ
آن والی برعربی عجمی آ حاکم برحربّی ودَمی
کنز الکرم مولیٰ النعم ہادی المم بشیر معتہِ
باشرف کمال جمال نبی محبوب خدا امی لقبی
اذکی النسبِ اعلیٰ الحسبِ کل العربِ فی خدمتہِ
انسید و سرور جنّ و بشر اکسیر نظر اعجاز اثر
سعت الشجر و نطق العجر و شق القمر و باشرتہِ
آن شاہِ رسالت ماہ پدرا آن شافع نافع روز جزا
نال الشّرفا واللہ عفیٰ عمّا سلفا من امتہِ
یسبلخّ بلبل مدحتنا فی شرف حضور وسیلتنا
فمحمد ناہُو سید نا فالعِزّلنا لاجابتہِ
انهيءَ کان سواءِ “ديوان بلبل” ۾ به تضمينون ڏسو. چوٽيءَ جي چونڊ شاعرن جون تضمينون ڪري نه رڳو بلبل پنهنجي قابليت جو سڪو ڄمايو آهي، پر ساڳئي وقت هن جو اهو مقصد به هو ته اهي شاعر سنڌي زبان ۾ محفوظ رهن ۽ سندن شعر سنڌين جي زبان تي هجي، گويا هي قدم به قومي شاعري جي هڪ ڪڙي نظر اچي ٿو. هن بحث سان بلبل جا شاعريءَ ۾ اوليات ۽ شاهڪار ختم ٿين ٿا، پر هن باب کي بند ڪرڻ کان اڳ ۾ ايترو عرض ضرور ڪندس ته بلبل جي اوائلي دور واري شاعري جا سندس عين جواني جي وقت ۾ وقوع ۾ آئي سا گهڻي ڀاڱي ضرور عشقيه جذبي جي ماتحت هئي. تاهم ان ۾ ابتدائي دؤر منجهه ئي ناصحانه، عارفانه نڪته نڪرن ٿا. بلبل، گل حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي چمن ۾ واپس اچي مرغان چمن جي نسق، نظام ۽ تربيت ۽ تعليم جي خالص خدمت ڪئي جنهن لاءِ هن ايڊيٽري، تقريرن، تصنيفن ۽ سياسي جدوجهد کي دانائي سان استعمال ڪري پنهنجي مقصدن ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪئي.
رئيس شمس الدين بلبل- بلبلِ سنڌ
تحرير: شمس ابن ضيا ابن بلبل
بني نوع انسان جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ خداوند ڪريم، پنهنجا صالح ٻانها هن ڌرتيءَ تي هميشه پئي موڪليا آهن، جن انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي، سندن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پئي ڪئي آهي، اهڙن صالح ٻانهن کي الله تعاليٰ خوبيون ۽ خاصيتون به خاص پئي عنايت ڪيون آهن، جن جي طفيل کين فرائض جي تڪميل ۾ گهڻي آساني رهي آهي. حضرت رئيس شمس الدين بلبل به الله تعاليٰ جي موڪليل اهڙن صالح ٻانهن مان هڪ هو، جنهن جي قابليت قدرت جي ڪرم نوازي هئي، جنهن تي اچرج کائڻ جي ضرورت ناهي.
انسان جي ترقي، انسان جي ذريعي ئي ٿي آهي. اها ترقي چاهي علمي هجي يا اخلاقي، مذهبي هجي يا معاشرتي، روحاني هجي يا جسماني ۽ تخليقي هجي توڻي تخيلي، مگر قدرت جو پسنديده طريقو اهوئي رهيو آهي يعني انسان جي ترقي انسان جي ذريعي ۽ هن ئي طريقي ۾ انسان جي عظمت جو راز رکيل آهي.
مثال طور الله تبارڪ و تعاليٰ ڪنهن قاريءَ کي خوش الحانيءَ جي خوبي عطا ڪئي ته وري ڪنهن مقرر کي جادو بياني ۽ سحر طرازيءَ جي سمڪ ڏني، ڪنهن شاعر کي سخن ۾ سرهاڻ سموهڻ، نفاست، نزاڪت ۽ سلاست سمائڻ جي سگهه ۽ سمجهه عنايت ڪئي ته وري ڪنهن فلسفيءَ کي تخيل جي طاقت ڏني، ڪنهن اديب کي قلم جي ڪلاڪاريءَ جي قوت ڏيڻ جو ڪرم ڪيو ته وري ڪنهن سياستدان کي منجهيل سٽ کي سلجهائڻ جي سوچ ۽ سرت القا ڪري، ان بعد کين هن ڌرتيءَ تي خدمت خلق لاءِ موڪليو ويو، جن پنهنجو پنهنجو حق بيشڪ احسن طريقي سان ادا ڪيو ۽ پنهنجي اصل ماڳ تي واپس موٽي ويا، جتان آيا هئا. مطلب ته انسان جي ڄاڻ جو ذريعو انسان ئي ٿي رهيو آهي، جنهن مان سندس اشرف المخلوقات هجڻ جو پتو پوي ٿو. الله تعاليٰ جل شاندُ جو هي طريقو پنهنجي مخلوق جي بهتري، بهبود ۽ ڄاڻ جو جاري وساري آهي ۽ رهندو. نبي بيشڪ نه ايندو مگر الله تعاليٰ جا صالح ٻانها ننڍن ننڍن ڪمن لاءِ اچڻ بند نه ٿيندا. انسان جي مادي ترقي سائنسي ايجادن جي ذريعي ٿيندي رهندي باقي دين اسلام مڪمل ٿي چڪو.
الله تبارڪ و تعاليٰ جڏهن به ڪنهن ڪم ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته ان لاءِ پهريائين اهڙا اسباب پيدا ڪندو آهي، اهڙيون شخصيتون وجود ۾ آڻيندو آهي ۽ کين ضروري خوبين سان سنواري خدمت خلق جو ڪم وٺندو آهي. هن موقعي جي مناسبت سان هي مقالو پيش ڪري سگهجي ٿو:
”اذا اراد الله شيئا هيئاً“’’اسبابه“
حضرت بلبل جو مثال ڪجهه مختلف ۽ خاص آهي. الله تبارڪ و تعالى حضرت بلبل کي پنهنجي خاص ڪرم نوازين سان نوازيو هو. اهي سموريون خوبيون جيڪي هڪ قاري، هڪ مقرر، هڪ شاعر، هڪ فلسفي، هڪ اديب، هڪ سياستدان ۽ هڪ صحافي لاءِ قدرت مخصوص ڪيون هيون، اهي سموريون خوبيون، خاصيتون ۽ صلاحيتون ۽ اهي به سڀ جون سڀ ڪمال درجي جون خداءِ عزوَ جل بلبل کي عطا ۽ عنايت ڪيون هيون ۽ پوءِ کيس خدمت خلق لاءِ موڪليو ويو هو.
اهڙيون شخصيتون تاريخ ساز هونديون آهن ۽ تاريخ جو منهن موڙي ڇڏينديون آهن ۽ دنيا جي هن اڻ کٽ شاهراهه تي پنهنجن قدمن جا اڻ مٽ نشان پنهنجن پوين جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ ڇڏي وينديون آهن. اهڙيون شخصيتون صدين بعد پيدا ٿينديون آهن ۽ سندن خوشبوءِ به صديون قائم رهندي آهي، انهن ئي ماڻهن لاءِ لطيف سائين چيو آهي:-
‘‘ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.’’
مختلف اديبن، محققن ۽ اهل قلم حضرات جي ڇپيل تاثرات موجب حضرت بلبل هڪ صاحبِ طرز اديب، قومي و اصلاحي شاعر، صف اول جو جرئتمند ۽ بي باڪ صحافي، هڪ عظيم انشا پرداز، هڪ عذب البيان ۽ رطب اللسان مقرر، هڪ سياسي بصيرت رکندڙ رهنما، هڪ معامله فهم ۽ دور انديش مدبر ۽ مسلم قوم جو سچو ساٿي ۽ هڏ ڏوکي ۽ هڪ کرو انسان هو. هو دوستن جو دوست ۽ دشمنن لاءِ تلوار بي نيام مثل هو. سندس اندر ۽ باطن هڪ جهڙا هئا. منهن جي مشابهت ۽ موقعي جي مطابق مصلحت کان ڪم وٺڻ کين ايندو ئي نه هو. جهڙي سندن شخصيت پرڪشش ۽ پروقار هئي تهڙي سندن سيرت قابلِ رشڪ و افتخار هئي. سندن گفتار ۾ اهڙو ته رس رچيل ۽ ميٺاج مچيل هو جو سندس دوست احباب سندن ديدار ۽ ملاقات لاءِ ماندا ۽ مشتاق نظر ايندا هئا. سندن جرئت ۽ قوت ايماني بي مثال هئي. صاحبِ ديوان به هئا ته اٽڪل پنجاهه کن ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جا مصنف به، اٽڪل اڌ ڊزن اخبارن جا مدير پڻ هئا ته ڪجهه رسالن جا ايڊيٽر به هئا. تعليمي ماهر به هئا ته عالم دين به هئا. دل جا سخي، سخن جا سچا ۽ دسترخوان جاڪشادا هئا. مجلس جا مور به اهڙا جو جنهن به مجلس ۾ موجود هجن ته ان مجلس جو نقشو ئي نرالو ٿي وڃي ۽ پوري مجلس ۾ ممتاز ۽ نمايان نظر اچن.
حضرت بلبل جي همه پهلو شخصيت تي سنڌ، پنجاب توڻي هندوستان جي اهل قلم حضرات تمام گهڻو لکيو آهي مگر اڃا گهڻو ڪجهه لکڻ جي گنجائش ۽ ضرورت آهي. سنڌ جو ڪو سڄڻ سپوت اهي وڃايل وٿون ڳولهي هٿ ڪري ۽ حضرت بلبل کي سندس اصل شڪل و صورت ۾ پيش ڪري. اهڙو ڪافي مواد سنڌ ۽ سنڌ جي سپوتن متعلق دهلي، بمبئي، حيدرآباد دکن ۽ لنڊن جي انڊيا آفيس لئبريري ۾ ضرور موجود ۽ محفوظ هوندو. هينئر ته انٽرنيٽ جي به سهولت ميسر آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي سنڌ يالاجي ۾ اهڙا ڪارنرس قائم ڪري سنڌ متعلق سمورو مواد پاڻ وٽ محفوظ ڪري وٺي.
بلبل جي زماني ۾ جيڪي به چوٽيءَ جا قومي رهبر ۽ رهنما موجود هئا، انهن ۾ بلبل جي شخصيت نهايت نمايان، منفرد ۽ ممتاز حيثيت واري هئي. ان وقت جا اهي ئي رهبر ۽ رهنما، پاڪستان قائم ٿيڻ بعد نهايت اهم ۽ ڪليدي عهدن تي فائز ٿيا، جيڪڏهن حضرت بلبل پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد به زنده هجن ها ته سندن مان ۽ مرتبو انهن کان گهٽ نه هجي ها، ڇو ته حضرت بلبل انهن سڀني قائدين ۽ عمائدين جو منظور نظر ۽ دل گهريودوست هو ۽ سڀ سندس مداح هئا، مگر الله تبارڪ تعاليٰ کي جو ڪم کانئس وٺڻو هو اهو وٺي کيس پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. اهڙن صالح ٻانهن کي اجورو الله تعاليٰ پاڻ ڏيندو آهي، اهڙا صالح بندا ڪنهن انسان جي اجوري جا محتاج نه هوندا آهن ۽ نه وري دنيوي فائدن جا ضرورتمند هوندا آهن. جنت سندن جوءِ، فائق هليا فردوس ڏي.
حضرت بلبل، سر سيد احمد خان جي تعليمي ۽ اصلاحي حڪمت عملي ۽ نظريي جا بي انتها قائل ۽ حامي هئا. سر سيد احمد خان جي نقشِ قدم تي هلي، مسلمانن ۾ جديد علوم و فنون لاءِ شوق پيدا ڪرڻ خاطر پوري عمر پنهنجي مسلم قوم جي اصلاح لاءِ وقف ڪري سندن ڀلائي ۽ بهتريءَ جي ڪمن ۾ ڪوشان رهيا. پنهنجي پسمانده قوم ۾ علم جي چاه پيدا ڪرڻ سان گڏ سياسي شعور به پيدا ڪيائون. مسلمانن کي پنهنجي آبائي ورثي يعني پراڻي تهذيب، ثقافت ۽ اخلاقي قدرن کي پائمال ڪرڻ کان به روڪيندا رهيا ۽ هي سمورو ڪم پنهنجي اصلاحي ۽مزاحيه تحريرن ذريعي انجام ڏنائون. سندن ڪلام ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي پهلو نهايت نمايان نظر ايندا. ڪلام جي ذريعي اصلاح آڻڻ جو سندن طريقو به نهايت نرالو هو. سندن تعريضي (ironical)طرز بيان سنڌ ۾ ناياب ۽ ناپيد آهي، ادبي دنيا اندرهي خال اڄ تائين ڪير به ڀري نه سگهيو آهي.
حضرت بلبل جي نجي زندگيءَ جا ڪجهه اهم پهلو جيڪي اڃان تائين منظرِ عام تي اچي نه سگهيا آهن، انهن مان چند ضروري ڳالهين جي اپٽارڪجي ٿي. حضرت بلبل ميهڙ جي هن مردم خيز شهر ۾ تاريخ 21 فيبروري 1857ع ۾ پيدا ٿيا ۽ اتي ئي پليا، نپنيا ۽ ابتدائي تعليم حاصل ڪيائون. ڳوٺ گاهي مهيسر، ڳوٺ باغو تيوڻو ۽ ڳوٺ رهڙو شريف جي علمي، ادبي ۽ ديني مدارس مان تعليم حاصل ڪيائون. ان وقت ڳوٺ گاهي مهيسر جي مدرسي جو باني ۽ مهتمم مولوي عصمت الله پيرزادو هو، جيڪو شهدادڪوٽ جي مشهور و معروف ديني درسگاهه جو فارغ التحصيل عالم هو ۽ ڳوٺ شيخ ماڌوجو باشندو هو. مولوي صاحب عربي ۽ فارسيءَ جو جيد عالم هو ۽ حضرت مولانا نور محمد شهداد ڪوٽيءَ جو شاگرد رشيد هو. مولانا حضرت نور محمد شهدادڪوٽيءَ جو فرزند ارجمند مولانا گل محمد به پنهنجي والد محترم جيان نامور عالم ٿي گذريو آهي. مولوي پيرزادو صاحب کان پوءِ هن مدرسي جو باني مولوي عبدالوهاب گلال ۽ ان کان پوءِ مولوي عبدالڪريم ڏيرو مدرس ۽ مهتمم ٿيو. ڳوٺ باغو تيوڻو جي مدرسي جو ان وقت باني ۽ مهتمم مولوي نبي بخش مهيسر هو، جيڪو هڪ بلند پايه جو عالم هجڻ سان گڏهڪ اهل الله ۽ درويش صفت بزرگ هو. رهڙو شريف جي مدرسي جو ان وقت باني ۽ مُدرس مولوي محمد صالح مهيسر هو جيڪو پڻ اهلِ الله ۽ درويش شخص هو ۽ مولوي نبي بخش مهيسر جو شاگرد رشيد ۽ فيض يافته هو.
حضرت بلبل ابتدائي تعليم هنن مدرسن مان پرائي وڌيڪ ڪنهن خاص علم جي تحصيل لاءِ پاٽ شريف پهتا، جتي مولوي مخدوم فضل الله صديقي جيڪو ان وقت جو عارف باالله هو ان وٽ اهو رهيل خاص علم حاصل ڪري دستار بند مولوي ٿيڻ جي فضيلت ۽ سند حاصل ڪيائون. مخدوم صاحب جو ڀائٽيو مخدوم حاجي حسن الله صديقي بلبل جو دوست خاص هو جنهن جي ايماء ۽ اصرار تي بلبل کي اتي وڃڻو پيو. بلبل، حضرت مخدوم نظام الدين صديقيءَ جا معتقد ۽ مريد هئا ۽ پاٽ شريف توڙي سيوهڻ شريف جي سڀني علماءِ ڪرام ۽ اهل الله بزرگانِ دين سان سندن تعلقات نهايت گهرا ۽ پنهنجائپ جهڙا هئا. ان سلسلي ۾ مخدوم حضرت بصر الدين ۽ مخدوم ميان احمدي، جناب فتح محمد سيوهاڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جا نالا قابل ذڪر آهن. مولانا صغير سيوهاڻي ۽ علامه صاحب، بلبل کان عمر ۾ گهڻا ننڍا هئا. محترم حڪيم محمد مراد صديقي صاحب سان بابا سائين توڻي راقم التحرير جا سٺا تعلقات هئا. حڪيم نور محمد صاحب وٽ به آءٌ گهڻو ويندو هيس، بابا سائين توڻي ماما حاجي پيرمحمد شينو جا سٺا دوست هئا. ڪن اهل دل حضرات بلبل کي وقت جو ولي مڃيو ۽ لکيو آهي.
حضرت بلبل جي پهرين شادي سندس مرضيءَ جي خلاف سنه 1873ع ڌاري سندن وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان جي پسند موجب ڳوٺ ڪنڊيور (لڳ راڌڻ اسٽيشن) جي هڪ غريب شريف سنڌي پٺاڻ گهراڻي مان ٿي، حضرت بلبل کي هن اهليه مان ٽي نياڻيون ۽ هڪ فرزند تولد ٿيا. وڏي صاحبزادي کان سواءِ باقي سڀ ٻار ننڍي ڄمار ۾ ئي فوت ٿي ويا. سندن وڏي اهليه جي وڏي نياڻي بيگم خاتون جي وفات تاريخ 25 جنوري 1966ع تي بلبل هائوس ميهڙ ۾ ٿي. کيس گهر ۾ جيجي ڪوٺيو ويندو هو بلڪه ميهڙ جي پوري شهر ۾ کيس جيجي رئيسياڻي جي نالي سان ڄاتو سڃاتو ويندو هو. ڀائپي برادري ۾ شادي غمي جي موقعن تي اٿڻي ويهڻي جو بار مٿس هو، گهر جي وڏي ليکي ويندي هئي ۽ سڄو ميهڙ جو شهر سندس عزت ڪندو هو. شادين جي موقعي تي مٺائي ورهائڻ لاءِ کيس خاص طرح دعوت ڏئي وٺي ويندا هئا. مٺائي پاري يا چاڏي ۾ وجهي ورهائبي هئي. هن رسم جي پوري ٿيڻ بعد اهو پارو يا چاڏي ڪجهه مٺائي ۽ ريشمي شال کيس ڏنا ويندا هئا. هاڻي هي رواج ۽ رسمون ختم ٿيندا پيا وڃن. نياڻي کي پوتي اوڍائڻ جو رواج به ختم ٿيندو پيو وڃي. اڳي نياڻيءَ کي ستن قرآنن برابر عزت ۽ توقير ڏني ويندي هئي. نياڻيون ميڙ ڪري وڃڻ تي خون به بخشيا ويندا هئا. هاڻي نياڻين جي عزت نه ٿي ڪئي وڃي بلڪه سندن عزت لُٽي وڃي ٿي. روز الائي ڪيتريون نياڻيون حوس جو شڪار ٿين ٿيون. هاڻي معاشري مان فضيلت ۽ شرم حياءُ موڪلائيندو پيو وڃي. برائي جي ڪمن کان مذهب ۽ مذهبي تعليم روڪيندي آهي، اسان جي مدرسن ۾ ته دهشتگرد پيدا ڪيا وڃن ٿا، پوءِ علم دين جي ڄاڻ ڪير ڏيندو؟ ٻهراڙين جا ماڻهو ته اڻپڙهيل آهن انهن جو ڪو قصور ڪونهي مگر 60 سيڪڙو شهري پڙهيل تعليم يافته ماڻهن کي نه صحيح ڪلمو پڙهڻ اچي ٿو نه غسل ڪرڻ جو صحيح طريقو اچي ٿو.
حضرت بلبل جي ٻي شادي سندس پسند موجب ۽ ڀائرن جي مرضيءَ جي خلاف سنه 1875ع ۾ محترمه گل خاتون عرف گل سان ٿي. در حقيقت هن گل ئي شمس کي بلبل بڻجڻ تي مجبور ڪيو هو ورنه شمس الدين مان شمس ٿيڻ وڌيڪ مناسب ۽ موزون هو. شمس مان بلبل ٿيڻ جي راز ۾ گل جو مرڪزي ڪردار هو. بهرحال شمس کي گل جي محبت بلبل بنائي ڇڏيو. سائنس چوي ٿي ته هر هڪ انسان جي بدن مان مقناطيسي شعاع (Rays) نڪرن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مرد جا اهڙا شعاع (Rays) ڪنهن عورت جي جسم مان نڪرندڙ اهڙن شعاعن (Rays)لاءِ مقناطيسي ڪشش رکن ٿا ۽ اهو جوڙو هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو، نه ته ڪهڙو لاچار پيو هو فرهاد کي جو شيرين لاءِ ٽڪر ٽاڪي ها، ياڪهڙو لاچارپيو هو سهڻيءَ کي جو ميهارلاءِ مست مهراڻ ۾ ٽپو ڏئي واڳن ۽ سيسرن جو کاڄ بڻجي ها. حضرت ضيا جي مستيءَ واري فلسفي موجب هي به مستي جو مظهر يا هڪ نمونو آهي. لطيف سائين تڏهن ته چيو آهي:
گهڙيا سي چڙهيا، ايهين اٿيئي، مئي متي مهراڻ ۾ پو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
مطلب ته اهڙي قسم جي محبت واري معاملي ۾ ويچارو انسان بيوس ۽ لاچار ٿئي ٿو. ساڳي طرح بلبل بيوس به، گل سان لڪ چوري، گل جي مائٽن جي رضامنديءَ ۽ مدد سان عقد ڪيو. جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر بلبل جي ڀائرن کي پئي ته سندس گهر جو ماحول سندس لاءِنهايت ڪشيده ۽ مشڪل ٿي پيو. اهڙي صورتحال ڏسي بلبل سنڌ کي خير آباد چئي سنه 1975ع ۾ پنهنجي اهليه گل خاتون سميت وڃي لاهور پهتو. اتي سال کن رهي دهليءَ هليو ويو جتي پڻ هڪ سال کن رهڻ بعد حيدرآباد دکن وڃي مستقل رهائش اختيار ڪيائون ڇو ته ان وقت حيدرآباد دکن علم و ادب جي واڌاري لاءِ گهڻو اڳرو ۽ مشهور هو، خاص طور تي مسلمانن ۾ جديد علوم و فنون کي عام ڪرڻ لاءِ ۽ سندن معاشي، معاشرتي ۽ سياسي ترقي ۾ جناب نظام دکن ذاتي طرح دلچسپي وٺندڙ فرمان روا هو ۽ پاڻ به اهل علم هو ۽ اهلِ علم شخصيتن جو قدر دان هو. هيءَ مسلم رياست جنهنجي آدمشماريءَ جو وڏو حصو غير مسلم قومن تي مشتمل هو، مسلمانن جي فلاح و بهبود جو هڪ مشهور مرڪز هئي.
هن سموري عرصي دوران بلبل صحافت کي پيشي طور اختيارڪيو. پنجئه فولاد لاهور، انتخاب لاجواب لاهور، پئسه لاهور ۽ زميندار لاهور جي نوڪرِيءَ سان بلبل پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ انهن اخبارن ۾ سندس مضامين ۽ڪالم شايع ٿينداهئا. انهن اخبارن جي ايڊيٽرن ۽ مالڪن سان بلبل جي ڄاڻ سڃاڻ گهري دوستيءَ ۾ بدلجي وئي، جڏهن سڀني بلبل جي صحافيانه قابليت ڏٺي ۽ پوءِ اها دوستي آخري دم تائين قائم رهي. پنجئه فولاد جي ايڊيٽر ته بلبل جي مڪمل سوانح بمع تصاوير پنهنجي مذڪوره اخبار مورخه 7 مئي 1906ع ۾ شايع ڪئي. ان لکت کان متاثر ٿي مسٽر گپت راءِ مئنيجر البرٽ پريس سکر، بلبل جي سوانح انگريزي زبان ۾ لکي شايع ڪرائي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو حضرت بلبل خود ڪيو هو. هن ترجمي جا چند ورق بلبل مرحوم جي هٿ جا لکيل، جيڪي اڏوهيءَ اوبر طور بچايا آهن، انهن مان پتو پوي ٿو ته حضرت بلبل جي مڪمل سوانح ٽن زبانن، اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل ۽ شايع ٿيل هئي مگر زماني جي گردش سبب، گهڻيون شيون ضايع ٿي ويون آهن. حضرت بلبل جي هٿ جا لکيل چند ورق، جيڪي تمام سهڻي صورتخطي ۾ مختلف رنگن سان مزين آهن، مگر اڏوهي جا نيم خورده بطور تبرڪ و سند بلبل لائبريري ۾ سانڍي رکيا ويا آهن. حضرت بلبل دهليءَ ۾ به ٿورو عرصو رهيا جتي پڻ مختلف اخبارن جهڙوڪ دهلي پنچ، خير خواه عالم ۽ ڪشف العلوم وغيره ۾ ڪم ڪيائون مگر حيدرآباددکن ۾ گهڻو عرصو رهيا جتي پڻ ڪجهه اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ بعد هڪ اخبار جا سب ايڊيٽر ۽ پوءِ ٻي اخبار جا ايڊيٽر ٿي رهيا. اهي اخبارون شايد دکن پنچ ۽ خورشيد دکن هيون. خاص ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي هيءَ آهي ته پنچ نالي واريون اخبارون طنزيه ۽ مزاحيه قسم جون اخبارون هيون جن ۾ ڪم ڪرڻ جو بلبل کي ڀرپور موقعو مليو، سندس طبيعت به اهڙي قسم جي تحرير طرف اڳيئي مائل هئي وري اهڙين اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ بلبل لاءِ ائين ثابت ٿيو جيئن سون لاءِ سهاڳو.
هندوستان جي وڏن وڏن شهرن جهڙوڪ ڪلڪتو، لکنئو، دهلي، حيدرآباد دکن، ميرٺ ۽ پنجاب وغيره مان آيل اخبارن جا انبار حضرت بلبل جي اخبارن واري گهوڙي (Rack) تي رکيل هئا. پنچ اخبارن ۽ پنج ميگزين جا ٿلها ٿلها فائيل ٺهيل هئا، هنن اخبارن ۽ ميگزينن ۾ لکت سان گڏعجيب عجيب ڪارٽون به ڏنل هئا. هي فائيل راقم الحروف ڏٺا هئا ۽ اسان جي زماني ۾ ئي ڏسندي ڏسندي ڳري پرزا پرزا ٿي ويا. حيدرآباد دکن واري عرصي دوران بلبل پنهنجن ايڊٽ ڪيل اخبارن جا پرچا باقاعدگيءَ سان پنهنجي وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان کي موڪليندو رهندو هو مگر ٻين اهم دستاويزات وانگر اهي ڪاغذات به سنڀالجي نه سگهيا. اڄ ته عام ماڻهو اخبارپڙهڻ بعد ان کي بيڪار سمجهي رديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهي اخبارون پڪوڙن وارن جي دوڪانن تي نظر اينديون آهن. ان وقت به ماڻهن ۾ ايتروشعور ئي ڪونه هو جو اهڙين شين جو قدر ڄاڻي انهن کي محفوظ ڪن ها. افسوس ته ان ڳالهه جو به آهي ته ان وقت اهڙين شين کي محفوظ ڪرڻ جو نه علم هو ۽ نه عقل. بلبل لاهور، دهلي ۽ حيدرآباددکن ۾ قيام دوران اخباري دنيا توڻي علم و ادب، شعر و شاعري ۽ سياسي بصيرت رکندڙ شخصيت جي حيثيت سان وڏي شهرت حاصل ڪئي هئي ۽ برصغير جي بيشمار نامور هستين سان سندن گهرا تعلقات استوار ٿيا جن ۾ قومي ليڊر، اخبارن جا مالڪ ۽ ايڊيٽر، صحافي، شاعر، اديب ۽ عالم دين وغيره وغيره سڀ شامل هئا. حيدرآباد دکن جو وزير اعظم نه صرف سندن دوست بلڪه مداح هو. سندن خاص دوستن ۾ جسٽس امير علي سيد، مسٽر اي-ايم دهلوي، سر شاهنواز ڀٽو، خواجه الطاف حسين حالي، مولانا شبلي نعماني، جناب اڪبر الهه آبادي، جناب محمد علي جوهر، مولوي محبوب عالم، منشي نول ڪشور، مولانا ظفر علي خان، مرزا ڪاظم علي غازي، مولانا فوق، مولوي ذوق ۽ جناب حسرت موهاني وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. باقي صرف تعلقات وارن نامور شخصن ۾ سر سيد احمدخان، نواب سليم الله خان، جناب وقار الملڪ ۽ جناب محسن الملڪ جا اسماء گرامي ڳڻائي سگهجن ٿا. حضرت بلبل جي دوستن احبابن جو دائرو تمام گهڻو وسيع هو. ڪجهه خاص الخاص دستاويزات جيڪي هڪ ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي ۾ ڳنڍ ٻڌل هئا اهي حضرت بلبل محترم قادر بخش وٽ امانت طور رکايا هئا انهيءَ تاڪيد سان ته جڏهن سندس فرزند ضيا الدين وڏو ٿئي ته اها ڳنڍ سندس حوالي ڪجي، انهن ڪاغذات جي ڏيکارڻ سان کيس وڏي عزت ملندي مگر افسوس اها ڪاغذات واري ڳنڍ به ضايع ٿي وئي ۽ اسان تائين نه پهتي.
حضرت بلبل کي محترمه گل خاتون مان صرف هڪ فرزند رئيس عبدالفتاح حيدرآباد دکن ۾ تاريخ 22جنوري 1882ع تي پيدا ٿيو. هن اهليه مان کيس ٻيو اولاد نه ٿيو، جنهن ڪري حضرت بلبل ٽئين شادي ڪئي. رئيس عبدالفتاح به پنهنجي وقت جو هڪ نهايت عمدو شاعر، اديب ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. حضرت بلبل جي وفات بعد بزم بلبل ميهڙ جو روح روان ۽ جنرل سيڪريٽري هو ۽ پنهنجو تخلص “عبد”لکندوهو. اخبار شمشير الاسلام جو مالڪ ۽ ايڊيٽر هو. مرحوم رئيس عبدالفتاح جي وفات (تاريخ 17 جنوري 1931ع) بعد هن اخبارجي ادارت خلافت تحريڪ جي سرگرم رڪن وڏيري رضا محمد مهيسر وٽ رهي جيڪو حضرت بلبل جو دلي دوست هو، جنهن کانپوءِ محترم عطا محمد مهيسر ۽ ان بعد هن اخبار کي محترم عبدالغفار صابريءَ سنڀاليو. مولوي صابري مرحوم فيض اخبار به جاري ڪئي هئي. هنن سڀني شخصن جي ويجهي مٽي مائٽي محترمه گل خاتون سان هئي. محترمه گل خاتون جي هڪ ڀيڻ وڏيري رضا محمد مهيسر سان پرڻيل هئي، ٻئي جي شادي ڪراچيءَجي ارب کرب پتي سيٺ ايڊلجي مهتا سان ٿيل هئي ۽ ٽئين ڀيڻ جي شادي ڊڀرئي واري مخدوم جسٽس عبدالوالي جي ڏاڏي سان ٿيل هئي. محترمه گل خاتون جي پيءُ جو نالو حاجي خانڻ شيخ هو. سندس کاتي تي اٽڪل 1500 ايڪڙ زرعي زمين ديهه ڪناروڪڪول، ديهه گاهي مهيسر ۽ ديهه کوندي ۾ موجود هئي. سندن وڏن جا نالا نبي بخش ۽ مير محمد هئا جن جي نالن تي ديهه ڪناروڪڪول جي نقشي۾ڪڙيو نبي بخش ۽ ڪڙيو مير محمد موجود آهن. محترمه گل خاتون جون ٻه ڀينر سيد جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ کوندي جي کوسن ۾ ڏنل هيون. هن خاندان مان الهه جڙيو ۽ غلام حسين سان منهنجو رستو هو مگر ڪجهه سال ٿيا ته وفات ڪري ويا آهن. سندن اولاد موجود آهي، جن سان به تعلقات آهن.
حضرت بلبل ٽئين شادي تڏهن ڪئي جڏهن سندس وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان وفات ڪئي، جنهن سبب کيس ڪراچيءَ کي مستقل طور ڇڏي ميهڙ ۾ رهڻو پيو. هن اهليه مان کيس هڪ نياڻي عائشه خاتون ۽ هڪ فرزند رئيس ضيا الدين ضيا تولد ٿيا. چوٿين شادي مادر ضيا جي وفات بعد ننڍڙي ضيا جي پرورش خاطر ڪيائون، جنهن مان کين ڪوبه اولاد پيدا نه ٿيو. هيءُ مائي محمد مراد شينه جي بيوه هئي. محمد مراد پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هو ۽ اسان جو ذات وارو هو. ميهڙ شهر ۾ ٽڪنڊي لڳ سندن چار پنج گهر اڃا سوڌو موجود آهن ۽ شينا سڏبا آهن.
حضرت بلبل سنه 1888ع ڌاري حيدرآباد دکن کي مستقل طرح ڇڏي پنهنجي اباڻي وطن واپس وريو هو جو سندن وڏو برادر رئيس پير بخش خان پنهنجي طويل علالت سبب کين واپس اچڻ لاءِ اصرار ڪندو رهيو. بلبل واپس اچڻ جو راضپوڏيکاريو ته پوءِ سندس چند خاص دوست جهڙوڪ وڏيرو ڌڻي بخش خان ٿيٻو، وڏيرو ڌڻي بخش خان جتوئي ۽ وڏيرو محمد اسماعيل خان مهيسر جو والد وڏيرو محمد قاسم خان مهيسر کيس واپس آڻڻ لاءِ اتي پهچي ويا. واپسيءَ بعد ڪجهه وقت ميهڙ ۾ رهڻ بعد بلبل ڪراچي وڃي اتي مستقل رهائش اختيار ڪئي، جتي جلدئي کين خانبهادر حسن علي خان آفندي پنهنجي اخبار معاون جي ادارت سونپي ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي کي درپيش نهايت سنگين مسائل جهڙوڪ نام نهاد ملن ۽ مولوين طرفان انگريزي تعليم خلاف پيدا ڪيل طوفان کي ختم ڪرڻ، مسلمانن کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَلاءِمستقل آمدني سالياني گرانٽس جي صورت ۾ حاصل ڪرڻ جو بار خانبهادر صاحب، حضرت بلبل تي رکيو ڇو ته جناب آفندي صاحب جي نظر ۾هنن سمورن ڪمن کي پايئه تڪميل تي پهچائڻ وارومناسب ۽موزون شخص صرف بلبل ئي هو. خانبهادر حسن علي آفندي، حضرت بلبل جي قابليت، صلاحيت، تجربي ۽ اثر رسوخ کان اڳيئي بخوبي آگاهه هو. ان وقت سنڌ اندر حضرت بلبل تمام گهڻومقبول ۽ معروف شخص طور ڄاتو ويندو هو. سنڌ جا مير، پير، والي، وزير، حاڪم ۽ زميندار سڀ سندس مداح ۽ گرويده هئا.
گمبٽ، راڻيپور ۽ هالا جا گادي نشين، خيرپور ميرس جا والي ۽ وزير، غيبي ديري ۽ لاڙڪاڻي جا نواب ۽ اسراڻ، ماتلي ۽ نصرپور جا نواب ۽ حيدرآباد جا مير وغيره سڀ بلبل جا دلي دوست هئا. اهي سڀئي حضرات بلبل جي ڪوششن سبب هن تعليمي درسگاهه جي مالي سهائتا ۾ پيش پيش رهيا. خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي فرزند ولي محمد آفندي سان گڏجي، بلبل انهن حضرات مان ڪجهه صاحبان سان ملي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ لاءِ مالي امداد جوبندوبست ڪندو رهيو. اهڙو اظهار جناب حڪيم عبدالحميد چانڊيي به پنهنجي ڪتاب “سوانح نواب سر غيبي خان چانڊيو”۾ ڪيو آهي.
بلبل هن وقت شوخ طبع ۽ رنگين مزاج شاعر نه بلڪه هڪ قومي و ملي درد رکندڙ دور انديش ۽ مستقل مزاج مصلح قوم بڻجي چڪو هو. سندس شعر و شاعريءَ ۾ محبوب جي زلف پيچيده جي ذڪر بدران قوم و ملت جي پيچيده مسائل جاءِ والاري هئي. سندن تحرير ۾ سر سيد احمد خان جو تدبر ۽ حڪمت، تقرير ۾ نواب محسن الملڪ ۽ بهادر يار جنگ وارو جوش و جذبو، ڪلام ۾ حالي ۽ اڪبر الهه آبادي وارو اندازِ بيان ۽ اصلاحي طرز تڪلم ۽ جسٽس امير علي سيد وارو فڪر و فهم موجزن هو.
رئيس پير بخش خان، جنهن بلبل کي پنهنجي اولاد وانگر پاليو هو، ان جي وفات تاريخ 9 ڊسمبر 1906ع تي بلبل هائوس ميهڙ ۾ ٿي ۽ بلبل خاندان جو هي معتبر ۽ مانجهي مڙس وڃي پنهنجي معبودِ حقيقيءَ سان مليو.
وياسي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي. گهر ۾ اڪيلائي، زمينداريءَ ۽ ذميوارين جي مدِ نظر بلبل کي مستقل طور ميهڙ ۾ رهائش اختيارڪرڻي پئي. اخبارن کي ايڊٽ ڪرڻ جو ڪجهه ڪم ميهڙ مان اڪلائيندا هئا، باقي سندن آفيسون ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ موجود هيون جتي ضرورت مطابق ڏينهن ٻه رهي ڪم مڪمل ڪندا هئا. ان زماني ۾ اخبار معاون کان علاوه ڪراچي گزيٽ ڪراچي، وطن ڪراچي، بلبل ڪراچي، الحق سکر، مسافر حيدرآباد،خير خواه لاڙڪاڻو ۽ آفتاب سکر کان سواءِ چند ٻيون اخبارون ۽ رسالا پڻ سندن ادارت هيٺ شايع ٿيندا هئا. انهن اخبارن ۾ اخبار بلبل ۽ اخبار وطن بلبل جون ذاتي اخبارون ٻڌايون وڃن ٿيون. الحق ڪجهه وقت حيدرآبادمان به شايع ٿي هئي، جتي بلبل ۽ الحق اخبارن تي سنڌ جي وڏن وڏن مشهور هندو ليڊرن هڪ ڪوڙو ڪرمنل ڪيس دائر ڪيو هو جيڪو ڪوڙو ثابت ٿيو. هي ڪيس مسلمانن توڻي هندن لاءِ وقار ۽ عزت جو قومي مسئلو بڻجي چڪو هو. هن ڪيس ۾ هندن جي پيشوا هرچندراءِ وشنداس پارواڻي ڪوٽڙي وارو، جو اهم ڪردار هو باقي مهرا ٻيا گهڻا هندو ليڊر هئا. هن ڪيس ۾ مسلمانن جي طرف جو سرواڻ شيخ غلام حسين هدايت الله هو جيڪو پوءِ سر غلام حسين هدايت الله جي نالي سان مشهور ٿيو، هو هن ڪم ۾ سڀني کان اڳرو هو. هي ڪيس کٽڻ تي مسلمانن سڄي سنڌ ۾ خوشيون ملهايون ۽ مٺايون ورهايون. هي سمورو احوال بلبل جي سوانح ۾ تفصيل سان اچي چڪو آهي.
بلبل کي سنڌ اندر “اخباري دنيا جو بي تاج بادشاهه” ۽ “صحافت جو ڏاڏو آدم ۽ امام” متفق طور تسليم ڪيو ويو آهي. سليس اخباري زبان جو کيس موجد مڃيو ويو آهي، ڇو ته هن قسم جي طرز تحرير پهريان پهريان بلبل ئي سنڌ اندر رائج ڪئي ۽ ان طرز تحرير کي ڪمال درجي تائين پهچائي ڏيکاريائين. بلبل کان اڳ سنڌ ۾ جيڪي به سنڌي اخبارون شايع ٿينديون هيون انهن جي عبارت فارسي زبان جي طرز تي نهايت مشڪل ۽ ڏکي هئي. هيءَ تحرير عام فهم نه هئي، هر ڪو شخص سولائيءَ سان هن قسم جي لکت پڙهي ۽ سمجهي نه سگهندو هو، صرف اهي شخص جن کي پارسي زبان تي عبور حاصل هو، اهي ئي سولائيءَ سان اهڙي لکت پڙهي سگهندا هئا. ان زماني ۾ سرڪاري زبان پارسي هئي جيڪا پوءِ انگريزن جي اثر هيٺ تبديل ٿي. برصغير جي مکيه ٽن علمي ادبي مرڪزن، لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ بلبل کي هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ سليس اردو زبان لکڻ جو وسيع موقعو مليو ۽ تجربو حاصل ٿيو. جنهن کي هن سنڌي تحرير ۾ دهرايو ۽ سندس هي تجربو نهايت ڪامياب ۽ ڪارائتو ثابت ٿيو. سنڌي اخباري دنيا تي بلبل جو هي وڏو احسان ليکيو وڃي ٿو. اسلامي لشڪر اندر جا حيثيت حضرت خالد بن وليد کي حاصل هئي اهڙي عزت ۽ شهرت سنڌ جي اخباري دنيا ۾ حضرت بلبل جي پلئه پئي.
حضرت بلبل جي ٽين شادي سن 1907ع ۾ ٿي. هن اهليه مان کيس هڪ نياڻي بنام عائشه ۽ هڪ فرزند ضيا الدين ضياتولد ٿيا. تاريخ 27 جون 1912ع تي مادر ضيا، الله کي پياري ٿي وئي. گويا سندس هيءَ اهليه صرف 5-6 سال سندس زوجيت ۾ رهي.
هلڻ هارا سپرين، رئان تان نه رهن.
ننڍڙي ضيا جي سنڀال لاءِ بلبل کي چوٿين شادي ڪرڻي پئي. هيءَ شادي سن 1915ع ۾ ڪيائون، هن اهليه مان کين ڪو به اولاد پيدانه ٿيو. حضرت بلبل جي ٻيو نمبر اهليه محترمه گل خاتون تاريخ 3 آڪٽوبر 1942ع تي وفات ڪري وئي. ضعيفائي واري حالت ۾ اچي بلبل هائوس ۾ رئيس ضيا الدين ضيا وٽ رهي ۽ سندس انتقال به بلبل هائوس ۾ ٿيو. مون کي هر هڪ ڳالهه چڱي طرح ياد آهي. رات جو حضرت بلبل ۽ پنهنجي متعلق سڀ ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. اسان سڀ ٻار ڳالهين ٻڌڻ جي شوق سبب سندس کٽ تي ويهي کيس زور به ڏيندا هئاسون ۽ ڳالهيون به ٻڌندا هئاسون. حضرت بلبل جي اولاد مان آخرين فرد، همشيره رئيس ضيا الدين ضياجو انتقال سن 1983ع جي جنوري مهيني جي 12 تاريخ تي بلبل هائوس ميهڙ ۾ ٿيو. سال جو گهڻو حصو مون وٽ رهندي هئي. مون تي نالو جو سندس والد بزرگوار جو آهي ان ڪري مون کي بابا چوندي هئي ۽ مون سان تمام گهڻي دل هيس. منجهند جي ماني کائي رهي هئي، پنهنجي ٻيو نمبر دختر جيڪا منهنجي ننڍي ڀاءُ نظام الدين جي گهر واري آهي، کي پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيائين، چند منٽن ۾ هوءَ پاڻيءَجو گلاس کڻي آئي ته کيس ويهاڻي تي مٿو رکي ليٽيل ڏٺائين. هن سمجهيو ته ٿڪ سبب ليٽي پئي آهي، مگر غورسان ڏسڻ ۽ سڏڻ بعد کيس معلوم ٿيو ته جن کي سڪ ساهڙ جي، سي گهيڙ نه پڇن گهاٽ! سندس دم پرواز ڪري وڃي خالقِ اڪبر وٽ پهتو هو ۽ گرهه به سندس هٿ ۾ موجود هو. سندس وڏي نياڻي راقم التحريرجي اهليه به ان وقت ساڳئي ڪمري ۾ سندس ڀرسان موجود هئي مگر انکي به اهڙي خبر نه پئي. بس ائين ئي خاموشيءَ سان بنا موڪلائڻ جي هلي وئي. شوگر جي پراڻي مريضه ته هئي ۽ ڪافي ڪمزور به ٿي وئي هئي مگر سندس حالت ڳڻيءَ جوڳي نه هئي، کلندي کائيندي هلي وئي.
جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي.
تون پڻ آهين تيئن، دنيا۾ ڪو ڏينهڙو.
محترمه ۾ پنهنجي والد ماجد حضرت بلبل جون سموريون خوبيون موجود هيون. الله تعالى کيس حافظو به حضرت امام غزاليءَجهڙو عطاڪيو هو. پنهنجي خاندان متعلق سندن معلومات نهايت وسيع، جامع ۽ هر ڳالهه ذري پرزي برابر به کين ياد هئي. رات جو سمهڻ وقت روزانو اهڙيون ڳالهيون اسان کي ننڍي هوندي ٻڌائيندي هئي. حضرت بلبل جو تمام گهڻو ڪلام ڇپيل توڻي اڻ ڇپيل کين بر زبان ياد هو. اسان قلمبند نه ڪيو جو ايترو شعور ان وقت هيو ئي ڪونه. مرحومه پاڻ به سٺي شاعره هئي. صبر شڪر ڪرڻ واري نهايت صابرين، حوصله مند ۽ بردبار ۽نيڪ خاتون هئي. اسان جي پوري خاندان ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ کان پوءِ هوءَ محترم شخصيت هئي، کيس ننڍا وڏا سڀئي ڏاڏي امان جي نالي سان ياد ڪندا هئا. سندس پٽ، نياڻيون، ننهون ۽ راقم الحروف به ڏاڏي امان جي نالي سان مخاطب ٿيندا هئاسون. سن 1970ع ۾ پاڻيءَ جي جهاز ذريعي حج بيت الله جو شرف حاصل ڪيائين ۽ پنهنجو وارو وڄائي وئيِ.
پاڻيٺ جي پرکنان، ويا سي وينجهار.
حضرت بلبل جي ڪارنامن ۽ قومي خدمات جي ذڪر خير لاءِهي موقعو مناسب ته آهي مگر وقت جي ڪمي سبب اڄ واري هن تقريب جي مناسبت مطابق صرف هڪ اهم خدمت جو ذڪر ضروري سمجهي پيش ڪجي ٿو. جنهن اسڪول جي هن سينٽرل هال ۾ جشن ميهڙ جي سلسلي ۾هيءَ ادبي مجلس منعقد ڪئي وئي آهي ۽ آءٌ ناچيز هي مقالو پيش ڪري رهيو آهيان، دراصل هيءَ درسگاهه حضرت بلبل جي ئي قائم ڪيل، سندس حياتيءَ جو هڪ شاندار يادگار ۽ هن خطي جي ماڻهن لاءِ هڪ انمول تحفو آهي. مون کي يقين آهي ته هن وقت به سوين اهڙا شخص هن ادبي ميڙ ۾ موجود آهن جيڪي، حضرت بلبل جي پوکيل هن باغ جا ثمر آهن.
حضرت بلبل، سر سيد احمد خان ۽ خانبهادر حسن علي آفندي جي سياسي بصيرت، فهم و فراست ۽ مسلم قوم جي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ واري دور انديشانه سوچ ۽ لوچ کان متاثر ٿي سندن نقشِ قدم تي هلندي سن 1904ع ۾ انجمن اتفاق اسلام ميهڙ جو پايو وڌائون ۽ ان جي زير اهتمام هڪ جديد طرز جو هيءُ تعليمي ادارو بمع هڪ فري بورڊنگ هائوس، ٻهڙارين کان آيل شاگردن جي طعام و قيام لاءِ قائم ڪيائون.
شروع ۾هيءَ ڊرسگاهه وڏيري ڌڻي بخش خان ٿيٻو جي اوطاق ۾ قائم ڪئي وئي هئي جيڪا بلبل هائوس جي سامهون چند قدمن جي مفاصلي تي موجود هئي. ميهڙ شهر ۾ اسان جي خاندان جي آمد کان اڳ هي پاڙو وڪن جو پاڙو سڏبو هو ۽ اسان جي اچڻ کان پوءِ شينن جو پاڙو سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ بلبل محلا، ڪاسائي محلا ۽ هاڻي ڀٽائي محله سياسي بنياد تي سڏجي رهيو آهي. پويان ٻئي نالا وڏن ماڻهن ۽ انهن جي چمچن کي خوش ڪرڻ لاءِ وڏن ماڻهن جي واٺن پنهنجي مرضيءَ سان رکيا آهن. هاڻي جنهن رستي جو نالو اهڙن لوسي چمچن پاڻ مرادو VIP روڊ رکيو آهي ان رستي جو نالو اڄ سوڌو سٽي سروي رڪارڊ ميهڙ ۾ شمس الدين بلبل رستو لکيل آهي.
جنهن زماني ۾ هي پاڙو وڪن جو سڏبو هو ان زماني ۾ محترم وڏيري ڌڻي بخش خان ٿيٻو اها جاءِ وڪن کان خريد ڪري پنهنجي اوطاق ڪئي هئي. انهيءَ جاءِ سان لڳو لڳ ٽي جايون ميان قادر بخش سهتو، ميان ربن سهتو ۽ ميان علي بخش سهتو خريد ڪري اچي ويٺا. اهي ٽئي جايون به وڪن جون هيون. انهن جاين ڀرسان ٽي جايون وري وڪن کان شينن خير محمد شينو ولد الهه رکيو شينو، شفيع محمد شينو ۽ جان محمد شينو خريد ڪيون. انهن جاين سان لاڳيتو وري ٻيون ٽي جايون سهتن، وڪن کان خريد ڪيون، اهڙيءَ طرح وڪن جي هن پاڙي ۾ ٿورائي ٿي وئي، راقم التحرير جا آباء و اجداد به هن ئي پاڙي ۾ سرڪاري پيل زمين اٽڪل 15 ايڪڙ خريد ڪري جايون ٺهرائي ويٺا۽هن پاڙي ۾ گهڻائي ۽ اڪثريت شينن جي ٿي وڃڻ سبب هي پاڙو شينن جو پاڙو سڏجڻ لڳو. شينن جي مسجد شريف سان لڳ ٻه ٽي گهر وڪن جا بچيا آهن ۽ اهو حصو اڃا وڪن جا گهر سڏجي ٿو. ان کان پوءِ انڙ واهه لڳ وڏو ويڙهو ماڇين يا سولنگين جو آهي. اهي سڀ ماڇي ڀاڳ ناڙيءَ ۾ اسان جا هاري ۽ راڄ هئا ۽ اسان سان گڏ لڏي آيا هئا.
جڏهن حضرت بلبل جو قائم ڪيل شروع وارو اسڪول وڏيري ڌڻي بخش خان ٿيٻو جي جاءِ مان شفٽ ٿي نئين عمارت ۾ سن 1933ع ۾ قائم ڪيوويو ته پوءِ اها جاءِ وڏيري صاحب ميان قادر بخش سهتو کي ڏئي ڇڏي. ميهڙ اسڪول جي شروع واري بورڊنگ هائوس جي ڪچي عمارت زبون حاليءَ جو شڪار ٿي ڊهي وئي ۽ گهڻن ماڻهن انهيءَ پلاٽ مان ٽڪرا ٽڪرا پلاٽ جا ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي کان حاصل ڪري پنهنجون جايون ۽ دوڪان ٺهرايا. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ هندن جون تمام سٺيون ۽ وڏيون عمارتون گهڻي تعداد ۾ خالي پيون هيون. هڪ ٻه منزله عمارت جنهن ۾ 25 ڪمرا هيٺ ۽ 25 ڪمرا مٿي ٺهيل هئا، اها جاءِ اسڪول بورڊ روينيو کاتي جي آفيسرن جي مدد سان هٿ ڪري ان کي بورڊنگ هائوس طور استعمال ڪيو، جنهن ۾ شاگردن سان گڏ ڪجهه پرديسي هيڊ ماستر ۽ ماستر به رهيا. هيءَ جاءِ اصل ۾ سيٺ تلوڪ چند جي ملڪيت هئي. سندس هڪ ڀاءُوڪيل هو جنهن جو نالو نهالچند هو. بابا سائين جو دلي دوست ۽ همدرد ساٿي هو. ٿي سگهي ٿو سندس ڪلاسي هجي. هندن جي لڏي وڃڻ بعد هيءَ عمارت سيٽلمينٽ کاتي جي حوالي ٿي وئي جتان سيٽلمينٽ کاتي مان وڏيرو فيض محمد مهيسر مٺائي وارو کڻي آيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هيءَ عمارت ڊاڪٽر ولي محمد ٻڙرو ڏيڍ لک رپين ۾ وڏيري فيض محمد مهيسر کان خريد ڪئي. هن عمارت لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن عمارت مان هڪ زمين دوز سرنگهه ٽڪاڻي تائين وڃي ٿي ۽ انهيءَ عمارت ۾ سون سان ڀريل هڪ ديڳ به دفن ٿيل آهي مگراهي ٻئي شيون اڃا تائين لڌيون ڪونه آهن. ٻئي وڏي جاءِ ڊاڪٽر لعل چند (عرف ڊاڪٽر لالو) جي آهي جيڪا هن وقت سيٺ تولا رام وٽ آهي. ڊاڪٽر لعل چند هن جاءِ تي نالو لکايو هو “پرساد محل” جنهن جي معنيٰ هئي سندس پنجن پٽن جي نالن جي منڍ وارن اکرن جو جوڙ، يعني 1. پرتاب، 2. رميش، 3. سريش، 4. اشوڪ ۽ 5 دليپ. پ ر س ا د. ڊاڪٽر لعل چند نهايت سادو، شريف ۽ همدرد قسم جو پرش هو. منجهندٽاڪ هجي يا آڌي رات هر مريض غريب توڻي امير هجي، ان وٽ وڃڻ ۾ قطعي نه ڪيٻائيندو هو. ويچارو وزٽ في به نه وٺندو هو. رنگ جو ڳاڙهو هو جنهن ڪري کيس عام طرح ڊاڪٽر لالو سڏيو ويندو هو. جنهن جو مطلب هو پٺاڻن جهڙو سرخ و سفيد.
ميهڙ جي جاين ۾ ٽڪنڊي مشهور عمارت آهي، جنهن جي ٽنهي طرفن کان گول بالڪونيون ٺهيل آهن ۽ هر طرف کان وڏيون دريون سائي رنگ جي شيشن واريون موجود آهن. هن قسم جي عمارت ڪراچيءَکان سواءِ سنڌ ۾ ڪٿي به موجود نه آهي. اندر مرڪزي هال ۾ شري رامچندر ۽ سيتا ديوي جي شاديءَ جي پوري ڄڃ ديوارن تي پلاسٽر آف پيرس سان ٺهيل آهي. هي ڪم آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهي. تصويرون 3-D اهڙيون ٺهيل آهن ڄڻ زنده ماڻهن جي ڄڃ هجي. ماڻهن جي ڪپڙن ۽ زيورن جا رنگ به ڏاڍادلڪش آهن. هن عمارت جو مالڪ منهنجي سانڀر ۾ سيٺ پرتومل هو. ان کانپوءِ سندس ڏوهٽو ڪنيا لعل هن جاءِ جو مالڪ ٿيو، جنهن کان محترم فيض محمد ٻرڙو وڪيل هيءَ جاءِ خريد ڪئي. مسٽر صوڀراج مل وڪيل به بهترين ماڻهو هو سندس پٽ گلاب ۽ ڌيئون اندرا ۽ مايا اسان سان گڏپڙهنديون هيون. مسٽر صوڀراج مل جو شمار ميهڙ جي سٺن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. بابا سائين جو سٺو دوست هو. سندس جاءِ محترم عطا محمد ڪانڌڙو وڪيل سيٽلمينٽ کاتي مان خريد ڪئي. سيٺ لولومل ريواچند ديالو قسم جو منش هو ۽ ديا وارن ڪمن ۾ اڳرو هوندو هو. بابا سائين جو سٺو دوست هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي جڏهن انگريزي اسڪول پئي قائم ڪيائين ته بابا جن وٽ نالو تجويزڪرائڻ لاءِ آيو هو. بابا سائين کيس L.R.Mohd High School نالو تجويزڪيو. هي اسڪول ان وقت هاءِ اسڪول نه هو مگر نالو اهڙو تجويز ڪيو ويو جو معلوم ٿئي پيو ته هاءِ اسڪول آهي. پاڪستان قائم ٿيڻ بعدهي اسڪول ختم ٿي ويو. اهڙا سٺا هندو هت ڪافي هئا. ڏياٽين واري عيد تي مسلمان ڇوڪرا ۽ نوجوان کينهوڙا ٻاري رستن تي وڏي واڪي چوندا وتندا هئا “عيد عيد مشعلو ڪافر جو منهن ڪارو” مگر هندو چڙندا اصل ڪين هئا، بلڪه چوندا هئا اسين ڪافر نه آهيون اسان الله کي مڃون ٿا مگر سندس نالو اسان وٽ ايشور آهي. مطلب ته رواداري ۽هڪ ٻئي لاءِ سهپ ۽ برداشت جو مادو هو.
پراڻي بورڊنگ هائوس واري جاءِ تي هن وقت آغا پيٽرول پمپ، ڀر وارا پڪوڙن ۽ مٺائي جا دوڪان، پريس ڪلب، محترم عبدالرحمان عباسي جي کري (ڇڙهائي ۽ پيسائي جي مشين)، آرا مشين ۽ نوراني مسجد شريف اهي سڀ جايون انهيءَ پلاٽ تي ٺهيون آهن. اها جاءِ شروع شروع ۾ مسافر خاني طور ڪتب ايندي هئي. انهيءَ پلاٽ جي ڏکڻ واري ڪنڊ تي جتي هن وقت محترم نظير احمد ايري جو ميڊيڪل اسٽور موجود آهي اتي سيمينٽ جي اڏاوت وارو هڪ بهترين کوهه ٺهيل هو جنهن جي مٿان ڇت سيمينٽ جي ٿنڀن ذريعي پيل هئي. هن کوهه مان هن پاڙيجا سمورا رهواسي پاڻي ڀرينداهئا. هن کوهه سان لڳ هڪ سيمينٽ جو ٺهيل پاڻي جو هڪ حوض پڻ هو جنهن مان بگين وارا پنهنجن گهوڙن کي پاڻي پياريندا هئا. اهڙا اٽڪل چار کوهه ۽ حوض ميهڙ شهر جي مختلف هنڌن تي موجود هئا. اهڙو هڪڙو کوهه ڪڪول جي شهر واري مکيه پراڻي موري لڳ اڃا شايد موجود آهي. حوض دوڪاندارن ڊاهي اتي سبزيءَ جو دوڪان کوليو آهي. صرف پاڻي ڀرڻ وارا شخصي ۽ ذاتي کوهه ميهڙ شهر ۾ تمام گهڻا هئا. مسلمانن جي گهرن، اوطاقن ۽ باغن ۾ ڪافي کوهه موجود هئا ميهڙ جو تڙ مٺو هو. جنهن زماني ۾ محترم محمد صالح ٻٽ ميهڙ ٽائون ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو محترم عبدالرحمان عباسي جي کريءَ جي ڀر وارو کوهه محترم امان الله ايري کي الاٽ ڪرائي ڏنو هيائين، ٻئي پاڻ ۾ سٺا دوست ۽ ٿڃ ڀائي به هئا.
انهيءَ زماني ۾ گهوڙي گاڏين جو رواج عام هو. سڀ وڏا ماڻهو ۽ زميندار بگين ۾ سفر ڪندا هئا ۽ وٽن بهترين گهوڙي گاڏيون ۽ ڀلا گهوڙا هوندا هئا. موٽر ڪارن جو گهڻو رواج نه هو. ڦول ڀائي وٽ ٻه موٽر ڪارون هونديون هيون جيڪي هو ٽيڪسي طور هلائيندوهو. هي ڪارون رولس رائس ڪمپني جون ٺهيل هيون. ان وقت شايد ٻي ڪابه ڪمپني وجود ۾ نه هئي. ميهڙ تعلقي جي زميندارن مان سڀ کان پهريائين ڪار وڏيري شيرمحمد خان ٿيٻو خريد ڪري آيو ۽ ان کانپوءِ ڪار وڏيرو ڌڻي بخش خان ٿيٻو وٺي آيو. هي ٻئي ڪارون به رولس رائس ڪمپني جون هيون مگر ڦول ڀائي وارين ڪارن کان گهڻيون وڏيون يعني 8 سلينڊرن واريون گاڏيون هيون. وڏيرو ڌڻي بخش خان ٿيٻو بمبئي جي مشهور گلوڪاره ملڪه پکراج سان شادي ڪئي هئي ان لاءِ اها ڪار خريد ڪري آيو هو. وڏيري صاحب جي حياتي تائين ملڪه پکراج ٿيٻن جي ڳوٺ ۾ رهي. وڏيري صاحب جي وفات بعد بمبئي واپس هلي وئي. وڏيرو لطف الله خان ٿيٻو ملڪه پکراج مان پيدا ٿيو هو. وڏيرو لطف الله خان جڏهن جوان ٿيو ته ملڪه پکراج کيس بمبئي گهرايو هو ۽ ڪجهه ڏينهن کيس پاڻ وٽ رهائي واپسيءَ وقت کيس اهي سمورا زيورات واپس ڏنائين جيڪي وڏيري صاحب کيس ڏنا هئا. ملڪه پکراج وڏي دولت مند خاتون هئي. وڏيري ڌڻي بخش خان سان شادي جي موقعي تي بلبل اهم شخص جي حيثيت سان شامل هو. وڏيري ڌڻي بخش خان جي وفات بعد وڏيرو لطف الله خان اسان وٽ رهندو هو ۽ ميهڙ اسڪول ۾ ڇهه جماعتون پاس ڪري حيدرآباد مان ميٽرڪ جو امتحان ڏنائين. حيدرآباد ۾ شيخ محمد اسلم وٽ رهندو هو. بابا سائين سنڌ مدرسه ڪاليج ڪراچي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ته وري وڏيري لطف الله اتي اچي داخلا ورتي. اسان کي رهڻ جي جاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي چار ديواري اندرملي ۽ لطف الله خان به اسان سان گڏ رهندو هو ۽ ماني به اسان سان کائيندو هو. انٽر جو امتحان اتي ڏنائين. ان بعد بابا سائين هيءَ نوڪري ڇڏي آيو ۽ لطف الله خان به پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي ڳوٺ زمينداريءَ جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ان وقت سندس زمينون به انڪمبرڊ اسٽيٽ مان آزاد ٿي چڪيون هيون. هن خاندان سان اسان جا تعلقات تمام پراڻا ۽ مائٽن جهڙا رهيا. وڏيرو دوست محمد خان ٿيٻو به حضرت بلبل جي دلي دوستن مان هڪ هو. کيس چار گهر واريون هيون مگر اولاد بلڪل نه هيس. چوندو هو ته افسوس مون سان زال جي مرڻ جي ڪير رضا الله ڪرڻ به نه ٿو اچي۽ نه وري ڪير ٻارڄمڻ جي مبارڪ ڏيڻ اچي ٿو. سندس مطلب هو ته ڀلا ڪا هڪ گهر واري ئي مري پوي ته هو ٻي شادي ڪري من ان مان ئي ڪو اولاد ڄمي پوي. سندس هڪ گهر واري مائي حاجاڻي اسان وٽ مهينو مهينو به رهي پوندي هئي.
حضرت بلبل اسڪول جي نئين عمارت جي اڏاوت لاءِ نقشو تيارڪرائي، پنهنجي حويليءَ جي پٺيان موجود سندس زرعي زمين مان اٽڪل ڇهه ست جريب زمين سڪني ڪرائي هن ڪم لاءِ مخصوص ڪئي. اٽڪل ڏهه لک پڪيون سرون، ڪجهه لوهه ۽ ٻيو عمارتي سامان خريدڪري هن عاليشان عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو، جڏهن عمارت جا بنياد ئي مس ڀريا ته اوچتو حضرت بلبل کي اجل جو سڏ ٿيو ۽هي ڪم اتي ئي رهجي ۽ رڪجي ويو.
مار پوئي موت تون اڻ مندائتو آئين،
گهايئي اهڙا گهوٽ جن مند نه هئي مرڻ جي.
مسلمانن هن ڪم کي پايئه تڪميل تائين پهچائڻ جي پاڻ ۾ سگهه نه ساريندي، سماجي ڪمن جي حوالي سان مشهور چند هندو سيٺين کي هن نيڪ ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي. انجمن اتفاق اسلام ميهڙ جي تعليمي ڪاميٽي پنهنجن سمورن اثاثن، فنڊن ۽ حقن واسطن سميت، هندن ۽ مسلمانن طرفان ٺاهيل نئين تعليمي ڪاميٽيءَ ۾ ضم ٿي وئي ۽ پوءِ هن عاليشان عمارت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڪم ڪيو. هيءَ عمارت سن 1933ع ۾ جڙي راس ٿي. جيئن ته تعميراتي ڪم جي لحاظ کان هندو گهڻو متحرڪ ۽ مستعد رهيا، اهڙي طرح انتظامي امور ۾ به هو اڳرا ۽ فعال رهيا. حضرت بلبل جي مقرر ڪيل هيڊ ماستر مسٽر هاساسنگ جي جاءِ تي هندن پنهنجي پسند جو هيڊ ماستر مسٽر تلجا رام نانگراڻي آندو. هن کان به وڌيڪ دل ڏکوئيندڙ ۽ ارهه زورائي وارو ڪم هنن اهو ڪيو ته درسگاهه جو اصل نالو مدرسة الاسلام ميهڙ مٽائي A.V School (اينگلو ورنيڪيولر اسڪول) رکيو. مدرسة الاسلام اسلامي نوعيت جونالو هجڻ ڪري شايد کين نه وڻيو. وري جلد ئي هيءَ درسگاهه J.A High School Mehar ميهڙ جي نالي سان سڏجڻ لڳي.مطلب ته هندن پنهنجو تسلط مضبوط ڪرڻ لاءِ هي حربا هلايا. هي نالو صرف هڪ هندو ڪليڪٽر جي نالي پٺيان رکي کيس خوش ڪيو ويو هو مگر جڏهن ان جي بدلي ٿي وئي ته وري هن تعليمي اداري جو نالو T.C High School رکيو ويو، در اصل هن خطي اندر ٻيو ڪو همت ڀريو مسلمان هيو ئي ڪونه جيڪو هندن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه رکندڙهجي، بس جيئن کين وڻيو پئي اوئين پئي ڪيائون. حضرت بلبل کان پوري سنڌ جا وڏا وڏا هندو ليڊر ائين ڊڄندا هئا جيئن ڪانءُ ڊڄي ڪمان کان. هندو ته هن ملڪ ۾ رعايا جي حيثيت رکندڙ هئا مگر خود انگريز حڪمران به کانئس ڪئو ڪندا هئا ۽ نياز نوڙت سان پيش ايندا هئا. هنن ڳالهين ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي، اهڙو سمورو مواد رڪارڊ تي موجود آهي. صرف مير رحيمداد مولائي شيدائي جون لکڻيون ئي پڙهي ڏسو. سنڌ جي چوٽيءَ جي سياسي هندو ليڊرن جيڪو فوجداري مقدمو بلبل تي دائر ڪيو هو ۽هنن پوري سنڌ مان چندا گڏ ڪري بلبل کي سزا ڏيارڻ جو تحيه ڪيو هو ان ۾ جيڪا ذلت کين نصيب ٿي اها به رڪارڊ تي موجود آهي. هن ڪيس کان پوءِ هندن جي اهڙي حالت ٿي وئي جهڙي ڀڳل ٻليءَ جي. جنهن پاڙي ۾ بلبل رهندو هو اتان لنگهڻ جي همت به منجهن نه رهي هئي. مسلمان پريس کين ڏاڍو بڇڙو ڪيو هو. محترم نورل نظاماڻي ته سندن نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو هو. بلبل کي ته ڪجهه به ڪري نه سگهيا مگر سندس فرزند رئيس ضياءُ الدين ضيا کي نه بخشيائون. هو ٻه دفعا ICS امتحان ۾ اول پوزيشن حاصل ڪرڻ جي باوجود به جج ٿي نه سگهيو. ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾.
اوهان اهو سوچي يقيناًٖ اچرج ۾ پئجي ويندا ته بلبل کي ايڏي مستي ۽ هستي ڪنهن جي زور تي هئي، جو انگريز تبليغي پادرين جا ٻوٿ چٻا ڪري ڇڏيائين، انگريزن جي ڪلچر ۽ تهذيب جي مٽي پليد ڪري کين بلڪل ننگو ڪري ڇڏيائين، انگريز گورنر بهادر کان به ڪين ڊنو ۽ کانئس سندس ئي ڪيل آرڊر هڪ هندوءَ جي فائدي وارو منسوخ ڪرائي پنهنجي هڪ مسلمان ڀاءُ جو منسوخ ڪيل آرڊر بحال ڪرائي اهو هٿئون هٿ کنيون آيو. سنڌ جي چوٽيءَ جي سياسي هندو ليڊرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين، سياسي سوچ ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي قوت ۾ قائد اعظم محمد علي جناح کي به شهه ڏئي ڇڏيائين. بس اهو ئي سبب آهي جو ڪوبه گائيڊ حضرت بلبل تي لکيل ٿيسز صحيح ڪرڻ جي پاڻ ۾ سگهه نه ٿو ساري سگهي ۽ ڀوتو نه ٿو ڀانئين متان سندس نوڪري نه ختم ٿي وڃي. مگر حقيقت کي ڪيترو لڪائبو. سج تريءَ هيٺان لڪي نه سگهندو. تاريخ جي ورقن تي موجود حقيقتون ڪيئن گم ٿينديون؟ لکن ماڻهن کي معلوم آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جهرڪن جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ڪوڙا مورخ پنهنجي پت هرو ڀرو وائکي ٿا ڪن... هندو سياسي ليڊر بلبل سان ته پڄي نه سگهيا مگر سندس فرزند رئيس ضياءُ الدين ضيا مان اهي سڀ خارون ضرور ڪڍيائون. اها حقيقت آهي ته جڏهن بلبل نه رهيو ته پوءِ گلستان به ويران ٿي ويو ۽ چٻن ۽ چٻرن کي وجهه ملي ويو من ماني ڪرڻ جو.
حضرت بلبل جي قومي خدمات توڙي ٻين اهم ڪارنامن جي ذڪر جي هن مخصوص مقالي ۾ گنجائش نه سمجهندي هت صرف هن درسگاهه متعلق ڪجهه آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. هن عظيم درسگاهه لاءِ حضرت بلبل جي ڪيل ڪوششن، ڪاوشن، مالي امداد ۽ بيش بها زمين جي فراهمي جي اعتراف طورهندن صرف هڪ هال (سائنس هال) تي بلبل جي نالي جي سنگ مرمر جي تختي لڳائي. اهو هڪ هال بلبل سان منسوب ڪيو ۽ اسڪول جي باءِلاز ۾ اهو لکيو ته بلبل جي هڪ وڏي تصوير فريم ٿيل سندس خدمات جي اعتراف طور سينٽرل هال جي مکيه ديوار تي هميشه آويزان رهندي. اهي ٻئي شيون اڄ سوڌو اوهان جي اڳيان موجود آهن.
نهايت ضروري آهي ته هن درسگاهه جو بگاڙيل حليو بحال ڪري ان جو نالو ان جي باني ۽ پايو وجهندڙ رئيس شمس الدين بلبل جي نسبت سان “بلبل گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ” رکيو وڃي، مون کي قوي اميد آهي ته اسان جا سنڌي سڄاڻ، صاحبِ اختيار ۽ اربابِ اختيار مسلم رهنما ايترا بي حس اڃا نه ٿيا هوندا جو هن قومي ۽ جائز مطالبي ۾ دلچسپي نه وٺن. زنده ۽ غيرتمند قومون پنهنجن محسنن جي احسانن جو اعتراف ڪندي انهنجي يادگارن ۽ انهنجي نالن کي قائم رکڻ لاءِ ڪوشان رهنديون آهن. اميد رکان ٿو ته سنڌ گورنمينٽ جنهن ۾ هن وقت به بيشمارمحبِ وطن، سٺا ۽ سهڻا مانجهي مڙس موجود آهن جن جي وڏن جا تمام گهرا تعلقات بلبل مرحوم سان هئا، اهي منهنجي هن جائز ۽ ضروري گذارش جو ضرور نوٽيس وٺي پنهنجو نانءُ ۽ ناموس اڃا به وڌيڪ روشن ۽ امر ڪري ويندا.
سال 1933ع ۾ جڏهن هيءَ عمارت جڙي راس ٿي ته پهرئين انتظامي بورڊ جو چيئرمين مسٽر منگتراءِ تلوڪچند هو ۽ هيڊ ماستر جي عهدي جي حيثيت سان Ex-officio سيڪريٽري مسٽر تلجارام-جي- نانگراني هو. مسلمان ميمبرن ۾ خان صاحب الهڏتو خان ڀٽي مختيارڪار ۽ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ ميهڙ، خانبهادر محمد پريل خان ڪلهوڙو، وڏيرو شير محمد خان ٿيٻو ۽ وڏيرو ڌڻي بخش ٿيٻو جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
ٻيو بورڊ جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ بعد شروع جي دور ۾ هندن جي لڏ پلاڻ سبب وجود ۾ آيو. ان جو چيئرمين حضرت بلبل جو فرزند ارجمند رئيس ضياءُ الدين ضيا ٿيو ۽ Ex-officio سيڪريٽري مسٽر مينگهراج مل ڌرما ان وقت جو هيڊ ماسٽر هيو. مسلمان ميمبرن ۾ خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي، جناب محمد اسماعيل خان مهيسر، وڏيرو شير محمد خان ٿيٻو ۽ وڏيرو پيارو خان لغاري جا نالا قابل ذڪر آهن. هنن صاحبان جي خاندان سان بلبل جا پراڻا ۽ مخلصانه تعلقات هئا. جڏهن رئيس ضياءُ الدين ضيا کي ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر دادو ۽ اسپيشل اينٽي ڪرپشن پليڊر حيدرآباد ڊويزن جي عهدن تي فائز ڪيو ويو ته پوءِ دادوءَ ۾ مستقل رهائش اختيارڪرڻ سبب هن درسگاهه کي پورو وقت ڏيڻ کان قاصر رهيو ۽ سندس ئي گذارش ۽ تجويز تي هيءَ درسگاهه حڪومتِ سنڌ پنهنجي تحويل ۾ وٺي انجو مزيد حليو بگاڙي ان کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ جو نالو ڏنو.
تعليم جي حوالي سان حضرت بلبل جون خدمات بي مثال ۽ لافاني آهن، سنڌ ۾مسلمانن کي جديد تعليم طرف راغب ڪرڻ وارو، واحد ۽ ڪامياب شخص بلبل ئي هو. جهڙي طرح حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم بني اسرائيل کي نيل ندي سلامتيءَ سان پارڪرائي کين ڪفرکان محفوظ مقام تي پهچايو يا حضرت سعد بن وقاص، اسلامي لشڪر جي هڪ عظيم جرنيل ۽ فاتح ايران جيئن پنهنجي لشڪر کي گهوڙن سميت دجله جي مست ۽ پرخطر موجن مان سلامتيءَ سان پارپهچائي فتح حاصل ڪئي، ساڳي طرح حضرت بلبل به پنهنجي مسلم قوم کي جديد توڻي قديم علوم سان بهره ور ڪرڻ لاءِ آماده ڪري کين جهل جي اونداهي ۽ انڌيري مان ٻاهر ڪڍي ڪاميابيءَ جي شاهراهه تي گامزن ڪري پنهنجو مقصد ماڻيائين ۽ اوهان ڏٺو ته انهن ئي ماڻهن جن علم جي روشني حاصل ڪئي هئي، انهن ئي اڳتي هلي پاڪستان ٺاهيو ۽ پنهنجي قوم کي آزادي ڏياري. اهي سڀ شخص جن جي طفيل پاڪستان وجود ۾ آيو اهي سڀ عليڳڙهه يونيورسٽي ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جا تعليم يافته هئا، مطلب ته اسان جي نام نهاد ملن ۽ مولوين جن عظيم رهنمائن خلاف ڪفر جون فتوائون صادر ڪيون هيون، اهي ئي عظيم رهنما پوري مسلم قوم کي غلاميءَجي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ جو باعث ثابت ٿيا.
سر سيد احمد خان عليڳڙهه ۾ جديد علوم جي درسگاهه قائم ڪئي مگر مسلمانن کي انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده جناب شبلي نعماني، خواجه الطاف حسين حالي ۽ جناب اڪبر الهه آباديءَ ڪيو. ملن ۽ مولوين جي مخالفت کي هند جي روشن خيال علماءِ ڪرام ختم ڪيو ۽ ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ مدرسو ته برابر خانبهادر حسن علي خان آفنديءَ قائم ڪيو،لاڙڪاڻي ۾ مدرسو جناب ٺارو خان لاهوريءَ کوليو، نوشهروفيروز ۾ اهڙوئي مدرسو ته خانبهادر سيد الهندو شاهه برپاڪيو، پٿوري ۾ خانبهادر غلام نبي شاهه اسڪول تعمير ڪرايو ۽ ميهڙ شهر ۾ رئيس شمس الدين بلبل هن درسگاهه جو بنياد رکيو مگر هنن سمورن مدرسن ۾ ڪوبه مسلمان پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جي لاءِ قطعي تيار نه هو ڇاڪاڻ ته اسان جي ملن ۽ مولوين انگريزي تعليم خلاف هڪ طوفان پيدا ڪري ڇڏيو هو. هن طوفان کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر نه ڪو شبلي هو، نه الطاف حسين حالي هو ۽ نه وري اڪبر الهه آبادي ئي موجود هو، صرف ۽ صرف بلبل هو جنهن شبلي نعماني، الطاف حسين حالي ۽ اڪبر الهه آبادي توڻي هند جي بيشمار علماءِ ڪرام وارو رول سنڌ جي هنن سڀني مدرسن لاءِ ادا ڪيو. بلبل مسلمانن کي جديد علم پرائڻ لاءِ مختلف حيلن بهانن ذريعي اڪسايو ۽ آماده ڪيو. بلبل نه صرف پنهنجي ميهڙ شهر واري مدرسي لاءِ تبليغ شروع ڪئي مگر مٿي ذڪر ڪيل سنڌ جي سمورن مدرسن لاءِ به مولانا شبلي نعماني، خواجه الطاف حسين حالي ۽ جناب اڪبر الهه آبادي وارو ڪم ڪيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. هي ڪم تبليغي انداز ۽ هنگامي بنيادن تي شروع ڪيائون، زباني، ڪلامي ۽ تحريري هر طريقي سان هن ڪم کي پايئه تڪميل تي پهچايائين. سندس اهڙين ڪوششن ۽ ڪاوشن جو پوري سنڌ اثر قبوليو ۽ مسلمانن جا ٻار سنڌ جي هنن مدرسن ۾جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جوق در جوق ايندا رهيا ۽علم حاصل ڪندا رهيا. اهل علم حضرات مون کي سنڌ اندر صرف هڪڙو نالو ٻڌائين جنهن حضرت بلبل وانگر مسلمانن ۾ جديد علم لاءِ اهڙو جذبو ۽ ولولو اهڙي انداز ۽ رفتار سان پيدا ڪيو هجي ۽ وڏي واڪي آواز بلند ڪيو هجي “پڙهو انگلش انگلش انگلش”.
ميهڙ شهر جي هن عاليشان ۽ جديد درسگاهه جو باني ۽ پايو وجهندڙ ۽ پوري سنڌ ۾ علم جي روشني ڦهلائيندڙ رئيس شمس الدين بلبل، علم و ادب جو هڪ روشن ۽ درخشان شمس، سنڌ اندرعلم جي جوت جاڳائي، تاريخ 13 سيپٽمبر 1919ع تي هن فاني ۽ بي بقا دنيا جي علمي، ادبي ۽ سياسي افق تان هميشه لاءِ غروب ٿي ويو. واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لاءِ سنڌڙي.
ننگر ۽ ناڙيون پڳهه کڻي پنڌ ٿيا،
بندر بازاريون سڃا سامونڊين ري.
1. قطعهِ سيد حاجي غلام محمد شاهه گدا:
نغمه سنجان چمن هر يک ترنم تازه ڪرد.
ليک بلبل بود سبقت از همه اندر صغير.
(دنيا جي هن باغ ۾ ڪيترائي نغما ڳائيندڙ هئا ۽ هر هڪ جو آواز سريلو ۽ رس ڀريو هو، جنهن روح تازو ٿي ڪيو پر بلبل ٿوري وقت ۾ سڀني کان گوءِ کڻي ويو.)
2. قطعه: جناب پير رفيع الدين سرهندي نقشبندي شڪارپوري:
آفرين شمس الدين بلبل را-باچنين طبع و فکر فهم نجيب
3. قطعه: جناب سيد مير ميان محمد شاهه ساڪن آمري
بشرط شعشئه ابن شمس الدين بلبل واه، شده درسنده روشن روزگاري
به بستان بلاغت وهم براغت- چو بلبل کس نياد آبياري
نوٽ: هي مقالو صاحب تحرير جشن ميهڙ جي موقعي تي منعقد ڪيل ادبي ڪانفرنس ميهڙ ۾ پڙهيو هو. سن 1985ع جي تاريخ 15 ۽ 16 تي جشن ميهڙ ملهايو ويو هو. ادبي ميڙ حضرت بلبل جي قائم ڪيل درسگاهه جي سينٽرل هال ۾ گڏ ٿيو هو. هي مقالو جشن ميهڙ جي موقعي تي شايع ڪيل سووينيئر “سڄڻ ۽ ساڻيهه” ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هي مقالو ضروري واڌارا ۽ وضاحت شامل ڪري ٻيهر شايع ڪرائڻ جي خيال سان لکيو ويو آهي.
هن ڪانفرنس ۾ پهريون نمبر قرار ڏنل مقالي جي مصنف کي راقم التحرير هڪ تولي وزن جو طلائي تمغو “بلبل ايوارڊ” طور ڏنو هو. سيد علي اڪبر شاهه ايوارڊ لاءِ سندس فرزند محترم سيد محمد شاهه طلائي تمغو فراهم ڪيو هو ۽ مرحوم “گرامي ايوارڊ” لاءِ جناب مير محمد پرهياڙ پنهنجي طرفان طلائي تمغو ڏنو هو. هن جشن جو مهتمم ۽ منتظم جناب مير محمد پرهياڙ صاحب، ان وقت جو اسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ هو. هي جشن ميهڙ جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ يادگار پروگرام هو. هن جشن ۾ ثقافتي نمائش، ملاکڙو، ادبي ڪانفرنس ۽ محفل موسيقيءَ جو پروگرام پڻ ٿيو هو. دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر ۽ ميهڙ تعلقي جا M.P.A ۽ M.N.A به شريڪ ٿيا هئا. ان وقت دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر محترم حاجي محمد هارون ميمڻ، حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر محترم علي محمد-جي- شيخ هو. ميهڙ تعلقي جو M.N.A خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ تعلقي جا M.P.A قاضي شفيق احمد مهيسر ۽ محترم حاجي امير بخش جوڻيجو هئا.
شمس ابن ضيا ابن بلبل
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
شمس ابن ضيا ابن بلبل
مرحوم بابا سائين حضرت ضياءُ الدين “ضيا” ۽ مرحوم ڏاڏا سائين حضرت رئيس شمس الدين “بلبل” جن جي تاريخ وفات مورخه 13 سيپٽمبر 1966ع ۽ مورخه 14 سيپٽمبر 1919ع جي موقعي تي هڪ سلسليوار مضمون “ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ” جي عنوان هيٺ شروع ڪجي ٿو. بزرگن جي علمي ۽ ادبي خزاني کي سهيڙي سنڀالي رکڻ ۽ زماني جي مختلف حالات ۽ حادثات سبب مٿن پيل دز کي ڇنڊي ڦوڪي دور ڪرڻ به اهڙوئي اهم آهي جهڙو سندن مغفرت ۽ ايصال ثواب لاءِ ختم و درود. دنيا ۾ سندن نالو قائم دائم رکڻ ۽ ياد تازي ڪرڻ ۽ آخرت لاءِ به جيڪي ڪجهه اسان سندن لاءِ ڪري سگهون، اهو ڪرڻ هڪ سعادت آهي. هن فرض جي ادائگي جي سلسلي ۾ هي پهريون قدم اميد ته نيڪ ثابت ٿيندو. (آمين)
ديوان بلبل ۽ انجي ضروري ڇنڊ ڇاڻ
ڪافي عرصي کان “ديوان بلبل” ۽ ان سان تعلق رکندڙ مختلف پهلوئن تي ڪافي بحث مباحثا ۽ ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رهي آهي. انهيءَ سموري ڪارگذاريءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو “ديوان بلبل” علمي ادبي حلقي لاءِ هڪ منجهيل سٽ ٿي پيو آهي. انديشو آهي ته جيڪڏهن انهيءَ سٽ کي جلد سلجهايو نه ويو ته وقت گذرڻ سان اهو اهڙو گنڊڙجي ويندو جو پوءِ سلجهائڻ محال ٿي پوندو. الله تعالى جي فضل سان اسان وٽ اڃا ڪيئي نيڪ نيت ۽ اهل قلم بزرگ موجود آهن جي هن ڏس ۾ رهنمائي ڪري سگهن ٿا. علمي ادبي حلقي جي انهيءَ تشويش کي مد نظر رکندي هي سلسلو شروع ڪجي ٿو جيئن “ديوان بلبل” جي سڀني منجهيل پهلوئن جي ضروري ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي ۽ “ديوان بلبل” اهل علم، اهل ادب ۽ اهل ذوق حضرات جي منشا مطابق ڇپجي سگهي. اهل قلم حضرات مان خاص طرح حضرت “خليل” صاحب، محترم “احسن” صاحب، جناب اجمل بيگ صاحب ۽ جناب احمد خان “آصف” کي التماس آهي ته هو پنهنجي گرانقدر ۽ مفيد مشورن سان نوازين، ڇاڪاڻ ته انهن صاحبن مرحوم بابا جن جي حياتي ۾ “ڪليات بلبل” جي نئين سر ترتيب ۽ طباعت جي سلسلي ۾ ڪافي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي هئي، مگر “ڪليات بلبل” پنهنجي ضخامت سبب ڇاپجڻ کان رهجي ويو. ديوان بلبل کان پوءِ ڪلام بلبل ۽ مزاحيات بلبل جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويندو.
ديوان بلبل تقريباً ناياب ٿي چڪو هو ۽ ان کي وري ڇپائي منظر عام تي آڻڻ جي سخت ضرورت هئي ان ڪري مرحوم حضرت بابا سائين جن هن سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۽ سنڌي اڪيڊمي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سان ڪافي خط و ڪتابت ڪئي مگر چند اصولي نڪات تي ڌرين درميان اختلاف راءِ هجڻ سبب هي معاملو مٿين ادارن سان طئي ٿي نه سگهيو. مٿين ادارن کان قطعي نااميد ٿيڻ بعد مرحوم حضرت والد صاحب جن “ديوان بلبل” ذاتي طور ڇاپرائڻ جو ارادو ڪيو مگر افسوس جو سندن زندگي بقا نه ڪيو ۽ هي ڪم پايه تڪميل تي پهچي نه سگهيو. ڪليات بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ محترم “احسن” صاحب جي ڪيل محنت جو اندازو لڳائڻ آسان نه آهي.
مرحوم بابا سائين 1966ع ۾ وفات ڪئي ۽ اٽڪل ٽن سالن بعد يعني 1969ع ۾ اوچتو ديوان بلبل سنڌي ادبي بورڊ حيدراباد طرفان ڇپجي منظر عام تي آيو ۽ ساڳئي سال چند مهينن بعد “ڪلام بلبل” به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپرائي پڌرو ڪيو. ان بعد 1977ع ۾ مزيد 3 ڪتاب “جام جم”، “مزاحيات بلبل” ۽ “مسلمان ۽ تعليم” پڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي قارئين ڪرام تائين پهچي ويا. اهڙي طرح مٿيان 5 ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويا. اهي ڪتاب ڪيئن ۽ ڇوڇپيا ويا، ان جو صحيح جواب ڏيڻ وارو صرف مرحوم گرامي صاحب ئي هو. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد وٽ انهيءَ متعلق ڪوبه رڪارڊ ڪونهي.
“مرتب جا ٻه لفظ” محترم گرامي صاحب آخر ۾ لکيو آهي ته “هن نسخي جي ترتيب ۽ صحت تي اطمينان جي اظهار جو ذڪر مرحوم رئيس ضيا صاحب پنهنجي مقدمي ۾ پڻ ڪيو آهي ۽ مرتب ڏانهن لکيل خطن ۾ به تائيد ۽ تحسين فرمائي اٿس.” اهو درست نه آهي. مرحوم والد صاحب جن ڪڏهن به محترم گرامي صاحب جو مرتب ڪيل “ديوان بلبل” جو نسخو ڪونه ڏٺو هو. پاڻ آخرين وقت ۾ محترم گرامي صاحب کان ناخوش به هئاجو ديوان بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ مرحوم تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪري چڪو هو. هن ڳالهه جي تصديق محترم “احسن” صاحب، جناب اجمل بيگ صاحب ۽ حضرت “خليل” صاحب ڪري سگهندا.
ديوان بلبل جي مقدمي ۾ صفحه 7 تي پيرا 2 جا الفاظ ته “بلبل جي ديوان کي ڏسي نهايت مسرت ٿي. ڪيترا مغلق ۽ منجهيل اشعار جي نڪو پڙهڻ ۾ ٿئي آيا ۽ نه ڪي سمجهڻ ۾ ٿي آيا، سي نه فقط گرامي صاحب درست ڪيا پران سان گڏ انهن جي تشريح به ٻڌائي”. هيءَ راءِ ۽ تحرير مرحوم والد صاحب جن جي قطعي نه آهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿي. ديوان بلبل ۾ محترم گرامي صاحب جي ڪيل اصلاح مون جهڙي معمولي علم ۽ ڄاڻ واري ماڻهو کي ئي نه وڻي بلڪه ڏاڍي گران گذري، سو مرحوم والد صاحب اهڙي اصلاح کي پسند ڪري اهي تحسين ڀريا الفاظ لکياهوندا، اهو صحيح نه آهي. اهڙي اصلاح شده ديوان بلبل جي اشاعت تي ذره برابر به خوشي نه ٿي. محترم گرامي مرحوم کان مون ڪيترا ڀيرا ديوان بلبل جي اشاعت متعلق سنڌي ادبي بورڊ سان ڪيل ايگريمينٽ ۽ مرحوم بابا سائين جي لکيل مقدمي جي گهر ڪئي مگر هو هر دفع ٽاري ويا. اهو مقدمو جيڪو ديوان بلبل ۾ ڏنو ويو آهي، دراصل مرحوم بابا جن ڪليات بلبل لاءِلکيو هو مگر جيئن ته ڪليات بلبل جي ڇپائي جو معاملو سنڌي ادبي بورڊ سان طئي ٿي نه سگهيو ان ڪري اهي سمورا ڪاغذات محترم گرامي صاحب وٽ رهجي ويا ۽ ان مقدمي ۾ ٻه چار جملا پنهنجي مقصد ۽ مطلب جا ملائي ديوان بلبل ۾ ڏنو هجي. الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب ڪري، اسان جي ڏاڍي عزت ڪندو هو ۽ اسانجا به ساڻس تعلقات عزيزن جهڙا هوندا هئا. حضرت “خليل” صاحب جي انهيءَ راءِ ته مرحوم گرامي کي “بلبل” مرحوم سان ڪا عداوت يا بغض هيس، مان انجي تائيد نه ڪندس. اهو صحيح به نه آهي. مرحوم گرامي صاحب “ديوان بلبل”، “ڪلام بلبل” توڙي “مزاحيات بلبل” ۾ واقعي تمام گهڻي ڀڃ گهڙ ڪئي آهي، جا کيس هرگز ڪرڻ نه گهربي هئي. بهرحال انسان خامين ۽ خوبين جو مجسمو آهي ۽ کانئس ڪي غلطيون نادانسته طور سرزد ٿي وڃن ٿيون جن جو کيس احساس به نه ٿو رهي ڇاڪاڻ ته ان وقت سندس نيت نيڪ هوندي آهي. اهڙو ڪوڙ جنهن ۾ ڪنهن جو ڀلو سمجهجي ۽ ٻئي ڪنهن کي نقصان ٿيڻ جو انديشو به نه هجي مباح آهي. والله اعلم بالصواب.
مرحوم گرامي صاحب جي لکت مطابق کيس ديوان بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ اٽڪل سال کن لڳي ويو هو ۽ ناشر طرفان “ٻه اکر” ۾ تاريخ 24 مئي 1969ع ڏنل آهي، انهيءَ حساب سان هي مسودو اٽڪل 1968ع جي وچ ڌاري مڪمل ٿيو هوندو، جڏهن ته مرحوم والد صاحب جن 1966ع ۾ ئي وفات ڪري چڪا هئا ته پوءِ ديوان بلبل جو نسخو ڪهڙي سال ۾ ڏٺائون ۽ ڪڏهن تحسين آميز خطوط لکيائون؟ هي سڀ ڳالهيون درست نه آهن.
بهر صورت ديوان بلبل منظر عام تي آيو ۽ محترم مرتب سخت تنقيد جو نشانو بڻيو. مٿس تنقيد انهيءَ ڪري ٿي جو مرحوم گرامي ديوان بلبل جي اصلاح اهڙي ڪئي جو صحيح لفظن کي اصلاح جي قابل سمجهي درست ڪيو ويو ۽ غلط لفظن کي قائم رهڻ ڏنو ويو. اصولاً ڪنهن به مرتب کي اهو حق نٿو پهچي ته هو پرائي تصنيف کي ايترو تبديل ڪري ڇڏي جو اصل شيءِ جي شڪل ئي موجود نه رهي. ساڳي طرح شعري مجموعي جي صورت ۾ بحر وزن ۽ ڪافيه رديف توڻي زبان جي اصلاح مرتب جي ذميواري ناهي.
مطلب ته ڪتاب جي مواد سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ ته ڪرڻي ئي ڪانهي بلڪه مرتب جو فرض اولين اهو ئي آهي ته الفاظ ۽ انهن جي ترتيب کي اصلوڪي شڪل ۾ قائم رکي. ڪنهن به ڪتاب جي زبان ۽ مواد سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ خاص طرح شعري مجموعي جي حالت ۾، ان جو بحر وزن مٽائڻ يا لفظن جي الٽ ڦير يا مٽا سٽا ڪرڻ ڪتاب جي پس منظر، ماحول ۽ مقصد کي ناس ڪرڻ جي مترادف ٿيندو. ڪنهن به ڪتاب جي زبان ۽ ان جي ترتيب کي ڏسي سولائيءَ سان اهو اندازو لڳائي سگهبو ته اهو ڪهڙي دؤر جي پيداوار آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ دؤر جي پس منظر ۾ ڪتاب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته صحيح طرح سمجهي سگهبو ۽ وڌيڪ لطف ايندو، ٻي صورت ۾ پڙهندڙ ڪنهن وڏي گمراهيءَ جو شڪار به ٿي سگهي ٿو. هڪ دؤر ۾ هڪ نظريو صحيح آهي ته ساڳيو نظريو وري ٻئي دؤر ۾ غلط ٿي سگهي ٿو. ڪا ڳالهه چوڻ يا ڪو ڪم ڪرڻ هڪ دؤر ۾ بلڪل مشڪل آهي مگر ساڳي ڳالهه يا ساڳيو ڪم ٻئي دؤر ۾ رواجي ٿي سگهن ٿا. مثلاً انگريزن جي خلاف سندن دور حڪومت ۾ ڳالهائڻ جان جوکم جو ڪم هو مگر هينئر جيڪي ڪجهه وڻي چئي سگهجي ٿو ۽ الٽو پسند ڪيو ويندو. ساڳي طرح ان دور جي ريتن رسمن، قدرن ۽ ماحول کي پڻ ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. فيشن جو ئي مثال وٺو، هڪ دور ۾ سلوار يا پتلون جو پائنچو هڪ گراٺ ته ٻئي دور ۾ گز برابر. بوٽ جي نوڪ هڪ دور ۾ ماڻهوءَ جي آڱر جهڙي ته ٻئي دور ۾ اٺ جي داڦوڙي جهڙي. اهڙي طرح هر علم، فن ۽ سائنس جي به ارتقا جاري آهي. هڪ وقت ۾ ايٽم مادي جو باريڪ ترين جزو تسليم ڪيو ويندو هو مگر هاڻي ايٽم مادي جو باريڪ ترين جزو نه رهيو آهي بلڪه وڌيڪ تقسيم ٿي سگهي ٿو. جهڙوڪ سندس نيو ڪليس، پروٽان، نيوٽران، ڪروموزومس ۽ جينس وغيره. ساڳئي نموني بيڪٽيريا باريڪ ترين جرثومه تصور ٿيندو هو مگر هن وقت ان کان به وڌيڪ باريڪ جراثيم جهڙوڪ وائرس ۽ فيج وغيره دريافت ٿي چڪا آهن. ساڳي حالت فنون لطيفه جي آهي. پڪاسو جي آرٽ ۽ اڄوڪي تجريدي آرٽ جو تصور ڪريو. اهڙي طرح عروضي شاعري ۽ اڄڪلهه جي آزاد نظم کي ڏسو ۽ خدا ڄاڻي اڳتي هلي ڇا ڇا ٿيندو؟ مطلب ته هڪ شيءِ هڪ وقت صحيح ته وري ساڳي شيءِ ٻئي وقت غلط، پوءِ اهڙي صورت ۾ اصلاح جو هي طريقو ڪيستائين ڪارگر ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته اڄوڪي اصلاح سڀاڻي وري اصلاح جي لائق سمجهي ويندي. لهٰذا بهتر طريقو اهوئي آهي ته هر تصنيف کي پنهنجي اصلي حالت ۽ صورت ۾ برقرار رکجي ۽ ان ۾ ئي ان جو اصل حسن، سونهن ۽ قدر و قيمت آهي.
“ديوان بلبل” جو مطالعو جيڪڏهن ان وقت جي ماحول، حالتن، رسمن، رواجن ۽ مصنف جي مقصد کي ذهن ۾ رکي ڪبو ته اهي غلطيون جن کي اڄ جا ڪي نقاد غلطيون ٿا سمجهن، غلطيون نظر نه اينديون، بلڪه ان وقت جون مروج شيون معلوم ٿينديون. هڪڙو زمانو هو جڏهن شعر ۾ صرف تڪ بندي هئي، ان کان پوءِ عروضي شاعريءَ جو بنياد پيو، عروضي شاعري عروج تي پهتي ۽ هاڻي آزاد نظم جي مقبوليت وڌندي پئي وڃي. بلبل مرحوم جو ڪلام ظرافت جي رنگ ۾ رڱيل، اصلاحي ۽ عوامي ڪلام آهي. بلبل مرحوم کي رڳو فن شاعري جو مظاهرو ڪرڻو ڪين هو بلڪه هن جي اڳيان هڪ مقصد ۽ مشن هو. انهيءَ ڪري ئي سندس عوامي ۽ اصلاحي نوعيت جي ڪلام ۾ زبان عام فهم ۽ عوامي استعمال ڪيل آهي ۽ اهوئي سبب هو جو بلبل مرحوم جو ڪلام عوام ۾ ڏاڍو مقبول ۽ اثرائتو ثابت ٿيو ۽ ماڻهو جهنگ جهر سندس ڪلام جهونگاريندا هئا ۽ اڄ سوڌو به ڪن جهونڙن کي بلبل مرحوم جا ڪيترائي اشعار بر زبان ياد آهن. چاچو خدا بخش خان لنڊ بلوچ ميهڙ جو ۽ ڏيپلائي صاحب پيارو خان لغاري، چاڪر خان شاهاڻي کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو اهڙا موجود آهن. ان جي برعڪس جيڪڏهن بلبل مرحوم جو ڪلام عام فهم ۽ ان دور جي مروج زبان ۾ نه هجي ها ته بلبل مرحوم جو مشن ۽ مقصد پورو ٿي نه سگهي ها.
باقي سوال رهيو انهن غلطين جو جيڪي ڪاتبن جي لاپرواهي، اڻڄاڻائي ۽ بي علمي سبب ٿيون آهن، تنهن لاءِ ضروري آهي ته اصل لفظ ڳولهي هٿ ڪجن، جيڪي موقع، مهل ۽ مناسبت جي لحاظ کان مناسب هجن ۽ لکڻي ۾ به غلط لفظن جي هم شڪل ۽ هم آهنگ هجن. مثال طور غلط لفظ مصاحب لکيو ويو آهي جنهن جو هم شڪل ۽ هم آهنگ صحيح لفظ مصائب ڳولهي هٿ ڪرڻو هو. هي ٻئي لفظ جيتوڻيڪ هم شڪل ۽ هم آواز آهن مگر سندن معنيٰ ۾ وڏو فرق آهي جنهن ڪري شعر جو ڪنهن وقت اهڙن غلط الفاظن ڪري مطلب ۽ مفهوم ئي بدلجي وڃي ٿو ته ڪنهن وقت ڪو مفهوم ادا ئي نٿو ٿئي ۽ ائين پيو لڳي ڄڻ ڪا غير زبان پئي پڙهجي.
اهڙي طرح ڪاتبن احڪام کي الهام، مطبع کي مجمع، لنگهيو کي کنگهيو، سارا کي نارا، توکي ٿو، مون کي تون، جو کي ڪو، گهرين کي ڪرين، چمچا کي چمٽا، اچي کي اٿي، رستو کي رخنو، تازي کي تري، مور ٽور کي جوڙ توڙ، هرز کي هوز، کي کي تي، ڇو کي جو، کان کي تان، تڙپندي کي تر ٿيندي، معمه کي ميمون، صُور کي طور، اشڪ کي عشق، عشق کي اشڪ، مَلڪ کي مُلڪ وغيره وغيره بنائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري شعر جو مطلب ۽ مفهوم ئي گڙ ٻڙ ٿي ويو آهي.
محترم گرامي صاحب کي مرتب جي حيثيت ۾ انهن غلط لفظن جي جاءِ تي صحيح لفظ هٿ ڪري رکڻ کپندا هئا، جيڪي غير سنڌي دان لاهوري ڪاتبن جي ڪارستانين جو شڪار ٿيل هئا. ديوان بلبل جا سڀ اڳوڻا ڇاپا ليٿو ۾ آهن. ڪتابت نهايت ناقص، مس جا دٻا عام جام، اکر چچمچ، ماڪوڙن جون ٽنگون، تنهن ڪري پهرئين ڇاپي تان نقل ڪندڙ ٻئي ڇاپي واري ڪاتب ڪجهه پنهنجو “ڪمال” ڏيکاريو ته وري ٻئي ڇاپي واري ڪاتب ڪجهه پنهنجو “ڪمال” ڏيکاريو ته وري ٻئي ڇاپي تان نقل ڪندڙ ڪاتب ٽئين ڇاپي ۾ پنهنجا “جوهر” ڏيکاريا آهن ۽ اهڙي طرح نتيجو اهو نڪتو آهي جو اٽي بدران گهوٻاٽو ٿي ويو آهي.
مٿئين صورت حال ۾ جيڪڏهن غلط لفظن کي اها تاويل پيش ڪري قائم رکيو وڃي ته اصل نسخه ۾ جو ائين لکيل آهي ته اها به فرض جي ڪوتاهي چئبي. لفظ جيڪڏهن جملي ۾ معنيٰ ۽ مناسبت جي لحاظ کان صحيح معلوم نه ٿين ته انهن جا صحيح ۽ اصل لفظ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪجي. ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هجي ته خوامخواهه لفظن جي الٽ ڦير ڪري جملي کي وڌيڪ نه الجهائي ڇڏجي. “ديوان بلبل” سنڌي زبان ۾ لکيل آهي، مدراسي يا مارواڙي زبان ۾ لکيل ڪونهي جو اسان کي سمجهه ۾ نه اچي. تنهن ڪري جنهن به جملي يا بيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته پڪ ڄاڻجي ته ڪاتبن جي ڪارستاني ٿيل آهي. “ديوان بلبل” ۾ ڪافي اهڙا لفظ آهن جي پراڻي طريقي موجب لکيل آهن مثلاً:-
جڏهِ- ڪڏهِ- تڏهِ- تهنجو- مهنجو- تهن ۾- جهن ۾- تنه جنه- ڏينه-کائي-ڳائي-ٿئي-هئ- اکڙي وغيره. هي الفاظ موجوده دؤر جي مروج لکڻي مطابق لکڻ گهرجن جيئن قارئين کي اجائي دقت محسوس نه ٿئي. هي اصلاح ڪري سگهجي ٿي، پر اهڙو فوٽ نوٽ لکڻ گهرجي.
ديوان بلبل ۾ جا اصلاح ڪئي وئي آهي ۽ جيڪي الفاظ جيئن جو تيئن قائم رکيا ويا آهن انهن جو تفصيل هيٺيون آهي:
اصل شعر (1)
ٿيو ڪلام احڪام امر و نهي جو جنهن تي نزول واجب آهي، تنهن سچي سالار سرور جي ثنا.
اصلاح ڪيل شعر:
ٿيو ڪلام الهام امر و نهي جو جنهن تي نزول واجب آهي تنهن سچي سالار سرور جي ثنا.
سمجهاڻي: لفظ احڪام کي الهام سان بدلائڻ متعلق محترم “خليل” صاحب “ديوان بلبل ۽ ان جو مرتب” جي عنوان هيٺ پنهنجي تنقيدي جائزي ۾ قسط نمبر 2 رهبر ڊائجسٽ ماه مئي سال 1974ع جي پرچي ۾ ڪافي وضاحت سان بحث ڪيو آهي. اصل لفظ احڪام مناسب آهي جنهن کي غلط لفظ سان گرامي صاحب تبديل ڪيو آهي.
اصل شعر (2):
پڻ مجمع جي مجمع ميمبرن شعبن سميت،
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.
گرامي جو اصلاح ڪيل شعر:
مجمع احباب وارن دوستن سڀني سميت،
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.
صحيح شعر
پڻ مطبع جي مجمع ميمبرن شعبن سڀن،
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.
سمجهاڻي: پهرئين مصرع جيئن ته پريس جي جمله ميمبرن ۽ مختلف شعبن جي ثنا ۾ چيل آهي تنهنڪري مصرع جو پهريون لفظ مطبع ٿي سگهي ٿو، اها پريس جنهن ۾ ديوان بلبل جي ڇپائي عمل ۾ آئي ۽ ٻئي مصرع ۾ معاون اخبار، سندس مددگار ڇاپ دفتر ۽ عملي جي ثنا آهي. بگاڙيل لفظن جي تلاش ۽ تجويز کي ڇڏي صحيح لفظن کي بدلائي غلط ڪرڻ تي وڌيڪ توجهه ڏنو ويو آهي. “مجمع احباب وارن دوستن سڀني ”هڪ غلط ۽ نئين سٽ لکي شعر کي ڄاڻي واڻي بگاڙيو ويو آهي. ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار.
اصل شعر (3):
يار ۽ غمخوار واقفڪار سڀ سينڌو سڃاپ خويش اقرب به صله رحمي هر برادر جي ثنا.
گرامي طرفان اصلاح ڪيل شعر:
يار ۽ غمخوار واقفڪار سڀ سنڌ و پنجاب خيوش اقرب صله رحمي هر برادر جي ثنا.
سمجهاڻي: سينڌو سڃاپ کي سنڌ و پنجاب سان ۽ خويش کي خيوش سان بدلائي صحيح شعر غلط ڪيو ويو آهي. هن اصلاح جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي. هيءَ بدديانتي آهي، صحيح شعر کي زبردستي غلط ڪيو ويو آهي.
اصل شعر (4):
۽ وطن ميهڙ سندي وه واه جا دل کي وڻي
هر در و ديوار شجر و باغ بازر جي ثنا.
گرامي طرفان اصلاح ڪيل شعر:
ٿو وطن ميهڙ سنڌو وه واه جو دل کي وڻي
هر در و ديوار رونق باغ بازر جي ثنا.
سمجهاڻي: اصل شعر مناسب آهي ۽ ڪيل اصلاح غير مناسب ۽ غلط آهي.
اصل شعر (5):
همدم و همراز هر دم هم مصائب يار غار
صدق دل سان چئو سدا صديق اڪبر جي ثنا.
گرامي جو مجوزه شعر:
هم دم و همراز هر دم هم مصاحب يار غار
صدق دل سان چئو انهي صديق اڪبر جي ثنا.
سمجهاڻي: مصاحب جي لغوي معنيٰ آهي رفيق، ساٿي، يار، دوست، جيئن ته لفظ دوست، يار ۽ ساٿي جي آڏو هم لکڻ درست نه آهي تنهنڪري اصلوڪو صحيح لفظ مصائب ٿيندو ۽ نه مصاحب. هيءُ درستي ضروري هئي جا نه ڪئي وئي آهي بلڪه ٻئي سٽ ۾ انهيءَ صديق اڪبر جي بجاءِ سدا صديق اڪبر لکي اصلاح بدران غلطي ڪئي وئي آهي.
اصل شعر (6):
جي ڪرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئي
جو ڪر اسد الله غالب شاهه حيدر جي ثنا.
گرامي جو مجوزه شعر:
جي گهرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئين،
جو ڪر اسد الله غالب شاه حيدر جي ثنا.
سمجهاڻي: پهرين سٽ ۾ ڪيل اصلاح لفظ جي “ڪرين” جي بدران ‘جي گھرين’ ڪئي وئي آهي، جيڪا درست نه آهي. لفظ “جي ڪرين” پراڻو مروج لفظ آهي، جيڪو برابر آهي لفظ ‘جي چاهين’ يا ‘جيڪڏهن’. اهو لفظ تبديل ڪرڻ درست نه آهي. لفظ “پئي” به پراڻي لکڻيءَ جو نمونو آهي. لفظ “پئين” جو جيڪو نئين طريقي سان پيئين لکي سگھجي ٿو. لفظ جو ڪر جيڪو بي معنيٰ لفظ آهي ان کي بحال رکيو ويو آهي. اتي لفظ اچڻ گھرجي “ڪر تون”. غلط لفظ تبديل نه ڪيا ويا آهن. درست لفظ مٽايا ويا آهن.
اصل شعر (7):
پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج تي،
تابعن ۽ تبع تابع هوءِ هر هر ثنا.
گزمي طرفان مجوزه شعر:
پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج جي،
تابِعين ۽ تبع تابِعين جي هر هر جي ثنا.
سمجهاڻي: اصل شعر درست آهي، جنهن کي تبديل ڪري غلط ڪيو ويو آهي.
مٿي ڪيل بحث جي روشنيءَ ۾ پورو شعر لکجي ٿو. هن سلسلي ۾ موزون الفاظ جيڪڏهن تجويز ڪيا ويندا ته انهن تي ضرور غور ڪيو ويندو.
سر سخن جي سونهن اول پاڪ پرور جي ثنا
خلق جي رزاق ۽ خلاق داور جي ثنا
ٿيو ڪلام احڪام اَمر و نَهي جو جنهن تي نزول
واجب آهي تنهن سچي سالار سرور جي ثنا
همدم و همرازهردم هم مصائب يار غار
صدق دل سان چئو انهي صديق اڪبر جي ثنا
هو دلاور دين جو حضرت عمر ابن الخطاب
زينت دين زينت محراب و منبر جي ثنا
ڪامل الايمان ۽ صاحبِ حيا جامع قرآن
ڪر عجب عثمان ذوالنورين انور جي ثنا
جي ڪرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئين
ڪر تون اسد الله غالب شاه حيدر جي ثنا
مالڪ جنت سندي سيدة ناءِ العالمين
رُڪن ٿي ايمان جو شبّير و شبر جي ثنا
حَمزه و عباس اعليٰ رتب ۽ افضل امير
ڪر سندي ٻارهن امامن سلڪ گوهر جي ثنا
پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج جي
تابعن ۽ تٗبع تابع هوءِ هر هر جي ثنا
عالمن ۽ صالحن ۽ مومنن ۽ ڪاملن
چار مذهب جي امامن دين گستر جي ثنا
۽ طريقه معرفت جي سلسلن چئني سندي
پر تنهن ۾ نقشبندي خضر رهبر جي ثنا
پاسبان اسلام جو سلطان اعظم شاه روم
سنڌ ۾ ڪونسل تنهين جي خان بهادر جي ثنا
پڻ مطبع جي مجمع ميمبرن شعبن سڀن
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا
يار غمخوار واقفڪار سڀ سينڌو سڃاپ
خويش اقرب، به صله رحمي هر برادر جي ثنا
۽ وطن ميهڙ سندي وه واه جا دل کي وڻي
هر در و ديوار شجر و باغ بازر جي ثنا
هي ثنا خواني نه ٿيندي هونءَ ته هرگز دل پسند
جي ڪندين تون ڪين “بلبل” دوست دلبر جي ثنا
ڏکين لفظن جي معنيٰ:
سَر سُخن - ڪلام جي شروعات
سلڪ گوهر - موتين جي لڙي
دين گستر - دين کي وڌائيندڙ
ڪونسل - سفير (Consul)
به صِله رحمي - عيوض همدردي
(هلندڙ)
نوٽ: هاڻوڪن ڪمپوزرس ڪاتبن جي ڪارستانين ۽ پروف ريڊنگ وارن جي بي توجهي جو ڏسو مثال صفحو نمبر 115 ۾ شڪار ٿيل کي شڪر ٿيل لکيل آهي. سوين لفظ غلط لکيا ويا آهن جن جي پروف ريڊنگ ڪئي وئي آهي. ان جو مظاهرو هن تحرير مان معلوم ٿي ويندو. صفحي نمبر 20 جي سٽ نمبر 2 ۾ لفظ “مغلق” کي “معلق” لکيو ويو آهي. لفظ معلق به پنهنجي جاءِ تي معنيٰ رکندڙ لفظ آهي ۽ شڪل و صورت ۾ به هڪ جهڙائي رکي ٿو. وري صفحي نمبر 21 جي سٽ نمبر 4 تي لفظ “صورت” کي “طورت” لکيو ويو آهي. مشحور کي مشهور لکيو ويو آهي هي حال آهن اڄوڪي سڌريل زماني جا ته پوءِ 1901ع واري زماني جي لاهوري ڪاتبن کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي.
اڪثر نوجوان سنڌي ڪمپوزس جي سنڌي ڪمپوزنگ ڏسي شرم ٿو اچي ته سنڌين کي سنڌي لکڻ نه ٿي اچي.
شمس ابن ضيا ابن بلبل
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
شمس ابن ضيا ابن بلبل
مرحوم بابا سائين حضرت ضياءُ الدين “ضيا” ۽ مرحوم ڏاڏا سائين حضرت رئيس شمس الدين “بلبل” جن جي تاريخ وفات مورخه 13 سيپٽمبر 1966ع ۽ مورخه 14 سيپٽمبر 1919ع جي موقعي تي هڪ سلسليوار مضمون “ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ” جي عنوان هيٺ شروع ڪجي ٿو. بزرگن جي علمي ۽ ادبي خزاني کي سهيڙي سنڀالي رکڻ ۽ زماني جي مختلف حالات ۽ حادثات سبب مٿن پيل دز کي ڇنڊي ڦوڪي دور ڪرڻ به اهڙوئي اهم آهي جهڙو سندن مغفرت ۽ ايصال ثواب لاءِ ختم و درود. دنيا ۾ سندن نالو قائم دائم رکڻ ۽ ياد تازي ڪرڻ ۽ آخرت لاءِ به جيڪي ڪجهه اسان سندن لاءِ ڪري سگهون، اهو ڪرڻ هڪ سعادت آهي. هن فرض جي ادائگي جي سلسلي ۾ هي پهريون قدم اميد ته نيڪ ثابت ٿيندو. (آمين)
ديوان بلبل ۽ انجي ضروري ڇنڊ ڇاڻ
ڪافي عرصي کان “ديوان بلبل” ۽ ان سان تعلق رکندڙ مختلف پهلوئن تي ڪافي بحث مباحثا ۽ ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رهي آهي. انهيءَ سموري ڪارگذاريءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو “ديوان بلبل” علمي ادبي حلقي لاءِ هڪ منجهيل سٽ ٿي پيو آهي. انديشو آهي ته جيڪڏهن انهيءَ سٽ کي جلد سلجهايو نه ويو ته وقت گذرڻ سان اهو اهڙو گنڊڙجي ويندو جو پوءِ سلجهائڻ محال ٿي پوندو. الله تعالى جي فضل سان اسان وٽ اڃا ڪيئي نيڪ نيت ۽ اهل قلم بزرگ موجود آهن جي هن ڏس ۾ رهنمائي ڪري سگهن ٿا. علمي ادبي حلقي جي انهيءَ تشويش کي مد نظر رکندي هي سلسلو شروع ڪجي ٿو جيئن “ديوان بلبل” جي سڀني منجهيل پهلوئن جي ضروري ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي ۽ “ديوان بلبل” اهل علم، اهل ادب ۽ اهل ذوق حضرات جي منشا مطابق ڇپجي سگهي. اهل قلم حضرات مان خاص طرح حضرت “خليل” صاحب، محترم “احسن” صاحب، جناب اجمل بيگ صاحب ۽ جناب احمد خان “آصف” کي التماس آهي ته هو پنهنجي گرانقدر ۽ مفيد مشورن سان نوازين، ڇاڪاڻ ته انهن صاحبن مرحوم بابا جن جي حياتي ۾ “ڪليات بلبل” جي نئين سر ترتيب ۽ طباعت جي سلسلي ۾ ڪافي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي هئي، مگر “ڪليات بلبل” پنهنجي ضخامت سبب ڇاپجڻ کان رهجي ويو. ديوان بلبل کان پوءِ ڪلام بلبل ۽ مزاحيات بلبل جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويندو.
ديوان بلبل تقريباً ناياب ٿي چڪو هو ۽ ان کي وري ڇپائي منظر عام تي آڻڻ جي سخت ضرورت هئي ان ڪري مرحوم حضرت بابا سائين جن هن سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۽ سنڌي اڪيڊمي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سان ڪافي خط و ڪتابت ڪئي مگر چند اصولي نڪات تي ڌرين درميان اختلاف راءِ هجڻ سبب هي معاملو مٿين ادارن سان طئي ٿي نه سگهيو. مٿين ادارن کان قطعي نااميد ٿيڻ بعد مرحوم حضرت والد صاحب جن “ديوان بلبل” ذاتي طور ڇاپرائڻ جو ارادو ڪيو مگر افسوس جو سندن زندگي بقا نه ڪيو ۽ هي ڪم پايه تڪميل تي پهچي نه سگهيو. ڪليات بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ محترم “احسن” صاحب جي ڪيل محنت جو اندازو لڳائڻ آسان نه آهي.
مرحوم بابا سائين 1966ع ۾ وفات ڪئي ۽ اٽڪل ٽن سالن بعد يعني 1969ع ۾ اوچتو ديوان بلبل سنڌي ادبي بورڊ حيدراباد طرفان ڇپجي منظر عام تي آيو ۽ ساڳئي سال چند مهينن بعد “ڪلام بلبل” به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپرائي پڌرو ڪيو. ان بعد 1977ع ۾ مزيد 3 ڪتاب “جام جم”، “مزاحيات بلبل” ۽ “مسلمان ۽ تعليم” پڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي قارئين ڪرام تائين پهچي ويا. اهڙي طرح مٿيان 5 ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويا. اهي ڪتاب ڪيئن ۽ ڇوڇپيا ويا، ان جو صحيح جواب ڏيڻ وارو صرف مرحوم گرامي صاحب ئي هو. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد وٽ انهيءَ متعلق ڪوبه رڪارڊ ڪونهي.
“مرتب جا ٻه لفظ” محترم گرامي صاحب آخر ۾ لکيو آهي ته “هن نسخي جي ترتيب ۽ صحت تي اطمينان جي اظهار جو ذڪر مرحوم رئيس ضيا صاحب پنهنجي مقدمي ۾ پڻ ڪيو آهي ۽ مرتب ڏانهن لکيل خطن ۾ به تائيد ۽ تحسين فرمائي اٿس.” اهو درست نه آهي. مرحوم والد صاحب جن ڪڏهن به محترم گرامي صاحب جو مرتب ڪيل “ديوان بلبل” جو نسخو ڪونه ڏٺو هو. پاڻ آخرين وقت ۾ محترم گرامي صاحب کان ناخوش به هئاجو ديوان بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ مرحوم تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪري چڪو هو. هن ڳالهه جي تصديق محترم “احسن” صاحب، جناب اجمل بيگ صاحب ۽ حضرت “خليل” صاحب ڪري سگهندا.
ديوان بلبل جي مقدمي ۾ صفحه 7 تي پيرا 2 جا الفاظ ته “بلبل جي ديوان کي ڏسي نهايت مسرت ٿي. ڪيترا مغلق ۽ منجهيل اشعار جي نڪو پڙهڻ ۾ ٿئي آيا ۽ نه ڪي سمجهڻ ۾ ٿي آيا، سي نه فقط گرامي صاحب درست ڪيا پران سان گڏ انهن جي تشريح به ٻڌائي”. هيءَ راءِ ۽ تحرير مرحوم والد صاحب جن جي قطعي نه آهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿي. ديوان بلبل ۾ محترم گرامي صاحب جي ڪيل اصلاح مون جهڙي معمولي علم ۽ ڄاڻ واري ماڻهو کي ئي نه وڻي بلڪه ڏاڍي گران گذري، سو مرحوم والد صاحب اهڙي اصلاح کي پسند ڪري اهي تحسين ڀريا الفاظ لکياهوندا، اهو صحيح نه آهي. اهڙي اصلاح شده ديوان بلبل جي اشاعت تي ذره برابر به خوشي نه ٿي. محترم گرامي مرحوم کان مون ڪيترا ڀيرا ديوان بلبل جي اشاعت متعلق سنڌي ادبي بورڊ سان ڪيل ايگريمينٽ ۽ مرحوم بابا سائين جي لکيل مقدمي جي گهر ڪئي مگر هو هر دفع ٽاري ويا. اهو مقدمو جيڪو ديوان بلبل ۾ ڏنو ويو آهي، دراصل مرحوم بابا جن ڪليات بلبل لاءِلکيو هو مگر جيئن ته ڪليات بلبل جي ڇپائي جو معاملو سنڌي ادبي بورڊ سان طئي ٿي نه سگهيو ان ڪري اهي سمورا ڪاغذات محترم گرامي صاحب وٽ رهجي ويا ۽ ان مقدمي ۾ ٻه چار جملا پنهنجي مقصد ۽ مطلب جا ملائي ديوان بلبل ۾ ڏنو هجي. الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب ڪري، اسان جي ڏاڍي عزت ڪندو هو ۽ اسانجا به ساڻس تعلقات عزيزن جهڙا هوندا هئا. حضرت “خليل” صاحب جي انهيءَ راءِ ته مرحوم گرامي کي “بلبل” مرحوم سان ڪا عداوت يا بغض هيس، مان انجي تائيد نه ڪندس. اهو صحيح به نه آهي. مرحوم گرامي صاحب “ديوان بلبل”، “ڪلام بلبل” توڙي “مزاحيات بلبل” ۾ واقعي تمام گهڻي ڀڃ گهڙ ڪئي آهي، جا کيس هرگز ڪرڻ نه گهربي هئي. بهرحال انسان خامين ۽ خوبين جو مجسمو آهي ۽ کانئس ڪي غلطيون نادانسته طور سرزد ٿي وڃن ٿيون جن جو کيس احساس به نه ٿو رهي ڇاڪاڻ ته ان وقت سندس نيت نيڪ هوندي آهي. اهڙو ڪوڙ جنهن ۾ ڪنهن جو ڀلو سمجهجي ۽ ٻئي ڪنهن کي نقصان ٿيڻ جو انديشو به نه هجي مباح آهي. والله اعلم بالصواب.
مرحوم گرامي صاحب جي لکت مطابق کيس ديوان بلبل کي ترتيب ڏيڻ ۾ اٽڪل سال کن لڳي ويو هو ۽ ناشر طرفان “ٻه اکر” ۾ تاريخ 24 مئي 1969ع ڏنل آهي، انهيءَ حساب سان هي مسودو اٽڪل 1968ع جي وچ ڌاري مڪمل ٿيو هوندو، جڏهن ته مرحوم والد صاحب جن 1966ع ۾ ئي وفات ڪري چڪا هئا ته پوءِ ديوان بلبل جو نسخو ڪهڙي سال ۾ ڏٺائون ۽ ڪڏهن تحسين آميز خطوط لکيائون؟ هي سڀ ڳالهيون درست نه آهن.
بهر صورت ديوان بلبل منظر عام تي آيو ۽ محترم مرتب سخت تنقيد جو نشانو بڻيو. مٿس تنقيد انهيءَ ڪري ٿي جو مرحوم گرامي ديوان بلبل جي اصلاح اهڙي ڪئي جو صحيح لفظن کي اصلاح جي قابل سمجهي درست ڪيو ويو ۽ غلط لفظن کي قائم رهڻ ڏنو ويو. اصولاً ڪنهن به مرتب کي اهو حق نٿو پهچي ته هو پرائي تصنيف کي ايترو تبديل ڪري ڇڏي جو اصل شيءِ جي شڪل ئي موجود نه رهي. ساڳي طرح شعري مجموعي جي صورت ۾ بحر وزن ۽ ڪافيه رديف توڻي زبان جي اصلاح مرتب جي ذميواري ناهي.
مطلب ته ڪتاب جي مواد سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ ته ڪرڻي ئي ڪانهي بلڪه مرتب جو فرض اولين اهو ئي آهي ته الفاظ ۽ انهن جي ترتيب کي اصلوڪي شڪل ۾ قائم رکي. ڪنهن به ڪتاب جي زبان ۽ مواد سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ خاص طرح شعري مجموعي جي حالت ۾، ان جو بحر وزن مٽائڻ يا لفظن جي الٽ ڦير يا مٽا سٽا ڪرڻ ڪتاب جي پس منظر، ماحول ۽ مقصد کي ناس ڪرڻ جي مترادف ٿيندو. ڪنهن به ڪتاب جي زبان ۽ ان جي ترتيب کي ڏسي سولائيءَ سان اهو اندازو لڳائي سگهبو ته اهو ڪهڙي دؤر جي پيداوار آهي ۽ جيڪڏهن انهيءَ دؤر جي پس منظر ۾ ڪتاب کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي ته صحيح طرح سمجهي سگهبو ۽ وڌيڪ لطف ايندو، ٻي صورت ۾ پڙهندڙ ڪنهن وڏي گمراهيءَ جو شڪار به ٿي سگهي ٿو. هڪ دؤر ۾ هڪ نظريو صحيح آهي ته ساڳيو نظريو وري ٻئي دؤر ۾ غلط ٿي سگهي ٿو. ڪا ڳالهه چوڻ يا ڪو ڪم ڪرڻ هڪ دؤر ۾ بلڪل مشڪل آهي مگر ساڳي ڳالهه يا ساڳيو ڪم ٻئي دؤر ۾ رواجي ٿي سگهن ٿا. مثلاً انگريزن جي خلاف سندن دور حڪومت ۾ ڳالهائڻ جان جوکم جو ڪم هو مگر هينئر جيڪي ڪجهه وڻي چئي سگهجي ٿو ۽ الٽو پسند ڪيو ويندو. ساڳي طرح ان دور جي ريتن رسمن، قدرن ۽ ماحول کي پڻ ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. فيشن جو ئي مثال وٺو، هڪ دور ۾ سلوار يا پتلون جو پائنچو هڪ گراٺ ته ٻئي دور ۾ گز برابر. بوٽ جي نوڪ هڪ دور ۾ ماڻهوءَ جي آڱر جهڙي ته ٻئي دور ۾ اٺ جي داڦوڙي جهڙي. اهڙي طرح هر علم، فن ۽ سائنس جي به ارتقا جاري آهي. هڪ وقت ۾ ايٽم مادي جو باريڪ ترين جزو تسليم ڪيو ويندو هو مگر هاڻي ايٽم مادي جو باريڪ ترين جزو نه رهيو آهي بلڪه وڌيڪ تقسيم ٿي سگهي ٿو. جهڙوڪ سندس نيو ڪليس، پروٽان، نيوٽران، ڪروموزومس ۽ جينس وغيره. ساڳئي نموني بيڪٽيريا باريڪ ترين جرثومه تصور ٿيندو هو مگر هن وقت ان کان به وڌيڪ باريڪ جراثيم جهڙوڪ وائرس ۽ فيج وغيره دريافت ٿي چڪا آهن. ساڳي حالت فنون لطيفه جي آهي. پڪاسو جي آرٽ ۽ اڄوڪي تجريدي آرٽ جو تصور ڪريو. اهڙي طرح عروضي شاعري ۽ اڄڪلهه جي آزاد نظم کي ڏسو ۽ خدا ڄاڻي اڳتي هلي ڇا ڇا ٿيندو؟ مطلب ته هڪ شيءِ هڪ وقت صحيح ته وري ساڳي شيءِ ٻئي وقت غلط، پوءِ اهڙي صورت ۾ اصلاح جو هي طريقو ڪيستائين ڪارگر ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته اڄوڪي اصلاح سڀاڻي وري اصلاح جي لائق سمجهي ويندي. لهٰذا بهتر طريقو اهوئي آهي ته هر تصنيف کي پنهنجي اصلي حالت ۽ صورت ۾ برقرار رکجي ۽ ان ۾ ئي ان جو اصل حسن، سونهن ۽ قدر و قيمت آهي.
“ديوان بلبل” جو مطالعو جيڪڏهن ان وقت جي ماحول، حالتن، رسمن، رواجن ۽ مصنف جي مقصد کي ذهن ۾ رکي ڪبو ته اهي غلطيون جن کي اڄ جا ڪي نقاد غلطيون ٿا سمجهن، غلطيون نظر نه اينديون، بلڪه ان وقت جون مروج شيون معلوم ٿينديون. هڪڙو زمانو هو جڏهن شعر ۾ صرف تڪ بندي هئي، ان کان پوءِ عروضي شاعريءَ جو بنياد پيو، عروضي شاعري عروج تي پهتي ۽ هاڻي آزاد نظم جي مقبوليت وڌندي پئي وڃي. بلبل مرحوم جو ڪلام ظرافت جي رنگ ۾ رڱيل، اصلاحي ۽ عوامي ڪلام آهي. بلبل مرحوم کي رڳو فن شاعري جو مظاهرو ڪرڻو ڪين هو بلڪه هن جي اڳيان هڪ مقصد ۽ مشن هو. انهيءَ ڪري ئي سندس عوامي ۽ اصلاحي نوعيت جي ڪلام ۾ زبان عام فهم ۽ عوامي استعمال ڪيل آهي ۽ اهوئي سبب هو جو بلبل مرحوم جو ڪلام عوام ۾ ڏاڍو مقبول ۽ اثرائتو ثابت ٿيو ۽ ماڻهو جهنگ جهر سندس ڪلام جهونگاريندا هئا ۽ اڄ سوڌو به ڪن جهونڙن کي بلبل مرحوم جا ڪيترائي اشعار بر زبان ياد آهن. چاچو خدا بخش خان لنڊ بلوچ ميهڙ جو ۽ ڏيپلائي صاحب پيارو خان لغاري، چاڪر خان شاهاڻي کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ماڻهو اهڙا موجود آهن. ان جي برعڪس جيڪڏهن بلبل مرحوم جو ڪلام عام فهم ۽ ان دور جي مروج زبان ۾ نه هجي ها ته بلبل مرحوم جو مشن ۽ مقصد پورو ٿي نه سگهي ها.
باقي سوال رهيو انهن غلطين جو جيڪي ڪاتبن جي لاپرواهي، اڻڄاڻائي ۽ بي علمي سبب ٿيون آهن، تنهن لاءِ ضروري آهي ته اصل لفظ ڳولهي هٿ ڪجن، جيڪي موقع، مهل ۽ مناسبت جي لحاظ کان مناسب هجن ۽ لکڻي ۾ به غلط لفظن جي هم شڪل ۽ هم آهنگ هجن. مثال طور غلط لفظ مصاحب لکيو ويو آهي جنهن جو هم شڪل ۽ هم آهنگ صحيح لفظ مصائب ڳولهي هٿ ڪرڻو هو. هي ٻئي لفظ جيتوڻيڪ هم شڪل ۽ هم آواز آهن مگر سندن معنيٰ ۾ وڏو فرق آهي جنهن ڪري شعر جو ڪنهن وقت اهڙن غلط الفاظن ڪري مطلب ۽ مفهوم ئي بدلجي وڃي ٿو ته ڪنهن وقت ڪو مفهوم ادا ئي نٿو ٿئي ۽ ائين پيو لڳي ڄڻ ڪا غير زبان پئي پڙهجي.
اهڙي طرح ڪاتبن احڪام کي الهام، مطبع کي مجمع، لنگهيو کي کنگهيو، سارا کي نارا، توکي ٿو، مون کي تون، جو کي ڪو، گهرين کي ڪرين، چمچا کي چمٽا، اچي کي اٿي، رستو کي رخنو، تازي کي تري، مور ٽور کي جوڙ توڙ، هرز کي هوز، کي کي تي، ڇو کي جو، کان کي تان، تڙپندي کي تر ٿيندي، معمه کي ميمون، صُور کي طور، اشڪ کي عشق، عشق کي اشڪ، مَلڪ کي مُلڪ وغيره وغيره بنائي ڇڏيو آهي جنهن ڪري شعر جو مطلب ۽ مفهوم ئي گڙ ٻڙ ٿي ويو آهي.
محترم گرامي صاحب کي مرتب جي حيثيت ۾ انهن غلط لفظن جي جاءِ تي صحيح لفظ هٿ ڪري رکڻ کپندا هئا، جيڪي غير سنڌي دان لاهوري ڪاتبن جي ڪارستانين جو شڪار ٿيل هئا. ديوان بلبل جا سڀ اڳوڻا ڇاپا ليٿو ۾ آهن. ڪتابت نهايت ناقص، مس جا دٻا عام جام، اکر چچمچ، ماڪوڙن جون ٽنگون، تنهن ڪري پهرئين ڇاپي تان نقل ڪندڙ ٻئي ڇاپي واري ڪاتب ڪجهه پنهنجو “ڪمال” ڏيکاريو ته وري ٻئي ڇاپي واري ڪاتب ڪجهه پنهنجو “ڪمال” ڏيکاريو ته وري ٻئي ڇاپي تان نقل ڪندڙ ڪاتب ٽئين ڇاپي ۾ پنهنجا “جوهر” ڏيکاريا آهن ۽ اهڙي طرح نتيجو اهو نڪتو آهي جو اٽي بدران گهوٻاٽو ٿي ويو آهي.
مٿئين صورت حال ۾ جيڪڏهن غلط لفظن کي اها تاويل پيش ڪري قائم رکيو وڃي ته اصل نسخه ۾ جو ائين لکيل آهي ته اها به فرض جي ڪوتاهي چئبي. لفظ جيڪڏهن جملي ۾ معنيٰ ۽ مناسبت جي لحاظ کان صحيح معلوم نه ٿين ته انهن جا صحيح ۽ اصل لفظ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪجي. ڳالهه سمجهه کان ٻاهر هجي ته خوامخواهه لفظن جي الٽ ڦير ڪري جملي کي وڌيڪ نه الجهائي ڇڏجي. “ديوان بلبل” سنڌي زبان ۾ لکيل آهي، مدراسي يا مارواڙي زبان ۾ لکيل ڪونهي جو اسان کي سمجهه ۾ نه اچي. تنهن ڪري جنهن به جملي يا بيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته پڪ ڄاڻجي ته ڪاتبن جي ڪارستاني ٿيل آهي. “ديوان بلبل” ۾ ڪافي اهڙا لفظ آهن جي پراڻي طريقي موجب لکيل آهن مثلاً:-
جڏهِ- ڪڏهِ- تڏهِ- تهنجو- مهنجو- تهن ۾- جهن ۾- تنه جنه- ڏينه-کائي-ڳائي-ٿئي-هئ- اکڙي وغيره. هي الفاظ موجوده دؤر جي مروج لکڻي مطابق لکڻ گهرجن جيئن قارئين کي اجائي دقت محسوس نه ٿئي. هي اصلاح ڪري سگهجي ٿي، پر اهڙو فوٽ نوٽ لکڻ گهرجي.
ديوان بلبل ۾ جا اصلاح ڪئي وئي آهي ۽ جيڪي الفاظ جيئن جو تيئن قائم رکيا ويا آهن انهن جو تفصيل هيٺيون آهي:
اصل شعر (1)
ٿيو ڪلام احڪام امر و نهي جو جنهن تي نزول واجب آهي، تنهن سچي سالار سرور جي ثنا.
اصلاح ڪيل شعر:
ٿيو ڪلام الهام امر و نهي جو جنهن تي نزول واجب آهي تنهن سچي سالار سرور جي ثنا.
سمجهاڻي: لفظ احڪام کي الهام سان بدلائڻ متعلق محترم “خليل” صاحب “ديوان بلبل ۽ ان جو مرتب” جي عنوان هيٺ پنهنجي تنقيدي جائزي ۾ قسط نمبر 2 رهبر ڊائجسٽ ماه مئي سال 1974ع جي پرچي ۾ ڪافي وضاحت سان بحث ڪيو آهي. اصل لفظ احڪام مناسب آهي جنهن کي غلط لفظ سان گرامي صاحب تبديل ڪيو آهي.
اصل شعر (2):
پڻ مجمع جي مجمع ميمبرن شعبن سميت،
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.
گرامي جو اصلاح ڪيل شعر:
مجمع احباب وارن دوستن سڀني سميت،
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.
صحيح شعر
پڻ مطبع جي مجمع ميمبرن شعبن سڀن،
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا.
سمجهاڻي: پهرئين مصرع جيئن ته پريس جي جمله ميمبرن ۽ مختلف شعبن جي ثنا ۾ چيل آهي تنهنڪري مصرع جو پهريون لفظ مطبع ٿي سگهي ٿو، اها پريس جنهن ۾ ديوان بلبل جي ڇپائي عمل ۾ آئي ۽ ٻئي مصرع ۾ معاون اخبار، سندس مددگار ڇاپ دفتر ۽ عملي جي ثنا آهي. بگاڙيل لفظن جي تلاش ۽ تجويز کي ڇڏي صحيح لفظن کي بدلائي غلط ڪرڻ تي وڌيڪ توجهه ڏنو ويو آهي. “مجمع احباب وارن دوستن سڀني ”هڪ غلط ۽ نئين سٽ لکي شعر کي ڄاڻي واڻي بگاڙيو ويو آهي. ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار.
اصل شعر (3):
يار ۽ غمخوار واقفڪار سڀ سينڌو سڃاپ خويش اقرب به صله رحمي هر برادر جي ثنا.
گرامي طرفان اصلاح ڪيل شعر:
يار ۽ غمخوار واقفڪار سڀ سنڌ و پنجاب خيوش اقرب صله رحمي هر برادر جي ثنا.
سمجهاڻي: سينڌو سڃاپ کي سنڌ و پنجاب سان ۽ خويش کي خيوش سان بدلائي صحيح شعر غلط ڪيو ويو آهي. هن اصلاح جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي. هيءَ بدديانتي آهي، صحيح شعر کي زبردستي غلط ڪيو ويو آهي.
اصل شعر (4):
۽ وطن ميهڙ سندي وه واه جا دل کي وڻي
هر در و ديوار شجر و باغ بازر جي ثنا.
گرامي طرفان اصلاح ڪيل شعر:
ٿو وطن ميهڙ سنڌو وه واه جو دل کي وڻي
هر در و ديوار رونق باغ بازر جي ثنا.
سمجهاڻي: اصل شعر مناسب آهي ۽ ڪيل اصلاح غير مناسب ۽ غلط آهي.
اصل شعر (5):
همدم و همراز هر دم هم مصائب يار غار
صدق دل سان چئو سدا صديق اڪبر جي ثنا.
گرامي جو مجوزه شعر:
هم دم و همراز هر دم هم مصاحب يار غار
صدق دل سان چئو انهي صديق اڪبر جي ثنا.
سمجهاڻي: مصاحب جي لغوي معنيٰ آهي رفيق، ساٿي، يار، دوست، جيئن ته لفظ دوست، يار ۽ ساٿي جي آڏو هم لکڻ درست نه آهي تنهنڪري اصلوڪو صحيح لفظ مصائب ٿيندو ۽ نه مصاحب. هيءُ درستي ضروري هئي جا نه ڪئي وئي آهي بلڪه ٻئي سٽ ۾ انهيءَ صديق اڪبر جي بجاءِ سدا صديق اڪبر لکي اصلاح بدران غلطي ڪئي وئي آهي.
اصل شعر (6):
جي ڪرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئي
جو ڪر اسد الله غالب شاهه حيدر جي ثنا.
گرامي جو مجوزه شعر:
جي گهرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئين،
جو ڪر اسد الله غالب شاه حيدر جي ثنا.
سمجهاڻي: پهرين سٽ ۾ ڪيل اصلاح لفظ جي “ڪرين” جي بدران ‘جي گھرين’ ڪئي وئي آهي، جيڪا درست نه آهي. لفظ “جي ڪرين” پراڻو مروج لفظ آهي، جيڪو برابر آهي لفظ ‘جي چاهين’ يا ‘جيڪڏهن’. اهو لفظ تبديل ڪرڻ درست نه آهي. لفظ “پئي” به پراڻي لکڻيءَ جو نمونو آهي. لفظ “پئين” جو جيڪو نئين طريقي سان پيئين لکي سگھجي ٿو. لفظ جو ڪر جيڪو بي معنيٰ لفظ آهي ان کي بحال رکيو ويو آهي. اتي لفظ اچڻ گھرجي “ڪر تون”. غلط لفظ تبديل نه ڪيا ويا آهن. درست لفظ مٽايا ويا آهن.
اصل شعر (7):
پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج تي،
تابعن ۽ تبع تابع هوءِ هر هر ثنا.
گزمي طرفان مجوزه شعر:
پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج جي،
تابِعين ۽ تبع تابِعين جي هر هر جي ثنا.
سمجهاڻي: اصل شعر درست آهي، جنهن کي تبديل ڪري غلط ڪيو ويو آهي.
مٿي ڪيل بحث جي روشنيءَ ۾ پورو شعر لکجي ٿو. هن سلسلي ۾ موزون الفاظ جيڪڏهن تجويز ڪيا ويندا ته انهن تي ضرور غور ڪيو ويندو.
سر سخن جي سونهن اول پاڪ پرور جي ثنا
خلق جي رزاق ۽ خلاق داور جي ثنا
ٿيو ڪلام احڪام اَمر و نَهي جو جنهن تي نزول
واجب آهي تنهن سچي سالار سرور جي ثنا
همدم و همرازهردم هم مصائب يار غار
صدق دل سان چئو انهي صديق اڪبر جي ثنا
هو دلاور دين جو حضرت عمر ابن الخطاب
زينت دين زينت محراب و منبر جي ثنا
ڪامل الايمان ۽ صاحبِ حيا جامع قرآن
ڪر عجب عثمان ذوالنورين انور جي ثنا
جي ڪرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پئين
ڪر تون اسد الله غالب شاه حيدر جي ثنا
مالڪ جنت سندي سيدة ناءِ العالمين
رُڪن ٿي ايمان جو شبّير و شبر جي ثنا
حَمزه و عباس اعليٰ رتب ۽ افضل امير
ڪر سندي ٻارهن امامن سلڪ گوهر جي ثنا
پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج جي
تابعن ۽ تٗبع تابع هوءِ هر هر جي ثنا
عالمن ۽ صالحن ۽ مومنن ۽ ڪاملن
چار مذهب جي امامن دين گستر جي ثنا
۽ طريقه معرفت جي سلسلن چئني سندي
پر تنهن ۾ نقشبندي خضر رهبر جي ثنا
پاسبان اسلام جو سلطان اعظم شاه روم
سنڌ ۾ ڪونسل تنهين جي خان بهادر جي ثنا
پڻ مطبع جي مجمع ميمبرن شعبن سڀن
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا
يار غمخوار واقفڪار سڀ سينڌو سڃاپ
خويش اقرب، به صله رحمي هر برادر جي ثنا
۽ وطن ميهڙ سندي وه واه جا دل کي وڻي
هر در و ديوار شجر و باغ بازر جي ثنا
هي ثنا خواني نه ٿيندي هونءَ ته هرگز دل پسند
جي ڪندين تون ڪين “بلبل” دوست دلبر جي ثنا
ڏکين لفظن جي معنيٰ:
سَر سُخن - ڪلام جي شروعات
سلڪ گوهر - موتين جي لڙي
دين گستر - دين کي وڌائيندڙ
ڪونسل - سفير (Consul)
به صِله رحمي - عيوض همدردي
(هلندڙ)
نوٽ: هاڻوڪن ڪمپوزرس ڪاتبن جي ڪارستانين ۽ پروف ريڊنگ وارن جي بي توجهي جو ڏسو مثال صفحو نمبر 115 ۾ شڪار ٿيل کي شڪر ٿيل لکيل آهي. سوين لفظ غلط لکيا ويا آهن جن جي پروف ريڊنگ ڪئي وئي آهي. ان جو مظاهرو هن تحرير مان معلوم ٿي ويندو. صفحي نمبر 20 جي سٽ نمبر 2 ۾ لفظ “مغلق” کي “معلق” لکيو ويو آهي. لفظ معلق به پنهنجي جاءِ تي معنيٰ رکندڙ لفظ آهي ۽ شڪل و صورت ۾ به هڪ جهڙائي رکي ٿو. وري صفحي نمبر 21 جي سٽ نمبر 4 تي لفظ “صورت” کي “طورت” لکيو ويو آهي. مشحور کي مشهور لکيو ويو آهي هي حال آهن اڄوڪي سڌريل زماني جا ته پوءِ 1901ع واري زماني جي لاهوري ڪاتبن کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي.
اڪثر نوجوان سنڌي ڪمپوزس جي سنڌي ڪمپوزنگ ڏسي شرم ٿو اچي ته سنڌين کي سنڌي لکڻ نه ٿي اچي.
شمس ابن ضيا ابن بلبل
رئيس شمس الدين بلبلِ سنڌ
سيد حاجي علي اڪبر شاهه مرحوم
سنڌ جو هي نامور شاعر، اديب، مصنف ۽ ايڊيٽر سال 1857ع ڌاري ميهڙ ۾ ڄائو، سندس وڏا اتر کان ناڙيءَ جي طرف کان آيل هئا، بلبل پنجن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو. بلبل مرحوم تعليم فقط اسڪول جي سنڌي ۽ فارسي جا ان وقت هلندڙ هئي سا حاصل ڪئي هئي. مگر قدرت هن کي اهڙو ته ذهن رسا ۽ ذڪاءَ اعليٰ عطا ڪيو هو جو سندس طبيعت جا جوهر ازخود ظاهر ٿيڻ لڳا. سن 1872ع ۾ اسڪول ڇڏيائين، منجهس شعر گوئي جو مادو اصلي موجود هو. ننڍي هوندي ئي وڏن شاعرن سان مقابلا ۽ مشاعرا ڪندو رهيو. ڪنهن قدر انشا پردازي به شروع ڪيائين. ڪجهه وقت انجنيئري کاتي ۾ نوڪري ڪئي هيائين. هن جي قابليت تي آفيسر به تعجب ڪندا هئا. ان وقت هڪ انگريز انجنيئر سندس علمي قابليت ڏسي کيس تحفي طور قديم وقت جو لکيل شاهنامي جو هڪ نسخو ڏنو هو. سن 1889ع ۾ ڪراچيءَ ويو، اتي سنڌ جي سرسيد مرحوم خانبهادر حسن علي آفندي سان واقفيت ٿيس. خانبهادر سندس قابليت ۽ لياقت ڏسي پاڻ وٽ رهايس، ان وقت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي پاران جيڪا “معاون” نالي اخبار جاري ڪئي وئي هئي ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، ايڊيٽر جي چارج وٺندي ئي پنهنجي پرزور ۽ رنگين مضامين سان ان کي اهڙو ته زور وٺايائين جو ساري سنڌ ۾ غلغلو پئجي ويو، ماڻهو جيڪي سنڌي جي رنگيني کان غير مانوس هئا سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا. هن اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم آندا جن جي مطالعي سان خود اهل علم دنگ ۽ حيران رهجي ويندا هئا. مرحوم حسن علي آفندي کيس ڏاڍو ڀائيندو هو، سندس تعريف ۾ آفندي صاحب جي واتان هي لفظ نڪرندا هئا “مون کي عجب آهي ته اهڙو انسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪيئن پيدا ٿيو آهي.” مرحوم حسن علي جيڪي وڏا ڪم ڪيا تن ۾ هن کي به شامل رکندو هو.
مدرسة الاسلام، ڪراچي ان وقت نئون جاري ٿيو هو تنهن جي ترقي لاءِ هن پنهنجي قلم جي ذريعي گهڻي خدمت ڪئي. دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ جو سوال جڏهن مرحوم حسن علي آفندي هٿ ۾ کنيو تڏهن به بلبل صاحب سندس لاءِ سڄي ٻانهن هو، پونه ۾ جڏهن ڪميشن ويٺؔي تڏهن مرحوم حسن علي کي ساري سنڌ جي پاران احوالن ۽ انگن اکرن جي ثابتين سان شاهدي ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو ۽ ڇهه مهينا اڳواٽ خبردار ڪيو ويو هو، مرحوم حسن علي اهو سڄو بار بلبل جي ذمي ڪيو. هُن انهيءَ عرصي ۾ ساري سنڌ جي آبادگارن جو احوال گڏ ڪيو ۽ ضلعي وار يادداشتون تيار ڪيون جن ۾ ڊڪرين جي ذريعي آبادگارن جي ملڪيتن ۽ زمينن جا نيڪال هئا يا قرضن ۾ وياجن تي وياج هلن ٿا سي سڀ انگ اکر هن وڏي محنت سان گڏ ڪيا هئا. آخر مرحوم آفندي کيس پوني، ساڻ وٺي ويو ۽ وقت به وقت کانئس نوٽ وٺندو رهيو، ڪميشن اڳيان شاهدي ڏيڻ وقت به هن کي ڀرسان ويهاريائين ته مبادا ڪو سوال پڇڻو پوي. اها شاهدي حيرت انگيز حوالن سان پيش ٿي ته انگريز ميمبر حيران ٿي ويا ۽ سنڌ سان اهو ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو جو اڄ تائين هلندڙ آهي.
مرحوم حسن علي آفندي جي وفات کانپوءِ ڪراچي ڇڏي وري ميهڙ موٽي آيو. ڪيترن اخبارن وارن کيس ايڊيٽري جي آڇ ڪئي مگر هن ٻاهر وڃڻ پسند نه ڪيو ۽ آخر ڪار هن ڳالهه تي راضي ٿيو ته هو ڳوٺان کين مضمون موڪليندو رهي. پهريائين “ڪراچي گزيٽ” جي ايڊيٽري ڪيائين مگر مالڪ اخبار هلائي نه سگهيو. ان کان پوءِ “خير خواهه” سکر جو به ٻه چار سال ايڊيٽر رهيو، “الحق” (1) جي جاري ٿيڻ وقت ان جو به ايڊيٽر ٿيو، سن 1909ع ۾ جڏهن شيخ عبدالعزيز صاحب الحق اخبار جي مالڪ ۽ ان جي ايڊيٽر بلبل مرحوم تي ڪراچي جي سٽي مئجسٽريٽ Mr. E. Sands وٽ هڪ زبردست مقدمو سندن خلاف هليو جنهن ۾ فريادي ڌر طرفان هرچند راءِ (2) ڪراچي جو مشهور وڪيل هو ۽ جوابدارن جي طرفان پنهنجي وقت جو ناميارو وڪيل مسٽر ريمنڊ صاحب (3) هو مگران صلاح ڏني ته معافي وٺو. بلبل مرحوم اها ڳالهه قبول نه ڪئي ۽ آخر ڪيس هليو، مسٽر غلام حسين (4) جو ان وقت حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ بلبل جو گهاٽو دوست هو تنهن قومي جذبي خاطر بنا فيس جي سندس وڪالت ڪئي. بلبل اخبارن جا اهڙا مضمون ڳولهي پيش ڪيا جن جي ڪري آڏي پڇا ۾ اهڙو ته فائدو ٿيو جو مئجسٽريٽ نه صرف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو بلڪه فريادي ڌر تي ڇنڊا وڌائين، هن فيصلي تي مسلمانن ڪراچيءَ ۾ خوشيون ملهايون. سرگس ڪڍي ۽ مجلسون منعقد ڪيون. (5)
ڪجهه وقت کان پوءِ “الحق” کي ڇڏي ڏنائين ۽ آفتاب سنڌ (حاجي احمد ميمڻ جي اخبار) جو مستقل ايڊيٽر ٿي رهيو جا پڇاڙي تائين سالن جا سال ايڊٽ ڪندو رهيو. “پاڻ هوشمس ۽ اخبار آفتاب” ان سان ته خاص تعلق هوس، وچ ۾ “مسافر” حيدرآباد، “خير خواهه” لاڙڪاڻو ۽ ڪن ٻين اخبارن جي به ڪجهه وقت ايڊيٽري ڪيائين. هن ڪيترائي ڪتاب سنڌي نظم ۽ نثر ۾ لکيا جي مقبول عام ٿيا، ڇاڪاڻ ته سنڌي زبان ۾ هن پنهنجي طرفان رنگيني ۽ ظرافت نگاري سان جيڪا جدت پيدا ڪئي سا ان ۾ اڳي نه هئي گويا ان فن ۾ کيس سنڌي انشاءَ جو موجد چئي سگهجي ٿو. ديوان بلبل-آئينه تجارت- ظريف الدوله- نيچرل ڪريما- سنڌي رحيما- بخت بازي- قلندر جو ميلو- شمس اللغات- بهار عشق- وغيره وغيره سندس اوائلي مشهور تصنيفون آهن. سندس تصنيف نهايت دلچسپ پيرايه ۾ آهي. ماڻهن جو ميلانِ طبيعت ۽ خيالات ڏسي قوم جي اصلاح ظرافت جي انداز ۾ اهڙي ته ڪئي اٿس جو وڏا اهل دماغ سندس قابليت جو داد ڏين ٿا. جهڙي طرح مرحوم اڪبر الهه آبادي پنهنجي شعر ۽ ظرافت سان قوم جي اصلاح مدِ نظر رکي آهي.
ڊپٽي نور الدين صديقي جي والد مرحوم مخدوم محمد انور صاحب پاٽائي لکيو آهي ته “جيئن جانسن ۽ اسڪاٽ پنهنجي فلسفي ۽ حڪمت کي ناولن ۾ لکي قوم کي فائدو پهچايو تيئن بلبل جي ظرافتي مقالات ۽ تصنيفات جو اثر پيدا ڪيو آهي، سو قوم جي سڌارڻ ۽ اسان جي ڊگهين اسپيچن(تقريرن) ۽ تحريرن ڪڏهن به نه ڪيو آهي. وائينس صاحب پرنسيپال سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي ايامڪاري ۾ هڪ ماهوار رسالو سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ نڪرندو هو ان ۾ بلبل جيڪي مضمون لکيا تن جي تعريف وائينس صاحب خود پنهنجي قلم سان انهيءَ رسالي ۾ لکي. سردار محمد يعقوب خان مرحوم، وزير رياست خيرپور ميرس سندس قابليت جو اعتراف هنن لفظن ۾ ڪيو آهي “اسان خوشي سان هيءُ توهان جي ڳالهه قبول ٿا ڪريون ته بيشڪ سنڌي زبان عمدي ۽ دل وڻندڙ نموني ۾ لکي سگهجي ٿي جنهن جي ثابتي اوهان جي تحرير آهي.”
شاعري ۾ ته هن کي وهب الاهي هو جو رواني سان اهڙا ته شعر لکندو هو جو هندوستان ۽ پنجاب جا شاعر به کيس مڃيندا هئا نه رڳو سنڌيءَ ۾ بلڪه فارسي شعر ۾ جا هن شڪر ريزي ڪئي آهي سا بدرجها سنڌيءَ کان به وڌيڪ آهي بلڪه هندي ۽ اردو ۾ به بي تڪلف شاعري ڪندو هو. خبر ناهي ته اها قابليت هن کي ڪٿان آئي. سن 1906ع ۾ “آفتاب سنڌ” جي نئين سال جي تواريخ جنهن جي هر مصرع مان تواريخ ٿي نڪري جا هن لکي هئي سا جڏهن هندوستان جي شاعرن ڏٺي ته حيران ٿي چيائون ته ڇا سنڌ ۾ اڃا اهڙا علم وارا ماڻهو موجود آهن. سندس وسيع معلومات ۽ ڪثرت مطالع ڪري جا کيس علمي دسترس هئي تنهن وڏن وڏن انشا پردازن کي ڏانهس متوجهه ڪيو بلڪه وقت جا آفيسر ۽ حاڪم به کانئس وڏن وڏن ڪمن ۾ صلاح وٺندا هئا. ويندي خيرپور دربار تائين هن پنهنجو علمي قدر پيدا ڪيو ۽ عموماً کيس دعوتون ڏئي اوڏانهن گهرايو ويندو هو ۽ اتي جا وزير کيس عزت ڏيندا هئا. قومي اصلاح، رفاهه عام يا لٽريچر جي ڪمن ۾ تجربيڪار ۽ صحيح راءِ وارو انسان هو. ان جي دماغ ۾ تحرير جي زبردست طاقت رکيل هئي. نه رڳو تحرير جو قابل پر تقرير ۾ به اهڙو ته فصيح اللسان ۽ عذب البيان هو جو سامعين کي مسحور ڪري ڇڏيندو هو. ساري سنڌ جي قومي جلسن يا ميٽنگن ۾ اڪابر قوم سندس شرڪت ضروري ڄاڻندا هئا. هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي مدرسة الاسلام جي هڪ جلسي ۾ هن اهڙي ته مقفيٰ ۽ مسلسل مسدس پڙهي جو مسٽر ڪئريئر صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر لاڙڪاڻو جيڪو فارسي دان هو، تصوير بيجان وانگر متحير ٿي آخر تائين کيس ڏسندو رهيو. ٽن چئن سالن کان پوءِ جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو ۽ ميهڙ ۾ دوري تي آيو ته سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر کي بلبل سان هن طرح انٽروڊيوس (متعارف) ڪرايو ته “هي اعليٰ درجي جو شاعر آهي ۽ بلبل سنڌ جي نالي سان مشهور آهي.” ٻئي ڀيري ساڳئي مدرسي ۾ هڪ اهڙي نظم پڙهي هيائين جا هڪ جيد عالم ابو الفرح پاني پتي نقل ڪري ورتي ۽ پنهنجي ڪتاب “حالاتِ سفر سنڌ” ۾ ان جي قابليت ۽ قوم پرستي جي ازحد تعريف لکي اٿس. دربار خيرپور ۾ جي قصائد هن لکيا آهن سي قابل ديد آهن. پاڻ چوندو هو ته افسوس! آءٌ اهڙي وقت ۾ پيدا ٿيس جو ڪو قدردان نه آهي. نه ته تخيل جي بلندي اڃا ڪجهه اورهجي ها. نه رڳو پاڻ قلم جو قابل هو پر زبان جو به نظم خواهه نثر ۾ يگانو هو.
1908ع ۾ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿيڻي هئي تنهن ۾ مسٽر اي-ڪي-دهلوي ڪانفرنس جي طرفان کانئس سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي حالت بابت رايا پڇيا ان موجب هن ڪميٽي ڏي هڪ وڏي ۽ مدلل رپورٽ موڪلي جا پوءِ ڪانفرنس ۾ کانئس پڙهائي وئي، هن عاليشان ڪانفرنس ۾ سنڌ جي بنسبت جيڪي به ريزوليوشن (ٺهراءَ) پاس ٿيا سي سڀ ان رپورٽ مان ورتل آهن. پاڻ خاص ريزوليوشن فارسي تعليم بابت پيش ڪيائين اهڙي وضاحت سان جو خود نواب وقار الملڪ بهادر ان وقت اٿي سندس تائيد ڪئي ۽ خواجا غلام الثقلين پاني پتي ۽ ٻين هندوستاني ليڊرن سندس تعريف ڪئي. ڪانفرنس رپورٽ 1908ع مطبوعه علي ڳڙهه ۾ ان جو ذڪر ڇپيل آهي. (1904ع ۾ ميهڙ ۾ انجمن اتفاق اسلامي نالي هڪ تنظيم برپا ڪيائين جنهن جي ذريعي سڌارا قومي اتفاق ۽ تعليمي جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ان جي ذريعي 1906ع ۾ تعليمي درسگاهه جو بنياد وڌائين جنهن جو نالو مدرسة الاسلام ميهڙ رکيو ويو. شروع ۾ انگريزي چئن درجن تائين تعليم ڏيڻ ۾ آئي. اهو سندس حياتي جو وڏو يادگار آهي جو ان وقت (هن خطي ۾) انگريزي تعليم جي بانس به ڪانه هئي. هاڻي ميهڙ ۽ ان جي آس پاس جيتري قدر گريجوئيٽ، وڪيل ۽ انگريزي دان ڪامورا پيدا ٿيا آهن سي سڀ سندس لڳايل باغ جو ثمر آهن ۽ هتي جا سڀ هندو مسلمان سندس انهيءَ ڪارنامي جا اڄ تائين مشڪور آهن، هن بيحد تڪليف وٺي فقط پنهنجي قابليت سان ليڪچر ڏنا، نظم ۽ مضمون لکيا (۽ هن ڪم لاءِ رستو هموار ڪيو) چندا گڏ ڪيا. وڏن وڏن آفيسرن کان گرانٽون منظور ڪرايون ۽ انجمن جي پاران وفد وٺي پيرن ۽ ميرن کان مدرسي لاءِ عطيا حاصل ڪيا ۽ اهڙي طرح هن مدرسي کي اوج تائين پهچايائين. 1919ع تائين سندس محنت سان مدرسو هلندو رهيو. مدرسي جي نئين عمارت ۽ بورڊنگ هائوس لاءِ ڇهه جريب زمين پنهنجي جاءِ جي پٺيان هٿ ڪري عمارت ٺهرائڻ جو ارادو ڪيائين جنهن لاءِ نقشا وغيره به تيار ٿي ويا هئا مگر سندس حياتي وفا نه ڪئي ۽ پيغام اجل کي لبيڪ چئي راهي ملڪ بقا جو ٿيو. افسوس جو سندس وفات کانپوءِ مسلمان مدرسو هلائي نه سگهيا ان ڪري هندن ان کي سنڀاليو جو اڄ هاءِ اسڪول آهي.
هي سڀ ڪم هن پنهنجي ذاتي قابليت سان ڪيا جنهن ڪري حڪامن وٽ به وڏيون عزتون حاصل ڪيائين جيڪي وڏي ۾ وڏي زميندار کي مس حاصل هيون. هو ڪمشنرصاحب جو درباري هو ۽ سن 1917ع ۾ آنرري مئجستريٽ بئنچ ڪورٽ ميهڙ جو چيئرمين مقرر ٿيو ۽ کيس خان صاحبي جو خطاب پڻ مليو. جيڪي سندس ڪتاب ڇپيل آهن تن کانسواءِ غير مطبوعه ذخيره نظم ۽ نثر جو گهڻو موجود آهي. ديني تعليم بابت سلسلي وار ڪتاب لکيا اٿس. ازانسواءِ تصوف ۾ به ڪيئي ڪتاب لکيا اٿس جن مان سوامي هيمراج جي ڪتاب گلزارمقافي جو ترجمو جو هن ڪيو آهي ۽ ان تي هيٺان حيرت انگيز حاشيه ڏنا اٿس، ان جو نالو “گنج معرفت” رکيو اٿس جو عجيب آهي. سندس سنڌي، فارسي، اردو سخن جو وڏو ذخيرو جيڪو پاڻ “بهار ستان بلبل” نالي ڪتاب ۾ گڏ ڪيو اٿس سو به ڇپجڻ کان رهيو پيو آهي. سندس فارسي انشاءَ پردازي ۽ جدت طرازي شمس المڪتوب مان پڌري آهي جو پڻ اڻ ڇپيل آهي. ديوان بلبل فارسي ۽ عمدة التواريخ به ڇپيل نه آهن. تاريخ گوئي ۾ کيس خاص ملڪو حاصل هو. وڏن نامور ماڻهن جون تاريخون نهايت عجيب لکيون اٿس. کيس مطالعي جو ڏاڍو شوق هو، سڄي هندوستان جون مشهور اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا وٽس موجود رهندا هئا. پڇاڙي ۾ تمام گهڻا ڪتاب لکي ڇپرايا هيائين، انهن جا نالا هي آهن:
حليمان- مسلمان ۽ تعليم- قرض ۽ مرض ۽ انجا علاج- انگريز ۽ مسلمان- صدپند سود مند- جام جم- عقل ۽ تهذيب ۽ وقف علي الاولاد- وقف علي الاد ولا جي تحرڪ کي زور وٺايائين ۽سنڌ ۾ هي ئي پهريون شخص هو جنهن هن قانون کي رواج ڏياريو. ان لاءِ ڪتاب حرز البنياد، شرح قانون وقف علي الاولاد لکي شايع ڪرايائين ۽ پاڻ ان تي عمل ڪيائين ۽ پڻ هن جي ملڪيت پنهنجي فرزند ضياءُ الدين جي نالي وقف ڪري ملڪيت جو بچاءُ ڪري ويو آهي نه ته اڪثر زميندارن مسلمانن جون ملڪيتون اسراف ۾ تلف ٿي ويون آهن. مطلب ته هي سنڌ جو بلبل نه رڳو فصيح- بليغ- شاعر- مصنف ۽ لئبريرين هو پر ان سان گڏ ريفارمر ۽ اعليٰ مدبر به هو. سنڌي لٽريچر ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيائين، هي سُني مذهب جو ايتري قدر پائبند هو جو وقف ملڪيت ۾ وصعيت ڪئي اٿس ته منهنجي وارثن مان ڪوبه سنت جماعت ڇڏيندو ته ملڪيت ۾ ان جو ڪو حق نه رهندو. مرحوم حسن علي سان هن کي ايترو ڪو تعلق هو جو هيءُ به 62 ورهين جي ڄمار ۾ ڪار بنڪل (ٻلي ڳڙ) جي مرض ۾ گرفتار ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح علم ۽ ادب جو شمس 1919ع ۾ سنڌ مان غروب ٿي ويو. سندس مزار سندس (اڏايل) مسجد ۾ آهي.
(ماهوار “علمي دنيا” اپريل 1930ع جي ٿورن سان)
مضمون موڪليندڙ جناب شمس ابن ضياءُ ابن بلبل طرفان حاشيه:
متعصب هندو ليڊر بلبل مرحوم جي ليکن، مضامين ۽ ادارين مان اهڙا ته اچي اڙيا جو کيس اخباري دنيا مان ڪڍڻ لاءِ باقاعده منصوبه بندي ڪري بلبل مرحوم تي قلم 153 انڊين پينل ڪوڊ هيٺ مقدمو دائر ڪيائون. بلبل مرحوم تي الزام اهو لڳايائون ته هو “الحق” جي ادارين ذريعي هندن کي هرو ڀرو ذليل وخوار ڪري ٿو ۽ مسلمانن جي جذبات کي هندن جي خلاف اڀاري ٿو. هن ڪيس ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپال مسٽر پهلاج راءِ نالي ماتر فريادي هو مگر حيدرآباد ۽ ڪراچي جا سڀ متعصب هندو ليڊر سندس مددگار هئا، هن مقصد لاءِ انهن ڪافي رقم چندن ذريعي جمع ڪئي هئي. هي مقدمو جلد قومي اهميت حاصل ڪري ويو. هندو زور لڳائي رهيا هئا ته بلبل کي سزا ملي ۽ “الحق” ضبط ٿئي. مسلمان ليڊر به پنهنجو زور لڳائي رهيا هئا ته جيئن هندن کي پنهنجن منحوس ارادن ۽ عزائم ۾ شڪست نصيب ٿئي. آخر فتح مسلمانن جي ٿي، ان کانپوءِ ته بلبل متعصب هندن ۽ عيسائي پادرين لاءِ ويل ٻاري ڇڏيو. اهي کانئس ائين ڊڄندا هئا جيئن ڪانءُ ڊڄي ڪمان کان.
هرچند راءِ وشنداس ڪراچيءَ جو ممتاز قانوندان ۽ مڇيل وڪيل هو. هن قانون جو امتحان ايلفنسٽن ڪاليج بمبئيءَ مان پاس ڪري 1885ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي هئي. هو ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو 42 سال ميمبر ٿي رهيو ۽ ڪجهه عرصو سيڪريٽري به هو. ڪراچي ميونسپالٽي جو 11 سال قانوني مشير ۽ پوءِ 11 سالن تائين ان جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. (اڳئين صفحي تي هلندڙ) وائسراءِ هند جي اسيمبلي جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو ۽ کيس آنرايبل جو خطاب پڻ مليو. هو شروع ۾ انتها پسند ۽ متعصب ڪانگريسي هندو ليڊر هو مگر پڇاڙي ۾ حالات جو بدليل رخ ڏسي پاڻ ۾ ڪجهه تبديلي آندائين، سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪرائڻ ۾ هن اهم رول ادا ڪيو هو.
مسٽر ريمنڊ ڪراچي جو ماهر قانوندان ۽ مشهور وڪيل هو. پوءِ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ۽ جسٽس ريمنڊ جي نالي سان شهرت حاصل ڪيائين. بلبل مرحوم جي سٺن دوستن مان هڪ هو. خط و ڪتابت جو سلسلو بلبل مرحوم جي پونئرن سان پنهنجي حياتي تائين قائم رکيو آيو.
سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جو مايه ناز فرزند ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. هي صاحب سنڌ جو وزير اعليٰ به ٿيو ته بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر به چونڊيو ويو هو، شروع ۾ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ بلبل مرحوم جو تمام گهاٽو دوست هو.
جڏهن ڪيس جو فيصلو بلبل مرحوم جي حق ۾ ٿيو ته مسلمانن ڏاڍيون خوشيون ملهايون. بلبل مرحوم کي ڇهن گهوڙن واري وڪٽوريه بگيءَ ۾ ويهاري هڪ وڏو جلوس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ ڪارون ۽ ٻيون گاڏيون شامل هيون. هي سرگس ڪراچي شهر ۾ ڪڍيو ويو هو ۽ سرگس دوران بلبل تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ شام جو شعرو شاعري جي محفل مچائي وئي ۽ شڪراني طور حاضرين محفل ۾ مٺائي ورهائي وئي. حيدرآباد ۽ سکر ۾ به ڏاڍيون خوشيون ڪيون ويون ڇاڪاڻ ته مسلمانن لاءِ هي مقدمو سندن عزت ۽ غيرت جو مسئلو بڻجي ويو هو.
ياد-رفتگان
تحرير: مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب
نالو شمس الدين تخلص “بلبل” ولد بهادر خان، ذات شينو اصل وطن ڀاڳناڙي بعد ۾ هميشه لاءِميهڙ ضلع دادو سنڌ.
سنڌ جي هن مايه ناز اديب، ظريف مصنف ۽ عالي دماغ اخبار نويس جي تعليم اسڪولي سنڌي ۽ فارسي کان مٿي نه هئي. مگر ڪافي مطالعي بعد پنهنجي معلومات ۾ بيحد اضافو ڪري ويو. “بلبل” مرحوم جو نالو شاعريءَ جي تاريخ ۾ سونهري حرفن سان لکڻ جي قابل آهي. مرحوم نه فقط شاعر هو بلڪه نثر نويسي ۾ به ماهر هو. مرحوم ڪيترن رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. اخبار “معاون سنڌ” ۽ “آفتاب سنڌ” جي ادبيت ۽ ظرافت مرحوم جي طبيعت ۽ ذهانت جو مڪمل مرقع آهن.
“تون” کي اهڙو وڃاءِ جو “تون” نه رهي
تو کان تنهنجي “تون” ئي جي بوُ نه رهي
“مان” ۽ “تون” جو ضمير ضايع ڪر
هن دوئي جي گفتگو نه رهي
جستجو ڄڻ حجابِ مستي ڄاڻ
شرط هي آ جو جستجو نه رهي
عشق جو هي خيال آهي بس
وصل وَ هجر جي ها وَ هُو نه رهي
هُو ۽ اهڙو خيال پيدا ڪر
جو سوا هُو خيالِ هُو نه رهي
چار سو جي سرائي فاني ۾
ڀڄ تون اهڙو جو چار سو نه رهي
رنگ و بوُ گل جو آهه “بلبل” وهم
ڇا چڱو ٿئي جو رنگ و بوُ نه رهي
رئيس مرحوم ضياءُ الدين ضياءَ ”بلبل“جي ياد ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم
جڏهن پوي ٿي ياد، صحبت سپرين جي،
فرياديون فرياد، ناگهه وڃن نڪرئو.
اهي پيارا سڄڻ جيڪي لڏي ويا ڇڏي ويا، پر پنهنجين مهربانين جون مهرون دل تي ثبت ڪري ويا تن مان هڪ رئيس ضياءُ الدين “ضياءَ” بلبل به هو. سندس والد رئيس شمس الدين “بلبل” (1919-1857ع)پنهنجي دؤر جو وڏو اديب، تعليمي اڳواڻ، سياسي مفڪر، محب وطن، بيباڪ صحافي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص “بلبل” هو، ميهڙ شهر جي هڪ معزز زميندار گهراڻي مان هو. رئيس شمس الدين بلبل جي نالي سان مشهور ٿيو. ان ساڳي مناسبت سان، سندس فرزند “رئيس ضياءَ الدين ضيا بلبل” مشهور ٿيو.
رئيس شمس الدين بلبل هڪ سنڌ دوست سياسي اڳواڻ هو. وقف علي الاولاد ۽ دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ جهڙا قانون پاس ڪرائي سنڌ سان لاڳو ڪرايائين. جنهن مان بلبل جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت نمايان نظر اچي ٿي. بلبل جديد صحافت جو سرواڻ هو. سنڌي نثر ۽ نظم جو اڳواڻ هو. سنڌ جي بدلجندڙ سماج تي تنقيد ڪيائين ۽ پنهنجي ظرافت ۽ خوش طبعيءَ سان، ان وقت جي نون انگريزي پڙهيل فيشنئبل نوجوانن جو پنهنجي ڪلچر کان بيگانگي ڏانهن ڌيان ڇڪايائين ته:
گهر کان نڪتا نيٽو نيچر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا
سر تي ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا
سيٽي ۽ سگريٽ سدائين، گٽمٽ گٽمٽ وات ۾ وائي
“يوسي” “آءِ سي” مسٽر مسٽر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا
ٻيو سندس طبعزاد موضوع “تيرنهن ڄار، مڪرن جا مار” هو جيڪو اسين سنه 1930ع ڌاري هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جي لائبريري ۾ دلچسپيءَ سان پڙهندا هئاسون. ان ۾ “وڪيلن جو ڄار” ۽ ٻيا اهڙا تنقيدي موضوع آهن. خاص دلچسپ سندس تصنيف ڪيل “ڪريما نيچرل” هئي جنهن ۾ شيخ سعدي جي ڪريما جي فارسي سٽن سان تنقيد طور سنڌي سٽون ملايل هيون:
پيارج ڪو اڄ بِيرَ وسڪيءَ جو پا
ڪريما به بخشاي بر حالِ ما
ڪُتي پستڙي کي تون ڪج ڪُور ڪُور
نباشي ز گلزار فردوس دور
سندس اهي شعر ڪن شاگردن کي ياد هوندا هئا. ان دور ۾ حيدرآباد مان مولوي نور محمد نظاماڻيءَ جون هفتيوار اخبارون “طيراً ابايل” ۽ “مرغ فلڪ” ۽ ميرپور خاص مان محمد هاشم مخلص جي اخبار “مسلمان”، هندو اخبارن ۾ ڇپيل جملن جا مقابلا ڪندي ظريفانه شعر شايع ڪري رهيون هيون.
ڪاليج ۾ اچڻ بعد، رئيس ضياءُ الدين ضياءَ جو نانءُ اسان جي ڪن تي پيو پر ملاقات ڪانه ٿي. 1949ع ۾ اعليٰ تعليم پوري ڪري آيس ته ٻئي سال لاڙڪاڻي وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اتي 24-22 آڪٽوبر 1950ع تي ڏهين آل سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿيڻي هئي جنهن ۾ مون “سنڌي ٻوليءَجي مختصر تاريخ” جي عنوان سان مضمون پڙهيو. ان بعد ترڪي ٽوپي سان هڪ سهڻي صورت وارو اديب مون سان وڏي مرحبا سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايائين. حافظ محمد احسن چنا ۽ ٻين کان معلوم ٿيو ته هو سنڌ جي مشهور شخصيت مرحوم شمس الدين بلبل جو فرزند ارجمند آهي، رئيس ضياءَ الدين ضيا بلبل ان وقت شايد پبلڪ پراسيڪيوٽر هو. چيائون ته هن مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. انهن خوبين جي ڪري منهنجو ڏانهس گهڻو توجهه ٿيو ڇاڪاڻ ته آءٌ به مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ پڙهيو هئس. ان ڪانفرنس کانپوءِ رئيس ضياءُ الدين ضيا بلبل سان ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ پاڻ هميشه وڏي پيار سان ملندو هو.
ڪانفرنس ۾ منهنجو پڙهيل مضمون، پوءِ “تحفة لاڙڪاڻه” ۾ شايع ٿيو. ان بعد مئي مهيني 1958ع جي رسالي “نئين زندگي” ۾ رئيس ضياءُ الدين بلبل جو منهنجي باري ۾ لکيل مضمون (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) پڙهيم ۽ سندس دلنوازيءَ کي محسوس ڪندي نهايت خوشي ٿي جو منهنجي لاءِ وڏي شاباس ۽ آفرين وارا جملا لکيائين. آءٌ کانئس عمر ۾ ننڍو هئس پر ان جي قطع نظر رئيس صاحب مون کي دل کولي داد ڏنو. اڄ مرحوم کي ياد ڪندي، پنهنجي مڃتا طور سندس مضمون ۾ آيل ڪي جملا نقل ڪريان ٿو (جيڪي اسان جي ادبي تاريخ جو سرمايو آهن). ڪانفرنس ۾ منهنجي پڙهيل مقالي بابت رئيس صاحب لکيو ته:
“اهو هو سنڌي زبان بابت مشهور مقالو، جنهن سنڌي زبان جي اصل ۽ نسل واري پراڻي پر نه ختم ٿيندڙ بحث جي بحر ۾ جنب اڇلي، اهو مشهور مقالو“تحفة لاڙڪاڻه” جي سونهن ۽ سينگار ٿيو آهي. هيءُ پهريون دفعو هو جو دليلن ۽ انگن اکرن سان هڪ محقق اها ڳالهه چٽي ڪري ٻڌائي ته سنڌي زبان پاڻ هڪ مڪمل زبان آهي. تنهن تي ايراني، آريائي، سامي ٻولين جا اثرات پيا پر جنهن کي سنسڪرت ڄائي چوڻ غلط آهي. هن جي اثر هيٺ سنڌي ثقافت، فنڪاري ۽ سگهڙائپ جو سر اوچو ٿيندو.”
سن 1958ع ۾ چيل اهي جملا، منهنجي تعريف کان وڌيڪ مرحوم جي پنهنجي قابليت تي شاهد آهن. سندس هن مقالي بعد آءٌ دلي محبت ۽ نيازمنديءَ سان ساڻس ملندو رهيس. ان دؤر ۾ تحقيق جي سلسلي ۾ منهنجو دادو ضلعي ڏانهن اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. دادو شهر ۾ مرحوم شفيع محمد ميمڻ سان منهنجو ناتو هو جو اسين جهونا ڳڙهه ڪاليج ۾ گڏ پڙهيا هئاسون. سندس اوطاق ۽ آفيس، رئيس صاحب جي اوطاق ۽ آفيس سان لڳ هئا ۽ رئيس صاحب سان ملڻ جا موقعا ملندا رهيا.
مرحوم رئيس ضياءُ الدين ضياءُ بلبل کي ياد ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته هو سڀني وصفين سهڻو هو، شڪل صورت جو سهڻو هو، خوش کيڪار ۾ سهڻو هو، پنهنجي خوش گفتار ۾ سهڻو هو ۽ سندس ڪردار ۾ سهڻو هو.
شمس الدين”بلبل“ (1857ع-1919ع)
پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي جي الانا
(سنڌي نثر جي تاريخ)
هيءُ بزرگ ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ 1857ع ۾ ڄائو هو. سندس وڏا اصل اتر کان ناڙيءَ جي طرف کان آيل هئا. ابتدائي زماني ۾ سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. ڪجهه وقت انجنيئري کاتي ۾ داروغو هو، پر پوءِ جلدي 1889ع ۾ ڪراچيءَ روانو ٿي ويو، جتي خانبهادر حسن علي آفنديءَ سان سندس ملاقات ٿي، جنهن کيس “معاون” اخبار جو ايڊيٽر ڪري رکيو. بلبل صاحب نه فقط قابل قدر شاعر هو، پر هڪ بينظير نثر نويس ۽ ڪامياب صحافي به هو. “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن” ۾ هن تمام گهڻي علمي ۽ ادبي خدمت ڪئي. “معاون” اخبار جي ايڊيٽر هجڻ واري زماني ۾، سندس لکيل ظريفانه ۽ فلسفيانه مضمون سڄيءَ سنڌ ۾ ڏاڍا پسند آيا. دراصل هن بزرگ جي جسارت ئي سنڌي نثر ۾ انقلاب آندو. سنڌ جا ڪي اهل قلم کيس “سنڌ جو حالي” به سڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هن مولانا حاليءَ وانگر نثر توڙي نظم جي ذريعي “سنڌ جي سر سيد” يعني خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي مدد ڪئي. هن جي قابليت ۽ خدمت جو اعتراف ڪندي، مرحوم سردار محمد يعقوب سي. آئي. اي سابق وزير اعظم رياست خيرپور ميرس، 1906ع ۾ لکيو آهي:
“اسان جو اهو ارادو نه آهي ته فقط ظاهري لباس ۾ اوهان جي تعريف ڪجي، مگر سچ پچ ته اوهان جي اخبار جا مضمون اهڙيءَ سنجيدگيءَ ۽ ڪلام جي خوبصورتيءَ سان سينگاريل هوندا آهن، جن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي (1).”
مرحوم نور الدين صديقي، ميمبر سنڌ سروس ڪميشن جي والد بزرگوار، مخدوم انور پاٽائيءَ، “بلبل” بابت هڪ مضمون ۾ لکيو آهي:
“جيئن ناليري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن، پنهنجن ناولن ۾ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجيءَ قوم ۾ هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو، تيئن “بلبل” جي ظرافتي مقالن ۽ تصنيفن جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو، سو قوم کي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي. (2)
تصنيفات: مرحوم “بلبل” سنڌي نثر ۾ جيڪي ڪتاب لکيا آهن، انهن مان ڪي هي آهن: (الف) قلندر جو ميلو، (ب) تيرهن ڄار مڪرن جا مار، (ٻ) بهار عشق، (پ) آئينه تجارت (ت) جهٽ سوال پٽ جواب، (ٿ) حل تجربات يعني شمس اللغات (ٽ) ظريف الدوله ڀاڱو 1 ۽ 2، (ٺ) گلزار لطائف ڀاڱو 1 ۽ 2 ، (ث) بخت بازي، (د) ڪارو نيشن ڪپ، (ڦ) عقل ۽ تهذيب، (ح) قرض جا مرض ۽ ان جا علاج (چ) مد پند سود مند، (جهه) مسلمانِ سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار، (ڄ) انگريز ۽ مسلمان، (ڄ) مسلمان ۽ تعليم، (ڇ) حرزالبنياد شرح قانون وقف علي الاولاد، (م) جام جم.
1. قلندر جو ميلو: هن ڪتاب ۾ مرحوم “بلبل” لعل شهباز قلندر جي ميلي جي هر هڪ تماشي جو نقشو چٽيو آهي. ميلي ۾ ماڻهن جي شغلن نانواين ۽ حلواين جي دوڪانن جا منظر چٽيا اٿس.
عبارت ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ چڱي حيثيت ٿو رکي، مقفيٰ نثر ڪم آڻي، هن قسم جي عبارت وارن ڪتابن ۾ بيش بها اضافو ڪيو اٿس.
سنڌي نثر ۾ ظرافت جو موجد به “بلبل” مرحوم ئي هو. سندس انداز بيان ۽ طرز تحرير “بلبل” مرحوم کي هميشه زنده رکندي. زبان جي پختگي ۽ حسن ادائگيءَ لاءِ هيٺيون مثال ڪافي آهي:
“هر سال فرح فال، شعبان شهر، ميمنت بحر، سيوستان، عشق بستان، عالم آشڪار، شهره آفاق ميلو حضرت مخدوم قلندر بادشاهه لعل شهباز، بلند پرواز، عليه الرحمة جو، مقرر ميعاد، فرصت سواد، ارڙهين تاريخ کان، مثلث نوتبن جي بدولت، نهايت هجوم، نهايت ڌوم سان وقوع ۾ اچي ٿو، جتي بيشمار، هزار اشخاص، عام ۽ خاص، هر اطراف، هم رڪاب ۽ مڙني اوصاف عالم جا موجود بلڪه شاهد ۽ مشهود ٿين ٿا.”
مقابلي ۾ ماڻهن جا قسم: “پير فقير امير نواب، چڱا مٺا غريب ڪساب، ذرڙا زميندار، چور چڪار، ڪڙا ڪامورا، رئيس سردار، بازيگر رانديگر، نامي ملهه، جوڳي ٺوڳي دلبائي دل، لنگها ڏوم ڀٽ دلال، کدڙا پانڊي، ڪڃريون قوال، ٽاٽر ٽوٽر آڪڙباز، ڳنڍيڇوڙ جواباز، غرض ته هر هڪ ملڪ جا هر انسان، هر سوداگر هر سامان، هر جنس هر حيوان، هر ساز هر باز، هر حسين، هر ناز اچي گڏ ٿين ٿا.”
2. تيرهن ڄار مڪرن جا مار: هي ڪتاب ظريفانه انداز ۾ قوم جي اصلاح لاءِ لکيو هئائين، جنهن ۾ پيرن، فقيرن سرڪاري عملدارن تي آزاديءَ ۽ بيباڪيءَ سان تنقيد ڪئي اٿن.
عبارت ۽ ٻولي: هن ڪتاب ۾ جيتوڻيڪ ظرافتي رنگ آهي پر اصليت ۽ حقيقت نگاريءَ جي ڪري هر ڪنهن کي وڻي ٿو. زبان فارسي آميز لفظن واري آهي. هيٺ ڪي مثال ڏجن ٿا.
(الف) پيرن فقيرن جو ڄار: بسم الله هادي! بابا اسين پير فقير، چم چير بوسا گير، آزاد آدمي، خدا کان سواءِ نه ڪنهن سان غرض نه واسطو، پير فقير جي قدمن تان قربان وڃان. جاتي وڃن اتي هر نعمت، ٻوڙ پلاءُ، داڻو گاهه، ڀنگ تماڪ، دلا ڌڪڙ، ناچ راڳ، رن روڳڙي، سڀ مٿو ٽيڪي، مٺ مروڙا ڏين، خواهه ساڻ بيهن، ته به پير فقير جي ذات بي عيب ۽ غني مريد رڳو هن درگاهه تخت اشتباهه تان چڳ وڍائي ۽ ٻارهين مهيني دعوت ۽ روڪ ٺوڪ کائي، پوءِ بيپرواهه بڻيو وتي. خدا کي ڪا عملن جي ڪاڻ ڪانهي، پير فقير راضي، ته ڪوهه ڪندو قاضي. پير فقير جي هٿ ۾ ايمان ۽ بهشت جي چٺي آهي. پير فقير جي منڪر کي قبر جاءِ نه ڏئي.”
(ب) پوليس جو ڄار: اها ها ها! پوليس جي نوڪريءَ سان ڪهڙي ريس. جمعي اڳيان خميس، لائي بيس ته پائي تيس. هلڪي سلڪي، اوچي نيچي، ذات ڪذات، سڀ انهيءَ پوليس ۾ ڀرتي. سئي لڌائين ته ٿيو سوار، کنڀ مان ڪانوَ جوڙيائين ته جمعدار. اتاهون اڳتي تڙيو ته ٿاڻيدار. پوءِ اڇي ڪاري جو اختيار مختيار، پورو پورو عملدار، ڪانسٽيبل ته گربه مسڪين. منشي صاحب، گرگ درنده، جمعدار، فيل مست، صوبيدار ته شير غران. سندن اختيارات اهڙا وسيع جو ڪنهن جي عزت لاهڻ لاءِ ڪانسٽيبل به ڪافي وافي. پوءِ جي مٺ گرم ته منشي شافي، نه ته سڌو صافي. جي جاءِ تي ڀاڳئي جو گهر ڀڳو، ته پوليس جو گهر اڏيو.”
- ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل: “بلبل سنڌ” آزاد بوڪ ڊيپو حيدرآباد، 1951ع ص 12.
- ڏسو مخدوم انور پاٽائيءَ جو مقالو: آفتاب اخبار، 25 اپريل، 1908ع.
مرحوم شمس الدين بلبل هڪ مفڪر جي حيثيت ۾
حاجي محمود خادم مرحوم
مفڪر جي معنيٰ جي هر ڪنهن کي خبر آهي، پر هڪ اعلي مفڪر جو معيار ڇا هئڻ گهرجي؟ تنهن بابت ڪجهه چوڻ گهران ٿو.
ڄاڻڻ گهرجي ته هڪڙا مفڪر اهي آهن، جي حڪمت ۽ فلسفي جا دقيق ۽ عميق مسئلا ۽ نت نوان نظريه پيش ڪن ٿا جهڙي طرح بو علي سينا، امام غزالي يا ڪانٽ.
پيا اهي آهن، جن جذبات ۽ مشاهدات جا نادر شهپارا فن جي رنگ ڍنگ ۾ پيش ڪيا، مگر اها ڪوشش يا ڪاوش ڪانه ڪيائون ته عوام تي ڪو خاص اثر پوي يا ماڻهو ان کي سمجهن. هنن جو فڪر خالص فن خاطر هوندو آهي.
ٽيون گروهه انهن مفڪرن جو آهي، جن فن کي غرض يا غايت يا انتها نٿا ڄاڻن، پر انهن کي انساني حياتي جي سنوار ۽ سٺائي خاطر ڪتب آڻن ٿا. هن قسم جا استادِ، فن گويا عملي ۽ اصلاحي پهلو رکندڙ ٿيندا آهن.
شاعرن جو سرتاج ۽ صوفين جو صوفي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمت ۽ شيڪسپيئر هن قسم جي مفڪرن جا عمدا مثال آهن.
اهڙي طرح بلبل مرحوم به هن معيار جي مفڪرن مان هو. سندس نشان، امتياز هي آهي ته هن جي فن جو اثر ان وقت جي سوسائٽيءَ تي نهايت عمدو پيو ۽ عوام جي اخلاق جي اصلاح ۾ نهايت ڪامياب ٿيو. انهيءَ ڪري هن پاڻ کي ملڪ جو مفڪر ۽ شاعر ثابت ڪيو ۽ قوم ۾ نهايت خوشگوار انقلاب آڻڻ جو باعث بڻيو.
منهنجي خيال موجب هڪ اعليٰ مفڪر کي پرکڻ جون ٽي نشانيون آهن: هڪ ته هن ڪا جدت آفريني ڪئي هجي، ٻيو ته هن سوسائٽيءَ ۾ نئون روح ڦوڪيو هجي ۽ نوان جذبا پيدا ڪري نيڪ اثر وڌو هجي ۽ ٽيون ته هن ۾ پيشن گوئي جو مادو هجي ۽ قوم خواه وقت جو پورو پورو نبض شناس ثابت ٿيو هجي.
هنن ٽنهي پرکائن ۾ بلبل مرحوم بالڪل پورو لهي ٿو، ان جي ثابتيءَ لاءِ آءٌ مرحوم عبدالله صاحب بسمل ٽکڙائي جا ڪجهه ويچارا بلبل مرحوم متعلق پيش ڪيان ٿو. فرمايو اٿس:
سنڌيءَ ۾ هو پهريون شاعر آهي، جنهن ظرافتي نظم لکيو. هو پهريون اديب آهي جنهن ظرافت ۾ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي.
هو پهريون ماهر تعليم آهي، جنهن ظريفانه ڪلام جي زور تي سنڌي مسلمانن کي انگريزي علم ڏي راغب ڪيو. هو پهريون ريفارمر آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو.
هو پهريون سياستدان آهي، جنهن ظرافت جي رستي حڪومت جي رشتخور آفيسرن، علماءِ ڪرام ۽ پيران عظام جي مخرب ڪاررواين تي تنقيد ڪئي.
هو پهريون شاعر آهي، جنهن ظرافت جي رنگ ۾ ڪريما سعدي تي تضمين لکي قوم جي اصلاح ڪئي.
هو پهريون اديب آهي جنهن موجوده سليس نثر نويسي جو رنگ پيدا ڪيو جو خاص طرح اخباري دنيا ۾ بالڪل ڪارائتو ثابت ٿيو.
هن پوئين راءِ ۾ بسمل مرحوم سان حضرت مخلص مرحوم به شامل آهي جو بلبل جي وفات تي پنهنجي رسالي “ڪشڪول” ۾ افسوس ڪندي هڪ هنڌ لکيو اٿس ته بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو ۽ پهريون شخص هو، جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ هو ئي هڪ صحافي هيو، جنهن پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس، پراثر ۽ رنگين مضمون نويسي جو سڪو ڄمايو.
ان وقت جو عالم فاضل مخدوم محمد انور صاحب پاٽائي لکي ٿو: “جيترو مون تجربو ڪيو آهي ته ائين پئي معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن به بد ڪم کان روڪڻ ۽ قوم کي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين اسپيچن، تحريرن ۽ تصنيفن به اهڙو اثر پيدا نه ڪيو آهي، جهڙو مسٽر بلبل جي ظريفانه طرز قوم کي شرمسار ڪري پراثر بنايو آهي.”
“ديوان نظامي” ۾ سنڌي شاعريءَ تي تبصرو لکندي مون اڳيئي ڄاڻايو آهي ته سنڌي شاعري جو جديد دؤر بلبل مرحوم کان شروع ٿئي ٿو. آءٌ وڌيڪ چوندس ته صحيح معنيٰ ۾ قومي شاعري به بلبل مرحوم شروع ڪئي. جنهن لاءِ هن هيٺيان پنج طريقا استعمال ڪيا:
بلبل قصيدي کي قاآني جي منزل تائين پهچائي ان کان هر طرح نهايت مفيد قومي ڪم ورتا.
توحيد، رسالت ۽ ٻين اسلامي ۽ اخلاقي موضوعن تي شاعري ڪري ايمان، اسلامي تهذيب ۽ روح کي تازو ڪيائين.
نيچرل شاعري ڪري قوم کي قدرت آشنا ۽ حقيقت پرست بنايائين.
سعدي جي ڪريما کي نئين پيرائي ۾ سنڌي جي چاشني ملائڻ سان محفوظ ڪيائين، جا اڃا ڪيترن کي برزبان ياد آهي.
نوان استعارا، نيون تشبيهون، نيون تمثيلون، نيون ترڪيبون، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت بلاغت جهڙيون خالص فني خوبيون سنڌي ۾ پيدا ڪري ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيائين.
بلبل مرحوم جون اهي ادبي خدمتون مختصر طور پيش ڪرڻ بعد آءٌ هاڻي سندس سياست تي ٿورو ڪجهه ڳالهائيندس.
آءٌ ظاهر ڪري چڪو آهيان ته بلبل مرحوم رڳو اديب يا شاعر ڪونه هو، پر هو سياسي ميدان جو به هڪ سرگرم ڪارڪن، عمدو ليڊر، مفڪر، مدبر ۽ عوام جو دلدادو، مجلسن جو مور ۽ جادو بيان مقرر پڻ هيو.
هن مرحوم حسن علي آفندي سان گڏ پونا ڪميشن ۾ وڃي نهايت جفاڪشي سان انگ اکر ڪڍي تحريڪ هلائي “دکن ايگريڪلچر رليف ايڪٽ” کي سنڌ سان لاڳو ڪرايو.
خاندانن جي ملڪيتن بچائڻ لاءِ قائد اعظم جي پيش ڪيل مسودي جو فائدو وٺي سنڌ لاءِ وقف علي الاولاد جهڙو مفيد قانون پاس ڪرايائين.
سال 1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي تڏهن سنڌي مسلمانن جي تعليم لاءِ هڪ ٺهراءُ پيش ڪري پاس ڪرايائين ۽ فارسي کي نصاب ۾ داخل ڪرڻ جي رٿ جي تائيد خود وقار الملڪ صاحب ڪئي هئي.
“مسلمان ۽ تعليم” نالي ڪتاب ڇاپرائي شايع ڪيائين.
پنهنجي ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول برپا ڪيائين جو پوءِ وڌي هاءِ اسڪول ٿيو.
بلبل مرحوم پهريون ملي جذبي وارو شخص هو، جنهن ترڪيءَ جي جنگ يا جنگ بلقان دوران هلال احمر جي تحريڪ کي سنڌ جي سر زمين تي آندو ۽ زور وٺايو. ائني بيسنت جڏهن هندستانين کي مذهبي رنگ ۾ ڀنڀلائي انگريزي حڪومت جي ڄار ۾ اڻ سڌي طرح وڌيڪ مضبوط جڪڙڻ جو ڍونگ رچايو ۽ هوم رول جي تحريڪ جاري ڪئي، تڏهن بلبل مرحوم هوم رولي چال جي اصليت کي پروڙي ان جي خلاف زوردار تحرڪ هلايو ۽ مسلمانن کي خبردار ڪيو ته هو هن جي پيچ ۾ نه اچن.
اهڙي طرح مسلمانن لاءِ جدا قوميت جي صدا بلند ڪرڻ وارو پهريون مفڪر بلبل مرحوم هو.
پنهنجي ڪتاب “جام -جم” جي صفحي 56 تي لکي ٿو: “خدا کي دانهن آهي ته مسلمانن جي حال تي ڪو رحم ڪري! ان جو اهو مطلب نه آهي ته مسلمان اصل پوليٽيڪل ميدان تي نه اچن، ماٺ ڪري سمهي پون، نه نه، بيشڪ هو واسطو رکن ۽ شدمد سان حصو وٺن، مگر جداگانه پنهنجا قومي مذهبي ملڪي حق گهرن، غلامي کان آزادي جا پهه پچائين. اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي.”
پاڪستان لاءِ گويا هيءَ پهرين صدا هئي. ان وقت جا مسلم ليڊر رڳو چند سڌارن ملڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا، تڏهن بلبل مرحوم جداگانه قوميت جو آواز بلند ڪيو.
غرض ته بلبل مرحوم جي سياسي تحرڪ جو نيڪ نتيجو هي نڪتو جو به نسبت ٻين قومن جي مسلمانن تي نه ائني بيسنت جو ٿيا سافيڪل رنگ چڙهيو ۽ نه مغربي فيشن يا ان جي پالتو نيچري جو اثر ٿي سگهيو ۽ نه مهاسڀائي هوم رول چال ڪامياب ٿي. مسلمانن انگريزي تعليم کي ورتو، پر مغربي ذهنيت کان به خوب خبردار ٿي ويا ۽ ان جي وڪڙ ۾ نه آيا ۽ پنهنجون پراڻيون روايتون قائم رکي سگهيا.
بلبل پهريون شخص هو، جنهن پاڪستان جو عملي طرح پهريون قدم کنيو يعني تعليم يافته مسلمانن کي سنڌ ۾ تمام ندارد ڄاڻي هن ان اصول جي پرزور تائيد ڪئي ته پنجاب جا اعليٰ تعليم يافته مسلمان سنڌ ۾ آڻي هندن جي غلبي کي روڪجي ۽ صوبائي حدن کي اسلام ۽ اخوت خاطر ٽوڙي سنڌ ۽ پنجاب کي ملائي ڇڏيائين. سندس نيڪ ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو پنجاپين جو اهو تعليم يافتو گروهه سنڌ ۾ آيو، جن سنڌ ۽ سنڌين جي خوب خدمت بجا آندي. انهن مان مولانا ضياءَ الدين احمد صاحب، سيد محمد شاهه، طفيل احمد خان، نور نبي خان محمد اسماعيل خان، سيد الطاف حسين خان صاحب همدم ۽ ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب صديقي جهڙا ٻيا ڪيترا عمدا عملدار هئا.
بلبل مرحوم پنهنجي دوست حسن علي خان آفندي واري مرض “ٻلي” ۾ مبتلا ٿي تاريخ 13 سيپٽمبر 1919ع تي هن دارالفنا کان جدا ٿي ويو، تڏهن پويان لفظ جي سندس وات مان نڪتا سي، هي هئا. “هندن جا بجڪا ڌار ڪيو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪيو.” شايد پاڪستان جي هيءَ پيشنگوئي هئي.
(10 اپريل 1951ع تي ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيل)
رئيس شمس الدين بلبل مرحوم
پير علي محمد راشدي
سنڌ جي علم ادب يا لٽريچر تي دادو ضلعي جا وڏا احسان آهن. اهڙي موقعي تي جڏهن سنڌ جي نئين تاريخ پئي ٺهي، دادو ضلعي ٽي ماڻهو سنڌ کي ڏنا، جن مان هر هڪ پنهنجي لائين ۾ يگانو هو.
- صحافت ۽ لٽريچر ۾ رئيس شمس الدين بلبل (ميهڙ)
- ادب ۽ تاريخ ۾ علامه دائود پوٽو (ٽلٽي)
- فلسفه، تصوف ۽ متفرق علوم ۾ علامه آءِ.آءِ قاضي (پاٽ)
اهي ٽي ماڻهو اهي هئا، جن نئين سنڌ ۾ پنهنجي علمي ڪمالات سان ذهني انقلاب آندو ۽ ان انقلاب جي خود قيادت ڪيائون. هر هڪ جو ذڪر پنهنجيءَ جاءِ تي ايندو، هت فقط بلبل مرحوم بابت مان پنهنجا تاثرات پيش ڪريان ٿو.
مون مرحوم کي اکين سان ڪونه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساريءَ سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جوءِ ۾ ٻيا به گهڻائي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا، پر بلبل جو مٽ ڪونه هو. صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌبا هئا: لاڙ ۾ محمد هاشم “مخلص” ۽ اتر ۾ شمس الدين “بلبل”. ٻئي اخبار نويس هئا، ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط هيءُ هو ته مخلص جي تحرير قدري اگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوڻي. مخلص جو زور وقتي مسئلن تي هوندو هو، بلبل کي قوم جي مستقبل جو به خيال رهندو هو، تنهنڪري سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي. هِجو ۽ مذاق ٻنهي جي تحرير جو خاصو هوندي هئي ۽ ماڻهو ٻنهي جي تحرير پڙهڻ لاءِ آتا هوندا هئا. البته هجو گوئي ۾ مخلص جي قلم جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو ۽ برعڪس ان جي بلبل اڪبر الهه آباديءَ جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو.
سندن دور جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ هو ته انگريزن جي پيرن پختي ٿي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو هو، جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جيئن سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان به آجو رکجي (جيئن سنڌيت جا قديمي رنگ نه ميسارجن) ۽ ساڳئي وقت نئين حالتن پٽاندڙ زماني سازيءَ کان به ڪم وٺبو رهجي. انهيءَ اصول جي بنيادتي بلبل مرحوم هڪ طرف ته سنڌ مدرسي جي پايي وجهندڙ مرحوم حسن علي آفنديءَ جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي تحرير ۽ ڪلام جي ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون بيان ڪندي سنڌين کي پنهنجن قديمي تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪيندو رهيو. اهو هڪ قسم جو وڏو تهذيبي جهاد هو، جنهن جو مقصد هو ته نون تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکيو اچجي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻي حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر رهيا، تنهنڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بنهه لڙهي وڃڻ کان بچي ويا. ثبوت هيءُ آهي ته ان زماني ۾ اسان جي ماڻهن تي مغربي تهذيب جو ايترو اثر ڪونه هو، جيترو آزاديءَ کان پوءِ اسان ڏسي رهيا آهيون. انهن ڏينهن ۾ نه ايتريون پتلونون نظر اينديون هيون نه ايتريقدر بي پردگي ۽ نه مغربي طرز زندگيءَ سان اهڙي وابستگي.
مرحوم ساري زندگي ٻين ڪمن سان گڏ اخبار نويسي به ڪندو رهيو. 1889ع کان 1919ع تائين (جنهن سال پاڻ وفات ڪيائين) ڪنهن نه ڪنهن اخبار سان وابسته رهي پنهنجي خيالات جي اشاعت ڪندو رهيو. سندس مضامين نجو لٽريچر هوندا هئا. اهڙي طرز نگارش ورلي وري ڪنهن سنڌيءَ جي حصي ۾ آئي. اخباري مضمونن کان سواءِ نظم توڙي نثر ۾ ڪيئي ڪتاب به لکي ڇڏيائين. مثلاً: (1) نيچرل ڪريما، (2) ديوان بلبل سنڌي، (3) بهار عشق، (4) رحيما، (5) تيرنهن ڄار، (6) مسلمان ۽ تعليم، (7) عقل ۽ تهذيب، (8) قرض جو مرض، (9) صد پند سود مند، (10) شمس المڪاتيب، (11) احسن التواريخ، (12)ديوان بلبل فارسي، (13) بهارستان بلبل، (14) آئينه ظرافت، (15) گنج معرفت، (16) ديني ڪتابن جو سلسلو.
مطلب ته بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو، سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو هو. ڪو ڏينهن ايندو، جڏهن ستل سنڌ ڪر ڀڃي اٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان لاهيندي ته ميهڙ جو بي معنيٰ ۽ ڪوجهو نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکندي.
مرحوم شمس الدين ؒ بلبل جا ادبي اوليات
حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائي
مرحوم بلبل اهڙي زماني ۾ نشو و نما پاتي هئي، جنهن ۾ سنڌي شاعري، توڻي نثر نويسي، مطلب ته سمورو سنڌي علم و ادب پراڻي نموني جو هلندڙ هو. سنڌي نثر جو ڪنهن نامعلوم وقت کان وٺي مقفيٰ نمونو ٿي هليو پي آيو، جنهن کي به اڄ ڪلهه نظم ليکيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ نثر آهي جو ٻيو روپ وٺي سچي پچي مقفيٰ نموني ۾ ظاهر ٿيو، جنهن جو پڌرو مثال ڪتاب “گل خندان” مرحوم آخوند لطف الله جو جوڙيل ۽ مرحوم قاضي هدايت الله مشتاق جو ڪتاب “هدايت الانشا” ۽ ٻيون تصنيفون آهن. بلبل مرحوم پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر نويسي جي طرز ايجاد ڪئي. در حقيقت مرحوم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب به هن طرز ۾ مرحوم بلبل جو ئي مقلد آهي. البت ڪٿي ڪٿي مرحوم بلبل مقفيٰ عبارت ڏي به لاڙو ڪيو آهي. جهڙو قلندري ميلي جو ڳچ ڀاڱو مقفيٰ آهي، پر سندس ايڊيٽري ۾ جيڪي اخبارون شايع ٿيون، انهن ۾ سندس پرزور، فصيح ۽ بليغ نثر نويسي جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي به پرزور اخبار نويس ٿي گذريا آهن جهڙوڪ مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر مسافر يا مرحوم شيخ محمد سليمان يا مرحوم مخلص سي سڀيئي بلبل مرحوم جا مقلد ۽ خوشه چين آهن.
ظريفانه شاعري: هن ڳالهه کان هرگز انڪار ڪري نٿو سگهجي ته سنڌ ۾ ظريفانه شاعري جو پهريون پهريون موجد بلبل مرحوم آهي، هن جو مخترع دماغ قومي اصلاح بابت ڏاڍي جرئت ۽ طاقت سان عجيب عجيب مضمون پيدا ڪرڻ لڳو. مسلمانن ۾ هڪ طرف انگريزي تعليم جي برخلاف سخت نفرت پيدا ٿيل هئي ۽ ٻئي طرف يورپ وارن جي انڌي تقليد مسلمانن جي ثاني طبيعت ٿي چڪي هئي. بلبل مرحوم ٻنهي خرابين جي برخلاف زور شور سان قلمي جهاد شروع ڪيو، پر اهڙي ظريفانه رنگ ۾ وڙهيو، جو سندس هر هڪ جملو يا هر هڪ مصرع دل ۾ جاءِ ڪري ٿي ويئي ۽ ڪنهن کي به ضد ۽ چڙ نٿي ٿي ان جو ٿورو تفصيل هن ريت معلوم ڪرڻ گهرجي.
شراب نوشيءَ خلاف بلبل مرحوم مسلمانن کي هن طرح سٽيو:
پيارج ڪو اڄ بيئر وسڪي جو پا
ڪريما به بخشا ئي بر حال ما
مسلمانن جي غفلت ۽ سستي جهڙي طرح کين دنيا ۾ بي وقار بنايو. اهڙي طرح دين کان به غافل رکيو ان بابت فرمائي ٿو:
نمازون نه پڙهه ساڻ مخرج ۽ مد
ڪزو ننگ دنيا و عقبيٰ بود
ملان هي جي موڙها ۽ سوڙها وتن
ڪه دولت به طاعت توان يافتن
مگر قاعدو ڪرمنل بي گمان
ڪشايد در دولت جاودان
يورپ جي تقليد ۾ رڱجي مسلمان اسلامي احڪام کان بي پرواهي ڏيکاري رهيا هئا. انهن کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
ڪتي پستڙي کي تون ڪج ڪور ڪور
نباشي ز گلزار فردوس دور
تون پيشاب پنهنجي کي هلندي ۾ هار
ڪه جنت بود جائي پرهيزگار
پئين ڇو نه تون شوق دل سان شراب
مڪن خانهئ زندگاني خراب
مغرب زده مسلمان بابت فرمائي ٿو:
ما مقيمان ک کوئي دلداريم
صورت بوز نه به رفتاريم
اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو جو انگلش کان
اوفتاده جداز گلزاريم
هاءِ هاءِ اي مس ولايت پاڪ
اي زبهر تو عالم نمناڪ
ڪريما نيچرل ۽ مامقيما نيچرل سڄي انهيءَ ناصحانه ۽ ظريفانه رنگ سان ڀريل آهي. ان جو مطالعو ڪبو ته بلبل مرحوم جي خدا داد قابليت ۽ شاعرانه قوت جو پورو پورو ثبوت ملي سگهندو ۽ واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀئي ظريف شاعر ويندي مخلص تائين بلبل مرحوم جا متبع ۽ خوشه چين آهن.
تضمين: هن فن ۾ بلبل مرحوم پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪوبه ساڻس همدوش ٿي نه ٿو سگهي. مثلاً:
وڃي هڪ شاپ تي ويهي برانڊيءَ کي ڪيو هاها
الا يا ايها الساقي ادرڪلسا و ناولها
آهن ڪوڙا رڳا قاضي وتن ٿا برهمن تبليا
کجا دا نند حال ما سبڪساران سا حلها
وجهي وارن ۾ وانگوڙا هلي ٿي مس جڏهن بلبل
زتاب جعد مشڪينش چه خون افتاد درد لها
..... .....
سانجهي صبح جو چاڙهج ڀنگ جو ڀري پيالو
تابرتو عرض دارو احوال ملڪ دارا
پٽڪو ڳچيءَ ۾ پاتل جي گهلبو ڏسين تون
اي شيخ پاڪدامن معذور دار مارا
..... .....
گهرجي شائق کي هڪ پيالو شراب
الصبوح الصبوح يا احباب
هڪ پري چهره پڻ هجي همدم
المدام المدام يا احباب
ظريفانه رنگ ۾ مرحوم بلبل جو سنڌي نثر خواهه نظم ۾ ڪوئي ثاني نه آهي، تيرهن ڄار مڪرن جا مار توڙي چمن قربان جان وغيره ظريفانه رسالا ۽ اخبار آفتاب سنڌ سکر جا پرچا پڙهي ڏسو. ڪريما جو تضمين توڙي مامقيما جو تضمين اسان جي دعويٰ جو پڌرو ثبوت آهن.
زبان جي صفائي ۽ فصاحت ۽ بلاغت ۽ اداءِ مطلب ۾ بلبل مرحوم جو مٽ ڪو ورلي پيدا ٿيندو. البت ڪلام جي موزونيت جو گهڻو خيال نه رکيو اٿس، جو ان وقت جي هر شاعر ۾ اها ڪمزوري نظر آئي ٿي. شاعري ۾ حقيقت جو نقشو ڪڍي ڏيکارڻ ڪنهن فطرتي شاعر جو ڪم آهي. بلبل مرحوم جي اها نقش طرازي ڏسو. هو نئين فيشن جي دلداده ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي چال چلت جو نقشو ڪڍي ٿو.
جينٽلمين مسين جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر ڏوڙا سوڙانچ وي باندر نچ وي باندر، تاڪِ ڌنا ڌن تاڪ ڌناڪرڪيٽ بال ۾ مرد زنانا، ڊوڙن ڊڪن تال تراناهري هري ها ها هر هر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌناچمچا ڪانٽا کٽ پٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي تڙ تڙشاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شر شر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا
هي پوئين مصرعه اهڙي روان ۽ فصيح آهي جنهن تان ڪيترن مزاحيه شاعرن جو ڪلام گهوري ڇڏجي.
انصاف شيوه اينست که بالائي طامت ست
ظرافتي نثر نويسي جي ايجاد به سنڌ ۾ پهريائين بلبل مرحوم ڪئي پر ان ۾ سندس خاص قابليت هي آهي جو مخاطب ڪڏهن به پاڻ ڏي محسوس نه ڪندو بلڪه کلي ڏيندو ۽ سمجهندو ته مخاطب ڪو ٻيو آهي.
سنڌ جو قابلِ فخر فرزند
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم صاحب خليل
“ملن واعظن ڏي وڃڻ ڪيم وار، “آهن ڪوڙا رڳا قاضي وتن ٿا برهمن بتليا، “ملان هي جي موڙها ۽ سوڙها وتن، “ٿئي ڪنهن جي چوڻ سان ڪين ٿو بدنيڪ پوءِ قاضي، | مکن صحبتِ جاهلان اختيار” اجايو بحث تن سان انگريزي دان ڪيو ڇو ٿا” که دولت بطاعت توان يافتن” ڀلي ڪوٺين ڪاوڙ مون رڳو ڪافر ته ڇا ٿي پيو” |
شمس الدين بلبل
مرزا اجمل بيگ صاحب
(يوم بلبل جي موقعي لاءِ سندس لکيل صدارتي تقرير)
(تاريخ 18 مئي 1963ع)
السلام عليڪم!
حضرات! آءٌ “محفل احسن ادب دادو” جي جملي ڪارڪنن جو خصوصاً ۽ انهن علم دوست ۽ ادبي سوزش رکندڙ صاحبن جو عموماًشڪريو ادا ٿو ڪريان، جن مون جهڙي هيچمدان ۽ ڪزمز زبان، عزلت گزين ۽ گوشه نشين جي عزت افزائي ۽ قدرداني فرمائي، بازن کان ڇڪي آڻي هن ميدان ۾ بيهاريو ۽ اوهان جهڙن بزرگ، اديبن، شاعرن ۽ سنڌي علم و ادب سان دلي محبت رکندڙ اصحابن سان مخاطب ٿيڻ جو موقعو عطا فرمايو. نه فقط ايترو پر سنڌ جي مشهور ۽ معروف شاعر ۽ اديب، صحافي ۽ مقرر، شاعرِ انقلاب جناب رئيس شمس الدين صاحب بلبل مرحوم و مغفور جن جهڙي زبردست شخصيت جي يادگار هن منعقد ڪيل محفل جي صدارت جو شرف پڻ مون حقير کي بخشيو، حالانڪه خود اوهان صاحبن جي ئي هن شهر ۾ جو قديم وقت کان علم و ادب ۽ ثقافت جو مرڪز رهندو پئي آيو آهي، الحمدلله اهڙيون بزرگ ۽ برگزيده هستيون موجود آهن، جي ههڙين ادبي محفلن جي صدارت جي اهم فرائض ۽ جوابدارين کان نهايت ڪاميابيءَ سان عهده برآ ٿي سگهن ها ۽ بهر صورت اهي صدارت جي ڪرسيءَ لاءِ وڌيڪ لائق ۽ موزون آهن.
بهرحال - اَلاَمر فَوق الاَدَب جي مصداق انهن بزرگن جي ارشاد عاليءَ جي آڏو مون کي سرِ تسليم خم ڪرڻو پيو.
حضرات! مون کي ايترو وقت نه ڏنو ويو جيئن آءٌ هن موقعي تي اوهان صاحبن جي اڳيان مڪمل طرح، خصوصاً پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، سنڌي ادب جي مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار ۽ انهيءَ عرصي ۾ جيڪي نوان اديب ۽ نوان شاعر، نوان صحافي ۽ نوان نقاد سنڌ ۾ پيدا ٿيا آهن، انهن جي تخليقن جو جائزو پيش ڪري سگهان هان. سنڌ جي موجوده اخبارن ۽ رسالن، نون شاعرن ۽ اديبن، ريڊيو پاڪستان جي سنڌي سيڪشن،نون سنڌي درسي ڪتابن، اسڪولن ۽ ڪاليجن، اولهه پاڪستان جي تعليم کاتي ۽ ٻين ڪن ادبي ادارن جي ذريعي، جنهن نموني ۽ جنهن طريقي سان، مثالن ۽ دليلن سميت اوهان جي آڏو پيش ڪري سگهان ۽ اوهان کي هوند واضح لفظن ۾ ٻڌايان ته اسان کي ائين وسهڻ جو هر ڪو حق ٿو پهچي ته ڪا نه ڪا ڳجهي ۽ ڌاري طاقت، سنڌي زبان کي نتيجتاً سنڌي قوم کي ختم ڪرڻ جي در پئي آهي.
موجوده وقت ۾ ڪن ناعاقبت انديش نوجوانن جي طرفان، جيڪو سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ بدتميزيءَ جو طوفان اٿاريو ويو آهي، سو جيڪڏهن انهيءَ ئي رفتار سان جاري رهڻ ڏنو ويو ته يقين ڄاڻو، اسان جي سنڌي زبان جي سر سبز ۽ گهاٽي درخت جون پاڙون، جيڪي اسان جي وڏڙن پنهنجين نيڪ ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن سان پاتال ۾ کوڙي ڇڏيون آهن، انهن کي لوڏي لوڏي نيٺ اکوڙي ڪڍندا.
مون کي هاڻي ڪجهه انهن صاحبن جي باري ۾ چوڻو آهي جن کي الله پاڪ موزون طبع ته بڻايو پر هو ڌوڪو کائي، پاڻ تي هڪ عدد تخلص رکي، پاڻکي شاعر سمجهڻ لڳن ٿا. هنن ويچارن کي اهو سماءُ ئي ڪونه ٿو پوي ته هر ڪو شاعر، موزون طبع ٿئي ٿو پر هر ڪو موزون طبع ماڻهو شاعر بڻجي نٿو ٿي سگهي. اسان جي سنڌ ۾ اهڙا به ڪيئي ماڻهو موجود آهن جن کي الله پاڪ، شعر شاعريءَ جي لاءِ پيدا نه ڪيو آهي، پر کين قدرت کان موزون طبع بخشي ويئي آهي، انهيءَ لاءِ ته جيڪي سچ پچ شاعر خلقيا ويا آهن، انهن جي شعر جو اثر، انهن موزون طبع رکندڙ ماڻهن تي پئجي سگهي ۽ شاعري جي شعر جا مصائب ۽ محاسن آسانيءَ سان پرکي سگهن.
جڏهن اهڙا موزون طبع ماڻهو، هڪ عدد تخلص پاڻ تي رکي تڪبندي ڪن ٿا تڏهن عوام جي لاءِ شاعر ۽ متشاعر کي سڃاڻڻ هڪ ناممڪن ڳالهه ٿيو پوي.
حقيقت ۾ اها طبع جي موزوني، هڪ اهڙو زبردست فريب آهي جنهن جي وڪڙ کان ڪوبه بو الهوس آزاد ٿي نٿو سگهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اهڙا گهڻا موزون طبع ماڻهو، انهي ڌوڪي ۾ اچي، پنهنجو پاڻ کي شاعر سمجهڻ لڳن ٿا ۽ ساري ڄمار تڪبندي يا قافيه پيمائي ڪري وقت وڃائين ٿا، ماڻهن کي پنهنجا ڦڪا ڦلوڻا شعر ڳائي ٻڌائين ٿا ۽ داد حاصل ڪن ٿا پر مرندي گهڙيءَ تائين کين اها ڪل ئي ڪانه ٿي پوي ته هو سري کان شاعر ئي ناهن ۽هنن پنهنجو وقت اجايو ضايع ڪري ڇڏيو.
افسوس آهي جو اهڙن موزون طبع رکندڙ ماڻهن ڌوڪي ۾ اچي، پنهنجو پاڻ کي شاعر ڄاڻي، اسان جي شعر جي آب کي ڪِني مڇيءَ وانگي ايتري قدر ته گندو ۽ عفونيت انگيز بنائي وڌو آهي جو اسان جا حقيقي شاعر اهائي دعا گهرندا ٿا رهن ته بار الاهيٰ ! اسان جي درياءِ شاعريءَ جي ڪناري تي شل ٻئي ڪنهن بيدار مغز قوم جو ڪو ناقد قدم نه رکي مبادا اسان جي سنڌي زبان جي شعر و شاعريءَ جا پول پڌرا ٿي پون ۽ اسان کي پنهنجو سر، شرم ۽ حجاب کان هيٺ جهڪائڻو پوي.
خبر نه ٿي پوي ته آخر اسان وٽ شاعريءَ کي ڇا ٿو سمجهيو وڃي؟ ڇا، فقط موزون ڪلام کي شعر چئجي ٿو؟ ڇا صرف قافئي ۽ رديف ملائڻ سان شعر جڙي ٿو؟ ڇا محفلن ۾ اداڪاريءَ سان شعر ڳائي داد حاصل ڪرڻ کي شاعري ٿو چئجي؟ ڇا پاڻ تي هڪ عدد تخلص رکڻ سان ماڻهو شاعر بڻجي ٿو وڃي؟
ڪيتري قدر نه هي ماتم جو مقام آهي ته هن ويهين صديءَ ۾ به ماڻهن کي اهو علم نه آهي ته شاعري دراصل پيغمبري آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه اڳڀرو وڌي ته داوري جي درجي تي پهچيو وڃي.
جاہل کو اگر جہل کا انعام دیا جائے
اس حادثہ وقت کو کیا نام دیا جائے
میخانے کی توہین ہے رندوں کی ہتک بھی
کم ظرف کے ہاتھوں میں اگر جام دیا جائے
حضرات!محفل احسن ادب دادو پنهنجي آئينده جي پروگرام ۾ سنڌ جي چوٽي جي اديبن، شاعرن، فلسفين وغيره جي يادگار ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو شامل ڪيو آهي جا ڳالهه نهايت مستحسن آهي ۽ هڪ زنده قوم ۽ ان جي افرادکي زيب بخشي ٿي. الله پاڪ محفل احسن ادب دادو جي ڪارڪنن ۽ سنڌ جي ٻين به اهڙن ادبي ادارن کي شل اها توفيق بخشي جيئن هو پنهنجن وڏن جا ڏينهن شايانِ شان نموني سان ملهائيندا اچن.
اڄ اسان يوم بلبل ملهائڻ لاءِ هتي اچي جمع ٿيا آهيون. سنڌ جي مختلف شاعرن ۽ اديبن، حضرت بلبل مرحوم جي خدمت ۾ نذرانه عقيدت پيش ڪيو ۽ پنهنجي ڄاتي ۽ علم آهر ان جي حياتيءَ جي احوال ۽ ان جي علمي، ادبي، ملي، قومي ۽ ديني خدمتن جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي.
ڪاش ڪه مون کي ايترو وقت ۽ موقعو مهيا ڪيو وڃي ها ته جيئن آءٌ پنهنجي معاشري جي هن جليل القدر شاعر ۽ حڪيم، مفڪر ۽ فلسفي جي ابيات ۽ آثار شعريءَ تي دل کولي داد ڏيان ها ۽ اوهان جي آڏو انهيءَ حقيقت جو اظهار ڪريان ها ته هڪ اديب هڪ شاعر، هڪ مفڪر، هڪ فلسفي، هڪ صحافي، هڪ مصلح جي حيثيت ۾ سنڌ وارن حضرت بلبل مرحوم جو جيڪو مرتبو ۽ مقام معين ۽ مقرر ڪيو آهي. حقيقت ۾ هو ان کان گهڻو گهڻو اعليٰ ۽ ارفع آهي. هن بحر ذخار جي هر مدو جذر، اسان جين هنن مختصر تقريرن، تذڪرن يا بلبل سنڌ نامي ڇپيل ڪتابچي ۾ ڪنهن به صورت ۾ سمائجي نٿي سگهي. بلبل جي ادبيات ۽ آثار شعري کي پرکڻ ۽ ان جي معيار معين ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي اداري ۽ دفتر جي ضرورت آهي.
سيد غلام محمد شاهه گدا مرحوم حيدرآباديءَ سچ چيو آهي ته:
نغمہ سنجانِ چمن ہریک ترنم تازہ کرد
لیک بلبل برد سبقت از ہمہ اندر صغیر
مون پنهنجي هڪ قطعه ۾ انهيءَ حقيقت جو اظهار هيٺين لفظن ۾ ڪيو آهي:
جليل القدر شاعر ڪئين ٿي گذريا سنڌ ۾ آهن
مگر هم پايئه بلبل نه هڪڙو تن منجهان نڪتو
نه ڪنهن جي وصف ڪئي ڪڏهين بغير پنجتن اجمل
مگر تعريف ۾ بلبل جي سو رطب اللسانِ نڪتو
حضرات پاڪستان جي نظرئي پيش ڪرڻ جو سهرو عام طرح سان شاعر مشرق علامه اقبال مرحوم جي سر تي ٻڌايو ويو آهي. ڪاش ڪه هن برصغير جي اهل نظر تي انهيءَ حقيقت جو انڪشاف ٿئي ته اهو سهرو جيڪو علامه اقبال مرحوم جي سر تي ٻڌايو ويو آهي ان جا گل اسان جي سنڌ جي بلبل هزار داستان کان مستعار ورتل آهن، ڇالاءِ جو شاعر انقلاب حضرت بلبل مرحوم گهڻا سال اڳ مسلمانن لاءِ غير قوم جي غلامي کان آزادي، جدا قوميت ۽ جدا ملڪ جو نعرو بلند ڪيو هو. اهڙي ريت پاڪستان جي نظرئي پيش ڪرڻ جو شرف پڻ اسان جي سٻاجهڙي سنڌ جي هڪ اولو العزم شاعر حضرت بلبل مرحوم کي حاصل آهي.
حقيقت ۾ بلبل مرحوم جو شعر ۽ شاعري هڪ عظيم انقلاب جو پيش خيمو آهي. اهو انقلاب جنهن جو نتيجو پاڪستان جي صورت ۾ ظاهر ٿي چڪو. اوهان بلبل مرحوم جو شعر پڙهندا وڃو، اوهان کي سندس شاعري، سنڌ جي جمله متقدمين توڙي متاخرين شعراءَ ڪرام جي شاعري کان هڪ بنهه نرالي رنگ ۽ انوکي ڍنگ ۾ نظر ايندي. سندس شاعري ۾ اسلامي، ديني، ملڪي، ملي، مشرقي غيرت ۽ حميت جو جذبو هر هنڌ ڪار فرما نظر ايندو. هن عظيم الشان شاعر ۽ مفڪر جي دل خالص ديني ۽ قومي درد سان دميل نظر ايندي. هو ملڪِ سخن جو اهو سلطان هو، جنهن وٽ الفاطن جا لشڪر، محاورن جون فوجون ۽ خيالات جا بي پناهه خزانا موجود ٿي رهيا. هن پنهنجي لشڪر ۽ خزاني کان اهوئي ڪم پئي ورتو جيڪو ڪنهن زبردست سلطان کي وٺڻ گهرجي، يعني هن پنهنجي ادبيات ۽ ڪلام جي ذريعي پنهنجي پوري قوم کي هڪ زبردست انقلاب لاءِ تيارڪيو. اهو انقلاب مغربيت جي وڌندڙ سيلاب جي خلاف هو. جنهن جا باني مباني ان وقت جا مختيار حاڪم انگريز هئا.
اڪثر تبصره نگارن، بلبل مرحوم تي اهوبهتان مڙهيو آهي ته هُن مسلمانن کي انگريزي علم پڙهڻ جي ترغيب ٿي ڏني، جنهن جي ثبوت ۾ هو، بلبل مرحوم جا هيٺيان ابيات پيش ڪن ٿا:
جي ڀائين ته مولا ٿئي مهربان، ته سک تون انگريزي زبان
جي عزت جهان جي رکو ٽنڊ ٽش، پڙهو انگلش انگلش انگلش
اهو علم توکي ڪري عهده دار، ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ۽ مختيارڪار
بنائي اهو علم حاڪم حريف، رسائي اهو علم لنڊن شريف
وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان ڏنا، ڪين ڪي تو انڌا امتحان
جي بي اي ٿي توکان بعيد ازقياس، ته ميٽرڪيوليشن به ڪيئي نه پاس
ڄڻي توکي مائٽ ته سنبريا نه سک،ملون ٿي تنين کي ڏنئي ڏنجهه ڏک
نه تو ڪا پرائي فضيلت لسان، سکئين ڪينڪي انگريزي زبان
- - - -
علم عربيءَ ۾ ڪيئي عمر اجائي ضايع جي پڙهئين پارسي تان ڪمتر ڪو ٽارٽي هل
اِهي آهن اهي ابيات جن لاءِ ڊاڪٽر خليل صاحب پڻ پنهنجي ڪتاب “بلبل سنڌ” ۾ لکي ٿو ته “مٿي جيڪي بيت مثال طور ڏنا اٿئون تن ۾ انگريزي تعليم جي ترغيب ۽ فائدا ڏيکاريا ويا آهن ۽ مشرقي علم جهڙوڪه علم عربي ۽ فارسي جن سان مسلمانن جي مذهبي الفت آهي ۽ سچ پچ اسلامي علم آهي، تن تي طنز ۽ ٽوڪ، انهن علمن جي مقرر ڪيل نصاب تعليم جي غير موزوني تي آهي، جو واقعي سچ آهي” وري اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب فرمائي ٿو ته “مٿين شعرن ۾ انگريزي علم پڙهڻ تي زور ڏيئي، عربي ۽ فارسيءَ جا نقص ظاهر ڪيا اٿس. بظاهر ڪل اعتراض آهي ته مسلمانن کي مذهبي لٽريچر کان دل برداشته ڪري، غيرن جي ادب ڏي متوجهه ڪري ٿو جنهن ۾ مذهبي ۽ اخلاقي نقصان آهي.”
محترم ڊاڪٽر صاحب جا مٿيان خيالات ۽ انهن جو اقتباس پڙهي سچ پچ ته مون کي وڏي حيرت لڳي “ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ميان الهيار” اهو مفڪر ۽ فلسفي جو ظاهر ظهور مغربيت سان بنرد آزما هجي سو مسلمانن کي انگريزي تعليم جي ترغيب ڏيندو هجي ۽ عربي توڙي پارسي جهڙن ديني علمن تي طنز يا ٽوڪ ڪندو هجي، سو بالڪل ناممڪن ۽ سراسر بهتان آهي.
بلبل مرحوم خالص اسلامي جمهوريت چاهي ٿي، زبان جي باري ۾ هن هيترا سال اڳ پڻ اهي ئي خيال ظاهر ڪيا جيڪي اڄڪلهه هندستان ۾ هندو ۽ پاڪستان ۾ مسلمان پنهنجي پنهنجي مذهبي ۽ ملڪي ٻولي لاءِ ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ انهن ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي پنهنجي عوام کي اهو دلاسو ڏينديون اچن ته رفتا رفتا انگريزي زبان جي جاءِ تي ملڪي ۽ مذهبي ٻوليون ملڪ ۾ رائج ڪيون وينديون. پاڪستان جي حڪومت ته اهو به اعلان ڪيو آهي ته ويهارو کن سالن کانپوءِ انگريزي زبان کي ملڪ جي دفترن مان نيڪالي ڏيئي سگهبي.
جنهن مسئلي تي اڄ کان ويهه سال کن پوءِ ويچار ڪيو ويندو سو. مسئلو بلبل مرحوم پنهنجي دور ۾ حل ڪرڻ چاهيو ٿي. جيڪڏهن بلبل مرحوم انگريزي زبان جي ترغيب ٿي ڏني ۽ عربي توڙي فارسيءَ تي طنز ٿي ڪيو ته پوءِ سندس هيٺين اشعارن جو مطلب ڇا آهي؟
پڙهياسين ته ڇا سڀ اجايا اکر،
لچائي ٺڳي، ڪوڙ، فريب و مڪر
نه عربي علم، نافقه، نااصول
نه ٿي معرفت يا حقيقت حصول
شريعت جو شيوو ڏنو سون ڇڏي
وڌي سون گناهن ۾ غفلت گڏي
نصارن جو کانو، نصارا لباس
ڪٻٽ، ميز، ڪرسي، بتي ۽ گلاس
ڪٿي وعظ ٻڌبو ته ٿيندي بڇان
نه ايندي جميعت،لڇان ۽ پڇان
اها پسند ايندي نه هرگز پسند
چوي دل ڪري شال بڪواس بند
ٻڌڻ ٻانگ سان ٿو هڻي نانگ ڏنگ
وڪوڙي وجهن وسوسا خوب ونگ
اڃا به ڪو صاحب اها تهمت هڻندو ته بلبل مرحوم، مسلمانن کي انگريزي علم ۽ انگريزن جي زيرنگين رهڻ جي تلقين فرمائي آهي.
حضرات! ڪنهن به شاعر جي شعر کي صحيح طريقي سان سمجهڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته هن جو شاعراڻو شعور، ڪهڙين حالتن ۽ ڪهڙن واقعن جي زير اثر رهيو. ان جي ماحول ۽ ان جي عهد يا وقت جون سياسي، ملڪي، معاشرتي حالتون ڪهڙيون هيون؟
بلبل مرحوم جنهن ماحول ۽ جنهن عهد ۾ اک پٽي سو خصوصا مسلم قوم لاءِ نهايت پر خطر ۽ پر آشوب هو. اهو سن 1857ع جو زمانو هو، جو هندستاني مسلمانن کي پيڙهي به پيڙهي ياد رهندو ايندو. انهيءَ زماني جي سياسي يا ملڪي حالتن بيان ڪرڻ جي هتي چندان ضرورت نه آهي. هڪ پاسي قدامت پرستي، معاشري تي مسلط هئي ته ٻئي پاسي مغربيت ۽ نئين تهذيب جو ڀوت مسلمانن جي سرن تي پنهنجو خونخوار ۽ هيبت ناڪ پنجو پکيڙيو بيٺو هو. اهڙي دؤر جو، بلبل مرحوم جهڙي حساس ۽ غيور، طبيعت رکندڙ شاعر ۽ مفڪر تي اثر پوڻ لازمي هو ۽ انهيءَ ئي اثر هيٺ، بلبل مرحوم جي شاعرانه شعور جي ارتقا ٿي. بلبل مرحوم پنهنجي ڪلام ۾ اڻ سڌي طرح پنهنجي قوم کي انگريزي راڄ، انگريزي تهذيب ۽ انگريزي زبان کان پهچندڙ نقصان کان بروقت آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي ديني ۽ اسلامي تهذيب ۽ تمدن، ادب ۽ زبان ڏانهن کين راغب ٿيڻ جي تلقين فرمائي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن، انهيءَ دؤر ۾ ڪيو، جنهن دؤر ۾ ڪنهن به هندستاني کي، انگريزي حڪومت جي خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جو سخت خميازو ڀوڳڻو ٿي پيو ۽ اهو سڀ ڪجهه هن اهڙي هوشياري ۽ اٽڪل سان ڪيو جيئن لٺ به نه ڀڃ ڄي ۽ نانگ به مري پوي. اڄ اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته جيڪو سلو، بلبل مرحوم گهڻو وقت اڳ هنيو هو، انهيءَ جو ثمر اسين اڄ حاصل ڪري چڪا آهيون. بلبل مرحوم عين انقلاب واري زماني يعني 1857ع ۾ تولد ٿيو ۽ قدرت هن کي هڪ خوش آيند انقلاب لاءِ ئي پيدا ڪيو، هو انهيءَ انقلاب جو علمبردار رهيو ۽ آخر اهو انقلاب ڪامياب ٿي رهيو. مون انهيءَ ڪري ئي پنهنجي بيان ۾ بلبل مرحوم کي شاعر انقلاب ڪوٺيو آهي.
حضرات! بلبل مرحوم جي صرف ڪلام يا آثار شعريءَ جي محاسن بيان ڪرڻ لاءِ دفتر درڪار آهن. هن هڪڙيءَ نشست ۾ انهن جو بيان محال بلڪه ناممڪن آهي.تنهن هوندي به آءٌ پڇاڙي ۾ بلبل مرحوم جي ڪلام جي هڪ بنهه انوکي طرز ۽ نرالي ڍنگ جو ٿوري ۾بيان ڪندس جنهن طرز يا ڍنگ جو هو پاڻ ئي موجد آهي ۽ انهيءَ ئي هڪ طرز جي بنياد تي هن پنهنجي شعر و شاعريءَ جي عاليشان عمارت اهڙي پختي تعمير ڪئي آهي جو اها حوادث عالم کان بالڪل بي نياز ۽ بي پرواهه رهندي آئي آهي ۽ رهندي ايندي.
بلبل مرحوم جي شعر و شاعريءَ ۾ اهو هڪ عجيب تضاد نظر اچي ٿوته اها هڪ ديني عالم يا مصلح يا هڪ سماجي ۽ سياسي مقرر جو خشڪ وعظ آهي به ۽ ناهي به.
مثال طور جيڪڏهن بلبل مرحوم پنهنجيءَ قوم کي اها نصيحت ڏيڻ ٿو چاهي ته اي مسلمانو! اها انگريزي تعليم توهان جا ٻئي جهان ٻوڙيندي، انگريزن جي نوڪريءَ يا غلاميءَ ۾ اچي پنهنجا ٻئي پير ٿا وڍيو ته هو بنهه پنهنجي اصلي خيال جو ٻيو يا برعڪس پهلو پيش ٿو ڪري. چوي ٿو:
وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان
ڏنا ڪينڪي تو انڌا امتحان
روينيو، جڊيشل، وڪالت وغيره
ڪهاڙيءَ سان پنهنجو وڍيئي پاڻ پير
نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختياڪار
ٿئين همسرن ۾ ذليل ۽ خوار
وري جيڪڏهن بلبل مرحوم سنڌيدان سٻاجهڙن جي تعريف ڪرڻ ٿو چاهي ۽ هنن جي سادگي ۽ سچائي جا ڍڪ ٿو ڀري ۽ هنن تي حڪومت جي طرفان ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍاين جو پردو چاڪ ڪرڻ ٿو چاهي ته فرمائي ٿو:
سنڌي دان جاهل سيه روءِ سخت
نحس، نااهل، ناخرد، خفته بخت
سنڌي دان ايڊئٽ سنڌيدان فول
رڳا جانور جهنگلي ۽ جهول
سنڌي دان جي ڪهڙي آ دسترس
سنڌي دان جو مان گوڊيم ويس
سنڌي دان ڪم بخت ڪم روزگار
نه لائق اضافي نه قابل شمار
سنڌي دان جو ورڪ ويري خراب
ويچاري کي آفيس ۾ ڀي نه آب
سنڌي دان اهڙا ته آهن ذليل
سزا تي نه انهن جي آهي اپيل
سنڌي دان محروم سرڪار کان
انهن جوج خورد پوش اسرار کان
سنڌي دان کان گهر خدا جي پناهه
انهن سان ملڻ قاعدي جو گناهه
سنڌي دان جو وٺي ڪونه صاحب سلام
سنڌي دان جو سماعت نه عرض و ڪلام
هيڏي بلبل مرحوم سنڌي دان حضرات جي تعريف جا اڻ سڌي طرح ڍڪ ڀري رهيو آهي هوڏانهن محترم خليل صاحب فرمائي ٿو ته مٿئين شعر ۾ ڏسبو ته خبر پوندي ته سنڌي دان لاءِ ڪهڙا نه سخت لفظ استعمال ڪيا اٿس. سيه روءِ، نجس، نااهل، ناخرد، خفته بخت، ذليل وغيره اهڙا لفظ آهن جي دل ڏکوئيندڙ ٿين ٿا پر حڪيم يا ڊاڪٽر جي ڪڙي دوا وانگر ازالئه مرض لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو.
بلبل مرحوم تي اهو بهتان رکڻ ته هن اهڙا دل ڏکوئيندڙ لفظ استعمال ڪري، سنڌين کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي يا سنڌين جي بيماري جي شفا لاءِ کين ڪوڙي دوا پياري آهي، حقيقت جي خلاف آهي، ڇا لاءِ جو هڪ ته بلبل مرحوم پنهنجي ڪنهن به شعر ۾ مريض کي ڪوڙي دوا کليوکلايو پيارڻ جي خلاف آهي، پر هو مريض کي دوا جي ڪوڙي گوري کارائڻ بدران کين ظرافت جي کنڊ جو تهه چاڙهي پوءِکائڻ لاءِ پيش ٿو ڪري ته جيئن مريض انهيءَ ڪوڙيءَ دوا کان منهن ڪوڙو نه ڪري.
اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته بلبل مرحوم جهڙو قوم پرست جنهن کي پنهنجي قوم لاءِ سچي حب۽ عزت آهي سو ان لاءِ اهڙا ناشائستا الفاظ ڪيئن ڪتب آڻيندو؟ ٻي ڳالهه اها به ڌيان تي آڻڻ جوڳي آهي ته بلبل مرحوم پاڻ به هڪ سنڌيدان هو، نه فقط سنڌيدان هو پر سنڌي زبان جو هڪ زبردست علامه ۽ عالم جيد هو. اهڙو عالم، ٻين سان گڏ پنهنجو پاڻ لاءِ اهڙا سخت ۽ دل ڏکويئدنر لفظ ڪيئن ٿو ڪتب آڻي سگهي؟
آءٌ ڀانيان ٿو ته بلبل جي طنزيه زبان کي نه سمجهڻ وارا صاحب، جيڪڏهن بلبل مرحوم جا مختلف عنوان جهڙوڪ سخاوت، بخل، تواضع، تڪبر، عدل، ظلم، قناعت، حرص، طاعت، پرهيزگاري، شيطان، وفا، صبر وغيره تي لکيل شعر پڙهن ته خدا ڄاڻي بلبل مرحوم کي هو ڪهڙي صف ۾ وڃي بيهارين! هڪ اڌ بيت انهن عنوانن تي پيش ڪريان ٿو جنهن تي غور ڪريو:
سخا:
سخاوت ڪري ڪونه دانا قبول سخاوت ڪري سو، جو آه بو الفضول
بخل:
هجي بخت جنهن کي ٿئي سو بخيل بخيلي ڪري سو هجي جو عقيل
تواضع:
تواضع ڪرڻ نيچ عادت خسيس تواضع اهي ڪن جي سادا سليس
تڪبر:
تڪبر ته حڪما جو آهي هنر تڪبر ته اهل دل جو آهي فخر
عدل:
ٿيو عدل رقمن ۽ روپين جو روڊ بڻيو عدل ڪوڙن بڻائڻ جو ڪوڊ
حرص:
وڏي حرص ۾ آهي حڪمت حضور نه هو هيءُ ته دنيا جو چرخو ئي چور
طاعت:
عبادت آهي ڪن جي نڪما نڪار نه ڏيتي نه ليتي نه ٻچا نه ٻار
پرهيزگاري:
پراڻو ڪو نسخو ٿو ڏسجي ردي ڪيو آهي منسوخ چوڏهين صدي
شيطان:
هي بزرگ اسان جو پراڻو آ يار اسان سان سندس آهي پورو پيار
اڃا به ڪو ائين چوندو ته بلبل مرحوم تهذيب جي بيمار کي سندس ئي صحت جي فائدي لاءِ ڪوڙي دوا پياري آهي؟
حضرات! جهڙيءَ ريت شاهه لطيف ڀٽائي گهوٽ ۽ ٻين ڪن صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ مجاز ۽ حقيقت جي پيوند، هڪ نهايت خوشگوار امتزاج پيدا ڪري وڌو آهي اهڙيءَ ريت بلبل مرحوم جي ڪلام ۾ وري هدايت ۽ ظرافت جي پيوند هڪ عجيب لطف ۽ ڪيفيت پيدا ڪري وڌي آهي. سندس ظرافت جي تهه ۾ عميق نڪتا سمايل آهن. ائين معلوم ٿو ٿئي گويا جديد تهذيب جي مريضن کي تنقيد جي تلخ گولي، ظرافت جي کنڊ جو تهه لڳائي کارائي وئي آهي.
حضرات بلبل مرحوم جي ڪلام ۽ ٻئي ادبي سرمائي کي سهيڙڻ ۽ پکيڙڻ لاءِ هڪ بلبل اڪيڊمي جي اشد ضرورت آهي. مون کي اميد نه بلڪه يقين آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ڪونه ڪو اهڙو قدردان ۽ مرد ميدان ضرور نڪري نروار ٿيندو جو اهل سنڌ جي اها ديرينه آرزو پوري ڪندو.
في الحال حضرت بلبل جي ڪليات جو پهريون دفتر سندن لائق ۽ لبيب فرزند رشيد جناب رئيس ضياءُ الدين صاحب ضيا جن جي ڪوشش ۽ نگرانيءَ هيٺ سنڌ جي جهوني اديب ۽ مشهور شاعر استاد الشعراءِ حضرت حافظ محمد احسن صاحب احسن جن پايئه تڪميل تي پهچايو آهي. ازانسواءِ بلبل مرحوم جي ٻي تصانيف جي طباعت ۽ اشاعت جو مسئلو زير غور آهي. الله پاڪ اسان کي ۽ اوهان کي شل توفيق بخشي جيئن پنهنجن وڏڙن جي ڪيل محنتن جو قدر ڪريون، انهن کي دنيا جي آڏو رکون جيئن گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو مستفيد ٿي سگهن ۽ انهن جا ڏينهن شايانِ شان نموني سان ملهائيندا اچون جيئن سندن ياد، پوين جي دلين ۾ هر دم تازي رهندي اچي.
شمس الدين بلبل - مولانا دين محمد وفائي
مولانا دين محمد وفائي
تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو پهريون)
سنڌ جو نامور اهل قلم ميان شمس الدين بلبل ميهڙ ۾ 1857ع ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم ميهڙ ۾ حاصل ڪيائين. هو هڪ ذهين ۽ هوشيار نوجوان هو تنهنڪري سندس قابليت جي جوهر پڌري ڪرڻ لاءِ ميهڙ پورو نه پيو جنهنڪري 1889ع ڪراچي ۾ مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي وٽ هليو آيو جنهن سندس قابليت مان ڪم وٺڻ لاءِ “معاون” هڪ هفتي وار اخبار سندس ادارت ۾ جاري ڪئي. هن اخبار جي ذريعي مرحوم بلبل سنڌ مدرسة الاسلام ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. مرحوم حسن علي جي مددگارن ۾ جيئن مولوي الهه بخش نماڻو هو تيئن بلبل به سندس دست بازو ٿي رهيو. دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ بابت جڏهن مرحوم آفندي کي ڪميشن اڳيان شاهدي ڏيڻ جي ضرورت پئي تڏهن زمينداري قرض جي انگن اکرن گڏ ڪرڻ جو ڪم مرحوم بلبل تي رکيو ويو. جنهن ساري سنڌ جي زميندارن کان احوال گهرائي آفندي مرحوم لاءِ شاهدي جو مواد گڏ ڪيو.ڪميشن پونا ۾ ويٺي جتي شاهدي ڏيڻ وقت آفندي مرحوم بلبل کي به پونه وٺي ويو جتي سندس وڌيڪ مدد ڪيائين. جنهن کان پوءِ سنڌ سان زميندارن جي بچاءَ لاءِ دکن رليف ايڪٽ لاڳو ٿيو.
مرحوم حسن علي جي وفات کانپوءِ بلبل ڪراچي ڇڏي ميهڙ ۾ اچي رهيو ۽ اتان ئي گهر ويٺي ڪن اخبارن جي ايڊٽ ڪندو هو. “معاون” ڪراچي کانپوءِ “ڪراچي گزيٽ” جو ايڊيٽر ٿيو مگر اها اخبار ستت ئي بند ٿي وئي.
1907ع ۾ ميهڙ ۾ لاڙڪاڻي جي “خير خواه” اخبار جو به ڪجهه وقت ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين ۽ “الحق” سکر جي به ٿورو عرصو ادارت ڪيائين. اخبار“مسافر” حيدرآباد ۾ به ڪم ڪيائين. آخر سکر جي سيٺ حاجي احمد ميمڻ جي مشهور اخبار آفتاب جو هميشه لاءِ ايڊيٽر ٿي رهيو جنهن جي ذريعي مسلمانن جي قابل قدر خدمت ادا ڪيائين.
هن جي لکڻي ظرافت آميز ۽ پرمذاق هوندي هئي جنهنڪري هر هڪ ماڻهو سندس مضمونن کي ڏاڍي شوق ۽ لطف سان پڙهندو هو. هن سنڌي زبان ۾ تمام چڱو سڌارو ڪيو ۽ نئين رنگ ۾ سنڌي لٽريچر ۾ اضافو ڪيائين. نظم توڙي نثر ۾ گهڻائي ڪتاب لکيائين. جن مان “نيچرل ڪريما”، “ديوان بلبل سنڌي”، “بهار عشق”، “رحيما”، “تيرهن ڄار” شروع زمانه ۾ لکيل اٿس. ان کانپوءِ “مسلمان ۽ تعليم”، “عقل ۽ تهذيب”، “قرض جو مرض”، “صد پند سود مند”، پوئين زمانه ۾ لکيائين “شمس المڪاتيب”، “احسن التواريخ”، “ديوان بلبل فارسي”، “بهادرستان بلبل”، “آئينه ظرافت”، “گنج معرفت” اهي ڪتاب اڃا قلمي موجود آهن. ديني تعليم لاءِ ڪتابن جو سلسلو به لکيو اٿس جو شايد ملڪ ۾ رائج نه ٿي سگهيو.
مرحوم بلبل وقت جي حاڪمن وٽ تمام رسائي وارو هوندو هو. رياست خيرپور جي ميرن ۽ وزيرن وٽ به گهڻو مان ملندو هوس. سندس مطالع تمام وسيع هو ۽ چڱي لئبريري گڏ ڪئي هوائين. نقشبندي طريقي ۾ مخدوم نظام الدين صديقي پاٽائي جو مريد هو ۽ بدعتي پيرن جو سخت مخالف هو، هنن جي برخلاف وقت بوقت آفتاب اخبار ۾ مضمون پڌرا ڪندو رهندو هو.
1906 ۾ هن ميهڙ ۾ مدرسة الاسلام جو بنياد وڌو جو سندس حياتي ۾ اي وي اسڪول جي درجي تي آيو، اڄ اهو مدرسو هاءِ اسڪول ميهڙ جي نالي سان آهي. سندس وطن ۾ اهو بهترين تعليمي يادگار آهي.
1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا ايجوڪيشن ڪانفرنس جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو تڏهن فارسي زبان کي سرڪاري تعليم کاتي ۾ رائج ڪرائڻ تي هڪ ٺهراءُ آيو جنهن جي تائيد ۾ مرحوم بلبل تقرير فرمائي جا فصاحت بلاغت جو هڪ بهترين نمونو هئي جنهن جو هندستان جي وڏن وڏن اڪابرن نواب وقار الملڪ پارن داد ڏنو.
هو مذهب سنت جماعت جو پڪو پابند هو تان جو پنهنجي آخرين وصيت ۾ لکي ويو آهي ته سندس اولاد مان جيڪو سنت جماعت جي مذهب تي نه هلندو سو محروم الوراثت آهي. پنهنجي املاڪ کي وقف علي الاولاد جي ايڪٽ هيٺ محفوظ ڪرائي سيپٽمبر 1919ع ۾ 62 ورهين جي ڄمار ۾ هن دنيا مان رحلت ڪري ويو.* سندس فرزند ميان ضياءَ الدين بي اي (عليگ) مرحوم جو صحيح جاءِ نشين نوجوان آهي.
تحريڪ آزادي جا سنڌ ۾ آثار
پير الاهي بخش صاحب
سر سيد احمد خان، آزاديءَ جي تحريڪ کي ائنگلو اوريئينٽل ڪاليج جي بنياد رکڻ سان شروع ڪيو، جو پوءِ وڌي “علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي” بنيو. چيو ويندو هو ته “جيڪا ڳالهه علي ڳڙهه اڄ سوچي ٿو سا ڳالهه سڀاڻي سارو هندستان سوچيندو.” مسلم يونيورسٽي ورهاڱي کان اڳ وڏي اهميت حاصل ڪري چڪي هئي. جيئن هندستان ۾ مسلمانن جا سڀ مکيه اڳواڻ ۽ رهبر ان جا شاگرد هئا، تيئن سنڌ جا اڪثر مکيه ماڻهو سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي پيداوار آهن.
سنڌ ۾ سر سيد جي آزادي جي تحريڪ ۾ عمدو اثر پيدا ڪيو. هن جي نموني تي جناب حسن علي آفنديءَ ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جاري ڪيو. جهڙي طرح سر سيد “آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس” برپا ڪئي هئي ۽ اخبار رستي ان جا مول ۽ مقصد ملڪ جي اڳيان رکيا هئا، تهڙيءَ طرح “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن” به هت برپا ٿي ۽ اخبار ذريعي ماڻهن کي سجاڳ ڪيو ويو، جيئن سر سيد جي ساٿي مولانا حالي “مسدس حالي” لکي مسلمانن کي پنهنجي برائين کان آگاهه ڪيو، تيئن حسن علي آفنديءَ جي ساٿي رئيس شمس الدين بلبل “رحيما لطيف” ۽ مولانا الله بخش اٻوجهي “مسدس اٻوجهو” لکي ساڳيو ڪمي ڪيو. هندستان ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ته سنڌ ۾ وري “هوم رول تحريڪ” جناب غلام محمد صاحب ڀرڳڙي جي اڳواڻيءَ هيٺ ۽ “امن سڀائي” سيد الهندي شاهه ڊڀرئي واري جي سرڪردگي هيٺ اها ڪوشش ٿيڻ لڳي. رئيس شمس الدين بلبل ميهڙ وارو شاهه صاحب جو ساڄي ٻانهن هو. “هوم رولين” جو خيال هو ته هندن سان هٿ هٿ ۾ ملائي آزادي حاصل ڪجي، “امن سڀاين” جو ارادو هو ته اول انگريزن جي مدد سان هندن سان هڪ جهڙائي حاصل ڪري پوءِ آزادي لاءِ لڙجي، ڇاڪاڻ ته هنن نٿي چاهيو ته انگريزن جي غلامي مان نڪري هندن جي اڪثريت هيٺ اقليت ٿي رهون. اسان جي “خلافت تحريڪ” جا سن 1919ع ۾ بمبئي مان اٿي انهيءَ جو مقصد هو ته سڌيءَ طرح “ڊائريڪٽ ايڪشن” سان آزادي حاصل ڪجي ۽ ان جو ٻنهي سان واسطو نه هو. هر هڪ جو طريقو مختلف هو، پر مقصد ساڳيو هو. “هوم رولين” جي حمايت ۾ اخبار “الامين” هئي، جنهن جو ايڊيٽر جناب مخلص هو ۽ الحق جو ايڊيٽر ۽ بلبل مرحوم هو.
جناب حسن علي آفنديءَ سنڌ مدرسو جاري ڪري سنڌ جي مسلمانن کي مغربي تعليم جي وسيلي سجاڳ ڪيو ۽ سيد الهندي شاهه نوشهري فيروز ۾ انگريزي مدرسو جاري ڪيو جو هينئر هاءِ اسڪول جي صورت ۾ هلندو اچي ٿو. بلبل مرحوم ميهڙ ۾ انگريزي مدرسو برپا ڪيو جو پڻ هينئر هاءِ اسڪول جي صورت ۾ هلندو اچي ٿو. مدرسي جو پهريون هيڊ ماستر مسٽر هاساسنگ هو، جنهن مان ظاهر آهي ته امن سڀائي هندو مسلم تعصب کان آزاد هئا. ٽيون اهڙو اسڪول پٿوري ۾ جناب غلام نبي شاهه برپا ڪيو، جنهن جي عاليشان ٻه ماڙ عمارت اڃا به موجود آهي، پر افسوس جو پٿوري ۾ اسڪول هلي نه سگهيو ۽ ان کي کڻي ميرپور خاص ۾ آندو ويو. سنڌ جي مسلمانن جي جديد تعليم ائين شروع ٿي.
سنڌ ۾ خلافت جو مکيه مرڪز دادو هو، جتي مکيه ڪارڪن جيوڻ شاهه، ميان محمد هاشم ميمڻ ۽ حاجي محمد يعقوب هئا. ميان محمد رمضان درزي پهريون ماڻهو هو جو هن تحريڪ ۾ جيل ۾ ويو ۽ اهو به دادو جو هو. خلافتي اڃا به پراڻي جذبي سان سنڌ ۾ عام جام موجود آهن.
ماحول جو عڪس - اخبار آفتاب سنڌ، سکر
رحيم داد مولائي شيدائي
1877ع ۾ جنگ پلونيا روس ۽ ترڪي درميان لڳي. روسي فوجون قسطنطنيه جي ديوارن هيٺان پهتيون هيون. روس جي منشا هئي ته ترڪ يورپ خالي ڪري ايشيا مائنر ڏانهن هليا وڃن، مگر انگريزن وچ ۾ ٽپي برلن ڪانگريس ۾ جيڪو فيصلو ڪيو سو ترڪن لاءِ ناسازگار ثابت ٿيو جيئن ته رومانيه، بلغاريه ۽ سرويا عيسائي حڪومتون بلقان ۾ نمودار ٿيون. ترڪن وٽ قسطنطنيه ۽ ٿريس وڃي بچيا. لاچار ترڪن کي صبر ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو. آسٽريا، بوزينيا ۽ هزيگوينيا جا ٻه ترڪي علائقا ڦٻائي ورتا. انگريزن دلالي جي عيوض ترڪن کان قبرص ٻيٽ ورتو. انگريزن جي مٿين چال مان هيءَ مراد هئي ته برطانيه هندوستان جي مسلمانن کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته انگريزن مسلمانن جي “امير المومنين” کي يورپ ۾ بچائي ورتو. 1897ع ۾ يونان پوپ جي چرچ تي ترڪن سان جنگ ڪئي، ترڪي فوجن يونان جي ٿيسي صوبي تي قبضو ڪيو، مگر يورپ وچ ۾ پئي ٿيسي يونان کي ڏياريو. يورپ جي منافقانه سياسي چال ڪري مسلمانن جون دليون بيحد مايوس ٿي ويون.
ٻيو واقعو هو سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه تحريڪ جو، مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهايل هئا. پهرين گروهه جي مرضي هئي ته مسلمان ٻار آخوند وٽ فقط ديني تعليم وٺن انگريزي ڪافرن جي زبان آهي. ٻيو گروهه سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه تحريڪ جو حامي هو. مذهبي رهبر سر سيد احمد تي بي ديني جي فتويٰ ڏني هئي، پر پڙهيل طبقو جديد تعليم جي فائدي ۾ هو. جيئن ته منهنجي والد سڳوري مون کي آخوند جي دائري کان ڪڍي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪيو هو. مسلمان سياسي مايوسيءَ کان علاوه مذهبي پيشوائن جي فتوائن ڪري حيران ۽ پريشان هئا. ٻئي طرف 1885ع ۾ پهرين انڊين نيشنل ڪانگريس ڪري هندو ايتري قدر سجاڳ ٿي ويا هئا، جو پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ ڌڙا ڌڙ داخل ڪرڻ لڳا. مان جنهن ڪلاس ۾ هوس تنهن ۾ پنجاهه شاگرد هئا، جن مان مسلمان فقط 3 هئا. مسلمانن ۾ ترڪي جي ڪمزوري ڪري سياسي هيجان آيل هو ۽ علي ڳڙهه تحريڪ ڪري انتشار پيل هو. اهڙي هيجان خيز ۽ انتشار انگيز ماحول ۾ سکرجي ٻن خير خواهه ليڊرن ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سنڌي روزاني اخبار “الحق” جاري ڪئي. 1901ع ۾ سکر شهر جي آبادي 31316 هئي، جنهن مان هندن جو تعداد 20 هزار هو. عيسائي مشنري پاران پادري پوليس جي حفاظت هيٺ شهر جي چوسولن تي بيهي کليو کلايو عيسائين جي تبليغ ڪندي اسلام ۽ بانيءَ اسلام تي حملا ڪندا هئا. پويون فتنو مسلمانن لاءِ ناقابل برداشت هو، مگر مسلمان بيوس هئا، جو شهر جو فوجدار هندو هو. اهڙي پر آشوب ماحول ۾ جڏهن ميونسپالٽي جو صدر سکر جو عيسائي يورپين ڪليڪٽر هجي ۽ نائب صدر هندو ته پوءِ مسلمان هر حال ۾ بيوس هئا. ليڪن سکر شهر جي واپار تي ميمڻ واپارين جو گهڻي ڀاڱي قبضو هو، مثلاً سيٺ حاجي احمد سيٺ جان محمد، سيٺ حاجي موسيٰ وٽ فريئر روڊ تي عاليشان دڪان هئا، جتان ولائتي مال کانسواءِ بمبئي ۾ ڇپيل سنڌي ۽ دينيات جا ڪتاب پڻ ملي سگهندا هئا. انهن دڪانن تان فقط يورپين قيمتي مال خريد ڪندا هئا يا اميراڻو طبقو. هندو واپارين وٽ هڪڙو به چڱو دڪان ڪونه هو. يورپي خريدارن جو ميمڻ دڪانن تي ڏينهن جو ايترو هجوم لڳل هوندو هو، جو ٽانگن جي ميڙ ڪري رستو روڪجي پوندو هو. اهي ميمڻ واپاري نهايت مخير هئا. هر جمعي تي بي انداز دولت فقيرن ۽ محتاجن ۾ ورهائيندا هئا، ازانسواءِ مسلمانن ۾ اتحاد ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ سيٺ حاجي احمد فريئر روڊ تي پرنٽنگ پريس کولي روزانه اخبار “آفتاب سنڌ” سنڌيءَ ۾ جاري ڪرائي. بلبل سنڌ مرحوم شمس الدين “بلبل” کي ايڊيٽري جي واڳ حوالي ڪئي، جو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ ۾ طولى رکندڙ اديب هو. روزاني “آفتاب سنڌ” جو بلاڪ به حضرت استادي بلبل تيار ڪرايو هو. آفتاب نالي جي پاسي ۾ کجيءَ جو وڻ ۽ هلال هو، پر تاري بدران برطانوي بادشاهه جو تاج هو. انهن ٽن شڪلن جو مقصد هن طرح هو ته کجيءَ جو وڻ ۽ هلال معنيٰ “آفتاب سنڌ” اسلامي اخبار هئي ۽ برٽش تاج جي معنيٰ هئي ته اخبار انگريزن جي طرفدار ۽ وفادار هئي. بلبل جو قلم ۽ اخبارجي مزاحيه پر ظرافت ڪالم سڀ کان اڳ پادرين جا ڍڍر ڍلا ڪري ڇڏيا چند سٽون ملاحظه فرمايو.
“ڪالهه مارڪيٽ جي چوسول تي سفيد جبو پاتل شيطان ابن شيطان کي وعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو!، افسوس! مون وٽ دمشق جي خمدار ترار ڪانه هئي، جو هن جي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسيءَ وانگر ڌڙ کان ڌار ڪري “ايوبي” سنت کي تازو ڪيان ها!”
عيسائي پادرين لاءِ “آفتاب سنڌ” ويل ٻاري ڏنو. اڃا ٻه هفتا اخبار کي شايع ٿيندي مس گذريا ته مسلمان وعظ ڪندڙ پادري کي کليو کلايو گاريون ڏيڻ لڳا. ڪن مسلمانن کي فوجدار هرداس مل فوجداري تي گهرائي دٻائڻ لڳو. بلبل کي خبر پيئي ته هن ڪالم ۾ فوجدار جي اهڙي لاک لاٿائين، جو ٻاهر نڪرندو هو ته پوليس وارو ساڻ کڻندو هو. ملاحظه فرمايو بلبل جا ٻول:
“مسلمانو! ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو، توهان کي خبر هجي ته تعليم پرائڻ سان اوهانجا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بڻجي ويندا. هڪڙو واڻيو گهورڙو گڏهه تي ڪوهرن جو ڪنو رکي ڪوهر وڪڻندو هو، پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين جو پڙهي فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت جا کيس پتا، ٽوپڻ داس کان ورثي ۾ ملي هئي، سا مٽجي نه سگهي. سياڻن سچ چيو آهي:
“گڏهه گهوڙي نه ٿئي جي سونا وجهينس سنج،
توڙي پاٽيون وجهنيس پنج ته به ڊوڙيو وڃي گونهه تي”
راقم الحروف ۽ بلبل: آچر ڏينهن اخبار بند رهندي هئي مان هر ڇنڇر تي جڏهن اڌ ڏينهن موڪل ملندي هئي “آفتاب پريس” ۾ ويندو هوس، ڇو ته پريس جي دفتر ۾ ايشيا، يورپ ۽ بمبئي کاتي جا نقشا لڳل هئا. مون لاءِ پهريون دفعو هو جو مون نقشا ڏٺا. نقشن تي نالا ملڪن جا اردو ۾ لکيل هئا. مان خانگيءَ طرح اردو جو اڀياس ڪندو هوس، تنهن ڪري آساني سان نقشن کي پڙهي سگهندو هوس. آفتاب سنڌ اخبار ۾ اسلامي ملڪن جون جيڪي خبرون ڏنل هونديون هيون انهن خبرن پٽاندر نقشن کي ڏسندو هوس. جڏهن منجهي پوندو هوس ته استاذي بلبل ويهاري اخبار کولي جاگرافيڪل ۽ تاريخي واقعات تي تبصرو ڪري منهنجي حوصله افزائي ڪنداهئا. هڪڙي ڏينهن مون ڪاغذ تي کين بمبئي کاتي جو نقشو ڪڍي ڏيکاريو. منهنجي هٿ جي صفائي ڏسي مون کي چوڻ لڳا: “پٽ رحيم! انشاءَ الله جيڪڏهن اهڙو ذوق شوق جاري رکندين ته پڪ ڪنهن ڏينهن چمڪندين.” اڳين استادن جوهي طريقو هو ته ڪنهن شاگرد جا جوهر ڏسندا هئا ته ان کي ڪمال مروت جي نظر سان چمڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هن باڪمال بزرگ جي علمي صحبتن مان منهنجي دل ۾ پهريان جاگرافي جو سلو اڀريو، جنهن جو ثمر تاريخي منهنجي دماغ ۽ ذهن کي اهڙو شيرين لڳو، جنهن جو اڄ نتيجو ڏسان ٿو. حضرت استاذي جيڪا پيشنگوئي فرمائي سا سئو پيسا صحيح ثابت ٿي. آفتاب اخبار ٿورو وقت جاري رهي ليڪن ادبي نقطئه نظر سان هن جيڪو پارٽ ادا ڪيو ۽ مسلمانن ۾ جيڪو علمي ۽ سياسي شعور پيدا ڪيو اهو يادگار رهندو. بلبل سنڌ سر سيد احمد خان تحريڪ جو حامي هو. سندن معرڪه انگيز قلم عيسائي پادرين جي ٻوٿ کي لغام ڏنو. مسلمان پنهنجن ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ لڳا.
هي چند سٽون بطور عقيدتمندي جي جناب حافظ محمد احسن جي چوڻ تي ديوان بلبل جي جديد ايڊيشن لاءِ لکيون اٿم. حضرت بلبل سنڌ جي سوانحه کي لکڻ وقت ان دؤرجي ماحول کي به پيش ڪرڻ ضروري امر آهي، مصنف کي اهو نوٽ ڪرڻ گهرجي.
مري ٿيا نه مات: شمس الدين”بلبل“
غلام محمد ”گرامي“
سلسلو مطبوعات نئين زندگي نمبر-8
مرتب: سيد حسام الدين راشدي-1965
مرحوم رئيس شمس الدين بلبل پنهنجي حيثيت توڙي فني ۽ شاعراڻي حيثيت سان سنڌ جو اهو سپوت آهي، جنهن تي سنڌي ادب جيتروبه فخر ڪري اهو ٿورو آهي. مرحوم بلبل هڪ صحافي، هڪ شاعر، هڪ اديب ۽ هڪ مزاح نگار جي حيثيت سان جيڪي سنڌي ادب ۾ پنهنجي وطن جون خدمتون ڪيون آهن، اهي اڻ مٽ ۽ امرآهن. مرحوم بلبل، 1857ع ۾ ميهڙ جهڙي مردم خيز شهر ۾ ڄائو. اتي نپنو ۽ وڏو ٿيو ۽ اتي ئي پڙهيو ۽ ڪمال تي پهتو.
مرحوم بلبل جنهن دؤر ۾ اکيون پٽيون اهو دؤر پنهنجي تاريخ ۽ سياسي پس منظر جي ڪري جنگ آزادي وارو درو چيو وڃي ٿو. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ وطن جي آزاديءَ لاءِ هندن ۽ مسلمانن پاڻ ۾ گڏجي ڪري انگريزن جي خلاف آزاديءَ جو جهنڊو کنيو هو. افسوس جو اها مهم ڪامياب نه ٿي ۽ انگريز پنهنجا پير اڳي کان به وڌيڪ پختا ڪري ويا.
جڏهن ته هندستان جي حڪومت انگريزن، مسلمانن کان ئي حاصل ڪئي هئي، تنهنڪري انقلاب جي ناڪاميابيءَ کانپوءِ انگريزن سمجهيو ته مسلمان قوم ٻيهر اسان کان حڪومت کسڻ جو خيال رکي ٿي تنهنڪري ان قوم کي اهڙو ته ناس ڪجي جو ٻيهر ڪنڌ به کڻي نه سگهي.
انهن ارادن کي سانڍيندي انگريزن هر طرح سان مسلمانن کي پيڙڻ ۽ لتاڙڻ شروع ڪيو. مسلمانن جا ليڊر ۽ عالم جيل ۾ وڌا ويا ۽ ڪيترن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو ۽ ڪيترن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون، اهڙي طرح ملازمتن، تجارت ۽ تعليم ۾ به مسلمانن کي نظر انداز ڪيو ويو. مسلمان اڳي ئي پيڙجي چڪا هئا، ويتر جو کين تجارت ۽ تعليم، روزگار ۽ معاشي حيثيتن ۾ ڌڪ هنيو ويو تنهن کين ناس ڪري ڇڏيو. انگريزن جي انتقامي روش کي اڳتي هلي سر سيد احمد خان ٿڌو ڇنڊو هنيو ۽ مسلمانن متعلق سندن غلط فهميءَ کي دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سر سيد احمد اهو فيصلو ڪيو ته مسلمان جيستائين انگريزن جي پيدا ڪيل ڪاليجن ۾ جديد تعليم حاصل نه ڪندا تيستائين هنن جي راڄ ۾ خوش وقت نه گذاري سگهندا ۽ نه ڪو هندن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي ڪري سگهندا.
سر سيد اصل ۾ ان دؤر جو هڪ وڏو سڌارڪ ۽ مصلح ٿي پيدا ٿيو. سندس جدوجهد ۽ سرجوشيءَ سان علي ڳڙهه ڪاليج برپا ٿيو ۽ مسلمان جديد تعليم جي تحصيل ۾ جنبي ويا.
ان دؤر ۾ جن جديد تعليم حاصل ڪئي، تن ۾ هڪ نئون ڦيرو آيو ۽ انهن ۾ هڪ اهڙو گروهه به پيدا ٿيو، جن انگريزي تهذيب جي نقالي اکيون ٻوٽي شروع ڪئي. وضع قطع، توڙي اخلاق ۽ اطوار ۾ ديسي ماڻهو هوبهو صاحب لوڪ بڻجي پيا. اهو ظاهر آهي ته ٻاهرين چک ۽ مک، بودو باش، لباس ۽ خوراڪ جي پيروي ڪرڻ کانپوءِ منجهن نه پنهنجو مذهبي شعور رهيو ۽ نه منجهن اهي مشرقي طور طريقائي رهيا.
بلبل، اهو سارو دؤر پنهنجي اکين سان ڏٺو، جديد تعليم جا ادارا به ڏٺائين ۽ انهن مان پيدا ٿيل ماڻهو به ڏٺائين. اڳي هلي بلبل پنهنجي ظرافت آميز ۽ مزاحيه شاعريءَ سان انهن ديسي صاحبلوڪن جا خوب ڇوڏا لاٿا. سندس طنزيه اسلوب نهايت تعميري ۽ افادي هو. پاڻ ڪنهن به هڪ شخصيت تي ڪابه انفرادي طرح سان جرح ۽ طنز نه ڪيائين. سندس جرح ۽ طنز جو رنگ عوامي ۽ اجتماعي رهيو. سندس فن ۾ زهر خند سان گڏ تبسم زير لب جي ملاوت به هئي. بلبل پنهنجي دؤر تي کلندي کلندي نشترون هڻي ڪڍيون ۽ سندس فاسد مواد وهائي ڇڏيو. سندس فن اهڙو ته انفراديت پسند آهي جو اڄ تائين سندس فن جي تقليد ڪوبه ڪري نه سگهيو آهي. بلبل، امر کي زهر ۽ نفيءَ کي اثبات جي رنگ ۾ رڱي پيش ڪيو. سندس مواد، موضوع، پيشڪش، اسلوب ۽ مقصد کي اڳيان رکي سڀني نقادن اهو فيصلو ڏنو آهي ته بلبل جو ان فن ۾ مقام نهايت بلند آهي. بلبل جي ظريفانه نڪته سنجي ۽ بذله گوئيءَ ۾ تعمير ۽ افاديت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. هن “وادي سنڌ” جي مسلمانن کي نئين تهذيب جي زهر کان بروقت خبردار ڪيو ۽ پنهنجي مذهبي روايتن ڏانهن رجوع ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
بلبل اهو ڪم ان دؤر ۾ ڪيو، جنهن ۾ صحيح معنيٰ ۾ سوچيندڙ ذهن وارا ماڻهو ايترا هئا جيترو اٽي ۾ لوڻ!
بلبل جي فن کي ڏسبو ته کيس کل ڀوڳ،مسخري ۽ خنده زنيءَ سان ڪو دلي چاهه نه هو، پر ان جي مقابلي ۾ ڪنهن به مسئلي کي ظريفانه، طنزيه ۽ مزاحيه رنگ ۾ پيش ڪرڻ جو استاد هو. سندس مهارت ان مان صاف ظاهر آهي ته سندس فن ۾ طنز موجود آهي، پر اها آهي مزاح ۽ ظرافت جي رنگ ۾، جنهن کي هڪ فنڪار ۽هنرمند جي هٿ لڳڻ سان سندس فني رنگ زياده ديده زيب ۽ دلڪش پيو لڳي. ٻيو ته ڪنهن فرد يا پوري سماج تي ان قسم جي ڪڙي تنقيدڪرڻ، جنهن سان ذوق سليم کي ڪابه ناگواري محسوس نه ٿئي ۽ ظرافت جي اصولن جي پابندي به قائم رهي، هزارن مان ڪو هڪ اڌ ظريف ۽ دانشمند ئي اهڙي فن جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. باقي هر ڪو ان فن کي نباهي نه ٿو سگهي. هن فن جي خاص اصولن ۾ اها ڳالهه به ضروري آهي ته فنڪار ۾ خلوص هجي، سندس ذاتي لاڙن ۾ تعصب نه هجي، دشمني نه هجي ۽ ڪنهن سان به عناد نه هجي، ڇا لاءِ ته هن فن جو وڏو تعلق فنڪار جي خلوص سان آهي، جيڪڏهن فنڪار ۾ خلوص موجود آهي ته پوءِ سندس فن اثرائتو به ٿيندو ۽ ٻين کي پسند به پوندو. باقي شخصي ڇيڙ ڇاڙ يا گار گند کي ته هر ڪو نٿو پسند ڪري، ٻيو ته ان کي نه طنز سڏبو نه مزاح. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن فن جي استادن جو چوڻ آهي ته فنڪار فرد يا معاشري جا عيب ڀلي بيان ڪري انهن جي مرضن ۽ غلطين تي ڀلي نشترون هڻي پر کيس هر حال ۾ دانشمنديءَ ۽ بصيرت کان ڪم وٺڻو پوندو.
ان حيثيت سان ڏسبو ته بلبل جو فن، زندگيءَ جي اونداهيءَ سان گڏ سندس بي معنيٰ گوشن کي به ظاهر ڪري ٿو. تعلق رکندڙماڻهو سندس اشاري ۽ ڪنايي کي سمجهي لذت به حاصل ڪري ٿو ۽ کلندو به رهي ٿو. ڇا لاءِ ته سندس نگاهه، فرد ۽ سماج جي ڳجهن عيبن تائين به پهچي وڃي ٿي. بلبل جو اهو عمل آهي ته نهايت دردناڪ، پر اهڙي مخلصانه ۽ دوستانه انداز سان ڪيو وڃي ٿو جو هر حال ۾ پريت رهجي ٿي اچي، ڪابه رنجش پيدا نه ٿي ٿئي.
بلبل جي فن جو ٻيو وڏو ڪمال اهو به آهي ته هو سماج جي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن جي تهه تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.
هو ايترو ته باريڪ بين آهي، جو پاڻ سان گڏ پڙهندڙن جي نگاهه کي به سماج جي جهرندڙ ديوارن تائين پهچائي ٿو ڇڏي، تان جو هو ٻاهران رونق وارن محلن جي دريچي مان جهاتيون پائي ڏسي ٿا سگهن ته اندر ڪاريءَ وارا ڪک آهن. ان سلسلي ۾ بلبل پنهنجو انداز بيان جڏهن ڀرپور تنقيد وارو ٿو ڪري تڏهن سماج جي بي روح ۽ کوکلي ڍانچي کي پنهنجي قلم سان نه فقط کڙڪائي ٿو ڇڏي پر ان مان ٽڙڪاٽ ڪڍائي ٿو ڇڏي.
بلبل جو اهو به ڪمال آهي ته هو سماج جي اوڻاين کي هڪ چغلخور بد بخت وانگر پڌرو نه ٿو ڪري، پر ياران شاطر ۽ حريفانه بذله سنج وانگر کلندي ۽ کلائيندي چٽڪيون هڻي ٿو ڪڍي. پر جتي ضرورت آپريشن جي ٿئي ٿي، اتي گهاءُ به گهرو ٿو ڪري، پر جتي نرميءَ ۽ شفقت جي ضرورت ٿئي ٿي، اتي کلندي تبسم زير لب ۾ زهر ملائيندي به نه ٿو گسي. فرق اهو آهي جو اهو زهر به مريضن لاءِ ترياق ٿي پوي ٿو. معاشري جي مطالعي کانپوءِ جڏهن بلبل ڏٺو ته چڱا چوکا ماڻهو نقاليءَ ۾ مبتلا آهن، تڏهن سندس قلم ڪينچيءَ وانگر وهي ٿو ۽ نقالن جا پڇ ڪتري وڃي ٿو مٿي چڙهي!
بلبل جي فن کي غور سان مطالعي ڪرڻ کانپوءِ اهو به نظر ايندو ته سندس سماجي مطالعو نهايت تيز آهي، سندس نگاهه سماج جي معمولي کان معمولي مسئلي کي به نٿي ڇڏي. ان طرح سندس فن جو ڪمال اهو به آهي جو سندس زبان ۾ لطافت آهي. سندس زبان اهڙي سليس ۽ شسته، شيرين ۽ نمڪين آهي جو ماڻهو پيو پڙهي ۽ گونگي وانگر ڳڙ جا چسڪا وٺي پيو کلي ۽ ٽڙي! سندس تنقيد ۾ تلخي ته هر حال ۾ هوندي، پر ان سان گڏ تلخيءَ جو احساس ستائي نه ڪو ڪڙيءَ ستيءَ جي پيئڻ وانگر منهن ئي بڇڙو ٿئي!
بلبل جي فن جي تعارف کانپوءِ سندس ڪلام مان ڪجهه مثال ٿا ڏيون.
سندس ڪلام ۾ اهوئي نظر ايندو ته بلبل هڪ طرف فرسوده ۽بي روح، بي ذوق ۽ بي ڪيف مشرقيت تي طنز ٿو ڪري ته ٻئي طرف مغرب جي انڌي تقليد ۽ بيجا تڪلف، خوشامدانه رنگ ۽ غير مخلصانه مک چک واري منافقانه چال، “ٻاهر زيب زبان سين، اندر هيچارو” واري اندرڪارائي تي به خوب گرفت ٿو ڪري. ان سلسلي ۾ ليڊرن ۽ انگريز پرست ديسي صاحب لوڪن جي چڱي لاک لاٿي اٿس. پنهنجي فن متعلق ٻڌائي ٿو:
سنڌيدان جو نقشو هن طرح چٽيو اٿس:
سنڌيدان جي مقابلي ۾ انگريزن جي هيءَ حالت آهي:
جديد تهذيب لاءِ چوي ٿو:
اخلاق ۽ مذهب مان پيدا ٿيل اطوار، صبر ۽ شڪر، زهد ۽ تقويٰ وارن لاءِ چوي ٿو:
ڪوڙ جي تعريف ۾ چوي ٿو:
نئين تعليم تي چوي ٿو:
(آڪٽوبر –1965)
سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ
نثري ادب: شمس الدين بلبل (هڪ تنقيدي جائزو)
تحرير: ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
هن زماني ۾ سنڌي نثر نويسيءَ ۾ جنهن اديب انقلاب آندو سو مرحوم شمس الدين بلبل هو. هو صاحب مرزا قليچ بيگ جو همعصر هو، هن سنڌي ادب تي ۽ خصوصاً سنڌي شعر تي چڱيون تنقيدون ڪيون. سال 1882ع کان وٺي قليچ بيگ ۽ بلبل سنڌ جا درخشنده ستاره رهيا جن جي ڪوششن سنڌي ادب کي خوب چمڪايو. هنن جون تحريرون سنڌي ادب ۾ تنقيد جي بنيادي پٿر جي حيثيت رکن ٿيون. مرزا صاحب سڀني موضوعن کي سليس ۽ نصيحت ڀريل گفتن ۾ لکيو آهي. ان زماني ۾ شمس الدين بلبل به وڏو انشا پرداز ۽ صحافي قلم ڪار ٿي گذريو آهي. هن خاص طور تي مضمون نگاري تي قلم هلايو. سيد علي اڪبر شاهه “علمي دنيا” جي ماه اپريل 1930ع واري پرچي ۾ بلبل کي سنڌي زبان ۾ مضمون نگاريءَ جو موجد قلم ڪار لکيو آهي. هو چوي ٿو: “سنڌي زبان ۾ هن پنهنجي رنگيني ۽ ظرافت سان جيڪا جدت پيدا ڪئي سا ان کان اڳ ۾ نه هئي گويا ان فن ۾ کيس سنڌي انشاجو موجد چئي سگهجي ٿو.”
ڊاڪٽر ابراهيم خليل جي به ساڳي راءِ آهي ته: “بلبل پنهنجي زماني ۾ اخبار معاون سنڌ ۽ آفتاب سنڌ ۾ مضمون لکي ادب ۽ انشا جو اهڙو عطر فشان خزانو لٽايو جو انهن اخبارن جو معيار صحافت ۽ ظرافت ۾ اڄ تائين هڪ ڪلاسيڪل شيءِ آهي”.
بلاشڪ بلبل جا مضمون طنز و مزاح باعث علمي ماحول ۾ مقبول ٿيا. انهن ۾ تيرهن ڄار مڪرن جا مار ۽ قلندري ميلو جهڙيون تحريرون اچي وڃن ٿيون، پر اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته مقفيٰ عبارت ۾ هجڻ باعث انهن مان مضمون نگاريءَ جون تقاضائون پوريون نه ٿيون ٿي سگهن. البت شمس الدين بلبل جي نثر جو وڏو حصو ساري ۽ عاري عبارت ۾ به آهي، جيڪو هن اخبارن ۽ رسالن جي ادارت لاءِ استعمال ۾ آندو آهي. هن جون ڪيترن موضوعات تي لکيل تحريرون بيانيه مضمون کان شخصي مضمون جون ٻوليندڙ تصويرون آهن. بلبل جو ڪتاب “عقل ۽ تهذيب” به ان جو مثال آهي، جيڪو 15 مضمونن جو مجموعو آهي. انهن مان چند مضمونن جا عنوان درج ڪجن ٿا. مثال طور عقل وارو ڪنهن کي چئجي؟ وقت جو قدر- مسٽرنيلر صاحب جو ٽائيم ٽيبل- اخلاق ۽ سڌاري جا پندرنهن سوال- ظالم ڪنهن کي چئجي؟ انگريز قوم ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن جي اسان کي سکڻ گهرجن وغيره وغيره. موضوع، اظهار ۽ سلاست جي لحاظ کان انهن ۽ ان جهڙن ٻين ليکڪن مان شخصي مضمون جو روح لياڪا پائي رهيو آهي.
ڄيٺمل پرسرام، پرمانند ميوا رام، شمس الدين بلبل، محمد هاشم مخلص ۽ مولانا دين محمد وفائي جهڙا معروف صحافي پنهنجي وقت جا اعليٰ پايه جا اديب ۽ مضمون نگار پڻ هئا. شمس الدين بلبل کي ظريفانه طرز سببان سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل آهي، جيڪو هن صحافت ذريعي حاصل ڪيو هو. “آفتاب سنڌ” جو ڳچ عرصو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ پنهنجون ذاتي اخبارون پڻ ڪڍيائين. بلبل جو سڄو زور معاشري ۾ سڌاري آڻڻ ۾ لڳل هوندو هو. نئين تهذيب ۽ تمدن ۾ جيڪي خرابيون عام ٿي ويون هيون، انهن جي بيخ ڪني ڪڍڻ لاءِ هن جو قلم تلوار وانگر هلندو هو ليڪن سندس طنز و مزاح خالص تعميري آهي. هن جا مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت رکن ٿا، سندس نثر موزون، شائسته ۽ بليغ آهي.
خليل “ادب برائي ادب” ۽ “ادب برائي زندگي” ٻنهي نظرين کي صحيح سمجهي ٿو.بلبل جي ڪلام تي تنقيد ڪندي چوي ٿو: “ملڪي معاشرت جو بلبل جي ڪلام تي ڪهڙو اٿر پيو ۽ خود بلبل جي ڪلام ملڪ تي ڪهڙو اثر وڌو.” ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ادب جي افادي ۽ متعدي هجڻ جو قائل آهي. هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته:“ادب اسان جي زندگي جو آئينو آهي جيڪي ڪي اسين ڏسون ٿا تنهنجي تصوير ادب ۾ لفظن جي ذريعي ڇڪيون ٿا، جنهن کي حقيقت نگاري چئبو آهي. بلبل جي تصنيفن مان سنڌ جي تمدن ۽ معاشرت، عوام جا جذبا ۽ خيالات، مختلف ماڻهن جي پيشن جي صحيح ۽ زنده تصويرون ملنديون،”هو ادب ۾ زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني کي ضروري سمجهي ٿو. اهي خيالات عقليت تي مبني آهن، ڇو ته انهن ۾ ادب جي انهيءَ عيني تصور جو پتو ٿو پوي، جنهن ۾ ادب ڱي سماج کان عليحده صرف تفريح طبع جو باعث سمجهيو ويندو آهي. خليل، بلبل سنڌ ۾ رقم طراز آهي ته:
“سرمايه پرستن جي وچ ۾ رهندي ۽ زميندارانه نظام کان واقف هوندي به (بلبل) سنڌ جي تمدن، معاشرت، مختلف انسانن جي ڪيريڪٽر ۽ جمهور ۽ عوام جي خيالات ۽ جذبات جي صحيح ترجماني ڪئي آهي.”
انهيءَ نقطئه نظر مان ظاهر آهي ته نقاد بلبل جي ڪلام کي اجتماعي قدرن جو ترجمان ڄاڻي ٿو، هو سمجهي ٿو ته ادب جو ڪم محض ذوق ۽ وجدان جي تسڪين ڪرڻ نه بلڪه ان سان گڏ اجتماعي زندگي جي ترجماني ۽ افاديت جي علمبرداري ڪرڻ به آهي. خليل جي عملي تنقيد تي به انهن ئي خيالات جو اثر آهي جنهن ڪري اها جمالياتي تنقيد جي حدن ۾ داخل ٿيو وڃي ٿي. صرف بلبل “سنڌ” ئي اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سندس اندازِ تنقيد مختلف آهي. بلبل جي شاعريءَکي پرکڻ لاءِ هن سماجي، اخلاقي، مذهبي ۽ تاريخي پس منظرکي خاص طرح سان پيش نظر رکيو آهي ۽ انهن ئي قدرن جي روشنيءَ ۾ سندس ڪلام جي افادي پهلوءَ کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، اهو نقئطه نظر گهڻي قدر سائنٽيفڪ آهي.
گراميءَ جي عملي تنقيد پڻ انهن نظرين جي روشنيءَ ۾ ٿئي ٿي، سندس “بلبل جي فن جو تنقيدي مطالعو” سنڌي تنقيد ۾ هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. ان جو انداز به سڄو ئي سائنٽيفڪ آهي. اهو مضمون علمي ۽ تجزياتي تنقيد جو نادر نمونو آهي، جنهن ۾ تاريخي ۽ تهذيبي پس منظر ۾ بلبل جي فن جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ ان جي اهميت تي روشني وڌي وئي آهي. هو ٻڌائي ٿو ته شاعر ان دور جي حالات مان ڪهڙي قسم جا اثرات قبول ڪيا ۽ سندس فن ۾ ڪهڙو شديد رد عمل ٿيو. هو پنهنجي ماحول ۽ زماني جي ترجماني ڪرڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ويو آهي. گرامي صاحب جي ناقدانه نظر نهايت وسيع ۽ تيز آهي. هن شاعر جي ڪلام جي افادي پهلوءَ کي اجاگرڪيو آهي ۽ ان ۾ جيڪو روح عصر Zeitgeist پنهان آهي تنهن کي معلوم ڪيو اٿس. هو ٻڌائي ٿو ته شاعر ڪهڙو حيات بخش پيغام ڏنو آهي. مثال طور هو چوي ٿو ته “مرحوم بلبل جي مزاح ۽ طنز، مرڪ ۽ ٽهڪ مان اها مراد هئي ته سنڌ جي مسلمانن ۾ نئون روح پيدا ٿئي، شڪست خوردگي ۽ زوال پذيري جا آثار گم ٿين. سنڌي مسلم عوام ۾ حدت ۽ حرارت، خود آگاهي ۽ خود شناسي سان گڏ پنهنجي تهذيب ۽ زندگي، معاشرت ۽ ثقافت جي صحتمند اصولن سان هم آهنگي پيدا ٿئي.”
گرامي بلبل جي فن جو تجزيو ڪندي تقابلي تنقيد Comparative Criticism کي پڻ اختيار ڪيو آهي. هن بلبل جي فن کي اڪبر ۽ حاليءَ جي فن سان ڀيٽي ثابت ڪيو آهي ته بلبل جو فن ۽ شعور گهڻو بلند پايه جو آهي. گرامي صاحب، بلبل جي فن جو مطالعو غائرانه نظر سان ڪيو آهي ۽ ان کي اصلي رنگ ۽ جزالت سان پيش ڪيو اٿس. هن جنهن علمي انداز سان بلبل کي ادبي دنيا سان متعارف ڪرايو آهي تنهن ان جي فن کي سدائين لاءِ زنده ۽ تابنده بنائي ڇڏيو آهي ۽ ان کي ادب ۾ هڪ اعليٰ مقام بخشيو آهي. سچ پچ ته جنهن وسيع نظري، فڪري گهرائي ۽ علمي تبصري سان بلبل جي فن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. تنهن جو سنڌي تنقيد ۾ ڳولهڻ سان به مس مثال ملندو.
رئيس شمس الدين”بلبل“ - ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو
ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو“هندن جا بجڪا ڌار ڪيو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪيو.”
جنگ آزادي واري سال يعني 1857ع دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ۾ جنم وٺندڙ، مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” هڪ دور رس نگاهه رکندڙ يا سياسي مفڪر جيان، مٿيون اظهار مرڻ کان ٿوريون گهڙيون اڳ ڪيو هو ۽ سندس وفات 13 سيپٽمبر 1919ع تي ٿي هئي.
سندس آخري ايام واري دور کي جڏهن اسين ڏسون ٿا ته (جنهن ۾هندستان جون مکيه سياسي پارٽيون ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪ ٻئي کي گهڻو ويجهو اچي چڪيون هيون ۽ هوم رول تحريڪ به زورن تي هئي) هن قسم جي راءِ عبرت ۾وجهندڙ سياسي صلاح جي حيثيت ۾ اکين اڳيان اڀري ٿي ۽ بعد جي حالات ۾ رونما ٿيندڙ ڳالهيون ان کي عجيب اڻ گسندڙ اڳڪٿي ثابت ڪن ٿيون. اڪثر ماڻهن جي اها راءِ آهي ته تاريخي طرح ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي شڪل ۾ جدائيءَ جي جانب اهو پهريون چٽو اعلان تصور ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مشورو مرحوم “بلبل” ايڏو صاف لفظن ۾ جرئت سان مرڻ مهل ڏنو سچ پچ ته هن جملي جا لفظ ڪيڏا نه توريل تڪيل ۽ ڪيڏا نه معنيٰ خيز آهن!
اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته سياست ۽ صحافت جو پاڻ ۾ ويجهو سٻنڌ آهي ۽ سياست مناسب موقعا ۽ وارداتون مهيا ڪري “صحافت جي تلوار” کي تيز ڪندي آهي ۽ چمڪ ۽ جلا بخشيندي آهي، پر جڏهن سياسي سوجهه ٻوجهه وارو ماڻهو صحافت جي ميدان ۾ لهي پوي ته اهو ڪهڙي پائي ۽ بلنديءَ جو قلم ڪار بنجي سگهي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. اهائي خوبي ۽ خصوصيت مرحوم شمس الدين “بلبل”۾ هئي جنهن هن کي پنهنجي صحافتي پيشي جو بي مثال ۽ منفرد مقام حاصل ڪرايو ۽ هن قلمي قوت سان مخالفن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. منهنجي خيال ۾ ان ساڳي خصوصيت جو ڪرشمو اسان ويجهڙائي ۾ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جناب علي محمد راشديءَ جي شخصيتن ۾ ڏسي چڪاآهيون. لطف جي ڳالهه اها آهي ته “بلبل” جي عظمت جو اعتراف، ساڳئي زمري ۾ ايندڙ راشدي صاحب هن طرح ڪيو آهي ته مرحوم شمس الدين “بلبل” “سنڌ اندر اخبار نويسيءَ ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو.” سندس همعصر صحافي ۽ شاعر مرحوم محمد هاشم “مخلص” وري هن طرح داد ڏنو آهي:
“بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص هو جنهن صحافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ هوئي هڪ صحافي هو جنهن پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪئي ۽ موجوده سليس ۽ پر اثر رنگين مضمون نويسي جو سڪو ڄمايو.”
اسان جي محترم ۽ برزرگ صحافي جناب حافظ خير محمد اوحدي جو چوڻ آهي ته صحافي لاءِ اديب هجڻ ضروري آهي، جيتوڻيڪ اديب لاءِ صحافي هجڻ غير ضروري آهي، ان حساب سان به ڏٺو وڃي ته مرحوم “بلبل” هڪ اعلي! قسم جو اديب، انشاپرداز، پنهنجي منفرد تحرير جو مالڪ ۽ ان سان گڏ بي مثل شاعر به هو ۽ شاعر به اهڙو جيڪو مزاح ۽ طنز کي به شاعري ۾ نباهي سگهيو ٿي.
ننڍپڻ ۾ مرحوم “بلبل” ان وقت جي مروج عام تعليم سنڌي، فارسي ۽ عربي ۾ حاصل ڪئي پر طبيعت جو ذهين ۽ ذڪي شاگرد هو. پنهنجي ليکي هن گهڻو ڪجهه اڀياس ڪيو ۽ پرايو. 1872ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ، انجنيري کاتي ۾ ، داروغي جهڙي ننڍيڙي حيثيت ۾ نوڪري ڪيائين پر اها طبيعت جي آزادي سان نه آئڙيس ۽ جلد ئي ڇڏي ڏنائين، ليڪن ڇڏيائين ڪيئن جو اهڙي قدم تي اڻ سڌي طرح آمادهه به انجنيري کاتي جي هڪ انگريز انجنيئر هن نموني ڪيس جو سندس خدا داد قوتن ۽ ذڪي ذهن کان متاثر ٿي کيس شاهه نامه فردوسي تحفي طور ڏنائين.
بس ٿوري ئي وقت ۾ “بلبل” مرحوم کي پنهنجي ارد گرد جون حالتون ۽ ماحول ننڍڙو ۽ ساهه کي گهٽيندڙ محسوس ٿيڻ لڳو ۽ اهڙي طرح هو ميهڙ مان نڪري ڪراچي ۾ 1889ع ڌاري پهتو، بقول سندس فرزند مرحوم ضياالدين ضيا، “سنڌ جي سر سيد، مرحوم خانبهادر حسن علي آفنديءَ جي جوهر شناس نگاهه، مرحوم “بلبل” کي سڃاڻي ورتو ۽ کيس پنهنجي سياسي، علمي ۽ تعليمي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجو دوست، رفيق ۽ معاون، دست راست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.” خود مرحوم آفنديءَ هڪ دفعو چيو هو ته؛ “مون کي عجب آهي ته اهڙو انسان ميهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟”
ڪراچيءَ جي کليل فضا ۾، رهي ڪري، مرحوم “بلبل” شعور جي وسيع ميدان ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هر ننڍي وڏي ڪم ۾،مرحوم حسن علي آفنديءَ سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو، مرحوم کي پنهنجي جوهر ڏيکارڻ جو پهريون موقعو تڏهن مليو، جڏهن پونا ڪميشن ۾ سنڌ جي زرعي مسئلن متعلق حاضر ٿيڻ تي، کيس مرحوم حسن علي آفنديءَ لاءِ حقائق گڏ ڪرڻا پيا، سنڌ جي زمينن هارين ۽ زميندارن ۽ سندن حالات جي باري ۾ هن شخص انگ اکر جمع ڪرڻ سان ڪمال ڪري ڇڏيو هو، نتيجي ۾ مرحوم بلبل جي شاهدي کان متاثر ٿيندي پونا ڪميشن سنڌ سان دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ لاڳو ڪيو ۽ اهڙي طرح زميني ملڪيتون بچايون ويون، بلڪ ان جو فائدو اڄ تائين سنڌ ۾ ورتو پيو وڃي، سنڌ صوبي جي ٻئي مجموعي جز جو ڪم مرحوم بلبل وقف علي الاولاد جهڙي مفيد قانون پاس ڪرائڻ جو هو جنهن سلسلي ۾ پنهنجي ملڪيت وقف ڪري بهترين مثال قائم ڪيائين.
دراصل مرحوم “بلبل” کي عملي ميدان ۾ آڻن لاءِ اهو درد ذميدار هو جو کيس سنڌي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي طرح پٺتي رهجي وڃڻ واري حقيقت مان پيدا ٿيو هو، ان زماني ۾، مسلمانن جي حالت واقعي افسوسناڪ هئي، هر طرح ۽ هر طرف هندو ڇانيل ۽ اثر انداز هئا، جهڙا واپار ۾ تهڙا نوڪرين ۾، هندو اقليت ۾ هئڻ جي باوجود، تعليمي ترقيءَ سبب، هر هنڌ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ واري پوزيشن ۾ هئا ۽ پنهنجي مفادن کي محفوظ رکڻ لاءَ بعض اوقات ته زياديتن ۽ ارهه زوراين تي به لهي ٿي آيا، مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ کين پنهنجي حقن جي حفاظت جي هنر ڄاڻڻ لاءِ، هو مرحوم حسن علي آفنديءَ سان اچي شريڪ ٿيو هو.
پهريائين ته مرحوم“بلبل” ان قسم جا مضمون لکڻ شروع ڪيا جيڪي پر اثر ۽ اپيل ڪندڙ نوع سبب، مختلف رسالن ۽ اخبارن وڏي جوش ۽ شوق سان ڇپيا ۽ پڙهيا ايندا هئا، ستت ئي کيس سنڌ مدرسته السلام ڪراچي واري ماهوار رسالي “مجمع مدرسه” جي ايڊيٽري سونپي وئي جيڪو هن ڪراچي کان اڳ مشهور تصنيف “تنوير الايمان” جو مصنف ۽ فقه جو استاد مرحوم مولوي ميان محمد عثمان نورنگ زاده ڪڍندو هو، اتان “بلبل” مرحوم جي صحافتي ميدان ۾ عملن گهڙڻ جي ابتدا ٿئي ٿي ان رسالي ذريعي مرحوم “بلبل” انهن تنقيد ڪندڙن کي به اثرائتا جواب ڏنا جيڪي لا علمي سبب، مرحوم آفندي جي پروگرام تي غلط نڪته چيني ڪري رهيا هئا، اهڙي طرح ان پروگرام لاءِ مددگار ماحول هموار ٿيندو ويو ۽ مسلمان انگريزي ۽ ٻيا علوم سکڻ لاءِ ميدان ۾ اچڻ لڳا، هن کي سندس جرئتمندانه ۽ حقيقت پسندانه لکڻين سڄي سنڌ ۾ مقبول ڪيو ۽ بلبل مرحوم کي اکين ۾ جايون ملڻ لڳيون، هن کي هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جون ايڊيٽريون آڇيون ويون ۽ متعدد اخبارن کي سندس سهڻين صلاحيتن ۽ هدايتن جي ضرورت محسوس ٿي. مرحوم “بلبل” کي “ڪراچي گزيٽ” ، “هفتيوار خيرخواهه” لاڙڪاڻه، “هفتيوار مسافر” حيدرآباد، آفتاب سکر ۽ الحق سکر جنهن سان ڪنهن مرحلي تي چڱي خاص ڏي وٺ ٿي هئي جي ايڊيٽر ٿي رهڻ جو شرف حاصل آهي، “آفتاب سنڌ” سکر جو ته مرڻ گهڙيءَ تائين ايڊيٽر رهيو. ايڏين مصروفيتن جي باوجود به مرحوم شمس الدين “بلبل” ڪمال جي شعر و شاعري، تعليمي ڪانفرنس ۾ دلچسپي، مختلف ٺهراءُ تيار ڪرڻ ۽ تقريرن ۾ بيحد مشغول رهيو. ساڳئي وقت مسلمان ٻارن لاءِ نصاب تيار ڪرڻ، مفيد پمفليٽ لکڻ، شايع ڪرڻ ۽ تقسيم ڪرڻ جو ڪم به گهڻي ڀاڱي سندس حصي ۾ رهيو. سندس ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن جو پتو مرحوم “بلبل” جي ڪتاب “مسلمان ۽ تعليم” مان پوي ٿو جو پاڻ لکي مسلمانن ۾مفت ورهايائين. 1907ع ۾ ڪراچي ۾، آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ٿي هئي جنهن جو روح روان مرحوم “بلبل” ٿو نظر اچي، جنهن ۾ سنڌي مسلمانن لاءِ هڪ ٺهراءُ پاس ڪرايائين ۽ فارسي زبان ۾ بهترين تقرير ڪري هندستان جي ڪيترن آيل عالمن فاضلن (جن ۾ نواب وقار الملڪ ۽ مشهور شاعر حالي به شامل آهن) کان داد ورتائين. سنڌي زبان سان گڏ هن فارسيءَ ۾شعر و شاعري ڪئي آهي. پنهنجي ڳوٺ ميهڙ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيائين جيڪو بعد ۾ سرڪار هاءِ اسڪول بنايو ۽ وڌايو.
اسلامي همت ۽ غيرت ڪيتري قدر مرحوم “بلبل” ۾ هئي، ان جو اندازو ان واقعي مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو جيڪو مارچ 1913ع ۾ ترڪي جي مدد لاءِ “انجمن هلال احمر” جي وفد پاران ميهڙ آمد جي شڪل ۾ رونما ٿيو هو. ان موقعي تي تقرير ڪندي مرحوم “بلبل” في البديهه نظم پڙهي هئي، جنهن جون نهايت اپيل ڪندڙ ۽ دل کي لڳندڙ ٻه سٽون هن طرح هيون:
“هنن جي خير مقدم ۾ اسانکي هيئن چوڻ گهرجي،
اجهي هي زر اجهي زيور، اجهي هي گهر اجهي هي سر.”
وڌيڪ چيائين:
“ڀلي آيا ڀلي اي سرگروه قوم دين پرور
مجاهد في سبيل الله فائز في هلال احمر
اوهان جي خاص خدمت آ خدا جي راهه ۾ورنه
ڪٿي بستان، ڪٿي ويران، ڪٿي بنگلا ڪٿي هي بر.”
مرحوم شمس الدين “بلبل” هڪ قادر الڪلام شاعر هو، پنهنجي انفرادي طرز تحرير جو مالڪ هو، بهترين مقرر ۽عالم اديب هو. ليڪن جنهن ڳالهه کيس مقبوليت جي معراج تي پهچايو سو هئي سندس ظريفانه مذاق ۽ مزاحيه روش جنهن جو کليل ۽ دلبندي اظهار هن پنهنجي نثر ۽ نظم ۾ پرڪشش ۽ پر اثر انداز ۽ جرئت سان ڪيو. ان فن کي جنهن نموني هن ترقي ڏياري ۽ نباهيو، اهو مرحوم “بلبل” جو ئي ڪم هو ٻئي جي وس کان ڳالهه ٻاهر هئي. هن مزاحيه ۽ طنزيه انداز ۾ ان وقت جي معاشري ۾ مروج غلط ڳالهين، بدعتن ۽ ڪمزورين کي ظاهر ڪيو ۽ هڪ دور رس نگاهه رکندڙ رهنما وانگر، مرحوم “بلبل” عام ماڻهن کي صحيح رستي جي نشاندهي ڪري ڏني. هن هڪ طرف مغرب جي انڌي تقليد تي حملو ڪيو ۽ ٻئي طرف مشرقيت جي نالي ۾ اختيار ڪيل بدعتن ۽ بدڪارين جي بيخ ڪني ڪئي ۽ انهن کان پرهيز ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ان سلسلي ۾ هن غلط قسم جي ملن مولوين، وڏيرن ۽ واڻين ۽ مختلف ماڻهن جا خوب ڇوڏا لاٿا آهن. بدعتي پيرن جي خلاف به خوب ڇوهه ڇنڊيائين. خود آفتاب اخبار ۾ به بدعتي پيرن جي خلاف وقت به وقت مضمون پڌرا ڪندو رهندو هو. مختلف موضوعات تي اٽڪل ست ننڍڙا ڪتاب لکيائين جيڪي 1896ع کان وٺي 1915ع تائين لکيل سندس ڀوڳ ۽ طنز سان ڀريل مواد تي مشتمل آهن، جن کي “مزاحيات” جي هڪ نالي هيٺ بعد ۾ ڇپيو ويو. سندس شعر و شاعريءَ تي “ديوان بلبل” شايع ٿيل آهي. ليڪن سندس سياست ۽ صحافت جو بهترين ۽ لازوال انڪشاف ۽اظهار مرحوم شمس الدين “بلبل” جي تصنيف “جام جم” ۾ ٿئي ٿو. ائين کڻي چئجي ته سندس سياسي ۽ صحافتي تجربي جو نچوڙ“جام جم” ۾ نروار ٿئي ٿو. دراصل “جام جم” ۾ آيل مواد “آفتاب سنڌ” اخبار ۾ 1918ع ڌاري ڇپيل ادارين جو مجموعو آهي. جڏهن “هوم رول تحريڪ” زورن تي هئي ۽ ان جي تيز وهڪري ۾ ڪيترائي هندستان جا ناميارا اڳواڻ وهي ويا هئا. اهو اهو زمانو هو جڏهن هندن ۽ مسلمانن جون ٻه مکيه سياسي جماعتون ڪانگريس ۽ مسلم ليگ هڪٻئي کي گهڻو قريب اچي چڪيون هيون ۽ ڪيترن ئي مسئلن ۽ مطالبن تي متفق ۽ متحد ٿي ويون هيون. ائني بيسنت جي ڪوشش جي نتيجي ۾ ۽ سندس شخصيت جي اثر هيٺ، “هوم رول تحريڪ” سنڌ ۾ پنهنجا پير کپايا ۽ ان ڪم ۾ هتي جا ڪيترائي قومي خيالن وارا ليڊر جهڙوڪ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي وڏو بهرو وٺي رهيا هئا. سنڌ ۾ ان وقت مسلمانن جي آزاد خيالي جي ترجماني سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ڪري رهي هئي جنهن جو مکيه دليل هو ته تعليم گهٽ هجڻ سبب سياسي حقن جو حصول سنڌي مسلمانن کي ڪو خاص فائدو ڪونه ڏيندو. تنهنڪري هندن سان گڏجي آزاديءَ جا حق وٺڻ ٿيندو انگريزن جي ارهه زوراين مان نڪري هندن جي ٻوهي ۾ اچڻ جيڪا صورتحال نسبتاً وڌيڪ خطرناڪ هئي ڇو ته انگريز ته وري به هڪ ڏينهن وڃڻ وارا هئاپر هتي هميشه رهندڙ هندن مان جند آزاد ڪرائڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي پوندو. لهٰذا اها آزادي جي ڪوشش ۽ حقن جي گهر ڏاڍي مهانگي پوندي. انهن ويچارن کي ورجائڻ ۽ مسلمانن کي هندن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسڻ کان وڏي واڪي انتباهه ڏيندڙن ۾ مرحوم “بلبل” ممتاز حيثيت والاري ٿو، پر گهڻائي وري به انهن اڳواڻن جي هئي ۽ اڪثريت اهڙين اخبارن جي هئي جيڪي “هوم رول” جي تائيد ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. انهن سڀني جو مقابلو ڪرڻ ان دور ۾ جڏهن اخبار بيني ٿورا مسلمان ڪندا هئا ۽ هندن ۾ سجاڳي زياده هئي، اهو هڪ نهايت ڪٺن ڪم هو. ليڪن اهو ئي ڪم مرحوم “بلبل” پارو دلير ۽ بي باڪ لکندڙ هٿ ۾ کڻي سگهيو ٿي. ان حالت تي افسوس جو اظهار خود “بلبل” هن طرح ڪيو آهي:
“هندن جون ٻه چار روزانيون اخبارون، ٻه ٽي باءِ ويڪلي ۽ ڪيئي هفتيوار آهن، تن سان گڏ چوپڙين جو ٺڪاءُ پيوپوي. هيڏانهن هڪ انڌو ٻيو منڊو، الامين مخالفن جي چنبي ۾ ۽ انهن سان هم راءِ، الحق به نيمي دورن، نيمي برون، بلڪه ان جا خيال به ساڳيا آهن، باقي هڪ اخبار ڇا پٽيندي ۽ ڇا روئيندي؟ هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄندي آهي. جيڪي قوم جا سربراهه انهن ڳالهين جا مخالف به آهن سي به خواب خرگوش ۾ ستل آهن يا ڀائين ته مسلمان سائو گاهه آهن، سو ڀلي پيا ڪپجن. ائين ئي سائي جا ساوا رهندا. خبر ناهي ته اهو سندن خيال ڪيتري قدر مفيد آهي. يا ته رضا تي راضي آهن ته جيئن خدا کي وڻندو، تيئن ڪندو، مگر خداوند ڪريم هٿ پير، زبان، طاقت، قوت، دولت به ڪنهن ڪم لاءِ ته ڏني آهي، جن کان دين ۽ دنيا جو ڪم وٺون، پر اسين ته پاڻ کي ٻنهي ڪمن کان عاري ۽ ڪورو ٿا ڏسون. الا ماشاءَ الله!
“ان بابت آفتاب ۾ جيڪو مٿو هنيو آهي ۽ هيترن سارن مسلمانن کي سوال جواب ڪياآهن، سو به ناظرين تي روشن آهي. ٽن مهينن کان اها ڌوڻ لڳي اچي پر هڪ نيٺ هڪ آهي، ڪيترين بلائن کي پڄندو...” (1)
ان وقت هندن سان هم خيالي رکندڙ مسلمان ليڊرن جهڙوڪ آل نبي ۽ حسن امام جي دليلن ۽ تقريرن جا جواب، هڪ چوپڙيءَ ۾ مرحوم “بلبل” ڇپائي پڌرا ڪيا هئا، اهي پڙهڻ وٽان آهن. لکي ٿو
“تناسب اعداد 30 في صديءَ تي خوشي ڏيکاري اٿس، سا به ٿي ساري هندستان جي آدمشماريءَ تي. باقي سنڌ ۾ ته انهيءَ تعداد سان مسلمانن جي ٽنگ کڄي پوندي! ليڪن ٻين هنڌن تي هينئر 30 جي بجاءِ 40 في صدي آهي، سا اڃا ڏهه به گهٽائي ٿو. افسوس ته اهو آهي جو اسان جا وڏا معزز مسلمان يا ته ڪجهه نه ڪن، جي ڪن ته حد کان زياده بي نمڪي يا شورا شوري. وڌيڪ افسوس ته اهو به جو هندن جي پيشوائي ڪندڙ گويا اڄ ڪلهه اسان جا اهي ئي امام آهن. ڪو مورتي پوڄا ۾ ديوي بيسنتي مائيءَ جا چرن ٿو چمي ان کي گلن جا هار ٿو پهرائي، ڪو پنهنجي جلسي جو آغاز “بندي ماترم” جي بسم الله سان ٿو ڪري. اسان جو عالي دماغ، آنربل حسن امام ته ياحسين ڪري ڇڏي!
ڇا چئي ته ڪلڪتي مان ڦيرائي جي ڪانگريس جو جلسو صوبي بهار ۾ ڪن ته يڪدم 30 هزار رپيا نقد ان ديويءَ جي ٻل چاڙهيندو. اهڙو ڪو غضب! جو امام مهديءَ جي نزول تي به هوند ڪو مومن مسلمان ايڏي قرباني نه ڪري. مسلمانن جي احتجاجن ۽ مفلسيءَ جا اهو حال، اسان جي امامن جا اهي ٽوپا! “ڪاٿي چور سڃا، ڪاٿي ڍور سڃا”! اسان وٽ ان جي ٽين پتي هجي ته به هوند ايجوڪيشنل ڪانفرنس جو ڌام ڌوم سان جلسو ڪري گذرون.
“غرض ته مون چرئي کرئي، پنهنجي ناقص عقل موجب، ڏاڍو ان تي مٿو هنيو آهي. جيڪڏهن سبز باغ مان هڪ ٽاري سائي، يا ڪو گل ٻوٽو ڏسڻ ۾ اچي ها ته منهنجو نالو اڳي ئي “بلبل” آهي، هوند جهٽ پٽ ٽپ ڏيئي ٻک وجهانس ها، مگر خزان ئي خزان، خار ئي خار نظر اچن ٿا، تنهنڪري منهنجو عرض آهي ته هن بابت مون ۽ آفتاب جي خاطن ڏاڍو گهڻو لکيو آهي ته اسين في الحال ۽ باالفعل هوم رول جي لائق آهيون ۽ نه ان کي خراب ٿا چئون ۽ نه گهرندڙن کي ...” (1)
“هوم رول” جي مخالفت جا ڪارڻ ڳڻائيندي، مرحوم شمس الدين “بلبل” راءِ زني هن طرح ڪئي آهي:
“قياس جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ اسين مسلمان 80 سيڪڙو آباد آهيون ۽ هندستان ۾ وري سڀ مسلمان 20 سيڪڙو مس ٿيندا. جيڪڏهن ڪانگريس ۽ ليگ جي ٺهراءَ موجب فقط اسان کي بمبئي سان گڏ ٽين پتي ميمبرن جي ملي ته به اسان کي ڪس نه ته هينئر جن صوبن ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ٺهراءَ پاس ڪري 30 سيڪڙو عدد ڏنو آهي، اتي سرڪار 40 سيڪڙو حق ڏئي ٿي. تنهن کانسواءِ خود حڪومت جو اصل اصول ۽ مکيه فائدو آهي عملدارين ۽ نوڪرين ۾، پوءِ جيڪڏهن تعليم ۽ امتحانن جي لياقتن تي نوڪريون ۽ عهدا ٿيا ته به اسان لاءِ نقصان! اوهان خيال ڪري ڏسندؤ ته وڏا عهدا يا عزتون نيٺ ته تعليم ۽ لياقت تي ورهائبا. پوءِ اوهان اهڙو اندازو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪيترا مسلمان گريجوئيٽ آهن. مون ليکو ڪيو آهي ته بئريسٽرن سان ملائي هر هڪ ضلعي ۾ چئن کان ڇهن تائين مس مسلمان لڀندا جي جملي 20، 30 آهن..... مگر جن ڀائرن جو هي حال آهي جو هاڻي ئي اڃا ڪنهن لائق مسلمان کي قسمت سان ڪا جاءِ ملي ٿي ته هندو اخبارن ۾ گهوڙا گهوڙا پئجي ٿي وڃي، پوءِ جي کين هوم رول مليو ته اسان کي ڏوئين سان نه ڏنڀيندا”. (2)
مرحوم “بلبل” جي اهڙي خيال ۽ سوچ جي صحت، صاف ثابت هئي. هندن جي عام هلت واقعي انهن اهڃاڻن ڏانهن کليل اشارو پئي ڪيو ته کين سياسي آزادي ۽ ملڪ ۾ اندر سوراج اهڙا گهرجن جنهن ۾ هندو جاتي جا انفرادي مفاد محفوظ رهن ۽ جنهن ۾ مسلمان وڌيڪ ننڌڻڪا ۽ ڪمزور رهن.
ان صورتحال جي تائيد، مرحوم “بلبل” جي سياسي مخالف مسلمانن ۽ سندن اخبار به بعد ۾ ڪئي. سڀني کي معلوم آهي ته ابتدا واري زماني ۾ روزانه “الوحيد” اخبار باوجود ان جي جو خلافت تحريڪ جهڙي خالص مسلمانن جي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو بيٺي هئي، هندستان جي اندروني سياسي ليول تي هندو مسلم ٺاهه ۽ اتحاد جي دعويدار هئي. ان اخبار فرقيوارانه ڇيڙ ڇاڙ کان نه رڳو پاسو پئي ڪيو بلڪه ڇيڙ ڇاڙ ڪندڙن جي دل شڪني به پئي ڪئي. اهڙيءَ اخبار به اڳتي هلي، مجبوراً اهو مڃيو ته هندن جي سياسي چال مسلمانن جي سراسر خلاف آهي ۽ هو ڀروسي جهڙا نه آهن. اهڙي احساس جو اظهار سندس 6 ڊسمبر 1924ع واري اداريي مان صاف نظر اچي ٿو: اخبار لکيو:
“جڏهانڪر حيدرآباد ۾ سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن تڏهانڪر تعصبي هندن ۽ سندن ڪن اخبارن جي آرام ۾ اچي خلل پيو آهي ۽ سندن مضمونن مان صاف پيو معلوم ٿئي ته هنن کي اها ڳالهه پسند ڪانه آهي ته مسلمان پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي قوم جي تعليم جي ترقيءَ جو خيال ڪن. اهڙي تعصبي هندو اخبارن کي ڀلا مسلمانن جو اهڙو ڪم ڪيئن وڻندو؟ هنن جي ته اصل کان اها مرضي هئي ته مسلمانن کي غفلت جي ننڊ ۾ ستل ڇڏي پاڻ وڃي “هندو سڀائون” ٺاهين ۽ اهڙيءَ طرح هو پنهنجي “هندو جاتي” جي ترقي ڪندا رهن. ڪنهن کان به اها ڳالهه ڳجهي نه آهي ته سنڌ ۾ جڏهن مسلمان پنهنجون اسلامي جماعتون (مثلاً سنڌ محمدن ايسوسيئيشن، سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس ۽ سنڌ مسلم ليگ) ڇڏي جوق در جوق ڪانگريس ڪميٽين ۽ خلافت ڪميٽين جهڙين قومي جماعتن ۾ وڃي شريڪ ٿيڻ لڳا جي جماعتون سنڌي هندو ۽ مسلمانن جون گڏيل جماعتون هيون. وڏا وڏا سنڌي هندو ڪانگريسي اڳواڻ مسلمانن کي ڇڏي وڃي هندو سڀا ۽ شڌي سڀا برپا ڪري جداگانه پنهنجي هندوجاتي جو رڳو ڪم ڪرڻ لڳا ۽ قطع تعلقات جي تحريڪ (جا ان وقت زنده هئي) کي خير آباد چئي وڃي موالاتي ۽ سرڪاري ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳا. اسان سندن اهڙي ڪارروائي تي ڪو تعجب ڪونه ڪيو ڇو ته اسين اڳي ئي ائين سمجهي ويٺا آهيون ته سرڪار جي مخالفت هندو جاتي گهڻو وقت ڪري ڪين سگهندي. هنن کي سوراج رڳو اهو گهرجي جنهن ۾ سندن ڪن ڀائرن کي ڪي وڏا عهدا ۽ وڏا پگهار ملي سگهن ۽ پندت مدن موهن مالويه ۽ سوامي شرڌانند جي تجويزن مطابق هندستان جا ست ڪروڙ مسلمان پنهنجو مذهب ڇڏي هندو ٿي وڃن...”
اها حقيقت آهي ته وقت گذرڻ سان ان قسم جو احساس مسلمانن ۾ وڌندو ويو ليڪن ايترو اڳ ان کي سهي ڪري وٺڻ ۽ مسلمانن کي وارننگ ڏيئي هندن کان ڀڄي پري ٿي بيهڻ جي تلقين ڪرڻ جهڙو ڪم مرحوم شمس الدين “بلبل” جهڙو دور انديش ماڻهو ئي ڪري سگهيو ٿي.
بلبل مرحوم جو اصلاحي ڪردار
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ
سنڌ جي پاڪ زمين هر هڪ دور ۾ ڪي اهڙيون هستيون پيدا ڪيون آهن جن جي علم و فن ۽ فڪر سان دنيا جو هي خطو هر وقت روشن رهيو آهي. تاريخ جي شروعات کان وٺي اڄوڪي دور تائين سنڌ ڪئين عالم ۽ فاضل شخص پيدا ڪيا آهن جن جي قابليت ۽ ڪمال مان نه فقط سنڌ جو عوام پر سڄي دنيا جا ماڻهو فيضياب ٿيا آهن، شاعرن جي به هتي ڪا گهتائي ڪانهي. اهو صحيح آهي ته ڪيترن شاعرن جو ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي، پر ان هوندي به جيڪو هٿ چڙهيو آهي، سو ڪنهن به حالت ۾ ٻين ٻولين جي شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. شاعرن جا گهڻيئي قسم هوندا آهن، ڪي تعميري ته ڪي تخريبي، ڪي اصلاحي ته ڪي عاشق مزاج، ڪي طنزيه ته ڪي ڳنڀيرڪي ٽچ ميٿڊ (يعني في البديهه) ته ڪي وري چٽ ميٿڊ (يعني جڙتو)، ڪي عوامي ته ڪي وري علائقائي شاعر هوندا آهن. انهن سڀني ۾ عوامي ۽ تعميري يا اصلاحي شاعر جو درجو سڀ کان اعليٰ ۽ بلند رهيو آهي.
ميان شمس الدين “بلبل” جي تصنيفن مان ظاهر ٿو ٿئي ته هو طنزيه ۽ اصلاحي شاعر هو. عاشق مزاجي جي به ڪجهه چٽ سندس ڪلام ۾ مليل ٿي ڏسجي، جنهن ڪري اهو وڌيڪ سهڻو ۽ دل لڀائيندڙ ٿيو پوي. “بلبل سنڌ” لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته هو اترادي هو ۽ ميهڙ شهر جو رهاڪو هو. سندس وڏا مڪران جي طرف کان آيا هئا ۽ چينه يا (شينه) قوم مان هئا. (1)، پر سندس ديوان جي ديباچي ۾ کيس ذات جو ابڙو ڪري لکيو ويو آهي. بلبل جي تعليم سنڌ جي پراڻي رسم موجب قرآن شريف، نور نامي ڪريما، گلستان بوستان، ديوان حافظ وغيره تي مشتمل هئي، جا انگريزن جي سڄي دؤر ۾ سڄي سنڌ ۾ رائج هئي، پر هاڻي گهٽجي چڪي آهي. جوانيءَ ۾ هن وڃي ڪراچي وسائي، جتي حسن علي آفنديءَ کيس “معاون” اخبار جو ايڊيٽر ڪري رکيو. انهيءَ اخبار ۾ سنڌي شاعرن جا بيت ۽ غزل وغيره شايع ٿيندا هئا، ان ڪري هن به انهيءَ صنف تي ڪراچي ۾ طبع آزمائي شروع ڪري ڏني. جيئن ته سندس ذهن جو لاڙو شعر ۽ شاعري ڏانهن اڳيئي هو ۽ ويتر ڪا عشق جي چپيٽ به لڳي ويئي هيس، ان ڪري ٿوري عرصي اندر هو هڪ سٺو شاعر ٿي پيو. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته بلبل پنهنجي شعر جي شروعات فارسي ڪتاب جي نظم جي طرز ۽ وزن تي ڪئي هئي، جن سان ڪيتريون ئي سٽون پنهنجي نظم ۾ آزادانه استعمال ڪيون آهنس. مثال طور:
پيارج ڪو اڄ بير وسڪي جو پا
“ڪريما به بخشائي بر- حال ما”
وڏا مان ڪيان ٿو ولايت لئي وس
“نداريم غير از تو فرياد رس”
متان هي اسان کي منجهائن ملا
“نگهدار مارا ز راهه- خطا” (2)
اهڙي طرح ٻئي هنڌ وري هيئن ٿو چوي:
ٻڌي وارن ۾ وانگوڙو هلي ٿي “مس” جڏهن بلبل،
“زتاب جعد مشڪينش چه خون افتاد در دلها” (3)
هن شعر ۾ “مس” جي وانگوڙي کي انهيءَ خوشبوءِ دار چڳ سان تشبيهه ڏني آهي، جا هڪ خاص قسم جي هرڻ ۾ هوندي آهي ۽ جنهن مان مشڪ پيدا ٿيندو آهي.
مٿئين شعر مان ظاهرٿو ٿئي ته وانگوڙو ڪڍڻ انهيءَ دور ۾ ڪراچيءَ ۾ فيشن هو، پرهاڻي ته ڳالهه ئي اور آهي. ٽيڊي ڇوڪريون وار ننڍا ڪيو ٺوميون ٿيو وتن يا ته وري چوٽن جا وار اهڙي طرح مٿي چاڙهي ٿيون ٺاهين جو مٿي مان ٻه مٿا ٺهيو پون. جوانيءَ کي جس آهي، جيڪي ٺاهين سو ٺهي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيئي مثال آهن، جن۾ بلبل فارسي شاعرن جي بيتن ۽ غزلن جون ڪيئي سٽون پنهنجي ٺاهيل نظم سان گڏ استعمال ڪيون آهن.
بلبل جي ڪلام کي چڱي طرح جاچ پڙتال ڪري ڏسجي ته معلوم ٿيندو ته سندس شاعري ٽن قسمن جي آهي: طنزيه، عشقيه ۽ اصلاحي، پر سندس شاعريءَ مان اهو پڻ ظاهر ٿو ٿئي ته هو پراڻن خيالن جو ماڻهو هو، جنهن تي سندس مائٽن ۽ ماحول جو ٽالپري عهد وارو سچائي، اخلاص، شرافت ۽ مانَ ڀريل ثقافت جو اثر هو. اهوئي سبب آهي جو هو انگريز ۽ سندن زبان انگريزيءَ ۽ پڻ مغربي تهذيب جي سنڌين مٿان اثر انداز ٿيڻ جي خلاف هو. انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ غير مسلم قومن کي ڏاڍو زور وٺايو ۽ مسلمانن جي تذليل ڪئي. نه فقط ايترو، پر اڃا سنڌ تي قابض ئي ڪونه ٿيا هئا، تڏهن به هنن پنهنجي وت آهر سنڌ جي اميرن، نوابن، عهديدارن وغيره جي بي عزتي ڪئي هئي، جنهن جو اعتراف ڪرنل ايسٽوڪ پنهنجي مشهور ڪتاب”Dry leaves from young Egypt“۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي. (4) ٻيو سبب وري هي هو جو بلبل صاحب هو فارسي ۽ سنڌي پڙهيل ۽ڪراچي ۾وڏا عهدا مليل هئا انگريزي پڙهيل ماڻهن کي، ان ڪري سندس انگريزن سان عداوت قدرتي طور هئي، جيئن پاڻ چوي ٿو:
جي ڪندين ڪين تون انگلش کي ادا ياد
ته ترڪ ترقي کي ڏيئي بيهوده بيڪار ٿي هل
علم عربي ۾ ڪيئي عمر اجائي ضايع
جي پڙهيئي فارسي ته ڪمتر ڪوٽار ٿي هل (5)
اهو فقط بلبل جو طريقيڪار ڪونه هو، پر سنڌ جي مسلمانن جي وڏي حصي ۾ به انگريزن جي خلاف نفرت هئي. اهو انهيءَڪري جو انگريزن غير مسلم عناصر کي سندن غداري ۽ ملڪ دشمني جي صلي ۾ وڏا عهدا ۽ انعام اڪرام ڏيئي نوازيو هو. بلبل جيئن ته انهيءَ دور جي پيدائش هو ان ڪري کانئنس اهو ڏٺو نه ٿيو. ان ڪري انهيءَ بي انصافي جي خلاف هن هيءُ آواز اٿاريو:
“مسلمان هندن ۾ آڻيو تميز
ته ڪيئن پست هي ٿيا ۽ ڪيئن هو عزيز
لقب واهه “ديوان صاحب” وڻيو
ننڍو ۽ وڏو راءِ صاحب بڻيو
ڪيائون ترقي ته تعليم ۾
پکڙجي ويا ساري اقليم ۾
جو هڪڙا ته جج ۽ اسسٽنٽ ٿيا
ڏسو ٻيا ته بيرسٽر بڻيا
جو هڪڙاته ڊپٽي ۽ مختيارڪار
ته ڪي ڪليڪٽر ڪي دفتر مدار
جي هڪڙا هيڊ منشي ته ٻيا اورسيئر
جي هڪڙا سپروائيزر ته ٻيا انجنيئر
جي هڪڙا سب رجسٽرار ته ٻيا فوجدار
سول جا ڪي ناظر ته ڪي سرشتيدار
جي هڪڙا پليڊر ته ٻياپبلشر
جي هڪڙا مينجر ته ٻيا ايڊيٽر
مڙيئي آفيسون ڄڻ انهن جون خريد
ٿين ڪونه کاتو ۽ عهدوبعيد.” (6)
بلبل صاحب هندن جي انگريزن هٿان همت افزائي ۽ انهن جي ترقيءَ جو جيڪو نقشو چٽيو آهي تنهن جي هر هڪ سنڌي مسلمان کي خبر آهي، ڇاڪاڻ ته آزادي کان اڳ مسلمانن کي ڪلارڪي جي نوڪري به مشڪل سان ملندي هئي ۽ جيڪي هن وقت وڏن عهدن تي فائز آهن سي ڪنهن به حالت ۾ڪلارڪي کان مٿي چڙهي نه سگهن ها. پاڪستان نه ٿئي ها ته مسلمانن جي حالت به نه بدلجي ها پر دنيا جوعجب رنگ آهي:
اسپ تازي شده مجروح زير پالان
طوق زرين در گردن خر مي بينم
ظاهر آهي ته بلبل جو قلم انگريزن ۽ انهن جي تهذيب جي خلاف هليو، جن جي رهڻي ڪرڻي، لباس ۽ فيشن وغيره سنڌ جي مشرقي ماحول ۽ روايات جي خلاف هو. انڪري هن مسلمانن کي انگريزن جي انڌي تقليد کان باز رکڻ خاطر ٽوڪ ۽ طنزيه نموني جي روش اختيار ڪئي آهي، جنهن جامختصر حوالا هيٺ ڏجن ٿا:
پڙهو انگريزي ڪيو اوج اعليٰ
وٺو خوب عهدا حڪومت هلايو
وٺي فيمليون پنهنجون فرحت سان ٻاهر
صبح سير ڪارڻ بگين ۾ بٺايو
شرم ۽ حيا کان ڪيو پنهنجو پاسو
ڦري مال بينڪن ۾ پيسا بچايو
ڪيو ڪوڙ ۽ سچ جي ڪوشش نه ڪائي
لکو هڪ ته تنهن کي پڙهي ٻي ٻڌايو
ڏيو ڪن نه ڪنهن کي جي ڀونڪن ٿا ڪتا
اوهان پنهنجي بلبل بنا پر اڙايو (7)
وري ٻئي هنڌ هيئن ٿو چوي:
وڃي هڪ شاپ تي ويهي برانڊي کي ڪيو هاها
“الا يا ايها الساقي ادرکا ساوناولها”
زمينون زر ڦرائي پو وڃي پئو قرض ۾ ڪاهي
“که عشق آسمان نموداول ولي افتاد مشڪلها”
ولايت ڏي وڃي ٿو ميل اسٽيمر ڪيو جلدي
“جرس فرياد مي دارد که بر بنديد مهملها”
ڏني آهي پير مون کي پادري لڪچر تنهنجي لذت
“که سالڪ بي خبر نه بود زراه ورسم منزلها” (8)
نئين حڪومت جي ڪري معاشري ۾ جيڪي خرابيون اچي پيون هيون تن جي ازالي جي به ضرورت هئي،ٻيو ته انگريزن اچڻ سان اسان جي هنر ۽ صنعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. اهو انهيءَ ڪري جو کين ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مال جو وڪرو وڌائڻو هو.نتيجو اهو نڪتو جو ديسي صنعتڪارن ۽ ڪاريگرن جي تذليل ڪئي ويئي ۽ سندن پيشي ۽ ڌنڌي کي ننديو ويو نه فقط ايترو پرکين گهٽ ذات جو تصور ڪيو ويو. اڄ تائين اوهان ڏسندؤ ته واڍو، موچي، لوهار، حجام ۽ کنڀاٽي وغيره نهايت ئي گهٽ سمجهيا وڃن ٿا، ان ڪري اهي پنهجي ذات بدلائڻ تي مجبور ٿيو وڃن. انهيءَ مصيبت جو بلبل هن طرح نقشو چٽيو آهي:
آهي نئين تعليم گڙ ٻڙ درجهان انداخته
حرڪتون شيطان آڻي درجهان انداخته
عمر ساري علم انگريزيءَ ۾ پوري ڪري
اڄ هنر ۽ڪسب کي گهر ۾ نهان انداخته
علم انگلش جو ڏسي اڄ زور بلبل بيگمان
عقل اهڙي وقت در تاب و توان انداخته (9)
انگريزي تعليم سان گڏ انگريزي نظام جي اچڻ ڪري انتظام ۾ جيڪا ڦير گهير پيدا ٿي سا به بلبل کي ڪانه وڻي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ رڳو هئي غريبان مار ۽ انصاف به ڏاڍو ڏکيو ٿي مليو. رشوت ملڪ ۾ ڪاهي پيئي هئي، جنهن ۾ چور ۽ ڀاڳئي سان ساڳي روش اختيار ڪئي ويندي هئي. سو هن سهڻي طرح تمثيلي حوالا ڏيئي اهڙن واقعن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مثال طور پوليس جي جاچ جو نقشو هن طرح چٽيو اٿس:
ڏسو پوليس جو تلبيس ملڪ الموت جان مارو
مثال گرگ ڳاڙهو وات سر ۽ ٻيو بدن ڪارو
هجي سوناري جو سو ڌڪ لوهر ٿو هڻي هڪڙو
ڪٿي جهرڪيون ڪٿي ٿيو گرڙ پک جولهس لامارو
رهن ٿا ديو هيبت ناڪ جان ڪرڙا ڪنسٽيبل
ڏسو جو وارداتن تي لڳي ٿو تن سندو وارو
ستمگر سنگدل ٿيا صاف صوبيدار صاحب جن
رکن ٿا جور جمعدار جابر سي جفا ڪارو
هجن راڪس اهي رهزن سپاهي سڀ وڏاننڍا
انسپيڪٽر بهادر “برڙ باڪس” جان رکن بارو
ڀلي ڀاڳئي ڏنو اطلاع جي چوري چڪاري جو
اچي ٿيندو مٿي ان گند گارين ويڻ وسڪارو
“يڪي نقصان مايه” “ٻيو شماتت راز همسايه”
ٽيون پادر پليسي پيو اچي منجهه ويچارو
گهرن ٿا گاهه ۽ داڻو آڻيو ڪاٺيون ڪڪڙ ڇيلا
ڪرن ميڙي ڪٺا ماڻهو، وجهن تن جي مٿان مارو
ڀري چالان ڪوڙو ڪيس ڪورٽ ۾ ڪندا داخل
وجهي ڪوڙا سچا شاهد رکي بهتان جو بارو. (10)
مٿين ۽ ٻين انيڪ مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته هن همدردانه نموني ۾ سنڌ جي عوام سان خاص ڪري ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زبردستيءَ کي بي نقاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ڪامورا ڪڙا پنهنجي براين کان واقف ٿي پاڻ سڌارين ۽ خدا جي مخلوق کي ستائڻ کان باز اچن. ٻئي طرف وري عوام کي سندن براين ڏانهن متوجهه ڪيو آهيس ته جيئن اهي بريون عادتون ڇڏي پنهنجي اصلاح ڪن، شراب، ڀنگ وغيره کان پاسو ڪن. شراب واپرائڻ تي سندس طنزيه شعر اڳيئي ڏنل آهي. هاڻي ڀنگ بابت ملاحظه فرمايو:
مرد موالين لاءِ معجون آهي ڀنگ
عشرت ۽ عيش ڪارڻ افزون آهي ڀنگ
ڪونڊو تنهين جو دائر هفت زمين جو
ڏنڊو تهين جو گردش گردون آهي ڀنگ
پنڪي تنهين جي منزل ملڪوت تي رسي
خشڪي تهين جي مقصد مجنون آهي ڀنگ
پرولي تنهنجي ڪو ته پروڙي موالي مرد
بلبل جو معاني مضمون آهي ڀنگ. (11)
انگريزن جي حڪومت اچڻ کان پوءِ ماڻهن جو رجحان سادگي، شرافت ۽ ديانتداري مان بدلجي، بي ايماني، ٺڳي ۽ اجائي ٺٺ ڏانهن وڌڻ لڳو. جتي ڪٿي پيسي ۽ زر جي ڳالهه ٿيڻ لڳي، زر کانسواءِ ماڻهو لاچار ۽ بيڪار تصور ڪيو ٿي ويو ۽ اڄ به اهوئي رنگ هن ملڪ کي وٺيو بيٺو آهي. بلبل صاحب تمام مزاحيه انداز ۾ زر ۽ زر جي زور بازيءَ جو نقشو چٽيو آهي، جو نه فقط دلچسپ آهي، پر نصيحت آميز به آهي:
ٿي زر جي زور بازي ڪر موج روز تازي زر جي آ ڪامراني هر ڪائي ماسي ناني زر سان جهنگ بازار بي زر شهر ۾ پادر زر ساڻ سڀڪو گهرو قربان سس ۽ سهرو زر سان ڪوجهو ۽ ڪاڻو چريو به سڏجي سياڻو زر ٿو وڌائي نالو صدقي ٿئي پيو سالو بلبل ڀليا جي هن ۾ دنيا جي گل چمن ۾ |
زر آهه ته عشق ٺهه پهه زر آهه ته عشق ٺهه پهه جاني سڏي پيو جاني زر آهه ته عشق ٺهه پهه جو گهر ٿئي سو حاضر زر آهه ته عشق ٺهه پهه چاچو ۽ ڀاءُ چهرو زر آهه ته عشق ٺهه پهه اڳ ۾ اهو اگهاڻو زر آهه ته عشق ٺهه پهه توڻي هجي رزالو زر آهه ته عشق ٺهه پهه سي ئي رليا سخن ۾ زر آهه ته عشق ٺهه پهه |
بلبل جي اصلاحي تبليغ جو دائرو نه فقط نظم تائين محدود هو پر نثر ۾ به تمام گهڻو مواد موجود آهي. سندس مشهور ڪتاب، “قلندر جو ميلو” ۾ هن عوام جو ڌيان ميڙي ۾ ٿيندڙ خرابين ڏانهن ڇڪايو آهي ۽ کين آگاهه ڪيو آهي ته انهن بدعتن کان باز اچي سٺن ڪمن ڏانهن پنهجو ڌيان ڌرين. هن تڪ بنديءَ تي تمام سهڻي سنڌي ۾ انهن واقعن کي اهڙو ته سٺو بيان ڪيو آهي، جو پڙهندڙ سندس لاثاني قابليت کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي. انهيءَ ڏس ۾ هيٺ ڪجهه ٽڪرا ڏسن ٿا:
ڌمال جو نظارو:
ملڪ ملڪ جا فقير فڪريلا، گروهه گروهه گرو ۽ چيلا، ڪي صفا باصفا مست ۽ ملنگ ڪي آرڏونگ آڙٻنگ، ڪي روڏا توڏا يڪ سر دوگوش، ڪي لنگوٽ بند دلق پوش، ڪن کي حال ڌاڳا، ڪن کي ڪنٺا ڪستا، ڪن کي ڳانا لعل، ڪن کي ٽاميون ڇيريون، ڪن کي ڪنٺا ڪڙا، ڪن کي گهنڊ گهڙيال، ڪن کي کنجون چيلهه سان، ڪن کي سونٽا در دست، لعل و لعل، مست و مست، ٻاهر اندر قلندر مست، وڏن ماڻهن جا ڪافين تي وارا، ذري ذري جاءِ تي ماڻهن جا مارا، ٽونٽن جا اهڙا وسڪارا، جو ڦيڙها لنگيون ٻوگهل ٻارا، رنن روڳڙين جا مٿي اوتارا، ڄڻ آسمان ۾ تارا، مرد انهن کي اهڙا اوڏا، جو ڪلهاڪلهن سان، گوڏن ۾ گوڏا، تماشي ۾ اهڙيون محو منظر، جو نه تن جي سڌ نه بدن جي خبر، جي هيٺ ڏسو ته لکين آدمي گهڻا ۽ گهاٽا، ڪن ڌيان ڌمال ۾، ڪن جا مٿي ئي وات ڦاٽا، اکيون مٿي، ڀڳل ڳاٽا، هڪ ٻئي مٿان اوراٽا. (13)
ميڙي ۾ خرابيون:
“وري هيڏي ڏسو ته ڪڃري پاٽي جو دئو ٽمڪو گهڙيءَ جو ٽڪي جو ٽوئو، سو کڻي ٽنگيو، هڪ آيو ته ٻيو لنگهيو، تن کي به فرصت نه ساهي، هڪ اندر ته ٻيو ٻاهر واهي، جي واءُ ڏني ڦيري ته ٽوئو هيٺ ته مال ڍيري، ڪي ڄٽ بدڪار ته هاسڪار مٿو رنن جو ٽوئي مان پار ڪريو ڇڏين.”
“هوڏانهن وري ناٽڪ جو ڦاٽڪ کليو، ته ٽڪيٽ لاءِ پاڪٽ خالي، مليو هت وري جادو مثل، نئين نموني جو سڀ نقل، ڏينهن جو ڪارو منهن ته رات جو گل جهڙو منهن، چيلهه چمڙي جي ته رنگ بادام، مڇر مڇر جو اندر نام، ڇوڪر ڇڙي سڀ ڏيڍ گهڙي، جل پري گلتي سون، ڪلاباتي زري، گهڙيءَ جو گهات، پري پري جو پاٽ، عجب ادائون، عجب گانا، عجب سرود عجب پيمانا، سياڻا به ديوانه ٿيو پون.” (14)
نقصان:
“ڪنهن جي ڳنڍ ڪپي ته ڪنهن جو گهوڙو گم، ڪنهن جو پٽڪو لونگي چٽ ته ڪنهن جو اُٺ عدم، ڪنهنکي جوا جي هار ته ڪنهنکي شرط جي مار، ڪنهن کي پير جي پڇاڙ ته ڪنهن کي دعا جي ڌپاڙ، ڪنهن جي هڙ هلاڪ ته ڪنهن جا پيساپاڻي، ڪنهن جو داد نه فرياد ڪنهن جو ڌڻي نه ڌياڻي، ڪنهن جو بسترو چهو ته ڪنهن جو بغچو بيران، هميشه هڪ نه هڪ جان جو نقصان به ضرورٿئي، ڪونه ڪو مڙئي ڇيهو، نه سوڻ جو نه ساٺ جو نه گهر جو نه گهاٽ جو.”
ڳوٺ واپسي:
“ٽن ڏينهن کان پوءِ ماڻهن جي پٺتي تياري ٿي، اسٽيشن آزاري ٿي، مسافر چند در چند، دروازامقفو ته ٽڪيٽ بند، پاسنجرن جي پيهه، موچڙن جي ريهه، بابو يابو ته ماستر ماندو، پوتو پامال ته سنگلر کي سياندو، واٽر مين وائڙو ته ٽڪٽ چيڪر چريو، گارڊ گوڙ بگوڙ ۾ ته ڊرائيور اڙيو، نيٺ جي وڙهي سڙهي پادر کائي وڃي چڙهيا سي چڙهيا، پر هڪ ٻئي مٿئون وڃي ڦڙهيا، ايتري ۾ ريل روان، ٽڪيٽون هٿ ۾، خلق نالان، پڙاءُ پڙاءُ تي موچڙي جو ٺڪاءُ، هر هنڌ تار ته خبردار خبردار، نه ڪلاس جو سنڌو نه پاس جو تڪرار، هڪ هڪ جاءِ تي چارچار، اهڙي دٻ دسڄڻ ٻڪرين جا ڌڻ، ڪي اڌ ويٺا ته ڪي آسيرا، ڪي اڀا ته ڪي پاسيرا، پاڻ ۾ به اٿ ويهه ۽ مٽا سٽاڪنداويا، نيٺ سڀڪو وڃي خير سان يا شر سان ڳوٺ پهتو.
“آيو منهنجي شوقي شير، ڪارو منهن نير اپير، سڀڪو ڀيلو ڀُنو، ميلو پُنو.”
قلندر شهباز جي ميلي کانسواءِ ٻيونثر جوڪتاب جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي اهو آهي: “چٽ سوال پٽ جواب” جنهن ۾ عام معلومات جا ٽوٽڪا ڏنل آهن، جي گهڻو ڪري سڀ نصيحت سان ڀريل آهن. مثال طور:
سوال: ڪراڙي ماڻهوءَ ۽ پراڻي شراب ۾ ڪهڙي مشابهت آهي؟
جواب: ڪراڙو آدمي ذليل ئي رهندو ۽ پراڻو شراب عزيز ئي رهندو.
سوال: سڀ کان تڪليف ڏيندڙ ڪهڙو ڪم آهي؟
جواب:بيڪاري ۾ خوش رهڻ.
سوال: دوست ۽ استقلال ۾ ڪهڙي مشابهت آهي.؟
جواب: اهي ٻئي مصيبت جي وقت ڀڄي ويندا آهن.
سوال: قوم سان بدي ڪرڻ وارو ڇو ڪهاڙيءَ جي ڳن جهڙو آهي؟
جواب: ڇو ته هو پنهنجي هم جنس کي ڪپيندو آهي.” (16)
انهيءَ ڪتاب ۾ اهڙا ٻيا به ڪيئي سوال جواب آهن جن جي پڙهڻ سان نه فقط ڄاڻ ۾ واڌارو ٿو ٿئي، پر ان سان گڏ نصيحت آميز تعليم به حاصل ٿئي ٿي :
آخر ۾ بلبل صاحب جي عشقيه ڪلام جا مثال طورٻه ٽوٽڪا پيش ڪجن ٿا، جن مان بلبل صاحب جي قابليت ۽ سندس سنڌي ادب ۾ مقام جي خبر پوي ٿي:
دل لڳڻ سان دل ڪري جهٽ پٽ
ماه رخن تي وڃي مري جهٽ پٽ
حسن اڳيان هي دل پتاشو ڏس
جيئن پاڻيءَ ۾ ٿو ڳري جهٽ پٽ
جي ڪريان ٿو سوال بوسي جو
هٿ هڻي ٿو وڃي پري جهٽ پٽ
ٻيلي ڏاها مون کي اهو ته ٻڌاءِ
وئي دلڙي سو ڪيئن اڙي جهٽ پٽ (17)
دل کي پتاشي سان تشبيهه آءٌ ڀانيان ٿو ته فقط بلبل ئي ڏني آهي ۽ ڪهڙي ته سهڻي تمثيل آهي، جيئن پتاشو پاڻي ۾وجهڻ سان ڳريو وڃي اهڙي طرح انسان جي دل پنهنجي محبوب کي ڏسڻ سان ڳريو پاڻي ٿيو وڃي. وري ٻئي هنڌ هيئن ٿو چوي:
دونالي دو چشمن ۾ بيني جي مک
نظر لاءِ نيشان آهي عبث
لڄائي ٿو لالي لبن جي پرين
چپن ۾ چٻڻ پان آهي عبث
عبادت ڪرڻ آهي افضل، مگر
بنا عشق انسان آهي عبث (18)
بلبل صاحب سچ چيو آهي ته هر ڪنهن زندگيءَ جي پهلوءَ جي پوئواري ۽ ڪامياب زندگي لاءِ عشق جو هجڻ ضروري آهي، نه ته ماڻهو جو منزل مقصود تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو پوي.
بلبل جي مشهور تصنيفون هي آهن:
(1) ديوان بلبل ۽ ڪريما نيچرل (2) قلندر جو ميلو (3) چٽ سوال پٽ جواب (4) بهار عشق (5) تيرهن ڄار مڪرن جا مار (6) آئينه تجارت مايه ظرافت (7) شمس اللغات (8) ظريف الدوله (9) گلزار لطائف (10) بخت بازي (11) ڪارو نيشن ڪپ (12) عقل ۽ تهذيب (13) مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار (14) انگريز ۽ مسلمان (15) مسلمان ۽ تعليم (16) جام جم (17) رحيما سنڌي (18) بهارستان بلبل.
مٿين ڪتابن مان فقط پهريان ٽي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي لئبريري ۾ موجود آهن. ٻيا ڪتاب نه ته يونيورسٽيءَ لئبريري ۾ آهن ۽ نه وري سنڌي ڊپارٽمينٽ يا سنڌي اڪيڊمي ۾ آهن. افسوس آهي ته اهڙي شاعر ۽ ليکڪ جا ڪتاب ناپيد آهن،جن کي پڙهي جيڪر ماڻهو فيض پرائي سگهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ سونهري دور معلوم ڪري سگهن.
حوالا ۽ سمجهاڻيون
- خليل: “بلبل سنڌ” ص-3، فارسي سٽن جي هيءُ معنيٰ آهي:
- ڪريما نيچرل: ص 42. (1) اي ڪريم! اسان کي بخش ڪر ۽ اسان جي حال تي رحم ڪر. 02) توکانسواءِ اسان جي فرياد ٻڌڻ وارو ٻيو ڪو ڪونهي. 03) اسانکي خطا جي رستي کان بچاءِ.
- ديوان بلبل: ص-7، “جعد” فارسي ۾ مينڍا يا مينڍين کي چئبو آهي، جن جي مٿي تي اڳيان ننڍڙيون چوٽيون هونديون آهن. “جعد مشڪينش” جي معنيٰ آهي خوشبوءِ دار چڳون.
- ڪرنل ايسٽوڪ: نئين مصر جا پراڻا ورق: ص-59، 79، 81
- ديوان بلبل: ص-27 ڪوٽار تپيدار جي پٽيوالي کي سڏبو آهي. مسلمان حاڪمن جي دور ۾ ڪوٽار سڄي شهر جو حاڪم هوندو هو، پر انگريزن انهيءَ عهدي جي تذليل ڪري انهيءَ کي گهٽائي ڪمتر ڪري ڇڏيو،
- مهراڻ: سماهي– 3– 1963: ص-326.
- ديوان بلبل: ص-34
- ديوان بلبل: ص-1 ۽7، ديوان حافظ جي شعر جي طرز ٺاهيل آهي ۽ انهيءَ سان بلڪل مليو اچي. پهرين سٽ عربي جي آهي، جا حافط، يزيد بن معاويه جي ديوان تان ورتي آهي. چئن ئي سٽن جو مطلب هي آهي: (1) اي ساقي؟ صراحي ۽ شراب جي گلاس کي ڦيرو ڏيندو اچ. (2) عشق جيتوڻيڪ شروع ۾ آسان لڳندو آهي، پر جڏهن ماڻهو ڦاسي ٿو تڏهن ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿيو پوي. (3) گهنڊڻي پئي لڳي ته جلد ڪري ٿپڙ ٻڌو قافلو هلڻ وارو آهي. (4) جو پهتل شخص منزل جي راءِ ۽ رسم کان واقف هوندو آهي.
- مهراڻ- سه ماهي 3-1963: ص-201.
- مهراڻ- سه ماهي-3-1963: ص 208.
- ديوان بلبل: ص-26.
- مهراڻ- سه ماهي-3 سهد: ص-209.
- مهراڻ-3-1960: ص-325.
- مهراڻ-3-1960: ص-325، 326، 327.
- بلبل: چٽ سوال پٽ جواب: ص-39، 41.
- ديوان بلبل: ص-10.
- ديوان بلبل:ص-11.
شمس الدين بلبل - پروفيسر محمد اسحاق ابڙو
پروفيسر محمد اسحاق ابڙو
اسان جي سنڌ سونهاري اهڙا سگهڙ ۽ سالڪ، عالم ۽ فاضل، صوفي ۽ درويش، سورهيه سرويچ، بهادر ۽ بي بها دُرّ پيدا ڪيا آهن، جن ديس واسين کي اوج ۽ اقبال، عروج ۽ جلال جو اتم نمونو ڏيکاريو. انهن مان ڪي مانجهي مرد ڌارين جي ظالماني حڪومت سان سينو ساهي ساڻيهه لاءِ سر ڏئي سرها ٿيا ته ڪن اٿاهه ساگر سوجهي ملهائتا ماڻڪ موتي ميڙي، سهيڙي سنڌ جي ساهت کي سينگارڻ جي جاکوڙ ڪئي. انهن سڄڻن جا اهڙا ڪارنامه، جن اسان جي جيءَ کي جياريوآهي، انهن کي ور ور ڏئي ورجائڻ اسان جو وڙ آهي. ميهڙ جي مردم خيز مٽيءَ مان به هڪ اهڙو بانڪو بهادر، سورهيه سردار، آزاديءَ جو ڪوڏيو، ناميارو عالم، اديب شاعر، سڄاڻ صحافي ۽ سياستدان پيدا ٿيو، جنهن انگريزن جي ڀيانڪ ۽ ڀوائتي دور ۾ همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺي، ماڻهن ۾ آزاديءَ جو روح ڦوڪيو ۽ سندن شاندار ماضيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. سنڌ جو هيءُ سورهيه سپوت شمس الدين “بلبل” آهي، جيڪو سن 1857ع ۾ ميهڙ جي هڪ عزت ڀرئي ۽ مڇي مانيءَ واري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، اتي ئي نپنو ۽پڙهي اوج کي رسيو. هيڻن سان همدردي ڪرڻ ۽ مظلومن جي مدد ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس نثر توڙي نظم ۾ سرويچي ۽ سورهيائي، جرئت ۽ مردانگيءَ جون اَمٽ خوبيون جهلڪنديون نظر اچن ٿيون، جن جو امرت رس وٺڻ سان مئل دليون به جيئريون ٿيو پون.
مرحوم بلبل اهڙي سمي ۾ وڌي وڏو ٿيو، جنهن ۾ انگريزي دور جا جاگيردار ۽ زميندار غفلت جي سيج تي اکيون ٻوٽيون ويٺا هئا ۽ غريبن جي نيڻن مان لال لڙڪ وهي رهيا هئا، هيءُ اهو وقت هو جڏهن ڪانگريس جي اڳواڻن هوم رول هلچل جي آڙ ۾مسلمانن کي ڇيهو رسائڻ جي سازش ڪئي ۽ کين علمي، مالي، سياسي ۽ پنگتي حيثيت سان فنا ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، پر اهو قدرت جو قانون آهي ته هر سمي ۾ گهرج آهر موليٰ جو مرد پيدا ٿيندوآهي، جنهن جي لام لڳي ڀٽڪيل ماڻهو سنئين دڳ تي لڳندا آهن، بلبل سنڌ به قوم جو هڪ اهڙو سونهون پيدا ٿيو، جنهن ستل کي سجاڳ ڪرڻ ۽ سجاڳ کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ڪانگريسين جو مردانگيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ سندن چالبازين جي پت وائکي ڪندو ويو. ان مان اسان کي سڌ پوي ٿي ته بلبلِ سنڌ ۾ قومي غيرت ۽ وطن جي ورونهن جو امٽ خزانو موجود هو ۽ سندس لونءَ لونءَ ۾ سنڌ جي ستايل مسلمانن جي ننگ ۽ ناموس جو جذبو ڇوليون هڻي رهيو هو. ڪانگريسين به سندس سخت مخالفت ڪئي، پر هيءُ مٿير مڙس دڙڪن ڀر ڪين ڊنو ۽ هن پنهنجي ڪلا دار قلم سان سنڌ واسين آڏو اهڙو آئينو پيش ڪيو، جنهن ۾ مسلمانن جي حقيقي تصوير بکڻ لڳي.
تاريخ شاهد آهي ته مرحوم بلبل جنهن دور ۾ اکيون پٽيون، اهو دور وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو دور هو. جيئن ته انگريزن مسلمانن کان حڪومت هٿ ڪئي هئي، ان ڪري کين هر وقت اهو ئي الڪو هوندو هو، ته متان مسلمان ٻيهر اسان سان سينو ساهن، ان ڪري انگريزن پڪو پهه ڪيو ته مسلمانن کي اهڙو ناس ڪجي، جو وري اڀري نه سگهن. انهيءَ ڪري مسلمانن جا اڳواڻ جيلن ۾ وڌا ويا، ڪن کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو ته ڪن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون. مطلب ته انگريزن انتقام وٺندي مسلمانن کي هر طرح پينهي ڇڏيو. ڌڻيءَ وري به ٻاجهه ڪري سڻائو واءُ واريو، جو اهڙي حالت ۾ سنڌ جي هن سورهيه سپوت، بلبل سر سيد احمد خان، شبلي، حالي ۽ اڪبر الهه آبادي وانگر اوندهه ۾سوجهرو بڻجي، ڪِريلن جا هٿ وٺي، هڪ سڌارڪ جي حيثيت ۾ مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ کين احساس ڏياريو ته هندن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي ڪرڻ ۽ گورن جي راڄ ۾ اوج ماڻڻ جو راز انهيءَ مام ۾ مڙهيل آهي، پر ساڳئي وقت بلبل مرحوم مسلمانن کي مذهبي روايتن کي هٿان نه ڇڏڻ جي هدايت ڪري ٿو ۽ انگريزن جي نقاليءَ کان هوشيار ڪري ديسي صاحبلوڪن جي به لاک لاهي ٿو. اهڙي قسم جا آدرشي اهڃاڻ سندس اندرمان اڌما ڏئي ٻاهر نڪرن ٿا، جن کي لفظي لباس پهرائي، من موهيندڙ انداز ۾ پڙهندڙن کي پنهنجي اتساهه ۾ ڀاڱي ڀائي بنائڻ جا جتن ڪري ٿو. هن مسلمانن سان ٿيندڙ ڏاڍاين کي ڀليءَ ڀت پروڙيو ۽ پرکيو ۽ هڪ سڄاڻ صحافيءَ جي حيثيت ۾ حقيقت جا اهڙا چٽ چٽيا، جو پڙهڻ سان لڱ ڪانڊارجيو وڃن. هندو مهاسڀائي اها ڳالهه سهي ڪونه سگهيا، ان ڪري بلبل مرحوم تي مسلمانن کي هندن جي خلاف ڀڙڪائڻ جي ڏوهه هيٺ مقدمو داخل ڪيائون. انهيءَ هوندي به هيءُ بانڪو بهادر وندر کي ووڙيندو، انهيءَ تار جي تنوار پٺيان لڳو رهيو ۽ پير پٺتي ڪونه ڌريائين. وري قدرت به هن مٿير مڙس جي قلم ۾ اها ڪلا سمائي هئي جو هن پاڻ هندن جي اخبارن مان اهڙي قسم جا حوالا لکي عدالت ۾ پيش ڪيا، جو فاضل جج نه رڳو کيس بي ڏوهي ٺهرايو، پر اٽلندو هندن لاءِ فتويٰ ڏنائين ته اهي بنگال جي هندو وڳوڙين سان سهڪار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ چندو گڏ ڪري رهيا هئا. ان فتويٰ تي هر هڪ مسلمان جي ڏکن ڏڌي منهن مان سرهائي بکڻ لڳي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خوشيون ملهايون ويون. اهڙيءَ ريت بلبلِ سنڌ جي سياسي سجاڳي، قومي غيرت ۽ ساڻيهه جي سچي سڪ بابت هر هنڌ هاڪ ٻڌڻ ۾ آئي.
مرحوم بلبل جي سياسي سجاڳيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان ڀليءَ ڀت لڳائي سگهجي ٿو ته هن هوم رول هلچل واري سمي ۾ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “جام جم” ۾ انگريزن جي ڪانگريس نوازي ۽ مسلمانن جي حق تلفيءَ بابت ڪارائتو مواد ميڙي مسلمانن کي هوشيار ڪيو ته پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪريو. بلبل مرحوم هيءُ ڪتاب سن 1918ع ۾ جوڙي راس ڪيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو هاڻي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ بلبل مرحوم لکي ٿو ته:
“گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن، بازن سان چڙيون نه اڏامن!
اسان جي هستي، اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن. هو هميشه اسان جا محڪوم هئا، انگريزن جي چاپلوسيءَ ڪري هاڻي اسانجا حاڪم ٿيا آهن. اڃا وڌيڪ حاڪم ٿيڻ گهرن ٿا. اسان جاانهن کان به وڌيڪ ڳاٽي ڀڳا حق هئڻ گهرجن، پر جدا ۽ نه گڏ.”
بلبل جي هيءُ صدا هڪ عليحده اسلامي رياست ۽ مسلم قوميت جي واٽ سونهائي ٿي. ساڳيءَ ريت سن 1919ع ۾ جنهن مهل سندس روح خاڪي پڃري مان نڪري پنهنجي حبيب سان هيڪاندو ٿيڻ وارو هو، ان بلڪل پوئين پساهن ۾ مرحوم بلبل چئي رهيو هو ته “هندن جا بجڪا ڌار ڪريو ۽ مسلمانن جا بجڪاڌار ڪريو.” بلبل جا اهي لفظ پاڪستان جي سياسي ۽ تاريخي پس منظر ۾ خاص حيثيت رکن ٿا. سچ پچ ته مرحوم بلبل جي ڳڻ ڳوت ۽ اڳ ويچاريءَ جو داد ڏيڻ گهرجي، جنهن سن 1919ع ۾ اهڙي قسم جي پيشنگوئي ڪئي هئي. مرحوم بلبل مسلمانن ۾ بهترين امت هئڻ جي پروڙ پيدا ڪئي ۽ پنهنجي ناصحانه ڪلام وسيلي مسلمانن کي اخلاق جي واٽ وٺي هلڻ جو سبق ڏنو ۽ وحدت ۽ رسالت تي ڪامل ايمان آڻڻ واري سچي سنيهي ذريعي مسلمانن جي دلين ۾ توحيد ۽ رسالت جي جوت جاڳائي. سندس ڏنل تعليم ۾ انسانيت، وطنيت، قوميت، اورچائي، سرويچي ۽ سورهيائيءَ جي سکيا سان گڏ عمل ۽ جاکوڙ جي اپٽارڪيل آهي، جيڪا هر ديس واسيءَ ۾ نئين حياتي ڦوڪي ٿي. سندس قومي ۽ اسلامي غيرت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان ڀليءَ ڀت لڳائي سگهجي ٿو ته هن ترڪيءَ جي مسلمانن لاءِ چندو ڪرڻ ۾ به پاڻ موکيو ۽ بلبلِ سنڌ جي چوڻ تي مرحوم حاجي عبدالله هارون جي اڳواڻيءَ ۾ انجمن هلال احمر جو وفد مارچ 1913ع ۾ ميهڙ ۾ آيو ۽ ترڪيءَ جي مالي مدد لاءِ چڱو چوکو چندو گڏڪيو. مرحوم شمس الدين بلبل جو لائق ۽ فائق فرزند رئيس ضياءُ الدين “ضيا” ان ڏس ۾ لکي ٿو، ته “انهيءَ موقعي تي زميندارن ۽ آفيسرن جي موجودگي ۾ سندس ڪيل ولوله انگيز تقرير جادو جهڙو اثر ڪيو ۽ ترڪي جي فنڊ لاءِ رپين جا ڍير لڳي پيا، ايتري قدر جو هڪ صاحب ته بي اختيار ٿي، پنهنجو ڪوٽ به لاهي ڏنو، جو نيلام ڪري 120 رپين ۾ وڪيو ويو، تقرير کان پوءِ، مرحوم بلبل، جيڪو في البديهه نظم پڙهيو، اهو سندس همعصر ماڻهن کي اڄ به سڄو ياد آهي، جنهن جو هڪ شعر هن طرح آهي:
هن شعر تي جو رقت انگيز نظارو پيدا ٿيو، ان جو حال وڏڙا اڄ به بيان ڪري رهيا آهن.”
مرحوم بلبل هڪ سڄاڻ صحافي جي حيثيت سان سن 1889ع ۾ عملي ميدان ۾ پير پاتو ۽ ڪراچي جي هفتيوار اخبار “معاون” جي ادارت کيس سونپي وئي. هن اخبار وسيلي مرحوم بلبل سنڌ مدرسة الاسلام ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي جهجهي خدمت ڪئي، مرحوم حسن علي آفندي جي وفات کانپوءِ، لاڙڪاڻي جي اخبار “خيرخواهه” ۽ حيدرآباد جي اخبار “مسافر” جو مدير ٿي رهيو ۽ آخر ۾ سکر مان “آفتاب” اخبار سندس ادارت ۾ نڪرندي رهي، هيءَ اخبار مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي ۽ مذهبي ڄاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ جاري ڪئي وئي هئي، هيءُ اهو سمو هو جڏهن عيسائيت جي پرچار لاءِ سکر جي چؤسولن تي عيسائي پادري پوليس جي پهري هيٺ پنهنجي مذهب جو پرچار ڪندا هئا ۽ اسلام تي حملا ڪندا هئا، انهيءَ ڪري مرحوم بلبل آفتاب وسيلي عيسائين جا دليل رد ڪيا ۽ مزاحيه ڪالم ذريعي عيسائين جا ڇوڏا لاٿا، ان ڏس ۾ مولانا غلام محمد گرامي پنهنجي هڪ مضمون ۾ سندس مزاحيه رنگ جو هيءُ اقتباس پيش ڪيو آهي:
“ڪالهه مارڪيٽ جي چؤسول تي سفيد جبو پاتل شيطان ابن شيطان کي وعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو، افسوس مون وٽ دمشق جي خمدار تلوار نه هئي، جو هن جي سسي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسيءَ وانگي ڌڙ کان ڌار ڪري، سنت ايوبي کي تازو ڪريان ها”.
هتي مرحوم بلبل جو اشارو سلطان صلاح الدين ايوبيءَ ڏانهن آهي. جنهن صليبي جنگين ۾ عيسائين جي چڱي لاک لاٿي ۽ ٻيهر فلسطين تي قبضو ڪيو هو، بلبل جي هن ڪالم جو اهو نتيجو نڪتو، جو مسلمان عالم تقريرن ذريعي عيسائين کي سختيءَ سان نندڻ لڳا، جنهن ڪري فوجدار هر داس مل عيسائين جي چرچ تي مڇرجي پيو ۽ مسلمان عالمن کي پاڻ وٽ گهرائي هيسائڻ لڳو، جڏهن بلبل کي اها سڌ پئي، تڏهن هُن مزاحيه ڪالم ۾ فوجدار سان اهڙي ويڌن ڪئي جو هو ڀؤکان ٻاهر نه نڪرندو هو ۽ پوليس وارو ساڻ ڪري هلندو هو، ان بابت مرحوم غلام محمد گرامي اخبار “آفتاب”جي مزاحيه ڪالم جو هي نقل چونڊي پيش ڪري ٿو:
“مسلمانو! ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو، توهان کي خبر هجي، ته تعليم پرائڻ سان اوهان جا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بڻجي ويندا. هڪڙو واڻيو گهورڙيو، گڏهه تي ڪوهرن جو ڪنو رکي، ڪوهر وڪڻندو هو، پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جو پڙهي فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت، جا کيس پتا ٽوپڻداس کان ورثي ۾ ملي هئي، سا پوءِ به مٽجي نه سگهي .”
بلبل مرحوم طنز ۽ مزاح جو شهنشاهه، کلمک ۽ زندهه دل اديب هو، قدرت سندس ڪلادار قلم ۾ اهڙي ته سگهه سمائي هئي، جو هو پنگتي اوڻاين ۽ مسلمانن جي مسئلن کي سهڻي ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ سلجهائي اهڙي ته روح ريجهائيندڙ انداز ۾ اجاري چٽو ٿو ڪري، جو طنز هوندي به سندس نصيحت ٺار ٺري پئي لڳي، هن پنهنجي لکيت وسيلي فرنگي رهڻي ڪهڻي جون اوڻايون بيان ڪري، سنڌ جي مسلمانن کي اباڻي زندگي جي طرز عمل جا فائدا ٻڌايا آهن ته جيئن اهي فرنگي سڀيتا جي وهڪري ۾ لڙهي وڃڻ کان بچي پون، سندس ڪلام ۾ عمل ۽ حڪمت جا دل لڀائيندڙ ۽ من موهيندڙ نڪتا بيان ڪيل آهن، جيڪي رس ڀري سندر سلوڻي سنڌيءَ ۾ سمجهايا ويا آهن، سندس جوڙيل ڪتابن ۾ سلڇڻائي ۽ سچائي جا آدرش اهڙن ته وندرائيندڙ ۽ کلائيندڙ ٽوٽڪن وسيلي بيان ڪيا ويا آهن جو پڙهڻ سان اندر جي اساٽ لهيو وڃي ۽ هر ڪو پڙهندڙ ان مان چڱو لاڀ پرائي سگهي ٿو. طنز ۽ مزاح جي ذريعي هن نه رڳو گوندر کي گنوائڻ ۽ پريشانين کي وندر ورونهن ۾ ٽارڻ جي جاکوڙ ڪئي آهي، پر ڪامورن جي ڏاڍاين ۽ ڪانگريس جي سازشن کي کلمک انداز ۾ نندڻ ۽ سنوارڻ جو سعيو پڻ ڪيو آهي، هن زميندارن جي ظلم، ڪمدارن جي ڪپت، گورن جي انڌي پيروي، چورن جي راڱن، پوليس جي ارهه زوراين ۽ هارين نارين جي مظلوميت کي چهر چٽڻي واري لهجي ۾ پڌرو ڪري، پنگتي مورت جا اهڙا چٽ چٽيا اٿس جو پڙهڻ سان اکين جا پلڪ به پسيو پون، ان مان بلبل جي ادبي ڄاڻ ۽ ٻولي تي دسترس جي سڌ پوي ٿي، ته ڪيئن نه هو هڪ اٿاهه ساگر ۾ ٽٻي هڻي، پنهنجي اپند ۾ پاتال مان جرڪندڙ ۽ املهه ماڻڪ ميڙي سلامتي سان ڪنڌي تي پهچي ٿو، ان لاءِ بلبل مرحوم، لوليءَ جيان مٺڙي ۽ سوادي سلوڻي ۽ ٻاجهاري ٻولي ڪتب آڻي کيرون لهڻيون، ٻولي ۾ انگريزي گفتا ۽ فارسي نڪتا پڻ ڏاڍا سهائيندڙ ۽ موقعي پٽاندر ڪتب آندا اٿس، سچ پچ ته اها سندس ساڻيهه جي سڪ هئي، جو سنڌين ۾ سورهيائي ۽ سرويچي، آزادي ۽ وطن جي ورونهن جو روح ڦوڪي، پنگتي ۽ اخلاقي اوڻايون نروار ڪري، انهن کي سنوارڻ ۽ سلجهائڻ لاءِ اصلاحي نڪتن جي اهڙي اپٽار ٿو ڪري جو پڙهڻ سان روح پيو ريلا کائي. سندس لکيت ۾ سنڌ ساڻيهه جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، سچائي ۽ سورهيائيءَ جا داستان جهلڪندا نظر اچن ٿا، جن جو اسلوب ڏاڍو پيارو ۽ جيءَ جيارو، من موهيندڙ ۽ زيبائتو آهي، جنهن ۾ سادگي ۽ رنگينيءَ جا جرڪندڙ مائيدار موتي اندر جي اونهائيءَ ۾ جوت جاڳايو ڇڏين. هر هڪ لفظ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ائين پيو لڳي، جهڙي منڊيءَ تي ٽِڪَ.
مرحوم غلام محمد گرامي لکي ٿو ته “مرحوم بلبل سنڌ جي ساده لوح ۽ مفلوڪ الحال عوام جي تهذيبي نفسيات کي برمحل سڃاتو، خواص جي منافقانه نقاليءَ کي بروقت ڄاتو. بلبل ڏٺو ته ماڻهو مغربي تهذيب جي ٻاهرئين چک ۽ مک، جاذبيت ۽ ڪشش تي مري رهيا آهن، ڪوٽ ۽ پتلون، گهڙي ۽ هنٽر، جوراب ۽ هيٽ ۾ گرفتار ٿي، پنهنجي اصليت، جزالت، مشرقيت، تهذيبي شرافت، بزرگن جي وراثت، دين جي اطاعت، الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جي محبت، جهاد ۽ جهد کان پاسيرا ٿي رهيا آهن، منجهن غلط قسم جي آزاد خياليءَ ۽ بي علميءَ جا جراثيم سلو پوائزن بڻجي سرايت ڪري رهيا آهن ۽ سر تا پا ماديت ۾ گچي، رڻ رلي رهيا آهن، بلبل ان قسم جي نقالي ۽ بي روح ترقيءَ معڪوس تي دل کولي ڌڪ هنيا.” ان ڏس ۾ پڙهندڙن لاءِ مرحوم بلبل جي هڪ نظم بعنوان “نئون زمانو” مان ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا، جن جي ميٺاج ۽ نرمائيءَ جو اثر نه رڳو اندر جي اساٽ لاهيو ڇڏي، پر امالڪ اندر مان ٽهڪڙو نڪريو وڃي:
ٽاپ ٽيپ ۾ آڪڙ شاڪڙ، ڏاڙهي ڪوڙي مڇون ماڪڙ
سواري بائيسڪل جي سر سر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
ڪالر ڪوٽ، قميصون، جاڪٽ، پائن ٿا پتلون ۾ پاڪٽ،
چيچاٽي بوٽن جي چرچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گٽ مٽ، گٽ مٽ وات ۾ وائي،
يوسي، آءِ سي، مسٽر مسٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
چمچا ڪانٽا،کٽ پٽ، کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي تڙ تڙ،
شاش ڪرڻ ۽ بيٺڙ شرشر،تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا،
گينڊي صابڻ، برش طرازي، بوس و ڪنار، ڪتن سان بازي،
فوٽو، فونو، پيانو، پڪچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
جنٽلمين مسين جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر، ڏوڙا سوڙا
نچ وي باندر، نچ وي باندر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
ڏسج نئون تهذيب نمونو، “بلبل” باطل فيشن جهونو،
بابو يابو ميم مڪسچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
بلبل مرحوم اڪيلي سر مغربي تهذيب جي خلاف جنگ جوٽي ۽ مسلمانن کي سجاڳ ڪندي چيائين ته جيڪڏهن اوهين پنهنجي تاريخي ۽ اباڻي ورثي کي ڇڏي فرنگين جي لام لڳندؤ ته پڪ سان توائي ٿي سلامتيءَ جي ڪناري کان پري ٿي ويندؤ. ان مان بلبل مرحوم جي اها مراد ڪونه هئي ته جديد علوم کان پاسو ڪجي، پر هن جي گهر هئي ته ديني اڀياس سان گڏ سائنسي علم پڻ حاصل ڪيووڃي ته جيئن مسلمان پاڻ کي لائق ۽ فائق بنائي پنهنجي حياتي ۽ آخرت سڦلي ڪري سگهن. انهيءَ ڪري هو مدرسن جي پراڻي تعليمي ڍانچي ۾ تبديليءَ جو خواهشمند هو. ان ڏس ۾ هن پنهنجي ڪتاب “مسلمان ۽ تعليم” ۾ چڱيءَ طرح وضاحت ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب پڻ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ديني ۽ سائنسي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مرحوم بلبل آل انڊيا ايڊيوڪيشن ڪانفرنس جي گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته: “هن ملڪ ۾ ديني علوم سان گڏ جديد علوم جي آميزش ڪرڻ گهرجي، محض جديد علوم اسان جي ديني شعور، مذهبي طبع ۽ روحاني حيات لاءِ ناڪافي ٿيندا.” مرحوم رئيس ضياءُ الدين “ضيا” لکي ٿو ته “مرحوم بلبل جي تعليمي ۽ سماجي خدمات جو سلسلو پڻ وسيع آهي. تعليمي ڪانفرنسن ۾ شرڪت، پر اثر تقريرون، نصاب جا درسي ڪتاب، ڪانفرنسن جا ٺهراءُ، پمفليٽ، اخبارن جا مقالا، آفيسرن جا مشورا، اهي سڀ عملي ڪم آهن، جي تاريخي حيثيت رکن ٿا... اسڪولن جي نصاب ۾ فارسي داخل ڪرائڻ جو ريزوليشن به مرحوم بلبل جي ڪتاب تان ورتل هو. ان جو محرڪ خود کيس بنايو ويو ۽ نواب وقار الملڪ ۽ مولانا حاليءَ جي فرمائش تي پاڻ نهايت رنگين ۽ شيرين، فصيح ۽ بليغ فارسيءَ ۾ برمحل، برجسته مدلل ۽ پرزور تقرير ڪري ساري ڪانفرنس کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين. نيٺ اهو ٺهراءُ پاس ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي فارسي نصاب اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ رائج ڪيو ويو، جو اڄ سوڌو موجود آهي.”
مرحوم بلبل سن 1904ع ۾ ميهڙ شهر ۾ مدرسة الاسلام جو بنياد وڌو، جيڪو سندس ئي حياتيءَ ۾ مڊل اسڪول ٿيو ۽ سن 1934ع ۾ هاءِ اسڪول جي درجي کي پهتو. هيءُ اسڪول سندس تعليمي خدمتن جو ساراهه جوڳو ڪارنامو ڄاتو وڃي ٿو. جنهن مان سڌ پوي ٿي ته سنڌ جي مسلمانن لاءِ هن جو هڏ ڪر ڪيو ٿي. بلبل جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي انگريزن پڻ ساراهيو آهي. سنڌ جي ڪمشنر مسٽر لارينس هڪ خط ۾ کيس لکيو ته: “سرڪار محسوس ڪيو آهي ته اوهين مسلمان قوم جا هڏ ڏوکي ۽ سڄڻ آهيو ۽ سنڌ جي مسلمانن جي سڌاري ۽ واڌاري بابت اوهين جيڪي رايا ڏيندا آهيو انهن کي اسين قدر جي نگاهه سان ڏسندا آهيون.” مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ سان گڏ هن سنڌي ساهت جي واڌاري لاءِپڻ پاڻ پتوڙيو. ڪيترائي ڪتاب جوڙي راس ڪيا.
انهن مان: (1) قلندري ميلو (2) تيرهن ڄار مڪرن جا مار (3) چٽ سوال پٽ جواب (4) بخت بازي(5) گلزار لطائف (6) نيچرل ڪريما (7) ديوان بلبل (8) مسلمان ۽ تعليم (9) ڪلام بلبل (10) جام جم (11) انگريز ۽ مسلمان (12) رحيما (13) بهارِ عشق (14) عقل ۽ تهذيب (15) قرض جا مرض ۽ ان جا علاج (16) مداح سرور (17) صد پند سودمند (18) شمس المڪتوب (19) احسن التواريخ (20) آئينه تجارت مايه ظرافت (21) ديوان بلبل (فارسي) (22) بهارستان بلبل (23) گنج معرفت (24) مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار (25) حل تجربات يعني شمس اللغات خاص طور ڄاڻائي سگهجن ٿا. انهن مان ڪجهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ بورڊ جا اختيار وارا کير ون لهڻن. اهي ڪتاب پڙهڻ سان ائين ٿو ڀائنجي ته هن نامياري اديب سنڌ واسين لاءِ انهن ڪتابن ۾ اهڙا ته سهڻا ۽ من موهڻا ماڻڪ ميڙي گڏ ڪيا آهن، جن جي جوت جهلڪڻ سان مهراڻ جي ماٿري ٻهڪڻ لڳي ٿي، هو سچي سونهين جي حيثيت سان قوم جي رهنمائي لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ۽ ان کي دردناڪ آواز ۾ سنئين واٽ ڏانهن سڏي ٿو. هن نصيحت جا رس ڀريا نڪتا سموهي ٻاجهاري ٻولي ۾ اهڙي ته وندرائيندڙ اسلوب ۾ پيش ڪيا آهن، جو پڙهڻ سان روح پيو ريلا کائي ۽ تسليم ٿو ڪجي ته هن سنڌي ساهت کي سينگاريندڙ سرواڻ جي حيثيت سان پاڻ موکيو آهي، اهو اسان جو فرض آهي، ته اسين سندس جوڙيل ڪتابن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن کي ڇپائي پڌرو ڪريون، ته جيئن پڙهندڙ ان مان لاڀ پرائين. افسوس آهي جو اسان بلبل جهڙي بانڪي سورمي کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن مسلمانن کي انگريزن جي لڙهه لڳڻ کان روڪيو . هن مسلمانن جي ديني، سياسي، ادبي ۽ مالي مسئلن کي اهڙي ريت سلجهايو آهي، جو پڙهندڙن جون دليون موهيو ڇڏي. سندس اثرائتو ڪلام اڄ به اسان جي دلين کي جنجهوڙي ذهني غلامي کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو، سنڌ جي اديبن ۽ عالمن جو اهو فرض آهي ته سندس تعليم ۾ جا سچائي، سادگي ۽ محبت آهي، ان جي روشني ۾ کوجنا ڪري بلبل جي زندگي ۽ ڪارنامن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ته جيئن عام ماڻهو ان مان جهجهو لاڀ پرائي سگهن.
شمس الدين بلبل (1857-1919ع)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
سنڌ جي بهترين صحافي، اديب ۽ طنز و مزاح ۾ نالو پيدا ڪندڙ بلبل، ميهڙ ۾ ڄائو، اتي ئي مڪتبن ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائين ، سندس خاندان زميداري جي ڪرت ۾ هو، بلبل جو ذهن اوڏانهن به هو، هن شروع ۾ داروغپ جي نوڪري ڪئي، انجنيئري کاتو هن جي دل وٽان نه هو، 1872ع ۾ مليل اها نوڪري ڇڏي ڏنائين، 1889ع ۾ ڪراچي ويو، اتي حسن علي آفندي جي ساٿ ۾ رهيو، سنڌ مدرسي جي رسالي جامع العلوم جي ادارت شروع ڪيائين، اڳ ۾ ان جي ادارت محمد عثمان نورنگ زادي وٽ هئي، ان کانپوءِ ڪراچي گزيٽ، خيرخواهه، مسافر ۽ آفتاب جو ايڊيٽر رهيو، سندس قلم جون جولانيون به جاري رهيون، نثر توڙي نظم ۾ بگڙيل معاملن تي نڪته چيني ڪيائين، سنجيده نثر ۽ نظم کانسواءِ طنز ۽ مزاح ۾ به ناليوارو ٿيو ۽ پنهنجي دور ۾ هڪ وڏي هستي ليکيو ويو. مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ محمد هاشم مخلص به ان زماني ۾ طنز مزاح لکندا هئا، پر بلبل پاڻ مڃائي ورتو.
انگريز جي حڪومت ۾ مٿين سطح تي انگريزي زبان جو زور هجي، سماج ۾ مغربي تهذيب پکڙجندي وڃي ته ان خلاف لکڻ ناگزير هو، هندستان ۾ سر سيد، حالي ۽ مزاح ۾ اڪبر آبادي هو ته سنڌ ۾ حسن علي آفندي، اٻوجهو ۽ طنز و مزاح ۾ بلبل هو، بلبل جي نثري ڪاوشن جو جائزو اڳتي ڪنهن نثر واري باب ۾ ايندو هتي فقط سندس ديوان ۽ طنزيه ڪلام جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
پنهنجي بيبا ڪانه رويي ۽ سخت تحريرن جي ڪري مٿس مقدما داخل ٿيا. سرخرو ٿيو ۽ کيس آنريري مئجسٽريٽ جو منصب به مليو، بلبل جو خاص ڪردار سماج جو سڌارو ۽ مسلمانن جي ترقي لاءِ رهيو، سندس ڪلام ۾ نثري ڪاوشون انهيءِ فرض خاطر هيون. ديوان بلبل ۾ هن جو ڪلام عشقيه موضوعن جي ترجماني ڪري ٿو:
منجهه شان لبن لعل بدخشان چوان ڇا
مرجان کان مرجان ٿي بيجان چوان ڇا
ياقوت کي جو قوت جگر خون ٿيو هردم
پاپوش تي چسپان جي ٿئي پان چوان ڇا
بلبل جي ڪلام ۾ بعضي لفظن جي موسيقيت جو گهڻو انتظام نظر اچي ٿو، لفظن جو استعمال ۽ انهن جو تڪرار به خوب ڪري ٿو:
تڪيندي ٿڪي پيام تارن ۾ تارا
ڏيو ور پون ٿا، سي پارن ۾ پارا
ڪڙي بند زلفن جي اهڙو زبون ڪيو
لڳي تار ۾ تار، ڳارن ۾ ڳارا
محبوب جي سراپا جو بيان ڪندي چوي ٿو:
سراپا جو مثال آهي عجيب
عجيبن جو احوال آهي عجيب
ڏنو زلف جو پيچ رخسار تي
اهو جيم ۽ دال آهي عجيب
ڀرون بي سندي باسم بيني الف
ڀرون بسم جي ب ۽ بيني الف
طرح نقطه ۽ خال آهي عجيب
دهن ميم داناءَ دلبر سندو
جو قرئت ۾ هي قال آهي عجيب
ٿيو اسم اعظم سندس پنج انگشت
عزيز وهي اشڪال آهي عجيب
زندگي جي ضرورتن ۽ انسان جي سوچ کي ڇاڇا کپي، ان جو بيان غزل ۾ ڪن حوالن سان بلبل هيئن ڪري ٿو:
ادا! هن رهه روان ۾ دم غنيمت
عمر جي ڪاروان ۾ دم غنيمت
ڏهاڙن چئن جو هي چهچٽو آهه
دنيا جي ننهن ۽ هان ۾ دم غنيمت
پڪي ماڙي نه جي توکي ميسر
ڪچي ڪنڌي مڪان ۾ دم غنيمت
اگر حاصل نه ٿيو حلوو ۽ پوري
ته ڄاڻج خشڪ نان ۾ دم غنيمت
ڪري وٺ بوستاني گل جي بلبل
اٿئي باغ جهان ۾ دم غنيمت
ديوان ۾ فارسي تضمين ۽ فارسي ڪلام. سان گڏ فارسيت بلبل وٽ عام جام آهي، تشبيهون ۽ استعارا جام ڪريم آڻي ٿو:
زلف مسلسل هڪ طرف ريحان ۽ سنبل ٻي طرف
ڪنڍڙا ڪاڪل هڪ طرف ابرو سندو غل ٻي طرف
اي صنم انداز تنهنجي جو شهر ۾ شور هو
غمزن جو غلغل هڪ طرف ۽ حسن جو هل ٻي طرف
تنهنجي رندن سڪر ۾ ساراهه ڪئي ورد زبان
مينا جي قلقل هڪ طرف ساغر سندو مل ٻي طرف
هن شوخ کي جو شعر جو ٿيو شوق تان ڪڍندي ڏٺو
ديوان گل جو هڪ طرف ديوان بلبل ٻي طرف
غزل کان سواءِ بلبل مخمس ۽ قصيدا وغيره به لکيا. بلبل جو طنزو مزاح وارو ڪلام به داد تحسين حاصل ڪري چڪو آهي. ڪتاب ڪلام بلبل ۾ حمد ونعت، مناجات، ڪريما نيچرل ۽ پليگي ڪريما، تضمينون ۽ ٻيو اخلاقيات تي ڪلام شامل آهي. ان سان گڏ اصلاحي ڪلام، تاريخي مادا ۽ قطعا پڻ آهن. مزاحيه شاعريءَ جا به ڪي نظم هن ڪتاب ۾ آهن. هنن نظمن ۾ نوجوانن ۽ مغرب جي تقليدڪرڻ وارن تي نڪته چيني آهي. مولانا گراميءَ جي لکڻ موجب بلبل هڪ طرف فرسوده ۽ بي روح، بي ذوق ۽ بي ڪيف مشرقيت تي طنز ڪري ٿو ته ٻئي طرف مغرب جي انڌي تقليد ۽ بيجا تڪلف ۽ خوشامدانه رنگ تي به خوب گرفت ڪري ٿو. (ڪلام بلبل –20) هن تي تنقيد هيءَ آهي ته بيجا تقليد يا مشرقيت مان هڪ رويو ئي اختيار ڪجي! بلبل جنهن دؤر ۾ رهيو، ان ۾ هُن سنڌي دان کي انصاف پلئه نه پوڻ ۽ نوڪري نه ملڻ جي شڪايت ڪئي. انگريزي پڙهڻ ۾ عار ڪهڙو هو؟ سر سيد ۽ آفنديءَ جون محنتون بي سبب ۽ بي ثمر نه ڄاڻجن ها. هيئن به ڄاڻجي ته بلبل ٽوڪ هڻي انگريزي پڙهڻ جي تلقين ٿو ڪري ! نظم هي:
سنڌي دان جاهل سيه رو ۽ سخت،
نحس نا اهل ناخرد خفته بخت.
سنڌي دان اِڊئٽ سنڌي دان فُول.
رڳا جانور جهنگلي جهُول.
مطلب ته سنڌي دان جي ڪٿي به پهچ ناهي، بي عقل آهي. ان جو ڪم خراب آهي، هو ڊل، ڍرو ۽ بيڪار آهي. انکي پٽيوالا به پڇن نٿا! ته پوءِ انگريزي پڙهي گِٽ مٽ ڪندڙ انگريز سرڪار جو حصو بڻجڻ کپي ها ۽ نه مغربي تهذيب جو دلداده.
بلبل جي خيال ۾: “آهه نئين تعليم گڙٻڙ درجهان انداخته!! ٽوپلو پائڻ جي حماقت نه ڪجي. گوري جي ذهني غلامي نه ڪجي. ان باري ۾ بلبل گهڻو لکيو. آءٌ سندس هڪ نظم “نئون زمانو” مان اقتباس ڏيان ٿو:
گهر کان نڪتا نيتو نيچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
سر ۾ ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
ڪالر ڪوٽ قميصون جاڪٽ، پائن ٿا پتلون ۾ پاڪٽ،
چيچاتي بوٽن جي چِرچِر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا.
سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گِٽمٽ گِٽمٽ وات ۾ وائي،
يوسي يوسي مستر مستر، تاڪ ڌنا تاڪ ڌنا.
بلبل جا سڀ نثري ۽ نظمي ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ ڇپيا. سنڌي ادبي بورڊ 1969ع کان سندس ڪتاب وري شايع ڪيا، انهن مان ڪن جا ٻيا ڇاپا به نڪتا. مولانا گرامي انهن جي نئين سر تدوين ڪئي ۽ مقدما لکيا.
بلبل جو فرزند رئيس ضياءُ الدين ايس.بلبل به اديب ۽ شاعر هو. سندس باري ۾ مخدوم طالب الموليٰ، “ياد رفتگان” ۾ هيئن لکن ٿا: “سندس ولادت وقت جي اهل الله ۽ مجذوب درويش غلام محمد سوڍر جي دعا سان 15 ڊسمبر 1910ع تي ٿي.ميٽرڪ لاڙڪاڻي مان ۽ 1938ع ۾ ايم. اي (فلاسافي) ۽ ايل.ايل. بي علي ڳڙهه مان پاس ڪيائين. 1943ع ۾مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ منطق ۽ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. ليڪن جلدي اچي دادوءَ ۾وڪالت شروع ڪيائين ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو. 14 ڊسمبر 1966ع تي وفات ڪيائين.” سندس غزل جو نمونو هي آهي. جنهن ۾ شمع پرواني جي مناسبت ملحوظ رکي اٿس:
حرص و حوس جي واءُ نه دل جي وساءِ شمع،
ڪاري آ ڪاڪ ۾ نه گذارو سواءِ شمع.
ساقي تي مي سبوتي نظر هئي سڀن جي پر،
پرواني ٿي ڏٺو نه ٻيو ڪجهه سواءِ شمع.
وڌندي وڃي ٿي رات ته ٻڏندي وڃي ٿي دل،
آيو نه شمع رو مگر تون نڀاءِ شمع.
توکان ضيا ملي هي زماني کي روشني،
رهندو جگر جو داغ ٿي روشن بجاءِ شمع.
(ياد رفتگان- ص 226-227)
سنڌ جو هڪ قومي شاعر: شمس الدين”بلبل“
تحرير: ڊاڪٽر ”وفا“ راشدي
ترجمو: شعبان بخت
ملڪ الشعراءِ، بلبلِ سنڌ، شمس الدين بلبل، سنڌ جو نامور عالم، مفڪر، شاعر، اديب، صحافي ۽ مزاح نگار هو. سندس والد بهادر خان ولد ڪمال خان، ميهڙ، ضلعي دادو جو زميندار هو. ليڪن علم ۽ تصوف سان به شغف رکندڙ هو. بلبل جو مامون آخوند نهال خان، ميهڙ جو مشهور عالمِ دين ٿي گذريو آهي. (بلبلِ سنڌ (سنڌي) ص-21)
شمس الدين “بلبل” 1857ع– 1277هه ۾ ميهڙ ۾ پيدا ٿيو ۽ 1919ع –1337هه ۾ فوت ٿيو. سندس وفات تي مير عبدالحسين “سانگي”، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين صاحبن تاريخي قطعا چيا. مرزا قليچ بيگ چيو:
شاعرِ ملڪِ سنڌ، شمس الدين،که ز او بود عالمي به شگفت،
بلبلِ بود او که بامنقار، ور مغني عجيب رومي صفت،
بود او شمس، بر سپهرِ سخن، کرد آخر غروب ورد مئي نهفت،
سالِ فوتش بڪفِرمي جستم، زود هاتف، چراغِ مجلس گفت.
1337هه
شمس الدين جي تعليم ۽ تربيت سندس والد بهادر خان جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. انهيءَ زماني جي رواج مطابق، عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو جي تعليم حاصل ڪيائين. ذاتي مطالعي ۽ محنت سان مختلف علوم ۽ ادبيات تي حاوي ٿيو. سن 1872ع ۾ تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد ان ئي سال (1) داروغي جي عهدي تي فائز ٿيو. پر سرڪاري ملازمت سندس فڪر جي طرز، طبيعت جي آزادي ۽ علمي مزاج جي خلاف هئي. انهيءَ ڪري، زياده عرصو ملازمت ڪري نه سگهيو ۽ ملازمت ترڪ ڪري ڇڏيائين.
شمس الدين “بلبل” فطري طور هڪ ذهين، طباع، عالي ظرف، عالي دماغ ۽ روشن ضمير شخص هو. سندس زمانو گڏيل هندستان ۾، انگريزن جي خلاف آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ جو زمانو هو. سر سيد احمد خان جي علي ڳڙهه تحريڪ، ننڍي کنڊ جي سڀني صوبن جي مسلمانن ۾ بيداريءَ جو روح ڦوڪي ڇڏيوهو. سر سيد جي تعليمي تحريڪ جي زير اثر، جنهن بيدار مغز، روشن دماغ رهنما، سنڌ جي مسلمانن کي جديد ۽ انگريزي تعليم ڏانهن راغب ڪيو، سو هو (2) خان بهادر حسن علي آفندي (1830ع-1895ع)مرحوم. حسن علي آفندي مرحوم، علي ڳڙهه ۾ سر سيد ۽ سندس رفيقن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دارالعلوم علي ڳڙهه گهمي ڏٺو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سيد امير علي جي تحريڪ تي هن سنڌ جي عوام کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جي لاءِ سن 1885ع ۾ (3) سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جو بنياد رکيو ۽ سنڌ جي سر سيد جي لقب سان زنده جاويد ٿي ويو. سر سيد احمد خان جي ساٿين ۽ شريڪ ڪارن، مولانا الطاف حسين “حالي”، علامه شبلي نعماني، نواب وقار الملڪ ۽ نواب محسن الملڪ وانگر، سنڌ جي سر سيد، حسن علي آفندي جي مشن کي ڪامياب ۽ ڪامران بڻائڻ لاءِ سنڌ جي جن علم پرور دانشورن مسلسل محنت، ڪاوش ۽ جدوجهد ڪئي تن ۾ الله بخش “اٻوجهو”، (4) مخدوم الشعراءِ الحاج محمود “خادم” (5) لاڙڪاڻوي، مرزا قليچ بيگ، (6) مير عبدالحسين “سانگي” (7) ۽ شمس الدين “بلبل” (8) جا نام نامي اسم گرامي، اسان جي قومي تاريخ ۾ روشن مينارن جي حيثيت رکن ٿا.
شمس الدين “بلبل” تحريڪ آزادي جي سلسلي ۾ جيڪي گران قدر خدمتون انجام ڏنيون، تن جي ڪن پهلوئن جو سرسري ذڪر، زير نظر مقالي ۾ ناگزير آهي. سندن شخصيت ۽ خدمتن کي سمجهڻ جي لاءِ انهيءَ پس منظر طرف ليئو پائي ڏسڻ ضروري آهي. “بلبل” حسن علي آفنديءَ جو ساڄو هٿ ۽ مشير خاص هو. بلڪه مولانا غلام محمد “گرامي” جي چواڻي، “هو آفنديءَ جو ٻانهن (9) ٻيلي هو”. سر سيد احمد خان، آل انڊيا ايڊوڪيشنل ڪانفرنس قائم ڪئي ته حسن علي آفندي “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي پيڙهه رکي. سر سيد رسالو“تهذيب الاخلاق” جاري ڪيو ته حسن علي آفندي، 1989ع ۾ هفتيوار اخبار (10)“معاون” جاري ڪئي ۽ ان جي ادارت جا فرض “بلبل” جي سپرد ڪيا. “بلبل” ان جي ايڊيٽر جي حيثيت سان جيڪي ايڊيٽوريل، مضمون ۽ نظم و نثر لکيا، اهي نه رڳو سندس هڪ بيباڪ ۽ حقيقت پسند صحافي هئڻ جا شاهد آهن، بلڪه حسن علي آفندي جي سياسي، علمي ۽ تعليمي تحريڪ جي لاءِ به بيحد اثرائتا ۽ مفيد ثابت ٿيا.
بلبل هفتيوار “معاون” کان علاوه مختلف اخبارن ڪراچي گزيٽ، خير خواهه لاڙڪاڻو، مسافر حيدرآباد، الحق ۽ آفتاب سکر جو به ايڊيٽر ٿي رهيو. انهن اخبارن آزاديءَ جي جدوجهد جي تحريڪ کي زياده کان زياده زوردار ۽ ڪامياب بنائڻ جي مقصد سان سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي شعور ۽ علمي ۽ تعليمي لاڙن پيدا ڪرڻ ۾، اهم ڪردار اداڪيو. اهو شمس الدين جهڙي دانشورن جو ڪارنامو آهي ۽ انهن جي ئي ڏاهپ ۽ فراست ۽ تحرير ۽ تقرير جي وسيلي سنڌ جي ملت اسلامي ۾، اسلامي مساوات، قومي وحدت جا جذبات، وطن جي آزاديءَ جي تڙپ سان گڏوگڏ خود اعتمادي، خود شناسي ۽ ترقي ۽ عروج جا احساسات پيدا ٿيا.
“بلبل” 1906ع ۾، ميهڙ ۾ مدرسة (1) الاسلام جي نالي سان، هڪ مدرسو قائم ڪيو، جنهن ۾ عربي ۽ فارسيءَ کان علاوه، اردو ۾ به تعليم ڏني ويندي هئي، هاڻي اهو مدرسو هاءِ اسڪول بڻجي چڪو آهي. “بلبل” جيتري روانيءَ سان لکندو هو، اوتري ئي رواني ۽ شستگيءَ سان تقرير به ڪندو هو. 1907ع ۾، آل انڊيا ايڊوڪيشنل ڪانفرنس جو هڪ اجلاس، مولانا الطاف حسين “حالي”، جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ننڍي کنڊ جي قومي اڪابرن شرڪت ڪئي. سر سيد احمد خان جو خاص ساٿي نواب وقار الملڪ به شريڪ هو. ان اجلاس ۾ شمس الدين جيڪا تقرير ڪئي، سا سليس ۽ شسته فارسي ۾ هئي ۽ معرڪه آرا هئي.” (2)
سر سيد احمد خان امام غزالي رحه، جي ڪتاب “حجة الاسلام” تي پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڪجهه اعتراض ڪيا، “ته “بلبل” اردو، ۾ انهن اعتراضن جا جواب لکيا، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا ۽ پوءِ ڪتابي شڪل (عقل و تهذيب) ۾ به ڇپجي عوام تائين پهتا.” (3)
شمس الدين “بلبل” عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردوءَ کان بخوبي واقف هو. عربيءَ کانسواءِ ٻين ٽنهي زبانن ۾، نظم ۽ نثر وڏي رواني ۽ برجستگي و شگفتگي سان لکندو هو. تصوف، تفسير، حديث، فقه، سيرت، مناظري، فلسفي، شعر و عروض، لغت معاني، سياست ۽ تاريخ بابت سندس تصنيفون ۽ تاليفون موجود آهن. سندس ڪتاب نظم ۾ گهٽ ۽ نثر ۾ زياده آهن. سندس ڪجهه ڪتابن جا نالا هي آهن:
قلندري ميلو: حضرت لال شهباز قلندرجي عرس ۽ ميلي جو دلچسپ احوال. هريسنگهه پبلشر سيوڪ پريس، لاهور.
تيرنهن ڄار: مزاحيه رنگ ۾ اصلاحي مضمونن جو مجموعو، اسلامي پريس، لاهور.
بهارِ عشق: عاشقاڻا خط، هري سنگهه، سيوڪ پريس لاهور
آئينه تجارت مايئه ظرافت: طنز و مزاح، اسلامي پريس لاهور.
جهٽ سوال، پٽ جواب: وڪٽوريا پريس، لاهور.
حل تجربات يعني شمس لغات ظريفاني رنگ ۾ الفاظ جي معنيٰ ۽ مطلب- البرٽ پريس، سکر 1905ع
ظريف الدوله- ظريفاني رنگ ۾ لفظن جي تشريح- البرٽ پريس سکر 1905ع
گلزارِ لطائف- لطيفن يا مزيدار ڳالهين جو مجموعو
عقل ۽ تهذيب- اخلاقي ۽ معلوماتي مضمون. 1914ع
قرض جو مرض ۽ ان جو علاج- اصلاحي
صد پند سود مند- اصلاح- البرٽ پرنٽنگ پريس، سکر 1914ع
سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ سرڪار- سياسي ۽ اصلاحي
انگريز ۽ مسلمان- سياسي ۽ اصلاحي
مسلمان ۽ تعليم- مرتب: غلام محمد “گرامي” سنڌي ادبي بورد، 1977ع
حرز البيان شرح قانون وقف علي الاولاد = = =
جامِ جم- سنڌ جي مسلمانن جا سياسي مسئلا = = = 1915ع
گنجينئه معرفت- تصوف و معرفت = = = 1917ع
بخت جي بازي- سياست= = = 1917ع
ڪارونيشن ڪپ = = = 1919ع
شمس المڪاتيب– (فارسي) سندس فارسي انشا پردازيءَ جو عمدو نمونو
مزاحيات- مرتب غلام محمد “گرامي”- سنڌي ادبي بورد، 1977ع
نظم جا ڪتاب- ڇپيل:
ديوان بلبل (سنڌي) مفيد عام پريس لاهور 1919ع
ديوان بلبل- (فارسي، اردو، سنڌي) سنڌي ادبي بورڊ 1982ع
بهارستانِ بلبل (فارسي، عربي، سنڌي ۽ اردو)- مرتب، غلام محمد “گرامي”، سنڌي ادبي بورڊ 1982ع
ڪلام جو مجموعو
مدحِ سرور- فارسي، سنڌي ۽ اردو نعتيه تخليقن جو مرقعو.
ڪريما نيچرل- طنزيه و مزاحيه ڪلام.
رحيما لطيفي- طنزيه و مزاحيه ڪلام- مرتب: ضياءُ الدين “بلبل” ڪليم پريس 1948ع
احسن التواريخ يا عمدة التواريخ (1)
شمس الدين “بلبل” سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري جو بنياد وڌو. هن اردو ۾ به ڪافي مزاحيه مضمون لکيا. هو سنڌ جو پهريون شاعر ۽ اديب هو، جنهن اردوءَ جي مشهور مزاح نگار اڪبر الهه آباديءَ جي ظرافت اختيار ڪئي. هن اڪبر جي رنگ ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾، مغربي تهذيب جي خامين ۽ برطانوي حڪومت جي چالن کان عوام کي آگاهه ۽ باخبر ڪيو. مولانا گرامي مرحوم درست ئي لکيو آهي ته:
“بلبل جو طنزيه اسلوب نهايت تعميري ۽ افادي (2) هو”. بقول ڊاڪٽر پروفيسر عبدالمجيد سنڌي، “هن اڪبر الهه آبادي وانگر ظريفانه انداز ۾ معاشري جي تصوير پيش ڪئي ۽ پنهنجي قلم جو زور ان تي صرف ڪيو ته مسلمان انگريزي تعليم حاصل ڪن. (3)”.
بلبل نه رڳو پاڻ انگريزي پڙهي ۽ ان تي رسائي حاصل ڪئي، پر زوردار آواز ۾ سنڌ جي عوام کي به انگريزي پڙهڻ جي تلقين ڪئي. سندس ئي اهو مصرعو آهي ته:
“پڙهو انگلش انگلش انگلش!”
سنڌ جو نامور محقق، نقاد ۽ دانشور، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم “خليل” پنهنجي هڪ مقالي ۾ رقم طراز آهي ته “شمس الدين “بلبل”، وقت جي تقاضا مطابق اڪبر الهه آباديءَ جي طرزتي طنزيه شاعري ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ ماحول ۽ معاشري جو صحيح عڪس ملي ٿو. هن مسلمان نوجوانن جي بي راهه روي ۽ هندن جي اسلام دشمني تي به سخت تنقيد ڪئي.” (4)
حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ جي هڪ قومي شاعر جي حيثيت سان، شمس الدين “بلبل” جون خدمتون وساري نٿيون سگهجن ۽ رشيد احمد لاشاري مرحوم جي لفظن ۾، “هن باب الاسلام سنڌ ۾، سڀ کان پهرين جنهن شاعر صحيح معنيٰ ۾ قومي شاعري ڪئي، ۽ ان سان گڏ پاڪستان جو تصور پيش ڪيو، سو بلبلِ سنڌ شمس الدين “بلبل” هو.” (5)
شمس الدين “بلبل”، هڪ صاحبِ دين عالم، مفڪرِ اسلام ۽ شاعرِ عوام هو، سندس علم ۽ دانش، تحرير ۽ تقرير، مسلم قوم ۽ پوري انسانيت جي اصلاح ۽ فلاح، رفاه ۽ بهبود جي لاءِ وقف هئي. هو دنيادار به هو ته ديندار به. تصوف سان سندس فطري لڳاءُ هو. سندس صوفياڻو مزاج ۽ درويشاڻي زندگي سندس عظمت جي مظهر هئي. هو نقشبندي طريقي جو مبلغ هو. نقشبندي سلسلي جي هڪ بزرگ حضرت مخدوم نظام الدين صديقي (پاٽائي) جو (1) مريد هو: الله ۽ سندس رسول صه جي دين کي فروغ ڏيڻ ۽ ماڻهن کي نماز روزي جي تلقين ڪرڻ جي لاءِ، هڪ مسجد جي امامت (2) به ڪيائين. خطبن ۽ قرآن جي درس جو سلسلو جاري ڪيائين ۽ قرآن جو تفسير به لکيائين، سيرت، فقه ۽ حديث جي متعلق سلسليوار مضمون لکيائين.
سندس ڪمال اهو آهي ته هن نه رڳو مزاح نگاري ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو، بلڪه تصوف ۽ معرفت جي فلسفي ۽ مضمونن کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سمائي، هڪ صوفي شاعر جو مرتبو به ماڻيائين. سندس ڪلام جو ڳچ حصو اهڙو آهي، جنهن ۾ وجودي ۽ شهودي وحدت جا ارشادات ۽ اصطلاح ڪثرت سان ملن ٿا. گنجينئه معرفت ۽ مداحِ سرور صه، سندس ٻه اهڙا ڪتاب آهن، جن ۾ سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ سندس نعتيه ڪلام جي مطالعي مان سندس تصوف جو فلسفو ۽ سندس اسلامي ۽ ديني عقيدا، وڏي وضاحت ۽ صراحت سان اسان جي آڏو اچن ٿا.
شمس الدين “بلبل” مثنوي ۽ قصيدي ۾ به يدِ طوليٰ رکندو هو. هو رياست خيرپور جي درٻار سان وابسته رهيو. خيرپور جا امير (3) سندس وڏو قدر ڪندا هئا. انهن کيس ملڪ الشعراء جي خطابن سان به نوازيو هو. ڊيگهه جي خيال کان هتي سندس سموري ڪلام جو جائزو وٺڻ ممڪن نه آهي. اردو ۾ به شعر گوئي تي ڪنهن حد تائين قدرت رکندڙهو.
(مهران نقش “اردو” تان ورتل)
89-8-14
رئيس شمس الدين بلبل ۽ سندس همعصر
حاجي حافظ محمد احسن چنو
اسان جي سنڌ سڳوري ۾ وقت بوقت اهڙيون هستيون پيدا ٿيون آهن جن تي سنڌ وارن کي بجا طور فخر آهي، 1857ع وارو سال پنهنجي نوعيت ۾ مشهور آهي، اهو سال انقلابي آهي، جنهن کي ڌاري حڪومت “غدر” جو نالو ڏنو هو، مگر پاڪ هند جي باشندن لاءِ هڪ نيڪ فال هو، اهڙي وقت ۾ پاڪ هند جي مسلمانن کي مرحوم سر سيد احمد خان ۽ ان جورفيق ڪار مولانا حالي قدرت عطا ڪيو ته سنڌ جي مسلمانن کي وري خانبهادر حسن علي آفندي ۽ سندس دست راست رئيس شمس الدين بلبل نصيب ڪيو، رئيس شمس الدين بلبل 1857ع ۾ ڄائوهو، انهي ڪري قدرت ان جي دل ۾ قومي جذبو رکيو هو، مرحوم خان بهادر حسن علي جو صلاحڪار بڻيو، بلبل مرحوم اڪبر الهه آبادي ۽ مولانا حالي وانگر وطن ۽ قوم جي اصلاح ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪئي، هن خداداد علمي ۽ ذهني لياقت سان مسلمانن لاءِ تعليم جي ذريعي اهو ڪم ڪيو جو ڏوڪڙ ۽ بارود وسيلي نه ٿي سگهي ها، هن صاحب “جام جم” ڪتاب لکي هوم رول ليگ ۽ ڪانگريس تي تبصرا ڪري پاڪستان جو نظريو علامه اقبال وانگر سمجهايو هو، جو 1947ع ۾ ظاهر ٿيو، يعني پيشن گوئي پوري ٿي ۽ پاڪستان بڻيو، مرحوم بلبل کي قادر کان ڪيتريون خوبيون مليل هيون، جئن ته شعر و شاعري جي فصاحت ۽ بلاغت ۽ نثر نويسي جي نزاڪت ۽ صنعت، ظرافت جي چاشني ۽ قابليت، صحافت جي لياقت ۽ دل ۾ قوم ۽ وطن جي محبت، آزادي جهڙي نعمت جي طلب مطلب ته ڪيترين خوبين جو مالڪ هو، سندس ڪلام ۽ طبيعت ۾ رواني، ڄڻ “مست مهراڻ” جي ٻوڏ. هن صاحب ثابت ڪري ڏيکاريو ته شاعر پيدا ٿيندو آهي، پر بڻايو نه ويندو آهي.
مثال طور:
ٽيپ ٽاپ ۾ آڪڙ شاڪڙ ڏاڙهي ڪوڙي مڇون ماڪڙ
سواري بائيسڪل جي سرسر تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا
ڪاروڪوٽ قميصون جاڪٽ پائن ٿا پتلون ۾ پاڪٽ،
چيچا ٽي بوٽن جي چرچر تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا
سيٽي ۽ سگريٽ سدائين گٽمٽ گٽمٽ وات ۾ وائي
“يو سي” “آ ئي سي” مسٽر مسٽر تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا
کليل خوشي ۾ بردم خردم ميل جول ۾ وحشي بيدم
ٽور ٽلڻ ۾ هر بر هر بر تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا
شعر وڏو آهي مگر ٿورا ٽڪرا ڏجن ٿا.
هاڻ اسين بلبل مرحوم جي نثر تي روشني وجهنداسون نظم. ۽ نثر ٻنهي ۾ ايڏو ڪمال ڪنهن ورلي لکندڙ کي حاصل هوندو آهي، بلبل مرحوم جو نثر مقفيٰ تجنيس حرفي ۾ بي مثال آهي. نثر ۾ به ظرافت ۽ مذاق ڪم آندي اٿس، قلندر شهباز جي ميلي جو احوال لکيو اٿس ان جو ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
نانوائي: خرچ کپاءِ جي وائي، ٽڪي ۾ دڪي جو ڦلڪو، ويهي کاءِ ته به نه لهي الڪو، جي ٻوڙ ته مرچن جو جوڙ، چرٻي جو چوڙ، آنو ڏي ته لپ شوري جي، هڏي اگهاڙي سا به ڇڪ ته ڌو منجهه ڏاڙهي، اڙل جو پاڻي، ديڳڙي جيئن ٽهڪي، ڍڪ ڀري ته ويٺو سهڪي، شربت ڄڻ شيرين شراب، ڪوسو نسورو ڳڙ جو لعاب، چڪڙو پيءُ ته خانو خراب، چپ خشڪ بدن بيتاب. وري “آئينه تجارت” جي ٿوري واقفيت وٺون ٿا:
سرمئه نزول: پائڻ شرط نزلي جو پاڻي اکين ۾ ائين اچي گڏٿئي، جيئن هيٺانهين ۾ برسات، اکين جون ماڻڪيون ان ۾ درياهي مينڊڪن وانگر غوطا پيون کائن، پنبڻين جو نالو ئي نه رهي. صفاً صفا ملڪ ميدان، عاقبت بيني جو مادو ته پهرين سرائي سان چٽ ٿي وڃي، گهر جي زال به پري کان ماءُ ڀيڻ وانگر نظر پئي اچي، عقل جي اکين تي اهڙا پردا چڙهي وڃن جو پاپ به پڃ پيو نظر اچي. “سامان جي يادداشت” ۾ لکي ٿو ته:
جادو جي صندوق: هن کي صندوق سڏڻ عقل سليم جي برخلاف آهي، هي نسوري ڪرامت آهي، نه ڪاٺ جي نه رڪ جي نه لوهه جي پوءِ ته ان سوال جي لڙائي ۾ هڪڙي مڪڙي هٿ آئي آهي ان جي ڄاري جي ٺهيل آهي هن ۾ چور خانا اهڙا آهن جو جيڪڏهن انهن ۾ رپيو وجهبو ته مالڪ ڳوليندي رحلت ڪري وڃي ته به نه ملي، رحلت کان پوءِ چاليهي تي سندس وارثن کي رپيو في صدي وياج سان دستياب ٿئي، صاحبو ٻڌايو ته هي صندوق چئبي يا “ڪنگال بينڪ”.
بلبل مرحوم حق گوئي ۾ به هڪ هو. بالڪل بي باڪ بي حجاب ٿي سراسر سچ چيو اٿس، مگر اهڙي رنگ ڍنگ ۽ ظرافت ۾ جو ڪنهن دل کي رنج نه رسي. ڪتاب “تيرهن ڄار مڪرن جا مار” مان هڪ ڄار مثال طور پيش ڪري رهيا آهيون.
عريضي نويس جو ڄار: بابا عريضي نويسي آسان نه آهي. اول عزازيل جي اجلاس مان سرٽيفڪيٽ وٺڻو ٿو پوي پوءِ عريضي نويسي جي لائق ٿو ٿئي. وڪيل يا مختيارڪار ڪن ڇا ٿا (رڳو نام بڙا ديهه ويران) اهي اسان جي پڪل ماني کائن ٿا. جڏهن ابليس جو اذن وٺي بنياد مقدمي جو ٻڌي ڪوڙ کي پيهين دغا سان ڳوهي عريضي جي ماني پچايون تڏهن پوءِ وڪيل ۽ مختارڪار به لوڻ مرچ کڻي ٻرڪين نه ته سمجهڻ گهرجي ته دائره دعويٰ جا مرڪز اسين آهيون.
ٻن ويڙهائڻ جهڳن ناس ڪرڻ جا باني اسين آهيون مطلب ته ڪورٽن ۾ جيڪي معاملا هلن ٿا، سي سڀ اسان جي قلم جا ڪرتب آهن. جنهن کي اسان جي قلم جي پڇاڙ آئي سو يا سمڪ تي يا سماڪ تي يا زمين تي يا افلاڪ تي. عريضي نويس ڪهڙو بيوقفو هوندو جو فريادي جي چوڻ تي لکندو. هڙ ڪوسي هجيس ته پوءِ ڏسو قلمن سان قلم جي کيڏ، تيلي مان ٿنڀ، نوڙي مان نانگ، گار مان هنگامو، لپاٽ مان تقصير وار خود ڪشي، ڌڪ مان خون جي ڪوشش، سول جو ميعاد ته اسان وٽ وسيع، نوح جي طوفان جي دعويٰ مدت اندر اسين آڻيون، ويل رقمون اسين ورايون، ٻڏل وياج اسين تاريون، مطلب ته سيڪشن جي سلسلي ۾ اهڙو ته عريضي کي ڪڙيون جو ڇا مجال ڪنهن جي جو ڦير ڦار ڪري، پر نه رڳو عريضي لکي ڏيون پر ڪوڙن شاهدن جي مدد ۾ به حتي المقدور قصور نه واريون.
صاحبان- هي اسان جي سنڌ جو مڻيو نثر خواهه نظم جو ماهر آخر 63 ورهيه عمر قوم جي اصلاح ۾ صرف ڪري 1919ع ۾ الوداع ڪري وڃي صبر ۽ سڪون جو صاحب ٿيو. دعا آهي ته خدا تعاليٰ سندس فرزند ارجمند اديب سنڌ شاعر حضرت ضياءُ الدين صاحب ضيا کي عمر خضري بخشي ۽ قوم جي خدمت ۾ بلبل جي نقش قدم تي هلائي آمين.
هيٺ اسان نئين زندگيءَ جي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ بلبل مرحوم جي مرحومن ۽ حال حيات همعصرن (ساٿيارن) جو تفصيل ڏيون ٿا:
شاعر ۽ اديب:
- مولانا شفيع محمد صاحب مسجدي تعلقه ميهڙ
- مولانا غلام محمد صاحب سوڍر
- مولانا غلام رسول صاحب سوڍر
- مولانا دين محمد اديب فيروز شاهي
- ماستر جناب جمع خان غريب
- حڪيم شاهه محمد صاحب صوفي
- سرائي اميد علي زرداري نزديڪ ٻورڙي تعلقو خيرپور ناٿن شاهه
- خان بهادر چاڪر خان شاهاڻي تعلقو جوهي
- حاجي حافظ محمد احسن چنا تعلقو دادو
- مخدوم نظام الدين صديقي پاٽائي
دادو ضلعي جا ٻيا نيڪ مرد:
- حافظ ڪمال الدين ڏيپر
- سيد امير علي شاهه صاحب
- رئيس قادر بخش خان سهتو
- وڏيرو دوست محمد خان ٿيٻو
- مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام
- وڏيرو شير خان ناريجو
- سيد حاجي علي اڪبر شاهه
- وڏيرو محمد صادق جانوري
- رئيس پيارو خان لغاري
- خانبهادر ڌڻي بخش خان جتوئي
سياستدان ۽ وڪيل:
- خان بهادر غلام محمد خان وساڻ
- نواب حاجي امير علي لاهوري
- جناب سر شاهه نواز خان ڀٽو
- جناب سر حاجي عبدالله هارون
- جناب حسن علي آفندي
- جناب سيد الهندو شاهه صاحب ڊڀرئي وارو
- جناب غلام محمد صاحب “شيدي” شڪارپور وارو
- جناب سر غلام حسين
- سردار محمد يعقوب خان
- شيخ محمد ابراهيم صاحب
- خان بهادر نانا
- ميان غلام محمد صاحب ڀرڳڙي
- سردار عبدالباقي
- جناب مير رحيم داد مولائي شيدائي
- نواب ولي محمد لغاري
- آغا گل محمد خان شڪارپوري
- آخوند عطا محمد صاحب مٽيارين وارو
- خان بهادر غلام نبي شاهه ميرپور خاص وارو
- مير مقبول خان
- جناب حاجي خان لاڙڪ
- خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ
مذهبي پيشوا ۽ بزرگ:
- ميان حسن الله صديقي پاٽائي
- مولانا عبدالغفور صاحب همايوني
- مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي
- مولوي محمد عثمان نورنگ زاده، کورواهي
- مخدوم محمد امين هالائي
- حضرت شاهه مردان پير پاڳارو صاحب
- خواجا عبدالرحمان صاحب سرهندي
- خواجا حافظ حسن جان صاحب سرهندي
- ميان عبدالڪريم مهيسر قاضي عارف وارو
- حضرت آقا محمد حسن جان صاحب سرهندي
- پير محي الدين شاهه دوران
- پير رفيع الدين صاحب سرهندي
- سيد ڏنل شاهه (رٽائرڊ جج)
- جناب محمد اڪمل صاحب روهڙي وارو
- مخدوم بصر الدين صديقي سيوهاڻي
صحافي ۽ ايڊيٽر:
- جناب محمد هاشم صاحب مخلص
- جناب مير بشارت حسين زيدي، خيرپور ميرس
- مولوي نور محمد صاحب نورل نظاماڻي
بلبل مرحوم جا هندو دوست:
- سيٺ جيتو مل، ميهڙ وارو
- مکي گوئومل
- سيٺ پريتمداس
- ديوان چندي رام وڪيل
- پرچومل
- ديوان هاساسنگ (مدرسة الاسلام ميهڙ جو هيڊ ماستر)
- مسٽر مولچند (جو دادو سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ٿي ويو).
لاڙڪاڻي ضلعي جا شاعر:
- حافظ عبدالله حافظ، نصير آبادي
- مولانا در محمد صاحب خاڪ
- حاجي خانڻ
- هدايت علي نجفي تارڪ
- جناب نواز علي صاحب نياز
- حاجي محمود صاحب خادم
- ميان علي محمد صاحب قادري
ٻيا سنڌ جا شاعر:
- سيد غلام محمد شاهه صاحب گدا حيدرآبادي
- سيد فاضل شاهه
- مير عبدالحسين سانگي
- پير نصير نوشهري فيروز وارو
- پير ڪمال
- ميان وڏل حيدري
- اسد الله شاهه صاحب ٽکڙائي
- سيد نواز علي شاهه ٽکڙائي
- حافظ حامد
- حافظ هارون
- حافظ عبدالله بسمل
- غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي
- محمد ابراهيم صاحب صديقي خليل
- ميزا قليچ بيگ صاحب
- ميرزا احمد علي صاحب جهرڪن وارو
- مير محمد شاهه حسيني لکوي آمري وارو
- آخوند عبدالقادر بيدل شڪارپور وارو
- حافظ محمد حيات شاهه نابين
- زمان شاهه ساقي ٺٽوي
- ميان غلام احمدنظامي ڪراچيءَوارو
- مولوي محمد عاقل
- شاهه محمد ديدڙ
- عثمان فقير سانگي
- ڇتو فقير سانگي
- دريا خان
- خير محمد فقير هيسباڻي
- مير حسن علي خان حسن
- امام بخش خان خادم شڪارپوري
- ڀاون علي شاهه ساقي، بدين
- ميان محمود، پلي
- پير امير علي شاهه
- منٺار فقير
- محمد فقير کٽياڻ
- سيد ميران محمد شاهه اول
- آخوند عزيز الله متعلوي، هالائي
- محمد صديق مسافر
- ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب صديقي
- حڪيم مولانا فتح محمد صاحب سيوهاڻي
- جناب محمد بخش صاحب واصف
- جناب مرتضائي ٺٽوي
بلبل جي شاعريءَ ۾ جمالياتي پهلو
محمد آدم ٻٽ
اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ اهڙين شخصيتن قدم رکيو جن نه رڳو غزل جي تاڃي پيٽي (Diction) بلڪه ان جي تڪ بندي ۽ گهاڙيٽي Form))۽ اظهار (Expression) ۾ نواڻ پيدا ڪري غزل جي شاعريءَ کي عروج بام تي پهچايو. اهڙين شخصيتن ۾ مير عبدالحسين سانگي، غلام محمد شاهه گدا، مرتضائي ٺٽوي، آخوند قاسم ۽ مرزا قليچ بيگ جا نالا اچي وڃن ٿا. اهڙن اعليٰ پايي جي شاعرن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به نئين ماڻهوءَ جو شاعريءَ جي ميدان ۾ پير کپائڻ ۽ اعليٰ مرتبي جي شخصيتن جي صف ۾ پنهنجي لاءِ ڪو مقام ڳولڻ ۽ جاءِ پيدا ڪرڻ ڪا سولي ۽ آسان ڳالهه نه هئي.
شمس الدين “بلبل” جو نالو سنڌي ادب جي اهڙين گڻواڻ شخصيتن جي زمري ۾ اچي ٿو، جن پنهنجي قابليت، محنت ۽ سنجيدگيءَ جي آڌار تي نه رڳو نالو پيدا ڪيو بلڪه اعليٰ مقام پڻ حاصل ڪيو.
سنڌي غزل بنيادي طرح فارسي غزل جي پيداوار آهي ۽ فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ وڌي وڻ ٿيو. تڏهن به سنڌ جي شاعرن فارسي ادب جي هن نازڪ، نفيس ۽ عاشقانه مزاج واري صنف شاعريءَ کي اهڙي ته مقامي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيو جو ان جي هر بند ۽ شعر ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مهڪ اٿي چوڌاري ڦهلجي وئي.
سنڌ جي شاعرن غزل ۾ جتي تصوف جهڙن باريڪ نڪتن کي ڇهيو ۽ بيان ڪيو، اتي هنن غزل جي جمالياتي پهلو کي به ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ محبوب جي “ڳل” جي تِر، ان جي ڳاڙهن ڳٽن، منهن محراب کان وٺي پيچدار “زلفن” ۽ “ڪاڪل” خمدار تائين جو ذڪر نهايت خوبصورت ۽ دل لڀائيندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. “بلبل” به پنهنجي پيش رو ۽ همعصر شاعرن جي تقليد ڪندي غزل ۾ جمالياتي پهلو کي جنهن خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي اهو سندس اعليٰ فنڪارانه صلاحيتن ۽ سندس ڏاهپ ۽ قابليت جو بهترين مثال ۽ اعليٰ نمونو آهي.
اندازو ڪيو ته اهڙي بيباڪي ۽ بهادريءَ جهڙو آواز “بلبل” کانسواءِ ٻيو ڀلا ڪير بلند ڪري سگهي ٿو...!؟
اهڙن خوبصورت خيالن کي لفظن جي روپ ۾ گهڻ مقصديت Multi-Purpose واري انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ملڪو Authority رڳو “بلبل” کي ئي قدرت عطا ڪيو هو. اهوئي سبب آهي جو مولانا غلام محمد گرامي “بلبل” کي سنڌي ادب جو “سپوت” سڏيو آهي جنهن نه رڳو غزل جي تصوف ۽ اصلاح واري پاسي ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ ڪنهن رک رکاءَ کان ڪم ورتو، بلڪه حسن ۽ سونهن جي ساراهه کي پيش ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايو. انگريزي ۾ چوڻي آهي ته:
“Poetry is basically a rich and colorful way of speaking”
“شاعري اظهار جو شاهوڪار ۽ رنگين ذريعو آهي”
شاعري رڳو لفظن جي چونڊ جو نالو ناهي پر دلين کي جهومائڻ ۽ ذهنن کي گرمائڻ شاعري جو اصل جوهر (Real Spirit) آهي. لفظن جي چونڊ به اهڙي ڪرڻي آهي جو پڙهندڙن جون دليون پڙهڻ سان جهومي اٿن ۽ جذبا جاڳي پون، جيڪا شاعري دلين کي جهومائي نه سگهي ۽ جذبن کي اڀاري نه سگهي، جنهن شاعريءَ مان ڪنهن کي ڪجهه حاصل نه ٿي سگهي، جيڪا شاعري ٻين کي ڪجهه به نه ڏئي سگهي سا لفظن جي مالها ته ٿي سگهي ٿي پر شاعري نٿي ٿي سگهي.
شاعريءَ جو واسطو روح سان ۽ دل جي ڌڙڪنن سان سڌو سنئون ٿئي ٿو. تنهنڪري شاعر لفظن کي اهڙو روپ وٺرائي ٿو، جنهن سان حسن مهڪي ٿو اٿي. پوءِ اهو حسن چاهي فطرتي هجي يا انساني. “بلبل” جي شاعري جي به اها خوبي آهي ته هن لفظن کي سونهن جو نمائندو بنائي ڇڏيو آهي. بلبل جي شاعري ۾ حسن ۽ خوبصورتي جون شفاف ڌارائون لفظن جي چشمن مان ڦٽي ۽ وهي هلن ٿيون. محترم جويو صاحب جي چواڻي ته “فن جو بهرحال ڪمال هيءُ آهي ته وقتي اهميت جو رول به ادا ڪري ۽ ان ۾ دائميت ۽ امرتا جو روح پڻ برقرار هجي، بلبل جي شاعري “دائميت ۽ امرتا جي روح” جو باهمي سنگم به آهي ته وقتي اهميت جو رول به ادا ڪري ٿي. بلبل جو محبوب ۽ ان جو حسن اعليٰ قدرن وارو ۽ وڏي اهميت وارو آهي. ان جي حسن اڳيان حورون ۽ پريون ته ڇا سج ۽ چنڊ جي به ڪا حيثيت ڪانهي:
توهان جي حسن ۾ آهي جو زور و زينت- زيب،
نه آهي حور و پري شمس و ماهه ۾ لاريب.
---
فلڪ کي جي فخر آهي قمر جي نور تي اهڙو،
اسان جي ماهرو جو منهن سڄو انوار مهه مهه مهه.
شعر جي آخر ۾ “مهه” لفظ ٽي دفعا قافيه طور استعمال ڪري بلبل شعر جي موسيقي ۽ ترنم ۽ لئي ۾ اضافو ڪيو آهي. هن غزل ۾ بلبل تهه تهه تهه، وهه وهه وهه، ڏهه ڏهه ڏهه جهڙا لفظ ٽي دفعا قافيه ۾ استعمال ڪري قافيه جي سونهن ۽ غزل جي حسن ۾ واڌارو ڪيو آهي.
تشبيهه ۽ تمثيل جو فن ته بلبل کان ڪو سکي، هو تشبيهه جي فن ۾ پنهنجي وقت جو بادشاهه هو. مثال طور چوي ٿو ته:
برگ گل تي هيئن لڳي ٿي خوشنما شبنم پرين،
قطره قطره عرق جا ڪن زيب جيئن رخسار تي.
برگ گل کي رخسار سان ۽ عرق جي قطرن کي شبنم سان تشبيهه ڏئي بلبل شعر جي حسن ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ ان جي مراد ۽ مقصد ۾ سونهن ڀري ڇڏي آهي، محبوب جي رخسار تي عرق جي قطرن جي ائين ٺهي بيهڻ جيئن شبنم جا قطرا گل جي پنکڙي تي سونهن ٿا. اهو فطرت جي سونهن سان گڏ انساني سونهن جي اظهار جو پڻ اعليٰ نمونو آهي.
پرين پنهنجا وار ڇوڙي ڪوٺي جي ڇت تي اچي ۽ عاشق اهڙو نظارو پسي دام ۾ نه ڦاسي سا ڳالهه ناممڪن آهي، پر بلبل جي پرين جي ڪاڪل جي ڳالهه ئي نرالي آهي. عام شاعر جي محبوب جي ڪاڪل جو دام محدود آهي جيڪو رڳو دل وارن کي ئي ڦاسائي سگهي ٿو پر بلبل جي محبوب جي ڪاڪل ۾ جا ڪشش آهي سا عام شاعر وٽ ناهي. بلبل جو پرين / سڄڻ جڏهن وارن کي کولي بام تي اچي ٿو ته دل وارا ته ڦاسن ئي ڦاسن ٿا پر عنبر (خوشبو) به ڪاڪل جي دام کان آجي نٿي رهي سگهي.
ڪاڪل کي سڄڻ کولي، ڪالهه بام تي هو ويٺو
آئي ٿي صبا چوندي عنبر جو خدا حافظ
زلفن جي دام جو ذڪر وري بلبل هيئن ٿو ڪري:
زلفن ۾ ڏسي قابو هڪ ترڪ ڏنم طعنه
اسلام جو هي حال ته ڪافر جو خدا حافظ
رخسار تي زلف جو پيچ ڪهڙو خوبصورت منظر ٺاهي ٿو، هن وٽ ان جو بيان باقي شاعرن کان نرالو آهي.
ڏنو زلف جو پيچ رخسار تي
اهو جيم ۽ دال آهي عجب
محبوب جي منهن کي باهه سان تشبيهه ڏيڻ جو انداز و بيان به بلبل وٽ عجيب آهي. لفظن کي ڪيئن استعمال ڪجي؟ ٻوليءَ جو بيان ڪٿي ۽ ڪيئن خوبصورتي پيدا ڪندو، بلبل کي ان سلسلي ۾ واقعي عبور حاصل هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌيءَ سان گڏ عربي توڙي فارسي لفظن کي جنهن وڻندڙ اسلوب ۾ بيان ڪيو آهي سا ڳالهه بلبل جي ٻوليءَ تي دسترس کي عيان ٿي ڪري.
ڇڏي ٿو زلف کي ڇوڙي هو منهن تي محبوب
وجهي ٿو باهه ۾ ورق عنبرين ڇا باعث
ٻڌم ته ڪالهه انهي خوبرو جي خال مٿان
وڪيو ٿي عابد ايمان دين ڇا باعث
هڪ پاسي تشبيهن جو خوبصورت استعمال، ٻئي پاسي ٻوليءَ جو اسلوب ۽ انداز بيان ۽ وري ٽئين حوالي سان جمالياتي پهلو جو ذڪر هڪ ئي وقت انهن مڙني خاصيتن جي ذڪر ڪرڻ ۽ اهڙي انداز ۾ بيان ڪرڻ جو پڙهڻ سان شاعر فنڪارجي فن ۽ ان جي ڏات ۽ صلاحيت کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. “بلبل” جي شاعرانه ڏات ۽ فنڪارانه صلاحيتن جي پرک ۽ ان جي خيالن جي پرواز (تخيل جي اڏام) جو اندازو هيٺين شعرن جي سٽن مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن وٽ ڪيڏي نه شاعرانه سگهه موجود هئي:
بوئي نسيم زلف سياه مشڪبار کان
سرسبز سمن، سنبل و تر، تابدار ڏس
ائين سونهن ٿا، سنبل ۽ سمن ريحان جا
جيئن گرهه ٿي گول ٿئي هن ڪاڪل خمدار تي.
عاشقن جي دل جڏهن معشوق چورائي وڃي ته ان جو موٽڻ ڏاڍو محال آ. بلبل وٽ به اهڙي ڪيفيت آهي، هن جو محبوب به ڏاڍي نرالي چال وارو آهي، جيڪو دل ته چورائي ڄاڻي پر موٽائي نه. اهڙي حالت ۾ عاشق ويچارو ڇا ڪري؟! سندس غمن جو علاج ته صرف ۽ صرف صبر ۾ آهي.
دل کسي جا گلبدن سا ڪيئن وري موٽي ملي
هاڻ ڀانئج صبر بلبل پهرين نمبر جو علاج
سڄڻ جي سينڌ جو ذڪر اسان کي اڪثر شاعرن وٽ ملي ٿو. بلبل ان جو بيان هيئن ٿو ڪري:
ڪڍي سينڌ زلفن ۾ آهي سڄڻ
دلين جي وڃڻ لاءِ ٺاهيو آ دڳ
ڳل جي خوشبوءِ ۽ گل جي سرخي جي تشبيهه محبوب جي لبن سان ۽ زلفن سان هر شاعر وٽ ملي ٿي پر شاعري رڳو تقليد جو نالو ته ناهي! جيستائين ان ۾ نوان تجربا ڪري ڪا نواڻ يا جدت پيدا نه ٿي ڪئي وڃي، تيستائين شاعر جي انفراديت Exception ڪيئن ٺهي. بلبل پنهنجي شاعري (نظم ۽ غزل) ۾ نوان تجربا ڪري نوان مشاهدا پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪيا آهن:
ڳل سرخ جو پرتوو جو پوي زلف تي هردم
ان عڪس کان هر روز ٿين صبح و مسا سرخ
ڳل جي ڳاڙهاڻ جو پرتوو جڏهن زلف تي پوي ته ان جي عڪس سان صبح و مسا سرخ ٿيو پون، ڪيڏو نه هڪ عجيب، دلچسپ ۽ وڻندڙ منظر آهي، جيڪو شاعر لفظن جي روپ ۾ پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪيو آ، حقيقت ۾ اها بلبل جي ڏاهپ ۽ شاعرانه صلاحيت جي خوبي چئجي جو هن هر شيءِ کي اهڙي ته ڪيفيت ۽ انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو پڙهندڙ نه چاهيندي به ان کي پنهنجو ئي قبول ڪري ٿو وٺي.
مذهب روحاني جذبو آهي اهڙو جذبو جنهن جي افاديت ۽ اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ان کان وڌي ان جي اصولن جي پوئواري ۽ پاسداري ڪرڻ انساني فطرت جو اڻ ٽٽ حصو بنجي پوي ٿو، پر جڏهن عشق جو ۽ محبت جو ذڪر ٿئي ته ان جي ادا ۽ ذميداري ئي الڳ ٿي پويو بلبل وٽ محبت جي حيثيت به مذهب کان گهٽ ناهي. هو محبت جي ميدان ۾ به پنهنجو پاڻ کي ايترو ذميوار محسوس ڪري ٿو/ سمجهي ٿو جيترو مذهب جي آڏو.
محبوب جي مذهب ۾ ٿيا فرض رڳا چار،
لب سرخ زبان سرخ، سر دست دوپا سرخ،
ريءَ عشق تنهنجي ڄاڻان نه اسلام ڪفر کي،
تشبيهه فراموش ته زنار فراموش.
عشق کانسواءِ رڳو زندگي اڌوري ناهي، بلڪه دين و ڌرم به اڻپورو لڳي ٿو. ڇاڪاڻ ته عشقيت حقيقت ۾ اهڙو جذبو آهي جنهن جي نه رڳو ذريعي حقيقت پر سچ ۽ ڪوڙ جي فرق کي پڻ سمجهي سگهجي ٿو ۽ ان کي ظاهر ڪري سگهجي ٿو.
مددي ڪتاب:
- ديوان بلبل- هري سنگهه ڪتب خانو سکر 1906ع
- ديوان بلبل- مرتب غلام محمد گرامي سنڌي ادبي بورڊ
- اوتو جوتون- مهاڳ ٻوهيو ڊاڪٽر الهداد
- وڄون وسڻ آئيون- مهاڳ جويو محمد ابراهيم
حضرت شمس الدين ”بلبل“
از: محمد عرس ٻرڙو ايڊووڪيٽ، ميهڙ
حضرت مرحوم و مغفور شمس الدين “بلبل” قدس الله سره جي آخري آرامگاهه مرقد مبارڪ تي عقيدت ۽ محبت جي گلن جي ورکا ڪندي سندس علم و ادب جي عميق موجزن سمندر مان چند قطرات اڄوڪي عظيم الشان بزم ۾ عرض آهن.
“حريفان بادها خورد ند رفتند رتهي خم خانها کردن زقند”
سنڌ جو جليل القدر ۽ مايه ناز شاعر، بلند پايه جو صحافي ۽ اعليٰ مفڪر حضرت رئيس شمس الدين صاحب هو. “بلبل” سال 1857ع ۾ بمقام شهر ميهڙ تعلقي ميهڙ ۾ تولد ٿيو. هي اهو پر آشوب دور جنهن دور ۾ مسلمانانِ هند فرنگي طوق غلامي ٽوڙڻ لاءِ جهادِ عظيم شروع ڪيو ۽ هن جهادِ في سبيل الله کي تاريخ جي اوراقن ۾ بلوي جي پر تحقير تعبيرن سان جاءِ گزين ڪيو ويو، مگر خدا شاهد آهي ته هي جهادِ اڪبر مسلمانانِ هند جي غيرت اسلامي حميت ۽ توڪل علي الله جي يوم الحساب تائين دلالت ڪندو رهندو.
مسلمانانِ هند پنهنجي فرمانروائي ۽ اعزاز کي تلف و تاراج ٿيندي دست تحسّر مليندي مليندي فرنگي تعليم و تهذيب کي منافرت، بغض و عناد ۽ چشمِ تحقير سان ڏسندي ڏسندي ان جو قطع تعلقات ڪيو، ان جو اهو نتيجو سرزد ٿيو جو اهل هند سفيد فام آقائن جي تعليمي تهذيبي تقليد ڪري بام عروج تي پهچڻ لڳا، ۽ مسلمانن دنياوي نقطه نگاهه کان قعر ذلالت ۾ ڪرڻ لڳا، ٻنهي قومن کين صفحه هستي تان مٽائڻ لاءِ ناپاڪ سازشون شروع ڪيون، مگر عداءُ الله کي اها خبر نه هئي ته “چراغ راکه برايزد فروزد ز کسي که او تف رمشش مبسوزد”
هنڌي مسلمان پنهنجي شڪسته ڪشتي کي پرموج سمندر اندر ۽ طوفاني شدت کي ڏسي پنهنجا نماڻا هٿ دربار ايزدي ۾ کڻندو رهيو سندس گريه ۽ انڪساري وڃي مقبوليت حاصل ڪئي، واقعي نا اميدي ۾ به آهي آسرو رحمان جو، دردمند دعائن کي مقبول فرمائيندي بلڪل ساڳئي سال قرن سعدين ۾ اعظم ڳڙهه يو پي ۾ حضرت مولانا شبلي نعماني رحمة الله کي دهلي جي جوق ۾ مير مهدي حسن مجروح عليه رحمة کي ۽ سرزمين سنڌ حضرت شمس الدين بلبل قدس الله سره کي پيدا ڪرڻ فرمايو، الله تعاليٰ انهن ٽنهي جليل القدر هستين جي قلم کي تلوار کان به زياده قوت عطا فرمائي هئي، جن شيوه پيغمبري اختيار ڪري پنهنجي علم، ادب شعر و شاعري جي قهربا قوت سان مسلمانان هند ۽ سنڌ جي صحيح ترجماني ڪري سندن شوريده قسمت کي بدلائي ڇڏيو.
حضرت بلبل عليه رحه جي سيني ۾ عنفوان شباب ۾ به قومي درد ڇوليون هڻي رهيو هو ان جي بي تابي کي مولانا الطاف حسين حالي ۽ حضرت اڪبر الهه آبادي جي پردرد قومي نظمن ويتر وڌايو.
ڪاتب تقدير قضا و قدر کان سنڌي مسلمانن جي خدمت لاءِ حضرت بلبل کي منتخب فرمايو تنهن پنهنجي دور رس نظرن سان مسلمانن جي اجڙيل گلستان کي خون جگر سان آبياري ڪرڻ جو تحيه ڪيو، ان دور ۾ مسلمانن جي بي ڪسي ۽ بي بسي جي ماحول حضرت بلبل جي قلب و جگر تي وڏي اثر اندازي ڪئي جو سندس ابتدائي شعرن مان معلوم ٿي ٿئي.
ٿي ويو مانوس آهيان رنج و غم کان
زهر قاتل مان ڏسان ٿو عيش عشرت جا مزا
حضرت بلبل بحيثيت هڪ قومي نباض ۽ سياسي مبصر جي پنهنجي ذڪاءَ ۽ ذهانت جي وسيلي پنهنجي نظم و نثر کي وقت جي تقاضا موجب قومي امراض کي قلع قمع ڪرڻ لاءِ هڪ خاص طرز مزاحيه اختيار ڪئي جنهن تير نشتر جو ڪم ڪيو.
شعر ۾ طرز مزاحيه اختيارڪرڻ لاءِ به بلبل عليه رحه جا نيڪ مقصد هئا، مقصد اول اهو هو ته سنڌي مسلمانن کي انگريزي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت فرنگي تهذيب ۽ نشونما کان سنڌي مسلمانن کي متنفر ڪرائڻ صاحب موصوف جو اولين مقصد هو ته مسلمانانِ سنڌ حڪومت جي تعليم حاصل ڪري حڪومت جي ڪارپردازگي ڪري نه رڳو پنهنجي ڀائن جي حقن جو تحفظ ڪن، پر فرنگي تهذيب وضع قطع جي زهر قاتل کان ڪناره ڪشي ڪن ۽ پنهنجي اسلامي تهذيب تمدن ۽ ثقافت کي محفوظ رکن. انهن ٻنهي اهم مقصدن کي سڌو ڪرڻ لاءِ حضرت بلبل پنهنجي مزاحيه شعر کان عصاءِ موسوي جو ڪم ورتو. بلبل عليه رحه جي مزاحيه شعر ۾ انگريزن جي قوم ۽ ان جي عادات ۽ اطوار لاءِ سخت منافرت جي تخم پاشي ڪيل آهي، هن ڪڙي نقطه چيني کي به زحبر توبيخ کي کل ۽ قهقهي جا لاتعداد غلاف ڏنل آهن ان ڪري اجنبي آقا نهايت خوش اسلوبي سان پنهنجي روءِ سياهه ڪرائڻ تي مشتاق ٿي نظر آيو، اها بلبل مرحوم جي نقادي ۽ ڪيمياگري هئي جنهن انگريزي حڪومت جي بيخ ڪني ڪئي ۽ دشمنن کي خبردار ٿيڻ به نه ڏنو، مگر اهو مزاحيه شعر پڻ درد کان خالي نه آهي.
فرنگي حڪام وڏي هيجان سان بلبل مرحوم جو مزاحيه شعر ٻڌي گد گد ٿيندا هئا ۽ حضرت بلبل کي پنهنجو دوست تصور ڪندا هئا، مسلمانانِ سنڌ کي انگريزي تعليم ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ حضرت بلبل رقمطراز آهي:
وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان
ڏنا ڪينڪي تو انڌا امتحان
روينيو جڊيشل وڪالت وغيره
ڪهاڙي سان پنهنجو وڍيئي پاڻ پير
نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختار ڪار
ٿئين همسرن ۾ ذليل و خوار
انگريزي تهذيب ۽ پوشاڪ تي جرح ڪندي مرحوم بلبل فرمائي ٿو:
دل کي ڏيکاري خوب نئين چال جا مزا
پتلون ڪوٽ بوٽ جو خوگر بڻايو آهه
ديرو حرم ۾ شيخ و برهمڻ جو ٿا رهن
يارن ته پنهنجو لنڊن مندر بڻايو آهه
باجو وڄائي جو ناچ ڪن ٿيون نشاط ۾
صاحب کي ڏس بغل ۾ ڇا باندر بڻايو آهه
مزيد فرمائي ٿو:
لنڊو ڪوٽ پتلون گهڙيال ڌار
شود خلق دنيا ترا دوست دار
ڪتي بسترڙي کي تون ڪجهه ڪور ڪور
نه باشي ز گلذار فردوش دور
تون پيشاب پنهنجو هلندي ۾ هار
ڪه جنت بود جائي پرهيز گار
ڪري وٺ ادا خوب بوسه ڪنار
ڪه فردا نه باشي ز حق شرمسار
رنن کون ڪرايو نه ڏاڙهي تراش
زجاهل گريزندهه جو تير باش
هن فنِ صحافت جي امام مسلمانانِ سنڌ جي بي لوث خدمت ۽ سندن ڪما حقه ترجماني ڪرڻ لاءِ جدا اخباري ادارن جي رهبري ڪري مسلمانانِ سنڌ کي حلقهء بگوش ۽ مرهونِ منت بڻايو آهي، سندس قلم جي تيز گامي ۽ جولاني مخالفن جا هڻي ڀانڊا ڀڃي ڇڏيا آهن، نور محمد نظاماڻي، محمد هاشم مخلص، عبدالسميع قريشي، آغا نظر علي مرحوم مريدانِ راسخه هئا، جن مرحوم جي مضامين کي پنهنجي مشعل راهه ڪري پنهنجي اخبارن جو اجراءٌ ڪيو.
سياست ۾ حضرت بلبل کي يدطوليٰ حاصل هو سندس سياسي معرڪه آرائي شيرازه بندين جا ڪرشمه ڏسي مٿس خانبهادر حسن علي آفندي، سيد الهندو شاهه ۽ چاگلا فريفة ۽ فدا هئا.
مرحوم جي شعر و شاعري مان علم و عرفان ۽ روحانيت جي مشڪباري جي ڪري هڪ عجيب و غريب ڪيفيت ۽ رقت طاري ٿيندي رهي ٿي، جنهن جو روحاني اثر ان حقيقت جي دلالت ڪندو رهي ٿو ته مرحوم عليه رحه جي دل ۾ عشق الاهي جي چنگاري ضرور جاءَ گزين هئي جنهن جي طفيل مرحوم بلبل جي شعر ۾ حقانيت، بي باڪي، حلاوت، نمڪيني ۽ قومي درد جون موجون جلوه گر آهن.
حضرت بلبل جو روحاني شعر هن طرح عرض آهي:
عام اورن عام سان ڪن خاص خلوت ٻي طرح
هو هجن ڪثرت ۾ قابو هن جي وحدت ٻي طرح
غير ناهي غير حق تون وهم ۾ ڇوٿو وتين
هن جي موهيت هنجي قربت هن جي وصلت ٻي طرح
افسوس آهي ته هن زنده جاويد عظيم المرتبت شاعر جي غير فاني عتيق ادبي سمندر مان غواض سپون سوجهي معنيٰ جا موتي ڪڍڻ جي زحمت اڃا گوارا ڪا نه ڪئي آهي، دعا آهي ته باري تعاليٰ مرحوم بلبل رحه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ رکي ۽ اسان کي سندس مشعل راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي (آمين).
احقرالعباد
محمد عرس ٻرڙو(مسرور )
بمقام ميهڙ
بتاريخ 11 اپريل 1964ع
شمس الدين” بلبل“
محمد نواز ”محزون“ *
ميهڙ جي هڪ چانڊيوڪي رات هئي، پريان اولهه ۾ کير ٿر جبل سفيد نوراني چادر ڍڪي چانڊوڪي رات جي خاموشي ۾ ستل هو، “بلبل” جي ماڙي جا اوچا منارا، جن جون چوٽيون ائين پئي نظر آيون، ڄڻ مٿن ٻه سفيد پٽڪا ٻڌل آهن، چپ چاپ ۽ ساڪت پنهنجي ماضي جي عظمت جي ياد ڏياري رهيا هئا.
گذريل ڪيترين ئي راتين کان گهٽ ۽ گرمي هئي، پر اڄوڪي رات پورب کان اٺي جي هير ٿي گهلي ۽ آسمان ۾ ڪٿي ڪٿي ننڍڙا تارا ٽمڪي رهيا هئا، جن جي جهر مر ۾ چنڊ مرڪي رهيو هو، اهڙي دل ڌتاريندڙ ۽ دلڪش نظاري هوندي به دل بيقرار ۽ بيچين هئي. ڀلا ڇو نه ٿئي، پريان جو مرحوم بلبل جي ويران آرامگاهه تي نظر پئي، جنهن کي سندس پنهنجي وطن وارن وساري ڇڏيو آهي، يڪا يڪ مرحوم جو پنهنجو شعر دل تي تري آيو:
کڻي مشهور جي نالو نه ٿيندو
ته بهتر بي نشان ۾ دم غنيمت
سنڌ جو هي عظيم شخص جنهن پنهجي زندگي ۽ شاعري سنڌ جي مسلمانن لاءِ وقف ڪري ڇڏي، ضلعي دادو جي ميهڙ شهر ۾ سن 1857ع ڌاري ڄائو، سندس والد برزگوار جو نالو بهادر خان هو. سنڌ جي هن مايه ناز اديب، قابل فخر شاعر ۽ اخبار نويس جو شروعات ۾ نالو “پريل” رکيو ويو، پر پوءِ سندس مامي نهال خان جي مرضي مطابق نالو شمس الدين رکيو ويو.
بلبل جي ننڍپڻ جي باري ۾ واضع معلومات ڪانهي بس ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته کيس ننڍي هوندي کان ئي شاعري جو شوق هو، سندس تعليم اسڪولي سنڌي فارسي کان زياده ڪا نه هئي پر پنهنجي ذوق ۽ شوق جي ڪري پنهنجي معلومات ۾ ڪافي اضافو ڪيائين.
هر ڪو الڙ عاشق جڏهن حسن جي ديوي جا ناز ۽ نخرا، بيوفائيون ۽ ڏاڍايون سهي نه سگهندو آهي تڏهن بي صبري کان آهون ۽ دانهون ڪندو آهي، اهو ئي حال بلبل جو به هو، بلبل جي شاعري منظر عام تي تڏهن پهتي جڏهن کيس عشق جي لپيٽ لڳي، شمس گل جو پوڄاري هو، تنهن ڪري بجاءِ شمس ڪوٺائن جي بلبل چوائڻ بهتر سمجيائين. جڏهن گل ٽڙيو تڏهن بلبل خوشيءَ مان ڳايو ٿي:
جو گل بدن تي لباس سفيد پهري شنگ
ڪري ٿو جلوه فانوس ۾ سو آتش رنگ
۽ جڏهن “گل” مرجهايو ٿي، تڏهن “بلبل” درد کان آه و فغان ٿي ڪئي:
ڪوئي بلبل سان گل وفا نه ڪري
ائين منهنجو ڏٺو آ ڏاهي هٿ
“بلبل” جهان جي باغ ۾ سڀ “گل” رهن ٿا بيوفا
ان حسن جي گلزار ۾ اٽڪن هزارين خار ٿا
محبوب ۽ رحم؟ هاءِ غير ممڪن
عاشق ۽ التجا، سڀ ممڪن!
هي حال هو بلبل جو! جڏهن گل رٺو ٿي تڏهن بلبل ريجهائڻ خاطر عاجزي ۽ التجا ٿي ڪئي:
ستم مون تي سڄڻ تو ڏس ڪيو سڀ
وهي سر تان لنگهي منهنجي ويو سڀ
اڃا ڀي جي هجي ڪو دل ۾ ارمان
ته هو ڀي ڏک اچي ڏيو مون کي سڀ
وئي جي جان منهنجي فڪر ڪهڙو
اوهان جو ڪم ته بس پورو ٿيو سڀ
سهان ٿو ڪين تنهنجي “ڪين” هڪڙي
سٺم سر تي ستم تنهنجو ٻيو سڀ
جڏهن محبت جو ٻوٽو وڌي راس ٿيو ۽ گل بلبل کي مليو تڏهن بلبل جي شاعري ۾ هڪ نئون طوفان آيو سنڌ جي مسلمانن جي ان وقت تمام پست حالت هئي، هندن جو سرڪاري نوڪرين تي مڪمل قبضو هو، اسان جن قدامت پسند عالمن مسلمانن کي انگريزي پڙهڻ کان پري رکيو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو ڏينهون ڏينهن مسلمانن جي حالت بد کان بدتر ٿيندي وئي. مرحوم بلبل هڪ ماهر طبيب مثل هن ناسور جي علاج لاءِ شعر مرهم استعمال ڪيو:
وڃائي تو پنهنجا ڇڏيا ٻئي جهان
ڏنا ڪينيڪي تو انڌا امتحان
روينيو، جڊيشل، وڪالت، وغيره
نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختيار ڪار
ٿئين هم عصرن ۾ ذليل و خوار
جي بي اي ٿي تو کان بعيد از قياس
نه ميٽرڪيوليشن به ڪيڙئي نه پاس
جي هن جج سي ايس چئو تن کي جي
مبارڪ مبارڪ سندن ماءُ پيءُ
ڄڻي تو کي مائٽ نه سنڀريا ڪو سک
مليو ٿي تنين کي ڏنئي ڏنجهه ڏک
نه صاحب ڪنهين جو ڪيو تو سلام
نه ديوان ڪنهن سان ٿئين هم ڪلام
بلبل جو سمورو شعر پنهنجي اندر اصلاحي پهلو رکي ٿو، ان وقت مسلمانن ۾ جيڪي اجايون ريتون رسمون هيون ۽ جن جي باعث مسلمانن مالي اعتبار کان کوکلا ٿيندا پئي ويا، بلبل انهن بيهودين رسمن تي شعر جي ترار سان وار ڪيا:
رلايو ته شادين غمين جي رسوم
کڻي قرض ڌوڙيو ڪجي ڌام ڌوم
سوين ناچ نخرا، لکين رنگ راڳ
پلاءَ ٻوڙ جا کوڙ لنگهن جا لاڳ
خوشامد تي ڪوڙيون سمورو مٿو
تڏهن ڀي گلا جو نه گهانگهو لٿو
“بلبل” جي شاعري جو اصل جوهر سندس ظريفاڻو ڪلام آهي:
ٻڌو سين ڪو ٻارهو ۽ ميلو ته هاءِ
هلون يار هت خوب خرچيون کپاءِ
“بلبل” جي اها اصلاحي نغمه نوازي بيڪار ڪا نه ٿي، هن قوم کي متوجهه ڪيو ۽ قوم هوشيار ٿي، ڊاڪٽر خليل بلبل جو سوانح نگار هيئن رقمطراز آهي: ان ۾ شڪ ناهي ته بلبل هڪ بذله سنج اصلاحي شاعر هو، جو پنهنجي فن جو سنڌي زبان ۾ موجد به هو ۽ ان ۾ پنهنجو مٽ نه ٿي رکيائين، ان کان سواءِ اهو فن وري ختم به ان تي ئي ٿي ويو.
“بلبل” مرحوم جي اوليات متعلق سنڌ جي هڪ مايه ناز اديب ۽ شاعر، مرحوم حافظ عبدالله بسمل ٽکرائي پنهنجا ويچار هن ريت قلمبند ڪيا آهن: هو پهريون آهي جنهن طرافتي نظم لکيو. هو پهريون آهي، جنهن ظرافت ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي. هو پهريون آهي جنهن ظرافت جي پردي ۾ ڪريما تي تضمين لکي پنهنجا اسلامي ۽ اصلاحي خيال ظاهر ڪيا. هو پهريون آهي جنهن ڪريما سعدي جي طرز تي رحيمان مثنوي، مزاحيه ۽ اصلاحي رنگ ۾ نظم ڪئي. سنڌ جي ابوالڪلام، مرحوم الحاج علي اڪبر شاهه بلبل کي سنڌ جو سعدي ۽ اڪبر الهه آبادي ڪو ٺيو آهي.
__
* مرحوم بلبل سنڌي صحافت جو پيشرو، طنز ۽ مزاح جي شاعري جو باني، علي ڳڙهه جي تعليمي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن، مشهور سياسي ۽ سماجي سڌارڪ هو، پاڻ 13 سيپٽمبر 1919ع تي وفات ڪيائين، سندس ورسي جي موقعي تي هي ذڪر خير پيش ڪجي ٿو.
بلبل جو مطالعو ۽ مشاهدو
شعبان بخت
“فڪر هڪ ڪس بقدري همت اوست”
جنهن جي جيتري همت اوترو فڪر جي مصداق، ڀٽائي ڀلاري مطابق مطالعو آهي:
ڪيو مطالعو مون هو جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تون ئي تون ٻي لات نه لحظي جيتري.
۽ مشاهدو آهي:
پاٻوهه هيو، پڇن ڪٿي هٿ حبيب جو،
نيزي هيٺان نيھ جي، پاسي پاڻ نه ڪن،
ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
مطالعو ۽ مشاهدو ٻيئي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل عمل جي تحصيل جا ذريعا آهن، مطالعو آهي پڙهڻ ته مشاهدو آهي ڏسڻ وائسڻ يا پرجهڻ ۽ پروڙ لهڻ، مطالعي کي انگريزي ۾ Study ۽ مشاهدي کي Observation چئبو آهي، اسٽڊي آبزرويشن يا مطالعي ۽ مشاهدي کان سواءِ حقيقت تائين رسائي حاصل نٿي ٿئي، ڇو ته عمل ڏٺل ڏانهن وڃڻ جو نالو آهي، انهيءِ ڪري مطالعو ۽ مشاهدو ئي ٿئي ٿو، جيڪو ڪنهن اهل عمل واري جي عالمانه ۽ ادبيانه يا انهن سان نسبت رکندڙ ڪنهن به هنر جي ميدان ۾ قد ۽ قامت جو، مرتبي ۽ مقام جو تعين ڪري ٿو، مطالعي ۽ مشاهدي جي انهيءَ اهميت جي مد نظر ، سنڌي ادب، صحافت، شاعري ۽ خطابت جي شمس رئيس ميان شمس الدين بلبل مرحوم بابت ادب جي مڃيل مڃايل نامور نقادن ۽ محققن جا رايا ڏيکارين ٿا ته ميان شمس الدين بلبل وڏي مطالعي ۽ مشاهدي جو مالڪ هو، اخبار مرغ فلڪ جي نامور مدير مولوي حڪيم نور محمد نورل نظاماڻي کان وٺي دور حاضر جي مستند عالمن ۽ ادب شناسن جي اها ئي متفقه راءِ آهي ته بلبل مرحوم پنهنجي وقت ۾ وڏي مطالعي ۽ مشاهدي وارو اهل قلم، اديب، شاعر ۽ صحافي هو.
بلبل مرحوم جو ديوان ڇپيو ته ان لاءِ تعارف ۽ تبصري طور خانبهادر ميان محمد صديق ميمڻ، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي سالانه رپورٽ 32-1931ع ۾ جيڪا پوءِ هن “ادبي تحفه” ۾ به شامل ڪئي لکيو:
“رئيس ميان شمس الدين “بلبل” انهن چند شخصن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ڪنهن نمايان خصوصيت جي ذريعي عوام الناس جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪي وٺندا آهن سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن اهل قلم يا اهل هنر کي ايتري ته ٿوري وقت ۾ ايتري ٿوري ڪم ڪرڻ لاءِ ايتري عزت ۽ ڪاميابي حاصل ٿي هجي جيتري مرحوم شمس الدين ابڙي، ميهڙ واري کي حاصل ٿي سندس ڪاميابي جو راز سندس خداداد ظرافت ۾ پنهان آهي، سندس علميت غير معمولي هئي، پاڻ پارسي ۽ عربي مان چڱي طرح واقف هو، سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي شعر ڏي مائل هئي ۽ پريندي ئي اردو ۽ پارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين تنهن کان پوءِ سندس خيال اباڻي ٻولي سنڌي ڏانهن مبذول ٿيو، سندس ديوان گو مختصر آهي، مگر آهي وڻندڙ جنهن ۾ رسمن رواجن، اجائي نٽ شٽ ۽ مغربي تهذيب جي پيچ ۾ آيل نوجوانن تي بعض جاين تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيل آهي، ديوان ۾ آخر ۾ ڪريما نئچرل آهي، باقي غزلن ۾ اعليٰ درجي جي شاعرانه مذاق آهي، سندس خيالن جي شستگي، مضامين جي پختگي ۽ لفظن جي بيهڪ، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جي دلين کي هڪ دم پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺي.
خان بهادر ميان محمد صديق ميمڻ مرحوم اهو تعارف ۽ تبصرو بلبل صاحب جي مطالعي ۽ مشاهدي تي پهرين مهر تصديق ڪري ٿو. خاص ڳالهه جيڪا هن تبصري ۽ تعارف ۾ ڌيان طلب آهي سا آهي، بلبل صاحب جي ادبي وصفن جي نشاندهي جيڪا پوءِ تقريباً مڙني اهل علم و ادب شناس اديبن ناقدن ۽ محققن ڪئي آهي، انهن ۾ وڏا وڏا معتبر ۽ مستند نالا شامل آهن، مزو به تڏهن آهي جو ڪو اهل داد ڏئي ۽ مڃي، باقي نااهل ۽ ناشناس جو ته داد ئي بيداد ٿو ٿئي، دور حاضر جي مڃيل مڃايل صاحب طرز برزگ اهل، قلم، سڄاڻ صحافي ۽ جڳ مشهور سڄاڻ سياستدان سائين پير علي محمد شاه راشدي صاحب کي ڪير نٿو سڃاڻي، صاحب موصوف پنهنجي شاهڪار تصنيف “اهي ڏينهن اهي شينهن” جي حصي پهرين ۾ لکي ٿو ته: “بلبل” سنڌ اندر اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو. ان ڪتاب جي حصي ٻئي ۾ ڄاڻائي ٿو ته مون مرحوم کي اکين سان ڪو نه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ڏٺم ته هن مڙس جو ساري سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جوءِ ۾ ٻيا به گهڻيئي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا، پر بلبل جي مٽ ڪو نه هو.”
راشدي صاحب ان جي وضاحت ۾ “بلبل” جي اديبانه، صحافيانه ۽ شاعرانه مقام ۽ مرتبي جي وضاحت لاءِ سندس ڀيٽ ان وقت جي هڪ چوٽي جي اديب، صحافي ۽ شاعر سان ڪندي لکي ٿو ته صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌيا هئا، لاڙ ۾ محمد هاشم مخلص ۽ اتر ۾ شمس الدين بلبل. ٻئي اخبار نويس هئا ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط هيءُ هو ته مخلص جي تحرير قدري اُگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوڻي. “مخلص” جو زور وقتي مسئلن تي هوندو هو، پر “بلبل” کي قوم جي مستقبل جو خيال به هوندو هو، تنهن ڪري سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي.”
راشدي صاحب جي اها راءِ بعد جي آهي، ان کان اڳ ۾ خود مخلص صاحب، “بلبل” صاحب جي وفات تي، پنهنجي رسالي “ڪشڪول”، ۾ پوري خلوص سان پنهنجي محترم مد مقابل جي حق ۾ لکيو ته، “بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص هو جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس، پر اثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو ڄمايو.”
سچ ته داد به اهو آهي جيڪو مدمقابل به بيوس ٿي ڏئي. اعتراف به اهو آهي ته اعتبار به اهو.
اهڙيءَ طرح مرحوم مخلص ۽ سائين راشدي صاحب کان علاوه جن اعليٰ اديبن “بلبل” صاحب جي انهيءَ اعليٰ اهليت ۽ ادبي مقام ۽ مرتبي کي سندس اعليٰ لياقت، فهم فراست، معاملي فهمي، مطالعي ۽ مشاهدي جي نسبت سان دل کولي بنا ڪنهن جانبداري جي ساراهيو آهي، بنا ڪنهن رک رکاءُ جي تحسين ۽ داد جي ورکائن سان ياد ڪيو آهي، تن مان مرحوم محمد بخش “واصف”حيدرآبادي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، مرحوم حاجي مخدوم “خادم”، مرحوم مير رحميداد خان مولائي شيدائي، مرحوم سيد علي اڪبر شاهه صاحب، مرحوم حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائي، مرحوم جمع خان غريب، مرحوم سائين پير حسام الدين راشدي، مرحوم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم “خليل”، مرحوم مولانا غلام محمد “گرامي”صاحب،ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جن جا نالا قابل ذڪر آهن، اهي پاڻيٺ پرکڻن مستند عالمن ۽ اديبن جا نالا آهن جن جي هر راءِ هڪ سند جي حيثيت ٿي رکي،. انهن جي هر هڪ تحرير وڏي وقعت رکي ٿي ۽ بلبل صاحب جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي تائيد ڪري ٿي.”
مطالعو ۽ مشاهدو پنهنجي جاءِ تي، هڪ خاص ڳالهه جنهن ڏانهن ڌيان ڇڪجي ٿو، سو آهي بلبل صاحب جو پنهنجي وسيع مطالعي مشاهدي کان ڪم وٺڻ جو ڏانءُ. مطالعو مشاهدو ته هر ڪو ڪري، پر ڪو ان کان ڪم به وٺي ڄاڻي، چئي “پائي هر ڪو پر ٺمڪائي ڪو، سرمو هر ڪو پائي اک اک جو ڦير” سو وڏي مطالعي مشاهدي وارا ته ٻيا به هئا پر جهڙي طرح بلبل صاحب پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم ورتو ان جو مثال نٿو ملي. ڳالهه ڇاهي ته مطالع ۽ مشاهدي جي پٺيان جيڪڏهن ڪا اعليٰ ذهانت، فهم ۽ فراست جي خداداد غير معمولي قوت ٿئي ٿي، ته پوءِ معجزا ڪري ٿي ڏيکاري. معمولي معلومات کي به اهڙو ڪارائتو ڪري ٿي ڏيکاري جو عقل دنگ رهجيو وڃي، هتي خداءِ عزو جل بلبل صاحب کي عقل فهم، فراست ۽ ذهانت جي وافر مقدار سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس مطالعي ۽ مشاهدي جا ڀنڊار ڀريل هئا، سنڌ سان گڏ هند جو به مطالعو ۽ مشاهدو سندس پلئه پيل هو تنهن ڪري ڪيئن ٿي ڪنهن کان پٺتي رهي سگهيو؟ راشدي صاحب جي لکڻ مطابق هجو گوئي ۾ مخلص جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو، برعڪس ان جي بلبل اڪبر الهه آبادي جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو،
مختصر ته بلبل صاحب جو اهو ذهانت ڀريل مشاهدو ۽ مطالعو ئي هو، جنهن هن کي پنهنجي وقت جي اعليٰ اديبن کان ممتاز ۽ مٿڀرو ڪري ڇڏيو هو، ۽ کيس وقت جو نباض ۽ قوم جو مزاج شناس، حقيقت پسند مصنف، محڪم خيال، مدبر، دورانديش صحافي، مخلص، مصلح ۽ قوم جو هڪ مثالي گهڻگهرو بڻائي ڇڏيو هو. هن پنهنجي انهيءِ ذهانت ڀريل مطالعي ۽ مشاهدي سان وڏا وڏا معرڪا سرڪيا، جيئن سائين راشدي صاحب رقم طراز آهي: “سندس دور جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هي هو ته انگريز جي پيرن پختي ٿي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو هو، جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي جيئن سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان آجو رکجي ۽ جيئن سنڌيت جا قديمي رنگ نه ميسارجن ۽ ساڳئي وقت نين حالتن پٽاندر زماني سازي کان به ڪم وٺبو رهجي، انهيءِ اصول جي بناءَ تي بلبل سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جو پايو وجهندڙ مرحوم حسن علي آفندي جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي نثر ۽ ڪلام ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون بيان ڪندي سنڌين کي پنهنجي قديمي تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪندو رهيو، اهو هڪ قسم جو وڏو تهذيبي جهاد هو. جنهن جو مقصد هو ته نون تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکيو اچجي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻي حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر رهيا، تنهن ڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بند لڙهي وڃڻ کان بچي ويا.”
محترم پير علي محمد شاهه راشديءَ جي انهيءَ تاثر کان پوءِ بلبل صاحب جي ذهانت ڀريل مطالعي ۽ مشاهدي جي تصديق لاءِ غالباً ڪنهن مزيد اپٽار جي گنجائش باقي نٿي رهي. بيشڪ بلبل صاحب پنهنجي وقت جو هڪ نهايت ئي ذهين ۽ فتين، معامله فهم اهل قلم، شاعر، صحافي ۽ اديب هو، جنهن پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ادب ۾ رائج روايتن سان بغاوت ڪئي ۽ پنهنجي وقت جو هڪ باغي اديب ۽ صحافي ٿي اڀريو. هن نثر ۽ نظم جي ميدانن ۾ روايتي رياڪارين کي ترڪ ڪري، ديس جي ڌرتيءَ سان ناتوجوڙيو ۽ ان ناتي جي نسبت سان امر بنجي ويو.
هن موقعي تي لازمي آهي ته سائين راشدي صاحب جن جي انهيءَ اجري آس ڏانهن به ڌيان ڏنو وڃي جنهن کي موصوف پنهنجي مضمون جي آخر ۾ هنن لفطن ۾ آندو آهي ته: “بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو. سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو. سنڌي تهذيب جو راکو هو. ڪو ڏينهن ايندو، جڏهن ستل سنڌ ڪر ڀڃي اٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت سان لاهيندي ته ميهڙ جو نالو مٽائي “بلبل آباد” يا “بلبل ديرو” رکندي.”
”بلبل“ سنڌ جو هڪ ناقابلِ فراموش فرزند
تحرير: شعبان بخت
هن سال به سيپٽمبر جي مهيني اچڻ سان، سنڌ جي جن نه وسرندڙ فرزندن جي ياد اچي ٿي، تن منجهان مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” به هڪ آهي.
مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” جون مثالي خدمتون، اسانجي سنڌي ادب، صحافت، سماج ۽ سياست جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو آهن، جن کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ ممڪن نه آهي.
رئيس شمس الدين “بلبل” سن 1857ع جي پر آشوب زماني ۾، اڄڪلهه واري ضلعي دادو جي ڳوٺ ميهڙ ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي جي مقامي مدرسن مان تعليم پرائي، پنهنجي خداداد صلاحيتن سان ايترو نامور ٿيو جو سنڌ جي سر سيد مرحوم حسن علي آفندي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَجي باني جو رفيق خاص بنجي ويو ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نڪرندڙ اخبار “المعاون” جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو جنهن جي وسيلي سنڌ مدرسة الاسلام ۽ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي مقصدن جي وڏي حد تائين پورائي ٿي.
سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي ماهوار رسالي “جامع العلوم” جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ته ان کي عوام جو مقبولِ عام رسالو بنائي ڇڏيائين. ان کانسواءِ ڪيترن قومي اصلاحي ڪمن ۾ پڻ پيش پيش رهيو. مرحوم حسن علي آفندي سنڌ جي آبادگارن جي ڀلائي لاءِ، سنڌ سان “دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ” لاڳو ڪرائڻ لاءِ سرگرمِ عمل ٿيو ته “بلبل” مرحوم سڄي سنڌ جو دورو ڪري زميندارن جي قرضن جا سچا انگ اکر ۽ ڪورٽ جي ڊڪرين هيٺ ضبط ٿيل مسلمانن جي ملڪيتن جا تفصيل گڏ ڪيا. آفندي صاحب جي معاونت لاءِ “بلبل” ساڻس گڏ پونا تائين به ويو جتي اهو ڪيس ڪجهه اهڙي اثرائتي ۽ مدلل نموني سان پيش ٿيو جو سنڌ سان به دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو جنهن مان زميندار اڄ تائين فائدو وٺي رهيا آهن.
مرحوم رئيس شمس الدين “بلبل” جي لاءِ آفندي صاحب جي دل ۾ وڏي جاءِ هئي جنهن جو اندازو ان خط مان لڳائي سگهجي ٿو جيڪو مرحوم حسن علي آفنديءَ ڏانهس 22 آگسٽ 1893ع تي لکي موڪليو هو:
“ايترو عرض ڪرڻ گهران ٿو ته اسان جي پرچي کي اوهان ليک موڪلڻ صفا بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي ترقي جو مدار اوهان جي مضمونن جي قابليت تي هو. جيڪڏهن اوهان خود مختيار رهڻ گهرو ٿا ته پوءِ اسين پرچي کي مدرسي مان انجمن ڏي منتقل ڪري ڇڏيون. اوهان جهڙي تجربيڪار ماڻهو جو اسان سان شامل رهڻ نهايت ضروري آهي. گهڻي اچرج جي ڳالهه آهي ته هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ اوهان جهڙي لياقت وارو انسان ڪيئن پيدا ٿيو آهي. اِتي انهن قابليتن کي اهڙا موقعا نه ملي سگهندا جهڙا ڪراچيءَ ۾ جو سنڌ جو هڪ وڏو ۽ مشهور شهر آهي. جيڪڏهن هتي اچي اسان سان گڏجي ڪم ڪرڻ پسند نه ٿا ڪريو ته پوءِ اِتان ئي پيا ڪم ڪريو، اوهان مهرباني ڪري اسان سان پنهنجا تعلقات نه ٽوڙيو.”
“بلبل” مرحوم هڪ نهايت ئي باصلاحيت اهلِ علم، انشا پرداز، اديب، شاعر، صحافي، سياستدان، عوام جو گهڻگهرو، مسلمانن جو هڏ ڏوکي ۽ سچو محبِ وطن هو. محمد بخش “واصف” حيدرآبادي جي لفظن ۾ “مرحوم “بلبل” کي، قسامِ ازل کان، ڪيتريون ئي خوبيون قسمت ۾ آيون هيون، جيئن شعرو شاعري جي فصاحت ۽ بلاغت، نثر نويسي جي نزاڪت، ان سان گڏ ظرافت جي ضيافت ۽ فنِ صحافت جي قابلِ قدر لياقت ۽ قابليت. انهن مڙني خوبين ۾ مرحوم“بلبل” پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌ جي سر سيد آقاء حسن علي آفندي مجيديءَ جو سچو ساٿي، سنڌجي گلزار صحافت جو عندليب، سنڌ جي ادبي بوستان جو هزار داستان، سنڌ جي سياسي گلستان جو خوش نما گل هو.”
“بلبل” نه رڳو بي مثال قادر الڪلام شاعر، معامله فهم صحافي، صاحب طرز انشا پرداز، باخبر دانشور ۽ ڀرپور سماجي ۽ سياسي شعور رکندڙ قومي رهنما هو، بلڪ هڪ سحر طراز فصيح البيان مقرر به هو، سندس قابل تحسين ڪارنامن مان ڪجهه هن ريت آهن:
خاندانن جي ملڪيت بچائڻ لاءِ، قائد اعظم محمد علي جناح جي پيش ڪيل مسودي مان استفادو ڪندي، سنڌ لاءِ وقف علي الاولاد جهڙو مفيد قانون پاس ڪرائي ۽ ان تي عمل در آمد ڪرائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتائين، پهريائين پنهنجي ملڪيت وقف ڪري عمدو مثال قائم ڪيائين ۽ عوام جي معلومات لاءِ ڪتاب، “حرز البنياد، شرح قانون وقف علي الاولاد” ڇپرائي پڌرو ڪريائين.
آل انڊيا محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي 1907ع ۾ مدلل اثرائتو ٺهراءَ پيش ڪري فارسي کي نصاب تعليم ۾ شامل ڪرايائين.
مسلمانن ۾ تعليم جي شوق پيدا ڪرڻ لاءِ، ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب جهڙوڪ “مسلمان ۽ تعليم” ڇپرائي تقسيم ڪيائين.
سن 1904 ع ۾ انجمن اتفاق الاسلام ميهڙ، جو بنياد رکي، انجي اهتمام هيٺ ميهڙ ۾ انگريزي تعليم جي درسگاهه مدرسة الاسلام ميهڙ جو 1906 ع ۾ بنياد وڌائين، جنهن کي 1919ع تائين نهايت جفاڪشي سان هلائيندو رهيو. ان جي عمارت ۽ بورڊنگ هائوس لاءِ زمين هٿ ڪري، ان جا نقشا وغيره به ٺهرائي چڪو هو، پر پوءِ سندس حياتي جو جام ڀرجي ويو. اهو مدسو پوءِ وڌي هاءِ اسڪول ٿيو جيڪو اڄ تائين قائم آهي ۽ ان مان سوين شاگرد علم پرائي پار پيا آهن.
بنگال جي ورهاڱي وارن فسادن دوران، سنڌ جي هندن هڪ مخفي سازش سٽي ته انجو ڀانڊو ڦوڙي، هندن طرفان مقدمه بازي جي وڏي مصيبت ۾ مبتلاٿيو ۽ پوءِ پنهنجي سچائي ۽ صلاحيت سان ان مان باعزت بري ٿيو، جنهن تي سنڌ جي مسلم حلقن وڏي خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو.
جنگ بلقان (ترڪي) جي دوران سنڌ ۾ تحريڪ “هلال احمر” کي متعارف ڪرائي زور وٺرايائين.
مسز ايني بيسنت جي هوم رول تحريڪ جي فريب ڪاري واري حقيقت کان عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ايتري زوردار تحريڪ هلايائين جو هوم رول سنڌ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهي.
مسلمانن جي جداگانه قوميت ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريائين ۽ 1918ع ۾ پنهنجي ڪتاب “جام جام” وسيلي مسلمانن جي الڳ آزاديءَ جي جدوجهد جي خواهش جو اظهار ڪيائين.
انگريز عملدارن ۾ مسلمانن لاءِ اعتماد پيدا ڪري، سنڌي مسلمانن کي ملازمتون ڏياريائين.
“معاون” کان علاوه ٻين ڪيترين ئي اخبارن جهڙوڪ “ڪراچي گزيٽ” ڪراچي، “الحق” سکر، خير خواهه لاڙڪاڻه”، مسافر حيدرآباد، “آفتاب سنڌ سکر” وغيره جو ايڊيٽر رهيو.
علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ شريڪ رهڻ سان گڏ سياسي، سماجي، تعليمي ۽ مذهبي سرگرمين ۾ به هڪ جهڙو حصو ورتائين.
سابقه رياست خيرپور ميرس جي درسي ڪتابن واري ڪاميٽي جو اهم رڪن هو.
ميهڙ تعلقي جي مئجسٽريٽن جي بينچ جو آنريري چيرمين هو.
اخبار نويسي کي ڪڏهن به پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ استعمال نه ڪيائين بلڪ سندس زندگي سدائين قوم جي خدمت لاءِ وقف رهي ۽ ان ۾ هميشه ڪامياب ۽ ڪامران رهيو.
راسخ العقيده مسلمان، پنهنجي ٺهرايل مسجد جو متولي ۽ پيش امام به رهيو ته شهر جو چڱو مڙس ۽ سياسي رهنما به هو.
سندس ذاتي ڪتب خانو، تفسير، تصوف، حديث، فقه، سيرت، مناظرهه، فلسفه، شعر، عروض، لغت، معاني ۽ ڇپيل اڻ ڇپيل تاريخن ۽ ٻين اهم موضوعن جي بي حساب ڪتابن تي مشتمل هو جنهن لاءِ پاڻ وڏي فخر سان چوندو هو ته پنهنجي اولاد لاءِ هي بي بها خزانو گڏ ڪيو اٿم.
سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل املهه تصنيفن جو تعداد اٽڪل 38 آهي، جن مان ڪيترائي ڪتاب هينئر اڻ لڀ آهن.
مرحوم کي اعليٰ پايه جي ناصحانه، ظريفانه شاعري، سليس نثر نويسي، عام فهم اثرائتي صحافت جي آغاز، جرئت اظهار، خاص طور عيسائي مشنرين ۽ متعصب هندن جي ريشه دوانين خلاف ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن ۾ اوليت جو شرف حاصل ٿيو، جن جو تفصيل مرحوم حافظه عبدالله بسمل، مرحوم حاجي محمود خادم، مرحوم رحميداد خان مولائي شيدائي، مرحوم سيد علي اڪبر شاهه، مرحوم غلام محمد گرامي، مرحوم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم“خليل”، مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي، مرحوم حاجي خان بلوچ، مرحوم محمد صديق ميمڻ جي يادگار تحريرن ۽ پير علي محمد شاهه راشدي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر وفا راشدي ابن احمد، شري لال رام ديوان داس ڀارت، ابن سيار، حافظ محمد احسن چنه، حافظ محمد موسيٰ ڀٽو، ميمڻ بشير احمد، عبدالرئوف عروج، محمد نواز محزون ۽ ٻين نامور اهل قلم اديبن ۽ علم نوازن جي ڇپيل مضمونن ۾ موجود آهي.
ٿوري ۾ ته بلبل مرحوم پهريون سنڌي شاعر هو جنهن جديد شاعري جو بنياد رکيو جنهن کي سنڌ ۾ اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم مڃيو ويو آهي، هي پهريون سخنور هو جنهن کي اهلِ علم حضرات حالي، اڪبر الهه آبادي، سعدي، “شبلي” ۽ “اقبال” جهڙن جليل القدر قومي رهنما شاعرن جي هم پله قرار ڏنو آهي. هو پهريون سنڌي اهلِ قلم هو جنهن جي مضمونن جا ترجما هند ۽ پنجاب جي مشهور اخبارن اوڌ پنچ، پيسه، زميندار، پنجئه فولاد، انتخاب لاجواب، وطن ۽ حقيقت وغيره ۾ شايع ٿيندا رهيا.
پير علي محمد شاهه راشدي صاحب جي لکڻ مطابق “هو سنڌ جو بلبل” هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙهو، سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو هو، جنهن جي احسانن جو قرض، ڪڏهن نه ڪڏهن سنڌ، ميهڙ جو نالو مٽائي بلبل آباد يا بلبل ديرو رکڻ سان ادا ڪندي.”
پر جيستائين ائين ٿئي تيستائين سنڌ جي مسلمانن جي هن مخلص محسن جي ياد ۾ سال بسال سيپٽمبر جي 13 تاريخ تي مجلسون ۽ مذاڪرا منعقد ڪيا وڃن ته به چڱو، جو چڱن جي ذڪرِ خير سان به چڱائي اسري ٿي ۽ چڱائي جي تحريڪ ٿئي ٿي.
مضمون حوالا:
- ماهنامو “نئين زندگي” جنوري 62ع، ڊسمبر 57ع، نومبر 61ع، سيپٽمبر 1960ع، آڪٽوبر 1964ع، آڪٽوبر 1964 ۽ آگسٽ 1952، آگسٽ 53ع، مئي 53ع
- روزانه “مهراڻ” سالگره نمبر تاريخ 5 جنوري 1962ع
- “حالات سفرِ سنڌ” از ابو الفرح پاني پتي، ماهنامه “علمي دنيا” اپريل 1930ع،
- “بلبل سنڌ” از شيخ محمد ابراهيم “خليل”، الوحيد سنڌ آزاد نمبر تاريخ 15 جون 1936ع،
- سنڌي ادبي مطبوعه اداره مطبوعات پاڪستان 1953ع
- اهي ڏينهن اهي شينهن جلد 1 ۽ 2 از پير علي محمد راشدي
- سنڌي نثر جي تاريخ از ڊاڪٽر غلام علي الانا، ٽماهي مهراڻ جلد 12 شماره 3 ۽ 4 سال 1963ع،
- سالنامو هلال پاڪستان ماهوار ايڊيشن ڊسمبر 1957ع
- روزانه مڊ ويڪ ميگزين 12 اپريل 1981ع، 9 جون 1982ع، 11 جولاءِ 1984ع ۽ 19 سيپٽمبر 1984ع
- روزانه عبرت 15 سيپٽمبر 1982ع
- رهبر ڊائجيسٽ (سالنامو) اپريل 1973ع
- ساليانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سال 33-1932ع
- خود نوشته سوانح حيات حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
- سنڌي ساهت ۾ مذاق-ليلا رام ديوان داس سنڌو وديا ڀون امبا واڙي احمد آباد (ڀارت) 1982ع
- روزانه حريت تاريخ 18 آڪٽوبر 1982ع ۽ روزانه جسارت 19 اڪٽوبر 1982ع
مرحوم شمس الدين بلبل سنڌ جو حالي
احمد خان.ايم. سيال
ڪيان بلبل جي ٿو اڄ بات تان ڳيرو ٻڌي ان کي
ڪري نازڪ بدن پنهنجي ۾ شاهين جو جگر پيدا
دهلي جي غدر هندستان جي مسلمانن کي مرحوم سر سيد احمد ۽ ان جو رفيق ڪار مولانا حالي عطا ڪيو ته سنڌ جي مسلمانن کي وري انهن جو نعم البدل مرحوم حسن علي آفندي ۽ رئيس شمس الدين بلبل نصيب ڪيائين. جيئن هنن تعليم ۽ تدريس جي اشاعت ۽ تصنيف جي ذريعي هندستان جي مسلمانن کي بيدار ڪيو ۽ انگريز جي لانگ بوٽ جي ٺوڪر کان هنن کي پنهنجي دل جي پرزن کي پامال ٿيڻ کان بچائي وٺڻ ۾ مدد ڪيائون تيئن هنن به سرزمين سنڌ ۾ ساڳو ڪم سر انجام ڪيو.
سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب، جناب ڊاڪٽر محمد ابراهيم صاحب خليل، مرحوم و مغفور حافظ بسمل ٽکڙائي، جناب حاجي محمود صاحب خادم، پير جناب حسام الدين صاحب راشدي، جناب غلام محمد صاحب گرامي ۽ ٻين بزرگن مرحوم بلبل کي سنڌ جو اڪبر (الهه آبادي) سڏيو آهي مگر هنن سڳورن جي راءِ گرامي کي وزن ڏيندي آءٌ عرض ڪريان ٿو ته اڪبر الهه آبادي سان مرحوم بلبل جي رڳو ظرافتي طرز شاعرانه جي لحاظ سان همسري هئي پر هوڏانهن مولانا حالي سان هن جي ڀيٽ نه رڳو زبان جي سلاست ۽ رواني ۽ روءِ سخن عوام ڏانهن هجڻ جي بنياد تي بيهاري سگهي ٿي پر هڪ سياسي پروگرام جي مد نظر هجڻ، مسلمان وضع قطع ۽ اسلامي نيڪ اطوار ۽ هڪ خاموش ۽ خوشگوار اخلاقي ۽ ادبي انقلاب آڻڻ جي پهلوئن پٽاندر پڻ مرحوم بلبل کي “سنڌ جو حالي” سڏجي ته بجا آهي.
مرحوم بلبل جي پر حيرت ۽ جامع خصال شخصيت ثابت ٿي ڪري ته شاعر ڄمندو آهي، بنايو نه ويندو آهي. بلبل جي حيات ۾ ڪوبه بظاهر اهڙو عنصر نظر نه ٿو اچي، جنهن کي هن جي ڪمال لاءِ ذميوار سمجهجي. ميهڙ جي ننڍڙي واهڻ جنهن ۾ بلبل 1857ع ۾ تولد ٿيو سو ميرن جي مال جو ٿان ۽ ٿم هو. هن ۾ رڳو سرسبز ۽ شاداب وڻن ٽڻن جي جم گهٽا رکڻ ۽ ٻن واهڙن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي وادي هجڻ کان سواءِ ٻي ڪابه حيثيت نظر نه ٿي اچي. شايد ان جي مٽي مردم خيز آهي. پنهنجي والد ماجد بهادر خان جو بلبل پڇاڙي وارو ۽ ستون ٻارهو. هن کي ٻيا چار ڀائر ۽ ٻه ڀينر هيون. سندس وڏا ناڙي جي طرف کان لڏي ميهڙ ۾ آيا. بهادر خان ۽ سندس والد ڪمال خان شيني جون زمينون ۽ واهه اڃا سوڌو موجود ۽ ڌارين جي قبضي ۾ آهن، جي بلبل مرحوم جو دوست ۽ عزيز رئيس فقير محمد خان شينو ڏسي آيو هو ۽ جن بابت ڳالهه اڃا سوڌو ڀليڏنه آباد وارو ميان محبت خان ماڇي ڪندو آهي. اتان لڏڻ جو سبب رڳو اڻاٺ ۽ ڏڪر نه ٿو ڏسجي پر قدري پنهنجن جي ناسازي به ان لاءِ جوابدار ٿي سمجهجي. ميهڙ جي آس پاس زمينون وٺي، پنهنجو ڳوٺ ٻڌائي آبادگاري جي ڌنڌي کي ورتائون. هاڻي ديهه جي چڪ ۾ اهو ڳوٺ رئيس شمس الدين بلبل جي نالي داخل آهي. پوءِ ميهڙ ۾ پهرين پهرين بهترين عمارت تيار ڪري اچي سڪونت پذير ٿيا. بلبل جي بنگلي کي ڏسڻ لاءِ پسگردائي جا ننڍا ۽ وڏا ايندا هئا ۽ اچرج کائيندا هئا. خالده اديب خانم جو چوڻ درست آهي ته ڪنهن جي گهر کي ڏسي ان جي ڌڻيءَ جي شخصيت جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. پوءِ ته هندن جي دور حڪومت ۾ ميهڙ ۾ خوب محل ماڙيون موجود ٿيون پر بلبل جي آشيانه جو رنگ ۽ ڍنگ اڃا به جداگانه حيثيت رکيون بيٺو آهي.
بلبل جي والده هڪ باشرع ۽ علم دوست آخوندن جي خاندان مان هئي. بلبل جو مامو آخوند نهال خان جڏهن ميهڙ ۾ آيو تڏهن بلبل کي ڄاول ڏسي هن جي نوراني چهري مان هن جو روشن مستقبل پروڙي ويو ۽ بلبل جي والدين کي صلاح ڏنائين ته هن ننڍڙي نونهال جو نالو “پريل” مان بدلائي شمس الدين رکيو وڃي. هنن ائين ڪيو جو اڳتي هلي نهايت موزون ۽ مناسب ثابت ٿيو. جناب مرتضائي ٺٽوي ساڳي بشارت پر گهڻو وقت پوءِ هن طرح ڏٺي آهي:
“منهن مبارڪ يا شعاع- شمس تاباني ڏٺم
آسماني فصل جو ڄڻ ماهه نوراني ڏٺم
ڪوس يا تلوار يا محراب يا آبرو سندس
يا هلالي عيد الاضحيٰ بهر- قرباني ڏٺم
مرتضائي فدوي استاد تنهنجي ڇاچيو
خوبتر خورشيد بلبل جلوه گر جاني ڏٺم.”
هيءُ شعر جناب الحاج علي محمد صاحب خالدي ٺٽوي کي سڄو ياد آهي ۽ ان ۾ ٻين بزرگن جو به ذڪر خير آندل آهي. ننڍڙي لاءِ ئي بلبل وڏن وڏن عالمن ۽ شاعرن سان طبع آزمائي ڪرڻ لڳو. بلبل جي فرزند ارجمند رئيس ضيآءَ الدين “ضيا” جي سهري ميان فقير محمد جي وات جي ڳالهه آهي ته هڪ روز ننڍڙي بلبل کي پنهنجي والد کان ٻه روپيا جتي وٺڻ لاءِ مليا. واٽ تي وڏي پڙ تي عاشوره جي ماتامين خوب سر آلاپي مرثيا، مجرا، نوحا ۽ ندبا پئي ٻڌايا.ننڍڙو بلبل اتي بيهي ٻڌڻ لڳو پر ميان فقير محمد جي حيرت جي حد نه رهي جڏهن هن ڏٺو ته آخر اهي ٻه روپيا جي جتي وٺڻ لاءِ بلبل کي هٿ ۾ هئا سي هن انهن ماتامين مٿان گهوري ڏنا ۽ کيس پيرين اگهاڙو واپس موٽي اچڻو پيو، هيءُ شايد شعر و شاعري ۽ سخنوري جي ڏات جو پهريون ڏاڪو ۽ ابتدائي اهڃاڻ هو.
بلبل جي ڪا خاص تعليم ۽ تدريس ڪانه ٿي. معلوم ٿو ٿئي ته ان وقت جي معمولي مدرسن ۾ رائج سنڌي ۽ فارسي جا ابتدائي ڪتاب پڙهي بس ڪيائين. پر هيءُ ٿورڙي تعليم به هن جي ذاتي جوهرن جي جلوه ڏيکارڻ لاءِ ڪافي ٿي. ممڪن آهي ته ان وقت ڳوٺ گهاڙي ۾ بختيار پور جو هڪ ڀلارو بزرگ درس ۽ تدريس جو شغل رکندو هو ان جي خدمت ۾ ڪجهه وقت دوزانو ٿي سبق پڙهڻ جي سعادت کيس نصيب ٿي هجي پر قطعي طرح ڪو پتو نه ٿو پوي ته سندن استاد ڪير هو؟ اتفاق راءِ سان ائين مڃجي ٿو ته سندن علمي ۽ شاعرانه استعداد هڪ قدرت جي عطا ۽ ملڪو هو. اهوئي سبب آهي جو هر پهلو ۾ هن کان جدت ۽ ندرت نمودار ٿئي ٿي. ظرافت ۾ هن اها طرز اختيار ڪئي جنهنجي ابتدا ۽ انتها مٿس موقوف ٿي. اخبار نويسي ۾ به هو اول نمبر هو. بقول حضرت خليل جي ته جناب مخلص صاحب به هن جي طرز تحرير جو مقلد ۽ خوشه چين هو. سياست هن جي اهڙي هئي جو جڏهن هندستان جا وڏا وڏا مسلمان ليڊر اڃا هوم رول جي ڏياٽي جي ارد گرد پروانه وار پئي ڦريا تڏهن هن ان وقت ئي مسلمانن لاءِ جداگانه حڪومتي حقن جو آواز بلند ڪيو. جام جم (ڇاپيل 1918ع البرٽ پريس سکر) جي صفحي 56 تي هيئنءَ لکي ٿو:
“گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن. بازن سان چڙيون نه اڏامن. اسان جي هستي اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن. هو هميشه اسان جا محڪوم هئا. هاڻي اهي اسان جا حاڪم آهن. اڃا وڌيڪ حاڪم ٿيڻ ٿا گهرن. اسان جا انهن کان به وڌيڪ ڳاٽي ڀڳا مطالبا هئڻ گهرجن پر جدا، نه گڏ”.
ساڳئي ڪتاب ۾ مسٽر گوڪلي، ائني بيسنٽ، مسٽر ڀرڳڙي ۽ ديوان مرليڌر ۽ ٻين تي جيڪا زبردست تنقيد ڪيل آهي ان مان ئي ثابتي ملي ٿي ته بلبل جي بالغ نظري ۽ آزاد خيالي ڪيتري قدر هئي.
بلبل حسن علي آفندي سان مددگار ٿي “سنڌ مدرسة الاسلام” کي اوج تي رسايائين. مستر وائينس جا خط اڃا تائين موجود آهن. پوني وڃي سنڌ ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ آبادگارن جي بچاءُ جو قانون لاڳو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سنڌ جي اسڪولن جي نصاب ۾ پارسي کي مستقل طرح جاءِ ڏيڻ جي رٿ پيش ڪري بحال ڪرايائين. مخدوم جلال الدين صديقي مرحوم (ميهڙ ۾ ايڪسائيز کاتي جو انسپيڪٽر) 7 اپريل 1952ع تي هي بيان ڪيو ته سندس ڀاءُ مرحوم مخدوم ميان نور الدين جڏهن سال 1902ع ڌاري بي.اي پاس ڪري آيو تڏهن کيس ڪابه مناسب ملازمت نه ٿي ڏني وئي. بلبل مرحوم ڪوشش ڪري کيس ڊپٽي گيري جي جاءِ وٺرائي ڏني ته اها مسٽر آڏواڻي کسي ويس. ان تي بلبل هڪ وفد وٺي بمبئيءَڪاهي ويو جتي وڃي انگريز گورنر جو در کڙڪايائين. مسٽر نور الدين کي ساڳئي عهده تي مقرري جو حڪم وٺي آڻي ڏنائين. سنڌ جي ڪمشنر مستر لارينس هڪ خط ۾ مڃيو آهي ته بلبل جيڪي مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ خدمتون ڪيون آهن، سي قابل تحسين آهن. سيد سرور شاهه ولد سيد حيات شاهه ساڪن سعدپور تعلقي ميرپور ماٿيلو چشم ديده واقعو بيان ٿو ڪري ته ميهڙ جي هر دل عزيز پوليس انسپيڪٽر ميان گل شير لنڊ جي بدلي بلبل جي ڪوشش سان بند ٿي. ان جي خوشيءَ ۾ هڪ دعوت ڪيل هئي جنهن ۾ انوقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر مرزا قليچ بيگ به شرڪت ڪئي. مرزا صاحب هڪ پوليس واري کي سسپينڊڪيو هو جنهن ڪيل ڏوهه جي تلافي ڪري معافي گهري پر مرزا صاحب ٺڪرائي ڇڏيس. هن دعوت جي موقعي تي پري ڪچهري ۾ مرزا صاحب جي هن سخت روش تي بلبل وجهه وٺي تقرير جي دوران ۾ هن تي نڪته چيني ڪئي جنهن جو جواب مرزا صاحب کي ڏيڻو پيو ۽ پنهنجو اصول ٻڌائڻو پيو، پر ساڳئي مرزا صاحب بلبل جي وفات تي هي قطعه تاريخ لکيو:
“شاعر- ملک- سندهه شمس الدين
که از و بود عالمي شگفت
بلبل بود او که با منقار
در- معنيٰ عجيب ترمي سفت
بود او “شمس” بر سپهر- سخن
کرد آخر غروب و روئي نهفت”
مولانا فتح محمد صغير سيوستاني به مرحوم بلبل جو سياسي مخالف هو پر هو به بلبل جي واکاڻ ۾ رطب اللسان آهي. (ڏسو صفحه 14 بلبل- سنڌ تاليف ڪيل جناب شيخ محمد ابراهيم صاحب خليل) ٻيو مد مقابل جناب غلام محمد صاحب ڀرڳڙي به هو جو کين پنهنجي هڪ خط ۾ تاريخ 3 نومبر 1914ع ۾ هيئن لکي ٿو:
“بخدمت جناب عاليجاه رئيس صاحب ميان شمس الدين صاحب سلمه.”
بعد سلامن جي واضح هجي ته جناب اعليٰ ڪليڪٽر صاحب بهادر لاڙڪاڻه جي فرمايو آهي ته هر هڪ ڊويزن ۾ هلندڙ جنگ جي بنسبت ڪي احوال ميٽنگ ۾ ٻڌائڻا آهن جنهن لاءِ... ماڻهن تعلقي جي ۽ ٻين معزز ماڻهن زميندارن ۽ انجمن جي کي ڪوٺ ڪندا.
اسان به تاريخ 5 نومبر 1914ع جي ميهڙ ۾ 12 بجي مهل حاضر هونداسون. مگر مٿين ماڻهن جي سڏڻ لاءِ حضور جن اوهان صاحبن تي بار رکيو آهي. جنهن لاءِ ماڻهو موڪلي خبر ڏجي.
دعاڳو خادم القوم
غلام محمد
جڏهن بلبل جا همعصر جهڙوڪه نجفي، خادم، شاهه محمد صوفي، مرتضائي ٺٽوي،جمعا خان غريب، واصف مرحوم، صغير سيوستاني، (جنهن پوءِپنهنجو تخلص ڪبيرڪيو)، بسمل ٽکڙائي، نياز لاڙڪاڻوي، حضرت غلام سرور قادري لاڙڪاڻوي، مرزا قليچ بيگ، جناب شيخ محمد ابراهيم وزير، جناب خان بهادر نانا غلام علي صاحب، مخلص مرحوم، مولانا شفيع محمد صاحب مسجدي، مخدوم محمد انور پاٽائي، نورل نظاماڻي، شيخ عبدالمجيد صاحب، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڪليڪٽر حامد علي ۽ ٻيا سندس خداداد قابليت جو اعتراف ڪن ٿا.
حقيقت ته هيئن آهي ته مرحوم بلبل جهڙو تقرير ۾ تهڙو تحرير ۾ يگانئه روزگار هو ۽ سندس جو جهڙو علمي ادبي شغل عالي شان هو تهڙو هو سياست، دين ۽ انسانيت ۾ افضل ۽ اڳرو هو. هن جي طبع جامع الضدين هئي. جهڙو دنيا ۾ ڪامياب هو اهڙو دين ۾ صاحب ڪمال ثابت ٿيو. هڪ گشت جي دوران مرحوم دين محمد صاحب وفائي، بلبل جي لائبريري ۾ مذهبي ڪتابن جو ذخيرو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ غالب گمان آهي ته ان جو ذڪر خير پنهنجي غير مطبوعا ڪتاب مشاهير سنڌ ۾ ڪيو اٿس. مرحوم بلبل کي روحاني فيض مخدوم مرحوم ميان نظام الدين صاحب پاٽ واري وڏي ڀلاري بزرگ وٽان نصيب ٿيو. بلبل جي مجلس ۾ هميشه حافظ، عالم، فاضل ۽ اديب موجود هوندا هئا. مولانا مولوي غلام محمد صاحب اشرف سوڍر واري جهڙي تارڪ الدنيا ۽ اهل الله به وٽس سڪون ۽ قرار حاصل ڪيو. گويا شينهن مڙس کي قرب جي ڪچڙي تند ۾ قابو ڪري من اندر محبوب جي مشاهدي ماڻڻ جو ماڻ موکي ڇڏيائين. جناب حاجي علي اڪبر شاهه صاحب ڳالهه ڪندو آهي ته حافظ ڪمال الدين ڏيپر سندس روحاني طاقت کان اهڙو ته متاثر ٿيو جو وصيت ڪيائين ته سندس جنازي جي نماز بلبل مرحوم پڙهائي ۽ ٿيو به ائين. ڪيترن مولوين حافظن عالمن به سندس پويان هيءُ نماز جنازي جي ادا ڪئي.
افسوس جو سنڌ جي سرزمين جو هي روشن ستارو پنهنجي دوست آفندي مجيدي واري ساڳئي مرض ڪاربنڪل جي قهري ڪڪري ۾ دٻجي سنڌ جي آسمان ادب تان غائب ٿي ويو يعني 1919ع ۾ 63 ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ جي باغ جو هيءُ بلبل فردوس برين جي بهار جاوداني ۾ وڃي جائگزين ٿيو. سندس مقبرو سندن مسجد جي ويجهو آهي. سندس ڪامياب زندگيءَ جو بهترين يادگار سندس برپا ڪيل مدرسو آهي جو هينئرهاءِ اسڪول جي حيثيت رکي ٿو. ٻي يادگار سندس لائبريري آهي جنهن ۾ فقه، شرع، قانون، سوانح حيات، تاريخ، شعر و شاعري ۽ ادب جا اردو سنڌي ۽ فارسي ڪتاب موجود هوندا هئاپر افسوس جو ڪنهن سنڀاليندڙجي نه هجڻ سبب ڪيترا نسخا دوست پڙهڻ جي بهاني سان هميشه لاءِ کڻي ويندا رهيا ۽ ڪيترا اڏيهي جو شڪار ٿي ويا. ٽيون يادگار سندس مقبول عام تصنيفون آهن جن مان خاص طور قابل ذڪر ديوان بلبل سنڌي، ڪريما نيچرل، رحيما لطيف، پليگي ڪريما، قلندري ميلو، جام جم، عقل ۽ تهذيب، وقف علي الاولاد ۽ بهار عشق آهن. پر افسوس جو اهي به ناياب ٿي ويا آهن، پر انهن جي تانگهه ۽طلب اڄ سوڌو ڪيترائي علم دوست ڪندا اچن. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو جمعيت الشعراءِ سنڌ يا سنڌي ادبي بورڊ يا سنڌي سڌار سوسائٽي سنڌ يا خود مرحوم جو فرزند ارجمند رئيس ضياءُ الدين “ضيا” انهن کي وري ڇاپرائي سنڌي علم ۽ ادب جي موجوده جمود ۾ نئين لهر ڊوڙائڻ جو سهرو سر تي ٻڌن. هندن جي تعصب جي ڪري نه مرحوم بلبل کي نه سندس هم رقاب ۽ هم خيال حضرات کي (جهڙوڪ قاضي احمدي پاٽ وارو ۽ آنر ايبل مير الهندو شاهه صاحب ڊڀرئي وارو وغيره) سندن شايان شان شهرت نصيب ٿي. ان وقت جا ڪتاب گهر، سنڌي پريس ۽ سياسي پليٽ فارم سڀ هندن جي هٿن ۾ هوندا هئا تنهن ڪري رڳو انهن مسلمانن جو ناماچار نڪتو جي هنن جي اشاري تي هلڻ وارا هوندا هئا. ضرورت آهي ته بلبل جي شخصيت ۽ بلبل جو اسڪول آف آرٽ برپا ڪيو وڃي. الله توفيق ڏئي مرحوم جي صحيح معنيٰ ۾ جانشين ۽ وارث ۽ هن گلستان جي گل رئيس ضياءَ الدين ايس.بلبل کي جو هو پنهنجي والد ماجد جي علمي ادبي، اخلاقي ۽ روحاني رمزن کي وري رائج ڪري ۽ ان جي جاءِ ڀريون ۽ وسايون اچي. آمين!
لطيف تر هئي حڪايت، جو طول سان ٿي بيان
اڳين جي حال جو ۽ قال جو ڪيون ڪو ڌيان
سنڌيءَ جو مشهور مزاح گو شاعر مرحوم شمس الدين بلبل
احمد خان ايم سيال
هند ۾ مزاحيه شاعري مرحوم اڪبر الهه آبادي تي ختم ٿي ۽ سنڌ ۾ مرحوم بلبل تي. مزاحيه شاعري ائين آهي جيئن گلن ۾ گلاب ۽ ميون ۾ انگور. سچ ۽ حق جي انڪشاف ڪرڻ جي طاقت هر ڪنهن طبيعت کي حاصل نه هوندي آهي، جيڪا طبيعت ورلي هن خداداد نعمت ۽ لياقت کان بهر ور بنبي آهي، ان ۾ وري سخن سنجي ۽ ظرافت جو هئڻ ائين آهي جيئن کير ۾ کنڊ. انهن ٻنهي وصفن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ هڪ اهو انساني ڪمال پيدا ڪري وجهي ٿو جنهن لاءِ جيڪر اقبال جي لفظن ۾ هيئن چئجي ته:
سخن ور هجڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏي ڏات آهي، پر سخن سنجي ۾ سچ ۽ حق جي جهلڪ هجڻ وري ائين آهي جيئن سون تي سهاڳو! پر اهڙي راست گوئي اڃا جيڪڏهن مزاح جي رنگ ۾ رڱجي وڃي ٿي ته پوءِ ان جي حامل شخصيت کي ائين سمجهڻ گهرجي جيئن عمارتن ۾ تاج محل. اهوئي سبب آهي جو دنيا اڄ تائين نه تاج محل جو مٽ پيدا ڪري سگهي آهي ۽ نه هند يا سنڌ ڪو اڪبر يا بلبل جو ثاني پيش ڪري سگهي آهي. سچ هونءَ به اڪثر تلخ چيو ويندو آهي.
انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته سڄي دنيا عاشق سان عشق ڪري ٿي پر آءٌ چوان ٿو ته سڄي دنيا مرڪندڙ ۽ مشڪائيندڙ سان به پيار ڪري ٿي، پر طنز، ٽوڪ، هزل هجو ۽ تمسخر هڪ شيءِ آهي ۽ مزاح ظرافت بذله گوئي بلڪل ٻي چيز آهي. ٻنهي ۾ ايترو تفاوت آهي جيترو ٽوهه ۽ گدري ۾ يا کٽي اُڀري ۽ ٽپڪي جي انب ۾. هڪ جو بنياد ڪيني، فوقيت ۽ تخريب تي آهي ته ٻئي جو راست بازي ۽ تعمير تي. هڪ مان ٻئي جي خودداري کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو ته ٻيو ڄڻ ان کي ڪن کان وٺي اٿاري بيهاري اڀاري ۽ سنواري ٿو. هڪ اڪ جو کير آهي ۽ ٻيو مادر جو شير آهي.
هند ۽ سنڌ مزاح جا ماڻڪ به پيدا ڪيا ۽ طنز جا تير به، انهن مان مزاح جا ٻه بي مثال هيرا اڪبر ۽ بلبل آهن. اڪبر الهه آبادي پنهنجي لاثاني مزاحيه شاعري سان هند جي مسلمانن کي انگريزن جي فتنه ۽ هندو جي ڪالي ديوي کان بيدار ۽ خبردار ڪيو. هن سر سيد احمد جي پورهئي کي صاب ڪيو. ساڳيو ڪم سنڌ ۾ مرحوم بلبل پنهنجي پر لطف شاعري سان سر انجام ڪيو ۽ حسن علي آفندي جي ڪم کي ڪامياب بنايو، تنهن هوندي به ٻئي نه ناصح هئا ۽ نه واعظ. ٻئي اعليٰ درجي جا آرٽسٽ (فنڪار) هئا. ٻنهي شاعري کان شير ۽ شڪر جو ڪم ورتو. هنن جي شاعري اڻٿڪائيندڙ، زود هضم ۽ جزو بدن بنجڻ واري هڪ روحاني غذا مثل هئي. ان ۾ جيڪو حق ۽ سچ ۽ پند جو پهلو هو سو ائين ته خوش طبعي ۽ فني ڪمال جي کنڊ ۾ ويڙهيل هو جيئن “يو ڪونين” ٻڌندڙن ائين هرگز محسوس نه ٿي ڪيو ته ڪو هنن کي ليڪچر ڏنو پيو وڃي. اهو ئي سبب هو جو هو مايوس ۽ مرده دل نه ٿي ٿيا جيئن نام نهاد قومي يا ناصحانه شاعري ڪندي آهي، پر ان جي برعڪس بيدار، هوشيار ۽ زنده دل پئي ٿيا. ٻنهي جي شاعري ۾ شوخي، فني خوبيون (مدافع بدايع وغيره) ۽ ڪمال سنجيدگي، متانت ۽ ذوق سليم سمايل هو. اهي سڀ خوبيون هڪ هنڌ ٻئي قسم جي مزاحيه شاعري ۾ نه ملنديون. خاص ڪري مزاحيه شاعري ۾ متانت ۽ سنجيدگي جو هئڻ ته ائين آهي جيئن شرطي ڊوڙ جو ڀلو ۽ تيز گهوڙو پر گهوڙي سوار کان سواءِ ميل ماري اچي. مثال طور انگلينڊ جي مشهور شاعر شيڪسپيئر جنهن جي مزاحيه شاعري به مڃي ويندي آهي سو به ڪٿي ڪٿي متانت ۽ سنجيدگيءَ کي سلامت رکي نه سگهيو آهي ۽ مهمل ۽ لغو فقرا ۽ الفاظ ڪم آندا اٿس. چٻري جي ٻولي “تو وٽ ٽو هو”، ڪتي جي ڀونڪ “بائو وائو” ۽ ڪڪڙ جي ٻانگ “ڪاڪڊ دل ڊائو” ۽ “هي هو هي هو سنگ هي هو هي هو” وغيره جهڙا مهمل فقرا آڻي مزاح پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. لولي جهڙي مٺڙي راڳ ۾ به ستل شهزادي جي ننڊ ڦٽائيندڙن کي هيٺين تمام سخت لفظن ۾ ياد ڪيو اٿس:
You spotted snakes with double tongue. Thorny hedgehogs, be not seen, Newts and blind-worms, do no wrong, Come not near our fairy queen.
سرد سياري کي مهمان سڏيندي دوستن جي بي رخي ۽ انسان جي احسان فراموشي جو جيڪو نقشو چٽيو اٿس سو نهايت موزون پر مايوس ڪن ۽ همت شڪن آهي. چوي ٿو:
Most friendship is feigning
Most loving (is) merely folly.
دوستي ۽ محبت جهڙي پاڪ پتلن ۾ به پليدي پڌري ڪرڻ سان هن ذوق سليم ۽ صحيح مذاق کي هڪ طرف چوٽي وارو ڌڪ هنيو ته ٻئي طرف انساني سلوڪ ۽ ويساهه سان ويل وهايائين. ائين قبول ڪجي ٿو ته اهڙو عنصر هن جي شاعري ۾ گهڻو نه آهي، پر ٻوڙ کي مڪروهه ڪرڻ لاءِ هڪڙي مک ئي ڪافي هوندي آهي. ڇا شيخ سعدي جهڙي سڳوري به علم ۽ فضل جي جبي ۽ دستار جي باوجود هڪ بادشاهزادي کي راضي بازي بنائڻ خاطر حڪم سوزلي جي ڪتاب جي روش تي هزليات لکيا جي گلستان ۽ بوستان جي مصنف جي منهن تي هرگز نه ٿا پون. (ڏسو مولانا شبلي نعماني جي حيات سعدي) مولانا بخيلين جي باري ۾ جيڪو مثال ڏنو آهي ۽ جو اسان مڪتبن ۾ پڙهندا هئاسون سو به اڄ هت لکڻ جهڙو نه آهي. امير خسرو جي “نرا کرد ام هم زلت را کنم” وارن بيتن جا ٻيا طاق ڪهڙي به طمطراق جا ڇو نه هجن پر ذوق سليم اهڙي شعر کي به شائسته چوڻ ۾ ضرور سڪبو. جڏهن شهره آفاق شاعرن جو مزاح جي معاملي ۾ اهو حال آهي تڏهن ٻين ننڍن وڏن جو ورلن وري ڪهڙو هجي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته مزاح ۽ ذوق سليم جي ملاوت ڪهڙو نه ڪٺن ڪم آهي، جنهن کي مرحوم اڪبر ۽ مرحوم بلبل بخوبي نباهيو. ٻنهي جي سڄي شاعري ۾ ته ڪٿي معيار کان ڪريل ڪا ڳالهه نه ملندي ۽ نه مايوسيءَ يا نااميديءَ جو ڪو ترورو نظر ايندو. اڪبر جي سڄي شاعري ۾ هيٺين بيت کان وڌيڪ ڪو ٻيو مايوسي وارو شعر نه ٿو ملي:
راہ چلتا بھی کہہ گیا افسوس
اونٹ گنگا میں بہہ گیا افسوس
پر ان ۾ به غور ڪرڻ سان ڏسو ته دراصل اٺ جي ٿڙي ٿاڦڙي بچڻ جو امڪان صفا بند نه ڪيو ويو آهي. ٻيو ته ان جي رڳو وقتي لغزش ڏي اشارو ڪيل آهي. ٽيون ته اهو سڄو هڪ رهه گذر جي سرسري نظر جو معاملو بڻايو ويو آهي. شعر ۾ جو خاص نڪتو آهي سو تماشبين جي بي علمي ۽ بي عملي تي چوٽ ڪرڻ بابت سمجهڻ گهرجي. پر مرحوم بلبل ته ايتري قدر به مايوسي پنهنجي شعر ۾ اچڻ نه ڏني آهي. مسلمانن کي يورپ جي دلداده بنجڻ لاءِ امر جي آڙ ۾ اڻ سڌي طرح متنفر ڪري ٿو. هن مغلوبي لاءِ هن جي ڪنهن ذاتي جوهر جي مذمت نه ٿو ڪري جو ائين ڪرڻ سان نصيحت جي بجاءِ نفرائپ نتيجي ۾ نمودار ٿئي ها، پر هن جي رڳو وقتي لغزش ۽ فربتگي جي هادي ڏانهن اشارو ڪري ٿو:
غافل وڃي ولايت لو ليڊي سان لائج
سئو قرب مان ڪرسچن نئين چرچ ۾ چوائج
هن جو سڄي قوم مان رڳو غافلن جي گروهه ڏانهن عتاب خطاب آهي ۽ امر جي آڙ ۾ منع آندل آهي جيئن هڪ قسم جي ابهام ۽ تجاهل عارفانه جي صنعتگيري سان نصيحت خود بخود اخذ ڪئي وڃي. ليڊي ساڻ “لو” ڪرڻ ۽ لنئو لڳائڻ جو لازمي نتيجو پنهنجي دين ڌرم کان هٿ ڌوئڻ ٻڌائيو ويو آهي ۽ فيصلو “غافل” تي ڇڏيو ويو آهي ته ٻنهي مان ڪنهن کي ٿو پيارو ڪري. هن قسم جي نصيحت ٻئي ڪنهن به قومي يا ناصحانه شعر ۾ نظر نه ايندي. بيت ۾ نئين جو لفظ برابر آهي وڃي جي. جيئن ثنائي صاحب فرمايو آهي:
نئين ڪانگل ڏي ته سلام..
بلبل جي شاعريءَ ۾ ڪنهن شخصيت يا ذات يا مذهب يا حڪومت يا ڪنهن پاڪيزه چيز وغيره تي حملو يا لعن طعن هرگز نه لڀندو. تنهن ڪري ئي اها پسند عام ثابت ٿي.
بلبل جو هڪ ٻيو مثال ملاحظه ڪرڻ فرمايو جنهن ۾ هن يورپ جي هوا، مغرب جي روشني ۽ انگريزي تهذيب جي مٽي پليد ڪئي آهي:
سگهو انگلينڊ ڏي ادا ٿي تيار، مکن تکيه بر عمر ناپائيدار
سوا انگريزي هجي جاهلي، که بي علم بودن بود غافلي
ٿيو مهه جبين کان جيڪو جدا، کجا باز زراه- خدا
ڪري وٺ ادا خوب بوس و ڪنار، که فردا نماشي زحق شرمسار
ڪتي پستڙي کي تون ڪج ڪور ڪور، نباشي زگلزار فردوس دور
تون پيشاب پنهنجي کي هلندي ۾ هار، کجامت بود جائي پرهيزگار
پستڙي ڪتي، ڪور ڪور، پيشاب ۽ بوس و ڪنار جهڙا لفظ به اهڙي ته پيرايه ۽ تلازمي سان آندل آهن جو انهن جي ثقافت ـ۽ تنفر تفريح ۽ مزاح ۾ مٽجي ويو آهي. ان کانسواءِ واقعي نگاري تي مبني آهن جو انگريز واقعي بيٺڙ پيشاب ڪندا آهن ۽ پستڙي ڪتي ۽ بوس و ڪنار هنن وٽ هر وقت جائز ۽ مباح آهي. ادا جي شوخي چست بندش ۽ فن تضمين به قابل داد آهن.
مرحوم بلبل پنهنجي شعر ۾ سنڌي مصرع سان گلستان يا بوستان جو ڪونه ڪو زبان زد مصرع ملائي اجتماع ضدين جي صنعت سان مزاح ۽ تفريح پيدا ڪئي آهي، ائين ڪرڻ سان تضمين جو فن هڪ طرف ڏيکاريو اٿس ته ٻئي طرف گلستان ۽ بوستان کي سنڌي زبان ۾ هميشه لاءِجاءِ ڏئي ڇڏيائين. مولانا اڪبر جي بيت ۾ ڏسبو ته هن قسم جي لفظي جادوگري سبب مزاح پيدا ڪيل نه آهي پر واقعات جي تمسخر جي زور تي مزاح پيدا ڪيل آهي. راه چلتا، اٺ يا گنگا ۾ بذات خود ڪو به مزاح ڪونه آهي پر جڏهن اوڳي اٺ جو ٿاڦوڙا هڻندي ٽنگون ٽيڙي گنگا ۾ لڙهي وڃڻ جو منظر پيش ٿئي ٿو تڏهن بي اختيار کل وٺي ٿي وڃي. هن کي چئبو آهي Funny situations يعني واقعات جي تمسخر سان مزاح پيدا ڪرڻ. هن جو گهڻي ۾ گهڻو انداز پي جي موڊ هائوس جي مزاحيه تحريرن مان ملي ٿو. پر ان جي برعڪس بلبل مرحوم جي فني مسلڪ (School of Art) ۾ واقعات جو تمسخر ممنوع ۽ ذوق سليم جي خلاف سمجهيو وڃي ٿو. مرحوم بلبل نڪته رعايت سان مزاح پيدا ڪرڻ جو حامي آهي جيئن مٿي ڏنل مثال مان ظاهر ٿئي ٿو.
مرحوم بلبل جي هڪ همعصر مولوي غلام رسول صاحب سوڍر ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بيسود ثابت ٿي. اهو رنگ ۽ ڍنگ هٿ ڪري نه سگهيو. هڪ بيت ملاحظه ڪريو:
چٽڪو انگور انب جو لاچار چار ڏينهن
لٽڪو لنگور لنب جو لاچار چار ڏينهن
هن ۾ فني پهلو هوندي به لنگور ۽ لنب جهڙا لفظ بغير قريني ۽ تلازمي جي ڪتب آندا ويا آهن جنهن ڪري انهن جي ثقافت ميٽجي نه سگهي آهي. مولوي ميان احمد علي صاحب ڏيروي به انهيءَ تتبع تي طبع آزمائي ڪئي آهي پر “دهلي هنوز دوراست” وارو قصو نظر ايندو. فرمائي ٿو:
اشراف ڀي لچن جي ته صحبت ۾ لچ ٿيا
ڪارن سان گڏجي ويو آ بدلجي اڇن جو رنگ
ميان امام الدين ضامن بلبل مرحوم جي هڪ شاگرد پنهنجي سڄي شاعري طنز جي طريقي ۾ ڪئي آهي:
مروڙي مڇ اٿيا ميمبر ٿيڻ خاطر گهڻا مسٽر،
اسان جي ڀي متي ٻيگهي اجهو سڻڀو ٽڪر آيو.
جي مفتي مال جو لقمو سڏي گهر ۾ ڏئي جيڪو،
انهيءَ سان سر لڳي هٿ ڄڻ سٺو ساڄو ٻڪر آيو.
هي سڳورو مخلص مرحوم جو به شاگرد آهي جنهن جو مٿس رنگ زياده غالب ٿو ڏسجي. مطلب ته بلبل جي عمده طرز ٻئي ڪنهن کي هٿ نه آئي.
شمس الدين بلبل
محمد امين مگسي
رئيس شمس الدين بلبل سنڌ جو مايهء ناز صحافي، سماجي ڪارڪن، زبردست شاعر ۽ حقيقت ۾ سنڌ جوغالب هو. بلبل جي شاعري، صحافت ۽ علمي صلاحيتن سنڌين ۾ جيڪا سجاڳي، بيداري، علمي ذوق پيدا ڪيو آهي. ان جو هر اهل علم معترف آهي. جيئن محترم علي محمد راشدي سندس لاءِ لکيو آهي ته سنڌ جي علم و ادب ۾ دادو ضلعي جا وڏا احسان آهن. دادو ضلعي ٽي ماڻهو سنڌ کي ڏنا جن ۾ صحافت ۾ جناب بلبل به شامل آهي. سندس پيدائش ميهڙ ۾ 1857ع ڌاري ٿي. بلبل صاحب ڪنهن خاص اداري ۾ ته ڪونه پڙهيو. سندس تعليمي سلسلي ۾ سندس لائق فرزند جيڪو پڻ ان دور جو وڏو اديب هو هيٺين طرح رقمطراز آهي:
شمس الدين بلبل ميهڙ جهڙي مردم خيز علائقي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ننڍن مڪتبن ۾ ان زماني جي مروج مدرسن ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي پڙهيو، پر پوءِ ڪتابن جي محدود دنيا کان جلد بيزار ٿي هن دنيا جي جامع جذبات ۽ احساسات جو درس حاصل ڪيائين ۽ ڪائنات جي ڪتاب جي ورق گرداني شروع ڪيائين. بلبل اهو علمي سفر پنهنجي خداداد صلاحيتن، ذهن ۽ ذڪاءَ جي ذريعي حاصل ڪيو ۽ ان سالن جي سفر کي مهينن ۾ ۽ مهينن واري کي ڏينهن ۾ پورو ڪيو”.
بلبل مرحوم جو دور حقيقت ۾ مسلمانن جي حيات نو ۽ جدوجهد جي سلسلي ۾ نازڪ ۽ تاريخي دور هو. ليڪن بلبل پنهنجي قلم سان ان دور ۾ جيڪي نوان لاڙا ڏنا اهي هڪ تاريخي حقيقت بنجي چڪا آهن. بلبل پنهنجي زندگيءَ جو آغاز 1872ع ۾ انجنيئريءَ کاتي ۾ داروغي جهڙي ننڍڙي ملازمت سان ڪيو، پر سرڪاري نوڪري آزاد بلبل کي ڄڻ ته ٻوساٽڻ لڳي، سندس قابليت، ذهانت، ڪم جي سليقي، ڪلام جي فصاحت، طبيعت ۽ مزاح ۾ اديبانه آداب کي هڪ انگريز سڃاڻي ورتو. جنهن ساڻس دوستي پيدا ڪري کيس قديم زماني جو هڪ نادر ۽ قيمتي شاهنامه فردوسي تحفي طور ڏئي بلبل جي زرخيز علمي زمين ۾ اضافو آڻي ڇڏيائين. اهو نسخو اڄ تائين دهليءَ جي عجائب گهر ۾ موجود آهي، جيڪو بلبل صاحب حامد علي ڪليڪٽر معرفت تحفي طور ڏنو هو.
جيئن ته ميهڙ جهڙو ننڍو شهر بلبل جي ادبي علمي قابليت لاءِ پورو پئجي نه سگهيو، کيس ڪراچيءَ جي علمي، ادبي، ملڪي، سماجي ۽ مرڪزيت پاڻ ڏانهن ڪشش ڪري ڇڪي ورتو.
ميهڙ کان ٻاهر نڪرڻ جو خاص سبب اهو هو ته بلبل جا وڏا چڱا مڙس هئا. تنهنڪري سندس وڏا چار ڀاءُ زمينداري ۽ راڄن جي ڇيڙي نبيري ۾ مصروف هئا، پر بلبل جيئن ته ننڍو ۽ پنجون نمبر ڀاءُ هو. سندس توجهه صرف مطالعي ۽ علمي مشغلن ڏانهن هيو، رئيسي ۽ وڏيرائپ سان سندس دلي وابستگي نه پيدا ٿي سگهي. زمينداري جي ڪڪ ڪندڙ ڪاروبار، راڄن جي ڇيڙي نبيري ۽ روز مرهه جي ڪلڪل، پٽ سٽ کان آجي ٿيڻ لاءِ نيٺ ميهڙ کي خيرآباد ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيائين ۽ پنهنجي شعر تي عمل ڪيائين، جنهن ۾ چيو اٿس ته:
“دنيا سندا تماشا گهر کان نڪر ته ڏسندين”
نيٺ بلبل 1889ع ۾ ڪراچيءَ پهتو، سنڌ جي سر سيد خان بهادر حسن علي آفنديءَ جي جوهر شناس نگاهه بلبل جي ذهانت، ذڪاوت ۽ سندس شخصيت ۾ مخفي صلاحيتن کي پروڙي ورتو ۽ پنهنجي تعليمي، سماجي، سياسي تحريڪ کي ترقي وٺرائڻ خاطر کيس پنهنجو دوست، همسفر، معاون ۽ دست راست بنائي ڇڏيو. بلبل جي علمي قابليت ۽ صلاحيت کان متاثر ٿي خود آفندي صاحب چوندو هو ته:
“مون کي عجب آهي ته اهڙو انسان ميهڙ جهڙي ننڍي شهر ۾ ڪيئن پيدا ٿيو.”
بلبل صاحب آفندي صاحب جي سڀني ڪمن ۽ تحريڪن ۾ ڀرپور نموني سان حصو ورتو. “دکن ايگريڪلچرل ايڪٽ” جو جڏهن سوال پيدا ٿيو تڏهن بلبل صاحب مشير خاص جي حيثيت سان سندس رفيق ڪار، معاون ۽ مددگار رهيو. پوني جي ڪميشن جڏهن آفندي صاحب کي گهرايو تڏهن ڪاغذن جي تياريءَ جو ڪم سمورو بلبل جي ذمه ڪيو ويو ۽ ان کي بهترين انداز سان پايه تڪميل تي پهچايائين. بلبل ان سلسلي ۾ سنڌ جي سمورن آبادگارن جو احوال گهرايو ۽ ضلعي وار انگن اکرن سان يادداشتون تيار ڪيون جن ۾ ڊڪرين جي ذريعي آبادگارن جي زمين ۽ ان جي ملڪيت جي نيڪالي جا انگ اکر گڏ ڪيل هئا. اهڙي طرح قرض ۾ جيڪي وياجن تي وياج وصول ٿيندا هئا سي بلبل مرحوم وڏي محنت سان گڏ ڪيا. آخر آفندي صاحب کيس پوني ڏانهن پاڻ سان گڏ وٺي ويو، وقت به وقت ڪميشن ۾ شاهدي ڏيندي، بلبل کان نوٽس وٺندو رهيو. جنهن محنت جفاڪشيءَ سان انگ اکر گڏ ڪيا ويا هئا ۽ هر فقري ۾ جيڪي حوالا ڏنا ويا هئا ۽ انهن ۾ حيرت انگيز دليل بازي کي ڏسي ڪري خود انگريز ميمبر پڻ حيران رهجي ويا.
نيٺ بلبل جي محنت رنگ لاتو ۽ ڪميشن سندس دليلن جي وسيع و عريض دنيا کان متاثر ٿي سنڌ سان اهو “دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ” لاڳو ڪيو. جنهن جو فائدو مسلمانن ان دور ۾ به حاصل ڪيو ۽ پنهنجيون ملڪيتون بچايون ۽ سنڌ جا آبادگار اڄ تائين سول ڪورٽن ۾ ان جو فائدو وٺي رهيا آهن. ان جي اهميت قانون جي پيشي سان وابستا افراد ۽ وڪيل حضرات چڱي طرح ڄاڻن ٿا.
بلبل کي سنڌ جي صحافت ۾ اوليت جو مقام حاصل آهي. جنهنڪري ممتاز اديب، سياستدان، صحافي پير علي محمد راشدي صاحب کيس سنڌي صحافت جو ڏاڏو آدم سڏيو آهي.
بلبل پهريون شخص هو جنهن سنڌي ادب ۽ صحافت کي هڪ فن جي صورت ۾ روشناس ڪرايو. اخبارون ته بيشمار نڪتيون، پر انهن ۾ بلبل وارو انداز ۽ دلپذير رنگ ۽ ڍنگ پيدا نه ٿي سگهيو، اخبار “خير خواهه” جيڪا ڀرپور مزاح ۽ مذاق، طنز ۽ ظرافت جي رنگيني ۽ چاشني سان لاڙڪاڻي مان نڪرندي هئي، ان جو چار سال ايڊيٽر رهيو، هفتيوار اخبار “مسافر” حيدرآباد جو پڻ ايڊيٽر رهيو، آفتاب سکر جو آخر تائين ايڊيٽر رهيو، اخبار الحق جو پهرين انڪارڪيائين نيٺ آخر آهستي آهستي ان اخبار جي به ادارت سندس ذمه ٿي ويئي.
مشهور مورخ ۽ محقق جناب مولائي شيدائي به سندس تربيت يافته هيو. جنهن جي علمي ۽ قلمي صلاحيت کي بلبل جي دور رس نگاهه تاڙي ورتو هو،پاڻ کيس پيشنگوئي طور چيائين “مان ڏسان ٿو ته تون اخباري دنيا ۾ چنڊ وانگر چمڪندين.” صحافت سان گڏ علمي ڪمن ۾ پڻ بلبل ڀرپور حصو ورتو. 1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي تڏهن مسٽر ٽي. ايڇ وائيس ۽ اسپيشل اسٽينڊنگ ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري مسٽر ڪي.اي. دهلوي خط لکي بلبل کان سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ضرورت متعلق رپورٽ حاصل ڪئي ۽ کيس دعوت ڏئي اها رپورٽ ڪانفرنس اندر پيش ڪرائي. اها رپورٽ ايتري قدر ڪامياب ثابت ٿي جو سموري ريزوليشن جي صورت ۾ پاس ڪئي ويئي. ان جو ذڪر ڪانفرنس جي رپورٽ سال 1908ع ۾ مطبوعه علي ڳڙهه جي صفحي 52 تي پڻ آيل آهي. بلبل جي تعليمي خدمات کان سندس ڳوٺ ميهڙ به مستفيض ٿيو، سندس برپا ڪيل عظيم الشان هاءِ اسڪول اڄ تائين موجود آهي.
بلبل صاحب ڪيترن ئي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۽ سماجي جماعتن جو ميمبر رهيو. 1917ع ۾ کيس آنرري مئجسٽريٽ چيئرمين کنيو ويو، سندس شخصيت کان ڪمشنر سنڌ مستر لارنيس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس خط لکيو:
سرڪار محسوس ڪيو آهي ته اوهان مسلم قوم جا همدرد ۽ بهي خواهه آهيو ۽ سنڌي مسلمانن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اوهان جيڪي رايا پيش ڪندا آهيو اسين انهن کي عزت واري نگاهه سان ڏسندا آهيون”
مرحوم بلبل صاحب جي قومي غيرت ۽ اسلامي حميت جو وڏو مثال هي آهي ته 1913ع ۾ انجمن هلال احمر جو وفد ترڪي لاءِ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ممتاز مسلم ليگي اڳواڻ سيٺ عبدالله هارون جي اڳواڻي ۾ ميهڙ ۾ آيو، تڏهن زميندارن ۽ آفيسرن جي موجودگيءَ ۾ سندس پراثر تقرير جادو جهڙو اثر ڪيو، ايتري قدر جو هڪ شخص پنهنجو ڪوٽ لاهي ڏنو جيڪو نيلام ڪري 125 رپين ۾ وڪيو ويو. ان موقعي تي بلبل صاحب في البديهه شعر پڙهيو، جنهن جا ٻه ٽي بند هن ريت آهن.
هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي
اجهي هي زر، اجهي زيور، اجهي هي گهر اجهي هي سر،
مٿين نظم وڏي رقت انگيزي پيدا ڪئي. نظم جو مطلع:
ڀلي آيا ڀلي اي سر گروهه قوم دين پرور
مجاهد في سبيل الله فائز في هلال احمر
اوهانجي خاص خدمت آ خدا جي راهه ۾ورنه
ڪٿي بستان ڪٿي ويران ڪٿي بنگلا ڪٿي هي بر
بلبل صاحب صوم و صلات جو پابند هو ۽ پاڻ نقشبندي سلسلي ۾ پاٽ جي بزرگ مخدوم نظام الدين صديقي رحمة الله عليه وٽ بيعت ڪئي. ان دورجي مجذوب ۽ وڏي عالم مولانا غلام محمد سوڍر جوصحبتي پڻ هيو. پاڻ ذڪر اذڪار ۽ مراقبن ۾ مشغول رهندو هو. پنج وقت نماز پنهنجي گهر جي ڀرسان واري مسجد ۾ پاڻ پڙهائيندو هو. لباس باوقار، شرعي سونهاري، ٻٽوان وار، مٿي تي دستار ٻڌندو هو.
سندس لائبريري ۾ بيشمار ڪتاب جنهن ۾ تفسير، حديث، فقه، تاريخ، تصوف، سيرت، سوانح، مناطره، فلسفو، عروض،نعت، منطق تي وڏاوڏا مستند ڪتاب موجود هئا، کيس ڪن دوستن ملڪيت جي واڌاري لاءِ مشورو ڏنو ته پاڻ لائبريري ڏانهن اشارو ڪري چيائين ته پنهنجي اولاد لاءِ هي دولت گڏ ڪيون ٿو وڃان جيڪا لازوال ۽ بي بها آهي.
جيئن سيدنا علي رضي الله عنه جو مشهور شعر آهي:
فان المال يغنيٰ عن قريب، فان العلم باق لا يزال
جي مصداق ته مال ۽ دولت ته جلدي فنا ٿيڻ واريون شيون آهن، پر علم جيڪو لازوال ۽ نه ختم ٿيندڙ دولت آهي.
قرآن سان سندس دلچسپي ايتري قدر هئي جو هڪ دفعي حافظ تراويحون پڙهائيندي ڀلجي پيو ۽ پوئين آيتن کي دهرايائين پر اڳيون آيتون کيس نه پئي ياد آيون بلبل صاحب کيس لقمو ڏنو ۽ حافظ صاحب روان دوان ٿي ويو.
نماز کان پوءِ حافظ صاحب بلبل کان پڇيو ته سائين اها سورت اوهان کي ياد هئي ڇا؟
بلبل وراڻيو ته نه اوهان جي بار بار سورت جي حصي کي ڦيرايو ته آءٌ مضمون جي معنيٰ تي غور فڪر ڪرڻ سان گڏ عبارت تي به غور ڪندو رهيس ائين ڪندي بي ساختا زبان تي لفظ تري آيا ۽مون چئي ڏنا، خدا ڪيو ته اهي درست نڪتا ورنه اها سورت مون کي بلڪل ياد نه هئي. ان مان ثابت ٿيو ته بلبل کي قرآن جي مطالعي جو وڏو شوق هيو.
بلبل جي دوستن مان هڪ آخوند ميان عطا محمد رئيس اعظم مٽيارن وارو هيو جيڪو ان وقت ميهڙ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر هيو، سندس بنگلو بلبل جي بنگلي سان لڳ هيو، اتي هڪ دفعي جناب پير حسن جان سرهندي رحمة الله عليه جن تشريف فرما ٿيا، پير صاحب جن جي اچڻ ڪري سندن مريد ۽ معتقد گڏ ٿيا. ادب کان ڪنڌ هيٺ ڪيو سڀئي حلقه ۾ ٿي ويٺا. اندريون ڪمرو ته ڀرجي ويو، ٻاهر توڙي هال ۾ به ماڻهو ويهجي ويا، پير صاحب جي رعب ۽ ادب خاطر سڀ ماڻهو خاموش هئا، بلبل کي به دعوت مليل هئي، جيئن بلبل ٻاهرين دروازي کان داخل ٿيو ته ڏٺائين ته هر ماڻهو خاموش آهي، سانت طاري آهي، سڀڪو ماڻهو منهن مونن ۾ وجهيو چپ چاپ بي زبان ٿيو ويٺو آهي. اهو عالم ڏسي سندس طبيعت جوش کاڌو ۽ ائين چوندو اڳتي وڌندي خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين:
“اڙي بابا! چپ ڇو آهيو، ڪنڌ گوڏن ۾ ڇو هنيا اٿو، چپن کي چونو ڇو لڳايو اٿوَ؟
اڙي رحمت جو ابر اڄ ميهڙ جي ڀونءِ تي وسي رهيو آهي، فيض وٺو خوش ٿيو، ڳالهه ٻولهه ڪريو، ڪڇو پڇو، دل جو غبار ڪڍو، اڙي ڪاريهر نانگ اندر ڪونه ويٺو آهي، جنهن جي ڊپ کان اچي سوڙها ٿيا آهيو.”
ائين چوندي جيئن پير صاحب وٽ پهتو ته پير صاحب اٿي کڙا ٿيا ساڻس بغلگير ٿيا، کيس ڀرسان ويهاريائون ۽ دلي مسرت جو اظهار فرمايائون. بلبل جي اچڻ شرط محفل جو رنگ بدلجي ويو، ماڻهو سرها ٿي گفتگو ۾ شروع ٿي ويا.
هي هڪ مثال آهي جنهن ۾ اسلامي برادري ۽ برابريءَ جي ترجيح ڏني ويئي آهي ۽ مرحوم بلبل جي بي تڪلف شخصيت هجڻ تي پڻ روشني پوي ٿي.
هڪ دفعي مرحوم بلبل پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي لکيو. سندس سامهون سو کن قدمن تي هڪ پينو فقير پنهنجي عادت موجب سين جو دم هنيو، ڏينهن گرم هيو، نوڪرياڻي به ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. پر فقير دانهن مٿان دانهن ڪري اوڙي پاڙي جو سک ڦٽائي ڇڏيو، لازمي طرح بلبل جو به خيال ٽٽو، سو پري کان رڙ ڪري چيائين، فقير بابا هن مهل ماڻهو ڪونهي معاف ڪر، فقير ٺهه پهه جواب ڏنس ته سائين “جهٽ پل لاءِ تون ئي کڻي ماڻهو ٿيءُ”. بلبل کان بي اختيارکل نڪري ويئي، قلم ڇڏي انعام طور کيسي ۾ هٿ هڻي پنج رپيا ڪڍي ڏنائين ۽ چيائين ته فقير بابا لک رپين جو سبق ڏنو اٿئي، هي نذرانو قبول پوي.
ان دور ۾ جڏهن مغربي تهذيب جي وڌندڙ اثر تي اڪبر الهه آبادي ۽ علامه اقبال تنقيد ڪئي ته وري سنڌ ۾ بلبل اهو پارٽ ادا ڪيو ۽ ان ماحول تي ظريفانه انداز ۾ تنقيد ڪئي. ان جو اندازو سندس هيٺين شعر مان لڳائي سگهجي ٿو.
گهر کان نڪتا نيٽو نيچر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا ڌن
سر ۾ ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا ڌن
چمچا ڪانٽا کٽ پٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي ٿڙ ٿڙ
شاش ڪرڻ ۾ بيٺل شر شر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا ڌن
بقول حاجي محمود خادم جي غزل ۽ رنگين مرصع نثر جو موجد مرحوم بلبل آهي، خود مرحوم مخلص ۽ مرزا قليچ بيگ به سندس تقليد ڪئي آهي ۽ مرحوم مولائي شيدائي جي بقول ته “بلبل پهريون انشا پرداز ۽ صاحب طرز اديب هو جنهن مسلم صحافت جو سنڌ ۾ مقام بلند ڪيو، سنڌي صحافت جو حقيقت ۾ بنياد وجهندڙ شمس الدين بلبل هو.”
سنڌ جو سعدي ۽ منفرد صحافي مرحوم شمس الدين”بلبل“
تحرير: آزاد علي انور ڪانڌڙو-ميهڙ
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترائي عظيم انسان پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي سڄي ڄمار ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي، انهن ۾ هڪ نالو “شمس الدين” بلبل مرحوم جو آهي.
مرحوم بلبل جا وڏا اصل ناڙيءَ جا هئا ۽ پوءِلڏي اچي ميهڙ تعلقي جي ڀرسان ڳوٺ فريد آباد ۾ ويٺا، اتي سندن رهڻ واريون جايون ۽ ٻنيون اڃا تائين موجود آهن، اتي بلبل جي والد صاحب جي ڳوٺ وارن سان اڻ بڻت ٿي پئي، جنهن بعد هو اتان لڏي اچي ميهڙ ۾ ويٺا. بلبل جي والد بهادر خان کي پنج پٽ هئا، انهن ۾ سڀني کان ننڍو شمس الدين “بلبل” هو، بلبل جو جنم ميهڙ شهر ۾ 1857ع ۾ ٿيو.
بلبل جو پهريائين نالو “پريل” رکيو ويو، پر سندس مامو نهال خان جڏهن سندس گهر آيو ته بلبل تي نظر پوندي ئي بلبل جي والد کي چيائين ته هي ڇوڪرو وڏي ڀاڳ وارو ٿيندو، ان ڪري هن جو نالو “شمس الدين” رک. نهال خان مولوي خاندان جو هڪ عالم فاضل شخص هو، ان کانپوءِ بلبل کي انهيءَ نالي سان سڏڻ لڳا. بلبل جي ابتدائي زندگي بابت صحيح ڄاڻ نه ملي آهي، پر اها خبر پئي ته بلبل جنهن وقت ڄائو هو ان وقت ميهڙ هڪ ڳوٺ جيان هو ۽ هتي اسڪول يا ڪاليج وغيره نه هو. ان وقت جي عام رواج مطابق بلبل کي هڪ مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتان هن سنڌي ۽ فارسي جي تعليم ورتي. بلبل ذات جو “شينو” آهي ۽ کيس ڪٿي “ابڙو” لکيو پڙهيو وڃي ٿو، پر اهو غلط آهي. سندن پويان اڃا ميهڙ ۾ موجود آهن، جيڪي پاڻ کي شينو سڏائيندا آهن.
بلبل سنڌي ۽ فارسي جي تعليم کان پوءِ جڏهن 1872ع ۾ اسڪول کان نڪتو ته هن جي ذهن ۾ شاعرانه قوت ظاهر ٿي. هن کي شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو ويتر نوجوانيءَ ۾ عشق جي لپاٽ لڳڻ کانپوءِ گهڻي شاعري ڪرڻ لڳو.
بلبل ننڍي هوندي کان ئي وڏن وڏن شاعرن سان شعر ۾ مقابلا ڪندو هو، سندس ذهن، سوچ، سمجهه ڏسي اهي وڏا شاعر کيس چوندا هئا ته هڪ وڏو ۽ قابل سخن دان ٿيندين! واقعي ٿيو به ائين، جيڪڏهن اسان بلبل جي ڪنهن ڪلام يا شعر کي ڏسنداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته اهڙو سچ ان وقت جي قابلن به چيو آهي.
مرحوم بلبل سنڌي ۽ فارسي جي تعليم پنهنجي تعلقي جي مدرسن ۾ حاصل ڪئي پر پنهنجي ذاتي مطالعي سبب معلومات ۾ ڪافي اضافو ڪيائين. بلبل پنهنجي ذهني معلومات لاءِ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪتابن جو ذخيرو گڏ ڪيو ۽ هڪ عمدو ڪتب خانو جوڙي ڇڏيو. جنهن ۾ هر قسم جا ڪتاب مختلف فن ۽ ٻولين ۾ موجود هئا. انهن ۾ سنڌي، فارسي، عربي ۽ اردو وغيره ٻولين ۾هئا. بلبل کي انهي ڪتب خاني تي ڏاڍو ناز هو ۽ هو اڪثر فخر وچان چوندو هو ته مان هي پنهنجي پوين لاءِ هڪ وڏو خزانو ڪتابن جي صورت ۾ ڇڏي ويندس، جيڪو هنن کي ڏاڍو ڪم ايندو ۽ پوءِ ساري ڄمار پيا دعائون ڪندا.
هونءَ ڪنهن به قابل شخص جي محنت ڪڏهن به رائيگان ٿي نٿي سگهي ۽ اهڙي قابل شخص جي محنت وري ڪڏهن به لڪل نٿي رهي، بلبل جي محنت جو به ساڳيو نمونو هو. مرحوم بلبل پهريان جڏهن انجنيئري کاتي۾ داروغو مقرر ٿيو اتي به بلبل جي محنت کي ڏسي اتي جي ٻن آفيسرن کي حيرت وٺي ويندي هئي ۽ سندس ايڏي وڏي محنت ۽ قابليت ڏسي انهن بلبل جي تمام گهڻي عزت ڪئي ۽ حوصلا افزائي خاطر “شاهنامه فردوسي” جو هڪ نسخو جيڪو سونهري حرفن ۾ لکيل هو، اهو تحفي طور ڏنو. اهو شاهنامو هاڻي دهليءَ جي عجائب خاني ۾ رکيل آهي، جو ان وقت جي ڪليڪٽر جناب حامد علي صاحب اتي ڏياري موڪليو.
بلبل جي مضمون ۾ ايتري ته سڪ، محبت، پيار، ٻڌي ۽ گڏ رهڻ جي تلقين هئي جو پڙهڻ کان پوءِ مسلمانن جون دليون بلبل ڏانهن ڇڪجي اينديون هيون. بلبل مرحوم جو اهو ساڳيو ئي قلم هو جنهن مسلمانن کي بهبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪيو.
بلبل ميهڙ ۾ گهڻو وقت رهيو، آخر هڪ ڏينهن سال 1889ع تي ڪراچي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ جتي سندس ملاقات خان بهادر حسن علي آفندي سان ٿي، ڇو ته ان وقت تمام گهڻو مشهور هو، ان سان ملاقات ٿيس، انوقت ڪراچي مان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن مسلمانن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ لاءِ هڪ اخبار “معاون” نالي جاري ڪئي هئي ۽ پوءِ ان اخبار جي ادارت بلبل جي حوالي ڪئي وئي. ان بعد بلبل سنڌ مدرسة الاسلام، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۽ حسن علي آفندي جي سياسي عملي تحريڪ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. بلبل ادارت سنڀالڻ کانپوءِ اهڙا ته فلسفي سان ڀريل مضمون لکيا جو ان وقت ادبي دنيا وات ۾ آڱريون وجهي پوئتي رهجي وئي.
مرحوم بلبل پهريون ئي شخص هو جنهن ترڪيءَ جي جنگ يا جنگ بلقان کان پوءِ هلايل تحريڪ “هلال احمر”کي سنڌ ڌرتيءَ جي ميدان تي آندو ۽ زور وٺرايو. قومي شاعري مرحوم بلبل صحيح طرح شروع ڪئي ۽ هيٺيان طريقا استعمال ڪيا. مرحوم بلبل قصيده کي قاآني جي منزل تائين پهچايو ۽ قسمين قسمين ۽ وڏا ڪم ورتا، نيچرل شاعري ڪري ان جي ذريعي سان ماڻهن کي قدرت جو آشنا ۽ حقيقت پرست بنايائين وغيره.
مرحوم بلبل نه رڳو هڪ اديب، شاعر يا اخبار نويس هو پر هو سياسي ميدان ۾ به هڪ سرگرم ڪارڪن هو.
مرحوم بلبل پهريون ئي شخص هو جنهن موجوده سليس نثر نويسي جو رنگ اختيار ڪيو،جيڪو اخباري دنيا لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيو.
بلبل کان اڳ سنڌي نثر نويسي جو نمونو فارسي جي طرز تي هو ۽ ان کي صرف ۽ صرف فارسي وارا لکي سگهندا هئا، پر پوءِسنڌي نثر لکڻ هر ڪنهن لاءِ آسان ٿي پيو. هي به بلبل جي ڪيڏي نه اڻوسرندڙ خدمت آهي، جيڪا ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهجي.
بلبل جو هي به هڪ اڻ وسرندڙ ڪارنامو آهي جو هڪ ڪتاب “مسلمان ۽ تعليم” لکي ڇاپرائي مفت ورهايائين. جديد تعليم عام ڪرڻ لاءِ هن ميهڙ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو جو اڳتي هلي “هاءِ اسڪول”بنيو.
آخر هي سنڌ جو نيڪ انسان 62 ورهين جي عمر ۾ ٻلهاڙي يعني “ڪارپنڪل” مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ علم ادب جو سج 13 سيپٽمبر 1919ع تي هميشه لاءِ آسمان تان غروب ٿي ويو. سندس قبر ميهڙ ۾ سندس گهر جي ڀرسان واري مسجد جي صحن ۾ آهي.
روزنامه مهراڻ، آچر ، 16 سيپٽمبر
برصغير جو معروف شاعر، اديب، صحافي شمس الدين ”بلبل“
انور آزاد ڪانڌڙو
سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ميهڙ هڪ قديم تاريخي خطو رهيو آهي. ميهڙ علمي، ادبي، صحافتي ۽ سياسي حوالي سان به سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. ميهڙ هر دؤر ۾ ادب، صحافت، ثقافت، ٻولي جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، ميندي جي خوشبو ۽ مائي جي ميٺاج واري شهر ميهڙ جي مردم خيز مٽي مان جنم وٺندڙ عظيم شخصيتن، اديبن، شاعرن، عالمن، صحافين ڏات ڌڻين،پنهنجي علم، قلم، ڏات ۽ فن ذريعي ڏيهه پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻڻ سان گڏ پنهنجي جنم ڀومي جو نانءُ به روشن ڪيو آهي، شمس الدين بلبل جديد سنڌي ادب، صحافت ۽ شاعري جو باني چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، سنڌ جي نامياري اديب تاريخدان پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ لکيو آهي، ته صحافت جي ٻيلي ۾ اتر سنڌ ۾ شمس الدين بلبل شير هو، بلبل سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو، سنڌي ٻولي جو محسن هو، سنڌي تهذيب جو راکو، هو. سنڌ جي نامياري عالم اديب، محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ هنڌ لکيو آهي ته بلبل جديد صحافت جو سرواڻ هو، سنڌي نثر ۽ نظم جو اڳوڻ هو، شمس الدين بلبل پنهنجي دور جو وڏو اديب، تعليمي اڳواڻ، سياسي مفڪر، محب وطن ۽ بيباڪ صحافي هو، فارسي ۽ سنڌي جو قادر الڪلام شاعر هو، شمس الدين بلبل جو جنم ميهڙ ۾ 1857ع ۾ بهادر خان شينو (بلبل جا پوٽا ۽ پڙ پوٽا هاڻي ابڙا سڏائن ٿا) جي گهر ۾ ٿيو، بلبل ابتدائي تعليم ڳوٺ گاهي مهيسر، باگو تيوڻو ۽ پاٽ جي مدرسن ۾ حاصل ڪئي. شمس الدين بلبل هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. بلبل پنهنجي دور جو وڏو شاعر اديب، صحافي، تعليمي ۽ قومي خدمتگار هو، سندس 62 سالا زندگي ڪيترن ئي وڏن قومي، ادبي، صحافتي ڪارنامن سان ڀريل آهي، جنهن تي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشھ فخر رهندو. بلبل پنهنجي دور جو نه رڳو مشهور ۽ مقبول صحافي هو، پر هو جديد صحافت جو باني پڻ هو، هن ڪراچي، حيدر آباد، سکر، لاڙڪاڻو، لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن، ۽ ان دؤر جي مشهور سنڌي، اردو، هندي ۽ انگريزي اخبارن معاون ڪراچي، الحق سکر، ڪراچي گزيٽ، مسافر حيدرآباد، خيرخواهه لاڙڪاڻو، آفتاب سنڌ سکر ۽ ٻين جو ايڊيٽر ۽ مدير رهيو. بلبل 1878ع ۾ پنهنجي محبوبه گل خاتون سان پنهنجي پسند جي ٻي شادي مائٽن جي مرضي خلاف ڪئي، مائٽن جي ناراضگي سبب هو 1879ع ۾ پنهنجي گهر واري گل خاتون سان گڏ لاهور هليو ويو ۽ 9 سالن تائين لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ رهيو ۽ اتي به مختلف اخبارن زميندار، پئسه، اوڌ پنچ، پنجئه فولاد، انتخاب لاجواب، خورشيد دکن ۽ دکن پنچ وغيره ۾ ڪم ڪيو ۽ پوءِ ايڊيٽر به ٿيو. ڪراچي ۾ رهڻ دوران 1989ع ۾ سنڌ جي قومي خدمتگار خانبهادر حسن علي آفندي کيس پنهنجي اخبار معاون جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، سنڌ جي برک اديب، عالم، محقق، ڊاڪٽر غلام علي الانا هڪ هنڌ لکيو آهي ته معاون اخبار جي ايڊيٽر هجڻ واري زماني ۾ سندس لکيل ظريفانه ۽ فلسفانيه مضمون سڄي سنڌ ۾ ڏاڍا پسند ڪيا ويا، در اصل بلبل جي عبارت ئي سنڌي نثر ۾ وڏو انقلاب آندو.
شمس الدين بلبل پنهنجي دور جو مشهور شاعر هو، هن شاعري ۾ نوان لاڙا آندا. سندس سنڌي، اردو، فارسي شاعري جا 6 مجموعا اڃا تائين اڻ ڇپيل آهن، صرف سنڌي شاعري جا ٻه مجموعا ڪلام بلبل ۽ ديوان بلبل سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا آهن. سنڌ جي مايه ناز عالم، اديب شاعر شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ فارسي شعر ۾ شمس الدين بلبل جي وفات تي کيس ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته “ملڪ سنڌ جو شاعر شمس الدين بلبل، سخن جي آسمان تي سج هو. هڪ جهان ان جي ڪري ٽڙيو، ان جا سهڻا نغمان جهان ٻڌا”. شمس الدين بلبل پنهنجي حياتي ۾ هندن جي هڪ هٽي ڏسي مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙ ڪئي. بلبل پنهنجي حياتي دوران هندن پاران قرضن عيوض مسلمانن جون زمينون ڪورٽن جي ڊڪرين ذريعي ضبط ڪرڻ - ڦٻائڻ خلاف خانبهادر حسن علي آفندي سان گڏجي “دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ” پاس ڪرايو، جنهن جو فائدو نه صرف ان دور جي مسلمانن کي پيو، سندن ملڪيتون محفوظ رهيون، پر اڄ تائين ان قانون جو فائدو ماڻهن کي ملندو رهي ٿو، بلبل ان قانون پاس ڪرائڻ لاءِ پوني ۾ ويٺل ڪميشن لاءِ سڄي سنڌ جي زميندارن، آبادگارن تي قرض جا سڄي سنڌ جي ڪورٽن مان پاڻ نه رڳو تفصيل گڏ ڪيا پر تعلقه وائيز لسٽون تيار ڪري خان بهادر حسن علي آفندي سان گڏ پوني ۾ ويٺل ڪميشن ۾ شاهدي لاءِ به شريڪ ٿيو، بلبل جو ٻيو وڏو قومي اهميت جو ڪم “وقف علي الا ولاد قانون” پاس ڪرائڻ آهي، هن ان وقت بيريسٽر قائد اعظم محمد علي جناح کي قائل ڪري اهو قانون پاس ڪرايو، جنهن جو فائدو اڄ ڏينهن تائين ماڻهن کي ملندو رهي ٿو، ۽ ماڻهو پنهنجي اولاد، مائٽن کي ان قانون تحت ملڪتيون وقف ڪري ڏين ٿا، بلبل ان قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ لاءَ هڪ ڪتاب “حرز البياد شرح قانون وقف علي الاولاد” لکيو، جيڪو 1914ع ۾ شايع ٿيو.
اسان جي اها بدقسمتي آهي ته هٿ ٺوڪي تاريخ ۾ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڀومي جهرڪ بجاءَ ڪراچي لکي وڃي ٿي، ائين ئي جيڪو ٻٽو قومي نظريو علامه اقبال سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. دراصل هندستان ۾ ٻٽي قومي نظريي جو تصور سڀ کان پهريائين واضح نموني سان بيان ڪرڻ وارو به شمس الدين بلبل هو. بلبل مسلمانن جي جدا حقن بجاءِ الڳ رياست جي گهر ڪئي ۽ ان نظريي جي پرچار لاءِ هن هڪ ڪتاب “جامِ جم” لکيو جيڪو 1918ع ۾ ڇپيو. مسلمانن جي الڳ رياست جي گهر ۽ هندن جي مخالفت سبب مٿس ڪيس به داخل ٿيا. ان ڪيس ۾ بلبل جو وڪيل سر غلام حسين هدايت الله هو ۽ هندن جو وڪيل هرچند راءِ پارواڻي هيو. ان ڪيس ۾ ڪاميابي ۽ فتح بلبل جي ٿي. ان دور ۾ سڄي ملڪ ۾ مسلمانن مٺايون ورهايون هيون. جڏهن ته علامه اقبال گهڻو پوءِ اها ڳالهه 1930ع ۾ الهه آباد جي جلسي ۾ ڪئي ۽ ساڳي ڳالهه قائد اعظم محمد علي جناح 1940ع ۾ ورجائي. شمس الدين بلبل جي ادبي، صحافتي، قومي، سماجي خدمتن بابت سنڌ جي نامياري عالم، اديب، شاعر حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي سوانح حيات ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته “سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهل قلم رئيس شمس الدين بلبل جنهن جي شعر جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل هو. سندس قلم جو زور ضرب المثل هو. سندس قلم جون گلڪاريون آفتاب جي صفحن تي ڏسڻ جهڙيون هونديون هيون. ظرافت نگاري جو ته استاد هو. مرحوم کي مسلمانن جي پسته حالي جو سخت احساس هو. هو ملڪي سياست ۾ به چڱو بهرو وٺندو هو. شمس الدين بلبل اٽڪل 40 ڪتابن جو مصنف به هو. اٽڪل درجن اخبارن جو مدير ۽ ايڊيٽر ۽ رسالن جو ايڊيٽر به هو. صاحبِ ديوان شاعر به هو، تعليمي ماهر به هو ته تعليمي خدمتگار به ۽ قومي ۽ سماجي خدمتگار به هو. سنڌ جي هن قابل فخر عظيم انسان، عالم، اديب، شاعر، صحافي شمس الدين بلبل جي ڇپيل ڪتابن ۾ ڪلام بلبل، ديوان بلبل، جامِ جم، مزاحيات، مسلمان ۽ تعليم، قلندري ميلو، تيرهن ڄار مڪرن جا مار، بهار عشق، آئينه تجارت، مائيه ظرافت، جهٽ سوال پٽ جواب، حل تجربات يعني شمس اللغات، ظريف الدوله، گلزار لطائف، بخت بازي، ڪارو نيشن ڪپ، عقل ۽ تهذيب، قرض جا مرض ۽ ان جا علاج، صد پند سودمند، مسلمانان سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار، انگريز ۽ مسلمان، مسلمان ۽ تعليم، حرز البنياد شرح قانون ۽ وقف علي الاولاد، گنجينئه معرفت، ڪريما نيچرل، پليگي ڪريما ۽ نيچري مامقيما، رحيما سنڌي، بهارستان بلبل ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. سندس 20 کان وڌيڪ ڪتاب جهڙوڪ فارسي شاعريءَ جو ديوان، مدح سرور، گنج معرفت، شمس المڪتوب، احسن التواريخ يا عمدت التواريخ ۽ ٻيا اڻ ڇپيل ڪتاب موجود آهن.
بلبل پنهنجي دور جي نهايت اهم علمي، ادبي، سياسي شخصيت هو. سندس مان ۽ مرتبي جو اندازو خيرپور رياست جي وزير اعظم شيخ محمد ابراهيم، خانبهادر حسن علي آفندي، سنڌ جي ان دور جي ڪمشنر سر هينري لارينس، ان دور جي گورنر بمبئي، بئريسٽر سردار محمد ايوب، مشهور تعليمي خدمتگار سيد الهندو شاهه، وزير خيرپور رياست سردار شيخ صادق علي، ڪليڪٽر لارڪاڻو اي جي بولس ۽ ٻين جي 1910ع کان 1919ع تائين لکيل خطن مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
شمس الدين بلبل جو تعليم جي حوالي سان هڪ وڏو ڪارنامو ميهڙ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام جي نالي سان اسڪول قائم ڪرڻ آهي. بلبل 1904ع ۾ ميهڙ ۾ انجمن اتفاق اسلام نالي تنظيم قائم ڪري بعد ۾ 1906ع ۾ اسڪول جو بنياد رکيو، جيڪو بعد ۾ هاءِ اسڪول بڻيو. ان اسڪول لاءِ بلبل مرحوم 7 جريب زمين توڙي پهرئين بلڊنگ ۽ اسڪول جي موجوده بلڊنگ جي پيڙهه تائين اڏاوت بلبل مرحوم ڪرائي. هاءِ اسڪول جي موجوده بلڊنگ لاءِ چندو به رئيس شمس الدين بلبل گڏ ڪيو هو. ان اسڪول جيڪو هاڻي هاءِ اسڪول ون سڏجي ٿو ان ۾ 1906ع کان هن وقت تائين لکين ماڻهن سياسي، سماجي اڳواڻن، ايم.پي.ايز، ايم اين ايز، وزيرن عبدالوحيد ڪٽپر، ايم.ايڇ پنهور، عبدالحميد خان جتوئي، سيد حاجي علي اڪبر شاهه، لياقت علي جتوئي، اڳوڻو ڪمشنر خالد محمود سومرو، قاضي شفيق مهيسر، رفيق احمد مهيسر، ظفر علي لغاري، منور علي ٻٽ، قاضي اختر علي، م.ن. محزون ۽ ٻين وفاقي، صوبائي وزيرن ۽ ٻين بلبل جي قائم ڪيل اداري ۾ تعليم ورتي.
بلبل جي شخصيت، ادبي ۽ صحافتي خدمتن بابت مختلف وقتن تي سنڌ جي ناميارن، عالمن، اديبن، شاعرن، ڪيترائي مضمون مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف وقتن تي رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيا آهن، جن جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
- رئيس شمس الدين بلبل-پير علي محمد راشدي- اهي ڏينهن اهي شينهن 1980ع
- تحريڪ آزادي جا سنڌ ۾ آثار ۽ بلبل - پير الاهي بخش نئين زندگي سيپٽمبر 1965ع
- ٽي ٽيڙو ۽ ٻارنهن ڪتيون - قاضي جان محمد عارفي- نئين زندگي ڊسمبر 1957ع
- رئيس شمس الدين بلبل- مولانا غلام محمد گرامي- نئين زندگي آڪٽوبر 1965ع
- بلبل جي شاعري - مولانا غلام محمد گرامي- ڪلام بلبل 1966ع
- سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري - مولانا غلام محمد گرامي- مهراڻ 3-1963ع
- رئيس شمس الدين بلبل - سيد علي اڪبر شاهه- ٽه ماهي سنڌ
- رئيس شمس الدين بلبل - شيخ عبدالمجيد سنڌي- “الوحيد”-15 جون 1936ع
- سنڌ ۾ مزاحيه شاعري ۽ بلبل جو دور - حاجي خان بلوچ- ماهوار “هلال پاڪستان” 9 ڊسمبر 1957ع
- شمس الدين بلبل - مولانا دين محمد وفائي- “تذڪره مشاهير سنڌ”
- شمس الدين بلبل - پير حسام الدين راشدي- ڪتاب “هوڏو ٿي هو ڏينهن”
- حياتِ حڪيم - حڪيم فتح محمد سيوهاڻي- نئين زندگي، نومبر 1961ع
- شمس الدين بلبل - مخدوم طالب الموليٰ- ڪتاب “ياد رفتگان”
- شمس الدين بلبل - احمد خان آصف - ڪتاب “سڄڻ ۽ ساڻيهه”
- بلبل مرحوم جو اصلاحي ڪردار- ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ- نئين زندگي آڪتوبر 1965ع
- اخبار “آفتاب سنڌ” - مولائي شيدائي- نئين زندگي آڪتوبر 1965ع
- بلبل هڪ مفڪر جي حيثيت ۾ - حاجي محمود خادم- نئين زندگي آڪٽوبر 1965ع
- مرحوم حسن علي آفندي جو ساٿي - مولانا عبدالواحد سنڌي- نئين زندگي سيپٽمبر 1960ع
- سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري - شمشير الحيدري- نئين زندگي، آڪٽوبر 1964ع
- شمس الدين بلبل - شاهه محمد صوفي- نئين زندگي، آڪٽوبر 1965ع
- شمس الدين بلبل - ڊاڪٽر غلام علي الانا- سنڌي نثر جي تاريخ، 1977ع
- بلبل سنڌ - محمد بخش واصف- نئين زندگي، ڊسمبر 1995ع
- بلبل سنڌ - ڊاڪٽر ابراهيم خليل- “بلبل سنڌ” ڪتاب 1951ع
- ڪلامِ بلبل - ضياءُ الدين ايس. بلبل- ڪتاب ڪلامِ بلبل 1966ع جو مقدمه
- ديوانِ بلبل - ضياءُ الدين ايس. بلبل- ڪتاب ديوانِ بلبل 1969ع جو مقدمه
- تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڀاڱي ڀائيواري ۽ بلبل - احمد خان آصف- سه مائي مهراڻ 1،2، 1985ع
- شمس الدين بلبل - خان بهادر محمد صديق ميمڻ- ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ 2003ع
- شمس الدين بلبل - ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، 2002ع
- شمس الدين بلبل - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو- ڪتاب “سنڌي ادب جي مختصر تاريخ” 2006ع
- شمس الدين بلبل - ڊاڪٽر عابد لغاري- ڪتاب “سنڌ جي ادبي تاريخ”، 2003ع
- چراغ مان چراغ ٻريو - پروانو ڀٽي- ماهوار هلال پاڪستان، 1959ع
- رئيس شمس الدين بلبل - ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو- ڪتاب “سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ”، 1988ع
- مرحوم بلبل شاعرن جي نظر ۾ - الهداد ميراڻي- مهراڻ، 12 سيپٽمبر 1965ع
- سنڌ جا ٽي عالم ۽ اديب - مشتاق پٺاڻ نئين زندگي، 15 صدي هجري نمبر
- شمس الدين بلبل - پروفيسر اسحاق ابڙو، سه ماهي مهراڻ، 1،2، 1985ع
- شمس الدين بلبل - سنڌي ٽيون ڪتاب، 1966ع
- بلبل جو مشاهدو ۽ مطالعو - شعبان بخت- ڪتاب “سڄڻ ۽ ساڻيهه”
- شمس الدين بلبل ۽ همعصر - حافظ احسن چنا- نئين زندگي، آڪٽوبر 1965ع
- شمس الدين بلبل جا ادبي اوليات - حافظ بسمل ٽکڙائي- نئين زندگي، آڪٽوبر 1965ع
- شمس الدين بلبل - مشهور مزاح گو شاعر- احمد خان سيال- نئين زندگي، مئي 1953ع
- شمس الدين بلبل سنڌ جو حالي- احمد خان سيال- نئين زندگي آگسٽ 1953ع
- شمس الدين بلبل - م. ن محزون- نئين زندگي، سيپٽمبر 1969ع
- رئيس شمس الدين بلبل - آزاد انور ڪانڌڙو- نئين زندگي، آڪٽوبر 1990ع
- مرزا قليچ بيگ ۽ شمس الدين بلبل - آزاد انور ڪانڌڙو
- مرحوم شمس الدين بلبل - شيخ عبدالرزاق راز- نئين زندگي، ڊسمبر 1977ع
- شمس الدين - ڌڻي بخش مگسي- ڪتاب “دادو منهنجون يادون”، 2005ع
- شمس الدين بلبل - محمد امين مگسي- ڪتاب “جوڳيئڙا جهان ۾”، 1997ع
- ملڪ الشعراءُ شمس الدين بلبل - شمس ابن ضيا ابن بلبل
- شمس الدين بلبل- بلبل سنڌ - شمس ابن ضيا ابن بلبل، ڪتاب “سڄڻ ۽ ساڻيهه”
- اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي، آڪٽوبر 1981ع
- ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي، نومبر 1981ع
- ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي، ڊسمبر 1981ع
- ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي، مارچ 1982ع
- ديوان بلبل ۽ ان جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ - شمس ابن ضيا ابن بلبل نئين زندگي اپريل، 1982ع
- بلبل جي شاعري ۾ جمالياتي پهلو - آدم ٻٽ- نئين زندگي، نومبر 1995ع
شاعري:
- قصيدو سرآغا خان - نئين زندگي، فيبروري 1954ع
- باده ڪهن - نئين زندگي، مارچ، اپريل، مئي 1954ع
- دو آتشه - نئين زندگي جون 1955ع
- عدالت ۽ وطني مصنوعات جي تحريڪ - نئين زندگي، آڪٽوبر 1965ع
- چار چيز - نئين زندگي، مئي 1954ع
- اي جاني - مهراڻ
شمس الدين بلبل 13 سيپٽمبر 1919ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ميهڙ ۾ بلبل هائوس ڀرسان، بلبل پاران ٺهرايل مسجد (جيڪا اڄ به شينن جي مسجد سڏجي ٿي) جي آڳر ۾ آهي.
افسوس ته هن عظيم شخصيت بابت نصاب جي ٽئين درجي ۾ شامل سبق نصاب مان هاڻي غائب ڪيو ويو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شمس الدين بلبل بابت نصاب ۾ سبق ٻيهر شامل ڪري ميهڙ هاءِ اسڪول ون کي شمس الدين بلبل جي نالي منسوب ڪري سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب سنڌي ادبي بورد ۽ ثقافت کاتي پاران شايع ڪرايا وڃن.
رئيس شمس الدين”بلبل“
ظفرڪاظمي
1857ع... هن سن جو تصور ڪندي ... “انقلاب” جي تصوير سامهون اچي وڃي ٿي... انگريزن سان مغلن جو مقابلو... يا “هند ۽ سنڌ” جو پنهنجي بنيادي حقن لاءِ جهاد چئجي... انهيءَ انقلاب دوران ساڳي ئي سال هڪ انسان هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو ۽ انقلابيءَ جي صورت ۾ اديب جي حيثيت سان ۽ شاعر جي روپ ۾ سنڌي صحافت جو پيش رو، طنز و مزاح جي شاعريءَ جو باني بڻجي مشهور سياسي ۽ سماجي سڌارڪ ٿي نروار ٿيو، سو هو شمس الدين “بلبل”.
انقلاب جي انهيءَ وهڪري ۾ڪيتريون شخصيتون نروار ٿيون. ڪيتريون سياسي و سماجي تحريڪون اڀريون. انجمنون بڻيون. سڄي هند ۽ سنڌ جتي به انسان هئا، جتي به ايمان هو، اتان مختلف روين ۾، مختلف رستن کان مجاهدن پنهنجي تحريڪن کي تيز تر ڪرڻ شروع ڪيو.
هندوستان ۾ 1857ع ۾ سيد احمد بريلوي شهيد انگريزن جي خلاف تحريڪ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ مسلمانن ۾ جن جهاد پيدا ڪيو. انهيءَ تحريڪ سر سيد احمد خان کي جاڳائي هندوستان ۾ مسلمانن لاءِ علي ڳڙهه ۾ يونيورسٽي ٺاهي هند ۽ سنڌ جي مسلمانن کي هڪ نئين دور جي تعليم کان روشناس ڪرايو، جيئن هو اڳيان وڌي چالاڪ ۽ رهزن دشمنن کي منهن ڏئي سگهن.
سر سيد سان گڏ سندس دوست، شاعر، اديب ۽ صحافي مولانا الطاف حسين “حالي” به هو، جنهن اڳيان هلي “مسدس حالي” لکيو.
سر سيد، الطاف حسين “حالي” ۽ معزز مسلمانن هند ۽ سنڌ جي “نيشنل محمدن ايسوسيئيشن” قائم ڪئي. 1884ع ۾ سنڌ مان حسن علي آفنديءَ انهيءَ ايسوسيئيشن جو سرگرم رڪن هو. ان سر سيد جي نقش قدم تي هلندي 1885ع ۾ سنڌ جي ڪراچيءَ شهر ۾ سنڌ مدرسة الاسلام قائم ڪيو.
جهڙيءَ طرح “حالي” سيد جو ساٿي هو اهڙيءَ طرح حسن علي آفندي جو ساٿي مولانا الهه بخش“اٻوجهو” هو.. جهڙيءَ طرح الطاف حسين “حالي”، “مسدس حالي” لکيو اهڙيءَ طرح “اٻوجهي”، “مسدس اٻوجهو” لکيو ۽ سنڌين جي پنهنجي علمي ذوق ۽ لياقت سان وقت آهر خدمت ڪئي.
1885ع ۾ “ڪانگريس” جو به وجود پيو. ڪانگريس ۾ هندو ۽ مسلمان سڀ گڏ هئا... 1898ع ۾ سر سيد احمد خان فوت ٿي ويو، جو مسلمانن جو ڪانگريس ۾ سرگرم ڪارڪن هو. هندن مسلمانن سان ڪانگريس ۾ گڏ هوندي به مسلمانن جي مفادن کي مسلسل نظرانداز پئي ڪيو ۽ پنهنجي مطلب پرستيءَ کي اڳيان پئي رکيو. انهيءَ ماحول کان متاثر ٿي شمس الدين “بلبل” سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي قلم سان سجاڳ ڪرڻ شروع ڪيو.
1889ع ۾ حسن علي آفنديءَ جي دعوت تي شمس الدين “بلبل” ڪراچيءَ مان پهرين سنڌي مخزن “المعاون” جاري ڪئي.... جنهن ۾ سنڌ جي برک اديبن ۽ شاعرن جون لکڻيون شامل هونديون هيون. “بلبل” جي خداداد شخصيت هندن جي مسلمانن سان غلط روش ۽ انگريزن جي ڊپلوميسي، جنهن کي منافقت چئجي ته غلط نه ٿيندو، تن کان عاجز ٿي پنهنجي صلاحيتن کي بيدار ڪري چڪي هئي، هن هندن ۽ انگريزن خلاف لکڻ شروع ڪيو، بلبل سکر مان وري “آفتاب” نالي اخبار شروع ڪئي ۽ حق جو نعرو بلند ڪري ڏنو ۽ مسلمانن جي لاءِ جدا ملڪ جو خيال رکي جدوجهد شروع ڪئي ۽ پنهنجي معاصرين، ۽ پنهنجي قوم جي علمي، ادبي، تعليمي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي ڪمن ۾ پنهنجي شعور سان پوري پوري مدد ڪئي ۽ سنڌجي مسلمانن کي پنهنجي اصليت ڏانهن واپس آڻڻ ۽ پنهنجي ورثي کي پاڻ سنڀالڻ ۽ غلاميءَ جي ڳٽ مان آزاد ٿيڻ لاءِ منجهن ذهني انقلاب آندو.
شمس الدين “بلبل” جو نظريو، جو اسانجي سامهون آهي، سو انهيءَوقت جي تعليمي ۽ تهذيبي ماحول جو عڪس، تصوير ۽ رد- عمل آهي. انهيءَ وقت اردو جا مشهور اديب، شاعر، مولانا شبلي ۽ اڪبر الهه آبادي، جي سر سيد جي سرگرم ساٿين مان هئا، تن به جدت پسند سرگرمين جي مخالفت ڪئي، مولانا حالي موافقت ڪئي.
سنڌ ۾ حسن علي آفندي ۽ مولانا الله بخش “اٻوجهو” مخالفت ڪئي پر صرف شمس الدين “بلبل” شبليءَ ۽ اڪبر الهه آباديءَ جي موقف جي تائيد ڪئي ۽ آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ پنهنجي زوردار ۽ پرجوش تقريرن ذريعي پنهنجي موقف کي مڃرايو، جنهن کي سڀني ساراهيو. سندس اهي تقريرون ۽ تجويزون سندس ڪتاب “مسلمان ۽ تعليم” ۾ موجود آهن، ڪانفرنس جي ريڪارڊ ٿيل ڪاررواين ۾ پڻ ڄاڻايل آهن. انگريزن جي مشينرين جي تبليغن کان “بلبل” غافل نه هو، طنز و مزاح سان نقالن، چمچن ۽ ٽوڊين تي تنقيد ڪندو رهيو ۽ مشنريز پادرين کي به منهن ڏيندو رهيو. ڪيئي ڀيرا مسيحي پادرين سان روبرو مناظرا به ڪندو رهيو. انهيءَ جدوجهد بابت “آفتاب” ۾ ڪيئي مضمون پڻ لکيائين.
“ڪلهه مارڪيٽ جي چوسول تي سفيد جبي پاتل شيطان ابن شيطان کي وعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو. افسوس، مون وٽ دمشق جي خمدار ترار ڪانه هئي، جو هن جي سسي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسيءَ وانگر ڌڙ کان ڌار ڪري “ايوبي سنت” کي تازو ڪريان ها!”
مولائي شيدائي لکي ٿو:
“عيسائي پادرين لاءِ “آفتاب” ويل ٻاري ڏنو. اڃا ٻه هفتا اخبار کي شايع ٿيندي مس گذريا ته مسلمان وعظ ڪندڙ پادرين کي کليو کلايو گاريون ڏيڻ لڳا. ڪن مسلمانن کي فوجدار هرداس مل فوجداري تي گهرائي دٻائڻ لڳو، “بلبل سنڌ” کي خبر پئي ته آفتاب جي ڪالم ۾ فوجدار جي اهڙي لاک لاٿائين جو ٻاهر نڪرندو هو ته وردي وارو سپاهي ساڻ کڻندو هو.” (روزانه “مهراڻ” 62ع).
ان متعلق مرحوم بلبل مزاحيه ڪالم ۾ هن طرح لکيو:
“مسلمانو! ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهايو. توهان کي خبر هجي ته تعليم پرائڻ سان اوهان جا ٻار گورنر ۽ ڪمشنر بنجي ويندا. هڪڙو واڻيو گهورڙئو، گڏهه تي ڪوهرن جو ڪنو رکي ڪوهر وڪڻندو هو. پٽ کي اسڪول ۾ داخل ڪيائين، جو پڙهي فوجدار ٿيو، پر سندس واڻڪي عادت جيڪا کيس پتا ٽوپڻداس کان ورثي ۾ ملي هئي سا پٽيءَ مٽجي نه سگهي، سياڻن سچ چيو آهي:
“گڏهه گهوڙو نه ٿئي، جي سونا وجهينس سنج،
توڙي پاٽيون وجهنيس پنج، ته به ڊوڙيو وڃي گند تي”.
(روزانه “مهراڻ” ساليانه نمبر 62ع).
بلبل جا الفاظ تيرن وانگي انگريزن جي تبليغ ڪندڙ مسيحي پادرين کي چڀڻ لڳا، اها تلخ ڪلامي اگرچه ناگوار آهي، پر اسلام دشمن جهڙي طرح اسلام ۽ بانيء اسلام تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا هئا، تڏهن بلبل جي اها روش جوابي طور مناسب ۽ صحيح هئي، جنهن ڪري سکر مان انگريزي پادرين جا پرچار ڪندڙ پادري ائين گم ٿي ويا جيئن گڏهه مٿان سڱ.
“بلبل” جو ڪلام خدائي ڏات تي مبني آهي. سندس شاعري ٽن قسمن جي هئي: عشقيه، طنزيه ۽ اصلاحي، پر جائزو وٺبو ته ڏسبو ته عشقيه گهٽ ۽ طنز ۽ اصلاح گهڻائيءَ تي نظر ايندي.
انسان سان “عشق” جو جز ضروري آهي، عشق جو جذبو زندگي بگاڙي به ۽ بنائي به. “طنز” ڏنڀ آهي جا گمراهه کي سجاڳ ڪري ٿي. “اصلاح” روشني آهي جا انسان کي منزلِ مقصود تي پهچائي ٿي ۽ زندگيءَ جو اولين مقصد حاصل ڪرائي ٿي.
“بلبل” انگريزن جي وڌندڙ اقتدار ۽ اثر کي پرکي ورتو هو. انهيءَ ڪري ڪيترا انگريز پسند آفيسر، تعليمي ڪارڪن ۽ خود انگريز عملدار سندس نقطئه نگاهه کان شرمسار ٿيندا هئا...
آخر ڪيئن هو هن قسم جي طنز پسند ڪندا:
آهي نئين تعليم گڙٻڙ در جهان انداخته
حرڪتون شيطاني آڻي در جهان انداخته
عمر ساري علم انگريزيءَ ۾ پوري ڪري
اڄ هنر ۽ ڪسب کي گهر ۾ نهان انداخته
يا
گرچه ڪارو منهن اٿم ته به ڪاڻ نانهه
ٽوپلو پائي، حماقت ٿو گهران
عقل ۾ آڻي شريعت کي تمام
دين ايمان پنهنجو غارت ٿو گهران
ڀل مرتد هي چون ملان مگر
مان ته انگريزن ۾ عزت ٿو گهران
پائي چشمو چست چاڙهي سوٽ بوٽ
مثل صاحب لوگ صورت ٿو گهران.
سنڌي صحافت جو باني- سنڌي صحافت جو محسن رئيس شمس الدين بلبل
تحرير: محمد اسحاق شيخ-ميهڙ
جيڪڏهن سنڌ جي نقشي تي نظر وجهبي ته ادبي لحاظ کان دادو ضلعو مٿانهون نظر ايندو. جنهن جي علائقي ميهڙ جي سرزمين وقت بوقت ڪيترائي عالم، فاضل، اديب، مفڪر ۽ معلم پيدا ڪيا آهن، جن تي واديء مهراڻ کي هميشه ناز رهيو آهي، ان مان بلبل مرحوم جو نالو سرفهرست آهي. ان جي مڪمل شخصيت قدرت جي عنايتن جو هڪ حسين مجموعو ۽ نادر ۽ نه ملندڙ مثال وانگر آهي. بلبل هڪ عظيم مفڪر، محبِ وطن ۽ دور انديش مصلح کانسواءِ هڪ صاحب طرز اهل قلم به هيو، شعر و سخن ۾ اعليٰ قسم جي طنزيه مزاح نگاري، ظرافت، نفيس بذله سنجي ۽ تعريضي اسلوب بيان، جنهن جو مقصد قومي اصلاح هجي، ان جو طره امتياز هيو. قلم جي زور سان گڏ زورِ بيان يعني تحرير ۽ تقرير ٻنهي ۾ يگانو هيو. قومي همدردي سان گڏوگڏ جرئت رندانه ۽ جذبه ايماني به رکندو هيو. دانش ۽ بصيرت سان گڏوگڏ سياست ۽ صحافت جو به شهسوار رهيو.
دنيا جي معاملات سان گڏ ديني حڪمن جي بجا آوري ۾ به مستعد ۽ پيش پيش هيو. وسيع مطالعي سان گڏوگڏ عظيم مشاهدي جو مالڪ پڻ هيو. پروقار ۽ پرڪشش صورت ۽ جاذب نظر شخصيت سان گڏ پاڪيزه سيرت بلبل مرحوم جي خاصيت هئي، جيڪا قدرت ان کي نهايت فياضي سان عطا ڪئي هئي، هو هر محفل جو مور هوندو هيو. دوست احباب هر وقت ان کي ڏسڻ لاءِ مشتاق ۽ ٻڌڻ لاءِ بيتاب نظر ايندا هيا.
سنڌ جي جن اهل قلم مفڪرن ان کي سنڌ جو سعدي، حالي، ۽ اڪبر الهه آبادي ڪوٺيو آهي، تن ۾ پير الاهي بخش، سيد حاجي علي اڪبر شاهه، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر وفا راشدي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مولانا غلام محمد گرامي، ڪريم بخش خالد، حافظ محمد احسن چنا، محمد نواز محزون، مشتاق احمد پٺاڻ، حاجي خان بلوچ، ماسٽر جمعه خان غريب، احمد خان ايم سيال، قاضي ميان جان محمد عارفي ۽ ليلا رام ديوان داس (احمدآباد، هندستان) جا نالا قابل ذڪر آهن.
پير الاهي بخش سابق وزير اعليٰ سنڌ لکي ٿو ته:
جهڙي طرح سر سيد جي ساٿي مولانا حالي مسدس لکي مسلمانن کي انهن جي ڪوتاهين جو احساس ڏياريو، اهڙيءَ طرح حسن علي آفندي جي ساٿي رئيس شمس الدين بلبل “رحيما لطيف” لکي سنڌ جي مسلمانن کي بيدار ڪيو.
(تحريڪ آزاديءَ جا سنڌ ۾ آثار“روزانه اخبار “مهراڻ”، سالگره نمبر تاريخ 5 جنوري 1962ع)
سنڌجي جليل القدر عالم، مقرر، مسلم ليگ جي سرگرم رهنما، سنڌ اسيمبلي جو سابق رڪن ۽ پارلياماني سيڪريٽري، جامع عربيه ۽ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جو باني مرحوم حاجي علي اڪبر شاهه لکي ٿو:
“جهڙي طرح مرحوم اڪبر الهه آبادي پنهنجي شعرن ۽ ظرافت سان قوم جي اصلاح مدنظر رکي بلڪل اهڙي طرح هن به ظريفانه نموني ۾ قوم جي اصلاح ڪئي، جو وڏا اهل دماغ به ان جي قابليت کي داد ڏيڻ تي مجبور ٿيا، سنڌ جي سڀني قومي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ اڪابرين ملت بلبل جي شرڪت ضروري سمجهندا هئا.”
(رئيس شمس الدين بلبل سنڌ، ماهوار علمي دنيا ڪراچي اپريل 1930ع)
سنڌ جو مايه ناز اهل قلم ۽ تاريخدان مرحوم پير حسام الدين راشدي رقم طراز آهي ته: “اڪبر الهه آبادي جو رنگ سڀ کان پهريائين شمس الدين بلبل اختيار ڪيو ۽ طنزيه شاعري جو بي مثال نمونو پيش ڪيو، جو اڄ تائين سنڌ ان جو ثاني پيدا نه ڪري سگهي آهي”.
(“سنڌي ادب اردو”) اداره مطبوعات پاڪستان پمفليٽ نمبر 6 مطبوعه 1953ع)
سنڌ جو بلند پايه اديب، صاحب طرز، اهل قلم، عظيم صحافي، ڪالم نگار، مورخ و سياستدان پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته:
“صحافت ۽ ادب ۾ رئيس شمس الدين بلبل يگانو روزگار هو، هو پنهنجي علمي ڪمالن سان ذهني انقلاب آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن انقلاب جي قيادت به ان خود ڪئي، الغرض بلبل سنڌ جو بلبل هو. بلبل سنڌ جي صحافت جو باني، سنڌي زبان جو محسن ۽ سنڌي تهذيب ُ تمدن جو رکوالو هو. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ غفلت جي خواب مان بيدار ٿي بلبل جي احسانن جو قرض اهڙي طرح لاهيندي جو شهر ميهڙ جو نالو بدلائي ان کي “بلبل نگر” يا بلبل ديرو سڏيو ويندو.
(“رئيس شمس الدين بلبل“ اهي ڏينهن اهي شينهن” پير علي محمد شاهه راشدي). آخر هي سنڌي ادب جو روشن ستارو 13 سيپٽمبر 1919ع تي سنڌ جي افق تان لهي ويو. سندس مزار مبارڪ “بلبل بنگلي” ويجهو سندس تعمير ڪرايل مسجد جي احاطي ۾ ٺهيل آهي.
مرحوم شمس الدين”بلبل“
شيخ عبدالرزاق راز
شمس الدين بلبل اوائلي دور جي مشهور ۽ معروف غزل گو شاعرن سانگي، حامد ۽ گدا وغيره جو همعصر هو. سندس غزل ۾ تغزل گهٽ آهي پر منجهس ثقافتي قدرن جي پائمالي جو ذڪر وڌيڪ آهي. سندس غزل ۾ داخليت گهٽ ۽ خارجيت وڌيڪ نظر اچي ٿي. ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هن غزل جي صنف ۾ عشق کي فروعي ۽ ثانوي حيثيت ڏني آهي ۽ سندس زور بنيادي طور معاشري جي مختلف رجحانن تي مشتمل رهيو آهي. هن جو انداز نئون ۽ انوکو آهي، تنهنڪري سندس حيثيت غزل گو شاعرن ۾ منفرد آهي جو هن غزل جي رسمي رواج کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مون سندس ديوان ۾ ڪنهن به وقت حسن جي حڪايت جو ڪو ڀرپور انداز محسوس نه ڪيو آهي. اهو به درست آهي ته سندس دور جي شاعرن يا ان کان اڳ هر ڪنهن پنهنجي ذاتي طبع جي پيش نظر غزل جي خاڪي کي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ غزل جي مضمون لاءِ ڪو طريقو وضع نه ڪيو آهي. ڪنهن پندو نصائح کي غزل جو نج مضمون بڻايو آهي ۽ ڪنهن خالص اخلاقي قدرن جي اپٽار ڪئي آهي، پرلکيو سڀني غزل آهي ۽ غزل جي بنيادي اصولن جي پابندي نه ڪئي ويئي آهي ۽ ان مان ظاهر آهي ته انهن جي آڏو غزل جي ڪا واضح صورت ڪانه هئي، بلبل به ان دور جو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعري لاءِ هڪ جدا جاءِ جوڙي جا روايت کان مختلف، انوکي ۽ نرالي آهي.
سنڌي هڪ عوامي زبان جي حيثيت سان هزارن سالن کان رائج رهي آهي. انهيءَ زبان کي سنڌ جي صوفي درويشن پنهنجي تعليمات ۽ تعينعات جي اظهار جو ذريعو بڻائي کيس وقتاً فوقتاً مائيدار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري سنڌي زبان سندن مقصد ۽ منصب بڻجي پيئي، جن جي تعليم ۽ تبليغ جي طفيل سنڌ جي عوام هڪ روشني جي قنديل ڏٺي ۽ سنڌي شاعري ٻولي کي وڌيڪ جاذب ۽ موثر بڻايو. اسان جي اهڙي شاعري جون جڙون پنهنجي ئي ملڪ ۾ کتل آهن.
غزل جي شاعري هڪ فني ۽ روايتي شاعري آهي ۽ فن جي اعتبار کان عروضي شاعري آهي ۽ مضمون جي خيال کان روايتي عشقيه شاعري آهي. اهڙي شاعري جون جڙون فارسيت جي ميدان ۾ کتل آهن. سنڌي شاعرن اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري اهڙي شاعري جو تجربو ڪيو. مضمون جي لحاظ کان تصوف جي مقصديت پڻ فارسي شاعري جي پيداوار آهي، جنهن کي اسان جي اوائلي ڪلاسيڪي شاعرن من و عن قبول ڪيو آهي، پر فن جي اعتبار کان انهن درويشن برصغيرجي هندي ٽيڪنڪ کي پسند ڪيو آهي، شايد اها ٽيڪنڪ مضمون سان وڌيڪ مفاهمت ۽ يگانگت رکي سگهي ٿي. بيت ۾ دوهو برصغيرجي هندي زبان جي پيداوار آهي.
بلبل پنهنجي دور جي شاعرن وانگر پنهنجي مضمون کي غزل جو جامو پهرايو آهي. غزل فن جي اعتبار کان شاعري جي هڪ صورت آهي ۽ شاعري جي فن جو شمار فنون لطيفه ۾ ٿئي ٿو. هر ثقافت پنهنجي معاشري ۽ ماحول ۾ زبان کي فروغ بخشيندي آهي ۽ ساڳئي طرح هوءَ پنهنجي فن جي ترقي لاءِ ڪوشان رهندي آهي. هر ثقافت کي پنهنجو پنهنجو فن ٿيندو آهي. فن جي گوشي کان سواءِ ثقافت جو وڻ نستو ۽ ڦڪو لڳي ٿو. هر ثقافت پنهنجي فن کي موثر ۽ واضح بنائيندي آهي. فن جو تنزل ثقافت جو زوال آهي ۽ ثقافت جو زوال قوم جي بربادي جي مثال آهي، غزل جي صنف گذريل صديءَ جي پيداوار آهي ۽ هڪ فن جي صورت ۾ اسان سان روشناس ٿي آهي، جنهن کي ان صديءَ جي اوائلي دور جي ذهن قبول ڪيو آهي. موجوده صديءَ ۾ پڻ ان حيثيت سنڌي ادب ۾ هڪ موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. فن جيتوڻيڪ مذهب نه آهي پر هو قدرن ۽ رجحانن کي مقرر ۽ معين ڪندو آهي جنهن ۾ تبديلي جو امڪان هوندو آهي. بلبل جو فن ڪجهه اهڙي نموني جو آهي، هن غزل کي اظهار جو ذريعو بنايو آهي ۽ کانئس هڪ وڏو ثقافتي ڪم ورتو آهي. هن اهڙا موضوع هٿ ڪيا جن ماحول کي بدلائڻ لاءِ سندس مدد ڪئي. ماحول کي بدلائڻ وارو شاعر صدين کانپوءِ پيدا ٿيندو آهي.
عام طرح ائين ڏٺو ويو آهي ته محڪوم حاڪم جو غلام بڻجي آقا جي پيروي ڪندو آهي. سنڌ ۾ فرنگي تسلط قائم ٿي چڪو هو. غلامي جو طوق، ڏينهن پڄاڻان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو هو. حساس طبع انسان وڌيڪ پريشان هو. قوم جو اتحاد ٽٽي پيو هو. قوم پنهنجي عاقبت جو خير انگريزن جي اجهي هيٺ ڏٺو، بلبل انهن سڀني حقيقتن کي غور سان جاچيو هو ۽ سندس آهه قوم لاءِ هڪ طنز بڻجي پيئي. قوم جڏهن پنهنجي ثقافت کان منهن موڙي انگريزي تهذيب ڏانهن مائل ٿيڻ لڳي هئي.
سک ناچ، راڳ تن جو، پڻ بينڊ باجو بلڪل،
پوءِ خوب بڻجي بابو پيو بينڊ به وڄائج،
پنهنجا عزيز اقرب بيگانا ڄاڻ احمق،
سرمست سرخرو ٿي، صاحب سدا سڏائج.
پنهنجن جا اهڙا حال ڏسي بلبل غزل کان پنهنجي مرضي ۽ مقصد موجب ڪم ورتو آهي، غزل جي بنيادي اصول کي ختم ڪري ڇڏيو اٿس. هن معاشري جي رجحان تي حقارت جي نظر اڇلائي سنڌي شاعري ۾ طنزيه انداز کي واضح ڪيو آهي. غزل ۾ شاعر محبوب سان مخاطب ٿيندو آهي، پر بلبل جو خطاب پنهنجي معاشري سان آهي. جتي صاحب ۽ بابو سڏائڻ فخر جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، پر بلبل ان کي معاشري لاءِ سم قاتل سمجهيو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي رسمون اسان جي اصولن جي ابتڙ آهن، سنڌ جي مزاحيه شاعري تي بلبل جو اڻ مٽجندڙ ٺپو لڳل آهي.
بلبل پنهنجي محسوسات کي غزل جي ذريعي ظاهر ڪيو آهي، تنهنڪري غزل جي صنف انساني تخيلات جي اظهار جو ذريعو بڻجي اسان جي سامهون آهن. سندس مزاح ۾ هڪ وڏي چٿر لڪل رهي ٿي. ٻڌڻ سان ته هڪ رواجي ڳالهه ٻڌي ماڻهو مذاق سمجهي ان جي ماهيت ۽ افاديت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن ان تي ويچار ڪجي ته معاشري جي ناسورن جي خبر پوندي، ڄڻ پنهنجي ثقافتي ورثي جو جنازو نڪري ويوآهي.
چمچا ڪانٽا کٽ پٽ کڙ کڙ، چيمبر ۾ چيئرس جي چرپر،
شاش ڪرڻ ۾ بيٺڙ شر شر، تاڪ ڌنا ڌن تاڪ ڌنا
بلبل جي ڪلام جو وڏو حصو مزاحيه تنقيد سان ڀريل آهي. تغزل جي اعتبار کان بلبل جو غزل سست نظر اچي ٿو. منجهس ڪنهن به قسم جي ڀرپور شعريت نٿي ملي. بلبل معاشري جي ناسورن کي غزل جي قالب ۾ سموهي منجهس هڪ انفرادي رنگ پيدا ڪيو آهي. حالات پٽاندربلبل عشق جي به هڪ عجيب اپٽار ڪئي آهي. عشق تي بلبل هڪ طنزيه نظر اڇلائي آهي:
ٿي زر جي زور بازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه،
ڪر موج، روز تازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه
جنهن شاعر عشق کي هڪ وڪائو چيز تصور ڪيو آهي، اهو شاعر عشق متعلق گهرو تاثر قائم نٿو ڪري سگهي، پر هو فرضي عاشق بنجڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي، تنهنڪري بلبل جو عشق فرضي ۽ سطحي آهي.
هو نه عاشق هو نه رند، هو نه صوفي هو، انهن سڀني وصفن کان مٿي هڪ شاعر هو، جنهن کي پنهنجي معاشري جي پامالي جو درد هو، هو ماڻهن جو همدرد ۽ قوم جو مصلح هو. اهڙو اعزاز سنڌ ۾ ٿورن کي نصيب ٿيو آهي. هن عاشق ۽ معشوق تي طنز ڪري غزل جي سموري رسمي ڪائنات کي ڊاهي ڇڏيو آهي. سندس غزل حسن جي لوازمات تي هڪ وڏي چٿر آهي. ان غزل جو مطلع پيش ڪريان ٿو.
جو ويڙهيا وار اڄ ڄڻ مشڪ ٿيو تاتار تهه تهه تهه،
دلالن دل سندو وڻجو، اهو واپار وهه وهه وهه
وارن، مشڪ ۽ تاتار جهڙن لفظن تي غور ڪجي ته شاعر ڪهڙي تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. غزل جي شاعرن جيڪي اصطلاح ۽ تشبيهون گهڙيون آهن سي غزل ۾ حسن کي وڌائڻ لاءِ آهن.
سنڌ جا ٽي عالم ۽ اديب
خانبهادر حسن علي آفندي
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ
رئيس شمس الدين بلبل
رئيس شمس الدين”بلبل“
جديد ساهت ۾ مذاق
تحرير: ديوان ليلا رام ڏيونداس رچنداني (انڊيا)
ميرن جي صاحبيءَ کي انگريزن ختم ڪيو ۽ سن 1853ع ۾سنڌي ٻوليءَ لاءِ هاڻوڪي لپي ٺهي. سرڪار طرفان پڻ ٻوليءَ کي اوج ڏيڻ لاءِ ساهت جي سرجڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. اڌ صديءَ اندر ئي سوين ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيا، جي ساهت جي جدا جدا شاخن تي هئا. ان عرصي ۾ سرڪاري اداري کانسواءِ ڪجهه سنڌي تاجر ۽ ڪتب فروش به ميدان ۾ آيا ۽ انهن سنڌي ساهت کي تمام گهڻي مدد ڪئي. انهن مان ٻه مشهور هئا سکر جو هريسنگهه ڊنگومل پينشنر ۽ ٻيو شڪارپور جو پوڪرداس ٿانورداس. هريسنگهه سن 1892ع ۾ ئي سنڌي ڪافين جا ٻارهن حصا، سنڌي ڏوهيڙا، عنايت چوڌري جو ديوان، قليچ بيگ جو ناٽڪ شڪنتلا وغيره ڇپايا. سن 1902ع ۾ هن جي طرفان ڇپايل سچل سائين جي رسالي جي پهرئين باب جي پٺ ۾ ڪتابن جي جيڪا فهرست ڏنل آهي، اها ئي هڪ وڏو ثبوت آهي ته ان عرصي تائين سوين ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا هئا. ان ئي فهرست ۾ ڪن مذاقي ڪتابن جا نالا آهن ۽ ان عرصي ۾ نظمي چاهي نثري روپ ۾ چڱوئي سرجيو ويو هو. اهي ڪتاب اجهو هي آهن.
(1) دلپسند لطيفن جا ٽي جلد (2) ڏاهرين جا ڪل 48 نقل (3) بيربل نامو (4) ملادو پيازو ۽ اڪبر بادشاهه (5) سرائي جاجڪ جا لطيفا (6) موالين جا نقل (7) قصو دائي ڪوري جو (8) نقل آفيم چور ۽ چڱو مڙس (9) دل جي وندر، ڀائرن جي مٽ سٽ (10) ايسپ جون آکاڻيون (11) ڏنگي جوءِ کي سڌو ڪرڻ، انهن مان ڏنگي جوءِ کي سڌو ڪرڻ ۽ دل جي وندر وارا ڪتاب مذاقي اڀياس آهن. ضرور پوڪرداس وارن ۽ ڪن ٻين پڻ ظريفاڻي قسم جو ساهت ڇپائي پڌرو ڪيو هوندو. نظم ۾ مذاقي ساهت جو حصو به گهڻو ئي نڪتو ۽ ان لاءِجس ٻن مکيه شاعرن کي ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي. هڪ آهي شمس الدين “بلبل” ۽ ٻيو آهي مرزا قليچ بيگ ٻنهي ڄڻن نظم کانسواءِ نثر ۾ به مذاقي ساهت سرجيو آهي.
جي شمس الدين “بلبل” کي جديد مذاقي ساهت جو باني سڏجي ته اهو غلط نه ٿيندو. جهڙيءَ طرح اڪبر الهه آبادي اردو شاعريءَ ۾ مذاقي شعر جو بنياد وجهندڙ سڏيو ويندو آهي، اهڙو وڙ بلبل پڻ سنڌيءَ سان ڪيو آهي ۽ هن جو چيل شعر ڪنهن به حالت ۾ اڪبر جي چيل شعر کان گهٽ ڪونهي. بلبل ته هڪ اخبار “آفتاب” ۾ به مذاقي ليک لکيا جن ذريعي هن وقت جي عملدارن، ڌرم جي ٺيڪيدارن ۽ نقلي اڳواڻن جي ڇنڇري خوب لاٿي آهي. مذاق جي اها شاخ ئي نه آهي جنهن کي هن هٿ نه لاتو آهي.
نثر ۾ “آفتاب” اخبار ۾ ليک لکڻ کانسواءِ، هن جون ٽي ننڍيون چوپڙيون پڻ ڇپيل آهن: اهي آهن (1) قلندر جو ميلو (2) تيرهن ڄار، مڪرن جا مار (3) جام جم ۽ ٿيا سافي نيچري. پهرئين ۾ قلندر شهباز جي ميلي جو ذڪر نهايت ئي مذاقيه رنگ ۾ ڪيو اٿس، اهڙيءَ طرح جو طعنو هوندي به ڪنهن کي دل ۾ نه ٿئي.ٻئي ۾ ان وقت جي تيرهن بتن سان ٽڪر کاڌو اٿس ۽ قوم کي ذهني غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين. ٽئين ۾ هن انگريز پرستيءَ جي کل لاٿي آهي. “قلندر جي ميلي” واريءَ ڪتابڙيءَ مان ڪجهه ٽڪر اجهو هي آهن جو مذاق (Humour) جو ئي نمونو آهي.
ميلي ۾ اچن ٿا “پير فقير، امير نواب، چڱا مَٺا، ذڙا زميندار، چور چڪار، ڪڙا ڪامدار، رئيس سردار، بازيگر رانديگر، جوڳي ٺوڳي، دلبائي دل، لنگها ڏوم، ڀٽ دلال، کدڙا پانڊي، ڪڃريون قوال، ٽاٽر ٽوٽر، آڪڙباز، ڳنڍيڇور، جوا ساز، مطلب ته هر جنس، هر حيوان، هر ساز هر باز، هر حسين، هر ناز.”
“هڪ مڪان ته سو مهمان، هڪ وڻ ته اسي انسان وسلا ڪڇ ۾، خانه بدوش، هڪ چارپائي ته پنج ڀائي، چٽائي بمنزل چار پائي، سا به وڇائي ته سو لتن هيٺ آئي. نانوائي ته خرچ کپاءِ جي وائي، ٽڪي ۾ دُڪي جو ڦلڪو، ويهي کاءُ ته به نه لهي الڪو، جي ٻوڙ ته مرچن جو جوڙ، چرٻي جو چوڙ، ڪت خلق ڪتل ۾ متل، پينو پنبو گپ ۾ گتل.”
بلبل 1857ع ۾ ڄائو، جڏهن ڀارت جي آزاديءَ لاءِ پهريون بلوو ٿيو. انگريزن ترت ان کي دٻائي ڇڏيو. پوءِ ڪيترائي ٽوڊي پيدا ٿيا جن انگريزي سلطنت کي مضبوط رکڻ لاءِ انگريزن کي مدد ڪئي. بلبل اهڙن انگريز پرست لوڪن جي پرزور مخالفت ڪئي. هن مغرب جي انڌي نقل، چال ڍال جي پوري چمڙي لاٿي آهي. هن لاءِ مشهور آهي ته هن نڪته چيني اهڙي ته مذاقيه ڍنگ سان ڪئي آهي جو پڙهندڙ پهرين ته کلي ڏيندو پر جڏهن غورڪندو ته هلڪو نشتر دل ۾ چڀندو محسوس ڪندو. غلام محمد گراميءَ ۽ ٻين صاحبن جي راءِ موحب ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مذاقيه واري فن کي پوريءَ طرح نباهڻ وارو شخص بلبل کان پوءِ اڃا پيدا نه ٿيو آهي. انهن اڪبر الهه آباديءَ ۽ بلبل جي فن ۾ فرق به ڏٺو آهي. جتي اڪبر پنهنجي تنقيد ڪري دشمن پيدا ڪيا، اتي بلبل جي ظريفاڻي ڪلام سندس لاءِ ڪوبه حاسد يا وروڌي پيدا نه ڪيو. هن جو طريقه ڪار بلڪل نرالو هو. ڪن وري هن کي سنڌ جو حالي سڏيو آهي، پر هو حاليءَ کان به گهڻو اڳرو هو.
جيڪي سنڌي پڙهي نوڪري هٿ ڪندا هئا ۽ انگريزي عملدارن جي “جي حضوريءَ” ۾ پنهنجو فخر سمجهندا هئا، انهن لاءِ هن اجهو هيئن تکي طنز ڪئي آهي:
سنڌيدان جاهل سيه رو ۽ سخت،
نجس، نا اهل، نا خرد، خفته بخت،
سنڌيدان اڊيٽ، سنڌيدان فول،
رڳا جانور، جهنگلي ۽جهول،
سنڌيدان جي ڪهڙي آ دسترس،
سنڌيدان جو مان “گو ڊئم” بس.
“جي پڙهن، پر ڪڏهن نه ڪڙهن” تن لاءِ هن چيو آهي ته:
پڙهيا سي ته ڇا سڀ اجايا اکر،
لچائي، ٺڳي، ٺاٺ، ڪوڙ ۽ مڪر.
انگريزي فيشن جو نقل وڌي ويو هو. هرڪو “صاحب” ٿيڻ جي فڪر ۾ رهندو هو. اهڙن شخصن جو نقش بلبل هن ريت چٽيو آهي:
گلا بند، ڪالر، لڪڙ هاف بوٽ،
گهڙي، ڪوٽ، پتلون، چشما، چروٽ،
صفا سر، ته ڏاڙهي چپڙ چٽ قلم،
زبان تي به گٽ مٽ رهي دمبدم،
رکڻ هڪ بل ڊاگ آهي ضرور،
نه تان ٿيندو وڏ ماڻهپي ۾ قصور،
مقرر هجي چاءِ بسڪوٽ جو ٽيم،
ته جاين جو سينگار، پڪچر فريم
۽ جيڪي سنڌي مسلمان انگريزي تعليم کان وانجها رهي ترقي ڪري نه سگهيا، انهن لاءِ چيو اٿس:
سکئين ڪا نه ڪا صاحباڻي سير،
نه گڊ مارننگ مئه ڊيئر ڪم هيئر،
پڙهي پارسي تون جاهل ٿئين،
وڏي قاف سان ڪين قابل ٿئين،
ٿئين تون ته محروم سنڌي سبب،
نه توکي مليو ڪوئي سر جو لقب.
بلبل جي وقت ۾ ملڪ جي حالت، ماڻهن جي هلت چلت ڪهڙي هئي، ان جو چتر به سندس هنن طنزيه بيتن مان ملي ٿو:
1- ٻٽاڪون سٽاڪون گلائون پچار،
ته مايا زنا جي محبت جي مار.
2- حلال و حرامن جو ڪهڙو پڇڻ،
ڀرڻ پيٽ جي آهه جهوري جهڄڻ.
3- ڇڪيون چلم يا ناس چڪڙو شراب،
گناهن فسادن ۾ خانو خراب.
4- جي منشي ته ڪڇ ۾ قلمدان ڏس،
منجهس جعلسازيءَ جو جولان ڏس.
5- جي نوڪري ته رشوت تغلب تمام،
نه سنڌو نه سيڙهو حلال و حرام.
6- ظلم زور يا حق تلفي غضب،
غريبن تي ڦر مار غصو غضب.
7- مٿي ڪوڙ ڪورٽ ۾ ڪيسن جو ڪم،
اٺين آني شاهد، ڪسيري قسم.
8- زمين و زن و زر اسان جي مراد،
انهن لاءِ جهڳڙا انهن لئه فساد.
فيشن پرست عورت جو نقش هيئن چٽيو اٿس:
گهر ۾ “بلبل” گائون ڍڪائج، شام صبوح جو واڪ ڪرائج،
ٻانهن بغل ۾منهن تي ڄاري، هپ هپ هري، هپ هپ.
ترقي ڪهڙي شخص تٿي ڪئي، ان لاءِ بلبل هيئن ٻڌايو آهي:
“بلبل” ملي ٿي ترقي تنهن کي پوليس ۾،
چالان ۾ جنهن پر کي ڪبوتر بنايو آهي.
پوليس جي زور زبردستي ۽ ظلم لاءِ چوي ٿو:
رهن ٿا ديو هيبتناڪ جان ڪرڙا ڪنسٽبل،
ڏسو جو وارداتن تي لڳي ٿو تن سندو وارو.
ڀري چالان ڪوڙوڪيس ڪورٽ ۾ ڪندا داخل،
وجهي ڪوڙا سچا شاهد رکي بهتان جو بارو.
هيءَ دنيا پئسي وارن جي آهي، هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، بلبل به چوي ٿو ته:
ٿي زر جي زور بازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه،
ڪر موج روز تازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه.
زر سان ڪوجهو ڪاڻو، اڳ ۾ اهو اگهاڻو،
چريو به ٿئي سياڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه.
زر سان سڀڪو گهرو، چاچو ۽ ڀاءُ چهرو،
قربان سس ۽ سهرو، زر آ ته عشق ٺهه پهه.
جديد مذاقي ساهت ۾ بلبل کان پوءِ درجو آهي مرزا قليچ بيگ جو، جنهن جو جنم 1855 ع ۾ ٿيو، يعني بلبل کان ٻه سال اڳ، پر هو بلبل کان گهڻو پوءِ تائين زنده رهيو ۽ سن 1929ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ وفات ڪيائين. هن صاحب به نظم چاهي نثر ۾مذاقي ساهت چڱو ئي لکيوآهي، نثر ۾ هن ڪجهه مذاقي ناٽڪ به ترجمو ڪيا ۽ لکيا آهن جن مان ڪجهه هي آهن: 01) نيم حڪيم خطري جان. نيم ملا خطري ايمان، 02) لوڀي ڪين ٺوڳي، 03) وسائيءَ جا رنگ. نظم ۾ هن پنهنجي وقت جي حالتن جي اوگهڙ اجهو هن طرح ڪئي آهي:
1. گهوڙا ڦٽن سان زخمي ۽ گڏهن تي سونا سنج
ڪارن ڪنگن سان هاءِ آءٌ مٽ نه مور ٿو ڏسان.
2. ظاهر خيانت آهي، امانت وئي لڪي،
اڄ معتبر امين، ٺڳ ۽ چور ٿو ڏسان.
3. انسان ملڪ ۾ ٿو ڏسان اڄ ڪي مختصر،
ماڻهو گهڻا ٻه پيرا ۽ ٻيا ڍور ٿو ڏسان.
4. بي عقل خوش رهن سدا، کائين پيئن چڱو،
اڄ بک کان عقل وارا آءٌ منجهه جهور ٿو ڏسان.
قليچ جي وقت ۾ به اڳواڻن جي اها حالت هئي. جو منجهن سوارٿ وڌيڪ ۽ شيوا جي لگن گهٽ هئي. اهڙن اڳواڻن جاهن ڇوڏا هن ريت لاٿا آهن:
قومي جلسن ۾ خوش بياني ڪيسين؟
ليڪچر، اسپيچ، قصا خواني ڪيسين؟
پيسو ڪريو جمع ۽ ڪريو قوم تي خرچ،
گهر ويٺي جمع خرچ زباني ڪيسين؟
نقلي ملن مولوين لاءِ هن کي سخت نفرت هئي چوي ٿو ته:
جاگير سدا شل ٿيو آبادي وهي الڪهه تني دي وادي
ڪاڇو روح جبل شال ٿيون گلزار
ڏيو مبارڪ بار بار
ڪٿي سجاول ڪيتي رب ستاري خوش دل ٿئي چانڊئين دي درٻاري ساري
مولا ڪيتا تيڏا بخت بسيار
ڏيو مبارڪ باربار
رئيس شمس الدين بلبل
حڪيم عبدالحميد چانڊيو
مرحوم بلبل ڪنهن تعريف جو محتاج ناهي، سندس مختصراً احوال لکجي ٿو.
مرحوم بلبل دادو ضلعي جي شهر ميهڙ ۾ 1857ع ۾ ڄائو. ان زماني جي رواج موجب سنڌي، فارسي ۽ عربي مختلف مدرسن ۾ پڙهيو پوءِ شعر ۽ شاعري جو کيس شوق پيدا ٿيو ۽ شعر چوڻ لڳو.
آخر سرڪاري ملازمت ڪيائين، جنهن ۾ انجنيئري کاتي ۾ داروغو ٿيو. 1873ع ۾ ان ملازمت دوران هن جي هڪ انگريز انجنيئر سان دوستي ٿي وئي، انجنيئر صاحب بلبل جي علمي شوق ۽ لياقت مان ڏاڍو متاثر ٿيو، کيس قديم زماني جو هڪ قيمتي ڪتاب شاهنامو فردوسي تحفي طور ڏنو، ڄڻ ته بلبل جي علمي شوق کي تازيانو لڳو. انکان بعد ڪراچي پهتو، 1889ع ۾. اتي خان بهادر حسن علي آفندي جي جوهر شناس نگاهه بلبل کي سڃاڻي ورتو، کيس پنهنجي سياسي، سماجي، علمي ۽ تعليمي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ پنهنجو دوست ۽ رفيق معاون ڪيو ۽ بلبل ان وقت ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي پاران اخبار جي چارج مرحوم آفنديءَ صاحب جي چوڻ تي ورتي، ان کانپوءِ ڪيترن ئي اخبارن رسالن جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف.
نواب سر غيبي خان کان عمر ۾ گهڻو وڏو هو. نواب صاحب جي والد ماجد سان به بلبل مرحوم جا گهر اتعلقات هئا ۽ نواب سر غيبي خان به بلبل کي وڏو مان ڏيندو هو ۽ نواب صاحب ڪچهري وارن سان مخاطب ٿي فرمائيندو هو ته، “ير شمش الدين (شمس الدين) پنهنجو نالو بلبل سڏايو بروبر سائرن (شاعرن) سڀني جي مٿان هي بلبل وانگي ٻولي ٿو پيو، واهڙي بلبل واهه! بروبر بلبل آهي”. نواب صاحب بلبل جي معرفت ڪيترن تعليمي مدرسن، اسڪولن لاءِ پئسا ڏنا مثلا 1911ع ۾ ميهڙ جي هاءِ اسڪول (ون) جو خرچ گهڻي ڀاڱي نواب صاحب جي طرفان ڪيو ويو ۽ سائنس هال، ٽيچرس روم سڀ نواب صاحب جي خرچ سان ٺهيا. بلبل جي شاعريءَ جو نمونو:
سر سخن جي سونهن اول پاڪ پرور جي ثنا
خلق جي رزاق ۽ خلاق داور جي ثنا
ٿيو ڪلام الهام امرو نهي جو جنهن تي نزول
واجب آهي تنهن سچي سالار سرور جي ثنا
همدم همراز هر دم هم مصاحب يار غار
صدق دل سان چئو سدا صديق اڪبر جي ثنا
هو دلاور دين جو حضرت عمر ابن خطاب
زينت دل زينت محراب و ميمبر جي ثنا
ڪامل الايمان ۽ صاحب حيا جامع القرآن
ڪر عجب عثمان ذوالنورين انورجي ثنا
جي ڪرين من سان مدامي آب ڪوثر جو پيئن
ڪرتون اسد الله غالب شاهه حيدر جي ثنا
مالڪ جنت سندي سيدة النساءِ العالمين
رڪن ٿي ايمان جو شبير و شبر جي ثنا
حمزه وَ عباس اعليٰ مرتبه افضل امير
ڪر سندي ٻارهن امامن سلڪ گوهر جي ثنا
پوءِ سندن اصحاب ۽ اولاد ۽ ازواج جي
تابعن ۽ تبع تابع هوءِ هر هر جي ثنا
عالمن ۽ صالحن ۽مومنن ۽ ڪاملن
چار مذهب جي امامن دين گستر جي ثنا
۽ طريقي معرفت جي سلسلن چئني سندي
پر تنهين ۾ نقشبندي خضر رهبر جي ثنا
پاسبان اسلام جو سلطان اعظم شاهه روم
سنڌ ۾ ڪو نسل تنهين جي خان بهادر جي ثنا
مطبع جي مجمع ميمبرن شعبن سڀن
۽ معاون جي معاون ڇاپ دفتر جي ثنا
يار ۽ غمخوار واقفڪار سڀ سينڌو سڃاپ
خويش اقرب صله رحمي هر برادر جي ثنا
ٿو وطن ميهڙ سندو وهه واهه جو دل کي وڻي
هر درو ديوار شجر باغ بازر جي ثنا
هي ثناخواني نه ٿيندي هونءَ ته هرگز دلپسند
جي ڪندين تون ڪين بلبل دوست دلبر جي ثنا
هيٺيون بيت زر جي زور بازي تي چيو اٿس، سئو فيصد سچ آهي، پهاڪو آهي ته: جنهن جي گنديءَ ۾ داڻا ان جا چريا به سياڻا...
ٿي زر جي زور بازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه
ڪر موج روز تازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر جي ٿي ڪامراني، جاني سڏي پيو جاني
سڀ ڪائي ماسي ناني، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر ساڻ ڪوجهو ڪاڻو، اڳ ۾ اهو اگهاڻو
چريو به ٿئي سياڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر ساڻ عيب هاڻو، سهڻن اندر سماڻو
نر ٿو نوائي ناڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر ساڻ سڀ ڪو گهرو، چاچو ۽ ڀاءُ چهرو
قربان سس سهرو، زر آ ته عشق ٺهه پهه
بازر ته جهنگ بازر، جو گهر ٿئي سو حاضر
بي زر شهر ۾ پادر، زر آ ته عشق ٺهه پهه
زر ٿي وڌائي نالو، توڻي هجي رزالو
صدقو ٿئي پيو سالو، زر آ ته عشق ٺهه پهه
بلبل ڀليا جي هن ۾، سيئي رليا سخن ۾
دنيا جي گل چمن ۾، زر آ ته عشق ٺهه پهه
هيٺين بيت ۾ نواب صاحب ۽ سندس خاندان جي تعريف ڪئي اٿس مگر پورو بيت ناهي، اڏيهي جو نشانو ٿي ويو، چند سٽون هيٺ لکجن ٿيون:
وهه واهه نواب غيبي، وهه واهه غيبي ديرو
سخاوت شجاعت عدالت ۾ آهي ناليرو
اتي سريمڻ سورهه سالار آهي
اتي ملڪ سهڻو مڻيادار آهي
اتي ولي محمد جوڌو جنگي جوان آهي
اتي مثل حاتم غيبي خان آهي
اميرن غريبن اٻوجهن ۽ يتيمن جو شب روز ڀيرو
وهه واهه نواب غيبي، وهه واهه غيبي ديرو
آخر هي سنڌ جو بلبل ۽ سخن جو بلبل 13 سيپٽمبر 1919ع ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم تارڪ نجفي مرحوم بلبل کي استاد چئي سندس ولادت ۽ وفات جو سن هينئن چيو.
در تولد شمس الدين بلبل بگوئي اخترا 1273هه
هم چراغ مجلس آمد رحلت آن استاد ما 1337هه
مرحوم بلبل جي نشاني پاڻ فرمائي ٿو:
ڏسي دلبر منهنجو ديوان گلشن ۾ چيو
بس رڳي هي رهي بلبل جي نيشاني افسوس
حضرت رئيس شمس الدين (رحه) بلبل
شاهه محمد صوفي *
حضرت رئيس شمس الدين بلبل صاحب عليه الرحمة وڏا عاقل ۽ فهميده شاعر، زميندار هئا. اسان سندن هم صحبتين مان آهيون. اسان کانسواءِ ميان امير علي شاهه ۽ رئيس قادر بخش سهتو سندن صحبت وارا ويجها دوست هئا. سال 1901ع ۾ رئيس شمس الدين بلبل سان نهايت ڪمال ۾ هئا، ان وقت اسان جي عمر 20 ورهيه کن هوندي، آءُ شعر چوڏهن سالن جي عمر کان چوندورهيس، 1901ع ۾ هيٺيان شاعر دنيا ۾ موجود هئا، جن سان هيڪڙ ٻيڪڙ ملندو رهيس ۽ ڪي ته رئيس شمس الدين بلبل صاحب وٽ به مونکي ملندا ها، سال 1912ع ۾ رئيس صاحب مون کي ميهڙ ۾ رهڻ جو ارشاد فرمايو ۽ رئيس صاحب جن جي حڪم جي بجا آوري ڪري آءُ خلافت آفيس ۾ رهي ضلع لاڙڪاڻي جي سيڪريٽري جي حالت ۾ آزادي وطن جو ڪم ڪندو هوس، ان دور ۾ هيٺيان شاعر موجود هئا، عبدالقادر بيوس، علي محمد قادري، حاجي خانڻ چنجڻي، ميهر پتوجو، پير امير علي شاهه ٻٽن وارو، مصري شاهه نئينگ وارو، منٺار فقير، دريا خان فقير، احسان علي، ڇَتو فقير، عثمان فقير، محمد بچل هومو پوٽه، محمد فقير کٽياڻ، غلاه شاهه هٽڙي وارو، محمد هاشم مخلص، فتح محمد صغير سوستاني، مير عبدالحسين سانگي، نواب ولي محمد، مينگهو فقير شر، مولوي غلام محمد سوڍر، مولوي غلام رسول جتوئي، مرتضائي ٺٽوي حقير مسجد سوڍاري، محمد شاهه آمري، نورل سيد، روشن علي، ڪمال فقير نوشهرائي، مرزا قليچ صاحب، شاهه محمد ديدڙ هئا، بلبل صاحب جن مونکي وزن بحر کان وقف ڪيو، ان ڪري منهنجا استاد به هئا، مان ان وقت کان وٺي آزاد شعر کي پسند ڪندو آهيان ڇو ته سنڌ جا صوفي بزرگ سچل ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شاهه نصير الدين نوشهرائي ۽ ٻيا درويش آزاد شعر چئي ويا آهن، وزن ۽ بحر، عرب ۽ فارس ۾ ڄائو سماڻو آهي، ڪيترائي بحر سنڌي زبان ۾ سر تي نه چڙهندا. سنڌي زبان ۾ منهنجو هڪ ڪتاب ضياءُ العروض ڇپايل آهي، جو طالبن خواهه ٻين شاعرن کي ڏسڻ گهرجي. ان تي مون کي ناز آهي، اهڙو ڪتاب ڪنهن به ٻولي ۾ اڄ سوڌو لکيل ۽ ڇاپيل مون کي نظر نه آيو آهي.
رئيس شمس الدين بلبل صاحب کي وڏا قومي ليڊر جهڙوڪ: خانبهادر حسن علي آفندي ڪراچي ۽ ٻيا ليڊر وغيره وڏي عزت ڪندا هئا، هي صاحب قلم جي ذريعي سندس مددگار رهندو آيو ٿي، اخبارن ۾ معاون، آفتاب سنڌ، خيرخواهه لاڙڪاڻو، مسافر، ۽ اخبار الحق جا ايڊيٽر ٿي گذريا آهن، صحافين ۾ شمس الدين بلبل پهريون نمبر صحافي هو، جنهن اخبارن ذريعي مسلمانن ۾ سڌارا آندا ۽ حڪومت جو ڌيان ڇڪائي اسلامي ڪم ورتا. اهڙي ان وقت جي ڪنهن صحافي کي سگهه نه هئي جو بلبل سان ڪلهو هڻي سگهي، هي جيڪي مان چئي رهيو آهيان سو مان پنهنجي اکين ڏٺيون ڳالهيون ڪريان ٿو،
نشو ڪو نه ڪندا هئا، ٻيڙي نه ڇڪيندا هئا.
مهمان نواز اهڙا هئا، جو اهو ڏينهن ندورو هوندو ، جنهن ۾ مهمان نه هوندو هجي، فقيرن، عالمن ۽ صوفي مست درويشن سان گهڻي صحبت هين، نالي حاجي مولوي غلام محمد سوڍر جو هڪ مست درويش هو، اهو ته سدائين سندن بنگلي ۾ رهندو هو.
مون کي ياد آهي ته سال 1912ع يا ڪنهن ٻئي سال ۾ حضرت بلبل صاحب ۽ محمد هاشم مخلص جو هڪ سنڌ ۾ وڏو هوشيار صحافي هو، پاڻ ۾ تنازعه ٿي پيو جو ان وقت آءُ رئيس صاحب مرحوم کان چوري ميرپور خاص ۾ وڃي محمد هاشم مخلص سان ملي کين صلح جون ڳالهيون وڃي سمجهائي ڌرين کي صلح تي آندو پر انهي خاندان مان وچڙندڙ اڻ بڻت جي بيماري هميشه لاءِ نڪري نه وئي، وري حضر ت ضياءُ الدين بلبل ٻئي ۽ محمد خان غني جو پاڻ ۾ تنازع ٿي پيو پوءِ مون وري دوباره غني صاحب جن کي سندس خاندان مخلص صاحب جو احوال لکي ۽ سندس همٿ افزائي ڪري کين صلح تي آندو، ان بعد شمس الدين بلبل جي شاگرد مرحوم ماستر جمعه خان غريب ۽ رئيس ضيا ءُ الدين بلبل ثاني جي پاڻ ۾ تنازع ٿي پيو ان جي مون کي خبر ملي ته استاد گهراڻي سان غريب صاحب سينو ساهيو آهي، مون کي تمام ڏک ٿيو ۽ هن طرح منڪر تي غزل ٺاهي غريب صاحب ڏي موڪليم، انهيءَ طرح تي بزم مشاعره بلبل ميهڙ ۾ رکيم.
“الائي قدرت ڪيو آ ڇا کئون لتر ڀتر غريب جي منهن ۾”
ان جي جواب ۾ غريب صاحب هڪ غزل رساله اديب لاڙڪاڻي ۾ شايع ڪرايو جنهن ۾ مون کي دعا به ڪيائين ۽ گار به ڏنائين، جنهن ۾ لکيائين ته:
واهه ڙي فرزند منهنجا شل سنڌ جو ٿيندين وزير
صوفيانه خيال پنهنجا پيو ڀلي اظهار ڪر
جنهن جي جواب ۾ مون غزل ٺاهي هن طرح کيس موڪليو انهيءَ طرحه ته ميهڙ ۾ مشاعره رکيو ويو.“پٽ نياڻي کي چوڻ ڀي آهي شريعت ۾ روا.” پوءَ لاچار ٿي مارجي اچي بلبل ثاني رئيس ضياءُ الدين صاحب کي پيش پيو ۽ مون کي به پرچايو.
5. بلبل صاحب جن وڏا مصنف هئا جن جا اٽڪل ويهارو ٽيهارو کن ڪتاب ڇپيل آهن، هڪ ڪتاب جو پنهنجي ملڪيت پنهنجي اولاد کي وقف ڪرڻ جو جيڪو محمد علي جناح صاحب گورنمينٽ کان گهڻي تڪليف وٺي منظور ڪرايو هو ته متان مسلمانن جي ملڪيت هندو کائي وڃن اهو سمورو ڪتاب حضرت شمس الدين بلبل صاحب جن دستاويزن جي نقلن سميت سنڌي ۾ ڇپرايو جو اميد ته حضرت بلبل ثاني وٽ موجود هوندو ۽ ٻيا پڻ ڪتاب آهن، جن جا مون کي نالا ڪو نه ٿا اچن.
حضرت بلبل صاحب جن نثر لکڻ ۾ به وڏا قابل هئا ۽ نثر لکڻ ۾ پنهنجا مٽ پاڻ هئا.
مون سال 1935ع کان صوفي ۽ بلبل مشاعره ميهڙ ۾ برپا ڪيا هئا، جو اڄ تائين جاري آهن، جنهن ۾ پهريان مرحوم رئيس ضياءُ الدين “ضيا” بلبل ثاني مون سان گڏ ڪم کي هلايو ۽ مان سيڪريٽري ٿي رهيس، مون کي ڏک آهي ته هي موقعو وري به ميهڙ ۾ رکيو وڃي ها، جتي شمس الدين صاحب جي مزار مبارڪ آهي.
حضرت شمس الدين بلبل صاحب جن جي روحاني طاقت جو مشاهدو هن طرح ٿيو. هڪ دفعي آءُ صبح جو گهوڙي تي چڙهي ميهڙ ۾ آيس. رئيس صاحب جن مون کي فرمايو ته صوفي شام جو واپس وڃجو ۽ منجهند جي ماني هتي کائيندا، مگر مان حڪم جي انحرافي ڪري صبح جو ڪي دوائون وٺي ڳوٺ موٽيس ته واٽ تي مينهن ۽ ڳڙو اهڙو اچي لٿو جو ڳالهه ڪرڻ جي نه آهي، ماڇين جا گهر مون کي نزديڪ نه هجن ها ته ڳڙو مونکي وڃائي ڇڏي ها.
حضرت شمس الدين بلبل صاحب وڏا غريب نواز، انصاف پسند، سادي طبيعت جا ماڻهو هئا، جڏهن هي صاحب ميهڙ جا چيئرمين، بئنچ ماجسٽريٽ هئا، تڏهن هڪ ماڻهو تي ڪوڙو ڪيس ناحق وٽن ٿيل هو، ان حقيقت جي مون کي ساري خبر هئي، مون ساري سچي حقيقت کين ٻڌائي جو ان نسبت ۾ فريادي تي پنجاهه روپيا ڏنڊ رکي جوابدار کي ڇڏي ڏنائون.
خيرپور رياست جي ميرن سان گهڻي محبت هوندي هين ۽ مير صاحب به کين اعليٰ درجي جو شان ڏيندا هئا،
الحمدلله جو اهي بلبل صاحب جون سڀئي خصلتون حضر ت ضياءُ الدين ضياءُ سندس فرزند ۾ موجود آهن، ڄڻ ته خصلتن ۾ پيءُ پٽ هڪ آهن، منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ شل هن خاندان کي باعزت اهل و اقبال اولاد سميت قائم ۽ دائم رکڻ فرمائي.
< id="p1" p>* شاهه محمد صاحب صوفي جتوئي ساڪن يار محمد جتوئي تعلقوميهڙ، بلبل مرحوم جي شاگردن ۽ دوستن مان هڪ بزرگ آهي، جو اڃا رب جي فصل ۽ ڪرم سان چڱي صحت سان آهي. مرحوم رئيس شمس الدين بلبل بابت سندس چند يادگيريون پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿيون) (ادارو)شمس الدين”بلبل“
تحرير: ڌڻي بخش مگسي
سنڌ جي سٺي شاعر، صحافي، سماجي و علمي ڪارڪن شمس الدين بلبل ولد رئيس بهادر خان ذات شينه ويٺل شهر ميهڙ ۾ سن 1857ع ۾ جنم ورتو. سندس والد اصل بلوچستان ڀاڳ ناڙي جي ڳوٺ ڪمال خان جا رهواسي هئا. جتي سندس والد کي ٻه هزار کن ايڪڙ زمين هئي. جيڪا برسات تي آباد ٿيندڙ هئي، پر ڪيتري وقت کان برسات نه پوڻ ڪري اتي سخت ڏڪر پيو. جنهن ڪري ماڻهن لڏ پلاڻ ڪري ٻيا ڳوٺ ۽ شهر وسايا. اهڙي طرح رئيس بهادر خان به اصلوڪي ڳوٺ کي ڇڏي اچي ميهڙ ۾ ويٺو ۽ ميهڙ کي ئي پنهنجو وطن بنايائين. کيس هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو شمس الدين رکيائين. شمس الدين اڃا چئن پنجن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد کيس عربي، فارسي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ديني مدرسي ڳوٺ گاهي مهيسر ۾ ڇڏي آيو. پاڻ اتي قرآن شريف ناظره پڙهي پورو ڪيو ۽ بعد ۾ عربي و فارسي پڙهڻ شروع ڪيائين. ان بعد سندس والد کيس باگي خان تيوڻي جي ڳوٺ ۾ مشهور عالم دين مولانا عصمت الله پيرزادي شهدادڪوٽي وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڏي آيو، انهي وقت مدرسي ۾ مولانا عبدالوهاب ۽ مولانا عبدالڪريم ديروي جن پڻ پڙهائيندا هئا. ان مدرسي جو باني مولانا نبي بخش خان مهيسر هو. اهو پڻ الله وارو بزرگ ۽ جيد عالم هو. ان بعد پاٽ شهر جي مشهور ديني مدرسي ۾ مولانا حسن الله صديقي وٽ پڙهيو ۽ عربي ۽ فارسي جي تعليم مڪمل ڪري دستاربندي ڪئي. سندس هم ڪلاسين ۾ مشهور عالم مخدوم امير محمد جوڻيجو، مولوي خير محمد جوڻيجو، مخدوم پير غلام مجدد سرهندي، علامه آءِ آءِ قاضي، سيد علي مراد شاهه سيتائي، مخدوم غلام محمد جتوئي، محمد قاسم مشوري، مولوي عبدالغفور سيتائي، مولوي دين محمد وفائي ۽ ٻيا شامل آهن.
مخدوم نظام الدين صديقي شمس الدين بلبل جا مرشد هئا. شمس الدين بلبل بهترين شاعر، صحافي ۽ سوشل ورڪر پڻ هو.پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪندا هئا. سندس شاعري ۾ “بلبل” تخلص هئس. سندس هي تخلص خانداني طرح مشهور آهي. سندس شاعري جي شهرت ان وقت هڪ عورت “گل ناز” ذات جي شيخ هئي، ان تائين پهتي، گل ناز پاڻ به سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪندي هئي. جيڪا پوءِ بلبل تي موهت ٿي پئي ۽ کيس محبت ڪرڻ لڳي. انهيءَ ڪري سندس گهر وارن سندس پهرين شادي سنڌي پٺاڻ گھراڻي مان ڪرائي. ليڪن گل ناز ۽ بلبل جي محبت جي ڪري پهرين شادي سبب بلبل کي گهرو سڪون ميسر نه آيو. آخر شمس الدين بلبل ۽ گل ناز محبت جي شادي ڪئي. گل ناز بيگم جو اباڻو ڳوٺ سيد پير محمد شاهه هو جيڪو ميهڙ شهر کان چار ميل پنڌ جي مفاصلي تي آهي. بلبل صاحب کي گل ناز بيگم مان هڪ پٽ نالي عبدالفتاح ڄائو. سندس فرزند پڻ سٺو شاعر ۽ اديب هو. سندس شاعري جي استاد سندس والده ماجده هئي. عبدالفتاح جو تخلص “عبد” هو. بلبل صاحب جي مٽي مائٽي جي لحاظ کان ڳانڍاپو شينا، کوکر ۽ ابڙن سان هو. گهرو مسئلن ۽ پريشانين سبب بلبل صاحب مجبورٿي پنهنجي ٻي گهرواري گل ناز ۽ پٽ عبدالفتاح کي وٺي سفر تي روانو ٿيو. پهريائين لاهور ويا، ان بعد دهلي ۽ حيدرآباد دکن جو سفر طئي ڪري موٽي اچي دهليءَ ۾ قيام پذير ٿيا. اتي بلبل صاحب صحافت جي پيشي سان وابستا رهيو. ان وقت جي مشهور صحافين مرزا ناطم علي غازي، منشي محبوب عالم ۽ منشي دين محمد “فوق” قابل ذڪر آهن.
صحافت جي دنيا ۾ محنت ۽ قابليت جي ڪري بلبل صاحب جون ملاقاتون سر سيد احمد خان، نواب وقار الملڪ، مولانا حالي، مولانا شبلي نعماني، اڪبر الهه آبادي جهڙين شخصيتن سان ٿيون. انهن سان ڪافي ڪچهريون ڪيائين، بلبل صاحب انهن شخصيتن مان گهڻو پرايو. اهي مشهور شخصيتون پڻ بلبل صاحب جي ادب، فن و فڪر، شاعري ۽ صحافت کان متاثر ٿيا.
وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان جي بيماريءَ جو ٻڌي يڪدم پنهنجي وطن ۾ موٽي آيو. هت حسن علي آفندي ۽ الهه بخش اٻوجهي سان تمام گهرا تعلقات رکيائين. بلبل صاحب سياسي ۽ قانوني ماهر جي حيثيت ۾ اڪثر وفدن سان بمبئي تائين ويندو رهيو. هميشه بمبئي ۾ سنڌ جو ڪيس مضبوط انداز ۾ پيش ڪندو رهيو. پاڻ سماجي خدمتن جي حوالي سان ۽ علمي واڌاري لاءِ ميهڙ شهر ۾ هاءِ اسڪول کولرايائين. جيڪو اڄ به سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو.
شمس الدين بلبل کي پهرين گهرواري مان هڪ نياڻي ۽ هڪ پٽ نالي ضياءُ الدين ڄائو. جيڪو پڻ سٺو شاعر ۽ اديب هو. صحافت ۾ شمس الدين بلبل اخبار “خير خواهه” لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ هفتيوار اخبار “مسافر” حيدرآباد جو ايڊيٽر ۽ “آفتاب” اخبار سکر جو ايڊيٽر پڻ رهيو. شمس الدين بلبل 1919ع ۾وفات ڪئي. کيس سندس اباڻي قبرستان ميهڙ ۾ دفن ڪيو ويو.
رئيس شمس الدين ”بلبل“جو صحافتي سوانحائي خاڪو
پاويل جوڻيجو
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي
سنڌ ۾ مڻيادار ۽ اهل علم عظيم ماڻهن جي ڪا کوٽ ناهي، جن پنهنجي زندگي پنهنجي وطن جي ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي خدمت، انهن جي فلاح و بهبود ۽ ڀلائي لاءِ وقف ڪري پوري زندگي انهن ماڻهن کي تعليم ڏيڻ، انهن کي زندگي گذارڻ، انهن کي حاصل ڪرڻ جو شعور نه ڏنو هجي ۽ انسانن کي سماج ۾ پنهنجا بنيادي حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد نه ڪئي هجي. اهڙن مڻيادار اهل علم ۽ اهل دانش ماڻهن مان شاهه لطيف، سچل سرمست، شاهه عنايت شهيد، شهيد مخدوم بلاول جي ماتر ڀومي سنڌ جي مينديءَ جي مهڪ ۽ مائي جي ميٺاج ڪري مشهور شهر ميهڙ جو ڄائو ۽ رهواسي رئيس شمس الدين “بلبل” به هڪ هو.
رئيس شمس الدين “بلبل” 1857ع ۾ ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو رئيس بهادر خان سندس ڏاڏي جو نالو جناب رئيس ڪمال خان هو. سندس وڏڙا اتر کان ناڙيءَ طرف کان آيل هيا. رئيس شمس الدين “بلبل” پاڻ ۾ پنج ڀائر هيا، جن ۾ رئيس شمس الدين بلبل پنجن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو ڀاءُ هيو. سندس خاندان جي سماجي ڪرت زميداري هئي. کين ميهڙ تعلقي جي ديهه واهه گاهي، روجهاڻ منگواڻي، ڪڏڻ، انبار ڇلو ۽ ٻين ديهن ۾ سوين ايڪڙ زرعي زمين هئي، جنهن مان سندس پونئرن کي اڄ به ڪافي زمين آهي. رئيس شمس الدين “بلبل” شروعاتي تعليم ميهڙ تعليمي ۾ حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاٽ شريف ويو هو. هن ۾ خداداد ذهني صلاحيتون هجڻ سبب هو انتهائي ڏاهو ۽ ذهين شاگرد هيو. علم، ادب ۽ تعليم سان عشق جي حد تائين چاهه کيس 1889ع ۾ مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي جي صحبت ۽ سرپرستي عطا ڪئي ۽ ان وقت مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي هنڌ ۽ سنڌ ۾ ڌاري انگريز سامراج کان مسلمانن کي آزادي ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو ۽ مسلمانن (سنڌين) کي تعليم پرائڻ لاءِ تدبيرون سوچيندو هيو ۽ رٿابندي ڪندو هيو ۽ سنڌي مسلمان آبادگارن، زميندارن ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو.
رئيس شمس الدين “بلبل” سيپٽمبر 1919ع ۾ 62 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ميهڙ شهر ۾ سندس حويلي جي ڀرسان سندن ٺهرايل مسجد جي احاطي اندر تربت ۾ موجود آهي. رئيس شمس الدين بلبل انسان دوست، علم دوست، ادب دوست هڪ انساني شخصيت نه پر تحريڪ هيو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ انسان جي زندگيءَ جي خوشحالي لاءِ انهيءَ کي علم جو شعور ڏيڻ لاءِ لازوال جدوجهد ڪئي. سنڌ ۾ تعليم جي واڌاري، ادب جي ترقي لاءِ اهڙو ڪردار ادا ڪيو، جو هو سنڌ ۾ تعليم، ادب جو اڻ مٽ ڪردار بڻجي ويو آهي. جسماني طور اسان سان نه هوندي به پنهنجي ادا ڪيل ڪردار ڪري اسان جي موجوده پيڙهي کي به پرائمري تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم تائين سندس شخصيت ۽ زندگيءَ جي جدوجهد بابت سبق پڙهايو پيو وڃي ۽ يقين آهي ته اسان کان پوءِ ايندڙ پيڙهين کي به سندس زندگي، شخصيت ۽ ڪردار بابت اسڪولن ۾ سبق پڙهايو ويندو. ڇو ته رئيس شمس الدين “بلبل” علم، تعليم و تدريس ۽ ادب جي دنيا جو اڻ مٽجندڙ امر ڪردار آهي. جنهن هڪ ئي وقت انسان جي سماجي زندگيءَ جي خوشين، غمين، ڏکن، دردن، پيڙاءَ، مسائل مسئلن بابت فلسفي توڙي طنز و مزاح ۾ طبع آزمائي ڪئي. علم ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ سٺو مضمون نگار به هيو ته سٺو شاعر به هيو ته اعليٰ پائي جو سٺو صحافي به هيو.
رئيس شمس الدين “بلبل” جي تعليمي خدمتن، ادب شاعري، مضمونن جي صنفن تي اعليٰ پائي جي اديبن ۽ شاعرن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ان ڪري مان ان جي ان تعليمي ۽ ادبي خدمتن کي ڇڏي ڪري ان جي صحافتي زندگيءَ بابت ڪجهه مختصر سوانحائي خاڪو پيش ڪيان ٿو. جيئن اسان جو سنڌ جو ايندڙ نسل اهڙي عظيم انسان دوست، علم دوست شخص جي زندگيءَ جي ان پهلوءَ کان به واقف ٿي سگهي.
رئيس شمس الدين “بلبل” جو صحافتي سوانحائي خاڪو.
رئيس شمس الدين “بلبل” پنهنجي صحافتي زندگي جي شروعات مرحوم خان بهادر حسن علي آفندي جي سرپرستي ۾ 1889ع کان شروع ڪئي ۽ حسن علي آفندي پاران جاري ڪيل “معاون” نالي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. مرحوم حسن علي آفنديءَ جي وفات کانپوءِ ڪراچيءَ ڇڏي وري ميهڙ موٽي آيو. ڪيترن اخبار وارن کيس پنهنجي پنهنجي اخبار جي ايڊيٽر ٿيڻ جي آڇ ڪئي. پر هن ٻاهر وڃڻ پسند نه ڪيو ۽ آخرڪار هن ڳالهه تي راضي ٿيو ته هو، ميهڙ کان ئي کين مضمون لکي موڪليندو ۽ گهر ويٺي شمس الدين “بلبل” ڪراچي جي “گزيٽ” اخبار جو ايڊيٽر بڻيو، پر مالڪ اخبار نه هلائي سگهيو ۽ جلد ئي اها اخبار بند ٿي وئي. ان کانپوءِ سنڌ جي لاڙڪاڻي ۾ شهر مان نڪرندڙ “خير خواهه” اخبار جو ٻه، چار سال ايڊيٽر رهيو ۽ سکر مان نڪرندڙ هڪ ٻي اخبار “الحق” ۾ به بطور ايڊيٽر ڪم ڪيو. ان کانپوءِ حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ اخبار “مسافر” ۾ به ايڊيٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ان کانپوءِ آخر ۾ سکر جي هڪ سيٺ حاجي احمد ميمڻ پاران ڪڍيل مشهور اخبار “آفتاب” جو آخري گهڙي تائين ايڊيٽر هيو. رئيس شمس الدين “بلبل” پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ ان وقت جي انگريز سامراج جي زيادتين، سماج جي مختلف طبقن خاص ڪري ان وقت جي آبادگارن سان درپيش مسئلن بابت گهڻو ڪجهه لکيو. سندس بي باڪ لکڻي ۽ صحافتي ڪردار ڪري سن 1909ع ۾ “الحق” اخبار جي مالڪ شيخ عبدالعزيز ۽ بطور ايڊيٽر جي رئيس شمس الدين “بلبل” تي ڪراچيءَ جي سٽي مئجسٽريٽ (Mr. E Sands) وٽ هڪ وڏو مقدمو سندس خلاف قائم ڪيو ويو. جنهن جو فريادي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسيپال مسٽر پهلاج راءِ هو. هوُ نالي ماتر فريادي هو، پر دراصل اهو مقدمو قائم ڪرائڻ ۾ ان وقت جي حيدآباد ۽ ڪراچي جي متعصب هندو ليڊرن ۽ عيسائي پادرين جو هٿ هو. جن رئيس شمس الدين بلبل تي انڊين پينل ڪوڊ 153 هيٺ مقدمو داخل ڪري رئيس شمس الدين “بلبل” تي الزام لڳايو ته هو، “الحق” اخبار جي ادارين ۾ هندن کي هروڀرو ذليل و خوار ڪري ٿو ۽ مسلمانن جي جذبن کي هندن خلاف اڀاري ٿو. فريادي ڌر جو ڪراچيءَ جو مشهور وڪيل هرچند راءِ هو ۽ جوابدار ڌر پاران ناميارو وڪيل مسٽر ريمنڊ هيو. جيڪو هاءِ ڪورٽ جو جج به رهيو. ان شمس الدين “بلبل” کي راءِ ڏني ته هو فريادي ڌر کان معافي وٺي پر رئيس شمس الدين “بلبل” اها راءِ قبول نه ڪئي ۽ آخرڪار ڪيس هليو ۽ رئيس شمس الدين “بلبل” وڪيل مسٽر ريمنڊ کي ڇڏي ان وقت حيدرآباد جي وڪيل مسٽر غلام حسين کي وڪيل مقرر ڪيو. مسٽر غلام حسين اهو آهي جيڪو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر رهڻ سان گڏ سنڌ جو وزير اعليٰ به رهيو آهي. اهو رئيس شمس الدين بلبل جو گهاٽو دوست هيو. جنهن قومي جذبي تحت بنا فيس وڪالت ڪئي. جنهن سبب اهو ڪيس قومي اهميت حاصل ڪري ويو.
متعصب هندو ليڊرن ۽ فريادي ڌر جو زور هيو ته رئيس شمس الدين “بلبل” کي سزا ملي ۽ “الحق” اخبار ضبط ٿئي. پر وڪيل مسٽر غلام حسين، رئيس شمس الدين بلبل جا اخبار ۾ لکيل اهڙا مضمون ڳولي پيش ڪيا، جن جي ڪري آڏي پڇا ۾ اهڙو ته فائدو پيو، جو مئجسٽريٽ نه صرف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، بلڪه فريادي ڌر کي ڇنڊ پٽي ۽ ڪيس کٽيو ويو ۽ متعصب هندن، عيسائين، پادرين کي شڪست ملي ۽ جنهن کان پوءِ رئيس شمس الدين “بلبل” کان حيدرآباد، ڪراچي جا سڀ متعصب هندو ۽ عيسائي پادري ائين ڊڄندا هئا جيئن ڪانءُ ڊڄي ڪمان کان.
رئيس شمس الدين “بلبل” جون لکڻيون ڪمال جون هيون، سندس نظر سماج جي معمولي کان معمولي مسئلي تي به تيز هوندي هئي. سندس لکڻين جي ٻولي اهڙي ته سادي، آسان ۽ مزيدار هوندي هئي جو کيس پڙهندڙ جڏهن سندس لکڻي کي پڙهڻ ويهندو هيو ته ان ۾ کوئجي ويندو هيو ۽ سندس لکڻي مصري وانگر مٺي لڳندي هيس، جو ان کي پڙهي پيو چپن سان چسڪي وٺندو هو. رئيس شمس الدين “بلبل” پنهنجي لکڻين ۾ سماج جي منجهيل ۽ پيچيده مسئلن کي کل ڀوڳ ۾ پيش ڪري هڪ نئين فن کي تخليق ڪيو، شمس الدين بلبل پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌ جي مسلمانن کي نئين تهذيب جي زهر کان بروقت خبردار ڪيو ۽ پنهنجي مذهبي روايتن ڏانهن رجوع ڪرڻ تي مجبور ڪيو. هن پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن مان ڪجهه هيٺيان آهن.
- نيچرل ڪريما
- ديوان بلبل سنڌي
- بهار عشق
- رحيما
- تيرهن ڄار
- مسلمان ۽ تعليم
- عقل ۽ تهذيب
- قرض جو مرض
- صد، پند، سود مند
- شمس المڪاتيب
- احسن التواريخ
- ديوان بلبل فارسي
- بهارستان بلبل
- آئينه ظرافت
- گنج معرفت
بهرحال رئيس شمس الدين هڪ اعليٰ پائي جو مدبر ۽ سماج جو اوڻاين ۽ مسئلن ۽ ان جي اٿل، پٿل تي باز واريون عقابي نظرون رکندڙ عظيم صحافي هيو، جنهن کي صحافت جي دنيا ۾ ائين ئي ياد ڪيو ويندو آهي، جيئن کيس ادب جي دنيا ۾ سنڌ جي بيوس لاچار مسلمانن جي حقن واري جدوجهد ۾ ادا ڪيل ڪردار ڪري عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ياد ڪيو وڃي ٿو.
حضرت رئيس شمس الدين بلبل جا ادبي اوليات مختر پيرايه ۾
از قلم: ضياءُ الدين ثاني ابن شمس
حضرت بلبل سڀني کان اول سليس سنڌي اخباري زبان سنڌ ۾ متعارف ڪئي، سندس هي احسان وسارڻ جهڙو نه آهي.
حضر ت بلبل سڀني کان اول سنڌي ٻولي ۾ مرصع ۽ مسجع الفاظ ملائي ان کي رنگين ۽ نمڪين بنائي پيش ڪيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول پنهنجي ڪلام ۾ مزاح، ظرافت ۽ طنز جي چاشني ملائي خاص مقصد لاءِ سنڌي ٻولي کي دلڪش ۽ دل نشين پيرايه ۾ پيش ڪيو، هن ٻولي کي چٽپٽو بڻائي عوام جي توجهه حاصل ڪري ورتي،
حضرت بلبل سڀني کان اول سنڌي ٻولي ۾ تعريضي طرز (Ironical) ڪلام جو استعمال ڪري ٻولي ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ڪيائين، هي طرز تحريڪ اڃا سوڌو سنڌ ۾ ناياب آهي.
حضرت بلبل سڀني کان اول پنهنجي ڪلام ۾ نوان استعارا، ڪنايه، محاوره، لطائف، ظرائف، تمثيلون ۽ تشبيهون استعمال ڪري سنڌي ٻولي کي ادبيات جي لحاظ کان مالا مال ڪري دلاويز بڻائي ڇڏيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول سنڌي ٻولي کي عام فهم ۽ عوامي ٻولي جي شڪل وصورت ۾ پيش ڪري انشا پردازي جو سڪو ڄمايو.
حضرت بلبل سڀني کان اول تدريسي نظام ۾ فارسي زبان کي رائج ڪرائي سنڌي ٻولي جي علمي ۽ ادبي خزاني ۾ اضافي آڻڻ جو باعث بڻيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول سنڌي ٻولي کي پرڪشش ۽ دلآويز طريقي سان لکي خاص و عام کي پنهنجي تحريرن جي طرف متوجه ڪيو بلڪ سنڌي ٻولي کي دنيا جي سڌريل ٻولين جي صف ۾ شمار ڪرائي ڇڏيائين.
حضرت بلبل سڀني کان اول صحافت ۾ سچائي ۽ ايمانداري جي اصول ذريعي ان ۾ انقلاب آڻي صحافت کي بام عروج تي پهچائي پاڻ کي صحافت جو ڏاڏو آدم، باني ۽ امام طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري جنهن جو اعتراف وقت جي نامور ۽ ممتاز مدير صاحبان لکت ۾ ڪيو آهي.
حضرت بلبل سڀني کان اول صحافت جو وقار بلند ڪري ان کي ڪمال درجي تي پهچائڻ جو شرف به حاصل ڪيو آهي.
حضرت بلبل سڀني کان اول پنهنجي نظم ۽ نثر کي اصلاحي رنگ ڍنگ ۾ دلڪش نموني سان پيش ڪري پنهنجي مسلم قوم ۾ هر طرح جي اصلاح آڻڻ جو باغث بڻيو ۽ کيس ان جو موجد تسليم ڪيو ويو.
حضرت بلبل سڀني کان اول پنهنجي ڪلام ۾ حضرت سعدي جي ڪلام ڪريما جي طرز تي ڪريما نيچرل ۽ مامقيما جهڙا شاهڪار تخليق ڪري پنهنجي اسلامي خيالات جي پرچار ڪري پنهنجي قوم ۾ اخلاقي سڌاري آڻڻ جو سبب بڻيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول مولانا حالي جي ڪلام جهڙو اسلامي ۽ اصلاحي ڪلام ساڳي طرز تي رحيمان لطيف لکي پيش ڪيو ۽ پنهنجي مسلم قوم جي اصلاح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول پنهنجي نوجوان افراد کي انگريزن جي فيشن جو گرويده ڏسي کين برقت پنهنجي اصلاحي ڪلام ذريعي خبردار ۽ شرمسار ڪري ان وچڙندڙ وبا کان بچائي ورتو.
حضرت بلبل سڀني کان اول انگريزن جي تهذيب جي براين جا نهايت خوبصورتي سان پنهنجي ظريفانه ۽ مزاحيه ڪلام ذريعي پول کولي ان کي نروار ڪري پنهنجي قوم کي خبردار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول حافظ ۽ سعدي جهڙن غيرفاني شهرت رکندڙ شاعرن جي ڪلام جي اهڙي تضمين ڪئي آهي جنهن جو مثال ملڻ ناممڪن آهي، هنن تضمينن سبب سندس فن ۽ ڪلام کي انهن شاعرن جي فن ۽ ڪلام سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
حضرت بلبل سڀني کان اول پاڻ کي مفڪر مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ڇاڪاڻ ته هن جي اصلاحي ڪلام سوسائٽي تي مثبت اثر وڌو ۽ قوم پاڻ ۾ گهربل اصلاح آندي ۽ بلبل کي گهڻن ڪمن جو موجد تسليم ڪيو ويو ۽ منجهس صحيح پيشنگوئي ڪرڻ جي صلاحيت موجود هئڻ سبب به متفق طور صف اول جو مفڪر مڃيو ويو، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کي به اهل علم، اهل هنر ۽ اهل دل حضرات صف اول ۾ رکيو آهي.
حضرت بلبل سڀني کان اول ٻن قوميتن وارو نظريو پيش ڪري نهايت جرئتمندي سان مسلم رياست جو نه رڳو نظريو پيش ڪيو بلڪه زوردار الفاظن ۾ ڪتاب (جام-جم) ۾ گهُر پڻ ڪئي ته مسلمانن کي الڳ مسلم رياست گهرجي. جنهن جو ثبوت“جام جم” موجود آهي. (سال اشاعت 1918ع)
حضرت بلبل سڀني کان اول راشي ڪامورن ۽ ڍونگي پيرن فقيرن کي بي نقاب ڪري سندن برايون ۽ بڇڙايون قوم آڏو نروار ڪري کين انهن جي چڪرن کان بچڻ جي تلقين ڪئي.
حضرت بلبل سڀني کان اول سوسائٽي اندر موجود براين جي نشاندهي ڪري پنهنجي قوم کي خبردار ڪيو ۽ برائي ڪندڙ شخصن کي به سندن ڪڌن ڪرتو تن کان باز رکڻ لاءِ شرمائيندو رهيو، هن ڏس ۾ سندس تحرير “تيرهن ڄار مڪرن جا مار” موجود آهي، جنهن ۾ هن سوسائٽي ۾ موجود براين جي نشاندهي ڪري پنهنجي قوم کي خبردار ڪيو اٿس ۽ اهڙن برائي ڪندڙ تيرهن گروهن کي به شرمائي اهڙن برن ڪمن کان باز رهڻ جي تلقين ڪئي اٿس.
حضرت بلبل سڀني کان اول پنهنجي قوم جي سچن عمائدين جي چونڊ ڪري انهن کي پنهنجي قصيدي سان ياد ڪري قوم سان سندن تعارف هيرو طور ڪرائي سنڌ ۾ هيرو ورشپ جو بنياد وڌو ۽ پنهنجي قصيدي کي قاآني جي قصيدي جي برابري واري سطح تي پهچائي ڇڏيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول عليڳڙهه تحريڪ کي سنڌ اندر صحيح طرح متعارف ڪرائي مسلمانن کي جديد تعيلم حاصل ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو جيئن هو ان دور جي تقاضائن مطابق پاڻ کي هندن جي مد مقابل بڻائي انهن سان ۽ خود انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي آزادي حاصل ڪري سگهن.
حضرت بلبل سڀني کان اول اهو تصور پيش ڪيو ته هندن سان سياسي الحاق غلط قدم هوندو ڇاڪاڻ جو هندو سياستدان ڪنهن به طرح ڀروسي ڪرڻ جي لائق نه آهن، ان ڪري حضرت بلبل آل انڊيا ڪانگريس ۾ مسلمانن جي شموليت جي سخت خلاف هو.
حضرت بلبل سڀني کان اول هندن جي مطالبي هوم رول جو ڀانڊو فاش ڪري مسلمانن کي خبردار ڪيو ته انگريزن جي پنجوڙ مان نڪري هندن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي ويندؤ ان ڪري مسلمانن کي هوم رول نه بلڪه جدا مسلم رياست گهرجي.
حضرت بلبل سڀني کان اول ايني بيسنت جي وڇايل ڄار جو اصل مقصد ۽ راز فاش ڪري پنهنجي قوم کي خبردار ڪيو ته هن چالاڪ مڪڙي جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي بچايو، برصغير جا اڪثر ۽ اهم مسلم رهنما سندس تيار ڪيل ڄار ۾ ڦاسي چڪا هئا جن کي پڻ ترغيب ڏنائون ته ان ڄار مان جان ڇڏائين.
حضرت بلبل سڀني کان اول اڪبر الهه آبادي جهڙو بلڪ ان کان به ڪيئي ڀيرا بهتر مزاحيه ۽ اصلاحي ڪلام پيش ڪري پنهنجي مسلم قوم کي هر برائي کان نه صرف آگاهه ۽ خبردار ڪيو بلڪ اهڙي نموني کين تنبيهه ڪري روڪيو جو کين محسوس ئي نه ٿيو ته سندن لاک لاهي کين سڌي ۽ سلامتي واري دڳ تي گامزن ڪيو ويو آهي. ساڳي طرح نصارا تهذيب جي به نهايت چابڪدستي سان اهڙي ته مٽي پليد ڪيائين جو مسلمان ته شرمسار ٿي اهڙي تهذيب اپنائڻ کان باز رهيا مگر انگريز کي اها ڪل ئي نه پئي ته سندن ڪم لهي چڪا آهن ۽ هو اهڙي مزاحيه ڪلام کي محض چرچو ڀوڳ سمجهي نظر انداز ڪندا رهيا.
حضرت بلبل سڀني کان اول پنهنجي ظريفانه، مزاحيه ۽ اصلاحي مگر تعريضي ڪلام ذريعي روزي، نماز ۽ پرهيز گاري جهڙن ڪمن جي نهايت عالمانه ۽ ناصحانه انداز سان تلقين ڪري کين سڌي رستي تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول پاڻ کي شاعر انقلاب مڃرائڻ ۾ ڪياب ٿيو. اهو انقلاب پوءَ پاڪستان جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، اهڙو ٻج بيشڪ بلبل ئي پوکي ان جي آبياري ڪئي هئي جو پوءِ خوبصورت تناور وڻ جي شڪل ۾ سن 1947ع ۾ منظر عام تي آيو، انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهي ٻوٽي جي آبياري جو فريضو بلبل کان پوءِ ٻين رهنمائن جي ذمي رهيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول پاڪستان جي قائم ٿيڻ جو واضح ۽ چٽو اعلان پنهنجي عين وفات وقت ڪيو هو، ان وقت پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاڱي جو منظر عين نزاءُ واري حالت ۾ ڏسي رهيو هو تڏهن ته اعلان ڪري ويو ته “هندن جا بجڪا ڌار ڪيو ۽ مسلمانن جا بجڪار ڌار ڪريو”. گهڻا اهلِ قلم ۽ اهل دل حضرات بلبل کي وقت جو ولي چئي ويا آهن گويا سندن هي راءَ به صحيح ثابت ٿي.
حضرت بلبل سڀني کان اول مسلم قوم جي فائدن وارن ڪمن جي نشاندهي ڪري اهڙا ڪم وقت جي صاحب اختيار ذريعي پاس ڪرائي سنڌ سان لاڳو ڪرايا، انهن اهم ڪمن ۾ دکن اگريڪلچرل رليف ائڪٽ، وقف عليٰ الاولاد جو قانون ۽ انڪم برڊاسٽيٽ جو قيام قابل تحسين ڪم آهن ان کانسواءَ هن مسلمان قوم ۾ تعليم جي روشني ڦهلائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي شهر ميهڙ ۾ هڪ شاندار درسگاهه قائم ڪئي جيڪو هن وقت هڪ بهترين هاءَ اسڪول جي صورت ۾ موجود آهي ۽ لکين شاگرد هن درسگاهه مان تعليم حاصل ڪري وڏا وڏا عملدار ۽ آفيسر بڻجي چڪا آهن.
حضرت بلبل سڀني کان اول پنهنجي منقوله ۽ غير منقوله جائداد قانون وقف علي الاولاد تحت رجسٽر ڪرائي پنهنجي ملڪيت خردبرد ٿيڻ کان بچائي ويو. جيڪي وڏا زميندار پنهنجا صغير ٻار پنهنجي پٺيان ڇڏي وفات ڪري ويا ۽ پنهنجي جائيداد هن قانون تحت رجسٽر ڪرائي نه ويا انهن جون ملڪيتون تلف ٿي ويون .
حضرت بلبل سڀني کان اول انجمن هلال احمر کي اندرون سنڌ متعارف ڪرايو، جناب عبدالله هارون صاحب جي سرڪردگي ۾ هڪ اهم وفد جنهن ۾ جناب خالقڏنو، جناب موليڏنو، جناب تاج محمد لٺ، جناب چاڳلا ۽ ٻين اهم اشخاصن تي مشتمل وفد ميهڙ ۾ حضرت بلبل جي دعوت تي اچي بلبل بنگلي ۾ مهمان ٿي رهيو، بلبل بنگلي کي هيڊ ڪوارٽر طور استعمال ڪري پوري علائقي جو هن وفد دورو ڪيو ۽ ان کان علاوه هن پوري خطي جي اهم ماڻهن کي حضرت بلبل پنهنجي بنگلي تي گهرائي هلال احمر جو تعارف ڪرايو جنهن ۾ تمام گهڻو چندو هلال احمر کي مليو ۽ هي تنظيم اندرون سنڌ مقبول ٿي.
حضرت بلبل سڀني کان اول سنڌ محمد ايسوسي ايشن کي اندرون سنڌ متعارف ڪرايو، هن تنظيم جو هڪ اهم هيڊ ڪوارٽر ميهڙ ۾ هو ۽ برانچون ٻين مختلف شهر۾ ۾ قائم ڪيل هيون.مسلمانن جي ضروري گُهرن کي ريزوليوشن جي شڪل ۾ مرڪزي دفتر ڪراچي ڏانهن موڪليو ويندو هو جتان اهي تجويزون سرڪار جي گوشه گذار ڪيون وينديون هيون.
حضرت بلبل سڀني کان اول ميهڙ شهر ۾ هڪ فلاحي تنظيم“انجمن اتفاق اسلام ميهڙ” قائم ڪئي جنهن جي ذريعي هن علائقي جي ماڻهن جو آواز سرڪار تائين پهچايو ويندو هو، بلبل جي وقت ۾ سنڌ ۾ صرف ٽي ضلعا هئا، ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور، بلبل جي حياتي ۾ پوءَ ضلعي لاڙڪاڻي جو اضافو ٿيو.
حضرت بلبل سڀني کان اول عيسائي مشينري پادرين جي ٻوٿن کي لغام ڏئي کين نه صرف دين اسلام ۽ باني دين اسلام تي حملن ڪرڻ کان روڪيو بلڪ سندس وايون ولڙيون ڪري ڇڏيون ۽ وري اهڙي گستاخانه تقرير ۽ تبليغ ڪرڻ جي منجهن همت نه رهي.
محسنِ قوم، شمس العلماءَ رئيس شمس الدين بلبل رحه
تحرير: سراج شمس بلبل
سنڌ سونهاري پنهنجي ڪک مان هر دور ۾ پرهه جا پرچارڪ پيدا ڪندي رهي آهي، جيڪي پنهنجي حصي آهر صبح صادق ٿيڻ جي پڪ ڪرائيندا آهن ۽ پنهنجن پنهنجن زمانن ۾ پنهنجو پنهنجو حصو ڳڻائيندا آهن. سندن آواز صدين تائين پڙاڏن جي روپ ۾ موجود رهندا آهن ۽ سندن پيغام ماڻهن جي رهنمائي ڪندا رهندا آهن. اهي ماڻهو لفظن کان وڏا هوندا آهن. جن جي تعارف لاءِ لفظن جي اڻاٺ هوندي آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته سندن شخصيتن تي لکندي ساڻن انصاف ڪري نه سگهبو.
سنڌو ماٿري صدين کان تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهي آهي، سنڌ جا پکي پکڻ، وڻ ٽڻ، هوائون ۽ قدرتي منظر صدين کان تخليقي عمل سان لبريز ۽ سرشار رهيا آهن. هتان جا اهلِ علم ۽ اهل ادب هميشه صادق ۽ سچن جذبن جا امين رهيا آهن ۽ سنڌو ماٿري جو ادبي منظر پنهنجي تخليقي عمل جو سچو عڪس پيش ڪندو رهيو آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ سنڌ جو “حالي”، سنڌ جو اڪبر الهه آبادي يعني سنڌ جو بلبل حضرت “رئيس شمس الدين بلبل” به اهڙن پرهه جي پرچارڪن مان هڪ هستي آهي. سندس تعلق ضلعي دادو جي شهر ميهڙ سان هيو. جنگ آزاديءَ جي دور ۾ جنم وٺندڙ بلبل 1857ع ۾ رئيس بهادر خان شينو ولد رئيس ڪمال خان شينو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندن پهرين نالو محمدپريل خان رکيو ويو، پر سندس مامي آخوند نهال خان جيڪو هڪ برگزيده بزرگ هيو، ٻارڙي جي پيشاني ڏسي هن بخت واري ٻالڪ جو نالو شمس الدين تجويز ڪيو ۽ واقعي به شمس الدين هن دنيا جي افق تي مثلِ شمس ٿي اڀريو.
شاعر، اديب، مفڪر، دانشور، سماجي ورڪر ۽ قومن جا هڏڏوکي فرد قومن جو جيئرو جاڳندو ضمير هوندا آهن. جيڪي قومن تي ٿيندڙ هر وار کي پنهنجي وجود تي وار سمجهندا آهن. سي ئي پنهنجي قوم کي صحيح ۽ سڌو دڳ ڏيکاريندا آهن. جنهن دڳ تي هلندي اها قوم فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪندي آهي.
حضرت بلبل به اهڙن هڏڏوکي انسانن مان هئا، جن شاعريءَ ۽ عملي جدوجهد ذريعي پنهنجي قوم کي سجاڳ ڪيو ۽ وقت سر خبردار ڪيو. جيئن ته شاعري پنهنجن احساسن ۽ امنگن کي ٻين تائين رسائڻ جو حسين ذريعو آهي ڇو ته شاعري شعور جي سگهه جو نالو آهي. جنهن سگهه سان رازن ۽ رمزن کي پاڻ ۾ اوتي سگهجي ٿو. جيئن شاعري سرجڻ وقت سمورو جسم روح ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ روح زندگي جو اهم حصو هوندو آهي. جنهن کي تمام وڏي سگهه ۽ قدرت هوندي آهي. ان قدرت سان هو پنهنجو پيغام چٽي نموني سان پيش ڪري سگهندو آهي. روح بذات خود ڪائنات هوندو آهي. جتي حق ۽ سچ جي حمايت هوندي آهي. حضرت بلبل رحه به روح جي سچائي سان قوم کي شاعريءَ ذريعي پيغام ڏنو ۽ کيس سئون دڳ ڏيکارڻ ۾ سو فيصد ڪامياب ويو.
حضرت بلبل سنڌ جي مسلمانن کي جديد تعليم جي زيور سان آراستا ڪرڻ لاءِ راهه هموار ڪئي، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو ۽ حسن علي آفنديءَ سان ملي عملي ڪم جي شروعات ڪيائين. بلبل سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جي حيثيت سان تحريڪ آزادي جي سلسلي ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ “معاون”، “آفتاب سنڌ” ۽ “الحق” اخبارن جي ايڊيٽر جي حيثيت سان ايڊيٽوريل، مقالا ۽ نظم لکي قوم کي هر خطري کان نه صرف آگاهه ڪيو، بلڪه دڳ به ڏيکاريو.
مسلمانن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ “مسلمان ۽ تعليم” ڪتاب لکي مفت ورهايائين. بلبل تدريسي عمل ۾ سنڌ ۽ خيرپور رياست سان سلهاڙيل ۽ ڳنڍيل رهيو. پاڻ 1906ع ۾ ميهڙ شهر ۾ هڪ جديد مدرسو “مدرسة الاسلام ميهڙ” جي نالي برپا ڪيائين. جيڪو اڄ هاءِ اسڪول آهي ۽ سنڌ جي سٺن ۽ وڏن هاءِ اسڪولن مان هڪ آهي.
بلبل مرحوم مسلم ايڊيوڪيشن ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائي سنڌي اسڪولن ۾ فارسي ٻولي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو.
بلبل جنگ بلقان يعني ترڪي جي جنگ دوران سنڌ ۾ هلال احمر هلچل کي زور وٺايو. ملڪ ۾ هلندڙ تحريڪ “هوم رول” جيڪا مسلمانن جي مفادن خلاف هئي تنهن کي سنڌ ۾ ناڪام بڻايائين ۽ ان تحريڪ جي مٽي پليد ڪيائين. مسلمانن کي نوڪرين ۾ حصو وٺي ڏيڻ لاءِ هميشه ڪوششون ورتائين.
حضرت شمس الدين بلبل رحه تعلقي ميهڙ جي مئجسٽريٽ بينچ جا چيئرمين هئا. انهيءَ حيثيت سان زمينن جي ڪافي مقدمن جا فيصلا وٽس ايندا هئا. جن ۾ اڪثر ڪيس وياج خور هندن خلاف هوندا هئا، جيڪي ڳري وياج عيوض مسلمانن جون زمينون ڦٻائي ويندا هئا. بلبل ڏٺو ته مسلمانن جون زمينون مسلسل هندن حوالي ٿي رهيون آهن ۽ اندازو لڳايائين ته اڳتي هلي هندو سڄي زمين جا مالڪ ٿي ويندا. بلبل ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ حسن علي آفنديءَ ۽ قائد اعظم محمد علي جناح معرفت اهڙا بل پيش ڪيا ۽ بل پاس ڪرائي انهن کي قانوني حيثيت ڏياري “وقف علي الاولاد” ۽ “دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ” ۽ انڪمبرڊ اسٽيٽ ايڪٽ سنڌ سان لاڳو ڪرايائين. اهڙي نموني سنڌ جي مسلمانن جون زمينون نه صرف محفوظ ٿيون پر وياج خورن کان به بچي ويون.
حضرت بلبل رحه جي سڄي زندگي مسلمانن جي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ وقف ٿيل هئي، پاڻ زندگيءَ جي آخري دم تائين اخبارن سان وابستا رهيا ۽ اخبارن وسيلي عوام سان جڙيل هئا. کيس صحافت جو ڏاڏو آدم ڪوٺيو وڃي ٿو. بلبل سنڌي ٻوليءَ جو مشهور صحافي، شاعر، اديب ۽ سنڌيءَ ۾ مزاحيه ۽ طنزيه اصلاحي شاعري ۽ تعريضي شاعري جو موجد، تعليمي رهبر ۽ سنڌي صحافت جو پيشرو هيو.
هي سنڌي سليس صحافتي ٻوليءَ جو موجد، سنڌي تهذيب جو رکوالو، سنڌي صحافت جو امام، ممتاز اديب ۽ شاعر، طنزيه مزاح ۽ تعريضي ڪلام ذريعي مسلم قوم جي اصلاح ڪندڙ، جديد علوم جي روشني ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ، سياسي مدبر، مفڪر ۽ قومي رهنما ۽ عالم دين، سنڌ جو شمس سنڌ جي افق تان 13 سيپٽمبر 1919ع تي هميشه لاءِ غروب ٿي ويو، پر پنهنجن قولن ۽ تحريرن ۾ هميشه زنده جاودان ۽ روشن رهندو.
سنڌ جو گوهر ناياب - شمس الدين بلبل
ليکڪ: پروفيسر ڊاڪٽر رياض الدين ابڙو (بلبل)
سنڌ سونهاري شروع کان وٺي بي بها هيرن ۽ جواهرن جي کاڻ مشهور رهي آهي. هن کاڻ مان بيشمار ماڻڪ مڻيادار پيدا ٿي پوري دنيا کي پنهنجي جوت سان جلا بخشي، جرڪائي ۽ منور ڪري چڪا آهن. اهڙن املهه ماڻڪن ۾ هڪ گوهر آبدار حضرت شمس الدين بلبل به هو.
حضرت بلبل جيئن ته هندو سياستدانن جي سخت خلاف هو ان ڪري سندس وفات بعد سنڌ ۾ سندس خدمتن کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو جيئن سندس نالو نروار رهي نه سگهي. آزاديءَ کان اڳ ۾ ۽ آزاديءَ کان پوءِ به هندو ۽ هندو نواز لابيءَ جو اثر رسوخ سنڌ اندر ڪافي عرصي تائين قائم رهيو. خانبهادر سيد الهندي شاهه صاحب ۽ سندس پڳ مٽ دوست بلبل کي هندو سياستدانن ۽ هندو نواز ٽولي اهڙي پذيرائي کان محروم رکيو جنهن جا هو حقدار هئا. هن حقيقت جي تصديق لاءِ جناب رشيد احمد لاشاري جي تحرير پيش ڪجي ٿي “شمس الدين بلبل ۽ سندس دلي دوست سيد الهندي شاهه در ٻيلي واري کي سنڌ ۾ شايانِ شان شهرت نه ملڻ جو سبب صرف اهو هو ته ان دؤر ۾ علمي، ادبي توڙي سياسي حلقن ۾ هندن ۽ هندن جي حمايتين جو قبضو هو جن اهڙن شاعرن، اديبن ۽ سياستدانن جي پذيرائي ڪئي جيڪي مسلم نظريات جي خلاف ۽ هندو ذهنيت جا حامي هئا”. (سنڌي ادب اور مسلم شعراء. ماهنامه “نئي قدرين” حيدرآباد 1964ع)
بلبل ۽ خانبهادر الهندو شاهه صاحب جيڪڏهن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ به زندهه هجن ها ته سنڌ جي سياسي ماحول ۽ جوڙجڪ ۾ سندن ڪليدي ڪردار ۽ اهم حيثيت هجي ها. حضرت بلبل جي گهڻ رخي شخصيت برصغير هند و پاڪ ۾ هڪ نادر ۽ ناياب مثال آهي. هڪ شخص ۾ هڪ ئي وقت بيشمار ۽ متضاد خوبين ۽ خاصيتن جو موجود هجڻ ۽ اهي لياقتون ۽ صلاحيتون به ڪمال درجي جون هجن. اهڙو مثال ملڻ نهايت مشڪل ۽ محال آهي.
بلبل هڪ ئي وقت باڪمال اديب به هو ته قادر الڪلام ۽ في البديهه شعر چوندڙ شاعر به هو، جرئت مند ۽ بيباڪ صحافي به هو ۽ سياسي ميدان جو به ماهر شهسوار هو. قوم جو نبض شناس رهبر ۽ رهنما به هڪڙو ئي هو. خطيب ۽ جادو بيان مقرر به هو. ناميارو نثر نويس ۽ مصنف به هو. تعليمي ماهر به هو ۽ مفڪر به هو. عالمِ دين، دستار بند مولوي ۽ فقھ جو جيد عالم به هو. سماج سڌارڪ، قومي خدمتگار به هو ته انگريزي قانون جو ڄاڻو ۽ تعلقي ميهڙ جي بينچ مئجسٽريٽن جو چيئرمين به هو ۽ کيس مجرمن کي ڇهن مهينن تائين سزا ڏيڻ جو اختيار به هو. اعليٰ ڪردار جو مالڪ، ديندار، صوم و صلوات جو پابند ۽ پنهنجي جوڙايل مسجد شريف جو پيش امام به هو. مفسرِ قرآن به هو ته مفتي به هو. رمضان شريف جي ڏهن ۽ مراقبن ۾ ويهڻ وارو متقي شخص به هو ته دوستن سان گڏ تفريح ۽ تراوت خاطر ٿيٽر، ڪارنيوال ۽ سرڪسون به ڏسندو هو. عيسائي تبليغي پادرين سان مناظرا ڪري سندن ٻوٿن کي لغام ڏيندڙ به پوري سنڌ ۾ صرف بلبل ئي هو. ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ، شعر و شاعري جي نشستن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ آل انڊيا سطح جا مشاعرا ۽ وڏيون تقريبون منعقد ڪرائڻ به سندس معمول هو. هن قسم جون تقريبون ڪراچي، خيرپور رياست ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺايون وينديون هيون، جن جا نگران اعليٰ ۽ مهتمم خيرپور رياست جا وزير هوندا هئا. وڏي سطح جون تعليمي ڪانفرنسون جهڙوڪ آل انڊيا مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنسن ۾ ڀرپور بهرو وٺڻ ۽ مسلمانن جي فائدي جا ريزوليوشنس پاس ڪرائڻ بلبل جي پسنديده مصروفيتن ۾ شمار ٿيندڙ مصروفيت هوندي هئي. سرڪاري، نيم سرڪاري، نجي تنظيمن ۽ جماعتن جو به روح روان هو. سندس شرڪت کان سواءِ هر وڏي تقريب اڌوري سمجهي ويندي هئي ۽ هر وڏي ۽ اهم تقريب ۾ سندس انتظار ڪيو ويندو هو ۽ سندس آمد بعد تقريب شروع ڪئي ويندي هئي. اٽڪل ڇهن اخبارن ۽ ڪجهه رسالن جو به ايڊيٽر هو ۽ سنڌ جي پريس جو بي تاج بادشاهه مڃيو ويندو هو. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته هو مسلمانن جو سڄڻ، ڀلو چاهيندڙ ۽ هڏ ڏوکي هو. سندس حياتيءَ جو مقصد مسلمانن لاءِ آزادي حاصل ڪرڻ هو. سندس شمار آزاديءَ جي اولين بانين ۾ ٿئي ٿو جن هن مقصد لاءِ رستو هموار ڪيو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ جا اصول طئي ڪيا. انگريزي تعليم جو مسلمانن لاءِ حصول نمبر پهريون اصول مقرر ڪيو ويو، جنهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ بلبل سڄي عمر جفا ڪشي ڪئي ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. بلبل جي نظر ۾ انگريزي تعليم وقت جي اهم ضرورت ۽ ديني، اسلامي ۽ فني تعليم مسلمانن لاءِ جزءِ ايمان مثال هئي. مسلمانن کي پنهنجي ڪلچر تي قائم رکڻ لاءِ بلبل قلمي جهاد ڪري کين آبائي ليڪن لتاڙڻ کان باز رکيو ۽ هن جهاد ۾ به بلبل ڪامياب رهيو. جناب پير علي محمد راشدي صاحب جي الفاظن ۾ ايئن چئبو ته “بلبل هن انقلاب جي قيادت به پاڻ ڪئي ۽ ڪامياب رهيو”.
حضرت بلبل جي دوستن جي ذڪر کان سواءِ هيءَ تحرير جامع نه سمجهي ويندي. سندس دوستن ۾ اهل الله بزرگن کان وٺي گودڙي نيشن فقير به شامل هئا. شمس العلماء جناب پير پاڳارو صاحب، هالا جا گادي نشين، ٽنڊي سائينداد جا سرهندي بزرگ، سيوهڻ شريف ۽ پاٽ شريف جا صديقي مخدوم، نينگ شريف جا سيد، جهانگارا باجارا جا سيد، ٻٽ سرائي جا پير، نيرهه جا پير، دوداين وارو بزرگ، همايون وارو بزرگ مفتون همايوني، مولانا تاج محمد امروٽِي بزرگ، مولانا عبيد الله سنڌي، مير علي نواز علوي ۽ مولانا بهاءُ الدين ڀائي. (1) نصرپور ۽ مٽيارين جا سيد، شهدادڪوٽ ۽ کڏي ڪراچي جا بزرگ ۽ عالم، گودڙي نشينن ۾ حافظ ڪمال خان ڏيپر، احمد شاهه علوي ميهڙ وارو، لونگ فقير، فقير ڪريم ڏنو ملاح تارڪ نجفي ۽ سالڪ ۽ مجذوب مولانا غلام محمد سوڍر عرف ڏاڏا، مولانا اشرف سوڍر وارو. هي سڀ اهل الله بزرگ هئا ۽ بلبل جا دلي دوست هئا.
حضرت بلبل جي دوستن ۽ تعلق وارن ۾ عالمي شهرت جي مالڪن جهڙوڪ جارج پنجون، لارڊ ڪرزن ۽ هز هائينس سر آغا خان شامل آهن. جارج پنجين جي تاجپوشي جي تقريب دهليءَ ۾ سال 1903ع ۽ سال 1911ع ۾ ملهائي وئي هئي. هنن ٻنهي موقعن تي بلبل سرڪاري طرح مدعو ٿيل هو. بلبل به ان وفد ۾ شامل هو جيڪو خيرپور رياست مان هن تقريب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانو ٿيو هو.
جارج پنجون ۽ لارڊ ڪرزن بلبل جي تعلق وارين شخصيتن ۾ شمار سمجهڻ گهرجن، باقي عالمي شهرت جو مالڪ هز هائينس سر آغا خان سان بلبل جا قريبي تعلقات هئا. هز هائينس سر آغا خان مسلم ليگ جو پهريون سربراهه هو ۽ هن گروپ ۾ سر غلام حسين هدايت الله، خانبهادر حسن علي خان آفندي، حاجي سر عبدالله هارون، خانبهادر سيد الهندو شاهه صاحب، سيٺ غلام حسين خالق ڏنو، سيٺ مولي ڏنو، سيٺ طيب علي ڀائي، سيٺ غلام علي چاڳلا، خانبهادر غلام علي نانا ۽ شمس الدين بلبل اهم ۽ اولين رڪن هئا. هن گروپ جو سرڪرده سرگرم رڪن ۽ ترجمان شمس الدين بلبل هو. هن گروپ جي سياسي اخبار جو ايڊيٽر به بلبل هو.
خيرپور رياست جا والي ۽ وزير جهڙوڪ هز هائينس مير امام بخش خان، هز هائينس مير فيض محمد خان ۽ ولي عهد مير علي نواز خان بلبل جا مداح ۽ قدر دان هئا. شيخ محمد ابراهيم وزيراعظم خيرپور رياست، سردار محمد يعقوب خان، خانبهادر صادق علي خان، سردار محمد ايوب خان، خانبهادر قادر داد خان ۽ خانبهادر آغا گل حسن خان بلبل جا مداح، گرويده ۽ ساٿي هئا، جن سان بلبل گڏجي مسلمانن جي ڀلي جا ڪيترائي ڪم ڪيا. هز هائينس مير عبدالحسين سانگي بلبل جو گهاٽو دوست ۽ سندس عاشقن مان هڪ هو. (2)
بلبل جي دوستن احبابن جو حلقو نهايت وسيع هو جنهن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ هڪ پورو ڪتاب گهرجي تاهم برصغير جي ٻن اعليٰ عملدارن جو ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. سر هينري لارينس هندوستان جو گورنر ۽ اي. جي. بولس لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر بلبل جي مداحن ۽ دلي دوستن ۾ شامل هئا. سر هينري لارينس بلبل جي ايتري حد تائين تعظيم ۽ تڪريم ڪندو هو جو سر نامي ۾ بلبل کي صرف “سَر” لکندو هو ۽ ذاتي خط هميشه پنهنجي هٿ اکرن ۾ لکندو هو.
هڪ انگريز گورنر هڪ سنڌي مسلمان کي ‘سر’ جي خطاب سان مخاطب ٿئي اها احترام جي انتها آهي. انگريزدان حضرات هيءَ ڳالهه بخوبي سمجهي سگهن ٿا. انگريزيءَ ۾ ‘سر’ صرف ان ماڻهو کي سڏيو ويندو آهي جيڪو عزت ۽ عهدي جي لحاظ کان پاڻ کان وڌيڪ هوندو آهي. ڊيئر سر ۽ ماءِ ڊيئر سر انگريزيءَ جا عام جملا آهن. اهڙا چند خط هن ڪتاب ۾ شامل ڪجن ٿا.
بلبل جي صحبت ۾ سر هينري لارينس مسلمانن جي فائدي ۾ ايتري قدر تبديل ٿي ويو جو مسلمانن سان همدردي ڪرڻ لڳو ۽ سندن ڪم ڌڙا ڌڙ ڪرڻ لڳو. هن تبديليءَ تي هندن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ کيس اورنگ زيب عالمگير سڏڻ لڳا ۽ سندس دشمن بڻجي پيا. هڪ هندو ڪاليجي شاگرد ته مٿس پستول جا فائر به ڪيا ۽ کيس اڦٽ مارڻ چاهيو مگر هو هن حملي ۾ محفوظ رهيو.
بلبل مسلمانن کي بيشمار نوڪريون وٺي ڏنيون جن ۾ مخدوم محمد انور صديقي پاٽائيءَ جي فرزند مخدوم نور الدين صديقي جي ڊپٽي ڪليڪٽر طور مقرري جو مثال نهايت دلچسپ ۽ حيرت انگيز آهي. بلبل محسوس ڪيو ته سنڌ جا مسلمان مختلف ادارن ۾ ڌڪا کائي رهيا هئا، مگر ڪنهن به اداري ۾ سندن جائز ڪم به نه ٿي ٿيا، ڇاڪاڻ جو هر اداري جا وڏا آفيسر هندو هئا. ملن ۽ مولوين انگريزي تعليم کي ڪفر قرار ڏئي مسلمانن کي پنجاهه سال پوئتي ڌڪي کين پسمانده ڪري ڇڏيو هو. هن مسئلي جو حل بلبل هن طرح ڪڍيو جو پنهنجي مداح دوست سرهينري لارينس کي آماده ڪري برصغير جي مختلف شهرن مان نيڪ ۽ عمده مسلمان عملدار گهرائي سنڌ ۾ مقرر ڪيا، جن سنڌي مسلمانن جي وڏي خدمت ڪئي ۽ مرندي گهڙي تائين بلبل ۽ بلبل جي اولاد سان تعلقات قائم رکيون آيا. اهڙن اعليٰ آفيسرن مان چند نالا هيٺ لکجن ٿا:
1.مولانا ضياءُ الدين احمد صاحب، 2. سيد محمود شاهه صاحب، 3. جناب طفيل محمد خان، 4. جناب نور نبي خان صاحب، 5. جناب محمد اسماعيل خان صاحب، 6. سيد الطاف حسين خان صاحب، 7. ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي صاحب هي سڀ مختلف کاتن جا اعليٰ عملدار هئا. جناب محمد اسحاق مشهور قانوندان به شايد مولانا ضياءُ الدين احمد جي اولاد مان هو.
*1. اسان جي خانداني ڄم ۽ موت جي رجسٽر ۾ خان صاحب محمد اسماعيل جي رحلت جي تاريخ هن طرح لکيل آهي. ڏاڏا سائين لکيو آهي “اڄ تاريخ 29 جون 1955ع ڏينهن اربع جي خان صاحب محمد اسماعيل رٽائرڊ ڪمشنر ايڪسائيز ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم حضرت بلبل جو دلي دوست هو ۽ نوڪريءَ جي آخري عرصي تائين اسان تي ڪرم جي نظر ڪندو آيو ۽ رٽائر ٿيڻ بعد به.
* 2. جناب ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي جي اولاد سان ڀائپي برادري جا تعلقات اڃا سوڌو قائم آهن. جناب ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي سنڌ جي هيلٿ کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل هو ۽ بلبل جي هم عصر ساٿي ۽ دوست جناب اڪبر الهه آبادي جو شاگردِ رشيد هو ۽ بلبل ۽ اڪبر الهه آبادي متعلق ڳالهيون ڪندو رهندو هو. سيوهڻ شريف جي صديقي خاندان سان مٽي مائٽي قائم ٿيڻ بعد سنڌ جو سنڌي باشندو بڻجي ويو.
جناب محمد اسماعيل خان روينيو کاتي ۾ سيٽلمينٽ ڪمشنر هو ۽ راقم التحرير جي والد سان به سندس سٺا تعلقات رهيا. دادو ضلعي جو به آفيسر ٿي رهيو. مولانا ضياءُ الدين احمد شايد پوليس کاتي ۾ ايس. ايس. پي هو. ان وقت پوري سنڌ اندر صرف هڪ ئي ايس. ايس. پي هوندو هو.
حضرت بلبل جو ٻيو انگريز بي تڪلف دوست مسٽر ايڊورڊ جان بولس لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر هو. ان وقت دادو ضلعي جو وجود نه هو. هي صاحب بلبل جي رهائش گاهه بلبل هائوس تي ٻئي ٽئين مهيني ۾ هڪ دفعو ضرور ايندو هو. بلبل سندس توڙي سندس گهر واريءَ کي سنڌي ۽ فارسي زبانن جو سيکاريندڙ استاد هو. ليڊي ولنگٽن جا به بلبل سان تمام سٺا تعلقات هئا.
بلبل سندس سماجي ڪمن جهڙوڪ اسپتالون تعمير ڪرائڻ ۽ تعليمي مرڪز قائم ڪرڻ ۾ سندس معاون ۽ مددگار رهيو. بلبل پرڪشش شخصيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ خوش پوشاڪ، خوش خلق ۽ ٽيبل ٽاڪ (Table Talk) جو ماهر هو. جيڪو شخص ساڻس هڪ دفعو ملندو هو سندس مداح ۽ گرويده ٿي ويندو هو. اهڙو تاثر جناب پروفيسر محمد آدم ٻٽ به پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ ڏنو آهي.
مسٽر E.J. Bonlus بلبل جي صحبت ۾ مسلمانن جو همدرد بڻجي ويو. رٽائر ٿيڻ بعد لنڊن وڃي ٻه ڪتاب تحرير ڪيائين 1. Sehwan Reverie ۽ 2. Influence of Islam بلبل جي مدبرانه شخصيت سبب هي ٻه وڏا انگريز آفيسر ڪافي بدلجي ويا ۽ مذهب اسلام کي ڪافي حد تائين سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا. لنڊن کان پوءِ مسٽر بولس آمريڪا ۾ مقيم ٿي ويو ۽ اتي جي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين ٿي رهيو. سندس اولاد اتي اڃا سوڌو موجود آهي.
حضرت بلبل لاهور، دهلي ۽ حيدرآباد دکن ۾ اٽڪل ڏهه سال رهيو ۽ صحافت جي پيشي سان منسلڪ رهي اتي جي هر قسم جي حالات جو مشاهدو ڪيائين. اتي به سندس بيشمار دوست هئا جن جو ذڪر نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. صحافين ۾ منشي دين محمد ذوق جنهن بلبل جي مڪمل سوانح حيات پنهنجي اخبار “پنجهءِ فولاد” ۽ “انتخاب لاجواب” ۾ اردو زبان ۾ بمع تصاوير تاريخ 7 مئي 1906ع ۾ شايع ڪئي هئي. (3) بلبل لاهور جي اخبارن پيسه، زميندار، پنجهءِ فولاد ۽ انتخاب لاجواب جو رپورٽر رهي چڪو هو. مولانا ذوق، مولوي محبوب عالم، مولانا ظفر علي خان، مرزا ڪاظم علي غازي، سيد ارتضى حسين عرف ملان واحدي، بيشمار اخبارن جو ايڊيٽر ۽ ڪتاب “اجڙا ديار” جو مصنف خواجه حسن نظامي گادي نشين درگاهه خواجه نظام الدين اولياء دهلي. جيڪو شاعر ۽ اديب به هو، هن خاندان جا تعلقات بلبل کان پوءِ بلبل جي اولاد سان به قائم رهيا. خواجه نظامي صاحب بلبل جي بي تڪلف دوستن مان هڪ هو. هنن صاحبان کان علاوه جناب حسرت موهاني ۽ جناب اڪبر الهه آبادي به بلبل جا دوست خاص هئا. جناب حسرت موهاني جي دختر ڪراچيءَ ۾ مقيم رهي ۽ راقم التحرير جي والد سان سندس خط و ڪابت سال 1970ع کان ڪجهه عرصي تائين رهي. (4) جناب حسرت موهاني ۽ خواجه ارتضيٰ حسين نظامي خير پور رياست جي مشاعرن ۾ بلاناغه شرڪت ڪندڙ شعراء ڪرام ۾ شامل رهيا. جناب ارتضيٰ حسين نظامي جي اولاد جا تعلقات بلبل جي فرزند ضياءُ الدين ضيا سان قائم رهيا. (5) جناب اڪبر الهه آبادي ۽ بلبل “اوڌ پنچ” ۾ لکندا هئا. جناب اڪبر الهه آبادي جو مزاحيه ڪلام جڏهن ته بلبل جو مزاحيه ڪلام ۽ ڪالم هن اخبار ۾ شايع ٿيندا هئا. “اوڌ پنچ” کان علاوه بلبل جا ڪالم دهلي پنچ، خيرخواه عالم ۽ ڪشف العلوم اخبار دهلي ۾ به شايع ٿيندا هئا. (6) بلبل حيدرآباد دکن ۾ جناب نظام دکن جي دعوت تي ويو هو ۽ اتي اٽڪل 8 سال رهيو ۽ ٻن اخبارن دکن پنچ ۽ خورشيد دکن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. پنهنجي وڏي ڀاءُ رئيس پير بخش خان کي هي ٻئي اخبارون باقاعدگي سان موڪليندو هو. مگر ٻئي ادبي مواد وانگر هي اخبارون به ڳري پرزا پرزا ٿي ويون.
مسلم عمائدين ۾ بلبل سر سيد احمد خان جو معتقد هو ۽ باقي سندس خاص دوست جهڙوڪ نواب محسن الملڪ، نواب وقار الملڪ ۽ نواب سليم الله خان، نواب سر شاهنواز خان ڀٽو به بلبل جا ساٿي هئا. مسيح الملڪ حڪيم اجمل خان، سيد جسٽس امير علي ۽ مسٽر علي محمد دهلوي اخبار الحق حيدرآباد سنڌ جو انگريزي سيڪشن جو ايڊيٽر بلبل جا سٺا دوست هئا. اخبار الحق جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر بلبل هو. دهلوي صاحب پوءِ آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ايسوسي ايشن دهلي جو سيڪريٽري ٿي ويو. مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، نواب زاده آفتاب احمد، جناب خواجه الطاف حسين حالي ۽ جناب شبلي نعماني بلبل جي دلي دوستن ۾ شمار ٿيندا هئا ڇاڪاڻ جو بلبل علي گڙهه تحريڪ جي اولين حامين ۽ آزاديءَ لاءِ راهه هموار ڪرڻ ۾ هنن عمائدين سان شامل رهيو.
حضرت بلبل هڪ ممتاز ۽ ماهر اديب به هو ته هڪ قادر الڪلام ۽ في البديهه شعر چوندڙ شاعر به هو ۽ سندس شاعري برائي فن يا برائي تفريح نه بلڪه قومي افاديت جي حامل اصلاحي ۽ تعميري شاعري هئي، جنهن جي ڪري سنڌ جا مسلمان پنهنجي آبائي تهذيب تي قائم رهي سگهيا ۽ نصاره تهذيب جي وچڙندڙ وبا کان بچي ويا. جناب پير علي محمد راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب “اُهي ڏينهن اُهي شينهن” ۾ “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ هن طرح لکڻ فرمائي ٿو “انگريزن جي پيرن پختي ٿيڻ بعد ديسي ماڻهو سندن تهذيب جي ظاهري مک چک تي موهجي صاحب لوڪ بڻجڻ جو سعيو ڪرڻ لڳا، مگر بلبل جي قلمي جهاد کين پنهنجي اباڻين روايتن جا ليڪا لتاڙڻ کان روڪي رکيو. بلبل هن انقلاب جي قيادت به پاڻ ڪئي ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿيو.”
بلبل هڪ بيباڪ ۽ جرئتمند صحافي به هو ۽ صحافي به اهڙو جنهن کي سنڌ جي تمام نامور نقاد حضرات سنڌ جي صحافت جو بي تاج بادشاهه، ڏاڏو آدم، باني، امام ۽ سرواڻ سڏيو آهي. اٽڪل اڌ ڊزن اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ ڪجهه رسالا به سندس ادارت ۾ شايع ٿيندا رهيا. پهرئين اخبار جيڪا سنڌ ۾ سندس ادارت هيٺ جاري ٿي اها “المعاون” هئي. ان کان سواءِ ڪراچي گزيٽ، بلبل ڪراچي، وطن ڪراچي، الحق حيدرآباد، مسافر لاڙڪاڻو، آفتاب سنڌ سکر ۽ رسالو جامع العلوم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي وغيره سندس ادارت هيٺ شايع ٿيا.
اخبار المعاون ڪا عام رواجي اخبار نه هئي. هيءَ هڪ سياسي قسم جي اخبار هئي جنهن جي ذريعي مسلمانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيو ويندو هو ۽ سندن ذهني صلاحيتن جي نشو نما ڪري کين آزادي حاصل ڪرڻ جون ترغيبون ڏنيون وينديون هيون ۽ اهڙيون ترڪيبون سيکاريون وينديون هيون جيئن هو پنهنجن پيرن تي بيهي هندن جي مدمقابل اچي سگهن ۽ پوءِ پنهنجي آزاديءَ لاءِ پنهنجي بل بوتي تي انحصار ڪندي هندن جي حمايت ۽ عملي مدد کان سواءِ پنهنجي آزادي لاءِ آواز بلند ڪري سگهن ۽ زوردار تحريڪ هلائي آزادي حاصل ڪري سگهن. هن اخبار جو مقصد هو مسلمانن جي ذهني ڪايا پلٽ ڪرڻ. هيءَ اخبار گويا مسلمانن جو سياسي هٿيار ۽ ترجمان به هئي ته سندن آواز به هئي.(7) هن قسم جي اخبار کي هلائڻ ڪنهن عام رواجي ايڊيٽر جي وس جي ڳالهه نه هئي. چوٽي جي باڪمال صلاحيت جي مالڪ ۽ جرئتمند صحافي هجڻ سان گڏ سياسي بصيرت رکندڙ ۽ سياسي ميدان جي هڪ ماهر شهسوار جي ضرورت هئي، ان کان علاوه قوم جي نبض شناس رهنما ۽ رهبر جي ضرورت هئي جيڪو قومن جي ذهنن جي ڪايا پلٽ ڪرڻ جو هنر ڄاڻيندڙ هجي. ان کان علاوه هڪ عالم دين، خطيب ۽ بلند ڪردار جي مالڪ جي هن اخبار کي ضرورت هئي. هي سڀ خوبيون صرف بلبل ۾ ماهرانه قسم جون موجود هيون، جنهن هن اخبار کي آسمان جي بلندين تي پهچائي ڏيکاريو. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيي صاحب جا تاثرات ملاحظه ڪري ڏسو: “اسان مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته سياست ۽ صحافت جو پاڻ ۾ ويجهو سُٻنڌ آهي ۽ سياست مناسب موقعا ۽ وارداتون مهيا ڪري” صحافت جي تلوار” کي تيز ڪندي آهي ۽ جلا بخشيندي آهي پر جڏهن سياسي سوجهه ٻوجهه وارو ماڻهو صحافت جي ميدان ۾ لهي پوي ته اهو ڪهڙي پائي ۽ بلنديءَ جو قلم ڪار بڻجي سگهي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي. اهائي خوبي ۽ خصوصيت مرحوم شمس الدين بلبل ۾ هئي جنهن کيس پنهنجي صحافتي پيشي جو بي مثال ۽ منفرد مقام حاصل ڪرايو ۽ هن قلمي قوت سان مخالفن جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪيو. منهنجي خيال ۾ ان ساڳي خصوصيت جو ڪرشمو اسان ويجهڙائي واري دور ۾ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جناب علي محمد راشديءَ جي شخصيتن ۾ ڏسي چڪا آهيون . لطف جي ڳالهه اها آهي ته “بلبل” جي عظمت جو اعتراف، ساڳئي زمري ايندڙ راشدي صاحب هن طرح ڪيو آهي ته مرحوم شمس الدين بلبل سنڌ اندر اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو. سندس همعصر صحافي ۽ شاعر مرحوم محمد هاشم مخلص وري هن طرح داد ڏنو:
“بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص ۽ صحافي هو جنهن پهريان پهريان صحيح معنى ۾ ايڊيٽري ڪئي ۽ موجوده سليس ۽ اثر انگيز مضمون نويسي جو سڪو ڄمايو.”
ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو صاحب صفحه 75 تي لکي ٿو: “در اصل مرحوم بلبل کي عملي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ اهو درد ذميوار هو جو کيس سنڌي مسلمانن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي طرح پٺتي رهجي وڃڻ واري حقيقت مان پيدا ٿيو هو. ان زماني ۾ مسلمانن جي حالت واقعي افسوس ناڪ هئي. هر طرف هندو ڇانيل ۽ اثر انداز هئا ۽ هر هنڌ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ واري پوزيشن ۾ هئا.” *
بلبل جڏهن هن اخبار جي ادارت ڇڏي ته پوءِ هيءَ اخبار نيم مرده حالت ۾ نڪرندي رهي مگر منجهس اها جان نه رهي بس هڪ عام اخبار وانگر ٽلڪندي رهي.
حضرت بلبل اعلى درجي جو نثر نويس ۽ مصنف به هو، هن اٽڪل 45 ڪتاب لکيا آهن، ڪجهه ڪتاب اڃا تائين قلمي آهن، شايع ٿيل ڪتابن مان ڪجهه ناياب ۽ ڪجهه ناپيد ٿي چڪا آهن. سندس تحرير جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پهتل هو ۽ پوري سنڌ سندس تحرير جي مشتاق ۽ معترف هئي. پوري سنڌ اندر سندس تحرير جي ڌاڪ ويٺل هئي. سردار محمد يعقوب، جناب حامد علي خان، مخدوم محمد انور صديقي، ڊاڪٽر خان محمد پنهور، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، حاجي محمود خادم، محمد بخش واصف حيدرآبادي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني، ڊاڪٽر وفا راشدي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، جناب مشتاق احمد پٺاڻ، جناب احمد خان ايم سيال، جناب بشير احمد ميمڻ، جناب محمد اسحاق شيخ، سيد پير حسام الدين شاهه راشدي، جناب احمد خان آصف مصراڻي، جناب حاجي خان بلوچ، جناب محمد عرس ٻرڙو، جناب مير رحيم داد مولائي شيدائي، جناب شمشير الحيدري، ديوان ليلارام ڏيونداس، مولانا غلام محمد گرامي، جناب عبدالواحد سنڌي، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، حافظ محمد احسن چنا، جناب محمد موسى ڀٽو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي، سيد علي اڪبر شاهه، پروفيسر محمد آدم ٻٽ، جناب شعبان بخت، محمود الحسن خان نيازي ميانوالي، قاضي ميان جان محمد عارفي، محمد امين مگسي، محمد نواز محزون، محمد علي دائود پوٽو “عيان”، مولانا عبدالڪريم چشتي، رئيس ضياء الدين “ضيا”، مولانا دين محمد وفائي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، ڊاڪٽر اياز قادري، محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، محترمه ڊاڪٽر شاهده بيگم ۽ ايني ميري شمل جا حضرت بلبل متعلق لکيل مضمون سنڌي ادبي تاريخ جو اهم حصو آهن.
مون پنهنجي هن تحرير ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه به نه لکيو آهي. مبادا قارئين ڪرام ائين سمجهن ته ڊاڪٽر رياض الدين پنهنجي جد امجد سان بيشمار خوبيون ۽ لياقتون شامل ڪري وڌاءُ جو مظاهرو ڪيو آهي ان لاءِ سنڌ جي اٽڪل پنجاهه قدآور اهل قلم ۽ اهل علم حضرت جي مضامين مان چونڊ ٽڪرا پيش ڪيا اٿم. اهي سموريون لکڻيون ان ڳالهه جون شاهد آهن ته هن تحرير ۾ جو ڪجهه به لکيل آهي اهو سمورو احوال انهن اهل قلم جي تحرين ۾ موجود آهي. حضرت بلبل ايترين خوبين ۽ صلاحيتن جو مالڪ آهي جنهن جو تصور به ڪري نه ٿو سگهجي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته بلبل پنهنجي وقت جو تمام وڏو ماڻهو هو.
مضامين جيئن ته سڀ وڏا آهن انڪري ضروري تلميع ۽ تلخيص ڪئي وئي آهي، جيڪي مضامين اردو زبان ۾ لکيل آهن انهن جو ترجمو ڏنو ويو آهي.
سردار محمد يعقوب خان وزيراعظم خيرپور رياست هڪ خط ۾ بلبل کي لکڻ فرمائي ٿو “هرگز هرگز اسان جو اهو ارادو نه آهي ته فقط ظاهري لباس ۾ اوهان جي تعريف ڪجي مگر سچ پچ ته اوهان جي اخبار جا مضمون اهڙي سنجيدگي ۽ ڪلام جي خوبصورتي سان سينگاريل هوندا آهن جنهن جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي، وڏي خوشيءَ سان هيءَ ڳالهه قبول ٿا ڪريون ته سنڌي زبان بيشڪ وڻندڙ نموني ۾ لکي سگهجي ٿي جنهن جي ثابتي خود اوهان جون تحريرون آهن. هيءَ رڳو ڪا منهنجي راءِ نه آهي بلڪه منهنجو ڀاءُ محمد يوسف مون کان به وڌيڪ اوهان جي مضمون نويسي جو قائل ٿو ڏسجي، بلڪه ثنا خوان آهي”. (بلبل سنڌ، ڇاپو 1951ع مؤلف ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل)
جناب حامد علي خان بلبل جو گهاٽو دوست ۽ مداح، لاڙڪاڻي ضلعي جو ڪليڪٽر پنهنجي هڪ خط مورخه 31 مارچ 1911ع ۾ بلبل کي لکي ٿو “سچ پچ ته اها خدا جي وڏي بخشش چئبي جو سنڌ جهڙي ريگستان ۾ اوهان جهڙا ٻيا به هڪ ٻه بلبل جيڪڏهن هو ڏياري موڪلي ته هوند هي ويرانو رشڪ عدن بڻجي پوي.” (بلبلِ سنڌ ڇاپو 1951ع مؤلف ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل).
پنهنجي دؤر جو ممتاز عالم دين، اسڪالر ۽ خطيب مخدوم محمد انور صديقي پاٽائي بلبل جو پيارو دوست، پنهنجي هڪ تحرير ۾ جيڪا “آفتاب سنڌ” جي پرچي تاريخ 25 اپريل 1908ع ۾ شايع ٿي هئي ان ۾ لکڻ فرمائي ٿو “جيئن ناليري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن، پنهنجن ناولن ۾ فلسفه ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجي قوم جيڪا فيشن جي دلداه ٿي چڪي هئي، انهن ۾ هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو تيئن بلبل جي ظرافتي مقالن ۽ تصنيفن جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو سو قوم کي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي. جيستائين مصنف عوام جي دلين جي لاڙي کي جاچي انهن جي مزاج موجب نه لکندا تيستائين سندن تصنيفون گهربل اثر پيدا نه ڪنديون، مشهور شاعر شيڪسپيئر جي سر جو سهرو جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنهن تي سونهين ٿو ته اهو بلبل ئي آهي .” (بلبل سنڌ ڇاپو 1951ع مؤلف ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل)
جناب ڊاڪٽر خان محمد پنهور، پنهنجي تحقيقي مقالي “الوحيد جو سنڌ جي صحافت، سياست ۽ علم و ادب ۾ حصو” ۾ هن طرح اظهار ڪرڻ فرمايو آهي: “ان وقت انگريزن خلاف نفرت عروج تي هئي. مسلمان انگريزي تعليم پرائڻ کي ڪفر سمجهندا هئا. ان زماني ۾ حسن علي آفندي انهن رجعت پسندن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌي سنڌ مدرسه پريس مان هڪ هفتيوار اخبار “معاون مجمع” جي نالي سان جاري ڪئي، جيڪا سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جي پاليسي مطابق هئي ۽ اها اخبار جهڙوڪر ان تنظيم جي ترجمان طور ڪم ڪندي هئي جنهن جو مقصد مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ ۽ جديد علم حاصل ڪرڻ لاءِ منجهن جوش ۽ جذبو پيدا ڪرڻ هو ۽ کين انگريزي پڙهڻ ۽ ان لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ۽ پوءِ انگريزن ۽ هندن سان مقابلو ڪرڻ جون ترغيبون ڏنيون وينديون هيون.
معاون اخبار جو ايڊيٽر مدرسي ۾ فقھ جو عالم ۽ استاد مولوي محمد عثمان نورنگ زاده هو. جنهن جي جاءِ تي پوءِ مولوي الله بخش اٻوجهو ۽ پوءِ شمس العلماء شمس الدين بلبل مقرر ٿيا جيڪي پنهنجي وقت جا مشهور استاد ۽ ليکڪ هئا، انهن هن اخبار کي تعليم، ادب ۽ معلومات جو واهڙ بنايو.”
جناب حڪيم فتح محمد ‘صغير’ سيوهاڻي پنهنجي خود نوشھ سوانح حيات ۾ هن طرح رقم طراز آهي.“اهو محترم شخص سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهلِ قلم رئيس شمس الدين بلبل هو جنهن جي شعر جو شهر و سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل هو.” (ماهنامه نئين زندگي ماهه نومبر 1961ع.)
جناب حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي جو مقالو “بلبل مرحوم سنڌي مفڪر جي حيثيت ۾” جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان تاريخ 15 اپريل 1951ع تي پڙهيو ويو هو ۽ ماهنامه نئين زندگي جي پرچي ماهه آڪٽوبر 1965ع ۾ پڻ شايع ٿيو آهي ان ۾ خادم صاحب فرمائي ٿو “بلبل سڀني کان پهريائين موجوده سليس نثر نويسي جو رنگ اختيار ڪيو جيڪو خاص طرح اخباري دنيا لاءِ بالڪل ڪارائتو ثابت ٿيو. بلبل مرحوم کان اڳ سنڌي نثر نويسي جو نمونو فارسي جي تتبع تي مقفى ۽ مسجع عبارت وارو رائج هو. اهو نمونو صرف فارسي زبان ۾ ڪامل دستگاهه رکڻ وارا لکي سگهندا هئا باقي ‘نو آموز يا يا ٿورو پڙهيل ٻه سٽون به لکي ڪونه ٿي سگهيا، ملڪ کي بلبل جو اهو عظيم الشان احسان ڪڏهن به نه وسرندو.” (بلبل- سنڌ، ڇاپو 1951ع مؤلف ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل).
محمود خادم صاحب فرمائي ٿو “شاعرن جو سرتاج، صوفين جو صوفي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه رحمة ۽ شيڪسپيئر هن قسم جي مفڪرن جا مثال آهن. اهڙي طرح بلبل مرحوم به هن معيار جي مفڪرن مان هو. سندس نشان ۽ امتياز هي آهي ته هن جي فن جو اثر ان وقت جي سوسائٽي تي نهايت عمدو پيو ۽ عوام جي اخلاق جي اصلاح ۾ نهايت ڪامياب ٿيو. انهيءَ ڪري هن پاڻ کي ملڪ جو مفڪر ۽ شاعر ثابت ڪيو ۽ قوم ۾ نهايت خوشگوار انقلاب آڻڻ جو باعث بڻيو.”
هن ئي مقالي جو هڪ ٻيو پيراگراف قارئين جي ڄاڻ لاءِ پيش ڪجي ٿو:
“ايني بيسنت جڏهن هندستانين کي مذهبي رنگ ۾ ڀنڀلائي انگريز حڪومت جي ڄار ۾ اڻ سڌي طرح وڌيڪ مضبوط جڪـڙڻ جو جتن ڪيو ۽ هوم رول جي تحريڪ ڍونگ ڪري جاري ڪئي تڏهن بلبل مرحوم ان چال جي اصليت کي پروڙي ويو ۽ ان جي خلاف زوردار تحريڪ هلائي ۽ قلم کنيو جيئن مسلمان هن جي پيچ ۽ دولاب ۾ نه اچن. ان تحريڪ جي بر عڪس هن مسلمانن لاءِ جدا قوميت جي صدا بلند ڪئي. پنهنجي ڪتاب “جام-جم” جي صفحي 56 تي لکي ٿو“خدا کي دانهن آهي ته مسلمانن جي حال تي ڪو رحم ڪري، اسان جو اهو مطلب نه آهي ته مسلمان اصل پوليٽيڪل ميدان تي نه اچن ۽ ماٺ ڪري سمهي پون، نه بيشڪ هو واسطو رکن ۽ شد مد سان حصو وٺن مگر جداگانه پنهنجا قومي مذهبي ملڪي حق گهرن، محڪوم قوم جي غلامي کان آزاديءَ جا پهه پچائين. اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن”.
حضرات! پاڪستان لاءِ گويا هي پهرئين صدا هئي جا سرزمين سنڌ تان بلند ٿي ۽ ان وقت فضا ۾ گونجي جنهن وقت مسلم ليڊر هندن جي شموليت سان رڳو چند سڌارن ملڻ لاءِ ڪوشان هوندا هئا.”
حضرت بلبل جي سڌي سنئين ۽ واضح گهر ته مسلمانن کي الڳ مسلم رياست گهرجي ڪن اهل قلم حضرات حڪومت وقت جي ڊپ کان ان کي گول مول الفاظن ۾ بيان ڪيو آهي. هيءَ حقيقت آهي ته برصغير ۾ پهريون شخص بلبل ئي هو جنهن لکت ۾ سن 1918ع ۾ مسلمانن لاءِ الڳ رياست جي گهر ڪئي آهي جنهن لاءِ وزنائتا دليل پڻ ڏنا اٿس. بلبل جي سياسي بصيرت ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي قوت جو فيصلو قارئين ڪرام خود ڪن.
جناب محمد بخش واصف حيدرآبادي جو چوڻ آهي ته “مرحوم بلبل کي قسام ازل کان ڪيتريون خوبيون قسمت ۾ آيون هيون جيئن شعر و شاعري جي فصاحت و بلاغت، نثر نويسي جي نزاڪت، ان سان گڏ ظرافت جي ضيافت ۽ فن صحافت جي قابل قدر لياقت ۽ قابليت، انهن مڙني خوبين ۾ مرحوم بلبل پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس ڪلام جي رواني موج دريا جي نشاني آهي، چوندي چوندي بحر پلٽيو وجهي، نظم جي عزم کي ڇڏي سندس نثر نويسي کي وٺبو ته اتي به حيرت ئي حيرت آهي. نثر جي نفاست توڙي ان جي نزاڪت لاجواب آهي، جنهن جي حد نه ڪو حساب آهي. ظرافت جي لياقت بلبل جي فطرت ۾ بلڪل ڪثرت سان ٿي ڏسجي. فقري فقري ۾ اهڙو رنگ رچايو اٿس ۽ جملي جملي ۾ انهيءَ ڍنگ جو مچ مچايو اٿس.” (ديباچه- بلبل سنڌ- 1951ع).
جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي هڪ تحرير “سنڌ جو حالي رئيس شمس الدين بلبل” ۾ لکڻ فرمائي ٿو ته “سنڌي ادب جا جيڪي وڏا قدآور ۽ ڳاڻ ڳڻيا نالي وارا دانشور ٿي گذريا آهن، مرحوم رئيس شمس الدين بلبل انهن مان هڪ هو. هو صاحب ان زماني ۾ سنڌي صحافت جو يگانو ماهر ۽ قابل ڪالم نگار هو. بلبل مرحوم هڪ طرف قابل مزاحيه نگار ۽ تنقيدي شاعر هو ته ٻئي طرف هڪ بينظير نثر نويس. ڪامياب صحافي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو باني، مزاحيه ۽ تنقيدي ڪالم نگار به ٿي گذريو آهي. ظرافت جيئن ته سندس طبيعت ۾ شامل هئي انهيءَ ڪري سندس نثر نويسي ۽ ظريفانه شاعري ۾ هن ڏاهپ کي ڪم آڻي ان زماني ۾ سنڌ ۾ گهڻو داد حاصل ڪيائين. معاون اخبار جي ايڊيٽر هجڻ واري زماني ۾ سندس لکيل ظريفانه ۽ فلسفيانه مضمون ۽ تنقيدي توڙي مزاحيه ڪالم ان زماني ۾ سنڌ ۾ وڏي چاهه سان پڙهيا ويندا هئا. سندس طرز تحرير ان زماني ۾ مثالي سمجهي ويندي هئي. حقيقت ۾ سنڌ اندر نثر ۾ ظرافت جو هو موجد هو ۽ سندس انداز بيان به مثالي هو. سنڌي نثر نويسي جي عبارت ۾ هن بزرگ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو هو. اهو ئي سبب آهي جو ان وقت جا عالم، اديب ۽ شاعر کيس سنڌ جو حالي سڏيندا هئا.”
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحرير جيڪا سماهي مهراڻ رسالي نمبر-1 سال 2010ع ۾ شايع ٿي آهي ان ۾ ڊاڪٽر صاحب لکڻ فرمائي ٿو “شمس الدين بلبل پنهنجي دؤر جو وڏو اديب، تعليمي اڳواڻ، سياسي مفڪر، محب وطن، بيباڪ صحافي، فارسي ۽ سنڌي جو قادر الڪلام شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص بلبل هو. ميهڙ شهر جي هڪ معزز زميندار گهراڻي مان هو، رئيس شمس الدين بلبل جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ ان ساڳي نسبت سان سندس فرزند “رئيس ضياءُ الدين ضيا بلبل” به مشهور ٿيو.
رئيس شمس الدين بلبل هڪ سنڌ دوست سياسي اڳواڻ هو. وقف علي الاولاد ۽ دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ جهڙا قانون پاس ڪرائي سنڌ سان لاڳو ڪرايائين جنهن مان بلبل جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت نمايان نظر اچي ٿي. بلبل جديد صحافت جو سرواڻ هو. سنڌي نثر ۽ نظم جو اڳواڻ هو. سنڌ جي بدلجندڙ سماج تي تنقيد ڪيائين ۽ پنهنجي ظرافت ۽ خوش طبعي سان وقت جي نَوَنِ انگريزي پڙهيل فيشنئبل نوجوانن جو پنهنجي ڪلچر کان بيگانگي ڏانهن ڌيان ڇڪايائين.”
جناب ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسيني، ديوان بلبل ڇاپو 1987ع ۾ ناشر جي حيثيت سان پنهنجا “ٻه اکر” لکندي انهن ۾ فرمائي ٿو: “عروضي شاعري ۾ مزاحيه طرز نگاري جو باني مرحوم رئيس شمس الدين بلبل ئي هو. محمد هاشم مخلص، نور محمد نورل نظاماڻي ۽ ٻيا بلبل جي اسٽائيل کان متاثر ٿيا”. “ڪلام بلبل” ڇاپو 1987ع ۾ پڻ ڊاڪٽر اسد الله شاهه صاحب ناشر طور “ٻه اکر” هن طرح لکڻ فرمايا آهن:“بلبل جي نعتيه ڪلام کان سواءِ اهو ڪلام به آندو ويو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي مخصوص مزاحيه ۽ طنزيه انداز ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ پيدا ٿيل عيبن جي نشاندهي ڪئي آهي. سندس ظرافت ۽ شوخي جو مقصد فقط تفريح طبع يا اجائي باده گوئي ڪانهي بلڪه قوم جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي کي بهترين روش تي هلائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. بلبل پنهنجي فن جو امام آهي ۽ سندس پاءِ جو انهيءَ مخصوص فن ۾ اڃا ڪو شاعر پيدا ڪونه ٿيو آهي.”
جناب ڊاڪٽر وفا راشدي صاحب اردو ڳالهائيندڙ نارٿ ناظم آباد ڪراچي جو رهاڪو، اردو ۽ بنگالي زبانن ۾ لکندڙ عظيم مصنف هو. باباءِ اردو مولوي عبدالحق جي لائبريري سان وابسته هجڻ سان گڏوگڏ شايد ڊگري ڪاليج ڪراچي ۾ به پروفيسر طور سندس تقرر ٿيل هو. وڏن وڏن ليکڪن، عالمن ۽ دانشورن جهڙوڪ شان الحق حقي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري، باباءِ اردو مولوي عبدالحق، ڊاڪٽر سيد عبدالله، ڊاڪٽر عندليب شاداني، ماهر القادري، پروفيسر فروغ احمد، پروفيسر سيد نقوي احمد، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، مخدوم امير احمد، ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، مولانا غلام مصطفى قاسمي وغيره وغيره سان سندس تعلقات رهيا ۽ سنڌ جي سڀني اهم ڪتب خانن مان استفادو ڪيائين. سندس تصنيفات ۾ چند ڪتابن جا نالا هي آهن:
1.بنگال ۾ اردو، 2. حيات وحشت، 3. پيام نو ، 4. سنهرا ديس، 5. خالد ايڪ نيا آهنگ، 6. آهنگِ ظفر، 7. اردو ڪي ترقي ۾ اوليائي سنڌ ڪا حصه ۽ 8 مهراڻ نقش وغيره.
ڊاڪٽر وفا راشدي صاحب “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ پنهنجي ڪتاب مهراڻ نقش ۾ جو ڪجهه لکيو آهي ان جي تلخيص ۽ ترجمه پيش خدمت آهي. راشدي صاحب لکڻ فرمائي ٿو: “سنڌ جو قومي شاعر، ملڪ الشعراء سنڌ شمس الدين بلبل سنڌ جو نامور عالم، مفڪر، شاعر، اديب، صحافي ۽ مزاحيه نگار هو. اها حقيقت آهي ته سنڌ جي قومي شاعر جي حيثيت سان شمس الدين بلبل جون خدمتون فراموش ڪري نه ٿيون سگهجن. رشيد احمد لاشاري جي لکڻي موجب باب الاسلام سنڌ ۾ سڀ کان پهريائين جنهن شاعر صحيح معنى ۾ قومي شاعري ڪئي ۽ ان سان گڏ پاڪستان جو تصور پيش ڪيو اهو بلبل سنڌ شمس الدين بلبل ئي هو.
شمس الدين بلبل عالم دين، مفڪر اسلام ۽ عوامي شاعر هو. سندس تحرير ۽ تقرير مسلم قوم ۽ پوري انسانيت جي اصلاح، ترقي ۽ بهبود لاءِ وقف ٿيل هئي. هو دنيا دار به هو ته ديندار به هو. تصوف سان کيس فطري لڳاءُ هو. سندس صوفيانه مزاج ۽ درويشانه زندگي سندس عظمت جا مظهر آهن.
الله تعاليٰ ۽ سندس رسول ﷺ جي دين جي فروغ ۽ مسلمانن کي صوم و صلواة جي طرف راغب ڪرڻ لاءِ پنهنجي مسجد جي امامت به ڪيائين. خطبات ۽ درس قرآن جو سلسلو جاري رکيو، قرآن جو تفسير لکيو، سيرت، فقھ ۽ حديث متعلق سلسليوار مضمون به لکيا، سندس صرف اهو ڪمال نه هو ته هن صرف مزاح نگاري ۾ منفرد مقام حاصل ڪيو بلڪه تصوف ۽ معرفت جي فلسفي کي به پنهنجي شاعري ۾ شامل ڪري هڪ صوفي شاعر جو مرتبو به حاصل ڪيو. سندس ڪلام جو وڏو حصو وحدت وجود ۽ شهود جي ارشادات ۽ اصطلاحات تي مبني آهي. گنجينهءِ معرفت ۽ مدح سرور سندس اهڙا ٻه ڪتاب آهن جن ۾ سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ نعتيه ڪلام جو مطالعو ڪرڻ بعد بلبل جي فلسفه، تصوف، اسلامي ۽ ديني عقائد وضاحت ۽ صراحت سان اسان جي سامهون اچن ٿا.
شمس الدين بلبل عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو زبانن جو ڄاڻو هو. عربي کان سواءِ باقي زبانن ۾ نثر ۽ نظم وڏي رواني، برجستگي ۽ شگفتگي سان لکندو هو. تصوف، تفسير، حديث، فقھ، سيرت، مناظره، فلسفه، شعر و عروض، لغت معاني، سياست ۽ تاريخ متعلق سندس تصنيفات ۽ تاليفات موجود آهن. انهن ڪتابن ۾ نظم گهٽ ۽ نثر زياده آهي.” (مهراڻ نقش، مڪتبه اشاعت اردو ڪراچي-1986ع)
محترم ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي تحرير “سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ” ۾ لکڻ فرمائي ٿو : “سنڌي نثر نويسي ۾ جنهن اديب انقلاب آندو سو مرحوم شمس الدين بلبل هو. هو صاحب مرزا قليچ بيگ جو همعصر هو. هن سنڌي ادب تي ۽ خاص طرح سنڌي شعر تي چڱيون تنقيدون لکيون. سال 1892ع کان وٺي قليچ بيگ ۽ بلبل سنڌ جا درخشان ستارا رهيا، جن جي ڪوشش سنڌي ادب کي خوب چمڪايو، هنن جون تحريرون سنڌي ادب ۾ تنقيد جي بنيادي پٿر جي حيثيت رکن ٿيون.
شمس الدين بلبل کي ظريفانه طرز جيان سنڌي ادب ۾ وڏو مقام حاصل آهي جيڪو هن صحافت ذريعي حاصل ڪيو. اخبار “آفتاب سنڌ” جو ڳچ وقت ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ پنهنجون ذاتي اخبارون پڻ ڪڍيائين. بلبل جو سڄو زور معاشري جي سڌاري آڻڻ ۾ لڳل هوندو هو، نئين تهذيب ۽ تمدن ۾ جيڪي خرابيون عام ٿي ويون هيون انهن جي بيخ ڪني لاءِ هن جو قلم تلوار وانگر وهندو هو ليڪن سندس طنز و مزاح خالص تعميري آهي. هن جا مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾ لازوال حيثيت رکن ٿا. سندس نظم موزون، شائسته ۽ بليغ آهي.”
جناب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پنهنجي تصنيف “سنڌي ادب جي تاريخ” ڇپايل سنڌي لئنگويج اٿارٽي ڄامشورو ۾ لکڻ فرمائي ٿو: “سنڌ جو بهترين صحافي، اديب ۽ طنز و مزاح ۾ نالو پيدا ڪندڙ بلبل ميهڙ ۾ ڄائو. اتي ئي مڪتبن ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائين. 1889ع ۾ ڪراچي ويو. اتي حسن علي آفندي جي ساٿ ۾ رهيو. سنڌ مدرسي جي رسالي “جامع العلوم” جي ادارت شروع ڪيائين. اڳ ان جي ادارت محمد عثمان نورنگ زادي وٽ هئي. ان کان پوءِ ڪراچي گزيٽ، خير خواهه، مسافر ۽ آفتاب جو ايڊيٽر ٿي رهيو. سندس قلم جون جولانيون به جاري رهيون. نثر توڙي نظم ۾ بگڙيل معاملن تي نڪته چيني ڪيائين. سنجيده نثر و نظم کانسواءِ طنز ۽ مزاح ۾ به ناليرو ٿيو ۽ پنهنجي دؤر ۾ هڪ وڏي هستي ليکيو ويو. مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ محمد هاشم مخلص به ان زماني ۾ طنز مزاح لکندا هئا پر بلبل پاڻ مڃائي ورتو. پنهنجي بي باڪانه رويي ۽ تکي تحرير ڪري مٿس مقدما داخل ٿيا جن ۾ سرخرو ٿيو ۽ کيس آنريري مئجسٽريٽ جو منصب به مليو. بلبل جو خاص ڪردار سماج جو سڌارو ۽ مسلمانن جي ترقي رهيو. سندس ڪلام ۽ نثري ڪاوشون انهيءَ فرض خاطر هيون.”
جناب ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ صاحب جي تحرير “ بلبل مرحوم جو اصلاحي ڪردار” ماهنامه نئين زندگي ماهه آڪٽوبر 1965ع ۾ شايع ٿي آهي، ان ۾ فرمائي ٿو : “شاعرن جا گهڻا ئي قسم هوندا آهن، ڪي تعميري ته ڪي تخريبي، ڪي اصلاحي ۽ ڪي عاشق مزاج، ڪي طنزيه ته ڪي ڳنڀير، ڪي نج ميٿڊ (يعني في البديهه) ته وري ڪي چٽ ميٿڊ (يعني جڙتو) ڪي عوامي ته ڪي وري علاقائي شاعر هوندا آهن. انهن سڀني ۾ عوامي ۽ تعميري يا اصلاحي شاعر جو درجو سڀ کان اعليٰ ۽ بلند رهيو آهي. ميان شمس الدين بلبل جي تصنيفن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو طنزيه ۽ اصلاحي شاعر هو.”
جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي تحقيقي مقالي “سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس” ۾ رقم طراز آهي ته “پرمانند ميوارام وانگر ٻيا صحافي به بهترين مضمون نويس ٿي گذريا آهن، جهڙوڪ شمس الدين بلبل، ڄيٺمل پرسرام، محمد هاشم مخلص، مولانا نور محمد نظاماڻي ۽ مولانا دين محمد وفائي. بلبل مرحوم طنز و مزاح جي ذريعي پنهنجي مضمونن ۾ هڪ انفرادي اسلوب اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ ڪشش به آهي ته اثر به آهي، سندس سڄو زور معاشري جي اصلاح تي آهي. نئين تهذيب جي منهن ڪڍڻ ڪري معاشري ۾ جيڪا بي راهه روي ۽ غير صحتمندي آئي، ان تي ڀرپور طنز ڪئي اٿس. سندس مضامين، انفرادي اسلوب بيان ۽ طنز ۽ مزاح جي مخصوص رنگ جي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جڳهه والارين ٿا.
پهرئين مهاڀاري لڙائي کان پوءِ عوام ۾ نوان رنگ، امنگ ۽ ولولا اڀريا، اهڙي سياسي شعور عوام کي جمهوريت ۽ سياسي آزادي جي اهميت ذهن نشين ڪرائي. انهي ڪري 1913ع ڌاري سنڌ ۽ هند ۾ آزادي جي هلچل زور وٺي وئي. سنڌي ليکڪ به آزاديءَ جي تحريڪ کان متاثر ٿيا ۽ سماج جي اصلاح سان گڏ سياسي مقصد به آڏو رکي لکڻ شروع ڪيائون . ان سلسلي جي ليکڪن ۾ شمس الدين بلبل جو نالو مڙني کان مٿانهون آهي جنهن پنهنجي تحرير طنز و مزاح جو رنگ پيدا ڪري سنڌي نثر ۾ انفراديت پيدا ڪئي.
ان اوائلي دؤر جي بلند پايه شاعر، اديب ۽ باعمل صحافي رئيس شمس الدين بلبل ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، هن نظم ۽ نثر جي ذريعي مسلمانن کي سمجهايو ته هو انگريزي تعليم حاصل ڪري سرڪاري عهدن تي فائز ٿين.
پڙهو انگريزي وٺو اوج اعليٰ
وٺو خوب عهدا حڪومت هلايو
نه تو ڪاپرائي فضيلت لسان
سکين ڪينڪي انگريزي زبان
هن ذهن نشين ڪرايو ته مسلمان ديني تعليم کي ته ڇڏي ڏنو آهي پر انگريزي تعليم کان پري رهي، پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو آهي. هو اسان کي سمجهائي ٿو ته جديد تعليم پرائي، انگريزي قاعدا ۽ قانون سکي وڪيل ۽ جج ٿيون ته جيئن پنهنجي زندگي به بهتر بنائي سگهون ۽ قوم کي به مشڪل ۾ ڪم اچي سگهون.
وڃائي تو ڇڏيا پنهنجا ٻئي جهان- ڏنا ڪين ڪي انڌا تو امتحان
روينيو جڊيشل وڪالت وغيره- ڪهاڙي سان پنهنجو وڍيئي پاڻ پير
نه ڊپٽي ٿئين تون نه مختيار ڪار- ٿئين همعصرن ۾ ذليل و خوار
جي بي اي ٿي تون کان بعيد قياس- ته مئٽرڪيوليشن به ڪيڙئي نه پاس
اهڙي طرح ڪيترن ئي نظمن ۾ ذهن نشين ڪرايائين ته جيڪڏهن سنڌي مسلمان چاهين ٿا ته هو دنيوي عزت ۽ وقار حاصل ڪن ته کين جڳائي ته انگريزي تعليم پرائين.
جي ڀائين ته مولا ٿئي مهربان- ته سک علم تون انگريزي زبان
جي عزت جهان جي رکو ٽئڊٽش-پڙهو انگلش انگلش انگلش
هو ٻڌائي ٿو ته وقت جي تقاضا اها آهي ته انگريزي تعليم پرائي دنيا ۾ عزت ۽ مان واري زندگي گذارجي.
وقت نازڪ ٿيو وڏو، خوب خبردار ٿي هل
هاڻي سکي ايم لکي ايل پوءِ هوشيار ٿي هل
هن زماني ۾ ٿيو زور، جنهين علم جو اڄ
وٺ اها واٽ، اڳين بات کان بيزار ٿي هل
اڄ پڇي ڪونه سوا پاس مڊل ۽ پيسي
جي اهي ٻئي نه ٿيا موجود ته مردار ٿي هل.
انگريزن جي خلاف جيڪي آزادي جون تحريڪون هليون انهن بابت به سنڌي شعر ملي ٿو، اهڙي طرح ڪيترن ئي سنڌي شاعرن مسلمانن کي بيدار ڪرڻ، آزادي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ نظم لکيا، نه فقط ايترو پر هنن سنڌي زبان ۽ ادب، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي به پنهنجي نظمن ذريعي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن سنڌي زبان ۽ ادب جون خوبيون ۽ خصوصيتون بيان ڪيون، سنڌ جي شاندار تهذيب جي ترجماني ڪئي، سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت لاءِ پيار ۽ محبت جو جذبو جاڳايو ۽ اخلاق ۽ عمل جو پيغام پهچايو. هنن ذهن نشين ڪرايو ته اخلاقي اقدار سان ئي اسان جي ديني خواهه دنيوي زندگي بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ اسان جي شاندار تهذيب برقرار رهي سگهي ٿي. هنن اسان کي خبردار ڪيو ته پنهنجي تهذيب وساري مغربي تهذيب اختيار ڪرڻ ۾ اسان جو سراسر نقصان آهي. هنن اسان کي سمجهايو ته پنهنجي رهڻي ڪهڻي وساري انگريزن جي هلت چلت کي جنبڙي نه پئون. اهڙن شاعرن مان وري به نمايان نالو رئيس شمس الدين بلبل جو ئي آهي. هن طنز و مزاح ذريعي مغربي تهذيب جون خاميون ۽ خرابيون ذهن نشين ڪرايون. جناب مشتاق احمد پٺاڻ صاحب “سنڌي جا ٽي عالم ۽ اديب: 1. خانبهادر حسن علي آفندي، 2. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، 3. رئيس شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ 15 صدي هجري نمبر- نئين زندگي ماهه آگسٽ-سيپٽمبر 1990ع رئيس شمس الدين بلبل متعلق لکڻ فرمائي ٿو. 1857ع جو ناڪام انقلاب جتي پنهنجي دامن ۾ ڪئين ڀيانڪ ۽ خونخوار تصويرون کڻي ظاهر ٿيو، اتي ساڳئي سال سنڌ جي مردم خير زمين هڪ اهڙي مانجهي مرد کي به جنم ڏنو، جنهن هڪ انقلابي صحافيءَ جي روپ ۾ پنهنجي قومي ڪمزورين جي نه فقط نشاندهي ڪئي پر پنهنجي دشمنن سان به سٺي ويڙهه کاڌي. سندس قلم ڄڻ ته ويرين لاءِ ڪو خمدار خنجر هو يا اها تکي تلوار، جنهن جي ڪاٽ چئني پاسين پئي ٿيندي آهي. ساڳئي وقت هو سنڌي صحافت جو مهندار ۽ طنز و مزاح جي شاعري جو باني پڻ هو. بلبل جي ڪلام پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو ته خدائي ڏات تي مبني آهي.”
جناب احمد خان سيال مشهور صحافي، اديب ۽ تعليمي ماهر جو به حضرت بلبل جي ڪلام متعلق اهڙو ئي رايو آهي. فرمائي ٿو “اتفاق راءِ سان ائين مڃجي ته سندس علمي ۽ شاعرانه استعداد قدرت جي هڪ عطا ۽ ملڪو هو.” (احمد خان ايم سيال-“مرحوم شمس الدين بلبل سنڌ جو حالي” ماهنامه نئين زندگي آگسٽ 1953ع.)
جناب بشير احمد ميمڻ صاحب سنڌ جو مشهور صحافي، روزانه عبرت اخبار مورخه 15 سيپٽمبر 1982ع ۾ پنهنجي ڪالم “اڄوڪو ڏينهن” ۾ مرحوم شمس الدين بلبل متعلق هن طرح لکڻ فرمائي ٿو “رئيس شمس الدين بلبل، سنڌ جي ادبي چمنستان جو بلبل هزار داستان هو. ڪيترن ڪتابن کي وڏي جاکوڙ سان گڏ ڪري پنهنجو هڪ عمدو ڪتب خانو ٺاهي ڇڏيائين جنهن ۾ عربي، فارسي، اردوءَ سنڌي جا ڪيترائي قيمتي ۽ اڻ لڀ ڪتاب موجود هوندا هئا. بلبل پنهنجي زوردار قلم سان ظريفانه ۽ فلسفيانه مضمون لکيا جيڪي سنڌي ادب جو قيمتي سرمايو آهن”.
جناب محمد اسحاق شيخ صاحب سنڌ جو ممتاز صحافي ۽ اديب پنهنجي هڪ تحرير جيڪا “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ روزنامه اخبار مهراڻ حيدرآباد ۾ تاريخ 13 سيپٽمبر 1988ع واري پرچي ۾ شايع ٿي آهي. ان ۾ شيخ صاحب هن طرح رقم طراز آهي.“سنڌي صحافت جو باني، سنڌي ٻوليءَ جو محسن، رئيس شمس الدين بلبل هڪ عظيم مفڪر، محب وطن ۽ دور انديش مبلغ کانسواءِ هڪ صاحبِ طرز اهل قلم به هو. شعر و سخن ۾ اعليٰ قسم جي طنز و مزاح نگاري، ظرافت، نفيس بذلهءِ سنجي ۽ تقريضي اسلوب بيان جنهن جو مقصد قومي ۽ ملي اصلاح هجي سندس طره امتياز هيو. قلم جي زور سان گڏ زور بيان يعني تقرير ۾ يگانو هو. قومي همدرديءَ سان گڏوگڏ جرئت رندانه ۽ جذبهء ايمان به رکندو هو. دانش ۽ بصيرت سان گڏوگڏ سياست ۽ صحافت جو به شهسوار رهيو. دنيا جي معاملات سان گڏوگڏ ديني حڪمن جي بجا آوري ۾ به مستعد ۽ پيش پيش رهيو. وسيع مطالعي سان گڏوگڏ وسيع مشاهدي جو به مالڪ هيو. پر وقار ۽ پرڪشش صورت ۽ جاذب نظر شخصيت سان گڏ پاڪيزه سيرت بلبل مرحوم جي نمايان خاصيت هئي، جيڪا قدرت کيس نهايت فياضي سان عطا ڪئي هئي. هو هر محفل جو مور هوندو هو. دوست احباب هر وقت کيس ڏسڻ لاءِ مشتاق ۽ ٻڌڻ لاءِ بيتاب نظر ايندا هئا. سنڌ جي اهل قلم مفڪرن ان کي سنڌ جو سعدي، حالي ۽ اڪبر الهه آبادي ڪوٺيو آهي.”
جناب سيد پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي هڪ تحرير ۾ حضرت بلبل متعلق، “هو ڏوٿي هو ڏينهن” جي صفحي نمبر 142-143 تي لکڻ فرمائي ٿو “طنز ۽ مزاح ۾، نثر خواه نظم لکندڙ اسان وٽ ٻيا به ان وقت چوٽيءَ جا ماڻهو هئا پر سڀني ۾ وڏو غالباً ميهڙ وارو رئيس شمس الدين بلبل هو جنهن جو “نيچرل ڪريما” ۽ ٻيا طنزيه اشعار مشهور آهن، انگريزي تمدن تي جيڪي ٽهولون هن ڪيون سي ٻئي ڪنهن نه ڪيون.
شمس الدين، مخلص ۽ مولوي نظاماڻي هجو نويسي جا سنڌ ۾ موجود بنيادي پٿر هئا. اخبار اندر مزاح نويسيءَ جي ابتدا انهن ئي ڪئي. مطلب ته نظم خواه نثر ۾ هنن جي طفيل سنڌي ادب جي اها صنف آسمان تي پهتي. مخلص ۽ نظاماڻي جي لکت ۾ ڪڏهن ڪڏهن تلخي به اچي ويندي هئي. ليڪن بلبل مرحوم جي نظم ۾ نج طنز ۽ مزاح ٿيندو هو. هن جي قلم ڪنهن جي دل نه ڏکائي، شخصيتن جي چڱائي ۽ مٺائي کي در گذر ڪري هن عام قومي مسئلن ڏانهن توجهه ڪيو هو.”
جناب احمد خان آصف مصراڻي صاحب پنهنجي هڪ تحرير “ميهڙ سب ڊويزن جو مختصر علمي ۽ ادبي جائزو ۾” مرحوم شمس الدين بلبل- سڄڻ ۽ ساڻيهه- سوينئر-سوشل ۽ ڪلچرل سوسائٽي ميهڙ طرفان شايع ٿيل، اپريل 1925ع ۾ لکڻ فرمائي ٿو “هي دين جو شمس، قوم وطن ۽ علم و ادب جو خورشيد، بلبل هزار داستان جو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۽ تذڪرن ۾ آيل آهي (بلبل سنڌ از ڊاڪٽر خليل مرحوم)، نئين زندگي (مولانا گرامي) ۽ ٻين رسالن ۾ کيس سنڌ جو سر سيد احمد خان، سنڌ جو حالي ۽ سنڌ جو اڪبر الهه آبادي ڪوٺيو آهي. سندس نثر خواه نظم طنز مزاح جي چاشني سان قوم لاءِ اصلاح جو ڪارڻ بڻيا. “جام-جم” جيڪو 1918ع ۾ ڇپيو ان ۾ پاڪستان جو نظريو پيش ڪري چڪو هو.
“بلبل سنڌ جي ظريفانه شاعريءَ جو علمبردار، اعليٰ درجي جو نثر نگار، مفڪر، سياستدان، قومي خدمتگار، مشهور زميندار ۽ معاون ۽ آفتاب اخبار جو ايڊيٽر به هو. ٻنهي اخبارن جي وسيلي سنڌ جي مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ، عيسائين کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ رشوت ۽ لاپي کي بند ڪرائڻ لاءِ خوب لکيائين.” (ماهه نامو نئين زندگي نومبر 1966ع).
جناب احمد خان آصف مصراڻي پنهنجي ٻئي تحرير “تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڀاڱي ڀائيواري” ۾ لکي ٿو “سنڌ ۾ مرحوم شمس الدين بلبل جو هڪ وڏو عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي هو ان ۾ به مسلمانن لاءِ جداگانه رياست جو آواز پنهنجي ڪتاب جام-جم جي ذريعي اٿاريو هو.” (سماهي، مهراڻ تحريڪ آزادي نمبر 1985ع)
جناب غلام محمد گرامي “جام- جم” ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ- جي مقدمي ۾ لکي ٿو: “جام-جم” جي ان تاريخي تحرير جي افاديت ۽ اهميت جي پيش نظر، ڪيترن سنڌي محققن، ان تحرير کي پاڪستان جي تشڪيل ۽ تعمير جي تاريخ ۾ اوليت جو شرف بخشيو آهي. اها حقيقت بيشڪ درست آهي. ‘بلبل’ صاف طرح بيان ڪيو آهي.”
گرامي صاحب هن وڌيڪ وضاحت لاءِ مرحوم “خادم” جو حوالو ڏيندي ان جي تحرير دهرائيندي فرمائي ٿو: “جام- جم” جو لکندڙ “بلبل” پهريون شخص هو جنهن پاڪستان جو عملي طرح پهريون قدم کنيو، پاڪستان لاءِ هي گويا پهرئين صدا هئي. ان وقت جا ليڊر رڳو چند سڌارن ملڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا، تڏهن بلبل جداگانه قوميت جو آواز بلند ڪيو.” (سالنامو هلال پاڪستان- ماهوار ايڊيشن-ڊسمبر 1957ع)
جناب حاجي خان بلوچ ميهڙائي پنهنجي هڪ معرڪته الآراء مضمون ۾ لکڻ فرمائي ٿو “سر زمين سنڌ ۾ علامه اقبال وانگر پهريون دفعو شاعريءَ ۾ سياست ۽ قوميت جا رنگ بلبل ڀريا.”
جناب محمد عرس “مسرور” ٻرڙو صاحب جي مقالي مان چند اقتباسات پيش ڪجن ٿا. هي مقالو جناب محمد عرس صاحب حضرت بلبل جي ورسيءَ جي موقعي تاريخ 11 اپريل 1964ع تي بلبل هائوس ميهڙ ۾ سڏايل مشاعره ۾ پڙهيو هو.
“حضرت مرحوم و مغفور رئيس شمس الدين بلبل قدس الله سره۬ جي آخري آرامگاهه مرقد مبارڪ تي عقيدت ۽ محبت جي گلن جي ورکا ڪندي، سندس علم وادب جي عميق موجزن سمندر مان چند قطرات اڄوڪي عظيم اليشان بزم ۾ عرض آهن.”
حريفان بادها خوردند رفتند زهي خم خانها کردند رفتند، سنڌ جو جليل القدر، مايه ناز شاعر، بلند پايه جو صحافي ۽ اعليٰ مفڪر حضرت رئيس شمس الدين صاحب بلبل سال 1857ع ۾ ميهڙ شهر ۾ تولد ٿيو. هي اهو پر آشوب دؤر، هو جنهن دؤر ۾ مسلمانانِ هند فرنگي طوق غلامي ٽوڙڻ لاءِ جهاد عظيم شروع ڪيو ۽ هن جهاد في سبيل الله کي تاريخ جي اوراقن ۾ بلوي جي پر تحقير تعبيرن سان جاءِ گزين ڪيو ويو آهي، مگر خدا شاهد آهي ته هي جهاد اڪبر مسلمانانِ هند جي غيرت اسلامي، حميت ۽ توڪل علي الله جي يوم الحساب تائين دلالت ڪندو رهندو.
مسلمانانِ هند پنهنجي فرمانروائي ۽ اعزاز کي تلف ۽ تاراج ٿيندي ڏسي دست تحسر مليندي مليندي فرنگي تعليم و تهذيب کي منافرت بغض و عنادِ چشم تحقير سان ڏسندي ڏسندي ان جو قطع تعلقات ڪيو. ان جو نتيجو اهو سرزد ٿيو جو اهل هنود سفيد فام آقائن جي تعليمي، تهذيبي تقليد ڪري بام عروج تي پهچڻ لڳا ۽ ٻنهي قومن مسلمانن کي صفحي هستي تان مٽائڻ لاءِ ناپاڪ سازشون شروع ڪيون مگر اعداءِ الله کي اها خبر ڪانه هئي ته “چراغِ را که بر ايز فروزد ز کسي که وقف رندو مشش بسوزد”.
واقعي “نااميدي ۾ به آهي آسرو رحمان جو” دردمند دعائن کي مقبول فرمائيندي بلڪل ساڳئي سال قرن سعدين ۾ اعظم ڳڙهه يو پي ۾ حضرت مولانا شبلي نعماني رحمت الله عليھ کي، دهلي جي جوق ۾ مير مهدي حسن مجروح عليھ رحمة کي ۽ سرزمين سنڌ ۾ حضرت شمس الدين بلبل قدس الله سره کي پيدا ڪرڻ فرمايو: “الله تعاليٰ انهن ٽنهي جليل القدر هستين جي قلم کي تلوار کان به زياده قوت عطا فرمائي هئي جن شيوه پيغمبري اختيار ڪري پنهنجي علم و ادب، شعر و شاعري جي قهربا قوه سان مسلمانان هند جي صحيح ترجماني ڪري سندن شوريده قسمت کي بدلائي ڇڏيو.
حضرت بلبل عليھ رحمة جي سيني ۾ پنهنجي عنفوان شباب ۾ به قومي درد ڇوليون هڻي رهيو هو. ان جي بيتابي کي مولانا الطاف حسين حالي ۽ حضرت اڪبر الهه آبادي جي پر درد قومي نظمن ويتر وڌايو.
ڪاتب تقدير و قدر کان سنڌي مسلمانن جي خدمت لاءِ حضرت بلبل کي منتخب فرمايو جنهن پنهنجي دور رس نظرن سان ڏسي مسلمانن جي اجڙيل گلستان کي خونِ جگر سان آبياري ڪرڻ جو تحيه ڪيو. ان دؤر ۾ مسلمانن جي بي ڪسي ۽ بي بسي جي ماحول حضرت بلبل جي قلب و جگر تي وڏي اثر اندازي ڪئي:
حضرت بلبل بحيثيت هڪ قومي نباض ۽ سياسي مبصر جي پنهنجي ذڪاءَ ذهانت جي وسيلي پنهنجي نظم ۽ نثر کي وقت جي تقاضا موجب قومي امراض کي قطع قمع ڪرڻ لاءِ هڪ خاص طرز مزاحيه اختيار ڪئي جنهن طرز تير و نشتر جو ڪم ڪيو. حضرت بلبل پنهنجي مزاحيه شعر کان عصاءِ موسوي جو ڪم ورتو. اها حضرت بلبل عليھ رحمة جي نقادي ڪيمياگري هئي جنهن انگريز حڪومت جي بيخ ڪني ڪئي ۽ دشمن کي خبردار ٿيڻ به نه ڏنو مگر اهو مزاحيه ڪلام درد کان خالي نه آهي. فرنگي حڪام وڏي هيجان سان بلبل مرحوم جو مزاحيه شعر ٻڌي گد گد ٿيندا هئا ۽ حضرت بلبل کي پنهنجو دوست تصور ڪندا هئا.
فن صحافت جي هن امام مسلمانانِ سنڌ جي بي لوث خدمت ۽ ڪماحقھ ترجماني ڪرڻ لاءِ اخباري ادارن جي جدا رهبري ڪري مسلمانانِ سنڌ کي حلقهء بگوش ۽ مرهونِ منت بنايو. سندس قلم جي تيزگامي ۽ جولاني مخالفن جا هڻي ڀانڊا ڀڃي ڇڏيا. نور محمد نورل نظاماڻي، محمد هاشم مخلص، عبدالسميع قريشي، آغا نظر علي مرحوم بلبل جا مريدان راسخ هئا جن حضرت بلبل جي مضامين کي پنهنجي مشعل راه ڪري پنهنجي اخبارن جو اجراءُ ڪيو.
سياست ۾ حضرت بلبل کي يدطولى حاصل هو. سندس سياسي معرڪه آراين، شيرازه بندين جا ڪرشمه ڏسي مٿس خان بهادر حسن علي خان آفندي، خانبهادر سيد الهندو شاه ۽ چاڳلا فريفته ۽ فدا هئا.”
جناب مير رحيمداد مولائي شيدائي سنڌ جي مشهور مؤرخ جي زباني هي احوال ٻڌو: “سيٺ حاجي احمد فريئر روڊ تي پرنٽنگ پريس کولي روزنامه اخبار “آفتاب سنڌ” سنڌي ۾ جاري ڪرائي. بلبلِ سنڌ مرحوم شمس الدين کي ايڊيٽر جي واڳ حوالي ڪئي، جيڪو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ يدطولى رکندڙ اديب هو. بلبل جو قلم ۽ اخبار جي مزاحيه ۽ پر ظرافت ڪالم سڀ کان پهريائين پادرين جا ڍڍر ڍلا ڪري ڇڏيا. چند سٽون ملاحظه فرمايو:
“ڪالهه مارڪيٽ جي چؤسول تي هڪ سفيد جبو پاتل شيطان ابن شيطان کي واعظ ڪندي ڏٺم، جنهن جي چيلهه سان صليب ٻڌل هو. افسوس! مون وٽ دمشق جي خمدار ترار ڪانه هئي، جو هن جي سسي هڪ ڌڪ سان ڪٻر جي سسي وانگر ڌڙ کان ڌار ڪري ايوبي سنت کي تازو ڪريان ها.”
عيسائي پادرين لاءِ آفتاب سنڌ ويل ٻاري ڏنو گويا، بلبل جي ڪالمن ڪلهوڙن جي ڪرامتي ڏنڊن وارو ڪم ڪري ڏيکاريو. اڃا ٻه هفتا اخبار کي شايع ٿيندي مس گذريا ته مسلمان واعظ ڪندڙ پادرين کي کليو کلايو گاريون ڏيڻ لڳا. ڪن مسلمانن کي فوجدار هرداس مل فوجداريءَ تي گهرائي دٻائڻ لڳو، بلبل کي خبر پئي ته هن ڪالم ۾ فوجدار جي اهڙي لاک لاٿي جو ٻاهر نڪرندو هو ته پوليس وارو ساڻ کڻندو هو. آفتاب اخبار ٿورو عرصو جاري رهي ليڪن ادبي نقطه نظر سان هن جيڪو پارٽ ادا ڪيو ۽ سنڌي مسلمانن ۾ جيڪو علمي ۽ سياسي شعور پيدا ڪيو اهو يادگار رهندو. بلبل سر سيد احمد خان تحريڪ جو حامي هو. سندس معرڪة انگيز قلم عيسائي پادرين جي ٻوٿن کي لغام ڏنو، (مضمون “ماحول جو عڪس- اخبار آفتاب سنڌ سکر” ماهنامه نئين زندگي ماهه آڪٽوبر 1965ع).
جناب شمشير الحيدري ماهنامه نئين زندگي آڪٽوبر 1965ع جي پرچي ۾ لکڻ فرمائي ٿو “سنڌي جي روايتي شاعري واري دؤر ۾ شمس الدين بلبل کي مزاح جو ابو آدم چئجي ته بجا آهي. سندس سمورو ڪلام گونا گون قسم جي مضمونن تي طنز و مزاح جو بهترين مثال آهي.”
ديوان ليلارام ڏيونداس رچنداڻي، سنڌ وديا ڀون، امباواڙي، سنڌي ڪالوني، احمد آباد، انڊيا پنهنجي ڪتاب“سنڌي صحافت ۾ مذاق” ۾ لکڻ فرمائي ٿو “شمس الدين بلبل کي جديد مذاقي ساهت جو باني سڏيو وڃي ته اهو غلط نه ٿيندو، جهڙي طرح اڪبر الهه آبادي اردو شاعري ۾ مذاقي شعر جو بنياد وجهندڙ سڏيو ويندو آهي، اهڙو وڙ بلبل پڻ سنڌيءَ سان ڪيو آهي ۽ هن جو چيل شعر ڪنهن حالت ۾ اڪبر جي چيل شعر کان گهٽ ڪونهي. بلبل ته هڪ اخبار “آفتاب” ۾ به مذاقي ليک لکيا جن ذريعي هن وقت جي عملدارن، قوم جي نام نهاد ٺيڪيدارن ۽ نقلي اڳواڻن جي ڇنڇري خوب لاٿي آهي. مذاق جي اهڙي ڪابه شاخ ئي نه آهي جنهن کي هن هٿ نه لاتو آهي.”
جناب مولانا غلام محمد گرامي “مرحوم رئيس شمس الدين جو مزاحيه ڪلام” جي عنوان تحت، مزاحيات بلبل جي مقدمي ۾ لکڻ فرمائي ٿو “بلبل جي پوري فن کي مطالعو ڪرڻ کان پوءِ صاف نظر ايندو ته ظرافت ۽ دانشمندانه طرز لاءِ جنهن ذوق سليم، استعداد ذهني، خلوصِ نيت، وسعت مطالع ۽ ديانت طبعي جي ضرورت آهي، اهي سڀ علمي ۽ اخلاقي جوهر جامعيت سان بلبل جي فن ۾ موجود آهن. ان سلسلي ۾ ائين چوڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته بلبل جي فن جو مقام ادب ۾ بلند آهي. بلبل سنڌ جي طنز نگارن ۾ فرد واحد آهي، جنهن پنهنجي فهم سان طنز کي هجو کان ممتاز ڪيو ۽ سنڌي زبان ۾ ادب ۽ ظرافت جي هڪ ناقابلِ تتبع اسلوب جو بنياد رکيو، سندس مقابلي ۾ جن به ٻين هن سنگلاخ زمين ۾ پير پاتو تن پنهنجا پير ڦيهي وڌا، پر چڱن چڱن جون پڳون لاهي وڃي مٿي چڙهيا. انهن جو فن هجو ۽ طنز، مزاح ۽ ظرافت جي لطيف فرق ڄاڻڻ کان ڪورو رهجي ويو. آخرڪار اهو منصبِ جليل بلبل سان ئي وابسته رهيو. سندس همعصر احباب ۾ ڪوبه سندس فن کي نباهي نه سگهيو، ته ڪو بلبل کان پوءِ ان قسم ۽ معيار جو صاحبِ طرز ۽ ظريف پيدا ٿيو.
اها حقيقت آهي ته هندوستان جي ان زماني جي اخبار اوڌ پنچ مرحوم بلبل تي وڏو اثر ڪيو هو جيڪا طنزيه تحريرن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. اها اخبار سن 1877ع ۾ سندس زير مطالع آئي.”
جناب عبدالواحد سنڌي، ايڊيٽر نئين زندگي، خاص نمبر يعني بلبل نمبر شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جي اهل قلم حضرات کي التماس ڪري ٿو ته نئين زندگي جو آڪٽوبر 1965ع وارو پرچو خاص نمبر هوندو جنهن ۾ پاڪستان جي ترقي تي خاص مضمون هوندا، انهيءَ کانسواءِ سنڌ جي مشهور نئين تعليم جي رهبر، اديب، سنڌي اخبار نويسي جي هڪ پيشرو ۽ سنڌي ادب ۾ مزاحيه شاعريءَ جي باني رئيس شمس الدين بلبل عليهه رحمة جي ياد ۾ نهايت معياري مضمون ۽ نادر فوٽو ڏنا ويندا. اداري نئين زندگي کي اميد آهي ته اسان جا پڙهندڙ هن اشاعت سان چڱي طرح سان دلچسپي وٺندا.” (نئين زندگي ماهه سيپٽمبر 1965ع)
خانبهادر محمد صديق ميمڻ، رئيس شمس الدين بلبل متعلق پنهنجي هڪ تعارفي مضمون ۾ هن طرح لکڻ فرمايو آهي:“ميان شمس الدين بلبل انهن چند شخصن مان هڪ آهي جي پنهنجي ڪنهن نمايان خصوصيت جي ذريعي عوام الناس جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪي وٺندا آهن. سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن اهل قلم يا اهل هنر کي ايتري ٿوري وقت ۾ ايتري ٿوري ڪم ڪرڻ لاءِ ايتري عزت ۽ ڪاميابي حاصل ٿي هجي جيتري شمس الدين بلبل کي حاصل ٿي. سندس ڪاميابيءَ جو راز سندس خداداد ظرافت ۾ پنهان آهي. روايت آهي ته پاڻ نهايت ئي سليقه دار، خوش طبع ۽ باتميز آدمي هئا. دهقاني آدمي سندس گفتگو تي سدائين موهت رهندا هئا ۽ مهذب شهري به گهٽ متاثر نه ٿيندا هئا. سندس رواجي فطرت جي رنگ سندس شاعرانه زندگي کي به رنڱي ڇڏيو هو. سندس شعر ۾ جا بجا اڻ ڏکوئيندڙ خوش مذاقيءَ جا فقرا موجود آهن. سندس علميت غير معمولي هئي، پاڻ پارسي ۽ عربي مان چڱي طرح واقف هئا. سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي شعر تي مائل هئي ۽ اردو ۽ پارسي زبان ۾ شاعري ڪئي اٿس. سندس خيالن جي شستگي، مضامين جي پختگي ۽ لفظن جي بيهڪ پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دلين کي هڪدم پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺن.” (سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد طرفان شايع ڪرايل ساليانه رپورٽ 32-1931ع ۽ ادبي تحفه).
جناب حافظ محمد احسن چنا صاحب، “وطن ۽ قوم جو مصلح- شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ سالنامو رهبر ڊائجسٽ اپريل 1973ع ۾ لکڻ فرمائي ٿو: “سنڌ ۾ شاعرن جي ڪمي نه آهي، مگر ظرافت ۾ مرحوم جي جاءِ خالي آهي. سندس زماني ۾ به گويا ظرافت ۾ سرداري جو سهرو سندس سر تي سونهين ٿو. صحافت جي فن ۾ پنهنجو نظير پاڻ هو. شاعري، مضمون نگاري، تصنيف ۽ تاليف ۽ اخبار نويسي سان وطن ۽ قوم جي اصلاح ۽ خدمت بهترين ڪئي اٿس. سندس خدمت مقبول عام ٿي عمدو اثر پيدا ڪيو ۽ سندس اخلاص ۽ ڪردار انقلاب آڻي ڇڏيو. سندس قلم قوم جي جسم ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.”
جناب محمد موسى ڀٽو صاحب جي هڪ تحرير “سنڌ جو حالي ۽ اڪبر الهه آبادي- شمس الدين بلبل” روزنامه جنگ جي مڊويڪ ميگزين مهراڻ رنگ ۾ تاريخ19 سيپٽمبر 1984ع ۾ شايع ٿي آهي. ملاحظه فرمايو: (ترجمو و تلخيص)
“واديءَ سنڌ کي پنهنجن جن فرزندن تي هميشه ناز رهندو انهن ۾بلبل جو نالو سر فهرست آهي. سندس جامع شخصيت قدرت جي فياضين ۽ رعنائين جو هڪ حسين مجموعو ۽ نادر و ناياب مثال آهي. هو هڪ عظيم مفڪر، محب وطن ۽ دور انديش مصلح کان علاوه هڪ صاحب طرز اهل قلم به هو. شعر ۽ سخن ۾ اعليٰ قسم جي طنزيه مزاح نگاري، ظرافت، نفيس، بذله سنجي ۽ تعريفي اسلوب بيان جنهن جو مقصد قومي ۽ ملي اصلاح هجي سندس طرهِ امتياز هو. زورِ قلم سان گڏ زور بيان يعني تحرير ۽ تقرير ٻنهي ۾ ئي يگانهءِ روزگار هو. قومي همدردي سان گڏوگڏ جرئتِ رندانه ۽ جذبهءِ ايمان به رکندو هو. دانش ۽ بصيرت سان گڏ سياست ۽ صحافت جو به شهسوار هو. دنيوي معاملات سان گڏ ديني احڪامات ۾ به مستعد ۽ پيش پيش هو. وسيع مطالع سان گڏ عظيم تصنيفات جو به مالڪ هو. پر وقار ۽ پر ڪشش صورت ۽ جاذب نظر شخصيت سان گڏ پاڪيزه سيرت بلبل جون اهي خصوصيات هيون جيڪي قدرت کيس نهايت فياضانه انداز سان عطا ڪيون هيون. هو جنهن به مجلس ۾ موجود هوندو هو ان ۾ نمايان نظر ايندو هو. دوست احباب هر وقت کيس ڏسڻ لاءِ مشتاق ۽ ٻڌڻ لاءِ بيتاب نظر ايندا هئا. مٿي بيان ڪيل حقيقتن ۾ ذره برابر به مبالغو ڪونهي. اهڙي ئي شخصيت لاءِ علامه محمد اقبال چئي ويو آهي:
هزارون سال نرگس اپني بي نوري په روتي هي،
بڙي مشڪل سي هوتا هي چمن مين ديده ور پيدا.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب “ عظيم سنڌي انسان” ۾ “شمس الدين” جي عنوان هيٺ هن طرح لکڻ فرمايو آهي:
“شمس الدين بلبل ولد بهادر خان شينو، بلوچستان جي ڀاڳناڙيءَ ۾ تاريخ 29 شعبان 1374هه ، 21 فيبروري 1857ع ۾ تولد ٿيو. شمس الدين کي ڪتابن پڙهڻ جو ايڏو ته شوق هو، جو اڪثر سندس ٿيلهي ۾ يا بستري ۾ ڪتاب موجود هوندا هئا. پاڻ زماني جو ماڻهو هو ۽ ساڳئي وقت وسيع معلومات جو مالڪ پڻ هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي خاصو عبور حاصل هوس.
بلبل بلند پايه جو شاعر هجڻ سان گڏو گڏ صحافي ۽ منفرد نثر نويس پڻ هو. پاڻ ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو. اخبار “معاون سنڌ” ۽ “آفتاب سنڌ” ۾ ڏنل تحريرون ۽ فن ظرافت سندس طبيعت ۽ ذهانت جو مرقع معلوم ٿين ٿا.
مرحوم بلبل جون سنڌي ادب بابت ڪيل خدمتون سونهري اکرن ۾ لکيون وڃن ٿيون، ڇاڪاڻ جو پاڻ شاعريءَ جي سلسلي کي نئون موڙ ڏيندي، هن ظرافت کي پڻ جديد نوع ۾ نروار ڪيو آهي. سندس ظرافت ۾ مزاح سان گڏ طنز جو عنصر به غالب آهي، جنهن ۾ جاءِ بجاءِ تعميري ۽ اصلاحي پهلو سمايل آهن. هن زندگيءَ ۾ سوسائٽي تي ڀرپور طنز ڪري، ان جون خاميون وضاحت سان نروار ڪيون آهن. انهيءَ لحاظ کان کيس ظريفانه شعر ۾ لاثاني شاعر سڏجي، ته بجاءِ ٿيندو. ظريفانه شعر جنهن باڪمال نموني ۽ نهايت ئي وڻندڙ اسلوب سان بيان ڪيو آهي، جو کانئس اڳ ڪنهن به شاعر انهي طرف سوچيو به نه آهي ۽ نه وري کانئس پوءِ جو ڪو شاعر انهيءَ سلسلي ۾ ساڻس برميچي سگهيو آهي، حالانڪه ڪيترن ئي شاعرن سندس تتبع به ڪئي آهي.
بلبل جهڙو هو عالم ته تهڙو ئي هو وري عابد، سندس لائق فرزند ضياءُ الدين به سندس صحيح جانشين ثابت ٿيو.” (ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻه- سال 1982ع).
جناب سيد علي اڪبر شاهه صاحب، اوائلي مسلم ليگ سنڌ جو صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر پنهنجي مضمون “رئيس شمس الدين بلبل” جيڪو علمي دنيا ماهه اپريل 1930ع ۾ شايع ٿيو آهي، ان ۾ رقم طراز آهي:
“سنڌ جو هي نامور شاعر، اديب، مصنف ۽ ايڊيٽر سن 1857ع ۾ ميهڙ ۾ ڄائو. سندس وڏا اتر کان ناڙي جي طرف کان آيل هئا. هن تعليم فقط اسڪول جي سنڌي فارسي جا ان وقت هلندڙ هئي حاصل ڪئي هئي مگر قدرت هن کي اهڙو ذهن رسا ۽ ذڪا ۽ اعليٰ عطا ڪيو هو جو سندس طبيعت جا جوهر از خود ظاهر ٿيڻ لڳا. منجهس شعر گوئي جو مادو اصلي موجود هو. ننڍي هوندي ئي وڏن شاعرن سان مقابلا ۽ مشاعرا ڪندو رهيو. ڪنهن قدر انشا پردازي به شروع ڪيائين.
خانبهادر حسن علي خان آفندي سندس قابليت ۽ لياقت ڏسي پاڻ وٽ رهايس. ان وقت سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جي پاران جيڪا “معاون” نالي اخبار جاري ڪئي وئي هئي ان جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ايڊيٽر جي چارج وٺندي ئي پرزور ۽ رنگين مضامين سان ان کي اهڙو ته زور وٺايائين جو ساري سنڌ ۾ غلغلو پئجي ويو. ماڻهو سندس سنڌيءَ جي رنگيني کان غير مانوس هئا سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا. هن اهڙي فضاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم آندا جن جي مطالعي سان خود اهلِ علم به دنگ ۽ حيران رهجي ويندا هئا.
مرحوم حسن علي آفندي جيڪي وڏا ڪم ڪيا تن ۾ به هن کي شامل رکندو هو. دکن ايگريڪلچرل رليف ائڪٽ جو سوال جڏهن مرحوم حسن علي آفندي هٿ ۾ کنيو تنهن ۾ بلبل صاحب سندس لاءِ ساڄي ٻانهن هو. پوني ۾ جڏهن ڪميشن ويٺي تڏهن مرحوم حسن علي کي ساري سنڌ جي پاران احوالن ۽ انگن اکرن جي ثابتين سان شاهدي ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو ۽ ڇهه مهينا اڳواٽ اول خبردار ڪيو ويو تڏهن مرحوم حسن علي اهو سڄو بار بلبل جي ذمي رکيو، هن انهيءَ عرصي ۾ ساري سنڌ جي آباد گارن جا احوال گهرائي گڏ ڪيائين ۽ ضلع وار ياداشتون تيار ڪيون جن ۾ ڊڪرين جي ذريعي آبادگارن جي ملڪيتن ۽ زمينن جا نيڪال ڄاڻايل هئا سي سڀ انگ وڏي محنت سان گڏ ڪيا هئا. آخر مرحوم آفندي کيس پوني ساڻ وٺي ويو ۽ وقت به وقت کانئس نوٽ وٺندو رهيو. ڪميشن اڳيان شاهدي ڏيڻ وقت به هن کي ڀرسان ويهاريائين. نيٺ سنڌ سان اهو ايڪٽ لاڳو ٿيو.
شاعري ۾ ته هن کي وجد الاهي هو جو رواني سان اهڙا ته شعر لکندو هو جو هندوستان ۽ پنجاب جا شاعر به مڃيندا هيس. خبر نه آهي ته اها قابليت هن کي ڪٿان آئي. سندس وسيع معلومات ۽ ڪثرت مطالعي ڪري جا کيس علمي دسترس هئي تنهن وڏن وڏن انشا پردازن کي ڏانهس متوجھ ڪيو بلڪه وقت جا آفيسر ۽ حاڪم به کانئس وڏن وڏن ڪمن ۾ صلاح وٺندا هئا، ويندي خيرپور درٻار تائين هن پنهنجو قدر پيدا ڪيو. اتي جا وزير به کيس عزت ڏيندا هئا. قومي اصلاح، رفاه عام يا لٽريچر جي ڪمن ۾ تجربيڪار ۽ صحيح راءِ وارو انسان هو. ان جي دماغ ۾ تحرير جي زبردست طاقت رکيل هئي، نه رڳو تحرير ۾ قابل هو پر تقرير ۾ به اهڙو ته فصيح اللسان ۽ عذاب البيان هو جو سامعين کي مسحور ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ چوندو هو ته افسوس! آءٌ اهڙي وقت پيدا ٿيس جو ڪو قدردان نه آهي. مطلب ته هي سنڌ جو بلبل نه رڳو فصيح، بليغ، شاعر، مصنف ۽ لئبريرين هو پر ان سان گڏ رفارمر ۽ اعليٰ مدبر به هو. سنڌي لٽريچر ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيائين.”
جناب پروفيسر محمد آدم ٻٽ صاحب پنهنجي تحرير “بلبل جي شاعري ۾ جمالياتي پهلو” جيڪا نئين زندگي رسالي ماهه نومبر 1995ع ۾ شايع ٿي آهي ان ۾ لکڻ فرمائي ٿو: “اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌي شاعري جي ميدان ۾ اهڙين شخصيتن قدم رکيو جن نه رڳو غزل جي تاڃي پيٽي Diction بلڪه ان جي تڪ بندي ۾ گهاڙيٽي Form ۽ اظهار Expression ۾ نواڻ پيدا ڪري غزل جي شاعري کي عروج بام تي پهچايو. اهڙين شخصيتن ۾ مير عبدالحسين سانگي، غلام محمد شاهه گدا، مرتضائي ٺٽوي، آخوند قاسم ۽ مرزا قليچ بيگ جا نالا اچي وڃن ٿا. اهڙن اعليٰ پايه جي شاعرن جي موجودگي ۾ ڪنهن به نئين ماڻهو جو شاعري جي ميدان ۾ پير کپائڻ ۽ اعليٰ مرتبي جي شخصيتن جي صف ۾ پنهنجي لاءِ ڪو مقام ڳولهڻ ۽ جاءِ پيدا ڪرڻ ڪا سولي ۽ آسان ڳالهه نه هئي.
شمس الدين بلبل جونالو سنڌي ادب جي اهڙين گڻواڻ شخصيتن جي زمري ۾ اچي ٿو، جن پنهنجي قابليت، محنت ۽ سنجيدگي جي آڌار تي نه رڳو نالو پيدا ڪيو بلڪه اعليٰ مقام پڻ حاصل ڪيو.
سنڌي جي شاعرن غزل ۾ جتي تصوف جهڙن باريڪ نڪتن کي ڇهيو آهي ۽ بيان ڪيو آهي، اتي هنن غزل جي جمالياتي پهلو کي به ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. بلبل به پنهنجي پيش رو ۽ هم عصر شاعرن جي تقليد ڪندي غزل ۾ جمالياتي پهلو کي جنهن خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي اهو سندس اعليٰ فنڪارانه صلاحيتن ۽ سندس ڏاهپ ۽ قابليت جو بهترين مثال ۽ اعليٰ نمونو آهي.
ڪيو جو صورت ساجن کي مون ڏسي سجدو
ملن چيو ته ڪجي هن کي سنگسار بي دريغ
اندازو ڪيو ته اهڙي بيباڪي ۽ بهادري جهڙو آواز بلبل کانسواءِ ٻيو ڀلا ڪير بلند ڪري سگهي ٿو؟
اهڙن خوبصورت خيالن کي لفظن جي روپ ۾ گهڻ مقصديت Multi Purpose واري انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ملڪو Authority رڳو بلبل کي ئي قدرت عطا ڪيو هو. اهو ئي سبب آهي جو مولانا غلام محمد گرامي بلبل کي سنڌي ادب جو “سپوت” سڏيو آهي جنهن نه رڳو غزل جي تصوف ۽ اصلاح واري پاسي ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ نه ڪنهن رک رکاءَ کان ڪم ورتو، بلڪه حسن ۽ سونهن جي ساراهه کي پيش ڪرڻ ۾ ڪڏهن به نه ڪيٻايو. انگريزي چوڻي آهي ته: Poetry is basically a rich and colourful way of speaking.
شاعري اظهار جو شاهوڪار ۽ رنگين ذريعو آهي.
شاعري رڳو لفظن جي چونڊ جو نالو نه آهي پر دلين کي جهومائڻ ۽ ذهنن کي گرمائڻ شاعري جو اصل جوهر Real Spirit آهي. لفظن جي چونڊ به اهڙي ڪرڻي آهي جو پڙهندڙن جون دليون پڙهڻ سان جهومي اٿن ۽ جذبا جاڳي پون. جيڪا شاعري دلين کي جهومائي نه سگهي ۽ جذبن کي اڀاري نه سگهي، جنهن شاعري مان ڪنهن کي ڪجهه حاصل ٿي نه سگهي، جيڪا شاعري ٻين کي ڪجهه به ڏئي نه سگهي سا لفظن جي مالها ته ٿي سگهي ٿي پر شاعري نٿي ٿي سگهي.
شاعري جو واسطو روح سان ۽ دل جي ڌڙڪنن سان سڌو سنئون ٿئي ٿو، تنهنڪري شاعر لفظن کي اهڙو روپ وٺرائي ٿو، جنهن سان حسن مهڪي ٿو اٿي. بلبل جي شاعري جي به اها خوبي آهي ته هن لفظن کي سونهن جو نمائندو بنائي ڇڏيو آهي. بلبل جي شاعري ۾ حسن ۽ خوبصورتي جون شفاف ڌارائون لفظن جي چشمن مان ڦٽي ۽ وهي هلن ٿيون.
تشبيهه ۽ تمثيل جو فن ته بلبل کان ڪو سکي، هو تشبيهه جي فن ۾ پنهنجي وقت جو بادشاهه هو”.
جناب شعبان بخت، سنڌ جو مايهء ناز شاعر، اديب، صحافي ۽ ماهنامه نئين زندگي جو ايڊيٽر پنهنجي هڪ تحرير “بلبل جو مطالعو ۽ مشاهدو” جيڪو سوينيئر: “سڄڻ ۽ ساڻيهه”- اپريل 1985ع ۾ سوشل ۽ ڪلچرل سوسائٽي ميهڙ طرفان ڇپايل آهي ان ۾ لکڻ فرمائي ٿو. “فڪر هر کس بقدر همت اوست، جنهن جي جيتري همت، اوترو فڪر جي مصداق، ڀٽائي ڀلاري متعلق مطالعو آهي:
ڪيو مطالعو مون، هو جو ورق وصال جو،
تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري.
۽ مشاهدو آهي:
پاٻوهه هو پڇن، ڪٿي هٿ حبيب جو،
نيزي هيٺان نيهه جي پاسي پاڻ نه ڪن،
ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
مطالعو ۽ مشاهدو ٻئي هڪ ٻئي سان لاڳاپيل علم جي تحصيل جا ذريعا آهن. مطالعو آهي پڙهڻ، ته مشاهدو آهي ڏسڻ وائسڻ يا پرجهڻ پروڙن. مطالعي کي انگريزي ۾ Study ۽ مشاهدي کي Observation چئبو آهي. ته اسٽيڊي ۽ آبزرويشن يا مطالعي ۽ مشاهدي کان سواءِ حقيقت تائين رسائي حاصل نه ٿي ٿئي ڇو ته علم ڏٺل کان اڻ ڏٺل ڏانهن وڃڻ جو نالو آهي. انهي ڪري مطالعو ۽ مشاهدو ئي ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن اهل علم و ادب جي عالمانه ۽ اديبانه، يا انهن سان نسبت رکندڙ ڪنهن به هنر جي ميدان ۾، قد ۽ قامت جو مرتبي ۽ مقام جو تعين ڪري ٿو. مطالعي ۽ مشاهدي جي انهي اهميت جي مدِ نظر، سنڌي ادب، صحافت، شاعري ۽ خطابت جي شمس، رئيس ميان شمس الدين بلبل مرحوم بابت ادب جي مڃيل مڃايل نامور ناقدن ۽ محققن جا رايا ڏيکارين ٿا ته ميان شمس الدين بلبل وڏي مطالعي ۽ مشاهدي جو مالڪ هو. اخبار “مرغِ فلڪ” جي نامور مدبر مولوي حڪيم نور محمد “نورل” نظاماڻي کان وٺي دؤر حاضر جي مستند عالمن ۽ ادب شناسن جي اهائي متفقه راءِ آهي ته، بلبل مرحوم پنهنجي وقت ۾ وڏي مطالعي ۽ مشاهدي وارو اهلِ قلم، اديب، شاعر ۽ صحافي هو”.
“بلبل” مرحوم جو ديوان ڇپيو ته ان لاءِ تعارف ۽ تبصري طور، خانبهادر ميان محمد صديق ميمڻ، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جي سالانه رپورٽ 32-1931ع ۾ جيڪا پوءِ هن “ادبي تحفه” ۾ به شامل ڪئي، لکيو ته:
“رئيس ميان شمس الدين ‘بلبل’ انهن چند شخصيتن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ڪنهن نمايان خصوصيت جي ذريعي عوام الناس جو توجهه پنهنجي طرف ڇڪي وٺندا آهن. سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن اهل قلم يا اهل هنر کي ايتري ٿوري وقت ۾، ايتري ٿوري ڪم ڪرڻ لاءِ ايتري عزت ۽ ڪاميابي حاصل ٿي هجي، جيتري مرحوم شمس الدين ابڙي، ميهڙ واري کي حاصل ٿي. سندس ڪاميابي جو راز سندس خداداد ظرافت ۾ پنهان آهي، سندس علميت غير معمولي هئي. پاڻ پارسي ۽ عربي مان چڱي طرح واقف هو. سندس طبيعت ننڍي هوندي کان ئي شعر ڏانهن مائل هئي ۽ پريندي ئي اردو ۽ پارسي زبان ۾ شاعري ڪيائين، تنهن کان پوءِ سندس خيال اباڻي ٻولي سنڌي ڏانهن مبذول ٿيو. سندس ديوان گو مختصر آهي، مگر آهي وڻندڙ، جنهن ۾ رسمن، رواجن، اجائي نٽ شٽ ۽ مغربي تهذيب جي پيچ ۾ آيل نوجوانن تي بعض جاين تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيل آهي. باقي غزلن ۾ اعليٰ درجي جي شاعرانه مذاق آهي. سندس خيال جي شستگي، مضامين جي پختگي ۽ لفظن جي بيهڪ، پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي دلين کي هڪدم پاڻ ڏانهن ڇڪيو وٺي.”
خانبهادر ميان محمد صديق ميمڻ مرحوم جو اهو تعارف ۽ تبصرو ‘بلبل’ صاحب جي مطالعي ۽ مشاهدي تي پهرئين مهر تصديق ڪري ٿو. خاص ڳالهه جيڪا هن تبصري ۽ تعارف ۾ ڌيان طلب آهي سا آهي بلبل صاحب جي ادبي وصفن جي نشاندهي، جيڪا پوءِ تقريباً مڙني اهلِ علم، ادب شناس اديبن، ناقدن ۽ محققن ڪئي آهي. انهن ۾ وڏا وڏا معتبر ۽ مستند نالا شامل آهن. مزو به تڏهن جو ڪو اهل داد ڏئي ۽ مڃي. باقي نااهل ۽ ناشناس جو ته دادئي بي داد ٿو ٿئي. دؤر حاضر جي مڃيل مڃايل صاحبِ طرز بزرگ، اهل قلم، سڄاڻ صحافي ۽ جڳ مشهور دانشور ۽ سياستدان سائين پير علي محمد راشدي صاحب کي ڪير نه سڃاڻي! صاحب موصوف پنهنجي شاهڪار تصنيف “اُهي ڏينهن اُهي شينهن” جي حصي پهرئين ۾ لکي ٿو ته “بلبل سنڌ اندر اخبار نويسي ۽ لٽريچر جو ڏاڏو آدم هو”. ۽ ان ڪتاب جي حصي ٻئي ۾ ڄاڻائي ٿو ته “مون مرحوم کي اکين سان ڪونه ڏٺو، پر جڏهن اک پٽيم ته اهو ٻڌم ته هن مڙس جو ساري سنڌ مٿان ڌاڪو ويٺل هو. جوءِ ۾ ٻيا به گهڻيئي لکيل پڙهيل ماڻهو هوندا هئا. پر بلبل جي مٽ ڪونه هو.”
راشدي صاحب ان جي وضاحت ۾ بلبل جي اديبانه، صحافيانه ۽ شاعرانه مقام ۽ مرتبي جي وضاحت لاءِ سندس ڀيٽ ان وقت جي هڪ چوٽيءَ جي اديب، صحافي ۽ شاعر سان ڪندي لکي ٿو “صحافت جي ٻيلي ۾ انهن ڏينهن ۾ ٻه شير ٻڌبا هئا، لاڙ ۾ محمد هاشم مخلص ۽ اتر ۾ شمس الدين بلبل. ٻئي اخبار نويس هئا، ٻئي نظم ۽ نثر ۾ صاحب ڪمال هئا. فرق فقط هي هو ته مخلص جي تحرير قدري اگري هوندي هئي ۽ بلبل جي تحرير سلوني، مخلص جو زور وقتي مسئلن تي هوندو هو پر بلبل کي قوم جي مستقبل جو خيال به هوندو هو، تنهن ڪري سندس فڪر جو انداز تعميري ۽ نظر ڊگهي هوندي هئي.”
راشدي صاحب جي اها راءِ بعد جي آهي ان کان اڳ ۾ خود مخلص صاحب، بلبل جي وفات تي پنهنجي رسالي ‘ڪشڪول’ ۾ پوري خلوص سان پنهنجي مد مقابل جي حق ۾ لکيو ته “بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو، پهريون شخص هو جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ پهريان پهريان صحيح معنيٰ ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس، پر اثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو سڪو ڄمايو.”
سچ ته داد به اهو آهي جيڪو مد مقابل به بيوس ٿي ڏئي. اعتراف به اهو آهي ته اعتبار به اهو آهي. اهڙي طرح مرحوم مخلص ۽ سائين راشدي صاحب سدا سلامت کان علاوه جن اعليٰ اديبن بلبل صاحب جي انهيءَ اعليٰ اهليت ۽ ادبي مقام ۽ مرتبي کي سندس اعليٰ لياقت، فهم فراست، معامله فهمي، مطالعي ۽ مشاهدي جي نسبت سان دل کولي بنا ڪنهن جانبداري جي ساراهيو آهي، بنا ڪنهن رک رکاءَ جي تحسين ۽ داد جي ورکائن سان ياد ڪيو آهي تن مان مرحوم محمد بخش ‘واصف’ حيدرآبادي، مرحوم مولانا دين محمد ‘وفائي’، مرحوم حاجي محمود ‘خادم’، مرحوم مير رحيم داد مولائي شيدائي، مرحوم سيد علي اڪبر شاه، مرحوم حافظ عبدالله بِسمل ٽکڙائي، مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد ‘صغير’ سيوهاڻي، مرحوم جمع خان’غريب’، مرحوم سائين پير حسام الدين راشدي، مرحوم ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ‘خليل’، مرحوم مولانا غلام محمد ‘گرامي’، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا نالا قابلِ ذڪر آهن. اهي پاڻيٺ پرکڻن، مستند عالمن ۽ اديبن جا نالا آهن، جن جي هر راءِ هڪ سند جي حيثيت رکي ٿي. انهن جي هر هڪ تحرير وڏي وقعت رکي ٿي ۽ بلبل صاحب جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي تائيد ڪري ٿي. مطالعو ۽ مشاهدو پنهنجي جاءِ تي، پر هڪ خاص ڳالهه جنهن ڏانهن ڌيان ڇڪجي ٿو، سو آهي بلبل صاحب جو پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جو ڏانءُ. مطالعو ۽ مشاهدو ته هر ڪو ڪري، پر ڪو ان کان ڪم به وٺي ڄاڻي، چئي، “پائي هر ڪو پر ٺمڪائي ڪو ڪو”، “سرمو هر ڪو پائي پر اک اک جو ڦير.” سو وڏي مطالعي ۽ مشاهدي وارا ته ٻيا به هئا پر جهڙيءَ طرح بلبل صاحب پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم ورتو، ان جو مثال نه ٿو ملي.
ڳالهه ڇا آهي ته مطالعي ۽ مشاهدي جي پٺيان جيڪڏهن ڪا اعليٰ ذهانت، فهم ۽ فراست جي خداداد غير معمولي قوت ٿئي ٿي ته پوءِ معجزا ڪري ٿي ڏيکاري. معمولي معلومات کي به اهڙو ڪارائتو ڪري ٿي ڏيکاري جو عقل دنگ رهجيو وڃي. هتي ته خداءِ عزوجل بلبل صاحب کي عقل، فهم، فراست ۽ ذهانت جي وافر مقدار سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس مطالعي ۽ مشاهدي جا ڀنڊار ڀريل هئا. سنڌ سان گڏ هند جو به مطالعو ۽ مشاهدو سندس پلئه پيل هو تنهنڪري ڪيئن ٿي ڪنهن کان پٺتي رهي سگهيو؟ راشدي صاحب جي لکڻ مطابق: “هجو گوئي ۾ مخلص جو گهوڙو ڪڏهن ڪڏهن ذاتيات ۽ شخصيات ۾ به ڪاهي پوندو هو. برعڪس ان جي ‘بلبل’ اڪبر الهه آبادي جي طرز ۾ عام حالات تي تنقيد ڪندو هو.”
مختصر ته بلبل صاحب جو اهو ذهانت ڀريل مشاهدو ۽ مطالعو ئي هو، جنهن کيس پنهنجي وقت جي اعليٰ اديبن کان ممتاز ۽ مٿڀرو ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس وقت جو نباض قوم، مزاج شناس، حقيقت پسند مصنف، محڪم خيال مدبر، دور انديش صحافي، مخلص مصلح ۽ قوم جو هڪ مثالي گهڻ گهرو بنائي ڇڏيو هو. هن پنهنجي انهي ذهانت ڀريل مطالعي ۽ مشاهدي سان وڏا وڏا معرڪه سرڪيا، جيئن سائين راشدي صاحب رقم طراز آهي: “سندس دؤر جو وڏي ۾ وڏو مسئلو هيءُ هو ته انگريزن جي پيرن پختي ٿي وڃڻ ڪري هڪ وڏو انقلاب اچي چڪو هو جنهن سبب سنڌ سان محبت جي تقاضا اها هئي ته ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪجي، جيئن سنڌ جي تهذيبي ورثي کي مغربيت جي اثر کان به آجو رکجي. [جيئن سنڌيت جا قديم رنگ نه ميسارجن] ۽ ساڳي وقت نين حالتن پٽاندر، زماني سازي کان به ڪم وٺبو رهجي. انهيءَ اصول جي بناء تي بلبل مرحوم هڪ طرف سنڌ مدرسي جي پايو وجهندڙ مرحوم حسن علي آفندي جي تعليمي تحريڪ سان وابستگي اختيار ڪئي ۽ ٻئي طرف پنهنجي تحريڪ ۽ ڪلام ذريعي نئين غير ملڪي تهذيب جون بڇڙايون بيان ڪندي، سنڌين کي پنهنجي قديمي تهذيبي ليڪن لتاڙڻ ۽ اباڻي ريت وسارڻ کان به روڪيندو رهيو. اهو هڪ قسم جو وڏو تهذيبي جهاد هو. جنهن جو مقصد هو ته نون تهذيبي ۽ تمدني طوفانن جي عين وچ ۾ سنڌ کي پنهنجي اصلي ۽ حقيقي محور تي قائم رکيو اچجي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مون واري نسل جا ماڻهو گهڻي حد تائين بلبل جي تحريرن کان متاثر رهيا، تنهن ڪري مغربي تهذيب جي سيلاب ۾ بنهه لڙهي وڃڻ کان بچي ويا.”
محترم پير علي محمد شاهه راشدي جي انهيءَ تاثر کان پوءِ، بلبل صاحب جي ذهانت ڀريل مطالعي ۽ مشاهدي جي تصديق لاءِ غالباً ڪنهن مزيد اپٽار جي گنجائش باقي نٿي رهي. بيشڪ بلبل صاحب پنهنجي وقت جو هڪ نهايت ئي ذهين ۽ فتين معامله فهم اهلِ قلم، شاعر، صحافي ۽ اديب هو، جنهن پنهنجي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جي آڌار تي ادب ۾ رائج روايتن سان بغاوت ڪئي ۽ پنهنجي وقت جو هڪ باغي اديب ۽ صحافي ٿي اڀريو. هن نثر ۽ نظم جي ميدان ۾ روايتي رياڪارين کي ترڪي، ديس جي ڌرتي سان ناتو جوڙيو ۽ ان ناتي جي نسبت سان امر بڻجي ويو.
هن موقعي تي لازمي آهي ته سائين راشدي صاحب جن جي انهي اجري آس ڏانهن به ڌيان ڌريو وڃي جنهن کي موصوف پنهنجي مضمون جي آخر ۾ هنن لفظن ۾ آندو آهي ته “بلبل سنڌ جو بلبل هو، سنڌي صحافت جو پايو وجهندڙ هو. سنڌي ٻوليءَ جو محسن هو. سنڌي تهذيب جو راکو هو. ڪو ڏينهن ايندو جڏهن ستل سنڌ ڪر ڀڃي اٿندي ۽ بلبل جي احسانن جو قرض ان صورت لاهيندي ته ميهڙ جو نالو مٽائي “بلبل آباد” يا “بلبل ديرو”، رکندي.”
جناب محمود الحسن خان نيازي ميانوالي پنجاب جو باشندو، اديب، ۽ مالڪ اخبار روزنامه “نوائي فاران” ۽ ٻي اخبار روزنامه پاڪستان ميانوالي، پنهنجي پهرئين ۽ ٻي اخبار مورخه 23 نومبر 2006ع ۾ جدا جدا عنوانن “شمس الدين بلبل ايڪ عهد ساز شخصيت” ۽ “واديءِ مهران ڪي تهذيبي تمدني روايتون ڪي امين اور مظهر، رئيس شمس الدين بلبل” هيٺ هن طرح لکيو آهي، (ترجمو و تلخيص):
“واديءِ سنڌ جو حالي ۽ اڪبر الهه آبادي سڏجندڙ رئيس شمس الدين بلبل مرحوم جي علمي، ادبي ڪارنامن تي هميشه سندس سرزمين فخر ڪندي رهندي، بلبل مرحوم جي شخصيت جون مختلف جهتون آهن. هو هڪ عظيم مفڪر، محب وطن ۽ دور انديش مصلح کان علاوه هڪ صاحب طرز اهل قلم به هو. شعر ۽ سخن ۾ اعليٰ معيار جي طنزيه مزاح نگاري، ظرافت، نفيس بذلئه سنجي ۽ منفرد اسلوب بيان سندس سڃاڻپ هئي. تحرير جي طاقت سان گڏ هو خطابت جي ميدان جو به شهسوار هو. دانش ۽ بينش، سنجيدگي و متانت کان علاوه هن سياست ۽ صحافت ۾ به هڪ منفرد مقام ٺاهيو هو. ديني احڪامات جي بجا آوري ۾ سندس روز مره جون مصروفيات ڪڏهن به حائل نه ٿيون. وقار، متانت، شائستگي سندس شخصيت جي سڃاڻپ هيون.”
قاضي ميان جان محمد عارفي پنهنجي مضمون “ٽي ٽيڙو ٻارنهن ڪَتيون” ۾ شمس الدين بلبل جي سَري هيٺ لکڻ فرمائي ٿو ته “مهراڻ وادي جي پر بهار باغ جو بلبل، سنڌي ايڊيٽرن جو امام مڃيو ويندو آهي. شاعري ۾ اهو ڪم ڪيائين جيڪو اڪبر الهه آبادي هندوستان ۾ ڪيو يعني ٻنهي انگريزن ۽ نيٽو نيچرين جي مٽي پليد ڪئي ۽ مزاحيه شاعري ۾ سندس جاءِ ڪير ڀري نه سگهيو آهي.” (ماهه نامو- نئين زندگي ماهه ڊسمبر 1957ع.)
جناب محمد امين مگسي پنهنجي هڪ تحرير “رئيس شمس الدين بلبل” ۾ لکي ٿو: “بلبل سنڌ جو مايهء ناز صحافي، سماجي ڪارڪن، زبردست شاعر ۽ حقيقت ۾ سنڌ جو “غالب” هو. بلبل جي شاعري، صحافت ۽ علمي صلاحيتن سنڌين ۾ جيڪا سجاڳي، بيداري ۽ علمي ذوق پيدا ڪيو آهي، ان جو هر اهلِ علم معترف آهي.” (سندس تصنيف- جوڳيئڙا هن جهان ۾” علامه آءِ. آءِ. قاضي اڪيڊمي دادو- 1997ع).
جناب محمد نواز محزون ڀٽي فرمائي ٿو “مرحوم بلبل سنڌي صحافت جو پيشرو، طنز و مزاح جي شاعريءَ جو باني، عليڳڙهه جي تعليمي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن، مشهور سياسي ۽ سماجي سڌارڪ هو. سنڌ جو هي عظيم شخص جنهن پنهنجي زندگي ۽ شاعري سنڌ جي مسلمانن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. (سنڌ جو مشهور مصنف ۽ مترجم محمد نواز محزون ڀٽي. “شمس الدين بلبل، ماهنامه نئين زندگي ماهه- سيپٽمبر 1960ع).
جناب محمد علي دائود پوٽو ‘عيان’ پنهنجي تصنيف “دادو ضلعي جي ادبي، ثقافتي تاريخ”، ۾ “مرحوم شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ لکي ٿو:
مرحوم شمس الدين بلبل ميهڙ جي مشهور هستي ٿي گذريو آهي، شمس الدين بلبل سنڌي، عربي، اردو، پارسي ۽ انگريزي جو مشهور عالم هو. سندس نثر ۽ نظم اهڙو ته مؤثر ۽ ملزد هو جو ڪو به شخص انڪار ڪري نه سگهندو. هو ساڳئي وقت وڏو صحافي به هو. پهرئين اخبار 1889ع ۾ ڪڍيائين جنهن کي ‘معاون’ چوندا هئا. انهي اخبار ۾ مرحوم حسن علي آفندي جي تعليمي ۽ سياسي سرگرمين جي خوب خدمت ڪئي، سکر مان ٻي اخبار “آفتاب سنڌ” نالي هلايائين. مرحوم کي سنڌي ايڊيٽرن جو امام تسليم ڪيو ويو آهي، شاعريءَ ۾ وري اڪبر الهه آبادي وارو نمونو اختيار ڪيائين جنهن ۾ انگريزيت ۽ نيٽونيچري جي پوري طرح مٽي پليد ڪئي اٿس. مزاحيه شاعري ۾ سنڌ اندر سندس مٽ ڪونه پيدا ٿيو آهي. بلبل مرحوم مقرر به قابل هو. سندس تقريرون نهايت ڪامياب وينديون هيون. سياستدان به هڪڙوئي هو. ميهڙ ۾ پريائين پهريائين عمدي جاءِ مرحوم جو بنگلو هو، جنهن کي بلبل بنگلو سڏبو آهي، ان کان پوءِ لولو مل جي ٽڪنڊي ٺهي. مرحوم بلبل، صاحب ديوان آهي. اعليٰ اديب ۽ انشاءَ پرداز هو، نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿس، جن مان ڪيترائي شايع ٿيل آهن ۽ ڪيترا اڃا دستخط نسخا آهن. چون ٿا ته اهڙو سليم طبع ۽ قافيه شناس هو جو ڪهڙا به سخت آفيسر گورا يا هندوستاني ايندا ها ته مرحوم انهن کي پنهنجو گرويده بنائي ڇڏيندو هو. مرحوم جو فرزند ارجمند رئيس ضياءُ الدين ضيا به پيءُ وانگر مشهور معروف هستي آهي”.
جناب مولانا عبدالڪريم چشتي شڪارپوري، ٻارهين سنڌ ادبي ڪانفرنس جيڪا دادو شهر ۾ منعقد ٿي هئي ان ۾ جيڪو مقالو چشتي صاحب تي پڙهيو هو ۽ “تحفهء آفتاب ادب دادو” ۾ شايع ٿيو آهي ان جون چند سٽون هتي قارئين ڪرام جي ملاحظي لاءِ پيش ڪجن ٿيون: “محترم مرزا قليچ بيگ مرحوم، رئيس شمس الدين بلبل مرحوم، مولانا حڪيم فتح محمد مرحوم ۽ ميان محمد هاشم مخلص مرحوم خواه مولوي نور محمد نظاماڻي شاعر به هئا ۽ نثر نويس به، سندن وجود کي وسارڻ وڏي بي انصافي ٿيندي، اگرچه حسرت سان چوڻو ٿو پوي ته پوئين ٻن صاحبن پنهنجي خداداد لياقت مان ڪو خاص جٽادار مفيد عام ڪم نه ڪيو. پهرين ٻن ٽن بزرگن جي نظم خواه نثر اسان لاءِ مفيد ۽ نفع بخش ثابت ٿيو، سندن تصنيفات قابل ديد ۽ بايدِ شهيد آهن. ”
حضرت رئيس القلم، رئيس ضياءُ الدين بلبل ثاني پنهنجي هڪ يادگار تحرير، ديوان بلبل لاءِ سندس لکيل مقدمي مان چند اقتباسات پيش ڪجن ٿا:
بلبل مرحوم چارلس ڊڪنس وانگر ظرافت جي ذريعي پنهنجي سوسائٽي کي بد اثرات کان بچائڻ لاءِ جيڪو فن پيدا ڪيو تنهن وڏو ڪم ڪيو. دراصل اهڙي ايجاد ۽ جدت مرحوم بلبل به سنڌي ادب ۾ آندي، اهڙو مثال سنڌي ادب ۾ اڳ ڪونه هو. سندس مزاحيه انداز “يو ڪونين” جو ڪم ڪيو ۽ فيشن جو بخار ڪڍي ڇڏيو. ٻيو ته بلبل ان وقت، قوم جي ڦوڙي تي نشتر وهائي ڪڍيو جڏهن ڪارو واءُ لڳي رهيو هو ۽ مسلمان ان جديد فيشن جي وبا ۾ وٺجي چڪا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي سڀني محققن متفق تي چيو آهي ته بلبل هڪ سچي شاعر جا فرائض ادا ڪيا آهن. سندس اصلاحي تخريبي پهلوءَ، جديد فيشن جا ڪوٽ ڪيرائي ڇڏيا.
بلبل سهڻي نقاب ۾آيل ڪاري بلا کي پريان ئي پروڙي ورتو ۽ ان جي خراب نتيجن کان اڳواٽ قوم کي آگاهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ائين چئجي ته جديد دؤر جي مومل جي ڪاڪ ۾ جو اسان جا ڪيئي ڪونڌر، مينڌرا بڻجي، محو حيرت بڻجي چڪا هئا، تنهن جي طلسمات کي هن باريڪ بين ۽ حق شناس شاعر پريندي ئي پروڙي ورتو، تان جو جدوجهد ڪري، ان کي بي نقاب ڪري، قوم کي سجاڳ ڪيائين ته اها مومل جي ڪاڪ آهي ۽ نه زندگيءَ جو رنگ محل.
بلبل جي فن جو اهو ئي ڪمال آهي، جو سندس ڪلام ۾ اڄوڪو نقشو به هوبهو پيو نظر اچي. اهو آهي پيشنگوئي وارو جزو، جنهن بابت سروجني نائڊو چيو آهي:
“شاعر باڪمال جو فن، هڪ پيشنگوئي ٿئي ٿو، ان ۾ مستقبل جا اهڃاڻ ۽ آثار پڻ موجود رهن ٿا. ”
مرحوم بلبل پنهنجي شاعري ۾ خالص علمي ۽ ادبي، لساني ۽ فني پهلو کي محفوظ رکيو آهي ۽ سنڌي زبان نهايت ئي سليس ۽ سلوڻي دلڪش ۽ عام فهم ڪم آندائين. شعر جي رواني، شيرين بياني، وزن جي پختگي، بندش جي چستي، سندس فن جو ڪمال آهي. ان طرح نوان استعارا ۽ ڪنايا، لطائف، ظرائف، تمثيلون ۽ تشبيهون پيدا ڪري ٻوليءَ کي رنگين ۽ نمڪين بنائي ڇڏيائين.
بقول حاجي محمود خادم “رنگين ۽ مرصح نثر جو موجد مرحوم بلبل آهي. خود مرحوم مخلص ۽ مرزا قليچ بيگ مرحوم به سندس تقليد ڪئي آهي. ان طرح جناب مولائي شيدائي جي چوڻ موجب “بلبل پهريون انشا پرداز ۽ صاحب طرز اديب هو، جنهن مسلم صحافت جو مقام سنڌ ۾ بلند ڪيو. سنڌي صحافت جو بنياد وجهندڙ بلبل هو.”
اول اوهان ان دؤر ۾ پيدا ٿيل هوم رول تحريڪ جو ڪجهه تصور ڪيو، جنهن جي چڪر ۾ سنڌ ۽ هند جا وڏا وڏا مسلمان ليڊر اچي چڪا هئا. اهو دؤر 1918ع ۾ وڏو ممڻ مچائي چڪو هو، گانڌي، گوڪلي، ايني بيسنت ۽ ديوان مرليڌر ان تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا هئا، سنڌ ۾ غلام محمد خان ڀرڳڙي جهڙو پرجوش، مخلص ۽ ديانتدار ليڊر به متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو.
ان دؤر ۾ بلبل “جام جم” ڪتاب لکيو، ان ۾ هند جي سياسي پس منظر، هندن جي انگريز پرستي ۽ مسلمانن جي حق تلفي تي مفيد ۽ معلومات افزا انگ اکر پيش ڪري مسلمانن کي خبردار ڪيائين ته هو پنهنجن حقن لاءِ جداگانه تنظيم کڙي ڪن. “جام جم” جي صفحي 56 تي بلبل مرحوم لکيو آهي.:
“گرگن سان ٻڪريون گڏجي حق نه گهرن، بازن سان چڙيون نه اڏامن، اسان جي هستي، اسان جي قوميت سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. هندن کان صد بار وڌيڪ اسان جا پوليٽيڪل حق آهن. هو هميشه اسان جا محڪوم هئا. انگريزن جي چاپلوسي ڪري هاڻي اسان جا حاڪم ٿيا آهن ۽ اڃا وڌيڪ حاڪم ٿيڻ گهرن ٿا. اسان جا انهن کان به وڌيڪ ڳاٽي ڀڳا حق هئڻ گهرجن پر جدا ۽ نه گڏ.”
بلبل جو هي آواز، علامه اقبال ۽ قائد اعظم کان توڙي الهه آباد واري اجلاس ۽ لاهور جي پاڪستان ريزوليوشن کان ٻاويهه سال کن اڳ جو آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ جداگانه قوميت جو روح موجود آهي. ان طرح وفات وقت بلڪل پوين پساهن ۾، سندس زبان مان هي لفظ نڪتا “هندن جا بجڪا ڌار ڪريو ۽ مسلمانن جا بجڪا ڌار ڪريو”. اهي لفظ پاڪستان جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا.” (ديوان بلبل سن 1972ع ۾ مولانا غلام محمد گرامي ايڊٽ ڪيو آهي- سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي).
مولانا دين محمد وفائي صاحب پنهنجي تصنيف “تذڪره مشاهير سنڌ” ڀاڱون پهريون، صفحي 196 تي “شمس الدين بلبل” جي عنوان تحت لکي ٿو : “سنڌ جو ناميارو اهل قلم ميان شمس الدين بلبل 1889ع ۾ ڪراچي ۾ مرحوم خانبهادر حسن علي افندي وٽ هليو آيو، جنهن سندس قابليت مان ڪم وٺڻ لاءِ ‘معاون’ نالي هڪ هفتيوار اخبار سندس ادارت ۾ جاري ڪئي. هن اخبار جي ذريعي مرحوم بلبل سنڌ مدرسة الاسلام ۽ سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جي تمام وڏي خدمت ڪئي. مرحوم حسن علي جي مددگاري ۾ جيئن مولوي الله بخش نماڻو هو. تيئن بلبل به سندس دست و بازو ٿي رهيو.
دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ بابت جڏهن مرحوم آفندي کي ڪميشن اڳيان شاهدي ڏيڻ جي ضرورت پئي تڏهن زمينداري قرضن جي انگن اکرن گڏ ڪرڻ جو ڪم مرحوم بلبل تي رکيو ويو، جنهن ساري سنڌ جي زميندارن کان احوال گهرائي آفندي مرحوم لاءِ شاهدي جو مواد گڏ ڪيو. ڪميشن پوني ۾ ويٺي، شاهدي ڏيڻ وقت آفندي مرحوم بلبل کي به پوني وٺي ويو جتي سندس وڌيڪ مدد ڪيائين، جنهن کان پوءِ سنڌ سان زمينداري جي بچاءَ لاءِ رليف ايڪٽ لاڳو ٿيو.
بلبل جي لکڻي ظرافت آميز ۽ پر مذاق هوندي هئي جنهن ڪري هر هڪ ماڻهو سندس مضمونن کي ڏاڍي شوق ۽ لطف سان پڙهندو هو. هن سنڌي زبان ۾ تمام چڱو سڌارو ڪيو ۽ نئين رنگ ۾ سنڌي لٽريچر ۾ اضافو ڪيائين. نظم توڙي نثر ۾ گهڻائي ڪتاب لکيائين.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، “سنڌي نثر جي تاريخ”، ڇپيل سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سن 2007ع ۾ لکي ٿو: “1885ع ۾ خانبهادر حسن علي آفندي جي سر جوشيءَ سان ۽ سنڌ محمدن ايسوسي ايشن جي سايي هيٺ سنڌ جي مسلم عوام ۾ تعليم ڦهلائڻ جي مراد سان، ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام برپا ٿيو هو، جو اڃا سوڌو شاندار ڪارج ڪري رهيو آهي. ان مدرسي جي سهاري هيٺ 1904ع ۾ تعليمي ۽ ادبي مخزن “رساله مدرسه” جاري ٿي هئي جنهن سالن جا سال مسلم لکندڙن جي خوب همت افزائي ڪئي. هن مخزن جي سنڌي حصي ۾ چڱي معيار جا ادبي ۽ معلوماتي مضمون پوندا هئا، ۽ ان جي قابل ايڊيٽرن مولوي الله بخش اٻوجهي ۽ مولوي عبدالرحيم فقير سنڌي نثر توڙي نظم جي خاصي خدمت ڪئي هئي. ميان شمس الدين بلبل جو پوءِ ايڊيٽر ٿيو. سو پنهنجا مذاقي نظم ۽ مضمون هن مخزن ۾ شايع ڪندو هو. سندس عبارت پختي پر دقيق ٿي ڏسڻ ۾ اچي، جنهن جو مثال سندس مشهور ڪتاب “قلندري ميلو” جي قافيه دار نثر مان ملي ٿو. بلبل صاحب سنڌي زبان ۾ ظريفاڻي ادب جو، پرمانند ميوارام وانگر باني هو. پر افسوس آهي جو سالن کان شايع ٿيندڙ هن جهوني مخزن جا پرچا سنڌ مان پهچي نه سگهيا آهن، جنهن ڪري ان جو تفصيلوار بيان ڏيڻ کان محروم رهڻو ٿو پوي.”
ڊاڪٽر اياز قادري صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌي غزل جي اوسر” ڀاڱو ٻيو ۾ شمس الدين بلبل جي سَري هيٺ لکي ٿو: “سنڌ محمدن ايسوسي ايشن مسلمانن جي بهبود ۽ ترقي لاءِ ٺهي هئي جنهن جي سهاري هيٺ هڪڙي هفتيوار اخبار ‘معاون الاسلام” جاري ڪئي وئي هئي جنهن جي ايڊيٽري بلبل جي سپرد ڪئي وئي، هن ان اخبار ذريعي سنڌ مدرسھ الاسلام، سنڌ محمدن ايسوسي ايشن ۽ حسن علي آفندي جي سياسي ۽ علمي تحريڪ لاءِ گهڻو ڪم ڪيو.
معاون جي ايڊيٽر مقرر ٿيڻ ڪري هن کي پنهنجي ذاتي جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ملي ويو. هن جي پرزور ۽ پر جوش، طنزيه ۽ مزاحيه ۽ دلنشين، نئين ۽ جديد رنگ جي شعرن ۽ مضمونن سڄي سنڌ ۾ پنهنجي ڌاڪ ڄمائي ۽ اثر پيدا ڪيو، هن جي قلم مان نڪتل هر هڪ اکر اهڙي شوخي ۽ ظرافت سان ڀريل هو جنهن جهڙي لکڻي سنڌ جي ماڻهن هن کان اڳ ڪڏهن به نه پڙهي هئي. غلام محمد گرامي، معاون اخبار ۾ سندس تحريرن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو. “سنڌي زبان کي پنهنجي ظريفانه رنگ سان اهڙو ته شيرين ۽ نمڪين ڪيائين، جو ان جو جادوءَ وانگر اٿر ٿيڻ شروع ٿيو. سندس ظريفانه اشعار، لطائف ۽ ظرائف، قلمي نوڪ جهوڪ، ندرت آميز تحرير جي سببان “بلبل بلبل” جي وائي وات هئي. اديبن ۽ شاعرن، سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن، ميرن ۽ پيرن، حاڪمن ۽ وزيرن وٽ سندس قابليت ۽ صلابت راءِ جو چرچو ٿي ويو.”
محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، پنهنجي تحقيقي مقالي “سنڌي جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات” ۾ “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ هن طرح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ فرمايو آهي: “شمس الدين اهو سنڌي زبان جو نثر نويس هو جنهن نثر کي فارسي زبان مان آزاد ڪرايو. سليس سنڌي نثر کي پنهنجين اخبارن جي ذريعي عام ڪيو، سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جو عڪس نظر اچي ٿو، سندس اخبارن ‘آفتاب’ سکر ‘الحق’ سکر ۽ ‘معاون’ ڪراچي مشهور رهيون جن ۾ سليس نثر نويسي جا ڪمال هئا ۽ انهن اخبارن ۾ مضمون نويسي سٺي ترقي ڪئي. بلبل جا فلسفيانه مضمون سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيا.”
محترمه ڊاڪٽر شاهده بيگم (ڪراچي) پنهنجي تحقيقي مقالي “سنده مين اردو” ۾ شمس الدين بلبل جي عنوان تحت هن طرح اظهار ڪيو آهي “شمس الدين بلبل 1857ع بمقام ميهڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. هن مروج علمن سان گڏ انگريزي جي تعليم به حاصل ڪئي ۽ محڪمھ آبپاشي ۾ ملازمت ڪئي مگر فطري لڳاءُ ادب، صحافت ۽ شعر و شاعري سان هيس، انڪري ملازمت ڇڏي ڪراچي جي سنڌي اخبار “معاون” جو ايڊيٽر ٿي ويو، ان کان پوءِ ‘الحق’ سکر جي ادارت به ڪيائين.”
شمس الدين بلبل نظم ۽ نثر ٻنهي ۾ طنزيه ۽ مزاحيه انداز جو مالڪ هو. انهي ڪري سنڌ جو اڪبر الهه آبادي سڏيو ويندو هو. هو ساڳئي وقت شاعر، اديب ۽ صحافي سڀ ڪجهه هو ۽ هر صنف تي کيس دسترس حاصل هئي. سنڌي نثر ۽ نظم جا ڪيترائي ڪتاب سندس يادگار آهن. اردو ۾ به شعر چوندو هو.” (ترجمه ۽ تلخيص)
ايني ميري شمل، مشهور انگريز، عالمي اسڪالر خاتون، سنڌي ادب ۽ ڪلچر سان چاهه رکندڙ ۽ سنڌ ۾ رهي سنڌي تهذيب ۽ ادب جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندڙ ادبي شخصيت بلبل جي خدمتن جو ذڪر ڪندي پنهنجي تصنيف “سنڌي ادب جي ارتقا” ۾ لکي ٿي:
“شمس الدين بلبل، جنهن کي سنڌ جو حالي ڪري سڏيندا آهن، ان سنڌ جي سر سيد يعنيٰ حسن علي افندي جي ڪم ۾ اهڙو ئي ساٿ ڏنو ۽ هٿ ونڊايو جهڙو اردو ادب ۾ سر سيد جو ساٿ حاليءَ ڏنو هو. شمس الدين بلبل ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن جن مان هڪڙو نظماڻي نثر ۾ قلندر شهباز جي ميلي تي لکيل ڪتاب ڏاڍو دلچسپ آهي. سندس شاعري ۾ به اسان کي نه رڳو ڪيترائي تعليمي عنوان ملن ٿا. پر طنز و مزاح کي به شاعري ۾ شامل ڪيو اٿس. بلبل معاون اخبار سان به وابسته رهيو. هن سنڌ جي مسلمانن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڏاڍو سرگرمي سان ڪم ڪيو آهي.”
بلبل جي بيشمار لياقتن جي نشاندهي اهل قلم حضرات جي تحريرن ذريعي ڪرائي وئي آهي ۽ سندس ايجادن جو به ذڪر انهن لکڻين ۾ موجود آهي. ادب ۾ جا به نواڻ حضرت بلبل آندي آهي ان جو ذڪر به اچي چڪو آهي. آءٌ هت صرف ٻن اهم خدمتن جو ذڪر ڪندس جن جو احسان سنڌ ۽ سنڌ واسي شايد ڪڏهن به لاهي نه سگهن. بلبل جي هڪ اهم خدمت اها آهي ته هن سنڌي ٻولي کي فارسي جي ڏکين الفاظن کان ڌار ڪري ٻوليءَ کي سليس ۽ عام فهم بڻايو، سنڌ جا سمورا اهلِ قلم حضرات هن حوالي سان بلبل جا مقروض آهن. سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورت ۽ ترقي بلبل جي مرهونِ منت ۽ سندس علمي لياقت جو ثبوت آهي. هن سلسلي ۾ بيشمار شاهديون اهلِ قلم ۽ اهلِ علم جون هن ئي تحرير ۾ موجود آهن، تاهم هڪ اڌ مزيد شاهدي پيش ڪجي ٿي:
جناب حافظ عبدالله “بسمل” ٽکڙائي، پنهنجي هڪ تحرير “مرحوم شمس الدين بلبل جا ادبي اوليات “جيڪا ماهنامو نئين زندگي جي ماهه آڪٽوبر 1965ع واري پرچي ۾ شايع ٿي آهي ان ۾ هن طرح رقم طراز آهي:
“بلبل مرحوم پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر نويسي جي طرز ايجاد ڪئي. درحقيقت مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب به هن طرز ۾ مرحوم بلبل جو ئي مقلد آهي. البت ڪٿي ڪٿي مرحوم بلبل مقفى عبارت ڏي به لاڙو ڪيو آهي، پر سندس ايڊيٽر شپ ۾ جيڪي اخبارون شايع ٿيون، انهن ۾ سندس پرزور ۽ فصيح ۽ بليغ نثر نويسي جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به پر زور اخبار نويس ٿي گذريا آهن جهڙوڪ مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر اخبار مسافر يا مرحوم شيخ محمد سليمان يا مرحوم مخلص سي سڀئي بلبل مرحوم جا مقلد ۽ خوشه چين آهن.”
اها هڪ حقيقت آهي ته حضرت بلبل پنهنجين سڀني خوبين، صلاحيتن ۽ وصفن سبب سنڌ اندر هڪ سهڻو ۽ انمول ماڻڪ مثل هو. سندس سڀ ڪارناما هڪ طرف ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سليس ۽ سلوڻو بڻائڻ وارو عمل ٻئي طرف هو. هن طرز تحرير سبب اخبار نويسي جو هنر آسمان تي پهتو. بلبل جي هن ڪارنامي تي سنڌ جيترو به فخر ڪري اهو گهٽ آهي. بلبل سنڌي ٻوليءَ کي سليس ۽ سولو نه بڻائي ها ته اخباري ۽ تصنيفي دنيا ترقي نه ڪري ها ۽ سنڌ جا سوين اهلِ قلم جيڪي هن وقت سنڌ جا روشن ستارا سڏجن ٿا اهي ڪيئن پيدا ٿين ها؟ اڳي جيڪا سنڌي عبارت لکي ويندي هئي سان نهايت ڏکي ۽ فارسي جي الفاظن سان ڀريل هوندي هئي. اهڙي عبارت صرف اهي ئي پڙهي سگهندا هئا جن کي فارسي زبان تي عبور حاصل هوندو هو. بلبل سنڌي ٻوليءَ کي فارسي جي لفظن جي ميخن کان آزاد ڪري سلوڻي ۽ سليس روپ ۾ روشناس ڪرايو، جنهن سبب علمي، ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ هڪ قسم جو انقلاب اچي ويو. گهڻن اهل قلم حضرات بلبل کي انقلابي شخصيت مڃيو آهي.
جناب ڊاڪٽر غلام قادر سومرو صاحب پنهنجي تحقيقي مقالي “سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح” (ثقافت کاتو حڪومت سنڌ 2013ع) ۾ “شمس الدين بلبل” جي عنوان هيٺ هن طرح لکڻ فرمائي ٿو:
“بلبل جامع شخصيت جو مالڪ هو. ناميارو صحافي پڻ هو. بلبل سياسي بصيرت رکندو هو ۽ سنڌي مسلمانن جي حقن لاءِ قلم جو جهاد ڪيائين. ظفر ڪاظمي لکي ٿو “شمس الدين بلبل سنڌ جي مسلمانن کي پنهنجي قلم سان سجاڳ ڪرڻ شروع ڪيو. بلبل جي سياسي تدبر ۽ بالغ نظري لاءِ رئيس ضياءُ الدين ايس بلبل، لکي ٿو ته ان مهاسڀائي ذهنيت وارن ليڊرن توڙي بد زبان آريه ڪارڪنن، هندو اخبارن ۽ ايڊيٽرن توڙي هندو نواز، سادهه لوح مسلمان ليڊرن سان مرحوم بلبل نهايت سختي سان مقابلو ڪيو. صحافتي دنيا ۾ هن کي هندن سان خوب چوٽون کائڻيون پيون ۽ هن خوب چوٽون کاڌيون نيٺ پڇاڙي وڃي ڪامياب ٿيو.
بلبل جو نثر زور وارو هو جنهن جي وسيلي هن اخباري دنيا ۾ هڪ نئين اسلوب ۽ طرز جو بنياد وڌو. بلبل نثر جي پراڻي نموني مقفى کي ترڪ ڪري، اخبار نويسي لاءِ ڪنهن مناسب ڍنگ جي ضرورت کي محسوس ڪندي هڪ انوکو اسلوب اختيار ڪيو ۽ نثر نويسي جي سلوڻي طرز ايجاد ڪئي. حقيقت ۾ مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ به هن طرز ۾ مرحوم بلبل جو ئي مقلد ۽ خوشه چين ٿو ڏسجي.
بلبل جو نثر اصلاحي پر زور ۽ مزاح جي چاشني ۾ رسيل عالمي ادبي معيار جي مطابق آهي. سندس ظرافت ۽ طنز جو ڪو مثال نه ٿو ملي. بلبل جي رنگين مزاجي، شاعرانه فڪر، مزاحيه انداز بيان، عالمانه سنجيدگي، ٽوٽڪا ۽ نڪتا ملي بلبل کي بلبل- سنڌ بنائين ٿا. فن ۽ فڪر جي لحاظ کان بلبل جي شاعري نَوَنِ استعارن، سهڻين ترڪيبن، انوکن نڪتن، چست بندشن، شوخ ادائن، فصاحت ۽ بلاغت ڀريل گوناگون مضمونن سان سينگاريل هئڻ سبب ادب عاليه ۾ شامل آهي. سنڌ ۾ فرنگي تسلط سبب سنڌي تهذيب ۽ ثقافت تي پوندڙ زهريلن اثرن خلاف بلبل شاعري ذريعي آواز بلند ڪيو ۽ بگڙجندڙ سماج تي مزاحيه طنز ڪئي. سنڌي عوام جي پس ماندگي، معاشري جي پائمالي جي شديد احساس، شاعري ۾ سندس حس مزاح (Ludicrous) کي جاڳايو. بلبل تحرير ۾ تازگي ۽ شگفتگي کي قائم رکڻ لاءِ زندهه دلي، خوش طبعي، ظرافت ۽ شوخي کان ڪم ورتو. مزاح نگاري ۾ سندس انداز اڪبر الهه آبادي جهڙو آهي. احمد خان سيال لکي ٿو “هند ۾ مزاحيه شاعري مرحوم اڪبر الهه آبادي تي ختم ٿئي ٿي ۽ سنڌ ۾ مرحوم بلبل تي. مسلمانن جي اخلاقي پستي جي اصلاح لاءِ بلبل مزاح کي هٿيار طور ڪم آندو”.
بلبل جي ٻئي خاص خدمت جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، هي در اصل بلبل جو هڪ عظيم ڪارنامو برصغير جي مسلمانن لاءِ آهي. بلبل جي حياتي جو نصب العين مسلمانن جي آزاديءَ جو حصول هو. تنهن ڪري هو سر سيد احمد خان جي نظرين جو حامي رهيو. آزاديءَ جي حصول لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ مسلمانن لاءِ تمام ضروري سمجهي وئي هئي. بلبل ان اصول تحت سر سيد جي تعليمي تحريڪ يعني علي ڳڙهه تحريڪ جو زبردست حامي رهيو ۽ انهن اولين ڪارڪنن مان هڪ هو جن آزادي لاءِ راهه هموار ڪئي. بلبل مسلمانن ۾ سياسي ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ کين هر طرح انهيءَ قابل بڻايائين جيئن هو آزادي حاصل ڪري سگهن. بلبل آزادي تائين زندهه نه رهيو مگر هن سلسلي ۾ سندس خدمتون بي مثال آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته مسلمانن لاءِ جدا رياست جي لکت ۾ گهر ڪندڙ حضرت شمس الدين بلبل ئي آهي. جنهن لاءِ سندس ڪتاب جام-جم مطبوعه 1918ع ۾ ڪافي مواد هن تحرير ۾ اچي چڪو آهي مگر ڪجهه مزيد تحريرون به ڏجن ٿيون.
جناب جمال ابڙو صاحب پنهنجي ڪتاب “ڪٿا- ڏسي ڏوهه اکين سين” جي صفحي نمبر 51 تي ڪجهه هن قسم جو انڪشاف ڪري ٿو ته “حضرت علامه محمد اقبال سان منسوب نظرئي پاڪستان جو تصور، پاڪستان جي مورخ حضرات جو پير کوڙي ڪوڙ هڻڻ جي مترادف آهي.” محترم جمال ابڙو صاحب هن سلسلي ۾ وڌيڪ فرمائي ٿو علامه اقبال خود هن ڳالهه جو اعتراف لکت ۾ ڪيو آهي ته هو نظريه پاڪستان جو قطعي خالق نه آهي.” اهڙو خط هن انگريز جرنلسٽ مسٽر ٿامس کي لکيو هو. انهيءَ خط جو عڪس محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ مالڪ “گل حيات انسٽيٽيوٽ” جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي.
جناب علامه اقبال پوءِ 1930ع ڌاري پنهنجو هي نظريو تبديل ڪيو. سال 1930ع ۾ الهه آباد واري مسلم ليگ جي جلسي دوران صدارتي تقرير ڪندي علامه اقبال پاڪستان جو تصور پيش ڪيو. (احمد خان آصف مصراڻي- “تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڀاڱي ڀائيواري” مهراڻ تحريڪ آزادي نمبر )
قائد اعظم محمد علي جناح هندن ۽ مسلمانن جي اتحاد جو حامي هيو ۽ هن سلسلي ۾ هن ڏاڍي ڪوشش ڪئي مگر هندو پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ ارهه زوراين تي قائم رهيا. قائداعظم محمد علي جناح سندن بد اخلاقين سبب پهريائين هوم رول ليگ تان 1920ع ۾ احتجاج طور استعيفى ڏني ۽ پوءِ ناگپور واري جلسي بعد ڪانگريس تان به استعيفى ڏئي ڇڏي.(8)۽ هندن سان سياسي اتحاد واري موقف تان دستبردار ٿي، مسلمانن لاءِ الڳ رياست جي قيام جو حامي ٿيو ۽ لاهور ۾ تاريخ 23 مارچ 1940ع واري اجلاس ۾ اهڙو اعلان ڪيائين.
بلبل شروع کان هندن جي خلاف هو، هندو سياستدانن کي انهيءَ قابل ئي نه سمجهندو هو ته مٿن ڀروسو يا اعتبار ڪجي ۽ ساڻن سياسي اتحاد کي فاش سياسي غلطي سمجهندو هو، سڄي عمر متعصب هندو ليڊرن ۽ هندو اخبارن جي ايڊيٽرن سان نبرد آزما رهيو. هندو ليڊرن راءِ بهادر هرچندراءِ پارواڻي جي سرڪردگيءَ ۾ هڪ ڪوڙو ڪرمنل ڪيس بلبل مان هميشه جان ڇڏائڻ لاءِ ڪيو جنهن لاءِ هنن پوري هندو برادري کان چندو وصول ڪيو ۽ منهن جي کاڌائون ۽ هميشه لاءِ سندن بولتي بند ٿي وئي. بلبل کي ڏسندا هئا ته ڀڳل ٻلي وانگر ڀڄي پاسو ڪندا هئا.
بلبل تي جيڪو هندن ڪيس ڪيو هو ان ۾ بلبل جو وڪيل سندس دلي دوست شيخ غلام حسين هدايت الله هو جيڪو پوءِ سر ٿيو، سنڌ جو وزير ۽ گورنر به ٿيو. هندن جو وڪيل راءِ بهادر هر چند راءِ وشنداس هو جيڪو ڪراچي ميونسپل جو ساري عمر ائڊوائيزر ۽ پوءِ پريزيڊنٽ ٿي رهيو. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي مان جدا ڪرائڻ ۾ سندس وڏو رول رهيو. سندن فرم ۾ اٽڪل 20 ننڍا وڪيل ڪم ڪندا هئا ۽ جڏهن قائد اعظم محمد علي جناح بئريسٽري امتحان ڏئي سنڌ ۾ واپس آيو هو ته هر چند راءِ کيس پنهنجي فرم ۾ نوڪري ڏيڻ جي آڇ ڏني هئي.
بلبل کان جڏهن هرچند راءِ ڪيس هارايو ته هندن جي سنڌ ۾ رهيل ساک به ختم ٿي وئي ۽ بلبل کان ڪن ڪندا هئا. هن موقعي تي پوري ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون هيون ۽ مٺايون ورهائيون ويون هيون.