ڪھاڻيون

ڪارو پاڻي

ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻيون سنڌ جي تازي درد جون ڪھاڻيون آھن. ھيڻا ماڻھو انھن ڪھاڻين جو موضوع آھن، پر ھو ان ھيڻائيءَ کي رد ڪري ٿو. سائين بخش رند رڳو ڪاريءَ مس سان اڇن پنن تي کي لفظ ناھن لکيا، پر انھن ۾ انسانن جا ڇھرا، انھن جو ساھ، انھن جو روح ۽ انھن جا جيئرا توڙي مئل سمورا احساس شامل ڪيا آھن. ھي ڪھاڻيون ھڪ حساس انسان جي اندر جا پنا آھن.

Title Cover of book ڪارو پاڻي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ڪاڇي سان تعلق رکندڙ سائين بخش رند جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ڪارو پاڻي“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جنھن ۾ 15 ڪھاڻيون شامل آھن.
ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻيون سنڌ جي تازي درد جون ڪھاڻيون آھن. ھيڻا ماڻھو انھن ڪھاڻين جو موضوع آھن، پر ھو ان ھيڻائيءَ کي رد ڪري ٿو. سائين بخش رند رڳو ڪاريءَ مس سان اڇن پنن تي کي لفظ ناھن لکيا، پر انھن ۾ انسانن جا ڇھرا، انھن جو ساھ، انھن جو روح ۽ انھن جا جيئرا توڙي مئل سمورا احساس شامل ڪيا آھن. ھي ڪھاڻيون ھڪ حساس انسان جي اندر جا پنا آھن.
ھي ڪتاب 2005ع ۾ ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون. 


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي