لطيفيات

شاھ جي رسالي جو مطالعو

شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن، سنڌ جي روايتن ۽ ثقافت، تاريخ ۽ جاگرافي، سنڌ جي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي امرتا لاءِ جيڪي اڻ مَٽ نقش چٽيا آھن، ھن ڪتاب ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ انھن کي نروار ڪيو آھي. هن ڪتاب ۾ ڪل سَت فصل شامل آهن، جن ۾ شاھ جي وقت ۾ انقلابي حالت، سنڌ جي رهڻي ڪھڻي، سنڌ ۾ اميري ۽ غريبي، سنڌ جا پکي ۽ جانور ۽ شاھ جي ڪلام کي ڪيئن گڏ ڪجي ۽ رسالي ۾ ڌاريو ڪلام جهڙن عنوان هيٺ عالمانہ ۽ مدلل انداز ۾ بحث ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مواد جي ترتيب ۽ مضمون جي لحاظ کان شاھ جي حوالي کان اهم آهي

  • 0/5.0
  • 5
  • 1
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book شاھ جي رسالي جو مطالعو
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم ۽ اديب مولانا دين محمد وفائيءَ جو لکيل ڪتاب ”شاھ جي رسالي جو مطالعو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي تھذيب ۽ تمدن، سنڌ جي روايتن ۽ ثقافت، تاريخ ۽ جاگرافي، سنڌ جي لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي امرتا لاءِ جيڪي اڻ مَٽ نقش چٽيا آھن، ھن ڪتاب ۾ مولانا دين محمد وفائيءَ انھن کي نروار ڪيو آھي. هن ڪتاب ۾ ڪل سَت فصل شامل آهن، جن ۾ شاھ جي وقت ۾ انقلابي حالت، سنڌ جي رهڻي ڪھڻي، سنڌ ۾ اميري ۽ غريبي، سنڌ جا پکي ۽ جانور ۽ شاھ جي ڪلام کي ڪيئن گڏ ڪجي ۽ رسالي ۾ ڌاريو ڪلام جهڙن عنوان هيٺ عالمانہ ۽ مدلل انداز ۾ بحث ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب مواد جي ترتيب ۽ مضمون جي لحاظ کان شاھ جي حوالي کان اهم آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ ناشر طور علي نواز وفائيءَ جا ٻہ اکر ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي منظوم قطع تاريخ احمد خان آصف مصراڻيءَ لکي آهي ۽ پيش لفظ سيد حسام الدين شاھ راشديءَ جو لکيل آهي .ان کان سواءِ مولانا دين محمد وفائيءَ جي قطع تاريخ دين محمد‘ اديب’ فيروزشاهيءَ لکي آهي. هن رسالي ۾ مولانا روم بابت ابو سلمان شاهجهان پوري، پروفيسر اين ميري شمل، جعفر بلگرامي ۽ اي .ايڇ .حقانيءَ جو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مواد بہ شامل ڪيو ويو آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1962ع ۾ ڇپيو جڏھن تہ چوٿون ڇاپو 2012ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ثقافت کاتي جي سھڪار سان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي صاحب خان سورھ ميراڻيءَ جي ٿورن سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

سنڌسلامت پاران

2m 10s


ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • مصنف مولانا دين محمد وفائي
  • ڇپيو ويو 2012
  • ڇپائيندڙ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 04/Sep/2021
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
  • لاٿو ويو 1 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون