سنڌسلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران امر لعل گوپلاڻيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”گردش“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن ۾ 7 ڪھاڻيون شامل آھن.
هن ڪتاب ۾ الڳ ۽ منفرد موضوعن تي، اسان جي آسپاس رهندڙ ڪردان جون ڪهاڻيون آهن، اسان جي معاشري جو اولڙو ملي ٿو هنن ڪهاڻين ۾. امر گوپلاڻيءَ پنھنجي ڪھاڻين ۾ انھن حقيقتن جو عڪس چٽيو آھي، جنھن ۾ زندگي ۽ ڪائنات جا مسئلا سمايل آھن. ھن جي ڪھاڻين ۾ سجاڳيءَ جو پيغام سمايل آھي.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ شري ناٿ جي پرنٽرس احمدآباد، ھندستان پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي