آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

پيڙا جو سفر

حميدہ گهانگهرو شاگردي واري دؤر کان سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست سان لاڳاپيل رهي. هن ان دور کان وٺي پنھنجي وَر شھيد نذير عبـاسـيءَ جي شھادت تائين سڄو احوال هن آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي. پاڻ ڪيترائي ڀيرا جيل بہ وئي. حميدہ ۽ نذير عباسيءَ جي نياڻيءَ زرقا عباسيءَ ھڪ ھنڌ لکيو آھي تہ ”منھنجي ماءُ ھني مون جا ڏينھن مچ جيل ۾ گذاريا ۽ پيءُ قُلي ڪئمپ ۾“. حميدہ جي ڪردار جي خاص ڳالھ اھا بہ آھي تہ ھوءَ 1975ع ۾ ان وقت ننڍي ۾ ننڍي عمر جي واحد سياسي قيدياڻي ھئي جيڪا مچ جيل کان نارا جيل ۽ سکر جيل کان محرابپور ۽ ڪنڊياري لاڪ اپ تائين حراست ۾ رھي پر سندس حوصلو بلند ۽ ڪردار بي داغ رھيو.
Title Cover of book پيڙا جو سفر

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي بيباڪ ۽ بھادر سياسي اڳواڻ شھيد نذير عباسيءَ جي وَني ۽ متحرڪ سياسي ڪارڪن حميدہ گهانگهرو جي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”پيڙا جو سفر“ اوهان اڳيان حاضر آهي. 
حميدہ گهانگهرو شاگردي واري دؤر کان سنڌ جي کاٻي ڌر جي سياست سان لاڳاپيل رهي. هن ان دور کان وٺي پنھنجي وَر شھيد نذير عبـاسـيءَ جي شھادت تائين سڄو احوال هن آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي. پاڻ ڪيترائي ڀيرا جيل بہ وئي. حميدہ ۽ نذير عباسيءَ جي نياڻيءَ زرقا عباسيءَ ھڪ ھنڌ لکيو آھي تہ ”منھنجي ماءُ ھني مون جا ڏينھن مچ جيل ۾ گذاريا ۽ پيءُ قُلي ڪئمپ ۾“. حميدہ جي ڪردار جي خاص ڳالھ اھا بہ آھي تہ ھوءَ 1975ع ۾ ان وقت ننڍي ۾ ننڍي عمر جي واحد سياسي قيدياڻي ھئي جيڪا مچ جيل کان نارا جيل ۽ سکر جيل کان محرابپور ۽ ڪنڊياري لاڪ اپ تائين حراست ۾ رھي پر سندس حوصلو بلند ۽ ڪردار بي داغ رھيو.
ھي ڪتاب شھيد نذير عباسي فائونڊيشن پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾اپلوڊ ڪري رھيا آھيون.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي