
سنڌ جي فاطمہ
ھي ڪھاڻي سنڌ جي ھڪ نياڻيءَ فاطمہ لغاريءَ جي سوانح تي ٻڌل آھي جيڪا بخشو لغاري کان واشنگٽن تائين پھچي ٿي. ھوءَ باقاعدي ڪنھن اسڪول مان پڙھيل بہ نہ ھئي، پر زندگيءَ جي اسڪول مان ڏکن ڏولاون، غمن ۽ خوشين جا سمورا سبق کيس ياد ھئا. کيس تعليم پرائڻ جو موقعو تہ نہ مليو پر پاڻ تعليم کي غريبن جو ھڪ ھٿيار سمجهندي ھئي. عورت جو ڪردار ڇا آھي ۽ عورت ڪيتري مضبوط آھي؟ اھو جواب اوھان کي ھن ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ ملي ويندو.