
سنت ڪنور رام جو جيون چرتر
ڀڳت ڪنور رام انھن درويشن مان ھو جن پنھنجي م=ر آلاپ سان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صوفين ۽ سنتن جو سنديش پکيڙيو. ھزارين غريبن ۽ ضرورتمندن کي منجهائس فيض رسيو ۽ لکين روپيا سندس ھٿن مان لنگهي ضرورتمندن ڏانھن وڌيا. ڀڳت ڪنور دادوءَ کان ريل رستي ايندي رُڪ اسٽيشن تي بيگناھ گولين جو کاڄ بڻجي ناحق خون ٿيو.