تاج صحرائي
ھن ڪتاب ۾ تاج صحرائيءَ جي شخصيت تي سنڌ جي وڏن عالمن، استادن، سندس دوستن ۽ شاگردن جا مضمون ۽ مقالا شامل آھن، جنھن ذريعي سندس شخصيت جا انيڪ گڻ ۽ صلاحيتون واضح ٿيون آھن. تاج صحرائيءَ جي حياتي سنڌ جي ايندڙ نسلن ۽ نوجوانن لاءِ محنت ۽ سچائيءَ جو ھڪ بھترين پيغام آھي. ”سنڌ جي پڻين“، ”کيرٿر“، ۽ ”منڇر“ تي سندس تحقيق ڏسندي بلاشڪ کيس قديم آثارن جي ماھرن جي قطار ۾ بيھاري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ تاج صاحب جا ٻہ تحقيقي مضمون پڻ شامل ڪيا ويا آھن.